پروانو سيوهاڻي سنڌي ٻاراڻي ادب جو برجستو ۽ هاڪارو ليکڪ آهي. سندس شخصيت گهڻ پاسائتي آهي، پبلشر، ڊرامہ نويس، ڪھاڻيڪار، مترجم، ايڊيٽر، شاعر، تعليمدان سنڌي ٻاراڻي رسالي ”سرهاڻ“ جو روح روان پڻ رهيو آهي. معذور هوندي هن جيڪي ڪتابن جا بار ڪلھي تي کنيان، انھن جا گواھہ اڄ بہ سنڌ جا ڪيترائي اديب شاهد آهن. هن ڪتاب کي مرتب ڪرڻ جو مقصد پرواني جي شخصيت ۽ فن کي ظاهر ڪرڻ ۽ ڀيٽا ڏيڻ آهي. ھن ڪتاب ۾ پرواني سيوھاڻيءَ جي فن، ڪتابن ۽ شخصيت تي مختلف اديبن جي لکيل مضمونن، پرواني سيوھاڻيءَ ڏي آيل دوستن جي خطن ۽ پرواني کي ڏنل منظوم ڀيٽا کي سھيڙيو ويو آھي.
شخصيتون ۽ خاڪا
پروانو سيوھاڻي (فن ۽ شخصيت)
- 4.5/5.0
- 18
- 9
- آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
- ڇاپو 1
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران مير حاجن مير جي تحقيق تي مشتمل ڪتاب ”پروانو سيوھاڻي (فن ۽ شخصيت)“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو.
پروانو سيوهاڻي سنڌي ٻاراڻي ادب جو برجستو ۽ هاڪارو ليکڪ آهي. سندس شخصيت گهڻ پاسائتي آهي، پبلشر، ڊرامہ نويس، ڪھاڻيڪار، مترجم، ايڊيٽر، شاعر، تعليمدان سنڌي ٻاراڻي رسالي ”سرهاڻ“ جو روح روان پڻ رهيو آهي. معذور هوندي هن جيڪي ڪتابن جا بار ڪلھي تي کنيان، انھن جا گواھہ اڄ بہ سنڌ جا ڪيترائي اديب شاهد آهن. هن ڪتاب کي مرتب ڪرڻ جو مقصد پرواني جي شخصيت ۽ فن کي ظاهر ڪرڻ ۽ ڀيٽا ڏيڻ آهي. ھن ڪتاب ۾ پرواني سيوھاڻيءَ جي فن، ڪتابن ۽ شخصيت تي مختلف اديبن جي لکيل مضمونن، پرواني سيوھاڻيءَ ڏي آيل دوستن جي خطن ۽ پرواني کي ڏنل منظوم ڀيٽا کي سھيڙيو ويو آھي.
ھي ڪتاب 2023ع ۾ سوچ پبليڪيشن، سيوھڻ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون مير حاجن مير جا، جنھن ھِي ڪتاب سنڌسلامت ڪتاب گهر تي رکڻ لاءِ سافٽ ڪاپيءَ ۾ ڏياري موڪليو.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
ارپنا
سيوهڻ جي تاريخ تي گھري نظر رکندڙ
پياري دوست
محترم نظير حيات سيوهاڻيءَ
جي نالي
پروانو سيوهاڻي - استاد بخاري
پروانو سيوهاڻي!
سومرن وانگي اٽل۽ نرم جو اُهڃاڻ
جو ادبي محاظ تي لڳاتار جدوجهد جاري
”سنھا ڀانءِ ۾ سپ“
جو ثبوت، جو وت ست کان وڌيڪ ڪاميابيون
اٺين جماعت ۾ هو ته،
ساڻس ڏيٺ ويٺ ٿي.
هو منھنجو شاگرد سڏائي
خوشي محسوس ٿو ڪري
۽ هن کي لڳاتار سرگرم ڏِسي سرهو ٿيان ٿو
هن ننڍي، وڏي، اَٻل، اَجهل انسان جي
”سُرهاڻ“ ٻاراڻي ادب کي واسي رهي آهي
سندس سنيهي جي خوشبو ۽ نيڪ نيتي جي روشني
ڏينھون ڏينھن
وڌندي رهي ٿي.
استاد بخاري
غريب آباد دادو
18.11.1989
پبلشر نوٽ
پروانو سيوهاڻي سنڌي ٻاراڻي ادب جو برجستو ۽ هاڪارو ليکڪ آهي. هو سنڌ جي ٻاراڻي ادب ۾ ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي، سندس شخصيت گهڻ پاسائتي آهي، پبلشرر، ڊرامه نويس، ڪهاڻيڪار، مترجم، ايڊيٽر، شاعر، تعليمدان سنڌي ٻاراڻي رسالي ”سرهاڻ“ جو روح روان پڻ رهيو آهي. معذور هوندي هن جيڪي ڪتابن جا بار ڪلهي تي کنيان انهن جا گواهه اڄ به ڪيترائي سنڌ جا اديب شاهد آهن. پرواني سيوهاڻيءَ، سنڌ جي هر اسڪول ۾ وڃي رسالا ۽ ڪتاب کپايا ، پورهيا ڪيا، هن بسن ،ريلن ۽ ٻين گاڏين ۾ جيڪي ڏکيا سفر ڪيا ۽ اوجاڳا ڪيا. اُنهن اوجاڳن کي سفر کي اسين قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا.
سنڌ ۾ هي سيوهڻ وارو خطو ادبي لحاظ کان سنڌي ادب ۾ هڪ الڳ ٿلڳ حيثيت رکي ٿو، تيئن سيوهڻ جو شھر پڻ قدامت جي لحاظ کان پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو، سوچ پبليڪيشن سيوهڻ پبليڪيشن (پروانو سيوهاڻي فن ۽ شخصيت) تي ڪتاب آڻي فخر محسوس ٿي ڪري . هن کان پهرين به سوچ پبليڪيشن جا ڪتاب (ڊاڪٽر عابد مظهر فن ۽ شخصيت) مرتب مير حاجن مير ۽ (پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻيءَ جي علمي ادبي خدمتن جو اڀياس) ليکڪ علي اصغر پڻ شايع ٿي چڪا آهن.
اميد اسان جي اداري جي هي ڪتاب اڳ جيان اوهان کي ضرور پسند ايندو.
ادارو
ٻه اکر
پروانو سيوهاڻي ڏسڻ ۾ ته معذور آهي، پر سندس تخليقون معذور ناهن، اُهي صبح جي باک جي ڪرڻن جهڙيون آهن. پرواني هن اگهي سماج کي شعور ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ۾ هو ڪامياب ويو آهي. پروانو هميشه تحرڪ ۾ رهيو آهي، سندس ٻاراڻي ادب ۾ ڪيل خدمتون ساراهه واريون، توڙي اُهي ڊرامي، ڪھاڻي، شاعري، ترجمي، يا سندس ايڊيٽر شپ ۾ نڪرندڙ ”سرهاڻ“ جون خدمتون هجن، هن لڳل ڀڳ سندس چوڻ موجب 100 پرچا ”سرهاڻ“ جا جاري ڪيا. پرواني سيوهاڻيءَ سرهاڻ جا پرچا اسڪولن ۾ وڃي کپائيندو هو. انھن پرچن ڪري سنڌ ۾ ڪيترائي، اديب، شاعر، محقق پيدا ٿيا. اهڙو اظھار ڪيترائي نامور اديب پنهنجي لکڻين ۾ پڻ ڪري چڪا آهن.
پرواني جي شخصيت جي مختلف پاسا آهن. سندس شخصيت ٻاجهاري آهي، جيڪا ننڍڙن ٻارن کي پيءِ جيان محسوس ٿيندي آهي. پرواني لاءِ، ٻار وري سندس اولاد جيان هوندا آهن. سندس ڪهاڻين، ڊرامن ۽ شخصيت تي ڪجهه مضمون لکيل هئا ۽ ڪيترائي نوان مضمون لکرائي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيا آهن. هن ڪتاب کي مرتب ڪرڻ جو مقصد پرواني جي شخصيت ۽ فن کي ظاهر ڪرڻ ۽ ڀيٽا ڏيڻ آهي. هن کان پهرين مون (ڊاڪٽر عابد مظهر فن ۽ شخصيت) ڪتاب مرتب ڪري کين ڀرپور ڀيٽا ڏني آهي . هاڻ به سنڌ جي يگاني ليکڪ ،پبلشر، ڊرامه نويس، ڪهاڻيڪار، مترجم، شاعر ايڊيٽر تعليمدان پرواني سيوهاڻيءَ جي قدر داني ڪندي کيس ڀروپور ڀيٽا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
پروانو هڪ جاکوڙ جو نالو آهي، سندس ڪُلھن تان ڪتابن جي ٿيلهي جي وزن جا نشان اڃان ناهن لٿا،جيڪو شخص پاڻ ئي سڌو نه ٿو هلي سگهي اُهو ڪتابن جا ڍير کڻي سڄي سنڌ جي ٻارن کي شعور ڏيندو رهي ٿو. ان تي کيس سوين سلام پيش ڪجن ٿا... سچ پچ سندس شعور جو پوکيل ٻج اڄ به مون کي سڄي سنڌ ۾ نظر اچي ٿو . هن ڪتاب ۾ سندس ڏي آيل خط پڻ شامل ڪيا آهن. آءٌ کيس هيءَ ننڍڙي ڀيٽا ڏئي رهيو آهيان .
سنڌ ۾ ڪيترن کي اديبن، شاعرن کي ته مئي کان پوءِ مڃتا ڏني ويندي آهي، پر ان روايت کي ٽوڙي مون جيئري ئي سندن خدمتن تي مڃتا ڏيڻ ڪوشش ڪئي آهي. سڀني دوستن جو ٿورائتو آهيان جن ٿوري وقت ۾ پرواني سيوهاڻيءَ تي مضمون لکي ڏنا ڊاڪٽر شيرمھراڻي صاحب جو به ٿورائتو آهيان جنھن هن ڪتاب جو مھاڳ لکي ڏِنو ۽ ڊاڪٽر مخمور بخاري جو پڻ ٿورائتو آهيان جنھن هن ڪتاب جو بيڪ ٽائٽل لِکي ڏنو.
مير حاجن مير
سيوهڻ شريف
15.05.2023
مُهاڳ
مير حاجن مير منهنجو پراڻو سنگتي آهي. اسان لڳ ڀڳ ساڳي عهد ۾ لکڻ شروع ڪيو هو ۽ هڪٻئي جي علمي ادبي ڪم کان پڻ آگاھ آهيون. تاج بلوچ صاحب جي ادارت ۾ نڪرندڙ ”سوجهري“ ۾ پڻ گڏ ڇپجندا رهيا آهيون. ساڻس محبت ۽ احترام کان ويندي حجتن جهڙو تعلق آهي. ساڻس ملندي هميشه پنهنجائپ جو احساس ٿيندو آهي. هو خوبصورت شاعر، محقق، پبلشر، ايڊيٽر، مترجم ۽ نقاد آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ هي ڪتاب شامل آهن.
1. رنگ، خوشبو ۽ گل ( شاعري) 2008ع
2. نيرا خواب ( شاعري) 2012ع
3. سيوھڻ جون ادبي شخصيتون (تحقيق) 2014ع، (سيوھڻ تعلقي جي 800 سالن جي ادبي تاريخ)، جنهن تي کيس شهباز ايورڊ 2015ع ۾ مليو.
4. سڄڻن ياد ڪيوم (خط) مرتب 2016ع
5. موتي ميڙيا مون (تحقيق) 2018ع (هن ڪتاب ۾ ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعرن جي شاعريءَ بابت لکيل مقالا شامل آهن)
6. سيوھڻ شهر جون تاريخي درگاهون، ( تحقيق) 2019ع
7. ڊاڪٽر عابد مظهر ( فن ۽ شخصيت) مرتب 2022ع
مير حاجن مير سوچ پبليڪيشن جو روح روان پڻ آهي؛ جنهن جي طرفان ڪتاب چپجندا رهن ٿا. مير صاحب سنڌي ادبي سنگت سان پڻ وڏي عرصي کان سلھاڙيل آهي ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ؛ ضلعي ڄام شوري جو ٽي ڀيرا ضلعي رابطا سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي ۽ سنڌي ادبي سنگت سيوھڻ شاخ جو پنج ڀيرا سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته مير صاحب بهترين محقق آهي، انڪري هن ”سنڌيءَ ۾ منظوم ڊرامي جو تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس“جي موضوع تي ٿيسز لکي ايم فل جي ڊگري پڻ مڪمل ڪري چڪو آهي. سندس لکيل ٿيسز جو ڪتاب پڻ جلد شايع ٿيندو. مير حاجن مير ”سيوھڻ سماچار“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو آهي. سندس سيوهڻ جي ادبي تاريخ ٿيل ڪم هڪ سند جي حيثيت رکي ٿو ڇو ته سيوهڻ جي ادبي تاريخ تي هن مهل تائين ٿيل ڪم تسلي بخش نه هو ۽ ٽڙيل پکڙيل هو سندس تحقيق اڪيڊمڪ ريسرچ طور هوندي آهي. سيوهڻ شهر جي قديم درگاهن جو تذڪرو هڪ اهم ڪتاب آهي،”تذڪره مشائخ سيوستان“ 1039ھ عبدالغفور بن حيدر سيوستاني کان پوءِ هي 400 سالن جي وٿي کان پوءِ بهترين ڪتاب ”سيوهڻ شهر جون تاريخي درگاهون“ مير حاجن مير لکيو آهي.
سيوهاڻي هجڻ جي ناتي محمد خان ابڙي به پرواني کي سهڻن لفظن سان ياد ڪيو آهي.
”ٻاراڻي ادب تي پرواني سيوهاڻيء جو جيڪو ڪم ٿيل آهي اُن تي يونيورسٽي جو ڪوبه شاگرد ٿيسسز لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪري سگهي ٿو. پرواني سيوهاڻيءَ جي لکڻ جو فن واقعي به الڳ ۽ منفرد آهي، هو سمجھه ۾ ايندڙ ۽ دل ۾ لهي ويندڙ ٻوليءَ سان ٻاراڻيون ڪھاڻيون لکي ٿو.“
پرواني کي لفظ کي لڙڪ ڪرڻ جو هنر ايندو هو. هن جڏهن ٽهڪ ڏنا ته سڀني کي کلائي ٿي ڇڏيو؛ پر هن جڏهن درد لکيو ته سڀني کي روئاري ٿي ڇڏيائين. ڪنهن کي لفظن سان کلائڻ يا ڪنهن کي لفظن سان روئائڻ صرف ۽ صرف ڪو سچو ڪلاڪار ئي ڪري سگهي ٿو. پروانو سچو ڪلاڪار آهي. پرواني پنھنجي جڳ مشھور آتم ڪٿا ”منھنجون يادو ن منهنجو ننڍپڻ “ ۾ لکيو آهي ته:
”جڏهن ٿورو وڏو ٿيس ۽ سمجهه ڀريو ٿيس ته مون امان کان پڇيو ته امان ٻيا سڀ ماڻهو سنوان سڌا آهن ۽ آئون ايئن ڇو آهيان؟ منهنجا اهي دل چيريندڙ لفظ ٻڌي امڙ جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا، نيري آڪاش ڏانهن نهاري چيائين ته پٽ اها سڀ الله جي مرضي آهي ۽ پوءِ ٿڌو ساهه ڀري مون کي پيار ڪرڻ لڳي ۽ پيار منجهان منهنجي پشم جهڙن وارن ۾ هٿ ڦيرڻ لڳي. مون ٿوري دير کان پوءِ وري چيومانس ”امان مون الله جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو مون کي ايئن ڪري ڇڏيائين.“ مون کي چڱي طرح ياد آهي امان منهنجي پيشانيءَ تي چمي ڏيئي چيو ته ”پٽ سٺا ٻار ايترو نه سوچيندا آهن.“ مون امان ڏانهن نهاري ڏٺو، سندس ٻئي اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي آيون . مون کي ايئن محسوس ٿي رهيو هو ته ڄڻ اسان جو ن اکيون منڇر ۽ ڪينجهر هجن جيڪي تيز طوفان لڳڻ ڪري ڇوليون هڻي ، سندس من اندر جي بچاءُ بند کي اندر جو اندر کائي رهيون هيون .“
اڄ مائرن جو عالمي ڏينهن آهي؛ پرواني جهڙي پٽ ۽ سندس ماءُ جي گفتگو پڙهي سچ ته منهنجين اکين جا بند ڀڄي پيا آهن. ٽمندڙ نيڻن سان هن مھاڳ جون آخري سٽون لکي رهيو آهيان ۽ لطيف سائينءَ جي هن سٽ جو مفهوم منهنجي سامهون چٽو ٿيندو پيو وڃي ته، “لڙڪ نه لکڻ ڏين، ڪريو پون قلم تي!“
مير حاجن مير هن کان اڳ به سنڌ جي نامور ڪهاڻيڪار، شاعر، محقق،اسڪالر، تعليمدان ڊاڪٽر عابد مظهر بابت ڪتاب (ڊاڪٽر عابد مظهر فن ۽ شخصت) پڻ آڻي چڪو آهي. پروانو سيوهاڻي ۽ ڊاڪٽر عابد مظهر ڪي بيورو ڪريٽ يا ڪن وڏن عهدن نه رهيا آهن، ٻئي دوست فقير منش رهيا آهن. ڀٽائي جي بيت وانگي ”آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا“ اهڙن فقير صفت ماڻهن کي ڀيٽا ڏيڻ سندن حق آهي، اهو حق اسان جو دوست مير حاجن دل لڳائي ڪري رهيو آهي. هن وقت پروانو ۽ ڊاڪٽر عابد مظهر تعليم کاتي مان ريٽائرڊ آهن . هي جيڪو اسان جي بزرگن سڄي عمر نور نچوئيو آهي انهيءَ جي قدر داني ڪندي مير حاجن مير کين جا ڀيٽا ڏئي سندن فن ۽ شخصيت کي نروار ڪري رهيو آهي جنهن تي کيس جس ڏجي ٿي.
پياري مير حاجن مير کي شابس هجي جنهن پورهيو ڪري پرواني بابت لکيل ليک سهيڙيا آهن، ۽ هيءُ ڪتاب ڇپايو آهي. مير صاحب هڪ قلندر صفت مسڪين ماڻهوءَ جي شخصيت جي مختلف پاسن کي سامهون آڻي اسان پڙهندڙن تي احسان ڪيو آهي.
ڊاڪٽر شير مهراڻي
ڪراچي
مائرن جو عالمي ڏينهن
14 مئي 2023ع
جنم پتري
نالو : منظور سومرو
ادبي نالو: پروانو سيوهاڻي
والد: گل محمد سومرو
جنم: 21 جولاءِ 1958ع
جنم هنڌ: کڏ محلا سيوهڻ شريف
تعليم
پرائمري تعليم: مين پرائمري اسڪول سيوهڻ 1973ع
ميٽرڪ : هاءِ اسڪول آراضي 1991ع
انٽر: گورنيمنٽ ڊگري ڪاليج سيوهڻ 1995ع
ايم. اي : (سنڌي ادب) سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو 2004ع
لکڻ جي شروعات: 1973ع
رسالي (سرهاڻ) جي شروعات جولاءِ 1976ع
ادب۾ استاد: استاد بخاري
نوڪري
پرائمري استاد : 21.9.1993
تنظيمن سان وابستگي
ميمبر: بزم شهباز سيوهڻ
ميمبر: سنڌي ادبي سنگت شاخ سيوهڻ ( فائونڊر)
سيڪريٽري : سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ سيوهڻ
ميمبر: پرائمري ٽيچر ايسوسيئيشن سنڌ
ايوارڊ:
سنڌي ادبي سنگت سنڌ ايوارڊ
سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ايوارڊ
شهباز ايوارڊ
شاھ لطيف ايوارڊ
سنڌ سڀيتا سوسائٽي حيدرآباد ايوارڊ
مخدوم بلاول اڪيڊمي دادو ايوارڊ
سنڌ ٻالڪ اڪيڊمي ايوارڊ خيرپور ميرس
سگا ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيئي
ڪتاب ”ٽياسي جا ٽي ناٽڪ“، هڪ اڀياس
- نثار حسيني
سنڌي ساهت ۾ خاص طور تي ورهاڱي کان پوءِ ، ناول ۽ ناٽڪ جي صنفن جي کوٽ رهي آهي، اُن کان سڀ کان وڏو سبب ورهاڱي وارو هاڃو ئي آهي، جنھن جو اثر سنڌي جيوت جي هر پھلوءَ تي پيو آهي. پرهوڏانهن هند۾ ناول ۽ ناٽڪ جيڪا ترقي ڪئي آهي سا ٻڌيو ۽ سڻيو ڏندين آڱريون اچيو وڃن، جڏهن ته اتي سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت هڪ PARASITE (بي پاڙي) واري آهي.
پر هتي جتي جي ڄائي نپني آهي اُتي سندس پاڙون ڄڻ آهن ئي ڪونه!! هي ساري ماجرا ويچار جوڳي آهي، پر اُن لاءِ اسان وٽ واندڪائي ڪٿي؟ اسان پهرين پاڻ ۾ ته نبري وٺون! هڪ ٻئي تي گند ڪچرو اڇلائي وٺون! هڪ ٻئي جي ڏاڙهي پٽ مان آجا ٿي وٺون اُن کان پوءِ ڏٺو ويندو !
ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ سنڌي ناٽڪ جي پالنا گهڻي ڀاڱي تعليمي ادارن ۾ ٿي، ڇو ته ان دؤر جي اڪابرن کي ناٽڪ جي اهميت جي ڄاڻ هئي. ناٽڪ جو اثر ماڻهوءَ جي من تي اهڙو ٿو ٿئي جهڙوڪر پروجيڪٽر يا ٽيليويزن تي ڪجهه ڏسڻ سان ٿئي ٿو.
جتي اڄ اسان وٽ وڏن لاءِ به ناٽڪن جي لکجڻ ــ ڇپجڻ اسٽيج ٿيڻ جي رفتار بلڪل سست آهي، اتي ٻارن لاءِ ناٽڪ لکڻ،ڇپائڻ اسٽيج ڪرڻ جو ته سوچي ئي نه ٿو سگهجي !!
پر نه ڄاڻ پرواني سيوهاڻي کي اهو خيال ڪٿان آئڙو جو ويهي سڄا سارا ٽي ناٽڪ لکي ورتائين نه صرف لکيائين پر پنهنجي خرچ تي ڇپرائي به ورتائين ۽ وري جسماني طور تي مڪمل نه هوندي به پٺارڪون ٻڌي ويندو: سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ کپائڻ ! جي سيڙايل موڙي واپس مليس، ته به لک کٽيائين .......يار مڙس جي همت ته ڏسو ! !
پرواني جي ٽنهين ناٽڪن جا مکيه ڪردار ٻار آهن :
سڪيلڌو: جيڪو هن سنڌي سماج جي بلڪل هيٺئين ڪلاس يعني هاري مزدور جي گهر ۾ جنم وٺندڙ مثالي ٻار جو ڪردار آهي جنهن کي پڙهڻ لاءِ ڪٿي به (گهر يا اسڪول۾) اتساهيندڙ ماحول ڪونه ٿو ملي. هو هر سال ماستر کي ڪڪڙ ڏيئي پاس ٿئي ٿو ، ماستر اُنهن مليل ڪڪڙن جو ڳپل حصو بيٽ آفيسر کي رسائي ۾ ڏيو رزلٽ شيٽ تي سهي ڪرايو اچي. ان کان سواءِ ماستر صاحب سارو سال ٻارن کي پنهنجي ذاتي ڪمن ۾ (پوءِ اُهي گهر تي هجن يا ٻنيءَ تي) وهائي ٿو ۽ ان ۾ وري سندس رويو به اڍنگو ۽ گار گند وارو ! ناٽڪ ۾ جتي ماستر جو مثالي ڪردار چٽيو ويو آهي اُتي ٻارن جي پيءُ توڙي ماءُ جا ڪردار به مثالي آهن. پيءُ کي پاڙهڻ جي پهچ ڪانه ويتر ماءُ جي طرفداري نينگر کي ويتر نٺر بنايو ڇڏي .
لڙڪن پٺيان مرڪ: هن ناٽڪ ۾ هڪ ٻار جي ايمانداري جو مثال ڏيئي اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته ايمانداري ءَ جو ڳڻ فقط غريبن وٽ هوندو آهي. هن ناٽڪ ۾ استاد جو ڪردار به ڏيکاريل آهي جيڪو وڏيري جي ٻار کي وڏيرپ واري هلت تي ٽوڪي ٿو ۽ ان کان سواءِ هڪ اهڙي ڪردار ”بخشوبابا“ جو به ذڪر آهي، جيڪو پاڻ مسڪين هوندي به هيڻن جي همراهي ڪري ٿو.
ڌرتيءَ جو تارو: هن ناٽڪ ۾ هيٺئين ۽ وچولي ڪلاس جي مائٽن جو پنهنجي ٻارن جي سکيا جي سلسلي ۾ روين جو تضاد ــ فرق ڏيکاريو ويو آهي. هڪ هيٺئين ۽ اڻ پڙهيل گهر ۾ ٻار کي ڪهڙي تربيت ٿي ملي ۽ هڪ وچولي ڪلاس جي گهر ۾ ٻار کي ذهني اوسر جي سلسلي ۾ مائٽ ڇا ٿا ڪن ڌرتيءَ جو تارو هڪ اهڙو ڪردار آهي جو پنهنجي ڪلاس جي پسند جي ابتڙ هلت ٿو ڪري يعني ڊاڪٽر ٿيڻ بجاءِ هو ليکڪ ٿيڻ پسند ٿو ڪري، جنهن تي سندس پيءُ دٻيل نموني تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ٿو ڪري ته ” ڏات جي ڏيهه ۾ ڇڙو ذهني پيڙا آهيڀ ان مان ڪابه پرابت ڪانهي !“
ٽنهي ناٽڪن ۾ منهنجي خيالن ۾ ليکڪ پنهنجي خيالن جي اپٽار ۾ ڪافي حد تائين ڪامياب ويو آهي. ليکڪ جا هي ناٽڪ، ناٽڪ جي کيتر ۾ هيءَ جاکوڙ اسان جي وڏن ليکڪن لاءِ هڪ چئليج آهي. مان کيس واڌايون ٿو ڏيان سچ ته مان جو (ليکڪ جي انهيءَ ڪم کي ڏسي) سنڌي ساهت جي واڌري جي سلسلي ۾ ويساهه پڪو ٿي ويو آهي ته؛ ٻيلي هائو کاهوڙي اڃا پيا آهن !!
( ٻيو ٻاريندو ڪير کاهوڙي کير ريءَ )
حيدرآباد سنڌ 27 مارچ 1983ع
پرواني سيوهاڻي کي سيليوٽ!
- نصير مرزا
سنڌ جي نقشي ۾ اسان جو ٻار جنهن کي اسين ڪمزور ۽ هڏن جي مٺ، سمجهندا آهيون، اسان جي طاقت بنجندو وڃي. ٻار، جنهن کي اسين عام طرح ڪم عقل ۽ محض ٻار سمجهندا هئاسين موجوده هاڃيڪار حالتن ۾ اُهو اسان جي ڄڻ طاقت بنجي رهيو آهي.ان جو اندازو سنڌ سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ٿيندڙ هاڻوڪن جلوسن جي اڳواڻي ۽ قربانين کان سواءِ ، اُنهن جي منظم تنظيمن جي ڪارڪردگي مان به لڳائي سگهجي ٿي.
ذهين، باهمت ۽ پهلوان ؟ ٻارڙن جا ذهن ، رڳو تنظيمن ۾ ئي سرگرم ڪونه آهن .اُهي ادب ۾ به آهن .۽ خاص ڪري ٻاراڻي ادب ۾ پرواني سيوهاڻي کي سيليوٽ!
جنهن پنهنجي اڌ ۽ اڻ پوري وجود ذريعي، سنڌ جي ٻارڙن جا ذهن فتح ڪيا آهن، باوجود نحيف ۽ ڪمزور وجود رکندي، پرواني سيوهاڻيءَ جون ٻارڙن لاءِ ڪيل ڪوششون ۽ ڪاوشون، سنڌ جي وڏن وڏن ۽ سگهه ڀرين ادارن جي ڪارڪرگيءَ تي ڀاري آهن، اڄ پروانو سيوهاڻي، ٻارڙن جي ادب لاءِ ڪيل جاکوڙ جي باعث هڪ ادارو بڻجي چڪو آهي.
چون ٿا تاڙي هڪ هٿ سان ڪڏهن به ناهي وڄندي .ان لاءِ ٻئي هٿ جي اوس ضرورت پوندي آهي. اڄ ٻارڙن لاءِ ڪهاڻي کيتر ۾ کين تاڙي وڄائي وندرائڻ لاءِ هڪ هٿ اڪبر جسڪاڻي جو آهي ته ٻيو هٿ آهي پرواني سيوهاڻي جو . ڪيڏا نه هم وزن ۽ هم قافيا ليکڪ آهن ان کي چئبو آهي : ٻه ته ٻارهن .
ٻنهي ليڪن جي لاءِ ائين چوڻ بنهه غلط ڪونه ٿيندو ته سڪي جو،هڪ پاسو جسڪاڻي آهي ته ٻيو پاسو آهي سيوهاڻي.
جيتوڻيڪ ٻنهي جي ڪهاڻين جي موضوع لکڻ جو ڏانءُ سندن رت جي گروپن وانگر جدا جدا آهي،پر منجهن سنڌ جي ٻارڙن جا مامرا انهن جا اهنج، سرڪاري غير سرڪاري سطح تي غريب ٻارن سان ٿيندڙ زيادتيون اهڙا موضوع آهن، جن تي ٻنهي ڄڻن نهايت ذهانت سان لکيو آهي، پر اڃان به جنهن نقطي کي، پرواني سيوهاڻي پنهنجي ڪهاڻين ۾ آدرش طور پيش ڪيو آهي، اهو هي آهي ته سنڌ جي سڀني ٻارڙن جي هٿن ۾ هو مال چارڻ واري لٺ ۽ مٿي تي ڪاٺين جي ڀري ڏسڻ بدران ، ڪڇ ۾ ڪتاب ڏسڻ گهري ٿو.
هو چاهي ٿو ته سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ شهر شهر، ۾ ٻار علم جي روشني حاصل ڪن. پنهنجي ڪهاڻي”ملا مرئي ماءُ“، ۾ هن اهڙي خواهش جو اظهار به ڪيو آهي.۽ هن جي خواهش به اهڙي سماج جي تعمير لاءِ آهي جنهن ۾ ڪو به ٻار ملا خميسي جي مڪتب ۾ قيد نه رهي ، نه ئي مڪتبي روايت مطابق کيس در در وڃي خيرات جي ماني لاءِ هٿ ٽگڻو پوي . هن ڪهاڻي ۾ ٻارن کي مدرسي ۾ ويهاري حافظ، ملون يا مڪتي بنائڻ جو ناهي . جديد تعليم حاصل ڪرڻ جو آهي.
چڙي جي آتم ڪهاڻي نهايت دلچسپ ۽ معلوماتي ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ آتم ڪهاڻي ٻڌائڻ وارو انداز اختيار ڪري ، لوهر جي دڪان ۽ چڙي جي تياري جو مرحله وار ۽ ترتيب وار ذڪر هن نهايت مهارت سان ڪيو آهي. مٿين ٻنهي ڪهاڻين ۾ عجب هڪ جهڙائي پسجي ٿي. مثال طور چڙي کي لوهر جا ڌڪ جانو کي ملن جا ڌڪ ۽ مارون ساڳي ريت برداشت ڪن ٿا، پر جانو، اهو سڀ ڪجهه سهڻ جي باوجود جاهل جو جاهل، جڏهن ته چڙي پنهنجي مار ۽ ڌڪن مٿي ڌڪ برداشت ڪرڻ واري سزا کان پوءِ چوي ٿي: ٻارو اڄ مان ڇيلڙي جي ڳاني ۾ ٻڌل آهيان ۽ سڄو ڏينهن پئي پئي ٽن ٽن ڪريان .
پرواني سيوهاڻيءَ جي ڪهاڻين جي موضوعن تي نظر وڌم ته اُهي ، هن جي سياسي سجاڳي ۽ سماجي سرت جون گواهه نظرآيون .هن گهڻو ڪري پنهنجا موضوع هيٺئين ڪلاس جي اپالن ٻارڙن ،ميلن ملاکڙن ۾ حالتن هٿان مجبور ”ناچو“ ٻارن، مدرسي ۾ ديويءَ ۽ کٻڙن جا چها کائي حافظ قران ٿيندڙ معصومن جي روئداد بابت آهن.انهن موضوعن تي لکندي هن هر ڪهاڻي ءَ جي بندــ مٺ ۾ مقصد ۽ پيغام جو روشن ٽانڊاڻو ضرور رکيو آهي. ۽ ان ٽانڊاڻي جي روشنيءَ تي بقول پرواني جي ”ڪيترائي پروانا اچي گڏ ٿيا آهن .“
ڪهاڻي ناچو به ٻارڙن کي جاهل رکڻ ۽ انهن کي ناجائز ۽ ڪنڊاين واٽن تي گهلي وٺي اچڻ جي خلاف، ليکڪ جو احتجاج آهي،۽ منجهس هڪ حساس ليکڪ جي اک لڙڪن سان ڀريل پئي نظر اچي ڇو ته جنهن ٻار جي ڪلهي ۾ ٿيلهو ۽ وکون اسڪول ڏانهن هجڻ گهرجن، ان ٻار جي پيرن ۾ ڇير ۽ وکون انهن ماڻهن ڏانهن کچنديون نظر اچن جن جي هٿ ۾ ڳاڙهو نيرو نوٽ نظر اچي ٿو.
پلاند، اهڃاڻي ڪهاڻي ۽ جانورن جو شڪار ڪندڙ ظالم چيتي جي چالاڪين تي چٿر آهي، ظلم کي نهوڙڻ جو درس ڏئي ٿي.
ڪهاڻي احتجاج، سنڌ جي ۽ خاص ڪري حيدرآباد ڪراچي ۽ نواب شاهه جي هاڻوڪين حالتن کي نظر ۾ رکي لکي وئي آهي. هي ڪهاڻي ٻارڙن لاءِ وڏو اتساهه مهيا ڪري ٿي. پرواني سنڌ جي صورت حال کي هن ڪهاڻيءَ ۾ نهايت ذهانت سان اُڻيو آهي ۽ ائين ڪندي هن ٻارڙن لاءِ ڪامريڊ سوڍي جهڙا آدرشي ۽ رهنما ڪردار تي ٻارڙن کي اتساهڻ لاءِ ماڊل طور پيش ڪيو آهي. جيئن سنڌ جا ٻيا ٻارڙا سوڍي جي بهادري ۽ همٿ کي ڏسي ان جو اثر قبولين، خاص ڪري هن ڪهاڻي جي هڪ سٽ سان ڪير سهمت نه ٿيندو . ”اڄ جو ٻار ڪالهوڪي ٻار وانگر سست گيدي نه آهي پر ان کان ڪيترا ڀيرا وڌيڪ هوشيار ۽ چالاڪ آهي. اڄ جو ٻار ڏاڍو سجاڳ آهي .......“
ڪهاڻي واحد وسائينس، تاثر سان ٽمٽار ڪهاڻي آهي ۽ مينهن جو انتظار ڪندڙ ٻار (ڪوڏ) جي ڪهاڻي دل ڀڄائيندڙ روئداد آهي ۽ پڙهڻ سان وڏو تاثر پيدا ڪري ٿي. ڪهاڻي واحد وسائينس وانگر ڪهاڻي ”پسو پکيئڙن“ جو نه فقط عنوان نئون ۽ وڻندڙ آهي، پر اُن سان گڏو گڏ جهرڪ ۽ جهرڪيءَ جي همٿ جي نهايت سهڻي ڪهاڻي آهي. جن همٿ ۽ جرئت جو مظاهرو ڪندي، پنهنجي ننڍڙين ۽ نازڪ چهنبن سان، پڃري ۾ بند ٿيل”طوطي کي، جهرڪ ۽ جهرڪي هوا ۾ آزاد اُڏامندڙ ڏسي ڏاڍو خوش ٿين ٿا.“ شال اِها آزادي سنڌ جي هر جاندار کي حاصل ڪئي.
ڪهاڻي چنڊ ۽ چڪور پرواني جي خوبصورت لکڻي آهي. ڪهاڻيءَ جي اڻت ۽ اُن جي ٻولي فنڪارانه استعمال ڪئي وئي آهي.
زندگيءَ ۾، اسان ڪنهن جو قدر ڪيو آهي، جو اسان پرواني سيوهاڻيءَ جو ڪنداسين؟ خير هن حياتيءَ ۾ سندس قدر ٿئي نه ٿئي.سندس لاڏاڻي کان پوءِ هن جي ڪتبي وٽ سنڌ جا ٻار ضرور گلابن جي ورکا ڪندا. اِها ته خير مسقتبل جي ڳالهه ٿي، منهنجي طرفان اڄ ئي زنده حيات ۽ ٻارڙن جي وڏي ليکڪ پرواني سيوهاڻي کي سيليوٽ
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد
19.10.1989
هلڻ مسلسل هلڻ
- خيرالنساءِ جعفري
ٻارؤ!
هڪ سٺو ڪتاب قيمتي هوندو آهي، پر هڪ سٺو انسان اهڙن ڏهن ڪتابن کان وڌيڪ قيمتي هوندو آهي. پر ، اوهان کي خبر آهي ته اهڙا سٺا انسان ڪهڙي فيڪٽريءَ ۾ ٺهندا آهن.؟
ڇا انهن کي الله خاص هٿن سان ٺاهيندو آهي ؟ نه ..... اهڙا سٺا انسان الله نه ..... پر انسان ئي انسان کي ٺاهيندو آهي .....
ڀلا اهڙا سٺا انسان ڪير ٺاهيندو آهي ؟
اهڙا انسان سٺي تربيت ملڻ ۽ سٺن ڪتابن پڙهڻ سان ٺهندا آهن.
ننڍپڻ جون ڳالهيون ..... وڏپڻ جون ڳالهيون ..... جڏهن ڪاغذ تي اينديون آهن ته اُهي انسان ذات جي تاريخ بڻجي وينديون آهن ......۽ انسان جي تاريخ جي ڪنجي جهڙا ڪتاب هوندا آهن ....
سٺا انسان ۽ سٺا ڪتاب ، هن دنيا جي دولت نه پر الله جي ملڪيت هوندا آهن..... تڏهن ته سٺو دوستو ! الله تعاليٰ قران شريف ۾ قلم جو قسم کاڌو هو ! جي .... الله کي پنهنجو قلم ايڏو مٺو آهي ، جيڏو اوهان کي چاڪليٽ ، آئسڪريم مٺي لڳندي آهي .
پروانو هڪ سٺو ماڻهو آهي، مون کيس پهريون ڀيرو ٽي. وي جي پرک پروگرام ڏٺو هو، ٽي. وي تي گهڻو ڪري سٺا سٺا ماڻهو ته ايندا رهندا آهن ، پر ڪي ڪي ماڻهو ذهن تي اسٽيڪر وانگيان جهڙو ايلفيءَ سان چمبڙي ويندا آهن. ڀاءُ پروانو به ڪجهه ايئن محسوس ٿيون جڏهن پهريون ڀيرو منهنجي گهر آيو.....ته سندس هٿ ۾ هڪ بئگ هئي، جنهن ۾ کوڙ سارا ڪتاب ۽ ڪاغذ پيل هئا.... جيئن اوهين پنهنجا بستا ۽ بيگ اسڪول ۾ کڻي ويندا آهيو ، تيئن ڀاءُ منظور به پنهنجو بئگ به ساڻ رکندو آهي ...
آئون اوهان کي ڳالهه ٻڌايان سندس همتن جي... ۽ سندس چڱائيءَ جي ته کوڙ ساريون ڳالهيون اوهين ٻڌي حيران ٿي ويندؤ.
هلڻ مسلسل هلڻ، جڏهن ته ايڏو هلڻ ته عام ماڻهو برداشت نه ٿو ڪري سگهي ... پر منظور ( پروانو) کي شابس هجي پنهنجي پيرن جي ڪمزوريءَ جي باوجود دل جي طاقت تي هو ايڏو مسلسل ۽ تيز هلي ٿو جيڏو ڇُڪ ڇُڪ ڪندي ريل گاڏي هلندي آهي.
ريل گاڏي مسافرن جا بوجهه ڍوئي هر مسافر کي پنهنجي منزل تي لاهي ٿي... منظور به زندگيءَ جا بوجهه ڍوئي پنهنجي هر شوق کي جائز مقام رسائي ٿو ! ڪوشش ڪاميابيءَ جي ڪُنجي آهي.
اوهين به محنت ڪريو، ڪوشش ڪريو... هڪ ننڍڙي مک محنت ڪري ماکي ٺاهي ٿي...هڪ ماڻهو محنت ڪري ڪا منزل ماڻي ٿو ....
هڪ گلاب توهان جي هٿن ۾ !! پر اوهين ته پاڻ گلاب آهيو ...
ڪتاب ”اڏام“ جي ڪهاڻين جو جائزو
- اڪبر جسڪاڻي
سيوهڻ سنڌ جو قديم شهر آهي. هي شهر قلندر لعل شهباز جي حوالي سان ڏيهان ڏيهه مشهور آهي. قلندر لعل شهباز جو مانُ ۽ مرتبو سڀني سنڌ جي اوليائن کان بلند ۽ افضل آهي..... سيوهڻ سنڌ جي قديم شهرن ۾ شمار ٿئي ٿو ۽ هن شهر ۾ ڪيتريون ئي علمي ۽ ادبي شخصيون پيدا ٿيون آهن ، جن علم ۽ ادب لاءِ تمام گهڻو پاڻ پتوڙيو آهي.
ٻاراڻي ادب جي حوالي سان هڪ شخصيت به سيوهڻ ۾ آهي جنهن کي سيوهڻ جو هر ٻار سڃاڻي . اهو آهي اسان جو پيارو ” پروانو سيوهاڻي“.
پروانو سيوهاڻي نه رڳو ٻارن جو ليکڪ آهي . پر ان سان گڏ پبلشر ۽ هڪ معياري رسالي ”سرهاڻ“ جو ايديٽر پڻ آهي. پرواني سيوهاڻيءَ جو اهو ڪمال آهي ته بنا ڪنهن مدد جي ڪتاب ڇپرائي ، پنهنجي سر اڪيلو سڄي سنڌ ۾ وڃي ڪتاب به کپائيندو آهي، انهيءَ حوالي سان به پرواني سڄي سنڌ گهمي ڏٺي آهي. سنڌ جو هر اديب ۽ استاد کيس چڱي نموني سان ڄاڻن به ٿا ۽ سڃاڻن به ٿا.
هن باهمت نوجوان کي ڏسي ،اهو سوچي سگهجي ٿو ته جي سنڌ ۾ اهڙا باهمت نوجوان آهن ته سنڌ کي ڪا لهر لوڏو ڪونهي. جيئن ڪو امير ماڻهو سال ۾ گهمڻ ڦرڻ لاءِ ڪنهن يورپي ملڪ ويندو آهي، تيئن اديب کي جڏهن ڪجهه پئسا بچندا آهن ته ڪتاب ڇپرائيندو آهي. ائين پرواني سيوهاڻي پنهنجي پگهار مان ڪجهه بچائي، هي ٻارن جي ڪهاڻين جو ڪتاب ڇپرايو اٿس. هونئن به پرواني ٻارن لاءِ ڪافي ڪتاب ڇپرايا آهن. سندس مشهور ڪتاب ”منهنجون يادو منهنجو ننڍپڻ آهي“ آهي.جيڪو ڪافي دلچسپ آهي. جنهن کي ماڻهو پڙهي پرواني جي ننڍپڻ جي زندگيءَ جو احوال کان واقف ٿين ٿا!
پرواني جي ڪهاڻين جو هي مجموعو (اُڏام) جنهن ۾ مختلف وقتن تي پرواني جون لکيل ڪهاڻيون آهن، جيڪي ”سرهاڻ“ ۾ به ڇپجي چڪيون آهن، پر هڪ هنڌ ڪتابي صورت ۾ هاڻي اوهان جي آڏو آهن . پرواني جي ڪهاڻين ۾ نصيحت سان گڏ سماج جي غلط رسمن جو به ذڪر آهي، جن پڙهي ٻار جي عمل ڪن ته سندن مستقبل سنوارجي سگهجي ٿو .
سندس ڪهاڻي ”پئڻ بلا“ عنوان جي لحاظ سان ته بلا جو نالو آهي جا ”ٿر“ ۾ سُتل ماڻهوءَ جي منهن ۾ زهر هاري ويندي آهي ۽ انسان کي ننڊ ۾ ننڊ ڏياري ڇڏيندي آهي.
تيئن اڄڪلهه اسان وٽ وڊيو گيم جي وبا به ٻارن کي تعليم کان پري ڌڪي رهي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ٻار وڊيو جي شوق ۾ اسڪول نه ٿو وڃي. سمورو وقت وڊيو جي دڪان تي ضايع ڪري ٿو۽ امتحان ۾ فيل ٿئي ٿو . ان وقت ٻار جي اندر جو ٻار سجاڳ ٿئي ٿو ۽ سڀني ٻارن ، نوجوانن ۽ وڏي عمر جي ماڻهن کي گڏ ڪري ان خلاف تحريڪ هلائي ان کي بند ٿو ڪرائي . ڪاش ! اسان جا ٻار ڪهاڻي پڙهي ان تي عمل ڪن .
سندس ٻي ڪهاڻي ”وقت جي آتم ڪهاڻي“ آهي. هونئن به چوڻي آهي ته وقت ۽ وير ڪنهن جو انتظارڀنه ڪندا آهن .تيئن هن ڪهاڻي ۾ دلچسپ نموني سان وقت پنهنجي پاڻ ڪهاڻي ٻڌائي ٿو ۽ ٻارن کي چئي ٿو ته مان ڪنهن جو به انتظار نه ڪندو آهيان . پر جيڪي منهنجو احساس نه ڪندا آهن ، تن کي ئي وڏو نقصان پوندو آهي. هن ڪهاڻي مان ٻارن کي اهو احساس ٿيندو ته منٽ ۽ ڪلاڪ ڪيترا نه قيمتي آهن جن کي ضايع نه ڪجي ، پر پابندي سان وقت جو احساس ڪري پڙهڻ گهرجي .
”اُڏام“ ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ٻار جا احساس آهن. جيڪو پهريون ڀيرو پيءُ سان گڏ جهاز ۾ چڙهڻ لاءِ ايئرپورٽ تي پهچي ٿو ۽ جهاز ڏسي خوش ٿئي ٿو. پيءُ کي چئي ٿو ته بابا جهاز آيو آهي. اهو جهاز اُهو نه آهي، ٻار کي هوران کوران ان وقت ختم ٿئي ٿي، جڏهن رن ــ وي تي اُهو جهاز اچي ٿو.ان تي اهو ٻار چڙهي ٿو. اتي جو ماحول ٻار تي ڪهڙو اثر ڪري ٿو . اهو ڪهاڻي پڙهڻ سان معلوم ٿيندو، هي هڪ مڪمل افسانو آهي ٻارن لاءِ ۽ وڏن لاءِ به .
سندس ٽئين ڪهاڻي ”چنڊ جو عاشق“ هن ۾ چَڪورَ جي لازوال محبت جيڪا چنڊ سان آهي. جنهن کي سنڌ جي سمورن شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو آهي. اتي ٻارن کي پرواني سيوهاڻيءَ چنڊ ۽ چڪور جي ڪهاڻي ٻڌائي آهي. جنهن ۾ مسلسل جدوجهد جو سبق آهي. جيئن چڪور چنڊ تائين نه ٿو پهچي سگهي، پر پنهنجي اُڏام چنڊ ڏانهن جاري رکندو آهي . جيستائين سندس پَرن ۾ طاقت هوندي آهي ۽ ائين اُڏامي اُڏامي ڪِري پوندو آهي، پر چنڊ سان محبت جو رشتو نه ڇڏيندو آهي.
”علم جي ڳولا“ ڪهاڻيءَ ۾ ، هڪ فقير جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ٻار جا جذبا آهن، جيڪو پنڻ کي خراب سمجهي ٿو ۽ ٻارن کي اسڪول ويندو ڏسي، سوچي ٿو ته مان به انهن ٻارن جيان پڙهان. ايئن اهو ٻار، اسڪول ۾ وڃي ٿو. جتي هڪ رحمدل استاد ٻار جا جذبا ڏسي کيس چئي ٿو ته پٽ تون پڙهه. آءٌ توکي پڙهائيندس. ڪاش هيءُ ڪهاڻي پڙهي، استاد ۽ ٻار جيڪي سرنديءَ وارا آهن ، اهڙن ٻارن جي مدد ڪن ته علم جي زيور سان نوازجي وڃن ۽ ڪلهي تي پنڻ جي گودڙي بجاءِ ڪتابن جو ٿيلهو هجين !
”جيڪو منهنجي من ۾ آهي“ سائنسدان ۽ موهن جو دڙو ڪهاڻيون به نصيحت آموز ڪهاڻيون آهن .”جيجل“ ڪهاڻيءَ ۾ هو شو جو ڪردار آهي. جيڪو هڪ ٻار آهي ۽ سنڌ ڌرتيءَ سان محبت ڪري ٿو. ايئن هن ڪهاڻيءَ ۾ هوشو شيدي، سنڌ جي عظيم جرنيل جو ذڪر به آهي، جنهن ميرن جي صاحبيءَ ۾، انگريزن سان وڙهندي شهيد ٿيو هو. هن ڪهاڻيءَ ۾ سنڌ ڌرتيءَ جا سمورا ڏک بيان ڪيل آهن. جن لاءِ ننڍو سوچي ٿو ته مان پنهنجي ڌرتيءَ کي اهڙن ظلمن کان آجو ڪرائيندس . ڪاش! اسان جو هر ٻار، نوجوان ۽ وڏڙا هوشوءَ جهڙو جذبو سنڌ لاءِ رکن ته ڪڏهن به ڪو ڌاريو سنڌ ڌرتيءَ ڏانهن ميري اک سان نه ڏسي سگهندو . جي ڏسندو ته اها اک ڪانه هوندس .
جتي ٻاراڻو ادب اٽي ۾ لوڻ برابر ڇپجي رهيو آهي، اتي پرواني سيوهاڻيءَ کي جَسُ هجي جو هي ٻاراڻو ڪتاب ڇپائي بيٺل پاڻيءَ ۾ (ٻاراڻي ادب ۾) پٿر اڇلائڻ جي برابر آهي، جنهن جي ڪري پاڻيءَ ۾ تحرڪ ايندو. ايئن ڪاش اسان جي ٻاراڻي ادب ۾ واڌارو ٿئي.آخر۾ اهوئي چوندس ته شال ڌڻي سائين پرواني کي سگهه ڏئي، جيئن ٻارن لاءِ سهڻا ۽ سٺا ڪتاب ڇپرائي ، ٻاراڻي سنڌ ادب کي مالا مال ڪري.
سڀ کان الڳ اُڏمندڙ لغڙ
- طارق عالم ابڙو
پرواني سيوهاڻي سان منهنجي واقفيت ڪڏهن ٿي، ڪٿي ٿي ....؟ مان جڏهن به پرواني سان ملندو آهيان، مٿيان سوال منهنجي ذهن ۾ اکيون ڇنڀڻ لڳندا آهن، پر مون کي باوجود ڪوشش جي ياد نه ايندو آهي، ۽ منهنجا سوال اکيون ڇڀندا، مون ڏانهن تڪيندا رهجي ويندا آهن.
پر منهنجا نيڻ جڏهن به پرواني جي چهري تي پوندا آهن ته پنبڙين کان ڇنڀجڻ ڇڏائجي ويندو آهي.حيرت منجهان نه پر پيار ڀري احترام منجهان ، ۽ مون کي پنهنجو مڪمل وجود هن آڏو نامڪمل لڳندو آهي. مون کي رشڪ ايندو آهي پرواني جي ڀرپور ٽهڪن تي . ڪهڙو سمنڊآهي سندس اندر ۾ خوشين جو !؟ جتان ڳالھه ڳالھه تي ٽهڪن ڇولين جا، سندس چپن جا ڪنارا پار ڪري هوائن ۾ سنهيون سنهيون بوندون بڻجي پکڙجي وڃن ٿا.
هڪ ڀيري ڪنهن ڇوڪريءَ مون کان پڇيو ” هائيڪو ڇا ٿيندو آهي؟“
مان سندس سياري جي صبح ۾ ڄاول سورج جهڙي وڻندڙ چهري ڏانهن ڏسي چيو هو ؛ ” اڄ گهر وڃي غور سان پاڻ کي آئيني ۾ ڏسجان ، توکي تنهنجي سوال جو جواب ملي ويندو .“
ساڳي ريت جيڪڏهن ڪوئي مون کان پڇڻ چاهي ”زندگي ڪيئن هوندي آھي؟“ ته جيڪر کيس مان چوان ”زندگي پرواني سيوهاڻي ءَ جي ٽهڪن جهڙي هوندي آهي.“ هر ڏک کان آزاد ، حسين، ڀرپور حواسن تي ڇائنجي وڃڻ واري .
ڪجھه ڏينهن ٿيندا ”پروانو سيوهاڻي“ مون کي پنهنجي آتم ڪٿا .جي ڊمي ڏئي ويو ته مان سندس ان ” آتم ڪٿا“ جي مهڙ لکان .( در حقيقت اهڙي خواهش جو اظهار مون پاڻ ساڻس ڪيو هو) جڏهن سندس آتم ڪٿا پڙهڻ ويٺس ته مون کي هڪ هنڌ سندس اهڙن ڀرپور ٽهڪن ڏيڻ جو ڪارڻ ملي ويو.
پرواني هڪ هنڌ لکيو آهي ته جڏهن مان ڄائو هئس ته مون ساهه نه هو، ۽ منهنجا مائٽ مون کي مئل سمجهي رهيا ھئا، پر منهنجي حڪيم بابا سائين نبض ڏسي منهنجي جيئري هجڻ جي تصديق ڪئي. منهنجي ڀيڻن ۽ ڀاڄاين کي چيو ته هو منهنجي وات تي وات رکي منجهس ڦڦڙن ۾ ساهه وجهن.
پرواني چواڻي ته سندس مائٽاڻين پنهنجي زندگيءَ سان ڀرپور ساهن جا رنگين ڦوهارا سندس اندر ۾ اوتي کيس چرپر ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو .
پيارا پڙهندؤ اهو پڙهڻ کان پوءِ مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته پروانو پنهنجي ڦڦڙن ۾ جيڪي ساهه ڀري ، زندگيءَ سان ڀرپور ٽهڪ ڏئي ٿو، ان ۾ رڳو اڪيلي پرواني جو ساهه نه پر سندس ڪيترين مائٽياڻين جا ساهه به سمايل آهن. تنهن ڪري ئي سندس ٽهڪ زندگيءَ سان ٽمٽار آهن.
پرواني جي آتم ڪٿا ’منهنجو يادون منهنجون ننڍپڻ‘ جيتوڻيڪ بي حد سادگيءَ سان لکيل آهي، پر ان سادگيءَ ۾ جيڪا سچائي سموئي وئي آهي سا بيشڪ قابل تحسين آهي. خاص طور تي سندس امتحان ۾ فيل ٿيڻ کان پوءِ گهر مان ڀڄي وڃڻ وارو باب ته ڏاڍو وڻندڙ ۽ جرئت سان لکيل آهي.بلڪل ساڳي طرح راڳ سکڻ واري ڳالهه به اهڙي ته مزيدار انداز ۾ لکي اٿس جو پڙهندي کل اچي وڃي ٿي.
پرواني جي عزم جو اندازو اوهان منهنجو يادون منهنجو ننڍڻ واري ڪتاب ۾ سندس شاعر سان ملاقات واري باب ۾ لڳائي سگهو ٿا ته هو پنهنجي عزم جو ڪيڏو نه مضبوط آهي جو پوڙهي شاعر جي سندس ٺلي ( پرواني) هجڻ تي کلون ڪرڻ تي نه اسان کي شاعر ٿي ڏيکاري ٿو. بلڪ سندس ادب سان اهڙو ته لڳاءُ ٿي وڃي ٿو جو هڪ نه، ٻه نه، پر ڪيترن ئي ٻارڙن جي ڪتابن جو ليکڪ بڻجي ٿو ۽ ٻارڙن جي معياري رسالي جو ايڊيٽربه.
پرواني جو اهو احساس ٺلهو احساس نه هو، بلڪ ان احساس جي پسمنظر ۾ جيڪا خواهڻ لڏي لمي رهي هئي، تنهن کيس اديب بڻائي ڇڏيو ، ۽ اڄ پروانو سيوهاڻي ادب جي آڪاش تي ڪنهن ڪنهن رنگي برنگي لغڙ جيان بلڪل الڳ ٿلڳ پنهنجي سڃاڻپ سان اڏامي رهيو آهي .جنهن کي هر ڪو ادب پڙهندڙ پري کان سڃاڻي ٿو.
ٻاراڻي ادب جو هڪ گل
- مير حاجن مير
سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻاراڻي ادب جي نامور ليکڪ، شاعر، پبلشر، ڪهاڻيڪار مترجم ايڊيٽر، ڊراما نويس پرواني سيوهاڻي جو جنم سنڌ جي تاريخي شهر کڏ محلا سيوهڻ شريف21 جولاءِ 1958ع تي ٿيو. سندس اصل نالو منظور سومرو ولد گل محمد سومرو آهي، سندس ادبي تخلص پروانو سيوهاڻي آهي. هن بنيادي تعليم سيوهڻ مان حاصل ڪئي. والدين پرواني سيوهاڻءَ کي ديني تعليم ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي هن کي مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ ڇڏيو ويو پر هن نابري واري ڇڏي پروانو سيوھاڻي پنهنجي تعليم جي باري ۾ لکي ٿو ته ”آئون هر روز ڦرهي کڻي مدرسي ۾ ويندو هوس، پر منهنجي پڙهڻ سان دل ڪانه لڳندي هئي. پر مائٽن جي مار جي خوف کان مدرسي ۾ ويندو هئس، ڪڏهن ڪڏهن سبق ڪچو ٿيندو هو ته سزا ۾ مولوي صاحب سج لٿي تائين مدرسي ۾ ويهاري ڇڏيندو هو ۽ آءٌ مولوي صاحب کي ڏسي، پيو پنهنجيون اکيون ٽمڪائيندو هئس ته ڪيڏي مهل ٿو گهر وڃڻ جي اجازت ملي. جڏهن بابا سائين مغرب جي نماز پرهڻ لاءِ مسجد ۾ ايندو هو. ته آئون ان کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو هئس. ۽ دل ئي دل ۾ چوندو هئس ته هاڻي بابا نماز پڙهي وٺي ته منهنجي هن قيد خاني مان جان آزاد ٿئي.“ (سيوهاڻي، 2016: 29 ) هن وڌيڪ تعليم M.A سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪئي.
پرواني سيوهاڻي جو ننڍي هوندي کان ادب سان لڳاءٌ هو شرعات ۾ ريڊيي جي پروگرامن کي پسند ڪندو هو ۽ انهن ۾ خط لکندو هو 1976ع ۾ پرواني سيوهاڻي نامياري عوامي شاعر استاد بخاريءَ جي صلاح تي سلسليوار ’سرهاڻ‘ جي نالي سان سيوهڻ مان هڪ رسالو شايع ڪرڻ شروع ڪيو. شروعات ۾ هن سلسلي کي ڪتابي سلسلو ڪري هلايو ويو. جنهن جا اٺ (8) کن ڪتاب شايع ٿيا. جڏهن ته بعد ۾ مقصود گل، ٻين اديبن جي صلاح مشوري سان پرواني سيوهاڻي ’سرهاڻ‘ کي باقائدي رسالي طور متعارف ڪرايو ۽ فتاح هاليپوٽو کان رسالي جو لوگو پڻ ٺهرايو، هن رسالي جا 100 کان مٿي پرچا شايع ڪيا.“ (آزاد، 2016: 36)
پروانو سيوهاڻي، سنڌ جي مختلف اسڪول ۾ وڃي سرهاڻ جا پرچا کپائيندو هو. کيس نوڪري ان وقت ڪانه هئي سندس زندگي جو گذر سفر به سرهاڻ تي هيو. هڪ پاسي پرواني جو گذر سفر به سٺو پئي ٿيو. ته ٻئي طرف پرواني، سنڌ جي شاگردن کي ادبي شعور پئي پيدا ڪيو. رسالي جي قيمت تمام گهٽ هوندي هئي ٻار پنهنجي خرچي مان رسالو خريد ڪندا هئا. ايتري قدر جو پروانو ڪڏهن ڪڏهن اوڌر تي رسالا ٻارن کي ڏئي ايندو هو. ۽ انهن کي چوندو هو ته ٻئي دفعي اوهان کان پئسا وٺندس. ٻئي دفعي پروانو ٻيو پرچو ڏئي ايندو هو. ۽ اڳيان پئسا وٺي ايندو هو. پرواني کي اسڪول جا ٻار به سڃاڻڻ لڳا. پروانو لکي ٿو ته: ”مون پنهنجي عمر جو اڌ تمام گهڻو حصو ٻارن جو ادب لکندي گذاريو آهي. مون کي سموريءَ سنڌ جا ٻار ۽ نوجوان چڱي نموني سڃاڻن ٿا، هو جتي به مون کي ڏسندا آهن ته آڱر جو اشارو ڪري چوندا آهن اهو بيٺو آهي پروانو سيوهاڻي، ڪي وري ٻار جن کي منهنجو نالو نه ايندو آهي. سي وري مون ڏانهن نهاري چوندا آهن اهو هو بيٺو آهي، ڪتابن وارو جيڪو اسان جي اسڪول ۾ ڪتاب کڻي ايندو آهي. جڏهن ٻارن جا اهي لفظ ٻڌندو آهيان ته تمام گهڻو خوش ٿيندو آهيان.“ (سيوهاڻي، 2016: 93)
پرواني سيوهاڻي جا ڪتاب ڪيترائي ڇپيل آهن. جن ۾ شاعري، ڪهاڻيون، ناٽڪ، سفر ناما ، يادگيريون شامل آهن ۽ ڪي ترجما ٿيل به آهن. سندس هڪ ڪتاب ”محبوب جي ياد ۾ “ 1982ع ( محبوب علي چنا سيوھاڻي ) ۾ سرهاڻ پبليڪيشن پاران شايع ٿيو، هي ڪتاب پرواني جو مرتب ٿيل آهي . هن ڪتاب ۾ حميد سنڌي،تاج صحرائي، ڊاڪٽر سليمان شيخ،استاد بخاري، پرفيسر هدايت الله ميمڻ ، مس پروين چنا، سيد اظهر گيلاني، غلام حيدر سولنگي، پروانو سيوهاڻي، محمد علي عيان دائودپوٽو، جمال ميراڻي، منظور حقير سيوهاڻي،خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي، جا مضمون شامل آهن.جڏهن ته محبوب علي چنا سيوھاڻي کي منظوم ڀيٽا ساغر سيوهاڻي، سيد اظهر گيلاني،اسحاق راهي ۽ احمد خان آصف ڏني آهي .سندس ٻين ڪتابن جو وچور هن ريت آهي.
2. ٽياسي جا ٽي ناٽڪ (ٻارن لاءِ ناٽڪ) اپريل 1983ع
هن ڪتاب به ٽي ننڍڙا ناٽڪ،سڪيلڌو،لڙڪن پٺيان مرڪ،ڌرتيءَ جو تارو شامل آهن ڪتاب جي ارپنا مرزا قليچ بيگ جي نالي ڪئي وئي آهي .مُهاڳ نثار حسينيءَ لکيو آهي.
3. تماشو (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) 1985ع
هن ڪتاب ۾ هي ڪهاڻيون شامل آهن .تماشو، ماموملوڪ، دل جي آس، پائلٽ، دادلو،ڪارڙو ڪمارڙو، نتيجو، موهن جو دڙو ،لاوارث ،غيبات، حليم حرڪتي، گونگا لڙڪ.
4. پکين جي ديس ۾ (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) 1985ع
هن ڪتاب ۾ پنج ناٽڪ ڏنا ويا آهن ،1 پکين جي ديس ۾ ،2 رمون پيٽي،3روشني،4 ٽهڪن 5مٿان ٽهڪ ،نتيجو
6. چنڊ ۽ چڪور (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) 1989ع
7. هل ته هلون چنڊ تي (ٻارن لاءِ سفرنامو) 1992ع
8. ٻارن لاءِ چونڊ ڪهاڻيون (ترتيب) 1994ع
9. ٻارن جا گيت (ٻارن لاءِ شاعري) 1994ع
10. خيرو خيالي (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) 1995ع
11. منهنجون يادون منهنجون ننڍپڻ (يادگيريون) نومبر 1997ع ۾ پهريون ڇاپو شايع ٿيو جڏهن ته هن ڪتاب” سنڌي ٻاراڻي ادب جي تاريخ ۾“خالد آزد شايع ٿيڻ جو سال 1993ع ڄاڻايل آهي سو درست ناهي. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو سرهاڻ پبليڪيشن طرفان 2016ع ۾ شايع ٿيو .
12. اُڏام (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) پهريون ڇاپو نومبر 1997ع ٻيو ڇاپو سُرهاڻ پبليڪيشن سيوهڻ شريف طرفان 2016ع ۾ شايع ٿيو . هن ڪتاب ۾ ڪهاڻيون اُڏام، جيجل ، سائنسدان ، پئڻ بلا، وقت جي آتم ڪهاڻي ،چنڊ جو عاشق ، علم جي ڳولا، موهن جو دڙو ،احتجاج ،ڀاڳڀري شامل آهن،
13. ڌرتيءَ جو تارو (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) 2004ع
14. انڌي فقيرياڻي (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون ) 2004ع
15. سهڻي صلاح (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) 2005ع
پروانو سيوهاڻي ڄائي ڄم کان معذور آهي. پر هن معذوري کي محسوس ڪرڻ به نه ڏنو آهي. هن ايترو ته ٻاراڻي ادب ۾ ڪم ڪيو آهي. جو سندس سڄي سنڌ قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. ڪيترن ڏکن باوجود هي هميشه ٽهڪ ڏيندو رهندو آهي. طارق عالم ابڙو لکي ٿو ته : ” جيڪڏهن ڪوئي مون کان پڇڻ چاهي زندگي ڪيئن هوندي آهي ته جيڪر مان کيس چوان، زندگي پرواني سيوهاڻيءَ جي ٽهڪن جهڙي هوندي آهي. هر ڏک کان آزاد، حسين، پرپور حواسن تي ڇانئجي وڃڻ واري.“ (ابڙو ،2016: 14)
پرواني جي زندگي جا ڪيترائي سال مسلسل پنڌ ۾ رهيا هن اوجاڳن جو سفر ڪري پنهنجي ادبي سفر جي تڪميل تي پهتو. هن جي سرهاڻ رسالي سنڌ ۾ ڪيترائي ناليوارا اديب پڻ پيدا ڪيا ”’هلڻ مسلسل هلڻ‘ جڏهن ته ايڏو هلڻ ته عام ماڻهو برداشت نه ٿو ڪري سگهي. پر پرواني (منظور) کي شابس هجي پنهنجي پيرن جي ڪمزوريءَ جي باوجود دل جي طاقت تي ايڏو مسلسل ۽ تيز هلي ٿو جيڏو ڇڪ ڇڪ ڪندي ريل گاڏي هلندي آهي. ريل گاڏي مسافر جا بوجهه ڍوئي پنهنجي هر مسافر کي پنهنجي منزل تي لاهي... پرواني به زندگيءَ جا بوجهه ڍوئي، پنهنجي هر شوق کي جائز مقام تائين رسائي آهي.“ (جعفري، 2016: 18)
سرهاڻ اشاعتي سلسلو سنڌ جي ٻارن ۾ گهڻو مقبول رهيو. هن اداري جو روح روان پروانو سيوهاڻي آهي. ان وقت سيوهڻ ۾ ڪا پرنٽنگ پريس يا پبلشر نه هو. پروانو، وڏا ڪشالا ڪٽي سيوهڻ کان 150 ڪلوميٽر پري حيدرآباد مان ڪمپوزنگ ،پرنٽنگ پبلشنگ جو ڪم ڪرائيندو هو. ”سنڌ ۾ ٻاراڻي ادب جو جڏهن به ذڪر نڪرندو ته اهڙو ڪوبه ٻيو نالو ناهي جو ياد اچي پر هڪ اهڙو نالو جنهن پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري پيرين پنڌ ٻاراڻي ادب جي خدمت ڪئي آهي. جنهن کي ٻاراڻي ادب جو مسڪين جهان خان کوسو چئجي ته غلط نه آهي. هن کي ٻاراڻي ادب جو ساڌو هيرانند به چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو.، (ڏيرو، 2016: 9)
پرواني کي شاعري توڙي نثر لکڻ جو نرالو ڏانءَ آهي. سندس لکڻي پڙهڻ سان ڪو بور نه ٿو ٿئي. تحرير جي سحر ۾ گم ٿي وڃي ٿو. سادي نفاست واري ٻولي استعمال ڪري ٿو، ننڍن ننڍن جملن ۾ وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪري وڃي ٿو. سندس ايڊيٽر ”سرهاڻ“ جا 100 پرچا جاري ٿيا. 2020ع جي ٻئي ڏهي ۾، سرهاڻ رسالي کي ڇڏي ”گل تارا جي نالي سان ٻارڙن لاءِ سلسلو شروع ڪيائين گل تارا جو هڪ پرچو اچي سگهيو. پرواني سيوهاڻيءَ سنڌي ادبي سنگت شاخ سيوهڻ شريف جي باني ميمبرن مان آهي. هو سگا جو ميمبر پڻ رهيو آهي. کيس شهباز ايوارڊ، شاهه لطيف ايوارڊ سنڌي ادبي سنگت ايوارڊ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران ايوارڊ ملي چڪا آهن. سندس شعر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
ڪيڏا پيارا چهرا آهن
چهرن تي ڇو پهرا آهن
مٺڙا ماڻهو پيارا پيارا
ماڻهو من جا ميرا آهن
مون کان منهنجو حال نه پڇ
گهاؤ اندر جا گهرا آهن
هن جي آڳنڌ تي او سائين
خوشبو خوشبو پيرا آهن
تنهنجي ڪوچي مان اوسائين
هر هر منهنجا ڀيرا آهن
”سنڌي ٻاراڻي ادب جي تاريخ“۾خالد آزاد، پرواني سيوهاڻي جو جنم 12 جولاءِ 1963ع ڄاڻايو آهي، سو درست ناهي. پرواني پاڻ پنهنجي هٿن سان 21 جولاءِ 1958ع جنم جي تاريخ لکي ڏني آهي. پرواني سيوهاڻيءَ جي لکڻ جو فن الڳ ۽ منفرد آهي ،هو ٻولي اهڙي استعمال ڪري ٿو جا عام رواجي ۽ دلپذير آهي. هن جي شاعري توجھه طلب آهي.جا فڪر جي گوناگونيت سان ٽمٽار آهي، جنهن ۾ داخلي ۽ خارجي اظهار آهي. هي ٻارن جو وڏو ليکڪ آهي هي ٻارن جي معصوميت سمجهي ٿو. ۽جڏهن ڪا هو ڪهاڻي لکي ٿو ته گهڙي کن لاءِ ٻار ٿي وڃي ٿو.ڪهاڻين ۾ اهي ٻاراڻا ٻول لکي ٿو.
حوالا:
1. سيوهاڻي، پروانو، 2016: منهنجون يادون، منهنجو ننڍپڻ، سرهاڻ پبليڪيشن ، مڇي مارڪيٽ، سيوهڻ شريف.
2. آزاد، خالد، وگهيو 2016، سنڌي ٻاراڻي ادب جي تاريخ، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد سنڌ.
3. سيوهاڻي، پروانو، 2016: منهنجون يادون، منهنجون ننڍپڻ، سرهاڻ پبليڪيشن، مڇي مارڪيٽ ،سيوهڻ شريف.
4. ابڙو، طارق عالم، 2016: پروانو سيوهاڻي ،منهنجون يادون، منهنجو ننڍپڻ، سرهاڻ پبليڪيشن، سيوهڻ شريف.
5. جعفري، خيرالنساءِ، 2016: منهنجون يادون، منهنجو ننڍپڻ، مڇي مارڪيٽ، سرهاڻ پبليڪيشن ،سيوهڻ شريف.
6. ڏيرو ،حفيظ 2016: پروانو سيوهاڻي، منهنجون يادون، منهنجو ننڍپڻ،سرهاڻ پبليڪيشن، سيوهڻ شريف .
ٻارن جي ادب جِي شمع جو ’پروانو‘
- ياسرقاضي
سال ياد ناهي... پر ايترو ياد آ ته مان شايد چوٿين يا پنجين ڪلاس جو شاگرد هوندس... ان اندازي مُوجب اهو 1986ع يا 1987ع جو سال هوندو (ڇاڪاڻ ته مون 1988ع ۾ پرائمري پاس ڪئي آهي)... اونهاري جي ڪنهن تپندڙ ٽيپهريءَ ٽاڻي اسانجي گھر جي بيٺڪ واري پاسي لڳل ’ڊور بيل‘ وڳِي... اسانجي روزاني معمول موجب اسانکي منجھند جا گھٽ ۾ گھٽ ٻه ڪلاڪ آرام ڪرڻو هوندو هو. اهو وقت ان منجھند وارِي ننڊ مان منهنجي اٿڻ وارو ئي هو، ته ان ’بَيل‘ جي سڏ تي ٻاهر اهو ڏسڻ لاءِ مونکي ئي وڃڻو پيو ته ڪير آهي. مون بيٺڪ جي پاسي وارو ئي دروازو کوليو... هڪ نؤجوان دروازي جي سامهون لنگھندڙ گسَ جي پرئين پاسي وڻ جي ڇانوَ ۾ بيٺي در کُلڻ جو انتظار ڪري رهيو هو. سخت گرميءَ سبب سندس لوندڙين مان پگھر ڳڙي رهيو هو. سندس ڪپڙن وارو وڏي سائيز جو ٿيلهو سندس ڀرسان پَٽ تي رکيل هو، جيڪو ڪافي ڀارِي ڀَرڪم پئي لڳو. مان ساڻس وڃي مليم.
”بابا! مقصود گل آهيَ؟“ ان همراهه پُڇيو
”نه چاچا، ابُو ته آفيس مان شام جو موٽندو آهي...“ مون وراڻيو
”ڀلا اختر يا منظر آهي؟“ هن منهنجن چاچن قاضي اختر حيات ۽ منظر حيات لاءِ پڇيو
”چاچُو اختر...!؟“
”جي ها...“ ”چاچُو ته سُتل آهي... توهان ڪير چاچا!؟“
”پُٽ، مان پروانو سيوهاڻي آهيان... سيوهڻ کان آيو آهيان...“
سندس نالو نه رڳو سُڃاپرو هو، بلڪه بيحد پنهنجو هو، ڇو ته اسان جي گھر ۾ ته ”گُل ڦُل“ ۽ ”نونهال“ سان گڏ چاچا پرواني جو ايڊٽ ڪيل سلسليوار رسالو ”سرهاڻ“ ريگيولر ايندو هو... جيڪو اسان شوق سان پڙهنداهئاسين. رڳو اهي ئي رسالا نه، بلڪه اسانجي گھر ۾ سنڌيءَ ۾ شايع ٿيندڙ ٻارن جو هر رسالو پابنديءَ سان ايندو هو. انهن ۾ ”گلڙا“ سميت اهڙا به ڪئين رسالا شامل آهن، جيڪي ٿوري عرصي لاءِ شايع ٿيا ۽ وري بند ٿي ويا، پر ان وقت سندس واتان ”پرانو سيوهاڻي“ نالو ٻڌڻ سان سندس (انهن ڏينهن ۾) تازي آيل ڪتاب ”پکين جي ديس ۾ “ جو سرورق منهنجي ذهن تي اُڀري آيو، جنهن جو ٽائٽل ڊزائن ڪندي، سنڌ جي سهڻي چترڪار ۽ مُنهنجي استادَ (جنهنکي گھڻو پوءِ منهنجو استاد بڻجڻو هو) سائين فتاح هاليپوٽي (شرجيل) صاحب کوڙ سارن پکين جي ميڙ ۾ مورَ کي وڌيڪ نشانبر ڪري مُک ’آبجيڪٽ‘ طور ڏيکاريو هو. مونکي اڄ به ان ڪتاب جو ’ڪرائُون سائيز‘ جو اهو ٽائيٽل ياد آهي، جنهن ۾ نيري رنگ جو عنصر وڌيڪ شامل هو. جيئن ته مون اهو ڪتاب انهن ئي ڏينهن ۾ پڙهي پورو ڪيو هو، تنهنڪري فوراً ’پرواني‘ جو نالو ٻڌڻ سان اهو عڪس اکين ۾ تري آيو. مان سندس نالي ٻڌڻ کانپوءِ واري خوشيءَ جي ڪيفيت بيان نٿو ڪري سگھان، ته منهنجي اندر خوشيءَ جي لهر ڊوڙي وئي ۽ يقين نه ٿي آيو ته هي اهو ئي چاچا پروانو سيوهاڻي آهي، جنهن جا ڪهاڻي ـ ڪتابَ ۽ شايع ٿيل رسالا اسان گھر ۾ پڙهندا آهيون.
”توهان ٻه منٽ بيهو... مان اچان ٿو...“
مون گھر اچي امڙ کي ٻڌايو ته ”امي، ابوءَ جو دوست چاچو پروانو سيوهاڻي آيو آهي. چوي ٿو ابُو آهي!؟“
امڙ چيو: ”کيس بيٺڪ ۾ ويهار! ۽ انهن سان ويهه! چاچا (چاچا اختر) اُٿي ته انهن سان پاڻهي ڪچهري ڪندو.“
اسانجي گھر سان ملحقه اها بيٺڪ (مهمان خانو)، هڪ ڪمري ۽ هڪ ننڍي اڱڻ تي مشتمل هئي، جيڪا سنڌ جي ثقافتي ’اوطاق‘ واري وصف تي ته پوري ڪانه لهندي هئي، پر اسان الائي ڇو ان کي ’اوطاق‘ ئي چوندا هئاسين. پر اها ’اوطاق‘ اها تاريخي جاءِ هئي، جتي اسان ننڍپڻ ۾ پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمّد حاميءَ، استاد بخاريءَ، نشتر ناٿن شاهيءَ، مومن مليرائيءَ، بردي سنڌيءَ، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌيءَ، انيس انصاريءَ، ڊاڪٽر نواز علي ’شوق‘، تاج صحرائيءَ، راشد مورائيءَ، محسن ڪڪڙائيءَ، احمد خان ’مدهوش‘، اسحاق راهيءَ، جوهر بروهيءَ، ناظم منگيءَ، واجدَ، چاچا فتاح عابد لاشاريءَ، صوفي جھامنداس ’عاشقَ‘، مينهي خان سوز ٻروچ، سائين فتاح هاليپوٽي ۽ مرتضيٰ اعظم عباسيءَ سميت سنڌ جي الائي ڪيترين علمي، ادبي توڙي ثقافتي شخصيتن کي ايندي، بابا ۽ ڏاڏا بابا سان ڪچهريون ڪندي ڏٺو ۽ ٻُڌو... لطيف ادبي سنگت جون گڏجاڻيون ۽ مشاعرا ٿيندي ڏٺا. استاد بخاري، سرڪش سنڌي ۽ چاچا مختار گھمرو ته ڄڻ اسانجي گھر ــ ڀاتين وانگر هئا، جن جُون ان بيٺڪ ۾ ڪيل اڪيچار ڪچهريون اڃا به اکين ۾ آهن.
مُون گھران هدايتون ملڻ کانپوءِ، جلدي واپس اچي چاچا پرواني کي اهو ئي بيٺڪ جو ٻيڪڙيل در کولي اندر اچڻ لاءِ چيو ۽ کيس بيٺڪ جي ڪمري جو دروازو کولي ويهاريو. پکو هلائي، گھر وڃي ٿڌي پاڻيءَ جو ڀريل جڳُ ۽ گلاس کڻي آيس. پگھر ۾ شل چاچي پرواني مونکان نالو پڇيو.
”چاچا سائين، مان ياسر...“
”اڇا... اهو ئي ياسر، جنهنجو سلسلو ’شاعرن ۽ اديبن جا اصلي ۽ ادبي نالا‘ اسانجي ’سرهاڻ‘ ۾ ڇپبو آهي!؟
”جِي چاچا...“ مون شرمائيندي هائوڪار ڪئي.
شرمائي ’ها‘ ڪرڻ جو هڪ سبب اهو به هو جو مان ان سلسلي تحت ڪجھه شاعرن ۽ اديبن جا اصلي ۽ ادبي نالا ته پاڻ، چاچا مختار گھمري يا سائين سرڪش سنڌيءَ کان پڇي ابُوءَ کي لکي ڏيندو هئس، پر ان ۾ باقي نالا بابا پاڻ شامل ڪري ’سرهاڻ‘ رسالي کي موڪليندو هو، تنهنڪري منهنجو ان سلسلي ۾ عمل دخل گھٽ هوندو هو، سو مان اهو ڪريڊٽ پاڻ طرف ويندو ڏسي شرمائي رهيو هئس، ته اها اصل محنت ته منهنجي پيءُ جي آهي، جنهنجو ڪريڊٽ مونکي پيو ملي. اهو سلسلو بابا روزاني ’هلال پاڪستان‘ جي ٻارن جي صفحي ”ٻارڙا اکين جا تارڙا“ ۾ شروع ڪيو هو. هر هفتي ڪن به 10 سنڌي اديبن جا اصلي توڙي ادبي نالا ٻه ڪالمي صورت ۾ ڇپبا هئا. ان سلسلي جون ويهارو کن قسطيون تن ڏينهن ۾ ڇپيون، يعني هڪ محتاط اندازي موجب سنڌ جي 200 کن شاعرن جا اصلي توڙي ادبي نالا ان سلسلي تحت شايع ٿيا. جيڪو يقيناً ان دؤر جي حساب سان پنهنجي نوعيت جو هڪ اهم ڪم هو، پر درحقيقت ان سڄي ميڙي چونڊيءَ جو ڪريڊٽ مقصود گل صاحب ڏانهن وڃي ٿو، پر ان وقت بابا، ٻار جي حيثيت سان مونکي لکڻ لاءِ همٿائڻ جي ڪري ڪجهه ڪچو ڦِڪو ڪم مونکان ڪرائي، ان تي منهنجو نالو پئي ڏنو. ان سلسلي جون ڪجهه قسطُون چاچا پرواني پاران شايع ٿيندڙ رسالي ’سرهاڻ‘ ۽ ڪجهه قسطُون سڪندر سرواڻ صاحب پاران تن ڏينهن ۾ شايع ٿيندڙ ’مُرڪَ‘ رسالي ۾ به شايع ٿيون هيون.
چاچا پرواني سان ان مختصر حال احوال کان پوءِ پنهنجي اها اتاولائپَ پنهنجي ڄائي ڄم جي ’ڪرائيم پارٽنر‘ پنهنجي ڀيڻ ’گُڏيءَ‘ (نائله) سان ونڊڻ لاءِ وري گھر آيس. (گھر ۽ ان بيٺڪ جي وچ ۾ هڪ دروازو ۽ هڪ ننڍي ڏيڍي هوندي هئي، جيڪا اسانجي گھر جي وڏي اڱڻ جِي هڪ ڪُنڊ کان گھر ۾ داخل ٿيندي هئي.) گھر آيس ته گُڏي اکيون مهٽيندي ان وقت منجھند جي ننڊ مان اُٿي رهي هئي.
”اڙِي ٻُڌ! خبر ٿئي ٻاهر اوطاق ۾ ڪير آيو آ!؟
”ڪير...!؟“
”چاچو پروانو سيوهاڻي... ’سرهاڻ‘ وارو...“
”ائِي... نه... نه...“
”الا.. جائي با...“
”ائِي... پو هلئون ني...“
”منهن ٻُنهن ڌوئي وٺ ته هلي ملايانءِ...“
خير! ٿوري دير ۾ مان گُڏيءَ کي وٺي چاچا پرواني وٽ اوطاق ۾ آيس ۽ ڪجهه منٽ گُڏيءَ کان اڳ چاچا سان ڪيل ملاقات سبب پنهنجو پاڻ کي ان ڄاڻ سُڃاڻ جي حوالي سان سينيئر ۽ سُونهون سمجھندي، پاڻ کي معتبر سمجھي، ساڻس ملرايم. جهڙوڪر مان چاچا کي سالن کان سُڃاڻيندو هجان.
چاچا پروانو اسان ٻنهي سان ملي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اسانجي ڪچهري شروع ٿي وئي. ٿوري دير ۾ چاچا اختر الائي چاچا منظر به اچي ويو ۽ ان اچي چاچا پرواني کي اٽينڊ ڪيو ۽ سندس تواضح وغيره جو انتظام ڪيو، پر مان ۽ گُڏي، چاچا سان مسلسل ويٺا رهياسين ۽ ان پرواني سيوهاڻيءَ سان ڳالهه ٻولهه جو اعزاز حاصل ڪري رهيا هئاسين، جنهنکي هن وقت تائين اسان فقط پڙهندا آيا هئاسين.
رات ٿي... معمول موجب سج لٿي پُڄاڻان ابُو نئين ديري مان آيو (تن ڏينهن ۾ سندن ملازمت نئين ديري شگر مل ۾ هوندي هئي) ۽ باقي ڪچهريءَ ۾ هن اسانکي ’جُوائن‘ ڪيو. بابا جي اچڻ سان چاچا پرواني پنهنجي مخصوص ڳالهائڻ واري انداز ۾ ساڻس اسان ٽنهي ٻارن جي ايڏي تعريف ڪئي، جو اسان ٽنهي جو سينو ڦُوڪجي ويو. چيائين: ”ادا گلَ! توهانجي سُلڇڻن ٻارن مونکي هرگز بور نه ٿيڻ ڏنو... واهه جي ڪچهري ڪئي اٿائون...“
ابوءَ سان چاچي پرواني جي ڪيل ان ڪچهريءَ دؤران خبر پئي ته اهو ٿيلهو، جيڪو چاچا ساڻ هو، اهو سڄو ’سرهاڻ‘ جي تازن شمارن ۽ ’سرهاڻ پبليڪيشن‘ جي هڪ ٻن ٻين تازن آيل ڪتابن سان ڀريل هو. جڏهن انهن ڪتابن بابت ڪچهري شروع ٿي، ته اسانکي اهو حڪم مليو ته اسان گھر وڃي ماني کائون، هوم ورڪ ڪريون ۽ پوءِ سمهي رهون. ان پهرين ملاقات کانپوءِ واپس سيوهڻ وڃي، چاچا پرواني ’سرهاڻ‘ جو جيڪو پهريون شمارو شايع ڪيو، ان ۾ منهنجو، ناصر ۽ گڏيءَ جو نالو قلمي دوستيءَ واري سلسلي ۾ پنهنجي پاران شايع ڪيو هئائين.
اها هئي سنڌي ٻال ــ ساهت جي چراغ جي ان پرواني سان منهنجي پهرين ملاقات، جنهن سان ٻارن جو سنٻڌ، سائين اسرار شام ۽ ويجھڙ ۾ اسان کان وڇڙي ويل اياز پاٽوليءَ جي عشق کان هرگز گھٽ والحانه ناهي. خبر ناهي ڇا سبب هو! يا چاچا پرواني جي الائجي ڪهڙي مصروفيت هئي! جو هُو نومبر 2022ع ۾ حيدرآباد ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران، ٻارن جي ادب بابت ڪوٺايل ٻن ڏينهن واري قومي ڪانفرنس جي ان سيشن ۾ شرڪت لاءِ نه اچي سگھيو، جنهن ۾ نصير مرزا صاحب کي اياز پاٽولي صاحب ۽ چاچا پرواني سيوهاڻيءَ سان ڪچهري ڪري ٻارن جي ادب لاءِ ڪيل جدوجهد جي حوالي سان سندن وهي کاتي جا ورقَ کولڻا هئا. مون به چاچا پرواني کي ان سيشن ۾ ٻُڌي سندس جيون جي حوالي سان سندس ئي زباني وڌيڪ ڄاڻڻ پئي چاهيو، پر ان سيشن ۾ رڳو اياز صاحب سان ڪچهري ٻُڌي سگھياسين. شايد اهو پاٽولي صاحب جي زندگيءَ جو آخري پروگرام هو.
منهنجِي چاچي پرواني سان ٿيل ان پهرين ملاقات (جنهن سان مون هن مضمون جو آغاز ڪيو) کانپوءِ اهو رابطن، خط و ڪتابت ۽ مُکا ميلن سلسلو مسلسل جاري رهيو، ڇاڪاڻ ته تڏهن ’سرهاڻ‘ رسالو لڳاتار شايع ٿيندو هو ۽ جڏهن به ’سرهاڻ‘ جو نئون شمارو شايع ٿيندو هو، ته هي سنڌي ٻارن جي ادب جو هيرو، اهو رسالو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ کڻي وڃي، مختلف اسڪولن اندر پاڻ وڪرو ڪندو هو. هُو ’وَن مين آرمي‘ هو. هُو ’سرهاڻ‘ جو مالڪ ۽ CEO به پاڻ هو، سرڪيوليشن مينيجر به پاڻ هو، ’پورٽر‘ به پاڻ هو، ’لوڊر‘ به پاڻ هو ته ’هاڪر‘ به پاڻ...! ۽ کيس اهي سمورا پورهيا ڪرڻ ۾ ڪوبه عارُ يا شرم ڪونه هو. هُن ٻالڪ ادب جي اها ’سرهاڻ‘ هِن ستم ظريف زماني ۾ اڪيلي سر پئي ڦهلائي ۽ ان ڏس ۾ خارَ به هيڪلي سِر پئي سَٺا. ان سلسلي ۾ اسانجي شهر رتيديري ۽ ان جي آسپاس جي اسڪولن لاءِ جڏهن به چاچا اهو ٿيلهو ’سرهاڻ‘ سان ڀَري ايندو هو، ته اهي ٻه ٽي ڏينهن اسان وٽ ئي قيام ڪندو هو. اهو سمجھو ته ان مهم ۾ رتيديري جو ’المنظر هائوس‘ سندس ’ڪئمپ آفيس‘ هئي، جتي هُو رات رهي، صبح جو اُن ٿيلهي مان مخصوص تعداد ۾ رسالا کڻي طئي ٿيل اسڪولن ۾ وڃي اهي وڪرو ڪري، وري شام جو اسان وٽ ’المنظر گھر‘ ۾ چار پهر بابا وارن سان ڪچهري ڪرڻ توڙي آرام ڪرڻ ايندو هو، وري ٻئي ڏينهن ٻئي ڪنهن ڀر واري شهر يا ٻهراڙين تائين ’سرهاڻ‘ جي سرهاڻ ورڇي وري سانجھيءَ ڌاري اسان وٽ موٽي ايندو هو ۽ ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ جڏهن اهو ڀارِي ڀَرڪم ٿيلهو رسالن کان خالي ٿي ويندو هئس، ته پوءِ پروانو واپس سيوهڻ هليو ويندو هو. اسانکي تن ڏينهن ۾ (ٻالجتيءَ ۾) ته اها ڳالهه سمجھه ۾ ڪانه ايندي هئي، پر بعد ۾ چاچا پرواني پاڻ ڪچهرين ۾ ٻڌايو ته مقصود گل صاحب نه رڳو ’سرهاڻ‘ جي مواد جي لحاظ کان سندس مدد ڪندو هو، بلڪه مڪاني اسڪولن جي هيڊماسترن ڏانهن سفارشي خط لکي ڏيڻ جي ڏس ۾ به سهڪار ڪندو هئس ته جيئن چاچي پرواني کي خوشدليءَ سان هو پنهنجي اسڪول ۾ ٻارن تائين ’سرهاڻ‘ پهچائڻ ڏين، ڇاڪاڻ ته اسانجي تعليمي ادارن ۾ ويٺل ڪئين استاد توڙي منتظمَ، ٻارن لاءِ ٻارن جي ادب جي اهميت اڄ به ڪونه ٿا سمجھن ۽ اهڙي عمل کي نٿا همٿائن، جنهن سان ٻارن جي ذهني اوسر ٿئي.
ان ئي زماني وارين ملاقاتن ۾ هڪ ڀيري سياري ۾ چاچو پروانو اسان وٽ آيو هو ته مون ۽ گُڏيءَ (نائله) بابا کان سوالنامو ٺهرائي، چاچي پرواني کان انٽرويو ورتو هو، جيڪو بعد ۾ چاچي پرواني جي جوابن سان لکي فيئر ڪري اسان ’سرهاڻ‘ ۾ ئي شايع ٿيڻ لاءِ موڪليو هو، جيڪو شانائتي نموني سان ’سرهاڻ‘ ۾ ڇپيو به هو. جنهنجو ڊرافٽ فائينل ڪرڻ ۾ ابوءَ اسانجي مدد ڪئي هئي. اسان ڀيڻ ڀاءُ کي ان انٽرويوءَ ۾ ئي پهريون دفعو اهو ڄاڻي حيرت ٿي هئي ته چاچا پرواني جو اصل نالو منظُور سُومرو آهي. ’سرهاڻ‘ جا پراڻا پرچا کوٽبا ته انهن ۾ اهو انٽرويو ڪٿي نه ڪٿي ضرُور ملندو. هن انٽرويوءَ جو عنوان ابُوءَ ڪجهه هن طرح ڏنو هو: ’ٻارن جي اديب ۽ پبلشر سان ٻارن جي ڪچهري‘
مان پرواني سيوهاڻيءَ جي ان طرح سان بي لوث انداز ۾ ٻارن جا ڪتاب لکڻ، ڇپائڻ توڙي کپائڻ واري اڻٿڪ ۽ اڻ ڪٿ جدوجهد کي ڏسان ٿو، ته مُونکي لفظ نٿا مَلن ته کيس ٻارن جي ادب جي ايڏي وڏي خدمت جو خراج ڪيئن پيش ڪجي! سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتاب لکڻ ۽ ڇپائڻ جيڏو وڏو مسئلو آهي، کپائڻ ان کان به وڏو مسئلو آهي. اهڙي ڏکئي دؤر ۾ هي شخص پنهنجي هر مجبوريءَ کي بالائي طاق رکي، اهي ’سرهاڻ‘ سان ڀريلَ ٿيلها پنهنجن ڪلهن تي کڻي سَري کان لاڙ، اُتر کان ٿر، ڪاڇي کان ڪوهستان ۽ وچولي کان ناري پار تائين، جُھڙيءَ ۾ ڦُڙيءَ ۾ رُليو... رڳو پنهنجي روزي رزق لاءِ نه، بلڪه سنڌيءَ ۾ ٻارن جي ادب جي ڦهلاءَ لاءِ ايڏو جاکوڙيو اٿائين، جو ان جي ڪٿَ ڪنهن ننڍڙي تحرير يا تقرير ۾ ڪرڻ منهنجي ته ڇا! ڪنهنجي به وس جي ڳالهه ڪانهي! اهو ئي سبب آهي جو مقصود گل 1985ع ۾ شايع ٿيل پنهنجو ٻارن لاءِ ڇپيل پهريون ڪتاب ”ڪرڻا ڪرڻا“ پرواني جي نالي منسوب ڪيو، جنهن ارپنا ۾ هن تحرير ڪيو:
”سنڌ ڌرتيءَ جي سدوري پُٽَ پرواني سيوهاڻيءَ جي نالي، جيڪو ٻالجتيءَ کان وٺي ٻاراڻي ادب جي سينڌ سنواريندو رهي ٿو.“
اهو ، ڌرتيءَ جي هڪ اهم نمائنده شاعر جو پنهنجي جونيئر اديب ۽ ٻارن جي ادب جي جاکوڙيءَ لاءِ هڪ وڏو ’ڪامپليمينٽ‘ آهي، جيڪو هن لفظن جي تحسين طور کيس ارپيو. ”ڪرڻا ڪرڻا“ جِي اشاعت کان 8 سال پوءِ ’سرهاڻ پبليڪيشن‘ کي پنهنجو ٻارن جي ڪهاڻين جو ڪتاب ”هٺيلي هرڻي“ ڇاپڻ لاءِ ڏيڻ پڻ مقصود گل جو پرواني سان پيارَ توڙي ’سرهاڻ‘ تي ويساهه جو دليل هو. هن ڪتاب جي ”روشن تارن ڏانهن“ جي عنوان سان ڇيپل پنهنجي پبلشر نوٽ ۾ پروانو، مقصود گل جي ڪهاڻين بابت لکي ٿو:
”هي من موهيندڙ ڪتاب ٻارن جي من موهيندڙ ڪهاڻيڪار ۽ شاعر، ادل مقصود گل جي نڪور ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هن مجموعي ۾ هر ڪهاڻي بامقصد ۽ باتصوير آهي ۽ ها ٻارو! هر ڪهاڻي پنهنجو مَٽُ پاڻ آهي.“
جيئن جيئن منهنجي عمر وڌندِي وئي، تيئن تيئن چاچا پرواني سان منهنجي خط و ڪتابت ۽ ’سرهاڻ‘ ۾ منهنجي لکڻ جو سلسلو وڌندو رهيو. پرائمري پاس ڪري هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيس ته منهنجي (ادب جي ميدان ۾) لکڻ جو وقت معين ڪيو ويو ۽ بي دريغ لکڻ کان بابا منع ڪيو. ان وچ ۾ جڏهن جڏهن مان بابا کي خاص ڪري ڪوئي نظم لکي تصحيح لاءِ ڏيندو هئس، ته ابُو اهو پاڻ وٽ رکي ڇڏيندو هو ۽ ڪافي سارن ڏينهن کانپوءِ ان ۾ تصحيح ڪري ڏيندو هو، ته جيئن ڇپجڻ جي لالچ ۾ گھڻو لکڻ جي ڪري منهنجو تعليمي سلسلو متاثر نه ٿئي! البته ڪنهن خاص پروگرام ۾ شرڪت لاءِ لکڻ جي دعوت بابا پاڻ ڏيندو هو ۽ لکڻ ۾ رهنمائي به ڪندو هو ۽ ان کي اسٽيج تي پيش ڪرڻ جي مشق پڻ پاڻ ڪرائيندو هو. انهن ڏينهن ۾ مان ذهني طور اڃا ايترو بالغ ڪونه هئس، جو شاعر ۽ نثرنويس جي وچ ۾ فرق سمجھي سگھان. مان سمجھندو هئس ته جيئن منهنجو پيءُ شاعر به آهي ۽ ڪهاڻيون توڙي ڪالم به لکي ٿو، ايئن ئي سڀ اديب ٻَئِي ڪم ڪري سگھندا هوندا. گڏوگڏ اهي ڪنهنجي شعر جي اصلاح به ڪري سگھندا هوندا. سو مون انهن ڏينهن ۾ ٻارن لاءِ ”گھڙيال“ تي هڪ نظم لکيو، جيڪو ايترو ته بيڪار هو، جو ان کي جيڪڏهن مان اڃا به نثر جي صورت ۾ لکان ها ته وري به منهنجي عمر جي لحاظ کان اهو گھڙيال بابت ڪو چڱڙو مضمون ٿي ڇپجي سگھي ها. مون اهو نظم ابوءَ کي بغير ڏيکارڻ ۽ ٻڌائڻ جي ٽپال جي هڪ روپئي واري نيري لفافي ۾ وجھي، ان مٿان چاچا پرواني جي ايڊريس لکي، کيس اهو چئي موڪلي ڏنو ته هن نظم جِي پهريان تصحيح ڪجو... ان کي بحر وزن ۾ آڻجو.. پوءِ ڇاپجو.
مون ٻار کي ڪهڙي خبر! ته چاچي پرواني ويچاري جو پري پري تائين شاعريءَ سان ڪو اٿڻ ويهڻ آهي ئي ڪونه! مونکي ياد آهي ته مون ان سان ’پينڊوليم‘ واري ڪلاسِيڪل گھڙيال جو هڪ اسڪيچ ٺاهي، ان ۾ پينسلين وارا رنگ ڀري پڻ نظم سان گڏ موڪليو هو. ڪجهه عرصي کانپوءِ اهو نظم ’سرهاڻ‘ جي ايندڙ شماري ۾ جيئن جو تيئن ڇپيو ۽ ان ۾ هڪ اکر جو به فرق نه هو. (شايد چاچا پرواني اهو سمجھي ڇاپيو هجي، ته مقصود گل صاحب اها شاعري ڏٺي هوندي ۽ اُنَ پڪ سان اِنَ شاعريءَ جون خاميون دُور ڪري ڇڏيون هونديون.) ان نظم جي اشاعت کانپوءِ بابا جيڪو منهنجو ڪلاس ورتو، اهو ته هڪ الڳ داستان آهي. بابا جو موقف اهو هو ته ”تو مونکي موڪلڻ کان اڳ هي نظم ڇو ڪونه ڏيکاريو... ڪيڏي بيڪار شاعري آ... ڪجهه ان جي ٺاهه ٺُوهَه ڪجي ها نه...!“
مون مُنهن ڀيلو ڪري وراڻيو: ”ابوُ، مون چاچا پرواني کي چيو هو ته ان کي ٺيڪ ڪري ڇاپجو.. پر هُن اُن جي ’ڪريڪشن‘ ڪئي ئي ڪانه!“
ابوءَ ڪاوڙ ۾ چيو: ”چاچنهن پروانو شاعر آ!؟“
ان کانپوءِ ٻالڪپڻ ۾ مُون پنهنجي ڪابه تحرير بابا کي ڏيکارڻ ۽ سندن تصحيح کانسواءِ ڪنهن به اخبار يا رسالي کي ڪانه موڪلي.
مقصود گل صاحب نه رڳو چاچا پرواني جي ڪم جو معترف هو، بلڪه ساڻس ڏاڍي حُجت به رکندو هو. کيس شادي نه ڪرڻ واري نڪتي تي جڏهن چيڙائيندو هو ۽ چوندو هئس ته ”هل! ته مان ٿو ڪرايان تنهنجي شادي...“ ته پروانو پنهنجي مخصوص لڄاري انداز ۾ ڪَنِي ڪَترائيندي کلي پنهنجي ئي هڪڙي تاڙي پنهنجي ٻئي هٿ تي هڻندو هو ۽ دير تائين کلندو رهندو هو. مقصود صاحب پرواني جي پَر پُٺ به ڪڏهن سنجيدگيءَ سان ته ڪڏهن ڪنهن نمڪين نُڪتي تي سندس ذڪر پيو ڪڍندو هو.
مونکي ياد آهي ته 12 جنوري 2015ع تي مان امڙ ۽ ابوءَ کي لاڙڪاڻي مان جڏهن ڪراچيءَ وٺي پئي ويس (جيڪو مقصود صاحب جي زندگيءَ جو آخري ڊگھو سفر هو، جنهن کان مهينو بعد ئي هُو ان کان به ڊگھي سفر تي روانو ٿي ويو) ته اسان ان ڏينهن منجھند جي ماني کائڻ لاءِ سيوهڻ ۾ ’سيوهڻ ڊوائين ريسٽورنٽ‘ تي ڊراٻو ڪيوسي. اتي ماني کائيندي به بابا کيس ياد ڪيو هو ۽ خواهش ظاهر ڪئي هئي ته ’اڪيلا هجئون ها ته ملندا هلونس ها!‘
افسوس! جو اهو پروانو، جنهنکي سندس سينيئر دوستَ ۽ وڏي ڀاءُ جهڙي مقصود گلَ پنهنجي وفات کان مهينو اڳ سندس ئي شهر ۾ پئي ساريو، ان پرواني سان ان ڏينهن کانپوءِ سُتت ئي... ڏيڍ مهيني کن جي اندر... منهنجي ملاقات ٿي، پر ايڇ. ايم. خوجه آڊيٽوريم نوابشاهه ۾ سندس اُن وڏي ڀاءُ جهڙي اديب دوست جي مرتيي پُڄاڻان ڪوٺايلَ تعزيتي ريفرنس ۾...
پروانو، پنهنجي نوع جو اهڙو نرالو سپاهي آهي، جنهن سنڌ اندر ٻاراڻي ادب جي واڌاري لاءِ اهو مثالي ڪم ڪيو آهي، جو سنڌي ٻارن جي ادب جو وڏي ۾ وڏو ايوارڊ سندس نالي سان منسوب ڪري، صدين تائين سنڌ جي ٻارن جي ادب جي کيتر ۾ خدمتون انجام ڏيندڙن کي ڏبو رهجي، ته به مان سمجھان ٿو ته ڀيٽا طور اهو ان لاءِ گھٽ آهي. ۽ خود پروانو، ٻارن جي ادب جي بي لوث خدمتن جي عيوض ڪنهن به طور ’ستارهء امتياز‘ ۽ ’تمغهء امتياز‘ جهڙن ملڪ جي اعليٰ ترين سِول اعزازن کان گھٽ جو حقدار هرگز ناهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻارن جي ادب جي ڏُڪر واري هن دؤر ۾، جڏهن سنڌيءَ ۾ ٻارن جا ’سرهاڻ‘ سميت لڳ ڀڳ سمورا رسالا مري چُڪا آهن ۽ اڄ جي ٻار جي هٿ ۾ ڪتاب بدران ’گيجيٽس‘ آهن، اهڙي مايوس ڪُن وقت ۾ پرواني جهڙا ڪردار سچ پچ ته ميوزيم ۾ رکڻ جهڙا آهن، جيئن ايندڙ نسلن کي ٻڌائي سگھجي، ته ڪنهن دؤر ۾ پرواني جهڙا ديوانا به هئا، جيڪي نه رڳو ٻارن لاءِ سنڌيءَ ۾ صحتمند ادب لکندا ۽ لکرائيندا هئا، بلڪه سهڻا سنڌي ڪتاب ۽ رسالا ڇاپيندا به هئا ۽ بنا ڪنهن ذاتي لوڀ ۽ لالچ جي، بنا ڪنهن شهرت يا دولت جي خواهش جي، بنا ڪنهن ستائش جي تمنا جي، سنڌي ساهت جي جھولي ذرخيز ادب سان ڀريندا هئا.
شايد ايندڙ نسلَ ان ڳالهه تي يقين به نه ڪن ۽ اهڙن ڪردارن کي معجزو سمجھن!
پروانو سنڌ جو وڏو ليکڪ آهي
- ناز سنائي
پروانو سيوهاڻي ڄڻ اڌ ماڻهو آهي لوڪ جي نظر ۾ پرهو لکڻ پڙهڻ وارين سرگرمين ڪري سچي ته هي مڪمل ماڻهو آهي. جسماني طور ڀلي هو ڪمزور نٻل ۽ هيڻو لڳي پر جڏهن هن کي پڙهبو ته پتو پوندو ته هي اسان جي سماجي اوڻاين کان چڱي طرح واقف آهي ۽ انهن جي خاتمي لاءِ پاڻ پتوڙڻ ۾ سرگم آهي.
پروانو سيوهاڻي ٻارن لاءِ ’سرهاڻ‘ ڪتابي سلسلو جاري ڪري ڪيترائي ڪتاب ڇاپي چڪو آهي. هي ڪتاب ’منهنجو ننڍپڻ منهنجو يادون‘ سندس آتم ڪهاڻي آهي.جنهن جو ڇپائي جو سال وغيره لکيل ناهي. پر جانچ ڪرائڻ تي معلوم ٿيو آهي ته اُهو 1989ع ۾ ڇپيوهو .ڪرائون سائيز جي 132 صفحن تي مشتمل ڪتاب به سندس ئي اداري سرهاڻ پبليڪيشن سيوهڻ طرفان ڇاپيل آهي.
پرواني سيوهاڻيءَ مون کان متاثر ٿي ڪتابي سلسلو جاري ڪرڻ جو ٿو سوچي ،اهو به مون کي هن ڪتاب مان پتو ٿو پوي. پاڻ ص 125 تي لکي ٿوته: ” انهيءَ دؤر ۾ ناز سنائي به سن مان ( چڻنگ ) رسالو ٻارن لاءِ ڪڍيو هو ۽ اسان جي ڪلاس ۾ وڪرو ڪرڻ لاءِ کڻي آيو هو. مون ناز سنائيءَ کي پهريون ڀيرو پنهنجي ڪلاس ۾ ڏٺو هو. رنگ ڳورو ،ڳٽا ڀريل، اکيون وڏيون، چهرو گول ، مو ن کي حدکان وڌيڪ وڻي رهيو هو .سائين ناز ڀٽي، اسان کي خاموش ڪرائيندي چيو ”ٻارو هي ادو ناز سنائي آهي۽ اوهان لاءِ ڪتاب کڻي آيو آهي.“ بس سائينءَ ناز اهي جملا چيا مون يڪدم ناز سنائيءَ کان ڪتاب ورتو ۽ پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيومانس ” آئون پروانو سيوهاڻي آهيان.“ ”توهان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي“ ناز سنائيءَ مون سان هٿ ملائيندي چيو مون سوچيو ته ناز سنائي ڪتاب ڇپرائي سگهي ٿو ته آئون به ڪتاب ڇپرائي سگهان ٿو، پر منهنجي رهنمائي ڪير ڪندو، ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ ته کوڙ پئسا کپن اهي ڪٿان ايندا.“
(ناز سنائيءَ جو سال ڇپائي جو ڄاڻايو آهي اهو سال درست ناهي، منهنجون ننڍپڻ منهنجو يادون جي ٻئي ڇاپي ۾ پهرئين ڇاپي جو سال 1997 ڄاڻايل آهي) مير حاجن مير
جڏهن مون پاڻ بابت اهي اکر پڙهيا ته پنهنجي ٻارتڻ ۾ ڪٽيل رولڙا اکين اڳيان اچي ويا۽ اکيون ڀرجي آيون ، سوچيم ته منهنجي ان زماني جي ڪمن ڪارين کان ڪئين ماڻهو واقف آهن پر پرواني سيوهاڻي جنهن سچائيءَ ۽ محبت سان ان جو اظهار ڪري گواهي ڏني آهي اها ڪيڏي نه خلوص واري آهي.
پروانو جيئن ته ٻارن لاءِ لکندڙ آهي. هيءَ آتم ڪهاڻي لکندي لکندي به ڄڻ سندس ذهن ۾ هر هر اها ڳالهه آئي ته ان جو ڪتاب ٻار پڙهندا، ان ڪري هن ڪٿي ڪٿي اصل ڳالهين ۾ واڌارو ڪري، ٻارن جي دلچسپيءَ کي به آڏو رکيو آهي. جيئن ٻار ان مان مزو وٺي سگهن جي هو ايئن نه ڪري ها ته سندس زندگيءَ جي سخت ۽ هيبتناڪ لمحن ۾ ٻار پريشانين جي نذر ٿي وڃن ها. ان ڪري هن ايڏين مشڪلاتن کي پار ڪرڻ وقت به کل خوشيءَ کان ڪم ورتو آهي.
مون کي دوست حفيظ ڏيري، جيڪو پرواني جو گهڻو ويجهو دوست آهي،ان ٻڌايو ته کيس پرواني ٻڌايو ته هو جڏهن گهران ڪاوڙجي وڃي سکر پهتو هو ته اتي ريلوي اسٽيشن تي پنهنجي پيٽ جي بک لاهڻ لاءِ پنندو هو . ان وقت کيس خيال آيو ته هو سنڌ جي وڏي شاعر شيخ اياز سان ملاقات ڪري۽ اُهو سوچي وڃي ان جي گهر پهتو هو ۽ جڏهن شيخ اياز کي هن نالو لکي موڪليو ، پروانو سيوهاڻي ته اياز آيو پر جڏهن هن نٻل ، هيڻي ۽ ميرن ڪپڙن ۾ کيس چيو ته ڇو آيو آهين؟ چيم اوهان سان ملڻ آيو آهيان . ته اياز کيس چيو ته نڪر ته هڻانءِ نه چنبو. حفيظ ٻڌايو ته پرواني ، پنهنجيءَ آتم ڪٿا ۾ ان واقعي کي هوبهو لکيو هو پر طارق عالم ابڙي ان تي مهاڳ پئي لکيو سو ان ۽ نصير مرزا کيس اهو واقعو ڪڍي ڇڏڻ لاءِ چيو ۽ هن ڪڍي ڇڏيو پر حيران ڪُن ڳالهه اها ته طارق پاڻ پنهنجي مهاڳ ۾ ان واقعي جو ذڪر ڪري وڌو آهي.
پروانو سيوهاڻي، جڏهن مون وٽ آيو هو ته شڪارپور جو دوست انور سومدو به مون وٽ ويٺو هو .مون پرواني کان جڏهن اها ڳالهه پڇي ته هو اٿيو ۽ سڄي واقعي کي جيئن جو تيئن پيش ڪيائين پر اهڙي انداز سان جو مان ۽ انور ٽهڪن ۾ هئاسين!
هو لکندي پنهنجي پڙهندڙ ن، خاص طور ٻارن کي سمجهائڻ لاءِ مثال به ڏاڍا دلچسپ ٿو ڏي:
*” ....روئندو هئس ته سمورو ويڙهو ٿر ٿلي ۾ اچي ويندو هو، ڄڻ آئون انهن لاءِ پرائيم منسٽر هجان.“
* ” سموري گهر جا ڀاتي کِلي کِلي کيرا ٿي پوندا هئا، ڄڻ آءٌ انهن لاءِ ڪا پتلي هجان .“
*” گهر وارن گهڻو ئي سمجهايو ته هاڻي آرام ڪر، صبح جو تنهنجي ٽارچ ٻرندي ، مون ڏاڍو ضد ڪيو ته هاڻي جو هاڻي ٽارچ ٻري ڄڻ ڪو شاهجهان شاهه جو پٽ هجان .“
* ”آءٌ ننڍي هوندي کان وٺي سوٽ ۽ پينٽ پائيندو هوس جنهن ڪري ايئن لڳندو هو ڄڻ آءٌ ڪنهن انگريز جو پٽ هجان.“
* ”بابي جو ايترو چوڻ مان صفا سُسي ويس ڄڻ ڦوڪڻي مان هوا نڪري ويئي.“
* ”بابي جو ايترو چوڻ ڄڻ ڪنهن ڪڪڙ مٿان مينهن ڪرندو آهي.“
* ”کتابي مون کي ڳولڻ لاءِ روانا ٿيا نيٺ مون کي ڳولي هٿ ڪيئون ، مون به گهڻو ئي ٻاڪاريو ۽ رُنم پر انهن کي ڪو به رحم ڪونه پينِ ڇو جو اڳيان به مارشل لا جو آرڊر سخت نڪتل هو .“
*” آءٌ ڏوهاريءَ وانگر جج صاحب کي ڏٺم.“
* ” اهڙي ته مار ڏيندو هو، جيئن اٺ ڪٽجي پتڻ تي.“
* منهنجي ايتري ته گهر جا ڀاتي خدمت ڪندا هئا ڄڻ مان سندن وڏو مرشد يا پير هجان.“
* ”چانڊوڪين راتين ۾ جيئن چڪور( پکي) چنڊ سان راند ڪندو آهي، تيئن اسان به چانڊوڪين راتين ۾ راند ڪندا هئاسون.“
*” مون ايئن سمجهيو ڄڻ آءٌ سومناٿ جو مندر فتح ڪري آيو هجان.“
* ”ان ڏينهن کان پوءِ مان راڳ سکڻ کان توبهه ڪري ڇڏي اهڙو سون گهوريو جيڪو ڪن ڇني.“
* اهڙو ته شرمائيندو هئس ڄڻ مڱيندي، پنهنجي مڱيندي کان شرمائيندي آهي.“
مون پرواني جي اهڙي مزيدار ۽ وڻندڙ ٻوليءَ جو ذڪر ان ڪري به ڪيو آهي جو هو نڀاڳو ڄڻ پڙهيو ئي ڪونهي. سندس پڙهڻ بابت به ڪيتريون ڳالهيون هن آتم ڪٿا ۾ تحرير ٿيل آهي .
* ”پڙهڻ ۾ صفا ڏڏ هوندو هئس. هر روز سبق ڪچو ۽ صورتخطي غلط ٿيندي هئي، روز استاد جا موچڙا کائيندو هئس. جڏهن امتحان ٿيو ته وري به ناپاس ٿيس پر پوءِ مڙئي کٽارا گاڏيءَ سمجهي، مون کي پاس ڪيو ويو .آءٌ تمام گهڻو خوش ٿيس ته امتحان ۾ پاس ٿيو آهيان، سائينءَ کي مٺائيءَ جا ڏهه روپيا ڏنم ، اهڙي اٽڪل ۽ چالاڪيءَ سان پنج درجا پاس ڪيم.“
* ”منهنجا دوست ڏهين درجي ۾ پهچي ويا هئا ۽ آءٌ ٽئين درجي ۾ .آءٌ اهو چوندس ته مون سان پورو اڌ شهر سيوهڻ جو پڙهيو آهي.“
پروانو ڄڻ پڙهيو ڪونه، اسڪول ويندو هو ته اهو حال هوندو هو ، پر ان جي آتم ڪٿا پڙهبي ته اها ايڏي ته دلچسپ لڳندي جو دل ئي نه چوندي ته ان کي پڙهڻ ڇڏجي ۽ ان جي ٻولي ايڏي ته مزيدار آهي جو پڙهندڙ دوست منهنجي هيءَ راءِ نوٽ ڪن ته قاضي خادم جا آتم ڪٿا جا ٽي ڪتاب اچي چڪا آهن. هو سنڌي ڊپارٽمينٽ ، سنڌ يونيورسٽيءَ ڄام شوري جو هيڊ آف دي ڊپارٽمينٽ ۽ ڊين آف فئڪلٽي رهي چڪو آهي پر ان جي ٻولي ، ايڏي وڻندڙ ۽ دلچسپ ناهي، جيتري هن اڌو گابري، معزور ۽ اڻ پڙهيل ڄٽ جي ٻولي. جيتوڻيڪ قاضي خادم ، انهن ڪتابن تي ڪيترن ئي سرڪاري ادارن کان لکين روپيا انعام اڪرام وٺي چڪو آهي ۽ اڃا ان هڻ وٺ ۾ پورو آهي ته ٻيا به ڪي انعام حاصل ڪري وٺان. آغا سليم جهڙي پارکوءَ ان کي جج هئڻ ڪري اڪيڊمي آف ادبيات مان هڪ لک روپيا انعام ڏياريا، ڪاش آغا سليم، منظور پرواني جو هي مختصر ڪتاب پڙهي ها ته قاضي خادم جي آتم ڪٿا جا ٽئي جلد، پرواني جي هن ڪتاب ۾ آيل هڪ ڳالهه ۽ ان ۾ آيل تشبيهه تان ئي قربان ڪري وجهي ها!
”جڏهن ٿورو وڏو ٿيس ۽ سمجهه ڀريو ٿيس ته مون امان کان پڇيو ته امان ٻيا سڀ ماڻهو سنوان سڌا آهن ۽ آئون ايئن ڇو آهيان ؟ منهنجا اهي دل چيريندڙ لفظ ٻڌي امڙ جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا، نيري آڪاش ڏانهن نهاري چيائين ته پٽ اها سڀ الله جي مرضي آهي ۽ پوءِ ٿڌو ساهه ڀري مون کي پيار ڪرڻ لڳي ۽ پيار منجهان منهنجي پشم جهڙن وارن ۾ هٿ ڦيرڻ لڳي. مون ٿوري دير کان پوءِ وري چيومانس ” امان مون الله جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو مون کي ايئن ڪري ڇڏيائين.“ مون کي چڱي طرح ياد آهي امان منهنجي پيشانيءَ تي چمي ڏيئي چيو ته ” پٽ سٺا ٻار ايترو نه سوچيندا آهن.“ مون امان ڏانهن نهاري ڏٺو ، سندس ٻئي اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي آيون . مون کي ايئن محسوس ٿي رهيو هو ته ڄڻ اسان جو ن اکيون منڇر ۽ ڪينجهر هجن جيڪي تيز طوفان لڳڻ ڪري ڇوليون هڻي ، سندس من اندر جي بچاءُ بند کي اندر جو اندر کائي رهيون هيون .“ (ص15)
پروانو اسڪول نه پڙهي سگهيو ، مائٽن کيس مدرسي ۾ ويهاريو ته مُلو بنجي ۽ سندن پيءَ جي ٺهرايل مسجد جو پيش امام بنجي اها سنڀالي ويٺو هجي پر مُلو بنجڻ هن جي نصيب ۾ نه هو .
ناٽڪ ۽ ڊراما ڪري، پاڻ ۾ فقير ۽ جن پيدا ڪرڻ گهريائين پر فقير ۽ جن ان جي هٿ وس نه هئا، هن راڳ سکڻ چاهيو پر هڪ لالچي ۽ ڄٽ موسيقار جي ور چڙهي ويو جيڪو رڳو پرواني کان پنهنجي خرچي مان پاڻ لاءِ پنن جو ٻيڙيون چانهه ۽ ماچيس وٺندو هو ۽ آخر ۾ ماسيءَ جي کٽ به کڻي ويس ته ماسيءَ کيس چيو
”اهڙو راڳ سکڻ جو شوق هيئي ته ماڻهين جي وڃي کٽ ڏينس ها، مون مسڪين جي کٽ ڇو ڏني.“
هڪ ڏهاڙي سندس اها ماسي برقعو پائي وڃي پرواني جي ان استاد کان نه رڳو کٽ وٺي آئي پر سڄو پاڙو ئي مٿس کلائي آئي ۽ پرواني جي به جند ڇڏائي وڌائين.
هُن پنهنجي جسماني ساخت کان فائدو وٺي پنڻ شروع ڪيو پر سندس ضمير کيس پينو فقير بنجڻ نه ڏنو ، ڪيتريون ئي ڳالهيون هن اهڙيون لکيون آهن ڄڻ منهنجو مثال طور حيدرآباد ۾ هن جو گم ٿيڻ ۽ ريڊيو تي اعلان اچڻ ، فرق رڳو هي ته هو ڪاوڙجي حيدرآباد آيو هو ۽ مان پنهنجي پيءُ جو هٿ ڇڏائڻ ڪري ڀلجي ڪٿان نڪتس ۽ ريڊيو تي اعلان ٿيڻ کان پوءِ وري بابا کي مليس، ٻيو ” هميشه کان وٺي منهنجي اها ڪوشش هوندي هئي ته آءٌ ٻارن جي اسڪول ۾ وڃي ٻارن کي ڪتاب ڏيان ۽ ٻارن سان ڪچهريون ڪريان منهنجو جڏهن به نئون ڪتاب ايندو هو ته آءٌ پاڻ ڪتابن جون ڀريون ڪلهن تي کڻي سنڌ جي هڪ هڪ اسڪول ۾ ويندو هئس ، پهرين ته وڃي اسڪول جي هيڊ ماستر سان ملندو هئس ۽ پوءِ اسڪول جي هڪ هڪ ڪلاس ۾ وڃي ٻارن کي ليڪچر ڏيئي ڪتابن وٺڻ تي آماده ڪندو هئس . ڪي هيڊ ماستر ۽ استاد مون سان تمام گهڻو سهڪار ڪندا هئا ته ڪي وري اهڙا به هيڊ ماستر هئا جهڙا چمڙا، اصل مون کي چنبڙي ويندا هئا ۽ اسڪول مان اگهاڙي پيرين ڊوڙائي ڪڍندا هئا.“ (ص130)
سچ ته اها ڳالهه به هوبهو ڄڻ منهنجي!
پرواني جي ڪتاب ۾ آيل آهي: ”جڏهن امڙ جي چيچ کي پڪڙي هوريان هوريان هلڻ لڳس ،جڏهن امڙ مون کي ڇڏي ڏيندي آهي ته آءٌ ٻه ٽي وکون کڻي پوءِ ٻه ٽي ٿيڙ کائي وڃي پٽ تي ڪرندو هوس ۽ امڙ ڊوڙي اچي مون کي کڻي پنهنجي ڇاتيءَ سان لڳائي چمي ڏيئي چوندي هئي ته ” اڙي ،اڙي، ڪيل مري وئي، بس امڙ جو ايترو چوڻ سان منهنجو روئڻ، بند ٿي ويندو هو ۽ امڙ منهنجي دل خوش ڪرڻ لاءِ منهنجي آڏو ٺڪر، ڀتر جا خالي دٻا آڻي رکندي هئي، جن سان آئون راند ڪندو هوس.“ ( ص10)
آءٌ هر ماسي گڏيءَ جي گهر ويندو هئس، ماسي مون کي پاپڙ ڀوري کارائيندي هئي، سڄو ڏينهن سندس گهر ۾ کيڏندو هئس. هو منهنجي لاءِ ماچيس جا خالي کوکا گڏ ڪري رکندي هئي پوءِ اهي ماچيس جا خالي مون کي ڏيندي هئي. آءٌ ان مان ريل گاڏي جوڙي ان سان راند ڪندو هئس.“ (ص 32)
پروانو به تقريباَََ منهنجي عمر جو آهي. سال اڳ يا پوءِ اسان واري ٽهيءَ کي راند روند ۽ پاڻ ريجهائڻ لاءِ اهو ئي سامان ملندو هو . ٻيو ٿيو خير. پرواني اها ڳالهه ڪرڻ کان پوءِ وري ٻارن کي وندرائڻ لاءِ هڪڙي هٿرادو ڳالهه جوڙي آتم ڪٿا ۾ شامل ڪئي آهي.
”آءُ ننڍپڻ کان وٺي ڏاڍو چيڙاڪ ۽ حرڪتي هئس ،پل ۾ تولو ته پل ۾ ماسو .رانديڪا ايترا هوندا هئا جو کڻي دڪان ڪڍجي، اهي سمورا سيلن ۽ چاٻيءَ تي هوندا هئا ، جيڪي مون کي بابا سائين وٺي ڏنا هئا. مون کي ياد آهي ته هڪ چاٻي تي گهوڙو هوندو هو جنهن جي مٿان ماڻهو ويٺل هوندو هو، ٻيو وري چاٻيءَ تي هڪ گڏي هوندي هئي جنهن کي بخمل جو ڳاڙهو فراق ڍڪيل هوندو هو، هڪ هٿ ۾ شيشو هوس ته ٻئي هٿ ۾ گلاس ، جهڙي اصل. ان کي چاٻي ڏيندو هئس ته هو حرڪت ۾ اچي ويندي هئي ۽ شيشي جي بوتل مان پاڻي گلاس ۾ وات تي رکندي هئي، اهڙي قسم جا ڪيترائي رانديڪا هوندا هئا.“ ( ص 20ــ 19 )
مان سمجهان ٿو ته پنجاهه سال اڳ چائنا جي اهڙن رانديڪن جو گهٽ ۾ گهٽ اسان ڳوٺ ۾ رهندڙ ٻارڙن وٽ ته ڪو شعور ڪونه هوندو هو. هن اها ڳالهه رڳو هاڻوڪن ٻارن کي خوشي ڪرڻ لاءِ ۽ لطف اندوز ٿيڻ لاءِ لکي آهي ورنه ٺلها ٺِڪر ، ماچيسن جا خالي کوکا ، پائونڊرن جا خالي دٻا ته اسان جي راند ۽ وندر جو ڪُل سامان هوندا هئا.
ذڪر ڪيل هڪ ٻي ڳالهه :
مزي جي ڳالهه ته هڪ ڏينهن امتحان وٺڻ وارو صاحب، اسان جي ڪلاس ۾ آيو، مون سمجهيو ته جادو گر آيو آهي، ڇو جو پرڪار به جادوگرن جهڙا هئس. مٿي ۾ پراڻي جناح ڪيپ ، ميرا ۽ تيل ۾ سڻڀا هئس ڄڻ تيل ۾ وهنجي آيو هجي، اسان جي اسڪول ۾ ڪڏهن ڪڏهن جادوگر ايندا هئا۽ هو تماشو ڏيکاري، اسان جي دل خوش ڪندا هئا. رڳو مان خوش ڪونه ٿيندو هئس، پر سڄو ڪلاس خوش ٿيندو هو. اسان ان کي جادوگر پيا سمجهون، ت سائينءَ اسان کي ٻڌايو ته ٻارو خاموش ،خاموش، امتحان وٺڻ وارو صاحب آهي. پر پوءِ اسان کي خبر پئي ته هي جادوگر نه آهي هي ته امتحان وٺڻ وارو صاحب آهي.“ (ص 35)
پرواني جي اها ڳالهه صفا وائڙي ڪيل آهي. هاڻوڪن ۽ ان زماني جي امتحان ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، اوچتو اوچتو ان طرح امتحان وٺڻ وارو صاحب ، جادوگر وانگر ڪونه ايندو هو ۽ نه اهڙي ڄاڻايل بري حالت ۾، امتحان مقرر تاريخن ۾ ٿيندا هئا ، مهينا اڳ ئي اسڪولن ۾ ان جون تياريون ٿينديون هيون، جنهن ڏهاڙي امتحان هوندو هو ، ان کان هڪ ڏينهن اڳ استاد ، شاگردن کي چوندا هئا، وهنجبو ، صاف ۽ ڌوتل ڪپڙا پائبا هئا، مٿي تي تيل لڳائبو ، سرمو پائبو ، نهن لائي اچبا ، چمپل يا بوٽ صاف هوندا، انهن تي مٽي يا دز ڪان هوندي ، امتحان واري ڏينهن پهرين استاد، هيڊ ماستر ٻارن جي چڪاس ڪندا هئا . ڪتاب به چيڪ ڪندا هئا ، ڏند به ڏسندا هئا پوءِ ڪلاس ۾ ويهاريندا هئا، امتحان وٺڻ واري صاحب جو نزول ٿيندو هو ته سڄي اسڪول ۾ ڄڻ راڪاس ايندو هجي صفا چپ ٿي ويندي هئي، مقامن جهڙي ماٺ هوندي هئد، صاحب جي اڳيان شاگرد ته پري پر خود استاد به پيا ڏڪندا ۽ ڪنبندا هئا. اهڙي صورتحال ۾ پرواني الائي اهو ڪيئن چيو آهي ته صاحب اوچتو ئي اوچتو ميرن ۽ تيل ۾ ٻڏل ڪپڙن سان نازل ٿيو ، هنن سمجهيو ته جادوگر آهي ۽ کلن پيا پوءِ استادن کين چيو ته خاموش! خاموش! امتحان وٺڻ صاحب آيو آهي.
هاڻ وري هيءَ ڳالهه پڙهجي:
”مزي جي ڳالهه آهي ته هڪ ڏينهن مون کي سائينءَ (پي.ٽي )واري سڏ ڪري چيو ”پروانا عشق ڪيو اٿئي؟“ سائينءَ جو اهو جملو ٻڌي مون کان ڇرڪ نڪري ويو ، ڄڻ ڪو بجليءَ جو ڪرنٽ لڳي ويو ، دل ۾ چيم ته دائين مون سان ڪهڙيون ڳالهيون پيو ڪرين . مون سائينءَ ڏي نهاري مرڪي ڏنو.سائينءَ مون ڏانهن نهاري چيو ته شاعرن لاءِ عشق ضروري آهي ۽ وڌيڪ تنهنجي مرضي ، جي شاعر ٿيڻو اٿئي ته پوءِ تنهنجي لاءِ عشق ضروري آهي.... مون گهر وڃي سوچيو ته سائين چوي ٿو ته سچ ٿو پر مان عشق ڪريان ته ڪنهن سان ڪريان.“ (ص63)
وري چوي ٿو: ”مزي جي ڳالهه ته هڪ دفعي اچانڪ منهنجي ملاقات هڪ ( عاشق) سان ٿي جنهن جو ڪم ئي هو عاشقي ڪرڻ .هن ڪيترا ڀيرا عشق ۾ مارون ۽ موچڙا کاڌا هئا، پر مڙندو اصل ڪونه هو ....اوچتو مون کان هڪ دلچسپ سوال پڇيائين. چوڻ لڳو پروانا ڪڏهن عشق ڪيو اٿئي؟ (ص 150) (ڪتاب به 132 پيج آهن ته ناز 150 نمبر پيج ڪيئن ٿو ڄاڻائي ) مير حاجن مير
”عشق نه ڪندي ته پوءِ تون شاعر ڪونه ٿيندي. مون کي منهنجي دوست جا چيل جملا ڪنن ۾ گونجڻ لڳا. (ص 106)
مون کي پوءِ احساس ٿيو ته مون وارو دوست مون کي سچ چوندو هو ته عشق ڪرڻ شاعر لاءِ ضروري آهي.“ ( ص 108)
۽ پوءِ هو سوچي عشق ٿو ڪري ماڻهو جو چوندا آهن ته عشق ڪبو ڪونهي، ٿي ويندو آهي پر پرواني صفا ان جي ابتڙ ڪري ڏيکاريو ۽ مٿئين مشوري کان پوءِ:
”مون گهر وڃي ٿڌي دماغ سان سوچيو ته سائين چئي ته سچ ٿو ، پر مان عشق ڪريان ته ڪنهن سان ڪريان. جي ڪريان ته ڪنهن ڇوڪريءَ سان ۽ پوي ٿي ڇوڪريءَ جي مائٽن کي خبر ته موچڙن سان نور وڃائي ڇڏيندا. نيٺ هڪ ڇوڪريءَ سان پيار ڪيم ، هن جو به مون سان پيار هو،اسان ٻئي هڪ ٻئي سان پيار، محبت واريون ڳالهيون ڪندا هئاسين، هو منهنجي گهر ايندي هئي آءٌ هن جي گهر ويندو هئس، پر هي پيار اسان جو ٻارن وارو پيار هو، روز رسندا هئاسين روز پرچنداهئاسين .“ (ص 63)
وري لکي ٿو:
”مون پڪو ارادو ڪيو ته عشق ضرور ڪندس پر ڇوڪريءَ سان ڪريان يا ڇوڪري سان؟ .... ڇوڪري سان پيار ڪرڻ سهي آهي، گهٽ ۾ گهٽ ڪير چوندو ته ڪونه ۽ پوءِ آءٌ هڪ خوبصورت ڇوڪري سان پيار ڪرڻ لڳس، ان خو ش نصيب جو نالو آهي ( رب ڏنو شيخ) هو به مون کي قرب ڏيندو هو ۽ آءٌ موٽ ۾ کيس محبتون ئي محبتون ڏيندو هئس . ڪڏهن به گهمڻ ويندا هئاسين ته گڏ ويندا هئاسين . زندگيءَ جا ڪئي سال مرڪندي ۽ ٽهڪڙا ڏيندو گذري ويا هئا.“ (ص 107ــ 106)
اهو هو اسان جي پرواني جو ڪيل عشق
ڪتاب ۾ هن سفر ناما به لکيا آهن. سنڌ جي تاريخي ماڳن، مڪانن،جو به چڱي نموني ذڪر ڪيو آهي. موهن جو دڙو،رني ڪوٽ، ٺٽو ، مڪلي، ڪينجهر ، برهمڻ آباد،منصوره، ڀنڀور، عمر ڪوٽ ۽ ٻيا سنڌ جا خوبصورت ماڳ شامل آهن. جيڪي هن گهمي ڏٺا آهن ۽ اتان جو دلپذير نموني ذڪر ڪيو آهي، ان سفر جي هڪ ساٿي مقبول گهلوءَ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”اڄ مون کي اڳي کان وڌيڪ خوبصورت لڳي رهيو هو دل ٿي گهريو ته چمي ڏيانس.“ (ص 116)
پرواني جيان سندس هي ڪتاب ڏاڍو دلچسپ ۽ وڻندڙ آهي. خاص طور اهو ته سندس پيءُ گوڏ گنجيءَ ۾ هوندو هو، اهو کيس ڄٽ لڳندو هو. ٻي طرف لکي ٿو: مزي جي ڳالهه اها آهي ته اسان جي پاڙي ۾ سيڪريٽري ٽائون ڪميٽي رهندو هو ، جيڪو هر روز سوٽ پينٽ پائي آفيس ويندو هو ، آءٌ روز ڀت کان بيهي ان کي ڏسندو هئس ۽ دل ئي دل ۾ چوندو هئس جيڪر منهنجو پيءُ به اهڙو هجي ها.“ ( ( ص 19)
۽ جڏهن سندس دائي گهمڻ لاءِ ايندي هئي ته هد ان جي پڙي کي ڇڪي چوندي هو ”ناني دائي پڙو لاهه، ناني دائي پڙو لاهه“ ۽ اهڙن کوڙ سارن مزيدار مزيدار ڳالهين سان ڀريل هي ننڍڙو ڪتاب، هڪڙي ننڍڙي ماڻهونءَ رڳو ان ڪري لکيو ته ننڍن ماڻهن کي به لکڻ جو حق آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪتاب لکڻ کان پوءِ خود پروانو ڪيڏو وڏو بڻجي ويو آهي، ان جو پتو شايد کيس به ڪونهي نه ته پنهنجي آتم ڪٿا جو رهيل حصو ضرور لکي ها.
پاڻ پرواني جا ڏوهي آهيون!
- محمد خان ابڙو
سٺا، سهڻا ۽ سچار ماڻهو پيدا ڪرڻ ۾ سيوهڻ جي مقدس سرزمين ڏاڍي زرخيز رهي آهي. سيوهڻ جي مٽيء تي جنم وٺندڙ ڪيئي ماڻهو هن شهر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ سائي سلي وانگر ڦٽڻ کان پوء وڌي وڏو وڻ بڻجي نه فقط شيوهڻ شهر پر سموري سنڌ تي ڇانورو ڪندا رهيا آهن.
توڙي جو سيوهڻ ۾ جنم وٺندڙ سنڌ جي ٻين انيڪ شهرن ۾ پيدا ٿيندڙ هيرن موتين جهڙن ماڻهن وانگر اڪثر ماڻهو گمنامي جي زندگي گهاري مري ويندا آهن يا وري انهن جي اها مڃتا ناهي ٿي سگهندي جيڪا هو حقيقت ۾ لهڻندا آهن پر پوء به وقت ۽ تاريخ جا الڳ قانون ۽ اصول آهن.
وقت ۽ تاريخ جي اهڙن اصولن ۽ دستورن منجهان هڪڙو دستور اهو به آهي ته تاريخ ڪنهن جو به پورهيو وڃائيندي ناهي،
اڄ نه ته سڀاڻي ئي سهي پر جنهن ماڻهوء جو جيڪو به پورهيو ٿيل هوندو آهي هڪ نه هڪ ڏينهن ان کي ان جو اجورو ضرور ملندو آهي،
اها ٻي ڳالھه آهي ته اهڙا ماڻهو ٿورا هوندا آهن جن کي جيئري ئي سندن ڪيل ڪم جي مڃتا ملندي آهي. سيوهڻ جو پروانو سيوهاڻي به انهن انسانن منجهان هڪ آهي جنهن کي سموري حياتيء جي ڪيل ادبي پورهيي جي بدلي ۾ سندس جيئري ڪجھه به پلئه پئجي ناهي سگهيو.
پراواني سيوهاڻي سموري حياتي سنڌ ۽ سنڌي ادب جي عشق ۾ پاڻ کي ايئن جلايو آهي جيئن ڪو پروانو شمع جي چاھ ۾ پاڻ ساڙيندو آهي.
پرواني سيوهاڻيء جي 64 سالن جي ڄمار ۾ هن زندگيء جو ڳچ عرصو سنڌي ادب جي خدمت ڪندي گذاريو آهي پر اڄ جڏهن سندس ذاتي زندگيء تي نظر ڊواڙائجي ٿي ته اسان کي سندس جهول ۾ تمام گهڻن ڏکن ۽ تڪليفن کان سواء ٻيو ڪجھ به نظر نٿو اچي.
سنڌ ۾ ٻاراڻي ادب جي ڳالھ ڪندي ئي فوري طور تي جنهنجو نالو ذهن ۾ تري اچي ٿو سو آهي پرواني سيوهاڻيء جو.
سيوهڻ جو هجڻ ناتي مون ڪيئي ڀيرا هن کي ويجهي کان ڏٺو آهي، جسماني طور ڪمزور هجڻ باوجود هو هڪ اهڙو خوددار ۽ اڏول انسان آهي جنهن زندگيء ۾ تڪليفن، ڏکن ۽ ڏولاون کان ڪڏهن به هار ناهي مڃي. هو نه فقط هڪ بهترين ۽ سچار انسان آهي، پر هو هڪ حساس ۽ دل کي ڇهندڙ سٽن جو سرجهڻهار شاعر پڻ آهي،
ٻاراڻي ادب تي پرواني سيوهاڻيء جو جيڪو ڪم ٿيل آهي ان تي يونيورسٽي جو ڪوبه شاگرد ٿيسسز لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪري سگهي ٿو. پرواني سيوهاڻيءَ جي لکڻ جو فن واقعي به الڳ ۽ منفرد آهي، هو سمجھه ۾ ايندڙ ۽ دل ۾ لهي ويندڙ ٻوليء سان ٻاراڻيون ڪهاڻيون لکي ٿو.
نه رڳو سندس لفظ دل کي ڇهندڙ هجن ٿا پر هن جي شاعريء ۽ ڪهاڻين ۾ فڪر ۽ فهم پڻ هوندو آهي.
مون ننڍپڻ ۾ کيس ڪلهن تي ڪتابن ۽ رسالن جون ڀريون کڻندي ڏٺو آهي. پروانو سيوهاڻي رسالا ڇپائي انهن جون ڀريون ڪلهن تي کڻي هڪ هڪ اسڪول ۾ ويندو هيو. اسڪولن ۾ وڃن کان پوء هو نه فقط اُتي اسڪولي شاگرن ۾ اهي رسالا وڪرو ڪندو هيو پر انهن کي سنڌي ادب ڏانهن راغب ڪرڻ لاء ليڪچر پڻ ڏيندو هيو.
پروانو سيوهاڻي اسڪولن ۾ وڃي اسڪولي شاگردن کي پنهنجيون ڪهاڻيون ۽ شاعري پاڻ پڙهي ٻڌائيندو هيو.
مون سنڌ جي سموري تاريخ ۾ پرواني سيوهاڻي جهڙو پورهيت اديب ۽ شاعر ناهي ڏٺو.
پروانو سيوهاڻي پنهنجي ڏات توڙي ذات ۾ هڪ انوکو ۽ نرالو انسان آهي.
پروانو سيوهاڻي ٻاراڻي ادب جوب جو وڏو ليکڪ ان ڪري آهي جو هو ٻارن جي معصوم دل جي معصوميت کي پڙهي ۽ سمجهي سگهڻ جي صلاحيت رکي ٿو. سندس ذاتي شخصيت کي ڏسي به ايئن لڳندو آهي ته زندگيء جا 64 سال گذارڻ کان پوء به هن جي اندر جو انسان اڄ به ٻار ئي آهي.
پرواني سيوهاڻيء جي خودداريء جو اندازو ان ڳالھه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته 2022 جي برساتن ۽ ٻوڏن جي تباهڪارين جي متاثر ماڻهن جي ٽن مهينن کان مدد وارين سرگرمين دوران مون جڏهن پرواني سيوهاڻيء جي ڪجھ مدد ڪرڻ چاهي ته مون کي هڪ دوست ان ڳالھه کان روڪيندي ٻڌايو پروانو سيوهاڻي توڙي جو هن وقت تمام گهڻي تڪليف دھ زندگي گذاري رهيو آهي پر هو ايترو ته خوددار انسان آهي جو ٿي سگهي ٿو تنهنجي مدد وٺڻ کان توکي انڪار ڪري ڇڏي.
سچ اهو آهي ته اهڙي ڳالھه ٻڌڻ کان پوء مون کي ساڻس ملڻ جي همٿ ئي نه ٿي. حالانڪه مدد ڪرڻ جا ٻيا طريقا به کوڙ آهن پر اهو به سچ آهي ته کوڙ سارن ٻين ماڻهن سميت سيوهڻ واسي هجڻ ناتي مان پاڻ کي به پرواني سيوهاڻي جو ڏوهاري سمجهان ٿو.
هڪ ڪتاب پروانو
- حفيظ ڏيرو
سنڌي ادب ۽ شاعري هنري لحاظ کان ۽ صنفي لحاظ کان تمام گهڻي شاهوڪار آهي. ورهاڱي کان اڳ واھ واھ ڇا ڪهڙي ڳالهه ڪجي، پر ورهاڱي کان پوءِ به ان جو اثر نج تاثير محسوس ٿيندو رهيو ، پوءِ وري وڏي نالي وارن شاعرن شاعريءَ ۾ وڏن اديبن ادب ۾ پنهنجو ادبي پورهيو پيوند ڪري ڇڏيو . وسيع مطالعي ۽ غرور انهن کي پراڻي پابند نج ادب، شاعريءَ کان پري ڪري ڇڏيو .
نالي وارن ڏات ڌڻي جي خليفن چيو ته سائين شاعريءَ ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا آهن، اِهو نئون تجربو آهي ۽ واهه سائين واهه ادا هي فني لحاظ کان ته ناول آهي ئي ڪونه ناول جي بيهڪ ائين ته نه ٿيندي آهي؟ نه سائين اِهو جديد ناول آهي . نثار کهڙي ڪتاب جي مهورت ڪئي هئي واهه واهه بس ناول آهي . هڪ گروهي سوچ جي ڪري شاعري ۽ ادبي صنفون هڪڙيون نئون روپ اختيار ڪري ويون آهن ( پابند) عروضيا شاعري سمجهڻ شاعري ڪرڻ ڏکي ٿي وئي ، هاڻي ان کي جديد شاعري چيو وڃي ٿو ....!
غزل جو ڇا ٿيندو؟ ٿيندو اِهوئي جيڪو ٿئي پيو ۽ پڙهجي پيو... اهڙي ئي ادبي صنف جنهن تي ڪم ڪونه پيو ٿئي ۽ وساريل آهي.مزي جهڙي ڳالهه ته تازو ادبي ميلي ۾ ان صنف تي اهڙن ماڻهن کان خيالن جو اظهار ڪرايو ويو، جن جو ادب سان واسطو ئي نه رهيو آهي. اها ادبي بنيادي ضروري صنف آهي ٻاراڻو ادب . هيءَ واحد صنف آهي ، جيڪا بنياد مهيا ڪري ٿي سکڻ ، سمجهڻ ۽ لکڻ جو پڙهڻ پروڙڻ جو .
نثر نويسي جو نواب پير علي محمد راشدي انهيءَ صنف جي اهميت سمجهائيندي ٽي ڏينهن لڳاتار بزم نونهال ۾ ليڪچر ڏنو هيو، جيڪو ٻاراڻي ادب تي بهترين ڪتاب ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪو اشاعتي ادارو اهو ڪتاب ڇپائي ته وڏي اهميت وارو ثابت ٿيندو . ٻار مستقبل جو اڳواڻ ۽ ٻاراڻو ادب به اهڙي اهميت وارو آهي.
سنڌ ۾ ٻاراڻي ادب جو جڏهن به ذڪر نڪرندو ته ٻيو ڪو به اهڙو نالو ناهي جو ياد اچي پر هڪ اهڙو نالو جنهن پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري پيرين پنڌ ٻاراڻي ادب جي خدمت ڪئي آهي. جنهن کي ٻاراڻي ادب جو مسڪين جهان خان چئجي ته غلط نه آهي. هن کي ٻاراڻي ادب جو ساڌو هيرانند به چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. هن جي جسم جو ڦوڪڻو ( ڦڦڙ) ڪيترن ئي عزيز عورتن جي ڦوڪن سان ڦوڪيو ويو. تڏهن هن چرڻ پرڻ شروع ڪيو ۽ هُن جي وجود ڀاسيو ته مان جيئرو زندهه ساهه سان آهيان....!
اڄ هن جو وجود هن جو هر تخليقي ڪم ڪهاڻي،نظم ، ڊرامو ،ادب ،آتم ڪٿا ٻاراڻي انداز ۾ ٻارن لاءِ ئي آهي، ان ٻاراڻي ادب کان سواءِ هن جو وجود ئي نه آهي هي آهي منظور....! منظور ٻارن کي منظور سڀني کي منظور جنهن جو اصلي نالو منظور سومرو ٻاراڻي ادب جو وڏو نالو ٻاراڻي ادب جو پروانو .... المعروف پروانو سيوهاڻي جنهن جو وجود ئي هڪ ڪهاڻي آهي، جي شڪل وجود جي بيهڪ به ڄڻ ڪنهن تجريدي آرٽ جو اڻ پورو نمونو آهي.
هو جڏهن ڳالهائي ٿو ۽ کلي ٿو ته سامهون وارو سمجهندو ته بنا بادل جي بوندون ڪٿان...؟ وڏو ٽهڪ ڏئي ٿو ته ڄڻ ڄڻ منڇر کي کنڊ لڳو ..... جيڪو ويجهو هوندس ڄڻ ان کي مجنيڪ جو گولو لڳو... هن جي خاموشي به ڇرڪائي ٿي ڇڏي جڏهن ڳالهائي ٿو ته به اهڙا معنيٰ خيز جملا چوندو آهي، هن جو ماڻهو ڇرڪي وڃي ٿو ۽ سوچڻ تي مجبور پڻ ٿي وڃي ٿو هن کان سوال ڪجي ٿو ته جواب اهڙو ڏئي ٿو جو ماڻهو لاجواب ٿي وڃي ٿو. هاڻي تازو مون پرواني کي چيو ته پروانا خبر ٻڌئي...!
چيائين ٻڌاءِ .....مون چيو يار آغا سليم گذاري ويو! وري چيائين ڇا؟ يار سليم گذاري ويو ! جواب ڏنائين مري ويو ....ها ها ها ها هو هو هو وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳو مون هن جي هميشه ماتمي ۽ احتجاجي چهري کي ڏسي چيو ته کلين ٿو ؟ چيائين ٻيو روئان....! مون چيو يار ڏک واري خبر آهي . چيائين ها پر منهنجي ڳالهه ٻڌ انهن ماڻهن کي جيڪي آسائشون ۽ آرائشون، مراعتون ۽ سهولتون حاصل هيون، اُهي سموريون جيڪڏهن مون کي هجن ته آءٌ سڄي عمر لکان ۽ اصلي نه مران .......
مون کي ته هر طبقي نظر انداز ڪيو آهي، پوءِ به نه شڪايت اٿم نه مايوس ٿيو آهيان ......خوش آهيان آغا وارا سرڪاري خرچ تي وڙهت ڪندا هيا.....! بس ڪر ائين چئي وري کلڻ لڳو ..... طارق عالم پرواني لاءِ لکي ٿو ته ”هڪ ڀيري ڪنهن ڇوڪريءَ پڇيو هو“ ”هائيڪو ڇا ٿيندو آهي؟ مون جواب ڏنو مانس ته اڄ گهر وڃي غور سان پاڻ کي آئيني ۾ ڏسجانءِ توکي تنهنجي سوال جو جواب ملي ويندو.“
ساڳي ريت مون کان جيڪڏهن ڪوئ پڇي ته ”زندگي ڪيئن هوندي آهي؟“ ته جيڪر مان کيس چوان ”زندگي پرواني سيوهاڻي جي ٽھڪن جهڙي هوندي آهي.“ هر ڏک کان آزاد، حسين ڀرپور حواسن تي ڇائنجي وڃڻ وآري!
سنڌ جو ناميارو نقاد اديب بي خوف ليکڪ ناز سنائي پنهنجي ڪتاب آتم ڪٿائون جي جلد 3 ۾ ص 221 تي لکي ٿو ته پروانو سيوهاڻي ڄڻ اڌ ماڻهو آهي لوڪ جي نظر ۾ پر هو لکڻ پڙهڻ وارين سرگرمين ڪري سچي ته مڪمل ماڻهو آهي ، جسماني طور ڀلي هو ڪمزور نٻل ۽ هيڻو لڳي پر جڏهن هن کي پڙهبو ته پتو پوندو ته هي اسان جي سماجي اوڻاين کان چڱي طرح واقف آهي ۽ انهن جي خاتمي لاءِ پاڻ پتوڙڻ ۾ سرگرم آهي.
پروانو ڏسڻ ۾ اڻپورو وجود آهي پر معجزو لڳندو هن جي جاميٽري نقشا به اهڙا واهه جا اٿس جو رڳو سيوهڻ ۾ قلندر شهباز جي روزي جي ٻاهران بيهي ته شرجيل ميمڻ(منسٽر) جيترو ڪمائي وڃي.....!
پروانو ڏسڻ ۾ ئي ديوانو، مستانو لڳندو پر هي ذهن ۽ طبيعت ۾ يگانو آهي همت وارو آهي مايوسيءَ کان نفرت ڪندڙ آهي هي هٿ ، اک، ٽنگ، پير ۽ زبان معذور آهي پر هن جو ذهن ضمير صالح ۽ سالم آھي، ڪنهن جي ڪڍي نه ڪاڻ ....۽ نه وري ڪا پرواهه ....!
ارڏو ۽ ايماندا آهي سچ لکڻ جي سُتي پيل اٿس، کلڻ ۽ روئڻ هن جا مشغلا آهن. هيءَ کلي خوش ٿئي ۽ روئي به خوش ٿئي ٿو. روئڻ سان هن جو روح تازو رکي ٿو هي روئي روح ۽ چهري کي ڌوئي ٿو هو ڪمائي کائڻ چاهي ٿو پنڻ يا ڪنهن پيپلي ۽ ليگلي کان گهري کائڻ کان بک مرڻ کي وڌيڪ بهتر سمجهي ٿو.
پروانو سيوهڻ ۾ ڌمال چوڪ تي بيٺو هو، ان وقت جو وڏو وزير جيڪو هن پاڙيسري ۽ پراڻو سڃاڻو سيد عبدالله شاهه لنگهيو هن کي ڏسي سڏ ڪرايائينس، پوليس وارا هن کي وٺڻ آيا، هن چيو ڇو هلان،، پوليس واري چيو ته وزير اعليٰ صاحب توکي سڏي ٿو، هن چيو مان نه هلندس منهنجو ڪو ڪم ئي نه آهي، مان نه هلندس . پوليس وارا هن کي ٻانهن کان وٺي سيد عبدالله شاهه وٽ وٺي ويا، عبدالله شاهه گاڏيءَ ۾ ويٺو هيو ،پروواني کي چيائين، پروانا ڪهڙا حال اٿئي . پرواني چيو سائين ڏاڍو خوش آهيان .وڏي وزير سيد عبدالله شاهه چيس مان واهڙ ڳوٺ ٿو هلان تون منهنجي پويان اچ توکي نوڪري ڏيان هلي آ جلدي پهچ ائين ڪري شاھه صاحب گاڏيءَ جو شيشو چاڙهي روانو ٿيو . پروانو نوڪريءَ جي لاءِ وڏي وزير ڏي نه ويو جڏهن ته اڄ جو نوجوان پڙهيل لکيل وڏين ڊگرين وارا به يا لکين روپيا رشوت ڏئي يا پيپلن جي درن تي نوڪريون ڏئي نوڪريون حاصل ڪن ٿا.پرواني کي سڀني چيو اورو ڪر وڃ توکي اسان کڻي هلون ٿا، هل نوڪري وٺ پر پرواني انڪار ڪندي چيو ته هي وڏو وزير آهي ، هن کان نوڪري وٺي وري هن جي نوڪري ڏيان ، ماڻهو چوندا سيد عبدالله شاهه هن کي خيرات ڏني آهي ، پروانو پن جي نوڪريڀ وٺي آيو آهي....
هيءَ دنيا به انسانن جي هڪ لائبريري آهي، ڪتاب گهر آهي، ڪتب خانو آهي ۽ هر انسان هڪ ڪتاب آهي . ان ڪتاب کي ڪير ڪيئن ٿو سمجهي پڙهي پروڙي، انهن ڪتابن ۾ هڪ ڪتاب پروانو به آهي ، هن کي پڙهبو ته همت ، شعور، بهادري ۽ سچ جو سبق ملندو . هي هڪ اک هڪ هٿ ،هڪ ٽنگ ۽ ڪمزور زبان سان ڳالهائي ٿو . هڪ ٽنگ تي هلي ٿو ،لکي ٿو پڙهي ٿو ، پڙهائي ٿو ۽ اسان کي اسان جي قوم جي مسقبل ٻارن ، اکين جي تارن لاءِ ڪتاب لکي ڇپائي گهر گهر، در در ورهائي ٿو ، هي ٻاراڻي ادب جو هيرو پورهيت اديب آهي . هن اسان کي تمام وڏا سهڻا ڪتاب ڏنا آهن، ويجهي ماضيءَ ۾ ٻاراڻي ادب ۾ هن کان وڌيڪ ڪنهن جو پورهيو نظر نه ٿو اچي.
ڪندس سجدو اهڙو جو، زاهد چڙي پوي!
حيران ٿين نمازي سارا، وضو ملا جو ٽٽي پوي !
پرواني جون عبادتون ، سجدا سڀ ٻاراڻي ادب لاءِآهن ، هن فقير عملي ڪم ڪيو آهي. پرواني جو علمي شاعرانه ادبي ٺاهڻ وارو استاد بخاري آهي. جنهن هن کي هميشه پاڻ سان رکيو ۽ همت ڏياريندو رهيو لکڻ پڙهڻ لاءِ رهنمائي ڪندو رهيو. پرواني کي ڪنهن چيو ته ”پروانو“ اردو جو لفظ آهي ۽ تون سنڌي ....! هن کي اهو تخلص خراب لڳو ۽ هن پاڻ مرادو پنهنجو تخلص وري پتنگ رکيو ۽ استاد بخاريءَ وٽ ويو چيائين سائين مون ته تخلص تبديل ڪيو آهي . سائينءَ چيس بابا مٺائي ورهايو ته پتنگ پڪو ڪريون، هنن مٺائي گهرائي کائي سڀني چيو ته بابا ”نه پتنگ نه لغر“ ”پروانو“ صحيح آهي. اسان کي پروانو کپي ان ڪچهريءَ ۾ سائين تاج صحرائي به موجود هيو ان به چيو پروسنو کپي ۽ پروانو ٿي ويو ، پرواني جو تخلص.
پروانو ٻڌائي ٿو ته هن جي پهرئين ڪتاب ۾ ڀُٽي مدد ڪئي ، سائين نثار حسيني ، قاضي مقصود گل هميشه هن کي همٿائيندا رهندا هيا ، هن جي ٽهيءَ جا شروعاتي ليکڪ ادل سومرو، نصير مرزا،نياز پنهور،مختيار ملڪ ، اختر درگاهي ، قربان منگي ۽ اڪبر جسڪاڻي هئا.
جيئن ته پروانو اديب ليکڪ سان گڏ وڏو پبلشر به رهيو آهي ، پاڻ سُرهاڻ پبليڪيشن جو ايڊيٽر رهيو جيڪو وقت جو مشهور ۽ معروف رسالو هو .سرهاڻ نالو به استاد بخاريءَ تجويز ڪيو هو ، سرهاڻ پبليڪيشن طرفان ڪيترائي رسالا ۽ ڪتاب ڇپندا رهيا آهن.
سنڌ جي تمام اشاعتي ادبي ادارن هن کي ايوارڊن سان پڻ نوازيوآهي ۽ ڪيترن ليکڪن هن جي ادبي پورهئي تي لکيو ۽ مانُ ڏنو آهي. هي ماڻهو جس لهي هن هميشه ٻاراڻي ادب جون، سنڌ جون ۽ سنڌي قوم جون خدمتون ڪندو رهي ٿو۽ نوجوان نسل جي ذهني اصلاحي، ادبي، تعليمي، اخلاقي، اوسر جي ترقي لاءِ ڪم ڪندو ٿو رهي .
شال رب سائين هن کي سٺي صحت ڏئي ، وڏي ڄمار ڏئي ته هي اسان جو ٻاراڻي ادب جو چنڊ چمڪندو رهي ۽ ٻاراڻي ادب جو قلندر ٿي اڀري ڇو ته هي معجزي جهڙي ڳالهه آهي ته پرواني جو جيڪو علمي ڪم آهي، ڪنهن معجزي کان گهٽ نه آهي . هن جي جسماني بيهڪ ۽ جهڙو نامڪمل ماڻهو هجي ۽ اتي ايڏو وڏو شعور ڏئي ڇا ته ڳالهه آهي ، واهه ادا واهه اِهو آهي اسان جو پروانو سيوهاڻي .
انڊلٺي سپنا سجائيندڙ
- زيب نظاماڻي
ڏات جي ڏيهه تي جي سامي سج وڙاءُ آهن اُت چمڪندڙ چنڊ اُماوس جي اُنداهه کي ذهنن جي ڌريءَ ان ميٽڻ ۽ ريٽڻ جي ڏس ۾ پاڻ پتوڙي رهيا آهن.
اُبھم ڪچڙن ڪورن ذهنن (ٻارن) لاءِ لکڻ اوڏو ئي اوکو جيڏو کيٽو ڪندڙ ٻار کي ريجهائڻ، پر اسان جي سٿ جو قلمڪار جنهن جي قلم مان ڦُٽي نڪرندڙ لفظ ڪهاڻين ۽ گيتن جا ويس جوڙين ٿا، پر کين مُسرت ساڃاهه کان ٻارڙن لاءِ ڏات ۽ ڏانوَ جا کينوئڙا جوڙيندڙ، پيشي ۾ استاد ، پيار پاٻوهه ۽ ٽهڪڙن جا ٽول جهول ۾ ڀري سپنن ۾ سونهن ۽ سُرهاڻ جا انڊلٺي سپنا سجايو سيوهڻ جي نگر ۾ نينهن جا خيما کوڙي سنڌ جي آئيندي لاءِ انيڪ ڏاهپ، پيار، سچ ۽ ساڃاهه جا واهر وهائي وقت جي بي نقاب چهري تي پنهنجي تاريخ لکي رهيو آهي ، ها پڪ ڄاڻا اهڙي تاريخ جنهن جو قلم دان وقت جي حاڪم جي هٿن ۾ نه پر پاڻ پرواني سيوهاڻيءَ جي هٿ ۾ آهي.
منافقي، جنس ۽ طبقاتي اڻ برابري جي هن دؤر ۾ جت هر هڪ پنهنجي اڇي ڪالر کي جرڪائڻ ۽ ڪوٽ جي کيسي ۾ نيرن نوٽن گلاب بونءَ جي ڇهاءُ کي سجائڻ ۽ ماڻڻ جي لاءِ ٻين کي ڌڪا ڏئي اڳتي وڌي ايڪويهين صديءَ جي ڪاري سمنڊ ۾ ترڻ لاءِ آتو آهي، اُتي پرواني سيوهاڻيءَ جو نانءُ ۽ پورهيو سر جي گدلي سينور تي نيل ڪنول ڀاسجي رهيو آهي . ها ڏسون ته وقت کيس ڏوهي! يا بي ڏوهيءَ جو تمغو سندس نانءُ سان سجائي ٿو ؟؟؟!!!
ٻاراڻي ادب جي سرهاڻ پکيڙيندڙ
- رجب آزاد
الله پاڪ انسان کي اشرف ۽ افضل ڪري پيدا ڪيو آهي ۽ منجهس التعداد صلاحيتون ۽ خوبيون رکيون آهن .ها البت هر ڪنهن جو ذهن الڳ الڳ آهي ۽ سوچ پڻ جدا جدا آهي. با صلاحيت انسان پنهنجي اعلي صلاحيتن پٽاندر پنهنجي منزل پاڻ تلاش ڪندا آهن ، جڏهن ته گهٽ صلاحيتون رکندڙ ماڻهو ، منزل ماڻڻ لاءِ ٻين تي ڀاڙيندا آهن ۽ پنهنجو ذهن ۽ پنهنجون صلاحيتون استعمال نه ڪندا .آهن باصلاحيت ماڻهو پنهنجي خداداد صلاحيتن سان پاڻ مڃائي پنهنجي هڪ ڇاپ ڇڏيندا آهن ۽ سندن ادا ڪيل ڪردار ۽ ڪم کي هر دؤر ۾ قدر جي نگاھ سان ڏٺو ويندو آهي.
۽ اهو املھه ماڻهو هڪ تاريخ بنجي ويندو آهي، ۽ سندس نالو قيامت تائين زنده رهندو آهي.
اهڙو ئي هڪ ادبي تاريخ رقم ڪندڙ ڪردار سنڌ جي قديم ۽ زنده شهر سيوهڻ سان تعلق رکندڙ پروانو سيوهاڻي آهي، جنهن پنهنجي جوانيء جو ڳپل حصو ٻاراڻي ادب کي ارپي ڇڏيو. ڪم جي جنون ۾ هن پنهنجي حسين زندگيءَ جا لمحا ۽ ڏٺل سندر سپنا به ان ڪم يعني ٻاراڻي ادب مٿان قربان ڪري ڇڏيا ۽ دل جي سچائيء سان ٻارڙن جي ادب لاءِ لکڻ کان ويندي ان کي ڇپارائڻ تائين بنا وٿيءَ جي ڪم ۾ جنبيل رهيو اسان جنهن شخص کي پروانو سيوهاڻيءَ طور ڄاڻون ٿا ،ان جو اصل نالو منظور علي سومرو آهي..، جنهن سيوهڻ شهر جي کڏ محال۾ رهندڙ هڪ پورهيت (درزي) گل محمد سومري جي اڱڻ تي 21 جولاءِ 1958ع ۾ اک کولي.(پرواني سيوهاڻيء جي جنم تاريخ بابت ڪتابن ۾ ڪجهه تضاد آهي، سنڌيانا انسائيڪلوپيڊيا ۾ 21 جولاءِ 1963ع ڄاڻايل آهي. اهڙي طرح خالد آزاد جي ڪتاب ”ٻاراڻي ادب جي تاريخ“ ۾ وري 12جولاءِ 1963ع ڄاڻايل آهي.
هو پيدائشي طور هلڻ گهمڻ توڙي ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ عام ٻارن جهڙو نه هو، جنهن کي عام طور معذور سڏيو ويندو آهي . منظور جڏهن تعليم حاصل ڪرڻ لائق ٿيو ته والد صاحب کيس مدرسي ۾ ويهاريو جيئن اهڙن خاص قسم جي ٻارڙن کي اڪثر والدين مدرسن حوالي ڪندا آهن. پر قدرت واري سندس نصيب ۾ وڏو مان ۽ مرتبو لکي ڇڏيو هو، ڇو ته کانئس ٻارڙن ۾ علم ۽ شعور پکيڙڻ وارو عظيم ڪم وٺڻو هو، جيڪو دنياوي تعليم ۾ ئي پنهان هو. سو منظور سومري حصول علم لاءِ وڏي محنت ڪئي ۽ ايم .اي (سنڌي ادب) جي ڊگري حاصل ڪئي هڪ شاعر سان اتفاقي ملاقات کيس شاعر بڻائي ڇڏيو ۽ هو منظور علي سومري منجهان پروانو سيوهاڻي ٿي ويو.
اهوسال1973ع هو جو هن غزل ، نظم ،گيت ۽ وايون لکڻ شروع ڪيون ۽ گڏوگڏ ڪهاڻيون به. بزم شهباز سيوهڻ جي مشاعرن ۾ ان وقت جي .تقاضا موجب پابند شاعري جي شروعات ڪئي پرواني سيوهاڻيء جي استاد بخاريء سان بيحد عقيدت هئي ۽ هو ساڻس دادوء اچي سندس صحبت ۾ ويهندو هو، ڪڏهن سندن بيٺڪ تي ،ڪڏهن پاڙي جي هوٽل تي. بقول پرواني جي ته استاد بخاري کيس شاعريء بابت ڪارآمد صلاحون به ڏيندو هو ته سندس شاعريء جي اصلاح پڻ ڪندو هو. استاد بخاريء جي ئي صالح سان هن سال1975ع ۾ سرهاڻ پبليڪشن جو بنياد وڌو ۽ ٻاراڻي ادب لاءِ پاڻ پتوڙڻ لڳو لکڻ جو عمل ذهني رت ولوڙ آهي، جڏهن ته ڪتاب جي ڇپائي ذهني ۽ جسماني پورهئي جو نتيجو آهي.هيءَ تڪليف اهو ئي ماڻهو محسوس ڪري سگهي ٿو، جيڪو انهن ٻنهي عملن مان گذريو هوندو باقي عام ماڻهوءَ لاءِ ته ڄڻ بادي ڳالھه آهي اها ئي پرواني سيوهاڻيء جي عملي جاکوڙ آهي.
جو هن ٻاراڻي ادب ۾ سرهاڻ سلسلي جا هڪ سئو کان مٿي ڪتاب ۽ پڻ سلسليوار”سرهاڻ مئگزين“ جا سٺ کان مٿي پرچا ٻاراڻي ادب جي جهوليء ۾ وڌا آهن ، جيڪو تمام وڏو ڪم آهي هي به هڪ سچ آهي ته ڪتاب ڇپارائڻ ته ڏاڍو آسان آهي ،پر ان کي وڪرو ڪرڻ تمام وڏو مسئلو آهي ،پر هن مرد مجاهد ڪتاب ڇپرايا به ته وڪرو به ڪري ڏيکاريا . ٻين لفظن ۾ ايئين چوڻ بجا ٿيندو ته سندس روزي روٽيء جو ذريعو به ڄڻ ته اهي ڪتاب ئي هئا ،ڇو ته کيس نوڪري اڃا ڪانه ملي هئي. گذر بسر ڪرڻ لاءِ کيس وڏي جاکوڙ ڪرڻي پوندي هئي. اهو ايئين ته هو پنهنجا ڪتاب پنهنجي ڪلهن تي کڻي سنڌ جي، پرائمري توڙي سيڪنڊري اسڪولن ۾ وڃي ٻارڙن جي هٿن تائين پهچائيندو هو پرواني سيوهاڻي جي محنتن کي سلام آهي ،جو هن ٻارڙن ۾ هڪ طرف مطالعي جو شوق پيدا ڪرڻ لاءِ نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن سان سنڌ جي ٻارڙن جي ذهني ۽ اخلاقي تربيت پئي ٿي ۽ هو اعلي شعور جا مالڪ به ٿي بڻيا ۽ ٻئي طرف سندن اخلاق ۽ ڪردار جي تعمير ۽ نشو ونما پئي ٿي.
هيءَ به حقيقت آهي ته پروانو سيوهاڻي جسماني طور تي معذور هوندي اعلي ذهن رکندڙ هڪ با صلاحيت انسان آهي ، اها سندس وڏي عظمت چئبي جو پيدائشي طور تي هلڻ گهمڻ جي تڪليف هئڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ هٻڪ هجڻ ڪري به هو ورچي ويهي نه رهيو ۽ ڏورانهن هنڌن تائين رسي علم جي روشني ڦهالئيندو رهيو .سندس عمده ۽ اعلي تخليقون سندس ذهين ۽ سڄاڻ هجڻ جي شاهدي ڏين ٿيون پروانو سيوهاڻي نه فقط هڪ شاعر آهي، پر هو ڪهاڻيڪار، مترجم، ناول نگار ۽ ڊرامه ليکڪ به رهيو آهي. سندس ٻه ڊرامو ”ڇانورو“ ۽ ”ڌرتيء جو تارو“ محمد بخش سميجي صاحب جهڙي مڃيل پروڊيوسر پيش ڪيا. ”پرواني جي چوڻ مطابق ته منهنجا ڪل ٻارهن ڊرامه پي ٽي ويء تي پيش ٿيا جيڪي سميجي صاحب کان علاوه اعجاز عليم عقيلي ۽ اطهر منگيءَ صاحب جن پروڊيوس ڪيا.
پرواني سيوهاڻيء جي آتم ڪٿا پڙهندي مون کي ڪٿي کل به پئي آئي، جتي هن طنزو مزاح واريون ڳالھيون پئي ڪيون جيئن، تاج بلوچ سان گڏ مڪليء تي رات رهڻ وقت مڇرن جي مهمانيء جو ذڪر ڏاڏيء پاران جن ڪڍڻ، اسڪول ۾ صاحب جي امتحان وٺڻ، راڳ سکڻ ۽ ڀائرن ڀينرن ۽ ٻين ٻارن سان مستي مذاق جهڙيون ٻيون به کوڙ ڳالهيون شامل آهن. ته وري ڪنهن هنڌ زندگيءَ جي تلخ حقيت بياني تي پڻ حيران ڪري ٿو ڇڏي.جيئن پنهنجي استاد نامياري شاعر ناز ڀٽيء لاءِ لکي ٿو ته،”سائين ناز ڀٽي اسان کي سنڌي پڙهائيندو هو ،ڏاڍو محنتي استاد هو، باقي سهڻن ڇوڪرن لاءِ ڄڻ پهريون ڏينهن هو، سائين ناز مون کي تمام گهڻو ڀائيندو هو، آءُ چوندو هئس ته اٺ ئي پيرڊ سائين ناز وٺي، ڪڏهن ڪڏهن ته سائين ناز مان ڊپ به ٿيندو هو ته ”متان ٽڪي نه وجهي يا وري سندس پاڙي ۾ رهندڙ سوٽ بشرٽ پائيندڙ سيڪريٽري ٽائون ڪاميٽيء کي ڏسي پنهنجي امڙ کي چيل هي لفظ ته، ”امان هي"بابو ڏئي هو بابو ٿا وٺون." امڙ چيس ته ”ڪهڙو“ هو پاڙي وارو جيڪو روزانو سوٽ بشرٽ پائي آفيس ويندو آهي، منهنجو بابو گوڏ ٿو پائي.
پرواني سيوهاڻيء جي معصوميت جي واقعن تي اکين مان بي اختيار ڳوڙها به ڳڙي ٿا پون،خاص ڪري جتي هو پنهنجي امڙ جي جهوليء ۾ ويهي کانئس معصوميت وچان اهو ٿو پڇي ته ،”امان! ٻيا سڀ ماڻهو سنوان سڌا آهن ۽ آئون ايئين ڇو آهيان.“ امان چوڻ ،لڳي ته ”پٽ اها ته الله جي مرضي“ امان مون الله جو ڪهڙو ڏوھ ڪيو هو جو مون کي ايئين ڪري ڇڏيائين.“ سندس آتم ڪٿا جو هڪ هڪ لفظ سادگي ۽ سچائي سادگي" سرهاڻ سان واسيل آهي هڪ خاص ڳالھه ته پرواني سيوهاڻيء جي تربيت ۾ هڪ شخصيت جو وڏو هٿ رهيو آهي، جيڪو رشتي ۾ سندس ماسڙ هو ۽ سيد گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو، حڪيم سيد احمد شاهه بخاري جنهن کي هو ”بابا سائين“ سڏيندو هو . جيڪو سندس گهڻو خيال رکندو هو. جنهن جي پيار جو اعتراف هن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ به ڪيو آهي ته، بابا سائين (حڪيم سيد احمد شاهه) مون کي ايترو پيار ڏنو جيترو شايد مون کي".اڳي پيء به نه ڏنو هجي. مان سندس دواخاني تي ئي ويٺو هوندو هيس ۽ ساڻس گڏ بگيء تي چڙهي ٻنين تي به ويندو هيس پروانوسيوهاڻي سنڌ جو سيلاني اديب آهي، جنهن سنڌ ۾ ايترا دوست پيدا ڪيا آهن ،جن جو ڪاٿو لڳائڻ مشڪل آهي. سندس دوستيءَ جي دائري ۾ سنڌ جا ناميارا اديب به شامل آهن جيڪي سندس پيار واري سڀاء جي ڪري ۽ پڻ ڪيل علمي ادبي خدمتن جي ڪري. ساڻس بيحد پيار ڪن ٿا.
پرواني سيوهاڻيءَ سان منهنجي شناسائي ته اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجڻ ڪري ٿي هئي. خاص ڪري هلال پاڪستان جي ٻارڙن واري صفحي تي ڊاڪٽر ادل سومرو، اياز گل ۽ پروانو سيوهاڻي گڏ ڇپجندا هئا ۽ هي ٽئي ڄڻا ٻاراڻي ادب جا وڏا ليکڪ مڃيا وڃن ٿا پرواني سيوهاڻيءَ سان منهنجي ملاقات 1980ع ڌاري ٿي هئي، جڏهن هو اسان جي اسڪول ۾ پنهنجا ڪتاب وڪرو ڪرڻ لاءِ آيو هو.
مان سندس محنت ۽ جذبي جو ان وقت به احترام ڪندو هيس ۽ اڄ به سندس ٻاراڻي ادب لاءِ ڪيل خدمتن جو معترف آهيان ۽ سندس بيحد احترام ڪندو آهيان . سندس ڪچهرين دوران وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ اڄ به ياد آهن ته سندس جذباتي ٿيڻ به ياد اٿم.1994ع ۾ قلندر لعل شهباز جي ميلي دوران منعقد ٿيندڙ سيوهڻ ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي شاعرن ۽ اديبن کي عزت افزائيء طور ڪجھه معاوضو ڏنو ويندو هو ، جيڪو سائين تاج صحرائي صاحب ڪانفرنس ختم ٿيڻ کانپوء صبح جو ڏيندو هو ۽ اهو ڪم منهنجي حوالي هوندو هو.
شهباز موٽيل ۾ جتي عارضي آفيس هئي، ڪمري جو در کڙڪيو، نڪري ڏٺم ته پروانو بيٺو هو. هو اندر آيو ۽ چوڻ لڳو اٿيو ۽ وڏو ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو، اڄ ٻين ڪمرن وارا مون کي پٽيندا جو هنن جا دروازا کڙڪايا آهن."سائين تاج صحرائيء چيس ته،"پروانا لفظ کَڙڪائڻ آ، کُڙڪائڻ ناهي سائين اوهان درست آهيو، پر اسان جي زبان کُڙڪائڻ چوڻ تي هريل آهي.”وري ٽهڪن ۾ ٻڏي ويو. مون کيس معاوضو ڏئي فارغ ڪيو ته هو موڪلائيي هليو ويو.
وري ٻئي سال ساڳئي ئي موقعي تي ساڳئي ئي هنڌ آيو ته تاج صاحب کيس چيو ته ”رات توهان جلدي پڙهائڻ لاءِ بار بار پرچيون پئي موڪليون خير ته هو.“ پروانو تپي باهه ٿي ويو ۽ جذباتي ٿيندي چيائين ته، خير وري ڪهڙو هو, ويهي ويهي ۽ مقالا ٻڌي ٻڌي بيزار ٿي پياسين. سچ ته توهان شاعرن جي ڀيٽ ۾ مقالا نويسن کي وڌيڪ عزت ڏيو ٿا. سيوهڻ جي شاعرن کي ته ڄاڻي واڻي پوئتي ٿا رکو. عزت نٿا ڏيو ته اڳتي گهرايو به نه. سيوهڻ به اسان جو آهي ، قلندر به اسان جو آهي، نا انصافي به اسان سان. اسان کي انهن ٽن سون جي بک ڪانهي، اسان کي عزت کپي. جيڪڏهن آئينده توهان جو اهڙو رويو رهيو ته اسان سڀئي سيوهاڻي شاعر گڏجي چيئرمين ميلا ڪميٽيءَ کي شڪايت ڪنداسين، تدارڪ نه ٿيو ته احتجاج به ڪنداسين.“ هو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو هو، ڏڪي پڻ رهيو هو ۽ يڪساهيء ۾ ڳلو ڦاڙي اهو سڀ چئي ويو هو، سندس آواز سان شهباز موٽيل گونجي رهيو هو. سائين تاج صاحب بلڪل خاموش ٿي ويو هو ۽ کيس حيرت ڀريل نظرن سان ڏسي رهيو هو. مون کيس پنهنجو معاوضو ڏنو ۽ صحي وٺڻ لاءِ لسٽ اڳيان وڌائي ۽ هن ڏڪندڙ هٿن سان صحي ڪري، لسٽ مون کي واپس ڏئي بنا موڪالئڻ جي ڪمري مان نڪري هليو ويو.
مون کيس جذبات ۾ پهريون ڀيرو ڏٺو هو، نه ته پروانو ته صفا مکڻ ماڻهو آهي .وٽس وڃبو ته اصل جيء ۾ جايون ڏيندو آهي سال 2000ع ۾ مان ادبي سنگت جي اليڪشن ۾ دادو ءَ جي ضلعي رابطه سيڪريٽريء لاءِ اميدوار بيٺو هيس ۽ وٽس ووٽ لاءِ مشتاق ڀرڳڙيء سان گڏ ويو هيس، مير حاجن مير ادبي سنگت سيوهڻ جو ميمبر هو پر ڪرتا ڌرتا پرواني وارا هئا. پرواني ۽ همراز اسان جو دل سان آڌرڀاءُ ڪيو ۽ ووٽ وٺي ڏيڻ لاءِ حامي ڀريائون، ان وقت سيوهڻ شاخ جو سيڪريٽري منظور سحر سومرو هو ، جيڪو خود ساڳئي عهدي تي اميدوار هو . پرواني هن کي رٽائر ڪرايو هو، پر هن پاڻ کي ئي ووٽ ڪيو هو ۽ مان سائين عبد مگسيء کان هارائي ويو هيس .،جو هو تمام مضبوط اميدوار هو.
ٻاراڻي ادب جي هن پرواني کي قدرت واري ڄڻ ته خلقيو ئي کيس ٻاراڻي ادب لاءِ هو ،جو هن پنهنجي زندگي ان ڪم لاءِ ئي وقف ڪري ڇڏي پرواني سيوهاڻيء اهو سمورو ڪم اڪيلي سر ڪيو، ڪير به سندس ٻانهن ٻيلي نه هو. اڪيلائيءَ جي سفر ۾ سرهاڻ جو سلسلو هلائيندو رهيو.
پروانو سيوهاڻيءَ جي ادبي خدمتن کي ڏسندي سال 1993ع ۾ کيس پرائمري استاد طور سرڪاري نوڪري ڏني وئي هئي.اڄڪلهه هو رٽاير آهي سڄو وقت ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ ، دوستن سان گپ شپ ڪرڻ ۽ تخليقي صالحيتن کي ڏئي رهيو آهي ۽ استاد ،بخاريء جي هنن لفظن تي پڻ عمل ڪري رهيو آهي ته،
لکڻ زندگي، زندگي ڪيئن ڇڏجي
پڙهڻ بندگي، بندگي ڪيئن ڇڏجي،
ڏکيي کان ڏکيو عشق اکرن جو آهي،
کي دوستي دوستي ڪيئن ڇڏجي.
الله پاڪ کان دعا آهي ته مالڪ پاڪ هن علمي ادبي پرواني کي سالم صحت ۽ عمر خضري عطا فرمائي. آمين.
پروانو سيوهاڻي هڪ جاکوڙي شخص
- خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي
اوائلي دؤر ۾ جيڪي شهر آباد ٿيا آهن، تن ۾ سيوستان( سيوهڻ) به هڪ قديم شهر آهي، جيڪو پنهنجي قدامت ۽ تاريخي حيثيت سان سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. ان جي مِٽيءَ مان ڪئين گوهر، جُنگ جوان، بزرگ شخصيتون، عالم دين، ولي الله، ڊاڪٽر، حڪيم، استاد، اديب، شاعر، سُگهڙ ۽ ڏاها پيدا ٿيا آهن.جن جا نالا ڳڻڻ کان ٻاهر آهن پر مون کي هتي جنهن اديب جو ذڪر ڪرڻو آهي، سو آهي سيوهڻ ڄائو منظور علي معروف پروانو سيوهاڻي .
والدين کيس ديني تعليم لاءِ شهر جي هڪ مدرسي ۾ ويهاري ڇڏيو، پر سندس دل نه لڳي، هن پنهنجي ادبي کيتر جي شروعات شاعريءَ سان ڪئي ۽ اڃان تائين شاعري ڪندو رهي ٿو . پاڻ شاعريءَ جي سڀني صنفن ۾ پڪو پختو آهي ، هن غزل ،گيت، قطئه ، ۽ وائي ءَ ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. استاد بخارد کيس گهڻو داد ڏيندو هو، کڻي ائين چئجي ته استاد بخاريءَ جي رهبريءَ ۾ سڀ ڪجهه حاصل ڪيائين. سندس شاعري هڪ نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
ڪيڏا پيارا چهرا آهن
چهرن تي ڇو پهرا آهن
مٺڙا ماڻهو پيارا پيارا،
ماڻهو من جا ميرا آهن.
مُون کان مُنهنجو حالُ نه پڇ،
گهاوَ اَندر جا گهرا آهن.
هن جي آڳنڌ تي او سائين،
خوشبو خوشبو پيرا آهن.
تنهنجي ڪوچي مان او سائين،
هر هر منهنجا ڀيرا آهن.
پرواني سيوهاڻيءَ ٻاراڻي ادب جي شروعات ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرامن کي دِلچسپيءَ سان ٻڌندي ۽ خطَ لکندي ڪئي . ۽ ننڍيون ننڍيون ڪهاڻيون لکي پنهنجي ادبي پورهئي جي 1975.76ع ڌاري ڪئي. نامياري عوامي شاعر استاد بخاري بخاريءَ جي مشوري سان سلسليوار رسالو ”سرهاڻ“ سان شايع ڪيو. جنهن جو ايڊيٽر ۽ پبلشر به پاڻ هو .پاڻ لکي ٿو ته ”پٽي سٽي رسالو ته ڇپايان ، پر ڪيئن کپائيندس ۽ ڪير وٺندو؟ ها همت نه هاربي، ضرور ڇپائيندس.“ هڪ پرچو پروفيسر محبوب علي چنا جي ياد ۾ به شايع ڪيو هئائين جنهن ۾ ( راقم) جو پڻ هڪ مضمون ”هڪڙو ماڻهو موتيءَ داڻو “ جي عنوان سان پڻ شايع ٿيو هو .
پروانو سنڌي ادبي سنگت شاخ سيوهڻ جي بنيادي ميمبرن مان آهي، سگا جو ميمبر ۽ ٻين ادبي تنظيمن سان منسلڪ رهيو آهي. سندس دوستن جو دائرو وسيع آهي. غريب خاني تي ادب جو شوق رکندڙن جا ميڙا متا پيا هوندا آهن
هن وڏي ادبي ڪم کي ڇپائي، نيم محتاجي واري حالت ۾ پاڻ پنهنجي سر ڪُلهن تي کڻي، ڪشالا ڪٽي، پنڌ پيادل ،اسڪولن، ڪاليجن، آفيسن، دوڪانن ۽ دوستن تائين وڃي وڪڻندو آهي. پوءِ ڪٿان پئسا مليا ته ڪٿان نه مليا . جڏهن سندس ڪم جو دائرو ، گُهرج ۽ مان مٿانهون ٿيو ته کيس سنڌ جي ننڍي وڏي شهر تائين ڪتابن جي وڪري۽ ڇپائيءَ لاءِ وڃڻو پوندو آهي .
هڪ غربت، ٻيو محتاجي ۽ ٽيون اَڻانگها پنڌ، پر هن جُنگ جوان همت نه هاري، پنهنجي ڪتابن سان گڏو گڏ سنڌي ادبي بورڊ جا ڪتاب ۽ رسالا وڪرو ڪري پيٽ پاليو ۽ سنڌ جي ماڻهن کي علم کان روشناس ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو.کيس پنهنجي نوڪري دوران پڻ تڪليفون ڏسڻيون پيون، ايتري قدر جو ڪيترن مهينن تائين پاڻ ماهوار پگهار کان محروم رهيو. پر پاڻ صبر سان گذاريو ۽ خوش طبعيءَ ۾ وقت گذاريندو رهي ٿو .آخر ۾ سندس لاءِ دعا سان گڏ هي لفظ ارپيان ٿو
ماڻهون سڀ نه سهڻا ، پکي سڀ نه هنج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه، اچي بوءِ بهار جي . ( شاھ)
مددي ڪتاب
وڪي پيڊيا ” آتم ڪھاڻي “
انسائيڪلو پيڊيا” سنڌيانا“
مير حاجن مير، 2014: سيوهڻ جون ادبي شخصيتون، سچائي اشاعت گهر دڙو حيدرآباد .
سيوهاڻي، پروانو، 2016: منهنجون يادون منهنجو ننڍپڻ، سرهاڻ پبليڪيشن سيوهڻ شريف.
پرواني جو عشق ۽ رانديڪو
-ــ نظير حيات سيوھاڻي
مان ۽ هو ڪيتري ئي عرصي کان پراڻا دوست ۽ همراز رهيا آهيون، مون جڏهن به ان متعلق سوچيو آهي ته مون کي هميشه ائين لڳو ڄڻ پاڻ هر ڪنهن لاءِ رانديڪو رهيو آهي. جنهن سان جنهن مهل جنهن جي دل چيو کيڏي، کيڏي ۽ پنهنجي دل وندرائي ان کان پري ٿي ويو. جي ها! منهنجو اشارو پنهنجي ننڍي هوندي جي دوست منظور احمد سومري عرف پروانو سيوهاڻي ڏي آهي.
مون ڏٺو ته سندس زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ڪو به ٽڪاءُ نه هو ،کيس هر ڪنهن ايئن پري ڪيو جيئن ٻار ڪنهن رانديڪي سان راند ڪري ڪري ٿڪجي پوندو آهي. ۽ بيزار ٿي ان کي پري ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ان کي ڪابه اهميت نه ڏيندو آهي.
پرواني جي زندگيءَ جا ڪيترائي رخ آهن هڪ ٽائيم هو جو ٻاراڻي وقت ۾ اسڪول جي ٻارن سان گڏ راند روند ڪري ڪري پيو روح ريجهائيندو هو. ڪي ته کيس وري راند ڪرڻ ڏيندا هئا ته ڪي وري کيس راند ڪرڻ کان منع ڪندا هئا ،کيس معزور هئڻ جو احساس ڏياريندا هئا، پر پرواني جو ذهن ڪڏهن به معزور هئڻ جو احساس نه ڏياريندو هو.
پاڻ جڏهن ڪتاب لکي چپرائي ان کي هر هڪ ۾ اسڪول ۾ وڃي کپائيندو هو، ان عمل جي ڪي ته ڏاڍو قدر ڪندا هئا ۽ ڪي وري حقارت جي نگاهه سان ڏسندا هئا. ڪي سندس عزم ۽ حوصلي جي تعريف ڪري کيس جيءَ ۾ جايون ڏيندا هئا ته ڪي وري سندس وٽان اوڌر تي ورتل ڪتابن جا پيسا به هڙپ ڪري ويندا هئا. هر هڪ اسڪول ۾ وڃي ڪتاب وڪڻڻ جو ڪم ڪو سولو نه هو.
ها! سندس به اها خواهش هئي ته ڪو سندس هم سفر ٿئي ڪنهن سان دل لڳي ڪري ڪجهه رهاڻ ڪري . سندس اهڙي سفر ۾ دادو شهر جي گهلو پاڙي جا تمام گهڻا پنڌ ڪيائين ۽ حضرت عشق سان روح ريجهائيندو رهيو . سيوهڻ جي ڪيئر ڪالوني ۾ وري عشق ۾ ڦاٿو ، پر حضرت عشق ان ڪم ۾ ڪو ساٿ نه ڏنس بس رڳو دل ئي دل ۾ پيو لڇندو هو . سندس سادگيءَ جو به ڀرپور فائدو ورتو ويو ،عشق جي اهڙو ڪيائين جو جوش ۾ اچي نظريو به مٽائي ڇڏيائين .
جنهن لاءِ اهڙو قدم کنيائين اهو ستمگر به بي وفا نڪتو ۽ حسب دستور سندس زندگيءَ سان راند ڪري کيس ائين پري ڪري ڇڏيو جيئن هر بار ٿيندو رهيو آهي. هر دفعي کيس ڪم نڪتو ڊکڻ وسريو وارو ڪم ٿيو وڃي. يا وريبائين چئجي ته رانديڪو پڄي پيو وري کيس ڪنهن ياد نه ڪيو. جي ها! هڪ اهڙو واقعو سندس زندگي جو مان ڪڏهن به نه وساريندس سندس رحم سان رحم کائڻ واري اصول تي هڪ اهڙي شخصيت سان واسطو پيو جيڪو رحم کائي سندس همدردي ته ڪندو هو ،پر دل سان کيس ڪڏهن قبول نه ڪيو .... ۽ هي همراھ ان جا پيا گيت ڳائيندو هو ۽ سندس ساراھ ڪرڻ کان ڪڏهن به نه ڍاپندو هو .ڦوھ جوانيءَ ۾ اهڙي عشق باهه هن کي به انڌو ڪري وڌو ،اٿڻ، ويهڻ ، ننڊ ۽ سجاڳيءَ ۾ بس سڀ ڪجهه
ويس ُ جي ياد رهيو ته بس حضرت عشق ياد هو، هڪ ڏينهن به اهو سندس خواب پورو نه ٿيو ۽ ان اڏمندڙ پکي ٻي گهر پنهنجا وڃي ديرا وسايا. اهو عجم مان عرب جو باشندو ٿيو هن چوٽ کيس سرس لڳي ۽ سندس سمورو وجود دُکي دُکي پاش پاش ٿي ويو.
وري پاڻ کي سنڀالڻ لاءِ ٻي هنڌ شاديءَ جو پروگرام ڪيائين ليڪن افسوس جو سندس اهو خواب به چڪنا چور ٿي ويو پروانو اڄ زندھ لاش بنجي هر ڪنهن سان ملندو رهي ٿو پر ڪڏهن خوش آهي ته ڪڏهن ڪاوڙ ۾. اڃا الاءِ ڪيتري زندگي اٿس.الائي ڪيترا ڏک ڏوجهرا ڏسندو مان سوچيندو آهيان ته اي منهنجا مولا ڪڏهن هن رانديڪي جا قدردان ايندا هي رانديڪو ڪنهنجي ڪم جو ٿيندو بس اها دعا آهي شل ڪو اهڙو ڏينهن اچي.
منهنجو ڀاءُ منهنجو دوست
-ـ همراز ڀٽي
منهنجو ڀاءُ منهنجو دوست پروانو، سندس جنم ته کڏ محلا سيوهڻ ۾ چاچي گل محمد درزيءَ جي گهر ۾ ٿيو. پر هن جي پرورش پنهنجي پفيءَ مائي عظيما جي گهر ٿي، جيڪو گهر ڪانگڙي محلا سيوهڻ شريف ۾ واقع آهي. منهنجو جنم به ان پاڙي ۾ ئي ٿيو. اسان ٻنهي جا وڏا مزدور هئا.
اتفاق وري اهڙو جو منهنجي ۽ پرواني جي وڏڙن جو تعلق ڳوٺ ڪرم پور کان وٺي سٺو ۽ ڀائرن واانگر رهيو . پوءِ ٻوڏون ۽ روزيءَ جي ڪري لڏي اچي سيوهڻ شريف ۾ آباد ٿيا. اسين جنهن پاڙي ۾ رهياسين اُتي اڳ ۾ ئي ڪيترائي شاعر رهندا هئا، جن ۾ سيد ظفر سيوهاڻي، چاچو ساغر سيوهاڻي ، منظور حسين ”حقير“ شورو ۽ حسن علي حيدري محفلون مچايو ويٺا هوندا هئا.
پرواني جي گهر سان گڏ سيد ظفر سيوهاڻيءَ جي اوطاق هئي جتي، بزمِ شهباز جي سري هيٺ طرحي ۽ غير طرحي مشاعرا ٿيندا هئا جن ۾ ان وقت جا مشهور ڀلوڙ شاعر شرڪت ڪندا هئا. سندن واهه واهه ۽ گوڙ تي پروانو گهر جي ڇت تي سندن شاعري ٻڌندو هو .ڪجهه وقت کان پوءِ گهٽيءَ ۾ اوطاق جي دريءَ کان ۽ آهستي آهستي اوطاق جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اُهي مشاعرا ٻڌندو هو . ۽ اڳتي هلي پاڻ به شاعري ڪرڻ لڳو .
پرواني سيوهاڻيءَ ادب ۾ لکڻ جي شروعات شعر لکڻ سان ڪئي پر اڳتي هلي هن ٻاراڻي ادب ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو ۽ نالو ڪمايو . جڏهن مون شعر لکڻ شروع ڪيو ته ساڻس ويتر ويجهڙائپ وڌي وئي، مشاعرن ۾ گڏ وڃڻ لڳاسين ان وقت آءٌ مامي جي دڪان تي درزڪو ڪم سکندو هئس. شام جو روز پروانو به ان دڪان تي ايندو هو ۽ ڪلاڪ ٻه خوب ڪچهريون ٿينديون هيون ، جتي ٻيا دوست به هوندا هئا. تنهن کان پوءِ مون جلد ئي مڇي مارڪيٽ ۾ ڪيبن کولي جيڪا پرواني جي جاءِ سرهاڻ پبليڪيشن جي بلڪل سامهون ۽ ويجهڙو هوندي هُئي .
سرهاڻ پبليڪيشن جي ٽپال ،مني آرڊر، ويپيون به اُتي اچڻ لڳيون . اُنهن ڏينهن ۾ سيوهڻ ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ سيوهڻ جو بنياد رکيو ويو هو ، جنهن جي چونڊ پرواني جي جاءِ تي ٿي هئي ،سڄي سنگت جي راءِ سان پرواني کي ئي شاخ جو پهريون سيڪريٽري چونڊيو ويو .هر پندرهين ڏينهن دستوري گڏجاڻي ٿيندي هئي، جنهن ۾ ان وقت جا تمام وڏا شاعر سڏبا هئا سي شرڪت ڪندا هئا . جن ۾ سيد مظهر سيوهاڻي، عابد مظهر ،ناز ڀٽي، ڪامل اوٺو. طارق عزيز مورياڻي، اصغر جتوئي، منظور حسين حقير شورو، ساغر سيوهاڻي، وغيره تن ڏينهن ۾ سائين گل حسن گل ٻرڙو سيوهڻ ڪاليج جو پرنسپل هو، شام جو پروانو سائينءَ کي گهران وٺي ايندو هو ، شام جو چانهه جي چسڪي سان گڏ ڪچهري به ٿيندي هئي.
پرواني جي مڇي مارڪيٽ واري جاءِ سنڌ جي اديبن جو ريسٽ هائوس هوندي هئ جتي هر ننڍو وڏو اديب شاعر ايندو هو ۽ رهندو به هو. خاص ڪري احمد خان مدهوش، حافظ محمد بخش خاصخيلي، سائين نصير مرزا، سيد مهدي شاهه، مشتاق بخاري، اڪبر جسڪاڻي ،معصوم بخاري، وزير منگي،مقبول گهلو ،اشرف زمان پير چنڊامي، ساغر جعفري، سائين جعفر شاهه، جبار جوش، ،الهه نواز رڪڻائي، آصف مٺياڻوي، سائين نثار حسيني آگم پبليڪيشن وارو ،۽ سندس گهر واري ادي زيب نظاماڻي لاڳيتو ٻه ٽي ٻه ٽي ڏينهن رهندا هئا.
ان سان گڏ پرواني جي اها جاءِ راڳين جي لاءِ به هوندي هُئي، جتي مشهور راڳي، استاد وحيد علي، امير علي ۽ سندس بابا استاد رمضان علي خان، استاد خورشيد علي خان ۽ سهراب فقيره وغيره
بهر حال پروانو جسماني طور معذور آهي مگر سندس تخليقي سگهه معذوري کي شڪست ڏئي کيس مٿاهون مان بخشيو آهه.جيئن ته آءٌ ريڊيو جو شوقين ننڍپڻ کان اڄ تائين آهيان سو هڪ ڏينهن شام جو ڪيبن تي ويٺا هئاسين،ته اوچتو آل انڊيا ريڊيو سنڌي سروس تي ادبي پروگرام هليو جنهن تي سنڌ جي ادب ۽ اديبن جو ذڪر ٿيو جنهن ۾ ٻاراڻي ادب جي حوالي سان پرواني کي خوب ساراهيو ۽ سندس ٻن ڪتابن جو به حوالو ڏنو ويو.
هاڻي ٿورو اهو به واضع ڪندو هلان ته پروانو سومري مان پروانو ڀٽي ڪيئن ٿيو .اهو ائين ته پرواني جو گهڻو وقت مون سان گڏ گذر ندو هو ۽ مشاعرن ۾ سائين ناز ڀٽي آءٌ ۽ هي گڏ ويندا هئاسين پوءِ عام مشاعرو هجي يا ڪا سرڪاري ڪانفرنس هجي اسٽيج سيڪريٽري کيس اڪثر ڪري پروانو ڀَٽي ڪري سڏيندا آهن .
جيئن ته اسين چار ڀائر آهيون پر شهر جا کوڙ سارا ماڻهو پرواني کي اسان جو پنجون ڀاءُ سمجهندا آهن. ۽ منهنجي ٻين ڀائرن کان پڇندا آهن ته اوهان جو ڀاءُ جيڪو ٿورو جڏو آهي ، اهو ڪو نه ڏسجي. جيئن ته دادوءَ ۽ آس پاس ۾ ٿيندڙ مشاعرن تي به گڏ ويندا هئاسين مشاعري تي وڃڻ کان اڳ سائين استاد بخاريءَ وٽ گڏ ٿيندا هئا سين جتي ٻيا شاعر الهه نواز رڪڻائي، اقبال شينو، ميهر فقير، محمد عرس اظهر سولنگي،اختر لڪياري، سرمد چانڊيو ۽ ٻيا شاعر ايندا هئا.
هڪ ڀيري مخدوم بلاول ڀرسان چودڳيءَ کان ڳوٺ بچل جماليءَ ۾ چاچي ميهر فقير سان شام هئي ۽ سڄي ڊاٽسن استاد بخاريءَ وٽان ڀري نڪتاسين ،اها پنجين جنوري هئي ،رستي ۾ چڱو مينهن به اچي پيو ۽ استاد بخاريءَ، پرواني کي ڏسي چيو ته اسين به ڪيڏا نه چريا آهيون جو اهڙيءَ موسم ۾ واهه واهه جي پويان نڪري پيا آهيون. رات جو اهومشاعرو مچ ٻاري ڪيو ويو ، سڄي اسٽيج تي پلال وڇائي بستر لڳايا ويا ، شاعرن کي سوڙون ڏنيون ويون هرڪو شعر پڙهي وري وڃي سوڙ وجهي، منڍي ڪڍي ويهي رهي .
سو ڳالهه پئي ڪيم ته اسين شعر به گڏ لکندا هئاسين مشاعرن تي به گڏ ويندا هئاسين هڪ طرحي مشاعري لاءِ ٻنهي ڪلام لکيو اهو مشاعرو انڊس هوٽل سيوهڻ ۾ ٿيو . سو پرواني جيڪو شعر لکيو سو رف ڪاپي سمجهي رستي ۾ ڦاڙي اڇلي ڇڏيائين ،جڏهن کيس شعر پڙهڻ لاءِ سڏ ٿيو ته کيسي کي هٿ هڻي ته ڪاريءَ وارا ڪک،چيائين ته ، منهنجو شعر الائي ڪٿي ڪري پيو آهي ،تنهن لاءِ معذرت آخر ٻئي ڄڻا اهي شعر جون ٽڪريون پوسٽ آفيس سيوهڻ ڀرسان ڳولي هٿ ڪري آياسين ، پوءِ ٽڪريون ملائي شعر پورو ڪيو سين، جيڪو پو ءِ پرواني مشاعري ۾ شعر پڙهيو .هن وقت پرواني ادبي محفلن ۾ اچڻ وڃڻ تمام گهٽ ڪري ڇڏيو آهي، منهنجي دعا آهي ته سندس حياتيءَ جا باقي ڏينهن سٺا گذرن .
ڪتاب ”منهنجون يادون ــ منهنجو ننڍپڻ“ جو اڀياس
- ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو
ھن دنيا توڙي ڪائنات ۾ سڀ لقاء ۽ شيون ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ھڪ ٻئي سان جڙيل آھن؛ ساڳيءَ ريت ڪنھن ليکڪ يا اديب جي آتم ڪٿا ۾ آيل شيءِ يا ڪو به لقاءُ ۽ واقعو ان دؤر جي ٻين شين، لقائن ۽ واقعن سان سلهاڙيل ھوندو آھي. ھڪ اديب جي زندگيءَ جو ھڪ واقعو ھڪ ئي وقت ڪيترن ئي شعبن جهڙوڪ سماجيات، نفسيات، فلسفي، تاريخ، جاگرافي، شهريت، سياست، معيشت، ثقافت ۽ مذھب وغيره سان سڌو توڙي اڻسڌو جڙيل ھوندو آھي. مطلب ته ان واقعي ۾ نه رڳو ماضي کي قيد ڪيو ويو ھوندو آھي پر ان تناظر ۾ متعلق حال توڙي مستقبل جي جهلڪ پڻ پسي سگهجي ٿي. اھا ڳالھه ايتري اھميت جي حامل آھي جو مستقبل جا اڻڌريا دانشور ھڪ واقعي کي انيڪ شعبن ۽ نظرين جي تناظر ۾ جانچي ان دور جي سماجي تظادن ۽ ترقي پسند پهلوئن بابت مناسب راءِ جوڙي سگهن ٿا پر شرط اھو آھي ته اھو واقعو سچائي سان بيان ڪيو ويو ھجي. ھن ڳالھ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سيوھڻ جي تاريخي مٽي جي خمير مان اسرندڙ پروانو سيوھاڻي سنڌي ٻاراڻي ادب جي آڪاش تي ٽمڪندڙ تارن جي وچ ۾ چوڏھين جي چنڊ وانگر چمڪندڙ اديب، شاعر ۽ ناشر آھي. ”منهنجون يادون منهنجو ننڍپڻ“ سندس ٻالڪپڻ جي دور جي آتم ڪٿا آھي. پاڻ ان ۾ پنهنجي ننڍپڻ جي واقعن ۽ شرارتن کي نه رڳو ٻارن جهڙي معصوميت ۽ سچائي سان بيان ڪيو آھي پر ڄڻ ته ان سڄي دور کي لفظن ۾ قيد ڪري ڇڏيو آھي. منهنجو ھي مضمون سندس آتم ڪٿا بابت ھڪ مختصر تبصرو آھي.
پرواني سيوھاڻي جو هي ڪتاب سندس تيرھن سالن تائين جي ٻالڪپڻ جي عرصي جي آتم ڪٿا تي مشتمل آھي (جڏھن ته سندس باقي زندگي متعلق آتم ڪٿا اڃا اڻ-ڇپيل آھي). ھي ڪتاب 93 صفحن تي مشتمل آھي جيڪو ڪچي جلد ۽ خوبصورت سرورق سان سرھاڻ پبليڪيشن سيوهڻ پاران 2016ع ۾ ٻئين ڇاپي طور ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي، جڏھن ته ھن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1997ع ۾ ڇپيو ھو. ڪتاب جي قيمت 200 پاڪستاني روپيا رکيل آهي. پرواني سيوھاڻي هي ڪتاب پنهنجي ٻالڪپڻ جي سمورن ساٿين کي ارپيو آهي. ڪتاب جي منڍ ۾ ليکڪ کان علاوه حفيظ ڏيرو، طارق عالم ۽ خيرالنساء جعفري ڪتاب ۽ ان جي مصنف بابت مهاڳ لکيا آھن ۽ ويچار ونڊيا آهن. ھن آتم ڪٿا ۾ پاڻ پنھنجي ٻالڪپڻ کي 17 عنوانن اندر سمايو آھي.
حفيظ ڏيرو پنهجي مهاڳ بعنوان ”ھڪ ڪتاب پروانو“ ۾ ھن ريت رقم طراز آھي: ”سنڌ ۾ ٻاراڻي ادب جو جڏهن به ذڪر نڪرندو ته ٻيو ڪوبه اھڙو نالو نه آهي جو ياد اچي پر ھڪ اھڙو نالو جنهن پنهنجي ھڙان وڙان خرچ ڪري پيرين پنڌ ٻاراڻي ادب جي خدمت ڪئي آھي. جنهن کي ٻاراڻي ادب جو مسڪين جهان خان چئجي ته غلط نه آھي، ھن کي ٻاراڻي ادب جو ساڌو هيرانند به چئجي ته وڌاء نه ٿيندو... ان ٻاراڻي ادب کان سواءِ هن جو وجود ئي نه آهي، ھي آهي منظور...! منظور ٻارن کي منظور، سڀني کي منظور جنهن جو اصلي نالو منظور سومرو ٻاراڻي ادب جو وڏو نالو ٻاراڻي ادب جو پروانو...المعروف پروانو سيوهاڻي جنھن جو وجود ئي ھڪ ڪهاڻي آھي... ھي ھڪ اک ھڪ ھٿ ھڪ ٽنگ ڪمزور زبان سان ڳالهائي ٿو. ھڪ ٽنگ تي ھلي ٿو لکي ٿو پڙھي ٿو پڙھائي ٿو ۽ اسان کي اسان جي قوم جي مستقبل جي ٻارن، اکين جي تارن کي ڪتاب لکي ڇپائي گهر گهر در در ورھائي ٿو؛ ھي ٻاراڻي ادب جو ھيرو پورهيت اديب آھي. ھن اسان کي تمام وڏا سهڻا ڪتاب ڏنا آھن. ويجهي ماضي ۾ ٻاراڻي ادب ۾ ھن کان وڌيڪ ڪنهن جو پورھيو نظر نه ٿو اچي.
پروانو پنهنجي ھن آتم ڪٿا ۾ پنھنجن ٻالڪپڻ جي حرڪتن واري زماني جي ھڪ واقعي جو خوبصورتيءَ سان ذڪر ڪيو آهي، جنھن ۾ رات جي بيگاهه وقت ۾ ٽارچ (جنھن کي پاڻ اليٽري چوندو ھو) جي بلب ٽٽڻ تي نئون بلب وٺڻ لاءِ ضد ڪري پنهنجي ماسڙ جنھن کي پيار مان بابا سائين ڪوٺيندو ھو کي مجبور ڪيو، نيٺ ان پنھنجي ننڍي پٽ کي چيو ته ھن کي کڻي وڃي ۽ بند دوڪان کولرائي بلب وٺي ڏئي؛ جيسيتائين سندس ٽارچ نه ٻري تيسيتائين ھن سڄو گهر مٿي تي کڻي کنيو. ”ننڍپڻ جا عڪس“ ۾ پاڻ پنھنجي امڙ جي زباني اھو ٻڌڻ کان پوءِ ته ھن ۾ ڄمڻ مهل ساھ نه ھو پر ڪيئن نه ماسڙ (بابا سائين) جي چوڻ تي گهر جي عورتن خاص طور سندس وڏي ڀاڄائي وات تي وات رکي ھن جا ڦڦڙ ڦوڪي ڦوڪي نيٺ ساھ وڌو ۽ جيئرو ڪيو، انڪري ان ٻڌڻ کان پوءِ ھو سندس تمام گهڻي عزت ڪندو ھو. ساڳي مضمون ۾ پرواني ڪيڏي نہ معصوميت سان پنهنجي جيجل ماءُ کي ململ جو پهراڻ پائيندڙ ۽ ڪلهي تي انگوشو رکندڙ پنهنجي اصلي پورھيت بابي بدران سوٽ بشٽ (پينٽ شرٽ) وارو پاڙيسري جيڪو ٽائون ڪاميٽي جو سيڪريٽري ھو نئين بابي طور سودو ڪرڻ بابت چيو ھو!
ھن ڪتاب ۾ پروانو پنهنجي والدين جي خواهش ته من مدرسي ۾ پڙھي پوي مٿان ڪهڙين اٽڪلن ۽ حرفتن سان پاڻي ڦيريو ۽ ان سان گڏ اسڪول کان گسائڻ، بار بار ناپاس ٿيڻ ۽ استادن جي مار بابت پڻ رقم طراز آھي... ”ھا... ھڪ ڳالھه ياد اچي وئي، آئون ٽيون درجو پڙهندو ھئس، اسان جو ڪلاس سائين ھيڊ ماستر جي آفيس سان گڏ ھوندو ھو. ڪلاس ۾ استاد نه ھجڻ ڪري ڇورن ڏاڍو گوڙ پئي ڪيو ته اوچتو ھيڊ ماستر ڪاوڙ مان اسان جي ڪلاس۾ آيو ۽ اچڻ شرط اسان سڀني کي اھڙي ته مار ڏنائين جو اسان جا ھٿ سڄائي ڇڏيائين، ڪيترا ڏينھن ته امان گھر ۾ ھيڊ تيل پئي ھنيو.“ پاڻ ”منظور مان پروانو سيوهاڻي“ ۾ ٻڌائي ٿو ته ھو پنهنجي وڏي ماسات کان روز پوسٽ ڪارڊ لکرائي ريڊيو جي پروگرامن ۾ موڪليندو ھو ”اھو ڏينهن خالي نه ھوندو ھو جنهن ڏينهن منهنجو نالو ريڊيو ۾ نه اچي. جنهن وقت فرمائشي پروگرام ايندو ھو ته ريڊيو ڀرسان رکي گهر وارن کي سڏ ڪري چوندو ھئس ته اچو منهنجو ريڊيو ۾ نالو ٻڌو، ۽ جڏھن ريڊيو ۾ ’سيوھڻ کان منظور سومرو‘ نالو ايندو ھو ته ڏاڍو خوش ٿيندو ھئس. پاڻ ٻڌائي ٿو ته ريڊيو ٻڌندي ’پرواني‘ جو لفظ منهنجي اندر ۾ گهر ڪري ويو ۽ دل ۾ پڪو پھه ڪيم ته اڄ کان پوءِ آئون به پروانو سڏائيندس. پوءِ ان ڏينهن کان اڄ ڏينهن تائين پروانو ئي آھيان“
مون جڏھن ”رانديڪا ۽ رانديون“ ۾ پرواني جي ٻالڪپڻي جي راندين چور-پوليس راند، لاٽون ڦيرائڻ، چيڪي مٽي جا رانديڪا ٺاھڻ، بلورن راند، چانڊوڪي راتين ۾ اکٻوٽ راند، ڦر ڦر سئونٽو دٻلي ٿي ڇڻڪي راند، لغڙ اڏائڻ (ڪاوا ڪٽي ھٿ سان مانجهو ٺاھي لغڙ ڪاٽا ڪرڻ)، طوطو ۽ بلبل پالڻ جهڙين راندين بابت پڙھيو ته سچ پڇو ته مون کي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ اھي منهنجي ننڍپڻ جا قصا ۽ رانديون ھجن ڇو ته مون پاڻ پنهنجن سئوٽن ماساتن سان اھي ئي رانديون کيڏيون ھيون. اھو سڀ پڙھندي ھڪ عجيب خوشي، مسرت ڀريو ۽ پنهنجائپ جو احساس دل ۾ پيدا ٿئي ٿو ته اسان جي ننڍپڻ ۾ جيتوڻيڪ غربت گهر ڪري ويٺي ھوندي ھئي پر پوءِ به اسان دوستن يارن سان ڪيڏا نه خوش ھوندا ھئاسين ۽ ڪيڏي نه پياري زندگي گذاريندا ھئاسين! اڄڪلھ دوست يار ھڪ ٻئي کان پري پنھنجن پنھنجن موبائيل فونن ۾ مصروف نظر ايندا آھن! ساڳئي مضمون ۾ ٻڌائي ٿو ته جيتوڻيڪ پاڻ پڙھڻ کان نٽائيندڙ ھو پر گورنمينٽ بوائز ھاء اسڪول سيوھڻ جي ھيڊ ماستر سائين غلام حيدر سولنگي جي مدد سان تقريري مقابلي ۾ شريڪ ٿيو ۽ پهريون دفعو تقرير ڪندي ڪلاس ڇهين مان جسماني طور معذور ھوندي به پهريون نمبر حاصل ڪيائين، اھو واقعو سڀني ٻارن لاءِ اتساھيندڙ آھي.
ھن آتم ڪٿا ۾ پرواني سيوھاڻي جو ستين ڪلاس ۾ لڳاتار ٽي سال ناپاس ٿيڻ تي شرم کان ۽ مار جي ڊپ کان گهر کان منهن ڪري ريل گاڏيءَ تي چڙھي سکر ڀڄي وڃڻ، اتي بک کان پاھ ٿيڻ، پنڻ، معصوم شاھ جو منارو گهمڻ ۽ ڪيترن ڏينهن کان پوءِ پنهنجي ماڳ ورڻ ۽ ماءُ پيءُ سان ۽ مائٽن سان ملڻ جهڙا واقعا تمام معصوميت ۽ سچائي سان قلمبند ڪيا ويا آھن. ان کانسواءِ سندس ”ننڍپڻ جا اڻوسرندڙ واقعا“، ”ڪاش راڳ سکان ھا...“، ”عشق... ۽ پروانو“ ۽ ”سنڌ جا ماڳ ۽ تاريخي منظر“ ۾ انيڪ، تمام دلچسپ ۽ کل ڏياريندڙ واقعا سولي سنڌي ۾ پيش ڪيل آھن.
منظور سومري مان پروانو سيوھاڻي ڪو ايئن ڪون ٿيو آھي پر ھن ان لاءِ ڏينھن رات ھڪ ڪئي آھي ۽ پنهنجو رت ۽ ست ولوڙيو آھي. پاڻ ”آئون ڪمرو ۽ ڪتاب“ ۾ ننڍپڻ جي انهي راز کي فاش ڪندي رقم طراز آھي ته ”سڄو ڏينهن پيو پنھنجي ڪمري ۾ ڪتابن جو مطالعو ڪندو ھئس. مون کي خبر ھئي ته ڪتابن جهڙو ڪو ٻيو دوست نه ٿو ٿي سگهي. جيڪا به خرچي ملندي ھئي اھا ڪتابن تي خرچ ڪندو ھئس. مون وٽ تمام گهڻا ڪتاب گڏ ٿيا هئا ۽ مون ھڪ ننڍڙي لائبريري پڻ ٺاھي ھئي...“ پروانو سيوھاڻي استاد بخاري کي پنهنجو ادبي ۽ روحاني رھبر سمجهي ٿو جنهن ھن کي نه رڳو پروانو تخلص جاري رکڻ تي ھمٿايو ۽ سندس شاعري جي اصلاح ڪئي پر ادبي رسالي جي سلسلي جو نالو ”سرھاڻ“ رکڻ ۽ شروع ڪرائڻ ۾ مدد پڻ ڪئي. ھن سلسلي ھيٺ پروانو سيوھاڻي چوي ٿو ته منهنجو پهريون ڪتاب (انڌي فقيرياڻي) ڇپجي ٻاراڻي ادب ۾ پڌررو ٿيو... منھنجو اھو پهريون ڪتاب ٻارن ۾ ايترو ته مشهور ٿي ويو ته ٻار جتي به مون کي ڏسندا ھئا ته چوندا ھئا ”اڙي ھو ڏسو انڌي فقيرياڻي پيو وڃي. ٻارن جا اھي لفظ ٻڌي آئون تمام گهڻو خوش ٿيندو ھئس... ان کانپوءِ اڄ ڏينهن تائين سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ مون سٺ کان وڌيڪ ڪتاب ڇپرائي ٻاراڻي ادب ۾ پڌرا ڪيا آھن... اڃا به ٻارن لاءِ ڪتاب ڇپرائيندو رھندس... جيسين ٻارن ساٿ ڏنو.“
ھي ڪتاب پنهنجي مصنف جيان سنڌي ٻاراڻي ادب توڙي عام ادب ۾ نهايت اھم ڪتاب جي حيثيت سان جاءِ والاري ٿو.
سنڌي ٻاراڻي ادب جو عاشق
-ــ عبدالحئي ڀٽو
مان شاعر سھڻي سرتيءَ جو،
مان شاعر جيجل ڌرتيءَ جو،
منهنجي سوچن مان جي گيت بڻيا،
سي گيت منهنجا ميت بڻيا.
سنڌ، سونهن، سچ ۽ امن جي ڌرتيءَ آهي، جيڪا هميشه اديبن، شاعرن، سگهڙن ، سالڪن، محققن ۽ دانشورن کس پنهنجي ڪک مان جنم ڏيندي رهي ٿي. انهن مان سيوهڻ شريف سان تعلق رکندڙ ۽ سنڌي ٻاراڻي ادب جو پروانو به هڪ آهي.جنهن پنهنجي سڄي زندگي سنڌي ڌرتيءَ جي ٻارن لاءِ ارپي ڇڏي آهي. هو سنڌي ٻاراڻي ادب جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ هر وقت سوچيندو، لوچيندو ۽ جاکوڙيندو رهي ٿو.
پروانو سيوهاڻي انسانيت سان گڏ معصوم ٻالڪن سان بيحد پيار ڪري ٿو. هو دوستن جو دوستن جو دوست آهي. پروانو سيوهاڻي چوندو آهي ته ”جڏهن آءٌ گلن جهڙن پيارن ٻارڙن لاءِ لکندو آهيان، ان وقت مون کي سڪون ملڻ کان سواءِ وڌيڪ لکڻ جو اتساهه ملندو آهي، ڇو ته لکڻ منهنجي زندگي آهي.“ تڏهن ته استاد بخاري چيو آهي:
لکڻ زندگيءَ آ زندگي ڪيئن ڇڏجي،
لکڻ بندگيءَ آ بندگي ڪيئن ڇڏجي،
ڏکيي کان ڏکيو عشق اکرن جو آ،
رکي دوستي، دوستي ڪيئن ڇڏجي.
پروانو سيوهاڻي ٻارن جو محبوب ليکاري آهي. جنهن جي تخليقن جي سٽ سٽ ۾ بي پهچ مظلوم ٻارن جا ڏک ،درد ۽ سمايل آهن. اسان جي پياري۽ سادي پرواني جي من ۾ حسد ،ساڙ ۽ نفرت ڪو نه آهي. پروانو جڏهن به ڪنهن به ادبي پروگرام ۾ مون سان ملندو آهي ته وڏو ڀاڪر پائي ملڻ سان گڏو گڏ ڪو نه ڪو ادبي ڪتاب به ڏيندو آهي ۽ مون کي چوندو آهي ته عبدالحئي مان تنهنجي ان ڪري عزت ڪندو آهيان، جو تون مسلسل ٻالڪن لاءِ لکي رهيو آهين.
حقيقت ۾ پروانو سيوهاڻي ٻارن لاءِ لڳاتار لکندو رهيو آهي. ديس جي ٻالڪن سان سچائي، ايمانداري ۽ محبت وارو تعلق برقرار رکندو پيو اچي. جنهن تي آءٌ کيس جس ڏيندي سلام پيش ڪيان ٿو. سنڌي ٻوليءَ جي عوامي شاعر استاد بخاريءَ پرواني جهڙن شخصن لاءِ چيو آهي ته :
جو عام اجاري اهو جيئندو رهندو،
جو قوم جياري اهو جيئندو ،
مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آ ،
جو سنڌ سنواري اهو جئندو رهندو .
پرواني سيوهاڻي جي سنڌي ٻاراڻي ادب سان انس آهي، جو هن عمر ۾ به ٻارن لاء لکي رهيو آهي.هن بيباڪ ۽ خود دار تخليقڪار کي سموري جا ليکڪ عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا. پرواني جو ٻاراڻي ادب ۾ گهڻو ڪم ٿيل آهي، ان وڏي ڪم جو کيس داد به ڏيڻ گهرجي.
پروانو سيوهاڻي سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ ڪم ڪندي ڪڏهن به ٿڪو ناهي، سيوهڻ شهر جو پروانو سڄي سنڌ جي ٻارن محبتون ۽ مرڪون ڏيندو رهي ٿو، ان جي سڄي زندگي ٽهڪن، مرڪن، خوشين سان ڀريل رهي آهي. دعا آهي ته ساڳيي جوش ۽ جذبي سان ٻارن لاءِ لکندو رهي. آءُ سنڌ جي نامور شاعر، محقق، ايڊيٽر، پبلشر پنهنجي دوست مير حاجن مير کي جس ۽ آفرين آهي جو پرواني سيوهاڻي جي فن ۽ شخصيت تي هڪ خوبصورت ڪتاب مرتب ڪري آهي. مضمون جي آخر ۾ آءُ پرواني کي هنن سٽن سان مڃتا ڌيان ٿو.
سنڌي ٻاراڻي ادب جو ستارو آهي پروانو سيوهاڻي
ادبي دوستن جو چمڪندڙ تارو آهي ، پروانو سيوهاڻي
جيڪو هر وقت سمورن ٻارن سان محبت ڪري ٿو
۽ سيوهڻ وارن کي گهڻو پيارو آهي پروانو سيوهاڻي
(عبدالحئي ڀٽو)
هر وقت فل مذاق مستيءَ ۾
- علي اصغر اوٺو
موجوده دؤر ۾ پروانو سيوهاڻي ٻاراڻي ادب جي حوالي سان املهه هيرو آهي.گورنيمنٽ ڊگري ڪاليج سيوهڻ ۾ پڙهڻ دوران سائين پرواني صاحب کي ڪيترائي ڀيرا ڪاليج ۾ ايندي ڏسندا هئاسين ، پر خبر نه هوندي هئي ته هي هيڻو ڪمزور ڪو وڏو ليکاري آهي.جڏهن ايم اي ڪئي سين تڏهن خبر پئي ته سيوهڻ ۾ هي ڏٻرو شخص وڏو ليکڪ آهي ۽ ادبي ميدان ۾ هر صنف تي ڪم ڪندو رهي ٿو.
سائين پرواني سيوهاڻي سان منهنجي پهرين ملاقات سيوهڻ ڪاليج ۾ ليڪچرر ٿيڻ دوران سائين نور محمد سيال صاحب جي آفيس ۾ ٿي. جتي مون کان پڇيائون ته ڪهڙي صنف تي لکندا آهيو ، مون جواب ڏنو ته سائين فلحال مون ڪجهه به نه لکيو آهي .باقي سيوهڻ شهر تي ايم فل ڪرڻ جو ارادو رکان ٿو.پاڻ چيائون ته ڪنهن سيوهڻ جي شخصيت تي ڪر، مون پڇيومانس ڪهڙي شخصيت تي ڪريان، چيائين سڄو سيوهڻ ڀريو پيو اٿئي.
سائين پروانو سيوهاڻي جتي به ويهندو اتي ٽهڪڙا ئي ٽهڪڙا هوندا آهن ۽ هر وقت فل مذاق مستي ۾ نظر ايندو آهي. ان کان پوءِ جڏهن مون ايم.فل پئي ڪئي ۽ ان لاءِ موضوع به سيوهڻ جي شخصيت ، پروفيسر محبوب علي چنا چونڊيو ته ان دوران مون ساڻس ملاقات ڪئي، ان دوران مون کي ٻڌايائون ته مون سرهاڻ پبليڪيشن طرفان 1982ع سائين محبوب علي چنا تي هڪ خاص نمبر شايع ڪيو هو جنهن جو عنوان هو ( محبوب جي ياد ۾) پر يار اهو ڪتاب هيئنر اڻلڀ آهي. مون وٽ به ڪاپي ڪانهي ، بس اهو ڪتاب هٿ ڪر ان مان چنا صاحب جي حوالي سان ڪافي مواد ملي ويندئي.
پوءِ جڏهن مون کي خبر پئي ته سيوهڻ جو سينيئر وڪيل نور محمد شيخ به محبوب علي چنا سيوهاڻي جو شاگرد آهي ، ته جڏهن مان ان کان انٽرويو ورتو ته پاڻ چيائين ته ، پرواني سيوهاڻي، سائين محبوب علي چنا جي شخصيت تي هڪ خاص نمبر شايع ڪيو هو ، جنهن جي ڪاپي مان سنڀالي رکندو پيو اچان،مان انتهائي خوش ٿيس پوءِ ته سائين کي چيم ته وار ڪيو اها ڪاپي مون کي به گهرجي ان ڪتاب لاءِ مان ڏاڍي پڇا ڪئي آهي، ڪنهن وٽ به ڪاپي نه ٿي ملي .سائين نور محمد شيخ صاحب اها ڪاپي ڏني جيڪا مون فوٽو ڪاپي ڪرائي شيخ صاحب کي واپس ڏني.
جڏهن ان ڪتاب کي پڙهيم مون کي چنا صاحب جي متعلق ڪافي نيون ڳالهيون مليون، جيڪي مون پنهنجي ٿيسز ۾ شامل ڪيون آهن . سائين پرواني سيوهاڻيءَ جو ٿورائتو آهيان جو سندس مرتب ڪيل ڪتاب مون کي هٿ اچي ويو جيڪو مون لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيو. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته سائين پروانو سيوهاڻي هڪ محنتي ۽ جاکوڙي انسان آهي، جيڪو اڃا تائين جاکوڙيندو رهي ٿو.
پاڻ هڪ بهترين شاعر آهي سندس ڪيترائي غزل، بيت، وايون، چوسٽا مختلف رسالن ۾ ڇپيل آهن. جڏهن منهنجي سنڌي ادبي سنگت شاخ سيوهڻ ۾ سائين نظير حيات سيوهاڻي جي معرفت شموليت ٿي ته ان دوران ادبي سنگت جي مختلف گڏجاڻين ۾ سائين پرواني سان ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن۽ پرواني جي شخصيت ،فن۽ ڪردار مان گهڻو ڪجهه پرايو ، هيئنر به ڪٿي رستي پنڌ ۾ ملندو آهي ته مان پنهنجي استاد جيان ادب احترام سان ملندو آهيانس، مالڪ کيس وڏي ڄمار ڏئي.
چمڪندڙ ستارو پروانو سيوهاڻي
- فقير شان سيوهاڻي
پروانو سيوهاڻي سنڌي ٻاراڻي ادب جو نامور نالو آهي، اهڙا ماڻهو چمڪندڙ ستاري وانگر هوندا آهن. جيڪي نامورن، اديبن ،۽ شاعرن ۾ اهم حيثيت رکندا آهن. هي نامور عوامي شاعر استاد بخاريءَ جهڙي شخص کان سکيا وٺي ، شاعريءَ، ڪهاڻي ۽ ڊرامي جا گر سکيو.
مون کي پڪي يادگيري آهي، ته جڏهن مان هاءِ اسڪول ڀان سعيد آباد ۾ اٺين جماعت ۾ پڙهندو هئس ته، ”سرهاڻ پبليڪيشن“ جا ڪتاب کڻي جڏهن هاءِ اسڪول جي ڪلاس ۾ داخل ٿيندو هو ته جلدي جلدي ڪري سائين پرواني سيوهاڻيءَ کان ڪاپي خريد ڪري وٺندو هئس. ته جيئن رسالي جون ڪاپيون ختم نه ٿي وڃن، ڇو ته اڪثر شاگرد رسالا وٺندا هئا.
ننڍپڻ کان تقريرن ۽ اسڪول ۾ ٽيبلن ۾ حصو وٺڻ جي ڪري سائين پرواني سيوهاڻي جي ڪتاب ’ٽياسي جا ٽي ناٽڪ‘ دلچسپيءَ سان پڙهندو هئس . جنهن ۾ مڪالمن جي هڪ نئين جدت هوندي هئي، جنهن ۾ جملن جي ادائگي ۾ لفظن جي اتار چڙهاءُ ۾ ڳالهائڻ سان اندر جي ڪيفيت ظاهر ٿي پوندي هئي.
پاڪستان ٽيليويزن سينٽر ڪراچيءَ تان پرواني سيوهاڻيءَ جا مشهور ڊراما ”واچوڙو“ ”رات کان پوءِ“ ”اڌورو ماڻهو“وغيره نشر ٿيا. اڌورو ماڻهو ۾ شفيع محمد شاهه مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو. پرواني سيوهاڻيءَ کي هر هفتي 13 سون جو چيڪ هرهفتي پڻ ملندو هو.
پرواني سيوهاڻي سنڌ جو سرمايو آهي. الله تعاليٰ کيس وڏي ڄمار ڏي، آءُ جس ڏيان ٿو مير حاجن مير کي جنهن سنڌ جي نامور اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس، ايڊيٽر، پبلشر، پرواني سيوهاڻيءَ تي ڪتاب مرتب ڪري کيس ڀرپور ڀيٽا ڏئي، پنهنجو فرض پورو ڪيو آهي.
پرواني سيوهاڻي ڏي آيل دوستن جا خط
پيارا پروانا سيوهاڻي!
اسلام عليڪم!
اميد ته خيريت سان هوندا.
مٺڙا اوهان سان ،اوهان وٽ 16.01.1999 تي سائين مقصود گل ۽ منهنجي گڏيل ملاقات ٿي هئي،جنهن ۾ اوهان ڪهاڻين جو مجموعو ”اڏام“ تحفي طور ڏنو هو .ڪافي وقت گذرڻ ۽ مصروفيت کان پوءِ هي ٻه اکر عرض طور لکي رهيو آهيان . پيارا اسان رتو ديرو شهر مان ننڍڙو ميگزين مٿي ڄاڻايل نالي سان هن ئي مهيني ۾ ڪڍي رهيا آهيون سو انهيءَ لاءِ اوهان جي سهڪار جي سخت ضرورت آهي. ڪاپيءَ جو ٽائيٽل اوهان ڏانهن موڪليان ٿو،ٻيو سڀ سک.
سلام سر مقصود گل، مختار، ناصر۽ ياسر جا قبول ڪندا،سلام سموري سنگت کي چوندا.
فقط اوهان جو
ايم عظيم جلباڻي
چيف ايڊيٽر
ماهوار رتوديرو ٽائمز
16.04.1999
محترم پروانا سيوهاڻي!
موضوع : ادبي ايوارڊ ــ انعام جي باري ۾
پيارا سائين ،
السلام عليڪم!
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرمن جي حيثيت ۾ آءُ اوهان کي مبارڪباد ٿو ڏيان ته 1997ع ۾ ڇپيل اوهان جي ڪتاب ”اڏام“ کي ججن پئنل سال 1997ع ۾ ٻاراڻي ادب (نثر) جي صنف جو بهترين ڪتاب قرار ڏيندي ، اوهان کي ادبي ايورڊ ــ انعام جو حقدار قرار ڏنو آهي.
اداري پاران ڪنهن مناسب موقعي تي تقريب ڪوٺائي ،اوهان کي ايوارڊ ــ انعام ڏنو ويندو.
اوهان جو مخلص
ڊاڪٽر غلام علي الانا
چيئرمن
سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
حيدرآباد
04.09.1999
محترم چاچا پروانا!
شَلَ سُکيا رهو.
خط مليو ،ياد ڪرڻ لاءِ مهرباني !
هڪڙي ڳالهه سچي ٻڌايانوَ؟ هن خط ۾ الائي ڇو اکر اوهان جا ڪونه لڳا. ڇو ته اُهي اکر جيڪي منُهنجي ياداشت ۾ ننڍپڻ کان محفوظ آهن . هي اکر اُنهن اکرن کان مختلف آهن . يا ته اوهان پنهنجو سيڪريٽري رکيو آهي. يا وري اوهان جا اکر تبديل ٿي ويا آهن. بهر حال مُون کي قصو سمجهه ۾ نه آيو. اوهان کي سمجهه ۾ آيو هُجي ته پوءِ مُون کي به سمجهائيندا.
اوهان جو ڪتاب پيو اچي، مُبارڪون هُجنوَ هيترن ڏينهن جي خاموشيءَ کان پوءِ مَسَ ڪو قدم کنيو اٿوَ! اسان به وڏا ٿياسين ته اوهان به ”سرهاڻ“ بند ڪري ڇڏيو. وري سُرهاڻ پبليڪيشن پاران ڪو ڪتاب ڪونه آئيو .
بهرحال ! ضرور ڪي مجبوريون هونديون ، ڪتاب اچڻ کان پوءِ شادي به ڪريو .ته اچي اوهان جو ڀت کائي وڃون ــ چاچا سيوهڻ اچجي ته اوهان سان ملڻ لاءِ ڪٿي اچجي؟ ڪيئن اچجي؟ تفصيل سان لکندا پر خط پاڻ ئي لکندا ته مهرباني
سڪ مان
ياسر قاضي
مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي
نواب شاهه
15.04.2001
سو ڏينهن ياد ناهه جو مون کان خطا نه ٿي.
پر هي به ياد ناهه جو توکان عطا نه ٿي.
(مدهوش)
محترم نورچشم پروانا صاحب !
اسلام عليڪم
11آگسٽ تي انشاالله اول خير ته آءٌ ايندس،ڇو ته خوشيءَ جهڙي ڳالهه آهي جو اوهان سان (ڊراما) وارن طرفان هڪ سانوڻي جي رُت ملهائي پئي وڃي. هڪ ڳالهه اڳواٽ پيش ڪري ڇڏيان ته ادب جي سڃاڻپ ئي نه رهي آهي . اهڙن موقعن تي عمر رسيده بزرگ قلمڪارن جي پوري عزت يا ديک بال نه ٿيندي آهي. ۽ اهڙي حال ۾ ويتر ئي ڏک رسندو آهي.
واسلام
اوهان جو پنهنجو
احمد خان مدهوش
(جوهي)
24.07.2001
پيارا ڀاءَ پروانا سيوهاڻي!
اسلام عليڪم
توهان جي پياري امڙ جو هن فاني جهان مان لاڏاڻي جو اخبار ۾ پڙهيم، ڏاڍو ڏک ٿيو،الله کين جنت ۾ جاءِ ڏيندو (آمين) اسان سدائين دعاگو رهنداسين .
توهان جون ٻارڙن جي ادب لاءِ ڪيل ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، وقت مليوَ ته پير الاهي بخش اڪيڊمي (ڀان) ۾ شاگردن سان هڪ شام ملهائيندا ۽ دعائن ۾ ياد ڪندا. وسلام
دعاگو ۽ خير انديش
پير مظهرالحق
سياستدان
(پير الاهي بخش اڪيڊمي)
ڀان، دادو
03.0
پيارا پروانا سيوهاڻي!
اسلام عليڪم
شال زندگيءَ جي هر موڙ تي عظمت اوهان جي آجيان ڪري.
مانوارا مٺڙا!
جيئن ته ڪجهه وقت اڳ يعني 17.4 تي مون اوهان ڏانهن هڪ هڪ ننڍڙو خطڙو لکيو هو، شايد اوهان جي مصروف هجڻ ڪري جوابي موٽ ڪانه آئي.
مٺڙا!
اوهان جي والده جو جو اوچتو فوت ٿي وڃڻ جو ٻڌي ڏاڍو ڏک رسيو . شال امڙ کي خدا پاڪ جنت الفردوس ۾ اعليٰ جڳهه عطا فرمائي۽ اوهان کي صبر سهڻ جي توفيق عطا فرمائي. پيارا اسان اوهان سان اهڙي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.
ٻيو سڀ سک۽ سلام،اسلام سائين مقصود گل،مختيار، ياسر،ناصر جا قبول ڪندا
اوهان جو ازل کان
ايم عظيم جلباڻي
(رتوديرو)
12.08.2001
مان پاڻ ٻڌايان پنهنجي سزا جي صاحب، ٿورو ڌيان ڏيو!
مون لاءِ وٽو ڪو وهه هجي يا سينگاريل ڪو دار هجي.
(منٺار)
محترم ڀاءَ
پروانا سيوهاڻي !
اميد اٿم ته خوش هوندا!
ڪجهه ڏينهن اڳ اوهان جي رهاڻ جو دعوت نامو مليو هو ،مان سنبريل به هوس، پر اوچتو جا ليکڪ سيد علي اڪبر رضوي ۽ حسين انجم جن جي اچڻ جو پروگرام ٿيو. ڪالهه سنگت نئون ديرو پارسن سندن مان ۾ آجياڻي جي دعوت هئي، اهڙي صوتحال ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿي پئي.
سچ ته مون کي تنهنجي رهاڻ ۾ شريڪ ٿيڻ تي ۽ توتي ڪجهه ڳالهائڻ تي تمام گهڻي خوشي ٿئي ها. بهرحال مان تنهن هوندي توکان معافي ٿو وٺان، جي معافي نه ڏيندي پوءِ ايڏانهن اچي روبرو توکي پرچائبو.
ٻيا ڪهڙا حال آهن، ڀٽي صاحب ڪٿي آهي،اڄڪلهه سنگت سيوهڻ ڪجهه نظر اچي رهي آهي، جيڪا سٺي ڳالهه آهي.
اوهان جو
منٺار سولنگي
(نئون ديرو)
13.08.2001
پيارا ڀاءَ
پروانو سيوهاڻي صاحب !
اميد اَٿم ته خوش هوندا
لال جو ميلو وڏو رنگ راز هو تنهن ڪري شعر پڙهي کسڪي ويس ۽ ميلي جي رنگنين ۾ مست ٿي ويس .پورا چار ڏينهن ميلي ۾ انجوزءِ ڪيو.تنهنجي ڄاڻي واڻي جانچ نه ڪئي،ڇاڪاڻ ته ايڏي وڏي ميلي ۾ ڪنهن کي ڳولڻ ڪو چرچو ته هو .بهرحال تنهنجي مهرباني جو تو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ ان کان اڳي به خط لکيئي، سچ ته اهي تنهنجون مهربانيون آهن، پيار آهن، قرب آهن.
مان هر سال جيان هن سال به ادا رمضان جو روزو رکي ايڏانهن مرشد لال جي حضور ۾ حاضري ڀرڻ ايندس. افطاري اُتي ڪبي ، مان چاهيان ٿو ته 21 رمضمان 27نومبر تي شام جو 7 وڳي سنڌي ادبي سنگت سيوهڻ جي گڏجاڻي ڪوٺاءِ ته ان ۾ اچان.هن ڀيري اڳي وانگر دير نه ڪبي۽ پوري ٽائيم تي يعني 7بجي پهچي وڃبو. جي ميٽنگ نه ٿئي تنهن جو خير به آهي.پاڻ ۾ ڪچهري ڪري وٺنداسين ، پر جي ميٽنگ ڪريو ته پريس ۾ اهڙي خبر ڏئي چڏجو . مون پاران همراز کي سلام چوندا.
اوهان جو
منٺار سولنگي
نئون ديرو
17.11.2002
شعر برابر سڪا ناهن، پوءِ به آهيون ڌنوان،
ڪوئل ڪنهن جي لئه ڳائي ٿي، سو ڇا سمجهن نادان.
محترم ڀاءَ!
پروانا سيوهاڻي!
توهان جو خط پهتو، يادگيريءَ لاءِ ٿورائتو آهيان.
توهان جون صلاحون ۽ ڳالهيون سڀ مُلهائتيون ــ جيڪو ڪري ٿو ڪجهه نه ڪجهه پنهنجي ٻولي۽ ادب لاءِ، تنهن کي جَسُ آهي. ٻارن جي ادب جي ترقيءَ لاءِ توهان پتوڙيا ٿا، اُن لاءِ سوچيو ٿا. توهان کي سلام آهي ته ڪتابن جي سرڪيوليشن جو وڏو مسئلو آهي.وقت سر پئسا ملن ته ڪتابن جو اشاعتي سلسلو هلائڻ ڏکيو نه آهي .
ٻارن جي ادب جي تخليق توڙي ترقيءَ ۾ مان اوهان سان وس آهر سھڪار ڪندس.
سنڌي ادبي سنگت شاخ سيوهڻ جيڪڏهن ٻارن لاءِ رسالو جاري ڪري يا اوهان سان تعاون ڪري ته چڱي ڳالهه ٿيندي ـ وڌيڪ سلسلو قائم رهندو ،مارچ تائين سنگت جي مرڪزي آفيس جي سلسلي ۾ گهڻو مصروف آهيان.
سنگت کي سلام
اوهان جو پنهنجو
ادل سومرو
واريءَ تڙ سکر
21.02.2003
محترم ڀاءَ پروانا!
سچ موجود ! سنڌ موجود!
سيوهڻ ۾ رات جو ڀڄي وئين ! موڪلايئي به ڪونه ...
بهرحال”نئون گلدستو“ تيار آهي، توڏي وڪري لاءِ ڪيتريون ڪاپيون موڪلجن؟ شرافت ۽ سنجيدگي سان ڪم ڪرين ته دادوءَ ۽ حيدرآباد ۾ هول سيل جو ڪم ڪر.
فلحال 30 سيڪڙو رعايت ۽ ٽپال خرچ اسان جو هوندو، پنهنجو رسالو سمجهي ڪم ڪندي ته وهه وا ٿي ويندي.باقي اسرار جي ڪتابن وانگر ڪيئه ته پوءِ سمجهين پاڻ ٿو ، سڀني جا پيار وٺ، مختار جا گهڻا.
تنھنجو
قاضي مقصود گل
رتو ديرو
21.10.2003
محترم پروانا سيوهاڻي !
اميد ته خوش هوندا
عرض ته اسان جو پنهنجو دوست پروفيسر رياضت ٻرڙو سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي چونڊن ۾ سيڪريٽري جنرل جي عهدي لاءِ بيهاريو آهي، جيڪو اوهان جي ڪوشش سان چونڊجي سگهي ٿو .
اميد ته، نه صرف اوهان کيس پنهنجو ووٽ ڏيندا، پر پنهنجي شاخ جي سيڪريٽري منظور سحر سومري جو ووٽ به ڏياريندا ۽ ٻي پنهنجي سنگت کي به گذارش ڪندا ته مهرباني ٿيندي .
اوهان جو پنهنجو
منظور ڇڄڙو
(قمبر)
04.12.2003
پيارا پروانا !
سچ موجود ! سنڌ موجود!
تنهنجو خط مليو احوال معلوم ٿيو. اسان امتحان کان پوءِ نئين سال جي نئين ٽرم جي تيارين سبب مصروف آهيون.بس ٻن ٽن ڏينهن ۾ تنهنجا سڀ حڪم پورا ڪبا.
تون اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيندي ته اسان جي اسڪول طرفان ”ٽه ماهي گلدستو“ ٻارن لاءِ جلد تنهنجي هٿن ۾ هوندو، سيوهڻ ــ دادوءَ لاءِ ايماندار نمائندو گهرجي تو جهڙو، (ONE TEE) نه! مختار ،ناصر، ۽ سڀني جا سلام
تنهنجو پيارو
قاضي مقصود گل
(رتوديرو)
08.04.2003
منھنجا پيارا ڀاءَ
پروانا سيوهاڻي!
اميد ته خوش هوندا!
سڀ کان پھرين معافيءَ جو طلبگار آهيان جو اوهان جي خط گم ٿي وڃڻ سبب مان وقت سر اوهان جي خلوص ۽ نيڪ جذبن جي موٽ ۾ لکي نه سگهيس.
مون کي اميد آهي ته ان ڪوتاهيءَ کي معاف ڪري ڇڏيندا، جو اوهان منهنجا پنهنجا آهيو. توهان جهڙن پُر خلوص ۽ هڏ ڏوکي اديبن جو سهڪار رهيو ته سنگت جي قافلي کي اڳتي وٺي وڃبو.
خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته اوهان سنگت سيوهڻ کي سرگرم رکيو پيا اچو .ان سلسلي ۾ اوهان هڪ درخواست مون کي موڪليندا ته جيئن اوهان جي شاخ جو پڪو الحاق منظور ڪرائجي ۽ شاخ جي سرگرمين جي رپورٽ به موڪليندا. اوهان جي آجياڻي جي دعوت لاءِ ٿورائتو آهيان.22 اپريل تي موري ۾ مرڪزي عهديدارن جي گڏجاڻي آهي، اوهان جو نمبر نوٽ ڪيو آهي.
موٽ دير سان موڪلڻ لاءِ وري به معذرت
اوهان جو پنهنجو
ادل سومرو
(واريءَ جو تڙ سکر)
18.04.2003
محترم پروانا سيوهاڻي صاحب!
سلامت هجو
گذارش ته ڪجهه ڏينهن اڳ ملاقات ۾ اوهان کي ڪجهه فارم ڏنا هيم ۽ اهو عرض هوم ته سيوهڻ ۽ ان جي آس پاس جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن جو تفصيل فارمن ۾ ڀري مون کي جلد از جلد روانو ڪندا ته جيئن آئون پنهنجس زير ترتيب ڪتاب ”ڏاها ڏات ڌڻي“ ۾ شامل ڪري سگهان .
پيارا دوست! جيئن ته اڃا تائين اهي فارم موصول ناهن ٿيا.مون کي يقين آهي ته اوهان منهنجي ڪم کي نهايت خلوص نيتيءَ سان هٿ ۾ کنيو هوندو.اُن لاءِ هي خط ياداشت طور وري به لکي رهيو آهيان .
جيئن ته مذڪوره ڪتاب ڊسمبر مهيني ۾ ڪمپوزنگ لاءِ پريس ۾ ڏيندس . ان ڪري گهربل مواد جيترو به جلد ٿي سگهي يعني هفتي ٻن اندر هٿ ڪري منهنجي پوسٽل اڊريس تي موڪليندا. جيڪڏهن اوهان جو دادو اچڻ ٿئي ته پوءِ روبرو ئي ڏيو ته بهتر مون کي شديد انتظار آهي ۽ رهندو.
سلام دعائون
اوهان جو پنهنجو
بشير سيتائي
سرجڻهار پبليڪيشن
شاهه آباد محلو دادو
06.11.2003
برادرم پروانا سيوهاڻي صاحب!
سچ موجود! سنڌ موجود!
گذارش ته اوهان ڏي ”گلدستو“ جون ڏهه ڪاپيون ۽ اوهان جي ڪاپي موڪليل آهن.پر ڀريو مهينو گذرڻ بعد به نه پئسا مليا آهن نه وري رسالي جي پهچ (بيشڪ جوان جو پٽ آهين) البته روشن تارا وارن جو خط پهتو آهي جنهن ۾ اوهان جي معرفت رسالي پهچڻ جو ذڪر ضرور آهي.
هاڻي ايندڙ رسالي لاءِ پروگرام ، ڪاپين جو تعداد ۽ گذريل رسالي جا پيسا جلدي موڪلي ڏي وڌيڪ احوال ٻئي خط ۾.
گلدستي جي لاءِ چڱي طرح ڪم ڪر ، تنهنجي سرهاڻ جو ڇا ٿيو. منهنجي ڪهاڻين جو ڪتاب تيار آهي جنهن ۾ طبعزاد۽ ترجمو ڪهاڻيون شامل ڪيون اٿم موڊ هجئي ته موڪلي ڏيانءِ
تنھنجو
قاضي مقصود گل
(رتو ديرو)
12.12.2003
محترم پروانا سيوهاڻي !
موضوع: 1999ع ۾ اعلانيل ادبي انعامن جي رقم
محترم سائين،
السلام عليڪم !
اوهان صاحبن کي ڄاڻ ڏيندي خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون ته سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ، 1999ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مختلف ڪتابن تي اعلانيل انعامن جي رقم ، انعام حاصل ڪندڙ ڪتابن جي ليکڪن ۽ شاعرن کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
انعامن جي رقم 10 جولاءِ 2004ع تي ”شاهه لطيف، سنڌي ٻولي ۽ سماج“ جي عنوان سان ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ ڏني ويندي ، جيڪا سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي ڊاڪٽر نبي بخش ھال ۾ ڪوٺائي پئي وڃي.
اوهان صاحبن جو ڪتاب جيئن ته انعام لاءِ چونڊيو ويو هو ، ان ڪري اوهان کي هن اطلاع سان گڏ مذڪوره ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏجي ٿي. اميد ته وقت تي شريڪ ٿي، پنهنجي انعامي رقم حاصل ڪندا.
اوهان جو مخلص
ماجد برفت
سيڪريٽري
(سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو)
حيدرآباد
01.07.2004
پيارا ! پروانا سيوهاڻي
اُميد ته خوش هوندي !
سيوهڻ وارو ميلو خيرسان پورو ٿيو ۽ تو اُن ۾ پنهنجو پاڻ خوب نباهيو. مبارڪ هجنئي. ۽ هاڻي تون بلڪل آزاد هوندين، ان ڪري يار”گل تارا“جي ڇپائي جي سلسلي ۾ سنجيدو ٿي ته بهتر، ڇو ته وقت پاڻيءَ وانگيان وهي پيو!
منهنجي آفيس”آگم“ ۾ فون به لڳو آهي. آئون يارهين وڳي صبح کان شام 5 وڳين تائين ويهندو آهيان، بس جلدي ڪر.
فقط تنهنجو
عاشق
نثار حسيني
(حيدرآباد)
19.10.2004
محترم ڀاءَ
پروانا سيوهاڻي صاحب !
اميد ته خوش هوندين!
مون سدائين توکي دعوتون پئي ڏنيون ته هتي اچ، ۽ جڏهن تون هتي آئين ته مان ڪونه هئس .اهو عجيب اتفاق هو ، جڏهن تون هتي آئي هئين تڏهن مان هٿرادو جلاوطن ٿيل هئس. هاڻي وري ساڳي جاءِ تي يعني پنهنجي گهر نئين ديري ۾ ئي آهيان هاڻي جيڪڏهن هتي ايندي ته ڏنڊ به ڀربو .
لال تي اچڻ لاءِ ته مون کي بهانو گهرجي تنهن ڏينهن ۾ مدهوش واري رهاڻ جو به هڪ بهانو هو .۽ اَچي نِڪتسُ . يقين ڪر ان ڏينهن ڏاڍو مزو آيو .اوهان جو پروگرام ۾ انتظام ڪافي بهتر هو . اوهان کي ۽ سموري سنگت کي واڌايون هجن، هڪ سٺي پروگرام منعقد ڪرڻ تي.
اميد ته پنهنجي تازي احوال کان واقف ڪندا، همراز کي سلام ڏيندا.
اوهان جو پنهنجو
منٺار سولنگي
نئون ديرو
02.08.2004
محترم پروانا سيوهاڻي !
سچ موجود، سنڌ موجود
گذارش ته تون آيو هئين پرملاقات نه ٿي سگهي، تنهنجا پئسا 100 روپيا مليا هئا .
هي نئون گلدستو حاضر آهي، جيڪڏهن فضيلت سان رسالو ڊسٽربيوٽ ڪرين ته لکي ٻڌاءِ ، سڄو دادو ضلعو ، حيدرآباد ۾ به ڪٿي ڪونه ٿو وڃي ، جيڪڏهن سيريس ٿي ڪم ڪرين ته لکي ٻڌاءِ ته ايندڙ رسالو وڌيڪ ڇپرايون نه ته بس.
تون پنهنجو به ڪم ڪونه ٿو ڪرين، نه ”سرهاڻ“ نه ٻيو ڪو اشاعتي ڪم .مان ڪهاڻين جو مجموعو ”سفيد هاٿي“ ۽ شاعريءَ جو مجموعو ”چنڊ نچي ٿو“ تيار ڪيو ويٺو آهيان ،پر تون ڪم ڪرڻ جي موڊ ۾ ئي ناهين ،مان ڇاڪيان؟
ٻيو سڀ سک آهي، هيل ميلي تي به گهڻو ڪري ڪونه اچبو.ڪجهه طبيعت جي ناسازي ، ڪجهه وري سنگت جي روئين ۾ تبديلي.
همراز جي پيار، مختار جا قرب وٺ گلدستي لاءِ مواد ،ڪا نئين ڪهاڻي،ڪا سٺي شاعري، ڪو مضمون ، سيوهڻ جي ڪهاڻي، سخي شهباز قلندر،بودلو بهار، لڪيءَ جا گرم چشما ، سونو دروازو، لڪيءَ جا جبل، منڇر ۾ چنڊ جو ناچ ، منڇر ڪناري مهاڻن جا ٻار، سج کان انٽرويو، اهڙا ٻيا کوڙ موضوع آهن جن تي ٻارن لاءِ ٻاراڻي ٻوليءَ ۾ لکي سگهجي ٿو. بهرحال گلدستي سان سهڪار ڪر ، گلدستو حيدرآباد پهچاءِ ،نه ته اهڙو تبرو ڪندوسانءِ جو سيوهڻ وارو ڏسندءِ ۽ کلندءِ، سدائين گڏ.
تنهنجو پنهنجو
قاضي مقصود گل
(رتو ديرو)
23.09.2004
مانائتا ڀاءَ
پروانا سيوهاڻي صاحب !
ميلي تي حاضري ڀري وياسين مڪمل پنج ڏينهن هئاسين، اوهان جي بلڪل ئي ويجهو هئاسين، همراز اُتي مليو ، همراز ته گذريل سال به ساڳي جاءِ تي مليو هو. بس مرشد جو ميلو هو ۽ ماڻهن جو سمنڊ هو، جنهن ۾ اهي ڏينهن اهي گم هئاسين. اوهان جي ڄاڻي واڻي جانچ نه ڪئي . هاڻي 21 رمضمان تي وري حسب روايت حاضري ڀرڻ ايندم.
دل چوي ٿي ته انهيءَ ڏينهن رات جو افطار کان پوءِ اوهان سان ڪچهري ڪجي. مان آخوند مسافر خاني ۾ گولڊن گيٽ ڀرسان هوندس. جي مهرباني ڪري اُتي اچو ( همراز سميت) ته واهه واهه نه ته مان ئي حاضري ڀريندس وڌيڪ جيئن حُڪمُ ڪيو. مطلب ته مِلجي ۽ ڪچهري ڪجي اُميد ته اوهان خوش هوندا، مون پاران همراز کي سلام چوندا.
منٺار سولنگي
نئون ديرو
20.10.2004
محترم پروانا سيوهاڻي صاحب !
اسلام عليڪم
سنڌ سلامت
گذارش ته ايندڙ تاريخ 18.04.2015 ڏينهن ڇنڇر شام جو 7 بجين شهباز آڊيٽوريم سيوهڻ ۾ روشن تارا هاءِ اسڪول سيوهڻ جو ڇويهون ساليانو يوم والدين ملهايو پيو وڃي هن پروگرام ۾ دستور جيان سگا شاخ سيوهڻ طرفان مختلف شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن شخصيتن کي مڃتا طور شيلڊون ڏنيون وينديون.
اوهان کي به ( ٻاراڻي ادب) ۾ بهترين ڪم ڪرڻ جي حوالي سان 2014.2015ع جو ايوارڊ ڏنو ويندو .مهرباني ڪري هن پروگرام ۾ شرڪت ڪري پنهنجو ايوارڊ وصول ڪندا.
عبدالغفار سولنگي
جنرل سيڪريٽري
سنڌ گريجوئيشن ايسوئيشن
شاخ سيوهڻ شريف
14.04.2015
مانائتا سائين: پروانا سيوهاڻي صاحب!
اسلام عليڪم
اُميد ته اوهان خيريت سان هوندا!
سنڌ ٻالڪ سنگت، سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻارن جي ادب جي ترقيءَ ۽ ڦهلاءَ جي سلسلي ۾ پنهنجي وسيلن جي آڌار تي ڪوششون ڪيون آهن. خاص طور تي ٻارڙن ۾ تحرير ۽ تقرير جون صلاحيتون اُجاگر ڪرڻ ۽ انهن ۾ خود اعتمادي پيدا ڪرڻ لاءِ وقت به وقت پروگرام ترتيب پئي ڏنا آهن.
اها به حقيقت آهي ته سنڌ ٻالڪ سنگت جون سرگرميون ڪافي عرصو ماٺار جو شڪار رهيون آهن، پر اها تنظيم ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان پنهنجو وجود برقرار رکيو پئي اچي.ان ڏس ۾ ٻارڙن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ، سچل آڊيٽوريم ۾ 15 نومبر تي سنڌ ٻالڪ سنگت پاران هڪ خاص تقريب جو اهتمام ڪيو ويو آهي.
انهيءَ پروگرام ۾ ٻارن جو ادب تخليق ڪندڙ ۽ ان جي ڦهلاءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ شخصيتن جي مان ۾ ايوارڊجي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي.جيئن ته اوهان جو ٻارن جي ادب جي نسبت سان نمايان خدمتون آهن.تنهن ڪري انهن چونڊ شخصيتن ۾ اوهان محترم ( پروانو سيوهاڻي) جو نالو به شامل آهي.اسان اوهان جا نهايت ٿورائتا ٿينداسين، جيڪڏهن اوهان اسان جي نماڻي گذارش قبول ڪندي ڄاڻايل تقريب ۾ شريڪ ٿي ان کي مانائتو بنائيندا.
قربان منگي
صدر
سنڌ ٻالڪ سنگت خيرپور
پرواني کي منظوم ڀيٽا
- امداد سروري
قلندر جو ديوانو پروانو
آهي پنهنجو زمانو پروانو
شاعريءَ ۽ نثر ۾ ڇا مان چوان
لفظن جو خزانو پروانو
محفل ۾ اجالو پاڻ ڪري
پنهنجي ڪم ۾ يگانو پروانو
سيوهڻ جي گلين جي رونق
محبوب جو مستانو پروانو
ڇا سوچ خيالن جي دنيا
هڪ خواب سهانو پروانو
سچ منهن تي چوندو يارن کي
حقيقت جو فسانو پروانو
هي تنها پنهنجي دنيا ۾
پنهنجن ۾ بيگانو پروانو
”امداد سروري“ دل سان چوان
آهي سنڌ جو ترانو پروانو.