آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

منهنجو سياسي سفر

ھن ڪتاب ۾ علي حسن پنھنجي 30 سالا سياسي سفر جون يادگيريون لکيون آهن، جيڪي کاٻي ڌر جي سياست کان وٺي قومپرست سياست تائين جون آهن. علي حسن سنڌ جي سياست جي باريڪ بينين کي گھِرائي سان پيش ڪيو آهي ۽ ڪيترائي اڻ جوابيل سوال پڻ ڇڏيا آھن جن جا جواب اسان سڀني کي ڳولھڻا آهن. علي حسن چانڊيو سنڌ جو اهو نھٺو، بردبار ۽ پاڻ ارپيندڙ قومي ڪارڪن هو، جنھن پنھنجي جوانيءَ جا خوبصورت ڏينھن جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ گهاريا، سدائين سفر ۽ جدوجھد ۾ رهيو، نہ ڪڏهن ٿَڪو ۽ نہ ڪڏهن مايوس ۽ نہ ئي ڪنھن کي ڏوراپو ڏنائين. 

  • 4.5/5.0
  • 13
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book منهنجو سياسي سفر

ارپنا

ارپنا
سنڌ نيشنل موومينٽ جي نالي
۽ انهن سمورن ڪارڪنن جي نالي
جيڪي ڏکين گهڙين ۾ ايس اين ايم
سان گڏ بيٺل رهيا

سنڌسلامت پاران

سنڌسلامت پاران


سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري قومپرست سياستدان ۽ ليکڪ علي حسن چانڊيي جي سياسي يادگيرين تي مشتمل ڪتاب ”منھنجو سياسي سفر“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو.
ھن ڪتاب ۾ علي حسن پنھنجي 30 سالا سياسي سفر جون يادگيريون لکيون آهن، جيڪي کاٻي ڌر جي سياست کان وٺي قومپرست سياست تائين جون آهن. علي حسن سنڌ جي سياست جي باريڪ بينين کي گھِرائي سان پيش ڪيو آهي ۽ ڪيترائي اڻ جوابيل سوال پڻ ڇڏيا آھن جن جا جواب اسان سڀني کي ڳولھڻا آهن. علي حسن چانڊيو سنڌ جو اهو نھٺو، بردبار ۽ پاڻ ارپيندڙ قومي ڪارڪن هو، جنھن پنھنجي جوانيءَ جا خوبصورت ڏينھن جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ گهاريا، سدائين سفر ۽ جدوجھد ۾ رهيو، نہ ڪڏهن ٿَڪو ۽ نہ ڪڏهن مايوس ۽ نہ ئي ڪنھن کي ڏوراپو ڏنائين.
ھي ڪتاب 2014ع ۾ علي حسن چانڊيو يادگار ڪميٽي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون پياري مخدوم شمس جا، جنھن ھِي ڪتاب سنڌسلامت ڪتاب گهر تي رکڻ لاءِ سافٽ ڪاپيءَ ۾ ڏياري موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

اداري پاران

اداري پاران

علي حسن چانڊيو يادگار ڪميٽي پاران قومپرست اڳواڻ ۽ ليکڪ علي حسن چانڊيو جي سياسي يادگيرين تي مشتمل ڪتاب ”منهنجو سياسي سفر“ توهان جي آڏو آهي. ڪتاب ۾ علي حسن پنهنجيون سياسي يادگيريون لکيون آهن جيڪي کاٻي ڌر جي سياست کان وٺي قومپرست سياست تائين جون آهن. ڪتاب ۾ سنڌ جي سياست جي باريڪ بينين کي تمام گهرائي سان پيش ڪيو ويو آهي ۽ ان کانسواءِ ڪيترائي اڻ جوابيل سوال پڻ آهن جن جا جواب اسان سڀني کي ڳولهڻا آهن. علي حسن چانڊيو سنڌ جو اهو نهٺو، بردبار ۽ پاڻ ارپيندڙ قومي ڪارڪن هو، جنهن پنهنجي جوانيءَ جا خوبصورت ڏينهن جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ گهاريا، سدائين سفر ۽ جدوجهد ۾ رهيو نه ڪڏهن ٿڪو ۽ نه ڪڏهن مايوس ۽ نه ئي ڪنهن کي ڏوراپو ڏنائين. اهڙا موتيءَ جي داڻن جهڙا ڪارڪن سنڌ ڄڻيا ئي گهڻا آهن؟ ان جون يادگيريون، هڪ لحاظ کان سنڌ جي سياسي تاريخ ۽ جدوجهد جي ڪٿا آهي، جيڪي سندس ٽيهن سالن جي سياسي سفر تي مشتمل آهي. اميد ته علي حسن چانڊيو جو هي پورهيو پڙهندڙن کي قبول پوندو.

علي حسن چانڊيو يادگار ڪميٽي

ڪجهه ڳالهيون

ڪجهه ڳالهيون

مون کي اها ڳالهه ڪالهه جي ٿي لڳي جو ايس ٽي پي مان عليحدگيءَ کانپوءِ گهڻي حد تائين مايوس ۽ پريشان رهندو هو. هن سموري حياتي صرف سياست کي ئي پنهنجو محور سمجهيو. سياست هن جي زندگيءَ جو اهم حصو رهي. هن جي پريشاني ڏسي هڪ ڏينهن چيومانس ته توهان پنهنجي آتم ڪٿا لکو جنهن ۾ پنهنجي سموري زندگيءَ جون حاصلات، پريشانيون ۽ غلطيون لکو. ان وقت اسان جي وڏي پٽ علي رضا جنهن ڪڏهن به سياست ۾ دلچسپي نه ورتي هئي چيو ته بابا منهنجي خيال ۾ توهان پنهنجو سياسي سفر لکو، ۽ ان ۾ پنهنجي سموري حاصلات ۽ غلطيون لکو. هن جي ڳالهه علي حسن ايئن قبول ڪئي جيئن هر پيءُ پنهنجي اولاد جي خواهش پوري ڪندو آهي. علي حسن جو سياسي سفر روزاني عوامي آواز جي هر آچر واري مئگزين ۾ ڇپجندو رهيو ۽ اسان هر آچر تي صبح جي وقت ان کي پڙهندا هئاسين. هڪ ڏينهن علي حسن چيو ته سياسي سفر پورو ٿئي ته ان کي ڪتابي شڪل ۾ ڇپرائيندس....تنهن تي مان کلي چيومانس ته علي حسن سياسي سفر جي مڪمل ٿيڻ تائين علي رضا جي نوڪري به ٿي ويندي ۽ علي رضا هي ڪتاب توکي گفٽ ڪندو، مون کي خبر ڪانه هئي ته مالڪ سائين ٻڌو پئي.....اسان زندگي جا 26 سال گڏ گذاريا. جڏهن سياسي سفر جي شروعات ٿي ته ايئن لڳندو هو ڄڻ اسان جو سفر وري شروع ٿيوآهي. اسان جڏهن به گڏجي ويهي لکندا هئاسين ته لڳندو هو ته ڄڻ پراڻو وقت وري واپس آيو آهي. پاڻ جڏهن بيماريءَ ۾ 17 هين قسط لکي پيو ته تمام تيز بخار ٿي پيس ڪمزوري سبب لکي نه پئي سگهيو آهستي آهستي ڪري لکيائين ۽ باقي نوٽس مون کان لکرايائين شايد هن کي خبر پئجي وئي هئي ته سفر هاڻي پنهنجي پڄاڻي تي پهچڻ وارو آهي. منهنجي خيال ۾ علي حسن پنهنجي غلطين جا اعتراف ڪري، پنهنجي سياسي فڪر ۽ بردباريءَ جو مظاهرو ڪيو آهي. ڪاش هن جو سفر جاري رهي ها ۽ اڄ هو پاڻ پنهنجو ڪتاب دوستن ۾ ورهائي ها.

نازنين علي حسن چانڊيو

مهاڳ

مهاڳ


علي حسن جو سفر

سنڌ جي سياست، جنهن کان سنڌين کي سوين شڪايتون رهيون آهن، ”چوَڻ“ کان وڌيڪ ”سمجَهڻ“جي سطح تائين رهيون آهن، علي حسن ان ئي سياست جو سرگرم ڪردار هوندي به، پاڻ کي ايئن سنڀالڻ ۾ ڪامياب رهيو جو، اڄ هو هتان هليو وڃڻ بعد به، اوهان تائين پنهنجي ”شڪايت“ پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. شڪايت: ”پنهنجي پاڻ کان به!“. شڪايت: ”پنهنجي سفر کان به!“. شڪايت : ”پنهنجن ساٿين کان به!“. شڪايت : ”پنهنجن اڳواڻن کان به!“. اهڙيون ڪيتريون ئي شڪايتون جيڪي اسان ڪري نه سگهياسين، ڪرڻ جي همت ساري نه سگهياسين، پر خواهش هئي ته ڪو اهڙو هجي، جيڪو ”جيئن جو تيئن“ چئي ڇڏي، حقيقتن کي قومي رڪارڊ تي آڻڻ جي همت ڪري ڏيکاري ۽ اهڙن سمورن سياسي ڪارڪنن جي زبان بڻجي وڃي، جيڪي پنهنجي سفر جي انجام تي، پنهنجين کُڙين جي کلَ بڻجي ويل ڌوڙ کان سواءِ، پاڻ وٽ ٻيو ڪجهه به نٿا ڏسن!. علي حسن جي تڙ-تڪڙ ۾ لکيل هيءَ سياسي ڊائري، اهڙن ڪارڪنن سان ٿيل ويساههَ گهاتين جي سدا بڻجي سنڌ ۾ گونجندي، پڙاڏو بڻجي گونجندي.
مهاڳ لکڻ لاءِ ضروري سمجهيو ويندو آهي ته، مهاڳُ ليکڪ جي تخليق سان گڏ، سندس زندگي بابت به پڙهندڙن تائين ڪجهه پهچائيندڙ هجي، پر مان هن وقت ٻِٽي دماغ سان ان مونجهاري مان گذري رهيو آهيان ته، پهرين علي حسن جي ذات بابت اوهان تائين ڪجهه پهچائڻ جي ڪوشش ڪجي يا سندس سياسي سفر بابت راءِ ڏجي..!!. منهنجي خيال ۾ بهتر ايئن ئي رهندو ته، پهرين علي حسن بابت ڪجهه ڳالهين کي اوهان تائين پهچائجي، شايد ان سان اوهان کي، عليءَ جي هن ڊائريءَ کي سمجهڻ ۾ ڪجهه سولائي ٿي سگهي، جنهن تائين اوهان، ڪجهه پَنا اٿلائڻ بعد، پهچڻ وارا آهيو.
عليءَ سان ويجهڙائي ڪيئن ٿي؟، ڇو ٿي؟، بابت مان هڪ ڪونجَ جي قافلي کان الڳ ٿيڻ وقت، لکيل ليک ۾، تفصيل ڏئي چڪو آهيان. ان ڪري هاڻ اهو ذڪر ٿيڻ گهرجي ته : ”عليءَ سان ويجهڙائي ڪهڙن سببن ڪري قائم رهي ۽ ڪيئن ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿيندي رهي“.
عليءَ سان ملڻ کان اڳ توڙي پوءِ، سندس تعريفون به پهتل هيون ته، مٿس ٿيل تنقيدون به. اهڙيون تنقيدون جن ڏانهن عليءَ پنهنجي ڊائري ۾ هڪ هنڌ ڪجهه هن ريت اشارو ڪيو آهي: ”1995ع واري مادرِ وطن (جلسي) جي تيارين دوران ڪجهه ساٿين، چندو وٺڻ واري عمل ۾ ڀتا خوري ڪئي“. ۽ ٻئي هنڌ هو اڃا ڪجهه وڌيڪ تفصيل سان اسان کي ٻڌائي ٿو: ”ان دوران ڪراچيءَ مان بي پناهه وسيلا گڏ ڪياسين، سرڪاري زمينن مان مليل رقم جو پهرين 20 ۽ پوءِ 60 سيڪڙو پارٽيءَ ڏانهن موڪليندا رهياسين. انهن وسيلن مان ڪراچيءَ جي تنظيم تي خرچ ڪرڻ سبب بهتري آئي. منهنجي اندازي موجب: 2004ع کان 2010ع تائين ڊاڪٽر قادر مگسيءَ کي پارٽي فنڊ ۾ پنجن ڪروڙن کان مٿي مليا، پر افسوس جو اهي فقط 10 سيڪڙو پارٽيءَ تي ۽ باقي سندس ذات تي خرچ ٿيا“. سو عليءَ سان ميل جول وڌڻ سان گڏ مون کي اهو احساس به هو ته، اهڙي قسم جا اڳ ئي پهتل اطلاع، اهڙن اطلاعن مطابق سندس طبيعت اڄ به جيئن جو تيئن ئي آهي ته پوءِ، مون کي سندس ويجهو ٿيڻ به کپي يا نه!؟ ٿيڻ جو ڪو فائدو به آهي يا نه!؟، ڪٿي هي فقط هڪ ڏکوئيندڙ مشق نه بڻجي وڃي...!!. پر مون کي اهو ڏسي خوشگوار حيرت ٿي ته :” نه رڳو علي حسن کي پاڻ کان ڪرايل اهڙين سرگرمين جو چڱيءَ ريت احساس هو، پر هو انهن کي قبول ڪندڙ، بيزاري رکندڙ ۽ پاڻ کي نئين سر سهيڙڻ جو عزم رکندڙ هو. سياسي سفر جي اڪيچار حادثن باوجود به، هو سياست کي فقط اهڙي ”سياست“ سمجهڻ لاءِ تيار نه هو، جنهن جو اسان ۽ توهان ڪجهه هن ريت اظهار ڪندا آهيون :” ڏس! هو ڪيئن نه اسان سان سياست پيو ڪري!“.
مون کي جيڪڏهن عليءَ جي سڀ کان بهترين خوبي بيان ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ته، مان ايئن ئي چئي سگهندس:” عليءَ پنهنجو سياسي ايمان وڃايو نه هو“. تمام ڊگهي سياسي سفر دوران، تمام گهڻن حادثن کي ڏسڻ ۽ حادثن جو حصو هئڻ باوجود به، علي سياست کي فقط ڪوڙَ، منافقيءَ ۽ ٺڳيءَ جي مفهوم ۾ وٺڻ لاءِ تيار نه هو. هو پُر اعتماد هو، انتهائي مختصر ٽيم هوندي به، انتهائي گهٽ وسيلا هوندي به، دشمنيءَ جو روپ وٺي ويل اڳوڻي سياسي سٿَ جون مخالفتون هوندي به، هو مايوس نه هو، هار مڃڻ لاءِ تيار نه هو، ڪجهه ڪرڻ جي خواهش کي پنهنجي اندر مان ختم ڪري ڇڏيندڙ نه هو، ڪجهه به ڪرڻ لاءِ، ڪجهه به ڪري سگهڻ لاءِ هر وقت تيار هو، هر قيمت تي تيار هو. هو زوردار انڪار هو، غلط روايتن کي مڃڻ کان، غلط شيءِ قبول ڪرڻ کان. طبيعت ۾، پنهنجي انداز ۾، پنهنجي جوهر ۾، هڪ سرگرم سياسي ڪارڪن جيان هر وقت پرجوش رهندڙ علي حسن هڪ سياسي اڳواڻُ بڻجي چڪو هو، باقي سموري سنڌ ان کي چڱيءَ ريت محسوس ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو، پر هن پاڻ محسوس نه پئي ڪرڻ چاهيو، هڪ ڏنگي ٻار جيان، ڏکين ڪمن ۾ هٿ وجهڻ ٿي چاهيو، ڪجهه ڪري ڏيکارڻ ٿي چاهيو، پنهنجين سمورين سياسي ناڪامين جو اثر وٺڻ کان انڪار ڪندي، ڊهندڙ سياسي تصورن کي، ڊهڻ ئي ڏيڻ کان انڪار ڪندي. لاشعوري طور، هو سياست ۾ هڪ وڏو ”انڪار“ بڻجي اڀري رهيو هو، اهڙو انڪار، جنهن جو هئڻ ئي سياسي ڪارڪن کي، سياستدان بڻجڻ جي منزل تي پهچائيندو آهي.
ان ڪري، علي حسن هڪ ئي وقت مون کي سرگرم سياسي ڪارڪن به نظر آيو ته، سرگرم سياسي اڳواڻ به. هر وقت، هر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار، هر وقت ڪا به ڳالهه ٻُڌڻ لاءِ تيار، هر وقت هر ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار، پاڻ کي تبديل ڪرڻ لاءِ به تيار ته سماج کي تبديل ڪرڻ لاءِ به تيار. ڪنهن به معاملي تي پنهنجي مضبوط راءِ رکڻ باوجود، بنا اهڙو اظهار ڪئي، هر ماڻهوءَ کان سندس راءِ وٺڻ لاءِ تيار. هو نه رڳو سياسي ڪسوٽي رکندڙ هو، پر پاڻ کي اهڙي ڪسوٽيءَ کي پيش ڪندڙ به هو. پنهنجن غلطين جو اعتراف ڪندڙ به هو ته ٻين کي غلطين جو احساس ڏياريندڙ به، ان ڪري به ته، سندس سياسي منزل فقط هڪ سياستدان ٿي ڏيکارڻ واري نه هئي پر هڪ سياستدان بڻجي ڪجهه ڪري ڏيکارڻ واري هئي. اندر ۾ هڪ پيڙا هئي، جنهن پنهنجو دڳُ ڳولڻ ٿي چاهيو، منزل تي پهچڻ ٿي چاهيو.
مان، مٿي ذڪر ڪري چڪو آهيان ته، عليءَ جي هيءَ سياسي ڊائري ”تڙ -تڪڙ ۾ ڪجهه نه ڪجهه لکي ڇڏڻ “جو احساس ڏياري ٿي. ان وقت ته ”تڙ-تڪڙ“ جو ڪو سبب سمجهه ۾ ايندڙ نه هو، جڏهن ان کي لکيو پئي ويو، ”عوامي آواز“ ذريعي سنڌ تائين پهچايو پئي ويو، پر هن وقت علي، جڏهن اسان سان علي حسن چانڊيي جي وجود طور گڏ نه آهي، تڏهن مون کي ان ”تڙ-تڪڙ“ ۾ ڪيل پورهيي جي اهميت جو احساس ٿي رهيو آهي. هن اهو ڪم ڪري ڇڏڻ چاهيو ٿي، ڪنهن نه ڪنهن ريت ڪري ڇڏڻ چاهيو ٿي، سنڌ جي اهڙين سياسي ڳالهين کي، سنڌ جي سياسي رڪارڊ تي آڻي ڇڏڻ چاهيو ٿي، جن بابت اسان سڀ ”باخبر“ هوندي به، ”بي خبر“بڻيل رهڻ پسند ڪندا آهيون!.
علي حسن چانديي جي سياسي ڊائري جي شروعات، کيس سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ مان تڙي الڳ ڪري ڇڏڻ لاءِ، 24 مئي 2011ع تي جاري ٿيل اهڙي ”معطلي“ جي نوٽيس سان ٿئي ٿي، جنهن ۾ مٿس لڳايل سڀ کان پهرين: ”سندس سرگرم نه هئڻ ڪري آدم شماريءَ سرگرميون بند رهڻ“، جو الزام لڳايل آهي.اهڙي الزام بابت عليءَ پاران پاڻ به چڱيءَ ريت جواب ڏئي ڇڏڻ باوجود، مون کي ان بابت ڪجهه وڌيڪ لکڻ جي ضرورت نه پوي ها، جيڪڏهن الزام مطابق :” سندس سرگرم هئڻ يا نه هئڻ“ کان مان پاڻ ذاتي طور آگاهه نه هجان ها. آدم شماري ۽ گهر شماري جي سرڪاري اعلان بعد، مقرر ڏينهن کان 20 ڏينهن اڳ، مون قوم کي آدم شماريءَ جي اهميت کان آگاهه ڪرڻ لاءِ هڪ ڪالم لکيو هو ”سنڌين کان 20 ڏينهن گهرندڙ سنڌ“. اهڙو ڪالم شايع ٿيڻ کان اڳ ئي سنڌ ۾ سياسي پارٽين جون سرگرميون شروع ٿي چڪيون هيون، هڪ صحافيءَ طور مان پاڻ انهن کي سنڌين تائين پهچائيندڙن مان هڪ پڻ هوس، پر جيئن ئي منهنجو ڪالم شايع ٿيو، تيئن ئي عليءَ ملير جي ڪنهن ڳوٺ مان فون ڪري چيو:” اڄ اسان آدم شماري ۽ گهر شماري لاءِ ڪيل سرگرميءَکي نالو ڏنو آهي : ”سنڌين کان 20 ڏينهن گهرندڙ سنڌ“. ۽ اسان اڄ کان پنهنجي جاڳرتا مهم جو نالو رکڻ جو اعلان ڪريون ٿا: ”سنڌين کان 20 ڏينهن گهرندڙ سنڌ“- ۽ پوءِ جيئن ان کان اڳ مون تائين سندس سرگرم هئڻ جون خبرون پهچنديون رهنديون هيون، تيئن ئي بعد ۾ به پهچنديون رهيون، ويندي ڪڇين سان اهڙين ميل- ملاقاتن جون به ته، جيئن کين ”سنڌيءَ قوم طور پنهنجي سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ لاءِ قائل ڪري سگهجي“. عليءَ تي اهو پڻ الزام لڳايل نظر ٿو اچي ته :”هُن 17 مئي 2011ع تي ڊاڪٽر قادر مگسيءَ جي دعوت تي، مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف جي ايس ٽي پي هائوس حيدر آباد اچڻ جي مخالفت ڇو ڪئي؟“. علي پاڻ ان جي چڱي ريت وضاحت ڪري چڪو آهي، پر جڏهن ”قومي اسيمبليءَ ۾ نواز ليگ ميمبرن طرفان ڪالاباغ ڊئم جي اڏاوت اڻٽر قرار ڏئي، ان سنڌ سڪائڻ جي سازش جي مخالفن کي، پاڪستان دشمن قرار ڏنو ٿو وڃي“ ۽ ساڳي ڏينهن ايس ٽي پي سربراههَ جو اهو بيان به ڏسڻ لاءِ ملي ٿو ته:” ڪالاباغ ڊئم جي ڳالهه ڪرڻ پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش آهي!“. يا ان کان به ڪجهه هفتا اڳ ايس ٽي پي سربراهه طرفان ايئن چوڻ ته :” ن ليگ وٽ سنڌين کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي“، تڏهن علي حسن چانڊيو 2011ع ۾ ئي ڪالاباغ ڊئم جي حامين ۽ سنڌين لاءِ پاڻ وٽ ڪجهه به نه رکندڙن سان ”پنهنجائپ جون پينگهون وڌائڻ“ جي مخالفت ڪندي غلط ٿو هجي يا پنهنجي سياسي تدبر جو اظهار ڪندڙ ٿو هجي جو، کيس پارٽي عهدي تان ايئن معطل ڪيو ٿو وڃي جو، پارٽيءَ سربراهه جي غير موجودگيءَ ۾ پارٽيءَ جي سربراهيءَ ڪندڙ جي معطليءَ جو معاملو سينٽرل ڪميٽي ۾ رکڻ جهڙو به نٿو سمجهيو وڃي...!!. علي حسن نواز شريف تي اعتبار ڪرڻ کان انڪار ڪندي ڪٿي غلط هو؟ ڪيئن غلط هو؟ سندس جيئري نه سهي، مُئي ئي سهي!، ڪو وضاحت ڪري سگهي ٿو؟، ذميواري قبول ڪري سگهي ٿو!؟. جيستائين سنڌ جي سياست، پنهنجي وائيس چيئرمين کي به نيڪالي ڏيڻ جو فون تي اطلاع ڏيندڙ هوندي، بنا سوال ڪرڻ جَي!، بنا سبب ٻڌڻ جي!، احترام ۽ ذميواريءَ جي ڪنهن به جذبي کان عاري هوندي ته، پوءِ اهڙي ڪا به سياست خود پنهنجو سفر ڪيئن جاري رکي سگهندي!؟. اهڙي قيادت خود پنهنجو وجود ڪيئن برقرار رکي سگهندي!؟ اهڙن سوالن جا جوابَ، علي حسن کي 2011ع ۾ پارٽيءَ مان نيڪاليءَ ڏئي سندس جاءِ تي ويهاريل حيدر شاهاڻي ۽ ٻي سينئر قيادت طرفان 2013ع ۾ ڪيل پريس ڪانفرنس ۽ بعد ۾ پنهنجي سوچ جي مڪمل مخالف پيپلز پارٽيءَ ۾ به هليو وڃڻ قبول ڪري ڇڏڻ!، وارن سوالن تي سوچيندي ملي سگهن ٿا، پَنهنجن کي به ته، پراون کي به. ”سبب ڄاڻايو نوٽيس“ ۾ علي حسن جو انڪار، اهو ئي ”انڪار“ آهي جنهن کي مان ”سندس هوندي“ محسوس به ڪيو هو ته، هاڻ ”سندس نه هوندي“ ظاهر به ڪري رهيو آهيان. عليءَ کي مليل نوٽيس سنڌ جي هڪ ”عالم“ جي ”ٽائپ رائيٽر“ بڻجي وڃڻ کان سواءِ جيڪڏهن ڪا ٻي سمجهاڻي ڏي ٿو ته :” سنڌ جي سياست پاران انسانَ ۽ انسانن جا اڳواڻ پيدا ڪرڻ بجاءِ، خدا پيدا ڪرڻ ۽ خدا بڻائي ڇڏڻ جي..!!“.
نائين جماعت جو شاگرد هوندي پنهنجي والد جو قتل، 78 ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪرڻ شرط ئي غربت جي ديوَ آڏو ڪنڌ نه نمائيندي ”پورهيت ٻار“ بڻجڻ کان به عار نه ڪندڙ، ايس اين ايف اڳواڻن سان ملاقات بعد ٻن مهينن اندر کين ۽ سندن نظريي کي سٺو سمجهي ”بابا جي انتقام جي باهه“ کي، سماجي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف ”بغاوت“ جي شڪل ڏئي شاگرد تنظيم ۾ سرگرم ٿي ويندڙ، 1976ع ۾ انقلابي اڳواڻ شهيد نذير عباسيءَ سان ملي سگهڻ جي خواهش هٿان مجبور ٿي، ميٽنگ اڌَ ۾ ڇڏي پنهنجي پهرين آدرشَ جي ڪمري ۾ گهڙي ويندڙ ۽ چئن سالن بعد پنهنجي آدرش جي ضيائي آمريت هٿان شهادت جي خبر ٻُڌي، اهڙي شام کي ئي ”اڀاڳي“ قرار ڏيندڙ علي حسن چانڊيو، مارشل لا جي ظلم خلاف جهيڙيندڙ پنهنجن ساٿين ۽ اڳواڻن کي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ڪارڪنن طرفان کين ”خانگي جيل جو باندي“ بڻائڻ سان گڏ ساڻن ٿيندڙ ٻين غنڊا گردين کي، اکين سان ڏسي ٿو!. سنڌ ۾ سياسي راءِ جي اختلاف کي، پنهنجن هٿان ئي ڏوهه بڻجندي ڏسي ٿو پر مايوس ٿيڻ يا ڊڄي وڃڻ جي ڪنهن به امڪان کي پنهنجي اندر پيدا ڪرڻ بجاءِ، هو جدوجهد جو اهڙو سگهارو آواز بڻجي وڃي ٿو جو، سرڪار لاءِ کيس پنهنجي ڳوٺ مان گرفتار ڪرڻ ضروري بڻجي ٿو وڃي! سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ ضروري سمجهيو ٿو وڃي!، پر ساڳي ئي وقت هو سنڌ جي قومي شاگرد سياست طرفان به سنڌ يونيورسٽيءَ جي هاسٽل ۾ رهڻ جو حق هئڻ لائق نٿو سمجهيو وڃي!. فوجي جنتا هٿان شهيد ڪيل نذير عباسيءَ جي نالي سان سڃاتي ويندڙ اڳواڻ جي ڪمري ۾ پهچڻ تي، کيس ٽن ڏينهن بعد ئي پنهنجو ڪمرو خالي ڪرڻ تي ايئن مجبور ٿيڻو ٿو پوي جو، پويان ڪمري مان قوم جا اڄ تائين اڳواڻ بڻيلن جا نعرا گونجن ٿا: ”جيئي سنڌ“. قومي اڳواڻ نظرياتي سياست جي ڪتابن کي به باهه ۾ ساڙي، پنهنجي اڄ تائين ”بَي نظريَي“ هئڻ جو بنياد رکڻ جو ڪم به ڪري ڇڏين ٿا. علي حسن چانڊيو ان لمحي کي ڪجهه هيئن بيان ڪري ٿو: ”اسان کان ڪمرو خالي ڪرائڻ بعد جيئي سنڌ جا نعرا ايئن گونجندا رهيا، ڄڻ هنن، سنڌ فتح ڪري ورتي هجي...!!“.
عليءَ جي ڊائريءَ جي ان حصي تي پهچڻ بعد منهنجي ذهن ۾ ڪيترائي سوالَ پيدا ٿين ٿا، جن کي مان اڄ جي حالتن ۾ ڳولڻ جي ضرورت سمجهان ٿو.
بَي رحم ضيائي فوجي آمريت جو دور ٿو هجي، سنڌي فوجي جنتا خلاف ساڳي اهڙي ڪيفيت ۾ نظر اچن ٿا، جيئن بي نظير ڀٽو جي هڪ ٻئي فوجي ڊڪٽيٽر مشرف هٿان ڏينهن ڏٺـي مارجڻ بعد، سنڌي ٽن ڏينهن تائين، سنڌ کي هن رياست کان ئي الڳ ٿلڳ ڪري ٿا ڇڏين. اهڙي وقت، جڏهن ضيائي ظلم خلاف سنڌين جي نفرت کي پنهنجي قومي هدف طرف آڻڻ جو بهترين موقعو هو، تڏهن سنڌ جي قومي سڏائيندڙ سياست، سنڌين جي فوجي آمريت ۽ ڏاڍ خلاف جدوجهد کي ”جيئي سنڌ“ جي نعري ۾ ايئن ئي پاڻ به چٿيندي ۽ رياستي پوليس فورس حوالي ڪندي به نظر ٿي اچي، جيئن بي نظير ڀٽو جي قتل بعد سنڌين آڏو ”پَنهنجي دليل جو ثبوت“ بڻجڻ جي ڪوشش ڪرڻ بجاءِ، قومي قيادت ٽَئي ڏينهن پاڻ کي روپوشيءَ ۾ رکي، ماڻهن جي خواهشن کي پاڻ تائين پهچڻ نه ڏيڻ لاءِ، سَيل فون به بند رکي گذاريا....!!“. ضيائي مارشل لا خلاف سنڌين جي جدوجهد کي ”جيئي سنڌ“ جي نالي ۾چٿيندڙن ڇا ٿي چاهيو؟، ڪنهن لاءِ ٿي چاهيو؟، هاڻ بي نظير جي قتل بعد باهه لڳل سنڌ کان پاڻ کي پري رکڻ جو ڪم، ڪنهن جي ”خواهش“ تي ڪيو ويو يا پنهنجي ”سمجهه“ تحت....!؟، ٻنهي حالتن ۾ اهڙين تحريڪن ۽ سندن اڳواڻن کي، قومي ذهن پنهنجي ڪهڙي خاني ۾ رکي...!؟.
هڪ ٻيو سوال به اڃا تائين جواب ٿو گهري، سوال پيدا ڪندڙن کان به ته، اهڙي سوال تائين پهچي ويندڙن کان به. ”ڪالهه جڏهن اسان کي، ضيا شاهيءَ خلاف جهيڙيندڙن جي مدد نه ڪرڻ جي فيصلي باوجود به، گهٽ ۾ گهٽ سندن لاءِ ”عدم تشدد“ جو رستو ضرور اختيار ڪرڻ کپندو هو، تڏهن اسان مٿن ”تشدد“ کي تيز ڪيو ..!!، ۽ هاڻي جڏهن، ساڳين رياستي ادارن جي تشدد جو شڪار پنهنجن ئي گهر ڀاتي قومي ڪارڪنن جي واهر ڪرڻ جو وقت آهي ته ”عدم تشدد“ تي ايترو ته زوردار انداز سان عمل ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو ويو آهي جو، اهڙو انداز ئي هڪ وڌيڪ سوال کي جنم ڏئي ٿو!. پهرين اچو ته ان ”عدم تشدد“ جو حڪم پهچائڻ لاءِ اختيار ڪيل لفظن کي ڏسي وٺون :”شعوري يا لاشعوري طور، اسان سان لاڳاپيل ڪنهن به ڪارڪن، جيڪڏهن عدم تشدد واري پاليسي جي ابتڙ ڪم ڪيو ته، ان سان اسان جو ڪوبه واسطو نه آهي“.
مان پنهنجي سوالَ تي هڪ ڀيرو وري واپس ٿو اچان :”جڏهن رياست ۽ رياستي ادارن جي سنڌ دشمن فيصلن خلاف مزاحمت ڪندڙن جي مزاحمت ۾ ساٿُ ڏيڻ ڀل ممڪن نه هو، پر گهٽ ۾ گهٽ سندن پاڻ دشمن بڻجڻ کان پاسو ڪرڻ ضروري هو، تڏهن اهڙين سمورين ڌرين خلاف نه رڳو تشدد جو سلسلو شروع ڪيو ٿو وڃي، پر ان ”نيڪ مقصد“ لاءِ رياستي ادارن جي مدد وٺڻ جو ڪم به ”سنڌ سان عشق“ جي اظهار لاءِ ضروري سمجهيو ٿو وڃي...!!- ۽ جڏهن ساڳي طرح ئي بَي رحم رياستي ادارن جي ظلم، تشدد، ٽارچر سيلن ۽ زبردستي موتَ حوالي ڪيل سنڌ جي قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سان پنهنجن ڪارڪنن کي گڏ بيهجندي ڏسجي ٿو ته، کين فوري طور روڪڻ ۽ اهڙو ”ڏوهه“ ڪرڻ کان نه مڙڻ تي، پارٽيءَ مان نيڪالي ڏيڻ جو ”عدم تشددي“ پيغام هر هنڌ عام ڪرڻ کان به عار نٿو ڪيو وڃي...!!“ تڏهن ڪنهن به سوچيندڙ ذهن کي ايئن سوچڻ کان ڪيرُ ٿو روڪي سگهي ته :”ضيائي فوجي آمريت دوران ”تشدد جو فلسفو“ ۽ مُشرفي آمريت کان شروع ٿيل پنهنجن ئي ڀائر قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تي هر قسم جي تشدد ۽ سندن بي رحماڻي موت خلاف سنڌ ۾ اُٿندڙ چڙ ۽ ڪاوڙ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ سختيءَ سان سامهون آندل”عدم تشدد جو فلسلفو“، ٻئي هڪ ئي سڪي جا پاسا نه آهن..!؟. جيئن ڪالهه ”تشدد“ کي سنڌين جي تحريڪ کي چٿڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو هو، ايئن اڄ ”عدم تشدد“ ذريعي به ساڳيو ئي ڪم ته نه پيو ڪيو وڃي...!؟. ٻنهي سياسي جدوجهدن دوران ساڳين ماڻهن، ساڳيو ڪم، ساڳي ئي انداز سان ته نڪري ڏيکاريو آهي؟، فقط نعرو تبديل ڪري..!؟“.
هي سفر اوهان کي، عليءَ جي جيل وڃڻ لاءِ ”رومانس“ کان به واقفيت ڏياريندو ته، جيلَ ذريعي شروع ٿيل ”رومانس“ کان به. ”ساٿين“ جي روپَ ۾ پنهنجي آسپاس ”شڪاري“ موجود هئڻ جو چتاءُ به ڏيندو ته، ”نوَن سنڌين“ جي ڪالهه کان وٺي اڄ تائين، سنڌيءَ ٻوليءَ کي پنهنجي لاءِ ”ٽوڪ“ بڻائي ڇڏڻ کان به آگاهه ڪندو. ڏوهَن کي ”قومي ڪم“ سمجهندڙن لاءِ، بدنام ڌاڙيلن جي جيلن اندر ٿيل ”سياسي تربيت“ باوجود، هڪ ڏوهاريءَ طور ئي ٿيل موتَ جي به ڄاڻ ڏيندو۽ اهو به ٻڌائيندو ته :”جيڪو ماڻهو 24 ئي ڪلاڪ ديشي بڻجي ورَ ۾ پسٽل رکي گهمندو رهي، سو اصل ۾ پوليس جو ڊي ايس پي به ٿي سگهي ٿو..!!“. هن سفر ۾ شريڪ رهي اوهان اهو به ڄاڻي وٺندا ته : ڪجهه”مڙس ماڻهو“ ڪيئن نه سرڪاري ادارَن سان ڳٺ جوڙ ڪري، پاڻ کي پاڻ ئي گرفتار ڪرائي، ڪيئن نه قوم آڏو جوڌو بڻجي اچڻ جي ڪريل حرڪت ڪندا آهن..!!، ايئن ئي، جيئن ڪجهه هفتا اڳ اسان هڪ ”قومي اڳواڻ“ کي ساڳي حرڪت ڪندي ڏسي چڪا آهيون“. اهڙين حرڪتن کي سمجهڻ ۽ حقيقتن تائين پهچڻ جا ڪيترائي گسَ، اوهان کي هن سفر ۾ عليءَ حسن سان گڏ رهڻ ڪري ملي ويندا.
عليءَ سان گڏ سندس ”سياسي سفر“ ۾ شريڪ رهندي، هڪ ٻيو سوال به جواب لهڻي ٿو. عليءَ جي لفظن مطابق :”ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ جمعيت ۽ ترقي پسند تنظيمن ۾ ٽڪراءُ هو. ترقي پسند تنظيمون جمعيت جي غنڊا گرديءَ کي مُنهن ڏئي رهيون هيون. جمعيت جي داداگيري عروج تي هئي، هو ترقي پسند فڪر کي برداشت نه ڪندا هئا. هو تعليمي ادارن ۾ رياست جي حمايت ۾ بيٺل هئا“. عليءَ جي بيان ڪيل اهڙين حقيقتن کي ذهن ۾ رکندي، اسان جيڪڏهن ڪراچي يونيورسٽيءَ کان سنڌ يونيورسٽيءَ تائين جو سفر ڪري سگهون ته، اسان کي ساڳي ئي عرصي ۾، ترقي پسند قوتن خلاف وري ٻيا ڪي معتبر سمجهيا ويندڙ نالا نظر ايندا!. جيئن جمعيت ساڳين حالتن ۾، ساڳين ڏينهن ۾، ۽ ساڳي فوجي آمريت خلاف بيٺل تنظيمن ۽ تحريڪن خلاف رياست جي ”خانگي فورس“ طور ڪم ڪري رهي هئي!، ساڳيو ئي ڪم، ساڳي ئي انداز سان، ساڳيو فڪر رکندڙ، ساڳي تحريڪ جي سرگرم ڪردارن سان، ساڳيو سلوڪ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪنهن پئي ڪيو..!؟. ڇا ٻئي ڌريون اصل ۾فوجي آمريت سان گڏ بيٺل هيون؟ ”جمعيت“ جي نالي ۾ به ته، ”جيئي سنڌ“ جي نالي ۾ به...!؟“.
”مئي 1985ع ۾ ڪراچيءَ ۾، شاگردياڻي بشريٰ زيدي ڪيس ٿيو . (بشريٰ زيدي هڪ پٺاڻ ڊرائيور طرفان هلائي ويندڙ گاڏيءَ جي ٽڪر ۾، حادثاتي طور جان وڃائي ويٺي هئي) مهاجرن زبردست احتجاج ڪيو، پٺاڻن جي سوين رڪشائن ۽ هوٽلن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، ڪراچيءَ ۾ وڳوڙن ۾ واڌارو ٿيو، مهاجر قومي موومينٽ جو بنياد بڻيو“. علي حسن جي ڊائري جا هي لفظ مون کي سنڌ جي سياست کي سنڌ کي سمجهي نه سگهندڙن طرفان قومي مظلوميت جي علامت کي هٿن ۾ پڪڙي رکڻ بجاءِ، هٿن ۾ اچي وڃڻ باوجود، ان کي هٿن مان ڇڏي ڏيڻ جي ناسمجهيءَ تائين پهچائن ٿا. هڪ ڊرائيور جي روايتي لاپرواهيءَ جو شڪار ٿيل بشريٰ زيدي، ڪيئن نه ڪراچيءَ جي قسمت کي تبديل ڪري ڇڏيندڙ سياست کي جنم ڏيڻ جو سبب بڻجي وئي!، پر ڪير مون کي ٻڌائيندو :” رنڪل ڪماريءَ کي جيئري ئي ماري ڇڏڻ کان به وڌيڪ ٿيل ظلم، سڄي دنيا ۽ سڄي دنيا جي ادارن تائين ايئن پهچي وڃڻ باوجود به ته ”انهن سنڌ جي هڪ مظلوم نياڻيءَ کي پاڪستان جي سياست تي تمام گهڻو اثر ڇڏيندڙ شخصيت طور قبول ڪيو“، پوءِ به ڌرتيءَ جي مظلوميت ۽ مذهبي انتهاپسنديءَ کي هڪ بدترين شڪست ڏيڻ جو ڪيس ڪنهن ٻوڙيو؟، ڪنهن ان کي مظلوم سنڌ جي علامت بڻائڻ نه چاهيو!، پنهنجي سماج جي رياستي پرورش ۾ پلجندڙ مذهبي ٺڳن هٿان ٺڳجي وڃڻ جي علامت کي مڃڻ کان ئي انڪارُ ڪري ڇڏيو!، ڪنهن؟، ڇو؟، ڇا لاءِ..!؟. ساڳين طاقتور ڌرين ۽ ادارن لاءِ، جن خلاف جدوجهدن کي اڄ تائين به دٻائڻ ضروري سمجهيو وڃي ٿو..!؟ - ۽ پوءِ پنجن سالن جي وجنتيءَ کان وٺي ڀوري ڀيل تائين جي انسانيت کي لڄائيندڙ سانحن کي به قومي ڪاوڙ ۾ تبديل نه ڪري سگهڻ جو ڏوهه ڪنهن ڪيو؟ ڪنهن لاءِ ڪيو..!؟، ويندي ڪڪو ڪولهڻ جو لڄ لُٽيل لاش ملي وڃڻ باوجود به...!!، الهڏني ڀيل جي قبر تي لڳاتار چئن ڏينهن تائين جاري رهندڙ مذهبي انتهاپسنديءَ جي تماشي باوجود به...!!. ڇا سنڌ جي سياست زميني حقيقتن ۽ مظلوميت جي حقيقي ڪردارن کي ”قومي ڪاوڙ“ جو روپ ڏئي سگهڻ جي همت نٿي رکي؟، يا ان کي به علي حسن جي ڪيل اشارن مطابق: ”رياستي راند“ ئي سمجهڻ گهرجي!؟، يا سندن نالائقي...!؟. ٻنهي حالتن ۾ سنڌ جون نمائندا ڌريون ڪهڙي خاني ۾ رکڻ لائق بڻجن ٿيون!؟، عليءَ جو هي ”سياسي سفر“ اوهان کي ڪيترن ئي اهڙن سوالن تائين پهچائيندو، ضرور پهچائيندو.
علي حسن جي هيءَ ڊائري، سنڌ جي ترقي پسندن جي، سنڌين جي جدوجهد کي ”عوام کي ويڙهائڻ“ سمجهڻ جي ذهني دنگَ تي بيٺل هئڻ تائين به پهچائيندي. 30 سيپٽمبر سانحي بابت پڻ ڪيترائي اڻ چٽا ۽ چٽا اشارا به ڪندي، اهڙي سانحي، جنهن ۾ عليءَ مطابق :”ايم ڪيو ايم جو ته ڪو به ڪارڪن قتل نه ٿيو، پر 60 سنڌي نعرا هڻندي وسايل گولين جو کاڄ ضرور بڻيا!“، تنهن واقعي لاءِ مخصوص ڪيل وقت تي ”سڄي شهر جي بجلي بند ٿي وڃڻ“ مان هڪ ئي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي :”يا ته اهڙي منصوبابندي ڪندڙ ڌرين جو حيسڪو تي مڪمل ڪنٽرول هو ۽ هو ان کان ”جيئن چاهين، تيئن ڪرائين“ جي ”مڪمل سگهه“ رکندڙ هئا يا پوءِ اهي پاڻ انتظاميا جي ”مڪمل ڪنٽرول“ ۾ هئا“. ها!، پوءِ پهرين سيپٽمبر تي ڪراچيءَ ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيو، جيئن سنڌي چونڊي-چونڊي ماريا ويا...!!، ڇا ٻئي واقعا هڪ ئي هنڌ ٿيل منصوبابنديءَ جو حصو هئا..!؟. ٽيمون الڳ هيون پر ڪم ساڳيو هو...!!. طرفَ مختلف هئا، پر منزل ساڳي هئي ...!؟.اهڙن ٻنهي واقعن جا نتيجا به اوهان کي علي حسن جي هن ڊائريءَ ۾ ملي ويندا.
علي حسن اهڙين حقيقتن تان پردو کڻندي، سنڌ جي اهڙن هزارين سياسي ڪارڪنن جي ترجماني به ڪري ٿو ” جن مختلف اڳواڻن ۽ تحريڪن لاءِ پاڻ وڃائي ڇڏيو، پر اتان کين ويتر وڌايل تڪليفن کان سواءِ ٻيو ڇا مليو....!!. مليو ته فقط انهن کي جن نه رڳو پارٽين کي پنهنجي جاگيرَ سمجهيو پر ايئن ڪري به ڏيکاريو“. سياسي تنظيمن ۾ ڏوهارين جي ”هلندي پڄنديءَ“ جون خبرون اوهان کي هن سفر ۾، هر هنڌ نظر اينديون ۽ اهو به نظر ايندو ته : سياسي ڪارڪن اهڙن ڏوهارين آڏو ڪيڏو نه بيوس ۽ لاچار بڻايل آهن. سنڌ جي سياست ڪيئن نه مختلف موقعن تي مليل عوامي سگهه کي سنڀالي سگهڻ کان لاچار يا ناڪام رهي آهي!، شخصيت پرستي ۽ ادارا نه ٺاهڻ جي بيماري ڪيئن نه سنڌ جي سياست کي اندران ئي اندران پورو ڪري رکيو آهي!، سياسي بوسڪيءَ جي پٽڪي هيٺان ڪيئن نه ريڙون ئي ريڙون ٿيون لڪايل ٿيون هجن...!!
پنهنجن لاءِ ئي ظالم ۽ قاتل ٿيڻ جو سڀ کان وڏو نقصان عام ماڻهن کان وڌيڪ ان ڌر جو ئي ٿيندو آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ، جڏهن سنڌ ۾ ڍاڪا يونيورسٽي جو ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو هو، جتان ئي قومي شعور کي سفر ڪرڻو هو، سو ئي هنڌ، قومي شعور جو مقتل بڻائي ڇڏڻ ڪري، ڪيئن نه اهڙيون ڌريون پاڻ به هڪ گناهه جي سڃاڻپ بڻجي ويون...!!، عليءَ جو هي سياسي سفر اوهان کي ڪيترائي ڀيرا اهڙن واقعن، سانحن ۽ روَين ڏانهن اشارا ڪندي نظر ايندو. شخصيت پرستيءَ جو جن بوتل مان نڪرڻ بعد ڪيئن نه نانگُ بڻجي پنهنجا ٻچا کائڻ شروع ڪري ٿو..!!، سنڌ جي سياست ته ان کان به وڌيڪ مثالن سان ڀريل آهي، جيترا اوهان کي هن سفر ۾ نظر ايندا، پر ڪنهن به، ڪن به نتيجن کان، ڪجهه به ناهي سکيو ۽ نه سکڻ چاهي ٿو، جي حقيقتن تائين پهچائڻ سان گڏ...!!
ڊاڪٽر گهنشام پرڪاش، سنڌ جي سياسي جو هڪ سرگرم ڪردار، سنڌ ڇڏي هند پهچي ٿو وڃي!. سنڌ مان جن به هند گهمڻ ويندڙن سان منهنجي ملاقات ٿي سگهي آهي، تن سمورن جي وات مان هڪ ئي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ملي آهي: ”گهنشام اهو ناهي رهيو!. هو ته هاڻي ملڻ کان به انڪار ڪري ٿو ڇڏي!“. مُنهنجي ذاتي طور گهنشام سان ڪڏهن به، ڪا به ملاقات ناهي رهي، پر هڪ سنڌي ۽ هڪ قومي ڪارڪن طور مون کي سندس بابت ٻڌايل رويو سمجهه ۾ نه ايندڙ ته لڳو، پر مون هميشه ”منهنجو ڇا!؟“ چئي، ان سلسلي مان جان ڇڏائي ٿَي ڇڏي. علي حسن جي سفر ۾ گهنشام جي ذڪر کي مان بار بار پڙهيو، گهنشام بابت ٻڌايل ڳالهين کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لاءِ. علي حسن موجود هجي ها ته مان کانئس ان بابت ڪجهه سوال ضرور ڪريان ها،پر سندس ٻڌايل ڳالهيون پڙهندي مون جيئن محسوس ڪيو، تنهن مطابق:
(الف) گهنشام سينٽرل جيل ۾ پنهنجي قائد سان ملاقات ڪرڻ لاءِ اچي ٿو. واپسيءَ تي جيل جي دروازي تان ئي گم ڪيو وڃي ٿو.
(ب) ڇهن مهينن تائين ”کنڀجي گم رهڻ“ بعد هو آزاد ٿي پنهنجي سياسي گهر پهچي ٿو. ۽ پوءِ پنهنجي سياسي گهر ۾ ويٺي ئي، پاڻ کي ان کان الڳ ڪرڻ جو اعلان ڪندي چوي ٿو:” ڳُجهن ادارن خبردار ڪيو آهي ته، سياست ڀلي ڪر، آزاديءَ جا نعرا به هڻ، پر ڪم اسان لاءِ ئي ڪر، نه ته ملڪ ڇڏي وڃ. جي اڃا به ضد تي رهندين ته پوءِ هميشه لاءِ جيل ۾ رهندين يا ماريو ويندين“. ۽ پوءِ هو فيصلو ڪري ٿو :”پارٽيءَ ۾ ويهي ڌڙو ٺاهڻ کان بهتر آهي، ملڪ ڇڏي وڃان“، ۽ هو هليو وڃي ٿو.
”سياسي سفر“ ۾ ان هنڌ پهچڻ تي، منهنجي ذهن ۾ بَي چيني پيدا ٿي رهي آهي، پر ان کي ختم ڪيئن ڪريان!؟ سا خبر ناهي. مثال طور:
(1) ڊاڪٽر گهنشام پارٽي قائد سان ملڻ لاءِ جيل ايندي واپسيءَ تي گم ٿي وڃي ٿو. ڇا هو پنهنجي اهڙي گرفتاريءَ بابت شڪي آهي؟. (2) ڇهن مهينن تائين گم رهڻ بعد آزاد ٿي پارٽي آفيس پهچڻ بعد هو چوي ٿو :”ڳجها ادارا ٿا چون، يا ته اسان جو ٿي ڪم ڪر ، پوءِ ڀل آزاديءَ جا نعرا هڻندو رههُ يا ملڪ ڇڏي وڃ“. (3) هو پارٽيءَ ۾ ڌڙو ٺاهڻ کان انڪار ڪندي چوي ٿو ته :”دلالي ڪرڻ کان بهتر آهي ته ملڪ ڇڏي وڃان“.
گهنشام جي اهڙي انداز سان پنهنجي پارٽي ۽ سنڌ کي مخاطب ٿيڻ هيٺيان سوال پيدا ڪري ٿو:
سرڪاري مهمان رهندڙ يا ڳجهيون مهمانيون کائيندڙ جيڪي اڳواڻ زوردار نعرا لڳائي رهيا آهن، حقن کان وٺي آزاديءَ تائين جا!، ڇا اهي گهنشام کي ڏنل آڇ جيان ئي مليل آڇ جو فائدو وٺي رهيا آهن ته:” سياست به ڀلي ڪريو!، آزاديءَ جا نعرا به هڻو، پر ڪم اسان لاءِ ڪريو..!؟“.
سنڌ ۾ جيڪڏهن ڳاڻاٽي کان ٻاهر پر بَي عمل پارٽيون نظر اچي رهيون آهن، اُنهن جي پيدا ٿيڻ جو سبب اهوئي ته نه آهي، جنهن کي گهنشام ڪجهه هيئن بيان ڪيو هو :” دلالي ڪرڻ کان بهتر آهي ته ملڪ ڇڏي وڃان“.
سمورن اڻ مليل سوالن جي جوابن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندي، مان گهنشام کي ان ميار کان آجو قرار ڏيان ٿو ته” هن ڪنهن سان ملڻ چاهيو يا نه..!!“. نانگَ جو ڏنگيل جي نوڙيءَ کان به ڊڄي ته، مياري ته نه ٿيو..!؟. ها جي بعد ۾ اوهان کي ”سڌارن“ ذريعي انقلاب آڻڻ جون ڳالهيون پڙهڻ لاءِ ملن ته، انهن کي اوهان اڄ جي ”اهنسائي آزاديءَ“ سان ڀيٽ ڪري، خاموشيءَ سان اڳتي نڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهو ٿا. ڀلا انهن تي ميار به ڪهڙي، جن نه ضد ڪيو، نه ئي ملڪ ڇڏيو...!!، پوءِ کين آزاديءَ سان پنهنجا ”نعرا“ چونڊڻ جيتري آزادي ته ملڻ ئي گهرجي.
سنڌ جي سياست ۽ شخصيت پرستيءَ جو شڪار ٿيل نبيلا شاهه جو ذڪر نه ڪرڻ، هڪ اهڙي بي واجبي هجي ها، جيڪا علي حسن اسان سان نه ڪئي. نبيلا شاهه اڪيلي ئي کاڄ ناهي بڻي سنڌ جي سياست جو!. ڪيترين ئي مئل توڙي جيئرن نبيلائن کان سنڌ جا گهڻائي سياسي ڪارڪن واقف آهن. پاڪستان جي عدالتن کي قبول نه ڪندڙ، نبيلا شاهه ڪيس ۾ هميشه عدالت جي فيصلي کي پنهنجي بي گناهيءَ جي ثبوت طور استعمال ڪندي، پاڻ کي، آيلَ هر الزام کان آجو سمجهڻ جو حق محفوظ ڪرائي وٺن ٿا..!!. ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ثبوت ٿي سگهي ٿو، نبيلا شاهه کي ڏياريل اهڙي انجام جو، جنهن جو جسم سان گڏ پيار به ڪُسجي ويو!.
سنڌ ۾ ”مرڻ گهڙيءَ تائين“ بدنام ڪيل بک هڙتالن، سيل فون جي پيغامن، ۽ صوفين جي سڏائيندڙ سنڌ جَي ”انتهاپسندن جو ديسُ“ ٿيڻ سان گڏ، عليءَ جي سفر ۾اسان پنهنجن ئي دانشورن کي پاڻ ئي گولين مان گذاريندي به ڏسي سگهنداسين!. پرڏيهه ۾ به سنڌ جو نالو ڪيئن نه ”وڏين گاڏين“ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو!، ۽ سنڌين لاءِ پنهنجي ئي شهر جا درَ ڪيئن نه بند ڪرايا وڃن ٿا!، وارن سوالن تائين هي سياسي سفر اوهان کي ايئن پهچائيندو جو، ڪيترائي سوالَ ان کان اڳ به موجود هوندا ته پوءِ به. سوالن جي جوابن تائين پهچڻ جي سموري ذميواري، سوال ڪندڙ يا سوال پيدا ڪندڙ تي ئي ڇڏڻ، حقيقت ۾ سوالن جي جوابن کان ڀڄڻ آهي، پنهنجين ذميوارين کان لاپرواهه ٿيڻ آهي، پنهنجي ذميواري ٻين تي ٿوپڻ آهي. سوالَ ئي ته جوابن تائين پهچڻ جو رستو هوندا آهن. جيڪڏهن اسان نوَن رستن تي هلڻ کان ڊڄندڙ نه پر انهن ذريعي سفر ڪري، نيُن حقيقتن ۽ نيُن دُنيائن تائين پهچڻ چاهيون!. هر ذميواري سوال ڪندڙ تي ئي ڇڏي، پاڻ کي ڪنهن به جواب تائين پهچڻ کان آجو قرار ڏئي ڇڏڻ، سنڌ جي پراڻي، مروج ۽ مڃيل رسم آهي. اوهان سوال ڪندا ته، ان جو جواب به اوهان کان ئي گهريو ويندو..!!. جواب تائين پهچڻ جي ڪوشش ۽ خواهش ٿيندي نظر نه ايندي..!!. اها آهي اهڙي سنڌ، جتي اسان علي حسن کان اڳ ۽ علي حسن کان پوءِ ساهه کڻي رهيا آهيون. علي حسن جي اڄ پاڻ موجود هجي ها ۽ سندس هي سفر اوهان تائين پهچائڻ جي ڪوشش ٿي رهي هجي ها ته، يقيني طور علي حسن اسان لاءِ ڪيترن ئي سوالن جا بارَ گهٽائڻ جي ڪوشش ضرور ڪري ها، پر علي حسن هن وقت اسان کي تڙ تڪڙ ۾ به، سنڌ جي سياست کي سمجهڻ لاءِ، ناڪامين ۽ ڪاميابين جي سببن تائين پهچڻ لاءِ، ڪيترائي اهم سوالَ پيدا ڪرڻ بعد، اسان سان پاڻ ته گڏ نه آهي، پر سندس پيدا ڪيل سوالَ ضرور موجود آهن. سياسي سفر ته جاري رهندو آهي، جاري رهڻو آهي، علي حسن کان اڳ به ته، علي حسن کان پوءِ به. ان ڪري عليءَ جي پيدا ڪيل انيڪ سوالن تي پريشان ٿيڻ بجاءِ، اسان کي اهڙن سوالن جي جوابن تائين پهچڻ جي ڪوشش شروع ڪرڻ گهرجي. شايد، ان ريت ئي اسان ۾، سنڌ جي سياست جي ”بند گهٽيءَ“ جي اڳ ۽ پوءِ تائين ڏسي سگهڻ جي نظر پيدا ٿي پوي.


اسد چانڊيو
30 ڊسمبر 2013ع.

سياست ۾ اچڻ

سياست ۾ اچڻ


1976ع گرمين جي موسم ۾جڏهن آءٌ اڃا نائين درجي ۾ پڙهندو هوس ته هڪ ڏکائيندڙ خبر مون سميت سڄي خاندان کي لوڏي وڌو. چانڊيا ۽ رند برداريءَ ۾ معمولي جهيڙي شدت اختيار ڪئي، جنهن ۾ منهنجو بابا قتل ڪيو ويو. حالتن منهنجي زندگيءَ تي گهرو اثر ڇڏيو. 1978ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيم غربت سبب مزدوري به ڪندو هوس، جيڪي ذهن ۾ بابا خواب وڌا هئا سي ته شيشي وانگر ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا.
ان واقعي سبب ۽ معاشي طور تباهي سبب ڪاوڙ، ڏک، تڪليف ۾ واڌارو ٿيو. ذهن ۾ بابا جي پلاند جا خيال ايندا هئا. صبح شام راڄ ۾ ويڙهه جي خواهش هوندي هئي.
هڪ ڏينهن منهنجي سؤٽ اڪبر جيڪو هاڻي اُستاد آهي چيو ته نوابشاهه مان ڪي دوست اچن پيا ڪچهري ڪرڻي آهي. دوڙ شهر جي غريب آباد محلي ۾ چاچي جي ننڍڙي اوطاق ۾ 15 کن نوجوانن جي گڏجاڻي کي سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن (SNSF) شاگرد تنظيم جو اڳواڻ صفت رند، رسول بخش ٻرڙو ۽ ٻيا موجود هئا، تن تقريرون ڪيون ۽ اسان کي ڪجهه سماج جي باري ۾ انقلاب جون ڳالهيون ٿي ٻڌايون. گڏجاڻي ختم ٿي مون پنهنجي سؤٽ جو خوب مذاق اڏايو. يار هي انقلاب اسان جي سمجهه کان ٻاهر آهي، وري هفتي کانپوءِ ساڳي ريت ساڳا ڪامريڊ اچي پهتا ساڳي ڪچهري انقلاب پورهيتن جي خوشحالي، هارين ۽ مزدورن سان ناانصافي، جاگيرداري جو خاتمو. مطلب ته ٻن مهينن ۾ ٽي گڏجاڻيون ٿي چُڪيون ۽ مون فصيلو ڪري ورتو ته هي ماڻهو سُٺا ٿا لڳن. منهنجي اندر جيڪو ڪروڌ هو، ذهني طور ڏاڍ ۽ ظلم جي خلاف جيڪا پيڙا هئي اُن شاگرد تنظيم ۾ شامل ٿيڻ تي مجبور ڪيو، ان کان اڳ مونکي شاگرد تنظيمن متعلق ڪا ڄاڻ نه هئي ۽ پوءِ يونٽ دوڙ ۾ شاگرد سياست ۾ سرگرم ٿي ويس. ڪامريڊ ڪتاب ڏئي ويند اهئا. پمفليٽ ڏيندا هئا جنهن کي لڪي ورهائيندو هوس. منهنجي شعور جي سطح معمولي هئي. ملڪ ۾ ضياءُالحق ڀٽو کي اقتدار تان هٽائي مارشل لا لڳائي هئي. فوجين جو راڄ هو، نوابشاهه شهر ۾ ڪاليجن هجڻ ڪري روزانو شاگرد احتجاج ڪندا هئا، ڀتين تي چاڪنگ مارشل لا مرده باد جا نعرا عام هئا. گهٽ ڄاڻ هئڻ جي باوجود سياست ۾ سرگرم ٿي ويس. اپريل 79-1980ع ۾ ذوالفقار ڀتو کي ڪوڙي قتل ڪيس ۾ ڦاهي چاڙهيو ويو جنهن تي سڄي پاڪستان ۾ شديد ردعمل ٿيو. عوام روڊن تي اچي ويو، ڪيئي ڪارڪن گرفتار ٿي جيلن ۾ ويا. روزانو سياسي ڪارڪنن کي سزائون ملنديون هيون، وڏن شهرن جي چونڪن يا وڏن ميدانن تي مارشل لا مخالفن کي ڦٽڪا لڳندا هئا ته جيئن ڊپ وڌي ضياءَ جي مخالفت گهٽجي پر مخالفت ۾ اضافو ٿيندو رهيو.
1980ع جي پهرين حصي ۾ سيٺارجا جي ڀر ۾ مرڪزي سطح جي هڪ گڏجاڻي ٿي جيڪا انتهائي خفيه هئي. اسين رازداري ۾ اُن جاءِ تي پهچايا وياسين. مونسان گڏ غلام محمد سيال، سينيئر ساٿي هو تنهن چيو ته اڄ نذير عباسي سان ملاقات ڪرائبي. گڏجاڻي شروع ٿي ڪنهن به تعارف نه ڪرايو هڪ ٻن ساٿين کانسواءِ ڪنهن کي نه ٿي سڃاتم ان دوران غلام محمد سيال هڪ چٽ ڏني لڪائي تنهن ۾ (نذير عباسي پاسي واري ڪمري ۾) آهي لکيل هو.
مون دير نه ڪئي پاڻي پيئڻ جي اجازت وٺي نذير عباسي سان ڪمري ۾ ملڻ ويس. مان صرف نذير عباسي سان هٿ ملائي خوش خيريت ڪري ڏڪندو واپس اچي ويٺس. منهنجا پگهر ئي نه پئي بيٺا، منهنجي نذير عباسي سان پهرين ۽ آخري ملاقات هئي.
پوءِ خبر پئي ته گڏجاڻي ۾ ڊاڪٽر جبار خٽڪ، امداد چانڊيو، زلف پيرزادو، شير محمد مڱريو، محمد خان سولنگي هئا. بهرحال ان گڏجاڻي ۾ ڪي فيصلا ٿيا تنظيم کي سگهارو ڪرڻ ۽ ڊي ايس ايف جوڙڻ لاءِ رٿابندي ٿي.
ياد رهي ته 1980ع کان فورن پوءِ ايس اين ايس ايف جيڪا سنڌ سطح جي شاگرد تنظيم هئي تنهن کي ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ڊي ايس ايف ۾ تبديل ڪيو ويو.
آگسٽ 1980ع جي اڀاڳي شام جو بي بي سي تي ٻڌوسين ته ڪراچيءَ جي ماڙيپور ٽارچر سيل ۾ شاگرد اڳواڻ نذير عباسي شهيد ڪيو ويو آهي.
سنڌ ۾ ڪميونسٽ پارٽي آڦ پاڪستان جي اهم ليڊر شپ جمال نقوي، نذير عباسي، سهيل سانگي، شبير شر، ڪمال وارثي گرفتار ٿي چڪا هئا. ڪامريڊ ڄام ساقي جيڪو ان سڄي تحريڪ جو روح روان هو سو به لاهور جي شاهي قلعي ۾ قيد هو. گرفتارين جي خوف کان سڄي ليڊر شپ روپوش هئي. تنظيم ڪمزور، اڳواڻ جيل ۾ يا وري روپوش جنهن سبب نذير عباسي لاءِ گهربل احتجاج نه ٿي سگهيو.
آءٌ ضلعي جو اڳواڻ هئس دوڙ، قاضي احمد ۽ نوابشاهه جي ٽن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ زبردستي بائيڪاٽ ڪرايوسين ۽ هڪ ڏينهن اسان چئن ساٿين محمد خان سولنگي، مان، انعام رند ۽ سوڍل رند ضياءَ جو پتلو ٺاهي ريگل چوڪ نوابشاهه وٽ ساڙيوسين ۽ زبردست نعري بازي ڪئيسين.
ان کان اڳ ڊي ايس ايف جو مرڪزي اجلاس مهراڻ يونيورسٽي نوابشاهه (هاڻي قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي) ۾ رکيل هو. امداد چانڊيو، ڊاڪٽر بخش علي هاڻي (Suit) ۾ ڊاڪٽر آهي شير محمد مڱريو، نرنجن ڪمار ۽ ٻيا اڳواڻ پهتل هئا. حالتون ڏسي سمجهي وياسين ته جساف جا اڳواڻ ڪجهه ڪرڻ وارا آهن. مان ۽ هڪ ساٿي پير بخش لانگاهه شهر ۾ جاءِ جو بندوبست ڪرڻ وياسين. واپسي تي خبر پئي ته جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ساٿين تي حملو ڪيو جنهن ۾ ڪجهه ساٿي زخمي ٿيا ۽ امداد چانڊيو، بخشل، شير محمد جيڪي رپوش هئا کي پوليس حوالي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ پنهنجي حراست ۾ رکيو. سپاف جي اڳواڻ سيف الله ۽ ٻين مُڙسي ڪري ڳالهين ذريعي امداد وارن کي آجو ڪرايو. هي اُهو دور هو جو تعليمي ادارن ۾ سياسي سهپ نه هئي جنهن به اداري ۾ جيڪو طاقتور گروپ هوندو هو اُهو ٻين کي سياست کان روڪيندو هو. ڏاهپ، عمل خيالن جي آزادي جو تصور به نه هوندو هو. مارشل لا خلاف ڊي ايس ايف ۽ سپاف گڏيل جدوجهد ڪنديون هيون. نوابشاهه ۾ سرڪاري بس ساڙي وئي. گرفتاريون ٿيون مونکي به پهريون ڀيرو دوڙ مان (منهنجو ڳوٺ) گرفتار ڪري نوابشاهه ٿاڻي تي آندو ويو ۽ ڪيئي ڪلاڪ ايس ايڇ او قدوس پٺاڻ تشدد ڪندو رهيو ۽چوندو رهيو ته ٻڌاءِ بَس ڪنهن ساڙي آهي؟ منهنجو جواب هو مان بي خبر آهيان هڪ هفتي کانپوءِ عدالت ۾ آندا وياسين جتي بس جي ڊرائيور سوڍل رند ڊي ايس ايف، مصطفيٰ ڪورائي، ايس پي ايس ايف، کي سڃاتو ۽ هڪ هڪ سال ڪوڙن جي سزا ٻڌائي وئي. مان آجو ٿيس ۽ گهر وڃڻ بجاءِ رات جو ڪاليج جي هاسٽل ۾ ساٿين سان ڪچهري ڪرڻ لاءِ رهي پيس رات جو دير سان پوليس ڪڙڪو اچي ڪيو وري هڪ ساٿي پير مظهر سان گڏ گرفتار ٿيس پر صبح جو مونکي ڇڏيو ويو.
ٻڌائيندو هلان ته منهنجي سياست ۾ سرگرم ٿيڻ پٺيان شاگرد اڳواڻن سميت محمد صالح بلو، سيد رشيد احمد شاهه وڪيل، سائين منظور قريشي، پير شهاب هاري اڳواڻ جيڪي ضلعي ۾ انتهائي سرگرم هئا. اسٽڊي سرڪل ليڪچر ڳوٺاڻين ڪچهرين ذريعي عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۽ انقلابي جدوجهد لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مُک ڪردار هو. جڏهن به ڪجهه سمجهڻو هجي ۽ مايوسي ٿئي ته مٿين ڪامريڊن کي ڳولي لهبو هو.
ڪيمونسٽ پارٽي جي شاگرد ونگ لاءِ بُري خبر 31 مارچ 1981ع جي شام جو واپڊا آفيس حيدرآباد مان شاگرد اڳواڻ امداد چانڊي، شير محمد مڱريو، محمد خان سولنگي، اسرار لانگاهه ۽ وزير لاکو گرفتار ٿيا سندن وٽان فوجي جنتا خلاف وڏي تعداد ۾ پمفليٽ مليا. کين نامعلوم جاءِ تي رکيو ويو، کين ڪيئي ڏينهن ٽارچر سيلن ۾ رکڻ کانپوءِ اسرار لانگاهه ۽ وزير لاکو آزاد ٿيا باقي ٽن ساٿين کي جيل موڪليو ويو ۽ ملٽري ڪورٽ ۾ ساندهه هڪ سال تائين ڪيس هلائي ٽنهي ڄڻن کي 7-7 سال سزا ۽ ڏهه ڏهه ڪوڙن جي سزا ٻڌائي وئي. هاڻي هڪ طرف پارٽي ۽ شاگرد ونگ جي قيادت کي گرفتار ڪري جيل ڀيڙو ڪيو ويو. ڪيئي روپوش رهيا. ڪي وري ڊپ ۾ خاموش ٿي پاسيرا ٿي ويا. مثالطور جنهن ساٿي صفت رند مونکي شامل ڪيو اهو سياست کان لاتعلق ٿي ويو. ساغر سميجو سنڌ يونيورسٽي جو سرگرم اڳواڻ هو سو به غير سرگرم ٿي ويو. نرنجن ڪمار تي ڪراچي يونيورسٽي ۾ جمعيت جي شاگرد اڳواڻ جي قتل ڪيس ۾ روپوش ٿي آخر افغانستان مان ٿيندو هاڻي فن لينڊ يورپ ۾ رهي ٿو.
ان دور ۾ ڪمال جي ڳالهه هيءَ هئي ته هڪ طرف فوجي جنتا جو ڏاڍ نذير عباسي جي شهادت، پارٽي توڙي شاگرد قيادت جي گرفتاري باوجود سنڌ ۾ خاص ڪري هاري تحريڪ، مزدور تحريڪ ۽ شاگرد تحريڪ ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو رهيو. نئون رت نئين جذبي سان شامل ٿيندو رهيو. ڪامريڊ ڄام ساقي جيڪو 1981ع ڌاري گرفتار ٿي لاهور جي شاهي قلعي ۾ ساڍا چار مهينا اذيتون سهڻ کانپوءِ 1982ع ۾ ڪشمير روڊ ڪراچي ۾ ملٽري ڪورٽ ۾ ڪيس هلڻ شروع ٿيو جيڪو (ڄام ساقي ڪيس) جي حوالي سان مشهور ٿيو. هن ڪيس ۾ ڄام ساقي، پروفيسر جمال نقوي، بدر ابڙو، شبير شر، ڪامل وارثي، امر لعل شامل هئا. هن ڪيس ۾ شاهدي طور شهيد بينظير ڀٽو ۽ غوث بخش بزنجو، ولي خان، طاهره مظهر علي خان، ڄام ساقي طرفان گواهي ڏني. هي ڪيس دلچسپ رهيو ۽ ٻين سياسي ڪارڪنن جيان مان به هن ڪيس کي ٻڌڻ ۽ اڳواڻن کي ڏسڻ جو شوق جو رکندو هوس. هماليه جبل کان اوچا آدرش رکندڙ هي اڳواڻ واقعي مُڙسي سان پنهنجي شعور جي علامت بڻجي فوجي عدالتن کي منهن ڏئي رهيا هئا. هن ڪيس مان ڪنهن کي به سزا نه ملي ۽ اڳتي هلي سمورا اڳواڻ ڪيترائي سال جيل ۾ رهڻ کانپوءِ آزاد ٿيا.
هاڻي سنڌ جي شاگرد سياست ۾ ڊاڪٽر گهنشام پرڪاش سينيئر ساٿي طور موجود هو. جيتوڻيڪ هو به روپوش هو پر سڄي سنڌ ۾ شاگرد تنظيم ۽ پارٽي جي ٻين فرنٽن کي به سگهارو ڪندو رهيو. هو مستقل مزاج، اڻٿڪ جدوجهد ڪندڙ هو. مُتحرڪ ڪردار طور سُڃاتو ويندو هو. هو مون جهـڙن ڪارڪنن کي کڻي گڏجاڻين ۾ ويندو هو. گڏجاڻين ۾ سياست سيکاريندو هو. هڪ سٺي ڪارڪنن جون خوبيون ڪهڙيون هجڻ گهرجن اُن تي زور ڏيندو هو. ڪتاب پڙهائڻ، اسٽڊي سرڪل ذريعي ڪارڪنن جي تربيت ڪندو هو. ڊي ايس ايف جي ترجمان مشعل ڇپرائي ورهائيندو هو. ساڳي وقت علمي، ادبي ۽ سياسي تحريڪ ۾ مکيه ڪردار طور سامهون رهيو.
1981ع ۾ مون سنڌ يونيورسٽي ۾ بين الاقوامي تعلقات ۾ داخلا ورتي. يونيورسٽي پهتس ته هاسٽل جو مسئلو پيدا ٿيو. ڊي ايس ايف جي ڪارڪنن جو انگ گهٽ هو. ڇاڪاڻ جو اڪثر سينيئر ساٿي يا گرفتار ٿي چڪا هئا يا روپوش يا وري تعليم پوري ڪري نوڪرين سان وڃي لڳا.
نذير عباسي شهيد انٽرنيشنل هاسٽل جي ڪمري نمبر 67 ۾ رهندو هو. اهو ڪمرو ڪمرو ڊي ايس ايف وارن کي الاٽ ٿيو، مان به ساٿين سان گڏ رهيس ٻن ڏينهن کانپوءِ منجهند ڌاري جساف جي قيادت روشن ٻرڙو، نذير تنيو، اقال تنيو، مرحوم وفا چانڊيو ۽ ٻيا ڪمري ۾ داخل ٿيا ۽ دهمان ڪري اسان کي ڪمرو خالي ڪرڻ جو چيو اسان ڪجهه به کڻڻ کانسواءِ ڪمري مان ٻاهر نڪتاسين ته ڪمري ۾ نعري سنڌ جيئي سنڌ جا نعرا گونجيا ۽ ٿوري دير ۾ اسان جا سياسي ڪتاب ۽ سياسي مواد باهه جي نظر ٿي ويو، هي منهنجو پهريون تجربو هو ۽ مونکي جيئي سنڌ جي ان ڪلچر تي سخت ڪاوڙ لڳي ته هي مخالف سياسي سوچ کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. ڪمرو خالي ٿيو ڄڻ ته هنن سنڌ فتح ڪري ورتي. بهرحال ابتدائي ڏينهن ۾ ئي پريشان رهيس، جساف ڇاڪاڻ جو سگهاري تنظيم هئي انڪري ڪا به تنطيم هنن آڏو بيهي نه پئي سگهي.
نذير عباسي جي نالي سان منسوب ڪمري تي قبضي خلاف زبردست پروپيگنڊا ٿي پر پوءِ به هي ڪمرو ڇڏڻ لاءِ تيار نه ٿيا. 1982ع جي سڄي سال ۾ يونيورسٽي ۾ پڙهندو رهيس، پريشانين کي منهن ڏنم. دهمان ڪندا هئا ته سياست ڇڏيو پر هڪ ڳالهه جيڪا اهم هئي غنڊا گردي واري ڪلچر باوجود سموريون کاٻي ڌر جون تنظيمون ڊي ايس ايف، ايس ايس ٽي، جساف آرگنائزنگ ڪميٽي، وطن دوست اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ سپاف مسلسل ڄمي ادارن ۾ رهيون ۽ پنهنجي حال آهر ڪڏهن کلي ته وري ڪڏهن لڪي سياسي ڪم ڪنديون رهيون. ان دوران مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو، لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ به اسان سميت کاٻي ڌر ۽ سپاف جو تنظيمي اثر وڌيو ۽ هنن تنظيمن گڏيل جدوجهد کي اهميت ڏيندي پنهنجي جاءِ ٺاهي. اهو ٻڌائيندو هلان ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ اُن وقت جساف يا ڪا ٻي طاقتور تنظيم هوندي هئي ته اُها مخالفن لاءِ ڄڻ ته رياست جو ڪردار ادا ڪندي هئي، اُتي پوليس، ايجنسيون يا فوج کي اچي سياست کان روڪڻ ضروري نه هو.
اسين دهشت ۽ دٻدٻي جي باوجود پنهنجو تنظيمي ۽ سياسي سفر جاري رکيو ۽ دٻدٻو اسان جي نظرياتي سوچ تي اثرانداز نه ٿي سگهيو.
1982ع جي وچ ڌاري ڊي ايس ايف چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ مرڪزي ڪنوينشن سڏايو. مان پڻ ساٿين سميت اُتي شريڪ ٿيس رات دير سان فوجي آپريشن ٿيو. اسين گرفتار ٿياسين هڪ ميدان ۾ آندا وياسين جاچ ڪئي وئي، مون کان پڇيو ويو ته تون چانڊڪا جو شاگرد ناهين ته پوءِ هتي ڇا پيو ڪرين، مون وراڻيو ته مان دوستن سان گڏ موهن جو دڙو گمڻ آيو هوس. پوءِ اسين آزاد ٿياسين ٻئي ڏينهن موهن جو دڙو لڳ ٻلهڙيجي انور پيرزادو جي ڳوٺ جنهن کي ”لٽل ماسڪو“ چيو ويندو هو ۾ پنهنجو ڪنوينشن ڪيوسين.
۽ پوءِ سڄي ڳوٺ جي گهٽين ۾ جلوس ڪڍيوسين نعرا هنياسين. 1982ع جي مئي مهيني ۾ حيدرآباد جي هڪ ڪالوني ۾ لڪي مزدورن جو عالمي ڏينهن ملهايوسين. هن پروگرام ۾ ڪُل 25 ساٿي هئاسون. جذباتي تقريريرون ٿيون ۽ چيوسين ته تورخم جون ٿڌيون هوائون پاڪستان ۾ داخل ٿي ويون آهن، افغان انقلاب کان پوءِ جلد هتي به انقلاب اچڻ وارو آهي ۽ پورهيت راڄ قائم ٿيندو. هلندڙ تقريرن دوران هڪ ڪامريڊ ٻڌايو ته هنن 25 ڄڻن مان چار ڄڻا ايجنسين جا ماڻهو آهن اوهين ڀڄي جان ڇڏايو، پوءِ مون ۽ ڊاڪٽر طالب لاشاري اُتان کسڪي جان بچائي. ياد رهي ته هڪ سال اڳ ڊي ايس ايف اڳواڻ پرويز پٺاڻ انهيءَ جاءِ تان گرفتار ٿي جيل هليو ويو هو.
1982ع جي ڊسمبر ۾ رات جو دير سان يونيورسٽي جو چوڪيدار نوحاڻي مونکي ننڊ مان اُٿاري ٻڌايو ته رات پوليس جو ريڊ پيوٿئي. اوهين نڪرو. اسان کي پنهنجي ڳڻتي گهٽ هئي، ڊاڪٽر گهنشام پرڪاش ٽن ڏينهن کان هن علائقي ۾ دوري تي هو ڪيتريون ئي گڏجاڻي ڪيون هئائين. رپورش به هو.
مان ۽ ڊاڪٽر طالب لاشاري ايل ايم سي جي هاسٽل ۾ جتي هو رهيل هو. ڊاڪٽر گهنشام کي صورتحال کان آگاهه ڪيو، هن چيو ته ٺيڪ اوهين وڃون مان بندوبست ڪيان ٿو. بعد ۾ خبر پئي ته هن همراهه عقل مندي ڪري فجر مهل نڪرڻ جو فيصلو ڪيو. شام جو خبر پئي ته ڊاڪٽر گهنشام ۽ طالب لاشاريءَ جو ڀاءُ جيڪو سرڪاري ملازم هو ۽ شهر ۾ رهندو کيس گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ نيو ويو ۽ پوءِ تشدد کان پوءِ جيل موڪليا ويا ۽ 1989ع ۾ بينظير ڀٽو جي دور ۾ آزاد ٿيا. ايمنسٽي انٽرنيشنل ڊاڪٽر گهنشام کي ضمير جو قيدي قرار ڏنو.
مان ۽ ڊاڪٽر طالب لڪڻ لاءِ يونيورسٽي جي ڪالوني وياسين مئڊم نسيم ٿيٻو جي گهر تي جيڪا ڪامريڊ مير ٿيٻو جي ڀيڻ ۽ رسول بخش پليجو جي گهرواري هئي. (هاڻي گذاري وئي آهي) ته هوءَ مشهور اديب طارق ابڙو سان ويٺي ڪچهري ڪئي. هن اهڙي حالت ۾ اسان کي رهائڻ کان جواب ڏنو ڏاڍي مايوسي ٿي ۽ پوءِ هڪ شاگرد ساٿي جي گهر ۾ وڃي رهياسين.
ڊاڪٽر گهنشام جي گرفتاريءَ کانپوءِ سنڌ جي شاگرد سياست جو بار ڊاڪٽر طالب لاشاري، ڊاڪٽر مرتضيٰ ڪراچي ۾ اظهر عباس هاڻوڪو جيو ٽي وي جو ڊائريڪٽر افشان پروفيسر جمال نقوي جي ڌيءُ ۽ مون مٿان اچي ويو. ڪراچي جي تنطيم هتان جا دوست سنڀاليندا هئا ۽ سنڌ جي ٻهراڙي ۾ اسين ڊوڙندا هئاسين هڪ ڀيرو ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻين کي گڏ ڪيو ويو. 50 جي لڳ ڀڳ شاگرد هئا. آءٌ خاص مهمان هئس جڏهن مون ڳالهايو ته سمورا کلي رهيا هئا يا پاڻ ۾ ڪچهري ٿي ڪيائون سبب هو ته مون سنڌيءَ ۾ تقرير پئي ڪئي جيڪا هنن کي سمجهه ۾ نه آئي ۽ اردو مونکي نه پئي اچي.
جيڪي به ساٿي گرفتار ٿيا انهن لاءِ چاڪنگ ڪرڻ، پمفليٽ ورهائڻ ڪٿي ڪٿي مظاهرا ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيوسين. مارشل لا جي انتها هئي ايجنسيون سياسي ڪارڪنن پٺيان هيون. سياسي ڪارڪن محتاط ٿيڻ لڳا، ڇاڪاڻ جو گرفتارين جو عمل تيز ٿي چُڪو هو. مونکي تنظيم مشعل ڇپرائڻ لاءِ مواد ڏنو جيڪو کڻي ڪراچي اچڻو هوس. نوابشاهه جي لوڪل بس ۾ چڙهي جڏهن سڪرنڊ پهتس ته لهي هڪ هوٽل تي منجهند جي ماني پئي کاڌم ته ٻه ڄڻا اچي مون ڀرسان ويٺا پاڻي پي ۽ مونکان پڇڻ لڳا ڪير آهين، مون چيو اوهان جو ڪو ڪم ته هو خاموش ٿي ويا، مان سمجهي ويس هو مونکي چتائي ڏسي رهيا هئا. ڪجهه پريشان ٿيس مان جيئن ئي ڪراچيءَ جي بس ۾ ويٺس ته انهن مان هڪ همراهه به اچي نڪتو. رش سبب هو اڳيان ۽ مان پٺيان هئس مون هلندي بس مان ٽپو ڏئي ڊڪندي نوابشاهه واري بس ۾ وڃي چڙهيس ۽ اُتان وري ٽرين ذريعي ڪراچي روانو ٿيس. خوف ۾ به هئس. ايجنسي وارو منهنجي پٺيان لڳي آخري حدف تائين وڃڻ چاهيو ٿي. منهنجي لاءِ نئين ڳالهه هئي حراس ۾ هئس پر ذميواري محسوس ڪندي گهر وڃڻ بجاءِ ڪراچي پهچي مشعل ڇپرائي سنڌ جي هر يونٽ ۾ پهچايم. فوجي حڪمراني جي ڪري اظهار جي آزادي تي پابندي هئي.
جڏهن اُن زماني ۾ ڪراچي ايندو هئس ته نرنجن ڪمار مرڪزي اڳواڻ ڊي ايس ايف سان ملندو هئس، منهنجي مٿي تي ٽوپي ۽ ڳچي ۾ اجرڪ ڏسي چوندو هو يار اسين روپوش آهيون تنهن جي اهڙي حالت ۾ جلد نشاني تي اچي وينداسين، هو مونکي اڪثر لياري ۾ ظفر ۽ مسعود بلوچ جي گهر ڇڏي هليو ويندو هو ۽ پوءِ مقامي ساٿي پاڪستاني چونڪ تان مشعل يا ٻيو مواد ڇپرائي ڏيندا هئا. اهو سڀ ڪجهه انتهائي رازداري سان ٿيندو هو. ڇاڪاڻ جو فوجي جنتا جي خلاف پمفليٽ يا ڪتابچي ۾ ڳريون سزائون ملنديون هيون. جيئن امداد چانڊيو ۽ ٻين ساٿين کي هڪ پمفليٽ ۾ 7 سال سزا لڳي وئي. اڄ انهيءَ جذبي، شعور ۽ عمل ۽ قرباني سبب فوجي جنرل، ايجنسين جي خلاف تقرير ۽ تحرير عام آهي. ماضي جي شاندار جدوجهد ذريعي آزادي جو اظهار نصيب ٿيو آهي.
1978ع جي پڇاڙيءَ کان 1982ع تائين نوابشاهه ضلعي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻين ضلعن ۾ تنظيمي گڏجاڻين يا ڪم ڪار سانگي موڪليو ويندو هوس. ڪميونسٽ پارٽي ۽ اُن جا فرنٽ مسلسل پورهيو ڪري رهيا هئا. ڳوٺن ۾ ڪچهريون، ڪارڪنن جي تربيت، ڪارنر گڏجاڻيون، هي ڄڻ ته ڪامريد حيدر بخش جتوئي واري دور کانپوءِ جو ڪجهه اڳڀرو ۽ شعوري تحريڪ وارو دور هو. اسان کي وقت جو پابند بنائڻ، تنقيد ۽ خود تنقيد بابت ڄاڻ ڏيڻ، شخصيت پيرستي جي مخالفت ڪرڻ، پارٽي ۽ تنظيمي ڊسيپلين کي اهميت ڏين، ڇا به ٿي پوي وقت تي پهچڻ، ڪارڪنن ۽ عوام سان ڪوڙ نه ڳالهائڻ، پارٽي جا وسيلا صرف پارٽيءَ لاءِ واري جستجو، طبقاتي جدوجهد کي چٽو رکڻ، ڪارڪن جي به ايتري عزت جيتري ڪنهن اڳواڻ جي، اڳواڻ به تنقيد کان بالادست نه هوندو هو. ها پارٽي جي تنظيم حڪمت عملي، سياسي فيصلا، جدوجهد يا ڪنهن شخص تي تنقيد صرف ادارن ۾ ٿيندي هئي.
ادارن کان ٻاهر تنقيد يا اختلاف راءِ پارٽي دشمني ليکبي هئي. تمام ٿورڙي انگ ۾ اڳواڻ ۽ ڪارڪن هجڻ باوجود انقلاب ۾ پورو يقين هوندو هو. ڪنهن به ڏوهاري ڪردار سماج ۾ اڻ وڻندڙ شخصيت پوءِ چاهي اُها ڪيتري به سگهاري هجي پارٽي ۾ شامل نه ڪيو ويندو هو، جنهن سبب اُن زماني ۾ سياسي ڪردار شانائتا ٿي اُڀريا.

ايم آر ڊي تحريڪ ۽ گرفتاري

ايم آر ڊي تحريڪ ۽ گرفتاري


14 آگسٽ 1983ع کان عملي طور جنرل ضياءَ جي مارشل لا خلاف جمهوري تحريڪ جي شروعات ٿي وئي. سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرن، جلوسن ۽ گرفتارين جو سلسلو به شروع ٿي ويو. سنڌ جي مختلف اهم شهرن ۾ ايم آر ڊي جون ميمبر پارٽيون، اديب، دانشور ۽ سنڌ دوست ڌريون ان تحريڪ جو حصو بڻجي ويون. هزارين سياسي ڪارڪن گرفتار ڪري جيلن ۾ واڙيا ويا. سڪرنڊ، موري، ميهڙ، دادو، خيرپور ناٿن شاهه ۾ عوام مزاحمت ڪئي. ان دوران معصوم ٻارن سميت نوجوان ۽ بزرگ فوجي آپيشاهي جي گولين جو کاڄ بڻيا.
ڪميونسٽ پارٽي ۽ شاگرد تنظيم ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ان تحريڪ جي حامي هئي ۽ عملي طور پنهنجي وس آهر شامل رهي. ان دور جي سڀ کان ننڍي عمر جي ڪارڪن مومن جمالي گرفتاري ڏني جنهن جو تعلق ڊي ايس ايف سان هو. الهڏنو جوڻيجو هاڻي صحافي آهي گرفتار ٿيو. آءٌ روزانو حيدرآباد جي مرڪز ۾ سول اسپتال کان نڪرندڙ احتجاجي مظاهرن ۾ شريڪ ٿيندو هئس، پنهنجن چند ساٿين سان گڏ.
هڪ ڀيري مون ڊاڪٽر طالب لاشاري ۽ ڪجهه ٻين ساٿين سان مشورو ڪيو ته اسان کي گرفتاري ڏيڻ گهرجي ته جيئن جيل ۾ وڃي سياسي ڪارڪنن سان ڪچهريون ٿين ۽ ان سياسي عمل ۾ شريڪ ٿيون پر مونسان دوست سهمت نه ٿيا، مونکي قائل ڪندا رهيا ته جيل وڃڻ کان بهتر آهي ته پاڻ ٻاهر رهي ڪم ڪريون.
مان بضد هئس ته ڀاڙيا ليکباسين جيل وڃڻ گهرجي، قيدي جو تجربو به ٿيندو، جيڪي پڇن ٿا ته اوهان جا ڪيترا ڪارڪن جيل ۾ آهن ان جواب به ڏيڻ آسان هوندو.
سيپٽمبر مهيني ۾ صبح سوير تيار ٿي سول اسپتال حيدرآباد ۾ احتجاجي مظاهري ۾ شرڪت لاءِ روانا ٿياسين. اُتي پهچي جلوس جي صورت ۾ مارڪيٽ واري پاسي نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي سين ته پوليس جا وڏا اٽالا موجود هئا. اُن ڏينهن ٽي ڪارڪن عوامي تحريڪ جا گلن جا هار پائي گرفتاري ڏيڻ لاءِ اڳيان ٿيا ته مان به انهن سان گڏجي پيس ۽ گرفتار ٿي ويس. اسان کي مارڪيٽ ٿاڻي تي آندو ويو، اُن کانپوءِ سينٽرل جيل حيدرآباد پهچايا وياسين. جتي باريڪن ۾ موڪليا وياسين وڏي انگ ۾ پ پ ۽ عوامي تحريڪ جا ڪارڪن موجود هئا. هڪ کٿو ۽ هڪ پيالو ڏنو ويو، ڪنهن ساٿي هڪ ويهاڻو به ڏنو، رلي به ملي وئي. صبح ساجهر ٻه ٽڪر ماني جا ۽ اُن پيالي ۾ ڇڊي نه وڻندڙ چانهه ڏني وئي ۽ اُن کانپوءِ سڏ ٿيو جيل جي ماڙي ۾ اسپيشل ملٽري ڪورٽ ۾ هڪ ڪرنل جج جا فرض پئي ادا ڪيا. اُن سامهون پيش ڪيو ويو. حد جي مئجسٽريٽ کان پڇيو ويو ته علي حسن چانديو ولد علي شير جو ڏوهه ٻڌايو وڃي ته آفيسر وراڻيو ته سائين هن جنرل ضياءَ جي خلاف نعرا هنيا، جمهوريت بحال ڪريو ۽ مارشل لا ختم ڪريو، آفيسر کي ٻاهر وڃڻ جو حڪم ٿيو، ڪرنل مونکي چيو ته تو نعرا هنيا؟ مون چيو ها. جمهوريت بحال ڪريو، مارشل لا ختم ڪريو سنڌي عوام جو قتل عام بند ڪريو. ڪرنل چيو ته تون معصوم آهين، تون صرف ايترو چئو ته مون ڪجهه به ناهي چيو ته مان توکي آزاد ڪريان. مون چيو ته مون اهو سڀ ڪجهه چيو هو. هو مونکي گهوريندو رهيو ۽ پوءِ ٻاهر وڃڻ لاءِ چيو آءٌ واپس پنهنجي بئرڪ ۾ آيس ۽ ساٿين کي احوال ڏنم.
ٻئي ڏينهن صبح واريون اخبارن ۾ پڙهيوسين ته مونکي ۽ مونسان گڏ گرفتار ٿيل عوامي تحريڪ جي ساٿين کي هڪ هڪ سال سزا سخت پورهئي سان ٻڌائي وئي. هاڻي جيل جا پڪا قيدي ٿي وياسين، سزا يافته قيدي فوجي راڄ جو قيدي. منهنجن مائٽن ۽ ساٿين کي به اخبارن ذريعي ڄاڻ ملي ته آءٌ گرفتار ٿي سزا کائي ويو آهيان.
حيدرآباد جيل ۾ هاڻي روز جي عادت جوڙي ورتي سين. منهنجو قيدي پارٽنر جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن آرگنائيزنگ ڪميٽي جو اڳواڻ اقبال نظاماڻي هو. هاڻي پاڻ ۾ ڪچهريون ڪرڻ، بي بي سي ٻڌڻ، صبح جو اخبارن ذريعي معلومات وٺڻ روزانو گرفتار ٿي آيل دوستن کان احوال وٺڻ، ڪتاب پڙهڻ ۽ ڪنهن عوامي تحريڪ جي سرڪل ۾ ويهڻ هوندو هو. آءٌ ٻڌائيندو هلان ته عوامي تحريڪ واحد تنظيم هئي جيڪا رٿابندي سان گرفتار ٿيل ساٿين جنهن ۾ اڪثريت هارين ۽ مزدورن جي هئي جي تربيت ڪندا هئا.
پ پ جا ڪارڪن شوبازي ۽ لٻاڙ بازي ۾ پورا هئا. اياز پليجو به مونسان ساڳي بئرڪ ۾ هو. هڪ ڀيري پ پ ۽ عوامي تحريڪ جي بحث دوران مون پ پ جي ڪنهن معاملي تي حمايت ڪئي ته اياز چيو تون نه ڳالهاءِ مونکي لڳو ته تنظيمي شاؤنزم ۾ ورتل هئا. ڇاڪاڻ جو اهو سچ آهي ته 1983ع واري تحريڪ ۾ سنڌ مان ٻئي نمبر تي عوامي تحريڪ جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ گرفتار ٿيا هئا.
پير مظهر، پير معظم، پير مُڪرم ڀائر هئا اهي پڻ ساڳين بئرڪن ۾ گڏ هئا.
هڪ ڀيري صبح جو خبر پئي ته ڪامريڊ امر لعل کي ڪراچي جيل مان حيدرآباد کڻي آيا آهن کيس بند وارڊ ڪيو ويو آهي. مون ساٿين سان ڳالهايو ته امر لعل کي بند وارڊ مان ڪڍرايو وڃي. پ پ جي ڪارڪنن ساٿ ڏنو پر عوامي تحريڪ ساٿ ڏيڻ کان کتو جواب ڏنو. زبردست نعري بازي ڪئيسين اسان جي تنظيمي سگهه نه هئي صرف مان ۽ الهڏنو جوڻيجو تنظيمي ساٿي هئاسين. جيل انتظاميا جواب ڏنو ۽ رات جو دير سان امر لعل کي جيل بدلي ڪري خيرپور موڪليو ويو.
حيدرآباد جيل ۾ ڏينهن گذرڻ کانپوءِ هڪ ڏينهن شديد مايوسي ٿي ڪپڙن جو هڪ وڳو، سامان جو نه هجڻ، مائٽن ۽ دوستن جي ملاقات نه ٿيڻ سڄو سال قيد ڪاٽڻ واري سوچ ذري گهٽ ڀاڙي ڪري وڌو هو ۽ وري مٿان ڪيئي پ پ جا وڏيرا، معافيون نامه لکي آزاد ٿي رهيا هئا، پر نظرياتي تربيت هئڻ ڪري ۽ ذاتي طرح سان ڀاڙيائپ کي بزدلي سمجهڻ سبب ڄمي بيهي رهيس. روزانو ماني وٺڻ واري ٽائيم تي منهنجو پاٽنر گم ٿي ويندو هو ۽ کائڻ وقت حاضر هوندو هو، مان زميواري سان اهو ڪم ڪندو هوس، ڇاڪاڻ جو ٽائيم کانپوءِ ماني نه ملندي. هڪ ڀيري ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مان به ساڳي وقت دوستن سان ڪچهريءَ لاءِ هليو ويس ۽ واپس آيس ته همراهه مونتي گرم هجي ته تو ماني ڇو نه ورتي، مون چيومانس مون ٺيڪو ناهي کنيو ڪاوڙ ۾ مان ته سڄي رات ماني کانسواءِ سمهي رهيس ۽ ننڊ به نه پئي اچي، پر هي همراهه هڪڙي وڏيري سان وڃي سندس گهران آيل ماني کائي آيو ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن کان الڳ ٿي وياسين.
15 ڏينهن کانپوءِ رش سبب قيدين کي ٻين جيلن ۾ موڪليو پئي ويو. مونکي لڳ ڀڳ 100 قيدين سميت ڪراچي جي سينٽرل جيل موڪليو ويو. پوليس جي بند گاڏين ۾ رات جي انڌيري ۾ ڪراچي پهچايا وياسين. رستي ۾ جتي به چند ماڻهو ٿي ڏٺاسون ته نعرا ٿي هنياسين. ڪراچي سينٽرل جيل ۾ نيو جيل ۾ بئرڪس ۾ رکيو ويو. پ پ اڳواڻ قاضي محمد بخش ڌامراهه مرحوم، اعجاز خواجه، شير خان لنڊ ۽ ٻيا بيشمار قيدي اُتي گڏيا. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ مونکي امداد چانڊيو واري بئرڪ ۾ رکيو ويو جتي علمي ادبي بحث مباحثا ٿيندا هئا. مونکي سکڻ جو موقعو ملندو هو. اُن جيل ۾ فتح ياب علي خان، ممتاز علي ڀٽو، اياز سمون شهيد جنهن کي ظهور ڀوپالي جي قتل ۾ ڦاهي چاڙهيو ويو. ناصر بلوچ جيڪو پي آءِ اي جي هاءِ جيڪنگ ڪيس ۾ ملوث ڄاڻايو ويو، تنهن کي پڻ ڦاهي چڙهيو ويو. ڄام ساقي ڪيس جا ملزم پروفيسر جمال نقوي، جبار خٽڪ، سهيل سانگي، بدر ابڙو، شبير شر، ڪمال وارثي به اُتي موجود هئا. اڪثر هنن دوستن جي کولين ۾ وڃي ڪچهريون ڪبيون هيون شام جي وقت واڪ دوران سوال ڪندو هئس ڪجهه سمجهه ۾ جواب ايندا هئا ته ڪجهه وري نه! جيل ۾ سياسي قيدين جي اڪثريت هئڻ ڪري جيل آزاد هئا. ملاقات سولائيءَ سان ٿيندي هئي. وقت تيزيءَ سان پئي گذريو، هن جيل ۾ وطن دوست جا ساٿي، عوامي تحريڪ، پ پ ڪميونسٽ پارٽي مطلب ته هر مڪتب فڪر موجود هو. وڏا نظرياتي ۽ سياسي بحث مباحثا ٿيندا هئا.
ياد رهي ته ايم آر ڊي تحريڪ دوران مونسان جيل ۾ قيد عوامي تحريڪ جي اڪثريت بدين، ٺٽو، سانگهڙ جي ساٿين جي اڄ اڪثريت عوامي تحريڪ کان الڳ آهي يا هو اسماعيل راهو سان گڏ ن ليگ ۾ آهن يا وري عوامي جمهوري پارٽي ۾. ڪراچي جيل ۾ بدر ابڙي جي ڪوششن سان ادبي گڏجاڻي به ٿيندي هئي، جنهن جو آءٌ به حصوهوندو هوس. هتي هاڻي ماني جو مسئلو نه هو.
برداشتي مليل هئا، هڪ ڀيري فوٽو ڪڍرائڻ جي شوق ۾ کيسي جو سامان ڪڍي ٻاهر رکيم ۽ وسري ويو ته امداد سئو رپيا پارٽي جا گم ٿيڻ ڪري سخت تنقيد ڪئي ۽ آءٌ روئڻهارڪو ٿيس.
شبير شر جيڪو ڪافي سرگرم ڪردار هو تنهن هڪ ڊرامو تيار ڪيو ۽ اهو جيل اندر ڪيو ويو. ”باهيون بيراڳين جون“ مارشل لائي جبر تي ٻڌل ڪهاڻي هئي مون اُن ۾ سپاهي جو ڪردار ادا ڪيو.
ڊرامو مقبول ٿيو وڏي انگ ۾ سياسي ڪارڪن موجود هئا. ڪامريڊ جيل کي به سياسي آکاڙو بڻائي ويٺا هئا. بحث تنقيدون، نعري بازي وغيره.
ان تحريڪ دوران ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ سان لاڳاپيل دوست بٺوري جا سوها ڀائر، تلهار جو نادر خواجه ۽ ٻيا جيڪي هڪڙا ايم ڪيو ايم سان گڏيا اتحادي آهن ۽ ٻيا پ پ ۽ ن ليگ سان گڏ آهن.
جنوري 1984ع ۾ طبيعت خراب هئڻ ڪري مونکي هٿڪڙي هڻي سول اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽر سائيءَ جي بيماري ٻڌائي ۽ وارڊ ۾ داخل ڪري ڇڏيو. ڪامريڊن جي چوڻ تي پارٽي ڪارڪن خورشيد بيگم مون لاءِ ماني کڻي آئي ۽ پوءِ شهر جا ڪامريڊ مونسان ملڻ ايندا رهيا. ان دوران مون 1000 صفحن جو ناول ”اور چراغ جلتا رها“ پڙهيو، نازنين ڊي ايس ايف جي ڪارڪن ڪراچي يونيورسٽي ۾ پڙهندي هئي. ساهيڙين سان گڏجي مونسان ملڻ آئي ۽ پوءِ اهو سلسلو جاري رهيو، مون لاءِ ڪتاب، سٺي ماني، فروٽ ۽ ڪچهري عام جام ٿي ويا. ٻاهرجي هوا به کائڻ لڳس ۽ پوءِ نازنين سان ذهني هم آهنگي به جُڙي جيڪا پوءِ شادي ۾ تبديل ٿي ۽ 22 اپريل 1987ع ۾ شادي ٿي. جڏهن آءٌ ڳوٺان ڄڃ وٺي ڪراچي آيو هوس ته شهر جون حالتون خراب هيون. ايم ڪيو ايم ٺهي چُڪي هئي. سندن جهيڙي جي ابتدا پنجابين ۽ پٺاڻن سان هئي.
ڪراچي جيل ۾ ڊگهي وقت تائين رهڻ ڪري کوڙ سارا اڳواڻ ۽ ڪارڪن خاص ڪري پ پ ڪارڪن مايوس ٿيڻ لڳا ۽ آزادي جا رستا ٿي ڳوليائون، پر ناصر بلوچ، اياز سمون، خليل قريشي ۽ سندس زال روبينه قريشي جيڪي لالا اسد شهيد جي ڪيس ۾ گرفتار ٿيا. لالا اسد جو تعلق خيرپور سان هو ۽ هو ضياءَ جو سخت مخالف ۽ الذوالفقارنالي تنطيم جو سپاهي هو ۽ ڪراچي ۾ ماريو ويو، جنهن تي الزام هو ته هُن لاهور جي چوڌري ظهور الاهي کي قتل ڪيو هو. مئي 1984ع جي شروعات ۾ ٻيهر حيدرآباد سينٽرل جيل نيو ويس جتي مونکي سوڍل رند ۽ ٻين ساٿين سان رکيو ويو. هتي مختلف ڏوهاري قيدين سان ملاقاتون ٿيون. راڻو ڌاريجو جيڪو بعد ۾ مارجي ويو. غلام قادر ملاح جنهن کي پرو چانديو دادو جي ڪورٽ مان ڀڄايو هو ۽ بعد ۾ پرو چانڊيو سان گڏ مارجي ويو.
دلچسپ ڳالهه هي ٿي ته اسين ڏوهاري قيدين جيڪي اسان جي دوستي ۽ لاڳاپي ۾ آيا تن جي سياسي تربيت شروع ڪئي سين. لڳو پئي ته وڏي فتح ٿي آهي ۽ هو ٻاهر نڪري انقلاب لاءِ ڪارآمد ٿيندا.
پر انهن مان اسحاق چانڊيو نڪرڻ سان ڌاڙيل ٿيو ۽ ماريو ويو، الياس ماڇي ڏوهه شروع ڪيا ۽ ماريو ويو، فاروق چانڊيو به ساڳي ڌنڌي سان لڳو ۽ ماريو ويو.
ڏوهاري ماڻهن جي ذهنيت مختلف هجي ٿي سو بهادري جي قصن ڪهاڻين کي اهميت ڏين ٿا. فوري عمل ۽ حساب وٺڻ جا عادي آهن، ڊگهي جنگ ۽ مستقل مزاجي سان پارٽي ڊسپلين ۾ هڻ کين نٿو اچي ۽ تجربو ناڪام ٿيو.
هڪ ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته جيلن ۾ سياسي قيدين جي اڪثريت سبب جيل پوليس جي هڪ هٽي، دهشت ۽ من ماني ختم ٿي وئي. جيل اندر ڏوهارين جي به پنهنجي دنيا آهي. بهادري جا قصا ٻڌائيندا. هڪٻئي کان گوءِ کڻندا. جيل انتظاميا کان سهولتون وٺڻ لاءِ هر قسم جي تذليل سهڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن، پر پوءِ به کين ڳڻتي هوندي ته هو جلد کان جلد آزاد ٿين. سندن نيت هجي ٿي ته ٻاهر نڪري امن سان رهبو، حلال جي روزي ڪبي ڏوهن کان پري ڀڄبو پر عملي طرح سان ان جي اُبتڙ ڏسڻ ۾ آيو آهي. تمام گهڻا قيدي لاچار بي وس ۽ واري نه هئڻ ڪري سالن جا سال جيل ۾ پيا سڙندا آهن.
مون ڪيئي بهادر قيدي ڏٺا جن لاءِ خواهش هئي ته سنڌ جي عوام لاءِ انقلاب لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. بهادر انصاري، الياس ماڇي، راڻو ڌاريجو، عاقل ڌاريجو، قلندر بخش کوسو، دائود ماڇي (ياد رهي ته دائود ماڇي منهنجي چاچي ٽوهه چانڊيو جي ٽولي ۾ هئڻ جي عمر قيد سزا ڪاٽي رهيو هو) سمورا قيدي واعدا ۽ وچن ڪري نڪتا پر ڏوهن ۾ ئي ماريا ويا. دودو رئيساڻي بهادر نوجوان جيڪو هاڻي بلوچستان جي قومي تحريڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اسلم رئيساڻي جي وڏ وزارت جي دور ۾ گهڻو وقت جيل ۾ رهيو.
هاڻي حيدرآباد جيل مان سياسي قيدي گهٽجي ويا هئا. اڪثر آزاد ٿي ويا.
حيدرآباد جيل ۾ اوچتو بيمار ٿي پيس ۽ جيل اسپتال ۾ داخل ڪيو ويس، ننڊ نه اچڻ ڪري ڊاڪٽر فضل ننڊ جون گوريون ڏيندو رهيو پر آءٌ بي چين رهيس ڊاڪٽر فضل نوابشاهه ۾ ٻن سونارن ڀائرن کي جيڪي نوجوان هئا شڪ جي بنياد تي قتل ڪيو هو. مون پڇيو مانس ته اوهان پيشمان آهيو، چيائين بلڪل نه هاڻي هو گذاري ويو آهي. ان اسپتال ۾ دائود پٺاڻ حيدرآباد جو ڪنگ منشيات فروش به موجود هو. هُن جي چوڻ موجب هو گهڻو وقت جيل ۾ رهي ٿو، هي سندس ٻيو آرامده گهر آهي. اهو ٻڌائيندو هلان ته سنڌ جي جيلن ۾ وڏا ڏوهاري ۽ منشيات فروش سياسي قيدين کان وڌيڪ اهم هجن ٿا. انهن جي ملاقات خاص هجي ٿي سموريون سهولتون کين مليل هجن ٿيون. جيل انتظاميا سندن اڳيان پٺيان هجي ٿي پر عام غريب قيدي عذاب۾ هجي ٿو. جيل جا پراڻا قانون هئڻ ڪري کين ڪي به سهولتون ناهن. جمهوري حڪومت ۾ ڪا ڦيرڦار ناهي ڪئي وئي. جن جيلن ۾ سياسي قيدي طور رهي آيل ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏئي ايندڙ اڳواڻ گل محمد جکراڻي، منطور وساڻ جهڙن ماڻهن به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو.

جيلن جا بند وارڊ انتهائي خطرناڪ هجن ٿا:

جيلن جا بند وارڊ انتهائي خطرناڪ هجن ٿا:
قيدي جي ملاقات بند، تشدد ۽ نفسياتي دٻاءُ هوندو آهي، انهيءَ تشدد ۽ بند وارڊ سبب منهنجو سئوٽ ميهر چانڊيو 22 سالن جي عمر ۾ خيرپور جيل ۾ ماريو ويو.
جولاءِ جي پڇاڙي ۾ تقريباً 11 مهينن جي سزا ڪاٽي آءٌ آزاد ٿيس ان سڄي عرصي ۾ منهنجن مائٽن صرف به ڀيرا ملاقات ڪئي غريت مکيه سبب هو، پر پارٽي جي ساٿين ۽ ذاتي دوستن جن جو تعداد گهٽ هو ملاقات ڪندا رهيا.
آزاد ٿيڻ کانپوءِ ساٿين کان موڪلايم هڪ اهم ڳالهه قومپرست ۽ انقلابي ساٿين هڪ رسم وڌي ته جيڪو به ساٿي آزاد ٿئي پيو ته ان کي سندس بئرڪ کان ماڙيءَ تائين پُرجوش انداز ۾ هي گيت ڳائي موڪلائيندا هئا.
”پنهنجي رت ۾ ريٽو جهنڊو اُڀ تائين جهوليندو اهڙو ڏينهن به ايندو ساٿي، اهڙو ڏينهن به ايندو.“
۽ پوءِ سڀني ساٿين جي اکين ۾ خوشي ۽ غمي جا لُڙڪ اکين تي تري ايندا هئا.
ٻاهر نڪتس عجيب صورتحال هئي منهنجي کيسي ۾ 20 رپيا هئا، ڳوٺ پهچڻ لاءِ اڻپورا پوءِ ادي حميده خاصخيلي ڊي ايس ايف جي ڪارڪن جيڪا ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڪراچي جيل ۾ رهي هئي جي گهر ويس ماني کاڌم ڀاڙو ورتم ۽ ڳوٺ روانو ٿيس.
دوڙ پهچڻ تي پاڻ کي اوپرو سمجهيم. ڪو سڃاڻن وارو نه هو گهر ۾ گهڙيس ته امڙ جي نظر پئي مونکي ڀاڪر ۾ کڻي ورتائين سڄو سال پٽ نه ڏٺو هئائين. حقيقي پيار جو جذبو صرف امڙ وٽان ئي ملي سگهي ٿو.
سمورن گهرڀاتين سان مليس سڀ خوش ٿيا، سمورن جو خيال هو ته هاڻي ته گهر کان ٻاهر نه ويندين سياست کي کوهه جي تري ۾ وجهه پاڻ مسڪين ماڻهو آهيون سياست پنهنجو ڪم ناهي.
ڪافي ڏينهن گهر رهيس، آرام ڪيم، ڪجهه سياسي دوست ڳوٺ ملڻ آيا. گهروارن کي چيم ته منهنجا امتحان شروع ٿيڻ وارا آهن، انڪري يونيورسٽي وڃڻو آهي اجازت ملي وري تيار ٿي ڄامشورو پهتس.

ساڳي سياسي گهماگهمي، گڏجاڻيون:

ساڳي سياسي گهماگهمي، گڏجاڻيون:
هاڻي ڊي ايس ايف طرفان مشعل ڇپرائڻ ورهائڻ ۾ مددگار ٿيس، ڄامشورو جي مهراڻ يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي ۾ وقفي سان شاگرد تحريڪ شروع ٿي. سيمسٽر سسٽم جي خلاف جساف کانسواءِ باقي تنطيمن جي گڏيل اتحاد جدوجهد شروع ڪئي، مان ان جو ڪنوينر ٿيس.
سليمان ڏاهري، فدا لاکو ايس ايس ٽي، رحمت الله هيسباڻي، جساف آرگنائيزنگ سيف الله سپاف سرگرم هئا. هڪ ڏينهن فقير داد کوسو جساف جو صدر منهنجي ڪمري تي آيو ۽ چيائين ته يار تحريڪ ختم ڪريو. وائيس چانسلر ڳالهين لاءِ تيار آهي. مون چيومانس ته هو سيمسٽر جي بحالي جو اعلان ڪري، پوءِ وري هن چيو ته ڀلا اسان کي به ميمبر ڪيو مون چيومانس اهو فيصلو گڏيل ساٿي ڪندا. بهرحال اُن وقت جساف اسان جي تحريڪ جي مخالف هئي. اسين ڪامياب ٿياسين ان وقت الياس ابڙو وائيس چانسلر هو. قومپرست اڳواڻ فقير داد کوسو هاڻي ملڪ اسد سڪندر جو خاص ماڻهو آهي. انهن ڏينهن ۾ اسرائيل، فلسطين جي صابره ۽ شطيله ڪئمپن تي حملو ڪيو ۽ ڪيترائي فلسطيني مارجي ويا. مون اتحادي ساٿين کي گڏ ڪري يونيورسٽي ۾ تاريخي احتجاج ڪيو. ۽ آرٽس فيڪلٽي جي آڊيٽوريم ۾ جلسو ڪيوسين، ان زماني ۾ ليفٽ جون شاگرد تنظيمون ڪافي سرگرم هيون جيڪا ڳالهه رياستي ادارن ۽ يونيورسٽي انتظاميا کي نه پئي وڻي. وال پوسٽر، چاڪنگ گڏجاڻيون، سيمينار پروگرام احتجاج، ريليون روز جو معمول هنيون.
انهيءَ زماني ۾ جساف جو صدر ذوالفقار منگي ٿيو جيڪو هڪ ڏوهه ۾ ٽي سال سزا ڪاٽي آزاد ٿيو هو ۽ بعد ۾ يونيورسٽي ۾ ٻن گروپن جي فائرنگ ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو ۽ ذوالفقار منگي زخمي ٿيو جيڪو بعد ۾ مشهور ڏوهاري ڪشمير خان سان گڏ ڪراچيءَ مان گرفتار ٿيو ۽ آزاد ٿيڻ کانپوءِ سياست کان لاتعلق ٿي ويو.
مهراڻ يونيورسٽي جي شاگرد تنظيمن طرفان وي سي کي هٽائڻ خلاف تحريڪ زورن تي هئي اُن ۾ جساف جو اهم ڪردار شفيع عرساڻي اُن جو مرڪز صدر هو. حسن لغاري به سرگرم هو. روزانو شاگرد احتجاج ڪندا هئا. هڪ ڏينهن پوليس ڪڙڪي پئي. فائرنگ ڪئي وئي. سڄي علائقي کي ڪڙو چاڙهيو ويو، بي رحمانه فائرنگ جي نتيجي ۾ سنڌ يونيورسٽي جو خوبصورت نوجوان شاگرد احسان ميمڻ جنهن جو تعلق جساف سان هو شهيد ٿي ويو ۽ پوءِ ٻئي ادارا ڊگهي عرصي تائين بند رهيا.
ڪجهه شاگرد اڳواڻ گرفتار ٿيا ڪي وري روپوش ٿي ويا. 1980ع جي ڏهاڪي کان شاگرد سياست ۾ ڏوهاري عنصر داخل ٿيو، ناميارا ڏوهاري وڏن تعليمي ادارن ۾ اچي پناهه وٺندا هئا. جديد هٿيارن جي نمائش شروع ٿي. سياسي ڪارڪن انهنکان متاثر ٿي ڏوهن جي دنيا جي ويجهو ٿيا. اهو اثرجساف، پروگريسو جيئي سنڌ، جساف آرگنائيزنگ ڪميٽي، سپاف کي وڌيڪ پيو. دولت جي لالچ ۽ ڏاڍ مُڙسي واري شوق تعليمي ادارن ۾ مثبت سياسي سفر ۽ جدوجهد تي بُرو اثر وڌو.
جنهن ڪري ايجنسين جو عمل دخل وڌيو ۽ رياست پڻ اهو چاهيو ٿي ته آزادي پسند تحريڪ يا انقلابي قوتون ڪنهن ٻئي ڌنڌي سان لڳي وڃن. شاگرد اڳواڻ ۽ ملازم ايجنسين جو ڪم ڪرڻ لڳا.
هڪ مثال قومپرست بيرو جيڪو ڪافي سرگرم هوندو هو. جساف وارن جي 24 ڪلاڪ خدمت ۾ رهندو هو. سدائين پستول ور ۾ هوندو هوس. پمفليٽ ۽ پوسٽر پيو هڻندو هو. صفا قومي ڪارڪن پر جڏهن ڦاٽ ڦاٽڻ وارو هو ته همراهه گم ٿي ويو، خبر پئي ته هو پوليس ۾ ڊي ايس پي جي عهدي تي فائز هو. انهيءَ دور ۾ ئي کوڙ سارا سياسي اڳواڻ گرفتار ٿيا. ٻڌايو ويو ته هو واٽ ويندي مخبري تي گرفتار ٿيا پر حقيقت ۾ بعد ۾ خبر پئي ته همراهن ڳجهه ڳوهه ۾ ادارن سان رابطو ڪري پاڻ گرفتاريون ڏنيون.

ايم آر ڊي کانپوءِ

ايم آر ڊي کانپوءِ


1984ع جي پهرين هفتي ۾ سنڌ مان وڏي انگ ۾ ڊيليگيٽ ڪوئيٽا روانا ٿياسين جتي ڊي ايس ايف جو ڪنوينشن ٿيڻو هو ڪنهن سبب ڪري ملتوي ٿيو. اُتان جي ساٿين خدمت ڪئي، ڪچهريون ٿيون ۽ واپس ٿياسين. سبي وٽ منهنجي طبيعت خراب ٿي ۽ پوءِ دادو ۾ لاٿو ويس. اسر ويل جڏهن دادو جي اسپتال آياسين ته ڊاڪٽر گم هئا. اسپتال جا دروازا بند هئا. مونکي چيائون ته هن کي موري ڏانهن کڻي وڃون. اصل ۾ ان دور ۾ پرو چانڊيو جو دور هو. سنڌ جي ٻهراڙي تي ڌاڙيلن جو راڄ هو. عوام ۽ سرڪاري ادارا خوف ۾ هئا.
ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ عوام جي غصي ۾ مزاحمت کانپوءِ ايجنسين سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر کي هٿي ڏني ڏاڍ مُڙسي جي شوق۾ بيروزگاري سبب ۽ پراڻا پلئه وٺڻ لاءِ هر نوجوان ٻيلي جو رُخ ٿي ڪيو. ڌاڙيل سرعام ڏوهه ڪندا هئا. عدالتن مان ڏوهاري ڇڏائي ويندا هئا، جيل جون ديوارون ٽوڙي قيدي آزاد ڪرايا ويندا هئا. ان سڄي عمل پٺيان رياستي ادارا ملوث هئا، انهن اکيون به ٻوٽيون هيون ۽ اهتمام به ڪيا هئا. چيو وڃي ٿو ته اُن وقت فوجي سپاهي اسلحو ۽ بارود ڌاڙيلن کي فراهم ڪندا هئا.
بهرحال مان حيدرآباد ۽ پوءِ ڪراچي سول اسپتال ۾ اديب رضوي جي وارڊ ۾ داخل ٿيس گردي جو آپريشن ٿيو، اُن وقت ڄام ساقي ڪيس جو ملزم ڪمال وارثي به اُتي داخل هو.
17 آڪٽوبر 1984ع تي اخبار ۾ منحوس خبر پڙهيم ته شاگردن جي بسن تي ٽوڙي ڦاتڪ وٽ فوجين حملو ڪري ڪجهه شاگرد شهيد ڪري ڇڏيا. جن ۾ 1) مالڪ خشڪ، 2) امان الله وسطڙو، 3) ذڪريا ميمڻ، 4) مٺو بليدي ۽ 5) انور عباسي. جڏهن ته ڊاڪٽر دودو مهيري ايس يو پي اڳواڻ آهي. گل محمد جکراڻي هاڻي پ پ اڳواڻ آهي. اختر دايو هاڻي سنڌ نيشنل موومينٽ جو اڳواڻ آهي. اقبال تنيو فوت ٿي چڪو آهي، نذير تنيو قومپرست سياست کان ٻاهر آهي. ستار موريو پ پ جو همدرد آهي. احمد نوناري ايس ٽي پي اڳواڻ آهي ۽ ٻيا ڪيترائي ڪارڪن گرفتار ڪري مٿس سخت تشدد ڪيو ويو. جيل ۾ به ساندهه ٻه مهينا تشدد ڪندا رهيا. آخرڪار ڪجهه ڪارڪن آزاد ڪري باقي مکيه اڳواڻ گل محمد جکراڻي، ستار موريو، دودو مهيري، عمر زرداري ڊگھي عرصي تائين قيد ۾ رهيا. ٻن بسن جي قافلي ۾ 100 جي لڳ ڀڳ شاگردن کي ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ فوجين گهيرو ڪري گولين جوکاڄ بڻايو ۽ ايئن ٿي لڳو ته ڪو ڌارئي ملڪ جا ويڙهاڪ سندن سرحدن ۾ ٽپي آيا هجن.
سڄي سنڌ ۾ زبردست احتجاج ٿيو، شهر بند ٿيا. فوج خلاف نفرت پيدا ٿي قومي تحريڪ ۾ سگهه پيدا ٿي. 1985ع ۾ پشاور يونيورسٽي ۾ ڊي ايس ايف جو ڪنوينشن ڪوٺايو ويو. سڄي ملڪ مان وفد روانا ٿيا. جڏهن اسين ڪجهه ساٿي يونيورسٽي پهتاسين ته اُتي ساٿين جي هٿن ۾ هٿيار هئا. مورچا بند ها. پڇيوسين ته خير آهي؟ جواب مليو ته جمعيت وارن سان جهيڙي جا امڪان آهن، اسان کي اُتان شهر شفٽ ڪيو ويو. شام تائين جيترا به ساٿي آيا تن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو. باقي جيڪي صبح سوير يونيورسٽي پهتا بي خبري ۾ جمعيت جي هٿ چڙهي ويا. سڄي يونيورسٽي ۾ جمعيت قبضو ڪري ويٺي هئي. ساٿين کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. مهيش ڪمار هاڻي صحافي آهي، محبوب جوڻيجو، عمر خان هاڻي بلوچستان جو بيورو ڪريٽ آهي ۽ ٻيا صبح مهل سمورن ڪامريڊن کي جمرود ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ آندو ويو. اُتي اُٺ جو گوشت کارايو ويو، اجلاس ٿيو. دراصل افغانستان ۾ انقلاب جي ڪري صوبي سرحد ۾ ڪميونست ۽ ترقي پسند فڪر ۾ به اضافو ٿيو ته وري افغان انقلاب جا مخالف به سگهارا ٿيا. جماعت اسلامي جو مک ڪردار هو ۽ پوءِ اڳتي هلي افغانستان مان آيل ڀاڄوڪڙ ۽ مذهبي جنونيت پسند انقلابي قوتن جي خلاف سرگرم هئا. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڊي ايس ايف وارن جوڌن به جمعيت کان پلئه ورتو ۽ پوءِ اڻ اعلانيل مُدي تائين پشاور جا تعليمي ادارا بند ٿي ويا.
آڪٽوبر 1985ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڊي ايس ايف سنڌ جو اجلاس ٿيو. رات دير تائين گڏجاڻي هلي، اُن کانپوءِ سمهڻ لاءِ هاسٽل جي مختلف ڪمرن ۾ وياسين. مان ۽ سليم پٺاڻ (سواتي) آغا رفيق جيڪو هاڻي سنڌ يونيورسٽي جو پروفيسر آهي ۽ مشهور ڪهاڻيڪار پڻ جي ڪمري ۾ سُتاسين ته پوليس اچي ڪڙڪي تقريباً 30 کن شاگرد گرفتار ٿياسين، مخصوص ڪمرن تي ڇاپي سبب ساٿين کي منهنجي گرفتاري جو علم نه هو. گلشن اقبال ٿاڻي کان پوءِ فيروز آباد ٿاڻي تي شفٽ ٿياسين. هڪ هفتي کانپوءِ آزاد ٿياسين. احمر مستي اسان جو ڪامريڊ پوءِ صحافي بڻيو ماني جو بندوبست ڪندو هو. دراصل ڪراچي يونيورسٽي ۾ جميعت ۽ پروگريسو تنظيمن جو ٽڪراءُ هو. حاصل بزنجو جي اڳواڻيءَ ۾ قومپرست، لبرل ۽ ترقي پسند شاگرد تنظيمون منظم ٿي جمعيت جي غنڊا گرديءَ کي منهن ڏئي رهيون هيون.
ياد رهي ته جنرل ضياءُالحق جي مارشل لا ۾ پاڪستان جي اڪثر تعليمي ادارن ۾ جمعيت جي داداگيري عروج تي هئي. ترقي پسند فڪر کي هو برداشت نه ڪندا هئا. هو تعليمي ادارن ۾ رياست جي حمايت ۾ بيٺل هئا.
سنڌ ۾ خاص ڪري ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ ترقي پسندن ۽ قومپرستن کي مزاحمت ڪرڻي پوندي هئي. انهيءَ زماني۾ رجعت پسند قوتون ۽ روشن خيال قوتن جو سياسي ميدان ۾ زبردست ٽڪراءُ هو. تعليمي ادارن ۾ شاگردن تي تشدد کين قتل ڪرڻ معمول بڻجي ويو، جڏهن ته ٻئي طرف سامراج مخالف ۽ سامراج دوست ڌرين طور مثال سامهون ايندا هئا. افغان انقلاب کي روڪڻ اُن کي ناڪام ڪرڻ لاءِ آمريڪي سامراج ڊالر ڏئي رهيو هو، جيڪي آءِ ايس آءِ ذريعي مجاهدن ۽ سامراج دوست سويت يونين مخالف قوتن ۾ ورهايا ويندا هئا. نوجوانن جو وڏو انگ اسلام جي نالي ۾ هتان جي فوجين کان تربيت وٺي افغانساتن ويندا هئا ۽ اُتي مجاهدن سان گڏجي مزاحمت ڪندا هئا.
ترقي پسند به ان خوشفهمي ۾ هئا ته ڄاڻ پاڪستان ۾ به انقلاب آيو ۽ طورخم جون ٿڌيون هوائون پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ واريون آهن. افغان انقلاب فوجي بغاوت ذريعي ۽ روسي فوج جي مدد سان آيو، عوام جي اڪثريت نه هئڻ ڪري ۽ اُتان جي پارٽي ۾ اختلافن سبب انقلاب ناڪام ٿيو. 13 هزار روسي فوجي مارجي ويا. مجاهد ڪامياب ٿيا ۽ پوءِ طالبان جو دور شروع ٿيو ۽ سڄي دنيا جا انتهاپسند اُتي گڏ ٿي مذهب جي نالي ۾ آمريڪا مخالف ۽ هندستان مخالف نئين تحريڪ جنم ورتو. اڄ پاڪستان ۾ مذهبي جنونيت تحريڪ طالبان جي سگهاري هجڻ ۽ ٻين مذهبي گروپن جي طاقتور ٿيڻ جا سبب آمريڪا، پاڪستان جي آرمي، مذهبي تنظيمن جا سربراهه آهن. افغان انقلاب مان صوبي سرحد ۽ ڪنهن حد تائين بلوچ نوجوانن کي فائدو ٿيو.
اجمل خٽڪ گذاري ويو آهي، افراسياب خٽڪ روپوشي ۾ افغانستان ويل هو ڪميونسٽ اڳوان هو. هاڻي اي اين پي اڳواڻ آهي. محمود خان اچڪزئي ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڪوئيٽا ۾ ماڻهن جي مرڻ ۽ پوليس جي مرڻ کانپوءِ روپوش ٿي افغانستان هليو ويو. رزاق بگٽي بي ايس او اڳواڻ به اُتي روپوش رهيو ۽ پوءِ واپس آيو. مشرف جي دور ۾ ان جو ساٿي بڻيو ۽ پوءِ ماريو ويو. حبيب رازق بي اين پي اڳواڻ جيڪو ڪجهه عرصو اڳ ڪوئيٽا ۾ شهيد ڪيو ويو.
مرتضيٰ ڀٽو شهيد به الذوالفقار جو مرڪز دمشق کانپوءِ ڪابل کڻي آيو. پاڪستان ۾ جهاز اغوا ڪري ڪابل نيو ويو. جهاز ۾ يرغمال ٿيل ماڻهن جي بدلي ۾ پاڪستان مان سياسي قيدين جي آزاديءَ جو مطالبو ڪيو ويو.
ڄام ساقي ۽ سندس ساٿين وڃڻ کان انڪار ڪيو، شاهه محمد شاهه، حيدر، شاهه قادر بخش جتوئي ۽ ٻيا قيدي ڪابل ويا.
چيو وڃي ٿو ته اغوا ڪندڙ ٽيپو بعد ۾ اُتي ماريو ويو. ناصر بلوچ کي اغوا ۾ مدد ڪرڻ تي ڪراچي سينٽرل جيل ۾ ڦاهي چاڙهيو ويو. حيدر شاهه عمر قيد سزا ڪاٽي رهيو هو جيڪو واپس آيو ۽ گرفتار ٿي سزا پوري ڪئي.
قادر جتوئي سويڊن هليو ويو، هو هاڻي پاڪستان آيو هو، جڏهن افغان انقلاب ڪمزور ٿيو ته پاڪستان مان ويل اڳواڻ نجيب الله کي اڪيلو ڪري ڏيهه موٽيا.
نجيب پنهنجو وطن ڇڏڻ لاءِ تيار نه ٿيو ۽ پوءِ مجاهدن کيس قتل ڪري سندس لاش کي ٽنگي ڇڏيو. نجيب وٽ ٻاهر نڪرڻ جا سمورا موقعا موجود هئا پر هن پنهنجي ڌرتي تي مرڻ پسند ٿي ڪيو.
ڊي ايس ايف اڳواڻ نرنجن ڪمار ۽ سرفراز ميمڻ روپوش ٿي افغانستان ويا ڪجهه وقت رهڻ کانپوءِ نرنجن فن لينڊ ۽ سرفراز ميمڻ جرمني هليا ويا. هاڻي اُهي اُتي ئي رهن ٿا. ٻئي نظرياتي ڪامريڊ ۽ متحرڪ ساٿي هئا. اڄ به سرفراز ميمڻ ڪافي سرگرم آهي پنهنجن خيالن ۾ سنڌ دوست، پورهيت دوست ۽ سامراج مخالف آهي.
ان سڄي دور ۾ پاڪستان خاص ڪري سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان ۾ ترقي پسند انقلابي سوچ ۾ سگهه پئدا ٿي.
سوويت يونين جي سهڪار سان هر چوٿين سال ڪنهن به ڪميونسٽ دوست ملڪ ۾ ”يوٿ فيسٽيول“ ملهايو ويندو هو، جنهن ۾ هزارين نوجوان، اديب، دانشور شريڪ ٿيندا هئا. جولاءِ 1985ع ۾ ماسڪو ۾ نوجوانن جو ميلو منعقد ٿي رهيو هو. پاڪستان مان ڪميونسٽ پارٽي سان سلهاڙيل ڪامريڊ تقريباً 20 ڄڻا هئاسين. ڪراچي کان ڪولمبو روانه ٿياسين. هن وفد ۾ طالب لاشاري، افشان پروفيسر جمال نقوي جي ڌيءُ هاڻي ڊان اخبار ۾ صحافي آهي. عباس هاڻي لنڊن ۾ هڪ اين جي او ۾ آهي. محبوب جوڻيجو، عرفان شاهه، عريب اظهر ۽ ٻيا ساٿي هئا. ڪولمبو ۾ ڪميونسٽ پارٽي اسان جي ميزبان هئي.
ابو يوسف جيڪو اُن وقت نوجوانن جي تنظيم جو سربراهه هو تنهن جي ذمي هئاسين. ڪولمبو جي روسي سفارتخاني مان خبر پئي ته اوهان جو ڊيليگيشن نه وڃي سگهندو، اوهان جي انٽري دير سان ٿي آهي ۽ سوشلسٽ پارٽي جو وفد ماسڪو پهچي چُڪو آهي. اسان جي اڳواڻن ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر نااميدي ٿي واپس موٽياسين.
مئي 1985ع ۾ ڪراچي ۾ بشرا زيدي ڪيس ٿيو هڪ شاگردياڻي بس هيٺان اچي مري وئي. مهاجرن زبردست احتجاج ڪيو، پٺاڻن جون بسون، رڪشا ۽ هوٽلن کي باهيون ڏنيون ويون، ڪراچي ۾ وڳوڙن ۾ اضافو ٿيو.
(ايم ڪيو ايم) مهاجر قومي موومينٽ جو بنياد پيو. ان واقعي کانپوءِ نسل پرست سياست کي وڌائڻ ڪراچي مان مذهبي تنظيمن کان مئنڊيٽ کسڻ لاءِ مقامي ۽ عالمي ڳجهين طاقتن ايم ڪيو ايم کي سگهه بخشي، مهاجرن جي اڪثريت ايم ڪيو ايم سان جُڙي وئي. حالتون انهن جي حق ۾ ٿي ويون ۽ پوءِ پٺاڻن، پنجابين سان جهيڙا ٿيندا رهيا. انهيءَ دور ۾ الطاف حسين جي ايم سيد جي قومي تحريڪ جي ويجهو ٿيو ته سنڌي مهاجر گڏجي پنجابين ۽ پٺاڻن کان آزادي وٺون پر هنن جي من ۾ ٻيو ڪجهه هو. سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ به الطاف ويو ۽ خطاب ڪيا. ايل ايم سي ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي جي موجودگيءَ ۾ هن خطاب ڪيو. ان دوران قصبا ڪالوني ۽ علي ڳڙهه ڪالوني ۾ پٺاڻن ۽ پناهگيرن جو وڏو قتل عام ڪيو، نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم کي گرائونڊ تي منظم پارٽي ملي وئي. ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ نوجوانن جي وڏي انگ هن سان سهمت ٿيا ۽ انهيءَ سڄي راند پٺيان هتان جون ايجنسيون برابر شريڪ هيون. اڳتي هلي هنن جي توپ جو منهن سنڌين ڏانهن ٿيو، اُن تي بعد ۾ تفصيل سان لکندس ته ڪيئن نه سنڌي ماڻهو به انهي سازشي سنڌ دشمن راند جو حصو ٿيا.
1986ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ايم آر ڊي پاران جمهوري تحريڪ شروع ٿي. سنڌ جي اڪثر شهرن توڙي ٻهراڙيءَ ۾ مزاحمت شروع ٿي وئي. دوڙ ۾ ڪجهه ساٿين کي منظم ڪيو. هڪ ريلي ڪڍي سين. پوليس ۽ ان جي دلالن اسان کي اهو ڪرڻ کان روڪيو پر اسين شهر ۾ داخل ٿي وياسين. اسان جي جلوس ۾ به ڪجهه ماڻهن وٽ لڪل هٿيار هئا سا پوليس کي خبر پئجي وئي. پوليس جلوس تي فائرنگ ڪئي ۽ پوءِ ڀڃ ڊاهه ۽ فائرنگ جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويو. سرڪاري ادارن کي باهيون آيون، بئنڪون سڙيون پوليس پنهنجي بچاءَ ۾ ٿاڻي تي وڃي مورچا ٺاهيا.
جڏهن اسين اسٽيشن تي پهتاسين ته مون ساٿين کي چيو ته هاڻي هيڏانهن هوڏانهن ٿي وڃو پر جذباتي نوجوانن ڳالهه نه مڃي. ٽن ڪلاڪن جي مزاحمت کانپوءِ غلام شبير زرداري پوليس جي گولين جو کاڄ ٿي ويو. پوليس ٻاهران گهرائي وئي. ٽرينون ڪلاڪن کان بند ٿي ويون. شهر ۾ سوڳ جهڙي صورتحال ٿي وئي. مان هڪ ٻئي نوجوان حبيب رستماڻي سان اٺ ڪلوميٽر پنڌ ڪري ٻانڌي بروهي دوستن وٽ پهتس، جتان ٽريڪٽر ذريعي دولتپور لانگاهه ڳوٺ ۾ وڃي ترسياسين جتي بي بي سي، وائيس آف آمريڪا ٻڌايو ته دوڙ ۾ مزاحمت دوران ٻه نوجوان مارجي ويا.
۽ پوءِ تقريباً 50 ڄڻن تي ڪيس داخل ٿيو، مان به اُن ۾ شامل هوس. اڳتي هلي ضمانتون ڪرايوسين. ڪيس هليو ۽ آزادي تڏهن ملي جڏهن 1988ع ۾ پ پ جي حڪومت آئي.
پ پ مخالف قوتن پ پ ۾ ڏار وڌا. جمهوريت جي بحالي لاءِ وڏي مزاحمت ڪار پارٽي هئي. انهيءَ سبب سنڌ جا جاگيردار کيس ڇڏيندا ويا. غلام مصطفيٰ جتوئي الڳ ٿي ويو ۽ هنن نيشنل پيپلز پارٽي ٺاهي جيڪا اڄ تائين موجود آهي. ڀٽي صاحب جو سئوٽ ممتاز علي ڀٽو سنڌي بلوچ پشتون فرنٽ جوڙيو ڪنفيڊريشن جو نعرو هڻي ٻاهر نڪتو، ڪنهن حد تائين ڪشش پئدا ڪندڙ هو. 1940ع جي قرارداد کي بنياد بڻايو ويو. مشهور قانوندان حفيظ پيرزادو به ساڻس گڏ هو. دوڙ ۾ هڪ جلسي جو اهتمام ٿيو مان به اُن ۾ شريڪ ٿيس. مقامي فرنٽ اڳواڻ جي گذارش تي اسٽيج سيڪريٽري ٿيس. ڪيس داخل ٿيو.
هڪ رات دوڙ ۾ مهمانن سان اوطاق ۾ ستل هوس ته ڇاپو لڳو ۽ انهيءَ ڪيس ۾ گرفتار ٿيس ڪافي ڏينهن ٿاڻي ۾ رهڻ کانپوءِ ضمانت تي آزاد ٿيس.
ممتاز ڀٽو صاحب جنهن قومپرست سياست ڏانهن رُخ ڪيو. اڳتي هلي سنڌ نيشنل فرنٽ جوڙيو جيڪو ڪافي وقت سرگرم رهيو. سنڌ جو نگران وزيراعليٰ به رهيو، پر هاڻي هُن قومپرستي ڇڏي عوام کان مايوس ٿي مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ٿيو آهي.
بنيادي طور تي ممتاز ڀٽو روايتي وڏيرو آهي، انقلاب ۽ آزادي جو تصور ڪرڻ ۽ ان لاءِ پورهيو ڪري حقيقي عوامي سگهه کي منطم ڪرڻ هن جي وس ۾ نه هو.

ڪيمونسٽ پارٽي جو ٽٽڻ:

ڪيمونسٽ پارٽي جو ٽٽڻ:
آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي برگيڊيئر امتياز بلا ”جنهن جي هٿان نذير عباسي شهيد ٿيو هو“ هڪ ٽي وي چينل ۾ چيو هو ته جڏهن افغان انقلاب آيو ته پنڊي ۾ ڪورڪمانڊرز جي گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ انقلاب جو جائزو ورتو ويو ۽ اها راءِ ٺهي ته انقلاب جو فائدو پاڪستان ۾ ڪنهن کي ٿيندو ۽ طئي ٿيو ته ڪميونسٽن کي ۽پوءِ انهن خلاف وٺ پڪڙ شروع ٿي.
ڪامريڊ امام علي نازش پارٽيءَ جو سيڪريٽري هو افغانستان ۾ هئڻ ڪري ايڪٽنگ سيڪريٽري پروفيسر جمال نقوي هو. جڏهن اهو ساٿين سميت گرفتار ٿيو ته پوءِ مختيار باچا سيڪريٽري طور ڪم سنڀاليو. انهيءَ دور ۾ اُن جو ڪابل اچڻ وڃڻ رهندو هو.
پهرين مرحلي ۾ افغان حڪومت پاڪستان جي ڪميونسٽ پارٽي کي تمام گهڻا پئسا ڏنا ته اوهين پارٽي کي منظم ڪيو.
ٻئي مرحلي ۾ تمام گهڻا هٿيار ڏنا ته جيئن صوبي سرحد جي باڊر جي علائقي ۾ انقلاب دشمنن کي منهن ڏئي سگهجي.
ولي خان ڪوڪي خيل جو اڳواڻيءَ ۾ هڪ لشڪر ٺاهيو ۽ پوءِ خبر پئي ته اهي هٿيار ڪراچي تائين وڪرو ڪيا ويا. پئسا مخصوص ماڻهن وٽ رهيا. ڪامريڊ خوشحال ۽ ستابا ٿيڻ لڳا.
مختيار باچا ڪراچيءَ ۾ ٽيڪسي هلائيندڙ ڪامريڊ ان وقت حيات آباد جي پوش علائقي ۾ بنگلي جو مالڪ بڻجي ويو. ان سڄي صورتحال کان پارٽي کي بي خبر رکيو ويو. مختيار باچا به گهڻو وقت ڪابل ۾ رهڻ ڪري ڊاڪٽر اعزاز نذير سيڪريٽري بڻيو.
افغان انقلاب جي اثرن ڪري صوبي سرحد جي ڪامريڊن محسوس ٿي ڪيو ته هاڻي اسان وٽ جلد انقلاب اچڻو آهي. ان ڪري عوامي سطح جي قومي جمهوري پارٽي ٺاهجي ۽ هنن اُن تي زور ڏنو.
ڪابل مان موٽندي امتياز عالم هاڻوڪي سينيئر صحافي ۽ لطيف آفريدي هاڻوڪو اي اين پي اڳواڻ گرفتار ٿيا هئا ۽ پوءِ آزاد ٿيڻ کانپوءِ ۽ ڪابل ۾ پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جي اجلاس ۾ جيڪو امام علي نازش جي صدارت ۾ ٿيو، کين سينٽرل ڪميٽي جو ميمبر بڻايو ويو. هوڏانهن جمال نقوي وارا به آزاد ٿيا.
ان زماني ۾ مان ماسڪو ڪنهن ڪانفرنس لاءِ وڃي رهيو هوس ته ڪولمبو ۾ رهڻ ٿيو جتي ابو يوسف جو مهمان ٿيس هو نهايت شاندار ماڻهو هو. هُن مونکي هوٽل ۾ ترسائڻ بجاءِ پنهنجي گهر ۾ رهايو هو. بينظير ڀٽو جي حڪومت ٺهي چُڪي هئي ابو يوسف جو سهرو ديوبندي هو ۽ عورت جي حڪمراني جو سخت مخالف هو. سريلنڪا ۾ تاملن جو معاملو هلي رهيو هو. ڪميونسٽ پارٽي تاملن جي هڪ تنظيم EPRLF، جي حمايت ٿي ڪئي انهن چونڊن ۾ حصو ورتو هو ۽ هو کٽي آيا هئا. فائيو اسٽار هوٽل ۾ مستقبل جي وڏي وزير ۽ ٻين وزيرن سان ملاقات ڪرايائين. سمندرا هوٽل ۾ ڪجهه گهڙيون رهيس پڇومانس ته هي ڇا معاملو آهي جو تامل صوبي جا ماڻهو هتي پهري ۾ آهن، چيائين ته پرڀارڪرن جي پارٽي سگهاري آهي، مڙئي نالي جون چونڊون ٿيون آهن.
هن وڌيڪ چيو ته ڪامريڊ مختيار باچا به ته هتي رهندو آهي، جڏهن ماسڪو يا ڪابل ويندو آهي ته مان حيران رهجي ويس. غريبن ۽ پورهيتن جي پارٽي ڪيئن ايڏن وڏن هوٽلن ۾ رهي سگهي ٿي.
بهرحال جمال نقوي جي آزاد ٿيڻ کانپوءِ سينٽرل ڪميٽي جي گڏجاڻي لاهور ۾ ٿي جتي پارٽي ۾ ٻه ڊاڪومينٽ لاٿا ويا. جمال نقوي جي موقف کي اڪثريت سپورٽ ڪئي. جڏهن ته امتياز عالم جي کليل ڊاڪيومينٽ کي اقليت جي حمايت ملي ۽ اهڙي طرح سان پارٽي اندر اڪثريت ۽ اقليت ۾ ورهائجي وئي.
اڪثريت ۾ جمال نقوي، ڄام ساقي، ڊاڪٽر اعزاز نذير، حسن رفيق، جاويد شڪور، ڪامريڊ رمضان ميمڻ مان پڻ اُن جو حصو ٿيس. جڏهن ته اقليت ۾ امتياز عالم، افراسياب خٽڪ، مير ٿيٻو امداد چانڊيو.
سنڌ مان ۽ سرحد جي نوجوانن جو وڏو انگ اقليت سان هليو ويو. واضح ٻه رُجحان پيدا ٿيا.
سوويت يونين ۾ گورباچوف جي صدر ٿيڻ کانپوءِ پروسترائيڪا ۽ گلاسنوسٽ جون پاليسيون متعارف ڪرايون ۽ اقليت قومپرستي واري رجحان سبب پاپولر ٿيا. جڏهن ته جمال نقوي واري نقطي نظر کي بنياد پرست سمجهيو پئي ويو. ان سڄي صورتحال ۾ شعوري ورهاست سان گڏ غيرشعوري جذباتي ۽ لاڳاپن به اثر ڏيکاريو.

شاگرد تنظيم ڊي ايس ايف به ٻه اڌ ٿي وئي:

شاگرد تنظيم ڊي ايس ايف به ٻه اڌ ٿي وئي:
مونکي ياد آهي ته اُن وقت ڪراچي پريس ڪلب ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي جيڪا جلسي نما هئي ڪميونسٽ ٻن واضح ڌڙن ۾ شريڪ ٿيا. تقريرن ۾ گورباچوف جي نئين پاليسي جي حمايت ڪئي وئي. جڏهن ته اسان پراڻي طريقي کي بهتر ٿي سمجهيو. سوويت يونين قومن کي رضاڪارانه آزادي ٿي وئي ته اسين وري دنيا جا مزدور هڪ ٿي وڃو۽ رياستن کي هڪ رکڻ جا حامي هئاسين. اهڙي طريقي سان بحث مباحثا عام ٿي ويا.
1987ع جي پڇاڙي ۾ شروع ٿيندڙ اختلاف 1988ع جي آخر تائين انتها تي پهچي ويا. سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ڪجي ڪڏهن قومپرستي جي لهر ڇڪي ٿي وئي ته وري ڪڏهن ڪميونزم ۽ انهن ساٿين سان رهڻ لاءِ دل ٿي چاهيو.
اقليتي گروپ اڳتي هلي قومي انقلابي پارٽي جو بنياد رکيو، جنهن ۾ افراسياب خٽڪ، مختيار باچا، امداد چانڊيو غالباً ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ وارو گروپ به اُن ۾ شامل ٿي ويو ۽ ڪميونسٽ پارٽي غير اهم غير سرگرم ٿي وئي. سڄو ڪيڊر شاگرد تنظيم به سنڌ هاري ڪميٽي جنهن جو اڳواڻ غلام رسول سهتو، تاج مري وغيره هئا. سا به غير سرگرم ٿي وئي. مزدور سياست به ويهي رهي ۽ نالي ماتر ٽريڊ يونين سياست ڪئي وئي.
اڳتي هلي ڪميونسٽ پارٽي جا ٻه دعويدار امداد قاضي ۽ خادم ٿهيم نمودار ٿيا. خادم ٿهيم ته ڊگهي عرصي کان گم آهي. سياست ۾ سرگرم نظرنٿو اچي پر امداد قاضي ڪنهن حد تائين اخبار ۾ پريس رليز ذريعي نظر اچي ٿو.
مطلب ته حسن ناصر، نذير عباسي جي شهادتن سوين ڪارڪنن جي قربانين جيل جي مصيبتن، گرفتارين، سزائن جي نتيجي ۾ نظرياتي فڪر سان منظم پارٽي طور اڀريل ڪميونسٽ پارٽي غلط اندازن، موقعي پرستي، مفاد پرستي وارن رجحانن سبب ٽڪرا ٿي وئي. اڄ انهن ڪارڪنن جو وڏو انگ يا خاموش آهي ڪو صحافي، ڪو استاد نه ڪو وري نالي ماتر سياست ۾ آهي. صوبي سرحد جو وڏو ڪيڊر اي اين پي ۾ هليو ويو. بلوچستان جو ڪيڊر قومپرست پارٽين ڏانهن رجوع ڪيو.
۽ مون 1988ع جي سنڌي مهاجرن جي جهيڙي کانپوءِ پنهنجي راءِ تبديل ڪئي پر ڪجهه سالن کانپوءِ نئين رجحان سان گڏ ٿيس.

ڪميونسٽ پارٽي کانپوءِ

ڪميونسٽ پارٽي کانپوءِ


ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ٽٽڻ سبب مونکي مايوسي گهيري ورتو هو. سنڌي مهاجر فسادن جي ڪري سنڌ ۾ جُڙيل اتحاد ايس اين اي سرگرم ڪردار ادا ڪير رهيو هو. بهارين جي آمد خلاف اتحاد جو فيصلو ڪيو ته ڪراچيءَ جي اسٽار گيٽ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو. ڪميونسٽ پارٽي به اُن ۾ شريڪ هئي پر جڏهن اسين ڪجهه نوجوان ڪراچي مظاهري ۾ شرڪت لاءِ آياسين ۽ جمال نقوي سان ملياسين ته اُن کتو جواب ڏنو ۽ چيائين ته ايس اين اي عوام کي ويڙهائي رهي آهي، ان ۾ شريڪ نه ٿبو ڏاڍي مايوسي ٿي بهارين خلاف سنڌ جي عوام ۾ نفرت هئي ۽ ترقي پسند فڪر جا ماڻهو روڪي رهيا هئا. عبدالواحد آريسر جي اڳواڻيءَ ۾ وڏو احتجاج ريڪارڊ ٿيو.
ايم ڪيو ايم جي وجود ۾ اچڻ سان کيس پهريان پٺاڻن، پنجابين ۽ پوءِ سنڌين سان ويڙهايو ويو. حيدر چونڪ تي ايم ڪيو ايم پاران لڳايل پوسٽرن کي رات جي انڌيري ۾ ساڙايا ويا، شدت ۾ اضافو ٿيو. سنڌ يونيورسٽي جون ٻه بسون احتجاج لاءِ حيدر چوڪ اچي رهيون هيون ته بلديا وٽ ايم ڪيو ايم وارن فائرنگ ڪئي ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻه شاگرد شهيد ٿيا. ان دوران آفتاب شيخ حيدرآباد جو ميئر تي لطيف آباد ۾ حملو ٿيو هو، سخت زخمي ٿيو ۽ پوليس جيئي سنڌ جي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي کي گرفتار ڪيو. ياد ڏياريان ته اُن وقت انهن واقعن کان اڳ سنڌي قومپرستن ۽ ايم ڪيو ايم جون مذاڪراتي ٽيمون جڙيل هيون ڳالهين جي هر دور کان اڳ يا پوءِ ڪا اهڙي گمنام طريقي سان ٻنهي ڌرين طرفان واردات ٿي پوندي هئي جو ڳالهيون رُڪجي وينديون هيون ۽ اهڙي طريقي سان ڪي ڳجها هٿ هئا جيڪي سنڌي ۽ مهاجر ٽڪراءُ ۾ اضافو ڪرڻ پئي چاهيا. بدقسمتيءَ سان اُن وقت ڏاهي ليڊر شپ نه هئڻ ڪري معاملا انتها تي پهچي ويا.

30 سيپٽمبر جو واقعو:

30 سيپٽمبر جو واقعو:
جي ايم سيد جي فڪر کان الڳ ٿيندڙ ڊاڪٽر قادر مگسي اُن وقت ڪافي مشهور ٿي چڪو هو ايل ايم سي ۾ پنجابين سان مزاحمت جي ڪري کيس مزاحمت ڪار سمجهيو پئي ويو. شاگرد تحريڪ ۾ حمايت وڌي رهي هئي پر ساڻس گڏ قومي ڪارڪنن جو انگ تمام گهٽ هو، پر مکيه ڪارڪن ساڻس گڏ هئا. شفيع برفت هاڻوڪو جسمم چيئرمين، آصف بالادي هاڻوڪو جسقم اڳواڻ، مير عالم مري هاڻوڪو جسقم آريسر اڳواڻ، منور لغاري هاڻوڪو ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ آمريڪا ۾ آهي. ڊاڪٽر علي احمد رند هاڻوڪو افيئر مئگيز سان لاڳاپيل، حيدر شاهاڻي ايس ٽي پي هاڻوڪي پ پ اڳواڻ، ڊاڪٽر دودو مهيري هاڻوڪو ايس يو پي اڳواڻ، نواب لغاري هاڻوڪو پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عظيم ڪونڌر جيڪو مارجي ويو.
ڊاڪٽر قادر مگسي پنهنجن انهن ساٿين سان ڪچهري ڪئي ته پناهگير سنڌين جا دشمن آهن، کين سبق سيکارجي. منهنجي انفارميشن موجب منور لغاري، شفيع برفت، آصف بالادي ان موقف سان سهمت نه ٿيا. بلڪه اڪثر ساٿين اختلاف رکيو پر هي بضد هو ته نه ڪجهه ڪرڻ گهرجي، جڏهن ساٿين کانئس پڇيو ته پنهنجي پارٽي ڪمزور آهي وسيلا ناهن ايڏو وڏو عمل ڪيئن ٿيندو، اُن تي هن چيو ته اهو مون تي ڇڏيو ۽ هُن تياري ڪئي. سنڌ جا بدنام ڌاڙيل ۽ ڪجهه قومي ڪارڪن ان عمل ۾ شريڪ ٿيا.
30 سيپٽمبر شام جو 7 وڳي جو وقت مقرر ڪيو ويو. حيدرآباد شهر ۾ حملي جي وڏي تياري ڪئي وئي.
مان اُن رات ڪراچي ۾ رهيل هوس رات جو نائين وڳي جڏهن موسميات وٽ پهتس ته حرا اسڪوائر (جوهر اسڪوائر) لاءِ سواري نه پئي ملي. اوچتو هڪ جيپ اچي بيٺي جنهن ۾ چند نوجوان ويٺل هئا، مونکي ڏسي گاڏي بيهاريون ۽ چيائون اچ ويهه. جان محمد بليدي B S O جو اڳواڻ هاڻي نيشنل پارٽي جو اڳواڻ آهي، تنهن چيو توکي خبر ناهي ته شهر ۾ ڇا ٿيو آهي، مون وراڻيو نه چيائين جلدي ڪراچي مان هليو وڃ. صبح سوير جنگ پڙهيم جنهن ۾ لکيل هو ته حيدراباد ۾ عام ماڻهن جو قتل عام اڍائي سئو بي گناهه مارجي ويا.
حملي آورن جانو آرائين ۽ ڊاڪٽر قادر مگسي جا نعرا پئي هنيا. ٺيڪ حملي دوران سڄي شهر جي بجلي بند ڪئي وئي. هڪ به ايم ڪيو ايم جو ڪارڪن قتل نه ٿيو چون ٿا ته 60 سنڌي ماڻهو به کاڄ بڻجي ويا.
ان واقعي جي ردعمل ۾ رات جو دير سان ڪراچيءَ ۾ معصوم ۽ بي گناهه سنڌين تي قيامت ڪڙڪي پئي. ڇهن مهينن جي سحرش پنهنجي بابي سان گڏ ماري وئي. اُستاد منور پٺاڻ ترقي پسند فڪر ۽ وائيز گروپ جو ڪارڪن مارجي ويو، پنهل ٻگهيو ۽ ٻيا ڪيترائي سنڌي ڳولي ڳولي ماريا ويا. اُن رات ڄڻ ته موت جو راڪاس سنڌين لاءِ واڪا ڪري رهيو هو. 30 سيپٽمبر جا جوڌا ڪي ٻيلن ۾ واپس ويا ۽ ڪي وري ڪوئيٽا جي سيرينا هوٽل جا مزا ماڻي رهيا هئا.
30 سيپٽمبرجي ڪيس ۾ جن ماڻهن کي ملوث ڪيو ويو، اُن ۾ وڏو حصو ڌاڙيلن جو هو. مثال طور حسن چانڊيو، جانو آرائين، غلام رسول ڪورائي، ڊاڪٽر غلام محمد بليدي، لائق چانڊيو، دادن چانڊيو، مصطفيٰ چانڊيو، بهاول ڊيشڪ، نور جان مگسي، هدايت کوسو ۽ ٻيا جڏهن ته قومي ڪارڪنن ۾ قادر مگسي، حيدر شاهاڻي، نواب لغاري، منور لغاري، شفيع برفت، عظيم ڪونڌر، عبدالله ميمڻ، ڊاڪٽر گلاب لسڪاڻي، ڪريم لغاري، احسان لغاري، حميد ميمڻ ۽ ٻيا شامل هئا.
30 سيپٽمبر ۽ پهرين آڪٽوبر جي واقعن ۾ هڪ راءِ انتهائي سگهاري انداز ۾ اُڀري سامهون آئي. ايم ڪيو ايم ضياءُالحق جي دور ۾ وجود ۾ آئي مهاجرن جو نعرو هڻي ميدان تي لٿا ۽ چيائون ته سنڌي مهاجر گڏجي ڦرلٽ ڪندڙن کي سنڌ مان ڀڄائبو.
ايم ڪيو ايم کي سنڌ جي قومپرستن سنڌ جي ٻهراڙي ۽ تعليمي ادارن تائين رسائي ڏني. اسٽيبلشمينٽ محسوس ڪيو ته ڪٿي سنڌ جا آزادي پسند ۽ شهري مهاجر گڏجي سنڌ کي آزاد نه ڪرائي وٺن ان ڪري انهن ايجنسين جي دلالن ”سنڌي توڙي مهاجرن“ کان ڪم ورتو ويو.
جڏهن جڏهن غلط فهميون وڌيون پئي ته ٻنهي ڌرين جي ڪميٽين جا اجلاس سڏايا ٿي ويا، پر ڪڏهن رات جي انڌيري ۾ ته وري ڪڏهن سج جي روشنيءَ ۾ دهشتگردي ٿيندي رهي ۽ اهڙي ريت 30 سيپٽمبر جو وڏو واقعو ڪرائي ايم ڪيو ايم کي سنڌ ۾ منظم تنظيم جي شڪل ڏيارڻ ۾ مدد ڪئي وئي.
سوال هي ٿو پئدا ٿئي ته جيڪڏهن 1988ع ۾ هر مهاجر سنڌ دشمن هو ته پوءِ 1995ع ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي ڪراچي ۾ امن مارچ ڪنهن جي چوڻ تي ڪيو ۽ سياسي راءِ ڪيئن تبديل ٿي ته هر اردو ڳالهائيندڙ دهشتگرد ناهي، صرف ايم ڪيو ايم قاتل ۽ رهزن آهي.

30 سيپٽمبر جي واقعي کانپوءِ سنڌ کي جيڪي نقصان ٿيا:

30 سيپٽمبر جي واقعي کانپوءِ سنڌ کي جيڪي نقصان ٿيا:
1) مهاجرن جي اڪثريت ايم ڪيو ايم سان بيٺي.
2) بي گناهه سنڌي ماڻهو ٽارگيٽ ڪري ماريا ويا ۽ پنهنجن گهرن، ڪاروبار کان محروم ٿي ويا.
3) شهر مڪمل طرح سان نسل پرستن جي هٿ چڙهي ويا.
4) پنجاب خلاف غلامي جي جنگ جو منهن ڦيرائي ٻئي نمبر دشمن ڏانهن ڪيو ويو.
5) شخصيت پرستي جو رُجحان وڌيو. چي گويرا طور اُڀريل ڪردار پارٽي ٺاهي ڏيڻ بجاءِ واحد ليڊر شپ طور تنظيم جي تباهي جو ڪارڻ بڻيو.
سڄي دنيا ۾ مزاحمت دوران دشمن کي ٽارگيٽ ڪبو آهي. عام قتل کي دهشتگردي چئبو آهي. ڇاڪاڻ جو سنڌي ماڻهن کي شهرن ۾ وڃڻ تي عملي طرح سان پابندي هئي، ماڻهو ماريا ٿي ويا، ٽوپي ۽ اجرڪ جي عزت نه هئي پر اهو سڀ ڪجهه عام اردو ڳالهائيندڙ نه پر ايم ڪيو ايم جا دهشتگرد ڪري رهيا هئا.
هي واضح ڪندو هلان ته آفتاب شيخ ايم ڪيو ايم جو اڳواڻ هو اُن تي حملو عقلمندي هئي پر انڌ ۾ ۽ بجلي بند ڪرائي عام واٽهڙن تي حملو انسانيت جي بلڪل اُبتڙ آهي. اها Assignment هئي، جنهن جا نتيجا اڄ تائين ڀوڳي رهيا آهيون.
ياد رهي ته ان واقعي ۾ اڍائي سئو مهاجر، سنڌي ۽ ميمڻ مارجي ويا ڪنهن کي به سزا نه لڳي. ساڳي وقت پهرين آڪٽوبر تي سوين بي گناهه سنڌي ماريا ويا انهن جا ڪيس الطاف، عشرت العباد، آفاق عامر خان ۽ ٻين تي داخل ٿيا کين به سزا نه ملي. الطاف صاف رستو ڏئي لنڊن موڪليو ويو، عشرت العباد 11 سالن کان گورنر آهي. آفاق ۽ عامر کي بعد ۾ فوجين جي ٽئنڪن تي چڙهي ڪراچي تي قبضو ڪيو هو. هاڻي فيصلو عوام ڪري ته قاتلن کي ڪيئن آجو ڇڏيو ويو ۽ رعايتون ملي رهيون آهن.
ٻنهي واقعن پٺيان سگهارا ادارا ملوث هئا. پنهنجي پسند جون رزلٽس ورتيون. اُهي ڪردار اڃا تائين محفوظ ۽ ڪنهن نه ڪنهن ڪرت سان لڳل آهن. اُن وقت جيئي سنڌ جي سمورن ڌڙن ۽ جي ايم سيد انهيءَ عمل جي نندا ڪئي هئي. اڄ 30 سيپٽمبر ۾ ملوث ڌاڙيل اڪثر مري چڪا آهن ۽ ڏوهن يا بيمارين سبب جڏهن ته ملوث ڄاڻايل شاگردن جي اڪثريت ڊاڪٽر قادر مگسي کي سندس پاليسين سبب الڳ ٿي چُڪا آهن.
چي گويرا ۽ مزاحمت ڪار نالي سان مشهور ڊاڪتر قادر مگسي ٻڌائي ته 1988 کانپوءِ هيل تائين ته هزارين سنڌي ماڻهو ماريا ويا آهن پر ان لاءِ مزاحمت ڪيڏانهن وئي. سندس پارٽي جو ڪارڪن محمد علي ڀٽي هڙتال دوران مارچ مهيني ۾ ايم ڪيو ايم هٿان مارجي ويو، پر سندس مزاحمتي پارٽي ته انهن خلاف نالي سان ايف آءِ آر به نه ڪٽرائي سگهي ۽ پاڻ ڪارڪن جي قتل تي 60 ڏينهن کانپوءِ تعزيت لاءِ پهتو. هاڻي عام ۽ خاص لاءِ 30 سيپٽمبر جو واقعو ڳجهو ناهي رهيو.
آگسٽ 1988ع ۾ يوٿ ڪنوينشن لاءِ آءٌ ماسڪو نمائندگي ڪرڻ لاءِ روانو ٿيس، ڪولمبو مان ويزا نه ملڻ ۽ اجلاس ملتوي ٿيڻ سبب واپس ٿيس. آءٌ جيئن ئي 17 آگسٽ تي ڪراچي ايئرپورٽ تي پهتس ته مونکي غير معمولي چرپر نظر آئي. سخت سيڪيورٽي ۽ فوجين جي حرڪت سمجهه ۾ نه پئي آيو پر ايئرپورٽ ۾ آفيسرن ۽ ماڻهن منجهه خوشي نظر پئي آئي هڪ سنڌي آفيسر کان پڇيم ته سائين خير ته آهي غير معمولي سرگرمي نظر پئي اچي. هن وراڻيو توهان کي خبر ناهي جنرل ضياءَ مارجي ويو. سندس جهاز بهاولپور ويجهو تباهه ٿي ويو آهي. سچ پچو ته ڏاڍي خوشي ٿي هئي.
هڪ آمر جنرل جنهن جمهوريت جو خاتمو آڻي ڀٽو کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاهي ڏني. نذير عباسي کي ٽارچر ذريعي شهيد ڪيو. ڪيئي نوجوان سوليءَ جا سينگار بڻيا. هزارين نوجوان قيد ڪيا ويا. موري، ميهڙ، سڪرنڊ، لاکات، دادو ۾ جمهوريت لاءِ جاکوڙيندڙن کي گولين سان پروڻ ڪيو ويو. خوشي ٿي ته ملڪ مان آمريت جي پاڙ پٽجي وئي. فوجي راڄ جو خاتمو ٿيڻ وارو هو. محڪوم قومن ۽ عوام کي ذلتن ۾ ڌڪيو ويو هو. عوام جي لازوال قربانين محڪوم قومن کي آجو ته نه ڪري سگهيون پر گهٽ ۾ گهٽ مارشل لا جي جبر ڪوڙا، ڦاهيون ۽ گوليون عوام جي حوصلي کي نه روڪي سگهيون مارشل لا ۽ آمرن خلاف نفرت ۾ شدت آئي ۽ نالي ماتر جمهوريت جي شروعات ٿي.
آڪٽوبر 1988ع ۾ ٻيهر پارٽي جي اڪثريتي ڌڙي پاران نوجوانن جي ڪانفرنس ۾ ماسڪو ويس. جڏهن ماسڪو پهتس ته مونسان گڏ سريلنڪا جا ٻه نوجوان به گڏ هئا. اسان کي ايئرپورٽ تان آڌرڀاءُ ڪري هڪ سٺي هوٽل ۾ رهايائون.
صبح سوير ڪريملن ويجهو گرائونڊ سان لڳ ڪامريڊ لينن جي مجسمي کي ڏسڻ لاءِ بس ۾ چڙهي پهتاسين. 10 منٽن ۾ مونکي 103 بخار ٿي ويو، سبب هو جو سخت سردي هئي ۽ مونکي صرف هڪ سوئيٽر هو.
مونکي جلدي ۾ هوٽل آندو ويو، علاج ٿيو گرمي ملي ٺيڪ ٿي ويس. مون ماسڪو ۾ پڙهندڙن نزهت هاڻي لنڊن ۾ آهي کي فون ڪيو هن سردي کان بچڻ لاءِ پورو بندوبست ڪيو رات دير تائين ڪچهري ٿيندي رهي. ٻئي ڏينهن سوچي روانا ٿياسين جيڪا بليڪ سي ڪارو سمنڊ ۽ ڪوهه ڪاف جبلن وٽ آهي.
ننڍي هوندي کان ڪوهه ڪاف جبلن ۽ اُتان جي پرين متعلق ڪهاڻيون ٻڌندا هئاسين. جبل ته اسان کان ڪجهه ميل پري هئا پر چانديءَ جيان چمڪندڙ خوبصورت ۽ ان ڏيهه ۾ خوبصورت عورتن جو نظارو پسي سگهيس منهنجي خيال ۾ پرين جي ڪهاڻي اُتان جي حسن ڪري مشهور هئي جيڪا پنهنجن نيڻن سان ڏسي سگهيس، جنهن طرف اک ٿي وئي سونهن ۽ ساوڪ هئي. سُوچي ۾ چار ڏينهن نوجوانن جي ڪانفرنس ٿي جيڪا دنيا ۾ نوجوانن جي تحريڪن ۽ ايندڙ فيسٽيول متعلق صلاح مشورا هئا. اهو سڄو بندوبست ڪومسومول ڪميونسٽ پارٽي جي نوجوانن جي تنظيم ڪيو هو.
آخري ڏينهن صبح سوير هڪ ناري منهنجو نالو کڻي سڏيندي رهي مون چيومانس خير ته آهي. چيائين سامان ٻڌ ايسٽ برلن (جرمني هلڻو آهي) مان ڏاڍو خوش ٿيس سوچي مان (يو ڪرين) اُڏام ڪري جرمني پهتس جتي پڻ نوجوانن جي ميلي ۽ ٻين سياسي معاملن تي بحث ٿيا. هتي مونکي پنجين نمبر تي تقرير ڪرائي وئي. ٻي عالمي جنگ دوران جڏهن جرمن هٽلر جي اڳواڻيءَ ۾ روس تي حملو ڪيو هو ته جواب ۾ شڪست جي شروعات ٿي ۽ دنگ اچي ايسٽ برلن ٿيو هو.
جرمني جو شهر برلن ٻن حصن م ديوار ڏئي ورهايو ويو. ايسٽ برلن کان ايسٽ يورپ جا ملڪ ڪميونزم جي اثر هيٺ اچي ويا، جڏهن ته ويسٽ برلن ويسٽ يورپ جي اثر ۾ هڪ ئي قوم جي عوام نظرئي جي بنيادن تي ورهاڱي کي نيٺ 90 جي ڏهاڪي ۾ ٽوڙيو ويو ۽ ديوار ٽوڙي وئي.
ڪانفرنس جي خاتمي کانپوءِ ماسڪو واپسي ٿي ۽ ڪجهه ساٿين ذريعي جيڪو سلواڪيه ۽ بلغاريا جو بندوبست ڪيو ويو. اهڙي ريت پهريان آءٌ چيڪو سلواڪيا پهتس جتي ڊي ايس ايف پشاور جا ساٿي موجود هئا.
پراگ شهر جيڪو انتهائي خوبصورت ۽ ترقي جي منزلن تي هو، هتي سڄي دنيا جا شاگرد تنظيم آءِ يو ايس ۽ انٽرنيشنل يونين آف اسٽوڊنٽس جي مرڪزي آفيس هئي، هتي مستقل طورمنگوليا، سويت يونين، انڊيا، آفريقا جون شاگرد تنظيمن جا نمائندا موجود رهندا هئا. هيءَ تنظيم عالمي ترقي پسند شاگرد تحريڪ کي سرگرم ۽ منظم ڪري رهي هئي.
هتي ڪجهه ڏينهن رهڻ کانپوءِ صوفيا روانو ٿيس. هتي مونکي ڊي ايس ايف سان لاڳاپيل ساٿي مليا. قادر بخش جتوئي جيڪو 3 آڪٽوبر ڄامشورو واري فوجين جي قتل ڪيس ۾ عمر قيد سزا کاڌل هو ۽ جهاز اغوا ڪيس ۾ افغانستان ۽ پوءِ بلغاريا پهتو هو. ڊاڪٽر اعزاز نذير جو پٽ حسن ناصر سندس ڀاءُ ۽ بلوچستان جا ساٿي مليا.
چئن ڏينهن دوران قادر بخش جو مونسان رهڻ ٿيو. سنڌ، سنڌ جي سياست متعلق طويل ڪچهريون ٿيون سخت پريشاني واري حالت ۾ رهندا هئا. ياد رهي ته سوشلسٽ ملڪن ۾ جيڪي ڪميونسٽ ڪارڪن تعليم حاصل ڪرڻ ويا هئا سي مشڪل ۾ هوندا هئا، کين ماني ڳڀو ملندو هو، هاسٽل، ڪتاب وغيره ڪو خاص معاوضو نه هئڻ ڪري سالن جا سال ڪرايو نه هئڻ ڪري پنهنجي ڏيهه نه اچي سگهندا هئا.
قادر جتوئي جو خيال هو ته هو سنڌ اچڻ چاهي ٿو. پ پ مدد ڪري. آخرڪار قادر بخش جتوئي پ پ جي 2008ع واري دور ۾ سنڌ آيو. مان بشير خان قريشي، ڊاڪٽر صفدر سرڪي کيس ايئرپورٽ تان وٺڻ وياسين. قادر بخش جتوئي ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪرندي سجدي ۾ ڪري پيو ۽ ڌرتي جي چيڪي مٽي کي چمندو رهيو، سندس اکين ۾ وطن سان محبت جو اظهار ٿي جهلڪيو ۽ پوءِ سڌو منهنجي گهر آياسين چانهه پيتي سين شهيد بشير خان به گڏ هو.
صوفيا جا تاريخي ماڳ ننڍا وڏا خوبصورت شهر ڪاليج يونيورسٽي ۾ پروفيسرن، شاگردن سان ملاقات ڪرائي وئي. هڪ ڪميونسٽ نوجوان کي زبردست موٽ پئي ملي، پاڪستان جي حالتن بابت بحث پئي ٿيا. انقلاب ۾ پورهيتن جي آزادي بابت پڇا ٿي ڪيائون. هڪ ڳالهه طئي هئي ته ايسٽ يورپ معاشي استحڪام نه ماڻي سگهيو هو. سڄي دنيا جي انقلابي تحريڪن جي مدد سبب بلغاريا کان واپسي تي آءٌ ماسڪو پهتس جتي پشتون شاگرد سان گڏ رهيس جنهن روسي ڇوڪري سان شادي ڪئي هئي. پاڪستان مان ويل اڪثر ڪامريڊ روس ۾ شاديون ڪندا هئا، پوءِ ڪي ڪامياب ٿيون ته وري ڪي ناڪام سوويت يونين جو معاشرو ڪافي آزاد هو. مان جڏهن نزهت وٽ منجهند جو ماني کائي رهيو هوس ته هڪ نوجوان روسي ڇوڪري آئي جنهن رشين ۾ ڪجهه ڳالهيو ۽ پوءِ ٽينگ ٽپا ڏئي ٻئي ٻکين پئجي ويون. مون نزهت کان پڇيو ته ڇا ماجرا آهي هن ٻڌايو ته هن منهنجي سهيلي پنهنجي مُڙس کان طلاق وٺي ٻئي بواءِ فرينڊ سان شادي پئي ڪري اُن سبب خوش آهي.
مون ماسڪو ۾ ميڪسم گورڪي اسٽريٽ گهمي مئلڪسم جي مجسمي وٽ بيهي کيس انقلابي جدوجهد ۾ ادبي خدمت تي کيس سلام ڪيو. گورڪي جو لکيل ناول ماءُ دنيا ۾ نوجوانن لاءِ مقبول ناول هو جنهن کي پڙهي سنڌ ۾ پڻ هزارين نوجوان ترقي پسند ۽ قومي تحريڪ جو حصو بڻيا.
ماسڪو کان وٺي بلغاريا چيڪو سلواڪيه جي عوام پنهنجي ٻولي کي ترجيح ڏئي ٿي. اڪثر ماڻهن کي انگريزي به ڪو نه اچي هن سڄي ڏيهه جا ماڻهو انتهائي خوبصورت مٺڙا ۽ بحث مباحثا ڪندڙ سڀني کان وڌيڪ جرمي جا ماڻهو مونکي سهڻا لڳا. هنن ماڻهن جو خيال هو ته برلن ديوار ٽٽڻ گهرجي. اسان جا راڄ برادريون ٻن حصن ۾ ورهائجي ويون آهن. ٻي عالمي جنگ جتي لکين ماڻهن جو ڪوس ڪيو، تباهي آندي اُتي هڪ ئي قوم ۾ نظرياتي بنيادن تي جبري طرح سان دوري به آندي، ٻن مهينن جي دوري کانپوءِ آءٌ ڪراچي ايئرپورٽ پهتس.
جولاءِ 1989ع ۾ هڪ وفد پ پ اڳواڻ پرويز شاهه جي قيادت ۾ ڪوريا فيسٽيول ڏانهن روانو ٿيو. اڳ ٻڌائي چُڪو آهيان ته جيسين سوويت يونين موجود هو، سوشلسٽ ملڪن جي مدد سان هر چوٿين سال ڪنهن نه ڪنهن ملڪ ۾ ”نوجوانن جو ميلو“ ٿيندو هو.
هن ڀيري پاڪستان ۾ ان جمهوريت پسند ۽ ترقي پسند گڏجي ميلي ۾ شريڪ ٿيا. سنڌ مان امر لعل، اظهر عباس، عُريب اظهر، ستار موريو، عمر موريو، رفيق انجنيئر، شاڪرشاهه شاهد، امير بخش عمراڻي، نادر شاهه مان پڻ شامل هئس. پ پ جي حرڪتن ڪري بي ايس او جا اڳواڻ شريڪ نه ٿي سگهيا. پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان مان وڏي انگ ۾ نوجوان گڏ هئا.
ڪراچي کان ماسڪو ۽ پوءِ پيانگ يانگ نارٿ ڪوريا پهتاسين. جتي هڪ نئون ڳوٺ ٻڌو ويو هو. رهائش جون سموريون سهولتون، راندين جا ميدان، هوٽل، ريسٽورنٽ سوئمنگ پول.
ميلي ۾ مختلف ملڪن جا 35 هزار نوجوان ۽ دانشور پهتا، عورتن جو به وڏو انگ هو، سعودي عرب جهڙي تنگ نظر ملڪ مان به ڪميونسٽ فڪر جا نوجوان پهتا هئا. هر رخ کان شاندار انتظام هئا. هڪ هنڌ صحافي تعريف ۽ سوال ٿي پڇيا ته مون ۽ ستار موريو چيو ته اسين سنڌ مان آيا آهيون ته رفيق انجنيئر وڏو گوڙ ڪيو پاڪستان جو نالو ڇو نٿا کڻو.
افغان انقلاب سان يڪجهتي طور هڪ وڏي ريلي نڪتي، اُن ۾ پنهنجي وفد پاران مون نمائندگي ڪئي. جڏهن مون افغان انقلاب جي حمايت ۽ پاڪستان اندران انقلاب مخالف قوتن جي مدد جي مخالفت ڪئي ته زبردست موٽ ملي پر شام جو پاڪستاني ڊيليگٽ گڏجاڻي ۾ پنجاب جي نمائندن سخت مخالفت ڪئي ۽ مون تي پابندي لڳي ته ڪنهن به سياسي بحث ۽ ڪانفرنس ۾ نمائندگي نه ڪندس. پاڪستان جو وفد شام جو شراب جي محفلن ۽ ڊانس پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندا هئا، اڪثر ميمبر ته سياسي عمل کان ڪونهين ڏور هئا.
بنيادي طرح سان ڪميونسٽ ملڪن جي خواهش هئي ته دنيا جا ترقي پسند، جمهوريت پسند ۽ انساني حقن جون تنظيمون گڏجي ويهن. گڏيل بحث مباحثا ٿين دنيا ۾ ڇا وهي واپري پيو ڪا مستقبل جي باري ۾ سياسي پاليسي جوڙي سگهجي. اهڙي ريت نظرياتي طرح سان ڪميٽڊ ڪارڪن ته فائدو ورتو باقي ڇڙواڳ ماڻهو مزو وٺندا رهيا.
ڪميونسٽ پارٽي جي ٽٽڻ جو افواهه عام ٿي چڪا هئا. هندستان جي ساٿين اسان سان گڏجاڻيون ڪيون ته ڇا صورتحال آهي، کين پنهنجو نقطي نظر ٻڌايوسين. انهن جو خيال هو ته پاڪستان جي ڪميونست تحريڪ ڪرپشن ۽ موقعي پرستي جي ور چڙهي وئي آهي ۽ انهن جو مقامي عوامي مسئلن ۽ قومي حقن مطلق چٽا نه آهن.
مئٽرڪ پاس نوجوان يُون اسان جي وفد جي هوسٽ هئي ان سان منهنجي ڪافي ويجهڙائپ ٿي. هر ڪوريا جي مرد ۽ عورت جي سيني تي ڪم ال سنگ جي تصوير لڳل هئي. ڪم ال سنگ هاري جو پٽ هو، درياهه جي ڪناري سندس ڳوٺ جو دورو ڪرايو ويو. ڪوريائي ماڻهو ڊسپلن ۾ هئا. پورهيو ڪندڙ ۽ انقلابي جذبي سان سرشار هئا. مون ذاتي طرح سان ڪافي سکيو. دنيا جي وفدن ۾ ذميواري جو احساس، وقت جي پابندي، بحثن ۾ حصو وٺڻ روز جو معمول هو. جڏهن اسين واپس ٿياسين جهاز ۾ سوار ٿيڻ وقت ته اظهر عباس مونکي چيو ته هوڏانهن ڏس مون ڪنڌ ڦيرايو ته يُون جي اکين ۾ لُڙڪ هئا، پنهنجائپ جا، پيار جا.
ايسٽ يورپ جي دوري کانپوءِ ڪميونسٽ پارٽي جي مڪمل طرح سان ٽوڙ ڦوڙ جي ڪري مايوسي انتها تي پهتي. ڪوشش ڪيم ته نوڪري ڳوليان سيڪريٽريٽ آيس ته پ پ اڳواڻ اڪبر جمالي مليو، جنهن چيو ته اوهان جي گهرواري لاءِ ماستري جو آرڊر مليو آهي. مان واپس ڳوٺ آيس وائيف جي جوائننگ ڪرائي سنڌ يونيورسٽي آيس جتي ايم اي جا کوڙ سارا رهيل پيپر ڏيڻ لاءِ پڙهائي ڪيم امتحان ڏنم. 30 سيپٽمبر کان گهڻو اڳ هڪ رات ڊاڪٽر قادر مگسي سان عزيز ڪينجهرائي هاڻي عوامي جمهوري پارٽي اڳواڻ، طالب لاشاري هاڻي پ پ جو همدرد ۽ مان ايل ايم سي هاسٽل ۾ سڄي رات ڪچهري ٿي هئي. ڊاڪٽر سان بحث ۾ قومي ۽ طبقاتي جدوجهد تي ڳالهيون ٿيون ڪنهن حد تائين مطمئن ٿيا هئاسين.
سنڌي، مهاجر فسادن جي اندروني ڪهاڻي جي خبر نه هئڻ ڪري شعور جي بلندي کان محروم هئڻ ڪري ۽ قومپرست سياست جو مون مٿان حاوي هئڻ ڪري ۽ قومپرست سياست جو مون مٿان حاوي هئڻ سبب ۽ واندڪائي گڏجي مونکي ڊاڪٽر قادر مگسي وارن ڏانهن ڇڪي وئي. منهنجي ”ترقي پسند ونگ“ ۾ شموليت لاءِ پهرين گڏجاڻي يونيورسٽي جي ڪالوني ۾ آصف بالاديءَ ۽ منور لغاري سان ٿي. تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻئي همراهه نظرياتي طرح سان پختا، ڏاها ۽ سرگرم ڪردار هئا. مون کين چيو ته مان اڪيلو اوهان کي جوائن ڪندس. تنهن تي هو سهمت ٿيا ۽ ڊاڪٽر قادر مگسي سان ملاقات لاءِ پڻ چيو ويو.
30 سيپٽمبر جي واقعي ۽ جي ايم سيد کان الڳ ٿي قومي، طبقاتي ۽ مزاحمتي جدوجهد جو فڪر کڻي ميدان تي عملي طرح سان لٿل قوت کي وڏي موٽ ملي، تمام گهڻا، ننڍا وڏا گروپ، شخصيتون شامل ٿيڻ شروع ٿي ويون. هڪ ننڍڙو گروپ ڏسندي ڏسندي سنڌ جي وڏي قوت بڻجي ويو.
وطن دوست انقلابي پارٽي، سنڌ دوست، ڪميونسٽ پارٽي، اهم شخصيتون، پير بخش لاڙڪ، خاڪي جويو، حسن سمون، پنهل ساريو، ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻو، استاد الهرکيو خاصخيلي، زين شاهه، منير شاهه انتظار ڇلگري ۽ ٻيا کوڙ سارا دوست. منهنجي ٻي ملاقات ڀٽائي ڪالوني قاسم آباد ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي سان ٿي هو ڪافي متحرڪ ۽ پُراميد ڪردار طور نظر آيو ۽ چيائين ته بس ڪم سان لڳي وڃو، سڄي سنڌ پاڻ سان گڏ آهي.
هاڻي آءٌ ترقي پسند ونگ جو عملي طور حصو بڻجي ويس. منهنجي ٽين ملاقات هلندي ٿي. جڏهن مان ۽ حيدر شاهاڻي سنڌ جي دوري تي وڃي رهيا هئاسين. هالا ڀرسان ٻي گاڏي ۾ ڊائيونگ ڪندي قادر مگسي ۽ منور لغاري مليا. گاڏي ۾ ويٺي عليڪ سليڪ ڪئي سين. ننڍي ڏاڙهي، فلسطيني رومال مٿي سان ٻڌل ڊرائيونگ ڪري رهيو هو. حسب معمول وڏا ٽهڪ، جيڪي اڪثر ڪاميابين جي نشاني هجن ٿا، پر ڪڏهن مايوسين کي به نروار ڪندا آهن.
30 سيپٽمبر جي روپوشي گهڻائي بچيل ڪارڪن ۽ اڳواڻ سرگرمي ڪرڻ لڳا. جڏهن ته وڏو انگ گرفتار ٿي چڪو هو. جيلن ۾ تڪليفون صحيح رهيا هئا. بُک هڙتالون، احتجاج جاري هئا. هاڻي هن ڌارا جو اثر تيزيءَ سان وڌي رهيو هو. سڄي سنڌ ۾ احتجاج ٿي رهيا هئا. ڊاڪٽر دودو مهيري مُک ڪردار طور سامهون هو. هو 30 سيپٽمبر جي ڪيس ۾ ڄاڻايل نه هو. هن هڪ گهڙي به آرام نه ڪيو. وسيلا نه هئڻ ڪري دوستن جي گاڏين ۽ بسن جي ڇتين تي سفرڪري سنڌ ۾ تنظيم ڪاري ۽ ساٿين جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪري رهيو هو ۽ پوءِ ڊاڪٽر قادر مگسي گرفتار ٿيو. ڪيئن ٿيو اُن لاءِ مختلف سوال ۽ انومان آهن.

ترقي پسند سياست ۾

ترقي پسند سياست ۾


1990ع جي شروع ۾ منهنجي سياسي سرگرمي قومپرست طور شروع ٿي. سنڌ يونيورسٽي ۾ جيئي سنڌ ترقي پسند ونگ جي شاگرد ونگ جستاف سان سرگرمين جو آغار ٿيو. اپريل جي شروع ۾ ڳوٺ وڃڻ ٿيو، اُتي ساٿين ٻڌايو ته هر سال جيان هن ڀيري به پنجاب جا شاگرد هتي امتحان ڏيڻ آيا آهن. اسڪول ۽ ڪاليجن جا استاد انتظاميا ڳرين رشوتن عيوض کين غيرقانوني ۽ سنڌ دشمن عمل ۾ ساڻن گڏ هئا. مقامي چوڌري رينجرز ۽ پوليس کاتو به انهن جي سهڪار ۾ هئا. بنيادي طرح سان ڪافي سالن اڳ پنجاب جا شاگرد سنڌ مان مئٽرڪ امتحان پاس ڪري سنڌ جو ڊوميسائيل ٺهرائي سنڌ جي ڪوٽا تي وڏيون نوڪريون ۽ ڪميشن امتحانن ۾ سنڌين جي حقن تي راتاها هڻندا رهيا آهن. اسين ڪجهه نوجوان گڏجي انهن جي مدد ڪندڙ ڌرين سان ڳالهائڻ وياسين ته جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ سبب هڪ همراهه مارجي ويو. اُها ايف آءِ آر چوڌرين نالي سان مون خلاف ڪٽرائي. ردعمل ۾ پنجابي ۽ پناهگيرن گڏجي شهر ۾ هنگامو ڪيو منهنجي گهر مٿان فائرنگ ڪئي. منهنجي چاچي۽ وڏي ڀاءُ کي لاڪپ ڪيو ويو. مان حيدرآباد پهتس جتي منهنجي ملاقات ڊاڪٽر قادر مگسي سان عاقل پلازا ۾ ٿي کوڙ سارا ساٿي آيا ۽ ويا ٿي ڪچهريون پئي هليون ڊاڪٽر مونکي چيو ته ڇا اوهان پنهنجي والد جو پلاند ورتو آهي. ڇاڪاڻ جو جيڪو مري ويوهو سو بلوچ سڏائيندو هو. مون وراڻيون نه هي پناهگير آهن ۽ پاڻ کي راجپوت بلوچ سڏائيندا آهن. غالباً اپريل مهيني جي پڇاڙيءَ ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي سان ٻي ملاقات سنڌ يونيورسٽي جي هڪ اُجڙيل بنگلي۾ ٿي جنهن ۾ مان نثار ابڙو هاڻي فنڪشنل ليگ ۾ آهي. گلزار سومرو ۽ جاني چنا هئاسين ڪافي ڪچهري ٿي، مون کي ۽ نثار ابڙو کي اتر سنڌ جو دورو ڪرڻ لاءِ چيوويو. اسين جيئن ئي گمبٽ پهتاسين ته خبر ملي ته ڊاڪٽر قادر مگسي گرفتار ٿي ويو آهي.
ڊاڪٽر دودي ٽن ڏينهن جي هڙتال جو اعلان ڪيو. سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي. پ پ جي سرڪار هئي اعتزار احسن هوم منسٽر هو، تنهن عوام جي دٻاءَ ۽ پنجاب جا رستا بند هئڻ ڪري ڊاڪٽر جي گرفتاري ظاهر ڪئي. کيس جيل موڪليو ويو. ڊاڪٽر قادر مگسي ڊاڪٽر همايون قاضي گلسان سجاد مان گڏ گرفتار ٿيا. سندن چوڻ موجب رينجرز گرفتار ڪري ڪينٽومينٽ ۾ آندو ويو. مٿن تشدد ٿيو، منهنجي ڄاڻ موجب هي پهريون ڪيس آهي جيڪو اڍائي سئو ماڻهن جي قتل ۾ روپوش ۽ حيدرآباد ۾ اُن وقت ۾ وڙهندڙ شخص ٽن ڏينهن اندر جيل حوالي ٿيو. عوام جي سگهه هئي يا ڪو ٻيو سبب! ڪجهه عرصي کانپءِ کيس وري سي آءِ سينٽر ڪراچي ۾ کڻي آيا. سنڌ ۾ ڌماڪا ٿيا. ريل گاڏين ۾ شهرن ۾ ۽ وري جلد کيس جيل پهچايو ويو. هوڏانهن منهنجن مائٽن کي غيرقانوني طور لاڪپ ۾ رکڻ خلاف منهنجي گهرواري نازنين گهر جون ٻيون عورتون عورت ڪارڪن پارٽي ورڪرن جو وڏو انگ ٿاڻي جو گهيرو ڪري ويهي رهيا، ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ همراهن کي آزاد ڪيو ويو.
1990ع آڪٽوبر مهيني ۾ پ پ جي حڪومت ڊهي چُڪي جيڪا صرف 20 مهينا هلي. 11 سال ضياءُالحق جي مارشل لا ۽ جبر کانپوءِ چونڊون ٿيون هيون. پ پ اقتدار ماڻيو. نوازشريف ۽ صدر اسحاق جيڪو بيوروڪريٽ رهيو هو. اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي چونڊي حڪومت ختم ڪري نين چونڊن جو اعلان ڪيو ويو. ان دوران ٻاهر رهيل ساٿي ڊاڪٽر دودو مهيري، حسين بخش ٿيٻو، ڊاڪٽر رحيم سولنگي ۽ ٻين جو خيال هو ته پارٽي جوڙجي ڊاڪٽر سان خطن ذريعي ۽ ملاقاتن ذريعي صلاح مشوري کانپوءِ جيئي سنڌ ترقي پسند پارٽي جو بنياد پيو.
پارٽي طئي ڪيو ته چونڊن ۾ حصو وٺڻو آهي، ڪجهه ساٿين جيل مان فارم ڀريا جيئن ڊاڪٽر حميد ميمڻ ۽ ٻين مان پڻ پنهنجي ڳوٺ واري تڪ تي بيٺو هوس. منهنجي مقابلي ۾ پ پ جي هاڻوڪي کٽيل سليم جلباڻي جو چاچو. احمد علي جلباڻي نوازشريف جو نمائندو هو ۽ کيس وڏي سرڪار کٽرايو هو. مزي جي ڳالهه اهو همراهه اُن کانپوءِ ٻه ڀيرا وري به پ پ جو ايم پي اي ٿيو. هاڻي سندس ڀائٽيو ايم پي اي آهي. وسيلن جي کوٽ سبب ۽ عوام ۾ رسائي نه هجڻ ڪري کٽي ته نه گهيس صرف 2800 ووٽ کنيم. ياد رهي ته صرف 30 سيڪڙو علائقي ۾ ورڪ ڪري سگهيس.
ان کان اڳ ۾ چونڊن ۾ بيهڻ جو موقعو وٺي سيشن ڪورٽ مان علي احمد ڏاهري وڪيل ضمانت ڪرائي هئي جيڪو ڪجه عرصو اڳ پنهنجي معصوم پوٽي سميت ذاتي دشمنن هٿان ماريو ويو. ڏاهري صاحب انتهائي لائق، محبتي ۽ مددگار شخص هو. اهو ٻڌائيندو هلان ته مونکان هڪ رپيو به فيس نه ورتائين پر جڏهن ڪيس ختم ٿيڻو هو جج تيزيءَ سان ڪيس جا شاهد اُڪلائي رهيو هو ته هڪ مرحلي تي مونکي پنج هزار گهربل هئا. ڊاڪٽر صاحب آزاد ٿي چڪو هو. ڊاڪٽر سومار خزانچي کي مونکي پنج هزار ڏيڻ لاءِ چيو مان پارٽي جو ڪُل وقتي ڪارڪن هوس. اڍائي هزار مهيني ۾ ملندا هئا، جنهن مان گهر به هلندو هو صرف اڍائي هزار وڌيڪ ٿي گهريم، سج لهي ويو ڊاڪٽر سومار ٽي هزار ڏنا مون چيومانس ته يار ضرورت آهي. ڊاڪٽر صاحب به چيو اٿوَ ٺپ جواب ڏنائين منهنجي انا جاڳي پئي ناانصافي ٿي سمجهيم بي عزتي برداشت نه ٿي، سوچيم ته پئسا ته پارٽي جا آهن هي پنهنجي گهران ته نه پيو ڏئي. پوءِ سمجهيم ته سنڌ جي ڪُل وقتي ڪارڪنن سان ايئن ٿيندو آهي، مون کيس ٽي هزار واپس ڪيا ۽ اُن ڏينهن کان آخر تائين پارٽيءَ کان پئسا نه ورتم.
اهو به ٻڌائيندو هلان ته ڊاڪٽر صاحب جيل مان سينٽرل ڪميٽي کي خطن ذريعي چوندو رهيو ته اوهين نوڪريون ڇڏيو ڪُل وقتي ڪم ڪريو پارٽي مدد ڪندي. اُن وقت دلشاد ڀٽو سينيئر، استاد الهه رکيو خاصخيلي، پير جلال، سحر رضوي، هوت خان گاڏهي ۽ ٻيا دوست نوڪرين ۾ هئا پر ڪنهن به همت نه ڪئي ۽ ڊاڪٽر جي راءِ کي اهميت نه ڏني. اڄ انهن جي اڪثريت پارٽي ۾ ناهي ۽ خوش آهن ته تباهه ٿي وڃون ها جيڪر نوڪري ڇڏيون ها.

1990ع کان 1994ع جو حال احوال:

1990ع کان 1994ع جو حال احوال:
1990ع ۾ جستاف جون مرڪزي چونڊون مهراڻ يونيورسٽي ۾ ٿيون ظاهري طور هڪ تنظيم جي چونڊ هئي پر عملي طرح سان ٻن گروپن وچ ۾ مقابلو هو. حيدر شاهاڻي چيئرمين ۽ مان جنرل سيڪريٽري جو اميدوار هئس جڏهن ته مقابلي ۾ شفيع برفت منهنجي مقابلي ۾ هو، منهنجي هن سياست ۾ نئين انٽري هئڻ ڪري اڪثريت نوجوانن جي مونکي حمايت نه ملي نتيجي ۾ مان هارائي ويس شاهاڻي صدر، مير عالم مري نائب صدر، ۽ شفيع برفت جنرل سيڪريٽري ٿيو. سياسي حڪمت عملين ۾ اختلاف هئڻ سبب هي چونڊ گهڻو وقت نه هلي سگهي، ڇاڪاڻ جو مير عالم وارا دوست ڊاڪٽر قادر مگسي سان کوڙ معاملن تي اختلاف رکندا هئا. مثال طور شخصيت پرستي 30 سيپٽمبر جو واقعو ڪجهه عرصي ۾ ئي اسان واري گروپ اهڙيون حالتون پئدا ڪيون جو هو الڳ ٿي ويا. ۽ مان جنرل سيڪريٽري بڻجي ويس. هاڻي واضح طور تي ايس ٽي پي جو نقطي نظر ٿي هليو. جيل مان آيل خطن جي روشني ۾ بحث ٿيندا هئا ۽ انهن تي ئي عمل ٿيندو هو. هڪ سال گذرڻ کانپوءِ ٻيهر چونڊ ٿيڻي هئي. سن ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ خط جي روشني ۾ طئي ٿيو ته مان صدر ٿيندس ۽ پوءِ ٻيا ساٿي چونڊيا ويندا. ان اجلاس ۾ حيدر شاهاڻي، ٿيٻو صاحب، نواب لغاري ۽ ٻيا هئا، پر جڏهن زرعي يونيورسٽي ۾ چونڊون ٿيون حيدر شاهاڻي جي صدارت ۾ ته ٽي پئنل بيهي رهيا. هڪ ۾آءٌ ۽ ٻيو نواب لغاري ۽ نثار ابڙو ۽ ٽيون ياسين چاچڙ نتيجي ۾ نواب لغاري کٽي ويو. پارٽي ڊسپلين ٽوڙيائين جيل مان ڀڳل هو. پاپولر هو، حيدر شاهاڻي جو اثر نه هلي سگهيو ۽ پوءِ اهڙي طريقي سان ڪجهه مهينن ۾ نواب لغاري جي باڊي ڊاڪٽر قادر مگسي ٽوڙي ڇڏي.
دراصل 30 سيپٽمبر جي واقعي کانپوءِ تعليمي ادارن جا نوجوان ڊاڪٽر قادر مگسي کي هيرو پئي سمجهيو ۽ شامل ٿيندا رهيا. شخصيت پرستي جو سحرسڀني تي طاري هو. مان ته ڇا پر نظرياتي بنيادن تي جُڙيل کوڙ سارين تنظيمن جا وجود ختم ڪري ايس ٽي پي ۾ شامل ٿيا. شاگرد تنظيم کي نظرياتي بنيادن تي منظم نه ڪرڻ شوباز، ڇڙواڳ عمليت پسند نه هئڻ ڪري جستاف ۽ پوءِ ستاف تعليمي ادارن مان ڌم ٽوڙي وئي ۽ خاص ڪري اُن واقعي کانپوءِ جڏهن اسد شاهه مرحوم جي اڳواڻيءَ ۾ مرڪزي آرگنائزنگ ڪميٽي هئي. معمولي ڳالهه تان شهيد ڀهٽو جي ٻن ڪارڪنن کي ننڊ پيل ڪارڪنن تي فائرنگ ڪري ماري وڌو، جنهن تي سنڌ ۾ وڏي نندا ٿي، پر ايس ٽي پي جي مزاحمت ۽ سنڌين کي تحفظ واري نعري سبب سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن ٽياڪڙي ڪئي. ايس ٽي پي وارن معافي ورتي ۽ ڪيس ختم ٿيو، وري ڪجهه عرصي کانپوءِ ايل ايم سي ۾ شاگردن جي جهيڙي ۾ شهيد ڀٽو جو اڳواڻ مارجي ويو، اُن ۾ به ستاف ملوث ٿي. بدنامي پٺيان بدنامي ڪارڻ اڄ ستاف سنڌ جي تعليمي ادارن مان گم ٿي وئي آهي جيڪا نرسري هوندي هئي جيڪي نوجوان سنڌ جي قومي تحريڪ جي رهنمائي ڪندا آهن. پڙهيل نوجوان قومي تحريڪ جي اڳواڻي ڪري منزل ڏانهن ۽ شعوري جنگ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن، اُتان ايس ٽي پي کي پڙهيل ورڪر ملڻ بند ٿي ويا ۽ ستاف تعليمي ادارن ۾ ۽ قومي تحريڪ ۾ پنهنجو گهربل ڪردار ادا نه ڪري سگهي.
اُن باوجود ڊاڪٽر دودو مهيري جي اڳواڻيءَ ۾ ايس ٽي پي سنڌ ۾ وڏي تنظيم ٿي اُڀري. مون اڳ به لکيو آهي ته ترقي پسند قومي ڪارڪن ۽ روشن خيالن اديب، دانشورن ۽ صحافين جو لاڙو ٿيو. سنڌ ۾ دودي مهيري جي سرگرمي ڳوٺ ڳوٺ ۾ عوام جي شرڪت سبب وڏو اتساهه ملي رهيو هو. ليڊر شپ ۽ ڪارڪنن ۾ تمام گهڻو جذبو هو. مونکي ياد آهي قاضي احمد، نوابشاهه، شهدادپور، دادو ۾ وڏا جلسا ٿيا. قادر مگسي جي جيل وڃڻ سبب سڄو بار عوامي سجاڳي ۽ تنظيم ڪاري جو ڊاڪٽر دودي مهيري تي هو.
اهو ٻڌائيندو هلان ته سنڌي پناهگيرن جي جهيڙي دوران سنڌ جي قومي تحريڪ تعليمي ادارن تائين محدود هئي. ايس ٽي پي ٺهڻ کانپوءِ ٻاهر رهيل قيادت اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ قومي تحريڪ کي تعليمي ادارن مان ڪڍي عوام تائين پهچايو ۽ عوام جي طعنن کان بچياسين ته اوهين جيئي سنڌ وارا صرف تعليمي ادارن ۾ آهيو. ان دوران ايس ٽي پي ٻه وڏا عوامي جلسا ڪيا جنهن سماج تي سٺا اثر وڌا.
1990ع جي سيپٽمبر مهيني ۾ ڀٽ شاهه تي تاريخي جلسو ٿيو. وڏي انگ ۾ عوام جي شرڪت رهي ۽ پوءِ 1992ع جي آڪٽوبر مهيني ۾ نشترپارڪ ڪراچيءَ ۾ پڻ تاريخي جلسو ٿيو، جنهن ۾ پي ٽي وي جي ڪريم بلوچ مرحوم ۽ ٻين اديبن دانشورن پڻ شرڪت ڪئي. ڄڻ ته سمنڊ اُٿلي پيوهو. اڪيلي سر نشتر پارڪ ڀرڻ معمولي ڳالهه نه هئي پر جڏهن پونم قومپرستن جو اتحاد ٺهيو هو اُن نشترپارڪ ۾ جلسو ڪيو غالباً 2005ع ۾ ايس ٽي پي جي شرڪت سون ۾ هئي. مينگل، اچڪزئي، جلال شاهه ۽ ڊاڪٽر قادر مگسي نشتر پارڪ نه ڀري سگهيا. سبب هي هو ته ويڙهه دوران سنڌ جي عوام ۾ غصوهو. ذهني طرح سان هو ڊاڪٽر قادر مگسي جي سياست بيهي رهيا، پر جڏهن نارمل حالتون ٿيون عوام جي غصي کي تنظيم ۾ شامل نه ڪيو ويو، شخصيت پرستي ۽ غلط رجحانن جنم ورتو عوام جي خواهشن جي ابتڙ مزاج سامهون آيو ته عوام منهن ڦيري ڇڏيو. ٽن ڏينهن جي تاريخي هڙتال، عوام جي محبتن کي ۽ معروضي حالتن کي سمجهڻ بجاءِ وڏيرڪو انداز، پيجرو ڪلچر سامهون اچڻ ڪري ماڻهن ۾ بيزاري آئي.
نومبر 1992ع ۾ ڊاڪٽر دودو مهيري نجي جيلن مان آزاد ٿيل هارين جي ڪئمپ جيڪا ٽنڊوالهيار ۾ هئي اُتان ايجنسين هٿان گرفتار ٿي ويو.
ايس ٽي پي جو هي وڏو ڪارنامو هو جو صدين کان سنڌ جي جاگيردارن وٽ پنهنجا قيد خانا هئا، اُهي هارين ۽ هارياڻين کي قيد رکندا هئا. کين جبري پورهيو ورتو ويندو هو. جابر وڏيرن جا جيل ٽوڙيا ويا مسڪين پورهيتن کي آزاد ڪرايو ويو ۽ پوءِ انساني حقن جي تنظيمن پڻ مُک ڪردار ادا ڪيو ۽ اهڙي ريت غلام بنايل هاري آهستي اهستي آزاد ٿيڻ لڳا. ايس ٽي پي قاسم آباد ڀرسان درياهه جي بند جي پاسي ۾ قادر ننگر ڳوٺ جوڙيو جتي صرف نجي جيلن مان آزاد ٿي آيل هاري رهي سگهيا ٿي، پر افسوس وقت گذرڻ کانپوءِ سياسي ۽ نظرياتي فڪر ۾ تبديلي اچڻ ڪري تبديلي اچي وئي زمين جي قيمت ۾ اضافو ٿيو. ڪو به باشعور سنڌي قادر ننگر وڃي پنهنجي اکين سان مشاهدو ڪري کين خبر پئجي ويندي ت هاڻي انهن پٽن تي غلامي مان آجا ٿيل هاري گهڻا آهن يا ٻيا؟
1992ع ۾ مونکي پارٽي پاران نياپو مليو ته اوهان ڪراچي وڃي رهو ۽ ڊاڪٽر قادر مگسي جي ڪيسن کي ڏسو، منهنجي ڪُل وقتي سرگرمي به شروع ٿي. فيملي کي دوڙ ڇڏي ڪراچي آيس ڊاڪٽر قادر مگسي سان لانڍي جيل ۾ ملاقات ٿي جنهن چيو ته اوهين الهه بچايو سومرو وڪيل جي نالي سان مونسان ملو ۽ تاريخين تي اچو مون مارڪيٽ ۾ وڪيلن وارا ڪپڙا خريد ڪيا، جيل وڃڻ لڳس هڪ ڀيرو اچانڪ جيل سپرينڊنٽ قمر شاهه چيو ته ڇا حال آهن، مون وراڻيو ٺيڪ آهيان منهنجو چهرو زرد ٿي ويو. هن چيو تعرف ڪرايو مان الهه بچايو سومرو آهيان هو کليو، اسان ٻنهي هڪ ٻئي کي سُڃاڻي ورتو هو. ڇاڪاڻ جو مان ايم آر ڊي تحريڪ ۾ قيدي هئس ۽ هي جيلر هو. بهرحال شايد جيلر خيرخواهه هو تنهن چيو ته اوهين گهٽ اچو. اهڙي ريت ملاقاتون، ڪيس بابت ڄاڻ، خط پهچائڻ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جهڙا معاملا هلندا رهيا.
مان ڪراچي ۾ دوستن اقبال چنا، حاجن ڏيرو وارن وٽ رهندو هوس ته اچانڪ ڊاڪٽر گهنشام پرڪاش به ڪراچي رهڻ لڳو ۽ گڏجي ملير ۾ رهياسين، تمام ٿورو عرصو گڏ رهياسين پوءِ هڪ ڏينهن ڊاڪٽر گهنشام پنهنجو سامان کڻي روانو ٿيو.
مونکي حيراني ته ڇا ٿي ويو ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڊاڪٽر گهنشام سينٽرل جيل ڪراچي ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي جي ملاقات تي آيو ۽ واپسي ۾ جيل گيٽ تان کڄي ويو، کيس ايجنسيون ڇهن مهينن تائين قيد رکيو. مان پارٽي پاران پٽيشنز ٿيس ڪيس هليو هڪ ڀيري هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي کانپوءِ ايجنسين مونکي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي پر مجيب پيرزادو وڪيل جي مداخلت ۽ مدد ڪري آءٌ بچي ويس. انهيءَ دور ۾ ۾ قومپرست اڳواڻ عبدالواحد آريسر، شهيد ڀٽو اڳواڻ مصطفيٰ ڪوارئي سميت کوڙ سارا قومي ڪارڪن گم ڪيا ويا هئا ۽ پوءِ آهستي آهستي کين آزاد ڪيو ويو. ڊاڪٽر گهنشام آزاد ٿيڻ کانپوءِ ترقي پسند هائوس حيدراباد آيو جتي پريس ڪانفرنس ۾ پارٽي جي بنيادي ميمبر شپ تان استعيفا ڏنائين.
کيس جو چوڻ هو ته هن کي ڳجهن ادارن خبردار ڪيو آهي ته سياست ڀلي ڪر، ساڳي ڪر، آزادي جا نعرا به هڻ پر ڪم اسان لاءِ ڪندين نه ته پوءِ ملڪ ڇڏي وڃ اڃا به ضد تي رهندين ته پوءِ هميشه لاءِ جيل ۾ رهندين، يا ماريو ويندين. ڊاڪٽر چيو ته دلالي ڪرڻ کان بهتر آهي ته ملڪ ڇڏي وڃان ۽ پوءِ هو هندستان هليو ويو.
ڪراچي ۾ پارٽي جي تنظيم نه هئڻ برابر هئي مونکي چيو ويو ته هاڻي تون ڪراچيءَ ۾ سياست ڪر پهريون گڏجاڻي ۾ صرف 7 ڪارڪن شريڪ ٿيا. ڊپ به هو، اميد به ختم ٿي چڪي هئي. حادثاتي پاپولرٽي جو دور به پڄاڻي تي پهتو هو. 1993ع ۾ شانگي ننگر ۾ ترقي پسند هائوس کوليوسين ۽ قاسم چانڊيو ان جو انچارج هو. سرگرمي شروع ڪئيسين وسيلا نه هئڻ ڪري پيرين پنڌ ۽ بسن ۾ چڙهي لياري کان منگهوپير ۽ ملير تائين دوستن تنظيم سازي ڪئي. ان وقت ماما رحيم نوڪري ۾ هليو ويو. ڪجهه ٻيا ساٿي نوڪري ۾ ۽ ڪجهه ڪناراڪشي ڪرڻ لڳا. جيڪي به ساٿي ڪم ۾ هئاسين انتهائي ڪمٽمنٽ سان رهياسين ڏينهن رات سرگرم هئاسين.
1993ع ۾ جيل جي معاملن تان 30 سيپٽمبر جي اسيرن بشمول ڊاڪٽر قادر مگسي جي بک هڙتال ڪئي. ڊاڪٽر رحيم ۽ مان مجيب وڪيل سان ملياسين پٽيشن وڌيسين قيدين تي رٽائرڊ آرمي آفيسر سختي ڪئي هئي. ٻڌڻ ۾ آيو ته اُن آفيسر ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ ساٿين کي بک هڙتال ختم ڪرڻ جو چيو انهن جواب ڏنو ۽ هن کولي کان ٻاهر پيل پاڻي جو مٽ به ڀڃي ڇڏيو ۽ چيائين ته مان توکي مارڻ آيو آهيان، ٻڌڻ ۾ آيو ته ڊاڪٽر وارن حڪمت عملي تحت پوءِ 24 ڪلاڪن اندر بک هڙتال ختم ڪئي، ٻئي ڏينهن اسين مجيب وڪيل جي آفيس ۾ انتظار پئي ڪيو ته هُن اچڻ سان چيو اوهان هليا وڃو آءٌ جيل کان پيو اچان. سپرينڊنٽ بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو آهي. سياسي اسير بند وارڊ مان ٻاهر نڪتا، بک هڙتال ختم ٿي. تاريخ ۾ اهو واقعو اڃا تائين ظاهر نه ٿيو ته اُن پٺيان ڪير هو، ايڏي وڏي ٽيڪنالاجي ڪنهن وٽ هئي، ڪهڙي سبب جيل سپرينٽنڊنٽ ڊائري ۾ رکيل بم ذريعي ماريو ويو، ڪنهن به ذميواري قبول نه ڪئي.
1993ع ۽ 94 جا سال سياسي طرح سان ڪافي سست رهيا. ڪراچي ۾ پهرين آڪٽوبر جي شهيدن جي ورسي ملهائيسين سڄي ڪراچي مان 100 ڪارڪن گڏ ٿي سگهيا. اُن سال ورلڊ سنڌي ڪانگريس جو صدر هاليپوٽو صاحب آيو جنهن کي شانتي نگر ۾ آجياڻو ڏنوسين.
قيادت جي گرفتاري ۽ روپوشي سبب ڪم ۾ خلل هو. پر ڊاڪٽر رحيم سولنگي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. پنهل ساريو، ٿيٻو به پاڻ ملهايو. اُن زماني ۾ سرگرم ڪردار اڄ ايس ٽي پي ۾ ناهن، خاص ڪري ڊاڪٽر قادر جي آزادي کانپوءِ اهو عمل تيز ٿي ويو.
رياستي ڏاڍ، ايجنسين جي چرپُر ڪيڊر کانسواءِ قومي ڪارڪنن کي منجهائي ڇڏيو هو. ڇاڪاڻ جو ايس ٽي پي جو سياسي ۽ نظرياتي ڪلچر مزاحمتي هو.
ڊاڪٽر گهنشام جي ٻاهر وڃڻ، دودي جي گرفتاري، شاهاڻي جي روپوشي ۽ منور لغاري جو پڻ روپوش رهڻ پڻ ڪارڪنن ۾ مايوسي پيدا ڪئي.
1994ع جي پڇاڙيءَ ۾ ڊاڪٽر قادر جي ضمانت ٿي اسان ٻه ٽي سئو ماڻهو وٺي کيس سينٽرل جيل مان وٺڻ وياسين پر کيس اُن ڏينهن آزاد نه ڪيو ويو پر ٻن ڏينهن کانپوءِ رات جو کيس آزاد ڪري ٺٽي پهچايو ويو. ٻئي ڏينهن اسان باخبر ٿياسين. ڪجهه عرصي کانپوءِ مسلم سوسائٽي حيدرآباد واري بنگلي تي هڪ مُشاورتي اجلاس گهرايو ويو، جنهن ۾ سينيئر ساٿي به هئا. ڊاڪٽر چيو ته صلاح ڏيو ڇا ڪريون؟
ساٿين مختلف رايا ڏنا. مان اُن وقت حيران ٿي ويس جڏهن ڊاڪٽر صاحب فرمايو ته مون گهڻو ئي سوچيو آهي ته هاڻي ريفارمرز ذريعي انقلاب به آڻبو. مون اُٿي چيو ته ڊاڪٽر صاحب اهو فلسفو صرف سرمائيداري فڪر جو آهي. انقلابي ته سماج کي تبديل ڪندا آهن. سڙيل، سرمائيداراڻو، جاگيرداراڻو ۽ رياستي جبر ۾ قومن جي غلامي کي اوهان ڪيئن تبديل ڪندا؟ پر ڊاڪٽر شايد جيل کانپوءِ بنهه پنهنجي نظرياتي لائين کان هٽي چُڪو هو. اڏوهي کاڌل غلامي وارا سماج صرف انقلاب عوام جي مزاحمت کانسواءِ ممڪن ناهن هوندا. جيڪڏهن اوهين پارلياماني طريقا اپنايو تڏهن به مسڪين ۽ پورهيت عوام جو جبر خلاف ڦريندڙ طبقن خلاف منظم ٿي بيهڻ هوندو آهي ۽ پوءِ انقلابي فڪر ۽ آزادي پسند قومي مزاحمتي تحريڪ جو انگ تبديل ٿي ويو، پجيرو ڪلچر ۽ گارڊ ڪلچر سامهون آيو. آزاديءَ کان پوءِ پهرين ڪانگريس جيڪا ڀٽ شاهه تي ٿي اُن ۾ پارٽي جو نالي ۾ جيئي ڪڍڻ ۽ جهنڊو تبديل ڪرڻ جي تجويز آئي. نالي جي تبديلي تي زبردست مزاحمت ٿي ۽ نالو تبديل نه ٿي سگهيو، جهنڊو تبديل ٿيو. اُن ڪانگريس ۾ ليڊر شپ جي جمهوري روئي جو اندازو به ٿي ويو.
نثار ابڙو، آفتاب شاهه ۽ بيا دوست ان غيرجمهوري رويي جي ڪري ڪانگريس مان هليا ويا ۽ ٽوڙ ڦوڙ جو عمل شروع ٿيو، اسان مان ڪنهن به ساٿي انهن کي سمجهائڻ جي ڪوشش نه ڪئي. ٻي ڪانگريس ۾ نالو به تبديل ٿي ويو. اُن کان اڳ پارٽي جا بهادر سلجهيل 6 ساٿي ڪراچيءَ ۾ پوليس جي ڪوڙي مقابلي ۾ ماريا ويا، جنهن ۾ صاحب خان چانڊيو، رياض رند، سرهندي ۽ ٻيا ٽي ساٿي هئا. ان دوران ابراهيم سوهو پنهنجي زمين جو قبضو ڇڏائڻ لاءِ ڪامريڊن کي وٺي بٺوري ويو ۽ هڪ بهادر ساٿي رشيد سومرو مارائي آيو. ڊاڪٽر عظيم ڪونڌر کي پڻ فوجين رات جي انڌيري ۾ سندس ڳوٺان گرفتار ڪيو سخت تشدد کانپوءِ جيل واڙيو ويو ۽ ايئن آهستي آهستي مزاحمتي ڪردار مرندا ويا، گرفتار ٿندا رهيا. پارٽي جو مزاحمتي انگ تبديل ٿيندو رهيو.
1995ع ۾ يوم مادر وطن ملهائڻ جو فيصلو ٿيو. مادر وطن ملهائڻ جي تجويز ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻو ڏني هئي. ان جو مکيه ڪارڻ ته ايس ٽي پي وٽ ڪو خاص ڏينهن ملهائڻ لاءِ هجي. جي ايم سيد جي سالگرهه جو ڏينهن سياسي ڪارڪنن ۽ عوام جو مرڪز بڻجي ويو هو. مادر وطن تي وچن ورجائڻ وارو ٿيم ۽ اسڪرپٽ به ڪامريڊ ٿيٻو جو هو. هو اسان سمورن اڳواڻن ۽ ساٿين مان ذهني طور اڳتي هو، پڙهيل ڏاهو، بس سندس خامي معمولي ڳالهه تي به جذباتي ٿي وڃڻ هو. بهرحال مادر وطن جي تخليق ايس ٽي پي کي فائدو ڏنو ۽ هڪ ڏينهن سڄي سنڌ جا قومي ڪارڪن، اديب دانشور گڏ ٿي ٿيا. تقريرون، مادرن وطن ايوارڊ جي رسم پڻ شاندار ٿي. سنڌ جي اهم اديبن، دانشورن جيڪي سرڪار کان ايوارڊ وٺڻ کي مُناسب نه سمجهندا هئا انهن اُن زماني ۾ مادر وطن ايوارڊ وٺڻ مناسب سٺو ٿي سمجهيو. ڇاڪاڻ جو ڪافي عرصي تائين ايس ٽي پي سماج ۾ اڃا متنازع نه ٿي هئي.
1995ع واري مادر وطن جي تيارين دوران ڪجهه ساٿين چندو وٺڻ واري عمل ۾ ڀتاخوري ڪئي. ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم خلاف آپريشن هلي رهيو هو. پ پ جي سرڪار هئي. عبدالله شاهه وڏو وزير هو. هڪ ڏينهن شام جو 5 وڳي جيئن ئي مان، ڪريم لغاري ۽ گلزار سومرو هائوس شانتي ننگر پهتاسين ته گلزار گاڏي مان نه لٿو چيائين مان ٿوري دير ۾ اچان ٿو. اسين ساٿين سان ملياسين حال احوال پئي ڪياسين ته ڏهن منٽن اندر رينجرز ۽ پوليس گهيرو ڪري ورتو، آفيس ۾ گهڙي آيا سمورن ساٿين جون اکيون ٻڌي گاڏين ۾ ويهاريو. مونکي مئجسٽريٽ سامهون بيهاري تلاشي ورتي وئي. سول ڪپڙن ۾ شايد فوجي آفيسر هو تنهن پڇيو هٿيار ڪٿي آهن؟ مون وراڻيو اسان جو ڪم هٿيار رکڻ ناهي پرامن سياسي ڪارڪن آهيون. پوءِمنهنجي خميس لهرائي اکين تي پٽي ٻڌي مختلف رستن کان گهمائيندا اچي هڪ جاءِ تي واڙيائون. سڀ کان پهريان مونکي گهرائي ڪمري ۾ ڪنهن آفيسر آڏو پيش ڪيو ويو، جنهن خميس پارائي اکين تي پٽي ٻڌي ۽ چيائين ته توسان حساب ڪتاب آرام سان ٿيندو، تون اڳواڻ آهين ٻڌاءِ ته ٻيا ڪير آهن. مون چيو ته نالا کڻو ڪير کڻي آيا آهيو ته ٻڌايانوَ. مون سمورن ساٿين کي پاڙي جو رهواسي گهر جو مالڪ، هوٽل جو بيرو چئي آزاد ڪرايو. صرف چار ڄڻا جن ۾ ٻه مرڪزي اڳواڻ ۽ ٻه ڪراچي جا اڳواڻ حبيب سهاڳ ۽ عاشق ٿهيم گرفتار ٿياسين ٻيا آزاد ڪيا ويا. ٻن ڏينهن کانپوءِ ٻه ساٿي به آزاد ٿيا، باقي مان ۽ ڪريم سُڪ ٿياسين. ڏهن ڏينهن تائين مختلف ايجنسيون پڇنديون رهيون. اسان جي ذاتي ڪردار ۽ ڏوهاري نه هئڻ ڪري گهڻو فائدو رسيو باقي ڊاڪٽر قادر مگسي جي ڪردار متعلق ڪافي مشڪري ڪندا رهيا ۽ کوڙ ساري انفارميشن منهنجي لاءِ نئين هئي. هڪ ڀيري هڪ آفيسر چيو ته نبيلا شاهه کي سُڃاڻين مون چيو نه چيائين اُها قادر مگسي وٽ آهي ۽ هڪ شريف ماڻهو مختيار ملڪ جي زال آهي. حقيقت ۾ مان بي خبر هئس آزاد ٿيڻ کانپوءِ خبر پئي ته ڊاڪٽر قادر مگسي شادي ڪئي آهي. اُن کي مون پهريون ڀيرو پريس ڪلب آڏو بک هڙتال دوران ڏٺو هو. بعد ۾ غالباً 98ع ۾ لانگ مارچ دوران نبيلا شاهه قتل ڪيس ظاهر ٿيو، ان کي بعد ۾ لکبو. هڪ ڀيري آفيسر پڇيو ته اوهين ڇا ٿا چاهيو مون چيو ته جمهوريت، قومي حق هن وراڻيو: ‘‘یہ سالے باہر آزادی کے نعرے لگاتے ہیں اور یہاں آکر جمہوریت پسند ہو جاتے ہیں’’۔ ٽارچر ڪندا رهيا. ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهاري ڇڏيندا هئا. ڪا خبر نٿي پئي ته ڪيڏانهن ٿڦڙ پئي لڳي ڪا لت ٺونشو، ڏهن ڏينهن کانپوءِ اسان کي ٻئي مرڪز نيپئر ٿاڻي موڪليو ويو جتي پڻ ساڳي آڏي پڇا اکين تي پٽي، مار، ذلتون سامهون هنيون. روز آڏي پڇا، آخرڪار 22 ڏينهن کانپوءِ عزيز ڀٽي ٿاڻي تي آندا وياسين، مئجسٽريٽ وٽ ضمانت ٿي وئي پر آزادي جو ليٽر ڏيڻ کان جواب ڏنائين جيل هليا وياسين جتي تمام گهڻا سياسي اڳواڻ 30 سيپٽمبر جا اسير موجود هئا. اسان کي پهرين ڏينهن حسن چانڊيو ۽ جانو آرائين واري کولي ۾ رکيو ويو، مزو نه پئي آيو ٻئي ڏينهن نواب لغاري واري کولي ۾ ويس ۽ ڪريم لغاري نور جان مگسي ڏانهن نيٺ مان ڊاڪٽر دودو مهيري وٽ رهيس.
سپرينڊنٽ جو چوڻ هو ته جلدي آزاد نه ٿجو ڇاڪاڻ جو ٻيهر گرفتار ٿيندؤ ۽ ايئن ئي ٿيو آزادي واري ڏينهن دوستن کان موڪلائي پاڙي ۾ آياسين جتي هاشم کوسو جيئي سنڌ محاذ اڳواڻ ساٿين سميت موجود هو، جيڪي هاءِ ڪورٽ آڏو احتجاجي مظاهري ۾ گرفتار ٿيا هئا اسان کي آزاد ڪرڻ بجاءِ دير سان بند وارڊ موڪليو ويو، جتي صبح جو سوير ٺٽو جو ڊاڪٽر خشڪ ساٿين سميت بند وارڊ ۾ هو چيائين ڪافي وقت کان ٽارچر ۾ آهيون پارٽي سنڀال نه پئي ڪري هندستان جو ايجنٽ ڪري ابراهيم حيدري مان گرفتار ڪيا ويا آهيون. ايم ڪيو ايم جي ورڪرن جو به وڏو انگ گرفتار هو، قومي تحريڪ به جيل ۾ واڙيل هئي.
اسان کي ماڙي تي آندو ويو. جيل آفيسر چيو ته مون اوهان کي جهليو هو ته آزاد نه ٿجو. ٻاهر نڪتاسين ته پوليس بيٺي هئي، هٿڪڙيون هينيو ٽائون ٿاڻي آندا وياسين سٽي ڪورٽ مان رمانڊ ورتو ويو ته هي همراهه ڏوهه جي نيت سان روڊ تي بيٺا هئا. مونکي ڪا به حيراني نه ٿي ڇاڪاڻ جو پ پ پنهنجي هر دور ۾ سياسي مخالفن کي سائيڪل جي چوري کان وٺي ٻين ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪندي رهي آهي. جمهويت جي دعويدار مخالفت برداشت نه ڪندي آهي. بدقسمتي سان جنهن پاڪستان جي سياست ۾ اهو رواج وڌو اهو پاڻ ذوالفقار ڀٽو ڪوڙي قتل ڪيس ۾ ڦاهي کائي ويو. عبدالله شاهه بضد هو ته هي همراهه آزاد نه ٿين.
دودو مهيري، ستار موريو ۽ ٻيا قومي ڪارڪن جيلن ۾ سڙي رهيا هئا عدالتون سندن ضمانتون نه پئي کنيون. مارشل لائن ۾ ته ڳالهه سمجهه ۾ ايندي آهي پر جمهوريت ۾ ايئن ٿئي انصاف جا دروازا بند، معمولي ڪيسن۾ ماڻهو سالن جا سال قيد. سبب هو ته ملڪ ۾ جاگيرداري جي ڪلچر هئڻ ڪري اسٽيبلشمينٽ جي سگهاري هئڻ سبب جمهوري ڪلچر نه هئڻ برابر هو. نيٺ اسين آزاد ٿياسين. ٻاهر نڪتاسين ته اسان جا همراهه پريشان هئا، ڇاڪاڻ جو روزانو ٽي وي تي ڪنهن نه ڪنهن سياسي ڪارڪن جي 163 پئي ٻڌائون. شڪر آهي سياسي ڪارڪن هئڻ ڏوهاري دنيا کان پري رهڻ، سبب سرخرو ٿي نڪتاسين.

بک هڙتال ۽ نام نهاد انقلاب

بک هڙتال ۽ نام نهاد انقلاب

ڊاڪٽر قادر مگسي جي آزاديءَ کانپوءِ ٻه اهم ايونٽ ٿيا.
1) سندس طرفان مرڻ گهريءَ تائين بک هڙتال
2) سکر کان ڪراچي گورنر هاؤس تائين لانگ مارچ.
پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، ڊاڪٽر دودو مهيري جيل ۾ هو. ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻو، حيدر شاهاڻي، ڊاڪٽر رحيم، چاچا محمد علي لغاري، ڊاڪٽر سومار، مان ۽ ٻيا ساٿي شامل هئاسين. ڊاڪٽر موقف رکيو ته پ پ سرڪا سنڌ جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آهي. روايتي طريقن سان حق ملڻا ناهن. غير روايتي طريقا اپنائي قومي تحريڪ کي سگهارو ڪيون ۽ ڪجهه قوم کي حاصلات ڏيون. سندس راءِ آئي ته مان مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال تي ويهڻ چاهيان ٿو. اجلاس ۾ سندس موقف جي مخالفت ٿي پر دليل بازي ۽ فيصلو مڙهڻ واري رواج سبب ۽ چاپلوس ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ فيصلو ٿي ويو. هي به راءِ آئي ته اوهين اڪيلا ڇو ٻيا به ساٿي ويهن جواب ۾ چيائين ته مان اڪيلو ويهندس.
حيدرآباد پريس ڪلب آڏو بک هڙتال شروع ٿي ڪالاباغ ڊيم، امن امان، ڌارين جي آبادڪاري، سنڌين لاءِ روزگار جهڙا مطالبا رکيا ويا. سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ، سنڌين جي پئرا ملٽري فورس قائم ڪرڻ وغيره.
روزانو سنڌ جي مختلف علائقن مان وڏي انگ ۾ سياسي ڪارڪن اچي کيس گلن جا هار پارائيندا هئا، احتجاجي مظاهرو ٿيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن پوليس متحرڪ نظر ايندي هئي چرپر تيز ڪندي هئي ته ڪارڪن جو وڏو انگ غائب ٿي ويندو هو ته وري ڪڏهن ليڊر شپ به غائب ٿي ويندي هئي.
هي سلسلو تقريباً 17 ڏينهن جاري رهيو ۽ بنا نتيجي جي ختم ٿي غيرسائنسي، شخصيت کي اُڀارڻ کانسواءِ ڪجهه به نه هو. سنڌ جي سياست جو هي الميو رهيو آهي ته جو ليڊر شپ فيصلا مڙهي حاصلات اجتماعي وٺڻ بجاءِ انفرادي وٺندي آهي. هڪ طرف سنڌ ۾ ڪنهن حد تائين پ پ خلاف راءِ جڙي ته ڊاڪٽر قادر مگسي قومي جدوجهد پيو ڪري ۽ سرڪار خاموش تماشائي بڻيل آهي. بک هڙتال دوران ظاهر آهي ته ماڻهو جو وزن گهٽجي ٿو، هو ڪمزور ٿيئي ٿو. اهڙن عملن ۾ مستقل مزاجي ۽ وڏي حدف جي ضرورت هجي ٿي. مثال طور بوبي سينڊس آئرش ريپبليڪن آرمي (آءِ آر اي) جو اڳواڻ جيل ۾ ان ڪري مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪئي ته هن ۽ سندس ساٿين کي دهشتگرد نه پر سياسي ڪارڪن تسليم ڪيو وڃي. سرڪار بضد هئي صاف مقصد هو، سياسي طرح سان انگريزن تي دباءُ هو پارٽي جو فيصلو هو ته هو آزادي جي تحريڪ وڙهي رهيا آهن، ڌرتي ڌڻي مزاحمت پيا ڪن هو دهشتگرد ناهن نيٺ 55 ڏينهن بوبي سينڊس شهيد ٿي ويو، اهڙي مرڻ گهڙي واري بک هڙتال نتيجا ڏنا اڳتي هلي آزادي جي تحريڪ سان ڳالهايو ويو، کين سياسي ڪارڪن تسليم ڪيو ويو. هتي قصو بنهه اُبتڙ هو ۽ پوءِ ڊراما به شروع ٿيا. هڪ ڪريڪر ڌماڪو به سو والن تي ڪرايو ويو ۽ چيو ويو ته ڊاڪٽر جي زندگيءَ کي خطرو آهي ۽ پوءِ جان ڇڏائڻ لاءِ ڳجهه ڳوهه ۾ رستا ڪڍيا ويا. عبدالسلام ٿهيم وزير هو آيو نالي ماتر ڳالهيون ٿيون ۽ هن چيو ته مان مٿي ڳالهيون پهچائيندس. بس پوءِ ڊاڪٽر رحيم ۽ ٻيا ساٿي ابراهيم جويو کي وٺي آيا جوس پياري مرڻ گهڙي واري بک هڙتال بنا نتيجا ڏيڻ جي ختم ٿي. اهڙي مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جسقم به ڪئي هئي، ڪراچي پريس ڪلب آڏو اُها به بُري طرح سان ناڪام ٿي ۽ پوءِ مختلف سياسي ڌريون يونائيٽيڊ نيشنل الائنس جي اڳواڻن کين جوس پياري بک هڙتال ختم ڪرائي.
اصل ۾ ٻاراڻا فيصلا ۽ ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ مرڻ گهڙي تائين واري بک هڙتال جو سنڌ ۾ اميج خراب ڪيو ويو. ماڻهن جو ويساهه ختم ٿيو. ليڊر جي ڪردار جي خبر پئي ته مان مسئلن جي حل تائين بک هڙتال ختم نه ڪندس ته پوءِ هٿ کڻي وڃڻ انقلابي سياست سان مذاق ٿي وئي. مان ان دوران ڪچن ڪئبنيٽ جو حصو نه هئس کوڙ سارا راز بعد ۾ ملڻ لڳا ۽ جڏهن به اُهي ساٿي ويهندا هئاسين ته شرمسار ٿيندا هئاسين ته ڇا پيا ڪريون.
1996ع ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي شادي ڪئي، چيهي پيڊعيدن مان نالي وارو خاندان راڄپر فيملي مان اهو سندس ذاتي مسئلو هو سندس ٽين شادي هئي. اسين سڀ ساٿي ان ڪاج ۾ شريڪ ٿياسين ۽ ڄڃ سان گڏجي وياسين. سندس چوڻ هو ته سياست ۾ عورت کي پڻ عملي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اسين سهمت هئاسين.

1998ع لانگ مارچ:

1998ع لانگ مارچ:
پارٽيءَ جو اجلاس ٿيو ڊاڪٽر راءِ ڏني ته سنڌ جي مسئلن تي لانگ مارچ ڪرڻ گهرجي. نواز شريف جو دور هو، ڪالاباغ ڊئم، سنڌي ٻولي قومي ٻولي، ڌارين جي آبادڪاري، سائن بورڊ ۽ مارڪيٽ ۾ ايندڙ سامان تي سنڌي ۾ ليبل هئڻ گهرجن. مادر وطن جو پروگرام ڪينسل ڪري 21 مارچ تي سکر ۾ جلسو ڪري لانگ مارچ شروع ڪيو ويو، جنهن ڏينهن مارچ شروع ٿيو اُن ڏينهن اخبارن ۾ سرخيون لڳيون ته نبيلا شاهه قتل ٿي وئي آهي ۽ ڊاڪٽر قادر مگسي تي ايف آءِ آر داخل ٿي. سندس ڀاءُ پپو ۽ گلزار سومرو ملوث ڏيکاريا ويا.
ان عمل ۾ نبيلا شاهه جو پيءُ، حفيظ قريشي جونيئر ۽ سندس ڀيڻ فهميده هنيون. شام جو لانگ مارچ جي پهرين منزل تي پهچڻ وقت ڊاڪٽر چيو ته سرڪار سازش ڪئي آهي، پنهنجي جدوجهد کي روڪڻ لاءِ مونکي گرفتار ڪندا. مارچ ملتوي ڪيو، دوستن ساڻس بحث ڪيو ته لانگ مارچ جاري رهي بهرحال هن ختم ڪرڻ جو چئي پاڻ ڪنهن ٻي منزل ڏانهن هليو ويو. ڊاڪٽر دودو مهيري جيڪو 1997ع ۾ آزاد ٿي چڪو هو، حيدر شاهاڻي، ڊاڪٽر رحيم سولنگي، پنهل ساريو، محمد علي لعاري، صالح جوڻيجو جو اهم ڪردار بڻيو ۽ هنن فيصلو ڪيو ته پارٽي صرف ڊاڪٽر جي ناهي لانگ مارچ جاري رکبو. ٻي صورت ۾ سياسي طرح سان نقصان ۾ وينداسين ۽ رڳو نبيلا شاهه ڪيس کي پيا منهن ڏينداسين. اهڙي طريقي سان لانگ مارچ هلي پيو. چاليهه ڏينهن لڳاتار مارچ ڪري 30 اپريل تي ڪراچي پهتو. شهيد قاسم چانڊيو پڻ ان سڄي مارچ م گڏ رهيو. مٿين سمورن ساٿين جا پير پٿون ٿيا. جتا دوزن، بخار، وزن گهٽجڻ، گهٽين ۽ تڪليفون ۽ بکون ڪاٽڻ جهڙن ذلتن مان گذريا. ٻئي طرف ڊاڪٽر رپوش ٿي ويو. ڪوئيٽا مان وڃي عارضي ضمانت حاصل ڪئي ۽ پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ مان پڪي ضمانت وٺي سيشن ڪورٽ خيرپور مان ضمانت ڪرائي. ان دور ۾ اسان جهڙا ڪارڪن ته سمجهي رهيا هئا ته رياست پارٽي تي ڏمريل آهي، جدوجهد کي سبوتاز ڪرائڻ لاءِ ڪوڙا الزام مڙهي رهي آهي ۽ انقلابي تحريڪن سان اهو حشر ٿيندو آهي، پر پوءِ اڳتي هلي خبر پئي ته ڀلا نبيلا شاهه ڊاڪٽر جي گهر واري هئي گم ٿي يا قتل هن اُن لاءِ سرگرمي ڇو نه ڏيکاري؟ بهرحال تاريخ جي عدالت ۾ نبيلا شاهه جو ڪيس ڊاڪٽر قادر مگسي جي مٿان آهي، خيرپور جي عدالت ته کيس بري ڪيو پر تاريخ مان آجو ناهي ٿي سگهيو.
بعد ۾ خبر پئي ته لانگ مارچ کان اڳ ئي ڊاڪٽر کي خبر هئي ته هي ڪيس ظاهر ٿيڻ وارو آهي، ان ڪري متحرڪ ٿي پاڻ تي لڳايل الزام مان سياسي طرح سان بري ٿيڻ پئي چاهيو. لانگ مارچ جي پڄاڻي تي اعلان ڪيو ويو ته مطالبن جي مڃتا لاءِ سرڪار عمل نه ڪيو ته جدوجهد عملي شڪل اختيار ڪندي. گورنر کي دروازي سندس سيڪريٽري هٿان يادداشت نامو پهچايو ويو ۽ پوءِ سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي جدوجهد، سنڌي ۾ ليبل لڳائڻ، سنڌي ۾ سائن بورڊ لڳائڻ وارو عمل 2013ع تائين ڪنهن کي به ياد نه آيو.
ياد رهي ته هزارين قومي ڪارڪنن، ساڃاهه وندن هن لانگ مارچ کي قومي جدوجهد سمجهي پنهنجو رت ۽ پگهر ڏنو پر بنا نتيجي هي لانگ مارچ به روايتي ثابت ٿيو.
دراصل سنڌ جي قومي تحريڪ مائو جي لانگ مارچ کان متاثر آهي جنهن لڳ ڀڳ 13 سال مارچ ڪري وڏا علائقا فتح ڪيا. 60 هزار کان وڌيڪ ڪارڪن شهيد ٿيا. تنظيم به جُڙندي رهي، وڏيرن ۽ سردارن کان زمينون به کسيون ويون، رياستي فوج سان به مقابلو ڪيو ويو ۽ لانگ مارچ کي قومي طبقاتي هدف بڻائي ڪئي وئي ۽ هڪ شاندار انقلاب برپا ٿيو.
سنڌ ۾ لانگ مارچ روايتي 40 ڏينهن جو پنڌ اڪثر لانگ مارچن مان ليڊر شپ غائب ڪارڪنن پير پٿون ڪيا پر اڃا سوڌو سنڌ جو ڇڙواڳ ۽ غير سنجيده ڪارڪن کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته دنيا جي انقلابين ٽن چئن ڏهاڪن ۾ نتيجا ڏنا پر سنڌ جي قيادت نه نتيجا ٿي ڏئي ۽ نه وري جان ٿي ڇڏي. مان ٻڌائيندو هلان ته لانگ مارچ جي قيادت ڪندر دودو مهيري، ڊاڪٽر رحيم سولنگي، حيدر شاهاڻي، هوت خان گاڏهي، محمد علي لغاري، شهيد قاسم چانڊيو، حسن سمون، پنهل ساريو، ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻو سميت اڪثر اڳواڻ ۽ ڪارڪن اڄ ڊاڪٽر ۽ ايس ٽي پي سان گڏ ناهن. ياد رهي ته سحر رضوي مرڪز اڳواڻ اٺون مهينو پيٽ سان گرمي ۾ گهگهر ڦاٽڪ کان گورنر هائوس تائين مارچ ۾ رهي اُها پڻ ايس ٽي پي ۾ ناهي رهي. اهو ڪافي آهي ته پارٽي جو بنياد وجهندڙ سينيئر ليڊر شپ ڊگهي تجربي، قرباني، عمل مان گذري به ايس ٽي پي ۾ نه رهڻ جو مطلب سادو ۽ سمجهه ۾ ايندڙ آهي. هاڻي جڏهن ڪا پارٽي لانگ مارچ جي ڳالهه ڪندي آهي ته عوام جي اڪثريت ۽ ساڃاهه وند ماڻهو کلندا آهن. تاريخ جون سموريون شاندار جدوجهدون ۽ ڪامياب جدوجهدن کي سنڌ جي نام نهاد قومي ليڊر شپ بُري طرح سان خوار ڪيو آهي ۽ انهن شاندار تحريڪن مان قوم جو ويساهه کڄي ويو آهي.
هن مرحلي تي ليڊر شپ جي معيار جي ڳالهه ٻڌايان آفريقن نيشنل ڪانگريس ٽن ڏينهن جي هڙتال جو اعلان ڪيو. رياست پهرين ڏينهن اُن کي ناڪام ڪيو. عوام پڻ ساٿ نه ڏنو ليڊر شپ بحث ڪري زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکي هڙتال جو سڏ واپس ورتو، اها ناڪامي نه پر عقل مندي ۽ سياست ۽ سماج متعلق ڏاهپ ڀري راءِ هئي پر هتي اُن جي ابتڙ ناڪام کي ناڪامي نه چئبو، جائزو نه وٺبو هزارين ماڻهن کي لکين چئبو ۽ اهوئي سبب آهي جو ليڊر شپ ڇا حاصل ڪرڻ چاهيندي آهي، هن کان ڪهڙو ڪم ورتو ويندو آهي، عام سادن ڪارڪنن کي خبر ناهي هوندي.
دير سان خبر پوندي آهي تيسين سڀ ڪجهه کسجي ويندو آهي. آءٌ پنهنجي سياسي سفر ۾ کوڙ ساريون ذاتي قسم جون شيون ۽ ڪجهه اهم راز ڇاپڻ کان پرهيز ٿو ڪريان پر منهنجو لکڻ جو مطلب سنڌ جي تاريخ ايندڙ نسل کي جيئن جو تيئن ملڻ کپي، منهنجي لکڻ تي ڪنهن کي به شڪ ۽ اعتراز هجي ته جواب ۾ لکڻ کپي، منهنجي به اصلاح ٿيندي ۽ تاريخ به درست ٿيندي.
لانگ مارچ جي پڄاڻي ۽ ناڪامي کانپوءِ پارٽي ورڪرن اڳواڻن ۾ شديد مايوسي جنم ورتو. هڪدم ٺاپر واري صورتحال پئدا ٿي پئي. ڇاڪاڻ جو سماج ۾ عوام جو صرف مايوسي ۽ ناڪامي مقدر ناهي هوندو. هو چاهيندو آهي ته کيس حاصلات به پلئه پوي. اهو چوڻ مناسب ٿيندو ته هر تحريڪ ڪاميابي نه ڏيندي آهي، پر اهو چوڻ مناسب ٿيندو ته سدائين ناڪامي مقدر ناهي هوندي، قومي تحريڪن ۽ انقلابي جدوجهدن ۾ ڪاميابيون ناڪاميون هڪ ٻئي سان جُڙيل هونديون آهن. ڪامياب تنظيمون ۽ اڳواڻ ناڪامين جو اعتراف ڪندا آهن ۽ ناڪام ڇڙواڳ ٻٽاڪي ليڊر ۽ تنظيمون ناڪامين کي مڃڻ لاءِ تيار ناهن هوندا ۽ پوءِ اهڙن سماجن ۾ انقلاب اچڻ ناممڪن هوندو آهي. قومي ۽ انقلابي ڪارڪن مايوس ٿي هيڏانهن هوڏانهن ويندو آهي. منزل ڌنڌلي نظر ايندي آهي. ڇڙواڳ رُجحان پروان چڙهندا آهن. شخصيت پرستي وڌندي آهي. تنظيم جو اثر زائل ٿي ويندو آهي. هر ڪارڪن توڙي ليڊر نوان ذاتي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ڊُڪ ڊوڙ ۾ هوندو آهي ۽ پوءِ نتيجا سنڌ جي انقلابي ۽ آزاديءَ جي تحريڪ جيان ظاهر ٿيندا آهن.
هاڻي هي دور شروع ٿئي ٿو جڏهن ترقي پسند پارٽي جهڙي تنطيم جيڪا جي ايم سيد کان علحدگي جو سبب ڇڙواڳي تربيت جو نه هجڻ، ڪرپشن، ڏوهاري ڪلچر، ڪميٽڊ ڪارڪن جو نه هجڻ، هارين ۽ پورهيتن کي آزادي جي تحريڪ جو سرواڻ نه سمجهڻ آزاديءَ لاءِ ٻٽاڪ بازي هڻڻ ۽ سنجيده رويو نه رکڻ جهڙا بنياد بڻائي الڳ سياست شروع ڪئي.
2000ع جي ابتدا کان ئي مٿين سمورن اصولن تان هٿ کڻي يا ايئن کڻي چئجي ته شعوري طرح سان روايتي قومي تحريڪ بڻجڻ لاءِ پارٽي جي تنظيم کي ڇڙواڳ ڇڏيو ويو. پسند ناپسند جو سلسلو هلي پيو. اسٽڊي سرڪل، ليڪچر ڪلچر جو مڪمل خاتمو ٿيو. بس روايتي طرح سان قومي اشوز تي آواز اُٿارڻ، احتجاجي مظاهرا ڪرڻ، جلسا ۽ جلوس ڪڍڻ ته جيئن ڪارڪن تحرڪ ۾ رهن، ڀڄي نه وڃن.
ها اُن دور ۾ ڪارڪنن وٽ وڏا سوال اُڀريا هئا ته بشير خان قريشي سنڌ ۾ ڌرڻن جو ڪلچر پيدا ڪيو هو، سنڌ جي ننڍي توڙي وڏي مسئلي تي پنهنجي اڳواڻيءَ ۾ ڌرڻا هڻڻ، نٽهڻ اُس هجي يا شديد سردي ماڻهن جو انگ هزارن ۾ هجي يا معمولي پاڻ بيٺو هوندو هو ۽ اهڙي ريت هن سنڌ جي سياست ۾ نئين اُٿل پٿل آندي ۽ قومي تحريڪ کي هيٺين سطح تائين پاپولر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اهو ڪم ايس ٽي پي به ڪيو هو پر دودو مهيري حيدر شاهاڻي، رحيم سولنگي، عاشق سولنگي، محمد علي لغاري ۽ ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻو واري دور ۾ ڪارنر گڏجاڻيون، عوامي ميڙاڪا، ڳوٺاڻيون ڪچهريون ٿينديون هيون جيڪي نئين ڏهاڪي ۾ ختم ٿيڻ لڳيون. شهيد بشير خان قريشي جي تحرڪ ايس ٽي پي توڙي ٻين قومي ڪارڪنن ۾ جستجو ۽ جذبو به پيدا ڪيو ته وري جنهن جي پارٽين اندر ڏڦيڙ به پئدا ڪرايا ۽ پوءِ سنڌ جي سڄي قومي تحريڪ جو الميو هي رهيو آهي ته پاڻمرادو حڪمت عملي بجاءِ ٻين جي جدوجهدن کان متاثر ٿي حڪمت عمليون جوڙِندا آهيون ۽ يقينن اُهي عارضي هجن ٿيون. ان مقابلي بازي ۾ سنڌ کي ڪو به فائدو نه پهتو.
2001ع ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جو اجلاس لنڊن ۾ ٿي رهيو هو. مون، حيدر شاهاڻي، حميد ميمڻ ۽ ڊاڪٽر احمد نوناري ويزا لاءِ ڪوشش ڪئي. صرف مونکي ۽ ڊاڪٽر احمد کي ويزا ملي، اسين ٻئي ساٿي ۽ خالد کوکر صحافي گڏجي قطر ايئر لائين ذريعي لنڊن روانا ٿياسين. هيٿرو ايئرپورٽ تي ڊاڪٽر احمد جي ڀاءُ اسان جو استقبال ڪيو. اسان سري واري علائقي ۾ اچي منور هاليپوٽي جي گهر پهتاسين. سري وارو علائقو آصف علي زرداري جي حوالي سان به مشهور ٿيو هو ته هُن اُتي مهل ٺهرايا آهن، جيڪي ڪروڙين رپين جا آهن. مون جڏهن منور هاليپوٽو کان پڇيو ته سندس گهر جي قيمت گهڻي آهي جيڪو هن ليز تي ورتو هو ته هن چيو ته سوا ڪروڙ رپيا پاڪستاني، هي گهر هڪ ننڍو ڪمرو حال جي شڪل ۾ هڪ مٿي بيڊروم، ڪچن، باٿ روم ۽ ٿورو پارڪ يعني 120 گز کان به گهٽ هو. واقعي محل ته هڪ سئو ڪروڙ کان به مٿي جو هوندو پوش ايريا ۾ قيمتون وڏيون هونديون آهن.
پاڪستان توڙي سنڌ جا ڪرپٽ حڪمران ۽ افسرشاهي غلط طريقي سان ناڻو ڪمائي سوئس بئنڪن يا وري يورپ آمريڪا ۾ سيڙپ ڪاري ڪندا آهن. منهنجي هڪ آمريڪين ڊپلوميٽ سان تازي ملاقات ٿي هئي. اُن پهريون سوال هي ڪيو ته ڇا ڪندو آهين ته مون چيو ڪل وقت سياست چيائين ٺيڪ آهي پر ٻارن ٻچن ۽ تنهنجو گذر سفر ڪيئن ٿيندو آهي؟ سڄي دنيا ۾ سياست ڪندڙ ماڻهو به پنهنجو ايمانداري سان ڪمايل وسيلو ٻڌائيندو آهي پر پاڪستان ۾ ڪو حساب ڪتاب ناهي، مڪمل سياست ڪندڙ ماڻهو هڪ ڏينهن به پورهيو نه ڪري پر وڏي فخر سان چوندو ته آءٌ زميندار آهيان، مون وٽ هيترا وسيلا آهن پر اهو نه ٻڌائي سگهندو ته اوهين اهي وسيلا ڪٿان هٿ ڪيا ۽ پوءِ سنڌ جهڙي سماج ۾ ڪرپشن وڌي ٿي. آصف علي زرداري جو پيءُ حاڪم علي زرداري مرحوم ڪجهه زمين وڪڻي، قرض کڻي ڪراچيءَ ۾ بمبينو سئنيما هلائي هئي ۽ پوءِ ڪيئن سيئنيما وارو همراهه ارب پتي بڻجي ويو. آمريڪا جا بادشاهه توڙي يورپ جا حڪمران به ايترا خوشحال نٿا هجن اصل ۾ حڪمراني دور ۾ ڪرپشن ڪري عوام لاءِ رکيل پئسا پاڻ هڙپ ڪندا آهن ۽ مسڪين عوام تعليم، صحت، پاڻي ۽ روزگار کان محروم ٿي ويندو آهي.
لنڊن ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس سنٽرل لنڊن ۾ ڪانفرنس گهرائي رسول بخش پليجو صاحب، پير مظهر اُن وقت لنڊن ۾ روپوش هو. گل محمد جکراڻي ان وقت فرنٽ اڳواڻ هو. نور ناز آغا وڪيل، غلام شاهه ڪجهه مقامي سنڌي سک ۽ هنڌو اڳواڻ ۽ فرانس مان آيل زال مڙس (نالو وسري ويو آهي) شامل هئا.
مون ۽ ڊاڪٽر احمد پڻ پارٽي جي نمائندگي ڪئي هئي. سڄي ڏينهن جي ڪانفرنس ۾ ڪافي سٺيون ڳالهيون ٿيون. سنڌ متعلق ويچار ونڊيا ويا، پر مونکي لڳي رهيو هو ته ڄڻ فارملٽي پوري ڪئي اٿئون ڪانگريس جي خاتمي کانپوءِ اسان لاءِ ڪرائي تي ورتل گهر ۾ قيام ڪيوسين. تقريباً روزانو شام جو محفل مچندي هئي. چوندا آهن ته يورپ جي ماڻهن لاءِ شراب پيئڻ معمول موجب آهي، ڪلچر جو حصو آهي پر مون قومپرست ليڊرن کي جيڪي سنڌ جي قومي حقن، طبقاتي حقن، هارين پورهيتن لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي آهي. سندن غلامي خلاف اڻ ٿڪ جدوجهد ڪري رهيا آهن. افسوس ٿيو جڏهن نشي ۾ آئوٽ ٿي سنڌ جي سياست انقلاب تي ڳالهائيندا هئا ۽ سندن لفظ ساٿ نه ڏيندا هئا ته مونکي غريب عوام تي رحم نه پر هنن اڳواڻن تي رحم ايندو هو ته هي مستقبل جو ڪجهه به نه آهن. ڇاڪاڻ جوقول ۽ فعل وارا ماڻهو حاصلات نه ڏيندا اهن. مان ٻڌائيندو هلان ته انهن مان اڪثر ماڻهن جو هاڻي عوامي سياست سان ڪو تعلق ناهي، نالي ماتر قومي ۽ طبقاتي سياست کي چهٽيا پيا آهن.
منور هاليپوٽو ڊاڪٽر آهي. هڪ ڊاڪٽر جي ڪمائي لنڊن ۾ گهر هلائڻ لاءِ ڪافي آهي پر ٻه ٻه وڏيون گاڏيون رکڻ سمجهه ۾ نه آيو. واپس ٿيڻ کان اڳ منور هاليپوٽو مونسان تفصيلي ڪچهري ڪئي. صلاحون ڏنيون ۽ پوءِ پنج سئو پائونڊ ڀاڙي جا به ڏنا. هن سمورن ساٿين کي ڪرايو ڏنو، رهائش ڏني، خرچ ڪيو جيڪو وڏو خرچ هو ڪٿان آيو. هي همراهه پنهنجي ذات ۾ سڀ ڪجه هو. صدر به پاڻ، جنرل سيڪريٽري ۽ خزانچي به پاڻ. ڪنهن به ساٿي کي خبر نه هئي. ها جي همراهه سنڌي آهي هن تي اثر اهو ساڳيو آهي، تنظيم نه ٺاهبي. جمهوريت نالي ماتر هوندي ۽ پوءِ نتيجا هي نڪتا جو ورلڊ سنڌي ڪانگريس ٻين جي هٿن ۾ اچي وئي جيڪا قومي ڪارڪن دانشورن وٽ آهي جيڪي متحرڪ آهن ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي نئين قيادت يورپ ۾ قومي تحريڪ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو آهي ۽ اهوئي سبب آهي سنڌ سان ٿيل ڏاڍاين خلاف ٽين ڊائون اسٽريٽ وزيراعظم هائوس آڏو احتجاج ڪندا رهن ٿا. هر سال جمهوري انداز ۾ چونڊ ڪري پنهنجو اڳواڻ تبديل ڪن ٿا. سنڌ جي قومي تحريڪ سان جُڙيل آهن. سندن دنيا ۾ سنڌين سان ويجهو لاڳاپو آهي. ڪانگريس ۽ سنگت ساٿين جي ڪچهرين مان واندڪائي کانپوءِ بدر سومرو سنڌ يونيورسٽي جو پروفيسر جيڪو لنڊن مان پي ايڇ ڊي ڪرڻ ويو هو، سان گڏجي لنڊن جا اهم علائقا پيرين پنڌ گهمياسين. پارليامينٽ هائوس ٽين ڊائون اسٽريٽ، آڪسفورڊ اسٽريٽ، هائيڊ پارڪ برطانيا جي تاريخي لائبريري، ٿيمس درياهه ٽاور برج وغيره ۽ آءٌ اڪيلي سر مئڊم ٽساءُ عجائب گهر ويس جتي بينظير ڀٽو، گانڌي، راجيو، رانديگر، فلم اسٽار جا مجسما هئا. ماضي ۾ لنڊن ۾ قيدين کي ڪيئن ڦاهي ڏيندا هئا. اُهي منظر به ڏٺم ته وري شيڪسپيئر جو مجسمو ڄڻ ته هو زندهه آهي ۽ لکي ويٺو کي ڏسي ڏاڍو متاثر ٿيس. لنڊن جي ساوڪ خوبصورتي ۽ سسٽم متاثر ڪيو. تقريباً ٻن هفتن کانپوءِ واپس ورياسين، جهاز ۾ ويهندي محسوس ڪيم ته غريب جو ٻار سياست ۾ اچڻ ڪري لنڊن جو سير ڪري سگهيو آهيان نه ته صرف اميرن جا ٻار ئي يورپ آمريڪا وڃي سگهندا آهن.
مون لنڊن جي ان ڪانفرنس مان گهڻو سکيو ته ڪيئن ٻاهر ويٺل ڪي ماڻهو سنڌ جي نالي ۾ ناڻو ڪمائي نالي ماتر ڪانفرنس ڪري پاڻ کي خوشحال بنائڻ ٿا. مونکي ايوب رند جيڪو ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي اڳواڻن مان هو ڪافي متحرڪ ۽ خدمت ڪندڙ هاري جو پٽ هو. سڪرنڊ سان واسطو رکندڙ بيوروڪريٽ ڪي بي رند سان نوڪر ٿي لنڊن ويو هو، هاڻي اُتان جو رهواسي آهي. هن چيو ته هاڻي وري منور هاليپوٽو جو منهن سال کانپوءِ ڏسنداسين اهو آهي حال اسان جي اڳواڻن جو.
منور هاليپوٽو کان تنظيم کسجڻ کانپوءِ هو گُم آهي، شايد پنهنجي روزي سان لڳل آهي ۽ اهوئي سٺو عمل آهي ته اوهان جيڪو ٺيڪ نه پيا ڪريو ته مهرباني ڪري قوم تي رحم کائو وڃي ڪو ٻيو ڌنڌو ڪريو، ڇڏيو سنجيده عقلمند مجب وطن ۽ ڪميٽڊ ماڻهن کي ته هو ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ اڳواڻي جو ڪردار ادا ڪن.

گهوري جان جتن تان

گهوري جان جتن تان

هلندي هوت پنهون ڏي، پيرين پنڌ ڪندياس،
پيرن ڪم ڇڏيو ته گوڏن ڀر گهلندياس،
گوڏن ڪم ڇڏيو ته چيلهه ڀر چورندياس،
چيلهه چُرڻ ڇڏيو ته هٿن ڀر هلندياس،
هٿن ڪم ڇڏيو ته سيني ڀَر سُرندياس،
مُيائي جياس ته گهوري جان جتن تان.
(شاهه)
دنيا ۾ هلندڙ انقلابي تحريڪن جي ماضي ۽ حال ۾ ڏسبو ته پارٽين منجهان نظرياتي بنيادن تي اختلافن سبب ڪيئي ٽولا،ا گروهه ۽ سياسي پارٽيون وجود ۾ اينديون آهن. انقلابي ۽ آزادي پسند تحريڪون پنهنجي روح ۾ جمهوريت پسند ۽ اختلاف راءِ برداشت ڪندڙ هجن ٿيون. جڏهن ته دهشتگرد ۽ فڪري طور غيرجمهوري قوتون ڪنهن به اختلاف راءِ يا مثبت تنقيد برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن هونديون.
منهنجي سياسي سفر لکڻ کانپوءِ اڻ ڳڻيا ماڻهو تنقيد ڪن ٿا ته وري ساراهه به، پر اوچتو ايس ٽي پي جي جنرل سيڪريٽري حيدر ملاح ٽيوٽر تان پنهنجن ڪارڪنن کي منهنجو سيل نمبر ڏئي ايس ايم ايس ذريعي گاريون ڏياريون، ڌمڪيون ڏنيون ۽ چيو ته تنهنجو گهمڻ ڦرڻ بند ڪري ڇڏينداسين. اسان جي قائد خلاف نه لک، مونکي فوراً ياد اچي ويو ته دنيا جو عالمي دهشتگرد الطاف جي تنظيم ڀتن تي چاڪنگ ڪئي هئي ته: ”جو قائد کا غدار ہے وہ موت کا حقدار ہے۔“
مونکي افسوس صرف هي آهي ته بچيل ايس ٽي پي ۾ هڪ ٻه اهڙو ماڻهو ناهي جيڪي لينن ۽ ٽراٽسڪي جي اختلافن کان واقف هجن. روس جي انقلاب ۽ چين جي انقلاب ۾ هزارين اختلاف رهيا ليڊر شپ ۽ تنظيم هڪ ٻئي خلاف لکندي هئي اڄ به اُها تاريخ موجود آهي ۽ اسين اُن مان ريفر ڪندا آهيون. مون بار بار چيو آهي ته منهنيج لکڻين تي لکو، تنقيد ڪريو، شعوري جمهوري روح جي ويڙهه آهي. دنيا ۾ دهشت ۽ دٻدٻو جيولس فيوچڪ کي لکڻ کان منع نه ڪري سگهيو، ٻاراڻين ۽ غيرجمهوري حرڪتن سان کين مزو ايندو هوندو پر منهنجي لاءِ سنڌ جو آئيندو آهي، ايندڙ نسلن کي خبر پوي ته ڪنهن قوم جي نالي ۾ غداريون ڪيون، سنڌ کي وڪڻي پنهنجا پيٽ ڀريا، ڪو ته هجي جيڪو سچ لکي.
آءٌ ترقي پسند، قومي ڪارڪن آهيان منهنجو فڪر سنڌ جي آزادي ۽ انقلاب آهي وڏي ۽ سگهاري طاقت جي خلاف وڙهي رهيو آهيان، جيل ڀوڳيا آهن، مارون کاڌيون آهن، حياتي رهي ته منزل ماڻبي. ڌمڪيون ڀاڙي جي ماڻهن کي ڏبيون آهن، وطن جا حلالي پٽ ان کان اڳرا آهن. هونئن ٿي سگهيو پئي ته مان هلڪو هٿ رکان ها پر هاڻي قوم سان واعدو اهي ته سڀ ڪجهه لکبو. دنيا جي ڪا به طاقت مونکي سچ لکڻ ۽ چوڻ کان روڪي نٿي سگهي. آءٌ ايس ٽي پي جي سنجيده ڪارڪنن کي اپيل ڪندس ته سياست ۾ تصوير جا ٻيا رُخ به ڏسو.
قومي ڪارڪنن لاءِ هڪ اهم ڳالهه اڪثر چيو ويندو آهي ته سائين اوهين 20 سال گڏ رهيا ۽ پوءِ خاميون نظر نه آيون؟ جواب آهي، جڏهن اوهين هڪ پارٽي ۾ هجو ٿا ته اتفاق ۽ اختلافن سان رهو ٿا، هزارين اختلاف ايندا آهن، انهن تي ڳالهائبو اهي، تنقيد ڪبي آهي پر هر ماڻهوءَ تي ذميواري آهي ته هو ساڳي پارٽي ۾ هوندي اختلافن کي ٻاهر نه رکبو آهي، پر جڏهن اوهين الڳ ٿيو ٿا ته پوءِ اوهان جي ذميواري ٿئي ٿي ته اختلافن کي منظرعام تي آڻيو. دنيا ۾ سنجيده پارٽيون ايئن ڪنديون آهن ۽ تنقيد جو جواب ڏين ٿيون، پر ڇڙواڳ شخصيت پرست، آمراڻا رويا رکندڙ ڪڏهن به ان ڪم ۾ هٿ نه وجهنديون آهن، جنهن سبب سنڌ جي سنجيده قومي تحريڪ نالي ماتر سُري رهي آهي. ماضي ۾ جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض محمد، ڪميونسٽ پارٽي جا کوڙ ڪتابچا، پمفليٽ ملي ويندا جيڪي سياسي، نظرياتي اختلافن تي ٻڌل آهن. قوم فيصلو ڪري شخصيت پرستي، ڇڙواڳي ۽ دهشت کي حمايت ڪرڻي آهي يا جمهوري ڪلچر انقلابي رُجحان کي.
2002ع ۾ حيدرآباد ۾ ڪانگريس ٿي ان دوران خبر پئي ته ڪامريڊ حسين بخش، پنهل ساريو ۽ ڊاڪٽر رحيم اجلاس ۾ نه پيا اچن. مان حيدر شاهاڻي ۽ فتاح سميجو سندس گهر وياسين ڪافي بحث مُباحثي کانپوءِ ڪامريڊ ۽ پنهل ڪانگريس جي پهرين ڏينهن شرڪت ڪئي. سياسي بحث دوران 11/9 کانپوءِ افغانستان ۾ آمريڪي حملي ۽ نيٽو فورسز جي قبضي واري صورتال تي پڻ بحث ٿيو.
ڪامريڊ حسين بخش جو خيال هو ته آمريڪا جي حملي جي مخالفت ڪجي منهنجو خيال هو ته نه سنڌ ۾ مذهبي ماڻهو رهن ٿا، اسين غيرضروري آمريڪي سامراج جي حمايت ڪري پنهنجي لاءِ مسئلا پيدا ڪريون، بحث ڊگهو نه ٿيو، ڇاڪاڻ جو ڪانگريس جي ڊيليگٽ جي ليول خاص نه هئي. شام جو اختتام کانپوءِ ڪامريڊ وارا هليا ويا.
اڄوڪين افغان ۽ پاڪستان جي حالتن مان محسوس ٿو ٿئي ته هڪ راند هئي. انتهاپسندي ۽ طالبان ڪلچر کي سگهارو ڪيو ويو. عالمي سامراج پنهنجن قومي ۽ سياسي مُفادن جي ڪري ڪجهه به ڪري سگهن ٿا. اُسامه بن لادن ۽ ان جا ساٿي افغان انقلاب جي خلاف عمل ۾ آيا ته آمريڪا ۽ پاڪستان جي فوج سندن مددگار هئي.
سنڌ صوفين ۽ ترقي پسند فڪر جو وطن آهستي آهستي انتهاپسندي جي گهيري ۾ اچي وئي آهي ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ مجموعي طرح سان ان بابت سوچڻ لاءِ تيار ناهي.
ڪانگريس جي ٻئي ڏينهن ڪامريڊ حسين بخش، ڊاڪٽر رحيم ۽ پنهل ساٿين سميت ايس ٽي پي مان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪيو. گهٽ ۾ گهٽ مون لاءِ ڏکوئيندڙ ڳالهه هئي. هنن ساٿين پٺيان منور لغاري هو جيڪو آمريڪا ۾ آهي ۽ ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ ٺاهي اٿائين ذهين، عقلمندي سبب دنيا ۾ آفريڪا کان وٺي واشنگٽن ڊي سي ۽ وائيٽ هائوس تائين سندس واسطا آهن ۽ سنڌ ڪيس بابت محنت ڪري آمريڪي ڪانگريس ۾ سنڌين بابت غور شروع ٿيو آهي.
مان ان ڪانگريس ۾ وائيس چيئرمين چونڊيس مون ڊاڪٽر رحيم سان ڪراچيءَ ۾ ٻه ملاقاتون ڪيون، کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيم اُن جا سمورا اُهي اختلاف هئا جيڪي دودي وقت هئا جيڪي منور وقت هئا جيڪي دلشاد سينيئر ۽ خاڪي جويو وٽ هئا. مان ساڻس سهمت ٿيندي چيو ته اندر ويهي وڙهون ۽ ڪوشش ڪريون ته هُن چيو ته اهڙو ماحول ئي نٿو بچي.
ٻئي ڏينهن صبح سوير فون آيو اوجها اسپتال مان ته هڪ سياسي ڪارڪن ڊاڪٽر رحيم کي گوليون لڳيون آهن ۽ آغا خان پهچو ڊاڪٽر رحيم پارٽي ڇڏي چُڪا هئا. اُن باوجود مون کان نه ٿيو مان شهيد قاسم چانڊيو ۽ اعجاز سامٽيو آغا خان پهتاسين، اُتي موجود نوجوانن ٻڌايو ته ڊاڪٽر زخمن دوران ٻڌايو آهي ته کيس گلزار سومرو فائرنگ ڪئي آهي. ڊاڪٽر رحيم بچي ويو 9 گوليون لڳل هئس، سندس مائٽن ڊاڪٽر قادر مگسي، حيدر شاهاڻي ۽ گلزار سومرو تي سچل ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو. سڄي سنڌ جي باشعور عوام سخت تنقيد ڪئي، اسان وٽ ڪو جواب نه هو. پارٽي جي گڏجاڻي ۾ ساٿين پڇيو ته ٻڌايو وڃي ته هي عمل پارٽي جو آهي يا گلزار جو انفرادي ڊاڪٽر چيو پارٽي جو ناهي ته پوءِ گلزار کي سزا ڏئي پارٽيءَ مان خارج ڪيو. ايئن به نه ٿيو ۽ پوءِ آهستي آهستي ايس ٽي پي جي جمهوري ۽ ڏاهپ ڀري انقلابي سياست جي پٽ وائکي ٿيندي وئي، اديب دانشور اسان کان ڀڄڻ لڳا.
ڪيس جي پوئواري نه هئڻ ڪري ڪيس ختم ٿي ويو. ڊاڪٽر رحيم سنڌ لاءِ هڪ سٺو پڙهيل ورڪر هو، اهڙي روش ڪري هو سياست ڇڏي ويو پر پنهنجي ڊاڪٽري پيشي ۾ ماهر ڊاڪٽر آهي. منور لغاري ۽ ڪامريڊ جي هيسجي وڃڻ، شايد وسيلن جي کوٽ ۽ پورهئي نه ڪرڻ سبب سنڌ نيشنل ڪانگريس پنهنجي پڄاڻي تي پهتي. هي سمورا ساٿي پنهنجي ڪم جا ماهر هئا. ايس ٽي پي جي ڪنهن اڳواڻ يا ڪارڪن کي پاڻي جي معاملن ۽ ڪالاباغ ڊئم تي ڄاڻ نه هئي. ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻو 6 مهينا پورهيو ڪري پاڻي ڪيس ٺاهيو. ٽي وي ۽ ٻين مذاڪرن ۾ ڪو به سندس سامهون نه ويهي سگهندو هو.
انهن جي وڃڻ کانپوءِ پارٽي ادارن اندر فيصلا ٿيا ته سنڌ ڪيس ٺاهيو. ڪميٽيون ٺهيون پر سنڌ ڪيس نه جوڙي سگهياسين. ڇاڪاڻ جو عقلمند ۽ ڏاها ساٿي جاکوڙي ساٿي ڇڏيندا ويا. هاڻي وڃي اُهي بچيا جيڪي ڪتاب کڻڻ سندن لاءِ مشڪل هو، ڪي اڳواڻ ته چوندا هئا ته يار ڪتاب پڙهان ٿو، اُلٽي ٿي اچي. 2002 کان 2004ع ايس ٽي پي جي معاشي تباهي جا سال آهن، ان دوران شانتي ننگر وارو ترقي پسند هائوس وڪيو ويو. سياسي سرگرميون گهٽجي ويون.
هوڏانهن عراق جو ڪويت تي قبضي کي بهانو بڻائي آمريڪا عراق تي حملو ڪيو. ڪجهه عرصي لاءِ مزاحمت ٿي ۽ پوءِ عراق تي قبضو ٿي ويو. هزارين ماڻهو مارجي ويا. شيعا ۽ ڪُرد تنظيمون جيڪي صدام جي عتاب ۾ رهيون تن آمريڪا جي حمايت ڪئي. اسلامي دنيا ۾ آمريڪا خلاف نفرت وڌي. صدام کي ڳولي هٿ ڪيو ويو کيس ڦاهي ملي. عراق ۾ مزاحمت جو گهٽ هئڻ صدام جي اڪيلائپ سبب هئي، جڏهن ته افغانستان ۾ پشتون حصي مان اڃا تائين مزاحمت طالبان جي نظرياتي فڪري جنونيت واري ويڙهه ۽ پاڪستان جي طرفان سپلاءِ لائين جو بحال هجڻ آهي. جڏهن ته افغانستان جي اُتر اتحاد جو طالبان مخالف شيعا الائنس ان عمل ۾ خاموش رهيو. امڪان هئا ته ان زماني ئي آمريڪا ايران تي به حملو ڪندو پر نه ڪري سگهيو. ايراني عوام جي ٻڌي عراق ۾ شيعن جو هجڻ لبنان جي حزب الله ۽ پاڪستان مان شيعن جي مدد سبب ۽ ساڳي وقت تي محاذ کولڻ ڪري آمريڪا ڦاسي پوي ها.
اڳتي هلي آمريڪا لبيا، مصر ۽ شام کي هدف بڻايو ۽ ڪجهه ڪاميابي حاصل ڪئي. سنڌ جي سياسي هلچل ۾ ماضي ۾ وچ اوڀر، آمريڪا ۽ يورپ ۾ سياسي اُٿل پٿل جو جائزو وٺندا هئا ۽ اُن جي روشنيءَ ۾ سنڌجي سياست جو به تعين ڪندا هئا، پر هاڻي هڪ اڌ تنظيم کي ڇڏي باقي ڪُل پيران دا خير، جنهن سبب سنڌ جي سياست عالمي ڌارا کان الڳ بيٺي آهي.

معطلي

معطلي

2004ع پارٽي جي بُحران جي خاتمي جا ڏينهن آيا. آءٌ وائيس چيئرمين هوس ڪراچي ۾ سياسي سرگرمين کي موٽايوسين. ڌارين جي آبادڪاري خلاف ڪانفرنس، مختلف مسئلن تي احتجاجي مظاهرا، افطار پارٽيون، سياسي ليڪچر، يونٽن ۽ ڪارڪنن ۾ اضافو ٿيڻ لڳو منهنجي ڪراچي جي ٻين ساٿين اعجاز سامٽيو، قاسم چانڊيو، شهيد جي مستقل مزاجي سان هرمهيني سياسي سرگرمين جي ڪري پارٽي جو مورال وڌيو. سماجي لڳ لاڳاپا به بهتر ٿيڻ لڳا.
ان دوران ڪراچيءَ مان بي پناهه وسيلا گڏ ڪياسين. سرڪاري زمينن مان مليل رقم جو پهريان 20 سيڪڙو ۽ پوءِ 60 سيڪرو پارٽي ڏانهن موڪليندا رهياسين. انهن وسيلن مان ڪراچي جي تنظيم تي خرچ ڪرڻ سبب بهتري آئي. منهنجي اندازي موجب 2004ع کان 2010ع تائين ڊاڪٽر قادر مگسي کي پارٽيءَ جي مد ۾ پنج ڪروڙن کان مٿي مليا پر افسوس جو اُهي صرف 10 سيڪڙو پارٽي کي باقي سندس ذات تي خرچ ٿيا. ان عمل ۾ اسان کان به تاريخي غلطي ٿي جو پارٽي جي اداري ۾ ٻڌائڻ بجاءِ سڌو رابطي ۾ هئاسين جنهن سبب ان ڏوهه ۾ گهٽ ۾ گهٽ آءٌ به پاڻ کي برابر جو شريڪ سمجهان ٿو. اهوئي سبب آهي جو پارٽي ڪمزور ادارا بلڪل ناهن قومي ڪارڪن بُک تي پر هڪ شخص معاشي طور سگهارو ۽ طاقتور آهي. (مان انهن وسيلن جا تفصيل پنهنجي ڪتاب ۾ ڏيندس، ڇاڪاڻ جو اخبار جو پرابلم آهي) 20 سالن جي تاريخ ۾ ڪيئي اهڙا مرحلا آيا جو مون پڻ ڪمپرومائيز ڪيو. مثال طور ڊاڪٽر دودو مهيري کي جبري طور اڪيلو ڪرڻ ڪڍڻ ۾ آءٌ به شامل هوس. مثال طور رحيم سولنگي واري حملي تي اسان جو خاموش ٿي وڃڻ وغيره.

سنڌ ۾ اتحادن جي صورتحال:

سنڌ ۾ اتحادن جي صورتحال:
غالباً 1994ع ۾ ممتاز ڀٽو جي سرواڻي ۾ يونائيٽيڊ نيشنل الائنس (يو اين اي) جڙيو، جنهن تقريباً ٻه سال سرگرم ڪردار ادا ڪيو. ايس ٽي پي جو اُن ۾ اهم ڪردار رهيو. 1996ع ۾ بينظير جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ ممتاز ڀٽو کي سنڌ جو نگران وڏو وزير بڻايو ويو. ان دوران اتحادين جو سي ايم هائوس ۾ اجلاس ٿيو، چونڊن لاءِ هم آهنگي پيدا ڪئي وئي، ان دوران ڊاڪٽر قادر مگسي ٺٽي مان چونڊ وڙهيو، اُميد به هئي ته نگران وزيراعليٰ مدد ڪندو پر اتحادين جي مدد نه ٿي چونڊ هارائي سين.
نئين سرڪار نوازشريف جي ٺهي. ياد رهي ته طويل مارشل لا کان پوءِ جمهوري تحريڪ جي شاندار جدوجهد کانپوءِ 1988ع ۾ جمهوري چونڊون ٿيون پر پ پ کي ٻه سال به هلڻ نه ڏنو ويو ۽ پوءِ نوازشريف سان به ساڳي حالت ٿي ۽ وري 1997ع جي چونڊن ۾ نوازشريف کٽي آيو ته جنرل مُشرف مارشل لا مڙهي کيس قيد ڪيو ۽ پوءِ سعودي سرڪار جي وچ ۾ پوڻ ڪري ڏهن سالن جي ٺاهه تحت کيس پرڏيهه موڪليو ويو. 1998ع کان لڳل مارشل لا ملڪ ۾ جبر پئدا ڪيو. بلوچن کي ماريو ويو، سنڌين سان جٺيون ڪيون ويون، صرف جنرل مشرف، فوج ۽ انهن جا اتحاد جاگيردار، موقعي پرست سياستدان ۽ ايم ڪيو ايم مزا ماڻيا.
اِهي اُهي قوتون هجن ٿيون جيڪي نالي ۾ جمهوريت پسند ته ساڳي وقت آمريت سان به گڏ هوندا آهن.
يونائيٽيڊ الائنس جو اجلاس ترقي پسند هائوس تي ٿيو. ممتاز ڀٽو تي سخت تنقيد ٿي ته هن نگران وڏو وزير ٿي قومي اتحاد کي نقصان پهچايو آهي ۽ انهن طرفان الزام هو ته اوهين، ايس ايڇ او جي بدلي، نوڪريون، ريتي بجري جا ٺيڪا وٺڻ لاءِ سي ايم هائوس ايندا هئا. آءٌ اکين ڏٺو شاهد آهيان ته ٻنهي الزام ۾ سچائي هئي ۽ پوءِ جلد اتحاد ٽٽي ويو.
1997ع ۾ هڪ نئون اتحاد پونم ”پاڪستان جي محڪوم قومن جو اتحاد“ اسلام آباد ۾ هڪ گڏجاڻي ۾ جوڙيو ويو. اُن وقت اشوز انتهائي اهم هئا. ڪالاباغ ڊيم جو رينگٽ پئي هليو. هي اتحاد پنجاب کي ڇڏي سنڌ، بلوچستان، پختونخواهه ۽ سرائيڪي قوم تي ٻڌل هو. 1940ع جي قرارداد کي بنياد بڻايو ويو هو. ڪافي حد تائين محڪوم قومن جو نظرياتي اتحاد هو. هن اتحاد ۾ عطاءُالله مينگل جي پارٽي بي اين پي ڊاڪٽر حئي بلوچ جي نيشنل پارٽي، محمود خان اچڪزئي جي پختونخواهه ملي پارٽي، اجمل خٽڪ جي عوامي نيشنل پارٽي، حميد اصغر شاهين سرائيڪي قومي موومينٽ، تاج لانگاهه جي پاڪستان سرائيڪي پارٽي سنڌ مان ايس ٽي پي، سنڌ نيشنل فرنٽ ممتاز ڀتو، عوامي تحريڪ رسول بخش پليجو، سيد جلال محمود شاهه شامل هئا.
اسلام آباد ۾ جُڙيل اتحاد جو باني صدر اجمل خٽڪ ٿيو ۽ سنڌ جو صدر ڊاڪٽر قادر مگسي ٿيو. رسول بخش پليجو جي سخت مُخالفت جي باوجود فيصلو برقرار رکيو ويو. ملڪ گير اتحاد ۾ ڊاڪٽر جي انٽري نئين هئي. انرجيٽڪ هو. سرگرم ڪردار ڪري کيس حمايت ٿي. رسول بخش پليجو جي پارٽي آهستي آهستي غير سرگرم ٿي وئي.
پونم زبردست تحريڪ پئدا ڪئي. سڄي ملڪ ۾ جلسا، جلوس، ريليون سنڌ جي ٻهراڙين، بلوچستان جي ٻهراڙين ۾ پڻ پروگرام ٿيا. ڪراچيءَ ۾ ٻه اهم ايونٽ ٿيا ريگل چونڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ۽ جلسو ۽ نشترپارڪ ۾ جلسو جنهنجي ڪارروائي جو اعزاز مونکي مليو. هن اتحاد ۾ ڪجهه ننڍا گروپ به شامل هئا. عزيز الله ٻوهيو، عبيدالله ڀهٽو ۽ قمر ڀٽي، اظهر جتوئي جيڪي پڻ پنهنجي حال سارو ڪم ڪندا رهيا ۽ پوءِ پونم کي نظر لڳي وئي ڪي ڳجها هٿ مُتحرڪ ٿي ويا. سرائيڪين چيو ته اسين سردارن پٺيان نه هلنداسين. اجمل خٽڪ کي اي اين پي پوئتي ڪري ڇڏيو ۽ اي اين پي نڪري وئي. سرگرميون محدود ٿيڻ لڳيون آخري اجلاس ڪوئيٽا ۾ ٿيو جنهن ۾ صدر محمود خان اچڪزئي ۽ جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر قادر مگسي ٿيو بس اُهو آخري اجلاس ثابت ٿيو. اهو چوڻ مناسب ٿيندو ته پونم ۾ ايس ٽي پي پنهنجو ڪردار نڀايو.
مونکي ايئن لڳو ته بلوچستان جي سياسي فضا تبديل ٿي رهي هئي. جنرل مشرف ٽن بلوچن سردارن جي خلاف سندرو ٻڌي بيٺو هو. اهو چئي سگهجي ٿو ته اڪبر بُگٽي جي قتل کان اڳ پونم ختم نه ٿئي ها. پونم سرگرم هجي ها ته بلوچن جي رتوڇاڻ، کين گم ڪرڻ، چچريل لاش روڪي سگهيا پئي جڏهن سنڌ، سرحد ۽ سرائيڪي علائقي مان جبر خلاف آواز اُٿي ها ته فوج اهو سڀ ڪجهه نه ڪري سگهي ها. اڄ بلوچستان کي بنگلاديش واري صورتحال ۾ آندو ويو آهي. بلوچ پنهنجي جنگ پاڻ پيا وڙهن ابتدا ۾ اڪبر بگٽي ۽ ٻين شهيدن لاءِ سنڌ ۾ احتجاج ٿيا پر هاڻي ٻن ڪالمن جي خبر به نٿي اچي.
رياست بلوچن کي اڪيلو ڪري مارڻ چاهي ٿي باوجود ان جي ته سڄي ملڪ مان انساني حقن جون تنظيمون، ترقي پسند ۽ حقيقي آزادي پسند سندن حمايت ڪن ٿا. هي وڏو الميو آهي ته ماضي ۾ فلسطين، ڏکڻ آفريڪا ۽ ٻين آزاديءَ جي تحريڪن جي عملي طرح سان حمايت ڪندا هئاسين پر پاڙيسري وطن جي ماڻهن سان ٿيل ڏاڍاين تي خاموش آهيون، ڪنهن خاموش ڪيو آهي. اهو سوال موجود آهي؟
پونم جي غيرفعال ٿيڻ کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ اُڀرندڙ مسئلن تي سنڌ نيشنل فرنٽ جي سربراهه ممتاز ڀٽو سرگرمي ڏيکاري قومپرستن سان ڳالهايو ۽ سندس گهر تي ميڙاڪو ٿيو ۽ سنڌ قومي اتحاد نالي الائنس ٺهيو. جسقم، ايس ٽي پي، جيئي سنڌ محاذ خالق جوڻيجو، جيئي سنڌ محاذ زين شاهه شامل ٿيا. اتحاد جو سربراهه ممتاز ڀٽو ٿيو. ٻه چار اجلاسن کانپوءِ سنڌ ۾ جلسن ۽ ريلين جو پروگرام رٿيو ويو. بدين، شڪارپور، ٺٽو ۽ ٻين شهرن ۾ وڏا جلسا ٿيا، بدين جي جلسي ۾ بدمزگي ٿي. جڏهن جسقم ڪارڪنن سنڌو ديش لاءِ ۽ پاڪستان مخالف نعرا هڻي رهيا ته ممتاز ڀٽو سخت لهجي ۾ کين روڪيو ته اسين پاڪستان جي سياست ٿا ڪريون ۽ اوهين اسان کي گاريون ٿا ڏيون. بشير خان قريشي شهيد ۽ نياز ڪالاڻي معاملي کي ٺاريو. اهڙي ريت هن اتحاد جا معاملا به بگڙجندا ويا. ٺٽي جي جلسي ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي پرجوش تقرير ڪئي ۽ سڄو محور ايم ڪيو ايم تي رکيائين اُن کانپوءِ اجلاس ۾ عبدالخالق جوڻيجو سخت اعتراض واريو ته ڊاڪٽر ماڻهن کي پناهگيرن خلاف ڳالهائي نسلي جهيڙا ڪرائڻ چاهي ٿو ته ڊاڪٽر وراڻيو اڳتي توکان تقرير لکرائي پوءِ ڪندس.
جيئن جيئن اتحاد سرگرم ٿيوته سازشون به وڌڻ لڳيون، هاڻي اڪثر مُک ليڊر شپ مختلف بهانا بڻائي نه پئي آئي. هڪ ڀيري ممتاز ڀٽو چيو ته سڪينڊ قيادت سان مان ڇو ويهان ۽ پوءِ جلسن جي بدنظمي اجلاسن ۾ سيڪنڊ ليڊر شپ کان جذباتي اختلاف رکڻ ڪري اتحاد عملي طرح سان پڄاڻي تي پهتو.
ايس ٽي پي جي مرڪزي اجلاس ۾ طويل بحث ٿيو ته شاهه محمد شاهه جي سيو سنڌ موومينٽ جي ڪراچي ۾ ٿيل سيمينار ۾ نه وڃڻ گهرجي ۽ فيصلي تي عمل ڪيون، پر حيراني اُن وقت ٿي جو شاهه محمد شاهه جي ڀاڻوٽ ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي ذاتي دوست جي چوڻ تي هليو ويو، کيس پارٽي اندر فصيلي جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو.
بنيادي طرح سان سڄي دنيا ۾ اتحاد فڪري بنيادن تي جوڙيا ويندا آهن، جنهن جو ڪو حدف هجي ٿو ۽ اُهي اتحاد پائيدار ڊگهي عرصي تائين هلڻ وارا ڪڏهن ڪڏهن ته ڪاميابي جي منزل تي پهچندا آهن، خاص ڪري غلامي خلاف ۽ آزادي جي تحريڪن ۾ اتحادن مُک ڪردار ادا ڪيو، مثال طور ڏکڻ آفريقا ۾ اي اين سي، ڪميونسٽ پارٽي سبڪوي جي پان آفريقن ڪانگريس، پادرين جون تنظيمون هر ڏکي گهڙيءَ کي منهن ڏئي پار چڙهيا. ياد رهي ته ڪميونسٽ پارٽي ۾ گورن جي اڪثريت ميمبر هئي اعتراض به ٿيندا رهيا پر سنجيده فڪري طرح سان سگهارا ۽ پنهنجي مقصد سان وفادار هئڻ سبب اتحاد هلن ٿا، 2006ع ۾ مون تجويز ڏني ته يوم شهداءِ ملهائڻ گهرجي. سنڌ جي تاريخ جي سمورن شهيدن کي ڀيٽا ڏيڻ گهرجي، پهريون ڀيرو ڪراچي سچل ڳوٺ ۾ شاندار جلسو ٿيو، عورتن جو به انگ موجود هو. ممتاز ڀٽو، عمران خان ۽ ٻي قيادت به شريڪ ٿي، اسان ڪراچيءَ جي ساٿين تمام گهڻن شهيدن جون تصويرون ٺهرائي نمائش ۾ رکيون منهنجي خيال ۾ سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو شهيدن جي تصويرن جي نمائش ٿي.
ياد رهي ته وري ٻي يوم شهداءِ ڪانفرنس 2011ع جي 16 ڊسمبر تي ٿي جيڪا انتهائي پوئر هئي. سبب هو ته ڇهن ڏينهن کانپوءِ اسين ايس ٽي پي کان الڳ ٿيندڙ دوستن ڪراچي پريس ڪلب ۾ ورڪرز اجلاس سڏايو هو.
12 مئي 2007ع تي هٽايل چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ڪراچي اچي رهيو هو. جنرل مشرف جي سرڪار هئي تنهن ايم ڪيو ايم کي چئي جسٽس جي رستا روڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وسيم اختر هوم منسٽر هو. تنهن سمورا رستا سيل ڪيا. پنهنجي جلسي جو اهتمام ڪيو. پ پ، اي اين پي، ايس ٽي پي ۽ ٻيا وڪيل توڙي سول سوسائٽي نڪري پئي. ساڳئي وقت ايم ڪيو ايم مزار قائد تي جلسو رٿيو ۽ سندن ويڙهاڪ ڪراچي ۾ ايئرپورٽ ڏانهن ايندڙ ماڻهن کي روڪيو تقريباً 55 سياسي ڪارڪن قتل ٿيا، جنهن ۾ عوامي تحريڪ جو ڪنراڻي پڻ شهيد ٿي ويو. جسٽس کي ايئرپورٽ تي روڪيو ويو. هوڏانهن مشرف (ق) ليگ جي جلسي کي خطاب ڪري رهيو هو ۽ مٺيون لهرائي چيائين ته اسان جي اسلام آباد ۾ ۽ ڪراچيءَ ۾ طاقت ڏسو.
ملير بار مان نڪتل سياسي ڪارڪنن ۽ وڪيلن جي جلوس تي فائرنگ ڪئي وئي ڪيئي ڪارڪن زخمي ۽ شهيد ٿيا.
جلد ئي هڪ سنڌي چئنل جي صحافي فوٽيج ٺاهي ورتا سڄي دنيا مان ايم ڪيو ايم تي تنقيد ٿي ۽ اُن مهل مشهور اينڪر طلعت حسين (آج ٽي وي) تي غنڊن حملو ڪيو جيڪو پڻ لائيو هليو پر افسوس چيف جسٽس جي بحالي کانپوءِ ان ڪيس جو ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو. قاتل آزاد آهن، دهشتگردي ۾ اضافو ٿيو آهي. بهرحال تاريخ لکجي پئي ته معصوم بي گناهه ماڻهن کي ماريندڙ نيٺ ڪٽهڙي ۾ ايندا سياسي قوتن جي ول ۽ سنجيدگي نه هئڻ سبب 12 مئي جي ڪربلا تي مستقل آواز نه اُٿي سگهيو. اڳتي هلي مفاهمت جي نالي ۾ قاتل ۽ مقتول پ پ، اي اين پي ۽ ايم ڪيو ايم گڏجي پنج سال حڪومت ڪئي. جمهوريت جي ڪمزور هئڻ سبب ڪرپٽ حڪمران پنهنجي ڪرُسي ۽ کل بچائڻ ۾ پورا رهيا ۽ پوءِ غير فطري سنڌ دشمن الائنس اقتدارجي پڄاڻي کان اڳ ختم ٿي ويو.
جون 2007ع ۾ مسلم ليگ (ن) لنڊن ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائي ايم ڪيو ايم سرڪاري پارٽين کانسواءِ وڻ وڻ جي ڪاٺي اُتي موجود هئي. سنڌ مان عوامي تحريڪ ۽ ايس ٽي پي شريڪ ٿيون. هڪ ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ تفصيلي بحث ٿيا. آخر ۾ اياز پليجو چيو ته قرارداد پاس ڪريو ته آئنده ايم ڪيو ايم سان نه ويهنداسين، منظور ٿي ڊاڪٽر قادر مگسي سان گڏ فتاح سميجو، ڊاڪٽر احمد نوناري ۽ مان هئاسين. ٻئي ڏينهن مقامي هوٽل ۾ سربراهي اجلاس ٿيو، اسين ٻاهر انتظار ڪندا رهياسين ۽ آخر ۾ فيصلو ٻڌايو ويو ته ”اي پي ڊي ايم“ نالي سان جمهوريت جي بحالي لاءِ اتحاد ٺهيو آهي. اسين لنڊن جو سير ڪري مختلف شخصيتن سان ملاقاتون ٿيون. جيئن ئي واپس پهتاسين ته سرگرمي شروع ٿي اڪثر اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيندا هئا. ڪڏهن ڊاڪٽر يا حميد ميمڻ يا وري مان نمائندگي ڪرڻ ويندا هئاسين. اوچتو چونڊن جون سرگرميون ٿيڻ لڳيون، اتحاد ۾ سخت ڏڦيڙ ٿيو ته مشرف جي چونڊن ۾ نه وڃڻ کپي. آخرڪار وڏي سرڪار (ن) ليگ، اي اين پي مولانا فضل رحمان اتحاد کان الڳ ٿي ويا. باقي جماعت اسلامي، عمران خان، حميد گل اڳوڻو ڊي جي I S I پختون خواهه نيشنل پارٽي، عوامي تحريڪ ۽ ايس ٽي پي رهجي ويون. سڄي ملڪ ۾ جلسا ٿيا. زوب، لورالائي مان ۽ هوت خان وياسين. سرحد صوبي ۾ حيدر ملاح ويو، سنڌ ۾ به جلسا ٿيا. ان دوران اسان وٽ بحث شروع ٿيو ته اهم سياسي قوتون هليون ويون. باقي پاڻ ڇو ويٺا آهيون. چونڊن جي بائيڪاٽ ۾ اسان اثر نه ڇڏي سگهياسين. ڪا قوت هئي جيڪا حميد گل، جماعت اسلامي ۽ عمران خان جي ذريعي اسان کي روڪي بيٺا هئا.
دراصل جمهوريت جي حقيقي بحاليءَ لاءِ جدوجهد ۽ چونڊن ۾ وڃڻ سگهاري قوت، عالمي دٻاءَ سبب چونڊن کي اهميت ڏني ۽ ڪمزور قوت ڪجهه ڌرين کي چونڊن خلاف ڪيو. اسين پارٽي اندر چوندا رهياسين ته هي غيرفطري غير فڪري اتحاد آهي ٻاهر نڪري اچو پر ايئن نه ٿيو. پنهنجي مرضيءَ سان ڪافي مهينن کانپوءِ ڊاڪٽر اعتراف ڪيو ته اوهين ساٿي صحيح پيا چئو. هوڏانهن نيشنل پارٽي جي مرڪزي ڪنوينشن ڪوئيٽا ۾ ان هڪ نقطي تي بحث ڪري ڊاڪٽر حئي بلوچ کي پارٽي جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو ۽ چيو ته تنهنجي ضد سبب اسان جو سياسي ۽ تنظيمي نقصان ٿيو. پختونخواهه به قبول ڪيو پر هتي اُلٽي گنگا آهي وڏي غلطيءَ جي سزا به ناهي ڪو ننڍو ليڊر يا ڪارڪن معمولي غلطي ڪري ته سزا کائي ويندو.
بهرحال چونڊ سرگرمين دوران عالمي قوتن مقامي اسٽيبلشمينٽ ۽ دهشتگردن هٿان بينظير ڀٽو ڪراچي ۾ حملو ڪرايو، انهن جو خيال هو ته ساڻس مائنس بينظير چونڊ ٿئي. آخرڪار پنڊي ۾ هو ڪامياب ٿيا. بينظير کي شهيد ڪيو ويو. ٽن ڏينهن تائين ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ ڪربلا متل هئي هر اک آلي هئي. بينظير بهادر سلڇڻي، حوصلي واري ۽ ڏاهي ليڊر هئي. موت کان نه ڊڄندي هئي. اهڙي ريت طئي ٿيل فارمولي تحت صدر زرداري ١٦حڪومت ۽ پارٽي سنڀالي بينظير جي شهادت سبب پ پ کي سرسي ملي. پنجن سالن جي دور ۾ طئي ٿيل فارمولي تحت پ پ پ، ايم ڪيو ايم، اي اين پي مفاهمت جي نالي ۾ سرڪار هلائيندا رهيا. اهي پنج سال تاريخ جا بدترين سال رهيا. ٽارگيٽ ڪلنگ، ڏوهن جو وڌڻ، بُک ۾ اضافو ٻوڏن ماڻهن کي تباهه ڪيو. تاريخ جون وڏيون تباهيون آيون ۽ 2 ڪروڙ انسان سنڌ مان بي گهر ٿيا، کين واهر نه هئڻ برابر ٿي.
بينظير ڀٽو جي شهادت تي سنڌي عوام جي ڪاوڙ ۽ احتجاج سڄي دنيا جي سامهون هو. بغير ڪنهن سڏ جي عوام روڊن رستن تي اچي نڪتو. ”نه کپي نه کپي پاڪستان نه کپي“ جا نعرا فضا ۾ بلند ٿيا، پر افسوس ته ان وقت سنڌ ۾ ڪا سچي ترقي پسند ۽ انقلابي پارٽي ۽ رهنما موجود نه هئا، جيڪي ان غم ۽ غصي ۽ عوامي ريلي کي صحيح واٽ ڏانهن وٺي وڃي. جيڪڏهن ڪا سچي انقلابي ۽ ترقي پسند پارٽي ان وقت عوامي ريلي جي قيادت ڪري ها ته اڄ سنڌ انقلابي آزادي جي راهه تي هجي ها.
2008ع ۾ اليڪشن جو اعلان ٿيو. لنڊن ۾ APDM ۾ شريڪ سڀني پارٽين اليڪشن ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو سواءِ جماعتي اسلامي، عمران خان، حميد گل، حئي بلوچ، محمود خان اچڪزئي، ايس ٽي پي ۽ عوامي تحريڪ جي. مون اعتراض ڪيو ته سڀ جمهوريت پسند اليڪشن ۾ حصو وٺن ٿا ته اسان عمران خان، جماعت اسلامي جهڙي بنيادپرستن سان ڇو گڏ بيٺا آهيون. اسان کي به جمهوريت پسندن سان گڏ هجڻ گهرجي، اڳتي هلي محمود خان پنهنجي غلطي تسليم ڪئي ۽ ڊاڪٽر حئي بلوچ کي چيئرمين شپ تان هٿ ڌوئڻا پيا، پر سنڌ جي بدقسمتي ته هتي ڪنهن به تنظيم پنهنجي غلطي جو ازالو نه ڪيو ۽ نه ئي پنهنجي غلطي مڃي. اليڪشن ٿي وئي. مشرف جو دور ختم ٿيو، جمهوريت جو دور شروع ٿيو. منهنجي خيال ۾ جمهوريت لنگڙي لولي هجي ته به آمريت کان بهتر هوندي آهي. هتان کان منهنجو تنظيم اندر اختلاف شروع ٿيو ۽ مان شخصيت پرستي جي خلاف ۽ اداري جي مضبوطي جي ڳالهه رکڻ شروع ڪئي. منهنجا اختلاف اداري جي اندر هئا، منهنجي ڪوشش هئي ته اسان اداري جي اندر رهندي هر تبديلي جي ڪوشش ڪيون پر اها منهنجي غلطي هئي. مونکي افسوس آهي ته دودي مهيري جي تنظيم ڇڏڻ وقت مان ان جو ساٿ نه ڏنو. مونکي افسوس آهي ته سحر رضوي جي وقت به مان ۽ منهنجي هم خيال دوستن مزاحمت نه ڪئي. اڄ مان پنهنجي غلطي مڃان ٿو. رحيم سولنگي، حسين بخش ٿيٻو، دودو مهيري، پنهل ساريو، منور لغاري ۽ مان جيڪڏهن هڪ ٽيم جي صورت ۾ گڏ ٿي اداري ۾ بيٺا هجون ها ته اڄ ايس ٽي پي جي صورتحال تبديل هجي ها پر (Wait and Watch) واري پاليسي جي ڪري اسان سڀ هڪ هڪ ڪري ايس ٽي پي کان الڳ ٿياسين ۽ ايس ٽي پي جو شخصيت پرستي وارو جن مضبوط ٿيندو ويو ۽ پارٽي پنهنجي اصل مقصد کان پري ٿي وئي.
2006ع کان 2009ع تائين ڪراچيءَ ۾ وسيلا پيدا ٿيا اهي وسيلا ڪراچي ۾ مضبوط تنظيم ڪاري جي ڪري پيدا ٿيا. پارٽي فيصلي مطابق انهن وسيلن 60 سيڪڙو مرڪز جي حوالي ٿيو. باقي 40 سيڪڙو ڪراچي جي تنظيم، ڪراچي جا پروگرام، منهنجي اعجاز ۽ شهيد قاسم جي ڀڄ ڊڪ ۽ گهر هلائڻ جي ڪم آيا، ڇو ته 2003ع ۾ Kindney Transplant operation کانپوءِ مون ٺيڪيداري ڇڏي ۽ زندگي گذارڻ لاءِ مونکي پارٽي فنڊ جي ضرورت هئي. اسان ان 40 سيڪرو مان ڪراچي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پارٽي يونٽ کوليا، وڏيون وڏيون ريليون، اجلاس ۽ احتجاج رڪارڊ ڪرايا. ان دور ۾ ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ پروگرام ڏٺا ويا. درياهه جي ٻئي پاسي ويهي اسان ڪراچي جي مالڪي نٿا ڪري سگهون. ڪراچي جي مالڪي ڪرڻي آهي ته اسان کي ڪراچيءَ کي پنهنجي مرڪز بڻائڻو پوندو ۽ اهائي وجهه هئي ته انهن ڏينهن ۾ ڪراچي ايس ٽي پي جو مرڪز هو. روزانو ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ مان ايس ٽي پي جا نعرا بلند ٿيندا هئا.
2009ع ۾ پي پي پي جي حڪومت جي دوران ايس ٽي پي اوچتو فيصلو ڪيو ته پي پي پي سنڌي عوام کي حق نه ڏئي رهي آهي. ”سنڌ قوم جي مالڪي ڪرڻي آهي“، ڪراچي ۾ ريلي جون تياريون زور ۽ شور سان شروع ڪيون ويون. سپر هاءِ وي تي ڊاڪٽر صاحب جو استقبال ڪيو ويو. استقبال کان پهريان نادرن باءِ پاس تي ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ منهن ماري ٿي ۽ افسوس ته ان منهن مارجي نتيجي ۾ پوليس جي فائرنگ سان اسان جا ٻه ساٿي براد ڪلمتي ۽ حسن مگسي جي شهادت ٿي. هي خبر سنڌ ۾ ڦهلجي وئي ته ڊاڪٽر صاحب تي فائرنگ ٿي آهي. هر جڳهه احتجاج شروع ٿي ويا. حيدرآباد جي احتجاج ۾ پوليس ڪجهه عورتن کي سحر رضوي سان گڏ گرفتار ڪيو. اسان کي ان وقت ئي احتجاج ڪرڻو هو پر شخصيتي فيصلي مطابق ريلي جاري رهي ۽ شهر مان ٿيندي سي ايم هائوس پهتي، دوستن اعتراض ڪيو ته ڊاڪٽر صاحب کي سي ايم هائوس نه وڃڻ گهرجي. ٻاهر ئي احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي پر ڊاڪٽر صاحب اندر ويو ذوالفقار مرزا سان ملاقات ٿي اتي ايس ٽي پي گوڏا کوڙيا ۽ صحافين ۽ دانشورن ايس ايم ايس هلائي ڇڏيا ته شهيدن جي خون جو سودو ايس ٽي پي ۽ ذوالفقار مرزا وچ ۾ ٿي ويو. شهيدن جي ايف آءِ آر ذوالفقار مرزا، ايس پي ۽ ايس ايڇ او جي نالي ڪرائي وئي. منهنجو خيال هو ته ايف آءِ آر رڳو ايس ايڇ او جي نالي تي هجي ها ته جدوجهد ڪري ان کي سزا ڏياري وڃي ها، پر ايس پي ۽ ذوالفقار مرزا جي نالي وجهڻ سان اها ايف آءِ آر ۽ شهيدن جو ڪيس اڄ به عدلات جي فائلن ۾ بند آهي ۽ براد ڪلمتي جا وارث انصاف جا منتظر آهن.
انقلابي پارٽيون نه رڳو پهنهنجن شهيدن کي هميشھ ياد ڪنديون آهن پر انهن جو ڪيس ۽ انهن جي ٻچن جو خيال پڻ رکنديون آهن. براد ڪلمتي پنج ٻارن جو پيءُ هو، پارٽي ڪڏهن به ان جي ٻارن جي پرگهور نه ڪئي. آءٌ 2009ع، 2010ع ۽ ايس ٽي پي ڇڏڻ کانپوءِ به ان شهيد جي ٻارن کي عيد جا ڪپڙا ڏياري ان جي شهادت کي سلام ڪيو. 2009ع ۾ بشير قريشي جو ملين مارچ، ڪراچي سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي سان ڀرجي ويو، مونکي خوشي ٿي ته ڪراچيءَ ۾ سنڌي قوم جو گڏ ٿيڻ هن ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڪراچي سنڌ جو دل آهي. بشير خان قومپرستن جو هيرو ٿي ويو ۽ نسل پرستن جي لاءِ منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ وارو ڪردار بڻجي ويو. اوچتو ايس ٽي پي به ڪراچي جي مالڪيءَ جو فيصلو ڪيو. سنڌي قوم خوش ٿي ته مقابلي بازي ۾ ئي صحيح پر ڪراچيءَ جي مالڪي ته ٿي. جنوري 2010ع ۾ ايس ٽي پي ريلي جو فيصلو ڪيو، مرڪزي ٽيم ڪراچي پهتي سواءِ ڊاڪٽر صاحب جي. هميشه وانگر محنت ٽيم ڪئي ۽ آخري وقت ۾ ڊاڪٽر صاحب پهچي تقرير ڪري پنهنجي قد ۽ وزن ۾ اضافو ڪيو. ڪارڪنن جي محنت ۽ اڻٿڪ جدوجهد ڊاڪٽر جي قدوڪاٺ ۾ اضافو ڪيو. ڪراچيءَ جي سرگرمين کانپوءِ ئي ڊاڪٽر کي اردو ميڊيا ۾ اهميت ملي. صرف قومپرستن ۾ هڪ بشير خان قريشي هو جو پاڻ به ڪارڪنن وانگر ڪم ڪندو هو. هر جڳهه هر وقت موجود هوندو هو. ان ڪراچيءَ ۾ عوام گڏ ڪرن لاءِ هڪ هڪ دروازي تي دستڪ پاڻ ڏني هئي، جنهن ڪري ريلي ڪامياب ٿي. ايس ٽي پي جي هزارن جي ريلي کي اسان لکين ڏيکاريو ڪوڙ ۽ لٻاڙ ڪئي وئي. عوام کي بي مقصد نعرن ۾ ڦاسايو ويو، ان پروگرام کي ڪامياب سمجهندي ڊاڪٽر صاحب جلد ئي فيبروري ۾ ڪڪري ميدان ڀرڻ جو فيصلو ڪيو. مون احتجاج ڪيو ته ايڏو وڏو ميدان ڀرڻ ڏاڍو مشڪل آهي. مون کي خبر آهي ته ڪراچي جو ڪم ڪراچي جي ٽيم کي ئي ڪرڻو آهي، جنهن کي علي حسن کي ئي هلائڻو آهي. مون ذاتي مصروفيات جي ڪري هڪ مهيني جي موڪل جي درخواست ڏني ۽ اهو ڪڪري ميدان وارو فيصلو سينٽرل ڪاميٽي جي ڪاغذي فيصلن ۾ گم ٿي ويو.
2010ع جولاءِ ۾ ٻوڏ آئي سنڌ جو ڏکايل عوام ڪراچي ڏانهن رخ ڪيو. مون محسوس ڪيو ته قدرت واري ايس ٽي پي کي ٻيهر پنهنجي منشور، عزت، آجپو ۽ خوشحاليءَ کي پورو ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي، پر ڇا سنڌ جي نام نهاد قومپرستن سنڌ جي ڏکايل عوام جو ساٿ نڀايو؟ يا رڳو اخباري بيانن ذريعي حڪمرانن کي تنقيد جو نشانو بڻايو؟ ان ٻوڏ دوران سوچيندو رهيم ته S T P هڪ انقلابي پارٽي بڻجي اڀري هيئ ۽ وقت سان گڏوگڏ انقلابي پارٽي مان پالياماني پارٽي بڻجي وئي. پالياماني پارٽين کي ووٽ جي ضرورت هوندي آهي. سنڌ جي عوام اڄ دربدر آهي، اسان ان وقت ۾ به انهن جو خيال نٿا رکي سگهون. اسان کي ان وقت حڪمرانن تي تنقيد ڪرڻ بجاءِ انهن سان گڏ بيهي عوام جي مدد ڪرڻ گهرجي ها. اسان کي پي پي پي جو متبادل ٿيڻ گهرجي ها. سنڌي عوام پي پي پي کي ووٽ نه ڏئي ته ڪنهن کي ڏئي؟ اسان کي اتي رهي پاڻ کي ثابت ڪرڻ گهرجي ها، پر افسوس جو اسان پنهنجي ڪوڙي لٻاڙ کان ٻاهر نه نڪتاسين. جوهي جي ڪجهه همت وارن جوهيءَ کي ٻڏڻ کان بچايو. ڪاش اهو جذبو اسان قومپرستن ۾ هجي ها ته اڄ سنڌ ۾ سنڌي عوام جو اهو حال نه هجي ها.
ان وقت قومپرست چاهين ها ته هزارين سنڌين کي ڪراچيءَ ۾ آباد ڪري سگهيا پئي ۽ ڪراچي جي مالڪي جو واعدو پاڙن ها، پر نسل پرستن جي زور تي سنڌين کي ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيڻ نه ڏنو ويو. وانا، وزيرستان، افغانستان، يو پي ۽ بهار کان پناهگير اچي ڪراچي ۾ رهي سگهن ٿا، پر سنڌ جي غريب عوام لاءِ ڪراچي جا دروازا بند آهن. قومپرستن سنڌي عوام جو ساٿ نه ڏنو، تنهن ڪري سنڌي عوام هڪ ڀيرو ٻيهر وڏيرن ۽ نسل پرستن کي ووٽ ڏيڻ تي مجبور ٿي ويو.








نوٽ:
تاريخ 2011-05-24 تي علي حسن چانڊيو کي سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ پاران شوڪاز نوٽيس ڏنو ويو جيڪو اڳتي هلي سندس پارٽيءَ مان عليحدگي جو سبب بڻيو. تاريخ جي رڪارڊ جي درستگيءَ لاءِ اسان اهو شوڪاز ۽ علي حسن پاران ان وقت ان جو جوب جيڪو نج سياسي جواب آهي، ڇاپي رهيا آهيون ته جيئن حقيقتون سنڌ جي عوام جي آڏو اچي سگهن.

معطلي ۽ سبب ڄاڻايو نوٽيس

معطلي ۽ سبب ڄاڻايو نوٽيس

محترم علي حسن چانڊيو صاحب
پارٽي قيادت گذريل چند مهينن کان اهو محسوس ڪندي رهي آهي ته اوهان بحيثيت ميمبر سينٽرل ڪاميٽي ۽ وائيس چيئرمين، پارٽي جي نظرياتي لائين ۽ تنظيمي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندا رهيا آهيو ۽ پوءِ پارٽي ادارن جي گڏجاڻين ۾ زباني معذرت ڪندا رهيا آهيو. ان سلسلي ۾ هيٺين ڳالهين جو ذڪر ڪجي ٿو.
ا) اپريل 2011ع ۾ ڪراچي، پارٽي تنظيم جي انتشار جي سلسلي ۾ سيڪريٽري جنرل توهان سان ٽي دفعا فون تي رابطو ڪيو، تاهم توهان ان سلسلي ۾ ڪن لاٽار ڪئي ۽ ڪنهن به قسم جو مثبت ڪردار ادا نه ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ آدمشماري مانيٽرنگ ۽ پارٽي سرگرميون اڃا تائين بند رهيون آهن.
ب- ڄاتل سڃاتل پارٽي مخالفن سان توهان انتهائي ويجها لاڳاپا رکندا آيا ۽ ان حوالي سان پارٽي ساک کي پهچندڙ نقصان بابت توهان کي نشاندهي به ڪئي وئي. تاهم توهان ان سلسلي ۾ به لاپرواهي جو مظاهرو ڪيو.
ت- آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي (AMC) طرفان 30 اپريل جي ڦيٿاروڪ هڙتال جي سلسلي ۾ پارٽي چيئرمين سان مشوري کانسواءِ توهان پير پاڳاري، عرفان الله مروت ۽ اي اين پي اڳواڻ سان ملاقاتون ڪيون. جڏهن ته توهان کي ان سلسلي ۾ ڪا به رسمي ذميواري سونپيل نه هئي.
سموري پارٽي قيادت کي 17 مئي 2011ع تي ان وقت انتهائي صدمو پهتو، جڏهن توهان جو ”مقدمو“ اخبار ۾ اهو بيان شايع ٿيو ته ”نوازشريف سان ملڻ پنهنجو پان کي دوکو ڏيڻ جي برابر هوندو ۽ قومپرست ڪنهن به موقعي تي سندس ساٿ نه ڏيندا“ ياد رهي ته ساڳئي ڏينهن تي پارٽي چيئرمين طرفان ميان نوازشريف جي اعزاز ۾ ترقي پسند هائوس تي مانجهاندي جو انتظار ڪيل هو. ان حوالي سان هيٺيان مزيد نڪتا قابل غور آهن.
1) مشرف دور ۾ لنڊن ۾ سڏايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ميان نوازشريف جي صدارت ۾ آل پارٽيز ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (APDM) ٺاهي وئي. انهيءَ ڪانفرنس ۾ توهان پاڻ ايس ٽي پي وفد ۾ چيئرمين سان گڏ شامل ٿيا هئا.
2) ڪجهه ڏينهن اڳ توهان ڪراچيءَ مسلم ليگ (ن) جي ذوالفقار کوسه ۽ ظفر اقبال جهڳڙا جي اڳواڻيءَ ۾ آيل وفد سان شاهه محمد شاهه جي گهر ملاقات ڪئي.
3) پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي طرفان اهو فيصلو ڪيل آهي ته ايس ٽي پي پارلياماني سياست جو مورچو ڪڏهن به خالي نه رکندي ۽ اليڪشن ۾ حسب طاقت حصو وٺندي رهندي. ان سلسلي ۾ توهان خود به دؤڙ واري تڪ تان صوبايئ سيٽ تي اليڪشن لڙي چڪا آهيو. سينٽرل ڪميٽيءَ طرفان وقت به وقت ٺهندڙ پارلياماني بورڊ ۾ به توهان ميمبر رهندا آيا آهيو، اهڙي پس منظر ۾ توهان طرفان ملڪ جي هم اهم پارلياماني ڌر سان ملاقات کي نندڻ نه صرف تعجب انگيز بلڪه معنيٰ خيز پڻ آهي. توهان جي ان موقف وٺڻ سان حڪمران اتحاد ۽ ايم ڪيو ايم کي سنڌ ۾ فائدو ٿيو آهي.
4) ايس ٽي پي طرفان ميان نوازشريف جي مان ۾ 17 مئي 2011ع تي مانجهاندي جي دعوت رکيل هئي، جيئن ته اڃا ڪنهن به قسم جي پاليسي ڊائلاگ جي نوبت نه آئي هئي تنهن ڪري ان کان اڳ توهان جهڙي سينئر ساٿي جو مخالفانه بيان نه فقط ڇڙواڳي جو مظهر آهي بلڪه پارٽي ساک لاءِ نقصان ڪار پڻ آهي. اهو عمل نه فقط تنظيمي اصولن جي ڀڃڪڙي اهي پر ان کي توهان جي آئيني ذميوارين جي سراسري خلاف ورزيءَ سان به تعبير ڪري سگهجي ٿو.
5) ان بيان بعد جناب چيئرمين صاحب پنهنجا خصوصي آئيني اختيار استعمال ڪندي توهان کي اول زباني طرح پارٽي وائيس چيئرمين جي عهدي تان معطل ڪيو، جنهن جو اطلاع مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري جناب نندلال مالهي طرفاه توهان کي فون تي ڏنو ويو ۽ اهو پڻ چيو ويو ته توهان 18 مئي 2011ع تي ٿيندڙ مرڪزي باڊي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري پنهنجي پوزيشن جي وضاحت ڪريو.
6) نه فقط توهان 18 مئي 2011ع تي مرڪزي باڊي جي ميٽنگ ۾ شرڪت ڪرڻ کان انڪار ڪيو، بلڪه پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن توڙي پارٽي کان ٻاهر اثر رسوخ رکندڙ دوستن سان رابطا ڪري پارٽي قيادت کي تنقيد جو نشانو بڻايو. پارٽي سيڪريٽري جنرل طرفان گذارش ڪرڻ جي باوجود توهان پنهنجي مذڪوره بيان جي اڄ 24 مئي 2011ع تائين ڪا به ترديد جاري نه ڪئي آهي ۽ نه ئي توهان جناب چيئرمين صاحب سان ذاتي ملاقات ڪري ان سلسلي ۾ ڪا وضاحت ڪئي آهي.
هاڻي ان ڳالهه ۾ ڪنهن شڪ شبهي ۽ ابهام جي گنجائش نه رهي آهي ته اوهان انهيءَ موقعي تي هڪ سوچيل سمجهيل بيان جاري ڪري پارٽي قيادت لاءِ شرمندگي پئدا ڪرڻ ۽ سنڌي ماڻهن جي بهتر مستقبل لاءِ نئين سياسي صفبندي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. تنهن ڪري هن سبب ڄاڻايو نوٽيس ذريعي جناب چيئرمين صاحب ۽ مجاز آئيني اٿارٽي جي منظوري بعد، توهان کي باضابطا اطلاع ٿو ڏجي ته توهان جي وائيس چيئرمين واري حيثيت تا حڪم ثاني معطل رهندي. ٻئي طرف توهان کي اها هدايت ٿي ڪجي ته هن نوٽيس جي وصولي جي ڏهن ڏينهن اندر اوهان تفصيلي طرح مزڪوره نڪتن بابت پنهنجي صفائي پيش ڪندا ته جيئن آئنده سينٽرل ڪميٽي اجلاس ۾ ان سلسلي ۾ توهان بابت حتمي فيصلو ڪري سگهجي.
ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ
سيڪريٽري جنرل
سنڌ ترقي پسند پارٽي
2011-05-24

معطلي ۽ سبب ڄاڻايو نوٽيس جو جواب

معطلي ۽ سبب ڄاڻايو نوٽيس جو جواب

محترم ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ
سيڪريٽري جنرل
سنڌ ترقي پسند پارٽي
۽ سينٽرل ڪميٽي
تاريخ: 31 مئي 2011ع

عنوان: معطلي ۽ سبب ڄاڻايو نوٽيس جو جواب

26 مئي 2011ع تي ايس ٽي پي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل جي صحيح سان جاري ٿيل معطلي ۽ سبب ڄاڻايو نوٽيس مليو، جنهن جو جواب ڪجهه هن ريت ڏجي ٿو.
نوٽيس جي ابتدا م چيو ويو آهي ته پارٽي قيادت گذريل چند مهينن کان اهو محسوس ڪندي رهي آهي ته اوهان بحيثيت ميمبر سينٽرل ڪاميٽي ۽ وائيس چيئرمين، پارٽي جي نظرياتي لائين ۽ تنظيمي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندا رهيا آهيو ۽ پوءِ پارٽي ادارن ۽ گڏجاڻين ۾ زباني معذرت ڪندا رهيا آهيو.
سڀ کان پهرين ڳالهه ته آءٌ بحيثيت وائيس چيئرمين قيادت جو حصو رهيو آهيان ۽ ان سڄي عرصي دوران ڪهڙي پارٽي قيادت ۽ ڪهڙي مرحلي تي منهنجي پاران ڪيل نظرياتي لائين ۽ تنظيمي اصولن جي ڀڃڪڙين جي نشاندهي ڪئي وئي ۽ مون ڪهڙي اداري ۾ ڪهڙي غلطي جي معافي ورتي آهي؟ ان لاءِ آءٌ ايترو چوندس ته مٿيون الزام مڪمل طور تي مفروضن تي ٻڌل آهي ۽ هي تعصب پرستي ۽ ڪنهن مخصوص ماڻهو جي راءِ کانسواءِ ڪجهه به نه آهي. جيڪڏهن ايئن ناهي ته پوءِ ادارن جي ميٽنگس جو منٽس بڪ موجود آهي ۽ ان کي آڏو رکي ٻڌايو وڃي ته مون ڪهڙي اداري اندر ڪهڙين غلطين جي معذرت ڪئي آهي. ٻي صورت ۾ آءٌ مٿيون الزام بي بنياد تصور ڪرڻ جو حق رکان ٿو.
1) مون تي الزام آهي ته اپريل 2011ع ۾ ڪراچي، پارٽي تنظيم جي انتشار جي بابت سيڪريٽري جنرل ٽي دفعا مون سان رابطو ڪيو پر مون پنهنجو ڪردار ادا نه ڪيو، جيڪو پڻ بي بنياد الزام ۽ سيڪريٽري جنرل پاران پنهنجي ذميوارين کان انحراف کانسواءِ ڪجهه نه آهي. سڀ کان پهرين سيڪريٽري جنرل صاحب کي پارٽي جو آئين پڙهڻ گهرجي، جنهن ۾ اهو واضح ڪيل آهي ته سيڪريٽري جنرل جي ذميواري ۾ شامل آهي ته ڪنهن به علائقي ۾ تنطيمي بحران پيدا ٿئي ٿو ته هو لاڳاپيل تنظيم جي اڳواڻ سان سڌو رابطو ڪري ۽ معاملن کي بهتر ڪري پر ان جي ابتڙ سيڪريٽري جنرل صاحب کي ڇهن مهينن دوران هڪ ڀيرو به اها زحمت نه ڪرڻي پئي ته هو ڪراچي جي تنظيمي بحران کي حل ڪري. سيڪريٽري جنرل صاحب تنظيمي انتشار بابت مونکي چوڻ بجاءِ ڊي سي او (جيڪو تنظيمي معاملن جو ذميوار آهي) سان سڌو رابطو ڇو نه ڪيو؟ ان جي وضاحت سيڪريٽري جنرل صاحب کي پاڻ ڪرڻ گهرجي ته هن مون کي ڪهڙي آئين تحت چيو يا سيڪريٽري جنرل پنهنجي ذميوارين کان جان آجي ڪرائڻ پئي گهري؟ ان سڀني ڳالهين جي باوجود پارٽي جي بهتري/مفادن کي نظر ۾ رکندي مون مٿي ڄاڻايل مسئلي بابت ڊي سي او ڪراچي ڪامريڊ حسن سمون سان ڳالهايو هو ۽ مزڪوره بحران/انتشار بابت سينٽرل ڪاميٽي جي اجلاس ۾ پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. تنهن ڪري نه ته مون ڪن لاٽار ڪئي ۽ نه ئي وري مٿين سبب جي ڪري آدمشماري مانيٽرنگ ۽ پارٽي سرگرميون متاثر يا بند رهيون. مون کي سيڪريٽري جنرل صاحب جي ڄاڻ تي رحم اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته ايس ٽي پي ڪراچي ۾ گهر شماري مانيٽرنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن جو ثبوت مختلف ٽي وي چينلز جي فوٽيجز يا اخباري خبرن/رپورٽس مان ملي سگهي ٿو. باقي جيڪي فرد پنهنجي سوچ ۽ عمل ۾ سياسي ڪارڪن ئي ناهن ته اهي ڪهڙي سرگرمي ڪندا؟ اهڙن فردن پاران سرگرم نه ٿيڻ جو ذميوار آءٌ نه پر وري به سيڪريٽري جنرل ئي ٿئي ٿو، ڇو ته آئيني طور هو ئي تنظيمي معاملن جو انچارج آهي. سيڪريٽري جنرل کي گهرجي ته هو کانئن پڇاڻو ڪري ۽ قصورار جي خلاف تنظيمي ڪارروائي ڪري. جيستائين پارٽي سرگرميون اڃا تائين بند هجڻ جو سوال آهي ته اهو ڊي سي او ڪراچي ڪامريڊ حسن سمون کان پڇيو وڃي ته ڪراچي اندر پارٽي سرگرميون جاري آهن يا نه. ان سلسلي ۾ مون تي الزام هڻڻ بي بنياد ٿيندو.
(ب) نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته آءٌ ڄاتل سڃاتل پارٽي مخالفن سان انتهائي ويجها لاڳاپا رکندو آيو آهيان ۽ ان حوالي سان پارٽي ساک کي پهچندڙ نقصان بابت مونکي نشاندهي به ڪئي وئي.
جيتوڻيڪ نوٽيس ۾ اهو ناهي ڄاڻايو ويو ته آءٌ ڪهڙين پارٽي مخالف ڌرين سان ويجها لاڳاپا رکندو آيو آهيان، پر تنهن هوندي به ان ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته مون ڪنهن به پارٽي مخالف ڌر سان ويجها لاڳاپا ناهن رکيا ۽ نه ئي ان متعلق ڪڏهن مون کي اهڙي ڪا نشاندهي ڪئي وئي آهي.
تنهن ڪري اهو هڪ بي بنياد الزام کانسواءِ ڪجهه ناهي جي ان ۾ ڪا سچائي هجي ها ته سبب ڄاڻايو نوٽيس ۾ واضح ڪري انهن پارٽي مخالف ڌرين جي نالا ڄاڻايا وڃن ها، جن سان مان لاڳاپا رکندو آيو آهيان. ان الزام جي بي بنياد هجڻ جي اها به هڪ وڏي ثابتي آهي جو هتي الزام ته لڳايو ويو آهي پر هڪڙي به پارٽي مخالف ڌر جو نالو ناهي ڄاڻايو ويو. تنهن ڪري آءٌ اهو چوڻ ۾ عار محسوس نٿو ڪريان ته اهي هٿ ٺوڪيا الزام هڻي سبب ڄاڻايو نوٽيس جو پيٽ ڀريو ويو آهي.
(ت) نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي (AMC) طرفان 30 اپريل جي ڦيٿاروڪ هڙتال جي سلسلي ۾ مان پارٽي چيئرمين سان مشوري کانسواءِ پيرپاڳاري، عرفان الله مروت ۽ اي اين پي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون، جڏهن ته ان سلسلي ۾ مون کي ڪا به رسمي ذميواري سونپيل نه هئي.
مٿي بيان ڪيل صورتحال کي واضح ڪرڻ لاءِ آءٌ اهو چوندس ته مان پارٽي چيئرمين جي هدايتن ۽ سيڪريٽري جنرل (جيڪو آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي جو سيڪريٽري پڻ هو) جي ڪيترائي ڀيرا چوڻ تي ڪراچيءَ ۾ گهر شماري جي معاملي تي انتهائي سرگرم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهيان. پير پاڳاري ۽ عرفان مروت سان ملاقاتن کان اڳ ۾ به ڪيترين ئي گڏجاڻين ۾ پارٽي جي نمائندگي ڪندو رهيس، جيڪڏهن مون کي رسمي ذميواري سونپيل نه هئي ته پوءِ ان وقت پارٽي کي خيال ڇو ڪو نه آيو ته مون کي انهن گڏجاڻين ۾ شريڪ نه ٿيڻ گهرجي؟ انهيءَ سڄي سرگرمي تي اعتراض ڇو نه ڪيو ويو؟
منهنجي ڄاڻ موجب پارٽي گهر/آدمشماري کي سنڌي عوام جي زندگي ۽ موت جو مسئلو سمجهي ٿي، تنهن ڪري ان سلسلي ۾ مٿي ذڪر ڪيل ڌرين سان ملڻ ۽ انهن جي گهرشماري معاملي تي قومپرستن جي موقف جي حمايت ڪرڻ سان سنڌ ۽ سنڌي قوم جو نقصان ٻڌايو وڃي؟ باقي سائين جن جي معلومات لاءِ آءٌ واضح ڪندو هلان ته اي اين پي سان آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي جي ملاقات ۾ مان شامل نه هيس.
سبب ڄاڻايو نوٽيس ۾ 17 مئي 2011ع تي نوازشريف کي ترقي پسند هائوس تي پارٽي چيئرمين طرفان ڏنل مانجهاندي بابت تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري مان ان جو جواب/وضاحت پڻ تفصيل سان ڪرڻ چاهيان ٿو.
17 مئي 2011ع تي نوازشريف ڊاڪٽر صاحب جي دعوت تي ترقي پسند هائوس تي آيو، ان سلسلي ۾ پارٽي قيادت/سينٽرل ڪاميٽي کي اڳواٽ اعتماد ۾ نه ورتو ويو. هي دعوت عام قسم جو مانجهندو نه پر نظرياتي، سياسي طرح سان حڪمت عملي جو بنياد وجهندڙ دعوت هئي، جنهن جو اقرار خود ڊاڪٽر صاحب پنهنجي مختلف بيانن ۾ نوازشريف سان ٿيل ملاقات کي سنڌ ۾ نئين سياسي صف بندي قرار ڏئي ڪيو آهي. ان ڪري مان سمجهان ٿو ته اهڙي قسم جي گڏجاڻين/ملاقاتن/صف بندين کان پهريان پارٽي ادارن اندر تفصيلي بحث ڪري سموري قيادت کي اعتماد ۾ وٺي پوءِ ڪا پيش رفت ڪرڻ گهرجي.

نواز شريف معاملي تي پارٽي اندر پيدا ٿيل صورتحال جو پس منظر ڪجهه هن طرح آهي:
16 مئي 2011ع تي رات جو ساڍي نائين وڳي مقدمو اخبار جي عيوضي مون سان رابطو ڪيو ۽ نواز شريف جي سنڌ جي دوري بابت منهنجي راءِ معلوم ڪئي، مون کيس ٻڌايو ته نوازشريف وٽ سنڌ کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي، هن پاران قومپرستن سان ملڻ ۾ ڪو فرق نه پوندو پر عقلمند قومپرست قيادت نئين صف بندي ۾ نواز شريف سان گڏ نه بيهندي. اهو هڪ تجزياتي بحث هو جيڪو بعد ۾ هن ڪجهه ٽوڙي مروڙي منهنجو بيان ڪري هلائي ڇڏيو. ان جي مون کي خبر تڏهن پئي جڏهن ڊاڪٽر حميد ميمڻ مون کي فون ڪري چيو ته ڇا نواز شريف معاملي تي تو بيان ڏنو آهي؟ مون جواب ۾ نه چيو پر هن ٻڌايو ته منهنجي نالي سان اهڙو بيان قدمو اخبار ۾ شايع ٿيل آهي ان کانپوءِ مون مقدمو اخبار گهرائي ڏٺي ته ان ۾ مذڪوره بيان ڇپيل هو. ان سڄي صورتحال 17 مئي 2011ع واري نواز شريف سان گڏجاڻي واري پروگرام کي سبوتاز ڪرڻ جو منهنجو ڪو به ارادو ڪو نه هو جيڪڏهن منهنجو ڪو اهڙو مقصد/منصوبو هجي ها ته آءٌ پريس ڪانفرنس يا گهڻي پڙهيون ويندڙ اخبارن يا ٽي وي چينل وارن کي پريس رليز جاري ڪيان ها، پر جيئن مان مٿي چئي چڪو آهيان ته منهنجو اهڙو ڪو به مقصد نه هو، اهو صرف ۽ صرف هڪ تجزياتي بحث هو. جيئن ته ٻئي ڏينهن 18 مئي 2011ع تي پارٽي جي مرڪزي ڪابينا جو اجلاس رکيل هو ۽ مون سوچيو ته سڀاڻي واري اجلاس ۾ ان معاملي تي ڳالهائينداسين ۽ جي ضرورت پئي ته ان بيان جي وضاحت ڪئي ويندي، پر ان کان اڳ روايتي طرح سان ڊاڪٽر صاحب ڪاوڙ ۾ اچي مون کي وائيس چيئرمين جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو جنهن جو اطلاع مون کي جوائنٽ سيڪريٽري طرفان فون ذريعي ڏنو ويو، جنهن چيو ته هاڻي اوهان وائيس چيئرمين ناهيو رهيا، مون کيس چيو ته 24 ڪلاڪ انتظار نٿا ڪريو، سڀاڻي ان معاملي تي تفصيلي ڳالهائينداسين، جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته ڊاڪٽر صاحب جو حڪم آهي ۽ پوءِ موٽ ۾ کيس چيو ته جي ڊاڪٽر صاحب جو حڪم آهي ته اکين تي قبول آهي.
ڇاڪاڻ جو اڳ ۾ به ڊاڪٽر سومار متعلق اهڙو ئي هڪ طرفو فيصلو ٿي چڪو هو، تنهن ڪري هڪ ڪارڪن اهڙا سربراهي فصيلا قبول ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڇا ٿو ڪري سگهي. ادارن جي ته اهميت پاڻ وٽ رهي ڪانهي.
1) جڏهن نوازشريف لنڊن ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي هئي ته اهو دور مشرف جي آمريت وارو دور هو ۽ ان وقت پاڪستان جون سموريون پارٽيون (ايم ڪيو ايم ۽ مشرف پاران جوڙيل ق ليگ کي ڇڏي) ان ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيون ۽ ان وقت ايس ٽي پي پاران پڻ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ايس ٽي پي جو وفد لنڊن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو جنهن جي نتيجي ۾ آءٌ چيئرمين صاحب ۽ ٻين ساٿين سان گڏ ان ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو هيس. مان هتي اهو ضرور چوڻ چاهيندس ته سياسي صف بنديون رڳو ان بنياد تي ناهن ڪيون وينديون ته ماضي ۾ به اسان فلاڻي ڌر سان ملندا رهيا آهيون ته پوءِ هاڻي ڇو نه بلڪه معروضي حالتن مطابق فيصلا ڪيا ويندا آهن ۽ ظاهر آهي ته جڏهن لنڊن ڪانفرنس سڏائي وئي هئي ۽ اي پي ڊي ايم جو وجود عمل ۾ آيو ته ملڪ جي سياسي صورتحال ڪجهه ٻي هئي، ان دور ۾ اسان پيپلز پارٽي سان به اينٽي گريٽر ٿل ڪئنال ۽ ڪالاباغ ڊيم ايڪشن ڪاميٽي ۾ گڏ هئاسين ته پوءِ ڇا هاڻي ان جو مطلب اهو ورتو وڃي ته اسان کي هاڻي به پيپلز پارٽي جي غلط ڪارين ۾ ساڻن گڏ هئڻ گهرجي؟ نه هرگز نه اسان پيپلز پارٽي سان جمهوريت جي بحالي واري جدوجهد، گريٽر ٿل ڪئنال، ڪالاباغ ڊيم، حيدرآباد ضلعي کي پراڻي حيثيت ۾ بحال ڪرڻ وارن مسئلن تي گڏ هئاسين ۽ اميد ڪئي سين ته پيپلز پيپلز پارٽي اقتدار ۾ اچي سنڌ جا مسئلا حل ڪندي پر پيپلز پارٽي به اسان سان ايئن ئي دوکو ڪيو جيئن نواز ليگ اي پي ڊي ٺاهڻ کانپوءِ ڪيو.
2) ڪراچي ۾ مسلم ليگ (ن) جي ذوالفقار کوسه ۽ ظفر اقبال جهڳڙا سان منهنجي ملاقات شاهه محمد شاهه سپنا اڳواڻ پاران ڏنل مانجهاندي جي موقعي تي ٿي هئي. شاهه محمد شاهه جي ان دعوت جو اطلاع مون چيئرمين صاحب کي ڏنو هو ۽ کائنس پڇيو هو ته دعوت ۾ وڃڻ گهرجي يا نه، جنهن جي جواب ۾ چيئرمين صاحب چيو هو ته وڃڻ ۾ ڪو هرج ناهي توهان وڃو. ان کانپوءِ ان دعوت ۾ شريڪ ٿيو هيس. توهان جي ڄاڻ لاءِ وضاحت ڪندو هلان ته مان صرف مانجهاندي ۾ شرڪت ڪئي هئي ۽ انهن جي گڏجاڻي توڙي پريس ڪانفرنس ۾ شامل نه ٿيو هيس.
3) مان پارٽي پاران پارلياماني سياست جو مورچو خالي نه رکڻ واري موقف سان هميشه سهمت رهيو آهيان ۽ اهو به صحيح آهي ته پارلياماني سياست لاءِ پارٽي جي عملي ڪوشش جو حصو رهيو آهيان ۽ هن وقت به پارلياماني محاذ کي خالي ڇڏڻ جي حق ۾ ناهيان. پارٽي هميشه رٿابندي ۽ ادارن ۾ سياسي حڪمت عملي تي تفصيلي بحث مباحثن جي نتيجي ۾ اتحادي طئي ڪيا آهن. نوازشريف سان نئين صف بندي ڪرڻ ڪهڙي اجلاس ۾ طئي ٿيو؟
سنڌ جي موجوده سياسي صورتحال ۾ ايس ٽي پي پاران طئي ڪيو ويو هو ته سنڌ اندر سياسي صف بندي طور سنڌ جون ٻيون قومپرست ڌريون ئي ايس ٽي پي جون اتحادي آهن، جنهن کي نظر ۾ رکندي پارٽي ٻين قومپرست ڌرين سان پهريان ورڪنگ رليشن شپ قائم ڪئي ۽ بعد ۾ سپنا نالي اتحاد جوڙيو ويو. مونکي ٻڌايو وڃي ته نواز شريف يا نواز ليگ وٽ سنڌ کي ڏيڻ لاءِ ڇا آهي؟ منهنجي نظر ۾ نوازشريف جو سنڌ ۾ ڪو جامع وووٽ بئنڪ ئي نه آهي، ان ڪري ان سان اليڪشني اتحاد ڪرڻ سان ڪو به فائدو نه ٿيندو. ٻيو ته نواز ليگ اي پي ڊي ايم ۾ پنهنجي اتحادي سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو جو هاڻي ان مان چڱي اميد رکجي؟ اي پي ڊي ايم جي هڪ اجلاس ۾ چوڌري نثار ٻين پارٽين جي نمائندن کي پڪ ڏياري هئي ته جيڪڏهن نوازشريف به اليڪشن ۾ حصو ورتو ته چوڌري نثار اليڪشن ۾ نه ويندو ۽ هو توهان ڀائرن اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪندڙ پارٽين) سان گڏ هوندو ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته چوڌري نثار اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو يا اليڪشن وڙهي پهريان وزير ۽ پوءِ مخالف ڌر جو اڳواڻ ٿيو.
لنڊن ڪانفرنس ۾ ٻين ڌرين سان گڏ نواز ليگ به ان ڳالهه تي سهمت هئي ته ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ ڪا به سياسي ڌر ايم ڪيو ايم سان اتحاد نه ڪندي؟ لنڊن ڪانفرنس جي ميزبان جي حيثيت ۾ سڀ کان وڌيڪ اخلاقي ذميواري نواز ليگ جي هئي ته هو ايم ڪيو ايم سان اتحاد نه ڪري پر توهان سڀني ڏٺو ته نواز ليگ جو اسحاق ڊار ۽ ٻيا اڳواڻ 90 تي حاضري ڀرڻ لاءِ آيا هئا پر جيئن ته ايم ڪيو ايم اڳ ۾ ئي پ پ جي حڪومت ۾ ڀاڱي ڀائيوار هئي ان ڪري حڪومت مخالف نواز ليگ سان ڳالهيون اڳتي نه وڌي سگهيون. پاڪستان جي موجوده اليڪشني نظام ۾ ايم ڪيو ايم جون ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ صوبائي توڙي قومي اسيمبلي جون سيٽون وري به ايم ڪيو ايم جي سيٽن جي ضرورت پوندي؟ پوءِ ڇا نواز ليگ ايم ڪيو ايم جي مدد سان حڪومت ٺاهڻ کي ترجيح نه ڏيندي ۽ وري مخالف ڌر ۾ ويهندي؟ تنهن ڪري ان ڳالهه جي ڪهڙي پڪ آهي ته ايندڙ اليڪشن کانپوءِ نواز ايم ڪيو ايم سان ٺاهه نه ڪندو؟ ان کانسواءِ نواز ليگ سنڌ ۾ پ پ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مستقبل ۾ فنڪشنل ليگ سان اتحاد نه ڪندي يا وري ق ليگ ۾ شامل وڏيرن جهڙوڪ شيرازي گروپ، مهر ڀائر ۽ ٻين کي پاڻ سان گڏ کڻي نه هلندي؟ ان جي به ڪا خاطري نه آهي ته پوءِ اسان پنهنجي نظرياتي ساک کي نقصان ڇو پهچايون؟
ايس ٽي پي جو نظرياتي پروگرام آهي ته پنجاب، ايم ڪيو ايم ۽ مفادپرست جاگيردار سنڌ جا وڏا دشمن آهن ۽ ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته نوازشريف پنجاب جي فوج ۽ اسٽيبلشمينٽ جو نمائندو آهي، هو پاڪستان ۾ هڪ قوم جو تصور ڏئي ٿو، هو 73ع جي آئين ۾ ڪا به تبديلي آڻڻ نٿو چاهي، هو ملڪ ۾ وڌيڪ انتظامي صوبا ٺاهڻ جي حق ۾ آهي، انهن سڀني ڳالهين جو اظهار نوازشريف 17 مئي 2011ع تي ڊاڪٽر صاحب سان گڏ ڪيل پريس ڪانفرنس دوران پڻ ڪيو. هاڻي ان سڄي صورتحال کانپوءِ مونکي نواز ليگ ۽ سنڌ جي قومي جمهوري تحريڪ جو ميلاپ ٻڌايو وڃي.
نواز ليگ کي پرکڻ لاءِ سندس پاران ماضي توڙي هاڻوڪي دور ۾ ڪيل سنڌ دشمن وارن عملن تي نظر ڦيرائڻ ضروري آهي ۽ نواز ليگ جي اهڙي سنڌ دشمني جا ڪجهه مثال هيٺ بيان ڪجن ٿا.
28 مئي 1998ع تي نوازشريف ائٽمي ڌماڪن ڪرڻ کانپوءِ اهو اعلان ڪيو هو ته هاڻي هو وڏو ڌماڪو ڪالاباغ ڊيم ٺاهي ڪندو بلڪل ان ئي انداز ۾ جيئين ان کانپوءِ پرويز مشرف مڪو ڏيکاريندي 5 ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو. مون کي جيستائين ياد پوي ٿو ته نوازشريف اهڙو اعلان 15 جون 1998ع تي ڪيو هو ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي 17 جون 1998ع تي ڪالاباغ ڊيم جي خلاف هڙتال جو اعلان ڪيو هو ۽ اها سنڌ جي تاريخ ۾ وڏي ۽ ڪامياب هڙتال ليکي وڃي ٿي. گهڻو پري وڃڻ جي ضرورت ناهي پر ڪالاباغ ڊيم تي نواز ليگ جو موقف هن مان واضح ٿئي ٿو ته تازو نواز ليگ جي اڳواڻ عابد شير علي جو اهو بيان به رڪارڊ ته آهي ته جيڪو ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪري ٿو اهو را جو ايجنٽ آهي، منهنجي موجب ايس ٽِ پي سميت سنڌ جو هر غيرتمند ماڻهو ڪالاباغ ڊيم جو مخالف آهي پوءِ ڇا ايس ٽي پي سميت هر سنڌي را جو ايجنٽ آهي؟
نواز شريف کان پوءِ نواز ليگ جو اڳواڻ شهباز شريف ئي سمجهيو ويندو آهي، جنهن ڪراچي کي ڌار صوبو ٺاهڻ جي ڳالهه ڪري سنڌ جي وجود تي وار ڪيو ۽ پوءِ جڏهن سنڌي ماڻهن شديد ردعمل ڪيو ته وري ان جي ترديد ڪندي چيائين ته منهنجي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي. اڄ جي ميڊيا اخباري دور واري ناهي پر هاڻي هر خبر جون فوٽيجز موجود آهن ۽ شهباز شريف جي ڪراچيءَ کي ڌار صوبو ٺاهڻ واري بيان جون فوٽيجز به موجود آهن جن مان واضح ٿي ويندو ته هن سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي يا نه. ان کانسواءِ نواز ليگ جو اهم اڳواڻ جاويد هاشمي ته وڏي واڪي 16 صوبا ٺاهڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. مونکي ٻڌايو وڃي ته ڇا اهي 16 صوبا پنجاب ۾ ٺهندا ان سان سنڌ جي سالميت تي فرق نه پوندو؟
آءٌ نواز ليگ کي موقع پرست، سنڌ جو دشمن ۽ پنجابي فوج جو نمائندو سمجهان ٿو. ان کان وڌيڪ ڪجهه به نه ۽ هو اسان جو نه اڄ نه وري سڀاڻي پارلياماني اتحادي آهي. ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته جيڪڏهن ايجنسين مستقبل ۾ نواز ليگ کي اقتدار جي ڪليئرنس ڏني ته نوازشريف جا اتحادي ساڳيا ئي هوندا جن سان اڄ پيپلز پارٽي جو اتحاد آهي. پوءِ اسان جو ڇا ٿيندو؟
4) نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايس ٽي پي طرفان نواز شريف جي مان ۾ 17 مئي 2011ع تي مانجهاندي جي دعوت رکيل هئي، جيئن ته اڃا ڪنهن به قسم جي پاليسي ڊائلاگ جي نوبت نه آئي هئي تنهن ڪري ان کان اڳ توهان (يعني منهنجو) مخالفانه بيان ڇڙواڳي جو مظهر آهي بلڪه پارٽي ساک لاءِ نقصان ڪار پڻ آهي.
جيئن ته مان پنهنجي بيان متعلق مٿي وضاحت ڪري چڪوآهيان، ان ڪري هتي ان جو ورجاءُ مناسب نه ٿو سمجهان. مونکي ٻڌايو وڃي ته هڪ پارٽي جي سربراهه جو ترقي پسند هائوس تي اچڻ ۽ ان کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ذريعي ملڪي سياست جو ڇيد ڪرڻ ڇا غير رسمي ملاقات آهي؟ مان سمجهان ٿو ته هڪ پارٽي سربراهه جو ترقي پسند هائوس تي اچڻ سان ئي يقينن سماج ۾ هڪ message وڃڻو هو ان ڪري پارٽي کي اڳ ۾ طئي ڪرڻ گهرجي ها. ان گڏجاڻي کانپوءِ اڄ سنڌ ۾ ايس ٽي پي جي ڪردار تي آڱريون کنيون پيون وڃن، ڇو ته هڪ انقلابي پارٽي جو نواز ليگ جهڙي پارٽي سان ويهڻ، سوچڻ ۽ راءِ قائم ڪرڻ مايوسي کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو ۽ خاص ڪري جڏهن هيتري ساري ميڊيا جي سامهون نواز شريف ان انقلابي پارٽي جي سربراهه سان گڏ ويهي اهو اعلان ڪري ته ايس ٽي پي ۽ نواز ليگ جي پروگرام ۾ ڪو فرق ناهي. منهنجي ۽ ڊاڪٽر صاحب جي طبيعت ملي ٿي. هاڻي مونکي ٻڌايو ته نوازشريف جي اهڙي بيان کانپوءِ سماج ۾ اسان متعلق ڪهڙو message ويندو؟ ڇا هڪ انقلابي جي سوچ اسٽيبلشمينٽ پاران پيدا ڪيل اڳواڻ جي سوچ جهڙي ٿي سگهي ٿي؟ ڇا هڪ پنجاب جي نمائندي سرمائيدار سياستدان جيطبيعت هڪ غريب ۽ پورهيت طبقي جي خوشحالي جي ڳالهه ڪندڙ، انقلاب ۽ آزادي جا خواب سجائيندڙ اڳواڻ جي طبيعت ۾ مشابهت ممڪن آهي؟ انهن سوالن جو جواب اوهان وٽ جي ناڪاري آهي ته پوءِ نوازشريف سان ويجهڙائي جا ڪهڙا سبب آهن ۽ جي انهن ئي سوالن جا جواب اوهان وٽ هائوڪار ۾ آهن ته پوءِ مان اهو سمجهڻ ۾ حق بجانب هوندس ته ايس ٽي پي هاڻي پنهنجي جوهر ۾ انقلابي پارٽي ناهي رهي. 90ع واري ايس ٽي پي ۽ اڄ جي ايس ٽي پي جو تنقيدي جائزو وٺڻ کانپوءِ اهو اندازو ٿي ويندو ته اڄ اسان ڪٿي بيٺا آهيون. يقينن هڪ مخلص سياسي ورڪر، انقلاب ۽ آزادي جي اوسيئڙي ۾ لڳاتار جدوجهد ڪندڙ کي شرمندگي ئي محسوس ٿيندي.
5) نوٽيس ۾ ڄاڻايل آهي ته منهنجي ان بيان بعد چيئرمين صاحب پنهنجا خصوصي اختيار استعمال ڪندي مون کي اول زباني طرح پارٽي وائيس چيئرمين جي عهدي تان معطل ڪيو، جنهن جو اطلاع مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري طرفان فون تي مون کي ڏنو ويو ۽ اهو پڻ چيو ويو ته آءٌ 18 مئي 2011ع تي ٿيندڙ مرڪزي باڊي جي اجلاس ۾ پنهنجي پوزيشن واضح ڪريان.
جڏهن مون کي جوائنٽ سيڪريٽري اهڙو اطلاع فون ذريعي ڏنو ته مون کيس چيو ته 24 ڪلاڪ انتظار نٿا ڪريو، سڀاڻي ان معاملي تي تفصيلي ڳالهائينداسين، جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته ڊاڪٽر صاحب جو حڪم آهي ۽ پوءِ موٽ ۾ کيس چيو ته جي ڊاڪٽر صاحب جو حڪم آهي ته اکين تي قبول آهي. جيئن مان اڳ ۾ چئي چڪو آهيان ته منهنجي ذهن ۾ هو ته 18 مئي 2011ع تي ٿيندڙ مرڪزي باڊي جي اجلاس ۾ ان معاملي تي ڳالهايو ويندو ۽ جيڪڏهن صرورت پئي ته ان بيان جي وضاحت به ڪئي ويندي، پر ٻئي ڏينهن يعني 18 مئي تي طبيعت خراب هئڻ ڪري آءٌ سفر نه پئي ڪري سگهيس جنهن سبب آءٌ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهيس ۽ دوستن کي اطلاع ڏنو ته مان سڀاڻي ايندس، پر 18 مئي تي رات جو ميڊيا تي خبرون اچڻ شروع ٿي ويون ته علي حسن چانڊيو کي عهدي تان برطرف ڪيو يوو آهي، شايد دوستن مونکي عهدي تان مستقل هٽائڻ جو فصيلو ڪري ڇڏيو هو اهو سوچي مان ٻئي ڏينهن پنهنجي پوزيشن جي وضاحت ڪرڻ ضروري نه سمجهيو، ڇو ته جيڪڏهن وضاحتن کان اڳ فصيلا ڪيا وڃن ته پوءِ وضاحتون پنهنجي معنيٰ وڃائي ويهنديون آهن ۽ اهي وضاحتون معافي نامه ليکيون وينديون آهن ۽ مون اهڙو ڪو به گناهه نه ڪيو آهي جنهن جي معافي وٺان.
جمهوري پارٽين اندر اختلاف راءِ رکڻ جو هر ڪارڪن کي حق حاصل هوندو آهي ۽ پوءِ ايس ٽي پي پنهنجي ڪارڪنن قيادت جي فيصلن سان اختلاف راءِ رکڻ جو حق نٿي ڏئي ته پوءِ هي دنيا جي هڪ انوکي قومي جمهوري ۽ انقلابي پارٽي هوندي، جتي اختلاف راءِ رکڻ سنگين ڏوهه تصور ڪيو ويندو هجي.
6) نوٽيس ذريعي اهو انڪشاف پڻ ڪيو ويو آهي ته مون مرڪزي باڊي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ سيڪريٽري جنرل طرفان گذارش ڪرڻ جي باوجود مان پنهنجي مذڪوره بيان جي ترديد جاري نه ڪئي آهي.
هتي سراسر غلط بياني ڪئي وئي آهي، مون اڳ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهڻ جو سبب بيان ڪيو آهي ۽ اهو دوستن کي به اطلاع ڪيو هو. ٻيو ته ڊاڪٽر رجب سيڪريٽري جنرل مون سان بيان جي ترديد جاري ڪرڻ بابت اڄ تائين ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ڪئي.
جيئن ته مان اڳ چئي چڪو آهيان ته مان ڄاڻي واڻي ڪو بيان جاري نه ڪيو هو ۽ اهو هڪ تجزياتي بحث هو جيڪو بعد۾ ان صحافي بيان ڪري هلائي ڇڏيو، نه ئي منهنجو مقصد پارٽي کي نقصان ڏيڻ هو. هڪ جمهوري پارٽي اندر ايئن ناهي ٿيندو، جيئن اسان وٽ سينيئر ساٿين سان ٿي رهيو آهي. منهنجي خلاف ڪو به فيصلو ڪرڻ کان اڳ مون کان پڇيو وڃي ها ته منهنجي ان بيان جي نوعيت ڇا آهي؟ پر چيئرمين صاحب اهو ضروري نه سمجهيو.
پارٽي کي سمجهڻ گهرجي ته اختلاف زندگي جو حصو هجن ٿا، انهن کي برداشت ڪرڻ ۽ اختلاف سان اڳتي وڌڻ جمهوري فڪر جو حصو آهي. دنيا جي سمورين انقلاب ۽ آزادي پسند تحريڪن ۾ شديد اختلافن سان پارٽيون وڌيون ۽ سگهاريون ٿيون، پر جتي سهپ ۽ برداشت ختم ٿي وڃي ته اتي پاڻ کي سوچڻ گهرجي ته ڪٿي غلطي ته نه پيا ڪريون. آءٌ هن مرحلي تي ڪو به اهڙو مثال ڏيڻ نٿو چاهيان جنهن سان وڌيڪ بدمزدگي پئدا ٿئي پر ايترو ضرور چوندس ته ڪيئي ڀيرا پارٽي فيصلن جي ڀڃڪڙي ٻين به ڪئي آهي، پوءِ انهن کي ڪجهه به نه ٿيو؟
گهٽ ۾ گهٽ هي روش ڪنهن جمهوري پارٽي جي نٿي ٿي سگهي، مونسان هن مرحلي تي زيادتي ٿي آهي.
مون آئيني طور تي سبب ڄاڻايو نوٽيس جو جواب ڏنو آهي، منهنجي خواهش آهي ته سينٽرل ڪاميٽي منهنجي موقف کي ٻڌي، سنجيدگيءَ سان بحث ڪري جنهن به نتيجي تي پهچندي ته مون کي قبول هوندو. گهٽ ۾ گهٽ اهو احساس ٿيندو ته جيڪو به فيصلو ٿيو آهي سو جمهوري طريقي سان ٿيو آهي.
جيسين اسين پارٽي اندر جمهوري روايتن کي مضبوط نه ڪنداسين ته منزل تي پهچڻ ممڪن ناهي.
- علي حسن چانڊيو

سنڌ نيشنل موومينٽ

سنڌ نيشنل موومينٽ

نوٽ: ڪتاب جو هي حصو ليکڪ جي ويجهن سياسي دوستن ۽ گهرڀاتين جي رهنمائي سان لکيو ويو جيڪي ڳالهيون علي حسن وقتن به وقتن مٿين فردن سان شيئر ڪندو هو.

مئي جون ۾ ايس ٽي پي کان عليحدگي کان پوءِ سنڌ مان تمام گهڻن دوستن جيڪي يا ته ايس ٽي پي کان الڳ ٿي چڪا هئا يا مايوس ٿي خاموش ويٺا هئا. انهن اسان سان رابطو ڪيو ۽ اسان کي پنهنجي ڀرپور ساٿ جو يقين ڏياريو ان عرصي دوران لکڻ پڙهڻ جو سلسلو پڻ جاري رهيو. ڪيترن اديب دانشور، صحافي دوستن پڻ رابطو ڪري مؤقف ٻڌو ۽ پنهنجي اخلاقي سهڪار جو يقين ڏياريو. ڪراچيءَ مان اعجاز سامٽيو، شهيد قاسم چانڊيو سموري سنڌ مان جمال مغيري، سحر رضوي، الطاف ابڙو، سارنگ جويو، عزيز ڦل، مصطفيٰ چانڊيو،سڪندر سوڍر ۽ ٻين مايوس ٿي ويٺل دوستن سان رابطو ڪيو. گڏيل صلاح مشوري کان پوءِ اهو طئه ٿيو ته ڪو اهڙو پليٽ فارم هجن گهرجي جنهن دوران سنڌ جي عوام سان ڳانڍاپو برقرار رکي سگهجي ۽ پنهنجيون سياسي ۽ سماجي سرگرميون جاري رکي سگهجن.
نيٺ آگسٽ 2011 ۾ اسان سنڌ يونٽي فورم جو قيام عمل ۾ آندو. ان دوران ٻوڏ هڪ دفعو وري سموري سنڌ ۾ زبردست تباهي آندي سنڌ جي هزارين ماڻهن ڪراچي جو رخ ڪيو. اسان سمورن دوستن پنهنجو قومي فرض سمجهي انهن جي سهائتا ڪئي ان دوران سموري سنڌ جو عوام اسان سان گڏ هو ۽ اسان جي ڪم کي ساراهيو. ان سموري عرصي دوران مختلف سياسي اڳواڻن ڪارڪنن ۽ دانشورن سان رابطا پڻ رهيا ۽ مختلف سياسي اشوز تي ڊسڪس ٿيندو رهيو. دوستن جو خيال هو ته سنڌ يونٽي فورم جيئن ته هڪ سماجي فارميٽ ۾ هلي رهيو آهي تنهنڪري پاڻ کي سياسي تنظيم جو اعلان ڪرڻ کپي جيڪا سموري سنڌ ۾ ڪم ڪري. آخر ۾ سموري سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن سان رابطي کان پوءِ ان نتيجي تي پهتاسين ته ”سنڌ نيشنل موومينٽ“ جي نالي سان هڪ نئين پارٽي جو بنياد رکجي. سنڌي نيشنل موومينٽ جو آئين ۽ منثور جوڙڻ لاءِ مون سميت ڪامريڊ حسن سمون، سحر رضوي ۽ ٻين دوستن هڪ عبوري آئين ۽ منثور جوڙيو. هن آئين ۽ منثور ۾ اهو واضح ڪيو ويو ته سنڌ نيشنل موومينٽ (ايس ـ اين ـ ايم) آزاد ۽ خودمختيار سنڌ لاءِ جدوجهد ڪندي ۽ ڪو به اڳواڻ ٻن ٽرمس کان پوءِ ساڳئي عهدي لاءِ اهل نه هوندو مطلب جيڪڏهن علي حسن چانڊيو ٻه دفعا پارٽي جو صدر رهي چڪو آهي ته کيس ٽيون دفعو کيس اهو حق حاصل نه هوندو ته هو ساڳئي عهدي تي بيهي سگهي. اهو نقطو ان ڪري شامل ڪيو ويو ته جيئن پارٽي ۾ شخصيت پرستي جو خاتمو آڻي سگهجي نه ته اڪثر اسان جي پارٽين ۾ جيڪو هڪ دفعو مقرر ٿيندو آهي اهو مرڻ گهڙي تائين ان عهدي تي چنبڙيل هوندو آحي. ان روايت کي ختم ڪندي ايس اين ايم هڪ نئين روايت جو بنياد رکيو. اسان اهو به واضح ڪيو. ته پارٽي جي ڪنهن به پروگرام يا جلسي ۾ ڪنهن به اڳواڻ جو ذاتي نعرو نه لڳندو پارٽي جو نعرو صرف هڪڙو هوندو.
اهو هوندو جيئي سنڌ ـ جيئ سنڌي عوام گڏيل صلاح کان پوءِ ايس اين ايم جو سلوگن ”سنڌ اسان جي جند ـ سڀ کان پهريان سنڌ.“
جنهن جي آئيڊيا اسان جي دوست سميع ڪنڌر ڏني هئي کي پڻ فائنل ڪيو ويو.
11 ڊسمبر تي سنڌ نيشنل موومينٽ جي پهرين مرڪزي ڪنونشن جو اعلان ڪيو ويو. ڪنونشن لاءِ ڪراچي پريس ڪلب جو انتخاب ڪيو ويو ان کان اڳ سنڌ جي قومپرست پارٽين جا ميڙا ڪا هميشھ سنڌي وسندين ۾ ٿيندا هئا پر ايس اين ايم ان روايت کي پڻ ٽوڙيو.
ڪنونشن ڪوٺائڻ لاءِ سموري سنڌ ۾ متحرڪ ڪارڪنن سان رابطو ڪيو ويو ۽ گڏيل صلاح کان پوءِ اهو پڻ طئه ٿيو ته اوپن سيشن لاءِ مختلف اديبن، دانشورن ۽ صحافين کي پڻ دعوت ڏني وڃي.
ڪنونشن جي خاص مهمان لاءِ سوڀو گيانچنداڻي فيصلو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي م استاد خالد چانڊيو سان رابطو ڪيو ويو جنهن چيو ته آءٌ سائين کان ڪنفرم ڪري توهان کي ٻڌايان ٿو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سوڀي گيانچنداڻي پنهنجي اچڻ جو يقين ڏياريو ۽ اسان پنهنجي ڪنونشن جون تياريون وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيون ايس اين ايم ٺهڻ کان اڳ وچ واري عرصي دوران سياسي جدوجهد پڻ جاري رهي مختلف سياسي اڳواڻن رابطه ڪيا. ذوالفقارآباد خلاف لڳندڙ ڌرڻي ۾ جيڪو جسقم پاران گهاري شهر ۾ هنيو ويو هو ان ۾ شهيد بشير خان قريشي پڻ چيو ته اسان ڏانهن اچو توهان کي عزت ملندي ... ۽ منهنجو جواب مسڪرائيندي کيس اهو هو ته سنڌ جي آزادي جي سفر اسان توهان سان گڏ آهيون.
آخر ڪنونشن جو ڏينهن به اچي ويو سموري سنڌ مان ڪارڪن پهتا هڪ ڏينهن اڳ آيل ڪارڪننن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو انتظام جوهر ڪمپليڪس ۾ ڪيو ويو شهيد قاسم چانڊيو سميت سمورن دوستن اهو ڪم سنڀاليو. پريس ڪلب ۽ مهمانن جا انتظام منهنجي حوالي هئا. آخر 11 ڊسمبر 2011 تي هڪ نئين قومپرست تنظيم سنڌ نيشنل موومينٽ جو قيام عمل ۾ آندو ويو.
عبوري آئين ۽ منثور جي منظور ي سموري ايوان کان ورتي وئي ۽ نئين چونڊيل باڊي سنڌ سان وفادار رهڻ جو وچن ورجايو. ماني جي وقفي کان پوءِ اوپن سيشن ٿيو جنهن ۾ سمورن اڳواڻن ۽ مهمانن خطاب ڪيو سائين سوڀي گيانچنداڻي جي تقرير سڀني ڪارڪنن ۾ هڪ نئون جوش ۽ روح ڦوڪي ڇڏيو. سموري سنڌي، اردو ۽ انگريزي ميڊيا پڻ پاڻ ملهايو ۽ آخر ۾ سمورا ڪارڪن هڪ نئون جذبو ۽ ولولو کڻي پنهنجن پنهنجن ماڳن ڏانهن روانا ٿيا. سمورن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ سياسي سرگرميون وڌائڻ ۽ عوام سان رابطي لاءِ چيو ويو.
جنوري 2012 ۾ ضلع ٺٽي جو اجلاس ڪيو ويو جنهن ۾ ضلعي لاءِ آرگنائيزنگ ڪميٽي ٺاهي وئي مڪلي جي تاريخي قبرستان ۾ مدفون سنڌ جي عظيم سپهه سالار دولهه دريا خان جي مزار تي حاضري ڀري وئي ۽ گلن جي چادر چاڙهي وئي .
ضلع ٺٽو اسان لاءِ ان ڪري به اهم رهيو جو هتان جي ٽيم جيڪا بلڪل نئين هئي انهن مسلسل محنت ۽ جذبي سان ڪم ڪري هر هنڌ پاڻ ملهايو. ايس اين ايم پاران مختلف ڏهاڙ، ملهائن جو پروگرام پڻ ترتيب ڏنو ويو ان سلسلي جي پهرين ڪڙي 8 مارچ تي عورتن جو عالمي ڏينهن جي حوالي سان تقريب هئي جنهن م اسان سڄي سنڌ ۾ عورتن جي جدوجهد جي اهڄاڻ امان جندو جنهن سنڌي سماج ۾ غيرت ۽ همت جو مظاهرو ڪندي پنهنجي اولاد جي قاتل ميجر ارشد کي ڦاهي جي ڦندي تائين پڄايو مان ۽ سحر رضوي سندس ڳوٺ وياسين تمام غربت واري حالت ۾ سڀ رهن پيا کيس ڪراچي اچڻ جي دعوت ڏنم جيڪا هن قبولي ۽ پوءِ هو پنهنجي نياڻين سميت منهنجي گهر آئي، مون وٽي رهي ۽ 8 مارچ تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ هزارين عورتن سندس اٿي بيهي آڌر ڀاءُ ڪيو يقيناً اهو اسان لاءِ هڪ يادگار لمحو هو.
ان عرصي دوران شهيد بشير خان قريشي جو وڇوڙو ۽ محبت سنڌ ريلي تي حملي ۾ مارجي ويل شهيدن جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪا پڻ ڪيا ويا. ايس اين ايم شهيد بشير خان قريشي کي سنڌ جو شهيد تصور ڪندي کيس ڪراچي پريس ڪلب ۾ شاندار ڀيٽا پيش ڪئي جنهن ۾ حاصل بزنجو، جلال محمود شاهه سميت سمورين پارٽين جي نمائندن ۽ سربراهن شرڪت ڪئي اهري طرح ئي 22 مئي تي ڪراچي ۾ شهيد غزله بتول صديقي سميت 22 شهيدن کي ڀيٽا ڏيڻ وارو پراگرام به ڪنهن کان نه وسريو هوندو جنهن ۾ سموري سنڌ جي قومپرست قيادت شامل هئي جن يڪ راءِ ٿي نسل پرست دهشتگردن هٿان ڪراچي ۾ 22 مئي تي سنڌي معصوم نياڻين ۽ نوجوانن کي پنهنجي بيرحم گولين جو کاڄ بڻائيندڙن کي تاريخ جي صفن ۾ قاتل ۽ دهشتگرد قرار ڏنو.
ايس اين ايم بنياد کان وٺي سنڌ جي هر شهيد کي پنهنجو شهيد تصور ڪندي ان جو عملي ثبوت ڏنو.
هڪ ٻيو تاريخ جو انمول ڪرادار شهيد نذير عباسي هو، ايس اين ايم فيصلو ڪيو ته شهيد نذير عباسي جي ورسي هر سال شاندار نموني ملهائبي اڳم شهيد نذير عباسي جي ورسي صرف کابي ڌر جا دوست ملهائيندا هئا. پر ايس اين ايم ان روايت کي پڻ ٽوڙيو ۽ آگسٽ 2012 ۾ شهيد نذير عباسي جي ورسي ڪراچي پريس ڪلب ۾ ملهائي وئي جنهن ۾ بلوچستان جي قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر حئي بلوچ ۽ سنڌ جي قومپرست ۽ ترقي پسند قيادت پڻ شامل هئي.
ايس اين ايم سموري عرصي دوارن سماجي تنظيم SPO سان رابطو ڪيو ۽ کيس درخواست ڪئي ته جيڪا سياسي ڪارڪننن لاءِ فورم ٺهيل آهي ان ۾ ايس اين ايم کي نمائندگي ڏني وڃي ته جيئن سياسي ڪارڪنن جي تربيت جو عمل جاري رهي سگهي SPO اها درخواست قبول ڪئي ۽ ايس اين ايم ، SPO پاران سياسي ڪارڪنن لاءِ منعقد ٿيندڙ ورڪشاپس ۾ باقاعده حصو وٺندي رهي.
سنڌي ميڊيا طرفان ملهائيجندڙ ثقافتي ڏينهن ۾ ايس اين ايم پڻ باقاعده شرڪت ڪندي رهي. مان هميشھ چوندو رهيو آهيان ته سنڌ جي چند اهم مسئلن مان هڪ تمام اهم مسئلو وڌندڙ مذهبي انتها پسندي آهي سنڌ جيڪا هميشھ پنهنجي صوفي ۽ امن واري مزاج جي ڪري هميشھ مذهبي ڪٽر پڻي کان ڪوهين ڏور رهي آهي اتي آهستي آهستي مذهبي انتها پسندي جو ٻج ڇٽيو پيو وڃي جيڪو اڳتي هلي زهر قاتل ثابت ٿيندو.
سنڌ جي نياڻي رنڪل ڪماري ۽ سنڌي هندن سان ڌاڍائين خلاف ايس اين ايم هميشھ پنهنجي سنڌي، هندو ڀائر سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جدوجهد ڪئي. رنڪل ڪماري واري جدوجهد ۾ گهوٽڪي، ڏهرڪي، ٺل، حيدرآباد ۽ ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ احتجاج ڪيا جيڪي تاريخ جي ريڪارڊ ۾ موجود آهن. سنڌ جي حلالي فرزند هجڻ جي ناتي اهو اسان جو فرض هو ته اسان پنهنجن سنڌي هندو ڀائرن سان گڏ بيهون.
سنڌ بچايو ڪميٽي ۾ ايس اين ايم پڻ پنهنجو رول ادا ڪيو، ٻٽو مڪاني نظام درست ووٽر لسٽون، تڪبنديون، ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهن جا شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ انهن خلاف جدوجهد ۾ ايس اين ايم پڻ پنهنجيون پوريون توانايون استعمال ڪيون.
سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ صحافين طرفان سنڌ ۾ ٻٽي مڪاني نظام خلاف جوڙيل سنڌ ٿنڪرس فورم ۾ پڻ ايس اين ايم پنهنجو ڪردار دا ڪيو ۽ دوستن سان جدوجهد ۾ ساڻ رهيا. ڪراچي پريس ڪلب کان سنڌ اسيمبلي تائين جوڙيل انساني زنجير ۾ پڻ اسان سنڌي سماج جي فرد طور شرڪت ڪئي توڙي جو پريس ڪلب ۾ ڪجهه دانشور دوستن اعتراض واريو ته، علي حسن هڪ پارٽي جو سربراهه آهي کيس چيو وڃي ته هو ٺهندڙ هن انساني زنجير ۾ شرڪت نه ڪري ڇو ته ان سان اسان جي جدوجهد جو رخ ٻئي طرف ٿي ويندو پر سنڌيڪا اڪيڊمي جي چيئرمين نور احمد ميمڻ طرفان کين جواب مليو ته توهان غلط سوچي رهيا آهيو جيستائين توهان سماج جي سمورن حصن کي پاڻ سان نه جوڙيندؤ تيستائين توهان ڪاميابي طرف نه ٿا وڌي سگهو ۽ علي حسن قومپرست سان گڏ هڪ ليکڪ پڻ آهي. سنڌ ٿنڪرس فورم طرفان ئي ڪراچي ۾ هڪ ٻي ڪانفرنس ٿي اسان پاران دوستن سان رابطو ڪيو ويو ته ڇا اسان شامل ٿي سگهون ٿا ۽ پنهنجيون تجويزون ڏئي سگهون ٿا؟ دوستن طرفان جواب مليو ته اسان ڪنهن به سياسي ڌر کي دعوت نه ڏني آهي اها ٻي ڳالهه آهي ته ان ڪانفرنس ۾ سياسي رهنما موجود هئا اڄ سنڌ ٿنڪرس فورم ڪٿي آهي؟ ان جو جواب اسان تاريخ ۽ پڙهندڙن تي ڇڏيون ٿا.
سنڌ نيشنل موومينٽ جي ان سموري سياسي سفر دوران منهنجيون مختلف سياسي سماجي اڳواڻن سان ملاقاتون ٿينديون رهيون ۽ خيالن جي ڏي وٺي ٿيندي رهي. دوست فياض نائچ جي مهرباني سان سانا جيڪا آمريڪا ۾ سنڌين جي تنظيم آهي ان جي اڳوڻي صدر سائين اقبال ترين سان ملاقات ٿي جيڪا پڻ زبردست هئي سوالن جوابن جو دؤر پڻ هليو ان کان علاوه ڊاڪٽر وليد شيخ جيڪو پن سانا جو اڳوڻو صدر رهي چڪو آهي ۽ هڪ متحرڪ ڪردار رهي چڪو آهي ان سان پڻ ملاقات ٿي سنڌ جي مختلف اشوز تي ڳالهه ٻولهه ٿي خاص طور تي ٻئي ان ڳالهه تي متفق ٿياسين ته سنڌ جو بنيادي. اشو تعليم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. دوستن گڏيل فيصلو ڪيو ته پ پ پ شهيد ڀهٽو جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو سان ملاقات ڪئي وڃي. 70 ڪلفٽن کان ٽائم وچي ايس اين ايم جو مرڪز وفد پ پ پ شهيد ڀهٽو جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو سان ملاقات ڪئي کيس پنهنجا ڪتاب پيش ڪيم ۽ سنڌ ۽ ملڪ جي اهم اشوز تي کلي ڪري ڊسڪس ٿيو.
ان سموري سياسي سفر دوران آمريڪي ڪائونصليٽ ڪراچي طرفان پيغام مليو ته پوليٽڪل سيڪريٽري توهان سان ملڻ چاهي ٿو منهنجي لاءِ اها هڪ نئين ۽ حيران ڪندڙ اڳڀرائي هئي خير ملاقات طئه ٿي ملاقات ۾ تمام تفصيلي سياست تي ڳالهه ٻولهه ٿي هن چيو ته اسان قومپرستن کي ۽ سمورن سياسي ڌرين جي جدوجهد کي تمام ويجهو کان ڏسندا آهيون، اسان کي وڌندڙ انتها پسندي بابت ڄاڻ ڏيو مون کيس رنڪل ڪماري ڪيس بابت ۽ سنڌ ۾ وڌندڙ انتها پسندي بابت ڄاڻ ڏني جيڪا ايجنڊا اڳم طئه ٿيل هئي هڪ ڪلاڪ تائين هلندڙ هي ملاقات خوشگوار موڊ ۾ وري ملنداسي واري جملي تي اختتام پذير ٿي.
2012 جي آخري ۾ وري ڪائونصليٽ طرفان نياپو مليو ته پوليٽڪل سيڪريٽري توهان سان ملڻ چاهي ٿو هن دفعي ايجنڊا هئي متحده ۽ سنڌ ۾ ٻٽو بلدياتي نظام ملاقات طئه ٿي ملڻ کان اڳ ڪجهه دانشور دوستن کا صلاح ورتم ته ڪهڙيون ڪهڙيون شيون رکجن خير ملاقات ٿي مان ايم ڪيو ايم ۽ ٻٽي مڪاني نظام بابت کلي ڳالهايو ۽ کيس چيو ته توهان (آمريڪا) سنڌ جي حقيقي وارثن سنڌين سان ڳالهائڻ بجاءِ دهشتگردن سان ڳالهايو ٿا جڏهن ته سنڌ جا حقيقي وارث ڌرتي ڌڻي آهن هن غور سان ٻڌو ۽ چيو ته توهان غلط سوچي رهيا آهيو ايم ڪيو ايم سان اسان صرف هڪ سياسي ڌر هجڻ جي ناتي ڳالهائيندا آهيون ان کان وڌيڪ ڪجهه به نه..... توهان جي اهاراءِ بلڪل غلط آهي ته ڪو آمريڪا ايم ڪيو ايم کي سپورٽ پيو ڪري. تقريباً ٻه ڪلاڪ هلندڙ اها ملاقات پڻ خوش اصلوبي سان پوري ٿي.
ايس اين ايم ٺهڻ دوران آمريڪا جي ٻن ميڊيا جي ادارن جن جي پاڪستان ۾ نمائندن هڪ نيو يارڪ ٽائيمز ۽ ٻيو لاس اينجلس ٽائمز پڻ انٽرويوز ورتا کين ٻوڏ دوران آيل تباهي ۽ ذوالفقار آباد بابت ڄاڻ کپندي هئي جيڪا ڏنم اهي ٻئي انٽرويوز مذڪوره اخبارن ۾ ڇپيا. ان سموري عرصي دوران اخبارن ۾ ڪالم لکڻ جو سلسلو پڻ جاري رهيو جنهن جي فيڊ بيڪ سنڌ جي عوام مان بهترين ملي رهي هئي خاص ڪري نوجوانن مان.
پارٽي پاران عوامي ڪچهريون ۽ ليڪچرن جو پروگرام ترتيب ڏنو ويو. عوامي ڪچهريون جيڪي سموري سنڌ ۾ هاڻي تقريباً ختم ٿي ويو آهن. انهن جي شروعات ڪراچي جي مختلف ڳوٺن کان ڪئي وئي سنڌ جي اهم موضوعن تي اديبن، دانشورن کان ليڪچرن جو سلسلو پڻ جاري رهيو.
حيدرآباد ۾ پڻ وقتن به وقتن سياسي سرگرميون ۽ ملاقاتون جاري رهيون جنهن ۾ سائين عطا محمدڀنڀرو، ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻو، جامي چانڊيو، ابرار قاضي، جام ساقي، اقبال ملاح، بخشل ٿلو ۽ ٻيا ڪيترائي اديب، دانشور ۽ صحافي جن جا نالا ياد نه آهن تمام گهڻيون ملاقاتون رهيون.
ڪراچي ۾ هر سال انور پيرزادي جي ورسي ۾ شرڪت يقيني هوندي هئي منهنجي خيال ۾ انور پيرزادي جهڙو ڪردار سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ الڳ حيثيت رکي ٿو جيڪو پنهنجي فيلڊ جو ماهر هو. سندس اولاد سندس ورثو سنڀاليندي پئي اچي ۽ هر سال انور جو ڪو نه ڪو ڪتاب آڻيندا آهن جيڪو اندر جو پيغام پهچائڻ جي هڪ بهترين ڪوشش آهي. پنهنجي پراڻي سياسي ساٿي ڪامريڊ رمضان ميمڻ جي ڪتاب جي مهورت ۾ پڻ شرڪت ڪئي جيڪو ڪتاب مائي جوري جمالي بابت لکيل آهي.
ان عرصي دوران سو ڀو گياچنداڻي سخت بيمار ٿي پيو جنهن جي آغا خان اسپتال ۾ عيادت ڪئي ۽ سائين شمشيرالحيدري جي پڻ زندگي شمشير سان وفا نه ڪئي ۽ هو مالڪ حقيقي سان وڃي مليو.
2012 ۾ ئي پنهنجي نئين ڪتاب ”نيلسن منڊيلا ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ“ پڻ تيارين جي مرحلي ۾ هو منهنجي خيال م جيڪڏهن سنڌ جو قومي ڪارڪن صرف ڏکڻ آفريقا جي آزادي جي تحريڪ ۽ منڊيلا جي جدوجهد کي پڙهي سمجهي ته اسان تمام گهڻيون ڪمزوريون پاڻ مان ڪڍي سگهون ٿا. هن ڪتاب لکڻ ۾ ساٿي مخدوم شمس منهنجي گهڻي مدد ڪئي.
ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿيو جنهن جي مهورت لاءِ حيدرآباد جو انتخاب ڪيو ويو مصطفيٰ بلوچ جي مهرباني سان SPO هال حيدرآباد ۾ ڪتاب جي مهورت ٿي جنهن م سنڌ جي سياسي اڳواڻن، دانشورن، اديبن شرڪت ڪئي ۽ همت افزائي ڪئي.
اپريل ۾ تنظيمي دوري تي لاڙڪاڻو، ڪشمور ميهڙ سميت مختلف شهر جا دورا ۽ ڪنونشن رٿيل هئا جيڪي پڻ مڪمل ٿيا. پ پ پ جي حڪومت مدو ڪرڻ واري هئي ۽ مئي ۾ سڄي ملڪ ۾ عام اليڪشن جو اعلان ڪيو ويو سياسي پارٽين پنهنجيون پنهنجيون سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون.
شهيد قاسم چانڊيو جيڪو جوهر ڪمپليڪس يونين جو اڳواڻ پڻ هو ان جي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن سان جوهر ڪمپليڪس ۾ بينر ۽ پينا فليڪس هڻڻ تان منهه ماري ٿي پئي ايم ڪيو ايم چاهي پئي ته الطاف حسين جا پوسٽر ۽ بينر جوهر ڪمپليڪس ۾ اندر هڻڻ ڏنا وڃن ته جيئن اندر انٽري ٿي سگهي ياد رهي ته جوهر ڪمپليڪس سنڌي ماڻهن جو هميشھ هڪ مضبوط مورچو رهيو آهي ۽ متحده ڪنهن به ريت اهو مورچو حاصل ڪرڻ پئي چاهيو جنهن جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ قاسم چانڊيو هو ۽ آخر ان نسل پرست دهشتگرد گروهه قاسم چانڊيو کي اتان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هڪ ڏينهن اها خبر وڄ وانگر ڪري ته شهر ويندي قاسم چانڊيو تي موسميات چوڪ وٽ دهشتگرد گوليون وسايون آهن کيس ترت ڊائو اسپتال منتقل ڪيو ويو پر تيستائين تمام گهڻي دير ٿي چڪي هئي. ڄڻ منهنجي سڄي ٻانهه وڍجي ويئي پاڻ کي ڪمزور محسوس ڪيم شهيد قاسم چانڊيو جهڙو سياسي ڪارڪن قومي تحريڪ ۾ ورلي ملندو جنهن پنهنجي زندگي جا حسين سال وطن کي ارپي ڇڏيا ۽ پنهنجي ڌرتيءَ تان واريو ويو.
سياسي ڪارڪنن احتجاج ڪيو، روڊ بلاڪ ڪيو جيڪو هر سياسي ڪارڪن جو جمهوري حق آهي پر پوليس ۽ رينجرس پر امن سياسي ڪارڪنن مٿان لاٺي چارج ۽ فائرنگ ڪئي جنهن ۾ڪيترائي ڪارڪن زخمي ۽ گرفتار ٿيا سموري سنڌ احتجاج ڪيو. ڪارڪن به اسان جو شهيد ٿيو ۽ ڪيس به اسان تي داخل ٿيا. هي سمورو رياست جي آشيرواد کان سواءِ نا ممڪن هو. ايس اين ايم جي سينئر وائس چيئرمين اعجاز سامٽيو سميت 50 کان مٿي سياسي ڪارڪنن تي مختلف ڪيس داخل ڪيا ويا جيڪي اڄ تائين هلن پيا شهيد قاسم چانڊيو جو مڙهه کڻائي سندس ڳوٺ روانا ٿياسين سموري رستي وک وک تي ڪارڪنن احتجاج ڪيا ۽ شهيد کي سلامي ڏني.
مئي جي سخت گرمي ۾ شهيد قاسم کي ڪاڇي جي قبرستان ۾ وارهه ڀرسان سندس مڙهه کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو هر اک آلي هئي ڪارڪنن سنڌ جو قومي ترانو پڙهي کيس سلامي ڏني.
ايس اين ايم پاران شهيد جو چاليهو سندس اباڻي ڳوٺ ۽ جوهرڪمپليڪس ۾ رٿيو ويو سموري سنڌ جي قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پهچي کيس ڀيٽا ڏني.
مان هميشھ چوندو آهيان ته سنڌ هن وقت گهڻ رخي جنگ ۾ ڦاٿل آهي دشمن پاڻ تي هر پاسي کان حملا پيو ڪري ان ڪري پاڻ کي ڏاڍي احتياط، تدبر ۽ مستقل مزاجي سان هيءَ جنگ وڙهڻي پوندي. منهنجو ايمان آهي ته جيئن هر صبح ڪاري رات جو انت ڪندو آهي تئين ئي سنڌ جي نئين قيادت جيڪا سنڌ جي نيئن نسلن مان نڪرڻي آهي اها قيادت وطن جي بقا جي جنگ ۾ پهرين صفن ۾ هوندي ۽ پاڻ هڪ دفعو وري هڪ روشن، باشعور ۽ آزاد سنڌ ۾ ساهه کڻي سگهنداسين.