تاريخ، فلسفو ۽ سياست

فلسفو، سائنس ۽ ادب

ھن ڪتاب کي ٽن ڀاڱن ۾ ورھايو ويو آھي. پھرين ڀاڱي ۾ فلسفي ۽ سائنس بابت چونڊ ڪتابن تي تجزيا شامل آھن. ان کانسواءِ ھڪ مضمون ۾ ھندستاني فلسفي جي خيالن جو جائزو ورتو آھي تہ ھڪ مضمون ۾ يورپ جي ترقي ۽ عروج تي تاريخ جي مختلف نظريئي تي بحث ڪيل آھي. ٻيو ڀاڱو مختلف شخصيتن جي آتم ڪٿائن ۽ سوانح عمرين جو جائزو آھي ۽ ڀاڱو ٽيون مختلف ناولن ۽ ڪھاڻي ڪتابن تي لکيل تبصرن تي مشتمل آھي، جن ۾ تنقيد جو پاسو نہ ھئڻ برابر آھي ۽ نہ ئي تنقيدي مضمون آھن. اھي صرف تعارفي تبصرا آھن جن جو مقصد صرف ھڪ تخليقڪار جي پورھئي کي ساراھڻ ۽ ٻين تائين پھچائڻ آھي. ھن قسم جي تعارفي سلسلي جو ھڪ سبب سنڌ ۾ ڪتاب پڙھڻ واري رحجان کي وڌائڻ جي ننڍڙي ڪوشش آھي.

  • 4.5/5.0
  • 8
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book فلسفو، سائنس ۽ ادب

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت پاران مشتاق جروار جو مختلف ڪتابن تي لکيل تجزين ۽ تعارف تي مشتمل ڪتاب ”فلسفو، سائنس ۽ ادب“ اوهان اڳيان حاضر آهي.

ھن ڪتاب کي ٽن ڀاڱن ۾ ورھايو ويو آھي. پھرين ڀاڱي ۾ فلسفي ۽ سائنس بابت چونڊ ڪتابن تي تجزيا شامل آھن. ان کانسواءِ ھڪ مضمون ۾ ھندستاني فلسفي جي خيالن جو جائزو ورتو آھي تہ ھڪ مضمون ۾ يورپ جي ترقي ۽ عروج تي تاريخ جي مختلف نظريئي تي بحث ڪيل آھي. ٻيو ڀاڱو مختلف شخصيتن جي آتم ڪٿائن ۽ سوانح عمرين جو جائزو آھي ۽ ڀاڱو ٽيون مختلف ناولن ۽ ڪھاڻي ڪتابن تي لکيل تبصرن تي مشتمل آھي، جن ۾ تنقيد جو پاسو نہ ھئڻ برابر آھي ۽ نہ ئي تنقيدي مضمون آھن. اھي صرف تعارفي تبصرا آھن جن جو مقصد صرف ھڪ تخليقڪار جي پورھئي کي ساراھڻ ۽ ٻين تائين پھچائڻ آھي. ھن قسم جي تعارفي سلسلي جو ھڪ سبب سنڌ ۾ ڪتاب پڙھڻ واري رحجان کي وڌائڻ جي ننڍڙي ڪوشش آھي.

ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري اڃا تائين ناھي ڇاپيو، پر مشتاق جروار قرب ڪري ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو آھي، جنھن لاءِ سندس ٿورائتا آھيون. 

محمد سليمان وساڻ 
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )  
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام 
sulemanwassan@gmail.com 
sindhsalamat.com 
 books.sindhsalamat.com

ارپنا

پنھنجي ننڍڙي مصفرہ ۽ گهر واري فرحين نور جي نالي
جن جي حصي جو وقت آئون پنھنجي پڙھڻ ۽ لکڻ واري
ڪرت ۾ استعمال ڪندو آھيان .

پنھنجي پاران

پنھنجي پاران

ادب ۽ فلسفو منھنجي لاءِ پرڪشش رھيا آھن مون پنھنجي شروع وارن ڏينھن ۾ ادب جو مطالعو ڪيو جنھن مون کي تمام متاثر ڪيو مون کي ذھني سگھ ڏني. ادب ھون ئي روح جي غذا آھي، روح کي سرور ڏي ٿو پڙھندڙ ادب جي حسين خيالن، حسين سوچن مان انسپائر ٿئي ٿو ادب ماڻھو جي بي چين روح کي سڪون بخشي ٿو،ادب پڙھندڙ جي تخليقي صلاحيت وڌائي ٿو اھو ئي سبب آھي جو ناول، ڪھاڻيون، آتم ڪٿائون، ادبي مضمون،مون کي وڻندا آھن. ائين ادب جيان فلسفي جو بہ آئون مداح رھيو آھيان فلسفو مون کي بي انتھا وڻندو آھي ۽ جڏھن بہ مون فلسفي جو ڪو ڪتاب پڙھڻ جي شروعات ڪندو آھيان تہ تہ مون کان ٻيا موضوع ڇڏائجي ويندا آھن پوءِ رڳو فلسفي جي مطالعي ۾ مشغول رھندو آيو آھيان پوءِ سقراط جي سچ جو ڳولا، افلاطون جي دليل، بيڪن جي ارسطو کي للڪار،تہ مارڪس جي جدليات جا ڪائناتي اصول ۽ شوپنھار جا رجعت پرستاڻا خيال ۽ مايوسي سان ڀرپور خيال پيا پڙھبا آھن ھڪ چريو ھو فلسفي ڪانٽ، جنھن پنھنجي پنھنجي عمر جو گھڻو حصو پنھنجي مطالعي واري ڪمري تائين محدود ڪري ڇڏي، تي لکڻ جو ارادو ڪيم جڏھن لکڻ ويٺس تہ نوان خيال نيون سوچون اُڀريون تہ صرف ڪانٽ تي ڇو؟ ٻين تي بہ لکجي ائين ٽي مضمون لکجي ويا، ائين مغربي فلسفي تي ڪتاب لکڻ جو خيال آيو جنھن تي ڪم جاري آھي. ان دوران مون جيڪي فلسفي، سائنس جا ڪتاب ۽ ناول پڙھيا انھن تي تبصرا ۽ تجزيا لکڻ پڻ شروع ڪيا جيڪي ڪوشش، سوڀ، آجيان، ڌرتي ۽ سنڌ ايڪسپريس ۾ ڇپجڻ لڳا. جيڪي سنڌي ٻولي ۾ فلسفي ۽ سائنس تي لکيل ڪتاب ۽ سنڌي ادب ۽ عالمي ادب جي چونڊ ترجما ٿيل ناول تي آھن جيڪي مون کي بي حد وڻيا جن کي سھيڙي ھي ڪتاب ڏنو ويو آھي ھن ڪتاب کي مون ٽن ڀاڱن ۾ ورھايو آھي جنھن ۾ پھريون ڀاڱو فلسفي ۽ سائنس تي چونڊ ڪتابن تي منھنجا تجزيا شامل آھن ان کانسواءِ ھڪ مضمون ۾ ھندستاني فلسفي جي خيالن جو جائزو ورتو آھي تہ ھڪ مضمون ۾ يورپ جي ترقي ۽ عروج تي تاريخ جي مختلف نظريئي تي بحث ڪيل آھي جيتوڻيڪ اھو بحث پڻ ڊاڪٽر مبارڪ علي جي ڪتاب يورپ ڪا عروج جي پھرئين باب جو جائزو آھي . جڏھن تہ ھن ڪتاب جو ڀاڱو ٻيو مختلف شخصيتن جي آتم ڪٿائن ۽ سنواح عمرين جو جائزو آھي ۽ ڀاڱو ٽيون مختلف ناولن ۽ ڪھاڻي ڪتابن تي لکيل تبصرا آھن . جن ۾ تنقيد جو پاسو نہ ھئڻ برابر آھي ۽ نہ ئي تنقيدي مضمون آھن اھي صرف تعارفي تبصرا آھن جن جو مقصد صرف ھڪ تخليقڪار جي پورھئي کي ساراھڻ آھي ۽ ٻيو سنڌ ۾ ڪتاب پڙھڻ واري رحجان کي وڌائڻ جي ھڪڙي ننڍڙي ڪوشش آھي ڇوتہ منھنجو ان ڳالھ تي پڪو ايمان آھي سنڌي قوم ڪتاب، ادب، فلسفو ۽ سائنس پڙھڻ، ان کي سمجھڻ سان اڳتي وڌي سگھي ٿي سنڌ ۾ سڀ پھرئين فڪري انقلاب اچڻ گھرجي جيڪو سنڌ جي ماڻھن جي ذھنن کي تبديل ڪري، ۽ ڪتاب ذھن ڌوڏيندڙ ۽ تبديل ڪندڙ آھن، تنھن ڪري منھنجي ھي ننڍڙي ڪوشش سنڌ جي نوجوانن کي ڪتابن ڏانھن راغب ڪرڻ ۽ انھن ۾ پڙھڻ جو رحجان پيدا ڪرڻ جي بہ ڪوشش آھي جيڪڏھن ڪو نوجوانن ھن تبصرن ۽ تجزين کي پڙھي ڪو ڪتاب پڙھي ٿو ۽ ان ۾ ڪتاب پڙھڻ جي ھير پيدا ٿئي ٿي تہ منھنجو ھي پورھيو سجايو ٿيو .
مشتاق جروار
03434487723 موبائل نمبر

ڀاڱو پھريون ـ فلسفو، سائنس ۽ تاريخ

---

ادراڪ

ادراڪ
( اوھان کي ھن ڳالھ جو ادراڪ ھجڻ گھرجي تہ جڏھن کان دنيا وجود ۾ آئي آھي تڏھن کان وحشي دور کي ڇڏي ڪري باقي دنيا تي ڪتابن حڪمراني ڪئي آھي. .. والٽيئر )

مغربي فلسفي جي تاريخ ۽ ھندستاني فلسفو _1

مغربي فلسفي جي تاريخ ۽ ھندستاني فلسفو _1

فلسفو ھن ڪائنات، فطرت ۽ سماج ۾ ٿيندڙ لقائن جو مشاھدو ۽ اڀياس ڪري ٿو فلسفو ھن ڪائنات، فطرت ۽ سماج بابت ٺھيل ٺڪيل ۽ فرسودا خيالن تي شڪ ڪري،انھن تي سوال اُٿاري انھن کي چيلينج ڪري ٿو تنھن ڪري انساني جي فڪري تاريخ ۾ فلسفي جي تمام گھڻي اھميت رھي آھي اھو فلسفو ئي ھو جنھن انسان کي شين تي شڪ ڪرڻ، انھن تي سوچڻ ۽ انھن تي سوال ڪرڻ ۽ انھن کي دليل ۽ منطق سان ثابت ڪرڻ جي سگھ ڏني، انساني جي فڪري تاريخ ۾ جيڪا روشن خيالي، ترقي پسندي ۽ سيڪيولر خيالن آيا انھن کي اڳتي وڌائڻ ۾ بنيادي ڪردار دنيا جي مفڪرن ۽ فلسفين جو آھي جڏھن تہ ڪوبہ سماج،فلسفي جي بنيادي خيالن کي سمجھڻ کانسواءِ نہ وڌي سگھندو، اڄ جو جديد دور جتي ھڪ طرف ٽيڪنالاجي جي حڪمراني آھي انسان لاءِ ھر ڏکي کان ڏکي ۽ ناممڪن شيءِ ٽيڪنالاجي سبب ممڪن ۽ آسان ٿي پئي آھي انسان وٽ ڄاڻ جي رسائي تمام گھڻي سولي ۽ گھڻائي ٿي پئي آھي،اُتي ٻئي طرف انسان وٽ ان ڄاڻ جي اصل پرک ۽ڄاڻ جي صحيح ۽ غلط جو سوال پڻ ذھن ۾ اُڀري رھيو آھي، ڄاڻ جي گھڻائي، ٽيڪنالاجي جو منفي استعمال انسان کي وائڙو ۽ بتال ڪري رھيو آھي ۽ انسان کي ھن سماج ۾ ويڳاڻو ۽ مفاد پرست ڪري رھيو آھي تنھن ڪري ھن صورتحال ۾ فلسفي جي خيالن، سوچن، حقيقي دليل جي تمام گھڻي ضرورت پوي ٿي . فلسفو ئي ھن سماج ۽ ھڪ فرد کي ان صورتحال مان ڪڍي سگھي ٿو .
فلسفي جي تاريخ:
اوائلي زماني ۾ جڏھن انسان ھن ڪائنات جي لقائن تي حيرانگي کائڻ، انھن تي سوچڻ ۽ انھن تي پنھنجا خيال پچائڻ ۽ ڌُڪا ھڻڻ شروع ڪيا تڏھن فلسفي جي شروعات ٿي چڪي ھئي، جڏھن تہ فلسفي تاريخ جي حوالي فلسفي جي دنيا ۾ مغربي نقطہ نظر مطابق فلسفي جي تاريخ يونان جي ڏاھي ٿاليس کان شروع سمجھي وڃي ٿي ۽ دنيا ۾ جيڪي فلسفي جي تاريخ جا ڪتاب لکيا ويا آھن انھن ۾ انھي نقطہ نظر مطابق لکيا آھن جڏھن تہ انھن ڪتابن ۾ مشرقي فلسفي کي بلڪل نظرانداز ڪيو ويو آھي، جيتوڻيڪ اھو سوال وري بہ اھم آھي تہ دنيا جو ان پھريون ڏاھي بہ پنھنجي فلسفي جا بنيادي خيال مصر ۽ عراق مان کنيا ھئا ۽ پنھنجي زندگي ۾ علم جي حاصلات لاءِ عراق ۽ مصر جا سفر پڻ ڪيا ھئا تنھن ڪري وري بہ ٿاليس جي فلسفياڻيا خيالن جي پيرا مشرق ڏانھن وڃن ٿا، بلڪل ائين يونان جي ھڪ ٻئي ڏاھي پيٿاغورث جي فلسفي جو بنياد ئي ھندستاني،فلسفو ۽ تھذيب آھي ھن پنھنجا صوفياڻا خيال، ھندستان جي قديم مذھب مان ئي کنيل آھن جن جو اظھار مغربي ليکڪ پڻ ڪن ٿا، ۽ ھن جامريٽري ۽ تصوف جي علم جي حاصلات لاءِ ھندوستان جو پڻ سفر ڪيو ھو تنھن مان پڻ ھندستان تھذيب جي علمي حيثيت جي خبر پوي ٿي . تنھن ڪري فلسفي جي تاريخ جي حوالي سان ھندستان جي علمي حلقن ۾ ھڪ ٻيو نقطہ نظر پيدا ٿيو جن ھندستان جي فلسفي تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ انھن فلسفي جي تاريخ مغربي نقطہ تي پنھنجا اعتراض اٿاريا ۽ فلسفي جو مشرقي نقطہ نظر پيش ڪيو جنھن مطابق يونان کان اڳ ھندستان ۾ فلسفي جي شروعات ٿي چڪي ھئي جنھن تي لکيو ئي نہ ويو آھي انھي حوالي سان ھندستاني ليکڪ راڌا ڪرشنا “ھندي فلسفي جي تاريخ “ تي ٻہ جلدن ۾ ڪتاب لکيو آھي ان کانسواءَ ابوڪلام آزاد بہ ھندستاني فلسفي تي بہ پنھنجا خيال پيش ڪيا آھن ۽ ھندستان فلسفي اوسر ۽ ارتقا تي تفصيلي بحث پڻ ڪيو آھي جنھن مان پاڻ ھتي ھڪ ڊگھي مضمون ” فلسفي جي تاريخ،پرک ۽ ارتقا “ جو جائزو وٺنداسين جيڪو نواز خان زئور پاران ابوڪلام آزاد جي فلسفي تي لکيل مضمونن کي ڪتابي صورت ۾ ترتيب ڏئي ڇپايو ويو آھي .
ھن مضمون ۾ مولانا آزاد سڀ کان پھرئين فلسفي جي وصف ۽ ان جي مقصد تي پنھنجا خيال ونڍي ٿو ان کانپوءِ فلسفي جي تاريخ تي پنھنجو نقطہ نظر پيش ڪري ٿو جنھن ۾ مولانا جو خيال آھي تہ ارڙھين صدي تائين يورپي مورخن ۾ جيڪي فلسفي جون تاريخون لکيون آھن انھن جو انداز فلسفياڻيا ھجڻ بدران فلسيوفن جي زندگي جا تذڪرا ھئا ۽ اھو انداز وچئين دور جي عرب مورخن اختيار ڪيو جنھن کي اڳتي ھلي ٻين يورپي مورخن پڻ اختيار ڪيو، جڏھن تہ فلسفي جي تاريخ کي مختلف شعبن ۾ ورھائي، موضوع وار لکڻ جي ضرورت آھي، جئين تہ مولانا جي اھا راءِ تمام اھم آھي ان حوالي سان انگريزي توڙي اردو ۾ پڻ ڪم ٿيو آھي جنھن ۾ قاضي قيصراسلام جو فلسفي تي لکيل ڪتاب پڻ اھم آھن.
مضمون ۾ مولانا آزاد جو خيال آھي تہ يونان جي ڏاھپ ۽ فلسفي تي مصر ۽ عراق جي تھذيب جو تمام گھڻو اثر آھي يونان کان اڳ مصر ۽ عراق جون تھذيبون پنھنجي عروج تي ھيون اھوئي سبب آھي يونانن جي گھڻن ڏاھن انھن تھذيبن جي شھرن ڏانھن سفر ڪيو ۽ انھن جي علمي خزاني مان فيضياب ٿيا پر بدقسمتي سان انھن تھذيبن جا گھڻا علمي خزانا لکت ۾ محفوظ نہ ٿي سگھيا پر انھي ساڳئي دور ۾ ھندستان جي تھذيب بہ پنھنجي عروج تي ھئي جنھن جو گھڻو ڪجھ ريڪارڊ تي پڻ آھي جنھن کي صرف ڇنڍڻ ڇاڻڻ جي ضروت آھي جڏھن تہ يوناني فلسفو ان کانپوءِ جي آھي تنھن ڪري فلسفي جي تاريخ ابتدا ھندستان کي ٿيڻ گھرجي ۽ فلسفي جي تاريخ کي ان انداز ۽ ان پس منظر ۾ مطالعو ڪرڻ گھرجي، پنھنجي انھي نقطہ نظر کي ثابت ڪرڻ مولانا مضمون ۾ ڳوڙھو بحث ڪري ٿو جنھن ۾ مولانا يوناني فلسفي جي تاريخ ۽ ھندستاني جي تھذيب ۽ ان جي فڪري ۽ علمي ورثي جي پاڻ ڀيٽ ڪري ٿو جنھن ۾ مولانا صاحب دليل ڏي ٿو تہ دنيا جو پھريون فلسفي ٿاليس حضرت عيسي کان ڇھ صديون اڳ ۾ 585 ق،م ۾ پيدا ٿيو جڏھن تہ ھندستان ۾ ان کان اڳ ۾ فلسفي شروعات ٿي چڪي ھئي ۽ اھو فلسفي جو عروج جو زمانو ھو جنھن وقت يونان ۾ ٿاليس پيدا ٿيو ان ئي زماني جين درم ۽ ٻڌ ڌرم جو جنم ٿيو ۽ گوتم ٻڌ ۽ مھاوير پيدا ٿيا،جن خدا ۽ انسان بابت فلسفياڻا سوال اٿاريا تنھن ڪري مولانا صاحب مورخن کي ان ڳالھ ڏانھن ڌيان ڇڪائي ٿو جنھن پس منظر ۾ ا ھي ٻہ عظيم ڏاھا پيدا ٿيا ۽ جنھن علمي فڪري ورثي گوتم ٻڌ ۽ مھاوير کي متاثر ڪيو ان پس منظر کي سمجھڻ جي ضروت آھي . جئين تہ گوتم کي فڪري تاريخ ۾ ھڪ صوفي ليکيو وڃي ٿو ھن جا گھڻا خيال صوفياڻا ھئا پر مولانا جي گوتم ٻُڌ جي باري ۾ ھڪ جدا موقف آھي ھُو ھن کي ھڪ فلسفي سمجھي ٿو ۽ ھن جي فڪر کي ٻڻ جملن ۾ ھن طرح سمجائي ٿو ”ھن مُفڪر جي نظر ۾ انساني جدوجھد جو معراج ئي اھو آھي تہ زندگي جي گُٿي کي سُلجھايو وڃي ۽ اھو مقصد غيبي طاقت کانسواءِ حاصل ڪري سگھجي ٿو . .ائين مھاوير پڻ گوتم گوتم ٻڌ وانگر ديوتائن جي وجود تي ايمان آڻڻ بنان ئي زندگي جي اسرار جي حل ڳولڻ لاءِ پنھنجا فڪري ڪوئنتل ڪُڏيا . “ ص94.
ھتي مولانا آزاد جو خيال آھي گوتم ۽ مھاوير کان اڳ بہ فلسفي جو ھڪ فڪري پس منظر ھو جنھن مان انھن مفڪرن جي فڪر جي اوسر ٿي تنھن ڪري ان فڪري پس منطر کي سمجھڻ ۽ پروڙڻ جي ضرورت اھي ا ن فڪري پس منظر مان مراد ھندستان جو اپشندي فلسفو آھي جنھن جو بنياد گوتم ٻڌ ۽ مھاوير کان اڳ رکجي چڪو ھو مولانا صاحب مطابق اھي اٺين صدي قبل مسيح ۾ سھيڙيا ويا جڏھن تہ ٿاليس ڇھين قبل مسيح جو فلسفي آھي ۽ انھن ۾ گھڻن مفڪرن دنيا جي مادي تعبير ڪئي تنھن ڪري اسان کي جڏھن ھندستاني فلسفي جي آغاز جي تاريخ ھڪ ھزار قبل مسيح تائين ڪري سگھون ٿا تنھن ڪري جڏھن اسان يوناني ۽ ھندستاني فلسفي جي آغاز، ارتقا ۽ عروج جي دورن جي ڀيٽ ڪنداسين تہ اسان ان نتيجي تي ضرور پھچنداسين تہ فلسفي جي تاريخ جي شروعات يوناني ٿاليس کان اڳ ھندستان ۾ ٿي .

مغربي فلسفي جي تاريخ ۽ ھندستاني فلسفو II

مغربي فلسفي جي تاريخ ۽ ھندستاني فلسفو II

فلسفي جي تاريخ ۾ ڪائنات،۽ سماج بابت ٻہ نقطہ نظر رھيا آھن جن مان ھڪڙن ڏاھن ھن ڪائنات ۽ سماج جي لقائن جو مطالعو مذھبي نقطہ نظر سان ڪيو ۽ ڪائنات جي ابتدا ۽ سماجي اوثر ۾ ڪنھن مافوق الفطرت ھستي جو عمل دخل سمجھيو جن کي خيالي پرست ڏاھا سمجھيو وڃي ٿو، جڏھن تہ ٻيو نقطہ نظر ھن ڪائنات ۽ سماج جو مطالعو مادي حالتن جي پس منظر ۾ ڪري ٿو ۽ جنھن لاءِ اُھي ڪنھن ماقوف الفطرت ھستي جو عمل دخل نٿا سمجھن انھن کي مادي فلسفو سمجھيو وڃي ٿو . جيتوڻيڪ فلسفي جي اڪيڊمڪ اُڀياس ۾ ان دجہ بندي جي اھميت ناھي رھي جڏھن تہ ان حوالي سان گھڻن ليکڪن جو خيال آھي تہ فلسفي جي علم جي اھڙي درجہ سويت يونين جي مفڪرن روسي انقلاب پوءِ ڪئي ۽ اھا بلشويڪ پارٽي جي سياسي پاليسي ھئي تہ سويت يونين ۾ انقلاب دشمن فلسفي، ادب ۽ سائنس کي وڌ ۾ وڌ رد ڪجي ۽ ان کي اسرڻ نہ ڏجي ۽ منھنجي خيال ۾ ان دور جي سياسي حالتن مطابق سويت يونين توڙي پوري دنيا لاءِ اھا درجہ بندي تمام اھم ھئي ۽ سنڌ ۾ بہ انھي نقطہ نظر مطابق تمام گھڻا ڪتاب لکيا ويا ۽ سنڌ جي ھارين، مزدورن توڙي عام ماڻھو ۾ تمام گھڻا پڙھيا ويا ۽ سمجھيا ۽ انھن سنڌ جي اڪثريت طبقي جي ذھني تربيت ڪئي .پر ان درجہ بندي ۾ ھڪڙي ڳالھ اھم آھي تہ درجہ بندي ۾ بہ خيالي ڏاھن کي بہ فلاسافر سمجھيو ٿي ويو روسي مفڪرن انھن ڏاھن کي فلسفي جي تاريخ مان بي داخل ڪرڻ جي ھمت بلڪل نہ ڪري سگھيا جيتوڻيڪ انھي حوالي سان لاھور جي ھڪ ترقي پسند ليکڪ اشفاق سليم مرزا ” فلسفو ھڪ مادي تعبير “ ڪتاب لکي پنھنجو ھڪ نئون نقطہ ڏنو آھي پر منھنجي خيال ۾ اھو بحث انساني فڪر جي دنيا ۾ ثانوي آھي، خيالن جي ارتقا ۾ غلط يا صحيح جو سوال اھم ناھي بلڪہ اتي فڪر ي ڏڪار ۽ جمود کي چيليج ڪرڻ تمام اھم آھي،تنھن ڪري جڏھن پاڻ ھندستان جي فلسفياڻيا خيالن جو مطالعو ان پس منظر ۾ ڪنداسين تہ انھن خيالن تي مذھبي تھ چڙھيل نظر اچي ٿو جيتوڻيڪ ان جا ڪي تاريخي ۽ ان سماج جا داخلي جا سبب آھن جئين مالانا آزاد چيو آھي “ تہ ھندستان ۾ مذھب ۽ فلسفي جي ھڪڙي شاھراھ رھي آھي “تنھن ڪري فلسفي جي خيال بہ مذھبي رنگ ۾ رنگجي ويا پر يونان ۾ فلسفي ۽ مذھب جي شاھراھ جدا رھي آھي تنھن ڪري اتي بلڪل ابتڙ ٿيو ۽ يونان ۾ مذھبي خيال بہ فلسفي ۾ گڏجي ويا ۽ انھن تي فلسفي جا تھ چڙھي ويو، جيتوڻيڪ ڪجھ مسئلن تي ھندستان جا خيال يونان کان ايڊوانس آھن، مولانا آزاد بہ پنھنجي مضمون يونان جي خيالن جو تقابلي مطالعو ڪري جيڪو نتيجو ڪڊي ٿو اھو تمام دلچسپ آھي جنھن ۾ ھن جو خيال آھي تہ ھندستافي فلسفي جو گھڻو زور باطن تي رھيو آھي ھندستان جي ڏاھن گوتم، مھاوير توڙي اپشندي فلسفين پنھنجي باطن کي سڃاڻڻ تي زور ڏنو ۽ انھن جي مطابق پنھنجي باطن کي سڃاڻڻ کانپوءِ ئي اسان ھن ڪائنات جي خارجي لقائن کي سمجھي سگھون ٿا ائين يونان جي ڏاھن فيثاغورث، سقراط ۽ افلاطون ۽ ٻين جو پيغام ھو تہ ” نفس جو عرفان حاصل ڪريو “، ان کانسواءِ سقراط الھامي آواز تي پختو يقين رکندڙ ھو ۽ پنھنجن آخري ڏينھن واري خطاب ۾ الھامي آواز يا اندر جي آواز جي دعوا ڪري رھيو تنھن ھوندي بہ ھُو يونان جو عظيم ڏاھو آھي جنھن جي عظمت کان ڪوبہ انڪار نٿو ڪري سگھي تہ وري افلاطون تصوف جا بنيادي خيال پيش ڪيا ۽ فاني ۽ لافاني روح جو نظريو ڏنو جيڪو ھندستاني فلسفي جي “جيو آتما،پر ماتما “ جي ھڪجهڙائي رکي ٿو جنھن کي اڳتي ھلي ھيگل اعلي روح جو نالو ڏنو، ۽ پيٿاغورث پنھنجون مذھبي برادريون تشڪيل ڏنيون پر انھن کي فلسفي جي تاريخ ۾ تمام اھم جاءِ ڏني وڃي ٿي انھن کانسواءِ يونان جي فلسفي جي تاريخ اڻپوري آھي تہ پوءِ مھاوير، گوتم ٻڌ ۽ اپشندي فلسفي جي خيالن کي فلسفي جي تاريخ ۾ بہ شامل ڪرڻ ۾ ڪھڙو حرج آھي . ان حوالي سان مولانا آزاد جوبہ خيال آھي تہ اسان گوتم ٻڌ، مھاوير ۽ ٻين فلسفين کي صرف انھي ڪري خارج نٿا ڪري سگھون تہ انھن جو گھڻو لاڙو تصوف ۽ مذھن ڏانھن آھي انھي پئماني تحت اسان يونان توڙي مغربي تاريخ جي گھڻن ڏاھن کي فلسفي جي تاريخ مان خارج ڪرڻو پوندو .
مضمون ۾ مولانا آزاد ھندستاني فلسفي جي اھميت کي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ لاءَ يوناني فلسفي جي تصوف ۽ مذھبي لاڙن کي پيش ڪرڻ کانپوءِ يورپ جي عيسائي فلسفي ۽ مسلم فلسفي تي ھڪ تنقيدي نظر وجھي ٿو جنھن جو پس منظر ڪجھ ھن ريت آھي تہ” عيسائيت ۽ اسلام ۾ ڪجھ مڪتب فڪر اھڙا بہ پيدا ٿيا جن پوري ڪوشش ڪئي تہ ڪنھن بہ نموني فلسفي جي گچي ۾ مذھب جو طوق وڌو وڃي “ ھتي مولانا جو اشارو، سينٽ آگسٽائين، ٿامس اڪئانس، فلاطينوس ٻين مذھبي فلسفين ڏانھن آھي، فلاطينوس ارسطو ۽ افلاطون جي فڪر ۾ چالاڪي سان عيسائيت جي خيالن کي شامل ڪري ڇڏيو ۽ افلاطون ۽ ارسطو جي خيالن جي مذھبي تشريح ڪئي تہ ٻئي طرف ٿامس اڪئانس ۽ سينٽ اگسٽائن پڻ يوناني فلسفي کي عيسيائيت ۾ شامل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ٿامس اڪئانس تہ ھڪ راھب ھو جنھن الھيات جي تعليم پرائي ۽ انجيل جي فلسفياڻيا تشريح ڪئي اھو ئي سبب آھي عيسائيت ۾ ارسطو ۽ ارسطو جي خيالن جي وڏي اھميت ھئي ۽ ھُو حرف آخر ليکو ويندو ھو ڇوتہ عيسائيت ۽ ارسطو جو فڪر پاڻ ۾ ھم آھنگ ٿي ويا جنھن يورپ کي فڪر جي دنيا ۾ جمود جو شڪار ڪري ڇڏيو، ائين سورھين صدي جو مغربي ڏاھو جارج بشب برڪلي بہ آھي جيڪو ھڪ پادري ھو ۽ ھن پڻ مذھبي صداقت کي ثابت ڪرڻ لاءِ فلسفي جي علم جو سھارو ورتو ۽ ھن ماديت تي وڏو وار ڪيو ۽ ھن چيو تہ ڪائنات جي ھر شي ءَ جو خارجي طور تي ڪوبہ وجود ناھي بلڪہ اھي صرف اسان جي حواسن ۾ آھن جيڪڏھن اسان جا حواس ڪم نہ ڪن تہ ھن دنيا جو مادي وجود ئي نہ ھوندو پر برڪلي پنھنجي ڏاھپ،پنھنجي دليل ۾ يقينن ھڪ وڏو فلسفي آھي . تنھن ڪري مولانا آزاد جو خيال آھي تہ مورخن کي جڏھن فلسفي جي تاريخ لکڻ گھرجي تہ ھندستاني جي فڪر،فلسفي ۽ خيالن کي بہ اھم جاءِ ڏيڻ گھرجي جاءِ مغربي فڪر ۽ فلسفي کي ڏني وڃي ٿي ۽ ھڪ عالمي فلسفي جي تاريخ جي تشڪيل ڏيڻ گھرجي جنھن ۾ دنيا جي ھر خطي جي انھي اھم فڪر ۽ فلسفي کي جاءِ ڏيڻ گھرجي جنھن جو انساني فڪر جي تاريخ ۾ اھم ڪردار آھي . جيتوڻيڪ پنھنجي ھن پوري بحث ۾ مولانا آزاد اھو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي تہ ھندستاني فلسفي کي يوناني فلسفي تي فوقيت حاصل آھي ھندستان جو علم ۽ فلسفو ھندستان تي اثر انداز ٿيو ۽ يونانين کي متاثر ڪيو آھي پر ھڪ ٻئي اھم سوال تي تحقيق جي پڻ دعوت ڏي ٿو، اھو سوال ھي آھي تہ ڇا يونان جو فلسفو ۽ علم ھندستان تي بہ اثر انداز ٿيو آھي ۽ يونان جا ڪھڙا خيال سفر ڪري ھندستان ۾ پھتا ان رخ تي پڻ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آھي .










يوناني فلسفي جي تاريخ

يوناني فلسفي جي تاريخ

ماڻھو جڏھن ھن ڪائنات ء سماج ء خود پنھنجي پاڻ کان اڻ واقف ھو،ڪائنات ۾ ٿيندڙ لقائن ڏينھن رات ٿيڻ،موسمن جي ڦير گير،سج ء چنڍ گرھڻ ٿيڻ،ماڻھو جي واڌويجھ ڪرڻ ء ان جو مري وڃڻ،وڻ ٽڻ،ٻوٽن جي پنن جي چرپر ء ھوا جي جھوٽن جي ڪابہ ڄاڻ نہ ھجڻ جي ڪري،انسان انھن جي باري ۾ مختلف ڌڪا ھڻڻ شروع ڪيا ء انھن لقائن جي باري مختلف ڏندڪٿائون گھڙڻ شروع ڪيون ائين مذھب جو بنياد پيو تڏھن انسان ڄاڻ،سمجھ عقل ء فلسفي جي علم ڏانھن پنھنجا قدم وڌائي ڇڏيا ء انھن غلط خيالن مان صحيح خيال ڦٽي نڪتا ھئا ائين فلسفي جو علم وجود ۾ آيو،فلسفي جي علم ڪائنات جي انھن سڀني لقائن، بابت سوالن جا جواب ڏنا جن بابت اوائلي انسان اڻ ڄاڻ ھو يقينن فلسفي جا اھي جواب بلڪل صحيح نہ ھئا ء نہ ئي اھي ان دور جي مذھبي خيالن کان بلڪل آجا نہ ھئا پر فلسفي جي علم ۾ صحيح جواب کان وڌيڪ سوال جي وڏي اھميت آھي ء فلسفي انساني تاريخ ۾ وڏا سوال اٿاريا آھن جن سائنس جي لاءِ رستو ھموار ڪيو فلسفي جي انھن سوالن تي ئي علم اڳتي وڌيو آھي،ء انھن وڏن سوالن دنيا کي تبديل ڪيو آھي،فلسفي جي ڪائنات ء انسان بابت انھن سوالن جي شروعات يونان،مصر،ھندوستان ء عراق جي تھذيبن ۾ ٿي ء اتي انساني تاريخ جا ڪي ڏاھا پيدا ٿيا جن ھن ڪائنات کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي،ان جي باري ۾ پنھنجا نظريا پيش ڪيا،پر بدقسمتي ھندستان، مصر ء عراق جي تھذيبن جا گھڻا خيال ريڪارڍ تي نہ اچي سگھيا انھن جا ڪجھ خيال اسان تائين پھچي سگھيا آھن پر يونان جي عظيم تھذيب جا گھڻا خيال ريڪارڍ تي اچي ويا ء اھي ترجمي جي صورت ۾ مسلمان ۽ ان کانپوء پوري يورپ ۾ پھچي ويا جنھن سبب يورپ بہ اونداھي دور مان نڪري يورپ خيالي،ء عقليت پسندي طرف وڌيو يونان جي ان تھذيب ء انھن خيالن تي تہ مارڪس جھڙ و ڏاھو بہ حيران ھو تہ ان دور ۾ يونان ۾ ھيڏو سارو علم ڪئين اُسري سگھيو جنھن جا اثراڃا تائين محسوس ڪري سگھجن ٿا ء اڄ جي جديد دور جو علم جو بنياد ان دور جي يونان ۾ ھو يونان جي ان تھذيب،ء فلسفي جي خيالن کي سمجھڻ لاءِ اڄ بہ تحقيق ٿئي ٿي ڪتاب لکجن ٿا انھن تي بحث ٿئي ٿو ماڻھو انھن کي پڙھن ٿا،سنڌي ۾ بہ فلسفي جي موضوع تي ڪتاب لکيا ويا آھن جنھن ۾ گھڻو تعداد جدليات تي لکيل ڪتابن جو آھي پر فلسفي جي پيرائتي تاريخ تي لکيل ڪتابن جو تعداد گھٽ آھن جنھن ۾ تاريخ تي ڪجھ اصلوڪا ڪتاب لکيل آھن ء ڪجھ ترجما پڻ ٿيا آھن، جنھن ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ٻن استادن نويد سنڌيلو ء راشد دائود پوٽي جو ڪم منفرد آھي، ان حوالي سان ئي ڪجھ وقت اڳ راشد دائودپوٽي جو يوناني فلسفي تي “يوناني فلسفي جي تاريخ “ ڪتاب ڇپيو آھي جيڪو تمام منفرد آھي جنھن ۾ اسان کي يوناني فلسفي جي پيرائتي تاريخ ملي ٿي،انساني فڪر جي ارتقا جي شروعاتي خيالن جي باري ۾ ڄاڻ ملي ٿي،ھن ڪتاب ۾ اسان کي سائنس جا اھي خيال جن دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو اھي اسان کي اھي پنھنجي ارتقا جي پھرئين ڏاڪي تي ملندا .ھن ڪتاب ۾ اسان دنيا جي پھرئين ڏاھي ٿاليس کان ويندي دنيا جي ان عظيم ارسطو جا خيال پڙھي سگھون ٿا جنھن جي خيالن صدين تائين يورپ تي حڪمراني ڪئي،ھن ڪتاب ۾ اسان کي ان صوفي درويش ڏاھي سقراط جو بہ احوال ملندو جنھن سچ جي ڪري خوشي سان زھر جو پيالو پي ڇڏيو تہ وحدت وجودي فلسفي پيٿاگورس جي نظرين جو اپٽار آھي جن جو خيال ھو تہ خدا ڪائنات جي ھر ذري ۾ شامل اھي،ان ڪري يونان جي ان علمي ء فلسفي کي سمجھڻ بنا اسان لاءِ ھن دور جي جديد علم کي سمجھڻ ڏکيو آھي،تنھن ڪري يوناني فلسفي تي لکيل ھن ڪتاب جي اھميت تمام گھڻي آھي جنھن جو پاڻ مختصر جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪنداسين،
جئين تہ ھي ڪتاب يوناني فلسفي تاريخ تي آھي پر ان کان اڳ ۾ پڙھندڙ لاء اھو ڄاڻڻ لاءِ ضروري آھي تہ فلسفو آھي ڇا؟ ء ان جي اھميت ان جو ڪارج يا مقصد ڪھڙو آھي؟ تنھن ڪري ھن ڪتاب ۾ ليکڪ سڀ کان پھرئين فلسفي جي وصف ء ان جي اھميت تي بحث ڪري ٿو،جنھن ۾ ليکڪ فلسفي وصف بيان ڪندي لکي ٿو تہ “ فلسفي جي وصف بابت تمام گھڻا موقف آھن،جھڙوڪ ؛ ڪائنات شناسي ء خودشناسي ءَ جي جو نالو فلسفو آھي،فلسفو ڪائنات بابت نڪتہ نظر آھي پر جنھن وصف بابت تمام گھڻا ماڻھو سھمت آھن اھا وصف ھي آھي تہ ڪائنات جي آفاقي قانونن جي ڄاڻ ڳولا ء اڀياس کي فلسفو چئجي ٿو اھي آفاقي قانون جيڪي ھڪ ئي وقت فطرت،انساني سماج ء انساني فڪر تي لاڳو ٿين ٿا.“ ان کانپوءِ ليکڪ ھن ڪتاب فلسفي جي اھميت بحث ڪري ٿو جنھن ۾ ليکڪ جو خيال آھي تہ فلسفي ھر دور جي رواج پڻي کي چيليج ڪيو آھي اھو فلسفو ئي آھي جنھن آوائلي دور جي ڏندڪٿائي،مدي خارج خيالن کي رد ڪري پنھنجا عقلي خيال پيش ڪيا جنھن جي ڪري ان دور جا سماج اڳتي وڌيا سماج ۾ اونداھي دُور ٿيڻ لڳي پر ان جي بدلي ڏاھن کي وڏيون عقوبتون ء تڪليفون ڏسڻيون پيون ڇوتہ انھن ڏاھن جي خيالن سان رجعت پرست ماڻھن جي ھن سماج م ھڪ ھٺي ختم پئي ٿي،ليکڪ جو خيال آھي تہ فلسفين جا خيال پنھنجي دور جي خيالن کان ايدوانس خيال ھئا تنھن ڪري انھن خيالن کي صحيح سمجھڻ لاءِ صديون لڳي ويون،منھنجو پنھنجو خيال بہ اھو آھي جئين سقراط جي خيالن سان ٿيو يا مارڪس جي خيالن سان ٿيو ء جڏھن انھن خيالن جي اھميت کان ماڻھو واقف ٿيا تہ انھن خيالن سماج ۾ ھڪ وڏي تبديلي آندي ء انھن خيالن دنيا کي پڻ ڌوڏي ڇڏيو تنھنڪري سرمائيداري جي ھن دور ۾ تہ فلسفياڻا خيالن جي اھميت تمام گھڻي آھي،ان کانپوء ھن ڪتاب ۾ ليکڪ سائنس ۽ فلسفي جي فرق تي پڻ لکي ٿو جنھن ۾ ليکڪ جو خيال آھي تہ سائنس ھن ڪائنات ۾ رونما ٿيندڙ لقائن جي پروسز يا طريقہ ڪار جو مطالعو ڪندي آھي پر فلسفو ان جي سببن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندو آھي،يا سائنس شين کي مختلف حصن ۾ ورھائي پوءِ ان کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندي آھي پر فلسفو ھر لقاءُ ء شين کي ڳنڍي پوءَ سمجھڻ جي ڪوشش ڪندو آھي تنھن ڪري سائنس ٽوڙيندڙ ء فلسفي کي ڳنڍيندڙ سڏيو وڃي ٿو. ائين ان کانپوء ليکڪ يوناني فلسفي جو تعارف پيش ڪري ٿو جنھن ۾ ليکڪ جو خيال اھي تہ فلسفي جي تاريخ جي شروعات يونان کان ڪئي وڃي ٿي پر يونان کان اڳ ۾ مصر،ھندستان ۾ پڻ فلسفياڻا خيال ھئا پر ان فلسفي تي انھن تھذيبن جا مذھبي خيال پڻ حاوي ھئا تنھن ڪري فلسفو ھندوستان ۽ عراق ۾ وڌيڪ اُسري نہ سگھيو، ء ٻيو تہ ھندوستاني فلسفي تي تمام گھٽ ڪم ٿيڻ جي ڪري اھو اسان تائين پھچي ناھي تنھن ڪري ان کي ھڪ جدا نقظہ نظر سان پڻ ڏسڻ جي ضرورت آھي . ان پوري بحث کي سھيڙڻ کان پوري يوناني فلسفي جي تاريخ پيش ٿو ڪري جنھن جي شروعات دنيا جي پھرئين ڏاھي ٿاليس کان ڪري ٿو جنھن ۾ ليکڪ يونان جي اوڻويھ ڏاھن جي زندگي،فڪر ء فلسفي تي بحث ڪري ٿو جن کي سمجھڻ لاءِ ھر ھڪ کي ھي ڪتاب ضرور پڙھڻ گھرجي پر پاڻ يونان ڏاھن جي ڪجھ خيالن جو ھتي مجموعي طور تي جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا .
يونانين ھن ڪائنات جي اصل جوھر مطلب ڪائنات ڇا جي ٺھيل آھي؟ جي سوال تي سوچ ويچار ڪيو جنھن ۾ ٿاليس جو خيال ھو تہ ھي ڪائنات پاڻي جي ٺھيل آھي،اينڪسمينز چيو تہ ھي ڪائنات ھوا جي ٺھيل آھي، اينڪسيماندر چيو تہ ھي ڪائنات لامحدود يا بي انت عنصرن جي ٺھيل آھي .
يوناني ڏاھي اينڪسيمياندر لامارڪ ء ڊارون کان بہ پھرئين ارتقا جو نظريو پيش ڪيو جيڪو ڊارون جي ارتقا جي نظرئي جي بلڪل ويجھو ھو .
يونانين جامريٽري جي دريافت ڪئي ء انھن ڪائنات جو ماڊل پڻ تيار ڪيو،ء انھن گليلو کان پھرئين ان ڳالھ کان واقف ھئا تہ ھي ڌرتي گول آھي ء ڌرتي ھن ڪائنات جو مرڪز آھي .
يوناني ڏاھن پيٿاغورث،زينو،افلاطون ء ٻين تصوف جا بنيادي خيال پيش ڪيا،ء انھن وحدت وجودي فلسفي جو نظريو ڏنو جنھن کي اڳتي ھلي مسلمانن پڻ پنھنجو ڪيو.
سڀ کان پھرئين يونانين شين جي وچ ۾ تضاد ۽ جھيڙي کي سمجھيو جيڪا جدليات فلسفي جي ھڪ وڏي دريافت آھي ء انھن شين ۾ چرپر ء تبديلي کي پڻ سمجھيو ھيراڪليٽس چيو تہ شين ۾ ھر وقت تبديلي آھي ء چرپر آھي ڪابہ شيءِ سدائين ساڳي نٿي رھي .
سڀ کان پھرئين يوناني فلسفي افلاطون ھڪ جھموري رياست جو تصور ڏنو جنھن کي صدين کانپوء يورپ سمجھيو ء ارسطو سائنس جو بنياد وڌو تہ سقراط فلسفي ۾ نفسات جا بنياد وڌا، ان کانسواءِ سڀ کان پھرئين ڊيموڪريٽس ائٽم جي نظريو پيش ڪيو .ائين ھن ڪتاب ۾ يوناني ڏاھن جي فڪرتي تفصيلي بحث آھي جن کي پڙھڻ سان اسان يونان جي علمي وسعت جي ڄاڻ پوي ٿي ء اسان دنيا جي انھن عطيم خيالن کان واقف ٿيون ٿا جن جديد دور سائنس ء فلسفي جا بنياد وڌا ء انھن خيالن کي سنڌي ۾ پيش ڪرڻ سائين راشد جو غير معمولي پورھيو آھي .

فلسفي جي تاريخ

فلسفي جي تاريخ

انسان لاء هن ڪائنات جا لقاء سدائين حيرت ۾ وجهندڙ رهيا آهن ۽ اوائلي انسان ته هن ڪائنات ۽ان جي لقائن بابت بلڪل اڻ ڄاڻ هو تنهن ڪري ھُو ان بابت عجيب قسم جا خيال رکڻ سبب گهڻو ڪري مصيبتن، تڪليفن ۽ اذيتن کي منهن ڏيندو هو، ۽ انهن تڪليفن کان ڇوٽڪاري لاء ڪي رسمون ڪي رواج، ڪي دعائون پڙهي پنهنجي جان آجي ڪرڻ لاء ڪوششون ڪندو رهندو هو انسان جي ان سڄي روئداد جو ذڪر اسان کي جادو ۽ سائنس جهڙن ڪتابن ۾ ملي ويندو، پر نيٺ انهن ڌڪُن، انهن غلط، خيالن، غلط سوچن مان ئي ڪي ڪجھ بهتر خيال پيدا ٿيڻ لڳا انهن غلط خيالن ۽ سوچن کي چيلينج ڪري وارا شخص پيدا ٿيا جن هن ڪائنات جي لقائن جو عقلي تجزيو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ائين فلسفي جو علم انهن وهمن ۽ وسوسن مان ڦُٽي نڪتو، اُن فلسفي جي بنياد ۽ ان جي تاريخ جي حوالي سان اسان وٽ مختلف رايا آهن هڪڙن جو خيال رهيو آهي ته ان جي شروعات هندستان جي چارواڪ فلسفي کان ٿئي ٿي ته ٻين جو خيال آهي ته ان جي شروعات يونان جي ڏاهي ٿاليس کان ٿئي ٿي،۽ ائين هر ڌر وٽ پنهنجا خيال آهن پر وري جيڪا فلسفي جي جيڪا تاريخ لکي وئي آهي ان ۾ يونان جي خيالن کي اهميت ڏني وڃي ٿي، ائين فلسفي جي تاريخ تي سوين ڪتاب لکيا ويا آهن ۽ اڃا لکجن پيا، فلسفي ۽ ان جي تاريخ تي بحث ٿين پيا اسان سنڌي به ان حوالي سان اڳتي وڌيل آهيون جو اسان وٽ به فلسفي جهڙن علمن تي بعث ٿئي ٿو ان تي ڪتاب لکيا وڃن ٿا . تازو ئي سنڌي ۾ فلسفي جي تاريخ تي فلسفي ڊيپارٽمينٽ جي استاد نويد سنديلو جو ڪتاب ”فلسفي جي تاريخ ” آيو آهي نويد سنديلو جو آئنسٽائن تي سنڌي ٻولي ۾ تمام بهترين ڪتاب لکيل آهي تازو هي ڪتاب آيو اٿن جنهن جي ارپنا به فلسفي جي ٻن عظيم ذهنن فريدالدين شيخ ۽ جاويد ڀُٽي جي نالي آهي، هي ڪتاب ٻن حصن تي مشتمل آهي جنهن ۾ پهريون حصو يونان جي قديم فلسفي جو احوال ڏي ٿو ته ٻيو ڪلاسيڪل فلسفي تي مشتمل آهي . جئين هي ڪتاب فلسفي جي تاريخ جو ڪتاب آهي جنهن ۾ انساني تاريخي جي بنيادي خيالن ۽ تصورن تي بحث ڪيو ويو آهي تنهن ڪري انهن کي بار بار پڙهڻ انهن تي سوچڻ سان اُهي سمجھ ۾ اچي سگهندا تنهن ڪري فلسفي جي ڪنهن بہ ڪتاب کي پڙهڻ ۽ ان تي تبصرو ڪرڻ انتهائي ڏکيو معاملو آهي تنهن ڪري پاڻ هن ڪتاب جو صرف سراسري جائزو وٺي سگهنداسين ۽ ڪي چند خيال هن تبصري ۾ ڏئي سگهنداسين . اچوتہ ان جو جائزو وٺون
جئين تہ اڄوڪي دور کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو دور سڏيو وڃي ٿو، اڃ ٽيڪنالاجي جا ڪارناما عروج تي آهي انسان لاء هر شيء ممڪن ٿي وئي آهي،دنيا جي هر شيء اسان جي جي کيسي ۾ پئي آهي، بٽڻ دٻائڻ سان منٽن ۾ حاضر ٿيو وڃي، پر ان ٽيڪنالاجي انسان کي ويڳاڻو ڪري ڇڏيو آهي اهو انسان جيڪو ڪنهن دور ۾ ڏاهپ جو متلاشي هو جيڪو ڪائنات ۽ ھن سماج جي لقائن کي حيرت سان ڏسندو هو انهن تي سوال اُٿاريندو نوان ڪي عظيم خيال ڏيندو هو وڏا ڪي بعث ڪندو هُو ان وٽ زندگي جو عظيم مقصد هو هن ڪائنات کي سمجهڻ جي هورا کورا هوندي هئي اهو پوري طرح هيئر ٽيڪنالاجي جي رحم ڪرم تي آهي ان وٽ پنهنجا ڪي به خيال ناهن ٽيڪنالاجي جا خيال هُن تي حاوي آهن هُو فضول شين ۽ ڳالهين ڊوڙ ۾ آهي ۽ انهي ڊوڙ ۾ جڏهن پوئتي ٿئي ٿو هي انسان ويڳاڻو ٿئي ٿو مايوس ٿئي ٿو چڙچڙو ٿئي ٿو ۽ بيزار ٿئي ٿو، تنهن ڪري انهي بيزاري کي منهن ڏيڻ لاء انهي حالت مان نڪرڻ لاء وري به فرد کي ڏاهپ ڏانهن ورڻ گهرجي، فلسفي ۽ عظيم خيالن ڏانهن ورڻ گهرجي . ان سڄي صورتحال کي نويد سنديلو صاحب هن لفظن ۾ پيش ڪري ٿو ته “زندگي ۽ ڪائنات بابت ڪيترائي پراڻا اخلاقي معيار ۽ تشريحون هيڻيون يا ناس ٿي چڪيون آهن ۽ ڪيترن ئي ماڻهن لاء زندگي گهارڻ جو نئون دڳ ڳولڻ يا بنياد رکڻ ڏکيو ٿي پيو آهي جديد دور جي ماحول ۾ وڌندڙ تباهي جو احساس، ننڌڪائي، تحفظ جو اڻ لڀ بي وسي ۽ لاچاري وڌنڌڙ ذهني دٻاء،تباهي ۽ فنائيت ۽ جذباتي انتشار موجود آهي ائين لڳي ٿو ڄڻ اسان اڻپوري زندگي گهاري رهيا آهيون،اسان پنهنجون اشتهائون تہ وڌائي رهيا آهيون پر اسان پنهنجي مقصدن کي بُک ماري رهيا آهيون اسان جو ڌيان وڏين پگهارن،ٽيليويزن جي پردن جي مهانگين ڪارن،ديو ڪامت عمارتن ۽وري هاڻي اوچن خيالن ۽ تصورن جي بدران جن تي اسان جي حقيقي حياتي ۽آزادي جو انحصار آهي ڀاري ميزائلن ڏانهن آهي،تهذيبي هئڻ مان مراد وڌيڪ مادي شين جو هئڻ نہ،پر اها تہ ڪٺو ڪيل ڪن عظيم نظرين ۽ جٽادار سوچن سان ئي آهي انهي لاء اچو ڏاهپ ۽ فڪر جي واٽ وٺون ۽ انهن سوالن جا جواب تلاشيون جن لاء صدين کان دنيا جا ڏاها سرگردان ۽ حيران رهندا آيا آهن (20).“ هن ڪتاب جي وڏي خاصيحت اها آهي تہ ليکڪ يوناني فلسفي جو احوال ڏيڻ کان اڳ يونان جي مذهبي ڏند ڪٿا ۽ ادبي روايتن جو تفصيلي احوال ڏنو آهي جن يونان جي فلسفي کي متاثر ڪيو ۽ ان جي اُسرڻ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي . يونان جي مذهبي تصورن ۽ ادبي روايتن جو پس منظر پيش ڪرڻ کان پوء هن ڪتاب ۾ “ڏاهپ جو مقصد ۽ بنيادي سوال “ جي موضوع تي ”فلسفو ڇا آهي؟، ڏاهپ ڪئين ماڻي سگهجي ٿي؟ فلسفو ڇو ۽ ڇا لاء؟ جهڙن سوالن تي بعث ڪري ٿو جنهن ۾ ليکڪ مختلف ڏاهن جا رايا پيش ڪري انتهائي آساني سان انهن سوالن کي سمجهائي ٿو،جئين هڪ ليکڪ هڪ هنڌ لکي ٿو تہ ” ڏاهپ کي ماڻڻ جو صحيح دڳ اهو آهي تہ ڪي ڏاهپ ڀريا ۽ فلسفياڻا سوال ڪيا وڃن . (55) يا ٻئي هنڌ لکي ٿو ته “فلسفو سچائي ڏانهن وڃڻ جو رستو آهي “. ان کان پوء اُن ئي باب ۾ ليکڪ فلسفي جي شاخن ۽ ان جي نظرين تي بحث ڪري ٿو جنهن ۾ ليکڪ مغرب جي مختلف نظرين تي بحث ڪري ٿو جيڪو تمام اهم آهي ۽ ان کان پوء ليکڪ باب ٽيون کان باقاعدي سان يوناني فلسفي جي شروعات ڪري ٿو جنهن ۾ سڀ کان پهرين فلسفي جي ابي ٿاليس جو ذڪر اچي ٿو جنهن چيو هو تہ ” هي ڪائنات پاڻي مان پيدا ٿي آهي .“ائين يونان جي هرڏاهي جي زندگي ۽ ان جي فڪر جو تفصيلي احوال آهي جيڪو پڙهڻ سان ۽ بار بار پڙهڻ سان ئي سمجهي سگهجي ٿو ۽ اُهي يوناني هئا جن جديد سائنس جو بنياد رکيو،تنهن ڪري اچو تہ پاڻ هن ڪتاب ۾ انهن ڏاهن جي خيالن مان ڪجه خيال پيش ڪريون .
1) ٿاليس چيو ته هي ڪائنات پاڻي مان پيدا ٿي آهي . اينڪسميندر چيو ته هي ڪائنات “هوا، مٽي، پاڻي ۽ باه لامعدود جوهر مان پيدا ٿيا آهن “ ۽ وري اينڪسي مينس چيو ته “سمورا آسماني جسم باه جا ٺهيل آهن “.
2) پيٿاگورس چيو ته “عدد “ئي هن ڪائنات جي ماهيت آهي “.
3 ) هيرا ڪليٽس جو خيال هو ته “ هر شيء تحرڪ ۽ تبديلي ۾آهي ” هر پل درياء ۾ هڪ نئون وهڪرو آهي “ تہ وري زينو فينس چيو ته ” هر صبُح جو اڀرندڙ سج ساڳيو ناهي .“
4 ) پارمينائيڊس چيو ته “اسان جا حواس اسان کي دنيا جي اڻپوري تصوير ڏيکارين ٿا“. ۽ وري زينو چيو ته ڪابہ ساڳئي شيء ٻن هندن تي نٿي ٿي سگهي .
5) مليس چيو ته“ ڪائنات “ ۾ ڪوبہ خالي پڻو ناهي “. .
ايمپيڊاڪليز چيو ته فطرت ۾ محبت ۽ جنگ ٻه جدا قوتون آهن . پروٽاگورس چيو ته سمورين شين جو پئمانو انسان آهي “.
ائين هي ڪتاب ڏ اهپ جي خزاني سان ڀريو پيو آهي جنهن ۾ يوناني ڏاهن جا عظيم خيال آهن جن تي ليکڪ تفصيلي بحث ڪيو آهي جيڪي انسان جي تاريخ اعلي ورثو آهن جنهن تي مارڪس جهڙو مفڪر به حيران هو تنهن ڪري اچو ته هن هڻ وٺ، هل هنگامي ۽ سوشل ميڊيا جي فضول مقابلي جي ڊوڙ مان نڪري ڏاهپ ڏانهن موٽ کائون اھڙا عظيم خيال پڙهي پنهنجي ذهن کي وري هن ڪائنات ۽ سماج جي وڏن توڙي ننڊڙين سوالن تي سوچڻ تي آمادا ڪريون ڇوتہ پوري انسانذات جي بقا ڏاهپ ۽ علم ۾ ئي آهي .

”وجوديت جو فلسفو “ ھڪ جائزو

”وجوديت جو فلسفو “ ھڪ جائزو
ڪلاسيڪل يونان ۾ فلسفي جو موضوع ڪائنات ھو، ان دور جا ڏاھا ھن ڪائنات کي سمجھڻ ۾ تمام گھڻي دلچسپي رکندا ھئا انھن ھن ڪائنات جي قانونن ء ان جي جوھر کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي ء اھي ان ۾ گھڻي حد تائين ڪامياب بہ ويا،ان کان پوءِ فلسفي ۾ ھڪ ٻيو دور اچي ٿو جنھن ۾ سقراط فلسفي ۾ انسان ۽ ان جي جذبن تي بحث ڪري ٿو ان فلسفي جو مقصد انسان کي سمجھڻ ھو تنھن ڪري سقراط چوندو ھو تہ “پنھنجي پاڻ کي سڃاڻو” ائين سقراط کان پوءِ انسان ء ۽ ان جي وجود، نفسيات ۽ ان جي جذبن تي مختلق ناولنگارن ءِ ڪھاڻيڪارن پنھنجي تخليقن ۾ بحث ڪيو، خاص ڪري روس ۾ دوستووسڪي جي ناولن جو موضوع انساني نفسيات ۽ جذبا ھئا جنھن م دوستووسڪي مختلف فردن جي نفسياتي مسئلن ءِ۽ جذبن کي پنھنجي ناولن جو موضوع بڻايو دوستووسڪي جا ڪردار ڪنھن نہ ڪنھن نفسياتي مسئلن ۾ مبتلا ھئا پر انسان جي پنھنجي وجود، انسان سان لاڳاپيل مسئلن،ان جي جذبن جي کي سمجھڻ جي فلسفياڻآ تحريڪ اوڻويھين صدي ۾ اُڀري سامھون آئي جنھن کي “وجوديت “ چيو وڃي ٿو جنھن جي شروعات ڊينمارڪ جي ھڪ ڏاھي سورين ڪرڪيگارد کان ٿئي ٿي جنھن جو نندپڻ تہ تمام ڏکن ۾ گذريو پر ھن جي پئدائس بہ ھڪ وڏو گناھ سمجھيو وڃي ٿو ڇوتہ ھي پنھنجي ماءَ جو ناجائز اولاد ھو ھن جي پيءَ ھن جي ماءَ سان زبردستي زنا ڪئي ھئي جيڪا ھن جي پيءَ جي گھر ۾ نوڪراني ھئي،۽ ان گناھ جي پڇتاءُ مان ھن جو پيء پوري عمر نہ نڪري سگھيو جنھن جو اثر سورين ڪرڪيگارڊ تي بہ ھو جيڪو پنھنجي پاڻ کي پوري عمر گناھگار سمجھندو رھيو ۽ پنھنجي پاڻ کي سٺو عيسائي ثابت ڪرڻ لاء پوري عمر رياضتون ڪندو رھيو ۽ ان پڇتاءُ، ڏک، ۽ روڳ ھن کي انساني فڪري تاريخ جو ھڪ وڏو فلسفي بڻائي ڇڏيو جنھنجي فڪر تي وجوديت جھڙي فلسفي جو بنياد پيو جنھن سرمائيداري دور جي انساني مونجھاري ءِ فرد جي ويڳاڻپ کي سمجھڻ جي پوري ڪوشش ڪئي . وجوديت جي فلسفي تي انگريزي توڙي اردو ۾ بھترين ڪتاب لکيا ويا آھن پر سنڌي ۾ ان موضوع تي ڪتاب اڻ لڀ آھن منھنجي نظر مان صرف ھڪ ڪتاب گذريوآھي جيڪو بدر اڄڻ جو لکيل آھي،ھاڻي انھي موضوع تي نويد سنديلو جو ڪتاب وجوديت جو فلسفو آيو آھي جنھن ۾ وجوديت جي فلسفي ۽ فڪر تي تفصيلي بحث سان گڏوگڏ تيرنھن اھم وجودي ڏاھن جي زندگي ۽ ان جي فڪر جو مختصر تعارف آھي جيڪو اسان کي فلسفي جي ھن اھم تحريڪ کي سمجھڻ ۾ وڏي مدد ڏي ٿو .
ھي فلسفو يورپ جي صنعتي دور جي پيداور آھي جنھن ۾ ٽيڪنالاجي جي وڌي وڃڻ جي ڪري ھڪ فرد ان سائنس ءِ ٽيڪنالاجي جي رحم ڪرم تي ٿي ويو جنھن ڪري ھُو فطرت کان ڪٽجي ڌار ٿي ويو تنھن ڪري ھڪ فرد ۾ ويڳاڻپ .مايوسي جھڙي ڪيفيت ۾ پيدا ٿي پئي ۽ ان ويڳاڻپ جي ڪري فرد پنھنجي شخصيت کان اڻ ڄاڻ ٿي پنھنجي پاڻ کي ئي وساري ويٺو وجوديت جي فلسفي فرد جي ان ويڳاڻپ کي سمجھڻ جي پوري ڪوشش ڪئي . جئين ليکڪ ھن ڪتاب جي صفعي 14 تي لکي ٿو تہ“ھي تحريڪ ان سماج خلاف اُڀري آئي جنھن ۾ فرد پنھنجي شخصيت وڃائي ڇڏي ھئي، ھو انبوھ جي ھڪ جز جي حيثيت سان زندگي گذاري رھيو ھو .ھن ان ڳالھ کي وساري ڇڏيو ھو،فرد جي معني ڇا ھوندي آھي،موت اھنج،فييصلو،محبت ء نفرت ڪھڙيون شيون آھن .“ھي ڪتاب ٽوٽل سورنھن بابن تي مشتمل آھي جنھن ۾ پھرئين باب ۾ وجوديت جي فلسفي جو تعارف ۽ ان جي موضوع تي بحث ڪيو ويو آھي جنھن ۾ مجموعي طور تي ھيٺيون نتيجو ڪڊيو آھي
ھلندڙ دور جي سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي ترقي ءَ جتي انساني زندگي کي وڌيڪ سُکي ۽ آسان بنائي ڇڏيو آھي اُتي ان ٻيا مونجھارا بہ پيدا ڪيا آھن .خاص طور تي غير يقيني جي صورتحال،ڳڻتي،نراسائي،ننڌڪائي ء ويڳاڻپ جھڙا نفسياتي،مونجھارا،جن جي ڄار جديد دور جو انسان ڦاٿل آھي ءِ انھن مان جند آجي ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل نظر اچي ٿو،انھيءِ حوالي سان وجوديت واد ماڻھوء جي مونجھارن جا حل ڳولھڻ ۾ ڪافي حد تائين سفل وئي آھي،“
وجوديت فلسفي جي دنيا جو ھڪ اھڙو نظريو آھي جنھن مطابق ھي بي معني دنيا ۾ انسان آزاد ءِ پنھنجن عملن جو پاڻ جوابدار آھي .
وجوديت روايتي فلسفي ء جديد سماجي نظام جي خلاف ڀرپور بغاوت آھي .
وجوديت ڪُلي طور انسان کي ان ڳالھ تي زور ڏياري ٿوتہ ھُو پنھنجي وجود کي سمجھي ء بيان ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري .
وجودي انسان جي ڳڻتي،نراسائي،خوف، غلطي ءَ جي احساس، پچتاءُ،اڪيلائي ءَ جي احساس ء انسان جي محدود پڻي ء “مون“ جھڙن مسئلن سان منسلڪ آھن .
وجوديت بنيادي طور انساني وجود کي سجھڻ جي ڪوشش آھي ھنن جو چوڻ آھي تہ وجود جوھر کان پھرئين آھي .
وجودي فلسفين مطابق پيڙا يا ڳڻتي انساني وجود جي سڀ وڌيڪ بنيادي ءِ ڪائنات گير حالت آھي .
وجودي سمجھن ٿا ھي وجود بي مقصد وجود آھي تنھن ڪري اھي پنھنجن ناولن ناٽڪن ۾ بہ پنھنجي ڪردارن کي بي مقصد زندگي گذاريندي ڏيکارين ٿا جئين البرث ڪاميو جي ناول اجنبي ۾ ڏيکاريل آھن . انسان جو وجود نيستي يا فنا آھي .
وجودي فلسفي موت کي اھم موضوغ سمجھن ٿا ۽ ان تي بحث ڪن ٿا.جئين موت ڇا آھي؟ تي صفعي 52 تي ليکڪ سارتر جو خيال ڏنو آھي تہ “موت منھنجو مڪمل عدم وجود آھي .موت بہ اھڙو واحيات آھي جھڙو ڄم،اھو منھنجي حياتي جي ڪائيءِ قطئي ۽ حقيقي گھڙي نہ آھي،اھو منھنجي شعوري ھستي ءَ جي وجود کي ميسارڻ کانسواءِ ٻيو ڪجھ بہ ناھي،موت وجود بيھودگي لاءِ ٻيو شاھد آھي “
وجودي فلسفي انسان جي ويڳاڻپ تي پن بحث ڪن ٿا وجودين جي خيال مطابق اسان شين جي دنيا ۾ گھيريل آھيون جيڪي اسان کي مبھم ء ڌنڌليون نظر اچن ٿيون ء جن کي اسان سمجھي نٿا سگھون،خود سائنس اسان کي فطرت کان ويڳاڻو ڪري ڇڏيو آھي .
ائين ليکڪ پھرئين باب ۾ وجوديت جي موضوع ۽ ان جي وصف تي بحث ڪرڻ کانپوءِ تيرنھن وجودي ڏاھن جي زندگي ٰءِ ان جي فڪر ءِ فلسفي تي بحث ڪري ٿو جنھن جو اچو تہ مختصر جائزو وٺون .
جئين تہ وجوديت جي فلسفي جي شروعات سورين ڪرڪيگارڊ کان ٿئي ٿي تنھن ڪري ليکڪ بہ سڀ کان پھرئين سورين ڪرڪيگارڊ جي زندگي ۽ ان جي فلسفي جو جائزو آھي جنھن ۾ ليکڪ جو خيال آھي تہ ھي فلسفي اصل ڳڻتي جو ڳاريل ھو ھي سڄي عمر پنھنجي پيءِ جي ڪيل ۾ سڙندو ءِ پڃرندو رھيو،ڪرڪيگارڊ جو خيال ھو تہ سچ ھر ماڻھو جي داخليت ۾ آھي ھر ماڻھو جيڪو سوچي ٿو ۽ صحيح سمجھي ٿو اھو ئي اھو سچ آھي تنھن ڪري ھر ماڻھو لاءِ زندگي ۾ ذھن جي آبياري ڪندو رھي،ڪرڪيگارڊ انساني شخصيت يا ذات جي اوثر جو جون ٽي منزلون جمالياتي،اخلاقي،مذھبي ٻڌايو آھن جنھن ۾ جمالياتي منزل ۾ ماڻھو تي جذبا ء.نفساتي خواھشون ڇانيل رھنديون آھن .
ٻئي منزل اخلاقي منزل ۾ ھڪ فرد سماجي ءِ اخلاقي ذميوارين کي سمجھي ٿو ءِ انھن کي نڀائي ٿو ڪرڪگارڊ مطابق ھن منزل ۾ فرد جمالياتي حُسن پسي ٿو،ءِ عالمي انسان جي درجي تي پھچي ٿو.
ان کانپوءِ ٽئين منزل کي سورين ڪرڪيگارڊ مٿانھين منزل سمجھي ٿو ھن منزل ۾ ڪرڪيگارڊ پنھنجي پاڻ کي خدا جي سامھون بيٺل ڏسي ٿو .
روسي وجودي بردوف انسان ڇا آھي؟ جي سوال تي سوچ ويچار ڪيو ۽ ھن آزادي جو نظريو پيش ڪيو جنھن م ھن جبر جون تصور ڏنو جنھن ۾ ھن جو خيال ھو تہ ھن انسان جي روزاني زندگي جي ڪاروھنورا ۾ انسان تي فطرت، سماج،تھذيب ءِ تاريخ جو جبر اثرانداز ٿئي ٿو ۽ ھڪ فرد جي شخصيت جي اوثر ۾ اھي جبر ڪردار ادا ڪن ٿا تہ اھي جبر انسان جي آزادي ۾ رڪاوٽ بہ وجھن ٿا .
فريڊرڪ نٽشي مثالي انسان جو نظريو ڏنو
ھائيدگر چيو تہ انسان آزاد آھي ۽ ھن وٽ پنھنجو فيصلو ڪرڻ جي سگھ آھي . ھن چيو تہ انسان سچائي سرجيندڙ آھي .
سارتر چيو تہ انسان ھڪ بي معني ڪائنات ۾ اچي ٿو ۽ ِپنھنجي پرسرار شعور سان ھن ڪائنات کي رھڻ لائق بڻائي ٿو ھن جو خيال ھو تہ ظلم ۽ ڏاڊ خلاف وڙھڻ بہ نيڪي جو ڪم آھي .
البرٽ ڪاميو چوندو ھو تہ انسان جي زندگي کل جھڙي ءِ واھيات آھي،ھڪ انسان ھن دنيا ۾ اچي ٿو ۽ پنھنجي زندگي روزمرھ جي فضول ڪمن ۾ گذاري ٿو ڇڏي .
ائين ھن ڪتاب ۾ مختلف ڏاھن جي زندگي ء نظرين تي بحث ڪرڻ کانپوءِ ليکڪ ادب ۾ وجوديت پسندي جي ڪردار تي بحٽ ڪري ھن ڪتاب جي پڃاڻي ڪري ٿو،ھي ڪتاب بنيادي طور جي وجوديت تي سٺو بحث آھي جنھن کي پڙھڻ کان پوءِ پڙھندڙ وجوديت کان واقف ٿئي ٿو ۽ ان کي سمجھڻ جي پوري ڪوشش ڪري ٿو تنھن ڪري فلسفي جي شاگردن کي ھي ڪتاب ضرور پڙھڻ گھرجي، پر ھن ۾ تنقيد جي کوٽ نظر اچي ٿي ڇوتہ ھن فلسفي تي مارڪسي خيالن جي ماڻھن جا سخت اختلاف آھي ھن جو گھڻو زور فرد تي ھو ھن فلسفي اجتماعيت کي رد ڪيو ءِ وجودي فلسفي مايوسي کي تمام گھڻو پکيڙيو ۽ گھڻن ڏاھن جو خيال آھي تہ وجوديت يورپ ۾ صوفي ازم جو ناڪام تجربو ھو تنھن ڪري ھن جو تنقيدي جائزو وٺڻ ضروري آھي اُميد تہ ٻئي ڇاپي ليکڪ ان جو تنقيدي جائزو ضرور وٺندو .

يورپ جي ترقي ۽ عروج

يورپ جي ترقي ۽ عروج

تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان اسان کي خبر پوي ٿي تہ يورپ ڪنھن دور ۾ تمام گھڻو پٺتي پيل کنڊ ھو ء ايشا ان دور ۾ تمام گھڻو ايڊوانس ھو جنھن وقت يورپ اونداھي دور مان گذري رھيو ھو تنھن وقت ايشا علم ادب،واپار،ٽقافت جو پوري دنيا ۾ مرڪز ھو .ٻارھين تيرھين صدي ۾ يورپ ۾ مذھبي بنياد پرستي پوري يورپ تي حاوي ھئي،ماڻھو جي خيالن سوچن، علم،ادب فلسفي تي بندش ھئي آزاد خيال ماڻھن،مفڪرن،اديبن،شاعرن جي سيڪيولر خيالن جي ڪري انھن کي سزائون ٿي مليون . پر آھستي آھستي يورپ ان اونداھي دور، بنياد پرستي ۽ جھالت کي شڪست ڏني ء۽ پوري دنيا جي ھڪ وڏي طاقت ٿي اُڀريو،يورپ ۾ جو علم سائنس،فلسفي،پوري دنيا کان اڳتي نڪري آيو ويندي ايشا بہ پٺتي رھجي ويو ۽ اڄ ھر ملڪ توڙي ماڻھو جو رول ماڊل يورپ،ان جاملڪ آھن پوري دنيا ۾ يورپ جي سائنس ءِ ٽيڪنالاجي جو ڌاڪو آھي .اھو سڀ ڪئين ٿيو؟ يورپ ترقي ڪري دنيا اڳتي ڪئين نڪري ويو؟ ڪھڙا سبب ء۽ ڪھڙيون قوتون ھيون جن يورپ کي عروج تي پھچائي ڇڏيو؟ ان سوالن تي دنيا جي مختلف مفڪرن،۽ تاريخ دانن سوچ ويچار ڪري پنھنجا نظريا پيش ڪيا آھن جن مان ھڪڙن مفڪرن يورپ ترقي جا سبب يورپ ۾ يونان جو آيل،علم،فلسفو ۽ سائنس ڄاڻايو آھن تہ ڪن يورپ جي ترقي جو سبب ان جون اندروني،حالتون ۽ آبھوا ڄاڻايو آھي .اُن ئي حوالي سان ڊاڪٽر مبارڪ جو ڪتاب “يورپ جو عروج”بہ اھم آھي جنھن ۾ ڊاڪٽر صاحب يورپ جي ترقي ۽ عروج تي دنيا جي مختلف مفڪرن پاران ڏنل نظرين تي بحث آھي، ھن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر دنيا جي مختلف مفڪرن جي نظرين کي بحث ھيٺ آڻي ٿو جنھن مان ھڪ نظريو ڊيوڊ ايس لانڊس جو “يورپي مرڪزيت ”جو نظريو آھي جنھن مطابق يورپ جو ترقي جو سبب يورپ جون اندروني حالتون،يورپ جي ماڻھن جو تخليقي صلاحيتون،يورپي ماڻھن جي پنھنجي جدوجھد جو نتيجو آھي ۽ يورپ جي ترقي ۾ ٻئي ڪنھن قوم جي علم،فلسفي ءِتھذيب جو ڪوبہ اثر نہ آھي، پنھنجي ان نطريئي کي ثابت ڪرڻ ان مفڪر مختلف دليل ڏنا آھن، جنھن ۾ ان جو خيال آھي تہ يورپ جي ترقي جو ھڪڙوسبب ان جي آبھو آھي، ڊيوڊ لانڊس جو خيال آھي تہ يورپ جي آبھو ٿڌي آھي جنھن سبب جي ڪري يورپ جي ماڻھن ۾ ذھني صلاحتيون وڌيڪ آھن ۽ انھن ۾ محنت ڪرڻ جي صلاحيت وڌيڪ آھي ِ۽ ان جي نسبت ۾ ايشا ء۽ آفريڪا جي آبھوا جي موسم گرم آھي تنھن ڪري انھن ۾ محنت ڪرڻ جي قوت گھٽجي ٿي بيو تہ سخت سيءَ جي ڪري يورپ جي ملڪن ۾ بيڪٽريا ۽ ٻيا جراثيم تمام گھٽ پکڙجن ٿا جنھن ڪري يورپ ۾ وبائون گھٽ ٿيون آيون جنھن ڪري انھن ۾ وبائن کي منھن ڏيڻ جي صلاحيت تمام گھٽ آھي تنھن ڪري انھن انھن وبائن کان بچاءُ لاءَ مختلف طريقا ۽ دريافت ڪرڻ، ۽ دوائون ٺاھڻ شروع ڪيا . ان کانسواءِ ھن مفڪر يورپ جي ترقي جو اھو دليل ڏنو آھي تہ مشرق جي ملڪن ۾ پاڻي تي حڪومتن جو ڪنٽرول رھيو آھي جنھن ڪري عوام حڪمرانن جي تسلط ھيٺ رھي ۽ انھن ۾ آزادي جو احساس گھٽ ھو پر يورپ ۾ بارشون تمام گھڻيون پون ٿيون،حڪومتن جو پاڻي تي ڪوبہ ڪنٽرول ناھي رھيو تنھن ڪري يورپ جا ماڻھو آزاد ھئا .
ان کانپوءِ ھي مفڪر ٽيون دليل يورپ جي گھٽ آبادي ھجڻ جو ڏي ٿو جنھن مطابق يورپ ۾ شادي دير سان ڪرڻ جو رواج آھي ۽ آبادي کي ڪنٽرول ۾ رکڻ جو رواج ھو جنھن سبب جي ڪري انھن ملڪن ۾ غربت گھڻو نہ وڌي سگھي پر مشرق جي ملڪن ۾ آبادي وڌي وڃڻ جي ڪري کاڌي خوراڪ کوٽ رھي ٿي جنھن سبب اُتي غربت وڌڻ جي ڪري اُھي ملڪ ترقي نٿا ڪن .ان کانسواءَ ھي مفڪر يورپ جي عروج جو سبب رومي سلطنت جو زوال ۽ يورپ جو ٽڪرن ۾ ورھائجن ڏي ٿو روم جي زوال سبب يورپ جي ملڪن تي رومي احتصال گھٽجي ويو ءِ منگول ۽ ترڪ حملي پوري يورپ کي فتح نہ ڪري سگھيا ٿي . يورپي مرڪزيت پسند مفڪر لانڊس جو پڻ اھو خيال آھي تہ يورپ ۾ نون شھرن جو قيام ۽ بائبل جي تعليم پڻ يورپ جي ترقي ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو .
ان کانپوءِ ھن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر مبارڪ ھڪ بئي مفڪر فرنالڊ بروڊل جو نقطہ نظر کي بحث ھيٺ آڻي ٿو .فرنالڊ بروڊل جي خيال مطابق يورپ جي ھڪ اھم سبب اھو بہ تہ يورپ جي ملڪن ھڪ ٻئي علم ادب، فلسفي،سائنس،موسيقي،آرٽ ۽ ثقافت کي اھميت ڏني،اھو سبب آھي تہ يورپ جي ڪنھن ملڪ ۾ ڪابہ علمي ادبي،فڪري،يا سياسي تحريڪ ھلندي ھئي تہ اھا تحريڪ تمام جلد يورپ جي ٻين ملڪن ۾ پھچي ويندي ھئي .جئين يورپ جي ھڪ ملڪ اٽلي ۾ فلسفي جي تحريڪ ٿي تہ ان جو اثر پوري يورپ تي پيو. ان کانسواءِ ھن مفڪر جو خيال ھو تہ يورپ ۾ فرد جي آزادي جي تمام گھڻي اھميت ھئي جنھن سبب يورپ ۾ فرد جي آزادي جون تمام گھڻيو ن تحريڪون ھليون، جن پڻ يورپ جي ترقي اھم ڪردار ادا ڪيو .فرنارڊ برڊل جو اھو پڻ خيال ھو تہ يورپ جي ترقي جو ھڪ سبب اھو پڻ ھو تہ يورپ ۾ جيڪي رياستي قانون آيا اھي انسان جا ٺاھيل ھئا جنھن کي چيلينج ڪرڻ عام ماڻھو لاءَ تمام سولو ھو تنھن ڪري يورپي عوام حڪمراني تي سوال ڪري سگھندا ھئا انھن تي تنقيد ڪري سگھندا ھئا ۽ ان کي تبديل بہ ڪرائي سگھيا ٿي پر مشرقي ملڪن ۾ سڀني الھامي ھئا تنھن ڪري انھن کي چيليج ڪرڻ ۽ تبديل ڪرڻ تمام ڏکيو ھو تنھن ڪري مشرق پٺتي رھجي ويو ۽ يورپ اڳتي نڪري ويو.
ان کانپوءِ ٽيون نقظہ نظر جي ايم بلاٽ جو آھي ھي مفڪر يورپي مرڪزيت جي نقطہ نظر کي رد ڪري ٿو ۽ ھن جو خيال آھي تہ يورپ جي ترقي جو اھم سبب آمريڪا جي دريافت آھي .آمريڪا جي دريافت سان يورپ جا واپار جا دروازا کلي ويا جنھن سبب يورپ ۾ صنعتي ترقي ٿي ۽ سرمائيداري ترقي ڪئي جنھن سبب يورپ ۾ جاگيرداري خاتمو اچي ويو ۽ يورپ ھڪ نئون بوزوازي طبقو پيدا ٿيو جنھن يورپ جي ترقي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو.
انھن ٽن نظرين جو جائزو وٺڻ کانپوءَ ڊاڪٽر مبارڪ ھن ڪتاب ۾ ھڪ ٻئي نقطہ نظر جو پڻ جائزو وٺي ٿو جيڪو گنٿر فرانڪ جو نقطہ نظر آھي جنھن جو خيال ھو تہ يورپ جي ترقي کي عالمي اقتصادي تاريخ جي پس منظر ۾ ڏسڻ گھرجي ھن جو خيال آھي يورپ جي سرمائيداري کان اڳ بہ دنيا ۾ ھڪ عالمي اقتصادي نظام ھو جيڪو 1400ع کان 1800 ع تائين ھو ان دور ۾ يورپ وٽ تجارت ايڏي وسيع پيماني پکڙيل نہ ھئي ۽ ھو پنھنجو واپار آفريقا، کان آمريڪا، آمرڪا کان ايشيا،ايشيا کان آمريڪا ۽ آفريڪا جي رستن جي ذريعي جاپان ۽ ملڪن سان واپار ڪندو ھو، ۽ سترنھين صدي ۾ يورپ ۾ جيڪا ٽيڪنالاجي جو ارتقا ٿيو ان ۾ مشرق جو وڏو ڪردار ھو . تنھن ڪري ھي مفڪر پڻ يورپي مرڪزيت پسند جي نظريئي کي رد ٿو ڪري . ائين ھن ڪتاب ۾ يورپ جي ترقي ۽ عروج حوالي سان مختلف مفڪرن جو نقظہ نظرن تي بحث ڪري ڊاڪٽر صاحب ان نتيجي تي پھچي ٿو تہ يورپي مرڪزيت جو نظريو وڌاءَ ۽ يورپين جو پنھنجي پاڻ کي اعلي ڪري پيش ڪرڻ آھي يورپ جي ترقي ۾ کنڊن جو بہ اھم ڪردار آھي جنھن کي تاريخ دانن کي نظرانداز نہ ڪرڻ گھرجي، پر ھن ھڪ ٻئي بہ اھم ڳالھ ڪئي وئي آھي اُھا ھي تہ مارڪس جھڙو اھم مفڪر مارڪس بہ “يورپي مرڪزيت،“نقظہ نظر جي خيال جو ھو جنھن کي پڻ ھن ڪتاب ۾ رد ڪيو آھي . تنھن ڪري ھي موضوع وري بہ تحقيق طلب آھي اسان جھڙن پٺتي پيل ملڪن کي يورپ جي علم،ادب، فلسفي،سائنس ثقافت کان سکڻ گھرجي ان جي ترقي جي سببن کي سوچڻ،سمجھڻ ۽ ان جي تجربن مان فائدون حاصل ڪرڻ گھرجي .

ڪائنات، زندگي ۽ انسان

ڪائنات، زندگي ۽ انسان

انسان هن ڪائنات جي اها واحد مخلوق آهي جنهن ۾ سوچڻ جي صلاحيت آھي هُو ڪائنات جي هر لقاءُ تي سوچي ٿو ۽ اُن تي پنهنجا تصور ٺاهي ٿو ائين انهي سوچڻ واري خاصيحت جي ڪري ئي اوائلي انسان ڪائنات جي مختلف لقائن ۽ رونما ٿيندڙ واقعن تي ڌڪُا هنيا ۽ پنهنجا تصور ٺاهيا ائين انهن تصورن تي انسان پنهنجا مذهب تخليق ڪيا ۽ اڳيان انهن تصورن جي بنياد فلسفو ۽ سائنس پيدا ٿيا .
فلسفين ۽ سائنسدانن انسان جي انهن سوالن تي ويچار ڪيو تہ هي ڪائنات ڪٿان آئي آهي؟ ڇا هن جو ڪو تخليقار آهي؟ يا هي ڪائنات ڪنهن حادثي جو سبب آهي؟ هن ڪائنات ۾ زندگي جو وجود ڪئين ٿيو؟ انسان ئي هن ڪائنات جي منفرد تخليق ڇو آهي؟ ڪائنات، ڌرتي جي اهڙن سوين سوالن تي فلسفين ۽ سائنسدانن پنهنجي سوچ ويچار، پنهنجي مشاهدي ۽ تجربي جي بنياد تي مختلف نظريا پيش ڪيا آهن جن کي سمجھڻ اسان جو اولين فرض آهي ڇوتہ اهي نظريا اسان کي مختلف وهمن، وسوسن، ڏندڪٿائن ۽ جهالت تي مشتمل خيالن مان جان آجي ڪرائن ٿا ائين اسان جا گهڻا ڏُک دور ٿين ٿا .
سنڌي ۾ سائنس جي انهن موضوعن ڪتاب لکيا ۽ ترجما پڻ ڪيا ويا آھن ان حوالي سان سنڌي ۾ سائنسي موضوعن تي ڊاڪٽرسڪندر مغل جوغيرمعمولي پورهيو آهي جنهن اسان کي سائنس تي ارتقا جي ڪهاڻي، زندگي، رنگ رنگي بنا يا، ازلي حقيقت جي ڳولا،جهڙا بهترين ڪتاب ڏنا تازو ئي ان سلسلي ۾ ” ڪائنات،زندگي ۽ انسان “ ڪتاب آيو آھي، جنهن جو موضوع ڪائنات، ان جي ابتدا بگ بئنگ،اسان جي ڌرتي، ڌرتي تي زندگي جي شروعات، ارتقا، انساني ڊي اين اي، انساني دماغ ۽ اُن جي ارتقا انساني شعور۽ ڪائنات ۽ انسان سان لاڳاپيل ٻيا انتهائي دلچسپ موضوع آهن . هي ڪتاب ٽوٽل ستن بابن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ ليکڪ پهريون باب ۾ ڪائنات ۽ ان سان لاڳاپيل نظرين تي بحث ۽ انهن تي تنقيد ڪري ٿو جنهن ۾
ڪائنات جي ابتدا واري سوال تي ڊاڪٽر صاحب جوخيال آهي ته هن ڪائنات جي باري ۾ اوائلي ماڻهو اڻ ڄاڻ هو تنهن ڪري اُن هن ڪائنات جي باري ۾ مختلف ڌُڪا هڻڻ شروع ڪيا ائين هن ڪائنات جو تخليق وارو نظريو وجود ۾ آيو پراڳتي هلي سائنسدانن ڪائنات جي ابتدا واري سوال تي سوچ ويچار شروع ڪيو ۽ انهن هن ڪائنات ۽ ان ڪهڪشائن جو مشاهدو ڪرڻ کان پوءِ اهو نتيجو ڪڊيو تہ هي ڪائنات ڦهلجي رهي آهي ۽ هن ڪائنات جون ڪهڪشائون هڪ ٻئي کان پري ٿي رهيو آهن تنهن جو مطلب تہ اهو ٿيو ڪنهن دور ۾ اهي سڀ ڪهڪشائون هڪ ٻئي سان ڳتيل هيون ۽ ضرور ماضي ۾ ڪو حادثو ٿيو هوندو جنهن ڪري اهُي ڪهڪشائون هڪ ٻئي کان پري ٿيڻ لڳيون ۽ڪائنات ڦهلجڻ لڳي ۽ ان حادثي کي سائنسدان “ بگ بئنگ “جو نالو ڏين ٿا هاڻي سوال آهي ته “ بگ بئنگ ڇا آهي؟ ان سوال جو جواب ۾ ڊاڪٽرصاحب صفعي ارڙنهن تي لکي ٿو تہ “ا ُهي پروٽان، نيوٽران، ۽ ڪاري مادي جي ذرڙن جا تعمراتي جزا هئا “ يا صفعي ايڪٽيھ تي لکن ٿا ته “ ڪهڪشائن جي هڪٻئي کان پري ٿيندي وڃڻ جي سائنسي ثبوتن هٿ اچڻ کانپوءِ سائنسدانن عام منطق استعمال ڪندي هي دليل ڊوڙايو تہ جيڪڏهن اڄ ڪهڪشائون هڪٻئي کان پري ٿي رهيون آهن، تہ پوءِ ماضي ۾ ضرورڪنهن لمحي تي اهي سڀ گڏ هونديون .اهڙي طرح ڪائنات ۾ موجود سموري مادي کي هڪ هنڌ ڪٺو ٿيل تصو ڪيو ويو ۽ اُن ڪٺي ٿيل مادي جي سائيز هڪ پروٽان جي سائيز جيتري ننڍڙي ٻڌائي وڃي ٿي .اهو ڪائناتي ذروپوءِ هڪ زودار ڌماڪي سان ڦاٽي پيو،ان ڌماڪي جي لمحي کي بگ بئنگ سڏيووڃي ٿو.“ان کانپوءِ ليکڪ هن ڪتاب ۾ ڪائنات جي ڦهلجڻ وارن مرحلي تي تفصيل سان لکي ٿو جنهن کان پوءِڪائنات جي بگ بئنگ نظريئي تي تنقيد پڻ ڪري ٿو جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب اهو سوال اُٿاري ٿو تہ جيڪڏهن هن ڪائنات جي ابتدا بگ بئنگ کان ٿي ته پوءِ سوال آهي ته بگ بئنگ ڪٿي ٿيو؟ڇا بگ بئنگ کان اڳ ۾ زمان ۽ مڪان هو؟ اُتي بگ بئنگ نظريئي جا فلڪياتدان ڪوبہ جواب نٿا ڏين بلڪہ چون ٿا تہ ” زمان ۽ مڪان جو وجود پڻ بگ بئنگ کان پوءِ ٿيو“ ان نقطي کي سمجهائندي ڊاڪٽر صاحب صفعي ستاويھ تي لکن ٿا تہ “ ڇاڪاڻ تہ موجوده سائنسي اوزارن / فلڪياتي ماهرن کي اها اجازت نٿا ڏين تہ هوُ پوئتي ڪائنات ڄمڻ ڏانهن جهاتي پائي سگهن ان ڪري بگ بئنگ متعلق اسان جي گهڻي ۾ گهڻي ڄاڻ رياضياتي فارمولن ۽ ماڊلن منجهان حاصل ٿئي ٿي پرانهن فارمولن ۾ ڪن سائنسدانن مطابق 18 رياضياتي غلطيون آهن .“ يا وري وڌيڪ لکن ٿا تہ بگ بئنگ جو نظريو هڪ ديومالائي تخليقي ڪهاڻي جيان ( جئين بائبل جي ڪتاب پئدائش جي ڪھاڻي ) لڳندو آهي هن نظريئي مطابق ڪائنات 15 ارب سال پهرئين وجود ۾ آيل آهي اُن کان اڳ نہ ڪا ڪائنات هئي نہ ڪو مادو هو نہ ڪو زمان ۽ نہ ڪو مڪان هو ان وقت سمورو مادو هڪ نقطي تي مرڪوز ٿيل هو .“
جڏهن ڪائنات جو آغاز ٿي سگهي ٿو تہ لازمي آهي ته ڪائنات جو خاتمو پڻ ٿيندو تنهن ڪري سائنسدانن ڪائنات جي خاتمي تي سوچ ويچار شروع ڪئي۽ انهن پنهنجن مشآھدن تي پنهنجا نظريا اخذ ڪيا آهن جن تي پڻ هن ڪتاب ۾ بحث ڪيو ويو آهي . جيڪي هي آهن .
(1)جهڙي طرح هي ڪائنات ڦهلجي رهي آهي هڪ ڏينهن هن ڪائنات جو ڦھلاءُ رڪجي ويندو۽ هن ڪائنات جون سموريون ڪهڪشائون پاڻ ۾ گڏ ٿي پيسجي وينديون ۽ سڀ ڪجه تباه ٿي ويندو، جنهن کي” مها پيھ (Big crunch ) جو نظريو چئجي ٿو .
(1) ڪجھ سائنسندانن جو خيال آهي تہ گهڻي ڦھلاءُ جي ڪري هڪ ڏينهن عدم ۾ گُم ٿي ويندي .
(2) گرمي جي ٻئي قانون مطابق وقت گذرڻ سان ڪنهن بہ سرشتي ۾ بدنظمي ( Entropy). وڌندي ويندي آهي مثال طور هڪ گرم شيءَ آهستي آهستي ٿڌي ٿيندي ويندي آهي ۽ نيٺ اُن جو گرمي جو درجو بهہ پنهنجي ماحول جيترو ٿي ويندو آهي . ڪائنات کي بہ جيڪڏهن هڪ سرشتو سمجهجي تہ ڪائنات بہ پنهنجي گرمي خارج ڪري رهي آهي ۽ اُن ۾ بدنظمي وڌندي وڃي ٿي . جيڪا نيٺ ھڪ ڏينهن انُ مان حرڪت ختم ڪري ڇڏيندي ۽ اھڙي طرح ڪائنات جوحرارتي موت اچي ويندو .
“ مھا پيھ “ جي نظريعي جي خالق سائنسدان پال ڊيوزجي ڪتاب آخري منٽ جو حوالو ڏيندي ليکڪ لکي ٿو “ جيسيتائين اسان سمجهي سگهيا آهيون بگ ڪرنچ ( مها پيھ ) رڳو مادي جو خاتمو ناهي اھوهر شيء جو خاتمو آهي ڇو تہ بگ ڪرنچ جي موقعي وقت بذات خود ختم ٿي ويندو . اهو پُڇڻ بي معني آهي تہ پوءِ ڇا ٿيندو بلڪل اھڙي طرح جئين پڇجي تہ بگ بئنگ کان پهريان ڇا ٿيو . هڪ ڪائنات جنهن جو آغاز بگ بئنگ جي وقت عدم مان ٿيو هو بگ ڪرنچ جي وقت ٻيهر عدم ۾ غائب ٿي ويندي “
هاڻي سوال آهي ته جڏهن ڪائنات عدم ۾ گُم ٿي ويندي ته پوءِ انسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي اُتي پال ڊيويزجي نظريئي مطابق ته ڪائنات جي خاتمي کان پوءِ انسان هڪ خالص روح بڻجي وڃي ٿو جيڪو ان قابل هوندو تہ پاڻ کي ” اعلي دماغ “ ( Super Brain).۾ تبديل ڪري هر شيءِ جي خاتمي مان بچي وڃي، مطلب ته هي نظريو پوري طرح هڪ خيالي نظريو آهي . تنهن ڪري ليکڪ ان تي تنقيد ڪري ٿو ۽ اينگلس جو سائنسدانن جي حوالي سان اهو تجزيو پيش ڪري ٿو جيڪو بلڪل اڄ جي سائنسي نظرين تي ٺهڪي اچي ٿو جنهن ۾ اينگلس چيو هو تہ فلسفي کان منهن موڙڻ جي نتيجي ۾ سائنسدان يقينن روحاني دنيا ۾ وڃي پهچندا .“ تنهن ڪري ليکڪ خيال آهي ته هي سڀ نظريا خيالي نظريا آهن انهن جو حقيقت سان ڪوبہ واسطو ناهي بلڪہ حقيقت اها جيڪا جدلياتي ماديت فطرت جا اصول ٻڌائي ٿي جنهن مطابق مادو ۽ توانائي ڪڏهن بہ فنا نٿا ٿي سگهن بلڪہ اهي پنهنجي صورت تبديل ڪري سگهن ٿا . ان کانسواءِ ليکڪ هن ڪتاب ۾ بگ بئنگ جي هڪ ٻئي متبادل نظريئي جو پڻ جائزو وٺي ٿو جيڪو پلازما ڪائنات جونظريو آهي ائين هن ڪتاب جي پهرئين باب ۾ ڪائنات، ان جي ابتدا ۽ انتها جي نظرين تي سادي ٻوليءَ ھڪ وڏو بحث آهي جيڪواسان کي هن ڪائنات کي سمجهڻ ۾ وڏي رهنمائي ڪري ٿو . ان کانسواءِ هن ڪتاب جي “ باب ٻيو ” اسان جي ڌرتي هن تي ڪشش ٽقل جي ڪردار ۽ اهميت تي پڻ لکي ٿو تہ هن ڌرتي تي ٻوٽن جي کاڌي ٺاهڻ واري عمل روشنائي ترڪيب جي اهميت کان پڻ اسان واقف ڪري ٿو جنهن مان اسان کي خبر پوي ٿي تہ جيڪڏهن ٻوٽن جوهي روشنائي ترڪيب وارو عمل رڪجي وڃي تہ هي دنيا بلڪل خُشڪ ۽ ڀرڀانگ ٿي ويندي جئين هيئنر چنڊ آهي پوءِ به اسان ڌرتي تي وڻ ۽ ٻوٽا ڪٽڻ کان نٿا مڙون هن ڌرتي تي هنن ٻوٽا هجڻ سان ئي اسان هونداسين ۽ ھتي زندگي هوندي.ا اُن کانسواءِ ليکڪ هن ڪتاب جي مختلف بابن ۾ ڌرتي ۽ ان تي زندگي جي نمودار ٿيڻ کان ويندي ان جي بنياد جيوگهرڙي، ڊي اين اي ۽ جين تي هڪ وڏو بحث ڪري ٿو ۽ انهن جي اهميت کان پڻ اسان کي واقف ڪري ٿو تہ انساني دماغ، ذهانت ڇا آهي، انسان جي ارتقا ڪئين ٿي ۽ اها ارتقا اڄ بہ جاري آ هي، ۽ انساني شعور تي تمام سادي ۽ سولي سنڌي ۾ اسان کي ڄاڻ ڏي ٿو جنهن کي پڙهڻ سان اسان سائنس ۽ فلسفي جي قديم توڙي جديد بحثن کان واقف ٿيون ٿا جيڪي اسان کي انڌي تقليد کان دُورڪن ٿا ۽ اسان ۾ سائنسي سوچ پئدا ڪن ٿا تنهن ڪري هي ڪتاب سنڌ جي هر ماڻهو کي ضرور پڙهڻ ۽ سمجهڻ گهرجي .














انسان جي سماجي ارتقا

انسان جي سماجي ارتقا

جنھن وقت ڊارون ارتقا جو نظريو ڏنو ھو تڏھن ھر عام توڙي خاص ماڻھو کي ھن ڪائنات، سماج ۽ انسان بابت پنھنجن ابن ڏاڏن جي ڏنل خيالن، سوچن ۽ نطرين تي يقين ھو ۽ جڏھن ڊارون پنھنجو ارتقا جو نظريو پيش ڪيو تڏھن ڪند ذھن ۽ پراڻ پسند ماڻھن ھڪڙو وڏو ممڻ مچائي ڇڏيو ھو پر وقت ڊارون جو نظريو صحيح ثابت ڪيو .ڊارون پنھنجي نظريئ جو بنياد،جانورن ۽ انسان تي رکيو پر اڳتي ھلي ٻين سائنسدانن ڊارون جي نظريئي کي اڳتي وڌايو ۽ ان ۾ واڌارو ڪيو ۽ جديد دور جا سائنسدان انسان جي سماجي ارتقا تي پڻ ڪم ڪري رھيا آھن . ھن ڌرتي تي زندگي جي شروعات ڪئين ۽ ڪڏھن ٿي؟ ھن ڌرتي تي انسان جو وجود ڪڏھن ٿيو؟ انسان جي شروعاتي زندگي ڪئين ھئي؟ ان جي رھڻي ڪھڻي، خوراڪ ڪھڙي ھئي؟ انھن سماج ڪئين اڏيو؟ اوائلي انسان وٽ شعور ۽ عقل ڪئين آيو؟ ۽ ان پنھنجي ارتقا جي ڪيترا ڏاڪا تھ ڪيا؟ ۽ ان ڪھڙن مصيبتن کي ڪئين ۽ ڪھڙي طريقي سان منھن ڏنو؟ اھڙا ٻيا ڪيترا ئي سوال آھن جن تي دنيا جا اينٿرو پالجسٽ ۽ تاريخدان ڪم ڪري رھيا آھن ۽ انسان جي بڻ بنياد ۽ان جي ارتقا تي پنھنجا خيال پيش ڪري رھيا آھن جنھن ۾ ان موضوع تي يووال نوح حراري جي ڪتاب بہ لکيل آھن جن تي پڻ ھڪ وڏو بحث ٿيو جيڪي پڻ انسان جي ماضي، حال ۽ مسقبل جي سماجي ارتقا تي بحث ڪن ٿا سنڌي ۾ سائنس جي اھڙن موضوع تي ڊاڪٽر سڪندر مغل جا سٺا ڪتاب لکيل آھن جنھن “ ارتقا جي ڪھاڻي، رنگ رنگي بڻايا، زندگي، ازلي حقيقت جو ڳولا ۽ ڏاھپ جو اڀياس لکي اسان کي سائنس جي اھم موضوعن تي بنيادي ڄاڻ ڏني تازو ان جو انسان جي سماجي ارتقا جي موضوع تي لکيل نئون ڪتاب “ انسان جي سماجي ارتقا “ آيو آھي، جنھن جا ٽوٽل ڇھ باب آھن جن ۾ ڊاڪٽر صاحب انسان جي سماجي طور ارتقا ڪئين ٿي؟ ۽ ان ارتقا دوران انسان ڪھڙا ڏاڪا تھ ڪيا؟ ۽ انھن ارتقائي ڏاڪن دوران انسان ۾ ڪھڙيون تبديليون آيون؟ ان جا شروعاتي مذھبي عقيدا ھئا ۽ انھن عقيدن جي اوثر ڪئين ٿي؟ ھيلتائين دنيا جا ڪھڙا وڏا مذھب رھيا آھن؟ انھن مذھبن جي ماڻھن جي ڪھڙا عقيدا رھيا آھن ۽ انھن عقيدن ڪئين ارتقا ڪئي؟ مذھبن ۾ ھڪجھڙائي، گاڊ جين جو تصور جھڙن سوالن تي سائنسي بحث ڪري ٿو جيڪو تمام اھم آھي جنھن کي پڙھڻ ۽ سمجھڻ جي پڻ ضرورت آھي پر پاڻ ھن مضمون ۾ صرف ان جي پھرئين باب انسان جي سماجي ارتقا جو جائزو وٺنداسين .
پھرئين باب ۾ ڊاڪٽر سڪندر مغل انسان جي سماجي ارتقا جي تاريخ کي سائنسي انداز سان سمجھائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ھن باب ۾ ليکڪ انسان جي ارتقا جا ٻہ ڏاڪا اھم ٻڌايا آھن جنھن ۾ پھريون ڏاڪو يا منزل شڪاري _ميڙيندڙ منزل آھي .
ھن ڏاڪي دوران انسان پنھنجي زندگي الڳ ٿلڳ گذاريندو ھو ۽ ھن جو گذران جھنگ مان ٻوٽا ۽ فروٽ ميڙڻ ۽ پکين جو شڪار ڪرڻ تي ھو ھن منزل دوران انسان گھڻي ۾ گھڻو وقت آفريقا ۾ گذرايو جيڪو تقريبن 50،60 لک سالن جي لڳ ڀڳ آھي .
شڪاري منزل دوران انسان جانورن جي شڪار ڪرڻ لاءِ پٿر جا اوزار ٺاھڻ جي شروعات ڪئي جنھن سان انسان کي باھ ايجاد ڪرڻ جو تجربو ٿيو جنھن انساني ارتقا ۾ ھڪ وڏي تبديلي آندي، باھ جي استعمال سان نہ کائي سگھجندڙ ٻوٽا انسان جي کائڻ لائق ٿي ويا جنھن سان انسان جي جسم ۾ وڏي تبديلي رونما ٿيڻ لڳي انسان جي آنڍي ۽ دماغ جي سائيز ۾ تبد يلي اچڻ لڳي،ان کانسواءِ ھن منزل دوران انسان ٻولي جي ايجاد ڪرڻ جي پڻ ڪئي جنھن انسان جي تصور ڪرڻ ۽ سوچڻ جي سگھ وڌائي .
شڪاري _ميڙيندڙ منزل واري ڏاڪي تي پوري دنيا ۾ انسانذات جي ٽوٽل آبادي تقريبن ٻن لکن تائين ھئي .
جڏھن انسان موسمياتي تبديلي سبب شڪار ڪرڻ يا وري جھنگلي ٻوٽن ۽ ميون کي ھٿ ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿيڻ لڳي تہ انسان باغباني ڪرڻ جي شروعات ڪئي ٿي جنھن سان انسان زراعت جو ھنر سکيو ۽ انساني سماج ۾ زراعت جي شروعات ٿي جڏھن تہ ان باغباني جي شروعات عورتن ڪئي ڇوتہ عورت کي باغباني ۾ ايڏي مشقت نٿي ڪرڻي پوي ۽ مشقت وارو ڪم مردن جي حوالي ھوندو ھو، انساني ارتقا جي ھن ڏاڪي يا منزل کي ھڪ زرعي انقلاب سمجھيو وڃي ٿو جنھن نہ رڳو انسان پر پوري انساني سماج کي تبديل ڪري ڇڏيو، جيڪو تقريبن اڄ کان ڏھ ھزار سال اڳ ھن ڌرتي تي رونما ٿيو، جنھن انساني سماج ۾ ھيٺيون اھم تبديلون آنديون .
زرعي انقلاب سان انسانن ھڪڙي جڳھ تي مستقل تي رھائش لاءِ گھر ٺاھڻ شروع ڪيا ائين ڳوٺ ۽ شھر اڏجڻ شروع ٿيا جنھن سان انسان طرفان زاراعت ذريعي اُپايل شين جي تجارت ٿيڻ لڳي .
شھر اڏجڻ جي ڪري پورھئي جي ورھاست ٿيڻ لڳي شھرن ۾مزور، لوھار، واڍا، دڪاندار، سونار، ڪاريگر طبقو پيدا ٿيڻ لڳو .
زرعي انقلاب سان انسان جي جسماني ۽ جنياتي تبديليون اچڻ لڳيون ۽ انسان ۾ گھڻيون شين کي ھضم ڪرڻ جي طاقت وڌي وئي .
زرعي انقلاب سان ڪڻڪ جي پيداور ٿيڻ لڳي ۽ ان جا ذخيرا گڏ ٿيڻ جي حرس پيدا ٿي جنھن سان طبقاتي سماج جي شروعات ٿي جنھن وٽ گھڻي ڪڻڪ ھوندي ھئي اھو ٻين انسانن تي حاوي ھوندو ھو تنھن ڪري زمينن تي قبضا ڪري ذاتي ملڪيت وڌائڻ جي شروعات ٿي ائين طبقاتي سماج شروعات ٿي، انسان ۾ ٻئي تي حڪمراني ڪرڻ جو تصور پيدا ٿيو ۽ انساني تاريخ ۾ غلامي جي شروعات ٿي ۽ اصل محنت ڪندڙ ھاري جي محنت جو احتصال ٿيڻ لڳو ائين حڪمران ڪندڙ انسان وڌ ۾ وڌ دولت گڏ ڪرڻ ۽ شاھوڪار ٿيڻ لڳا تنھن ڪري ليکڪ جو خيال آھي زراعت ھڪ وڏو انقلاب تہ ھو پر ان انقلاب انسانن کي غلام بنائي ڇڏيو جنھن جو اظھار صفعي 22 تي ھن ريت ڪري ٿو ” چيو وڃي ٿو تہ زرعي انقلاب ( انسان سان ) تاريخ جو ھڪ وڏو ڌوڪو ھو . ان جو ڪير ذميوار ھو؟ نہ بادشاھ،نہ پادري،نہ واپاري،ان جا ڏوھاري ھئا چند ٻوٽا، ڪڻڪ،چانور ۽ پٽاٽا . ھنن ٻوٽن انسانن کي پنھنجو پالتو بڻائي ڇڏيو،نہ ڪي انسان انھن کي پالتو بڻايو ھو .
ليکڪ جي مطابق زرعي انقلاب ھڪ وڏو معاشي انقلاب ھو جنھن سان سماج ۾ نوان سماجي رشتا پيدا ٿيا ۽ ان سان گڏوگڏ ماڻھن جا نوان مذھبي عقيدا پيدا ٿيڻ لڳا جنھن مذھبي انقلاب جي راھ ھموار ڪئي . زرعي منزل تي ئي انسان جانورن کي پالڻ شروع ڪيو جنھن سان انسان اقتصادي فائدا ٿيڻ لڳا پر جانور انسان لاءِ وڏيون مصيبتون بنجڻ لڳا ڇوتہ جانورن مان ڪيتريون ئي بيماريون انسان ۾ منتقل ٿيڻ لڳيون جن ۾ ماتا، فلو، ٽي بي، مليريا، پليگ، ارڙي، ڪالرا ۽ بيڪٽريل بيماريون جيڪي پھرئين جانورن جون بيماريون ھيون پر اھي ارتقا ڪري انسانن ۾ شامل ٿي ويو آھن جنھن ڪري جڏھن اھي بيماريون ڪنھن ھڪ انسان کي لڳڻ کانپوءِ اھي پوري قبيلي ۾ وچڙي وينديون ھيون جنھن ڪري ھزارين انسانن جو موت واقع ٿيندو ھو اسرائيلي سائنسدان يووال نوح ھراري بہ پنھنجي ڪتاب ” انسان جي مسقبل جي تاريخ ۾ پڻ اھو ئي نقطو رکي ٿو تہ انسان جي تاريخ ۾ بيڪٽريل بيمارين سبب جيترا انسان اجل جو شڪار ٿيا آھن تنھن جي اڳيان مھاڀارين لڙاين ۾ قتل ٿيل انسان جو ڪوبہ مقابلو ناھي ھڪڙي جراثيمي بيماري جي لھر لکين ماڻھو ماري وجھندي ھئي، ھن ڪتاب ۾ بہ ليکڪ ان نقطي جي پٺڀرائي ڪري ٿو تہ ماضي ۾ اھي فوجون فاتح ھونديون ھيون جن وٽ ٻين ۾ ڦھلائڻ لاءِ جراثيمي ھٿيار ھوندا ھئا .

اعلي گُڻ: جيئڻ جو ڍنگ سيکاريندڙ ڪتاب

اعلي گُڻ: جيئڻ جو ڍنگ سيکاريندڙ ڪتاب
جديديت پُڄاڻان جو دور اڄ جي انسان لاءِ وڏي مونجهاري جو دور آهي ڇوتہ هن دور ۾ هر شيءَ جو تصور تبديل ٿي ويو آهي بلڪہ هٿ سان مصنوعي طور تي تبديل ڪري انسان کي ڪوڙا تصور ڏنا ويا آهن اڃ جي دور ۾ خوشي، پيار، چاهت، سچائي، ايمانداري، انصاف، پيار ۽ وفا، ديانتداري ۽ اهڙن ٻين انساني جذبن جي صحيح پرک ڪرڻ تمام ڏکيو ٿي پيو آهي تنهن ڪري اڄ دور ۾ انهن جذبن کي وري ٻيهر عقلي ۽ سائنسي طور تي سمجهڻ جي سخت جي ضرورت آهي .
فرينچ مفڪر آندري ڪونت جو ڪتاب “آعلٰي گُڻ “ پڻ انسان جي اِنهن جذبن ۽ گُڻن کي سمجهڻ جي هڪ ڀرپور ڪوشش آهي جنهن جو ترجمو سنڌ جي گهڻ پڙهئي ليکڪ، صحافي ۽ ترجمينگار جاويد راڄپر ڪيو آهي . هن ڪتاب جو بنيادي مقصد انسان جي ٽن بنيادي سوالن کي سمجهڻ جي ڪو شش آهي جيڪي هي آهن .
اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟
اسان کي ڇا هجڻ گهرجي؟
اسان کي ڪئين جيئڻ گهرجي؟
بقول ليکڪ جي تہ “انسان جي انهن بنيادي سوالن کي سمجھڻ لاءَ اسان کي اخلاقيات جي اهم پاسي “انساني گُڻن “ کي سمجهڻ جي ضرورت آهي .“ هاڻي سوال آهي ته گُڻ ڇا آهي؟ ليکڪ پنهنجي مهاڳ ۾ ان سوال تي لکي ٿو تہ ” اها هڪ قوت آهي جنهن جو ڪو اثر هجي يا ٿي سگهي ٿو . يا هڪ شيءَ يا وجود جو گُڻ اهو آهي جيڪو ان جي قدر ٺاهي ٿو، ٻين لفظن ۾ ان جي منفرد خوبي کي ٺاهي ٿو .“ يا وري مونٽين لکيو“ تہ ڪابه شيءَ ايڏي عمدي ۽ ايڏي واجبي ناهي جيڏو ماڻهوءَ جو سهڻي ۽ مناسب نموني هلڻ “ ائين ڪرڻ پنهنجو پاڻ گُڻ آهن .
هاڻي جڏهن پاڻ ڄاڻي ورتوسين تہ گُڻ هڪ خوبي آهي جنهن ذريعي اسان پنهنجي زندگي بهتر نموني گذاري سگهون ٿا ۽ ٻين سان سٺي هلت هلي سگهون ٿا . تڏهن سوال اهو پيدا ٿئي ٿو تہ اهي گُڻ فطرت طرفان انسان کي ملن ٿا يا پنهنجي پاڻ ۾ پيدا ڪري سگهجن ٿا؟ ان سوال تي جئين تہ ليکڪ ماديت پسند آهي تنهن ڪري هن جو جو خيال آهي تہ ”جيتوڻيڪ فطري گُڻ طور اهڙي ڪابہ شيءَ نہ آهي.“ پر اهُي گُڻ ڪوشش سان ۽ خواهش سان حاصل ڪري سگهجن ٿا . ۽ انهن کانسواءَ اسان اڻپورا آهيون بلڪہ اُهي گُڻن حاصل ڪرڻ سان ئي اسان مڪمل انسان ٿينداسين .
ان کانپوءِ پنهنجي مهاڳ ۾ گُڻن بابت بحث ڪرڻ کان پوءِ ليکڪ ارڙهن انساني گهڻن بابت بحث شروع ڪري ٿو جنهن جي شروعات ”فضيلت کان ۽ ختم پيار تي ڪري ٿو .
ليکڪ جو خيال آهي تہ سڀني گُڻن جو بنياد فضيلت آهي ۽ آئون پاڻ سمجهان ٿو تہ اڄ جي دور ۾ فضيلت کي سمجهڻ اهم آهي ڇوتہ ھن دور ۾ لفظن جي ردوبدل سان “ فضيلت “ تي تمام گهڻيو ڳالهايو ويندو آهي اڃ اسان کي موٽيويشن جي ڪتابن توڙي ٽي وي پروگرامن ۾ ان تي گهڻو بحث ملندو جنهن ۾ ماڻهو کي سيکاريو ويندو آهي تہ ماڻهن سان پنهنجو رويو ڪئين رکجي ماڻهن کي ڪئين متاثر ڪجي، ماڻهن کي ڪئين پنهنجو ڪجي، پنهنجو رويو ۽ سوچ مثبت ڪئين رکجي، مطلب تہ اُهي ڪتاب ۽ ٽي وي شو ماڻهو کي پوري طرح منافق ٿيڻ سيکاريندا آهن ۽ انهن جو خيال هوندو آهي ته مثبت رويي سان انسان دنيا ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿو سُکن ڀري زندگي گذاري سگهي ٿو پر اندري ڪونت فضيلت جي ان انداز کي رد ٿو ڪري ۽ ان تي پنهنجا منفرد خيال پيش ڪري ٿو جئين هڪ هنڌ چئي ٿو تہ ” نازي ۽ هٽلر جا پيروڪارڪيڏا بہ فضيلت وارا ٿي وڃن تڏهن بہ انهن جي وحشتن بابت منفي راءِ ۾ ڪوبہ بدلاءُ نہ ايندو .” ان جو وڌيڪ اظهار صفعي چار تي هن ريت ڪري ٿو ”نازين لاءِ چيو وڃي ٿو تہ انهن مان ڪجھ اُن ڪم ۾ مهارت حاصل ڪري ورتي ( مطلب ته فضيلت سان ماڻهن جو ڪوس ڪرڻ ۾ مهارت .) اُها بربريت جيڪا ڪڏهن فضيلت ( واري ڏيک ) جي ڪري شايد وڌيڪ ملامت جوڳي، انجي انساني صورتن جي ڪري وڌيڪ غير انساني ۽ مذهب پڻي جي ڍونگن جي ڪري وڌيڪ بربريت واري هئي .“
تنهن ڪري ليکڪ اسان کي خبر دار ڪري ٿو تہ سڀ کان اول فضيلت هٿان بي وقوف نہ ٿجي . ڪوڙي ۽ منافقي واري فضيلت تي بحث ڪري ليکڪ وري ان نقطي تي اچي ٿو تہ آخر سڀني گُڻن کان پهرئين فضيلت گُڻ ڇو؟ ان سوال تي ليکڪ جو خيال آهي ته فضيلت ئي اُهو گُڻ آهي جيڪو هڪ فرد جي اخلاقي واڌاري ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿو جنهن لاءِ ليکڪ هڪ ٻار کي سامهون رکي بحث ڪري ٿو تہ هڪ ٻار وٽ ڪي بہ اخلاقي معيار نه هوندا آهن ۽ انهن کي جڏهن اسان بُرن ڪمن کان روڪيون ٿا ته انهن کي اُها پابندي لڳندي آهي ڇوتہ سماج ۾ اُن ٻار جا مِٽ مائٽ، پاڙيوارا ۽ ٻيا فرد اُهي ساڳيا ڪم ڪري رهيا هوندا آهن ۽ ٻار انهن جو نقل ڪندو آهي تنهن ڪري ٻارن کي سُٺا گُڻ سيکارڻ لاءِ اسان وڏن کي ڏيکاءُ نہ پر عملي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ان جي لاءِ صفعي اٺ تي ليکڪ ڪانٽ جو حوالو ڏي ٿو تہ ” جيڪو ڪم ٻار پاڻ نٿو ڪري سگهي ڇاڪاڻ تہ هن وٽ ان لاءِ ڪابه جبلت نہ هوندي آهي ( اهي ڪم ) ٻين کي، هن لاءِ ڪرڻا پون ٿا ۽ ائين ئي ” هڪڙو نسل ٻئي نسل کي سکيا ڏئي ٿو .“
تنهن ڪري ليکڪ جو پڻ اھو خيال آهي تہ ايندڙ نسلن کي سُٺا گُڻ سيکارڻ لاءِ اسان کي پاڻ کي سُٺا گُڻ سکڻا ۽ انهن تي فرض سمجهي عمل ڪرڻو پوندو ۽ ائين اسان هڪ بهتر ماڻهو ليکيا وينداسين ۽ جڏهن اسان اُهي فرض سمجهي عمل ڪريون ٿا تہ اُهي گُڻ اسان جي طبيعت مزاج ۽ لاڙي جو حصو ٿي وڃن ٿا تہ اسان جي زندگي بهتر ۽ با مقصد گذري ٿي،
بامقصد ۽ بهتر زندگي جي ڪوشش ڪرڻ ڏانهن فضيلت گُڻ ئي مائل ڪري ٿو تنهن ڪري سڀ کان پهرئين اسان کي پنهنجن ايندڙ نسلن کي ايماندارنہ فضيلت سيکارڻ گهرجي جيڪا هڪ اهڙي ننڍڙي شيءَ آهي جيڪا وڏين شين لاءِ رستو ٺا هي ٿي .“
پيار جنهن تي مختلف، مفڪرن ۽ نفسياتدانن تمام گهڻو لکيو آهي جنهن ۾ نفسيات جي ابي سگمنڊ فرائڍ جو خيال آهي ته پيار اصل جنس جي پيداوار آهن جڏهن هڪ مرد کي ڪا خوبصورت عورت وڻي ٿي جڏهن اهو انسان اُنهي عورت کي حاصل ڪرڻ چاهيندو آهي يا ان سان جنسي عمل ڪرڻ جي خواهش ڪندو آهي ته هُو ان خواهش کي پيار جي ذريعي تڪميل تي پهچائندو آهي بلڪل عورت بہ ائين ئي ڪندي آهي ۽ ان جذبي کي اُهي پيار جو نالو ڏيندا آهن، پر آندري ڪونت جو پيار جي حوالي سان هڪ جدا نقطہ نظر آهي ليکڪ 312 صفعي تي پيار تي ڳالهائندي لکي ٿو تہ ” پيار جون پاڙون ٿي سگهي جنسيت ۾ ھجن جئين فرائيڍ سوچيو ۽ جئين مان مڪمل طور مڃان ٿو پر ان کي جنسيت تائين سوڙهو نٿو ڪري سگهجي . ڪنهن به ريت اهو اسان جي ننڊين ۽ وڏين شهوت پسند راحتن کان مٿانهان وڃي ٿو، جيڪڏهن اسان پنهنجي پاڻ سان پيار نہ ڪريون ها ته اسان ڪئين ايڏا خود غرض يا پاڻ پسند ٿي سگهياسين پئي ! اسان ڪم ڇو ڪنداسين جيڪڏهن ڏوڪڙن، آرام يا پنهنجي ڪم سان پيار نہ ڪندا هجون، اسان فلسفو ڇو پڙهون جيڪڏهن اسان ڏاهپ سان پيار نہ ڪندا هجون؟ ۽ جيڪڏهن مان فلسفي سان پيار نٿو ڪريان تہ هي سڀ ڪتاب ڇو؟ . “
مطلب ته ليکڪ پيار جي هڪ وسيع معني ٻڌائي آهي اهو پيار ئي آهي جيڪو دنيا ۾ غير معمولي ڪم ڪرائي ٿو اهو پيار آهي جيڪو حسين تخليقون تخليق ٿو ڪرائي اهو پيار ئي هو جنهن ڪري سُقراط سچ ۽ ڏاهپ جي ڪري ذهر جو پيالو پيتو ۽ اهو پيار ئي هو جنهن مارڪس کي ڏکن ۽ تڪليفن ۾ هيڏو غير معمولي پورهيو ڪرايو. ليکڪ بہ هن ڪتاب ۾ سڀ وڌيڪ ۽ ڳوڙهو بحث پيار تي ئي ڪيو ويو آهي ۽ ليکڪ جو خيال آهي تہ پيار سڀني گُڻن جي ابتدا ۽ انتها آهي . ائين هن ڪتاب ۾ اسان کي انساني گڻن فضيلت، وفا، دانائي، ديانتداري، انصاف ۽ ٻين موضوٿن تي وڏو بحث ملي ٿو جيڪو اسان کي انهن تي سوچڻ، انهن کي سمجهڻ ۽ پوءِ پنهنجي پاڻ ۾ کوٽن، ڪمزورين ۽ خاصيحتن جي سُڌ ڏي ٿو تہ جئين اسان پنهنجي پاڻ ۽ پنهنجي زندگي کي تبديل ڪريون . هي ڪتاب يقينن جاويد راڄپر جو هڪ غير معمولي پورهيو آهي جيڪو اسان کي تبديل ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندو تنهن ڪري سنڌ جي هر ماڻهو کي هي ڪتاب بار بار پڙهڻ ۽ ان سمجهڻ گهرجي .

سُپر مين نظريئي جي خالق “ نٽشي“ تي ڪتاب

سُپر مين نظريئي جي خالق “ نٽشي“ تي ڪتاب

علم جي دنيا حسين آهي،هن دنيا ۾ اسان کي حسين.خيال، اعلي سوچون، ذهن کي ڌوڏيندڙ نظريا ملن ٿا، علم جيڪو اسان جي ذهن،اسان جي سوچن کي وسيع ڪري ٿو، اسان جي خيالن، اسان جي روين ۽ زندگي گذراڻ جي ڍنگ تي اثرانداز ٿي اسان کي تبديل ڪري ٿو، اهڙي طرح فلسفي جو علم اسان جي سوچڻ جي صلاحيت،وڌائي ٿو، شين،ڳالهين ۽ ڪائنات ۾ ٿيندڙ لقائن کي سمجهڻ جي سمجھ ڏي ٿو،فلسفو هن ڪائنات جي وسعت، هن جي لقائن، هن جي گوناگونيت، ماڻهو جي روين تي بعث ڪري انهن کي سمجھڻ ۾ مدد ڪري ٿو، (جديد فلسفو، ماڻهو جي خيال،لکڻين، ان جي ٻولي.جي چير ڦاڙ ڪري ان جي خيالن کي سمجهڻ جي ڪوشش ٿو ڪري ) ۽ اسان ان حوالي سان خوشمت آهيون ته اسان وٽ سنڌي ۾ فلسفي جي موضوع تي تي ڪي ڪجه سٺا ڪتاب لکيا ۽ ترجما ڪيا ويا،سنڌي ۾ اسان کي جدليات جي موضوع تي سائين ابراهيم جويي، ڊاڪٽر سڪندر مغل،سائين رشيد ڀٽي، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو، ۽ حسين بادشاه جا ترجما ڪيل ۽ لکيل بهترين ڪتاب ملندا، تہ وري فلسفي جي تاريخ تي ممتاز بخاري جو ترجمو ڪيل ڪتاب صوفي جي دنيا، راشد دائودپوٽي جو ترجموڪيل فلسفي جي ڪهاڻي ۽يوناني فلسفي جو تعارف ۽ انعام شيخ جو ترجمو ڪيل ڪتاب سوچ جو سفر جهڙا بهترين ڪتاب ملندا، يا وري ڊاڪٽر گل ۽ شاهنواز سومري جا افلاطون جا ڊائلاگ، دوستي، ڏاهيون ڏک ڏسن، موڪلاڻي ۽ سوچي ٿو سقراط جهڙا ڪتاب ملن ٿا جن جي ذريعي اسان، فلسفي جي تاريخ ۽ جدليات جهڙن اهم موضوعن ۽ سقراط ۽ افلاطون جي خيالن کان واقف ٿياسين پر اڃا بہ فلسفي جي موضوع تي سنڌي ۾ الاهي سارو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي .۽ ان تي ڪم هلي بہ پيو سنڌي ۾فلسفي جي موضوع تي ڪتاب ترجما ٿين پيا ۽ لکجن پيا، تازو نٽشي جي زندگي ۽ فلسفي تي بخشل ٿلهو جو ترجمو ٿيل ڪتاب آيو آهي جيڪو نٽشي جي زندگي ۽ فلسفي جو مختصر ۽ تصويري تعارف آهي جنهن ۾ بخشل ٿلهو جا ٻہ اکر جو عنوان انتهائي متاٽر ڪندڙ ۽ اتساه ڏيندڙ آهي .”مان ماڻهو نہ بم آهيان “ هي لفظ نٽشي جا آهن، نٽشي جنهن جي خيالن فلسفي جي دنيا . خيالن جي دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو . تنهن جي باري ۾ هن ڪتاب جي ليکڪ “لارنس گين “ جو خيال آهي تہ اوڻويهين صدي ٽي عظيم مفڪر مارڪس، سگمنڊ فرائيڊ ۽ فريڊرڪ نٽشي پيدا ڪيا، ۽ ليکڪ جو خيال آهي تہ ڪي ماڻهو وقت کان اڳ پيدا ٿين ٿا نٽشي انهن مان هڪ آهي جنهن جا خيال نہ ان دور ۾ قابل قبول ھئا نہ ئي هن دور ۾ قابل قبول آهن، هن ڪتاب مطابق تہ نٽشي سڀ کان پهرئين جرمن فلسفي شوپنهار جي ڪتاب کان متاثر ٿيو ۽ سدائين ان جو اثر رهيس، ۽ ان کان پوء نٽشي سنگيتڪار رچرڊ واگنر کان متاثر ٿيو پر پوء اڳيان هلي ان جي خيالن کي رد ڪيائين. ۽ اڳتي هلي عظيم فلسفي ڪانٽ جي خيالن کان وقف ٿيو ۽ ان جي خيالن تي تنقيد ڪيائين بحرحال ائين ليکڪ نٽشي جا تعليم، تاريخ،رياضي،عورت خدا،سائنس، ڄاڻ، ارتقا، ڊارون، سياست اخلاقيات، رياست، جهموريت جهڙن ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي خيال پيش ڪري ٿو، انهن تي ٽپڪا ٽپڻي ۽ تنقيد ڪري ٿو جنهن ۾ اسان کي اندازو ٿئي ٿو تہ نٽشي انهن موضوعن تي ڪهڙا خيال رکندو هو ۽ اهي خيال ٽوٽڪن ۾ آهن جيڪي پڙهڻ ۽ سمجھڻ ۾ آسان لڳن ٿا ۽ سڀ کان اهم موضوع فوق الانسان تي بحٽ آھي جنهن جي ڪري نٽشي سڃاتو وڃي ٿو، ۽ ليکڪ جو خيال آهي تہ نٽشي جي فوق الانسان کي بگاڙي پيش ڪيو ويو آهي، فوق الانسان جي باري ۾َ نٽشي جو خيال هو تہ “ ماڻهو کان مٿيرو ٿيڻ مان مراد درحقيقت پاڻ کان مٿيرو ٿيڻ آهي. پنهنجي خواھش تي قابو ۽ پنهنجي قوت جون تخليقي استعمال آهي “اڳتي ليکڪ نٽشي جي خيالن جو ڇيد ڪندي لکي ٿو تہ “سڀ کان ڏکي فتح پاڻ کي فتح ڪرڻ آهي، جيڪو پاڻ تي حڪم نٿو هلائي سگهي تنهن تي ٻيا حڪم هلائيندا “ . ائين هن ڪتاب ۾ نٽشي جا خيال مختلف تمام مختصر ٽڪرن ۾ ڏنل آهن تنهن ڪري اچوته هن ڪتاب ۾ ڏنل خيالن مان ڪجه خيالن جو جائزو وٺون اگناوادي فلسفي ڪانٽ جو خيال هو تہ اسان هن دنيا بابت پوري طرح ڃاڻي نٿا سگهون تنهن ڪري اسان کي هن دنيا جي لقائن تي هروڀرو مٿاڪٽ ڪرڻ جي ضرورت ئي ناهي پر نٽشي ڪانٽ جي خيالن سان اختلاف رکندي چيو تہ ” اسان کي اهو پُڇڻ نہ گهرجي ته اسان ڇا ڄاڻي سگهون ٿا پر اسان لاء ڇا ڄاڻڻ بهتر آهي “ تي سوچ ويچار ڪرڻ گهرجي، يونان کان ويندي دنيا جي هر فلسفي لاء هن ڪائنات کي ڄاڻڻ تمام اهم موضوع رهيو آهي ان تي مختلف فلسفين مختلف خيال پيش ڪيا آهن نٽشي به هن دنيا جي باري ۾ پنهنجا خيال پيش ڪندي چيو تہ ” جنهن شيء کي اسان دنيا سڏيون ٿا سا تصوراتي، خيالن ۽ غلطين جي ميڙ جو نتيجو آهي جيڪي هن عضوياتي فطرت جي ڪُلي ارتقا جي عمل ۾ آهستگي سان اُسريون ۽ هڪٻئي سان رلي ملي ويون آهن ۽ ڪُل ماضي جي جمع پونجي جئين اسان کي ورثي ۾ مليون آهن “ تاريخ جي حوالي سان ه. ڏاهي پنهنجا خيال پيش ڪيا آهن نٽشي جو بہ خيال تہ عظيم تواريخ کان ٿورو هٽي انهن ننڊن واقعن ڏانهن بہ ڏسون جيڪي اسان جي زندگي ء کي متاثر ڪندا آهن ان حوالي سان نٽشي چئي ٿو تہ هر ان شيء جي تواريخ ڪونهي جنهن اسان جي وجود ۾ رنگ ڀريا آهن پيار، لوڀ، ساڙ، ايمان، پارسائي، ظلم جي تواريخ ڪٿي.آهي؟ ايتريقدر جو سزا يا انصاف جي تقابلي تواريخ بہ گُم آهي “ ائين هن ڪتاب ۾ نثشي جا خيال ٽوٽڪن ۽ مختصر جملن ۽ تصويرن جي ذريعي سمجهايا ويا آهن ۽ جيڪي منهنجي خيال ۾ سمجهڻ ۾ تمام آسان آهن، سنڌي ۾ هي اهڙو پهريون ڪتاب آهي جنهن ۾ تصويرن جي ذريعي فلسفي ۽ نٽشي جهڙي موضوع تي سمجهايو ويو هجي تنهن تي بخشل ٿلهو کي تمام گهڻو ساراهڻ گهرجي

عالمگيريت ۽ انسان

عالمگيريت ۽ انسان

هي دور جنهن کي عالمگيريت جو دور چيو وڃي ٿو، جيڪو پاڻ سان نوان خيال، نيون، سوچون ۽ نوان انداز ۽ رويا کڻي آيو آهي، جنهن کي سمجهڻ ۽ پرکڻ اڄ جي دورجي عام انسان لاء و وڏو چيليج ٿي پيو آهي ڇوتہ هن دور تي دنيا جا مختلف ماڻهو مختلف رايا رکن ٿا .هڪڙا هن دور جي هيڏي ترقي کي هڪ وڏو انساني ڇال سمجهن ٿا ۽ پر ٻيا سامراجي پاران هٿرادو پيدا ڪيا هڪ مها ڄار سمجهن ٿا، جنهن جو مقصد انسان کي ذهني غلام رکڻ آهي هڪڙا سڄو ڏينهن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي حيران ڪندڙ ڪارنامن جو ذڪر ڪندا رهن ٿا تہ ٻيا ان ٽيڪنالاجي کي انسان جي روين، خيالن ۽ سوچن تي اثر انداز ٿي انسان جو هن سماج ۽فطرت کان ڪٽجي ويڳاڻو ٿيڻ جو ڪارڻ سمجهن ٿا . تنهن ڪري هي دور تمام پيچيدا آهي ۽ ان کي سمجھڻ اسان لاء تمام ضروري آهي ۽ان حوالي سان ڍاڪٽر غفور ميمڻ جو ”عالمگيريت ۽ انسان “ ڪتاب بہ هن دور کي سمجهڻ جي هڪڙي ننڊڙي ڪوشش آهي، جيڪو ٽوٽل ڇهن بابن تي مشتمل آهي هن جو پهريون باب عالمگيريت لکيل مضمونن تي مشتمل آهي جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب هن دور کي نظامن جي تاريخي پس منظر ۾ سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي
جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب جو خيال آھي تہ سوشلسٽ نظام جي ڪمزور ٿيڻ جي ڪري سرمائدراڻا نظام پوري دنيا ٿي حاوي ٿي ويو ۽ ان انسان کي غلام رکڻ لاء ٽيڪنالاجي جو ڀرپور استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏنو غفور ميمڻ ان صورتحال کي بيان ڪندي صفعي 27 تي لکن ٿا تہ ”دنيا ۾ 1930 ع کان ٽي اهم نظام ٽڪراء ۾ اچي رهيا هئا هڪ فاشزم، ٻيو لبرلزم ( جهموريت ۽ سرمائيداري ) ٽيون ڪميونزم . 1945 ۾ فاشزم کي شڪست اچي وئي، دنيا ٻن ڪئمپن ۾ ورهائجي وئي عالمي جنگ جي نتيجي ۾ اڌ دنيا سوشلسٽ ڪئمپ ۾ شامل ٿي ويئي .سرمائيدار کي اهو احساس ٿيو تہ جنگ سندس فائدي ۾ ناهي، جي ٽئين عالمي جنگ لڳي تہ سڄي دنيا ڪميونسٽ ڪئمپ ۾ تبديل ٿي ويندي، انهي ڪري هنن سرد جنگ جي شروعات ڪئي ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي پنهنجي مفاد لاء استعمال ڪيو،1980ع کان ڪمپيوٽر جي ايجاد، انٽرنيٽ ۽ موبائل جي ايجاد سان سويت يونين جي مقابلي جو نئون دور شروع ٿيو آخرڪار سرمائيدار ي مقابلي ۾ سوشلسٽ دنيا پوئتي رهجي وئي، 1995 ع کان پوء دنيا ۾ صرف عالمي سرمائيداري جو نظام وڃي رهيو آهي .“ .
ان سرمائدار دنيا جيڪا سويت يونين ٽٽڻ جي ڪري تمام مضبوط ٿي اڀرڻ لڳي ۽ سامراج پنهنجي تجربن مان سکڻ کان پوء اهو نتيجو ڪڊيو تہ عام بکين ۽ پٺ تي پيل ملڪن جي ماڻهن کي ڏنڊي جي زور تي غلام نٿو رکي سگهجي ۽نہ ئي ان جو احتصال ڪري سگهجي ٿو تنهن ڪري سامراج ۽ سرمائدار دنيا ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪيو ۽ اُن ميڊيا کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ لڳو، جنهن جو اظهار ڊاڪٽر غفور اجهو هئين ڪيو آهي “ گلوبل دنيا جي سامراج پنهنجي شڪل وڌيڪ طاقتور بنائي ڇڏي اڳ صرف سرمائيدار پنهنجيون ٽجوڙيون ڀريندو مزدوي جو استحصال ڪندو هو پر عالمي سامراج هر ماڻهو جيڪو ڀلي گهر ويٺو هجي ان جو بہ احتصال ڪري ٿو ڇوتہ هن جون شڪليون وڌي چڪيون آهن، هاڻي ميڊيا سامراجي نظام جي اعلي شڪل آهي، ان کانپوء عالمي ادارا، سامراج جي شڪل آء ايم ايف، ورلڊ بئنڪ، اسٽاڪ ايڪسچينج آهي جنهن جي ذريعي غريب ملڪن ۾ مداخلت ڪري انهن کي غلام ٺاهيو وڃي ٿو، اتان جا حڪمرانن کي لٽڻ ڦرڻ جي آزادي ڏيئي انهن کي بيلئنر ٿيڻ جو چانس ڏنو وڃي ٿو .“
ان کانپوء ڊاڪٽر صاحب هن ڪتاب ۾ مختلف مفڪرن جي نظرين جي پس منظر ۾ جديديت پڄاڻان کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو جنهن ۾ ڪارل مارڪس جو خيال هو تہ هر شيء جي تاريخ هوندي آهي ۽ ان جو واسطو زمان ۽ مڪان سان هوندو آهي پر جديديت پڄاڻان دور مارڪيٽ کي پنهنجي وس ۾ ڪري ڇڏيو آهي هاڻي روز نئون زمان مڪان آهي جنهن کي اها “ تاريخ جو خاتمو “ جو نالو ڏئي ٿي .
هن دور جي حوالي سان ڊاڪٽر صاحب جو خيال آهي تہ اڄ جي دور جي سڀ کان وڏي ٺڳي اليڪٽرانڪ ٺڳي آهي جنهن ۾ ماڻهو کي ٽي وي ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي ٺڳيو وڃي ٿو ۽ ماڻهو بي وقوف بنايو وڃي ٿو، ۽ اهو اليڪٽرانڪ ڪاڪ مهل آهي جنهن ۾ ماڻهو هڪ دفعو گم ٿيو تہ ڪٿان بہ نہ لڀندو .
ائين هن ڪتاب جي پهرئين حصي ۾ عالمگيريت ۽ ان جي ڪمرشلائيزيشن تي بحث ڪيو ويو جنهن جو مختصر جائزو ورتو ويو آهي.
ان کان پوء ٻئي حصي ۾ ھن دور جو انسان ۽ ان جي ذات تي ٿيندڙ اثر جو جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي جنهن جو پاڻ هڪ ٻن نقطن جائزو وٺنداسين .
جديت پڄاڻان جي هي دور جنهن۾ لاقانونيت آهي، انارڪي ۽ انساني جي ويڳاڻپ آهي، انسان مارڪيٽ جو غلام آهي، نفسياتي طور تي خواهشن جو غلام آهي تہ اتي انسان جو مستقبل ڪهڙو هوندو؟ ڇا انسان ارتقائي ڏاڪا تھ ڪري ان حالت نڪري ويندو يا اڃا بہ وڌيڪ بدتر حالت ۾ ويندو هليو؟ ان سوال تي ڊاڪٽر صاحب صفعي 123 تي لکي ٿو تہ ” سوال اھو آهي تہ ڇا انسان هڪ ٻئي نسل ۾ منتقل ٿي ويندو؟
جئين ڊارون چيو تہ انسان بندر نما نسل مان ارتقا ڪري موجودا دور ۾ پهتو آهي بلڪل ائين روحاني ارتقا سندس انسان هئڻ جو نشان هو پراڃ مادي سهولتون جڏهن جسماني محنت ختم ڪري ڇڏينديون، انسان فطرت کان مڪمل ڪٽجي ويندو ماحولياتي گدلاڻ وڌي ويندي ٽيڪنالاجي جي ٻوڏ انسان کي صرف مارڪيٽ جو وکر بنائي ڇڏيندي رشتا ناتا ختم ٿي ويندا ته ڇا سماج بہ ختم ٿي ويندو، انسان جي زندگي جسماني طور بہ ڪو نئون رخ وٺندي؟ اهو اهم سوال تہ مستقبل ۾ هٿرادو ذهانت سبب انسان جي فطرتي ذهانت ختم ڪري ڇڏيندي؟
سماجي ڊانچي جي نوعيت اها نہ رهندي سڀ ڪجه آئنلائن هوندو اڻ ڇهندڙ ملڪيت جنم وٺندي تہ ممڪن آهي ارتقائي طور انسان ڪنهن ٻئي رخ ۾ ارتقا ڪري ڪجھ ٻيو بنجي وڃي پر گهٽ ۾ گهٽ انسان نہ رهندو ممڪن آهي تہ سماج ختم ٿي وڃي هڪ نئون نسل جنم وٺي جيڪو ڪائنات جو خطرناڪ ترين وحشي جيو هجي . ائين هن ڪتاب ۾ پاڪستان ۽ سنڌ جي حالتن کي عالمگيريت جي پس منظر سمجڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي . جيڪو اسان کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ۽ اسان ۾ هن سماج ۽ جديديت پڄاڻان دور کي سمجهڻ جي هورا کور پيدا ٿئي ٿي جيڪا يقنين هن ڪتاب ۽ ليکڪ جي ڪاميابي آهي .






سنڌي سماج نفسياتي اصطلاعن جي آئيني ۾

سنڌي سماج نفسياتي اصطلاعن جي آئيني ۾

انسان سدائين شين کي حيرت سان ڏسندو انهن جي باري ۾ پنهنجا پور پچائيندو ڌڪا هڻندو ۽ پنهنجا خيال پيش ڪندو رهيو آهي انسان جي سدائين اها جستجو رهي آهي تہ ھُو ڪائنات جي هر لقاء ۽ هر شي کي سمجهي تنهن ڪري اڄ انسان ڪائنات جي سوين رازن تان پردا کڻي چڪو آھي .انسان پنهنجي عقل ۽ تجربي،جستجو ۽ علم ذريعي هڪ.طرف ستارن کي ويندي زمين جي اندر لڪل شين ۽ انسان جي اندر ننڍي کان ننڍي ذري کي تائين وڃي پهتو آهي تہ ٻئي طرف انسان پنهنجي پاڻ کي ڦلورڻ شروع ڪيو آھي هاڻي هُو پنهنجي دماغ جي سوچن،خيالن ۽ جذبن ۽ روين کي سمجڻ لڳو آهي ۽ هن نفسيات جو علم تخليق ڪري انساني دماغ کي سمجهڻ لڳو آهي هاڻي انسان اهو وٽ اهو سمجهڻ ڪا مشڪل ڳاله ناهي تہ ڪاوڙ ڇوٿي اچي، ماڻهو وحشي ڇو ٿو ٿئي؟.خوشي ۽ ڏک ڇا آهي؟ ماڻهو کي ڍپ خوف، ڇوٿو ٿئي؟بهادري۽ بزدلي ڇا آهي؟ ماڻهو کي خواب ڇو ٿا اچن؟ انساني دماغ ڪئين ٿو آپريٽ ڪري، ماڻهو کي ڪئين منهجائي ٿو ماڻهو جا رويا،سوچون ۽ خيال ڪئين ٿا جڙن .
.اڃ انسان انهن سڀني ڳالهين کي سمجهي ٿو ۽ نفسيات جي علم جي ذريعي پنهنجو حل ڏئي ٿو ۽ ان نفسيات جي علم تي سوين هزارين ڪتاب لکيا ويا آھن نفسياتندانن پاران پنهنجا نظريا پيش ڪيا وڃن پيا پر اسان وٽ سنڌ ۾ اهڙن موضوعن تي نالي ماتر بہ ڪم نٿو ٿئي پنج ڪتاب بہ اهڙا نہ هوندا جيڪي هن موضوع تي لکيل هجن ائين سائنس تي ڍاڪٽر سڪندر مغل جي لکيل ڪتاب کانسواء ٻيا ڪتاب مون کي سجهن ئي نٿا يا وري جدليات کي ڇڏي ڪري فلسفي تي گهڻا ڪتاب لکيل هوندا ٻہ يا ٽي بس . تنهن ڪري آئون سمجهان ٿو اسان جي ذهني تربيت لاء فلسفو،سائنس ۽ نفسيات جي علم تي وڌ ۾ ڪتاب هجڻ ضروري آهي .بحرحال تازو ڍاڪٽر عبدالغفور ميمڻ جو ڪتاب سنڌي“ سماج نفساتي اصطلاعن جي آئيني ۾“ چپيو آھي جيڪو تمام اھم آهي جنهن ۾ نفساتي اصطلاعن شعور .لاشعور،تعت الشعور،اڍ،ايگو سپر ايگو،مونجهارو، لبيڍو،احساس ڪمتري،احساس بررتري، ڪاوڙ .ڇڙ،حسد،ساڙ، محبت رومانس جهڙن موضوعن تي سولي سنڌي ۾ لکيو آهي انکانسوء انساني وجود،وجودي فڪر جو مطالعو ڪري فرائيڍ،سارتر ۽ مارڪس جي خيالن جي پس منظر ۾ پنهنجا خيال پيش ڪيا آهن ڊاڪٽر غفور صفعي 8 تي لکي ٿو.تہ علم نفسيات انساني سڀاء وهنوار،عادت ۽ رويي جو علم آهي جنهن سماج ۾ اسان رهون ٿا اهو.80 سيڪڙو ايبنارمل سماج آهي ڇو تہ نارمل سماج لاء ڪجھ اصول، پابنديون،قانون ۽ قدر هوندا آهن، ڇڙواڳ سماج،هجي گهر هجي يافرد هجي اهو هرگز نارمل نٿو ٿي سگهي . وڌيڪ لکي ٿوتہ علم.نفسيات ذهن جو علم آهي پر جسم کان ڪٽيل الڳ ٿلڳ ناهي جسم سان جڙيل آهي، بحرحال هي ڪتاب نفسات جي مختلف اصطلاحن ۽ نظرين جو مختصر جائزو پيش ڪري ٿو جن کي سمجھڻ لاء ڪتاب پڙهڻ جي ضرورت پوندي پر پاڻ هن ڪتاب ڪجه اهم موضوعن جو هتي مختصر جائزو وٺون ٿا
نفسيات ۾ فرد جي شخصيت جي حوالي سان ٽي نظريا تمام اهم آهن هڪڙو فرائيڊ جو جنس جو نظريو جنهن ۾ سگمنڊ فرائيڊ جو خيال آهي تہ انسان جي هر عمل جو مرڪز جنس آهي انسان جيڪو بہ عمل ڪري ٿو ان جو پويان ان جي جنسي تسڪين هوندي آهي، ان کانپوء فرائيڊ جي شاگر ايڊلر جو نظريو آهي جنهن جو خيال هو تہ انسان جي هر عمل جو مرڪز طاقت حاصل ڪرڻ آهي انسان پنهنجي پاڻ کي اڌورو محسوس.ڪري ٿو تنهن ڪري هن جي خواھش هوندي آهي تہ هو ٻئي تي حڪمراني ڪري ۽ هوُ سڄي عمر طاقت حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ هوندو آهي، ان کانپوء ڪارل جنگ جو اجتمائي شعور جو نظريو آهي جنهن مطابق هڪ فرد پاڻ سان گڏ پنهنجي قوم يا گروه، طرفان ورثي ۾ مليل سو چون ۽ خيال کڻي هلندو آهي، تنهن ڪري ان فرد جي نفسيات اهو اجتمائي شعور ئي تھ ڪندو آهي . هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر غفور انهن ٽنهي نظرين مان سگمنڍ فرائيڍ ۽ ايڍلر جي نقطہ نظر تي بهتر ين لکيو آهي پر جنگ جي نظريئي کي نظرانداز ڪيو آهي آئون سمجهان ٿو جُنگ جي نظريئي جي پس منظر ۾ سنڌي سماج جو مطالعو ڪرڻ گهرجي ها .
وجودي فلسفو جيڪو هيگل جي فلاسافي جي مخالفت ۾ پيدا ٿيو جنهن جو خيال آهي ته فرد آزاد آهي، فرد اڪيلو وجود آهي، اڌورو آهي ان حوالي سان ڍاڪٽر صاحب وجودي فلسفي سارتر جو حوالو ڏيندي صفعي 120 تي لکي ٿو تہ انساني فطرت جهڙي ڪابہ شي ناهي هو چونڍ جي عمل ۾ آزاد آهي پر هن دنيا جي دائري مان ڪڏهن بہ ٻاهر ٻاهر ڀڄي نٿو سگهي سند س آزادي کي متاثر ڪرڻ وارو صرف ٻئي جو وجود آهي . ڍاڪٽر صاحب جو خيال آهي تہ هر انسان ۾ وجودي وارداتون خوف،بوريت .دهشت،مايوسي، ڪراهت،بيڪاريت، موت خوف پيدا ٿين ٿيون ۽ اهي پيدا ٿيڻ کانپوء فرد وري زندگي ڏانهن موٽي ايندو آهي ۽ انهن کي دور ڪرڻ لاء ڪا تخليق ڪندو آهي، اڳتي 159 ۽ 160 صفعي تي لکي ٿو تہ پاڪستان ۾ وجوديت جي حوالي هڪ تصور آهي تہ اهو نفسياتي مونجهارن مان پيدا ٿئي ٿو جنهن ۾ لاچارگي مايوسي بيوسي کان سواء ٻيو ڪجه بہ ناهي حقيقت ائين ڪونهي هن فلسفي ۾ وجود جي بنيادي ماهيت ۽ جوهر مطلق هڪ اهم بحث آهي وجوديت صرف جان پال سارتر ۽ ڪرڪيگارڍ تائين معدود ناهي وجوديت جو بنيادي بحث اسان کي ويدن ۾ ملي ٿو عيسائيت، ٻڌمت ۾ اسلام ۾ اسان کي وجوديت جو بحث ملي ٿو .
ان کانسواء هن ڪتاب ۾ فرائيڍ،سارتر ۽ مارڪس جي جدلياتي فلسفي ۾ هڪجڙائي جو پڻ ڇيد ڪيو ويو آهي .

ڀاڱو ٻيو: آٽو بايو گرافيز، سوانح عمريون

---

رسول بخش پليجو

رسول بخش پليجو
(جڏھن ٿڪجي پئو ڪتاب پڙھو،جسم چور ھجي، بيزار ھجو تہ پڙھو،سماج ۾ اڪيلا رھجي وڃو تہ ڪوبہ گڏ نہ ھجي،مرڻ جي ھڪ سيڪنڊ اڳ بہ پڙھو، ان سان توھان جو روح تازہ ٿيندو ، جوان مرد ٿيندئو، مقابلي جي سگھ وڌي ويندي توھان ھڪڙا ٻيا ماڻھو ٿي پوندو -رسول بخش پليجو )

ھڪ جينئس جي ڪٿا

ھڪ جينئس جي ڪٿا
منهنجي پسند جي مضمونن ۾ فلسفو ادب .سياست سان گڏوگڏ ماڻھن جون زندگيون بہ آھن منهنجي سدائين ڪوشش رهي آھي تہ دنيا جي عظيم شخصيتن جون آتم ڪهاڻيون ۽ ان تي لکيل ڪتاب پڙهان ۽ اهو ئي سبب آھي ته منهجي پسند جي ڪتابن ۾ بہ مئڪسم گورڪي جي آتم ڪهاڻي،هوچي منھ جي آتم ڪهاڻي،ڏاهپ جو جنم،رسل جي آتم ڪهاڻي جهڙا ڪتاب آھن جيڪي مون کي تمام گهڻا وڻيا آهن انهن ئي ڪتابن پڙهڻ کان پوء معلوم ٿئي ٿو تہ انهن ماڻھن پنهجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لآ ڪيڏي وڏي جدوجهد ڪئي ڪيڏا نہ غير معمولي ڪم ڪيا . .تازو اسان جي بي انتها محنتي گهڻ پڙهئي دوست ۽ ليکڪ“ اياز علي“ جو“ مارڪس “تي لکيل ڪتاب پڙھڻ لاء مليو جيڪو مون ٻن ٽن ڏينهن ۾ پڙهي پورو ڪيو . سنڌي م مارڪس جي زندگي تي لکيل هي ٻيو ڪتاب آھي پهريون ڪتاب“ ڍاڪٽر محبت ٻرڙي“ جو ترجمو ڪيل ڪتاب“ ڏاهپ جو جنم“ آھي پر تحقيقي نوعيت جو هي پهريون ڪتاب آھي .هن ڪتاب م اياز مارڪس جي زندگي تي تحقيقي ڪم ڪيو آھي ۽ تمام سٺي نموني مارڪس جي زندگي ۽ ان جي نظريعي جو تعارف ڏ نو آھي .
اياز علي جو هي ڪتاب پنجن بابن ۽ ٻن مضمون تي مشتمل آھي جيڪو مارڪس جي زندگي جو احوال ۽ ان جي نظريعي ۽ علمي ۽فڪري ڪم جو بنيادي ۽ مختصر تعارف آھي اچو تہ پاڻ هن ڪتاب جو جائزو وٺو ن .
هن ڪتاب جو پهريون باب “مارڪس جي پئدائش ۽ تعليم “ جي عنوان سان آهي جنهن ۾ مارڪس جي پئدائش، ان جي يونيورسٽي جي تعليم .هيگل جي مطالعي، فلسفي ڏانهن چاه ڌنڌي جي چونڍ ۽ مارڪس جي لکيل پهرين مقالعي جو احوال آھي جنهن مان هيٺيون ڪجھ ڳالهيون سمجهي سگهجن ٿيون
مارڪس جو سڀ کان وڏو فڪري ڪارنامو اهو هو تہ هن پاڻ کان اڳ جي مفڪرن ۽ ڏاھن جي فڪري ۽ فلسفي کان پڙهڻ کان پوء نتيجو ڪڍيو تہ هيستائين دنيا جي ڏاهن صرف انهي سوال تي سوچيو آھي ته ڪائنات ڇا آھي؟ ڪائنات ڪٿان آئي؟ پر اصل سوال اهو ناهي،اصل سوال اهو آھي ته ڪائنات کي تبديل ڪئين ڪجي .
مارڪس اهو پهريون ماڻهو هو جنهن باقاعدا سائنسي انداز ۽دليلن ۽ بي انتها فڪري پورهئي سان اهو نتيجو ڪڍيو تہ“دنيا جي هر برائي،ڀڇڙائي،اميري،غريبي ۽ غلامي جو سب طبقاتي سماج آهي ۽ ان طبقاتي سماج کي تبديل ڪرڻ کان سواء دنيا ۾ انسانيت جو اڪثريتي طبقو سک،چين ۽ آزادي نٿو ماڻي سگهي .
)واڌو قيمت(surplus vaue وارو نظريئي جي ذريعي مارڪس سرمائيداري نظام جي پورهيت دشمن پاسي کي وائکو ڪيو جيڪو مارڪس جو هڪ وڏي ۽ عظيم سائنسي ايجاد هئي جنهن تي اياز علي لکي ٿو تہ “دراصل،واڌو قيمتsurplus value وارو نظريوبہ، مارڪس جي هڪ وڏي سائنسي ايجاد هئي ۽ آھي جنهن سرمائيداري کي رد ڪندڙ سوشلسٽ نظام جي فتح ۽ ڪاميابي کي نہ رڳو سائنسي جواز فراهم ڪيو،پر بنيادي طور تي ان جي فتح ۽ ڪاميابي کي اڻٽر ۽ يقيني بہ بڻائي ڇڏيو .مان ڀانيان ٿو تہ اهو مارڪس جو وڏو ڪارنامو رهيو آھي جيڪو دراصل،مارڪسي فڪر ۽ تعليمات جو اصل ڳر آھي .
هيگل جو گهرائي سان مطالعو ڪرڻ کان پوء مارڪس انهي نتيجي تي پهتو ته سماجي تبديلي جو اصل محرڪ خيال،تصور يا سوچون نہ پر متضاد معاشي حالتون آھن .
هن ڪتاب جو ٻيو باب “جلاوطني ۽ اينگلس سان واقفيت “ جي نالي سان آھي جنهن م هيٺيون ڳالهيون بحث آيل آھن
مارڪس پنهجي جواني م تمام گهڻي شاعري جو مطالعو ڪيو ۽ پاڻ بہ پنھنجي محبوب جيني تي شاعري ڪئي هئس انهي ڪري مارڪس شاعرن تي راء هئي تہ شاعرن جي پنهنجي مخصوص دنيا هوندي آھي انهي ڪري انهن تي سخت تنقيد ڪرڻ صحيح ناهي ۽ جڏهن اينجلس هن جي هڪ شاعر دوست تي تنقيد ڪندو ھو تہ مارڪس پنهجي شاعر دوست هائني جو بچاء ڪندو هو . مارڪس جي انهي رويي تي اياز هن ڪتاب م لکي ٿو تہ “بحرحال اها حقيقت آھي تہ مارڪس هائني جو بطور شاعر تمام گهڻو خيال رکندو هو ان مان اها ڳاله ظاهر ٿئي ٿي تہ مارڪس آرٽ جو قدردان هو .اسان وٽ مارڪسي فڪر سان لاڳاپيل ماڻهن تي اهو بہ الزام لڳندو آھي ته اهي آرٽ،ادب،شاعري،موسيقي وغيرا جي خلاف هجڻ سان گڏ انفراديت پسندي کي رد ڪندڙ رهيا آھن پر مان ڀانيان ٿو تہ اهڙو الزام بلڪل ئي بي بنياد آھي اصل ۾ کاٻي ڏر جا ماڻهو ڪڏهن به ادب آرٽ،شاعري يا موسيقي وغيرا جي خلاف ناهن رهيا .البت آرٽ .ادب،شاعري ۽ موسيقي ۾ سوين سالن کان هلندڙ ظالم طبقاتي سماج جي آثر هيٺ،جئين تہ هميشہ مٿئين شاهوڪار ۽ڦورو حڪمران طبقي جي ترجماني ٿيندي رهي آھي،ان ڪري مارڪسي صرف انهي عام رواجي عوام دشمن طبقاتي مفادن ۽قدرن جي نمائندگي ڪندڙ عوام ۽ پورهيت دشمن آرٽ،ادب،شاعري ۽ موسيقي کي رد ڪري پورهيت ادب،پورهيت آرٽ،ادب،شاعري۽ موسيقي ۽ پورهيت ثقافت کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪندا آھن .“37
مارڪس جرمن ماديت پسند فيورباخ، خيالي سوشلزم ۽ برطانيا جي اقتصادي ماهرن آڍم سمٿ ۽ ڍيوڍ رڪارڍو جي اقتصياديات جو مطالعو ڪرڻ کان پوء سائنسي سوشلزم واري نظريئي جا سائنسي بنياد رکيو .اياز علي مارڪس جي انهن ٽنهي علمن جي مطالعي کي مارڪس جا وڏا تجربا ڪوٺيو آھي،
مارڪس جي ويڳاڻپ واري نظريعي کي سمجهڻ کان سواء مارڪسزم کي نہ سمجهي سگهبو انهي ڪري مارڪس جي ويڳاڻپ واري نظريعي کي سمجهڻ ضروري آھي .مارڪس جو ويڳاڻپ واري نظريعي مطابق اها ويڳاڻپ ئي آھي جيڪا هڪ پورهيت کي ھي سماج ڍاهي هڪ نئون سماج اڏڻ لاء اتساهي ٿي .ان کانسواء هن باب ۾ مارڪس جي جگري دوست اينجلس جو مختصر تعارف بہ آھي .
هن ڪتاب جو ٽيون باب “فڪري ڪم جي شروعات جي نالي سان آھي ۽ آئون سمجهان ٿو ڪتاب جي هي باب تمام اهم آُهي جنهن ۾ اياز مارڪس جي ڪتابن جو مختصر تعارف ۽ تبصرو ڪيو آھي اچو تہ هن باب جو مختصر جائزو وٺو .
داخليت پسند فلسفي برونو بائر جو خيال هو تہ تحريڪون ناڪام انهي ڪري ٿينديون آھن ڇوته انهن ۾ عوام جو حصو هوندو آھي، ۽ هيگل جي بہ اهو ئي ساڳيو خيال هو برونو ۽ ھيگل جي انهن عوام دشمن خيالن کي رد ڪرڻ لاء مارڪس ۽ اينجلس گڏجي هڪ ڪتاب “مقدس خاندان لکيو جنهن ۾ انهن اهو موقف اختيار ڪيو تہ تاريخ عوام ٺاهي ٿي اها ڪن عظيم شخصيتن جي پيداوار ناهي .اياز علي مارڪس ۽ اينجلس جي انهي ڪتاب تي راء ڏيندي لکي ٿو تہ “ڇاڪاڻ تہ مقدس خاندان “اهو پهريون دستاويز آھي جنهن ۾ سائننسي سوشلزم جي بانيڪارن پنهجي بنيادي فڪر ۽ ويچارن کي وضاحت سان پيش ڪيو مثال طور هن ڪتاب ۾ مارڪس ۽ اينجلس وارن پهريون ڀيرو تاريخ جي خيال پسند فلسفي بدران تاريخ جي مادي فلسفي،سماج جي ارتقائي سفر ۾ معاشي پيداوار جي فيصلائتي ڪردار هجڻ ۽ سماجي انقلاب ۾ عوام جي بنيادي ڪردار وارن معاملن تي تفصيل سان لکيو ۽ اها ڳاله سمجهايائون ته تاريخ عوام ٺاهي ٿي، اها ڪن نامور ماڻھن جي پيداور ناهي .
جڏهن فرينچ دانشور پروڌان “غربت جو فلسفو “ ڪتاب لکيو تہ مارڪس کي خط لکي پنهجي راء ڏيڻ جو چيائين ۽ جڏهن مارڪس ان جي رد ۾ فلسفي جي غربت“ ڪتاب لکيو تہ پروڌان توائي ٿي ويو ۽ مارڪس سان دوستي ختم ڪري ڇڏيائين .
پروڌان جي انهي ڪتاب تي اياز لکي ٿو تہ پروڌان پنهجي ان ڪتاب ۾ اهو پٽڪو پٽيو تہ انساني سماج مان برائي، ظلم،ناانصافي ۽ ڦرلٽ وارو ڌندو تڏهن ختم ٿيندو جڏهن سماج جي خراب پاسن جي گهربل اصلاع ڪري انهن سڌارو آندو وڃي .ائين هن سرمائيدار سماجي نظام جي باري ۾ موقف هو تہ ان کي پاڙ کان پٽڻ يا مورڳو تبيديل ڪرڻ جي ضرورت ناهي،پر ان ۾ گهربل سڌارو آڻي،ان کي بهتر بڻايووڃي . جئين تہ مارڪس اهڙي موقف کي فڪري وائڙپ ٿي سمجهيو،ان ڪري انهي موقف جي کل لاهڻ لاء کيس تنقيدي ڪتاب “فلسفي جي غربت “ لکڻو پيو،جنهن ۾ موقف رکيائين تہ ڪنهن بہ طبقاتي سماج ۾ ڦرجندڙ طبقو (پورهيت طبقو)پاڻ کي ڦريندڙ طبقي (سرمائيدار يا جاگيردار طبقي) کان ان وقت تائين آزاد نہ ڪرائي سگهندو جيستائين هو سڄي سماج کي ڦرلٽ ۽ احتصال کان نجات نٿو ڏيارائي “61
بحرحال هنن ٻن ڪتابن کان سواء هن باب ۾ مارڪس ۽ اينجلس جي ڪتابن “ڪميونسٽ پدرنامو،جرمن آئيڍيالاجي۽ اينجلس جي پهرئين مقالعي“برطانيا ۾ پورهيت طبقي جي حالت “ تي مختصر ۽آسان تبصرو ڪيل آھي آئون سمجهان ٿو هي باب تمام گهڻي گهرائي سان پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت آھي .
“لنڍن۾ جلاوطني ًهن ڪتاب جو چوٿون باب آھي جنهن ۾ مارڪس جي لنڍن ۾ جلاوطني، مارڪس جون گهريلو پريشانين، مارڪس جي پٽ ۽ ڌي جي وفات ۽ مارڪس جي نوڪري جي ڳولا جو ذڪر آھي جنهن کي پڙهڻ کان پو ۽ ماڻهو مارڪس جي هيڏين پريشانين جي هوندي پنهجي ڪم ۾ ثابت قدمي تي سلام ڏيڻ کان سواء نٿو رهي سگهي هن باب ۾ مارڪس، اينجلس ۽ جيني جا لکيل هڪ ٻہ خط بہ شامل آھن جن کي پڙهڻ کان پوء ماڻهو ڏڪيو وڃي .
هن باب ۾ ليکڪ هڪ هنڌ لکي ٿو تہ “ُ مارڪس جي جون گهريلو حالتون بنھ خراب رهيون .ان وچ ۾ مارڪس مالي پريشانين کان تنگ ٿي نوڪري وغيرہ ڳولهڻ پڻ شروع ڪئي،هڪ هنڌ ريلوي ۾ نوڪري ملڻ جي آڇ ٿيس،پر لکڻي بنھ خراب هجڻ سبب کيس نوڪري بہ نہ ملي سگيهيس جنهن سبب مايوس ٿي وري پنهنجي فڪري ڪم تي ڌيان ڏنآئين،گهر ۾ بک بدحالي ۽ تنگدستي بدستور برقرار رهيس،84

هن ڪتاب جو آخري باب “آخري دور“ جي نالي سان آھي جنهن ۾ پورهيتن جي پهرين عالمي تنظيم مارڪس ۽ اينجلس جي سياسي سرگرمين پئرس ڪميون، مارڪس جي ڪتاب سرمايو ۽ جيني ۽ مارڪس جي وفات جو احوال ڏنل آھي، مارڪس جي ڪتاب “سرمايو“تي اياز علي لکي ٿو تہ مارڪس جو اهو ڪتاب،عالمي انساني فڪري تاريخ جو نهايت هڪ اهم ۽ تاريخ تي گهرا اڻ مٽ ڇڏيندڙ تاريخ ساز ثابت ٿيو ان ڪتاب۾ دنيا جي عظييم پورهيت انقلابي استاد پاران نہ صرف سرمائيداري سماج ۽ نظام جي منطقي تباهي ۽ عالمي انقلابي پورهيت سماج جي اوسر ۽ بنياد جا سائنسي ثبوت مهيا ڪيا ويا،پر اهو سڀ ڪجھ ڪرڻ يعني انقلاب آڻڻ ۽ ان واسطي عملي جدوجهد ڪرڻ جي حڪمت عملي پڻ واضع ڪري ڏني “99
هن ڪتاب جي آخر ۾ ٻہ مضمون جن مان هڪڙو مارڪسي فلسفو ڇا آھي؟ ۽ ٻيو مارڪس جي نياڻي جو لکيل يادگيرن جو ترجمو آھي جيڪو تمام اهم ۽ انتهائي اتسهائيندڙ آهي هن مضمون ۾ مارڪس جو انتهائي دلچسپ ڳالهيون آھن . اياز علي جي هي ڪتاب مجموعي تمام بهترين ۽ مارڪس تي بنيادي ڪتاب آھي هون ئي جدليات تي سنڌي ۾ ڪافي ڪتاب لکيل آھن پر مارڪس تي سنڌي ۾ لکيل ڪتاب آھن ئي ڪونہ . جنهن جي ڪري تمام گهڻي ضرورت هئي تہ ڪو مارڪس ۽ ان جي زندگي ۽ فڪر تي ڪو ڪتاب لکي اياز علي مارڪس تي هي ڪتاب لکي انهي کوٽ جي ڪافي حد پوراءُ ڪيو آھي ۽ اسان کي اميد آھي تہ اياز مارڪس جي فڪر تي ڪو تفصيلي ڪتاب لکندو۽ منهجي تہ خواهش آھي سنڌ جو هر نوجوان مارڪس جهڙي يگاني ڪردار کان واقفيت رکندو هجي ۽ ان کي اياز علي جو هي ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي .

انساني تاريخ کي بدلائيندڙ مفڪر مارڪس

انساني تاريخ کي بدلائيندڙ مفڪر مارڪس

ھو جڏھن پيدا ٿيو ھو تڏھن هن جي پيء هئنرخ کي به خبر نہ هئي تہ اڳتي هلي انساني تاريخ جا رخ موڙيندو ۽ علم فڪر ۽ فلسفي جي ميدان تي ڪي نوان تاريخي ڪارناما ڪري دنيا جي ذهنن کي ڌوڏي ڇڏيندو نہ ئي هن جي ماء کي خبر هئي تہ هن جو ھي ٻار ائين مفلسي غريبي ۽ ڏکن جي زندگي گذاريندو جنهن جي لاء هن خواب ڏٺو هو تہ هي امير ماڻهو ٿي عيش آرام واري زندگي گذاريندو پر هي تہ انهن اميرن ۽ سرمائيدارن جو مخالف ٿي بيٺو هو، ۽ انهن غريبن ۽ پورهيتن جو ٿي بيٺو هو جن جو انهن ڦورو طبقن طرفان لکيل تاريخ ۾ پاٽ تي بہ نالو نہ هو ۽ هن چيو تہ انساني تاريخ جيڪا اڳتي وڌي آهي ۽ ترقي ڪئي اٿس تنهن جو سبب اهو مظلوم ۽ پورهيت طبقي جي محنت ۽ جفاڪشي آهي تنهن ڪري جيڪڏهن اسان کي هن دنيا کي هن سماج کي تبديل ڪرڻو آهي تہ ان تاريخ جي تخليقار پورهيت کي طاقتور ڪرڻ گهرجي ۽ سڄو ڪاروهنور انهن جي حوالي ڪرڻ گهرجي، ۽ انساني تاريخ جو اهو يگانو ماڻهو هو جنهن چيو تہ هي نظام ٺڳي ۽ هڪ طبقي جي بالادستي تي ٻڌل آهي تنهن ڪري هي رهڻ لائق ناهي هن کي تبديل ڪرڻ گهرجي، هُو جيڪو هر قسم جي غلامي خلاف ھو ۽ هُن انسان کي آزاد ٿي ڪرائڻ ٿي چاهيائين ۽هن جو خيال هو تہ ازادي پورهيت جي جدوجهد سان ملي سگهي ٿي پاڻ لکيائين تہ “ صحيح معنائن ۾ انساني آزادي ”هر قسم جي غلامي کي ٽوڙڻ کانسواء ناممڪن آهي ۽ پورهيت سماج جيڪو سڀ کان وڌيڪ محروم ۽ محڪوم ۽ مظلوم حالت ۾ آهي . پورهيت سماج جي سڀني دائرن کي آزاد ڪرائڻ کانسواء پاڻ کي نجات نٿا ڏياري سگهن .
ان نجات جو دماغ فلسفو آهي ۽ ان جي دل پورهيت آهي .“
هئنرڪ مارڪس چواڻي هوُ ننڊي وحي ۾ ئي فضول علم مطلب ادب، شاعري ۽ ادبي تنقيد تي ڌيان ڏيئي رهيو هو جيڪو هن جي معاشي حالت کي تبديل ڪرڻ جو سبب نٿي بڻجي سگهيو ھُن ننڊي وحي ۾ ئي ترقي پسند ادب، شاعري ۽ ناولن کي پڙهڻ شروع ڪيو هن کي شاعري سان تہ بي انتها عشق هو هڪ سال ۾ شاعري جا ايترا ڪتاب پڙهيائين اوترا شايد هڪ شاعر سڄي عمر نہ پڙهي سگهي پنهنجي محبوب جيني جي محبت ۾ لاجواب شاعري لکڻ سان گڏوگڏ بغاوت ۽ تنز سان ڀرپور شاعري لکيائين جيڪا ٻن ڊائرن جي صورت ۾ سانڊي رکيائين . ان مان هڪ نظم جنهن ۾ مارڪس جي اصول پرستي بغاوت نظر اچي ٿي جو ترجمو هي آهي تہ “
سمجهي ڇڏ چڱي طرح، مون کان ٿي نہ ٿو سگهي،
مان رنج ۽ تڪليف جي بدلي چاڪري ڪريان،
زئيس جو نوڪر اطائت گذار بڻجڻ کان،
مون کي جبل سان جڪڙيو رھڻ پسند آهي . “
هڪ ٻئي نظم جو ترجمو آهي تہ

” ڪئين مان مجهول ۽ بي پرواه رهان ان شيء کان،
روح خاطر جيڪا وڄ جي گاج،طوفان آهي،
آرام وسيلي ۽ سستيء سان ڀلا مون کي ڇا وٺڻو،
مان اتي آهيان جتي طوفان آ،يلغار آ،
ڪا آرزو اڻپوري ئي نہ رهجي وڃي،
فضل ربي کي سمجهڻ لاء ڪري رهيو آهيان جستجو،
علم جي گهراين ۾ ڪَري رهيو آهيان جستجو،
عالم آهنگ وفن ۾ بار جو چاهيندڙ آهيان مان،

ڪاش جرئت ۽ همت هاڻي اسان جو ساٿ ڏي،
هي ناهي پنهنجو مقدر - صُلحُ ڪُل سڀ رضا،

اڃا ڪيترا ڏينهن رهنداسين بي زبان؟ بس ڪافي ٿيو،
پورو ٿيو بي عقل ۽ بيڪار جيئڻ پورو ٿيو،

اهو نہ ٿئي جو اسين ڀاڙين جيان هارايون،
ڏاڍ کان،اطاعت کان ڊڄ جي بار کان،
سَگَھ هر آرزو ء ۽ سَگھ سوچن ۽ عمل جي،
توهان کان شرمسار ٿي دل ئي دل ۾ رهي .”(ڏاهپ جو جنم،ص:54)

مارڪس کي فلسفي سان ايڏو چاه هئس جو 25 سالن جي عمر ۾ يوناني ڏاهي ايپيڪيوريس تي مقالعو لکي ورتائين ۽ فلسفي جو هڪ نئون نظام ڏيئي ويو جنهن سماج کي تبديل ڪرڻ جو ڏس ڏنو ۽ ان فلسفي انساني تاريخ کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو، ريسرچ جو ايڏو ڪوڏيو هو جو معاشيات تي لکيل ڪو بہ ڪتاب ڪونہ ڇڏيائين هر ننڊي توڙي وڏي ليکڪ جو ڪتاب پڙهي پنهنجي ڪتاب سرمايي ۾ انهن جا حوالا ڏنائين . جڏهن تہ هن پنهنجي غير معمولي ڏاهپ سان ڪي عظيم ڪارناما ڏنا جنهن ۾ هن کان اڳ علم فڪر ۽ فلسفي جي ميدان سوين بحث ٿيا فلسفين سائنسدانن، مفڪرن هن ڪائنات تي ڳالهايو پنهنجا خيال پيش ڪيا پر ڪنهن بہ ائين نہ چيو تہ هن ڪائنات کي تبديل ڪجي تنهن ڪري مارڪس انهن جي علم فڪر ۽ فلسفي کي چيلينج ڪري چيو تہ ڪائنات تي گهڻو ئي ڳالهايوسين پٽاڙ هئينسين پر اچو تہ سوچيون تہ ڪائنات کي تبديل ڪئين ڪجي،؟ هن جو خيال هو تہ هي ماڻهو جيڪو ناڪارا آهي جيڪو پاڻ کي غريب بي پهچ ڪُت مڇر سمجهي ٿو جيڪو سڄو ڏينهن پاڻ تي رحم کائي ٿو قياس کائي ٿو، ويڳاڻو ويڳاڻو رهي ٿو تنهن ڪري اسان جي سڀ کان وڏو چيليج آهي ته نئون ماڻهو تخليق ڪجي جيڪو پنهنجي تخليقي صلاحيت سان هڪ نئون سماج تخليق ڪري، مارڪس علمي ۽ فڪري تاريخ جو اهو پهريون مفڪر هو جنهن انهي پٽاڙ کي رد ڪيو تہ ماڻهو خراب آهي بڇڙو آهي ۽ سماج ۾ بڇڙائي، خرابي، ذلالتن ۽ بک، جو ذميوار فرد ۽ ڪا الهامي طاقت آهي تنهن ڪري فرد پاڻ کي تبديل ڪري سٺو ٿئي ته سڀ خرابيون ختم ٿي ويندو، پر هن چيو تہ انهن خرابين جو ذميوار ڪا الهامي طاقت ۽ فرد ناهي پر هي مدي خارج سماج آهي جنهن کي تبديل ڪرڻ سان ئي هي ذلالتون ۽ ڀڇڙايون ختم ٿينديون، ھن جي انهن عظيم خيالن انساني تاريخ جي ذهنن کي ڌوڏي ڇڏيو ۽ انسان جي فڪري تاريخ ۾ پنهنجا اڻ مٽجندڙ نشان ڇڏي ويو آهي ۽ اڄ تائين ڪوبہ اهڙو مفڪر پيدا نہ ٿي سگهيو جيڪو مارڪس جي خيالن کي چيلينج ڪري ڪي متبادل خيال ۽ نظريو پيش ڪري سگهي .

رسول بخش پليجي جي آتم ڪٿا جوجائزو

رسول بخش پليجي جي آتم ڪٿا جوجائزو
دنيا ۾ آتم ڪٿائي ادب ۽ سنواح عمريون تمام گهڻو پڙهيون وڃن ٿيون ۽ دنيا جي وڏا شاعر، اديب، ليکڪ، ڪاروباري ماڻهو، استاد، سياستدان توڙي عام ماڻهو پنهنجي زندگي جي ڪاميابين، ناڪامين ڏُکن،تڪليفن، خوشين ۽ جدوجهد جي داستان تي تي بهترين ڪتاب لکندا رهن ٿا ۽ انهن ڪتابن مان پڙهندڙ انهن شخصيتن جي خيالن، سوچن روين،احساسن، دلچسپين،غير معمولي خاصيحتن، ڪمزورين انهن جي ڪاميابين ۽ ناڪامين جي سببن کان واقف ٿئي ٿو ۽ سنڌي ادب ۾، حسام الدين راشدي، مرزا قليچ بيگ، ڪريم بخش نظاماڻي، سائين جي ايم سيد، شيخ اياز، جمال ابڙو .امرجليل، فتاح ملڪ ۽ ٻين ليکڪن، اديبن ۽ شاعرن جون انتهائي دلچسپ آتم ڪٿائون لکيل آهن، انهي سلسلي ۾ ئي تازو سنڌ جي هڪ وڏي ذهن، ڏاهي، مفڪر، اديب، نقاد ۽ يگاني ڪردار سائين“ رسول بخش پليجي جي آتم ڪٿا “ آئي آهي جنهن جو مُرتب ادريس لغاري آهي، سائين پليجي صاحب جي هن آتم ڪٿا ۾ سائين پليجي صاحب جي ننڍپڻ ادبي، سياسي ۽ فڪري سفر جو انتهائي دلچسپ آحوال آهي جنهن کي پڙهندي اسان کي پليجو صاحب هڪ طرف حساس طبيعت جو مالڪ انسانن توڙي جانورن سان بي انتها محبت ڪندڙ نرم مزاج شخص نظر اچي ٿو تہ ٻئي طرف هن مدي خارج، فرسودا ۽ ظالم سماج سان نفرت ڪندي بي رحم ٿيو وڃي ۽ عمر خيام جي ان شعر وانگر جيڪڏهن هُن جو هن جهان تي وسي پُڄي ها تہ ھُو هن جهان کي هٿ ۾ کڻي اونڌو ڪري ڇڏي ها ۽ هڪ نئون ۽ خوبصورت جهان اڏي ھآ پر پوءِ بہ پليجي صاحب پنهنجي ڏاھپ، عمل ۽ جدوجهد سان سنڌ ۽ پاڪستان جي تاريخ جو رخ موڙي ڇڏيو آهي، هن پنهنجي ذهني توڙي جسماني پورهئي سان سنڌي سماج ۾ ا ڻ مِٽ نشان ڇڏيا آهن .تنهن ڪري پليجي صاحب جي زندگي، فڪر، نظريئي، ڏاهپ ۽ جدوجهد جو مطالعو ڪرڻ، ان تي تحقيق ڪرڻ ۽ اُن کي سمجهڻ انتهائي ضروري آهي ۽ ان تحقيق جو بنيادي ماخذ پليجي صاحب جي هي آتم ڪٿا آهي تنهن ڪري اچو هن آتم ڪٿا جو جائزو وٺون .
ڪنهن به جينئس کي سمجهڻ لاء ان جي ننڊپڻ، ان جي ماحول ۽ ان جي زندگي جي حالاتن جو مطالعو ڪيو ويندو آهي جن مان اُهو شخص اُڀري ايندو آهي تنهن ڪري پاڻ جڏهن پليجي صاحب جي ننڊپڻ ۽ ان جي ڳوٺاڻي ماحول جو مطالعو ڪنداسين تہ پاڻ کي خبر پوي ٿي تہ پليجي صاحب جي پروش انتهائي گُھث ٻوسٽ ۽ نفرت واري واري ماحول ۾ ٿي جتي عورتن، ٻارن ۽ جانورن کي مارڻ ڪُٽڻ روز جو معمول هو، پليجي صاحب پنهنجي پيء ۽ چاچي جي هٿان پنهنجي ماءُ کي مار کائندي ڏسندو هو .پاڻ پنهنجي ڀائرن هٿان مارون کائندو هو ائين زالون پنهنجن مڙسن جي هٿان روزاني مارون پيون کائنديون هيو ۽ ان ماحول ئي پليجي صاحب ۾ ھن ماحول ۽ سماج خلاف نفرت پئدا ڪئي،ان سڄي ماحول جي اظهار پليجي صاحب صفعي پندرنهن تي هن ريت ڪري ٿو،“ منهنجي روبرو ماڻھو نہ وڻندڙ ڳئون، گابي، ڍڳي کي لٺين سان ماريندا هئا، ڪتن ۽ عورتن کي رتو رت ڪري ڇڏيندا هئا، منهنجي روبرو ماين مان رت پيو وهندو هو اها عام رواجي ڳالھ ھئي تہ اڃ فلاڻي ءَ کي موچڙا پيا، ان کي بظاهر ڪير بہ دل ۾ نہ ڪندو هو مرد زالن جي ڇاتين تي ڇڙهي ڪٽيندا هئا مُڙسي جو معيار اهو هو تہ زال کي ماري ٻارن کي بيدردي ءَ سان ماريو ويندو هو مون کي ڪيترائي ڀيرا منهنجي وڏي ڀاءُ ڪاوڙ مان کڻي پٽ تي اُڇلايو، بابا امان کي ماريندو هو امان جو مٿو سدائين ڦاٽو پيو هوندو هو، مون کي ٻُوسٽ ٿيندو هو، منهنجو ساھ منجهندو هو آءُ ڄائو ئي نفرتن ۾ آهيان . “ ڳوٺ جي ان سڄي ماحول پليجي صاحب ۾ هڪ بغاوت پيدا ڪئي پليجي صاحب ننڍپڻ ۾ ئي ان سماج ۽ ان جي قانونن جي خلاف ورزي ڪئي جئين هڪ هنڌ لکن ٿا ته ”اسان جو وڏو چاچو هو، هن لاءِ مون کي بي پناھ عزت ۽ محبت آهي آءُ هن کي پنهنجي پيءَ وانگر سمجهان ٿو هڪ ڏينهن چاچي امان کي ماريو پئي،آئون ڊوڙندو پُٺيان ويس، چاچي کي چنبڙي وڃي پٺيان چڪ هنيومانس، سنسي پکڙجي وئي، منهنجي چاچي کي خبر نہ پئي تہ ھُو مون سان ڪئين ڊيل ڪري بابا اهڙي جُرئت نہ ڪري ها، چاچا جي چهري تي حيرت جا آثار هئا، مطلب تہ آئون ان سڄي قانون جي خلاف ورزي ڪندو هئس . “
ائين هڪ تہ پليجو صاحب ان دور جي خلاف ٿي بيٺو تہ ٻئي طرف تمام ضدي ۽ بي ڍپو ٿي ويو ۽ اهو رويو هن سان پوري عمر رهيو جنهن جو انتهائي دلچسپ احوال پليجي صاحب صفعي چوڏنهن تي هن ريت ڏنو آهي تہ ” هڪ بلوچ ڇوڪري بالغ ھئي نالو هئس “وشي“ . وشي بلوچي ۾ چوندا آهن سُھڻي کي، هوءَ بہ ڏاڍي سهُڻي هُئي، مون اچي مطالبو ڪيو ته منهنجي هن سان شادي ڪرايو، ماڻهو سڀ پريشان ٿي ويا، ٻيا آيا راڄ گڏ ٿيا پر آءُ ضد ٻڌيو بيٺو آهيان تہ منهنجي شادي هن سان ڪرايو ۽ جڏهن وڃي چيائون ها ڪرايون ٿا تہ پوءِ مون جان ڇڏي اُن وقت مُنهنجي عُمر ٽي يا چار سال هئي ۽ اها ٻين جي روايت آهي .“ ائين پليجو صاحب پنهنجي ننڍي وهي ۾ بي ڊپو ٿي ان خوبصورت ڇوڪري جي شادي جو سڱ گهري ٿو تہ ٻئي طرف پنهنجي بچاءُ لاء ڪُتي سان وڙهندي ان کي چڪ پائي ٿو تہ وري پنهنجي پاڻ کي ان دور جو وڏو چور،جاسوس، ۽ هڪ هوُشيار شاگرد ثابت ڪري ٿو ۽ اُهي ڪاميابيون حاصل ڪرڻ لاءِ وڏا خطرا کڻڻ کان بہ ڪيٻائي نٿو، ڀاڙيو نٿو ٿئي، بلڪہ پليجي صاحب جي غير معمولي شخص ٿي اُڀرڻ جو راز بہ اُهو ئي آهي جنهن جو اظهار هن ريت ٿو ڪري ” منهنجي زندگي جو راز هيءَ آهي تہ آءُ ڏڪندي ڏڪندي موت جي منهن ۾ ھليو ويندو آهيان . آءُ سمجهندو آهيان تہ رسول بخش پڪ مري وئين . تباھ ٿي وئين پر ھٽڻو ناهي سڄي ڳالھ جو تت اھو آهي ته منهنجي زندگي جو مِشن اهو هيو تہ ڀاڙيو نہ ٿيبو .“
ان کانپوء هن ڪتاب ۾ پليجي صاحب پنهنجي تعليم جو احوال ۽ سنڌ مدرسي جي انگريزي جي بهترين استادن جو احوال بہ ڏي ٿو جيڪي پنهنجي دور جا هڪ مٽالي استاد هئا جن پليجي صاحب جي تربيت ڪئي سنواريو اُتي ئي پليجي صاحب کي سنڌ جو ترقي پسند . روشن خيال ۽ سيڪولر مفڪر ڏاهو ۽ استاد سائين ابراهيم جويو مليو جيڪو هن جي صلاحيتن کان تمام گهڻو متاثر ٿيو ۽ پليجي صاحب کي دنيا جي جديد سائنسي ۽ انقلابي سوچ جي واقفيت ڏني، جڏهن تہ پليجو صاحب ننڍپڻ ۾ ڪئين ناول پڙهيو ويٺو هو . ائين هن ڪتاب ۾ پليجي صاحب سنڌ مدرسي ۾ جناح صاحب سان پهرئين ملاقات ۽ ان جي شخصيت ۽ سياست ڇيد ڪري ٿو ۽ ان کانپوءِ پنهنجي شروعاتي دور ۾ ڪيل مختلف نوڪرين جو احوال، صحافتي زندگي ۽ ان دوران ٿيندڙ انتهائي دلچسپ حادٽن جو ذڪر ڪري ٿو،جڏهن تہ پليجي صاحب جي ڏاڏي جي خواهش هئي تہ هي مولوي ٿئي ۽ پيءَ جي خواهش هئي تہ هڪ آفيسر ٿئي پر پليجي صاحب وڪالت جو شعبو اختيار ڪيو پر پنهنجي ادبي،سياسي ۽ انقلابي طبيعت جي ڪري وڪالت دوران ماڻهن جا فيصلا ڪري ماڻهن جو پاڻ ۾ ٺاھ ڪرائي انهن جا مسئلا حل ڪري ڇڏيندو ھو جنهن ڪري هن جي سينئر استاد جا هن جي باري ۾ سدائين اها ڪمينٽ هوندا هئا تہ تون ڪڏهن بہ وڪيل نہ ٿي سگهندي پر پوءِ اڳتي هلي چوٽي جو وڪيل ٿئي ٿو پر پوءِ بہ حساس طبيعت جي ڪري ڪيترائي ڪيس هلائڻ ڇڏي ڏنا هئا ڇوتہ اُتي پليجي صاحب هڪ ڏوهي کي سزا کان بچائڻو پئي پيو جن جو ذڪر پڻ هن ڪتاب ۾ ملي ٿو . ان کانسواءِ پليجي صاحب هن آتم ڪٿا ۾ پنهنجي ادبي ۽ تنقيدي سفر جو مختصر احوال ڏي ٿو تہ هن ڪئين ادبي، سياسي مضمون ۽ تنقيدي مضمون ۽ “انڌا اونڌا ويڄ ۽ سنڌي ذات هنجن“ ڪتاب لکيا ۽ ان دور جو ڪئين بي رحم نقاد ٿي اُڀريو ۽ بي رحم ٿي اُڀرڻ جو سبب پليجي صاحب صفعي 65 تي هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي،” آئون شديد محرڪ کانسواءِ لکندو ئي ناهيان، آئون سست پارٽي آهيان . هڪڙو يا ٻہ دفعا ڪا ڳالھ ٿي ويندي آهي تہ نظر انداز ڪري ڇڏيندو آهيان ۽ قلم کڻندو ئي ناهيان جڏهن ڪا شيء َ ھڪڙي حد کان تجاوز ڪري ڪنهن خطري جي صورت ۾ پيش ٿيندي آهي ۽ محسوس ٿيندو آهي تہ هن مان خطرو آهي ۽ هاڻ ماڳهين ڪم کان ٿا وڃون ۽ حدون لنگهي ويون تہ پوءِ آئون ان شيءَ کي مڪمل ختم ڪرڻ لاءِ پوري قوت سان حملو ڪندو آهيان تہ جئين جوابي حملو نہ ڪري سگهي ڇو جو مون پنهنجي پوري قوت سان حملو ڪيو هو ”انڌا اونڌا ويڄ بہ انهي ڪري لکيم تہ ڀر پور حملو ڪري مخالف کي ناس ڪري ڇڏجي .“ پنهنجي ادبي ۽ تنقيدي احوال ڏيڻ کان پوءِ هن ڪتاب ۾ پليجي صاحب جي سياسي زندگي جو احوال اچي ٿو جنهن ۾ حيدر بخش جتوئي هاري ڪميٽي کان ويندي نيشنل عوامي پارٽي، عوامي تحريڪ ۽ ان دوران ڪيل جدوجهد ۽ جيل ياترا جو مختصر احوال آهي، هن آتم ڪٿا ۾ پليجي صاحب جا شيخ اياز، استاد بخاري، جمال ابڙو، مولانا گرامي جي فن ۽ شخصيت تي لکيل مضمون پڻ شامل آهن تہ فاضل راهو جي جدوجهد تي پڻ هڪ مضمون شامل ٿيل آهي جن کي پڙهڻ کان پوءِ اسان انهن شخصيتن جي فن فڪر ۽ جدوجهد کان پوري طرح واقف ٿيون ٿا . ان کانسواءِ هن ڪتاب ۾ مرتب ادريس لغاري جا پلييجي صاحب جي زندگي ۽ جدوجهد تي لکيل مضمون ۽ ڪتابن جو تعارف پڻ شامل آهن . ائين هي آتم ڪهاڻي اسان کي پليجي صاحب جي شخصيت، زندگي، جدوجهد، سياست، سوچن ۽ خيالن کي سمجهڻ ۾ بنيادي ڪردار ڪري ٿي جنهن کي مرتب ڪرڻ ۽ ترتيب ڏيڻ پڻ ادريس لغاري جو غير معمولي ڪم آهي ۽ سنڌ جي باشعور ماڻهن، سياسي ڪارڪنن، اديبن ۽ شاگردن کي پليجي صاحب هي آتم ڪٿا ضرور پڙهڻ گهرجي .

ماٺ نہ اچي مون ھيين

ماٺ نہ اچي مون ھيين
سنڌ جي سونھاري سرزمين پنھنجي تاريخ ۾ ڪيترائي غير معمولي ماڻھو پيدا ڪيا آھن جن پنھنجي ھن ڌرتي ۽ ان جي ماڻھن کي سنوارڻ لاءَ پنھنجو ذھني توڙي جسماني پورھيو ڪيو آھي ھن ڌرتي ھڪ طرف راءَ ڏاچ، دودي سومري،ھوشو جھڙا دلير ڌرتي لاءَ قربان ٿيندڙ جوڌا پيدا ڪيا آھن تہ ٻئي طرف شاھ ل لطيف، سچل، سامي،مرزا قليچ بيگ، علاما آءَ آءَ قاضي، نورالدين سرڪي، تنوير عباسي، رشيد ڀٽي،امرجليل، سراج، نجم عباسي، آغاسليم، استاد بخاري شيخ اياز، جي ايم سيد، سائين ابراھيم جويو، سائين رسول بخش پليجو، جھڙا غير معمولي ذھن،پيدا ڪيا آھن جن پنھنجي ڏاھپ،سمجھ،تجربي،۽ عمل جي ذريعي سنڌ ڌرتي کي سنواريو آھي. سائين رسول بخش پليجو سنڌ جي جديد تاريخ جو اھو يگانو شخص آھي جنھن پنھنجي ڏاھپ،سمجھ، علم ۽ تجربي سان سنڌ جي تاريخ ۾ اڻ مٽ نشان ڇڏيا آھن ھڪ طرف ھن پنھنجي سياسي عمل جي ذريعي سنڌ ۽ سنڌي عوام کي درپيش ايندڙ خطرن کي منھن ڏنو آھي ۽ گھڻڻ نقصانن کان بچايو آھي تہ ٻئي طرف پنھنجي پنھنجو ذھني پورھئي جي ذريعي سنڌ ۽ سنڌي عوام کي فڪري واٽ ڏني آھي .ھن جا ليڪچرس،تقريرون، ۽ لکيل ڪتاب سنڌ ۽ سنڌي عوام کي سنوارڻ جا ڏس ڏين ٿا ۽ سنڌ،پاڪستان ۽ پوري انسانذات جي مسئلن غلامي مان ڪڍڻ جو رستو ٻڌائن ٿا .تنھن ڪري پليجي صاحب جي فڪر کي سمجھڻ ھن دور جي تمام اھم ضرورت آھي ان حوالي سان ڪجھ مھينا اڳ پليجي صاحب جا پنھنجي عزيزن،دوستن،پارٽي ڪارڪنن ۽ پاڪستان جي ڪجھ اھم شخصيتن کي لکيل خطن کي عوامي تحريڪ جي سينيئر اڳواڻ ۽ پليجي جي ويجھي ساٿي عبدالقادر رانٽو سھيڙي ڪتاب جي صورت ۾ ڇپايا آھن جيڪي يقينن پليجي صاحب جي شخصيت، سياست ۽ ھن جي علمي ۽ فڪري قدڪاٺ کي سمجھڻ مدد ڪن ٿا ۽ اھي پنھنجا دور جا تاريخي دستاويز آھن جن کي سھيڙي عبدالقاد رانٽي غير معمولي ڪم ڪيو آھي، خطن جي ھن مجموعي ۾ ٽوٽل ڇويھ خط آھن جن ۾ ھڪڙا اھي خط جيڪي پليجي صاحب پنھنجن گھر وارن،۽ عزيزن کي لکيا آھن جن ۾ پليجي صاحب جي ذاتي زندگي ۽ ان جي روزاني زندگي جي ڪاروھنوار ۽ ڪمن ڪارن جي خبر پوي ٿي. پليجو صاحب پنھنجي عزيزن کي لکيل خطن ۾ پليجي صاحب پنھنجن ڌيئرن، ڀيڻن سان پنھنجي ذاتي زندگي ۾ درپيش ايندڙ مسئلن، تڪليفن، ڏکن منھن ڏيڻ جي تربيتي ڪندي نظر اچي ٿو . پنھنجن عزيزن کي لکيل خط پڙھڻ کان پوءَ اسان پليجي جي ذاتي زندگي ۽ پليجي صاحب جي مسلسل ۽ اڻ ٿڪ جدوجھد جي سببن ۽ پنھنجي پاڻ ڏانھن رويي جي خبر پوي ٿو،جئين پاڻ اختر بلوچ کي لکيل خط ۾ لکن ٿا تہ “اسان ماڻھن جي زندگي ئي قدرت اھڙي ڪئي آھي جونہ پاڻ تي رحم ڪري سگھون نہ ڪنھن پنھنجي عزيز قريب تي،جي نرم دل ٿي ڪجي تہ پنھنجي قوم تي ۽ انسان ذات ٿيندڙ ظلمن جو بدلو ڪئين وٺي سگھبو؟ پنھنجن عزيزن قريبن تي تي قياس ڪبو تہ قوم جو داد ڪري نہ سگھبوفقط پاڻ سان ۽ پنھنجن سان بي قياسي بلڪہ سختي ڪري قوم سان،مظلوم عوام سان گگدام ۽ ڏکن ڏدل انسانيت جي دردن جي ڪجھ دوا پيدا ڪري سگھجي ٿي .“ ھنن خطن ۾ پليجو صاحب پنھنجي گھروارن کان دور ھوندي بہ مسلسل تربيت ڪندي ھر ڏکي وقت ۽ ڏکين حالتن ۾ تيار رھڻ جي تلقين ڪندي نظر اچي ٿو ھنن خطن مان اسان ان ڳالھ جو پوري طرح پروڙ پوندي تہ جھڙي طرح پليجو صاحب پاڻ ھڪ جفاڪش، سخت ذھني فڪري پورھيو ڪندڙ،پاڻ تي ۽ پنھنجن عزيزن تي رحم نہ کائندڙ ھڪ انقلابي اڳواڻ ھو جنھن جو مقصد ھن قوم ۽ انسانذات ظالم ۽ وحشي سماج پاران ڏنل تڪيلفن، اذيتن جو ازالو ڪرڻ آھي تنھن لاءَ ھو پنھنجي گھر وارن ۽ عزيزن ۽ ڪارڪنن کي ان سفر ۾ شامل ٿيڻ ۽ توڙ ڪرڻ جي تربربيت ڪندو رھيو.
پنھنجي گھر وارن کي لکيل خطن کانسواءِ خطن جي ھن مجموعي رسالي مھراڻ ۽ روح کي لکيل ٻہ اھم ادبي خط آھن جن کي پڙھڻ کان پوءِ کانپوءِ پڙھندڙ کي پوري طرح اندازو ٿي ويندو تہ پليجو صاحب ادب جو ڪيڏو قدردان آھي ھن کي شاعري، ڪھاڻي،ناول سان ڪيترو لڳاء ھو ھُو ھڪ تخليقڪار ۽ ان جي تخليق سان محبت ڪري ٿو ۽ انھن جي پورھئي کي ڪيڏو مان ڏي ٿو ھي ٻئي خط ادب ۾ وڏي اھميت رکن ٿا ۽ انھن جي تاريخي اھميت آھي مھراڻ کي لکيل ۾ پليجي صاحب شيخ ايا جي شاعري، رباني، ابن الياس، اياز قادري۽ شيخ حفيظ جي افسانن جي تنقيدي راءِ ڏني آھي جيڪاتمام اھم آھي جئين شيخ اياز جي شاعري تي راءَ ڏيندي لکن ٿا تہ “اياز جي شاعري سنڌي ادب جي ھن دور جي اھم خصوصيت آھي،ھو بنيادي طور ھڪ رومانوي شاعر آھي سندس شعر جا موضوع بہ گھڻو ڪري روايتي آھن محبوب جو فراق ۾ لڇڻ، حسن جا گيت ڳائڻ پنھنجي محبت جو ساکون ڏيڻ کيس پنھنجي زندگي ءَ جو مقصد ٺھرائڻ وغيرا . ھن جو محبوب جيڪڏھن ايراني ۽ اردو شاعري کان اڌارو رتل ڪونھي تہ سنڌي بہ ڪونہ ٿو لڳي ھن جي شاعري ءَ جي دنيا گھڻو تڻو ھڪ خيالي تصور جي دنيا آھي پر اھا اسا جي آسپاس جي دنيا نہ ھوندي بہ اسان کي پاڻ ڏانھ ڇڪي وٺي ٿي . ان ۾ اسان کي پنھنجي دٻيل ۽ اڻ لکين اُمنگن ۽ جذبن جو تعبير ڏسڻ ۾ اچي ٿو ان جو ماحول جيڪڏھن پنھنجو تہ صفا اوپرو بہ ڪونھي . شيخ اياز جي شاعري جو حسن سندس موضوع نہ پر فن آھي اھا سراسر سونھن ۽ رس ۾ رچيل آھي ھن جي تخيل گوناگون ۽ زمان ۽ مڪان جي قيدن کان بي نياز آھي . “ پليجي صاحب جي شيخ اياز جي شاعري تي مٿئين ڏنل راءِ تمام اھم آھي جيتوڻيڪ پليجي صاحب ياز جي شاعري تي باقاعدي لکيو ئي ناھي پر مختلف جڳھن جي جيڪا راءَ ڏني سا بہ تمام اھم آھي، ان کانسواءِ ھن ئي خط ۾ شيخ حفيظ جي فن تي ڏنل راءِ بہ وڏي اھميت رکي ٿي، انان کانپوءِ ھن مجموعي ۾ ٻہ خط پليجي صاحب جي پُٽ اياز لطيف ۽ پارٽي ڪارڪن جي تربيت لاءِ لکيل پڻ شامل آھن تہ ھڪ اياز لطيف کي لکيل اختلافي خط پڻ شامل ڪيو ويو آھي . پارٽي ڪارڪنن کي لکيل خط ۾ پليجو پنھنجو ڪارڪن کي سنڌ جي تاريخي حوالن جي زريعي سنڌي قوم جي اوڻائن جا مثال ڏيندي پنھنجي ڪارڪن جي تربيت ڪري ٿو پليجي صاحب ھن خط م پنھنجن ڪارڪن کي ڪم جي اھميت کان واقف ڪندي انھن کي سخت جفاڪش ۽ سخت محنتي ٿيڻ جي تلقين ڪري ٿو ھن خط م پليجو صاحب پنھنجن ڪارڪن تي ڪم ڪرڻ جي ڍنگ۽ ڪم جي اھميت تي سمجھائندي نظر اچي ٿو پليجو صاحب جئين ھڪ سخت ڍسيپلينسٽ اڳواڻ ھو تنھن ڪري ھُو چاھي ٿو تہ ھن جي ڪارڪن ڪو بہ ڪرڻ جو ڍنگ روايتي نہ ھجي ھُو ھر ڪم باقاعدي پلاننگ سان ڪن تنھنڪري ھُو جيل مان بہ پنھنجن ڪارڪن تربيت ڪندو رھي ٿو، ان کانسواءِ اياز لطيف کي لکيل خط ۾ پليجي صاحب ڪارڪن جي ذھني ۽ فڪري تربيت ڪري ٿو انھن کي پنھنجي پاڻ مان اوڻايون ڪڍڻ لاءِ اتساھي ٿو يقيين وڳ ڪئين وسريا پليجي صاحب جي ھڪ غير معمولي تخليق آھي .
جئين تہ پليجو صاحب سنڌ ۽ سنڌي قوم جي حقن لاءِ پنھنجي پوري حياتي جدوجھد ڪئي آھي پليجو صاحب سنڌ لاءِ نہ رڳو عملي ۽ فڪري جدوجھد ڪئي آھي پر سنڌ جي دشمنن سان ۽ حڪمرانن سان سنڌ جي مسئلن تي اکيون ملائي ڳالھائندو آھي اھوئي سبب آھي جو پليجي صاحب جنرل مشرف، کي پاڻي جي مسئلي ۽ عدليا جي مسئلي تي خط لکي پنھنجو ڀرپور موقف پيش ڪيو آھي تہ نواز شريف کي سنڌ جي اھم مسئلن تي خط لکي پنھنجو ڀرپور ڪيس رکي ٿو ان کانسواءِ پليجي صاحب جا سائين جي ايم سيد، ولي خان بيگم خان کي اختلافي خط پڻ آھن جيڪي ھڪ تاريخي دستاويز جي اھميت رکن ٿا ائين پليجي صاحب جي فڪر،سمجھ، ڏاھپ نظريئي، ۽ سياست کي سمجھڻ لاءِ ھي خط پڙھڻ تمام ضروري آھن تنھن سنڌ ھر سياسي ڪارڪن، شاگرد ۽ نوجوانن کي ضرور پڙھڻ ۽ سمجھڻ گھرجن .



اعلي انسانن جون غير معمولي خوبيون

اعلي انسانن جون غير معمولي خوبيون
اوائلي انسان هن ڪائنات ۾ ٿيندڙ لقائن کان اڻ ڄاڻ هو تڏهن هو مختلف وهمن ۽ وسوسن ۾ ڦاٿل هو تڏهن ان انسان پنهنجي آسپاس جي لقائن بابت سوچڻ لڳو تہ هن جون ذهني صلاحيتون وڌڻ لڳيون ۽ پنهنجي پاڻ تي ايندڙ آفتن، تڪليفن سان مقابلو ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجي بچاء جا اوزار ٺاهڻ سان گڏوگڏ نيون ايجادون ڪرڻ لڳو ائين انسان تهذيب ڏانهن وکون وڌائڻ شرروع ڪيون انسان جي ان پهرئين قدم کڻڻ کان هن جديد دور تائين ايندي انسان پنهنجي پاڻ ۾ تمام وڏيون تبديلي آڻيندي وڏيون غير معمولي خوبيون پيدا ڪيون ۽ تاريخ ۾ ڪي عظيم شخصيتون پيدا ٿيون جن تاريخ ۾ڪي عظيم ڪارناما سرانجام ڏنا، اڄَ پاڻ انسان ۽ غير معمولي فردن جي چند خوبين جو جائزو وٺنداسين .

انسان ۾ تبديلي جي اهم خوبي “
انسان هن ڌرتي تي واحد اها مخلوق آھي جنهن ۾ پاڻ کي تبديل ڪرڻ،پنهنجي ماحول کي تبديل ڪرڻ جي خوبي ۽ تڙپ رهي آھي انسان جي انهي خوبي سبب ئي انساني جي ذهني ۽ فڪرد ارتقا جي هيڏو وڏو سفر ٿيو آھي ۽ انسان وحشي دور کان نڪري تهذيبي دور ۾ شامل ٿيو ڪيئي عظيم خيال آيا سوچون نظريا تخليق ٿيا جن جو مرڪزي نقطو پنهنجي پاڻ ۽ هن ماحول کي تبديل ڪرڻ هو، اهي خيال چاهي ادب جا هجن يا فلسفي تصوف ۽ مذهب جا هجن اهو ئي سبب آھي ادب جي ميدان تي جو رومي بہ پنهنجي شاعري ۾ هڪ نئين انسان جي ڳاله ڪري ٿو ته تہ عمر خيام بہ پنهنجي رباعن ۾ هن ڪائنات کي ڀورا ڀورا ڪري هڪ نئون جهان اڏڻ جو خيال ڏي ٿو تہ شاه لطيف پنهنجي شاعري ۾ اعلي انسان تخليق ڪري ڏي.ٿو جيڪي هن عام رواجي ماحول ۾ ملن ئي نٿا ملن ۽ ا آسترووسڪي چراغ جلتا رها جهڙو ناول لکي اليڪسي جهڙا هيرا ٿو تخليق ڪري مئڪسم گورڪي ماء ناول لکي ڪورچاگن جهڙا انقلابي ڪارڪن تخليق ٿا ڪن تہ ٻئي طرف فلسفي جو ميدان تي سقراط انسان کي سمجهڻ ۽ ان کي تبديل ڪرڻ لاء سوچي ٿو ۽ افلاطون ريپبلڪ جهڙو ڪتاب لکي ان دور جو اعلي انسان ۽ بهترين سماج جو خاڪو ٿو پيش ڪري ۽ چريو نٽشي سپر مين جو نظريو ٿو ڏي تہ مارڪس نئون انسان تخليق ڪرڻ جو چيلينج ٿو کڻي .

“بي انتها پورهيو ڪرڻ جي عادت“
انساني تاريخ ۾ جيڪي عظيم ماڻهو ۽ اعلي ذهن ۽ تاريخ ۾ تبديل ڪندڙ شخص آيا آھن انهن جي زندگي ۽ جدوجهد جو احوال پڙهڻ ۽ پروڙڻ سان اسان انهي نتيجي تي پهچون ٿا تہ انهن ماڻهن ۾ ٻين سوين خوبين سان گڏ هڪ اهم خوبي بي انتها پورهئي ڪرڻ جي هئي اها چاهي عملي هجي يا فڪري پورهيو هجي.
دنيا جي عظيم اڳواڻن ۾ ويٽنام جو انقلابي اڳواڻ هوچي منھ نہ رڳو بي انتها پڙھندو هو پر هوٽلن تي بيراگيري ڪرڻ کان ويندي مزودوري تائين سڀ ڪم ڪندو هو تہ بي انتها انقلابي ڪم بہ ڪندو هو ۽ لينن هڪ انقلابي پارٽي منظم طريقي سان هلايائين مخالفن سان وڏي جنگاڻ ڪيائين ۽ انقلابي سرگرميون به ڪيائين ۽ 60جلد ڪتابن جا بہ لکيائين ۽ انهي کان سواء بي انتها مطالعو ڪندڙ هو جنهن سبب ڍاڪٽرن مطالعي کان روڪڻ باوجود بہ بيماري جي بستري تي ويهي پڙهندو هو ائين مائو اسٽالن ڪم ال سنگ منڍيلا، ڪاسترو.۽ ٻيا عظيم اڳواڻ سخت پورهيو ڪندڙ هئا .
ٻئي طرف دنيا جا عظيم ذهن افلاطون کان ويندي اسٽيفن هاڪنگ تائين سڀئي چريائي جي حد تائين پورهيو ڪندڙ هئا ڪانٽ جي فڪري پورهئي تي ماڻهو حيران رهي ٿي سگهي ٿو جيڪو سواء شام جي وقت ٿورو پنڌ ڪرڻ جي سڄو ڏينهن فلسفي جا منجهيل سوالن کي حل ڪرڻ ۾ غرق هوندو ۽ فلسفي جو اهڙو نظام ڏيئي ويو جيڪو سالن تائين حاوي رهيو چارلس ڍارون جو ٿڪائيندڙ سامونڍي سفر ۽ ان کان پوء بائولاجي بي انتها پورهيو ڪري ارتقا جي نظريعي جا خالق بڻيو جنهن سان انسان کي پنهنجي اصل حقيقيت ۽ بڻ بنياد جي خبر پئي ۽ مارڪس جي بي انتها پورهئي کان ڪير واقف ڪونہ هوندو اسان هن جي ذهني جفا ڪشي جو داستان ڏاهپ جو جنم ۽ اياز علي جي ڪتاب مارڪس تان پسي سگهون ٿا ڪيڏو نہ چريو انسان هو 20 صفعا لکڻ لاء سڄي لائبريري پڙهئي هئس ۽ پوء مارڪس جي انهي پورهئي انساني تاريخ ۾ ان صدي ۾ زلزلو اڻي ڇڏيو جنهن جا لوڏا صدين تائين رهندا ائين نيوٽن آئنسٽائن گليلو،هاڪنگ ڪيڏا نہ فڪري پورهيا ڪندڙ هئا .

”جنب ڪٿا“ ھڪ جائزو

”جنب ڪٿا“ ھڪ جائزو
ادب سماج جو عڪس ھوندو آھي ھڪ تخليقڪار جا خيال ۽ سوچون سماجي حالتن ۽ سماجي حقيقيتن جو اولڙو ھوندا آھن ھڪ تخليقڪار جڏھن سماجي حالتن مان بيزار ٿيندو آھي انھن خلاف بغاوت ڪندو آھي جنھن جو اظھار ھُو ڪھاڻي،ناول، شاعري، آتم ڪٿا يا يا وري ادب جي ٻئي ڪنھن صنف ۾ ڪندو آھي ڪنھن بہ سماج جي تبديلي جا بنيادي اھڃاڻ ان سماج جا ڏاھا،اديب ۽ شاعر ئي ھوندا آھي پر شرط اھو آھي تہ اھي پنھنجن مفادن لاءِ ھن سماج سان ڪميٽمينٽ نہ ڪري ويھن . سنڌي ادب بہ سنڌ جي سياسي،سماجي ثقافتي حالتن جو اولڙو ۽ عڪس رھيو آھي،سنڌ جي اديبن،شاعرن سنڌ جي حقيقي حالتن کي پنھنجي تخليقن ۾ پيش ڪيو آھي،شيخ اياز، استاد بخاري،سرويچ سجاولي، ابراھيم،منشي،زاھد شيخ ۽ ٻين جي شاعري، امرجليل، جمال ابڙو،نجم عباسي، رشيد ڀٽي، آغا سلي،سراج ميمڻ، زيب سنڌي، منظور ڪوھيار، ضراب حيدر، اختر حفيظ، مجيب اوٺو ۽ سنڌ جي ٻين اديبن جون ڪھاڻيون ناول، ۽ سنڌ جي ڏاھن سائين جي ايم سيد، سائين ابراھيم جويو، سائين رسول بخش پليجو، فقير محمد لاشاري جامي چانڊيو ء۽ ٻين اديبن جون لکڻيون سنڌ جي سماجي ۽ سياسي حالتن جو اولڙو،عڪس ۽ پنھنجي دور جي حقيقي حالتن جي تاريخ آھن جن کي پڙھڻ سان اسان کي سنڌي سماج جي نفسيات، ان جي سياسي ۽ سماجي حالتن جي پروڙ پوندي تنھن ڪري ھر دور کي سمجھڻ لاءِ ان دور جي ادب کي پڙھڻ ضروري آھي، تازو انھي حوالي سان سنڌ جي بھترين ڪھاڻيڪار، ڊرامانگار ۽ ليکڪ حفيظ ڪنڀر جي آتم ڪھاڻي جو ڪتاب ” جنب ڪٿا “ آيو آھي جنھن ۾ ليکڪ حفيظ ڪنڀر پنھنجي دور جي سماجي،سياسي، ثقافتي حالتن جو ڇيد ڪري ٿو ھي آتم ڪٿا ھن سماج جي ھيٺئين طبقي جي ھر غريب، مسڪين، لاچار، بي وس،۽ پيڙھيل طبقي جي حقيقي زندگي جو داستان آھي تنھن ڪري ھي آتم ڪٿا پڙھندي پڙھندڙ کي ڪنھن بہ وقت ڪابہ اوپرائپ محسوس نہ ٿيندي بلڪہ پڙھندڙ کي پنھنجي آسپاس ھر عام ماڻھو جي زندگي ۽ ان جون حالتون، ان جا ڏک ۽ تڪليفون محسوس ٿينديون باقي جيڪو ھن ڌرتي تي پيڙھيل طبقي جي زندگي کي چڙھيل آھي جنھن جون پاڙون ھن ڌرتي ۽ ماڻھن ۾ کپيل ناھي ان لاءِ ضرور ھي وڌاءُ ھوندو ھڪ ديومالائي قصا لڳندا باقي حفيظ ڪنڀر جا پير پھرئين ڏينھن کان ھن ڌرتي تي پختا ھئاتنھن ڪري ھن اُھي سڀ ڏٺا،سڀ تڪليفون ۽ اذيتون برداشت ڪيون ۽ اھڙي قھر جھڙي آتم ڪھاڻي لکي آھي .
ھن ڪٿا جي شروعاتي پنن ۾ ليکڪ جي ماءُ جي اذيت سان ڀرپور زندگي جو داستان آھي اسان اٻوجھ سنڌي ماڻھن جيڪو تعليمي شعور، سمجھ نہ ھجڻ جي ڪري جيترو غلط خيالن، سوچن، وسوسن ۽ عقيدن جي ور چڙھيل آھي جنھن سبب ھُو تمام گھڻو ڀوڳي ٿو تنھن جومثال شايد ھن دور ۾ ھن دنيا ۾ نہ ملي ھڪ ماڻھو جيڪو اڳ ئي اذيت ۽ تڪليف ۾ آھي ان کي علاج جي نالي تي اڃا وڌيڪ اذيت ڏني وڃي ٿي جئين ھن ڪٿا ۾ ليکڪ جي ماءُ سان ٿئي ٿو ھُو ڪينسر جھڙي موذي مرض ۾ مبتلا ھجي ٿي ۽ ان جوٻھراڙي جي ٽوٽڪن تي اعلاج ڪري اڃا وڌيڪ تڪليف ڏني وڃي ٿي جيڪو جيءَ کي جھوريندڙ آھي، ھن آتم ڪٿا ۾ ليکڪ ستر جي ڏھاڪي جي معاشي حالتن جو ڇيد پڻ ڪري ٿو ۽ ان دور جي ماڻھن جي معاشي حالتن جو حقيقي نقشو چٽي ٿو جنھن ۾ ان دور جي ٻھراڙي جي ماڻھن جي زندگي ڪيڏي نہ تلخ گذرندي ھئي ۽ اھي ڪيڏي غربت ۾ زندگي گذاريندا ھئا انھن وٽ رڳو بک ھئي، بيماري ھئي، جھالت ھئي، اذيت ھئي جنھن جو شڪار ھر ماڻھو سان گڏ حفيظ ڪنڀر بہ ٿئي ٿو ليکڪ پنھنجي ان دردن واري ماضي کي ياد ڪري ٿو ان جو اظھار اسان ۽ توھان اڳيان ڪري ٿو ۽ نہ رڳو اظھار ٿو ڪري پر ھو تہ ھن ڌرتي تي رھندڙ ھر ان ماڻھو جي ڏک ۽ بک کي بہ محسوس ڪري ٿو جيڪو انھن حالتن مان گذري ٿو . “ ڌرتي جي گولي جي اڪثريتي مخلوق آفريڪا کان ايشيا تائين ائين ڪٺل ھئي .بک ۽ بيماري وگھي قبرستان، شمشان گھاٽن جو رخ ڪري ٿي اسان وٽ غربت نہ بک ھئي،بک جي بک سان ڪھڙي ڀيٽ اسان کي خبر ھئي تہ بابا کي خود کي،اسان کي بکيو رکي اسان کي پڙھائڻو ھو مڱڻا ٿي چڪا ھڪ نياڻي سميت پٽن جي شادين جا مسئلا بہ حل ڪرڻا ھئا،وڏو ڀاءَُ يونيورسٽي پھچي چڪو ھو پر اڄ سوچيان ٿو تہ اسان کي تہ ڪڻڪ جي تازي يا پاروٿي ماني ملندي ھئي پر آفريڪا ۾ مائرون ٻارن کي ميٽ جھڙي ڪنھن شيءَ جون ماني کارائي رھيون آھن ھڪڙا لکين ماڻھو بک وگھي مرن ٿا ٻيا لکين ماڻھو اھڙي اڀري غذا وگھي مرن ٿا .جنھن غذا ۾ ڪلوريز ۽ پروٽين ئي ناھن .“
ان کانسواءِ ليکڪ پنھنجي ھن آتم ڪٿا ان دور جي عام سنڌي ماڻھن جي نفسيات تي تنقيدي انداز ۾ بہ ڀرپور لکيو آھي جيڪو يقينن ھڪ حقيقي تنقيد آھي تہ اسان جي سنڌي ماڻھن جي نفسيات آھي تہ ڪم گھٽ ڪبو ۽ ان جي ڍاڍ وڏي ھڻبي ۽ ان ڍاڍ ۾ رڳو وڌاءَ ۽ ڪوڙ ھوندو جئين ان دور ۾ اوطاقن ۽ ھوٽلن تي ويٺل عام ماڻھن جو موضوع ئي جنسي قصا ھوندا جنھن ۾ عورتن تي ۽ ٻارن تي رڳو جنسي قصا ۽ چرچا ھوندا ھئا ۽ ھر ھڪ ماڻھو پنھنجا ڪوڙا جنسي ڪارناما ٻڌائي داد وصول ڪندو ھو ( ان نفسيات کان سنڌ جا وڏا اديب ۽ شاعر بہ نہ بچي سگھيا انھن پنھنجن آتم ڪٿائن ۾ انھن شاعرن ۽ اديبن عورتن سان افيئر جي حوالي سان وڏا ڪي ڪوڙا قصا گھڙي پيش ڪيا آھن جنھن کي چيليج ڪرڻ وارو ڪو حفيظ ڪنڀر جھڙو اُٿي ) يا وري غريبت ھجڻ جي ڪري ماڻھن ۾ سھپ گھٽ ھئي تنھن ڪري ھُو ننڍڙن ننڍڙن مسئلن ٻارن جو راند تان وڙھڻ پاڻي جي واري تان وڙھڻ يا وري مال جو ٻئِ ڪنھن جي فصل ۾ وڃڻ تان جھيڙا شروع ھوندا ھئا جيڪي وڃي خونن تائين پھچندا ھئا .
آتم ڪٿا ۾ اسان کي ليکڪ ٻڌائي ٿو ان دور جو ٻار تي سڀ کان وڏو عذاب تعليمي ادارن ۽ اسڪولن ۾ ھو ان دور جي استاد توڙي مائٽ جي نفسيات ھئي تہ مار ٻار جي سنوار آھي تنھن ڪري ھر ٻار پيو استادن جي اڳيان ڪٽبو ھو ننڍي ننڍي ڳالھ، ننڍي ننڍي غلطي تي ٻار تي لٺ جو زيپٽ ھوندو ھو جنھن جو شڪار ليکڪ بہ ٿئي ٿو ۽ مار ۽ تشدد کي ليکڪ ضياءَ جي تشدد سان ھن طرح ڀيٽي ٿو ـ”جڏھن مون ۾ سياسي شعور آيو سياسي سنگت ۾ آيس .ضياءَ جي مارشل لا جي ڦٽڪا ۽ ڪوڙا ھڻڻ وارا منظر اخبارن ۾ ڇپجڻ لڳا تہ مون کي اسڪولن ۾ ٿيندڙ ان قسم جي تشدد ۾ ھڪجھڙائي اھا نظر آئي تہ ضياءَ منحوس بہ ڪو ھجوم گڏ ڪري پوءِ ڪوڙا ھڻائندو ھو ۽ اذيت پسند ماستر بہ شاگردن جي ھجوم ۾ تشدد ڪري اذيت مان مزو وٺندا ھئا ضياءَ جي گڏ ڪيل ھجوم بہ ڪوڙن ڦتڪن سان ٿيندڙ تشدد ڏسي تاڙيون وڄائندو ھو ۽ ماسترن جو محدود مجموعو بہ اھڙي اذيت مان خوشي حاصل ڪندو آھي فقط ڦٽڪي ۽ تلھڙ جو فرق آھي،باقي انسان اذيت پسند ٿي آيو آھي . “ جتي ليکڪ ان دور جي مارڻي استادن جو ذڪر ڪري ٿو انھن جي تشدد کي ضياءَ جي تشدد سان ڀيٽي ٿو اتي ھُو ڪاليج جي ھڪ شفيق ۽ فلسفي جي شائق استاد مٺا خان مري جو ذڪر انتھائي عقيدت ۽ احترام سان ڪري ٿو جيڪو ھڪ ٻئي دنيا جو ماڻھو ھو جيڪو شاگردن کي سقراط،افلاطون،ابن رشد،ابن عربي ۽ غزالي جو فلسفو ۽ فڪر تمام دلچسپ انداز سمجھائندو ھو .ان کانسواءءِ آتم ڪٿا ۾ ليکڪ اسان ڪتاب چوري ڪرڻ وارن ڪارنامن جو بہ ذڪر ڪري ٿو تہ ضياءِ جي دور ۾ پنھنجي شاگردي واري دور ۾ ڪيل سياسي سرگرمين جو احوال بہ ڏي ٿو تہ وري ايم آر ڊي تحريڪ دوران عوامي تحريڪ جي سرگرمين جون جھلڪيون بہ ڏيکاري ٿو .
آتم ڪٿا ۾ ليکڪ اسان کي ٻڌائي ٿو ان دور جي سنڌ ۾ بک ۾ ھئي، ڏک ھئا،تڪليفون ھيون اذيتون ھيون سڀ ڪجھ ھو پر مذھبي بنياد پرستي نہ ھئي ليکڪ جو نانو پڪو مذھبي ھو ناني صفا ڪافرياڻي ھئي . ائين ھن ڪٿا حقيقي زندگي جا ڪئين قصا ۽ ڪھاڻيون آھن جيڪي دلچسپ بہ آھن جيءَ جھوريندڙ بہ آھن باقي ھن آتم ڪٿا جو ھڪ باب ”پليجي صاحب جا خواب “ ھتي اوپرو ۽ مناسب نٿو لڳي ۽ آتم ڪھاڻي جي تسلسل سان مئچ نٿو کائي ھن کي آخري ڀاڱي ۾ ھجڻ گھرجي ھا ۽ تفصيلي ھجڻ گھرجي ڇوتہ ليکڪ جي ھي آتم ڪٿا اڃا ليکڪ جي ڪاليج واري دور تائين جي آھي جنھن ۾ شايد ليکڪ پليجي صاحب سان ھڪ اڌ ملاقات ڪئي آھي ۽ جامي جو تہ ڪٿي آتم ڪٿا ۾ ھن باب کانسواءِ ڪٿي ذڪر ناھي نہ ئي جامي سان ڪا ڄاڻ سڃاڻ اٿس تنھن ڪري اھو باب آتم ڪھاڻي جي تسلسل کي ٽوڙي ٿو ليکڪ کي گھرجي ھا تہ پليجي صاحب جي سياست ۽ جامي جي علمي قد ڪاٺ تي ھڪ ڀرپور ۽ علمي بحث ڪري جنھن تي يقينن وڏا علمي بحث ٿيندا باقي ٻن صفن ۾ پليجي صاحب جي سياست ۽ جامي جي علميت جو ڇيد مناسب ناھي . ھن ڪٿا جي حوالي يقينن ھن دور جي ھي ڪٿا ھڪ بھترين ڪٿا آھي جنھن کي لکڻ حفيظ ڪنڀر جو ھڪ غير معمولي ڪم آھي ۽ ھر شاگرد، سياسي ڪارڪن، ۽ ساڃاھ وند کي ضرور پڙھڻ گھرجي .

ڀاڱو ٽيون: ادب _ڪيريئر ڪائونسلنگ

---

ٿامس ڪئمپين

ٿامس ڪئمپين
(جڏھن مان عبادت ڪندو آھيان، تڏھن مان خدا سان گفتگو ڪندو آھيان ۽ جڏھن مان ڪتاب پڙھندو آھيان تہ سرجڻھار سان گفتگو ڪندو آھيان . ٿامس ڪئمپن )






ماتم هڪ عورت جو

ماتم هڪ عورت جو

دنيا ۾ قيد ۽ عقوبت خانن جو گهڻو ادب رهيو آهي اهو اسان کي انهن قيدين جو ڪهاڻيون ٻڌائي ٿو جيڪي ٻاهرئين دنيا کان بي خبر ٿي ويندا آهن ۽ اهي جن مرحلن مان گذرن ٿا اهي نہ رڳو اذيتناڪ هوندا آهن پر ذهني طور تي وڌيڪ پيڙاء ڏيندڙ هوندا آهن تنهن ڪري جيڪي ناول اسان تائين ترجمي جي صورت ۾ انهن موضوعن تي پهتا آهن اهي پڙهڻ وٽان آهن “ ماتم هڪ عورت جو“ بہ انهن مان هڪ آهي .
هي ناول بنيادي طور تي هڪ ارجنٽينائي عورت سوزانا ان جي منگيندي، ٻين عورتن ۽ مردن تي جيل ۾ فوجين پاران ٿيل قهري تشدد، تڪليفن ۽ اُڀ ڏاريندڙ ڏکن جي ڪٿا آهي جنهن جو ليکڪ عمر ريوابيلا آهي ۽ سنڌيڪار ننگر چنا آهي، هن ناول پڙهڻ کان پوء پڙهندڙ فوج جي ايڏي بي رحمي ۽ تشدد پسند ي ۽ وحشي هجڻ تي چڙ ۽ ڪاوڙ جو اظھار ڪندو. ۽ انهن سان نفرت ڪرڻ ۽ لاطيني آمريڪي جي عورتن ۽ مردن سان همدري ۽ پيار ڪرڻ لڳندو، هن ناول جي شروعات هڪ پادري اينتونيو کي هڪ دٻي ملڻ کان شروع ٿئي ٿي جنهن ۾ سوزانا جا جيل ۾ لکيل نوٽس هوندا آهن جيڪي هن لِڪِي لِڪِي لکيا هئا جنهن کي پوء پادري ترتيب ڏ يڻ شروع ڪندو آهي ائين پادري هر نوٽس پڙهندو ويندو آهي ۽ سوزانا ۽ ٻين قيدن تي ٿيل تشدد جي وارتا ظاهر ٿيندي ويندي جيڪا انتهائي تڪليف ڏيندڙ ۽ ڏڪائندڙ هوندي آھي جڏهن تہ هي نوٽس پڙهندي پڙهندي پادري پاڻ بہ هڪ پيڙاء مان گذرندو رهندو آهي جنهن سبب هن کي ڀوائتا خواب، بي چيني جهڙي ڪيفيت ٿي ويندي ۽ نيٺ نفسياتي مريض ٿي ويندو آهي. هن ناول ۾ ڏيکاريو ويو تہ فوجي پنهنجن قيدن کي سچي ڪرائڻ لاء ڪيڏا بي رحم ۽ تشدد پسند ٿي پوندا هئا ۽ ڪئين نہ قيدي عورتن تي جنسي تشدد ڪري لطف اندوز ٿيندا هئا، جئين هڪ هنڌ سوزانا ان تشدد جو احوال هن طرح لکيو آهي تہ ” ان سڀ ڪجھ هلندي هُو بہ مون کان دهشتگردن جي باردخاني بابت پڇندو رهيو پر هُن بہ مون کي ورندي ڏيڻ جي وِٿي نہ پئي ڏني، تنهن گهڙيءَاُهو همراھ ُ، جيڪو وڏيءَ عمر جي عورت کي ايذاءَ ڏيئي رهيو هو، سو ڇوڪرِي ڏي لڙيو ۽ بجليءَ جي تارَ سبب، ڇوڪري ءَ جو بدن اُٿل کائي ٻيڻو ٿي ويو ۽ وٺي ٿڙڪڻ ۽ آڪِڙِجڻ لڳو، هو انتظار ڪندو رهيو تہ ڇوڪري ء َ جو بدن ساڳي حالت ۾ اچي ”يا ٻئي هند لکي ٿي تہ”جنهن ماڻهو اِن سڄي عمل جي ذميواري کنئي هئي تنهن تَسَ مان پاڪي کنئي ۽ اُنَ ماڻهو جي ٻانهن تان ماسَ جا ننڊا ننڊا ٽُڪر ڪپڻ لڳو . قيدي رَڙڻ ۽ تڙپڻ لڳو،هُنَ جي زور سان ڦٿڪڻ جي ڪري هڪ ڀيرو پاڪي ماسَ اندر لهِي ويس ۽ لڳو تہ رڳ ڪپجي ويس،رت جو ڦوهارو نڪتو ۽ ٽارچر ڪرڻ واري جي ٻُوٿَ کي ڀُڄائي ويو .
ائين هن سڄي ناول ۾ قيدن تي قهري تشدد جو احوال آهي جيڪو انتهائي پيڙاء ڏيندڙ آهي، پر پوءِ بہ قيدي پنهنجن ساٿين ۽ پنهنجي ڪم ڪار جي باري ۾ هڪڙو اکر بہ نہ ٻڌائندا هئا بلڪي فوجين جي منهن تي ٿڪون اڇلائي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪندا هئا، هن ناول ۾ ان ڳالھ جو به اظهار ڪيو ويو آهي تہ آمريڪي ان جنگ کي عيسائي مذهب جي بچاء جي جنگ ڪوٺي رهيا هئا . ۽ اُهي فوجي ايڏا تہ بي رحم ٿي ويندا هئا جو پيٽ وارن عورتن کي زوردار ڪرنٽ لڳائي ان جي ٻارن کي انهن جي پيٽ اندر ئي ماري ڇڏيندا هئا تہ ڪنهن تي ڪوئن جو تشدد ڪرائندا هئا جيڪو انتهائي ڀوائتو آهي پڙهندڙ جا لڱ ڪانڊارجيو وڃن .۽ ھن ناول ۾ اهو پڻ ڏيکاريو ويو آهي تہ ھرهڪ آمريڪي فوجي جنسي بکيا ۽ نفسياتي مريض هوندا جيڪي مختلف بي هودا طريقن سان انهن قيدي عورتن مان پنهنجي جنسي بک پوري ڪندا آهن،هن ناول ۾ هڪ نفسياتي مسئلي کي بہ کنيو ويو آهي تہ قيدين تي جڏهن تشدد ڪيوويندو هو تهہ اُهي پنهنجي پاڻ تي هيپناٽائيز ڪري پنهنجي جسم تي ٿيندڙ تشدد وارن عضون کي سُن ڪري ڇڏيندا هئا يا بيهوش ٿي ويندا جنهن جي ڪري انهن تي تشد د جو اثر ڪجھ گهٽ ٿيندو آهي ۽ اهو ساڳيو ئي عمل هن ناول جي اهم ڪردار سوزانا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي پر ناڪام ويندي آهي. ائين هر وقت جي تشدد، جنسي ذلالپ ۽ جنسي تشدد ۽ ذهني ايذاء کان بيزار ٿي جڏهن سوزانا زندگي مان بيزار ٿي مرڻ چاهيندي آهي تہ اتي هڪ اميد جو ڪرڻو نڪرندو آهي تہ سوزانا کي هڪ ٻئي ڳورهاري قيدي عورت ملندي آهي جنهن جي دوستي هڪ فوجي سان هوندي آهي جيڪا سوزانا کي چوندي آهي تہ تون پنهنجي ڊائري لکڻ شروع ڪر جنهن ۾ پاڻ تي ٿيندڙ ظلم جو احوال هجي تہ جئين اسان مان جيڪڏهن ڪو بچي سگهي تہ اُهو اهو داستان ٻين ماڻهن پهچائي سگهي ائين سوزانا کي اها عورت مختلف قسم جا پنا اخبارون ۽ سگريٽن جا کوکا آڻي ڏيندي آهي جنهن تي سوزاناهر روز جو احوال لکي ان عورت کي ڏيندي آهي جيڪو اخرڪار پادري کي هڪ دٻي ۾ ملي ٿو جنهن کي پادري ڊائري جي صورت ۾ ترتيب ڏيئي هن ناول جي ليکڪ عمر ريوابيلا کي موڪليندو آهي .هن قاسم جا ناول اسان عقوبت خانن جون ڪهاڻيون ٻڌائن ٿا تہ ڪهڙي ريت عام شهري رياستي ڏاڊ ۽ جبر جو شڪار ٿي پنهنجون حياتيون وڃائي ويهندا آهن .اهي ڳالهيون جيڪي اسان عام طور تي نثر ۾ بيان نٿا ڪري سگهون،انهن کي بيان ڪرڻ لاء ڪهاڻي ۽ ناول ڪو سهارو ورتو ويندو آهي جنهن ڪري حقيقتون اسا ن جي آڏو نروار ٿينديون آهن،هي ناول بہ انهن قيدن جي ڪهاڻي جيڪي تشدد سهندي مري ٿا وڃن پر ڪنهن بہ ريت آڻ نٿا مڃين.





اڻپال جي ڇڪ

اڻپال جي ڇڪ

ادبي دنيا ۾ عالمي ادب جي وڏي اھميت رھي آھي تنھن ڪري ھر قوم ۽ ملڪ جي جا اديب،عالم ۽ ڏاھا ٻين ڌارين ٻولين ۾ لکيل ڪتابن کي تمام گھڻو پڙھن ٿا ۽ انھن جا ترجما پنھنجي ٻولي ۾ ڪن ٿا عالمي جي ادب جي ڪتابن جي ترجمي سان ھڪ تہ پنھنجي ٻولي جي ادب ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ ٻيو تہ پڙھندڙ دنيا جي خيالن، سوچن، حالتن ۽ ثقافت کان واقف ٿئي ٿو . سنڌي ۾ بہ ھن وقت سٺا ڪتاب ترجما ٿي ۽ ڇپجي رھيا آھن جن ۾ ڪي کوٽون ضرور آھن پر اھي سٺي مقدار ۾ ترجمو ٿي رھيا آھن پر اھڙا ترجما گھٽ ھوندا آھن جن کي پڙھندي محسوس ٿيندو آھي تہ ھي ڪتاب لکيل ئي سنڌي ٻولي ۾ آھي تازو ” ريکائون ميگزين “ جي آگسٽ واري شماري ۾ آمريڪي ليکڪ “ جئڪ لنڊن “ جي ناول The call of the wild جو مڪمل ترجمو ڇپيو آھي جنھن کي سليم نور حسين ترجمو ڪيو آھي جنھن جي ٻولي ۾ ڪا بہ اوپرائپ محسوس نہ ٿي ٿئي تنھن ڪتري ھي يقينن ھي شاھڪار ترجمو آھي.
ھي ناول بظاھر ۾ ھڪ ڪتي بڪ جي پنھنجي پاڻ کي زندھ رکڻ لاءِ ڪيل جدوجھد جي ڪھاڻي بيان ڪيل آھي پر لکيڪ جو اصل ۽ اھم نقطو ارتقا کي بيان ڪرڻ آھي ھن ناول کي پڙھندي بلڪل محسوس نٿو ٿئي تہ ليکڪ ڪو ارتقا جا اصول ۽ ان جو پروسيس بيان ڪري رھيو آھي پر جڏھن پڙھندڙ ارتقا جي نظريئي کي اڳيان رکي ھن ناول جي انت کان شروعات تائين سڄي ڪھاڻي تي سوچي ٿو تہ بلڪل ھڪ ڪتي ارتقا جي ڪھاڻي لڳي ٿو، ھن ناول جي شروعات 1897 ع ۾ ساموندي پٽي وارن ملڪن ۾ آيل ھڪ وڏي تبديلي کان ٿئي ٿي جنھن جو اثر ماڻھن سان گڏوگڏ ڪتن تي پوي ٿو ان تبديلي کي ليکڪ ھنن بھترين لفظن ۾ پيش ڪيو آھي ” بڪ (ڪتي جو نالو) اخبار ڪونہ پڙھندو ھو نہ تہ کيس خبر ھجي ھا تہ نہ رڳو ھن تي پر ھر سامونڊي ڪپر واري تر سان لاڳاپيل جانٺين مشڪن ۽ ڊگھن گھاٽن وارن واري ڪتي،پيوجيسٽ سائونڊ کان ڊائيگو تائين مصيبت ڪڙڪڻ واري ھئي ڇاڪاڻ تہ ماڻھن قطبي اونداھ ۾ ھٿوراڙيون ھڻي ھڻي ھڪ ھئڊو ڌاتو ڳولي لڌو ھو ۽ڇاڪاڻ تہ آڳٻوٽن ۽ اچ وڃ واريون ڪمپنيون انھي لڀ مان ڪمائي جي ڪڍ ھيون ۽ ھزارين ماڻھو اتر پار ڏانھن ڌوڪيندا ٿي ويا انھن ماڻھن کي ڪتا کپندا ھئا کين ڳرا ڪتا کپندا ھئا جانٺين مشڪن وارا ڪتا جيڪي جاگوڙي سگھن بشڪن واري کل سان ڪتا تہ جئين پاري جي سٽ سھي سگھن .“ائين ناول جي ابتدا ٿئي ٿي ۽ ھن ناول جو مرڪزي ڪردار ڪتو بڪ ھڪ ماڻھو جج ملر جي گھر ۾ ھڪ پالتو ڪت جيان ي رھي ٿو جتي ھن جي زندگي بلڪل انسان جھڙي ھوندي آھي ۽ ان جو ماحول اڄ جي تھذيب يافتہ دور جو ھوندو آھي جتي ھو جج ملر جي ٻارن سان راند کيڏي ٿو سوئمنگ پول ۾ تري ٿو، پر اچانڪ جج ملر جي گھر جو مالھي بڪ کي ھڪ ڪتن جي واپاري وٽ وڪڻي ڇڏي ٿو جتان بڪ جي ڏکن جي زندگي جي شروعات ٿئي ٿي جتان بڪ برفاني علائقن جي ٻن سرڪاري عملدارن وٽ وڪيو وڃي ٿو جيڪي ڪتن کي برف گاڏي ڇڪڻ لاءِ استعمال ڪندا آھن بڪ جي ھن دور کي ليکڪ ارتقا جو وچ وارو ڏاڪو ڏيکاريو آھن جنھن ۾ انسان جنگھلي علائقن ۽ برفاني علائقن ۾ رھندا ھئا ۽ انھن جانورن کي پنھنجي معاشي ڪمن ۾ استعمال آڻڻ لاءِ ۽ انھن کي پنھنجي طابع رکڻ لاءِ انھن جي تربيت ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ھتي بڪ تمام ڏکيا ڪشالا ڪڊيا، ھتي ھي وڏيون بکون ڪاٽي ٿو برفاني علائقن ۾ ھتي ھن زندگي جا وڏا سبق سکي ٿو جيڪي ھن ريت آھن .
جھنگ ۾ اھا جيوت زندھ رھي سگھي ٿو جيڪا طاقتور آھي جنھن ۾ پنھنجي پاڻ کي محفوظ رکڻ جي صلاحيت آھي باقي ڪمزور ۽ صلاحيت کان محروم جيوت زندھ نٿي رھي سگھي جئين ھن ناول ۾ ڪتن جي ويڙھ دوران ڏٻري ۽ ڪمزور ڪتي ڪرلي ھڪ ئي ويڙھ ۾ پورو ٿي ويندي آھي يا بڪ ۽ ھڪ ٻئي جي ڪتي سپٽز جي ويڙھ دوران بڪ سپٽز کي ماري وجھي ٿو ۽ ڪتن جي لوڌ جو اڳواڻ ٿي وڃي ٿو .
زندگي جي ھن سفر دوران بڪ اھو پڻ سکي ٿو تہ ھتي صرف گھوٻاٽي ۽ ڏند جو قانون ھلي ٿو تنھن ڪري جنھن وٽ گھوٻاٽو آھي اھو قانون ٺاھيندڙ حڪمران آھي ۽ جنھن وٽ مضبوط ڏند آھن اھو ئي زندا رھي سگھي ٿو ۽ پنھنجو بچاءِ ڪري سگھي ٿو نہ تہ ان کي ڪرلي جيان ڪنھن نہ ڪنھن جي ھٿان موت اچي ويندو آھي .جئين ھڪ ھنڌ ليکڪ لکي ٿو تہ “بڪ بي رحم ھو ھن گھوٻاٽي ۽ ڏند جو قانون ھئين سان ھنڊايو ھو ۽ نہ ڪنھن سرسي مان فائدو وٺڻ کان ڪيٻائندو ۽ نہ ئي اھڙي دشمن کي ڇڏي پٺتي ھٽندو ھو جنھن کي موت جي واٽ تي پير کڻايو ھئائين ھن سپٽز کان ۽ پوليس ۽ ٽپال وارن جي مکيا ويڙھاڪ ڪتن کان پرايو ھو ۽ خبر ھئس تہ ڪو وچ وارو رستو ڪونھي . ھو پاڻ مٿانھون ٿئي يا پاڻ کان مٿانھون ٿيڻ ڏي جڏھن تہ ڪھل ڪرڻ ڪمزوري ھو.مول جيوت ۾ ڪھل جو وجود ڪونہ ھو،ان کي ڀئو سمجھيو ٿي ويو ۽ اھڙيون غلط فھميون موت آڻينديون آھن، مار يا مارجي وڃ،کاءُ يا کاڄي وڃ،اھو قانون ھو ۽ ھُو وقت جي قانونن جي بجا آوري ڪندو ھو .“
ان کانسواءَ ھن ناول ۾ ليکڪ ان نقطي کي بہ بحث ھيٺ آندو آھي تہ اوائلي زماني ۾ جڏھن ھن ڌرتي تي رھندڙ جيوت تي جڏھن فطرتي مصيبتون، آفتون ۽ تڪليفون آيون ٿي تہ ان پنھنجي پاڻ جو ڪئين بچاءُ ڪيو ٿي ۽ ان جيوت ان دور ۾ ھڪ ٻئي جي تجربن مان ڪئين پرايو ٿي . ھن ناول ۾ ليکڪ ارتقا جي ان نقطي کي پڻ آندو آھي تہ ڪنھن بہ جيوت تي ماحول ڪئين۽ ڪيترو اثر پوي ٿو ۽ اھا جيوت ڪئين حالتن مطابق پاڻ کي تبديل ڪندي ۽ پنھنجي پاڻ کي ماحول ۾ ڪئين ڍالي ٿو ۽ جيڪڏھن ڪنھن جيوت ۾ پنھنجي پاڻ ۾ تبديل ڪرڻ واري خاصيت ناھي تہ اھا فنا ٿي ويندي آھي تنھن ڪري جيوت لاءِ پنھنجي پاڻ ۾ ماحول مطابق ڍالڻ تبديلي لازمي آھي جئين ھن ناول جو مرڪزي ڪردار ڪتو بڪ پنھنجي پاڻ کي ماحول ۾ ڍالي رھي ٿو، اھو ساڳيو ڪتو جڏھن جج ملر جي گھر ۾ ھڪ پالتو ڪتو ھو تڏھن ھن کي کاڌي لاءِ ڪا بہ جفاڪشي نٿي ڪرڻي پئي نہ ئي ھي ڪو ويڙھو ڪتو ھو پر جڏھن بڪ جھنگ ۾ رھڻ لڳي ٿو تہ ھن کي پنھنجي کاڌي لاءِ مالڪن جي کاڌي مان چوري ڪرڻي پوي ٿي تہ پنھنجي بچاءُ لاءِ ويڙھو ٿيڻ پوي ٿو .
فرانس ۽ پرئل کان پوءِ بڪ ھڪ شڪاري جان ٿارنٿن وٽ وڪيو وڃي ٿو ليکڪ بڪ ھن دور کي انسان جي ارتقا دوران آيل شڪار وارو دور ڏيکاري ٿو جنھن ۾ انسان جانورن کي پنھجي پالتو جانور جيان رکڻ لڳو ھو ۽ انھن کي پنھنجي شڪار جي حاصلات لاءِ استعمال ڪرڻ لڳو ھو . ھتي مرڪزي ڪردار بڪ جي زندگي تمام گھڻي سولي گذرڻ لڳي ٿي ھتي ھن کي ٿارنٿن جو پيار ملي ھتي بڪ جي پنھنجي مالڪ سان محبت واري حس جاڳي پوي ٿي ھتي ھن جي انسان سان وفا واري حس جاڳي پوي ٿي ھتي بڪ جي پراڻي سگھ، پراڻي طاقت موٽي اچي ٿو ۽ ھو واڳ گاڏي ڇڪڻ جي ھڪ مقابلي جان ٿارنٿن کي پئسا ڪمائي ڏي ٿو، ھتي بڪ جي پنھنجي اباڻي شڪار ڪرڻ واري حس موٽي اچي ٿو ۽ ھوھاڻي جھنگ پنھنجي مرضي سان جانورن،پکين جي شڪار ڪري سگھي ٿو ھُو جھنگ ۾ پنھنجي آزاد زندگي گذاري سگھي ٿو ھن کي ڪنھن بہ انسان جي ضرورت نٿي پئي جنھن جي سھاري ھو زندا رھي سگھي کاڌو حاصل ڪري سگھي پر ھن کي انسان محبت جي ڇڪ وري بہ ٿئي تنھن ڪري ھُو ڪڏھن ڪڏھن جان ٿارنٿن جي ڊاٻي تي پڻ وڃي ٿو ائين ھي پنھنجي زندگي وڻڻ، ٻيلن ۽ جانورن جي وڃ ۾ گذارڻ لڳي ٿو، بڪ جي ھن زندگي کي ليکڪ ارتقا جو پھريون ڏاڪو ڪري پيش ڪري ٿو ۽ بڪ جيڪو ارتقا جي ھاڻوڪي ڏاڪي تي ھڪ ڪتو آھي جيڪو انسان جي سنڀال ھيٺ رھي پيو اھو وري پنھنجي ارتقا جي پنھنجي ڏاڪي ۾ جھنگ ۾ رھڻ ۽ بگھڙن جي وڄ ۾ رھڻ ڪري ھڪ بگھڙ ٿي بگھڙن واري زندگي گذارڻ لڳي ٿي ائين ناول جي پڄاڻي اچي ٿي ۽ بڪ جي ڪھاڻي پوري ٿئي .جئين تہ ليکڪ ھڪ ناولنگار سان گڏوگڏ سماج وادي ھو تنھن ڪري ھو ھن ارتقا جي ڏکئي موضوع کي ناول جي صورت ۾ تمام دلچسپ انداز سان پيش ڪيو آھي ۽ ھن جو ترجمو بہ لاجواب ڪيو آھي پڙھندڙ کي ھي ناول پنھنجي گرفت ۾ جڪڙي وٺي ٿو . تنھن ڪري ناول ادب ۽ ارتقا سان دلچسپي دوستن کي ھي ناول ضرور پڙھڻ گھرجي.

ڪلا ڪار جو قتل

ڪلا ڪار جو قتل

ناول ادب جي اھڙي صنف آھي جنھن ۾ ناولنگار ھڪ ئي ناول ۾ پنھنجا ڪيترائي خيال ۽ ڪھاڻيون پيش ڪري سگھي ٿو ان ۾ ليکڪ سماج جون ڪيتريون ئي حقيقتون پيش ڪري سگھي ٿو تنھن ڪري ادب ۾ ناول جي اھميت وڌي وڃي ٿي،سنڌ ادب ۾ شروعاتي زماني۾ ناولن جو تعداد گھٽ ھو پر ھيئنر سنڌ ۾ ڪافي اديب، ليکڪ اصلوڪا ناول لکي ۽ ترجمو ڪري رھيا آھن جيڪو يقينن ھڪ بھترين عمل آھي . ناول جي ترجمي جي حوالي سان قربان چنا سنڌي ادب ۾ غير معمولي پورھيو ڪري رھيو آھي ھن سنڌي ادب کي عالمي ادب مان پروفيسر موري، اجنبي،قيدياڻي جي ڪٿا، ديوانگي، جھڙا بھترين ناولن جي ترجما ڏنا آھن ان ئي سلسلي ۾ ڪجھ وقت اڳ لاطيني آمريڪا ” جي صحافي ۽ ناولنگار ماريوورگاس لوسا “ جي ناول who killed palomino molero جو ڪلاڪار جو قتل جي نالي سان ترجمو ڪيو آھي جيڪو عالمي ادب جو شاھڪار آھي ھي ناول جيترو بھترين آھي اوترو ئي ھن جو ترجمو معياري ڪيو ويو آھي ھن ناول جي ڪھاڻي بظاھر ڪلاڪار جي قتل جي سببن جو ڳولا جي چوڌاري ڦري ٿي پر ليکڪ ھن ناول ۾ پيرو جي سياسي، سماجي،معاشي حالتن جو عڪاسي ڪئي آھي ۽ ان سان گڏوگڏ ملٽري، جي مٿيئن طبقي جي نفسيات عياشين ۽ نااصافين کي وائکو ڪيو آھي تنھن ڪري ھن ناول جي اھميت اڃا بہ وڌي وڃي ٿي، ھن ناول جي شروعات پالمينومينرو جيڪو ھڪ ڪلاڪار ھو جنھن جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش ھڪ ٻڪريون چاريندڙ دراڙ کي ملي ٿو جيڪو ڍوڙي وڃي پوليس اسٽيشن ۾ ٻڌائي ٿو جنھن جي جانچ پوليس جا سپاھي اچن ٿا جنھن مان ھڪ ليو ٽيما صفا رحمي ۽ حساس دل ھوندو آھي جنھن کي ھن جي قاتلن جي ڳولا جي گھڻي ھورا کورا ھوندي آھي پر ھو ان ڪم ۾ ايڏو ماھر ناھي ھوندو ۽ ليفٽنٽ سلوا جيڪو ھڪ آڙيڪاپ سپاھي ھوندو آھي جنھن ۾ قتل سان لاڳاپيل ثبوتن کي ڳولڻ جو فن ۽ شاھدن ۽ آسپاس جي ماڻھن مان ڪيس سان لاڳاپيل ڳالھيون ڪڍڻ ۽ اصل حقيقت تائين پھچڻ جي فن ۾ مھارت ھوندي آھي پر ھن جي ڪمزوري ھڪ ريسٽورينٽ ھلائيندڙ ھن کان وڏي عمر جي عورت ھئي جنھن تي ھي موھت ھو ۽ ان سان دوستي رکڻ چاھي ٿو , ائين ٻئي سپاھي ڪلاڪار جي قاتل جي ڳولا ۾ لڳي وڃن ٿا جنھن لاءَ ھُو ڪلاڪار جي ماءُ سان ملاقات ڪن ٿا جيڪا ھنن کي ٻڌائي ٿي تہ ھن جو پٽ فوج ۾ ڪو مقصد کڻي ڀرتي ٿو ھو اھو مقصد ھو پنھنجي زندگي ۽ موت مسئلو سمجھندو ھو، ھاڻي ٻئي سپاھي سوال کڻي نڪرن ٿا تہ آخر ھن جو فوج ۾ ڀرتي جو مقصد ڪھڙو ھو جنھن کي ھو زندگي ۽ موت جو مسئلو سمجھيو ٿي جنھن تي ھوُ ان نتيجي تي پھچن ٿا تہ شايد ھن کي ڪنھن سان محبت ٿي جنھن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ھو فوج ۾ شامل ٿيو ۽ ان ڪيس جي وڌيڪ تفتيش لاءِ ھو ٻئي فوج جي ڪرنل مئنڍريو سان ملاقات ڪن ٿا جيڪو ٻنھي کي ڪا مثبت موٽ نٿو ڏي ۽ ھر ڳالھ جو جواب ڪاوڙ مان ڏي ٿو جنھن جو رويو پيشماني، ڪاوڙ، ندامت وارو ھو ھن کي قاتل جي خبر ھوندي بہ ھن ڪيس لئي مٽي ڪرڻ ٿي چاھيو، ھتي ھنن کي خبر پوي ٿي تہ ڪرنل مئنڍريو جي ڌي بہ آھي ھتي، ان کانپوءِ اڳتي ھلي انھن کي خبر پوي ٿي تہ ڪرنل مئنڊريو جي ڌي جو ھڪ دوست بہ آھي ۽ فوج ۾ ھڪ وڏي عھدي تي آھي جيڪو روزاني شرابخاني ۾ شراب جي نشي ۾ عورتن ۽ مردن سان بدسلوڪي ڪري ٿو پر ان خلاف ڪابہ ڪاروائي نٿي ٿئي ڇوتہ ھو بااثر آھي تنھن تي ھُو ان شراب خاني ۾ ان سان ملاقات ڪن ٿا جيڪو نشي ۾ ڪيس جي حوالي ڪي ٿوريون خبرون ٻڌائي سگھندو آھي پر اصل حقيقت اڃا بہ ڳجھ ھوندي آھي تنھن کانپوءِ انھن کي ان جي ڳالھ جي معلومات ملي ٿي ان ڪلاڪار کي قتل ڪرڻ کان اڳ ھڪ پادري جي گھر ۾ ھڪ ڇوڪري سان گڏ ڏٺو ويو ھو تنھن کانپوءِ ھُ و ان پادري جي گھر ۾ وڃن ٿا جتي انھن سان پادري جي ڌيءِ سان ملاقات ٿئي ٿي جيڪا اھا قبول ڪري ٿي تہ اھو ڇوڪرو پنھنجي محبوبا سان ھتي آيو ھو ۽ انھن ھتي شادي ڪرڻ ٿي چاھي پر ان رات پادري گھر ۾ نہ ھو تنھن ڪري انھن جي شادي نہ ٿي سگھي مون انھن کي گھڻو ئي چيو پر اھي ھتان نہ ويا ۽ صبح ٻہ مرد ھڪ جيپ ۾ آيا ۽ انھن ٻنھي کي زبردستي وٺي ويا ۽ انھن مون کي ڌمڪيون ڏنيون تہ مون اھا ڳالھ ڪنھن سان ڪئي تہ ھُو مون کي ماري ڇڏيندا تنھن تي ھنن سپاھين جو ڪلاڪار جي قتل جو شڪ ڪرنل مئنڍريو ۽ ان جي ڌي جي دوست تي وڃي ٿو ائين اڳتي ھلي ڪرنل مئنڍريو جي ڌي پڻ ٻنھي سپاھين سان ملي ٿي ۽ انھن جي اڳيان قبول ڪري ٿي تہ ڪلاڪار پولومينيرو ۽ ھي ھڪ ٻئي سان تمام گھڻي محبت ڪندا ھئا جنھن جي خبر ھن جي پيءَ کي خبر پئجي وئي ھئي ۽ ھُو قتل جو الزام پنھنجي پيءِ تي ۽ پنھنجي دوست تي لڳائي ٿي ائين انھن ٻنھي سپاھين جانچ پوري ٿئي ٿي پر اڳيان ڪھاڻي ھڪ نئون موڙ کائي ٿي تہ ڪرنل مئنڍريو ٻنھي سپاھين سان ملاقات ڪري ٿو انھن کي ھڪ نئين ڪھاڻي ٻڌائي ٿو تہ منھنجي ڌيءَ نفسياتي مريض آھي جيڪا ھر روز مون تي نوان الزام لڳائندي رھندي آھي ايتري قدر جو ھُو مون تي جنسي تشدد جو بہ الزام لڳائندي رھي آھي ۽ توھان جي موڪليل اعلي عملدارن کي رپورٽ مون کي ڪٿي جوبہ ڪونہ ڇڏيندي اصل ڪلاڪار جو قتل مون نہ پر منھنجي ڌيءَ جي دوست ڪيو آھي ۽ ھُن تي تشدد بہ ان ڪيو آھي ان کانپوءِ ڪرنل مئنڍريو پاڻ خودڪشي ڪري پنھنجي ڌيءَ جو قتل ڪري ڇڏي ٿو ائين ان ڪھاڻي جو انت ٿئي پر پيرو جي ماڻھن ۾ اھو چوٻول ھوندو آھي تہ ڪلاڪار جي قتل ۾ وڏيون مڇيون، ملوث آھن ۽ تنھن ڪري ڪرنل ۽ ان جي ڌيءَ کي بہ انھن وڏين مڇين قتل ڪيو آھي تنھن ڪري پئلومينو مينرو جي قتل سان انصاف ناممڪن آھي ائين انھن قاتل جي ڳولا ڪندڙ سپاھين ليوٽيما ۽ ڪئپٽن سلوا جي اعلي عملدارن طرفان پروموشن ٿيڻ بدران ڪنھن ڏورانھن علائقن ۾ بدلي ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪلاڪار جو قتل اڃا تائين ڳجھ رھجي وڃي ٿو ائين ھن ناول جو انت اچي ٿو .
جئين تہ ليکڪ ماريوورگاس لوسا ھڪ ترقي پسنڌ ۽ لبرل ليکڪ آھي ھن جو ھڪ سياسي پس منظر بہ ھو ھُو پنھنجي ملڪ جي سياسي سرگرمي بہ حصو وٺندو رھندو ھو ھو شروعاتي زماني ۾ فيڍرل ڪاسترو جي سياسي نظام کان متاثر ۽ ان جو حمايتي بہ ھو تنھن ڪري ھُو پنھنجي لکڻين ۾ پيروءَ جي اسٽيبشمينٽ ۽ ملٽري جي پاليسين تي تنقيد ڪندو رھي ٿو جنھن جو مثال ٻين لکڻين سان گڏوگڏ ھي ناول بہ آھي جنھن ۾ ھن پيروءَ جي سياسي سماجي حالتن جو ڇيد ڪيو آھي ھن ناول ۾ ليکڪ پيرو جي حڪومت سان لاڳاپيل اعلي عملدارن جي عياشين کي وائکو ڪيو آھي ھن ناول ۾ ليکڪ طبقاتي سوال کي پڻ کنيو آھي جنھن ۾ جڏھن ھيٺين طبقي جو مرد جڏھن مٿئين طبقي جي عورت سان محبت ڪري ٿو تہ ان جو انجام ڪلاڪار جھڙو ٿئي ٿو ۽ ھن ناول ۾ اھو پڻ ڏيکاري ٿو تہ مٿئين طبقو پاڻ کي اُتم سمجھي ٿو ۽ مٿيئن طبقي جي ڪيل نااصافين جو ڪوبہ ازالو نٿو ٿئي غريب ھر ملڪ ۾ ويچارو، بي وس ئي آھي ناول ۾ ليکڪ ان نقطي کي کنيو آھي تہ جن ملڪن ۾ قانون جي حڪمراني ناھي ھوندي جتي غربت ۽ بدحالي ھوندي اتي اھڙا ڏوھ ٿين ٿا ماڻھو پنھنجيون خوشيون شراب خانن ۽ جنس بي راھ روي ۾ ڳولين ٿا جئين ھن ناول ۾ پيرو جي سماجي حالتن کي ڏيکاريو آھي . ناول ۾ ليکڪ جنسي ھراسمينٽ واري نقطي کي پڻ کنيو آھي تہ جيڪو ٿورو بہ طاقتور آھي ان وٽ ڪابہ تھذيب ناھي اھو ڪنھن کي بہ حراس ڪري سگھي ٿو،چاھي اھا ڌي ڇونہ ھجي جئين ھن جي ناول جو ڪردار ڪرنل مئنڍريو تي اھو الزام ھو يا وري قاتل جي ڳولا ڪندڙ سپاھي ليفٽينٽ سلوا ھوٽل ۾ ڪم ڪندڙ نوڪرياڻي کي تنگ ڪندو ھو ۽ ليکڪ اھو پڻ ڏيکاري ٿو تہ جيڪڏھن عورت مڙسي ڪري تہ ڪيپٽن جھڙن جي حراسمينٽ سا ن ڀرپور مقابلو ڪري سگھي ٿي جئين ان نوڪرياڻي ڪيو .ھن ناول جي ھڪ منفرد ڳالھ اھا آھي ليکڪ ڪردارن جي آسپاس ۾ رنما ٿيندڙ لقائن ۽ واقعن جي ڀرپور منظرنگاري ڪئي آھي جنھن ڪري ناول پڙھڻ ۾ وڌيڪ دلچسپ لڳي ٿو .

قيدياڻي جي ڪٿا

قيدياڻي جي ڪٿا

ادب ھن سماج ۾ ٿيندڙ لقائن، ماڻھن جي رھڻي ڪھڻي، ان جي سوچن ءِ خيالن جو عڪس ءِ اولڙو ھوندو آھي، ادب ماڻھو سان ٿيندڙ وارتائن، ءِ ان جي خوشين ءِ ڏکن، تڪليفن، عقوبتن، ماڻھن جي سورھيائي، قرباني، ناڪامين ءِ ڪاميابين کان واقف ڪري ٿو اھو ادب ئي آھي جيڪو اسان کي ھن سماج ۾ فردن سان ٿيندڙ ظلم،ذيادتن،ناانصافين تي اسان جي ذھنن ۾ نفرت ءِ بغاوت پيدا ڪري ٿو تنھن ڪري ادب کي انقلاب جي راھ ھموار ڪندڙ ليکيو وڃي ٿو،دنيا ئي ادب ۾ ناول جي صنف کي تمام گھڻي اھميت مليل آھي ڇو تہ ھڪ ناول ۾ ھڪ ناول نگار پنھنجي تخليقي سگھ جي ذريعي ھن سماج ۾ ٿينڙ لقائن، ءِ ھڪ فرد سان ٿيندڙ واردتن کي تمام سھڻي نموني پِيش ڪندو آھي جنھن پڙھندڙ کي ذھني طور تي ڌوڏي ڇڏڻ جي صلاحيت پڻ ھوندي آھي .تنھن ڪري ئي گورڪي جي ناول ماءَ کي روسي ادب ۾ تمام گھڻي اھميت ڏني وئي ھئي .سنڌي ۾ بہ موچارا ناول لکيا ويا آھن ءِ عالمي ادب جا بھترين ترجما بہ ڪيا ويا آھن جيڪي پڻ پڙھندڙ جي ذھن کي جنجھوڙين ثا، ان ئي سلسلي ۾ ڪجھ وقت اڳ ۾ قربان چنا جو ترجمو ڪيل ناول ؛ قيدياڻِي جي ڪٿا ڇپيو آھي جيڪو مصري ليکڪ نوال السعدي جو لکيل آھي جيڪو ھڪ عورت جي درد ڪٿا،۽ ان جي بھادري تي مشتمل آھي،ھي ناول بنيادي طور ھڪ وھشہ جي پوري زندگي جي ڪھاڻي آھي جيڪا ھڪ قتل ڪيس ۾ جيل ۾ قيد دوران ڦاسي جي سزا کان ھڪ ڌينھن اڳ ھڪ ڊاڪٽر کي پنھنجي ڪھاڻي بڌائندي آھي ھي ناول ھڪ وحشہ فردوس جي چوڌاري گھمي ٿو پر ان سان گڏوگڏ مصري معاشري جي رھڻي ڪھڻي،ان جي رسمن،رواجن ءِ حالتن جو پڻ ڇيد ٿيل آھي،تنھن ڪري اچو تہ پڻ ھن ناول جو مختصر جائزو وٺون،
ھن ناول جو اھم ڪردار فردوس آھي جيڪا پنھنجي ڪھاڻي بيان ڪندي ٻڌائي ٿي تہ ھو مصر جي ھڪ ھاري جي گھر ۾ پيدا ٿي ھئي ھن جو پيءِ صفا اڻ پڙھيل ھو ھن کي دنيا داري جي ڪا گھڻي خبر نہ ھئي پر ھن کي منھجي ماء کي مار ڪٽڻ پوري طرح ايندو ھو ھُو غريب ھئا پر انھن جي گھر ۾ ٻارن جي لوڌ ھئي تنھن ڪري اڪثر سڀني کي بکيو رھڻو پوندو ھو پر پوء بہ ھن جو پيءِ پيٽ ڀري ماني کائندو آھي، جئين تہ مصري سماج سماجي ڊانچو ڪجھ اھڙو ھو جنھن ڪري اتي ھر مرد ذھني طور رجعت پرست ۽ روحاني طور تي خودپرست، بي رحم ءِ ويڳاڻو ھو تنھن ڪري ھن ناول جي مرڪزي ڪردار فردوس جي پيءِ ۾ ان سماج جون سڀ اوڻايون ءِ لاڙا ھئا جنھن ڪري ھو پنھنجي اولاد کي بکيو رکي پاڻ ڊوء ڪري کائندو ان وٽ نياڻي جي ڪا اھميت نہ ھئي تنھن ڪري ان جي ڪا نياڻي مرڻ تي بہ ان تي ڪو فرق نہ پوندو بلڪہ ماني ڊوء سان کائي سمھي رھندو ھو، جنھن جو اظھار ليکڪ صفعي 59 تي ھن ريت ڪري ٿو “اسان جي خاندان ۾ جڏھن ڪا ڇوڪري فوت ٿيندي ھئي تہ بابا پيٽ ڀري ماني کائندو ھو امان سندس پير ڏوئنڌي ھئي ءِ ھوُ بي فڪرو ٿي سمھي پوندو ھو جئين ھُو سدائين کان ڪندو آيو آھي ءِ جيڪڏھن ڪو ڇوڪرو فوت ٿي ويندو ھو تہ بابا امان کي ڪچو کائي ڇڏيندو ھو پر پوءِ بہ ماني کائي سمھي رھندو ھو بابا ڪڏھن بہ بُکي پيٽ نہ سُتو ڀلي چا بہ ٿيو ھجي .ڪڏھن ڪڏھن کائڻ لاءِ ڪجھ نہ ھوندو ھو اسان بُکئي پيٽ سمھي رھندا ھئاسين پر بابا خالي پيٽ ڪڏھن بہ نہ سُتو .امان ھُن لاءِ ماني پچائي رکندي ھئي جيڪا ھُو اسان کان لڪائي کائي سمھي رھندو ھو “ اھڙي طرح ھن ناول جي مرڪزي ڪردار پنھنجي ننڊپڻ ۾ اھڙيون تڪليفون، اذييتون ءِ بکون ڪاٽيندي زندگي گذاري ثي تہ ان دوران ھي ھڪ جنسي تجربي کان پڻ اشنا ٿئي ٽي ءِائين غربت ءِ کاڌي جي اڻ ھوند سبب ھن جو سڄو خاندان ھڪ ھڪ ثي ڪري پورو ثي وڃي ٿو جنھن جو احوال پڻ ڏھڪائندڙ آھي جئِين ھڪ ھنڌ پنھنجي خاندان جي ڪھاڻي بيان ڪندي فردوس ٻڌائي ٿي تہ “ ٻين غريبن وانگر منھنجا ٻہ کوڙ ڀيڻ بائر ھئا جئين ڪڪڙين جا چوزا ھوندا آھن بھار جي مند ۾ جي ھنن جو اضافو ٿيندو آھي، ٿڌ م ڏڪندا آھن ءِ ۾ پيٽ جي خرابي ڪري يا ٻين بيمارين جي ڪارڻ کٽندا ويندا آھن .منھنجا ڀائر ءِ ڀينرون بہ ھڪ ھڪ ٿي مري ويا “ ائين ڀائرن ءِ ماءَ پي جي مرڻ کان پوءِ فردوس پنھنجي چاچي سان گڏ قاھرا ھلي ويندي آھي جتي ھي اسڪول ۾ داخلا وٺندي آھي ائين ھي پنھنجي تعليم مڪمل ڪري گريجوئيٽ ٿي ويندي آھي ان تعليم دوران ھن جي ڪتابن سان پڻ دوستي ٿي وڇي ٿي ۽ ھي مختلف موضوعن تي ڪتاب پڙھن لڳي ٿي جيڪي ھن ۾ ھڪ وڏي تبديلي اڻين ٿا پر اوڇتو ھن جي زندگي ۾ ھڪ وڏي تبديلي اچي ٿي جيڪا ھن لاءِ ھن ڏک ۽ تڪليفون کڻي اچي ٿي،ھن جي چاچيءِ ڪجھ پئسن عيوض ھن جو رشتو پنھنجي سُکي ستابي پر پوڙھي چاچي سان شادي ڪرائي چڏيندي آھي جيڪو ھن کي بلڪل پسند ناھي ھوندو آھي ءِ ھن تي تشدد پڻ ڪندو اھي ءِ جنسي طور تہ بکيو ھو جنھن جو نقشو فردوس ھن طرح چٽيو آھي “ھن جي عمر سٺ سالن کان مٿي ھئي ءِ مان اڃا اوڻويھ سالن جي نہ ھئس ھن جي ڇپن جي ھيٺان کاڌيءِ جي ھيٺان ھڪ ھڪ وڏو ڳوڙھو ھو جنھن کي سوراخ پڻ ھو ڪو ڏينھن اھڙو ھوندو ھو جو اھو سوراخ خشڪ ٿي ويندو ھو نہ تہ اڪثر ڪري ان مان ڳاڙھو ريشو پيو ڳڙندو ھو جنھن ۾ رت ءِ گند ٻئي شامل ھوندا ھئا .“ ائين اھو شخص فردوس تي تشدد بہ ڪندو ھو پر جڏھن فردوس ان ڳالھ تي احتجاج ڪندي ھئي تہ ھن کي مذھب ياد ڏياريو وڃي ٿو تہ مذھب ۾ مڙس جي مار جائز آھي چو تہ مڙس مجازي خدا آھي،اھڙي طرح روز جي مار ۽ ِ جنسي تشدد کان بيزار ٿي ھن ناول جي مرڪزي ڪردار فردوس گھراڻ ڀڄي نڪري ٿي جتان ان جي وحشہ جي زندگي جي شروعات ٿئي ٿي ھن کي پنھنجي گريجوئيشن جي ڊگري کڻي نوڪري جي تلاش ۾ ڌڪا کائڻا پون جتي ھن کي ھر روز ھڪ نئون مرد ملي ٿو جيڪو ھن سان ھمدردي ڏيکاري ھن کي پنھنجي گھر وٺي وڃي ٿو جتي ھن مان جنسي بک متائي ٿو ءِ ھن جي انڪار تي ھن تي تشدد ڪري ٿو انھي ڊڪ ڊوڙ ۾ ھن کي ھڪ دلال عورت ملي ٿي جيڪا ھن کي وڏي وحشہ بنائي ڇڏيندي آھي جنھن وٽ ھر سھولٿ عيش آرام ھوندو آھي ءِ ان دوران فردوس اھو انڪشاف پڻ ڪندي آھي تہ ھن کي ھن ڌنڌي شروع ۾ ھي جنسي عمل مان تمام گھڻي لطف اندوز ٿيندي آھي پر اڳتي ھلي بيزار ٿي پندي آھي جنھن ڪري ھي اھو ڌنڌو ڇڏي وري ھڪ ڪمپني ۾ مزدوري ڪندي ھڪ ڏکي زندگي گذارڻ لڳندي آھي جتي ھو ھڪ انقلابي پارٽي ۾ پڻ شامل ٿي ويندي آھي ۽ ھڪ شخص ابراھيم سان محبت ڪرڻ لڳندي آھي پر اھو پڻ ھن کي ڌوڪو ڏيئي ٻئي ھنڌشادي ڪندو آھي تنھنڪري ھي پڻ ان ڪمپني جي نوڪري ڇڏي وري وحشہ جو پيشو اختيار ڪندي آھي،ائين ھي پوري ملڪ جي ھڪ مشھور وحشہ ٿابت ٿيندي آھي ان دوران ھن وٽ ملڪ جا وڏا واپاري، وزير،مشير ايندا رھندا آھن جن کان ھي پنھنجي مرضي جو اگھ وٺندي آھي ائين ھن جي ھاڪ ٻاھرئين ملڪن ۾ پڻ ٿي ويندي آھي تہ اُتي ھڪ ملڪ جو شھزادو ھن کي حاصل ڪرڻ چاھيندو جنھن کي ھي انڪار ڪندي آھي جنھن تان وزير،مشير ڪاوڙجي پوندا چو تہ ھُو پنھنجي ملڪ جي سچي محب وطن ٿابت نہ ٿي ٿئي ۽ پاڙيسري ملڪ جي شھزادي کي ھا نٿي ڪري تنھن ڪري ھن تي قتل جو مقدمو داخل ڪري ھن کي موت سزا ڏني وڃي ٿي،ائين ھن ناول جو انت اچي ٿو،ھي ناول بنيادي طور ھڪ عورت جي مظلوميت کي پيش ڪري ٿو ھن ناول ۾ مصر جي سماجي ۽ ثقافتي حالتن جو پڻ ڇيد آھي پر ھن ناول ۾ نقطو پوري ناول تي حاوي رھي ٿو،جيڪو تنقيد پ لائق پڻ آھي تہ ليکڪ ھن ناول اھو ثابت ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي تہ ھن دنيا ۾ ھرظلم ۽ جبر جو ذميوار مرد آھي دنيا جي ھر تباھي جو ذميوار مرد آھي مرد تمام نفرت لائق آھي، ھي مردن جي دنيا آھي اتي ھر عورت مظلوم آھي .عورت جي ھر مظلوميت جو ذميوار مرد ئي آھي جيڪا تمام گمراھ ڪندڙ نقطو آھي .ڇوتہ ھن جھڙي ھن سماج ۾ عورت پيڙھجي ٿي بلڪل اھڙي طرح مرد جو بہ احتصال ٿئي ٿو تنھن ڪري بنيادي طور تي ھن سماج ۾ ڪنھن بہ ظلم يا،احتصال ۽ جبر جو بنيادي سبب ھڪ مرد نہ پر ان سماج جو بنيادي ڊانچو آھي جيڪو مرد ءِ عورت جي گڏيل جدوجھد سان تبديل ٿيندو .

ناول ”ڪُتا“ جو جائزو

ناول ”ڪُتا“ جو جائزو

سنڌي ادب ۾ انسان جي داخلي ڪيفيتن تي ماڻڪ بھترين ناوليٽ لکيا ۽ ان کانسواءِ حليم بروھي جو ناول اوڙاھ بہ ان پس منظر م لکيل آھي پر ان حوالي سان رسول ميمڻ جو ناول “ڪتا “تمام منفرد ۽ شاھڪار آھي جنھن ۾ رسول ميمڻ پنھنجي لاشعور ۾ ويٺل زندگي جي تلخ تجربن،ڏکن،تڪليفن،۽ اذيتن کي پيش ڪيو آھي، داخلي ڪيفيتن تي لکيل ڪھاڻين يا ناولن ۾ ھڪڙي ڳالھ تمام اھم آھي تہ ڪھاڻيڪار يا ناول نگار پنھنجا داخلي خيال جيڪڏھن تخليقي ۽ فلسفياڻا انداز سان پيش ڪري ٿو تہ پڙھندڙ کي تمام متاثر ڪن ٿا. رسول ميمڻ وٽ اھو وڏو فن آھي تہ ھُو پنھنجي ھر ڳالھ کي تخليقي ۽ فلسفياڻا انداز سان پيش ڪري ٿو جيڪا پڙھندڙ کي سڌو ذھن تي ڌڪ ھڻي ٿي ھن ناول ”ڪتا” جي بہ ھر سٽ پڙھندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو، ھي ناول ڪتن ۽ انسان جي چوڌاري ڦرندو رھي ٿو ھي ناول ضمير متڪلم ۾ لکيو آھي ھن ناول جو مرڪزي ڪردار پنھنجي ڪھاڻي يا پنھنجي زندگي جون يادون ٻڌائي ٿو باقي ٻيا مختلف انساني ڪردار توڙي ڪتن جا ڪردار ايندا رھن ٿا ۽ پنھنجو ڪردار ادا ڪري ھليا وجن ٿا ۽ ناول جو مرڪزي ڪردار اڪيلو پنھنجي ڪتي سان رھجي وڃي ٿو .ھن ناول جي شروعات مرڪزي ڪردار جي پنھنجي ڪتي راڪو کي پنھنجي گھران ڪڍڻ کان ٿئي ٿو جيڪو ھاڻي ان عمر ۾ پھتو آھي جو ھن کي ڪتن جي ڀونڪ بيزار ڪري ٿي تنھن ڪري ھو پنھنجي پاليل ڪتي کي پنھنجي گھران ٻاھر ڪڍي ڇڏي ٿو تہ جئين سُک جو ساھ کڻي سگھي .ائين مرڪزي ڪردار ڪتن سان پيار ۽ انھن کي پنھنجي ننڍپڻ ۽ جواني ۾ ڪتا ڌارڻ جون يادگيريون ڪري ٻڌائڻ لڳي ٿو تہ ھن کي ڪتن سان پيار ڪرڻ جي پئدائشي بيماري آھي ھو ننڍپڻ ۾ بہ ڪتا پاليندو ھو ۽ ھن جي ماءِ ھن کي ننڍپڻ ۾ ڪتن جا تمام گھڻا قصا ٻڌائندي ھئي جنھن ڪري ھن کي ڪتن سان اُنسيت ٿي وئي ھئي ۽ ھن جي ڳوٺ ۾ ڪتن جي لوڌ ھوندي ھئي جيڪا پئي ماڻھن کي کائندي ھئي ھڪ دفعي ھن جي ننڍي ڀاءُ کي ڪتو چڪ پائي وڃي ٿو ۽ انھن ڏينھن ۾ ڪُتي جون چڪ جي سُين جو ڪو تصور نہ ھو تنھن ڪري ماڻھو ڪتي جي چڪ تي ئي مري ويندا ھئا پر ھن جي ماءُ پنھنجي پُٽ کي ھڪ حڪيم کي ڏيکاريو جنھن سايون مرچون ٻڌڻ لاءِ چيو ھو جنھن تي ھن جو ڀاءُ بچي ويو،ھو ائين ھن ناول جو مرڪزي ڪردار“ مان “ننڍپڻ ۾ ڏٺل ڪتا۽ ان سان لاڳاپيل ماڻھن جا قصا ٻڌائي پنھنجي ڪھاڻي کي اڳتي وڌائي ٿو ۽ ھڪ ڏينھن ھي ڊاڪٽر ٿي شادي ڪري ٻارن ٻچن وارو ٿي وڃي ٿو پر ھن جي ڪُتن سان واسطو ضرور رھي ٿو ڇوتہ ھن کان ورثي ۾ مليل اھو شوق ھن جي اولاد کي ملي ٿو جيڪو پڻ ڪتا پالڻ لڳن ٿا نوڪري دوران مرڪزي ڪردار ڍاڪٽر جي بدلي ھڪ مصروف شھر ۾ ٿئي ٿي جتي ڪُتن جو بہ بازارون لڳنديون ھيون ۽ امير ماڻھو ڪتا شوق سان خريد ڪري پاليندا ھئا ائين ھي پنھنجي ڊاڪٽري مان گھڻو ڪمائي مالدار ٿي وڃي ٿو ۽ ھڪ پلاٽ خريد ڪري گھر ٺھرائڻ جي شروعات ڪري ٿو جنھن جي چوڪي لاءِ پڻ ھڪ چوڪيدار ۽ ڪُتي جي ضرورت پوي تنھن جي لاءِ ھي ھڪ چوڪيدار رکي ٿو تُہ ھن جو پٽ ھڪ ڪُتو خريد ڪري اچي ٿو تہ وري ھن جو ڀاءُ ھن کي ھڪ ڪُتي تعفي طور پڻ ڏي ٿو ائين ھن جو پُٽ سڄو ڏينھن ڪُتن جي سارسنڀال ۾ پورو ھوندو آھي ۽ پنھنجي پاڻ ۽ پنھنجي صحت تي بلڪل ڌيان نٿو ڏي جنھن سبب ھن کي ڪينسر جھڙي بيماري ٿي پوندي آھي جنھن مان بچي نہ سگنھدو آھي ۽ گذاري ويندو آھي اھو صدمو ڊاڪٽر جي گھر لاءَ وڏو ھوندو آھي جنھن ڪري ھن جي زال ڊپريشن جي مريض ٿي ويندي آھي ھن جي گھر جو خوشيون ختم ٿي وينديون آھن، وڏي پٽ جي وڇوڙي کانپوءِ ھن کي پنھنجي ننڍي پُٽ جي شادي جو خيال ايندو آھي ائين ھُو پنھنجي ننڍي پٽ جي شادي ڪرائيندا آھن جنھن کي پڻ اولاد ٿيندو آھي ائين ھُو خوش رھڻ لڳندا آھن ۽ گھر ۾ ٻارن جي اچڻ جي ڪري ڪُتن جي اھميت گھٽجي وڃي ٿي پر اوچتو ھنن جي گھر ۾ ھڪ وڏي تبديلي اچي وڃي ٿي ھن جي پُٽ کي ڪيناڊا ۾ نوڪري ملي وڃي ٿي جنھن سبب ھنن کي ڪيناڊا شفٽ ٿيڻو پوندو آھي پر مرڪزي ڪردار پنھنجي ڌرتي ڇڏڻ ناھي چاھيندو جنھن ڪري ننڍو پُٽ پنھنجي فيملي سان ھليو وڃي ٿو ۽ ھي ٻئي اڪيلا رھجي وڃن ٿا۽ ٽيون ھنن جو ڌاريل ڪتو راڪو . ائين وڏي پُٽ جي موت،ننڍي پُٽ جو پرديس ۾ رھڻ ھن ۽ ھن جي زال کي جھوري ڇڏيو ۽ نيٺ ھن جي زال بہ گذاري وڃي ٿي ۽ ھي تن تنھا راڪو ڪُتي سان زندگي گذارڻ لڳي پر ان مان بہ ھي بيزار ٿي ھن کي گھر مان ڪڍي ڇڏيندو آھي
جئين تہ ھي ناول بنيادي طور ڪتن ۽ انسان جي پاڻ ۾ ڳانڍاپي تي لکيل آھي جنھن ۾ ليکڪ اھو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تہ انسان،انسان کي ڇڏي سگھي ٿو انسان،انسان سان بي وفائي ڪري سگھي ٿو پر ڪتا با وفا آھن ڪُتن لاءَ پنھنجو مالڪ ئي خدا آھي، ھن ناول ۾ ليکڪ ڪٿي ڪُتن کي حقيقي ڪردار طور پيش ڪيو آھي تہ ڪٿي علامت طور استعمال ڪيو آھي تنھن ڪري ھن ناول ۾ ليکڪ جي خيالن تي ڳوڙھي ويچار ڪرڻ جي پڻ گھڻي ضرورت پوي ٿي وري بہ ھن ناول ۾ جيڪي اھم نقطا آھن تن مان ڪجھ تي پاڻ بحث ڪريون ٿا .
جئين تہ ھن ناول ۾ ڪتا ڪٿي حقيقي ڪردار طور آيا آھن تہ ڪٿي وري علامت طور لکيل آھن ھڪ انسان جي لاشعور ۾ ڪيتريون يادون گڏن ٿيل ھونديون آھن اُھي ھروقت انسان کي ستائينديون رھنديون آھن انسان پنھنجي زندگي ۾ ڪي تڪيفون، ڪي اذيتون ۽ ڏک ڏسي ٿو تہ اُھي يادن جي صورت ۾ رلاشعور ۾ رھجي وينديون آھن، ۽ اُھي يادون ڪنھن نہ ڪنھن ڳالھ تي،ڪنھن نہ ڪنھن حادثي تي اُھي لاشعور مان باھر نڪري اينديون آھن تنھن ڪري ھن پوري ناول ۾ ڪتا حاوي رھن ٿا ۽ انھن جو ڳانڍاپو ڪنھن نہ ڪنھن ڪردار،ڪنھن نہ ڪنھن واقعي يا مرڪزي ڪردار کي مليل اذيت سان رھيو آھي جئين ناول جي مھاڳ ۾ ليکڪ لکيو آھي تہ “اڪيلائي عياشي آھي،جيڪا توھان کي ڪڏھن بہ نصيب نہ ٿي ٿئي،ڇو جو يادن جا ڪُتا توھان جي اڪيلائي ءَ کي متاثر ڪن ٿا .لاشعور رولو ڪُتو آھي جنھن جو چڪ توھان کي چريو ڪري ٿو “يا وري صفعي 111 تي مرڪزي ڪردار “مان “ واتان ھي لفظ چئي ٿو تہ “منھنجي زندگي۾ ڪتن جي عظمت جو سبب اھو ئي رھيو آھي تہ توھان جن کي ياد ڪيو اُھي نہ رھندا آھن،اُنھن جُون يادُون وفادار ڪتي جيان توھان وٽ رھجي وينديون آھن،“
ھن ناول جو ٻيو اھم نقطو تہ “اسان پنھنجي پاڻ ۾ پنھنجن والدين جون خصلتون،کڻي گھمندا آھيون “ آھي اسان جا والدين اسان ۾ ۽ اسان پنھنجي اولاد ۾ جيئندا آھيون . اسان جي ابن ڏاڏن ۾ جيڪي بہ خاصيتون،خاميون ۽ ڪمزوريون ھجن ٿيون اھي اسان ۾ منتقل ٿين ٿيون ۽ اسان مان اسان جي اولاد ۾ منتقل ٿين ٿيون . ان نقطي کي ليکڪ ڪيترن جڳھن تي پيش ڪيو آھي،جئين صفعي ٽيويھ تي مرڪزي ڪردار چئي ٿو تہ “ مون کي ڪتن سان پيار جي پئدائشي بيماري آھي شايد ڪتن سان پيار جي اھڙي موروثي بيماري منھنجي ٻارن ۾ منتقل ٿي .“
يا وري ھڪ ٻئي ھنڌ ان نقطي کي ھن ريت پيش ڪري ٿو تہ “ مون کي محسوس ٿئي ٿو تہ مان صفا ڏاڏي جھڙو آھيان ڇو جو جڏھن ڏاڏو مرڻ ويجھو ھيو تہ کيس ڪتي جي ڀونڪ نہ وڻندي ھئي “ .يا صفعي ٻاونجاھ تي آھي تہ انسان جو مقدر اڪيلائي آھي ۽ امڙ جي اڪيلائي محسوس ڪري لڳندو ھيو مان بہ ائين اڪيلو ٿي ويندس “. مٿين ٻن جملن مان اھو چٽو ٿئي ٿو تہ مرڪزي ڪردار کي پيري ۾ ڪتن کان بيزاري سندس ڏاڏي کان ورثي ۾ ملي ۽ مرڪزي ڪردار جي پٽ ۾ خود غرضي مرڪزي ڪردار مان ملي جنھن ڪري ھو پنھنجي ماءُ پيءَ کي اڪيلو ڇڏي ڪيناڊا شفٽ ٿي وڃي ٿو ۽ اھو الميو جدت پڄاڻان جي دور جو بہ آھي تہ ھن دور ۾ ھر ماڻھو مفاد پرست ۽ ھڪ ٻئي کي ڪٽجي ويو آھي ھڪ پاڙي ۾ ئي رھندي ھڪ ٻئي کي نٿو سڃائي شھرن جي ايڏي آبادي ھوندي بہ ھر فليٽ ۾ ھر وڏي گھر ۾ رھندڙ انسان اڪيلو ۽ ويڳاڻو آھي تنھن ڪري ھُو اڪيلائي کي دُور ڪرڻ لاءِ ڪُتا پالي،جانور پالي ٿو پکي پالي ٿو ۽ انھن سان حد درجي جي پنھنجائپ رکي ٿو .
چوٿون نقطو ھن ۾ اھو پڻ آھي تہ ڪُتن کي جذبات ٿين ٿا اُھي پنھنجي ٻچڙن سان انسانن جيان پيار ڪن ٿا انھن جي موت تي انسانن جيان ماتم ڪن ٿا . ائين ھي ھن دور جو شاھڪار ناول آھي جيڪو رسول ميمڻ کي عالمي ادب جي وڏين ناولنگارن جي صف ۾ بيھاري ٿو تنھن ڪري اسان کي گھرجي ھن يگاني ليکڪ جي ناولن، ڪھاڻين ۽ ٻين ڪتابن کي سنجيندگي سان پڙھون ان جي ڪتابن جو گھرائي سان اُڀياس ڪريون ۽ ان کي پوري دنيا ۾ پذيرائي ڏياريون باقي خالي عظيم چوڻ سان ان جي پورھئي جي اصل ڪٿ ۽ انصاف نٿو ڪري سگھجي .

”ڪيفي ادب “ ھڪ جائزو

”ڪيفي ادب “ ھڪ جائزو

ٻہ ھزار ٻاويھ جو ڊسمبر تيز سيءَ جي لھر سان گڏوگڏ سنڌي ادب پڙھندڙ لاءِ ڪيترائي نوان ڪتاب کڻي آيو ڊسمبر ۾ ڪيترائي نوان ڪتاب ڇپجي آيا آھن جن ۾ ناولن جو تعداد وڌيڪ آھي جن جي موضوعن ۽ ٽيڪنڪ ۾ نواڻ پڻ آھي ان ئي حوالي سان نوجوان ڪھاڻيڪار ۽ ناولنگار اختر حفيظ جو ناول ”ڪيفي ادب“ آھي اختر حفيظ جي سڃاڻپ ھڪ ڪالم نگار واري پڻ آھي پر ھن جو ڪھاڻيڪار ۽ ناولنگار وارو پاسو وڌيڪ مضبوط آھي اختر حفيظ جي پھرئين لکڻي مون تحريڪ رسالي ۾ لکيل ڪھاڻي ”چتا“ پڙھئي ھئي جنھن جي پڄاڻي 15 سال گذرڻ باوجود مون کي ناھي وسري اھا ھڪ لاجواب ڪھاڻي ھئي . اختر حفيظ جي ان ڪھاڻي جيان ناول ڪيفي ادب بہ سنڌي ادب ۾ ھڪ منفرد ناول آھي ھن ناول جي ذريعي ھڪ طرف اختر حفيظ ادبي اشٽيبلشمنٽ کي چيليج ڪيو آھي ۽ ٻيو تہ جڳاڙي ادب ۽ اديب جو اصل چھرو ڏيکاريو آھي، ھن ناول ۾ ليکڪ سنڌ جي شھرن جو ورھاڱي سبب ٿيندڙ اثر ۽ ھندستان مان لڏي ايندڙ ماڻھن جي نفسيات ۽ ان جي ڌرتي ڌڻين سان رويي جو ڇيد پڻ ڪيو آھي . ھن ناول جو مرڪزي ڪردار “آدرش “ جيڪو ھڪ ڪھاڻيڪار ۽ ڪالم نگار آھي جيڪو ادبي اسٽيبلشمينٽ کان باغي آھي تنھن ڪري ھُو جڳاڙي ڪھاڻيڪارن،شاعرن ۽ اديبن تي تنقيد ڪندو رھي ٿو جنھن ڪري ھُو ادبي حلقي ۾ اڪيلو ۽ ويڳاڻو آھي ھو سنڌ جي وجودي ليکڪ ماڻڪ کان متاثر آھي تنھن ڪري ان کي اڪيلائي ۾ ماڻڪ نظر اچي ٿو جنھن سان ھو ڪچھري پڻ ڪندو رھي ٿو، جئين تہ آدرش جي گذر سفر جو ذريعو اخبار ۾ ڪالم لکڻ آھي جيڪو پڻ ادبي اسٽيبلشمينٽ جي حلقي جي ڪھاڻيڪارہ لاجواب جي اثر رسوخ سبب بند ٿي وڃن ٿا ڇوتہ اھا ڪھاڻيڪارہ آدرش کان متاثر ھوندي آھي ان ۾ دلچسپي وٺي ٿي پر آدرش ان کي ڪنھن بہ قسم جي موٽ نٿو ڏي، ۽ ھن جي ماءُ بيمار ھجڻ جي ڪري ھن کي پنھنجيون ڪھاڻيون ان ڪھاڻيڪارہ لاجواب کي وڪڻيون پون ٿيون جيڪا اڳتي ھلي پنھنجي ڪردار کي تبديل ڪري ٿي اھي ئي ڪھاڻيون آدرش جي نالي سان ڇپرائي ان ڪتاب جي مھورتي تقريب رکي ٿي ائين ھن ناول جي پڄاڻي اچي ٿي .
جئين تہ ھن ناول جو بنيادي خيال ھڪ وجودي ليکڪ جو وجودي بحران آھي جيڪو روايتي ادب ۽ اديبن کان منفرد آھي جيڪو سماج ۾ رائج خيالن کان باغي آھي تنھن ڪري ھُو سماج توڙي ۽ ان روايتي حلقي ۾ مس فٽ آھي پر ان سان گڏوگڏ ناول ۾ ليکڪ حيدراباد جي جي ماضي توڙي حال جي سياسي حالتن جو پڻ ڇيد ڪري ٿو . جئين تہ ھن ناول ۾ آدرش جي ڪھاڻي سان ڪيترن ئي ٻين ڪردارن جون ڪھاڻيون آھن جن جو پنھنجو ادبي ۽ سماجي پس منظر آھي ۽ ناول ۾ ليکڪ ھر ڪردار جي نفسيات، ان جي سماجي حالتن جو ڇيد ڪري ٿو جيڪو اسان جي ارد گرد جي ماحول ۽ ادبي دنيا جي حقيقي عڪس آھي تنھن ڪري ھن ناول کي سمجھڻ ۽ ان تنقيدي مطالعي ڪرڻ ضرورت پڻ آھي .
ناول جو اھم نقطو جڳاڙي ادب ۽ جڳاڙي اديب آھي جنھن ۾ جڳاڙي ليکڪ پنھنجي شھرت لاءِ سئو لفظن جي ڪھاڻي، فليش فنڪشن جھڙيون ڪھاڻيون لکي ڪھاڻي سان ذيادتي ڪن ٿا ھن ناول جو مرڪزي ڪردار آدرش اھڙي ادب تي تنقيد ڪري ٿو انھن تي تنز ڪري ٿو جنھن ڪري ان ادبي اسٽيبلشمينٽ جا اديب آدرش سان نفرت ڪن ٿا ان لاءَ مسئلا پيدا ڪن ٿا جڏھن تہ آدرش پنھنجي خيالن ۾ پنھنجن ڪچھرين ۾ سنڌ جي چوٽي جي ڪھاڻيڪارن علي بابا ۽ ماڻڪ جي ڪھاڻين کي لازوال ڪھاڻيون سمجھي ٿو ۽ انھن ڪھاڻين جي ڪري ئي ماڻڪ ۽ علي بابا وڏا ڪھاڻيڪار ليکيا وڃن ٿا جڏھن تہ انھن ڪڏھن بہ پنھجي پاڻ کي وڏو ڪھاڻيڪار ڪونہ سڏيو .
ناول ۾ ليکڪ ماڻڪ جي ڪھاڻين ناولن تي ٽپڪاٽڪڻي پڻ ڪري ٿو جنھن ۾ ليکڪ جو خيال آھي تہ ماڻڪ ھن دور جو وڏو ڪھاڻيڪار ۽ ناولنگار آھي جنھن تي سنڌي ۾ ڪو بھتر ڪم نہ ٿي سگھيو آھي ۽ ماڻڪ جي ويڳاڻپ رڳو ماڻڪ جي ويڳاڻپ نہ ھئي پر اھا ويڳاڻپ پوري سنڌي قوم جي آھي ڇوتہ سنڌي قوم پنھنجي ڌرتي تي رھندي بہ ويڳاڻي آھي جئين صفعي 50 تي ھُو ڊاڪٽر رجب جي واتان ھي چورائي ٿو تہ ”ماڻڪ جي ويڳاڻپ کي اڪيلو ڪري نہ ڏسو .اھا ويڳاڻپ رڳو ماڻڪ جي ويڳاڻپ ناھي .ڊاڪٽر رجب سندس ڳالھ ڪٽيندي چيو “ اھا اسان جي سماج ۽ سنڌي قوم جي ويڳاڻپ آھي جنھن کي ھن پنھنجي ويڳاڻپ ڪري پيش ڪيو . ماڻڪ جي ويڳاڻپ فقط فرد جي ويڳاڻپ آھي پر سنڌي قوم جي ويڳاڻپ اجتمائي آھي پنھنجي ڌرتي ھوندي سوندي ھڪ دجالي رياست ۾ قوم ويڳاڻي آھي “ . مٿي ڏنل ٽڪري ۾ ھڪ طرف ليکڪ ماڻڪ جي ويڳاڻپ کي جسٽيفاءِ ڪري ٿو تہ ٻئي طرف ليکڪ رياست جو اصل چھرو ڏيکاري ٿو جنھن ڌرتي ڌڻين کي پنھنجي ڌرتي تي ئي ويڳاڻو ڪيو،
سماج جي اڪثريت لاءِ پڙھڻ، رڳو نوڪري وٺڻ جو ھڪ ذريعو آھي ان وٽ ادب، علم ادب،ڪتاب،ڪھاڻيون،ناول ۽ شاعري دنيا فضول ڪم آھن تنھن ڪري اھا ادب پڙھڻ سان ڪابہ دلچسپي نٿي رکي جنھن ڪري دنيا جي اڪثريت
وٽ،اديب شاعر،ليکڪ،ڪھاڻيڪار ۽ ناولنگار جي ڪابہ اھميت ناھي . ليکڪ ان رويي کي ناول ۾ ھن ريت پيش ڪري ٿو،” ڪھاڻيون دلي سڪون ڏينديون آھن پئسو نٿيون ڏيارين .دنيا پئسي کي پوڄيندي آھي ڪھاڻي گھٽ پڙھندي آھي ۽ پئسي پڙھن بنا خرچ ڪندي آھي .
اھو سوال تمام اھم رھيو آھي تہ ھڪ تخليقڪار تخليقن سبب عتاب ھوندي،ڏکن ھوندي تڪليفن، بہ لکڻ بند ڇونٿو ڪري ھو پنھنجيون تخليقون سرجڻ بند ڇونٿو ڪري، جئين فرائڊ جو خيال ھو تہ لکڻ سان پنھنجو نفسياتي علاج ڪندو آھي، تہ ليکڪ جو خيال آھي تہ اھُو اديب جو ڪٿارسس جو عمل آھي جنھن ڪري ھڪ تخليقڪار ڪڏھن لکڻ نٿو ڇڏي” تون لکڻ ڇڏي سگھي ٿو پر لکڻ توکي ڪڏھن ڪونہ ڇڏيندو، اندر جي پيڙا، ڪيٿارسس،من جي بي چيني، تنھنجي ڪمري جي دري ءَ کان ٻاھر ڀٽڪندڙ ڪردار،سماجي ناانصافي ۽ ماڻھن جي سڏڪندڙ زندگي توکان ڪھاڻيون لکائندي رھندي .
سنڌي ۾ گھڻا ناول ڪيمپس ناول لکيا ويا آھن جن ۾ ناولن جو مرڪزي ڪردار تي ڪا خوبصورت ڇوڪري ان جي لکڻين جي ڪري موھت ٿي پوندي آھي ائين انھن جي پاڻ ۾ محبت ٿي پوندي آھي پوءِ روز جون ملاقاتون ۽ رومانس ٿئي ٿو ۽ پوءِ ڇوڪري پئسي جي ڪري بيوفائي ڪري ٿي ۽ مرڪزي ڪردار ان جي بيوفائي تي پيو ڳوڙھا ڳاڙيندو آھي ۽ پنھنجي پاڻ کي تباھ ڪندو آھي، ان حوالي سان ناول ۾ اسان کي ھڪ نئون ۽ منفرد تصور ملي ٿو جنھن ۾ ناول جي مرڪزي ڪردار آدرش تي سندس لکڻين جي فين ملوڪان ھن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳندي آھي پر آدرش ھڪ سڪايل عاشق جيان ان ۾ دلچسپي وٺڻ ۽ ان جي محبت ۾ گرفتار ٿيڻ بدران ان کي پنھنجو مستقبل سڌارڻ ۽ اڳيان پڙھائي جاري رکڻ جي تلقين ڪري ٿو، جيڪو منھنجي خيال سنڌي ادب ۾ ھڪ نئون تصور آھي .
ناول ۾ ليکڪ ھن سرمائيدارنا نظام جي ھڪ ھٺي کي بہ وائکو ڪري ٿو تہ مٿئين طبقي جي نفسيات کي پڻ وائکو ڪري ٿو جنھن م ھڪ طرف ھن دور ۾ دنيا جي ھر شيءِ، ھر اداري تي سرمائيدارنا نفسيات حاوي آھي جيڪا پنھنجي مرضي سان ناانصافيون ڪندي رھي ٿو جنھن جو مثال لاجواب طرفان آدرش جي ڪالم بند ڪرائڻ يا وري ايڊٽر جو ماڻڪ اھو ئي چوڻ تہ اخبارون ڪالمن ۽ ڪھاڻين ڪري نٿيو ھلن اھي اشتھارن جي ذريعي ھلن ٿيون، يا وري ڪھاڻيڪار ڪمال سان پنھنجن ڀائرن طرفان پنھنجي ئي دولت تي قبضو ڪري ڪمال کي بي يارومدگار ڪري ڇڏڻ يا وري ناول ۾ شيرين جو ڪردار ۽ ان جي نفسيات ھجڻ آھي .
ناول ۾ ليکڪ ورھاڱي جا سنڌ ۽ ڌرتي ڌڻين تي ٿيندڙ اثر جو پڻ ڇيد ڪري ٿو جنھن ۾ حيدرآباد جھڙي خوبصورت شھر جو گٽرن جي شھرن ۾ تبديل ٿيڻ ان جي خوبصورت عمارتن تي پناھگيرن جا قبضا ۽ انھن طرفان ڌرتي ڌڻين سان ٿيندڙ ظلمن جون پڻ جھلڪيون ملن ٿيون .
فلسفي توڙي ادب ۾ اھو سوال تمام گھڻو بحث ۾ رھيو آھي تہ ھڪ تخليق ڪار وٽ خيال ڪٿان ٿا اچن تہ ناول جو مرڪزي ڪردار بہ صفعي 48 تي ان سوال کي ھن طرح ٿو بيان ڪري،” ماڻھو آھي خيال جي مٽي مان ڳوھيل سو خيال پيا ڦرندا آھن . انھن کي جھٽڻو پوندو آھي “ يا وري صفعي 102 تي ھئين ٿو ٻڌائي “ ڪھاڻيڪار ھوندو ئي ذھني مونجھارن ۾ آھي . ڪھاڻي جو جنم ڪنھن مونجھاري مان ٿيندو آھي . ڪھاڻي ھڪ سڏڪو، ڪا دانھن،ڪا ڪوڪ ۽ ڪو احساس ھوندي آھي .
ناول ۾ ليکڪ ان خيال جي پٺڀرائي ڪري ٿو تہ ھڪ ليکڪ کي پنھنجي پاڻ ۽ پنھنجي قوم سان ڪميٽنيٽ ھجڻ گھرجي ان کي ڪنھن جي بہ انسٽرڪشن يا ڪنھن کي خوش ڪرڻ لاءِ درٻاري نہ ٿيڻ گھرجي تنھن جو مثال ڊاڪٽر رجب جو مارشالائن دور ۾ لکڻ ۽ سزائون ڪاٽڻ کان ويندي ليکڪ ماڻڪ جي ڪھاڻين ۽ ناولن جو پوري ناول ۾ ڇيد ڪندو رھڻ آھي يا وري آدرش جو ڪردار آھي جيڪو پڻ آدرشي ۽ پنھنجي پاڻ ۽ قوم سان ڪميٽنٽ رھي ٿو جئين صفعي 56 تہ آدرش چئي ٿو “ آئون ڪھاڻيڪار آھيان ڪو درٻاري ناھيان جيڪا بک آئون سھان پيو،اھا منھنجي بک آھي، آئون ڪنھن جڳاڙي ليکڪ جي ساراھ ۾ ڪالم لکر پنھنجي پيٽ ۾ گرھ ڪونہ وجھندس .يا وري صفعي 113 تي ليکڪ ڊاڪٽر رجب جي واتان ھي لفظ چورائي ٿو تہ ڪو اديب ماڊرنسٽ آھي يا ناھي پنھنجي وطن، قوم ۽ ماڻھن کان لاتعلق نہ ھجڻ گھرجي .ائين ھن ناول ۾ ليکڪ ھن دور جي ڪيترن ئي ادبي سياسي،سماجي مسئلن ۽ موضوعن کي بحث ھيٺ آڻي ٿو جيڪي يقينن ھن دور جا اھم مسئلا آھن تنھن ڪري ھي ناول ھن دور جو اھم ناول آھي ۽ ھر ھڪ کي ضرور پڙھڻ گھرجي .










” وڻ “ ناول جو جائزو

” وڻ “ ناول جو جائزو

پوري دنيا ۾ ادب جا مختلف موضوع رھيا آھن دنيا جا اديب شاعر،ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار انھن موضوعن تي شاعري، ڪھاڻي يا ناول لکندا رھندا آھن ۽ پنھنجن تخليقن جي ذريعي اھم مسئلن کي نروار ڪندا رھن ٿا، ان ئي حوالي سان سنڌي ادب ۾ بہ دنيا جي مختلف مسئلن،موضوعن تي ناول لکيا ويا آھن جيڪو سلسلو اڄ بہ جاري آھي ھن وقت سنڌي ادب ۾ ناول جي موضوع جي حوالي سان ڪافي وسعت آئي آھي جنھن ۾ سڀ کان پھرئين رسول ميمڻ پنھنجن ڪھاڻين توڙي ناولن ۾ نوان موضوع متعارف ڪرايا ان کان پوءِ ٻين ڪھاڻيڪارن ۽ ناول نگارن پڻ پنھنجن ناولن ۾ نواڻ آندي جيڪا يقنين سنڌي ادب پڙھندڙ لاءِ ڀاڳوند ڳالھ آھي، ان ئي سلسلي ۾ ٻہ ھزار ٻاويھ جي وچ ڌاري عباس ڪوريجو جو ناول ”وڻ “ آيو آھي جنھن جو موضوع پڻ سنڌي ادب ۾ منفرد آھي ناول جو اھم موضوع فطرت، فطرت ڏانھن انساني رويو، انساني نفسيات ۽ اخلاقيات آھي ناول ۾ وڻ جي ٻج مان ڦٽڻ کان ويندي وڏي ٿيڻ ۽ آخر جو انسان طرفان ڪٽجڻ تائين ڪھاڻي آھي جنھن سان گڏوگڏ ٻين اٺن ڪردارن جون ڪھاڻيون پڻ آھن جن جون ڪھاڻيون ناول نگار وڻ جي واتان پڙھندڙ کي ٻُڌرائي ٿو ۽ اھي ڪردار پڻ مختلف تڪليفن، مسئلن، پيڙائن مان گذري رھيا ھوندا آھن، ھر ڪھاڻي ۾ ليکڪ ھڪ نصيحت پڻ رکي آھي جنھن ڪري ھن ناول ۾ اخلاقيات وارو موضوع بِين موضوعن تي حاوي رھي ٿو ۽ اخلاقيات جي حوالي سان ناول جي گھڻن نقطن تي اعتراض پڻ ڪري سگھجي ٿو تنھن ڪري اچوتہ پھرئين ناول جو سراسري جائزو وٺون .
ناول ۾ وڻ سڀ کان پھرئين ھڪ ڪاموري جي ڪھاڻي ٻڌائي ٿو جنھن سان سندس زال بي وفائي ڪري وئي آھي جنھن کي تمام گھڻو چاھي ٿو ان جي جدائي جي ڏک ۾، تڪليف ۾ سڙي ۽ پڄري پيو ھن کي اڪيلائي کائي ٿي تنھن ڪري ھو پنھنجي يونيورسٽي جي دوست سان ان ڪري ملڻ اچي ٿو تہ جئين ھُو ٻئي گڏجي ھڪ اھڙي پٿر جي ڳولا ڪري سگھن جيڪو ھُو دل رکي دل جو بار ھلڪو ڪري سگھي . ان کانپوِءِ وڻ ھڪ موچي جي ڪھاڻي بيان ڪري ٿو جنھن جو دڪان صرافہ بازار ۾ ھڪڙي ڪنڊ ۾ اڪيلو دُڪان آھي باقي ٻيا سڀ سونارن جا دڪان آھن تنھن ڪري اھا ڳالھ سونارڻ لاءِ اڻ وڻندڙ آھي تہ انھن وچ ۾ گھٽ ذات موچي جي دڪان آھي ۽ اُھي چاھيندا آھن تہ موچي ھي دڪان بند ڪري وڃي ان لاءِ سونارا موچي کي ڪيترن ئي طريقن سان ڌمڪائندا ۽ لالچون پڻ ڏيندا رھندا آھن پر موچي پنھنجي دڪان نٿوڇڏي جنھن کانپوءِ ڳوٺاڻا اھو ڪم ھڪ حاجي صاحب جي حوالي ڪن ٿا ائين موچي جو ڪو حادثاتي موت ٿي وڃي ٿو ۽ سونارن جي ان موچي مان جان ڇٽي وڃي ٿي . ان کانپوءِ ناول ۾ ھڪ ٺيڪيدار جو قصو بيان ڪيل جنھن ٺيڪيداري ۾ وڏي ڪرپشن ڪئي آھي تنھن ڪري ھن جي جسم ۾ ھڪڙي قسم ڌپ ٿي وئي آھي جيڪا ڪيترن ئي پرفيوم لڳائڻ سان بہ ختم نٿي ٿئي ڇوتہ اھا ڌپ ڪردار جي ڌپ ھوندي آھي . ان کانپوءِ ناول ۾ ھڪ معصوم ڇوڪري جو قصو آھي جيڪا ننڍپڻ ۾ ئي ماءَ کان يتيم ٿي ويندي آھي جنھن ڪري ھن کي ماءَ جو پيار نہ ملي سگھندو آھي ۽ ھر ھڪ ماڻھو کي جانور سمجھڻ لڳندي آھي جن جو ڪم صرف چيرڻ ۽ ڦاڙن ھوندو آھي ھي ننڍڙي وھي ۾ ئي جنسي ھراسمينٽ ٿي جو شڪار ٿيندي آھي ۽ اھڙا وحشي ماڻھو ھن کي وحشي ڪتي جيان لڳندا آھن تنھن ڪري ڪنھن محفوظ جھان جي ڳولا ۾ ھوندي آھي جتي ماڻھو ھجن، ان کانپوءِ ھڪ ڇوڪري جي ڪھاڻي آھي جيڪو پنھنجي وقت کان اڳ ڄمي ٿو ۽ ان جون اکيون چنجڻيون ھونديون آھي جنھن ڪري ھو ھر ڪنھن جي کل جو سبب بنجندو آھي ھر ڪو ان تي پيو مذاق ڪندو آھي جنھن سبب پنھنجي پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري ان ڳالھ تي سوچيندو رھندو آھي تہ آئون ٻين کان مختلف ڇو آھيان . ان کانسواءِ ناول ۾ ھڪ ڳيري جي ڪھاڻي پڻ آھي جيڪا پنھنجي اولاد ۽، پنھنجي وطن کان پري ھوندي آھي ۽ ھر وقت ان کي پنھنجي اولاد ۽ وطن جي اُڪير ستائندي رھندي آھي ۽ نيٺ جڏھن پنھنجي وطن جي ڳولا ڪري وٺندي آھي تہ اھو ساڳئي حالت ۾ ناھي ھوندو، ائين ھن ناول ۾ ھڪ مھاڻيءَ جي بہ ڪھاڻي جنھن جو ور درياءَ بادشاھ ۾ ٻڏي ويندو آھي پر ھُو پنھنجي ور جو اوسيئڙو ڪندي رھندي آھي تہ ھُن جو ور ھڪ ڏينھن ضرور ايندو . ناول جي آخري ڪھاڻي ھڪ مريض جي ڪھاڻي آھي جيڪو اسپتال ۾ بيماري جي بستري پنھجا آخري ڏينھن ڳڻي رھيو آھي ان جي چوڌاري ان جا مٽ مائٽ،دوست، دوست،ملازم ان لاءِ آھن تہ ھو پنھنجي دولت انھن جي نالي ڪندو پر جڏھن انھن کي خبر پوي ٿي تہ ان شخص پنھنجي سڄي دولت چيئرٽي جي نالي ڪري ڇڏي آھي تہ پوري اسپتال خالي ٿي وڃي ٿي، ائين وڻ جو ٻڌايل ڪھاڻيو ختم ٿين ٿيون پوءِ وڻ پنھنجي ڪھاڻي ٻڌائي ٿو .ناول جي پڄاڻي ان ريت ٿئي ٿي تہ آخري ڪھاڻي واري مريض جي پوري دولت جنھن چيئرٽي حوالي ڪئي وڃي ٿي ان جا وارث پٿر وارو ڪامورو،ھر شخص کي جانور سمجھندڙ ڇوڪري،ننڍ ۽ موچي جي ڌي ٿين ٿا ۽ ان چيئرٽي جو ڪم نوان وڻ پوکڻ، وڻن جي حفاظت ڪرڻ ۽ بي سھارا ماڻھن جو سھارو ٿيڻ آھي ائين ناول جو انت اچي ٿو .
جئين تہ ھن ناول جو اھم نقطو انسان طرفان فطرت سان ھٿ چراند ڪرڻ، وڻن کي ڪٽڻ آھي جنھن سان وڏي ماحولياتي تبديلي اچي رھي آھي ۽ ناول ۾ ڌرتي تي ماحولياتي تبديلي جي ڪري ڌرتي جو تباھ ٿيڻ جا امڪان ڏيکارين آھن تنھن ڪري ليکڪ پوري ناول ۾ وڻ جون درد ڪٿائون، تڪليفن جو ذڪر ڪري ٿو انھن جي حفاظت ڪرڻ جو پرچار ڪري ٿو .
ناول ۾ ليکڪ ان خيال جو پٺڀرائي ڪري ٿو تہ پوري انسانذات جا ڏک ۽ تڪليفون ھڪ ئي آھن پوري انسانذات ھڪ وڻ جيان آھن جنھن جون ٽاريون تہ جدا جدا آھن پر ٿُڙ ۽ پاڙ ھڪ ئي آھي تنھن ڪري اسان کي ھڪ ٻئي سان نفرت ڪرڻ بدران،ٻئي انسان سان ذيادتي ڪرڻ بدران ان جو سھارو ٿيون ان جي تڪليفن کي محسوس ڪريون ان جي تڪليفن ۽ ڏکن ۽ دردن کي دور ڪرڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪريون .
ناول ۾ طبقاتي سماج تي تنقيد ڪئي وئي آھي طبقاتي ڦُرلُٽ کي وائکو ڪيو آھي جنھن جو مثال ناول ۾ موچي جي ڪھاڻي جو آھي يا وري ٺيڪيدار جو ڪرپشن ڪرڻ ۽ بي انتھا دولت گڏ ڪرڻ آھي ۽ مٿئين طبقي جو ھيٺئين طبقي جو احتصال ڪرڻ آھي ليکڪ ان طبقاتي سماج کي انسان جو جوڙيل سمجھي ٿو “ ھڪ سوال جي اجازت ڏيو تہ اوھان کان پڇي وٺان؟ سوال اھو آھي تہ ھي ماڻھن جو وچ ۾ جيڪي طبقا آھن تيار ڪيا ويا آھن ويا آھن اھي فطري آھن يا چند ماڻھن جي پيداوار؟ .صفعو 30
ناول ۾ ليکڪ ھن دور جي سرمائدارانا دور ۾ ماڻھن جي نفسيات تي بہ ڀرپور لکيو آھي جنھن جو مثال ناول جو جانور وارو باب آھي جنھن ۾ ليکڪ ڏيکاري ٿو تہ ھن دور ۾ ھر ماڻھو جي اندر ۾ ھڪ جانور ويٺو آھي جيڪو ٻئي کي ڦرڻ لٽڻ ۾ ڪا بہ قصر نٿو ڇڏي ھر ماڻھو ٻئي جو احتصال ڪري پيو ۽ اُتي ڪمزور ۽ بي وس ماڻھو جو احتصال ٿئي پيو پر اُتي ان ڇوڪري جھڙا ڪي ڪردار آھن جيڪي ھڪ نئين نظام جي ڳولا ۾ آھن ۽ پُر اميد آھن .
ناول ۾ ليکڪ زندگي جي ان فلسفي جي پرچار ڪري ٿو تہ زندگي جدوجھد ۽ چرپر جو نالو آھي زندگي رڳو گُلن جو سيج ناھي پر زندگي ڪنڊن جو بہ سيج آھي.
ليکڪ ناول ۾ پنھنجي ڌرتي سان محبت ڪرڻ جي پرچار ڪري ٿو ۽ ڌارين جي قبضي کي ڌڪاري ٿو ۽ پنھجي ڌرتي جو تباھي جو ذميوار ڌاري آبادڪاري کي ڏي ٿو.
نتيجو ـ ناول ۾ جئين تہ مٿي بيان ڪري آيا آھيون تہ وڻن جي روئداد بيان ڪئي وئي ۽ انھن جي درد کي محسوس ڪرايو ويو آھي انھن جي حفاظت، ان جي اھميت کي اجاگر ڪيو ويو آھي پر ان سان گڏ ناول جي سب پلاٽن ۾ جيڪي ڪھاڻيون پيش ڪيون ويون آھن ۽ انھن جو آخر جو جيڪو نتيجو ڪڍيو ويو آھي ان تي ليکڪ سان اختلاف ڪري سگھجي ٿو جئين ليکڪ نتيجي ۾ ڏيکاري ٿو تہ پئسو خراب ناھي سرمايو خراب ناھي پر اصل ۾ ماڻھو خراب آھي ماڻھو جو پئسي ڏانھن رويو ناڪاري آھي تنھن ڪري دنيا ۾ طبقاتي سماج پئدا ٿيو آھي ماڻھن ۾ اوچ نيچ ٿي آھي تنھن ڪري ماڻھو پنھنجي پاڻ کي سڌاري پنھنجو ڪردار سڌاري تہ مسئلا حل ٿي ويندا جئين امير شخص پنھنجي پئسي جو صحيح استعمال ڪري خيراتي ادارو قائم ڪيو تہ سڀني ڪردارن جون تڪليفون دور ٿي ويون ڪامورو بہ ان اداري ۾ ڪم پيو ڪري تہ موچي جي ڌي ءَ بہ ان اداري ۾ ڪم پئي ڪري تہ ڇوڪري بہ ان ماڻھن سان گڏ ڪم پئي ڪري . جن کي ھُو جانور سمجھندي ھئي .
جڏھن سنڌ ۾ اين جي اوز سنڌ کي جيڪي خوشحالي ڏني سا سڀني جي سامھون آھي تنھن ڪري ليکڪ اھو نتيجو روايتي ۽ مفروضي تي ٻڌل آھي تہ ھن دور ۾ صرف سٺو ٿئي سٺا ڪم ڪري ڪري تہ ماڻھن جي مسئلا حل ٿي ويندا ۽ ٻيو تہ ليکڪ ناول جي موضو ع فطرت تان پيار فطرت جي اھميت ۽ اڄ جي سرمائيدرانا دور ۾ فطرت سان ھٿ چُراند ھڪ اھم موضوع آھي پر ان ۾ جيڪي قصا ۽ ڪھاڻيون پيش ڪيون ويون آھن اُھي روايتي ۽ اخلاقيات تي بڌل آھي تنھن ڪري انھن ۾ نواڻ نٿي ملي، پر نئين پڙھندڙ کي تمام گھڻو متاثر ڪندو تنھن ڪري ھي ناول ھر ڪنھن ضرور پڙھڻ گھرجي .

ناول” جيتامڙو “ ھڪ جائزو

ناول” جيتامڙو “ ھڪ جائزو

ٻولي ۾ ترجمن جي تمام گهڻي اھميت آھي ترجمن سان دنيا جو علم ھڪ ملڪ کان بئي ملڪ ھڪ قوم کان ٻئي قوم ڏانھن منتقل ٿئي ٿو جنھن سان ھڪڙي قوم ٻئي قوم جي نفسيات، ثقافت،۽ سوچن، خيالن کان واقف ٿئي ٿي ۽ان جي ڪيل تجربن، ڪاميابين ۽ ناڪامين مان سکڻ سان گڏوگڏ ان قوم جي علمي خزاني ۾ اضافو ٿئي ٿو سنڌي ٻولي ۾ شروعاتي دور ۾ مرزاقليچ بيگ عالمي ادب جي ڪتابن جا تمام گهڻا ترجما ڪيا جنھن سان سنڌ جا ماڻھو انگلينڊ جرمني، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جي ادب، علم کان واقف ٿيڻ سان گڏوگڏ ٻين قومن جي جي نفسيات، ثقافت، سوچن ۽ خيالن کان واقف ٿيا ٿي جنھن کان پوءِ سائين ابراھيم جويي،نورالدين سرڪي، رسول بخش پليجي ۽ سنڌ جي ٻين ڏاھن عالمي ٻولين جو ترقي پسند ادب جي شاھڪار ڪتابن جا ترجما ڪيا جن سان سنڌي پڙھندڙ جي سوچن خيالن کي تبديل ڪيو، ھيئنر بہ سنڌي ٻولي ۾ ادب،سياست، تاريخ، فلسفي جي بھترين جا ترجما ٿي رھيا آھن جيڪي سنڌي جي علمي خزاني ۾ اضافو ڪري رھيا آھن تازو سنڌي ۾ تمام سٺا ناول ترجما ٿيا آھن جنھن ۾ ڊاڪٽر گل جو ترجمو ٿيل ڪتاب جيتامڙو بہ ھڪ آھي جيڪو ڪافڪا جي ناوليٽ ي Metamorphosisجو ترجمو آھي جيڪو صنعتي ۽ مشينري دور اچڻ سان ماڻھن جو ھڪ ٻئي سان تبديل ٿيندڙ رويي تي آھي ھن ناوليٽ جي ڪھاڻي ھڪ ڪلارڪ گريگر سيمسا جيڪو ڪنھن بيماري سبب جيتامڙو ٿي وڃي ٿو جي ۽ ان جي خاندان جي چوڌاري ڦري ٿي گريگر سيمسا ھڪ اداري ۾ ڏيتي ليتي جي ملازمت ڪندو آھي جنھن ڪري ھن کي مسلسل سفر ڪرڻ پوندو آھي جيڪو تمام ٿڪائندڙ ۽ بيزار ڪندڙ آھي جنھن ڪري ھُو تنگ ٿي ڪري استعيفا بہ ڏيڻ جو سوچي ٿو پر جئين تہ ھن جي سڄي خاندان جو گذر سفر ھن جي نوڪري تي آھي ۽ ان سان گڏوگڏ ھن جي لکين روپين جو قرض پڻ آھي جنھن کي لاھڻ لاءِ ھي نوڪري نٿو ڇڏي سگھي . جئين تہ ھڪ ڏينھن گريگر سيمسا سان ھڪ وڏو حادثو ٿئي ٿو جئين ئي گريگر صبح جو ننڍ مان جاڳندو آھي تہ ھي پنھنجي پاڻ کي ھڪ انسان مان ھڪ وڏي جيت ۾ مٽيل ڏسندو آھي جيڪو تمام ڀوائتو ۽ تمام سنھڙن سنھڙن ٽنگن سان آھي، پھرئين تہ ھي پريشان ٿي ويندو آھي ۽ پنھنجي پاڻ کي خواب م سمجھڻ لڳندو آھي پر ڪمري جي سيٽنگ ڏسڻ کان پوءِ ھن کي يقين ٿي ويندو آھي تہ ھي ھڪ جيت ۾ تبديل ٿي چڪو آھي , ائين ھن ناول جي شروعات ٿئي ٿي ھاڻي ھن جيتامڙي لاءِ پنھنجي ان انساني بستري کان نڪرڻ ۽ ڪمري جو تالو کولڻ وڏو مسئلو بنجي ٿو ھي پنھنجي بستري کان ٻاھر نڪرڻ لاءِ سئو دفعا ڪوشش ڪري ٿو پر پنھنجي مٿان وڌل اھو سوڙبہ ناھي لاھي سگھندو ھوڏانھن ھن جا ماءَ،پيءَ ھن لاءِ پريشان ٿي وڃن ٿا تہ ھي گريگر پنھنجي بستري مان ڇونہ اٿيو آھي تنھن ڪري ھن کي بار بار آواز ڏيئي اُٿارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر ھن جي جيت ۾ تبديل ٿيڻ جو ڪري ھاڻي ھن وٽ انساني آواز بہ نٿو رھي جنھن سان جواب ڏيئي سگھي ايتري ۾ ھن جي آفيس جو ڪلارڪ بہ ھن کي آفيس نہ پھچڻ جي ڪري ھن کي سڏڻ لاءِ گھر پھچي وڃي ٿو جيڪو پڻ ھن جي ڪمري جي ٻاھران بيھي ھن جو انتظار ڪري رھيو ھوندو آھي ايتري ۾ ھي جئين تئين وڏي جفاڪشي سان ڪمري جو تالو کولي ٿو وٺي تہ ھن کي ھن جا گھر وارا ۽ آفيس جو ڪلارڪ ڏسي ھن کان خوف کائن ٿا ائين گريگري جي ڏکن،عذابن، تڪليفن جي زندگي شروعات ٿئي ھن جي جيت ۾ تبديل ٿيڻ کان پوءِ ھن جا گھر وارا پھرئين ھن کان خوف پوءِ ھن تي رحم کائڻ لڳن ٿا ھن جي دادلي ڀيڻ ھن تي رحم کائي ھن جي لاءِ روزاني انساني کاڌو ھن جي ڪمري ۾ ڇڏي ويندي جيڪو ھي بنا کائڻ جي ڇڏي ڏيندو آھي پر اڳتي ھلي جي گھر جا سڀ ڀاتي ھن جيتامڙي مان بيزار ٿيڻ لڳندا آھن ھن جي پياري ڀيڻ ھن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ چاھيندي آھي ھن جو پيءَ ھن کي مارڻ جو ڪوششون ڪندو آھي ۽ ھن جي ماءَ ھن جي لاءِ بي حال ھوندي آھي ھڪ طرف ھن جي خاندان جو اھڙو رويو ھو تہ ٻئي طرف گريگر سيمسا پنھنجي اڪيلائي دوران پنھنجي پراڻين يادون ياد ڪرڻ لڳندو آھي جنھن ۾ ھن پنھنجي خاندان لاءَ محنت ڪري پنھنجي خاندان کي معاشي مسئلن مان ڪڍي ورتو ھو ۽ پنھنجي پيءِ تي چڙھيل قرض لاھي رھيو تہ ٻئي طرف پنھنجي ڀيڻ جي مستقبل لاءِ بہ سوچي رھيو ھو اھڙي طرح مائٽن جي اھڙي بي رخي،ھن مان بيزاري جي ڪري جيتامڙوگريگري کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏي ٿو جنھن ڪري ھي ڪمزور ٿي وڃي ٿو ۽ ھڪ ڏينھن مري وڃي ٿو جنھن سان ھن جا گھر وارا تمام گھڻا خوش ٿين ٿا تہ ھن مصيبت مان ھنن جي جان ڇٽي وئي آھي ۽ ھُو مستقبل جي رٿابندي ۽ مستقبل جا حسين خواب ڏسڻ لڳن ٿا ائين ھن ناوليٽ جي پڄاڻي ٿئي ٿي،جئين تہ ھن ناوليٽ جي ڪھاڻي بظاھر تمام آسان سمجھ ۾ ايندڙ آھي پر ڪھاڻي جي اصل جوھر ۾ ھن سرمائيداري ۽ صنعتي سماج ۾ ماڻھن جي روين، ۽ سوچن جو اپٽار آھي جنھن ۾ ڪافڪا پنھنجي ڪھاڻي ۾ ھيٺين ڪجھ اھم نقطن کي نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي
صنعتي سماج ۾ ملازمت ڪندڙ ھرفرد جي زندگي روزمرھ جي نوڪري جي فضول ۽ ھڻ وٺ وارين ڪمن ۾ گذريو وڃي ۽ ھو پنھنجو ڪم وڏي بيزاري ۽ ذلالپ سان ڪندو آھي ۽ ان جي زندگي جا ڪا بہ خوشگوار لمحا ناھن ھوندا جنھن ڪري اُن فرد مان تخليقي صلاحيت ختم ٿي ويندي آھي جنھن سبب ھو زندگي کي تبديل ڪرڻ جو بہ ناھي سوچيندو .ان نقطي کي علامتي طور ڪافڪا ھن ناول ۾ صفعي ٻہ تي گريگر جي واتان ھنن لفظن ۾ بيان ڪيو آھي ”اي خدا ھن سوچيو ” مون ڪھڙو نہ ٿڪائندڙ دنڌو چونڊيو آھي سج اُڀري ٿو سج لھي ٿو ڏينھن مٿان مٿان ڏينھن گذري ٿو سفر ختم ٿيڻ جو ئي ناھي اھو گدام،آفيس ۾ ويھي ڌنڌو ڪرڻ کان گھڻو وڌيڪ بيزار ڪندڙ آھي ۽ مٿان،مسقبل مسافري ءَ جي مصيبت،ھڪ ريل گاڏي تان لھي ٻئي تي چڙھڻ جي پريشاني ڪچي پڪي ۽ بي وقائتي ماني ۽ اھي اتفاقي واقفيتون، مٽجندڙ چھرن جو مسقبل وھڪرو، جيڪو ڪڏھن بہ گھريءَ دوستي ءِ ۾ بدلجي ئي نہ سگھندو آھي اھي سڀ ڪيڏا نہ عذاب آھن .
سرمائيدارڻا سماج ھر شيءَ جو قدر تبديل ٿي ويندو آھي ھن سماج لاءَ اھو ڪارائتو آھي جيڪو پيداورا ڪري سگھي ٿو سرمايو يا پئسا ڪمائڻ جو سگھ رکي ٿو پر ڪمزور جيوت ھن سماج جي لاءِ بيڪار آھي تنھن ڪري اھو ھن سماج تي بار آھي تنھن ڪري ان مان ڇوٽڪارو لازمي آھي،
ھن سماج ۾ رشتن جي ڪابہ اھميت ناھي ھن دور ۾ ھر ماڻھو جا ٻئي سان معاشي مفادن جا رشتا آھن تنھن ڪري جيڪو ماڻھو ٻئي جا معاشي مفاد پورا نٿو ڪري سگھي تہ اھو ناڪارا آھي اھو ڀلي پُٽ ھجي يا ڀاءَ ھجي جئين ھن ناوليٽ جو ڪردار گريگوري جيتامڙو ٿيڻ کانپوءءِ پنھنجي خاندان لاءِ ناڪارا بڻجي ويو،
ھن دنيا ۾ غربت جي گذاريندڙ ماڻھن جي زندگي تمام ڏکي ھوندي آھي ھي سماج بہ انھن سان صحيح ھلت نٿو ھلي بلڪہ انھن جي رت چوسيندو رھندو آھي جئين ڪافڪا ھڪ ھنڌ گريگر جي خاندان جي باري ۾ ھڪ ھنڌ لکي ٿو تہ “ھيءَ دنيا غربت جي ماريل ماڻھن کان جھڙي قسم جي ڪم جي گُھر ڪري ٿي،ھو سڀئي اھو ڪجھ آخري حد تائين ڪري رھيا ھئا . اھڙي طرح ڪافڪا جو ھي ناول سرمائيداري جي تضادن کي پڻ چٽيو آھي تہ صنعتي ۽ سرمائيداري جي ڪري ٿيندڙ ھاڃيڪار انساني تبديلين تي مايوسي جي صورت ۾ بغاوت پڻ ڪري ٿو .ائين ناول مختصر ۽ تمام دلچسپ آھي جنھن جو ڊاڪٽر گل تمام معياري ترجمو ڪيو آھي ادب سان دلچسپي رکندڙ دوستن کي ضرور پڙھڻ گھرجي .

غير موزون موسم جون ڪھاڻيون

غير موزون موسم جون ڪھاڻيون

ادب انساني سماج ۾ رونما ٿيندڙ واقعن،لقائن، حالتن ۽ ڪارنامن جو تخليقي اظھار آھي ھڪ ليکڪ سماج ۾ ٿيندڙ لقائن، واقعن، حالتن کان متاثر ٿيندو آھي ۽ ان جو اظھار افسانوي انداز ۾ پنھنجي تخليق ۾ پيش ڪندو آھي تنھن ڪري ادب ھن سماج ۾ ماڻھن جي سوچن، خيالن جو اولڙو سمجھيو وڃي ٿو جڏھن تہ جيترو انسان ترقي ڪري رھيو آھي انسان جون سماجي حالتون تبديل ٿي رھيون آھن تہ دنيا جي علمن توڙي ادب ۾ وسعت وڌي رھي آھي اڄ دور جديد دور ۾ ڪائنات جي ھر نقطي کي تخليقي انداز سان، شاعري، ڪھاڻي، ناول مضمون ۾ پيش ڪرڻ کي ادب ليکيو وڃي ٿو، ھڪ تخليقڪار سماجي تُوڙي سياسي حالتن کي بہ ادب ۾ پيش ڪري ٿو تہ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي حيرت انگيز ڪارنامن کي بہ ادب جو موضوع بڻائي ٿو، ان کانسواءِ ادب ۾ انسان جي داخلي ڪيفييتن، انساني جذبن کي ڀرپور نموني اظھاريو وڃي ٿو اُن سلسلي سنڌي ادب ۾ بہ موضوع جي حوالي سان ڪافي وسعت آئي آھي دنيا جي اھم موضوعن تي ناول، ڪھاڻيون لکجي رھيون آھن ان ئي سلسلي ۾ مجيب اوٺو جو ڪھاڻي ڪتاب” غير موزون موسم جون ڪھاڻيون “ ھن دور جي فردن جي داخلي ڪيفيتن جون اھم ڪھاڻيون آھن جيڪي پڙھندڙ جي دل ۽ دماغ کي ڌڪ ھڻڻ ٿيون پڙھندڙ ھن ڪھاڻين جي ڪردارن جي ڪيفيتن، اڪيلائي، ويڳاڻپ، ابنارملٽي تي سوچڻ ۽ ڀوڳنا کي محسوس ڪرڻ لڳي ٿو جيڪا يقينن ليکڪ جي ڪاميابي آھي، مجيب جون ھي ڪھاڻيون ھن دور جي ايببنارمل ۽ نارمل ماڻھن جون ڪھاڻيون آھي جيڪي داخلي پيڙائن، شخصي ۽ سياسي ويڳاڻپ فردي اڪيلائي ۽ سماجي روش سبب ايبنارمل ٿي ويا جيتوڻيڪ ھي دور ئي ايبنارملٽي جو آھي جنھن ۾ ھڪ سوچيندڙ ۽ تخليقي ذھن لاِءِ نارمل رھڻ ڏکيو آھي ۽ جيڪو ھن دور ۾ نارمل آھي ان جي نفسياتي صحت تي شڪ ڪري سگھجي ٿو تنھن ڪري ھن ڪھاڻين جا ڪردار ھن سماج ۾ مس فٽ آھن ويڳاڻا ۽ اڪيلا آھن ۽ ان اڪيلائي ۽ ويڳاڻپ کي ختم ڪرڻ جي جستجو ۾ آھي تنھن ڪري مجيب جي ڪھاڻين جا ڪردا ر نہ مايوس آھن پر پڙھندڙ جي اتساھ جو سبب بڻجن ٿا جئين ھڪ ڪردار چئي ٿو ” سوچ ئي نئين زندگي جو ٻيو نالو آھي “ تنھن ڪري مجيب جون ڪھاڻيون سنڌي ادب ۾ منفرد قسم جون ڪھاڻيون آھن جن جي اڀياس ۽ پرک جي ضرورت آھي جڏھن تہ پاڻ ھن مضمون ۾ ھن ڪتاب مان ڪجھ ڪھاڻين جو جائزو پيش ڪريون ٿا .
خواب آور ماڻھو جي دماغ جو ايڪسري .. ھن ڪھاڻي جو ڪردار پنھنجن خوابن ۾ ھڪ اھڙي ماڻھو سان ملاقات ڪري ٿو جيڪو سجاڳ آھي،جيڪو گھڻو سوچي ٿو ۽ سوچڻ کي ئي زندگي سمجھي ٿو، ھُن کي ھن ڌرتي ۽ ھن ڌرتي تي رھندڙ مخلوق جو فڪر آھي ھُن کي فطرت سان ھٿ چُراند ڪندڙ ماڻھن سان نفرت آھي ھي شخص پنھنجي روزمرھ زندگي جي ڪمن مان بيزار آھي تنھن ڪري ھُو زندگي کي ڀرپور جيئڻ چاھي ٿو پر ھُو اڪيلو آھي تنھا آھي ۽ پنھنجي تنھائي ۽ اڪيلائي کي دور ڪرڻ لاءِ زندگي کان فراريت چاھي ٿو .
لٽجي ويل ديس جو آخري گواھ .. ھي ھڪ اھڙي نوجوان جي ڪھاڻي آھي جيڪو پنھنجي پاڻ کي پنھنجي وطن، پنھنجي ڌرتي تي ھوندي بہ پنھنجي پاڻ کي ويڳاڻو ۽ جلاوطن محسوس ڪري ٿو ھُو پنھجي خيالي ڌرتي،پنھنجي خيالي وطن جي خوشحالي، امن ۽ درياءِ کي ياد ڪري ٿو اھو درياءَ جنھن جو پاڻي آب حيات ھو،اھا ڌرتي جيڪا ھن جي محبوبا جيان حسين ھئي اھا ڌرتي ۽ ان جا رھواسي وڏن لانگ بوٽن جي ھيٺان چيڀاٽجي رھيا ھئا . ھن ڪھاڻي ۾ ليکڪ سنڌ جي حقيقي حالتن جو ڇيد ڪيو آھي،ھي ڪھاڻي سنڌ،سنڌين ۽ سنڌو درياءَ جي ڪھاڻي آھي اسان پنھنجي ڌرتي، پنھنجي وسيلن ھوندي بہ ھن ڌرتي تي ويڳاڻا آھيون ھي سنڌ جيڪا خوشحال ھئي جنھن جو درياءٌ اسان جو جياپو آھي اھو سُڪي ٺوٺ ٿي ويو آھي سنڌ جا ماڻھو جيڪي سگھارا ۽ طاقتور ھئا اھي بکن ۽ ڏکن ۾ ڪمزور نٻل ٿي ويا تنھن ڪري مجيب جي ڪھاڻي ڌرتي ڌڻين جي ڪھاڻي آھي ۽ ڪھاڻي جا ھي جملا سنڌ جي ھر محب وطن ماڻھو جي اندروني ڪيفيت جا حقيقي ترجمان آھن .
” منھنجي ديس مان ھڪ درياءَ وھندو ھو جنھن جي پاڻي جي تاثير اڃ بہ محسوس ڪندو آھيان،اھو پاڻي صرف پاڻي نہ ھو .. آب حيات ھو .
تنھنجا اھي ڀريل ڳٽا منھنجي وطن جي سونھن جا ساکي آھن .
سندس ديس سندس ئي ھٿن مان کسڪي ويو ھو .
کيس وڏو خوف ھوندو ھو تہ ماڻھو جي قد کان وڏا بوٽ سندس ديس جي ھر نئين اُسرندڙ سلي کي چٿڻ لڳا آھن .. ۽ ائين ھڪ ڏينھن سارو ديس نون گونچن کان محروم ٿي ويندو .“
منزل ماڻھو کائيندي آھي .. جئين مجيب جي ڪھاڻين جا ڪردار لڪل ۽ علامتي آھن انھن جي ڪابہ سڃاڻپ ناھي اھي پڙھندڙ جي تخيُل ۽ سمجھ تي ڇڏيل آھن تہ انھن کي ڪئين ٿو سمجھي جئين ھن ڪھاڻي جو علامتي جو ڪردار آھي جيڪو سجاڳ ھو، جنھن جو ديس غلام آھي ھن ديس جا ماڻھو بدحال آھن ھن ي ديس جو درياءَ جي مستي ختم ٿي وئي آھي،ان پنھنجي وطن، پنھنجي ڌرتي جي خوشحالي، امن جا خواب ڏٺا ۽ ان لاءِ پورھيو ڪيو ھن جون سوچيون پنھنجي وطن جيان وسيح ھيون ھن جي جذبن ۾ پنھنجي وطن جي درياءَ جيان جارحيت ھو، ۽ ھن پنھنجي وطن جي خوشحالي جا اثر پوري جھان تي ڇڏڻ تي چاھيا، پر اھو بي اثر ٿي ويو ان مفلوج ڪيو ويو ڇوتہ ھن جي سجاڳي ھن جو شعور، ھن جو پنھنجي پاڻ جي سڃاڻپ مفلوج ڪندڙ مخلوق لاءِ تمام خطرناڪ ھئي .ھن ڪھاڻي جو ڪردار ھڪ محب وطن جي علامت بہ ٿي سگھي ٿو تہ پنھنجي قوم ۽ ڌرتي سان ڪميٽمينٽ رھندڙ ليکڪ بہ سگھي ٿو. جيڪو پنھنجي سڃاڻپ، پنھنجو فڪر وساري ويٺو آھي .
خوشبو کان خوفزدا ٿيل شخص .. ھي ڪھاڻي ھڪ اھڙي فرد جي ڪھاڻي آھي جيڪو پنھنجي ماءٌ توڙي پيءُ جي شفقت کان محروم آھي ھي ٻن جوڙن طرفان ڪيل گناھ جو نتيجو آھي تنھن ڪري ھن وٽ ڪابہ سڃاڻپ ناھي تنھن ڪري سڃاڻپ جو ڳولا، محبت ۽ ماني جو متلاشي آھي ۽ اھي ٽيئي شيون ھن جي زندگي جو وڏو ڏک آھن، جئين ھن جو ھڪ جملو آھي ”ماءَ، محبوبہ ۽ ماني ئي سندس زندگي جا وڏا ڏک آھن .“ ھي ڪھاڻي شھري سماج جي حقيقي ڪھاڻي آھي جتي ڪيترائي ٻار پنھنجي سڃاڻپ جي ڳولا ۾ آھن .
بي وسي جي بارش .. ھن ڪھاڻي جو ڪردار جيڪو جيڪو ھڪ آدرشي ڪھاڻيڪار آھن جنھن پنھنجن ڪھاڻين جي ذريعي ھن جھان ۽ ھن ڌرتي کي بدلائڻ جا خواب ڏٺا جنھن پنھنجي ڪھاڻين ۾ ھن ڌرتي جي مخلوق سان پيار جو درس ڏنو ٿي ھن جو ايمان ھو تہ ھڪ ڏينھن جي ڪھاڻين جا ڪردار ھن حقيقي دنيا ۾ پيدا ٿيندا ۽ اھي ھن ڌرتي ۽ ھن جھان سنواريندا پر .. ائين نہ ٿي سگھيو ۽ ھي ليکڪ ايبنارمل ٿي ويو ھن کان لکڻ جي صلاحيت ٿي وئي ۽ ھي شيءَ کان لاتعلق ٿي ويو ويندي پنھنجي زال کان بہ،جيڪا ھن محبت لاءِ ترپي ٿي ھن ڪھاڻي ۾ ليکڪ ٻن ڪردارن جون ڪھاڻيون پيش ڪيون آھن ھڪ طرف ھڪ ڪھاڻيڪار جو آدرشي ڪردار، جنھن سماج کي تبديل ڪرڻ ٿي چاھيو ان سماج جا ماڻھو ئي ھرشيءَ کان لاپرواھ ٿي ۽ ان سماجي حالتن سبب ئي اھو آدرشي ڪھاڻيڪار ايبنارمل ٿي ويو تہ ٻئي طرف ليکڪ پنھنجي ڪھاڻي ۾ اُن ڪردار جي گھر واري کي پنھنجي مڙس جي محبت لاءِ بي وس ڏيکاري ٿو ائين ڪھاڻي جو ڪلائيميڪس بہ تبديل ٿي وڃي ٿو اھا ٽيڪنڪ مجيب پنھنجي ھر ڪھاڻي ۾ استعمال ڪئي آھي . ان کانسواءِ ھن ڪتاب جون ٻيون ڪھاڻيون ھڪ فرد جي اڪيلائي،ھڪ فرد جي داخلي بحران، شخصي ڀڃ ڍاھ، ۽ فرد جي اندروني تضادن، ڪيفتن ۽ سياسي ۽ قومي ويڳاڻپ جو اظھار آھن جنھن کي مجيب علامتي ۽ فلسفياڻيا انداز سان پيش ڪيون جيڪي يقين اڃ جي جدت پڄاڻان دور جي ھڪ فرد جي حقيقي ڪھاڻيون آھن جن کي ھن اڳ سنڌي ادب ۽ سنڌي ڪھا ڻي ۾ پيش ناھي ڪيو ويو تنھن ڪري مجيب جو پڙھندڙن کي ڪھاڻين جو ھڪ نئون جھانمتعارف ڪرائڻ ھڪ وک کڻڻ تمام اھم آھي .

سينڊروم: نفسياتي ڪهاڻين جو ڪتاب

سينڊروم: نفسياتي ڪهاڻين جو ڪتاب

هي دور جنهن ۾ ماڻهن جي اڪثريت مختلف نفسياتي مونجهارن جو شڪار آهي، هر ڪنهن ماڻهو سان ڪي نہ ڪي مسئلا آهن تنهن ڪري هن دور ۾ نفسيات جي علم جي اهمت وڌي وئي آهي ڇوتہ نفسيات جو علم ئي جيڪو هڪ ماڻهو جي مونجهارن، مسئلن ۽ ان جي سوچن، خيالن ۽ جذبن کي سمجھڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۽ انهن جو حل ڏسي ٿو ۽ ان حوالي سان گهڻن ڏاهن جو تہ اهو خيال آهي ته ادب بہ ماڻهن تي اثرانداز ٿي ماڻهن جي سوچن ۽ خيالن کي تبديل ڪري انهن جو نفسياتي۽ روحاني علاج ڪري ٿو ۽ تخليقي ادب کي تہ روح جي غذا چيو وڃي ٿو . ۽ ڪجھ ڏاهن جو خيال آهي تہ ابنارمل ماڻهو ئي ڪي وڏا ڪارناما سرانجام ڏئي سگهي ٿو ۽ اهي نفسياتي بيماريون ئي انهن جي ڪاميابي جو سبب بنجن ٿيون جئين ڪي وڏا شاعر، اديب، يا ڪي وڏا ليڊر يا سائنسدان ۽ فلسفي نفسيات مطابق ايبنارمل هوندا آهن . ان ڪري ئي دنيا جا مختلف ليکڪ پنهنجن توڙي ۽ ٻين ماڻهن جي نفسياتي مونجهارن تي شاهڪار ناول ۽ لاجواب ڪهاڻيون تخليق ڪندا رهيا آهن، ان حوالي سان سنڌي ادب ۾ بہ نفسياتي مونجهارن تي بہ لکيو ويو آهي .
ان تسلسل ۾ ئي رسول ميمڻ جي نفسياتي ڪهاڻين جو ڪتاب “ سينڊروم “ آهي جنهن ۾ پنڌرنهن مختلف نفسياتي بيمارين تي ڪهاڻيون آهن جنهن جي مهاڳ ۾ رسول ميمڻ چئي ٿو تہ “ انسان جو نفسياتي بيمار هجڻ ھڪ عام رواجي رويو آهي . جڏهن انسان دٻيل نفسياتي پيچيدگين کي قابو رکڻ ۾ ناڪام ٿئي ٿو تہ چريائپ جي حدن کي ڇُھي ٿو. “ ان کانسواء اڳتي هلي رسول ميمڻ مهاڳ ۾ لکي ٿوتہ ” نفسيات موجب ماڻھن کي ترتيب ڏجي ته اهڙي ترتيب هئين بيهندي .
(1) چريا جيڪي چريا آھن
(2) چريا جيڪي سياڻا آهن .
(3) سياڻا جيڪي چريا آهن
.(4) سياڻا جيڪي سياڻا آهن

. رسول ميمڻ مطابق پهرئين ڪيٽيگري وارا اديب، شاعر، فلسفي ۽ ولي هوندا آهن، ٻئي ڪيٽيگري وارا انسان مذهبي بنياد پرست ۽ توهم پرست ۽ خيال پرست هلندا آهن ۽ ٽئين ڪيٽيگري وارا سياستدان ۽ بد عنوان حڪمران ۽ بادشاه هوندا آهن ۽ چوٿين ڪيٽيگري ورا گڏھ ،اُٺ ۽ گهوڙا آهن .
ائين هن ڪتاب جي ڪهاڻين جو موضوع بہ چرين انسانن جون نفسياتي پيچيدگيون آهن ۽ ڪهاڻين جو هر ڪردار ڪنهن نہ ڪنهن نفسياتي بيماري ۾ مبتلا هوندو آهي، ۽ انهن ڪهاڻين جي وڏي خاصيحت اها آهي تہ اُهي علامتي ۽ مبهم آهن ۽ انهن ڪهاڻين جو آخر ۾ ڪوبہ نتيجو نہ ڪڊيوويوآهي بلڪه پڙهندڙ تي ڇڏيو آهي تہ جئين پڙهندڙ انهن ڪهاڻين جو نتيجو پاڻ ڪڊي سگهي ۽ انهن تي سوچڻ تي مجبور ٿئي .تنهن ڪري پاڻ هن ڪتاب جي پنڌرنهن ڪهاڻين مان ڪجھ ڪهاڻين جو جائزو وٺنداسين تہ جئين هن ڪتاب جو مختصر تعارف ٿي سگهي باقي پڙهندڙ ئي هي ڪتاب پاڻ پڙهي ان مان لطف اندوز ٿي سگهي ٿو .
جدت پڄاڻان جي هن دور ۾ هر شخص پنهنجي پاڻ سان سوين ڪردار ۽ ڪوڙا ماسڪ پايو هليو تنهن ڪري ان شخص کي جنهن سوچ يا جنهن خيال جو ماڻهو ملي ٿو تہ اُهو شخص ان ماڻهو جي پسند جو ماسڪ پائي ان ماڻهو جهڙو ٿي ان کي خوش ڪري ٿو ۽ ان ڊوڙ ۾ اهوُ شخص پنهنجو اصل ڪردار ۽ اصل شخصيت وساري ۽ وڃائي ويهي ٿو، هن ڪتاب جي هڪ ڪهاڻي “چهرا“ جو موضوع بہ اهو ئي آهي جنهن ۾ ڪهاڻي جي مرڪزي ڪردار جيڪو بيمار هوندو آهي ان کي هر ماڻهو ۾ پنهنجو چهرو نظر ايندوآهي هوُ پنهنجي زال، پُٽ،نوڪراني توڙي دوست ۾ پنهنجو چهروڏسندوآهي هن کي محسوس ٿيندو آهي منهنجو چهرو چوري ٿي ويو آهي.هن ڪتاب ۾ “ اگهاڙو “ ڪهاڻي هڪ اهڙي شخص جي ڪهاڻي آهي جنهن سان سندس محبوبا بيوفائي ڪري ويندي آهي تنهن کان هُو سڄو دنيا کان ڪٽجي پنهنجي پاڻ کي هڪ ڪمري ۾ محدود ڪري ڇڏيندو آهي ۽ نفسياتي مريض ٿي ويندو آهي ۽ خيالن ئي خيالن ۾ ان سان ملاقات ڪندو آهي ۽ خيالن ئي خيالن ۾ ان مان جنسي مزو حاصل ڪندو آهي .
هي دور جنهن ۾ ڪمرشلائيزيشن کي اهميت آهي هي دور جنهن ۾ عورت کي اشتهار جي سونهن بنايو ويو آهي عورت کي پنهنجي خوبصورتي، پنهنجي جنسي نمائش جو عادي بنايو ويو ڪابہ سادي ۽ ڪمرشلائزيشن کان دور عورت کي هن دور ۾ ڪابہ اهميت ناهي ملندي .
. “ پر ڪٽيل شاهين “ ڪهاڻي بہ هڪ اھڙي موضوع تي آھي جنهن جي مرڪزي ڪردار شاهين جيڪا هڪ پڙهيل لکيل شرميلي ڇوڪري هوندي آهي جنهن جو صرف هڪ شادي شده ڀاءُ هوندو آهي تنهن ڪري شاهين کي پنهنجون معاشي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاء نوڪري جي ضرورت هوندي آهي پر هن کي پنهنجي شرميلي پن ۽ سادگي جي ڪري ڪابہ نوڪري نہ ملي سگهندي آهي . جئين هن ڪهاڻي ۾ هڪ هنڌ لکيڪ شاهين جي ان وارتا جي بيان ڪندي چوي ٿو تہ”
شاهين پڙهي پنهنجي پيرن تي بيٺي، پر هن جا پير زمين تي نہ هيا، پيرن کي زمين جو سهارو ڏيڻ لاء زمين خريد ڪرڻي پوي ٿي، زمين اناج ناهي جو بازار ۾ ملي وڃي انڪري زمين لاء اناج کائي محنت ڪرڻي پوي ٿي اناج خريد ڻ لاء پاڻ وڪڻڻو پوي ٿو، پاڻ وڪڻڻ لاء پنهنجا خريدار ڳولڻا پون ٿا، جڏهن ڪو خريد ڪري ٿو تہ انسان پنهنجو نٿو رهي پيرن هيٺان زمين پنهنجي ۽ پير پرايا ٿي وڃن ٿا .“ . ۽ اهڙيون ڇوڪريون نوڪري لاء اهڙيون تڪليلفون ڏسڻ کان پوء احساس ڪمتري ۾ مبتلا ٿي وينديون آهن ۽ انهن کي جڏهن ڪوبہ مرد ٿوري همدردي ڪندو آهي ۽ اهميت ڏيندو آهي تہ اهُي اندر اندر ۾ ئي اُن مرد سان محبت ڪرڻ لڳنديون آهن ۽ چالاڪ مردن جي ڌوڪي ۾ اچي وينديون آهن . جئين هن ڪهاڻي جي ڪردار شاهين سان ٿئي ٿو . ان کانسواء ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻي “خوشي جي ڳالھ “ هڪ اهڙي مرد جي ڪهاڻي جيڪو هڪ نفسياتي بيماري جنهن ۾ هن کي ڪڏهن کل جا دورا پوندا آهن ڪڏهن روئڻ جا، جنهن ڪري ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيو کلندو آهي يا وري روئندو آهي ۽ ان کِل کي روڪڻ لاء ان شخص کي غمگين ڳالهيو ن ياد ڪرڻيون پونديون آهن ۽ روئڻ کي بند ڪرڻ لاء خوشي جون ڳالهيون ياد ڪرڻيون پونديون پر ان شخص پوري زندگي هڪڙي خوشي بہ نہ ڏٺي هوندي آهي جئين هڪ هنڌ ليکڪ بيان ڪندي لکي ٿو تہ”هن سوچيو کِل جي دوري مان ڪئين جان ڇڏائجي اُهو سوچي هن زندگيءَ جا ڏُک ياد ڪرڻ شروع ڪيا ڀوڳنائون،ذلتون، ملامتون،جيڪي کيس زندگي ءَ ۾ نصيب ٿيا . درد جو سبب رڳو مديحا ئي تہ نہ هئي،مديحا درد جو ننڊو مثال هُئي مديحا سان مشابھ ڪيتريون بيوفائون زندگي ءَ جي راهن تي وار کولي بيٺل هيون هن ياد ڪيو سندس زندگي ڏکن سان ائين ڀريل هئي جئين پاڻي ءَ جي دلي ۾ وڌيڪ جاءِ نہ هجي. “ ائين هن ڪتاب ۾ ٻيون مختلف ماڻهن جي نفسياتي مسئلن مونجهارن تي بهترين ڪهاڻيون آهن ۽ هر ڪهاڻي ۾ پرسرار ۽ تجسس سان ڀريل جملا آهن جن جو مبهم مقصد آهي جيڪي پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا .









.






شاگردن جي رهنمائي ڪندڙ هڪ املھ ڪتاب

شاگردن جي رهنمائي ڪندڙ هڪ املھ ڪتاب

سنڌي ٻولي ادب جي حوالي سان مالا مال آهي سنڌي ۾ هڪ پاسي اسان وٽ بهترين شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار رهيا آهن جن پنهنجي شاعري، ڪهاڻين ۽ ناولن جي جي ذريعي سنڌي قوم ۽ نوجوانن کي متحرڪ پئي ڪيو آهي ۽ ذهني تربيت پئي ڪئي آهي سنڌي ٻولي ۾ اسان کي سائنس، فلسفي، نفسيات، ۽ ڪيرئير ڪائونسلنگ جي موضوع تي لکيل ڪتابن جي کو ٽ نظر اچي ٿي ۽ آئون سمجهان ٿو تہ نوجوانن کي جي ذهني ۽ فڪري ابياري لاء سائنس، فلسفي ۽ نفسيات جي موضوعن کي پڙهڻ سخت ضررت پوي ٿي اهي ئي موضوع ڪنهن نوجوان کي شين کي پرکڻ ۽ سمجهڻ ۾ مدد ڪن ٿا، ۽ نوجوان ئي جڏهن صحيح دڳ تي هوندو تہ اها قوم ترقي ڪري سگهندي آهي ۽ وري به پوء بہ ڏسون ٿا تہ فلسفسي، سائنس ۽ تاريخ تي ڪجه بهتر ڪم ٿيو آهي، پر ڪيئريئر ڪائونسلگ تي ڪم ڪرڻ جين الاهي ساري ضرورت آهي ڇوتہ جڏهن هڪ شاگرد مئٽرڪ پاس ڪري ٿو تهہ ان کي هڪ صحيح رهنمائي جي سخت ضرورت پوندي آهي اسڪول ۾ پڙهائندڙ استاد پنهنجي حال سارو رهنمائي شاگردن جي رهنمائي ڪن ٿا پر شاگرد کي ان وقت مڪمل رهنمائي جي ضرورت هوندي آهي تہ جئين اهو شاگرد پنهنجي طبيعت مطابق صحيح شعبي جي چونڊ ڪري سگهي. شاگردن جي ان حوالي سان اسان جو دوست ڊاڪٽر شاهرمراد چانڊيو سدائين فڪرمند هوندو آهي ۽ پنهنجي ذهني پورهئي سان شاگردن جي رهنمائي ڪندو رهندو آهي ان حوالي سان سائين جا اڳ ۾ ٻہ ڪتاب ڇپيل آهن آھن ۽ تازو هي “ ڪامياب شاگرد “ ڪتاب آيو آهي .ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو انهن چند استادن مان هڪ استاد آهي جيڪي نہ رڳو پنهنجي محنت ۽ پورهئي سان هن سماج کي تبديل ڪرڻ چاهين ٿا پر ان سان گڏوگڏ اها خواهش پڻ رکن ٿا. تہ هن جا شاگرد پڻ سخت محنت ڪري پنهنجي ڪاميابي سان گڏوگڏ هن سماج لاء ڪارائتا ثابت ٿين . ۽ اها خواهش رکي ڊاڪٽر صاحب ڪيئريئر ڪائونسلنگ تي مسلسل لکي ۽ ڳالهائي رهيا آهن هي ڪتاب بہ ان خواب جي پوراء لاء لکيو ويو آهي .
جئين تڳ هي ڪتاب ٻن حصن تي مشتمل آهي جنهن ۾ پهريون حصو پنهنجي “ ڏات جي ڳولا “ جي نالي سان آهي جنهن ۾ هڪ فرد جو مختلف 34 صلاحيتن جو مختصر جائزو آهي ۽ ٻيو حصو ڪاميابي جي موضوع تي آهي تنهن ڪري اچو تہ هن جو مختصر جائزو وٺو. ن
جئين تہ ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو مختلف ملڪن ۾ ڪجھ عرصو رهيا آهن ۽ انهن ملڪن جي نوجوانن سان ميل ملاقاتون ڪيون آهن ۽ ان کان پوء سنڌ نوجوانن جي نفسيات ۽ سوچ کي بہ پرکڻ کانپوء جيڪو نتيجو ڪڊيو آهي تنهن جو اظهار هن ڪتاب ۾ ڪيو اٿن پاڻ هن ڪتاب جي صفعي 17 تي لکن ٿا تہ مون نوٽ ڪيو آهي تہ اسان جي نوجوانن ۾َصلاحيت جي کوٽ نہ آهي پر سماج ۾ مجموعي طور اسان جي نوجوانن مٿان هر وقت لٽڪندڙ منفي تنقيدي لاڙو ضرور آهي جيڪو کين مُنجهائي ٿو ۽ هو جلد ڪا ننڊڙي ڪاميابي حاصل ڪري سماج ۾ مُروج روين آڏو سرخرو ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ نتيجي طور دورانديشي نڪري وڃي ٿي ۽ هن دنيا لاء ڪجھ منفرد ڪري وڃڻ جي خواب جي کوٽ ٿي پوي ٿي . ڊاڪٽر صاحب جو خيال آهي اسان جي نوجوانن سان وڏي ۾ وڏي ڪمزوري اها آهي تہ ان وٽ وڏن خوابن جو نہ هجڻ بدران ننڊڙا خواب آهن ان جو وڏي ۾ وڏو خواب هڪ ننڊڙي سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ آهي ۽ اهو ئي سبب آهي نوڪري ملڻ کان پوء اهو ماٺ ڪري ويهي ٿو رهي ائين سماج لاء ڪوبہ غير معمولي ڪم نٿو ڪري، ان حوالي سان ڊاڪٽر صآحب لکي ٿو تہ ”چيو ويندو آهي ته دنيا ۾ اڪثر ماڻهن ان ڪري ناڪام ڪونہ ٿيا آهن جوانهن تمام وڏو خواب ڏٺو ۽ ساڀيان نہ ڪري سگهيا پر اڪثريت ان ڪري ناڪام رهيا آهن جو انهن تمام ننڊڙو خواب ڏٺو ۽ ان کي ماڻڻ ۾ ڪامياب رهيا .“
جئين تہ نفسياتدانن جو خيال آهي تہ هر انسان ۾ ڪي مخصوص خاصيحتون ۽ لاڙا هوندا آهن ۽ هڪ فرد جيڪڏهن انهن پنهنجن لاڙن مطابق پنهنجي شعبي جي چونڊ ڪندو تہ اهو زندگي ۾ غير معمولي ڪاميابي حاصل ڪندو جڏهن مارڪسي دانشورن جو ان نقطي تي اختلاف آهي انهن جو خيال آهي هڪ فرد ۾ خاصيحيتون ان فرد جي ماحول ۽ حالتن مان پيدا ٿين ٿيون پر اهو هڪڙو الڳ بحث آهي پاڻ ڊاڪٽر صاحب هن ڪتاب تي اچون ٿا جنهن ۾ انساني خاصيحتن جي حوالي سان صفعي 22تي ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو تہ جڏهن اسين پنهنجي پنهنجي ڏات مطابق ڪم ڪريون ٿا تہ جيٽ جهاز جهڙي رفتار سان ڪريون ٿا پر جڏهن اسان کي ڪم پنهنجي ڏات مطابق نٿو ملي تہ اسين هڪ پٿريلي رستي تي پيرين اگهاڙي جبل جهاڳڻ جهڙي ڪيفيت ۾ اچي وڃون ٿا . ائين انهي انساني صلاحيت جي حوالي سان هن ڪتاب ۾ مختلف هنڌن تي مختلف شخصيتن جا عظيم قول پيش ڪيل آهن جيڪي تمام انسپائر ڪن ٿا جنهن مان هتي پاڻ ڪجھ ڏيون ٿا .
* انسان کي جيڪڏهن پنهنجي شوق مطابق ڪم ملي وڃي تہ پوء اهو ڪم سندس ڪم نہ پر وندر بڻجي وڃي ٿو . ڪنفيوشس
*اچوتہ سڀئي اهو ٿي وڃون جنهن جي اهليت ڏئي اسان کي خلقيو ويو آهي . ٿامس ڪرلائل
ائين اڳيان هن ڪتاب ۾ انسان جي 34 صلاحيتن جو مختصر جائزو ورتو ويو آهي . ان کان پوء هن ڪتاب جو ٻيو حصو ڪاميابي جي رازن تي مشتمل آهي، جنهن جو نچوڙ ڊاڪٽر صاحب جي هنن لفظن ۾ آهي جيڪي صفعي 57 تي آهن، جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب نوجوانن کي مخاطب ٿيندي چئي ٿو تہ“نوجوانو : ياد رکو، توهان جو خواب ڏسڻ، زندگي جو مقصد ٺاهڻ، مقصد حاصل ڪرڻ لاء رٿابندي ڪرڻ ۽ ان رٿابندي مطابق عمل ڪرڻ ئي ڪاميابي آهي “. ائين هن ڪتاب ۾َڪاميابي جي اهم رازن تي سولي سنڌي ۾ لکيو ويو جيڪو شاگردن ضرور پڙهڻ ۽ هيئن ۾َهنڊائڻ گهرجي .

ڪيريئر ڪائونسلنگ تي هڪ اهم ڪتاب

ڪيريئر ڪائونسلنگ تي هڪ اهم ڪتاب

دنيا ۾ ڏينهون ڏينهن علم وڌي پيو هر روز نون موضوعن تي تحقيق ٿئي ٿي نوان ڪتاب لکجن ٿا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي بنياد تي مستقبل جون رٿائون ٿين ٿيون ان جون اڳڪٿيون ٿين ٿيون، ٿامس هابس جي چواڻي مطابق ڄاڻ وڏي طاقت آهي هن دور ۾ علم ئي دنيا تي حڪمراني ڪري ٿو سڄي انساني تاريخ کي اڳتي وٺي ايندڙ علم،ادب .فلسفو.۽ سائنس ئي رهيا آھن ۽ علم انساني تاريخ کي تبديل ڪيو آهي سنواريو آهي،قومن جي تبديلي جو سبب علم،ادب فلسفو ۽ سائنس بنيو آهي، ۽ سنڌ جي اها روايت رهي آهي تہ پوري دنيا وانگر سنڌ ۾ بہ وڏا علمي بحٽ رهيا آهن سنڌ جا دانشور اديب، ۽ ليکڪ، پنهنجي ذهني پورهئي سان سنڌ کي علم. ادب.شاعري ۽ ڪتاب ڏيندا رهيا آهن سنڌ ۾ مختلف موضوعن تي علمي تحقيق ٿيندي رهي آهي تہ تحقيقي ڪتاب لکبا رهيا آهن سائنس، فلسفي ۽ تاريخ جي اهم ڪتابن جا ترجما پڻ ٿيندا رهيا آهن .انهي روايت جي تسلسل کي قائم رکندي تازو“ ڪيريئر ڪائونسلگ“ ۽ “شاگردن جي پڙهائي ۽ مسقبل ٺاهڻ“ حوالي سان اسان جو دوست“ ڊاڪٽر شاه مراد چانڊيو صا حب“ بهترين ڪم ڪري رهيا آهن جيڪي پنهنجن ليڪچرس، تعليمي سيشن ۽ ڪتابن جي ذريعي نوجوانن جي رهنمائي ۽ تربيت ڪري رهيا آهن جيڪو تمام اھم ڪم آهي سنڌ ۾ هن موضوع تي ڪم ڪرڻ ۽ شاگردن جي رهنمائي ڪرڻ جي انتهائي سخت ضرورت آهي تہ جئين سنڌ جي شاگردن جي اڪثريت جيڪا پنهنجو ڳوٺ .پنهنجي شهر جي ڪنهن ڪاليج ۾ ڪنڊ جهلي ويهڻ بدران دنيا جي اعلي ادارن ۾ پڙهن ۽ پنهنجو، پنهنجي خاندان ۽ پنهنجي قوم جو مسقبل سنوارين، ۽ ڊاڪٽر شاه مراد چانڊيو اها سوچ کڻي پنهنجو ذهني پورهيو ڪري ان موضوع تي ڪتاب لکي ۽ ترجما ڪري رهيو آهي، تہ جئين سنڌ جا شاگرد پوري دنيا جي تعليمي ادارن ۾ پڙهي سگهن، انهي سوچ جو اظهار ڪندي ڊاڪٽر شاه مراد چانڊيو پنهنجي تازي آيل ڪتاب “يورپ ۾ اعلي تعليم ۽ اسڪالر شپ جا موقعا“ ۾ صفعي تيرنهن ۾ چئي ٿو تہ ”منهنجو خواب آهي تہ سنڌ جي هر ننڊي وڏي ڳوٺ توڙي شهر مان گهٽ مان گهٽ هڪ نياڻي يا نوجوان دنيا جي بهترين يونيورسٽين مان نہ صرف اعلٰي تعليم پرائين پر دنيا جي ڀلي لاء ڪو قانون، ڪا ايجاد، ڪو نسخو يا ڪو نظريو ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿين ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جو نالو روشن ڪن .“ اسان وٽ سنڌ ۾ هيئنر تہ ڪافي تبديلي اچي چڪي آهي اڃ سنڌي نوجوان هنري ۽ فني تعليم ڏانهن مائل ٿيو آهي سنڌ جا ڪافي نوجوان ميٽرڪ ۽ انٽر ڪرڻ کان پوء مختلف هنري ڪورس ڪن ٿا مختلف هنر سکي پنهنجي روزگار کي لڳل آهن پر ڪو دور هو تہ سنڌ ۾ نوجوان مئٽرڪ انٽر ڪري رڳو نوڪرين جي ڊوڙ ۽ ڳولا ۾ پنهنجي عمر ڳاري ڇڏيندا هئا، جئين تہ ڊاڪٽر صاحب مختلف ملڪن جا دورا ڪري چڪو آهي ۽ انهن ملڪن جي هُنري ۽ فني تعليم جي حوالي سان پنهنجي هن ڪتاب جي باب “بنيادي تعليم کان فني تعليم تائين “ ۾ لکن ٿا تہ ” سڌريل دنيا ۾ روزگار حاصل ڪرڻ لاء هنري تعليم کي وڌيڪ اهميت ڏ ني وڃي ٿي، جنهن ڪري مئٽرڪ يا اي ليول کان ئي ٽيڪنيڪل ايجيوڪيشن ۽ ووڪيشنل ڪاليجز ۾ اڪثر شاگرد دلچسپي وٺن ٿا ۽ اتان جون حڪومتون بہ کين ٽيڪنيڪل ايجيوڪيشن ڏ انهن مائل ڪري ٿي تہ جئين نوڪرين جي گهٽتائي جي ڪري ٽيڪنيڪل ڄاڻ هجڻ جي ڪري نوجوان انڊسٽريز ۾ روزگار حاصل ڪري سگهن.“ يا وري ٻئي هنڌ لکن ٿا تڳ اڄ جپان کان ويندي ڪيناڊا تائين اسڪلڊ ورڪرس وڌيڪ پيدا ٿين ٿا جيڪي ترقي يافته ملڪن جي جي انڊسٽريز لاءِ ريڙ جي هڏي برابر آهن .“ ائين ڊاڪٽر شاه مراد ٻين ترقي يافته ملڪن جو تجربو ٻڌائيندي پاڻ سنڌ جي نوجوانن کي صلاح ڏيندي هن ڪتاب ۾ چون ٿاتہ ٻين ملڪن جيان اسان جي سنڌي شاگردن ۽ نوجوانن کي ٻاهرين دنيا ۾ اسڪالر شپ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ سان گڏوگڏ هنري ۽ فني تعليم ڏانهن پڻ ڏيندا رهن . بحرحال دنيا جي ترقي ٿيڻ ۽ دنيا ۾ علم وڌڻ سان گڏوگڏ تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعا ۽ سهولتون وڌي ويون آهن اڄ جيڪڏهن هڪ شاگرد پاڻ ۾ مسقبل مزاجي، اعتماد پيدا ڪري ۽ سخت محنت ڪري ته هو مفت ۾ اعلي تعليم حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ ان اعلٰي تعليم لاء هر ملڪ پنهنجن بهترين يونيورسٽين ۾ شاگردن کي اسڪالرشپ مهيا ڪري ٿو، ان اسڪالرشپ جي اهميت، ان جا فائدا ۽ اسڪالرشپ ڪئين حاصل ڪجي، اسڪالرشپ جا قسم ۽ ڳولڻ جي طريقي ڪار تي ڊاڪٽر صاحب پنهنجي هن ڪتاب جي باب “اعلٰي تعليم ۽ اسڪالر شپ “ ۾ تفصيلي طور لکيو آهي جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ ڪوبہ شاگرد آساني اسڪالرشپ حاصل ڪري سگهي ٿو ۽پرڏيھ ۾ اعلي تعليم پرائڻ جي اهميت جي حوالي سان ڊاڪٽر صاحب هڪ شاگرد جا انفرادي فائدا ٻڌائندي هن ڪتاب جي صفعي ستثيھ ۽ اٺ ثيھ ۾ لکي ٿوتہ هڪ فرد ۾َ اعتماد پيدا ٿئي ٿو،
نئين ثقافت ۽ ڪلچر جي خبر پوي ٿي .
نيون ٻوليون سکڻ جو موقعو ملي ٿو .
ماڻهو آزاد محسوس ڪري ٿو .
پنهنجن صلاحيتن جي خبر پوي ٿي
ڪيريئر جا نوان موقعا پيدا ٿين ٿا .
اڳتي هلي ڊاڪٽر صاحب گڏيل فائدن جو ذڪر ڪندي چوي ٿوتہ ” گڏيل سائنسي کوجنا جو حصو ٿجي ٿو .
انسان ذات جي مجموعي ترقي ۽ واڌاري لاء ڪردار ادا ڪجي ٿو .
ترقي يافتہ ملڪن ۾ روزگار ۽ رهائش جو موقعو ملڻ ڪري پنهنجي خاندان ۽ علائقي يا ملڪ لاء وڌيڪ ڪارائتو بڻجي ٿو .
تنهن کان پوء هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب يورپ جي مختلف ملڪن جي اعلي تعليمي ادارن ۽ يونيورسٽين جو تعداد ۽ انهن ملڪن ۾ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ جي طريقي ڪار تي ترتيب وار تفصيلي لکي ٿو، جنهن۾ ڊاڪٽر صاحب هن ڪتاب کي اسڪالرشپ جي حوالي سان چئن حصن ۾ ورهايو آهي ان ۾ پهريون حصو اولھ يورپ جي ملڪن، جرمني،فرانس،بيلجيم، نيدرلينڊ،سئيزرلينڊ،لگزمبرنگ ۾ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ جي موقعن تي لکيو آهي
۽ ٻئي حصي ۾ اتر يورپ جي ملڪن ۾ جي تعليمي ادارن جي حوالي سان ۽ ٽيون ۽ چوٿون ڏکڻ يورپ ۽ اوڀر يورپ جي ملڪن جي يونيورسٽين ۾ اسڪالرشپ جي موقعن تي لکيو آهي ۽ان سان گڏوگڏ ڊاڪٽر صاحب انهن ملڪن جون اهم چوڻيون ۽ پهاڪا پڻ هر باب جي آخر ۾ ڏي ٿو جيڪي ڪتاب کي تمام دلچسپ بنائڻ ٿا تنهن ڪري آئون سمجهان ٿوتہ يورپ جي ملڪن ۾ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ ۽ ڪيريئر ڪائونسلنگ جي حوالي سان تمام ڪتاب آهي جيڪو هر شاگرد کي ضرور پڙهڻ گهرجي ۽ ان مان رهنمائي حاصل ڪرڻ گهرجي.