ھي مقالو اصل ۾ علي اصغر اوٺي جو ايم فل لاءِ لکيل مقالو آھي، جنھن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپايو ويو آھي. علي اصغر اوٺي هن مقالي ۾ وڏي محنت ڪري پروفيسر محبوب چنا سيوهاڻيءَ جي سوانح حيات، شخصيت، فن، فڪر، سندس ڪتابن، مقالن، شاعري ۽ سندس تعليمي خدمتن بابت عرق ريزي ڪري ان جي علمي، ادبي، تحقيقي ۽ تعليمي خدمتن کي نروار ڪيو ويو آهي.
لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي
- 4.5/5.0
- 31
- 5
- آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
- ڇاپو 1
ارپنا
هي ڪتاب ڏاڏا سائين مرحوم علي محمد اوٺو، چاچا ڌڻي بخش اوٺو جنھن ننڍپڻ ۾ تڪليفون ۽ ڪشالا ڪاٽي تعليم حاصل ڪري پنھنجي منزل تي پھتو ۽ پوءِ اسان کي ننڍپڻ کان وٺي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ همٿايو.
پنھنجي سمورن استادن، جن مونکي علم جھڙي زيور سان سنواريو، پرائمري کان وٺي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي تائين.
پروفيسر محبوب علي چنا جي فرزندن محمد صالح چنا عرف (لالا ميان) نجيب الرحمان چنا مجيب رحمان چنا ،حبيب الرحمان چنا.
پبلشر نوٽ
سيوهڻ جي ادبي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته قديم دؤر کان وٺي هن وقت تائين هتان جي عالمن، ليکڪن، محققن شاعرن، اديبن، ادب ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي. اهو به هڪ سيوھڻ لاءِ اعزاز آهي ته سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جو ابو قاضي قادن به سيوھڻ جو هو، سنڌي مرثيه جو باني سيد ثابت علي شاھ ڪربلائي به سيوھڻ جو هو، جي اسان ڳولا ڪنداسين ته اهڙا ڪيئي اعزاز سيوھڻ کي نصيب ٿيا آهن. جيئن دنيا جو ڊگهي قد وارو شخص عالم چنا به سيوھڻ جو هو.
هتان جي ڪيترن ئي اديبن کي سنڌ جي ادبي تاريخن ۾ مناسب جاءِ ناهي ڏني وئي. ايئن پڻ پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻيءَ کي سنڌ جي ادبي تاريخن ۾ پڻ ڪا خاص اهميت ناهي ڏني وئي. جيڪا پڻ هڪ ناانصافي آهي. ان جو پوراءِ ڪندي اسان جي نوجوان محقق علي اصغر اوٺي، پروفيسر محبوب علي چنا سيوھاڻيءَ تي ايم فل جو مقالو لکي هڪ اهم ڪم ڪيو آهي جنھن تي کيس داد ڏجي ٿو،
علي اصغر اوٺي هن ايم فل تي وڏي محنت ڪئي آهي، ڪتاب ڦلوريا آهن، جن ماڻھن سان پروفيسر محبوب علي چنا وقت گذاريو، انھن کان انٽرويو به ورتا آهن. جنھن سان. پروفيسر محبوب علي چنا. صاحب جي شخصيت نروار ٿي پئي آهي.
علي اصغر اوٺو گهڻي وقت کان شاعري ۽ نثر لکندو رهي ٿو، سندس شاعري ته چپجي ناهي سگهي، سندس نثري ادب، مقالا مضمون ۽ ٻيا ليک چپجندا رهن ٿا. سندس هي لکيل مقالو ”پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻيءَ جي ادبي خدمتن جو اڀياس“ 2014ع ۾ سنڌ يونيوسٽي جي، سنڌي شعبي مان ڊاڪٽر نور افروز خواجه جي نگراني ۾ لکي، ايم. فل جي ڊگري حاصل ڪئي هئي. جھڙوڪ: ڏهه سال هي مقالو ڇپجي نه سگهيو.
علي اصغر اوٺي هن مقالي ۾ وڏي محنت ڪري پروفيسر محبوب چنا سيوهاڻي جي شخصيت، فن، فڪر، سندس ڪتابن، مقالن، شاعري ۽ سوانح تي عرق ريزي ڪري ۽ ان جي تعليمي خدمتن کي نروار ڪيو ويو آهي، هن ڪتاب جو پھريون باب هن تحقيق جي باري ۾ آهي، ان کي هن ڪتاب ۾ شامل ناهي ڪيو ويو، هن ڪتاب جي ٻئي باب کان شروعات ڪئي وئي آهي. اسان جي اداري جو هي ڪتاب اوهان کي ضرور پسند ايندو.
اسان جي اداري جي ڪوشش هوندي ته اوھان پڙهندڙن آڏو، معياري ڪتاب آڻيون ۽ اهي ڪتاب آڻيون جن جي سماج کي سخت ضرورت آهي. يا اهي ڪتاب ڪن سبب ڪري چپجي ناهن سگهيا، انھن کي ڇپائڻ اولين ڪم هوندو. سوچ پبليڪيشن سيوهڻ اوهان پڙهندڙن آڏو هي ڪتاب پيش ڪري سرهائي محسوس ٿي ڪري.
مير حاجن مير
سوچ پبليڪيشن- سيوهڻ
03003275248
اصغر کي هن محنت تي داد ڏيڻ گهرجي :مُـھاڳ
سيوهڻ، سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ هڪ الڳ حيثيت رکي ٿو . قديم دؤر کان وٺي موجود دؤرتائين سيوھڻ جي اديبن، عالمن، محققن، شاعرن، ڊرامه نويسن پبلشرن جو خدمتون تاريخ ساز آهن، سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي اهم شاعر قاضي قادن سيوهاڻي کان وٺي مخدوم جعفر بوبڪائيءَ تائين، ديوان ننديرام ميرچنداڻي سيوهاڻيءَ کان، شمس العلماءَ عمر بن محمد دائود پوٽي تائين، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي کان ويندي، گورڌن محبوباڻي ڀارتي تائين ادبي تاريخ ڀري پئي آهي. سيوھڻ توڙي سندس ڀرپاسي تي نظر وجهون ٿا ته هر ڳوٺ جي ادبي تاريخ ماضيءَ کان موجوده دوؤ تائين اسان کي ڀريل ملي ٿي. ٽلٽيءَ جي ادبي تاريخ شايا شان آهي، ته بوبڪ جي ادبي تاريخ موتين جي مالها آهي، ته باجارن جي ادبي تاريخ سون تي سهاڳي جيان آهي. سيوهڻ توڙي سندس ڳوٺن جي ادبي تاريخ، سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ اهم جاءِ والاري ٿي.
منهنجي سامهون نوجوان محقق اسڪالر علي اصغر اوٺي جو تحقيقي تحرير ٿيل مقالو“ پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي جي ادبي خدمتن جو اڀياس“ پيو آهي تحقيق جي باري ۾ تحقيق جي ڏاهن فلسفين جو چوڻ آهي ته ”هر تحقيق ۽ اڀياس ۾ داخليت موجود هوندي آهي ۽ ان کي قبول ڪيو وڃي، ڇو ته خالص خارجيت نالي ڪا به شي ناهي هوندي ۽ اهو ايئن هجڻ ناممڪن آهي . تنهن ڪري اهڙي ڪنهن علم يا تحقيق جي دعويٰ پڻ نه ڪرڻ گهرجي. هيءَ تحقيق انهيءَ ڳالهه تي زور ٿي ڏئي ته ڪيترن ئي تجزياتي علمن کي ملائي پوءِ ڪو نتيجو ڪڍڻ گهرجي جنهن سان تعصب يا جانبداري واري عنصر جو امڪان باقي نه ٿو رهي. هي علم تحقيق حقيقت کي ڳولي ٿي جڏهن ته اثبايت سچ کي تلاش ڪري ٿي“
علي اصغر اوٺي جو هي ڪتاب ”پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي“، سنڌ جي نامور عالم، اديب، محقق ،شاعر، معلم پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي جي، شخصيت، علمي خدمتن، تحقيقي مقدمن، مهاڳن، ديباچن، مقالن مضمونن تي ايم فل جو مقالو” ٿيسز“ لکي، چنا صاحب جي فن، فڪر ۽ تعليمي خدمتن کي نروار ڪيو آهي. محبوب علي چنا سيوهاڻي لسانيات جو پڻ ڄاڻو ۽ ماهر هو، هُن ڪيترائي ڪتاب ايڊٽ پڻ ڪيا ،سندس اصلوڪن ڪتابن، ايڊٽ ڪيل ڪتابن، مرتب ڪيل ڪتابن ،ڇپيل مضمونن، اڻ ڇپيل مضمونن جو سهڻي نموني علي اصغر اوٺي اڀياس ڪيو آهي.
تحقيق هڪ ڏکيو جوکم وارو ڪم آهي ،ڪيئي ڪشالا ڪٽڻا ٿا پون، لئبريرن ۾ رلڻو ٿو پوي، پراڻا ڪتابن جا ڇاپا ڳولڻا ٿا پون ، ۽ پوءِ موضوع تي نور نچوئجي ٿو، مختلف ليکڪن جا حوالا ڏيئي آخر ۾ پنهنجي تحقيق جو مقصد ظاهر ڪجي ٿو.
هن ڪتاب جو پهريون باب تحقيق جي باري ۾ آهي اهو ڪتاب ۾ شامل ناهي ڪيو ويو. هن ڪتاب جي شروعات ٻئي باب کان ڪئي وئي آهي. ٻئي باب ۾ پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي جي سوانح حيات، سير و سفر، علمي ادبي ايورڊن جي باري ۾ مفصل ۽ جامع لکيو ويو آهي، جهڙوڪ: خانداني پس منظر، ولادت، تربيت، تعليم، شادي، اولاد، ٻولين جي ڄاڻ ، وفات ۽ مدفن وغيره، هن باب کي محقق تفصيل سان لکي واضع ڪيو آهي ته چنا صاحب سنڌي ، انگريزي، عربي، فارسي، هندي ۽ ارد و ٻوليءَ جو ماهر آهي ۽ هن باب ۾ ٻيون ڪيتريون ئي اهم ڳالهيون ظاهر ڪيو ويون آهن ،جنهن سان پڙهندڙ جي ذهن ۾ ڪيترين ئي ڳالهين جو اضافو ٿئي ٿو ۽ اهم معلومات ملي ٿي.
علي اصغر اوٺي جي هن ڪتاب جي ٻولي عام فهم سرل آهي، جا عام پڙهندڙ آساني سان سمجهي سگهي ٿو، ٽئي باب ۾ پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻيءَ جي تعليمي ۽ تدريسي خدمتن جو اڀياس ڪيو ويو آهي ،هن باب ۾ استاد، ليڪچرر، پروفيسر، پرنسپال، سيڪريٽري جي خدمتن جو اڀياس ڪيو ويو آهي. علمي، ادبي ادارن سان وابستگي، مختلف سوسائٽين، بورڊن جو ميمبر ۽ سرواڻ ۽ پروفيسر محبوب علي چنا جي ڪارنر بابت تفصيل سان لکيو ويو آهي، مصنف هن تحقيق ۾ واضع ڪيو آهي ته ”پروفيسر محبوب علي چنا ملازمت جي شروعات 1942ع ڌاري، هڪ استاد جي حيثيت سان ڪئي ۽ پنهنجون خدمتون مختلف ادارن ۾ سر انجام ڏنيون.1943ع ۾، ميونسپل هاءِ اسڪول سيوهڻ ۾ استاد طور ۽ 1945ع ۾ سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ ۾ خدمتون ڏنائين.“ علي اصغر شاندار نموني سندس علمي خدمتن کي ظاهر ڪيو آهي.
باب چوٿين ۾ پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي جي اصلوڪن ڇپيل ڪتابن ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن، ترتيب ڏنل ڪتابن، پروفيسر محبوب علي چنا بحيثيت سوانح نگار، چنا صاحب جا لکيل مقدما، ديباچا، پيش لفظ، مضمون ۽ مقالن جو تذڪرو، ڪيو ويو آهي ، پهرئين حصي ۾ مخدوم نوح سرور رح جا سيهوڳي، سرمست درازي، اسلامي تاريخ جو مطالعو، هڪ شخصيت ٻه پهلو، سنڌي ادب جا مختلف رجحانات، مخدوم قلندر لعل شهباز، ٻئي حصي ۾ اڻ چپيل ڪتابن جهڙوڪ: سنڌي تهذيب جي تاريخ، سنڌي رسم الخط جي ارتقائي تاريخ، ڪنز قادري، ياد اقبال جو تنقيدي تحقيقي، تجزياتي اڀياس ڪيو ويو آهي، ڪتابن جي اهميت ۽ افاديت محققانه انداز ۾ بيان ڪئي وئي آهي. ٽئي حصي ۾ ڪليات امين، ڪليات نورل، ڪچڪول طالب الموليٰ، لطيفي لنؤ، مسلمانن جي شاديءَ جو قانون ، ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن. هن باب ۾ محقق وڏي محنت ۽ جاکوڙ سان پروفيسر محبوب علي چنا جي ادبي خدمتن کي نروار ڪيو آهي جنهن ۾ ليکڪ ڪامياب ويو آهي.
پجين باب ۾ پروفيسر محبوب علي چنا هڪ مؤرخ جي حيثيت ۾ سندس شخصيت کي ظاهر ڪيو ويو آهي. هن باب ۾ هڪ ڪتاب مڪليءَ ٽڪريءَ جو سير تي بحث ڪيو ويو آهي، ان سان گڏ سندس چئن مقالن خداآباد ثالث، ميرپور بٺورو، سنڌ جا قديم تختگاهه، سنڌو ماٿر جا باشندا دراوڙ هئا، جو اڀياس ڪيو ويو آهي جنهن ۾ واضع ڪيو ويو آهي ته: ”سندس لکيل مقالن ۽ مضمونن ۾ جيڪو تحقيقي مواد موجود آهي، اهو پنهنجي جاءِ تي (source material) جي حيثيت رکي ٿو. جيڪو اڳتي هلي ايندڙ وقت جي محققن لاءِ ڪار آمد ثابت ٿيندو .“
باب ڇهين کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، هڪ حصي ۾ پروفيسر محبوب علي چنا جي سندس شاعري ڏني وئي آهي ۽ ٻئي حصي ۾ چنا صاحب جي شخصيت کي مختلف شاعرن کيس منظوم ڀيٽا ڏني آهي. محقق پنهنجي تحقيقي تجزياتي اڀياس کان پوءِ واضع ڪيو آهي ته ”چنا صاحب جي شايع ٿيل شاعريءَ جي جائزي وٺڻ کان پوءِ انهيءَ نتيجي تي پهچجي ٿو ته، چنا صاحب شاعريءَ جي مختلف صنفن ۾ بحر وزن جا بهتر ڄاڻندا هئا ۽ پاڻ پختا شاعر هئا، پر سندن شاعريءَ جو ڪو به مڪمل مجموعو ڪونه ٿو ملي.“
سنڌجي هن نوجوان محقق علي اصغر اوٺي، پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي تي هيءَ ٿيسز لکي اهم ڪم ڪيو آهي، جنهن سان چنا صاحب جي سوانحَ، ڪتابَ، فنُ، فڪرُ ۽ شاعري نروار ٿي پئي آهي، اهڙي تحقيقي ۽ نور نچو ئيندڙ ڪم ڪرڻ تي کي جس ڏجي ٿي.
سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ پڻ، سنڌجي ادبي تاريخ لکندڙن پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻيءَ کي ڪا ادبي تاريخن ۾ خاص اهميت ناهي ڏني، پر اسان جي نوجوان محقق علي اصغر اوٺي ، چنا صاحب جي ڪيل تاريخي ڪم کي ظاهر ڪري کيس هڪ عالم، استاد، شاعر، محقق، اديب، مصنف طور ظاهر ڪيو آهي. جنهن سان پروفيسر محبوب علي چنا سيوھاڻيءَ جي شخصيت سنڌي ادب جي تاريخ ۾ امر ٿي پئي آهي.
مير حاجن مير
سيوهڻ شريف
11 جنوري 2023
ٻه اکر
سڀ ساراهه الله تبارڪ و تعاليٰ جل جلال جي ڪرڻ جڳائي، جيڪو انتهائي رحيم، ڪريم، مهربان ۽ ٻاجهارو آهي، جنهن مون کي توفيق ڏني، جو مان علي اصغر اوٺي جي ٿيسز تي جيڪو ڪتابي صورت ۾ پيش ڪيو پيو وڃي ”ٻه اکر“ لکي رهيو آهيان. علي اصغر اوٺو هن وقت تعليم کاتي ۾ اسسنٽنٽ پروفيسر، سنڌي سبجيڪٽ ۾ پنهنجيون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن پنهنجي ايم.فل ” موضوع: پروفيسر محبوب علي چنا سيوھاڻي جي ادبي خدمتن جو تحقيقي اڀياس“ 2014ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان مڪمل ڪئي آهي.
سندس سپروائيزر ڊاڪٽر نور افروز خواجه هئي ،ڊاڪٽر صاحبه سنڌ يونيورسٽي جي هڪ اعليٰ تعليمي معيار رکندڙ ماهر تعليم آهي ۽ علي اصغر اوٺي جي ايم. فل جي ٿيسز کي قابل قبول ڪندي ڊگري ڏيڻ جي ڀرپور سفارش ڪئي . ڇاڪاڻ ته ٿيسز جي لکت ۾ محنت، قابليت، تحقيقي اصلو لن ۽ ضابطن کي خيال ۾ رکي لکيو ويو آهي. سنڌي زبان ۾ علم ۽ ادب جي نکار ۽ خدمت ڪرڻ هڪ وڏي ڳالھه آهي. پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻيءَ جن سان منهنجون پڻ ڪيئي ملاقاتون، مخدوم حڪيم محمد مراد صديقيءَ جن جي دواخاني تي ٿيون هيون .مخدوم محمد مراد سندن هم عصر هو. اصغر علي اوٺي صاحب جيڪي چنا صاحب لاءِ جو ڪجهه لکيو آهي، اُهو گهڻو ڪجهه منهنجي دل تي تري اچي ٿو .
مير حاجن مير پنهنجي پبليڪيشن ”سوچ پبليڪيشن سيوهڻ شريف“ طرفان ”پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي ءَ جي ادبي خدمتن جو تحقيقي اڀياس“ تي لکيل انهيءَ تحقيقي مواد کي قدر جي نگاهه سان ڏسندي ، هن ٿيسز کي ڇپائڻ جو بار ڪلهن تي کنيو آهي ،لائق پڙهندڙ حضرات کي هڪ بي بها قيمتي ڪتاب پڙهڻ جو موقعو فراهم ڪري ڏنو آهي. اميد ٿي ڪجي ته هيءُ ڪتاب پڙهندڙن کي بيحد پسند ايندو ۽ سيوهڻ شهر جي هڪ اعليٰ علمي شخصيت متعلق تحقيق ڪندڙن جي جوڳي رهنمائي ڪندو. منهنجي خيال ۾ پروفيسر محبوب علي چنا جي ڪيل خدمتن تي سنڌي ٻوليءَ ۾ هي ءَ پهرين ٿيسز آهي، جا پنجن تي بابن تي مشتمل آهي.
سچ پچ ته سنڌيءَ ۾ مختلف مضمون ۽ مقالا ته تمام گهڻا لکيا ويا آهن، پر ڪتابي صورت ۾ تمام گهٽ ڇپيا آهن. جنهن لاءِ وڏو ميدان خالي آهي، علي اصغر اوٺي صاحب هن ميدان ۾ وڏي جاکوڙ ڪري هڪ مدبر شخصيت جي ٽڙيل پَکڙيل علمي، ادبي ۽ تحقيقي مواد کي يڪجاءِ ڪري، اُن تي پنهنجو مقالو لکي پاڻ ملهايو آهي. پروفيسر محبوب علي چنا سيوهڻ ڄائو هو. جنهن جي ادبي ۽ علمي خزاني جو قرض سيوهڻ جي ماڻهن ۽ علمي حلقي تي رهيل هو. جنهن جي پورائي جي ڪوشش علي اصغر اوٺي صاحب ڪئي آهي. ان تي کيس واڌيون ڏيان ٿو، مون هن ناچيز کي ٻه اکر لکڻ لاءِ چيو ويو ، جيڪو مون لکي پيش ڪيا.
محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن،
تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهايو.
(شاھ)
خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي
قاضي محلا سيو هڻ شريف
12 جنوري 2023ع
علي اصغر اوٺي جو ڪارائتو ڪم
مون کي اهو ٻڌي نهايت خوشي ٿي ته محترم علي اصغر اوٺي منهنجي آڏو پنهنجي ٿيسز جو مواد جيڪو هن سنڌ يونيورسٽيءَ ڄام شورو مان ايم. فل لاءِ لکيو هو، ان کي شايع ڪرڻ جي حوالي سان ٻه اکر لکڻ لاءِ چيو. محترم علي اصغر اوٺو هن وقت سيوهڻ ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور پنهنجا فرض انجام ڏئي رهيو آهي. سندس ڪيترائي شاگرد هن وقت سٺن عهدن تي ڪم ڪري رهيا آهن.
محترم علي اصغر اوٺي جا ڪيترائي پهلو آهن. هڪ طرف هو سيوھڻ جي نوجوانن کي علم جي زيور سان آراسته ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف سندس شخصيت هر دل عزيز ،محنتي ۽ نيڪ انسان ،ٻين واري جيئڻ جي فلسفي جو حامي آهي، هن نوجوان جي علم ۽ ادب سان تمام گهڻي محبت آهي .پاڻ نوجوان باصلاحيت، سماجي ورڪر ،اديب شاعر۽ ليکڪ آهن. هن ٿيسز لکڻ وقت مون کان ڪيترائي دفعا صلاح مشوره معلوم ڪندو رهيو.
سيوهڻ تعلقي جي قديم ڳوٺ ڪرم پور ۾ پيدا ٿيندڙ هي نوجوان ڳوٺ واسين لاءِ هڪ مثال آهي. ڪرم پور جي ڳوٺ ۾ شيرازي سيدن روحاني علم جي لاٽ ٻاري .هن ڳوٺ ۾ سيد عالم شاھ شيرازي هڪ منفرد مذهبي شخصيت هو . جنهن طب جي علم ۾ بهترين ڪم ڪيو.
هن ڳوٺ ۾ ميرن جو پهرين هڪ شڪار گاهه هو ۽ پوءِ هي ڳوٺ مير ڪرم خان ٽالپر ٻڌايو هو . جنهن جي ڪري هن ڳوٺ کي سندس نالي پٺيان ڪرم پور سڏيو وڃي ٿو. هن ڳوٺ ۾ سنڌ جو ناميارو مرثيه نگار سيد ثابت علي شاھ ڪربلائي سيوهاڻي ۽ ٽالپر حڪمران مير ڪرم علي خان ۽ ان وقت جا اهل علم، علمي ادبي ڪچهريون ڪندا هئا .
پروفيسر محبوب علي چنا جو تعلق پڻ سيوهڻ سان هو .سندس علمي ،ادبي خدمتون وسارڻ جهڙيون ناهن، محترم علي اصغر اوٺي، محوبوب علي چنا سيوهاڻي صاحب تي ٿيسز لکي تمام ڪارائتو ڪم ڪيو آهي .
پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻيءَ جي علمي خدمتن تي ڪم ڪرڻ لاءِ وڏي محنت جي ضرورت هئي ،ڇاڪاڻ ته پاڻ نه رڳو سٺا اديب ۽ شاعر هئا، پر بهترين انسان ۽ استاد پڻ هئا. اهو ئي سبب آهي سندس وفات مديني منوره ۾ ٿي. سيوهڻ جا ماڻهو اڄ به کين ياد ڪري اهو ٻڌائن ٿا ته پاڻ هتان جي هر شاگرد جي رهمنائي ڪندا هئا .هر غريب جي مدد ڪندا هئا. انهن کي خرچ پڪو پڻ ڏيندا هئا، غريب شاگردن جي والدين سان ملاقاتون ڪري انهن جي مسئلن کي حل پڻ ڪندا هئا ۽ همٿائيندا هئا.
محترم علي اصغر اوٺي هيءَ ٿيسز لکي پروفيسر محبوب علي چنا جي شخصيت، علمي، ادبي، ۽ تعليمي خدمتن کي روشناس ڪيو آهي ۽ هن ٿيسز مان نوجوان رهنمائي حاصل ڪندا. دعا آهي ته علي اصغر اوٺو وڌيڪ ڪاميابيون ماڻيندو.
نظير حيات سيوهاڻي
سيوھڻ شريف
5 جنوري 2023
ليکڪ جو رايو
هر قوم جو معيار سندس ادب جي ڪسوٽي تي پرکيو ويندو آهي، ان جي قومي وقار ۽ نيڪ نامي جو دارومدار به علم و ادب جي اعليٰ بلندي جي منزل کي ماڻڻ تي آهي. ادبي تاريخ جا مؤجد هر قوم جا دانشور، مفڪر، محقق، اديب، شاعر ۽ سگهڙ آهن، جن جون ذهني سوچون ۽ قلمي لوچون ادبي عمارت ۾ پيڙهه جي پٿر جو ڪم ڏين ٿيون، ادب جي خالق کي ادبي تاريخ ۾ وڏي اهميت حاصل آهي، جن جو ذڪر نه ڪرڻ واري قوم تاريڪ جي کڏ ۾ ڪري پوي ٿي، جتان سندس نڪرڻ مشڪل ٿيو پوي، هر قوم جو ماضي ان جي مستقبل کي سنوارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، جيڪا قوم پنهنجي ماضيءَ کي وساري ٿي اها مستقبل کي اجاگر ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ٿي. اسان وٽ به قديم ۽ جديد قدرن سان ادبي تاريخ جو وجود قائم آهي، جنهن ۾ ادبي فڪرن ۽ خيالن جي هڪ ڪشادي ۽ رنگين دنيا آباد آهي، سنڌي ادب مختلف صنفن ۽ انجي وسيع موضوعن سان سينگاريل آهي، انهن صنفن ۾ ”سوانح عمري“ جهڙي اهم صنف ۽ سندس وسيع موضوع موجود آهي جنهن جي وسيلي اسان پنهنجن محسنن کي خراج تحسين پيش ڪري سگهون ٿا، جن جي عملي زندگي ۽ عملي ڪارنامه اسان لاءِ زندگيءَ جي دشوار گذار راهن ۾ رهبر جي حيثيت ۾ ڪم ڏين ٿا. اهڙن محسنن مان پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي به هڪ ٿي گذريو آهي، جنهن جي زندگي جا مختلف پهلو اسانجي لاءِ مثبت ثابت ٿي سگهن ٿا، تنهنڪري سوچيم ته، ڇو نه سنڌ جي اهڙي سپوت تي ٿيسز لکان جنهن جي زندگيءَ جو احوال پڙهي ان جي عظيم ڪارنامن مان اسان جو ايندڙ نسل سبق حاصل ڪري سگهي ٿو.
انهي خيال سان آئون پروفيسر، ڊاڪٽر نور افروز خواجه، سابقه، ڊين فيڪلٽي آف آرٽس ۽ چيئرپرسن، سنڌي شعبو، جن کي پنهنجي تحقيقي ڪم کي پايه تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ پنهنجو گائيڊ طور چونڊيو جن جي صلاح مشوري سان، سيوهڻ جي تاريخي شهر جي هن شخصيت تي، ”پروفيسر محبوب علي چنا جي ادبي خدمتن جو تحقيقي اڀياس“ جي عنوان سان خاڪو تيار ڪري بورڊ آف اسٽڊيز ڏانهن موڪليو ويو، يونيورسٽيءَ جي اختياري وارن منهنجي انهي موضوع کي قابل قبول ڪيو ۽ مونکي مقالي لاءِ تحقيق ڪرڻ جي اجازت ڏني.
موضوع جو انتخاب ته ڪري ويٺس ۽ اجازت به ملي پر هٿ پير هڻڻ سان معلوم ٿيو ته، جنهن شيءِ کي مون سولو ۽ آسان ٿي سمجهيو تنهن کي پايه تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ ڏونگر ڏورڻا پوندا، جيئن جيئن اڳيان وڌڻ جي ڪوشش پي ڪيم تيئن تيئن منزل ڊگهي ڏسڻ ۾ اچڻ لڳي، راهه جون دشواريون، منزل جي دوري وغيره، اهي مڙيئي اهڙيون ڳالهيون هيون جن جي ڪري، جي همت سان ڪم نه وٺجي ها ته سفر طئي ٿيڻ ناممڪن نه ته مشڪل ضرور ٿي پوي ها، ليڪن توڪل جو ترهو ٻڌي الله جي آس ڪري همٿ سان اڳتي وڌندو رهيس، انهن علم دوست بزرگن جي هڪ طرف، چنا صاحب جي اولاد سان ٻئي طرف لهه وچڙ ۾ اچڻ جي ڪوشش شروع ڪيم جن جو جهڙو حال هو، تن تهڙو پيش ڪيو، انهيءَ سموري ڪم ۾ جن منهنجي وقت به وقت مدد ۽ رهنمائي پئي ڪئي آهي، تن ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا، حڪيم نصيرالدين ”فاروق“، خير محمد ٻرڙو صاحب، خير محمد ڪوريجو، ايڊووڪيٽ نورمحمد شيخ، محمد هاشم سرڪي، ڌڻي بخش اوٺو، قمراادين اوٺو، ساجد ڀاءَ جن جو شڪر گذار آهيان جن هر طرح جي منهنجي مدد پئي ڪئي ۽ خاص طور سائين محترم نظير حيات سيوهاڻي جو نهايت ئي شڪرگذار آهيان جنهن منهنجي هن تحقيقي مقالي ۾ شروع کان آخر تائين رهنمائي ۽ مدد ڪرڻ فرمائي. پروفيسر چنا صاحب جي لائق فرزندن محمد صالح چنا، نجيب الرحمان، حبيب الرحمان چنا ۽ ميڊم پروين چنا، باوجود پنهنجي مصروفيتن جي مون سان چڱا ڀال ڀلايا ۽ انهن جا ڪيل احسان آئون وساري نٿو سگهان، جن نه صرف چنا صاحب جو ڪجهه ادبي مواد ڏنو، پر گهڻيون حقيقتون زباني ٻڌايون، جيڪي مون کي ٻئي ڪنهن به هنڌان ميسر نه ٿي سگهن ها، نه صرف ايترو پر انهن هن ڪم کي پوري ڪرڻ لاءِ منهنجي حوصله افزائي به ڪئي آهي.
آخر ۾ نهايت ئي شڪرگذار آهيان پنهنجي شفيق نگران، قابلِ عزت، قابلِ فخر، پروفيسر ڊاڪٽر نور افروز خواجه جو، جنهن سانئڻ منهنجي مقالي لکڻ ۾ هر قدم تي رهنمائي ڪئي ۽ هن مقالي جي ترتيب متعلق نهايت سهڻا، عالماڻه ۽ مفيد مشورا ڏنا.
آئون اهو چوڻ ۾ بلڪل حق به جانب ٿيندس ته انهن مڙنئي مهربانن ۽ علم دوست بزرگن جي مدد ۽ معاونت شاملِ حال هوندي به آئون هن ڪاميابيءَ جي دز کي به پهچي نه سگهان ها، جيڪڏهن منهنجي نگران پروفيسر ڊاڪٽر نور افروز خواجه پنهنجن زرين مشورن ۽ املهه راين سان وقت به وقت منهنجي رهنمائي ۽ رهبري نه ڪن ها، تنهنڪري مان انهن سڀني مٿين ادبي رهبرن جو ٿورو ۽ احسان مڃان ٿو، جن هن ٿيسز کي مڪمل ڪرڻ ۾ منهنجي حوصله افزائي ۽ مدد ڪرڻ فرمائي. هن ڪتاب جو مهاڳ لکڻ تي نامور شاعر، محقق، نقاد، محترم مير حاجن مير جو ٿورائتو آهيان. جنهن هن ڪتاب جو مهاڳ لکڻ سان گڏ مفيد مشوارا پڻ ڏنا ۽ هي ڪتاب ڇپائي اوهان پڙهندڙن تائين پهچائڻ ۾ ساٿ ڏنو. ان سان گڏ خيرمحمد ٻرڙي سيوهاڻيءَ، ۽ نظير حيات سيوهاڻيءَ جو به ٿورائتو آهيان جنهن هن ڪتاب بابت مضمون لکي ڏنا.
علي اصغر اوٺو
ليڪچرر، سنڌي شعبو
گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سيوهڻ
01ــ 02ــ 2023
باب ٻيون : پروفيسر محبوب علي چنا جي سوانح حيات
خانداني پس منظر:-
سنڌو ماٿري پنهنجي ثقافتي ۽ تهذيبي حوالن سان دنيا ۾ مشهور آهي سنڌ جي قديم آثارن کي ڏسي اها دعويٰ ڪري سگهجي ٿي ته هن خطي ۾ انسان جي شروعات انساني سماج ۽ تهذيب جي اوسر جا آثار موجود آهن، جنهن کي سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب سڏيو وڃي ٿو، انهيءَ تهذيب جي خوبين بابت هر عالم پنهنجي راءِ پيش ڪندو رهيو آهي.
هند ۽ سنڌ جي نالي واري اديب ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي، سنڌو ماٿري جي حوالي سان لکيو آهي ته: ”سنڌو ماٿري جي ڪوزي ۾ انسان ذات جو سارو تت لبالب ڀريل آهي، ان لبالب ڀريل ڪوزي مان انسانيت وهي نڪتي ۽ دنيا ۾ دور دور تائين ڦهلجي وئي.“ (جوتواڻي، 2007ع، ص، 80 )
سنڌ جي سڀني قديمي آثارن ۾ سيوهڻ جو شهر قديم ترين شهر آهي، جو اڄ به پنهنجي سيني اندر سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن، علم ۽ ادب صنعت ۽ تجارت جا هزارين داستان سانڍيو اچي، انهيءَ بابت، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي مقالي ۾ سيوهڻ بابت لکي ٿو ته:
”سنڌ ۾ سنڌو درياءَ صدين دوران پئي پنهنجا وهڪرا ڦيريا آهن، قديم دؤر ۾ جڏهن اهو وهڪرو اڀرندي طرفان، الهندي طرف وڌيو ۽ پهريون ڀيرو شهر واري ماڳ وٽان هٽيو ته ڪناري سان سيوهڻ واري بستي آباد ٿي، پوءِ ايندڙ سون سالن تائين سنڌو يا انجي شاخ (اڙل) واهه شهر ۽ علائقي کي آباد ڪيو، انهي ڪري سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي سنڌوءَ جي ڪناري لڳ آباد ٿيندڙ هن بستيءَ کي سنڌوسان يا سنڌوآستان سڏيو ويو“. (بلوچ، 2009ع، ص، 2)
سيوهڻ شهر جي نالي بابت به مختلف رايا ملن ٿا، ڊاڪٽر بلوچ صاحب وري سيوهڻ جي نالي بابت هن ريت لکيوآهي:
”سيوهڻ جي قديم اوائلي نالن بابت اصخطري جي ڪتاب، ”مسالڪ الممالڪ“ ۾ شهر توڙي علائقي جو نالو “سندوسان” جي صورت ۾ ملي ٿو، ان بعد ابن حوقل جي ڪتاب ”المسالڪ والممالڪ“ ۾ ”سندوستان“ لکيل آهي ۽ پڻ ان پرڳڻي کي سنڌودرياءَ جي اولهه طرف وارو پرڳڻو ڪري ڄاڻايو آهي. ٿي سگهي ٿو ته، سندوسان ۽ سنڌوستان نالا سيوستان جي بدليل صورت هجن، پر جيئن ته اهي هڪ کان وڌيڪ تاريخي ماخذن ۾ ڄاڻايل آهي، انهيءَ ڪري اهو دليل وڌيڪ وزندار ٿئي ٿو ته اهي اوائلي نالا ”سنڌوسان ۽ سنڌوآستان“ هئا“. (بلوچ، 2009ع، ص ، 2 )
ان مان ثابت ٿئي ٿو ته، سنڌ ۾ سيوستان (سيوهڻ) جهوني ۾ جهونو شهر آهي، توڙي انجي آس پاس جون جاگرافيائي ۽ طبعي حالتون ثابت ڪن ٿيون ته، هتي به اوائلي دور جي انسان جا پير گهميا آهن، جن ماڻهن پهريان پهريان سنڌ ۽ هند کي وسايو اهي هاڻوڪن ڪولهين، سنٿالن، ڀيلن ۽ منڊلوڪن جا ابا ڏاڏا هئا، انهن ماڻهن جون کوپريون سيوهڻ جي پريان شاهه بلاول واري واٽ تان لڌيون ويون، ان کانپوءِ 1922ع ۽ 1923ع ۾ به اهي ساڳئي قسم جون کوپريون، موهن جي دڙي مان لڌيون ويون.
سيوهڻ ڀرسان کير ٿر جبل جون قطارون، قديم غار، سنڌوءَ جو وهڪرو، ايشيا تهذيب جي وڏي ۾ وڏي منڇر ڍنڍ، وڏا چراگاهه، ٻيلا ۽ قديم قلعي کي ڏسي اهو مڃڻو پوي ٿو ته، هن خطي جي تهذيب قديم تر آهي، سيوهڻ ۽ منڇر جي وچ واري حصي ۾ سنڌ جي قبيلي چنا جا ٻه ڳوٺ اڄ به موجود آهن، انهن مان هڪ، پڪا چنا ۽ ٻئي کي، ڪچا چنا (بچل چنا) به سڏيو وڃي ٿو. دراصل اهو علائقو چنا قبيلي جي هڪ رياست هو. ڳوٺ پڪا چنا ۾هڪ بزرگ درويش ”لال عيسن“ (1) جي مزار آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته، هي پنهنجي دؤر جو هڪ مبلغ هو، جنهن جو تعلق ملتان جي، حضرت بهاؤالدين ذڪريا ملتاني سان هو، هن جي مزار تي، هن وقت تائين هر سال 14 ربيع الاول تي هڪ شاندار ميلو لڳندو آهي. سيوهڻ تي مختلف حاڪمن جي حڪومت رهي آهي، انهن جي باري ۾ به مختلف رايا ملن ٿا. مثلًا، چنا قبيلي جي رياست جي حوالي سان ”الوحيد آزاد سنڌ“ نمبر ۾، خاڪي، پنهنجي مقالي ۾ سرايلئٽ ۽ ڊائوس جو هڪ تاريخي حوالو ڏنو آهي ته:
”چنن جي حڪومت سبي (سيوستان) ۾ هئي ۽ سنڌونديءَ جي اولهه طرف وارو ملڪ جو ٽڪر عربن چنن کان ورتو، جن جا پويان اڃا منڇر جي نزديڪ رهن ٿا. “ (خاڪي، 1979ع، ص 147)
فاتح سنڌ، عرب نوجوان سپهه سالار محمد بن قاسم جڏهن سنڌ کي فتح ڪندي 711ع ۾ سيوهڻ کي حاصل ڪيو ته ان وقت سيوهڻ جي انهن ڳوٺن ۾ چنا قبيلي جي هڪ ننڍڙي رياست هئي، هتي ٻيون به قومون رهنديون هيون، مگر پهريان ئي جنهن قوم اسلام قبول ڪيو، سا چنا قوم هئي ۽ جنهن نموني انهن اسلام قبول ڪيو، انجو ذڪر تاريخن ۾ هن ريت ملي ٿو:
” چنا قوم جا انهيءَ وقت هڪ وڏي جماعت هئي، جدا جدا جاين تان گڏ ٿي هڪ ماڻهو يعني جاسوس کي احوال معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو، هو اهڙي وقت پهتو جو سارو لشڪر محمد بن قاسم جي پٺيان نماز پڙهي رهيو هو، هن قيام، قعود، رڪوع سجدي ۽ ٻي سموري چرپر ۾، امام جي تعبيداري ڏسي وڃي پنهنجي قوم کي چيو ته، جتي هزارين ماڻهو هر حالت ۾ بنا ڪنهن چون چران ۽ فرق جي هڪ ماڻهوءَ جا ههڙا تعبيدار هجن، تتي جيڪو هنن جي مخالفت ڪندو سو بدبخت چئبو. تنهن تي انهيءَ سڄي قوم جي ماڻهن لائق نذرانا کڻي اچي، سندن خدمت ۾ حاضر ٿيا، هو جنهن وقت پهتا تنهن وقت محمد بن قاسم جي مجلس ۾ دسترخوان وڇايو هئائون، محمد بن قاسم فرمايو ته، هيءَ جماعت ”المرزوق“رزق واري آهي، انهي ڪري چنا قوم کي ”مرزوق“ لقب مليو، بس پوءِ ته انهي وقت تعبيداري ۽ ڍل قبول ڪري موٽي ويا، اهو ئي سبب آهي جو اسلام جي فقيهن درياءِ جي هن ڀر واري زمين، جا چنن جي تصرف هيٺ هئي ”عشري“ لکيو آهي.“ (قانع ، 2004ع، ص _ 81)
چنا قوم جي سڃاڻپ جي حوالي سان آباد ٿيل ۽ مٿي بيان ڪيل ٻنهي ڳوٺن، پڪا ۽ ڪچا چنا ۾ اڄ به اڪثريت سان هي قوم آباد آهي، جيڪا هن وقت به خوشحال آهي، ان زماني ۾ به ٻن علائقن تي چنا قبيلي جي حڪومت هوندي هئي، هي قوم نه صرف خوشحال هئي، پر انهن جي سرداري وارو اثر پري پري جي علائقن تائين پکڙيل هو.
خاڪي، ”سنڌ جا پهريان مسلمان“ مقالي ۾ لکي ٿو ته: ”جڏهن محمود غزنوي سومناٿ تي ڪاهه ڪئي ۽ سنڌ مان اچي لنگهيو، تڏهن سنڌ ستن علائقن ۾ ورهايل هئي، جنهن مان ٻه علائقا چنن جي حوالي هئا، هڪ سيوستان (سيوهڻ) جنهن ۾ ”پنهون چني“ جي حڪومت هئي ۽ ٻيو ڀاڳنائي ”ڀاڳناڙي“ جنهن ۾ ”جان محمد الهڏنه چنا“ جي حڪومت هئي.“ سيوهڻ تي محمود غزنوي حڪومت ڪئي هئي. انهي جي باري ۾ وڌيڪ وضاحت ڪندي خاڪي لکيو آهي ته:
”محمود غزنوي جي ڪاهه وقت سکر ۽ اپر سنڌ جا علائقا چنن جي هٿ ۾ هئا، مگر اهي ملتان جي حاڪم کي ٻين صوبن وانگر ڍل نه ڏيندا هئا، ڇو ته عربن سندن سموري زمين تي فقط عشره (پيدائش جو ڏهون حصو) مقرر ڪيو هو، ڪن تاريخن ۾ ائين به ڄاڻايو آهي ته، ”چناب ندي“ به چنن جي کوٽايل آهي ان ڪري مٿس نالو (چنا + آب) پيو آهي.“ (خاڪي، 1979ع، ص 147ع)
چنا نالي بابت به مختلف قياس آرايون آهن ته اهو نالو ڪيئن پيو، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته، هي قبيلو پنهنجي خوبصورتي، بهادري ، قد ڪاٺ ۽ سياڻپ جي ڪري جڳ ۾ مشهور هو، سندن قبيلي کي چـڱن ۽ سٺن لڇڻن وارو قبيلو به سڏيو ويندو هو، جيڪي اڳتي هلي چڱا مان ڦري چنا ٿيو هجي.
اهڙي طرح سان تاريخ “جنت السنڌ” جي مصنف به چنا قوم لاءِ هن طرح لکيو آهي:
”چنا مالدار قوم هئي، جن کي عرب سندن دولت موجب ”المرزوق“ رزق واري قوم جي لقب سان سڏيو آهي.“ (شيدائي، 1985ع، ص، 36 )
مٿين حوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته، هي قبيلو سنڌوءَ جي الهندي ڪپ تي آباد ۽ خوشحال هو، درياءَ سنڌ جي ڪپ تي آباد هئڻ ۽ ايشيا جي ڍنڍ منڇر ڍنڍ جي ڀرسان هئڻ ڪري هن علائقي ۾ چؤطرف بهاريون هيون مڇيون ۽ ٻيون ڪيتريون ئي دريائي خوراڪون، هنن ماڻهن جي علائقي جي خوشحالي جون ضامن هيون، چنا پنهنجي علائقي جا حاڪم هئا، هنن پر امن نموني اسلام قبول ڪيو، هنن وٽ ڄاڻ ۽ علم جو قدر هوندو هو، اهو ئي سبب آهي جو هن قبيلي جا اڪثر ماڻهو اڄ به اهلِ علم آهن.
(1) سنڌ جي درويش لال عيسن متعلق آراضي جي، پروفيسر امداد علي ”سروري“ ٻڌايو، جيڪو گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سيوهڻ ۾ پروفيسر آهي.
اهڙي طرح سان محمد بن قاسم جي هٿ تي اسلام قبول ڪري مسلمان ٿيندي، هن قوم مان اڳتي هلي ڪيترائي اهلِ علم فرد پيدا ٿيا، جن مان اوڻويهين صدي جي آخر ۾ جنم وٺندڙ ”الهڏنه چنا“ پنهنجي دؤر جو هڪ يگانو مرد ٿي گذريو، جيڪو پنهنجي دؤر ۾ معاشي سببن ۽ علم جي حصول لاءِ سيوهڻ جي اڇي گور پاڙو(1)، هاڻوڪي قاضي غلام رسول پاڙو ۾ اچي رهائش پذير ٿيو.
ولادت
الهڏنو چنا سيوهڻ ۾ اچي آباد ٿيو، جنهن جي اولاد مان هڪ فرزند محمد صالح چنا وفات (22 جون 1947ع بمطابق 2 شعبان 1366هه)، سيوهڻ ۾ پوسٽ ماستر طور ڪم ڪندو هو، سڄاڻ شخصيت هئڻ ڪري پاڻ اُن وقت مسلمانن جي سياسي پارٽي مسلم ليگ برانچ سيوهڻ جو نائب صدر رهيو ۽ سندس سُٺي اخلاق، پيار محبت ۽ قُرب جي ڪري ڪيترائي ماڻهو سندس صلاحيتن کان متاثر هوندا هئا ۽ سندس احترام ڪندا هئا، محمد صالح چنا جڏهن شادي ڪئي ته کيس اولاد ته ٿيندو هو پر بچندو ڪونه هو، سندن خانداني فردن جي روايت موجب هن جي ڪري پاڻ ۽ سندس گهر واري هر وقت خدا کي اولاد لاءِ پيا ٻاڏائيندا رهندا هئا. نيٺ هڪ ڏينهن خدا تعاليٰ سندن ٻڌي ۽ محمد صالح چنا جي گهر ۾، (4 جنوري 1919ع بمطابق 1 ربيع الثاني 1327 هه) تي نياڻي ڄائي جنهن جو نالو زينت چنا رکيو ويو، جيڪا اڳتي هلي سنڌ جي مشهور ليکڪه ثابت ٿي. هن کان اڳ به محمد صالح چنا جي گهر ۾ نياڻي ڄائي جيڪا ڪجهه عرصي کانپوءِ وفات ڪري وئي ٻن نياڻين کانپوءِ محمد صالح چنا ۽ سندس گهر واري فاطمه (وفات، 5 صفر 1375 هه مطابق 22 سيپٽمبر 1955ع)، کي سڪ هئي ته باقي پُٽاڻو اولاد نصيب ٿئي، ٽن سالن کانپوءِ محمد صالح چنا جي گهر ۾ هڪ فقير جي دعا سان، تاريخ 12 مارچ 1922ع بمطابق رجب 1341 هه ۾ فرزند پيدا ٿيو، جنهن جو نالو محبوب علي رکيو، جيڪو اڳتي هلي پنهنجي علمي، ادبي صلاحيتن جي ڪري ”پروفيسر محبوب علي چنا“ طور مشهور ٿيو.
(1) سيوهڻ جي قاضي غلام رسول پاڙو ۾ رهندڙ ڪي وڏا ڳالهه ڪن ٿا ته، ”اڇي گور“ انهي ڪري سڏيو ويندو هو، جو ڪنهن زماني کان وٺي هتي هڪ درويش بزرگ جي قبر آھي، جا اڇي رنگ جي هوندي هئي، ان قبر جي ڪري ان پاڙي کي ”اڇي گور“ سڏيو ويندو هو.
پروفيسر محبوب علي چنا، پنهنجي مقالي ۾ پيدا ٿيڻ جي حوالي سان لکيو آهي ته:”والدين خواه چاچي سائين (بابا وڏي) يا مامي وڏي جن کي نرينو اولاد ڪونه هو، ان ڪري گهر ۾ سڀني بزرگن جي شفقت ۽ محبت جو مرڪز ۽ محور رهيس، ائين ننڍڙي زينت به بيحد محبت ڪندي هئي ۽ هر لمحي ننڍڙي محبوب کي پئي کيڏائيندي هئي، گهر جا سڀ ڀاتي ۽ مٽ مائٽ مونکي پيار مان “محبن” جي نالي سان سڏيندا هئا“ (چنا، 1974ع، ص_ 68)
تربيت :-
اها عالم آشڪار ڳالهه آهي ته ،هر ماڻهو جي ڪاميابي ۽ بلندي تي پهچڻ ۾ معاشري توڙي خانداني ماحول جي تربيت جو اثر هوندو آهي. جيئن پروفيسر محبوب علي چنا جو ڏاڏو الهڏنو چنا نيڪ سيرت ۽ پنهنجي وقت جو همدرد انسان هو اهڙي طرح سندس والد صاحب به لکيل پڙهيل ۽ ملڪ جي اهم اداري پوسٽ کاتي ۾ پوسٽ ماستر هئا، جنهن ڪري سندس تعلقات سيوهڻ شهر جي سڀني اهلِ علم ۽ وڏن خاندانن سان هئا، سندس والده به ان دؤر موجب اسلامي تعليم سان آرائسته هئڻ سان گڏوگڏ هڪ سگهڙ ۽ پڙهيل لکيل عورت هئي. جنهن ڪري هن اولاد جي تربيت نهايت ڌيان ۽ دانائي سان ڪئي چنا صاحب پنهنجي خاندان متعلق لکي ٿو:
”اسانجو خاندان خدا تعاليٰ جي نوازش سان علم جو گهوارو رهيو، اسانجي خاندان جا مرد خواه عورتون قرآن شريف جا حافظ هئا ۽ شهر جي سڀني معزز خاندانن جا استاد رهيا امڙ به پڙهيل سفيد پوش اوسط درجي جي گهر ۾ پيدا ٿي“ (چنا، 1974ع ، ص _ 68)
انهيءَ ڪري محبوب علي چنا صاحب، پنهنجي گهرو علمي، ادبي ماحول جي ڪري ننڍپڻ کان ئي سٺين خصلتن جا مالڪ هئا. پاڻ ننڍي هوندي کان ئي ذهين ۽ سلڇڻا هئا، جنهن ڪري پنهنجا توڙي پرايا ٻالڪپڻ ۾ ساڻس پيار ڪندا هئا، سندن گهرو ماحول ۾ علم جي پرچار، قاعدن قانونن جي ڄاڻ، احترام ۽ عزت جي پرک، هميشه سچ ڳالهائڻ ۽ انساني همدردي جهڙن گُڻن سان سندن تربيت ٿيندي رهندي هئي. سندن رشتيدار ۽ ٻيا عزيز به سڄاڻ فردن ۾ شامل هئا. چنا صاحب جي تربيت ۾ سندن مامن جو وڏو ڪردار رهيو، جن جو اعتراف ڪندي هن پنهنجي ڪتاب جي انتساب ۾ مامن جي باري ۾ لکيو آهي ته:
”مان دلي ادب ۽ احترام سان پنهنجن پيارن مامن مرحوم محترم گل محمد چنا ۽ مرحوم محترم شير محمد چنا، جن هن ناچيز محبوب جي پرورش ۽ تعليم و تربيت ۾ عظيم سرپرستي ڪئي. هيءَ حقيرانه محنت منسوب ڪريان ٿو. مٺو مولا سائين شال سندن روحن مبارڪن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعليٰ جڳهه ڏئي.“ (چنا، 1974ع ، ص-3)
اهڙيءَ طرح پروفيسر محبوب علي چنا ننڍپڻ کان وٺي جواني تائين جتي به رهيا، اتي کين بهتر تربيت ۽ تعليم جو ماحول مليو، ان ڪري اڳتي هلي پاڻ سچو مرد مؤمن، رحمدل شخص، غريب نواز انسان دوست، حليم، سلڇڻو، تعليمدان، سٺو اديب، نقاد، محقق مؤرخ ثابت ٿيو.
تعليم:-
پروفيسر محبوب علي چنا ابتدائي ۽ ثانوي تعليم (اڳوڻي پنج اسٽينڊرڊ تائين) پنهنجي ئي شهر سيوهڻ ۾ مڪمل ڪئي، عربي ۽ فارسي جي تعليم قاضين جي درسگاهه ۾ مخدوم محمد حسن صديقي وٽان حاصل ڪئي. سندس انهيءَ عربي ۽ فارسي تعليم جي حوالي سان، سيوهڻ جي مشهور صديقي خاندان جي هڪ فرد مخدوم حڪيم محمد نصيرالدين “فاروق” صديقي وٽان معلوم ٿيو ته: ”چنا صاحب ڏاڏا حسن صديقي جي مدرسي ۾ (عربي ۽ فارسي) جي تعليم حاصل ڪئي هئي ۽ بابا مخدوم محمد مراد صديقي سندن گهاٽو دوست هو. چنا صاحب جڏهن به حيدرآباد کان ايندا هئا ته پهريان بابا جن وٽ ايندا هئا ۽ دير تائين پيا علمي ۽ ادبي ڪچهريون ڪندا هئا.“ (فاروق، ذاتي انٽريو، 2009ع)
ڳوٺ بچل چنا جي ڀرسان هڪ ڳوٺ باغ يوسف جي نالي سان آباد آهي. ان ڳوٺ جي هڪ رٽائرڊ پرائمري استاد، ”محمد هاشم سرڪي” کان ذاتي انٽريو مان معلوم ٿيو ته: “چنا صاحب جا شروعاتي دؤر جا هم ڪلاسي ۽ ويجها دوست، هڪ لال محمد سولنگي جيڪو ڳوٺ (پنجوٿه) جو ويٺل هو. ۽ ٻيو گُل محمد سرڪي، هاشم سرڪي جو والد، جيڪو ڳوٺ باغ يوسف جو ويٺل هو، هي ٻئي چنا صاحب جا پهرين درجي کان پنجين درجي تائين جا هم ڪلاسي ۽ دوست هئا.“ (سرڪي، ذاتي انٽريو، 2009ع)
اهڙيءَ طرح چنا صاحب مئٽرڪ حيدرآباد هاءِ اسڪول ۾ (هاڻوڪو نور محمد هاءِ اسڪول) ۾ تعليم حاصل ڪئي. سندس ذهني صلاحيت ۽ تعليم سان دلچسپي جي ڪري، نور محمد هاءِ اسڪول جو باني”نور محمد “ کيس گهڻو ڀائيندو هو. 1939ع ۾ مئٽرڪ پـــاس ڪـــرڻ کـــانپوءِ، هــــن ڊي جي نيشنل حيدرآباد ڪاليج ۾ (ايف_ واءِ _ اي) ۾ داخلا ورتي ۽ هائير سيڪنڊري ڪلاس پاس ڪيائين، ڪن مجبورين جي ڪري انٽر آرٽس کان پوِءِ هو ڪجهه سالن لاءِ تعليم جاري ڪري نه سگهيو، پاڻ اڃا انٽر ۾ هو ته سندس، 5 مئي 1941ع ۾ شادي ٿي، انکانپوءِ 1944ع ۾ بي _اي آنرس جا ٻه سال ڪراچي ۾، ڊي.جي سنڌ ڪاليج ۾ مـــڪمل ڪيائين. 1945ع ۾ بي _اي جي امتحان ۾ سنڌ مان پهريون نمبر آيو، ان ڪري بمبئي يونيورسٽي طرفان کيس اعزازي ”ڊڪشنا فيلو شپ“ مليو.
پروفيسر هدايت الله ميمڻ، پنهنجي مقالي ۾ لکي ٿو ته: ”بي .اي آنرس فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪرڻ وقت کيس ڊائريڪٽ (S.P) پوليس طور چونڊيو ويو پر سندس والد صاحب جناب محمد صالح چنا جي خواهش موجب هو ان عهدي تي نه چڙهيو.“ (ميمڻ، 1982ع ص، 25)
چنا صاحب جون ٻه ايم.اي ٿيل هيون، هڪ فارسي ۾ ۽ ٻي سنڌي ادب ۾. پاڻ 1947ع ۾ ايم.اي سنڌي ۾، سموري بمبئي يونيورسٽي ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ بمبئي يونيورسٽي طرفان کين (جعفر قاسم موسيٰ) گولڊ ميڊل مليو.
چنا صاحب پنهنجي مقالي ۾ لکي ٿو ته: ”بمبئي يونيورسٽي طرفان مونکي سونو ٻلو ۽ ولايت وڃي ڊاڪٽريٽ پڙهڻ لاءِ اسڪالرشپ ملي. اهڙو پريس نوٽ بمبئي يونيورسٽي طرفان بابي سائين جي ٽيجهي تي شايع ٿيو، جيجل کي پيرين پئي اها خوشخبري ٻڌايم، پر سندس شفيق اکڙين مان لڙڪ لڙي آيا، ڇو ته هوءَ پنهنجي لخت جگر کي ڏورانهين ڏيهه ڏي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئي.“ (چنا، 1974ع ، ص 67،68)
اهڙيءَ طرح پروفيسر محبوب چنا پنهنجن مائٽن جي مرضيءِ جي خلاف اهڙو قدم کڻي،کين ڏک يا تڪليف وڇوڙو ڏيڻ نه پي چاهيو. انهيءَ ڪري پاڻ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ٻاهر ملڪ نه ويا. پروفيسر محبوب علي چنا جي فرزند محمد صالح چنا کان ذاتي انٽرويو مان معلوم ٿيو ته: ”بابا جڏهن 1947ع ۾ ايم-اي سنڌي جو آخري پيپر، بمبئي يونيورسٽي جي سينٽر (سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي) ۾ ڏيئي رهيا هئا ته امتحان دوران سندس زندگي ۾ هڪ عجيب واقعو پڻ پيش آيو، پيپر ڏيڻ دوران سندس والد محمد صالح چنا جي وفات جو اطلاع امتحان دوران پرنسپال تائين پهتو، پرنسپال ۽ امتحاني هال جي انويجيليٽرس جي صلاح سان آخري پيپر جي مڪمل ٿيڻ تائين کين اهڙو ڏک ڀريو اطلاع نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڇاڪاڻ ته استادن چاهيو ٿي ته محبوب علي چنا هڪ با صلاحيت شاگرد آهي، جنهن کي پيپر ڪرڻ دوران اها ڏک ڀري خبر نه ڏيڻ گهرجي، جڏهن پاڻ پيپر ڏئي بس ڪيائون، تڏهن نهايت ئي دانشمندي جي انداز سان کين صبر ۽ تحمل جي تلقين ڪندي، اهڙو اطلاع ڏيئي ساڻس همدردي ڪئي وئي ۽ کين پنهنجي ڳوٺ تائين پهچائڻ جي سفر جو خرچ سندس استادن طرفان ڪيو ويو، مگر افسوس جو طويل ۽ ڏورانهون سفر هجڻ جي ڪري، پاڻ پنهنجي والد صاحب جو آخري ديدار ڪري نه سگهيا. سندن والد صاحب کي سيوهڻ جي قديم آبائي قبرستان ۾ دفنايو ويو .“ (چنا، ذاتي انٽرويو، 2010ع)
شادي:-
پروفيسر محبوب علي چنا جي شادي، سيوهڻ مان عبدالله ڪوريجو جي گهر مان 5 مئي 1941ع تي ”زرينه“ سان ٿي. ان وقت پاڻ اڃا انٽر جي تعليم حاصل ڪري رهيا هئا. سندن گهر واري پنج درجا سنڌيءَ جا پڙهيل هئي،هوءَ هنرمند ۽ بااخلاق عورت هئي. هن پنهنجي وَرَ، محبوب جي دل و جان سان خدمت ڪئي، ڇاڪاڻ ته کيس احساس هو ته هن با عمل ۽ تعليمي ماهر جون مصروفيتون زياده آهن جنهن ڪري سندن لباس، کاڌي پيتي ۽ صحت جي حوالي سان کيس سموريون سهولتون ميسر ڪري ڏيندي هئي. سندن گهر واري هر ڏک سک جي دوران ساڻس ڀرپور ساٿ ڏنو، محبوب علي چنا ۽ سندس گهر واريءَ جي والدانه شفقت ۽ تربيت جو اثر، سندس اولاد تي پڻ پيو، پنهنجي گهر واريءَ کي پيار مان ڪڏهن ڪنوار جي نالي سان به سڏيندا هئا ۽ سندس گهر واري کين کي ”محبوب سائين“ جي نالي سان پڪاريندي هئي، سندس گهرواري 1985ع ۾، حيدرآباد لطيف آباد ڇهين نمبر گهر ۾ وفات ڪئي، کين لطيف آباد واري ڪينٽومينٽ قبرستان ۾ دفنايو ويو. (1)
اولاد :-
پروفيسر محبوب علي چنا کي مالڪ طرفان ڇهه فرزند ۽ چار نياڻيون عطا ٿيون. انهن جا نالا هن ريت آهن.
(1) شفيق الرحمان : (جنم 1942ع وفات 1994ع)
(2) عتيق الرحمان: جنم 1944ع وفات 2008ع
(3) چنا صاحب جي گهر ۾ 1946ع ۾ نياڻي ڄائي، جنهن جو نالو ”محموده “رکيائون.
(4) 1948ع ۾، چنا صاحب جي گهر ۾ ٻي نياڻي پيدا ٿي، جنهن جو نالو ”شميم“ چنا رکيائون.
(5) 1950ع ۾، سندن گهر ۾ فرزند پيدا ٿيو، جنهن جو اصل نالو خليق الرحمان رکيو ويو. پر گهر ۾ هن کي پيار مان پنهنجي مرحوم پيءُ محمد صالح چنا جي نالي سان سڏيندا هئا! چنا صاحب جن هن پٽ کي ٻئي نالي ” لالا ميان “ جي نالي سان به سڏيندا هئا. گهر ۾ هاڻي به لالا ميان جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
(6) 1955ع ۾، چنا صاحب جي گهر ۾ کين نياڻي پيدا ٿي، جنهن جو نالو پروين چنا رکيائون جيڪا هن وقت هوم اڪنامڪس زبيري ڪاليج تلڪ چاڙهي حيدرآباد ۾ پرنسپال آهي.
(7) 1956ع ۾، چنا صاحب جي گهر ۾، فرزند پيدا ٿيو جنهن جو نالو ”نجيب الرحمان “ رکيائون. سندس هي فرزند هن وقت مهراڻ يونيورسٽي ۾، ڊائريڪٽر اسپورٽس جي عهدي تي فائز آهن
(8) 1958ع تي چنا صاحب جي گهر ۾، فرزند پيدا ٿيو، جنهن جو نالو ”مجيب الرحمان “رکيائون.
(9) چنا صاحب جي گهر ۾، 1960ع تي نياڻي ڄائي جنهن جو نالو ”فوزيه“ رکيائون.
(10) ڏهين ۽ آخري نمبر تي پروفيسر محبوب علي چنا جي گهر ۾، 1962ع ۾ فرزند پيدا ٿيو، جنهن جو نالو حبيب الرحمان رکيو ويو سندس هي فرزند سندس ئي ٺهرايل گهر ، لطيف آباد نمبر ڇهين ۾ رهائش پذير آهي.
پروفيسر محبوب علي چنا هڪ نيڪ نمازي ۽ تهجد گذار انسان هو، قرآن شريف جي تلاوت ڪرڻ سندس روزانو جو دستور هوندو هو. پنهنجي شخصيت ۽ ڪردار جي ڪري اعليٰ حيثيت رکندا هئا. سندس نياڻي پروين چنا لکي ٿي ته:“ پاڻ ننڍي هوندي کان ئي تهجد گذار هئا ۽ ڪوشش ڪري ڪابه نفلي نماز نه ڇڏيائون، پيرن جي سور هوندي به بابا سائين جن نماز جا پابند رهيا ۽ ڪوشش ڪري بيهي نماز پڙهندا هئا، جيستائين قرآن پاڪ جو دؤر نه ڪندا هئا ته سڪون نه ملندو هون، دؤر سان گڏوگڏ، شاهه لطيف جا بيت به پڙهندا هئا ۽ مختلف ڏينهن تي مختلف دعائون ضرور پڙهندا هئا، بلڪه هر محل تي قرآن پاڪ جون آيتون پڙهندا هئا” (پروين ، 1978ع، ص 245 )
پاڻ هڪ سخي مرد به هوندو ھو، سندن طبيعت ۾ ديني رجحان گهڻو هوندو هو، هميشه سچ ڳالهائيندا هئا ۽ اولاد توڙي ٻين کي به حق ۽ سچ تي هلڻ جي تلقين ڪندا رهندا هئا. سندن ۾ الاهي صفتون موجود هيون، نياڻين کي تمام گهڻو ڀائيندا هئا ۽ انهن کي عزت جي حد تائين قرب ڏيندا هئا.
چنا صاحب جي گهر واري جي وفات جوسال ۽ اولاد جي حوالي سان سموري معلومات ۽ ڪجهه ٻي معلومات چنا صاحب جي پٽ محمد صالح چنا کان حاصل ٿي
ٻولين جي ڄاڻ :-
پروفيسرمحبوب علي چنا کي پنهنجي مادري ٻولي، سنڌيءَ تي ته عبور حاصل هو، پر ان سان گڏوگڏ کيس ٻين ٻولين جي مهارت به حاصل هوندي هئي. انهن ٻولين ۾ سنڌي، اردو، انگريزي، عربي، هندي ۽ فارسي شامل آهن، فارسي ۾ ته سندن ايم.اي ٿيل ھئي. انهي کان علاوه ٿي سگهي ٿو ته، پاڻ جڏهن آمريڪا ۽ جپان جي دوري تي ويا هئا ته جپان ۾ ڪجهه ماڻهن کي مسلمان ڪيو هئائون. تنهنڪري اِهو چئي سگهجي ٿو ته پاڻ جپاني ٻولي به سکي هوندائون.
سيرو سفر:-
پروفيسر محبوب علي چنا، پنهنجي سنڌ ڌرتي جي ته هر ڪنڊڪڙڇ ڏٺي، پر ٻين ملڪن جو به سير ڪيائون، جيڪي هي آهن.
1- انڊيا 2- آمريڪا 3 . جپان 4 .آخري سفر سندن، سعودي عرب جو هو، جتي جي پاڪ ڌرتيءَ سندس خواهش جي خاڪ جسم کي هميشه لاءِ پنهنجي آغوش ۾ رکي ڇڏيو.
علمي ۽ ادبي ايوارڊ:-
چنا صاحب کي، سندن علمي، ادبي خدمتن ۽ مهارت، ذهانت جي ڪري ڪيترائي ادبي ايوارڊ به مليا، انهن ۾.
(1) 1945ع ۾، بمبئي يونيورسٽي طرفان بي.اي جي امتحان ۾، سڄي سنڌ ۾ فرسٽ ڪلاس آيو، جنهن جي ڪري ”اعزاز ڊڪشنا فيلوشپ“مليو.
(2) 1947 ع ۾، ايم.اي سنڌيءَ ۾، سموري بمبئي پريزيڊنسي ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ”گولڊ ميڊل“ سان نوازيو ويو.
(3) 1961ع ۾، آمريڪي ورلڊ ٽوئر دوران سندس صلاحيت کي ڏسندي، آمريڪا وارن انعام ۾ هڪ (ڪار ) ڏني جيڪا پاڻ نه ورتائون، پر انهي ڪار جي عيوض پاڻ ڪار جي قيمت جيترا انعام ۾ ”ڪتاب “ ورتائون.
(4) 1970ع ۾، جيڪب آباد جي ڪاليج ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ دوران، اتي جي ڊپٽي ڪمشنر طرفان کين هڪ ”روالور ۽ گولڊ ميڊل“ ڏنو ويو.
وفات ۽ مدفن:-
چنا صاحب جڏهن 1977ع ۾ اسلام آباد نيشنل ڪميشن آف هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ريسرچ ڪميشن آف پاڪستان ۾ سيڪريٽري هئا، تنهن وقت کين حج ڪرڻ جو شوق ٿيو، پنهنجي پينشن جا پئسا ڪڍرائي، حج جي تياري ڪئي، انهيءَ وقت قراءِاندازي ڏاڍي ڏکي ٿيندي هئي، پر الله جي مهرباني سان سندس ۽ سندس گهر واري، ۽ هڪ فرزند محمد صالح چنا جو سعودي عرب وڃڻ لاءِ ڪم ٿي ويو. پاڻ جڏهن سعودي عرب پهتا ته اتي سڀ کان پهريان حج جا سڀ فرض پورا ڪري ڇڏيائون، اوچتو هڪ ڏينهن دل جي تڪليف ٿي پين ۽ پاڻ اتي ئي 24 نومبر 1977ع بمطابق 15 ذوالحج 1397 هجري تي هن فاني دنيا مان لاڏڻو ڪيو، سندس ميت کي سندس ئي خواهش موجب، مڪي شريف جي مشهور قبرستان ”جنت المعليٰ“ ۾ دفن ڪيو ويو، هن نيڪ ڪم ۾ سندس شاگرد، عبدالغفار ابڙو هالائي (1) ۽ سندن مرشد شيخ منظور حسين (2) خيرپور ميرس وارو، غلام محمد جانوري ۽ ٻين دوستن حصو ورتو. ۽ سندس گهر واري ۽ سندس فرزند ٻنهي کي پنهنجي ملڪ پاڪستان پهچائڻ ۾ پڻ مدد ڪئي.
(1) عبدالغفار ابڙو هالائي، پروفيسر محبوب علي چنا جو پيارو شاگرد هو. جيڪو هالا ڪاليج ۾ سندن وٽ پڙهيو هو. اهو به اتي الجزيره بئنڪ ۾ ملازم هو، هاڻي سنڌ ۾ آهي، جنهن سعودي عرب ۾، چنا صاحب کي دعوت به ڏني هئي، پر ٻئي ڏينهن چنا صاحب جن وفات ڪري ويا هئا.
(2) چنا صاحب جي پٽ نجيب الرحمان کان ذاتي انٽرويو دوران معلوم ٿيوته، شيخ منظور حسين رحه انهن ڏينهن ۾ سعودي عرب حج ڪرڻ لاءِ ويا هئا، شيخ منظور حسين کي بابا اسلام آباد ۾ رهڻ دوران پنهنجو مرشد ڪيو هو. پاڻ وڌيڪ ٻڌايائون ته، غلام محمد جانوري جيڪو بابا جو دوست هو، اهو جڏهن واپس پاڪستان آيو ته اسان کي ٻڌايائين ته، اسين سڀئي سائين شيخ منظور حسين رحه جي رهائش تي هڪ ڪمري ۾ ويٺا هئاسين ته، سائين جن مراقبي ۾ هئا، جڏهن مراقبو لاٿائون ته اوچتو رڙ ڪري چيائون ته، پروفيسر محبوب علي چنا جن کٽي ويا، هو رسول الله جن جي محفل ۾ وڃي شامل ٿيا آهن.
وفات جي حوالي سان شاعرن جي منظوم ڀيٽا
پروفيسر محبوب علي چنا جي وفات متعلق سندس همعصر ساٿي، احمد خان آصف مصراڻي، ”قطعه تاريخ وفات، پروفيسر محبوب علي چنا مرحوم“، هن طرح پيش ڪئي آهي.
1 حياتيءَ جو ويري سائين اجل،
اجل کي نڪا جهل نڪا آه پَل.
2 هتي جيڪو آيو لڏيندو اهو،
اهو آه “قانون فطرت” اَٽل.
3 چڱن ۽ سياڻن جو آهي چوڻ،
چڱو آ ! ڇڏڻ گهرجي ميلو متل.
4 زيارت ۽ حج جو ارادو ڪري،
هليو يار محبوب ماڻهو مٺل.
5 انهيءَ جي ڳڻن جون ڇا ڳالهيون ڪجن،
هو، سهڻو، سٻاجهو، پيارو پنهل.
6 هو، عالم ۽ عاقل ڪامل ڪبير،
مدّرس، محقق ،بلي بي بدل.
7 ونڊيندو رهيو، دولتون علم جون،
سندس زندگي ٿي سموري سڦل.
8 مڪي جو مڪين خاص بڻجي ويو،
خدا ۽ نبيءَ سان هيس لنوءَ لڳل.
9 سُکي ٿيو هُو پاڙي ۾ محبوب جي،
اسان تي جدائي جو ڪيري جبل.
10 نومبر ۽ اڻويهه، سَوَ، ست ستر،
ڏهين ماه ذوالحج جي آيس اَجل.
11 اُجهامي وئي علم جي روشني،
ويو ٿي! غروب اڄ 1397هه ماه عمل.
12 وجود ان جو آصف هو قُوّت وڏي،
ڪيو ان جي رحلت اسانکي نٻل.
(آصف – 1978ع ، ص 16)
احمد خان آصف مصراڻي، ڏهين شعر جي ٻي مصرع ۾، سنڌي تاريخ ڏهين ذوالحج ڄاڻائي آهي، پر سندن فرزند محمد صالح چنا 15 ذوالحج ٻڌائي، جيڪا درست آهي، ڇاڪاڻ ته هو اتي پنهنجي والد ۽ امڙ سان گڏ هو.
محمد پريل ”بيدار“ مڱريو سنگراروي تحصيل روهڙي، چنا صاحب جي وڇوڙي تي هڪ ياد گار نظم لکيو، جنهن ۾ سندن شروع کان وٺي آخر تائين جو ذڪر نظم جي صورت ۾ پيش ڪيو آهي، جيڪو هيٺ پيش ڪجي ٿو.
سسيوهڻ ۾ آهي ڄايو، محبوب علي چنا،
جنهن سنڌ کي جرڪايو، محبوب علي چنا.
ٻاويهين مارچ اوڻيهه سو ٻاويهه جانب جو جنم ڏينهن آ،
محمد صالح گهر آيو، محبوب علي چنا.
بي -اي ۽ ايم - اي ۾ ممبئي يونيو رسٽيءَ مان،
هو پهريون نمبر آيو، محبوب علي چنا.
سونو تمغو مليو انعام سرڪار کان ساجن کي،
نانءُ سنڌ جو چمڪايو، محبوب علي چنا.
هو پهريون پرنسپال ٿيو هو سروري ڪاليج جو،
ڪاليج کي رنگ لايو ، محبوب علي چنا.
نه ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو، تعليمي ماهر ٿيو،
ايڏو عهدو ٺڪرايو ، محبوب علي چنا.
ثاني ليکڪ هو، ڀڙ علم ادب ۾ هو،
سنڌي ادب کي ٻهڪايو، محبوب علي چنا.
گفتار جي غازي سان ڪردار جو غازي هو،
آ قوم کي جاڳايو، محبوب علي چنا.
“ارتقا سنڌي رسم الخط”، تحقيقي ڪتاب هن جو،
واهه پاڻ آ ملهايو، محبوب علي چنا.
تحقيق ڪري سنڌ کي، ڏيئي واهه ويو سهڻو،
علمي ادبي سرمايو، محبوب علي چنا.
مڪي مان ٿيو راهي، رب ڏانهن آهي راڻل،
مَلڪن پئي وهنجاريو، محبوب علي چنا.
رحلت جو عيسوي سال، 1977ع خان غفاز چيو هاتف،
24 نومبر گهرايو، .محبوب علي چنا.
“بيدار” جو مَدُفَن ڪر مولاٰ تون مديني ۾،
جيئن مڪي ۾ دفنايو، محبوب علي چنا.
نوٽ: هي نظم اڻ ڇپيل آهي.
*
حوالا
(1) جوتواڻي، موتي لعل، ڊاڪٽر: مقالو، ”شاهه لطيف سائين سراپا سنڌ يت هو“، اگهيا سٽ سندا. مرتب، ڊاڪٽر نور افروز، خواجه، شاهه لطيف ريسرچ سيل، سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو سال 2007ع ، ص – 80.
(2) بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر: مقالو، ”شهر سيوهڻ ۽ علائقي سيوستان جي قديم تاريخ“ ، ڪينجهر (تحقيقي جنرل) ايڊيٽر، ڊاڪٽر، نور افروز ، خواجه، شمارو ، 12 سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي ، ڄام شورو سال ، 2009ع ، ص 2 .
(3) خاڪي: مضمون، ”سنڌ جا پهريان مسلمان“، سنڌ آزاد نمبر، ”الوحيد“ ڇاپو ٻيو ، سيپٽمبر، سال ، 1979ع ، ص 147.
(4) قانع، مير علي شير، ٺٽوي: ”تحفته الڪرام“، مرتب، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، ڇاپو ڇهون، آگسٽ، سال 2011ع ، ص ، 81.
(5) خاڪي: ايضاً ، ص – 147.
(6) شيدائي، رحيم داد، مولائي: ”جنت السنڌ“ ،سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، ڇاپو ٻيو، سال 1985ع، ص، 36.
(7) چنا، محبوب علي ، پروفيسر : مضمون، ”منهنجي ڀاڳوند ڀيڻ“، ماهوار ”نئين زندگي“، سيپٽمبر ، آڪٽوبر ، سال ، 1974ع ، ص ، 68 .
(8) ايضاً ، ص - 68 .
(9) چنا، محبوب علي ، پروفيسر : ”سنڌي ادب جا مختلف رحجانات“ ، اداره ، صالح سيريز ، لطيف آباد، حيدرآباد ، سال، 1974ع ص ، 3 .
(10) فاروق، نصيرالدين، حڪيم: ”ذاتي انٽرويو“ 2010 – 10 -23
(11) سرڪي، محمد هاشم: ”ذاتي انٽرويو“ 2010- 01 -30.
(12) ميمڻ، هدايت الله، پروفيسر: مضمون، ”محبوب ادب“، ”محبوب جي ياد ۾“، مرتب ، پروانو سيوهاڻي، سرهاڻ پبليڪيشن، سيوهڻ، سال 1982ع ص ، 25.
(13) چنا، محبوب علي ، پروفيسر: مضمون، ”منهنجي ڀاڳوند ڀيڻ“ ماهوار ، ”نئين زندگي“، سال، 1974ع ص ، 67 ،68 .
(14) چنا، پروين: مضمون، ”جي جيءَ کي جيارين“، مهراڻ رسالو، ايڊيٽر، امداد حسيني، جلد، 27 ، نمبر 1 جنوري ، فيبروري ، مارچ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سال ، 1978ع ، ص ، 245.
(15) مصراڻي ، احمد خان، آصف: ”قطعه تاريخ وفات ، پروفيسر محبوب علي چنا مرحوم“، ماهوار رسالو، ”الرحيم“ ، ايڊيٽر، غلام مصطفيٰ قاسمي ، شاهه ولي الله اڪيڊمي ، صدر ، حيدر آباد. جنوري ، فيبروري ، سال 1978 ع ، ص ، 16.
باب ٽيون : پروفيسر محبوب علي چنا جون تعليمي ۽ تدريسي خدمتون
هڪ استاد، ليڪچرر، پروفيسر، پرنسپال ۽ سيڪريٽري طور خدمتون
پروفيسر محبوب علي چنا ملازمت جي شروعات 1942ع ڌاري، هڪ استاد جي حيثيت سان ڪئي ۽ پنهنجون خدمتون مختلف ادارن ۾ سر انجام ڏنيون. 1942ع ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول سيوهڻ ۾، استاد طور 1943ع ۾، سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي، 1945ع ۾ اين.جي.وي هاءِ اسڪول ڪراچي ۾ ڏنيون ۽ انهيءَ دوران (ايس. ٽي .سي) پڻ نمايان پوزيشن ۾ پاس ڪيائين. پاڻ جڏهن ڪراچي ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا هئا، تڏهن کين خوراڪ کاتي ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي به آڇ ٿي هئي، پر پاڻ نهايت ئي سچار ۽ سادي طبيعت وارو شريف انسان هو، انهيءَ ڪري پاڻ تعليم کاتي جي اداري کي ترجيع ڏيندي ان آڇ کي قبول نه ڪيائين.
چنا صاحب جي سالي خير محمد ڪوريجو کان ذاتي ورتل انٽريو مان به معلوم ٿيو ته: ”چنا صاحب جي همشيره زينت چنا جي مڙس عبدالله چنا، جيڪو ان وقت حيدرآباد ۾ ڊپٽي ڪمشنر هو، تنهن مون ڏي هڪ “ڊپٽي ڪليڪٽر” جو آرڊر موڪليو، مان اهو آرڊر ڪراچي کڻي ويس، تڏهن چنا صاحب اتي استاد هو ۽ لي مارڪيٽ ۾ رهندو هو، اهو آرڊر جڏهن مان کيس ڏنو ته پڙهي کلي چوڻ لڳو ته، مان انهن رشوتي کاتن ۾ ڪونه ويندس، مون لاءِ هي تعليم وارو کاتو بهتر آهي، مون کي تعليم کاتي سان دلچسپي آهي“. (ڪوريجو، ذاتي انٽريو، 2010ع).
انهي مان ثابت ٿئي ٿو ته، چنا صاحب پڙهڻ ۽ پڙهائڻ واري شعبي کي پنهنجي مرضي ۽ خوشي سان اپنايو. تعليم و تدريس سان گهڻي دلچسپي رکيائون. اهڙي دلچسپي جو اظهار ڪتاب ”مارو جي ملير“ ۾ هن طرح ڏنل آهي”1946ع ۾ چنا صاحب کي ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي جي لاءِ چونڊيو ويو. پر کيس تعليم و تدريس ۽ تصنيف و تاليف سان گهڻي دلچسپي پيدا ٿي چڪي هئي، انهي ڪري هن انتظامي کاتي ڏانهن وڃڻ پسند نه ڪيو، ۽ تعليم کاتي کي ترجيع ڏنائين“. (چانڊيو، 2001ع، ص، 584)
1948ع ۾ بي.ٽي پاس ڪرڻ کانپوءِ، گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾ بحيثيت (سنڌي ۽ فارسي) ۾ ليڪچرر ڀرتي ٿيو، ڪاليج ۾ رهڻ دوران پاڻ ادب سان وابسته رهيا ۽ پاڻ هن ڪاليج ۾”بزمِ لطيف“ جو بنياد وڌائون.۽ انجا صدر مقرر ٿيا، هو اڃا هن ئي ڪاليج ۾ هئا ته 1951ع ۾”لطيفي لنؤ“ جي عنوان هيٺ هڪ ڪتاب ترتيب ڏنائون.
چنا صاحب جڏهن هن ڪاليج ۾ استاد هئا، تنهن دؤر ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا کي شاگرد جي حيثيت ۾ چنا صاحب سان بحيثيت قابل استاد جي تمام گهڻي عقيدتمندي هوندي هين، پاڻ ذاتي انٽرويو ۾ ٻڌايائون ته: ”استادن ۾ سنڌي مضمون اسانکي عبدالعلي قلباڻي پڙهائيندو هو ۽ چنا صاحب (فارسي) پڙهائيندو هو. ڪاليج ۾ سڀئي استاد چنا صاحب کي ”محبوب استاد “ ڪري سڏيندا هئا. ان دؤر ۾ چنا صاحب سان منهنجي واقفيت عقيدتمندي سان ٿي.“ (الانا، ذاتي انٽرويو، 2011ع)
ان کانپوءِ (1951-05-25) ۾ ڊيپوٽيشن تي، سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ بنياد وجهندڙ پرنسپال جي حيثيت ۾ مقرر ٿيا، جنهن کان پوءِ ( 1953-03-16ع) تي سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جا انچارج مقرر ٿيا. پاڻ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جا مختلف رجحانات “ ۾ لکن ٿا ته:
” 16 مارچ 1953ع تي، سنڌ يونيورسٽي جي انچارج ”شعبه سنڌي “ جي حيثيت ۾ مون عهدو سنڀاليو. بس پوءِ ته قلندرانه وار مان يونيورسٽيءَ جي ڪمن ۾ مصروف ٿي ويس، مون اڪيلي سر سنڌي ڊپارٽمينٽ جو ڪم سنڀاليو، جنهن ۾ شاگردن جو ٻين محڪمن جي مقابلي ۾ زياده تعداد هو. ازانسواءِ ”شعبه فارسي“ جو گاهه بگائي ڪم ۽ ” شعبه تعليم“ جي ٽي.ڊي ۽ بي.ٽي جي سنڌي نصاب جو سارو ڪم، بغير ڪنهن اضافي معاوضي جي بندي پنهنجي ڪمزور ڪلهن تي چشمن سان چائي رکيو. ان ڳوري ڪم سان گڏوگڏ ٻيون ادبي سرگرميون به جاري رهيون. مان انتهائي خلوص ۽ بي لوثي سان اهڙي ته سخت محنت ڪئي جو منهنجي صحت خراب ٿيڻ لڳي ۽ اچانڪ هڪ لازوال دوست ”ذيابطيس“ حصهءِ محبوب ۾ آيو آخرڪار منهنجي اڳوڻي ننڍڙي سڄڻ، سروري اسلاميه ڪاليج هالا مونکي وري آواز ڏنو ۽ مون 30 جولاءِ 1954ع تي، سنڌ يونيورسٽي کي خير باد چئي هالا جو رخ ورتو“. (چنا، 1974ع ، ص، 10-9 )
محبوب علي چنا جي يونيورسٽي واري دؤر جي حوالي سان، ڊاڪٽر غلام علي الانا کان ذاتي انٽرويو ۾ هن طرح معلوم ٿيو:
”ڊاڪٽر بلوچ صاحب پاڻ سان ساٿي طور، سائين محبوب علي چنا کي 1954ع ۾، سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ آندو، سدائين پيو کلندو هو، تنهن ڪري ٿوري ئي عرصي اندر سنڌ يونيورسٽي جي مقبول استادن ۾ شمار ٿيڻ لڳو، بلوچ صاحب اسانکي لوڪ ادب پڙهائيندو هو ۽ چنا صاحب سنڌي ادب جي تاريخ، تنقيدي ادب ۽ شاهه لطيف. چنا صاحب وٽ اڻ کٽ علم هوندو هو، اسان شاگرد انهن ٻنهي استادن جا ڪلاس ڏاڍي شوق سان وٺندا هئاسين. يونيورسٽي ۾ ٻيا شاگرد پروفيسر ڊاڪٽر محمد حاجن شيخ، دادي ليلان، محترمه عزيزالنساءِ، پروفيسر نوربانو خواجه، مسٽر جان محمد عطار، آپا شمس عباسي ۽ اقبال شاهه شامل هئا. اهي سڀئي شاگرد چنا صاحب جا ڪلاس هر حالت ۾ اٽينڊ ڪندا هئاسين ته جيئن معلومات ۽ ڄاڻ ۾ اضافو حاصل ٿئي. سنڌ ۾ اهڙا محنتي ۽ قابل استاد تمام گهٽ آهن. “ (الانا - ذاتي انٽرويو- 2011ع)
ان کان پوءِ 1955-8-5ع ۾ چنا صاحب کي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ فارسي ۽ عربي جو پروفيسر منتخب ڪيو ويو ۽ ٻن مهينن لاءِ شاهه عبداللطيف گورنمينٽ ڪاليج ميرپور خاص ۾، پروفيسر جي حيثيت ۾ خدمتون ڏنائين، جتان 1955-10-16ع تي هن کي بطور پرنسپال سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ ڊيپوٽ ڪيو ويو، جتي پاڻ انهيءَ ئي عهدي تي 1960-7-24ع تائين رهيو.
چنا صاحب، سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ نه صرف ڪاليج جو انتظام بهتر نموني سان هلايو، گڏوگڏ ٻين ادبي سرگرمين ۾ به پاڻ سرگرم رهيا. جيئن بزمِ طالب المٰوليٰ هالا جا ميمبر ۽ انجمن فروغ ادب هالا جو سرواڻ ، بزمِ سروري جهڙين انجمنن جا ميمبر رهيا، جتي پاڻ ڪيترين ئي علمي، ادبي، سماجي، ثقافتي سرگرمين ۾ شامل رهيا ۽ اتان ڪيترائي وڏا اديب قابل عالم ۽ سماجي ڪارڪن پيدا ڪيائون.
پروفيسر هدايت الله ميمڻ، پنهنجي مقالي ۾ لکي ٿو ته: ”انجمن فروغ ادب هالا “ ۾ بحيثيت نگران اعليٰ، پاڻ نون ۽ سيکڙاٽ اديبن ۽ ليکڪن کي ادبي ۽ ثقافتي ۽ سماجي خدمتن لاءِ تربيت ڏيندا رهيا، جن مان ڪيترا مايه ناز اديب تربيت وٺي اڄ سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي سرمايه جو هڪ اهم حصو بنجي چڪا آهن، جن ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ، الطاف شيخ، پرنسپال محمود احمد ميمڻ، انور هالائي ۽ پرنسپال حميد شهيد، عبدالغفار ابڙو، جمال الدين ميراڻي، ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي ۽ هدايت الله ميمڻ جا نالا قابل ذڪر آهن.“ (ميمڻ، 1982 ع، ص، 27 ، 28)
هالا ۾ جن به شاگردن، چنا صاحب جي زيرِ نگراني ۾ تعليم حاصل ڪئي، انهن مان ڪيترائي اڄ به چنا صاحب جي انهن بي لوث خدمتن، سندس پيار ۽ محبت واري سٺي تربيت جي ڪري کيس ياد ڪندي، سندس نقشِ قدم تي هلي ڪامياب زندگي گذاري رهيا آهن. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، چنا صاحب پنهنجي شخصيت ۽ ڪردار ۾ ڪيڏو نه عظيم هو.
پروفيسر چنا جي اهڙي پيار ۽ محبت واري رويي جي حوالي سان، ڊاڪٽر سليمان شيخ هن طرح لکي ٿو ته:
”جنهن محبت ۽ شفقت سان اسان کي علم و ادب جا ابتدائي سبق، سائين چنا صاحب جي صحبت ۾ حاصل ٿيا ان جو اپٽار اکرن ۾ ممڪن ڪونهي. انهن ئي محفلن ۾ اسان تقرير ڪرڻ جو ڏانءُ سکيو، جلسن جون ڪاروايون هلائڻ سکياسين، ان سڄي جاکوڙ جي پس منظر ۾ سائين محبوب علي چنا صاحب جن جي همٿ افزائي، رهنمائي ۽ ڀرپور شخصيت هئي.“
ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته، پروفيسر محبوب علي چنا جي ڪردار ۾ اهي سڀ صلاحيتون موجود هيون جيڪي هڪ سٺي ۽ محنتي استاد ۾ هجڻ کپن. پاڻ هڪ قابل ۽ شفيق استاد هو، کيس سنڌي، عربي ۽ فارسي ٻولين جي تمام گهڻي ڄاڻ هئي. هو هڪ ماهر عالم وانگر، سنڌ جي وڏن ۽ عظيم شاعرن لطيف سرڪار، رومي، سچل سائين ۽ قلندر شهباز جي شاعريءَ بابت تمام گهڻو ڪجهه ڄاڻندو هو انهيءَ ڪري ئي کيس انهن سان تمام گهڻي عقيدت مندي به هئي.
ڊاڪٽر سليمان شيخ صاحب، اڳتي هلي ساڳئي صفحي تي لکي ٿو ته: ”سائين چنا صاحب اهڙو استاد هو، جنهن کي هميشه شاگردن سان ٻچن جهڙو پيار هو. هو ذاتي طرح ڪاليج جي هر هڪ شاگرد کي سڃاڻيندو هو، سندن طبيعتن ۽ عادتن کان واقف هو سندس ياداشت بيحد تيز هئي ۽ هڪ دفعي ملاقات ڪرڻ کانپوءِ ڪوبه سندن شخصيت جي طلسم کان ٻاهر نڪري نه سگهندو هو، شاهه لطيف، سچل سرمست، مولانا رومي، لعل شهباز قلندر سان سندن گهري عقيدت هئي، فارسي ۽ عربي تي عبور حاصل هوندو هونِ،“ (شيخ، 1982، ص- 19-18ع)
پروفيسر محبوب علي چنا نه صرف هڪ بهترين استاد ۽ منتظم هئا، پر شاگردن توڙي ٻين عام ماڻهن لاءِ به ڇپر ڇانوَ رهيا، ۽ هر ڪنهن سان همدرد طور پيش ايندا هئا.
محمد عثمان سولنگي جيڪو اڄ ڪلهه هالا ۾ رهائش پذير آهي. کانئس پروفيسر محبوب علي چنا جي متعلق ذاتي انٽرويو ورتو. پاڻ انٽرويو ۾ هن طرح ٻڌايائون:
”اسانجي ڳوٺ پنجوٿا ۾ ڪالرا جي بيماري آئي ۽ ڪافي ماڻهو انهيءَ بيماري ڪري فوت ٿي ويا ۽ ٻيو ته منڇر جي ڪري سڀ زمينون ڪلر ٿي تباهه ٿي ويون، اسان انهيءَ دؤر ۾ تمام گهڻي عذاب واري زندگي گذارڻ لڳاسين، مان اڃا ننڍو هوس، منهنجي چاچي ۽ منهنجي پيءُ لال محمد سولنگي، اهو فيصلو ڪيو ته اسان ٻنهي مان ڪنهن هڪ کي شهر ۾ رهڻو پوندو، نه ته زندگي جو گذر سفر ڪيئن ٿيندو. لال محمد سولنگي چنا صاحب جو پهرين درجي کان پنجين درجي تائين هم ڪلاسي ۽ ويجهو رهيو. جڏهن محبوب علي چنا 1951ع ۾ هالا ڪاليج جو پرنسپال ٿيو، ته کين لال محمد جي مفلسي واري زندگي ڏسي تعجب ٿيندو هو ۽ کين هالا هلڻ لاءِ چيائين، چنا صاحب جي چوڻ تي کيس هالا هلڻو پيو ۽ اتي چنا صاحب، لال محمد سولنگي کي ڪاليج ۾ ” نائب قاصد“ جي نوڪري وٺي ڏني، نه صرف ايترو پر لال محمد سولنگي جي ڀاءُ علي محمد سولنگي جي پٽ “بصر” کي به ڪاليج ۾ پٽيوالو ڪري رکيو.“ (سولنگي، ذاتي انٽرويو، هالا، 2011ع)
پاڻ هر ڪنهن جو همدرد، ساٿي ۽ مدد گار هوندو هو. غريب ۽ بي پهچ ٻارن کي تعليم حاصل ڪرڻ ۽ نوڪري وغيره ڏيارڻ لاءِ ڪوششون وٺندو رهندو هو. چنا صاحب نه صرف سيوهاڻين کي هالا ۾ آباد ڪيو، پر خاص ڪري سيوهڻ جي بي پهچ شاگردن کي به گهڻو همٿائيندو هو. جڏهن مان هالا ڪاليج ۾ ويس ته اتي هڪ شخص ”صوف خاصخيلي“ سان ملاقات ٿي، جيڪو چنا صاحب جي دؤر ۾ چنا صاحب جي بنگلي تي بورچي جو ڪم ڪندو هو. سندس عمر به ڪافي وڏي هئي، جڏهن مان چنا صاحب متعلق ذڪر ڇيڙيو، ته پاڻ سندس باري ۾ هن ريت اظهار ڪيو:
”يار ڪهڙي انسان جي ٿو ڳالهه ڪرين، اڄ ڪٿي آهن اهي سچا انسان، جن وٽ پيار ۽ محبت، مٺاس به هو ته وري دهشت دهمان به هو. مان هتي پٽيوالو هوندو هوس، پر مونکي چنا صاحب جي بنگلي تي بورچي ڪري رکيو ويو، ڇاڪاڻ ته مان ماني وغيره پچائڻ جو به ڪم ڪندو هوس، چنا صاحب جي دؤر ۾ ايڏو ته پڙهائڻ جو انتظام سخت هو جو ٽي ڀيرا حاضري ڀري ويندي هئي، هڪ 9 بجي، ٻيو 12 بجي ۽ ٽيون 2 بجي، مجال جو ڪو شاگرد ٽين ٽين ڪري، انهيءَ مهل ڪاليج جي نيڪالي جو سرٽيفيڪٽ ڏنو ويندو هو. انهيءَ دؤر ۾ ڪاليج ۾ 60 ڪمرا ۽ ٽي هال هوندا هئا. چنا صاحب جي پهرين بينچ جي شاگردن جنهن ۾ صوف خاصخيلي به هو، انهيءَ جي باري ۾ هن ٻڌايو ته: ڌڻي بخش ڪاڪا، جيڪو نيو سعيدآباد جو هو، دلبر مورائي، مشتاق احمد ٽانوري، شڪارپور جو ڊاڪٽر مير بيگ لغاري، شهداد پور جا شير بيگ، بچل بيگ ۽ عزت علي شاهه سيوهاڻي وغيره ٻڌايا“. (خاصخيلي، ذاتي انٽرويو، 2011ع)
جڏهن چنا صاحب کي هڪ استاد جي حيثيت ملي، ته پاڻ هڪ ڪامياب ترين استاد ثابت ٿيو ۽ سرت وارن ۽ سڄاڻن جي قطار ۾ نشا نبر ٿي بيٺو.
اهڙيءَ طرح چنا صاحب 1960-10-18 تي ”فارسي ۽ عربي“ جو پروفيسر ٿي گورنمينٽ ڪاليج ميرپورخاص ۾ آيو. جيئن ته پروفيسر محبوب علي چنا وڏو تعليمي ماهر هو، سندس علمي مرتبي کي نظر ۾ رکندي، آمريڪي سرڪار کيس 1961ع تي خاص دعوت ڏئي آمريڪا گهرايو هو ۽ کيس اسپيشلسٽ ورلڊ ٽوئر جي حيثيت ۾، لڳ ڀڳ پنجن مهينن لاءِ بطور ميمبر ڪيو ويو، هن اتي جا علمي ادبي ادارا ڪاليج، يونيورسٽيون ۽ لائبريريون ڏٺيون، اتي جي گوڊارڊ ڪاليج ۾ بحث مباحثا ۽ سيمينار ڪرايا ۽ هن آمريڪا جي مختلف يونيورسٽيز ۽ ڪاليجز ۾ (150) ليڪچر ڏنا، سندس ورمنٽ ۽ يو.ايس.اي ميچيگن يونيورسٽي ۽ ييل يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف اورينٽل اسٽڊيز ۾ مقرري ٿي. چنا صاحب موٽندي جپان ۽ ٻين ملڪن جو علمي دورو ڪري اتان جي ڪيترن ئي اسڪالرن سان مليو ۽ ساڻن بحث مباحثا ڪندو رهيو ۽ موٽندي ڪيترائي ڪتاب آندائون، سندن اهڙي علمي سفر تان واپس اچڻ وقت علمي ۽ ادبي سرمايو آڻڻ گهٽ ڳالهه نه هئي، کيس ڪتابن پڙهڻ ۽ گڏ ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق هوندو هو. پاڻ جتي به ويندا هئا، ڪتاب خريد ڪندا هئا ۽ عالمن سان ملي، بحث مباحثو ڪرڻ سندس شوقن ۾ شامل هوندو هو.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، پنهنجي مقالي ۾ لکي ٿو ته: ”چنا صاحب جڏهن آمريڪا مان موٽيو ته مان ساڻس ملڻ ويس ته ريشم گلي حيدرآباد واري گهر جي جنهن ڪمري ۾ ويٺو هو، ان جي هڪ ڪنڊ ۾ ڪتابن جا سٿا پيا هئا جيڪي ڇت کي ڇهي رهيا هئا، ٻيا به ملڻ وارا ويٺا هئا، پاڻ ڪتابن ڏي اشارو ڪري چيائين ته، هيءَ دولت ڪمائي آيو آهيان ۽ گهمي آيو آهيان ڪيترن ئي اسڪالرن جا نالا ورتائين، جن سان ملي ۽ بحث مباحثا ڪري آيو هو.“ (جوڻيجو ، 2007ع ص – 123 )
چنا صاحب کي پنهنجي ڌرتيءَ سان، ڌرتيءَ جي ماڻهن سان ۽ انهن جي ٻوليءَ سان تمام گهڻو پيار هوندو هو. کيس ٻاهرين ملڪن ۾ نوڪري لاءِ ڪيتريون وڏيون آڇون پيش ڪيون ويو، پر پاڻ پنهنجي جنم ڀوميءَ کي ڇڏي ٻاهر ڪٿي وڃي رهڻ لاءِ تيار ڪونه هئا.
پروفيسر محبوب علي چنا صاحب جي فرزند نجيب الرحمان جپان جي ٽوئر جي حوالي سان ٻڌايو ته:
”پاڻ جڏهن جپان جي ٽوئر تي ويا ته اتي ستن، اٺن ڄڻن کي مسلمان ڪيائون. ان کانپوءِ کين جپان ۾ اها به آڇ ٿي ته هتي مسجد جا ”پيش امام“ ٿي رهو، پر بابا کي پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ملڪ سان بيحد پيار هو، انهي ڪري بابا انڪار ڪيو، نجيب الرحمان وڌيڪ ٻڌايو ته، بابا کي اتي آمريڪا وارن هڪ ڪار تحفي ۾ ڏني هئي، پر هن ڪار وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته مونکي ڪار بدران اگر علمي ڪتاب ڏنا وڃن ته بهتر ٿيندو.“ (چنا، ذاتي انٽريو، 2010ع)
انهي مان صاف ظاهر ٿيو ته، محبوب سائين کي علم توڙي ادب سان اڻ کٽ چاهه هو ۽ اهو محبوب سائينءَ جي زندگيءَ جو زنده مثال آهي.
پروفيسر چنا صاحب، آمريڪا مان موٽيندي 1 نومبر 1962ع ۾ ڊيپوٽيشن تي، جامعه عربيه ڪاليج حيدرآباد جو پرنسپال مقرر ٿيو، جتان پوءِ 1963-8-16 کان 1966-8-15ع تائين سچل سرمست آرٽس ڪاليج حيدرآباد جو پرنسپال ٿي رهيو، اڳوڻو تعليم کاتي جو سينئر صوبائي وزير تعليم، پير مظهرالحق به، چنا صاحب جو گورنمينٽ سچل سرمست آرٽس ڪاليج ۾ شاگرد رهيو، چنا صاحب جي علمي ۽ ادبي شخصيت جي حوالي سان لکي ٿو ته:
”سائين محبوب علي چنا حيدرآباد جي مشهور تعليمي اداري سچل سرمست آرٽس ڪاليج جي پرنسپال جي عهدي تي ممتاز علمي ۽ ادبي شخصيت جو مالڪ هو، ان هوندي به سندس رويو هر ادنيٰ کان ادنيٰ ماڻهو سان نهايت وڻندڙ ۽ پيارو هو، پنهنجن شاگردن سان ته تمام شفقت سان پيش ايندو هو مون کي پڻ سندس ڪاليج ۾ مختصر عرصي لاءِ شاگرد هئڻ جو شرف حاصل آهي. آءٌ سندس شخصيت کان ايترو ته متاثر ٿيس جو دل گهرندي هئي ته، هر وقت سندس آفيس ۾ ويهي، سندن مٺڙيون ۽ معلوماتي ڳالهيون ٻڌجن، پرساڳئي وقت سندس علمي رتبي سبب، مون لاءِ ائين ڪرڻ ممڪن نه هو.“ (پير مظهرالحق، 1982ع ،ص- 81)
اهڙيءَ ريت پاڻ 1966-8-16ع کان 1967-01-3ع تائين، گورنمينٽ انٽرميڊيئيٽ ڪاليج لطيف آباد حيدرآباد ۾ پرنسپال مقرر ٿيو، ان کان پوءِ 1968-1-11ع کان 1969-7-23ع تائين گورنمينٽ ڊگري ڪاليج راولپنڊي ۾ سيڪنڊ شفٽ جو وائيس پرنسپال جي حيثيت سان، هڪ سال ڇهه ميهنا 12 ڏينهن لاءِ پرنسپال جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون.
ان کان پوءِ چنا صاحب، 5 آگسٽ 1969ع کان 1970ع تائين، بحيثيت پرنسپال گـــورنــمينٽ ڊگـــري ڪــاليج جيڪب آباد يعني تيرنهن مهينن لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون. جيڪب آباد ۾ ڊپٽي ڪمشنر طرفان کيس هڪ “روالور ۽ گولڊ ميڊل” ڏنو ويو هو. (1) جيڪب آباد کان پوءِ پاڻ وري شاهه عبداللطيف گورنمينٽ ڪاليج مير پورخاص ۾، ساڍن پنجن مهينن لاءِ پرنسپال طور خدمتون سر انجام ڏنيون، ساڳئي ريت چنا صاحب، 1971ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن ڪراچي ۾ پرنسپال جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون، 1972ع ۾ گورنمينٽ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ڪراچي ۾ پڻ پرنسپال ٿي رهيا. اتي ٻن سالن جي بي لوث خدمتن کان پوءِ کين تعليم واري وزارت، گورنمينٽ آف پاڪستان، اسلام آباد طرفان نيشنل بوڪ فائونڊيشن لاءِ 1973-2-12ع تي سيڪريٽري طور مقرر ڪيو ويو.
ڊاڪٽر غلام علي الانا، چنا صاحب جي ٻئي دؤر شروع ٿيڻ جي حوالي سان هن طرح ٻڌايو:
”چنا صاحب جي زندگيءَ جو هڪ ٻيو دؤر شروع ٿيو، جڏهن پاڻ نيشنل بوڪ ڪائونسلنگ يا بوڪ فائونڊيشن، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دؤر ۾، اسلام آباد ۾، بڪ ڊولپمينٽ لاءِ ٻه ادارا کوليا ويا هڪ نيشنل بوڪ ڪائونسل جنهن جو ڪم هو ته جيڪي علمي ۽ ادبي ڪتاب ڇپائبا هئا، انهن جي پرنٽنگ، گيٽ اپ ۽ ادبي مواد تي اهو ادارو انعام ڏيندو هو.ٻيو هو نيشنل بوڪ فائونڊيشن، جنهن جو ڪم هو ٽيڪسٽ بڪس ڇپائڻ، ماڻهن کان لکرائڻ. “چنا صاحب نيشنل بوڪ فائونڊيشن ۾ سيڪريٽري ٿي ويا هئا“. (الانا، ذاتي انٽرويو، 2011ع)
اهڙيءَ طرح چنا صاحب آخر ۾ 1976ع کان 1977ع تائين نيشنل ڪميشن آف هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ريسرچ گورنمينٽ آف پاڪستان جا سيڪريٽري ٿي رهيا.
اتي اسلام آباد ۾ رهڻ دوران کين حج ڪرڻ جو شوق ٿيو. چنا صاحب جي فرزند محمد صالح چنا کان ورتل انٽرويو ۾ هن طرح معلومات ملي: “ انهي دؤر ۾ مان الائيڊ بئنڪ، ڊسٽرڪٽ دادو جو مينجرهوس تڏهن خط و ڪتابت جو سلسلو جاري هو، بابا جن هڪ خط لکيو، جنهن ۾ حضور صلعم جن سان تمام گهڻي محبت جو اظهار ڪيل هو. انهيءَ جا ڪجهه فقرا هئا ته ، “ بابا مونکي يار ياد ڪيو آهي پر ثمر ڪونهي، پر چاهيائين ته پاڻ گهرائيندا” اِها هڪ اهڙي ته اُڪير هئي جو بابا کي، الله تعاليٰ مذهبي حوالي سان به ويجهو ڪري ڇڏيو، جو پاڻ خط ۾ (رسول اللهﷺ) کي يار جي نالي سان پڪاريو اٿن، هڪ عام ماڻهو جي ايڏي وڏي هجت ڪرڻ ۽ يار چوڻ اِها هڪ شديد اندر جي اُڪير ئي هوندي.”(چنا، ذاتي انٽرويو،2010 )
1) چنا صاحب جي فرزند نجيب چنا کان ذاتي ورتل انٽرويو ۾ معلومات ملي، جڏهن پاڻ اتي جيڪب آباد ۾ پڙهندا هئا ته، شام جو مير سڪندر کوسي جي اوطاق تي ادبي محفلون ۽ مشاعرا ٿيندا هئا، اتي ڪيتريون علمي ۽ ادبي شخصيتون، اچي گڏ ٿينديون هيون، بابا کي اتي ڊپٽي ڪمشنر طرفان هڪ روالور ۽ گولڊ ميڊل ڏنو ويو هو.
اسلام آباد ۾ رهڻ دوران ،اتي هڪ مرشد جو مريد به ٿيو هو، جنهن جو نالو شيخ منظور حسين صاحب هو، جيڪو اصل خير پور ميرس جو ويٺل هو. مرشد واري ڳالهه ڊاڪٽر عبدالغني شيخ، شعبه عربي، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو به ٻڌائي، ته سائين شيخ منظور حسين بلڪل چنا صاحب جو مرشد هو. سائين عبدالغني شيخ صاحب مونکي، ”برڪات الصلوٰت“ سنڌي ۾ درود پاڪ جو ڪامل ۽ مڪمل مجموعو، ڏيکاريو جنهن ۾ شجره نقشبندي ڏنل آهي، شيخ منظور حسين (34) نمبر تي آيل آهي، انهي مان ثابت ٿئي ٿو ته، پاڻ طريقه نقشبندي سان واسطو رکندڙ هئا“.
علمي، ادبي ادارن سان وابستگي
(1) سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد، لاءِ ايڪس آفيسر، ميمبرجي حيثيت ۾ سينيٽ ، آرٽس فيڪلٽي، اسپورٽس بورڊ ۾ ڪم ڪيو، ۽ سنڌي ، فارسي ۽ عربيءَ لاءِ ميمبر ايڪيڊمڪ ڪائونسل ۽ بورڊ آف اسٽڊيز، سنڌ يونيورسٽي مقرر ڪيو ويو هو.
(2) بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن، حيدرآباد لاءَ بحيثيت ميمبر، ايڪيڊمڪ ڪاميٽيز ۽ ڪنوينر بورڊ آف اسٽڊيز فارسي لاءِ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون.
(3) ڪراچي يونيورسٽي ۾، بحيثيت چيئرمين بورڊ آف اسٽڊيز، ايجوڪيشن ۽ ميمبر بورڊ آف اسٽڊيز، سنڌيءَ لاءِ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون.
(4) ڪراچي ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي بورڊ ۾، بطور ڪنوينر، بورڊ آف اسٽڊيز، سنڌيءَ لاءَ ڪم ڪيو.
(5) آمريڪن هسٽاريڪل سوسائٽي، ( يو – ايس – اي ) ييل يونيورسٽي ، اورينٽل انسٽيٽيوٽ، سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي ،پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽي ۽ پاڪستان ميموريل ايسوسيئيشن جو ميمبر رهيو.
(6) 1964ع، گورنر اولهه پاڪستان پاران، کيس بورڊ، آف گورنر سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد لاءِ ميمبر طور مقرر ڪيو ويو.
مخلتف سوسائٽين ۽ بورڊن جو ميمبر ۽ سرواڻ جي حيثيت ۾
(1) لطيفرح يادگار ڪائونسل حيدرآباد، جو ميمبر.
(2) قلندر شهباز يادگار ڪاميٽيءَ جو، باني ميمبر.
(3) ايجوڪيشن سوسائٽي هالا جو، ميمبر.
(4) طالب الموليٰ هاءِ اسڪول بورڊ دادوءَ جو، باني ميمبر.
(5) مينيجنگ بورڊ آف طب ڪاليج حيدرآباد جو، باني ميمبر.
(6) جميعت الشعرا سنڌ لاڙڪاڻي جو، ميمبر.
(7) بزم طالب الموليٰ سنڌ هالا جو، ميمبر.
(8) انجمن فروغ ادب هالا جو، سرواڻ.
(9) سچل ڪو آپريٽو ايڪيڊمي درازا شريف جو، ميمبر.
(10) بزم شهباز ايڪيڊمي، اوقاف کاتي جو، اعزازي سيڪريٽري.
(11) لعل شهباز ، قلندر، ثقافتي ۽ ادبي ڪاميٽي، حڪومت سنڌ جو، اعزازي سيڪريٽري.
(12) انٽرنيشنل فرينڊشپ پاڪستان ڪراچي جو، سرواڻ.
(13) اولهه پاڪستان جي ايجوڪيشنل بيورو پاران کيس حيدرآباد ريجن لاءِ، ريجنل ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو.
(14) ماهوار “فردوس” هالا جو، اعزازي ايڊيٽر.
(15) بزم لطيف جو صدر گورنمينٽ ڪاليج، حيدرآباد.
(16) بزم سروري ، سروري اسلاميه ڪاليج هالا، جهڙين ادبي سوسائيٽن جو بنياد وجهندڙ ۽ سرواڻ رهيو.
(17) سچل سرمست آرٽس ڪاليج حيدرآباد ۾ بزم سچل ۽ بزم ادب کي ٻيهر سرگرم ڪيو ۽ انجي احاطي ۾ انهن هستين بابت لکيو ۽ سيمينار ڪرايا ۽ انهن جون ساليانه ورسيون منعقد ڪرايون.
پروفيسر محبوب علي چنا جو ڪارنر
پروفيسر محبوب علي چنا جي وفات کانپوءِ، سندس گهر وارن اُڪي جي اُڪي لائبريري (44570 ) ۾، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي يونيورسٽي آف سنڌ، ڄامشورو، جي ريسرچ لائبريري کي وڪرو ڪري ڏني ، چنا صاحب جو ڪارنر، 17 آڪٽوبر 1981ع تي قائم ڪيو ويو، ۽ سندس موجود ڪارنر ”يارهين نمبر“ تي آهي هن ڪارنر جي فائيل مان معلوم ٿئي ٿو ته لسٽ ۾ ڪتاب، اڻويهين ۽ ويهين صديءَ جا ڇپيل آهن جيڪي ڪتاب ناياب ۽ اڻلڀ آهن، فائيل ۾ ڪل (5008) ڪتابن جي لسٽ ڏنل آهي، جيڪي ڪتاب سنڌي اردو، انگريزي ، فارسي ۽ عربي زبانن ۾ آهن. چنا صاحب جي ڪتابن جي لسٽ صفحي (1 کان 342 ) تائين ڏنل آهي. چنا صاحب جي موجود ڪارنر ۾ ڪجهه ڪتاب اهڙا آهن، جيڪي سنڌ الاجي جي لائبريري ۾ موجود نه آهن.
ڪتابن، رسالن، اخبارن جو تفصيل هن ريت آهي:
(1) سنڌي ڪتاب، سنڌي رسالا، سنڌي اخبارون، ٽوٽل: 2258
(2) عربي، فارسي ۽ اردو ڪتاب ، ٽوٽل: 1200
(3) انگريزي ڪتاب ، مئگزين، ٽوٽل: 1550
چنا صاحب جي ڪارنر جو مواد، تعليم، اسلام تاريخ، ثقافت، سنڌي، اردو ۽ انگريزي ادب جي مضمونن تي مشتمل آهي.
سندس ڪارنر ۾ هڪ قلمي نسخو پڻ موجود آهي، جيڪو تمام زبون حال ۾ آهي، وچان پنا اڏوهي کاڌل آهن. اهو قلمي نسخو ” تفسيرقرآن ڪريم سنڌي“ ۾لکيل آهي جيڪو ميان فاضل شاهه جو لکيل آهي، تاليف جو سن 1322 هجري سائيز 32 ×19 س – م.
ڪيفيت : هي قرآن مجيد جي ٽيئن سيپاري جو، سنڌيءَ ۾ مفصل تفسير آهي، جنهن جو پنو سادو ۽ پراڻو آهي ٽوٽل صفحا – (370) آهن.
*
حوالا:
(1) ڪوريجو، خير محمد: “ذاتي انٽرويو ”، 2010 - 03 – 27.
(2) چانڊيو، خادم حسين: مرتب،”مارو جي ملير جا“، گنج بخش، ڪتاب گهر، حيدرآباد ،سال 05-2004ع ،ص - 584.
(3) الانا، غلام علي ، ڊاڪٽر: ”ذاتي انٽرويو“، 2011 -01 -25.
(4) چنا ، محبوب علي پروفيسر: ”سنڌي ادب جا مختلف رجحانات “ ،اداره صالح سيريز، لطيف آباد، حيدرآباد، سال 1974ع، ص 9 ، 10.
(5) الانا ، غلام علي، ڊاڪٽر: ”ذاتي انٽريو“ 201 -01 -.25.
(6) ميمڻ، هدايت الله، پروفيسر: مضمون، “محبوب ادب”، ” محبوب جي ياد ۾“، مرتب، پروانو سيوهاڻي، سرهاڻ، پبليڪيشن: سيوهڻ، سال، 1982ع ص ، 27، 28.
(7) شيخ، سليمان ڊاڪٽر: مضمون، ”سائين محبوب علي چنا جي ياد ۾“، ” محبوب جي ياد ۾“ مرتب، پروانو سيوهاڻي، سرهاڻ، پبليڪيشن سيوهڻ، 1982ع ص،18 ، 19 .
(8) سولنگي، لال محمد: ” ذاتي انٽرويو“، 2011 - 07 -.23.
(9) خاصخيلي، صوف : ”ذاتي انٽرويو“، 2011 - 07 - 23.
(10) جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر: مقالو ،”پروفيسر محبوب علي چنا، شخصيت ۽ ادبي خدمتون“، ”علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ سندس همعصر عالم ۽ اديب “، مرتب، ڊاڪٽر قاضي خادم، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، چيئر، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو، سال، 2007ع ، ص ، 123.
(11) چنا، نجيب الرحمان : “ذاتي انٽرويو”، 2010 - 06 - 23.
(12) پير، مظهرالحق :- مضمون، ”ويچار“،” محبوب جي ياد ۾“ مرتب، پروانو سيوهاڻي، سرهاڻ، پبليڪيشن، سيوهڻ، سال، 1982ع ص، 81 .
(13) الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: “ ذاتي انٽرويو”، 2011 - 01 - 25.
باب چوٿون: پروفيسر محبوب علي چنا جون ادبي خدمتون
پروفيسر محبوب علي چنا جا نثر ۾لکيل ۽ شايع ٿيل ڪتاب
پروفيسر محبوب علي چنا هڪ برک عالم، اديب، مصنف، مؤرخ، مقرر، استاد، سٺو منتظم ۽ محبوب صفت بزرگ هو. هن پنهنجي سڄي عمر پڙهڻ، پڙهائڻ، سکڻ ۽ سيکارڻ، عملي تجسس ۽ تاريخي تحقيقات ڪرڻ ۾ صرف ڪئي، پاڻ ڪيترائي ڪتاب تاليف ڪيائون، جيتوڻيڪ سندس تصنيفون ٿوريون آهن، مگر مواد ۽ معيار جي لحاظ کان اهي املهه آهن، چنا صاحب جي لکڻين جي ڪنهن به پهلوءَ تي نظر ڪجي ٿي ته، پنهنجي رنگ ۽ ڍنگ ۾ هو نرالو ۽ بلند پايه شخصيت جو مالڪ نظر اچي ٿو، پروفيسر چنا صاحب جيڪي به ڪتاب لکيا آهن، تن جي اڀياس مان معلوم ٿو ٿئي ته، سندن مطالعو ۽ نظر ڪيتري نه وسيع هئي، مطلب ته علم ۽ ادب جي سڀني صنفن تي حاوي هئا. سندس خاص تصنيفات ڪيل ڪتابن ۽ مقالن جا عنوان، علم و ادب، تحقيق، تنقيد، تاريخ، آثارِ قديمه، شاعري، لطيفيات ۽ شخصيات اچي وڃن ٿا. درس و تدريس سان گڏ سنڌي زبان، سنڌي ادب ۽ سنڌ جي تاريخ جي جيڪا خدمت ڪئي اٿن، اها وسارڻ جوڳي نه آهي، چنا صاحب پنهنجي علمي، ادبي، سماجي ۽ ثقافتي خدمتن جي ڪري، هڪ اعليٰ شخصيت جا مالڪ هئا، پاڻ ننڍپڻ کان وٺي علم ادب سان چاهه رکندڙ هئا، اهڙي طرح سان پنهنجي وسيع مطالعي سان جيڪو به تحقيقي ڪم ڪيائون، ان ۾ سنڌ جي پيار ۽ محبت جو عنصر نظر اچي ٿو.
عبدالله چنا پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته: ”محبوب علي چنا کي نظم ۽ نثر ۾ لکڻ جو ننڍپڻ کان شوق هو، پر لکڻ جي باقاعده شروعات نوڪري ملڻ کانپوءِ ڪيائين، کيس سنڌي ٻولي ۽ انجي ادب سان ڏاڍي محبت هئي، پاڻ نظم لکندا هئا، ۽ نثر به، پر گهڻو نثر ۾ لکيو اٿن.“ (چنا، 1982ع، ص، 68)
سندس لکڻ جو نمونو هميشه سليس ۽ با محاوره هوندو هو، ڪتابن ۾ اصطلاحي زبان استعمال ڪئي اٿن، صفائي ۽ سادگي سندن خاص طرز هوندي هئي ۽ مختصر لفظن ۾ طويل مفهوم کي بيان ڪري وڃڻ، سندس ممتاز خصوصيت هوندي هئي.
سيد اظهر گيلاني پنهنجي هڪ تاثراتي مضمون ۾ چنا صاحب لاءِ لکيو آهي ته:
”هو هڪ فطري اديب، سخن سنج، سخن فهم، سخن دان، سخن شناس، سخن جي لڄ رکندڙ، باوقار انسان هو، شروع شروع ۾ ان جا هلڪا هلڪا ۽ دل کي ڇڪيندڙ مضمون، سنڌ جي رسالن، اخبارن ۾ آب و تاب سان شايع ٿيندا رهندا هئا، جن کي ماڻهو وڏي شوق ۽ حُب سان پڙهندا ۽ داد ڏيندا رهندا هئا، هن جي تحرير ۾ بي تڪلفي ۽ حقيقت بياني هوندي هئي.“ (گيلاني، 1982ع، ص، 32)
اهڙي طرح سندس علمي سڳنڌ ۽ سرهاڻ سڄي سنڌ کي واسي ڇڏيو هو، هو سنڌ جي صوفيانه فڪر ۽ تاريخ جو وڏو ڄاڻو هو، نه فقط ايترو پر تصوف جي عملي تصوير هو، اهوئي سبب هو جو خلوص ۽ محبت، نهٺائي نماڻائي، سچائي ۽ نيڪ نيتي، خوش خلقي ۽ انسان دوستي، سندس مزاج ۽ فطرت جون خوبيون ۽ خصوصيتون هيون.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، سندس شخصيت ۽ تحقيق جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”سنڌ جي علمي آسمان تي جيڪي روشن ستارا چمڪيا ۽ پنهنجي آب و تاب سان وطن کي روشن ڪري ڇڏيائون، تن ۾ محبوب علي چنا هڪ درخشان ستارو آهي، سندس تحقيق جو دائرو سنڌ جي تاريخ جي هر پهلوءَ کي گهيري بيٺو آهي، چنا صاحب جي باغ و بهار شخصيت تي لکڻ جي قلم کي طاقت نه آهي، ملڻ سان شخصيت جي پروڙ پوي ٿي، هڪ لفظ ۾ لکجي ته، اهو لفظ آهي دوست، هڪ جذبي ۾ پرکجي ته آهي محبت.“ (جوڻيجو، 2007ع، ص، 122)
مٿين راين کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته، چنا صاحب نه صرف سٺو اديب، عالم، محقق، تعليمدان ۽ تصوف جو ڄاڻو، تاريخ کان واقف، هڪ سٺو منتظم ۽ استاد هو، پر هو هڪ سٺو دوست، محبت ڪندڙ شخصيت جو مالڪ به هو.
*
حوالا:
(1) چنا، عبدالله: مضمون، ”محبوب جي ياد ۾“مرتب، پروانو سيوهاڻي، سيوهڻ، سرهاڻ پبليڪيشن، سال، 1982ع، ص، 68.
(2) گيلاني، اظهر، سيد: مضمون، ”محبوب جي ياد ۾“، مرتب، پروانو سيوهاڻي، سيوهڻ، سرهاڻ پبليڪيشن، 1982ع، ص، 32
(3) جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر: مقالو، ”پروفيسر محبوب علي چنا: شخصيت ۽ ادبي خدمتون“، ”علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ سندس همعصر عالم ۽ اديب“، مرتب، ڊاڪٽر قاضي خادم، ڄام شورو، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر، سال، 2007ع، ص، 122.
ڪتاب
سندس نثر ۾ لکيل ڪتابن جو تفصيل ۽ تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو هيٺ پيش ڪجي ٿو.
(i) مخدوم نوح سروررح جا سهيوڳي
پاڻ پنهنجي نوڪريءَ دوران، جنهن به علائقي ۾ رهيا ته اتي جي بزرگن ۽ شاعرن جون سوانح حيات ۽ ڪلام ترتيب ڏنائون. اهڙي سلسلي جي هڪ ڪڙي مخدوم نوح سروررح آهن، جن جي سهيوڳين کي هڪ هنڌ گڏ ڪري پڙهندڙن لاءِ تمام گهڻي آساني ڪري ڇڏيائون.
ڪتاب، ”مخدوم نوح سروررح جا سهيوڳي“، پروفيسر محبوب علي چنا جي هٿن جو پورهيو آهي، چنا صاحب کي هن مواد گڏ ڪرڻ ۾ ڪافي وقت لڳو، تڏهن وڃي هي مقالو تيار ٿيو، جيڪو پهريان 1964ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ جي ٽماهي مهراڻ ۾ ڇپيو، جنهن چنا صاحب کي پڙهندڙن وٽان بي انداز داد حاصل ٿيو، سندس محنت ۽ جاکوڙ کي مڃتا ڏيڻ لاءِ، سنڌي ادبي بورڊ هن مقالي کي ڪتابي صورت ۾ آندو، جنهن جو پهريون ڇاپو 1991ع ۾ ڇپيو، جيڪو يڪدم ختم ٿي ويو، هن ڪتاب جي اڻ لڀ هئڻ ڪري ان جي ضرورت کي محسوس ڪندي، سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري انعام الله شيخ، هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو جون 2005ع ۾ ڇپرايو، ڪتاب جي ٽائيٽل واري صفحي تي مخدوم نوح سروررح جو روضو مبارڪ ڏنل آهي، پوئين پاسي مخدوم طالب الموليٰ جن جي هٿن مبارڪن سان لکيل ”مصريءَ جون تڙون“ جي قلمي مسودي جو پهريون ورق ڏنل آهي.
پروفيسر محبوب علي چنا، بعنوان “رتيءَ رهاڻ” جي حوالي سان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي، پاڻ هن ”رتيءَ جي رهاڻ“ ۾ لکن ٿا ته:
”مون کي فيبروري 1962ع ۾، طالب الموليٰ سائين جو رقعهء عالي مليو، ته مان سندس حيدرآباد واري رهائش گاهه تي اچي ملان، اتي واهه جي ياري گڏ ٿي، ٻيا صاحب هي هئا، محترم گرامي صاحب، محترم عبدالواحد سنڌي، ايڊيٽر ”نئين زندگي“، محترم رشيد احمد لاشاري، اسسٽنٽ ”نئين زندگي“ وغيره. اتي ”نئين زندگي“ جي ”مخدوم نوح نمبر“ لاءِ بحث هليو. بندي جي حوالي ٻه عنوان ڪيا ويا، هڪ ”هالا، تاريخ جي روشنيءَ ۾“ ۽ ٻيو ”مخدوم نوح جا معاصر“ . بندي ٻنهي عنوانن تي تفصيلي ڪم شروع ڪيو، الله جي فضل سان اڍائي سالن جي مسلسل مطالعي ۽ تحقيق کانپوءِ هي مقالو بعنوان، ”سرور سائينءَ جا معاصر ۽ سهيوڳي“ سنڌ جي دانشورن، اديبن، محققن جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان.“ (چنا، 2005، ص-چ،م)
ان ڳالهه مان ثابت ٿئي ٿو ته، چنا صاحب وڏو ڄاڻو ۽ تحقيق جي حوالي سان وڏو ماهر هو، جو سندس اڳيان ٻه تحقيقي عنوان رکيا ويا، جن مان پاڻ “مخدوم نوح جا معاصر” جي عنوان تي تحقيق ڪري، هي ناياب ڪتاب منظرعام تي آندو.
چنا صاحب هن ڪتاب ۾ مخدوم نوح سروررح جي ڪجهه اوائلي معاصرن جو ذڪر ڪيو آهي، جن سندن اوائلي زندگي ۾ جهان ڇڏيو، انهن جو تعداد (31) آهي. ان کانپوءِ جيڪي مخدوم صاحب جا معاصر هئا، انهن جو ذڪر خير ڪيو ويو آهي، چنا صاحب لکي ٿو ته:”نيڪ روشن هجي ته انهن ڏينهن ۾ سنڌ ڇهن مکيه سرڪارن ۾ ورهايل هئي ۽ هرهڪ سرڪار وري ڌار ڌار محلن ۾ تقسيم ٿيل هئي، ان دؤر ۾ سنڌ جو هيٺين طرح ورهاڱو ٿيل هو:
(1) سرڪار بکر: جنهن ۾ 12 محلا هئا.
(2) سرڪار سيوستان: جنهن ۾ 9 محلا هئا.
(3) سرڪار چاچڪان: جنهن ۾ 11 محلا هئا.
(4) سرڪار نصرپور: جنهن ۾ 7 محلا هئا.
(5) سرڪار چڪر هالا: جنهن ۾ 8 محلا هئا.
(6) سرڪار ٺٽه: جنهن ۾ 18 محلا هئا.“ (چنا، 2005ع، ص-17)
مٿين سرڪارن جي زماني ۾ سندن، عالمن، مشائخن، فاضلن ۽ شاعرن جي بيان ۾، جن بزرگن جو احوال آندو ويو آهي، اهي سڀ مخدوم نوح جا معاصر آهن.
جيئن بکر سرڪار جا معاصر ٽوٽل 27 آهن.
سيوستان سرڪار جا 17 معاصر.
نصرپور سرڪار جا 19 معاصر.
چاچڪا سرڪار جا 8 معاصر.
چڪر هالا سرڪار جا 3 معاصر.
اهڙي طرح سان ٺٽي سرڪار جا (119) مشائخ بزرگ، عالم، جنهن ۾ (60) شعراءِ ڪرام به آيل آهن. جيڪي پڻ مخدوم نوح سروررح جا معاصر هئا. جن جو تعلق ”مڪلي“ سان هو. تن کي به چنا صاحب هڪ هنڌ گڏ ڪيو آهي، انهن مان ڪي مخدوم نوح جا مريد ۽ معتقد به هئا. جن جو تعداد (40) کن آهي، ڪجهه پرديسي معاصرن جو به ذڪر آيل آهي، جيڪي وطن ڇڏي پرديس هليا ويا، تن جو تعداد (23) آهي.
پروفيسر چنا صاحب، مخدوم نوحرح جي مريدن ۽ معتقدن جي حوالي سان لکي ٿو ته:-”مخدوم صاحب جي معتقدن ۽ مريدن جو ڪاٿو ئي ڪونه هو، مگر جيڪي به ملڪوتي موتي مون کي قرطاسي قلزم ۾ غوطه زني ڪندي مليا آهن، اهي قارئين ڪرام جي خدمت ۾ عرض رکان ٿو.“ (چنا، 2005ع ، ص 100-99)
اهڙي طرح سان ڪتاب جي مطالعي مان اِها به خبر پوي ٿي ته: مخدوم نوح سروررح جن سنت نبوي جي باقاعده پيروي ڪندا هئا. پاڻ ڪريم صلعم جن جي چئن يارن وانگر مخدوم نوح سروررح جا به چار اصحاب هئا. جيئن سيد ابوبڪر شاهه لڪياري، درويش عمر بودلو، حضرت عثمان چاڪي ۽ سيد علي ثاني ٺٽوي، مخدوم نوحرح جي معتقدن جو تعداد اٽڪل (8) آهي. ان کانپوءِ ڪن ڪريمي فقرائن جو ذڪر ڪيل آهي ۽ ڪجهه سروري جماعت جو ذڪر، جن جو هن ڪتاب ۾ تعداد (23) آهي، ڪيترائي سروري جماعت جا مريد ٿي پاڻ کي ”سروري“ جي لقب سان سڏائن ٿا جيڪو سلسلو اڄ تائين به جاري آهي.
هن ڪتاب جي آخر ۾ چار ضميما ڏنل آهن، جيڪي هن طرح آهن:
پهرين ضميمي ۾، مقالي جون تاريخي خصوصيتون ڏنل آهن.
ٻئي ضميمي ۾، ڪتابن جي لسٽ جيڪي هن مضمون جي لاءِ حوالي طور ڪم آيا آهن.
ٽئين ضميمي ۾، حضرت مخدوم نوح سروررح ۽ شاهه ڪريم جا تعلقات جي عنوان سان غلام محمد گرامي جو مضمون ڏنل آهي.
چوٿين ضميمي ۾، حضرت حاجي ديوان نعمت الله سهرورديرح” جي عنوان سان عبدالله ورياهه جو مضمون ڏنل آهي.
هن ناياب ڪتاب جي مطالعي مان ڄاڻ ملي ٿي ته، پروفيسر محبوب علي چنا مسلسل ٻن سالن جي جدوجهد کان هن ڪتاب جا مڻيادار موتي پوئي هڪ لڙهه ۾ شامل ڪيا. انهن مڻيادار موتين جي مختصر سوانح حيات ڏني وئي آهي. ان سان گڏوگڏ (40) شعراءُ ڪرام جو پڻ ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ انهن جو مختصر ڪلام به ڏنو ويو آهي.
پروفيسر چنا صاحب جو اهو هڪ وڏو ڪارنامو آهي، جو مخدوم نوح سرور رحه جي سمورن سهيوڳين کي هڪ هنڌ گڏ ڪري، عام پڙهندڙن کي انهن جي باري ۾ ڪافي معلومات ميسر ڪري ڏني آهي.
هن ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته، مخدوم نوح سرور رحه جي د ؤر ۾ سنڌ اندر سندس سميت ڪيترائي نامور بزرگ، عالم، شاعر، مڻيادار هستيون هيون جن سموري سنڌ ۾ هتان جي ماڻهن جي هر طرح سان پئي رهنمائي ۽ رهبري ڪئي آهي. هن ڪتاب ۾ آيل سمورو مواد انهي ڪري به اهميت رکي ٿو جو اسان کي سنڌ جي انهن مڻيادار موتين جي حالات ۽ سوانح حيات ۽ ڪارنامن جي به خبر پوي ٿي ۽ اها پڻ خبر پوي ٿي ته، ان وقت جي مقامي عام طور خاص ماڻهن جي طرزِ زندگي ڪهڙي هئي، ان وقت جا حڪمران پنهنجي رعيت سان ڪهڙو سلوڪ ڪندا هئا. چنا صاحب جي هن محنت ۾ سنڌ جي تاريخ جا ڪيترائي واقعا پڻ نمودار ٿين ٿا.
*
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: رتيءَ جي رهاڻ، ”مخدوم نوح سرور رحه جا سهيوڳي“، مصنف، پروفيسر محبوب علي چنا، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، سال - 2005ع ، ص- ح چ.
(2) حوالو ساڳيو، ص - 17.
(3) حوالو ساڳيو، ص - 100-99.
*
(ii) سرمست درازي
پروفيسر محبوب علي چنا جو لکيل هي ڪتاب، بعنوان ”سرمست درازي“ حضرت سچل سرمست جي سوانح حيات متعلق لکيل آهي. جيڪو سچل ڪوآپريٽو اڪيڊمي لميٽڊ حيدرآباد سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان 1964ع ۾ شايع ڪيو ويو.
هن ڪتاب ۾، سچل سرمست جي سوانح حيات ۽ خاندان کان علاوه ڪلام متعلق به تذڪرو ملي ٿو. سڀ کان پهريان سچل سرمست جي جنم ڀومي بابت تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آهي. سچل سائين جي سڀني سرمست سڄڻن کي علم آهي ته سندن جنم ۽ ولايتي ولادت ڳوٺ درازا شريف ضلعي خيرپور ۾ ٿي، هن ڳوٺ جي آباد خواه قدامت لاءِ ڪوبه تاريخي دليل ڪونه آهي ته هي ننڍڙو ڳوٺ ڪڏهن آباد ٿيو.
چنا صاحب هن حوالي سان لکيو آهي ته:”ڪلهوڙن جي دؤرِ حڪومت ۾ هن خاندان جي وڏي عزت ٿي، کين گمبٽ ۽ راڻيپور جي وچ ۾ جاگيرون مليون، جي اڄ به انهن جي پوين جي هٿ ۾ آهن، فاروقي فقيرن اهي جاگيرون پنهنجي ٻن خاص مريدن هرهڪ دراز ونڊير ۽ ڪاجن ونڊير کي آباد ڪرڻ لاءِ ڏنيون، جن اتي پنهنجا ڳوٺ ٻڌايا. ڪاجن ونڊير جو ڳوٺ، جو درازا جي اتر اولهه هو، ڦٽي ويو پر ”دراز“ ونڊير جو ڳوٺ، جو پوءِ ”درازا شريف“ جي نالي مشهور ٿيو، جو اڄ به موجود آهي ۽ درازا جي “دلبرانه” نالي سان سڏجي ٿو.“ (چنا، 1964ع، ص – 2)
ٿوري عرصي کانپوءِ ميان صاحبڏنو ۽ ٻيا مخدوم به ٻين هنڌان لڏي اچي، ”درس درازين“ داخل ٿيا. اهڙي طرح سان ان حقيقت کي هوبهو سچل سائين جي ٻين سوانح نگارن پڻ ائين بعد ۾ لکيو آهي.
منصور ثاني، حافظ درازي سرمست ازلي جو نام نامي ۽ اسم گرامي عبدالوهاب هو، پر کيس لاڏ ڪوڏ ۽ پيار مان اڪثر، ”سچل، سچو يا سچيڏنو“ ڪري سڏيندا هئا.
پوءِ انهيءَ ”سچل“ نالي سان مشهور ٿيو، سنڌي، سرائيڪي، ۽ اردو شعر ۾ اهوئي نالو تخلص طور آندو اٿس. البته فارسي مثنوين ۽ ديوان آشڪارا فارسي ۾ ”آشڪار“ تخلص ۽ ديوان خدائي ۾ ”خدائي“ تخلص آندو اٿس. لقب سرمست جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته: ”سچل سائين کي “سرمست“ جي لقب سان ياد ڪيو ويندو آهي، ڇو ته پاڻ هردم ابدي الفت ۽ الاهي عشق جي نشي ۾ مست ۽ مدهوش هوندا هئا، هن استغراق، مدهوشيءَ ۽ مستيءَ کي پاڻ هن طرح ادا ڪيو اٿن.” مئي خوردم من از پيمانه عشق، که هشياري و بيداري ندارم.“ (چنا، 1964ع، ص - 4)
سچل سرمست جي نسب جو سلسلو حضرت عمر فاروق رضه سان وڃي ملي ٿو.
اهڙي طرح سان، سچل جي آباد و اجداد ولادت جي ذڪر ۾، سندس ولادت 1152هه، بمطابق 1739ع، ۾ ٿي، سندس ولادت جي سال تي سندس سڀ سوانح نگار متفق آهن. پاڻ اڃا ڇهن سالن جا ٿيا ته سندس والد بزرگوار وفات ڪئي، پاڻ پنهنجي ڏاڏي جي تحويل ۾ تربيت ورتائون. سندس ڏاڏي کانپوءِ سندس چاچي عبدالحق جي زير نگراني تربيت ٿي، حضرت سچل سائين روحاني تعليم سان گڏ ننڍپڻ ۾ ئي تعليم باقاعده حاصل ڪئي ۽ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ حافظ عبدلله قريشي صديقيءَ وٽ ويهاريو ويو، جيڪو پڻ وڏو عالم ۽ عارف الله هو، سچل قرآن شريف جو به حفظ ڪيو.
بيعت ۽ مريد جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته:”حضرت سچل سرمست کي روحاني فيض به پنهنجي چاچي ميان عبدالحق کان حاصل ٿيو ۽ ان جو ئي دست بيعت مريد هو.“ (چنا، 1964ع، ص – 13)
سچل اڃا پنجن يا ستن سالن جو ننڍو ٻالڪ هو ته، هڪ دفعي درازن ۾ شاهه لطيف ميان صاحبڏني ۽ سندس فرزند ميان عبدالحق کي فرمايائين، ”هن نينگر کي پڙهڻ جي ڪا گهڻي گهرج ڪانه آهي ۽ اسان جيڪي ڪُنو رڌو آهي اُن جو ڍڪڻ هي ڇوڪر لاهيندو“ ۽ آخر ٿيو به ائين جو، شاهه لطيف وجد جو مسئلو جنهن رمز ۽ راز سان بيان ڪيو آهي، تنهن کي سچل فقير کليل الفاظن ۾ ٻڌايو آهي.
جيئن چنا صاحب صوفين جي پهرين منزل جي حوالي سان لکيو آهي ته:”سچو سائين به، هڪ تنواريل طالب وانگر پاڻ کي هن سلوڪ واري راهه ۽ رند ۾ رهڻ لاءِ اهل بنائي، جلد از جلد صوفين جي پهرين منزل ”فنا في المرشد“ ۾ مهو ٿي ويو، جيڪڏهن جاچي ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته سندس ڪلام جو ڳچ حصو عبدالحق سائين ڏي منسوب آهي.
مثال طور:-
”سچو“ سگ دروازي، روز ازل کون آهي ميان،
پير عبدالحق جو پر ڪيف، خمار ڏٺوسين ميان.
(چنا، 1964ع، ص - 17)
ان مان ظاهر آهي، ”سچو“ تي پنهنجي مرشد جو گهرو اثر هيو، تنهنڪري پنهنجي مرشد ڏي منسوب ڪيو اٿس، نه صرف سنڌي ڪلام پر فارسي ڪلام به مرشد جي ثنا ۾ مسلسل چئي ويو آهي.
اهڙي طرح سان، ”سچل سائين جي سرمستيءَ جا سرچشما“ جي عنوان سان به ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سچل جي سرمستيءَ جا سرچشما، حضرت فريد الدين عطار نيشا پوري، منصور حلاج، حضرت خواجه شمس تبريز ۽ شمس الدين حافظ شيررازي هئا، پروفيسر محبوب علي چنا حضرت قلندر لعل شهباز جي سرمستي جي اثر جي حوالي سان لکيو آهي ته:”جيئن ته قلندر لعل شهباز سيوهاڻي به، وجودي، جلالي، مڪتبِ فڪر سان تعلق رکي ٿو ۽ سچل سائين جو متقدم هو ته ان جو به ”مست و مست“ اثر هن سرمست تي پيو هوندو.“ (چنا، 1964، ص- 19)
پاڻ هفت زبان شاعر ٿي گذريا آهن، منصوري مام سنڌي، سرائڪي، ملتاني، پنجابي، هندي، اردو ۽ فارسي ۾ بيان ڪئي اٿن، سچل سرمست به انهي راهه جو آهي، جنهن تي شاهه عنايت، شاهه ڪريم، شاهه لطيف هلي چڪا آهن، پر هڪ ڳالهه ۾ انهن سڀني کان مختلف آهي، انهن سڀني تصوف جون رمزون مام ۾ چيون آهن، پر سچل سرمست بنا ڪنهن رک رکاءُ جي وڏي واڪي چئي ڏنيون آهن.
سچل جي شاعرانه اوسر ڏيکاري ٿي ته، ابتدا ۾ سندس شعر توليدي ۽ روايتي هو، بعد ۾ ان جو موضوع ۽ مفهوم ڪافي تبديل ٿي ويو. عمر جي آخري حصي ۾ پاڻ جيڪو شعر چيائين ان ۾ رندي، مستي، حق سچ جي ڳولا ۽ انساني عظمت جي اهميت تي گهڻو زور ڏنائين.
سنڌ جي هن سرمست شاعر، سنڌ جي سرزمين جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ توحيد جو پيغام پهچائي، روحانيت جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ سان سرهو ڪري، ڪيترن ئي خدا جي ٻانهن کي معرفت جي رنگ ۾ ريٽو ڪري، تاريخ 14 رمضان سن 1242هه بمطابق 1827ع تي وصال ڪيو، سندس روضو مبارڪ پهريان مير رستم خان جوڙايو ان کانپوءِ ٻين مرمت پئي ڪرائي. سندس ڪجهه طالبن جا نالا هن طرح ڏنا ويا آهن.
فقير نانڪ يوسف، فقير محمد صالح قادري، فقير محمد صالح دونهين وارو، فقير گهرام جتوئي، سيد حسن شاهه، حيدر شاهه وغيره.
اهڙي طرح سان چنا صاحب جي هن ڪتاب جي جائزي کانپوءِ معلوم ٿئي ٿو ته، سچل سائين جي سوانح حيات، مختصر پر مفصل نموني، بيان ڪيل آهي، ۽ سندس سرمستي جي سرچشمن، سان ڀيٽ ڏيکاري ويئي آهي، سندس ڪلام جو مختصر فني ۽ فڪري جائزو پيش ڪيو ويو آهي.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: ”سرمست درازي“، حيدرآباد، سچل سرمست ڪاليج، سال 1964ع، ص- 2.
(2) حوالو ساڳيو، ص - 4
(3) حوالو ساڳيو، ص - 12
(4) حوالو ساڳيو، ص -17
(5) حوالو ساڳيو، ص - 19
*
(iii) اسلامي تاريخ جو مطالعو
پروفيسر محبوب علي چنا، تعليم ۽ ادب جي خدمتن جي سلسلي ۾ جا جدوجهد ۽ جانفشاني ڪئي آهي اها هر طرح تحسين جوڳي آهي، پاڻ هڪ طرف قديم علم ۽ جديد فن جو ڄاڻو هو، ته ٻئي طرف، ادب، تصوف، اسلاميات وغيره تي به وڏو مطالعو رکندڙ هو، اسلامي تاريخ جي حوالي سان سندس لکيل ٻه ڪتاب مشهور آهن، هڪ، ”اسلامي تاريخ جو مطالعو“، ٻيو ”هڪ شخصيت ٻه پهلو“
پهريون ڪتاب .”اسلامي تاريخ جو مطالعو“ جهڙي طرح ٻاهرين زيبائش، طباعت جي لحاظ سان دلڪش ۽ ديده زيب آهي، ته وري اهڙي ئي موضوع ۽ مواد جي خيال سان معلومات ڏيندڙ ۽ مفيد آهي. هي ڪتاب پهريون ڀيرو 1967ع ۾، اداره صالح سيريز، حيدرآباد طرفان شايع ڪيو ويو، هن اداري جو هي پهريون ڪتاب هو، ڪتاب جي مقبوليت سبب جلد ئي وڪري ٿيڻ جي ڪري ختم ٿي ويو، جنهن ڪري ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، سنواري سڌاري ۽ مواد ۾ اضافو ڪري، 1969ع ۾ شايع ڪيو ويو. وري اهو ٻيو ڇاپو به جلد ختم ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته هي ڪتاب سنڌ يونيورسٽي طرفان، بي.اي جي ڪورس تي رکيل هو، انهي ڪري ڪتاب جي ٻيهر گهرج محسوس ٿي. جنهن ڪري ڪتاب جو ٽيون ڇاپو 1975ع ۾ شايع ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح هن ڪتاب جي مقدمي ۾، مولانا غلام محمد گرامي صاحب تاريخ جي مطالعي جي سلسلي ۾ نهايت محققانه انداز ۾فني ۽ تحقيقي طور بحث ڪيو آهي.
مولانا گرامي صاحب، مسلم تاريخ جي حوالي سان لکي ٿو ته:
”چنا صاحب جي زوايه نگاهه جو داد ڏيڻ گهرجي، جنهن مسلم تاريخ کي روايتي اختلافات مان ڪڍي صحتمند ۽ اخلاقي قدرن جو حامل ۽ ترجمان بنايو آهي، چنا صاحب اهڙا واقعات منتخب ڪيا آهن، جن جي مطالعي سان هڪ طرف تاريخ جي اهم ۽ اثرانگيز شخصيات سان تعارف حاصل ٿئي ٿو، ته ٻئي طرف انهن جي اخلاق حميده ۽ شمائل پسنديده مان استفادي ڪرڻ جو موقعو ميسر ٿئي ٿو.“ (گرامي، 1975ع، ص- 6،7)
هن ڪتاب جي جائزي وٺڻ کانپوءِ معلوم ٿئي ٿو ته، هي ڪتاب چند علمي ۽ تحقيقي مقالات جو بصيرت افروز مجموعو آهي. جنهن ۾ زبان ۽ بيان جي رنگينيءَ ۽ شرينيءَ سان اختلافي مسئلن کان گريز ۽ مثبت ۽ محقق مسئلن جي ڇنڊڇاڻ موجود آهي، ڪتاب ۾ شامل ڪيل موضوع، تاريخ جي ضخيم دفترن جي ورق گردانيءَ کانپوءِ مرتب ڪيا ويا آهن.
چنا صاحب فن تاريخ تي تبصرو ڪندي، قرآن مان ان فن جي حقيقت بيان ڪئي آهي ۽ ان سان گڏ سڀني مقالن جو ڌار ڌار تعارف ڪرايو آهي.
(1) هن مقالي ۾، بعثت نبوي کان اڳ دنيا جي حالت تي تبصرو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پوري انسان ذات جي اخلاقي ۽ مذهبي زوال پذير رجحانات تي نهايت مختصر پر دلچسپ انداز ۾ تنقيد ڪئي وئي آهي، ٻڌايو ويو آهي ته، ان د ؤر ۾ ايران، يورپ، هندوستان ۽ عرب جي حالت ڪيتري نه ابتر ٿي چڪي هئي، هن مختصر ۽ جامع ڪتاب ۾ اسلام جي انهن روشن ۽ صحتمند قدرن جي هڪ افادي ۽ اخلاقي تصوير پيش ڪئي وئي آهي.
(2) هي مقالو حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم ۽ حضرت يوسف عليه السلام جي سيرت ۽ خصوصيات جي تقابلي مطالعي تي مشتمل آهي:
مثلاً :- حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي هن دنيا ۾ آمد جي حوالي سان لکيو آهي ته:”ڪفر ۽ الحاد جا ڪارا ڪڪر ڪارونڀار ڪري سڄي ڪائنات جي سطح تي نمودار هئا، ظلم وستم جوشيطان سڄي ملڪ تي قابض ۽ مختيار هو، عرب جا باشندا انسانيت سوز ڪارنامن ڪرڻ ۾ فخر سمجهندا هئا. عرب جي پاڪ سرزمين اهڙن وحشياني ڪلورن کي ڏسي بارگاهه ايزدي ۾ رحمت ۽ مغفرت لاءِ پڪاري رهي هئي، عين هن وقت رباني رحمت جو بي ڪنار بهر موجزن ٿيو ۽ ربّ العالمين ايوان ربوبيت مان پنهنجي محبوب کي سڄي عالم لاءِ رحمت ڪري موڪليو.“ (چنا، 1975ع، ص - 42)
(3) مقالي ۾ حضرت علي رضه جي، سيرت جو نقش نهايت روح پرور انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي، هي مقالو تاريخ جي دقيق ۽ عميق مطالعي کانپوءِ لکيو ويو آهي ۽ ڪي اهڙا نادر ۽ ناياب حوالا پيش ڪيا ويا آهن جي اسانجي مطالعي ۾ اضافو ڪن ٿا.
هن مقالي جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته:”بنده گهڻي جاکوڙ ڪندي، اصل ماخذن تان احوال وٺي، هرهڪ نڪتي کي واضح ۽ حقيقت افروز بنايو آهي، ان عنوان جي سلسلي ۾ ڪوبه گوشه تشنه طلب ۽ تحقيق نه ڇڏيو ويو آهي، سنڌي علم، ادب، تاريخ ۾ منهنجي ناچيز خيال مطابق هي مقالو بنيادي حيثيت رکندو.“ (چنا، 1975ع، ص- 22)
(4) هن مقالي ۾، چنا صاحب شهيدن جي حوالي سان، شام جي شفق وانگر لال مگر المناڪ قضيئي جي هر پهلو کي اجاگر ڪري پيش ڪيو آهي.
(5) هن مقالي ۾ حضرت عبدلله بن زبير رضه، جي شخصيت، سوانح ۽ حالات کي جنهن دلڪش انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي اهو تاريخ جي ضخيم ڪتابن کان بي نياز ڪري ٿو.
(6) هن مقالي ۾ بيبي صفيه رضه جي اخلاق، آدرش ثابت قدمي ۽ صبر آزمائيءَ جي ڪشمڪش ۾ پيش ڪري عورتن لاءِ مثالي ڪردار پيدا ڪيو ويو آهي.
چنا صاحب هن مقالي جي احوال جي حوالي سان هن طرح لکيو آهي: ”واجب هو ته هڪ جانباز خاتون جو به ذڪر ڪجي جا شمع رسالت جي پروانن جي اڻ کٽ لسٽ ۾ داخل هجي. حضرت ابن زبير رضه جي ذڪر خير ۾ سندس صاف ۽ پاڪ ڏاڏي صاحبه جو اشارو آهي، جنهن قلم محبوب کي سندس مجاهدانه احوال گڏ ڪرڻ تي مجبور ڪيو، ان جذبي ماتحت آنحضرت موجب، ڪائنات صلي الله عليه وسلم جي پڦي صاحبه جو حقيقت افروز ۽ موعظت نما احوال پيش ڪيو ويو آهي.“ (چنا، 1975ع، ص-23)
(7) هن مقالي ۾ عبدالله بن عمر رضه جهڙي پرهيزگار ۽ متقي، عالم باعمل ۽ فقيه بي بَدَل جي سيرت به نهايت دلڪش نموني ۾ پيش ڪئي وئي آهي.
اهڙي طرح سان چنا صاحب، اسلامي تاريخ جي سلسلي ۾ هن قسم جا جواهر پارا سنڌي ادب کي پيش ڪيا آهن ۽ ڪيترن مستند ۽ معتبر ڪتابن جو روح ڪشيده ڪيو آهي.
هن ڪتاب ۾ جن اديبن تبصرا لکيا آهن اهي هي آهن.
(1) مولانا درمحمد خاڪ صديقي ڪانڌڙو، نصيرآباد.
(2) حضرت پير حاجي محمد اسحاق جان سرهندي ميرپورخاص.
(3) ڊاڪٽر اسد الله شاهه حسيني.
(4) حبيب الا دباء رئيس راڄ محمد صاحب پلي.
(5) مرحوم محمد بخش بلوچ مجنون.
(6) مولوي محمد ادريس صاحب جوڻيجو.
جيتوڻيڪ هي تاريخ جو ڪتاب آهي، پر ٻولي نهايت پياري آهي ۽ ادبي خوبين ۽ خصوصيتن سان مزين آهي. مطلب ته چنا صاحب هن ڪتاب ۾ مختلف موضوعن تي تحقيقي ۽ تفصيلي بحث ڪيو آهي ۽ ستن مختلف عنوانن تي لکيو آهي، هيترن سارن عنوانن کي هڪ ئي ڪتاب ۾ جاءِ ڏيڻ ۽ انهيءَ تي سير حاصل بحث ڪرڻ لاءِ مصنف جنهن محبت ۽ ڪاوش کان ڪم ورتو آهي، اهو تحسين جي لائق آهي.
حوالا
(1) گرامي، غلام محمد، مولانا، مقدمه.، ”اسلامي تاريخ جو مطالعو“، مصنف، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد اداره صالح سيريز، سال - 1975ع، ص ، 6،7.
(2) چنا، محبوب علي پروفيسر، ”اسلامي تاريخ جو مطالعو“، حيدرآباد، اداره صالح سيريز، سال، 1975ع، ص - 42.
(3) حوالو ساڳيو، ص - 22.
(4) حوالو ساڳيو، ص - 23.
*
(iv) هڪ شخصيت ٻه پهلو
پروفيسر محبوب علي چنا جو اسلامي تاريخ جي حوالي سان ٻيو ڪتاب، ”هڪ شخصيت ٻه پهلو“ آهي، سندس هي ڪتاب تاريخ جي ٻن شخصيتن تي منحصر آهي. هڪ، ”حجاج بن يوسف ثقفي“، ٻيو ”مختار بن ابي عبيده ثقفي“ .
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، سال 1968ع ۾ اداره صالح سيريز، حيدرآباد طرفان شايع ڪيو ويو، اهڙي طرح سان ڪتاب جي کپت محسوس ڪندي، هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو سال 1972ع ۾ شايع ڪيو ويو.
هن ڪتاب جي ”اظهارِ صالح“ ۾ ايم صالح خليق لکي ٿو ته:” هي پيشڪش به، ”اسلامي تاريخ“ سان واسطو رکندڙ آهي، ۽ هن جو عنوان، هڪ شخصيت ٻه پهلو آهي، هي به قبله محبوب سائين جي محنت ڪش قلم جو محققانه ڪرشمو آهي، جو اسلامي تاريخ هڪ نهايت ئي عبرت انگيز باب کي، تحقيق ۽ تدقيق جي روشني ۾ ديس واسين کي روشناس ڪرايو اٿن.“ (خليق، 1972ع، ص ، 7)
ان کانپوءِ، سنڌ جي مشهور عالم، محقق مؤرخ اعليٰ، مولانا علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جن عالمانه ۽ محققانه انداز ۾ مقدمو لکيو آهي. پاڻ چنا صاحب جي تاريخي فن جي حوالي سان لکيو آهي ته:”فن تاريخ ۾ قلم کڻڻ کان اڳ، هڪ محقق جو اهو به فرض هوندو آهي ته گروهي عصبيت ۽ مذهبي جانبداريءَ کان پاسو ڪري، واقعات ۽ احوالن کي قلمبند ڪيو وڃي، پروفيسر محبوب علي چنا صاحب هن ڏس ۾ به چڱو پاڻ موکيو آهي، جو عصبيت جي عينڪ کي پري ڦٽو ڪري مختلف خيال عالمن ۽ مؤرخن جي خيالن کي پنهنجي ڪتاب ۾ جاءِ ڏني آهي، جي هڪ پاسي ڪامل ابن اثير جو حوالو آهي ته ٻئي پاسي مختيارنامه ۽ مرزباني کي به نه وساريو ويو آهي، فاضل مصنف انهي فراخدليءَ تي جس لهڻي.“ (قاسمي، 1972ع، ص ، 11 ، 12)
جيڪڏهن قدرت جي ڪرشمن کي، حقيقت جي عينڪ سان ڏسبو ته، هي پڌري پٽ معلوم ٿيندو ته هڪ جبل جي آڏن، ابتن ۽ اڻانگن پيچرن جي پاسي ۾، هڪ شفاف پاڻيءَ جو چشمو جاگزين نظر ايندو، جو ويچارن جابلو ماڻهن لاءِ هڪ نعمت عظميٰ جو ڪم ڏيندو، اهڙي طرح قدرت جي ساخت جا اضدار اسان کي حجاج جي طبع ۾ به نظر ايندا. جيڪڏهن هڪ طرف هو سخت ڪٺور ۽ ظالم دل جو مالڪ آهي ته ٻئي طرف سندس طبيعت ۾ ڪي اهڙا انساني اقدار ملندا، جن مان راسخ الاعتقادي، بهادري ۽ جرئت رندانه جا ڪرڻا عيان ٿيندا.
ڪتاب جي جائزي کانپوءِ معلوم ٿئي ٿو ته، چنا صاحب جو اسلامي تاريخ ڏانهن وڌيڪ لاڙو هو، جو تاريخ جي ٻن وڏين شخصيتن جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏني اٿن، ۽ انهن ٻنهي جي سوانح، ڪردارن، ڪارنامن جي هر پهلوءَ کي ظاهر ڪيو اٿن.
حجاج بن يوسف ثقفي جي تولد جي تاريخ ۾ اختلاف آهي، ته سندس ولادت سن 41هه بمطابق 661ع ۾ حجاز جي ڳوٺ طائف ۾ ٿي، ته وري ابن اثير جي مطابق سندس ولادت 42هه بمطابق 662ع ڌاري واقع ٿي، اهڙي طرح سان هن جي پرورش ماءُ جي مٺي ٿڃ بدران خون سان ٿي.
حجاج جي ڪردار مان خبر پوي ٿي ته، هن جو شيوه ظلم ۽ تعدي هو ته ان سان گڏ هو وڏو سپهه سالار ۽ سياستدان به هو. سندس ڪيترائي ڪارناما تاريخ جي ورقن ۾ قلمبند آهن، هو هڪ وڏو معمار هو، ڪيتريون عاليشان عمارتون ٺهرايائين. مسجدون تعمير ڪرايائين ۽ شهر آباد ڪيائين، هن جي مثالي تعمير جو مثال، “الواسط” شهر هو، جو ڪوفي ۽ بصري جي وچ ۾ آباد ڪيائين.
حجاج جي وفات رمضان شريف جي 25 تاريخ سن 95هه بمطابق 714ع تي ٿي.
اهڙي طرح سان هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل ٻي شخصيت، مختار بن ابي عبيده ثقفي آهي، سندس ولادت ۾ به اختلاف آهي، پر جمهور مؤرخ ان تي اتفاق ڪن ٿا ته، مختار جي ولادت هجري جي پهرئين سال ٿي، هي مختار بن هوازن جي قبيلي ثقيف جو چشم و چراغ هو. هن قبيلي بنو ثقيف جو مسڪن طوائف آهي، سندس ڪنيت “ابو اسحاق” هئي ۽ لقب ”ڪيسان“ هو.
هن جو ڪردار اگر تاريخ جي تحقيق ۾ ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته، هن وڏيون لڙايون ۽ قهار لشڪرن جا مقابلا ڪيا، هن کي به حڪومت جو حرص دامنگير هو ۽ موقعي جي تلاش ۾ ڪڏهن، حضرت ابن زبير وٽ ۽ ڪڏهن حضرت محمد بن الحنفيه وٽ ترسيو، مختار فصيح ۽ بليغ هو ۽ سندس ڪلام اڪثر مسجع ۽ مقفه هوندو هو، ان ڪري هن جو ڪلام سامعين کي جلد متاثر ڪندو هو، اهوئي سبب هو جو هو قائد بنيو ۽ ڪيترن ڪوفين کي پنهنجو پوئلڳ بنايائين.
سنڌ جي نامور اديب، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي هن ڪتاب متعلق لکي ٿو ته:ڪتاب ”هڪ شخصيت ٻه پهلو“ ۾ اسلامي تاريخ جي، انهن شخصيتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جن جي شخصيت، ڪردار ۽ ڪارناما ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهن، هڪ پاسي هنن اسلام ۽ مسلمانن لاءِ اهم ۽ قابلِ ذڪر ڪارناما انجام ڏنا، ته ٻئي طرف پنهنجي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ سان ڪيترن ئي بيگناهن جو خون وهايو.“ (ميمڻ، 1982ع، ص ، 77)
اهڙيءَ طرح ڪتاب ۾، ڪٿي ڪٿي عربي شعر به ڏنا ويا آهن، جن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو به ڏنو ويو آهي.
مثال طور:- حجاج جي موت بابت هڪ خطبو پيش ڪيو، ان ۾ موت جي سختين جو ذڪر ڪيو، ۽ پنهنجن گناهن ۽ ظلمن جو اعتراف ڪندي هي شعر پڙهيو.”ان ذنبي وزن السماوات والارض،وظني بخالقي ان يحابي.“
(منهنجا گناهه آسمان ۽ زمين جي برابر ڀاري آهن، مگر مونکي پنهنجي خالق کان اميد آهي ته هو رعايت ڪندو) )چنا، 1972، ص ، 86)
مثال طور:- جڏهن دومہ جي پيٽ ۾ مختار جي آمد ٿي ته دومہ خواب ۾ هي الفاظ ٻڌا ته ڪوئي چئي رهيو آهي ته:
”اِپشري بالوُلد، اشبَہُ شَيءِ بِالاَ سَدُ،اِذالِرّ جالُ في کَمَد، تَقَا تَلو اعليٰ بلَدکانَ لہُ الحِصَّة اَلاَ شَدُ“
(اي دومہ! توکي فرزند جي خوشخبري هجي، جو شڪل ۾ شير وانگر آهي. جڏهن ماڻهو مشڪلات ۾ مبتلا هوندا ۽ هڪ شهر ڪري پاڻ ۾ وڙهندا، ان وقت هن نينگر جو حصو تمام زياده هوندو.) (چنا، 1972ع، ص ، 100)
عربي شعرن متعلق علامه قاسمي صاحب مقدمي ۾ لکي ٿو ته:
”پروفيسر صاحب، عربي اشعارن ۽ عبارتن جو جيڪو سليس ۽ سلوڻو ترجمو پيش ڪيو آهي، اهو موصوف جي عربي ۽ سنڌي ٻنهي ٻولين تي قدرت ۽ ڪمال لاءِ ڪافي دليل آهي.“ (قاسمي، 1972ع، ص ، 19)
اهڙيءَ طرح پروفيسر محبوب علي چنا، اسلامي تاريخ جي نهايت اهم عنوانن تي قلم کنيو، ۽ هر ڳالهه جو محققانه نموني جائزو وٺي حقيقتون روشن ڪيون. چنا صاحب جي هن ڪتاب ۾ هڪ ته اسان کي اسلامي تاريخ جي ڄاڻ ملي ٿي، ٻيو ته عرب جي بنوثقيف قبيلي جون ٻه شخصيتون جن جا عجيب و غريب ڪارناما ۽ ڪردار تاريخ ۾ گهڻو مشهور آهن، هڪ ته حجاج جون ظالمانه ڪارروايون گهڻو مشهور آهن، باقي مختار ثقفي جي مذهبي ۽ سياسي شعبده بازي تي گهڻو پردو پيل آهي، هن جو ظاهري ڪردار ته اهو هو جو هو صوم و صلواة جو وڏو پابند هو ۽ قدرت هن جي هٿان، مظلوم ڪربلا سيد الشهداءِ امام حسين عليه السلام جي قاتلن جو وير ورتو، ۽ مختار جو باطني ڪردار ان جي موت کان اڳ پنهنجي هڪ مقرب ۽ رازدار سان ڪيل اعتراف مان پڌرو آهي، هنن ٻن شخصيتن جي احوال سان گڏوگڏ ٻيو فائدو اهو آهي ته، گذريل دؤر جا عجيب و غريب احوال به معلوم ٿين ٿا.
حوالا
(1) ”خليق“ ، ايم، صالح: اظهار صالح، ”هڪ شخصيت ٻه پهلو“ ، مصنف، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، اداره صالح، سيريز، سال - 1972ع، ص - 7.
(2) قاسمي، غلام مصطفيٰ، علامه: مقدمه، ”هڪ شخصيت ٻه پهلو“ ، مصنف، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، اداره صالح سيريز، سال، 1972ع، ص ، 11 ، 12.
(3) ميمڻ، عبدالمجيد، ڊاڪٽر: مقالو، ”منهنجو مهربان، سائين محبوب علي چنا“، ”محبوب جي ياد ۾“ مرتب، پروانو سيوهاڻي، سيوهڻ، سرهاڻ پبليڪيشن، سال، 1982ع، ص ، 77.
(4) چنا، محبوب علي، پروفيسر: ” هڪ شخصيت ٻه پهلو“ حيدرآباد، اداره صالح سيريز، سال، 1972ع، ص، 86.
(5) حوالو ساڳيو، ص ، 100.
(6) قاسمي، غلام مصطفيٰ، علامه، مقدمه ، ”هڪ شخصيت ٻه پهلو“، مصنف، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، اداره صالح سيريز، سال، 1972ع، ص ، 19.
*
(v) سنڌي ادب جا مختلف رجحانات
هيءُ ڪتاب، سنڌ جي برک عالم، اديب، محقق، پروفيسر محبوب علي چنا جو ادبي شاهڪار آهي. جيئن ته چنا صاحب جو هي مقالو، سنڌي ادب سان واسطو رکندڙ هو ۽ اهو پاڻ ايم.اي سنڌي جي شاگردن کي، سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچر طور ڏنائون. جيڪو سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر، علامه آءِ آءِ قاضي جي زير صدارت انگريزي زبان ۾ بعنوان، (Various Trends in Sindhi Literature) تي پڙهڻ جو کين موقعو مليو، هن ليڪچر پڙهڻ کانپوءِ، چنا صاحب جو هي مقالو ايترو ته مقبول ٿيو جو، ماڻهو چنا صاحب کي داد ڏيڻ لڳا.
هن مقالي جي حوالي سان چنا صاحب، هن ڪتاب ۾ لکي ٿو ته:
” منهنجو هي ليڪچر سنڌي ادب جي عام طالبن لاءِ مفيد ۽ خاص طور، ايم.اي سنڌي جي شاگردن لاءِ سونهون ثابت ٿيو، ان وقت کان وٺي، منهنجو هي مقالو ٽائيپ ٿيندو رهيو ۽ شاگردن ۾ تقسيم ٿيندو رهيو، شاگرد هن مقالي کي ڳوليندا رهيا ۽ ان مان فيضياب ٿيندا رهيا، هي مقالو ايترو ته مقبول ٿيو جو مون وٽ به ڪاپي نه رهي، ان بعد حسن اتفاق ٿيو جو ان جي هڪ ڪاپي منهنجي هڪ قديم شاگرد وٽ هئي، جتان مون هٿ ڪئي، هن مونکي همٿايو ته مان پهرين ٽائيپ ٿيل تقرير تي نظرثاني ڪريان ۽ ديس واسين آڏو پيش ڪريان، اهڙي طرح مون ناقدانه ۽ محققانه ڇنڊڇاڻ ڪري، هن مقالي کي موجوده ڪتابي شڪل ڏياري، پهرين شڪل مقالي جي اصلوڪي زبان انگريزي ۾ هئي، ان بعد گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن ڪراچي، جي پرنسپالي جي عرصي ۾، ان کي اردوءَ جو روپ وٺايو ويو، هاڻي وري پنهنجي سٻاجهي مٺڙي مادري زبان ۾ هن کي پيش ڪري رهيو آهيان.“ (چنا، 1974ع، ص ، 11، 12)
سندس هن ڪتاب کي ڪيترن ئي عالمن پسند ڪيو، هن مقالي بابت ڊاڪٽر، غلام علي الانا ٻڌايو ته:”سندس ڪتاب (The Trends in Sindhi Literature) انگريزي، ۾ آهي انهيءَ ۾ جيڪي نوٽس ورتائين، انهيءَ کي وڌائي، ڪتابي صورت ۾ آندائين ۽ باقاعده سنڌي ادب جي رجحانن کي ظاهر ڪيائين.“ (الانا، ذاتي انٽرويو، 2011)
اهڙي طرح سان چنا صاحب جي هن مقالي کي، پهريون ڀيرو ڪتابي صورت ۾ 1971ع ۾ آندو ويو، جيڪو سندن “اداره صالح سيريز” شايع ڪيو، هن ڪتاب جي ضرورت کي محسوس ڪندي ۽ خاص ڪري شاگردن لاءِ انگريزي زبان واري مقالي کي، اردو زبان ۾ (سندھی ادب کے مختلف رجحانات) عنوان سان ترجمو ڪري، ساڳئي اداري طرفان 1972ع ۾ شايع ڪيو، ان کانپوءِ اردو واري مقالي کي اڃا به وڌيڪ خوبصورت بنائي، پنهنجي سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ڪري، ساڳئي اداري طرفان 1974ع ۾ شايع ڪيو ويو.
هن ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت جي حوالي سان ناشر، هن ڪتاب بابت لکي ٿو ته:”اسان کي علم آهي، جڏهن اسان جو هن عنوان تي انگريزي زبان ۾ ڪتاب شايع ٿيو ته محترم عبدالمجيد سنڌي جو ڪتاب، ”سنڌي ادب جو مختصر جائزو“ به اڃا بازار ادب ۾ آيل نه هو، محترم عبدالجبار جوڻيجو جو ڪتاب بعنوان، ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“، پڻ بعد ۾ شايع ٿيو، ان ڪري هن ننڍڙي ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت پنهنجي جاءِ تي آهي.“ (خليق، 1974ع، ص، 5)
چنا صاحب جي هن ڪتاب ۾، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختلف صنفن جي ارتقا ۽ اوسر، شاعرن ۽ اديبن جا ادب بابت مختلف نظريا پيش ڪيل ۽ چنا صاحب جو به نظريو لکيل آهي.اهڙي طرح سان هن ڪتاب جا ”پيش لفظ“ عالم، فاضل، مؤرخ ڊاڪٽر محمود حسين خان صاحب، وائيس چانسلر ڪراچي يونيورسٽي جا لکيل آهن، ڊاڪٽر صاحب ”پيش لفظ“ ۾ لکي ٿو ته:” پروفيسر چنا، اسانکي سنڌي ادب جي ڪيترن ئي موڙن سان روشناس ڪرايو آهي، ۽ قديم زماني کان وٺي هاڻوڪي وقت تائين، هر رجحان جو احاطو ڪيو آهي، عام پڙهندڙن کان وٺي ادب جي شاگردن تائين، هي ڪتاب سنڌي ادب جي تاريخ ۽ هن جي ارتقا جي تقريباً هر پهلوءَ کي اجاگر ڪري ٿو ۽ هن ۾ هر اداري يا هر فرد، جو سنڌي ادب سان متعلق آهي جو تذڪرو ۽ تعارف اچي وڃي ٿو.“ (حسين، 1974ع، ص ، 7)
اهڙي ريت هن ڪتاب جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته، سندس انگريزي واري مقالي ۽ اردوءَ واري ڪتاب ۽ سنڌيءَ واري ڪتاب جو مقصد ساڳيو ئي آهي، سندس هي مقالو ٽنهي زبانن ۾ شايع ٿيندو رهيو ۽ شاگرد هن مقالي مان استفادو حاصل ڪندا رهيا.
ڪتاب ۾ چنا صاحب سڀ کان پهريان، سنڌي زبان ۽ ادب جي قديم لاڙن تي هڪ ماهرانه روشني وڌي آهي، سنڌي زبان جي نظريي بابت، ڪيترن ئي عالمن، نقادن جا نظريا ۽ ٻوليءَ بابت پنهنجو نظريو به پيش ڪيو آهي. مثال طور: لسانيات جا سڀئي ماهر، هن ڳالهه تي متفق آهن ته، ” سنڌي (زبان) هند يورپي زبانن جي اترئين اولهه گروهه سان تعلق رکي ٿي ۽ وراچڊ اپڀرنش پراڪرت مان سڌيءَ طرح نڪتل آهي.“
ڊاڪٽر اين اي بلوچ ۽ ٻيا اسڪالر هيءَ دعويٰ ڪن ٿا ته، ” سنڌي، سنسڪرتي زبان اصل نه آهي“
جديد سنڌي نقادن مان، سراج الحق ميمڻ پنهنجي نظريي ۾ لکيو ته، ” سنڌي سنسڪرت جي ڄائي نه، پر سنسڪرت سنڌيءَ جي ڄائي آهي.“
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو سنڌي ٻوليءَ جي قدامت بابت هي نظريو پيش ڪيو آهي، ”سنڌي ٻولي جي قدامت بابت ڪيترا رايا ظاهر ٿي چڪا آهن، پر اڃا ڪو محقق ثابتين سان ڪجهه به نه چئي سگهيو.“
ڊاڪٽر غلام علي الانا، ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد“ بابت هي نظريو پيش ڪيو آهي ته، ” سنڌي ٻولي، غير آريائي خاندان واري ٻولي آهي، جنهن جون پاڙون موهن جي دڙي واري تهذيب ۾ کُتل آهن، جا آرين جي اچڻ کان گهڻو اڳ نه فقط ڳالهائي ويندي هئي پر لکي به ويندي هئي، جا دراوڙي ٻولين جي خاندان سان هڪ جهڙائي رکي ٿي، جنهن ۾ آرين جي اچڻ کانپوءِ پراڪرت ٻولين جا بي شمار لفظ داخل ٿي ويا پر ان جي سٽاءُ تي آريائي ٻولين جو معمولي اثر هيو پر گهڻو ڪري سٽاءُ ساڳيو ئي ديسي رهيو“ ، الانا صاحب، ٻولي جي بڻ بڻياد جي سڄي بحث مان اڳتي هلي هي نتيجو ڪڍيو آهي ته،”برصغير جي ڪابه ٻولي سنسڪرت مان نڪتل نه آهي، تنهنڪري اهو مفروضو ته ”سنڌي ٻولي، سنسڪرت مان ڦٽي نڪتي آهي،“ غلط ثابت ٿئي ٿو.
مٿين عالمن جي نظرين کانپوءِ، پروفيسر محبوب علي چنا، سنڌي ٻوليءَ جي ابتدا ۽ بڻ بڻياد بابت، تحقيق ۽ تنقيد ڪري پنهنجو هي رايو ڏنو آهي:
”سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا تي جيڪڏهن نظر وجهبي ته، پڌري پٽ پتو پوندو ته سنڌي ٻولي ٻن مکيه حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿي: (1) ” قديم ٻولي، جا قديم سنڌو تهذيب جي ٻولي هئي ۽ جنهن جا رهاڪو منڊا قوم ۽ دراوڙ هئا. (2) سنڌ جي اها ٻولي جنهن تي آرين جي آمد کانپوءِ، سنسڪرت جو اثر پيو ۽ قديم ٻولي سان ملي جلي انهي پراڪرت جي صورت اختيار ڪيائين، جنهن مان موجوده سنڌي ٻولي نڪتي.“ (چنا، 1974ع، ص ، 19)
مذڪوره پس منظر کي نظر ۾ رکندي، هن نتيجي تي اچي سگهجي ٿو ته، موجوده سنڌي، پنهنجن متعلقن کان ڇوٽڪارو، هڪ هزار ۽ يارهن سو عيسوي جي درميان ورتو هوندو.
ان کانپوءِ هن ڪتاب ۾، سومرن جي دؤر کان وٺي موجوده د ؤر جي مختلف صنفن، شاعرن، بزرگن، عالمن، اديبن جو مختصر تذڪرو ڪري، ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت کي وڌايو آهي، چنا صاحب جي هن ڪتاب، نه صرف شاگردن جي گهرجن کي پورو ڪيو، پر عام پرهندڙن لاءِ انهيءَ وقت کان به ڪارائتو ثابت ٿيو، جڏهن ته ادب ۽ ٻوليءَ بابت ڪتاب لکيائي نه ويا هئا. اگر هن ڪتاب کي اڃا به وڌائي سنواري لکجي ها ته شايد هن ڪتاب جي اهميت وڌي وڃي ها.
اهڙي طرح سان هن ڪتاب جي مطالعي کانپوءِ هي نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته، چنا صاحب جي هن ڪتاب، اسان کي سنڌي ادب جي ڪيترن ئي موڙن سان روشناس ڪيو آهي. سنڌي زبان جي بڻ بڻياد ۽ مختلف عالمن جا نظريا پيش ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي قدامت جي حوالي سان بحث ڪيو ويو آهي، سنڌي ادب جي دؤرن جي ذڪر سان گڏوگڏ، نثر توڙي شاعري جي صنفن، ۽ اديبن، بزرگن، عالمن شاعرن جو پڻ ذڪر ڪيو ويو آهي.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: ٻه اکر، ”سنڌي ادب جا مختلف رجحانات“ حيدرآباد، اداره صالح سيريز، سال، 1974ع، ص - 12 ، 11.
(2) الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: ذاتي انٽرويو، سال - 2011ع.
(3) حسين، محمود، ڊاڪٽر: پيش لفظ، ”سنڌي ادب جا مختلف رجحانات“ ، مصنف پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، اداره صالح سيريز، سال، 1974ع، ص ، 7.
(4) چنا، محبوب علي، پروفيسر: ”سنڌي ادب جا مختلف رجحانات“ ، حيدرآباد، اداره صالح سيريز، سال، 1974ع، ص ، 19.
*
(vi) مخدوم قلندر لعل شهباز مرندي
هي ڪتاب، پروفيسر محبوب علي چنا جو تحقيقانه انداز ۾ لکيل آهي، جيڪو حضرت قلندر لعل شهباز جي (724) ساله ورسي جي موقعي تي، شهباز قلندر ادبي ۽ ثقافتي ڪاميٽي طرفان پيش ڪيو ويو، هي ڪتاب پهريون دفعو 1962ع ۾ سيڪريٽري، قلندر شهباز سنڌ پرنٽنگ پريس آڪال ڀونگا گهٽي، حيدرآباد مان ڇپايو ۽ پروفيسر محبوب علي چنا، ”قلندر شهباز ميموريل ڪاميٽي“ سيوهڻ پاران شايع ڪيوويو،ان کانپوءِ هن ننڍڙي ڪتاب جي مقبوليت تمام گهڻي وڌي وئي انهي ڪري هي ڪتاب بازار ۾ اڻ لڀ هو، جنهن جي ڪري هن ڪتاب جو، ٻيو سڌاريل ڇاپو، 1977ع ۾ قلندر شهباز ميموريل ڪاميٽي طرفان شايع ڪيو ويو.
هن ڪتاب جي مقبوليت جي حوالي سان پروفيسر محبوب علي چنا لکي ٿو ته:
”هن ننڍڙي ڪتاب کي شايع ٿيندي پندرهن سال ٿي ويا آهن، هن جي مقبوليت خدا تعاليٰ جي فضل سان اشاعت بعد ئي بازار ادب ۾ محسوس ڪئي. هڪ طرف مرحوم عزيزم مولانا غلام محمد گراميءَ، هن ڪتاب کي پنهنجي نامياري مجلہ، ”سماهي مهراڻ“ ۾ شايع ڪيو ٻئي طرف محترم مولانا عبدالواحد سنڌيءَ، ”نئين زندگي“ جي صفحن ۾ هن تحقيق کي باوقار جڳهه ڏني، ڪيترن ٻين طالبن به ان تاريخي تحقيق مان فاعدو ورتو.“ (چنا، 1977ع، ص-5)
هن ڪتاب جا ”ٻه اکر“ ، مصنف پاڻ لکيا آهن جنهن ۾ ڪاميٽي جي وجود جو ذڪر ڪيو اٿن. جنهن ۾ سيٺ محمد اسماعيل صاحب، جيڪو ان وقت دادو ضلعي جو ڊي. سي مقرر ٿيو هو، تنهن جي ڪاوشن کي ساراهيو اٿن، ڇاڪاڻ ته اُها ميلا ڪاميٽي سندن ئي ڪوششن سان برپا ٿي هئي، ان کانپوءِ سنڌ سرڪار لعل شهباز قلندررح جي ادبي ۽ ثقافتي ڪم کي اهميت ڏيندي، ”لعل شهباز قلندر ادبي ۽ ثقافتي ڪاميٽي“ جي تشڪيل ڏني جنهن جو چيئرمين چيف ائڊمنسٽريٽر اوقاف ۽ اعزازي سيڪريٽري چنا صاحب کي مقرر ڪيو ويو، هن ڪاميٽي جي پاران سيوهڻ شريف ۾ هڪ لائبريري قائم ڪرڻ جو وسيع پروگرام رٿيو ويو. هن ڪاميٽي جي ڪوششن سان اها لائبريري اڄ به درگاهه جي لڳ قائم آهي، اهڙي طرح سان سيوهڻ ۾ گورنمينٽ جي طرفان سال 1988ع ۾ ”گورنمينٽ لال شهباز لائبريري“ قائم ڪئي وئي.
چنا صاحب قلندر لعل شهباز جو پڪو عقيدتمند ۽ شيدائي هو، هر سال ميلي جي ادبي محفل جو سرواڻ هوندو هو، شاعرن، اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن کي قرب ۽ محبت جي نينڍ ڏئي گڏ ڪندو هو، ان موقعي تي لال جي زندگيءَ ۽ ان جي علمي ۽ ادبي خدمت جي روشني تي ڪتاب شايع ڪرائيندو هو. ادبي محفل ۾ جيڪي ليکڪ ۽ شاعر حضرات شريڪ ٿيندا هئا، انهن جي شعرن ۽ مقالن کي سهيڙي، سموهي شايع ڪرائيندو هو، ۽ ان ۾ محبت جا مڻيا پوئيندا هئا.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي هن ڪتاب جي تحقيق جي باري ۾ لکي ٿو ته:” حضرت قلندر لعل شهباز جي سوانح بابت، چنا صاحب جو لکيل ڪتاب، آهي ته ننڍڙو، پر اهو وڏي تحقيق، جستجو ۽ ڇنڊڇاڻ کانپوءِ لکيل آهي. خاص طرح سان قلندر سائين جي وطن ۽ شاعريءءَ بابت سندس تحقيق قابل قدر آهي، مستند دليلن سان ثابت ڪيو اٿس ته، حضرت قلندر سائين جي اصلوڪي وطن جو نالو ”مروند“ نه ”مرند“ آهي انهيءَ تحقيق کي سڀني محققن تسليم ڪيو آهي، بلڪه وڌيڪ دليل ۽ حوالا ڏيئي انهي تحقيق کي هٿي ڏني آهي، حضرت قلندر شهباز جي سوانح بابت اڃا به گهڻو ڪجهه لکڻو هوس، پر سندس حياتي وفا نه ڪئي.“ (ميمڻ، 1982ع، ص 73).
هن ڪتاب ۾ چنا صاحب سڀ کان پهرين حضِرت قلندر لعل شهباز جي آخري آرامگاهه ۽ تاريخي شهر ”سيوهڻ“ بابت ذڪر ڪيو آهي، جيڪڏهن اسان تاريخ جي روشنيءَ ۾ سيوهڻ جو گذشته ماضي ڏسنداسين ته پڌري پٽ ظاهر ٿيندو ته سنڌو تهذيب جي پراچين کنڊراتي طبقي بعد سيوهڻ جو درجو اچي ٿو، يعني سنڌ جي موجوده آباد شهرن ۾ سڀ کان قديم شهر سيوهڻ آهي.
اهڙي طرح سان چنا صاحب هن ڪتاب ۾، هن شهر بابت فارسي قديم تاريخن خواه تذڪرن جي ڪتابن جا حوالا به ڏنا آهن.
مثلاً:- چچ نامه ۾ ڄاڻايل آهي ته، راءِ سيهرس بن ساهسي راءِ جي ڏينهن ۾، سنڌ ملڪ تي چار حڪمران مقرر ٿيل هئا، انهن مان هڪ سيوستان جي “قصبه” تي به حاڪم هو. جنهن جي هٿ ۾ ٻُڌيہ، جنگان، رونجهاڻ، ڪوه پايه، ويندي مڪران جي حد تائين ملڪ هو.
تحفته الڪرام جي صاحب به سيوستان جو ذڪر هن طرح آندو آهي، ”هن کي سيوهڻ ۽ سهوڻ به سڏيندا آهن، پنجين ولايت ۾ آهي، هڪ قديم شهر سنڌ جي اولاد سهوارڻ جي نالي پٺيان سڏجي ٿو، سندس قلعو ڇهن قلعن مان آهي. انهيءَ کان پوءِ ڪيئي مرتبا مرمت ٿيو آهي، قديم الايام کان خلاصو تخت گاهه هو“.
مختلف تاريخدانن هن شهر کي جدا جدا نالن سان سڏيو آهي، يوناني تاريخدانن هن کي ”سنڊيمانا“ سڏيو آهي، ڪن هن کي رامائڻ جي زماني جو سيوستان، شروسان، سدوسان ۽ سدوستان سڏيو آهي.
مٿين حوالن مان معلوم ٿو ٿئي ته، هيءُ شهر ايترو ته قديم آهي، جو خبر ئي پئجي نٿي سگهي ته، هي شهر ڪهڙي زماني ۾ وجود ۾ آيو، هن جو بنياد ڪنهن وڌو، سيوهڻ نه فقط هڪ قديم شهر آهي پر قديم زماني کان هن کي وڏي اهميت به حاصل پئي رهي آهي، شروعات ۾ هي هڪ وڏو علائقو هو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ سيوهڻ هو.
ان کانپوءِ “قلندر شهباز جو ذڪر خير”، جنهن ۾ قلندر شهباز جو نالو، لقب ۽ وطن ولادت، ننڍپڻ، بيعت ۽ سياحت، سيوهڻ ۾ ورد، رشد و هدايت، جذب ۽ سڪر، علم و فضل وفات، روضو ۽ اوصاف جي عنوانن تي ذڪر ڪيل آهي.
مثال طور:- سندن وطن بابت به تاريخن ۾ اختلاف نظر اچن ٿا، ڪي “مروند” چون ٿا ته ڪي مرند، ته ڪي ميمند.
پروفيسر محبوب علي چنا، حضرت قلندر لال شهباز جي وطن جي باري ۾ تحقيق ڪندي لکي ٿو ته:
”ضرت قلندر لعل شهباز ”مرندي“ آهي ۽ نه ”مروندي“ جيئن عام مشهور آهي، ٻن انگريزي ڪتابن، ”ايران ماضي ۽ حال، ازڊونالڊ اين ولبر“۽ ”افغانستان - از فريزرٽٽلر“ جي مطالعي مان معلوم ٿيو ته هرات کان اتر ڪشڪ نالي شهر آهي جتي روس ۽ افغانستان جون حدون اچي ملن ٿيون، ان کان به اتر 160 ميلن تي خشڪ جابلو ملڪ ۽ بيابان جي وچ ۾ هڪ وڻندڙ خيابان بنام ”مَرو“ (Merv) آهي جو عربن جي ڏينهن ۾، خراسان جي اڳوڻي گاديءَ جو هنڌ هو اتي سڪندر جي وقت پسجن ٿا، هي شهر علم، عرفان ۽ آسودگيءَ جو مرڪز رهيو آهي. سلجوقين جي ڏينهن ۾ هن ۾، يونيورسٽي هئي. ڪيترن ئي سياسي حڪمرانن جي طمع جو تصور رهيو، هاڻي روس جي حدود اندر آهي، آزربائجان جي گادي جو هنڌ تبريز آهي. هي تهذيب، علم، عرفان، قدامت ۽ سير و تفريح جو مرڪز رهيو آهي، ان جي مضافات ۾ سياحن کي مراغہ، ”مرند“ ۽ ريزايہ جا شهر ملن ٿا. مرند جو شهر تبريز جي اتر اولهه ۾ چاليهه ميلن جي فاصلي تي واقع آهي. هاڻي جيڪڏهن افغانستان جي سابق شهر ”مرو“ وٺون ته اهو ”مرو“ هي ۽ نه ”مروند“ جيئن عام طرح مشهور آهي ان ڪري آذربائجان پرڳڻي جي شهر ”مروند“ کي لعل شهباز جو مولد سمجهيو”. (چنا، 1977ع، ص - 18، 19)
چنا صاحب جي هن تحقيق کانپوءِ قلندر لعل شهباز جي ٻين سوانح نگارن ان حقيقت جي اپٽار ڪئي آهي، خود حضرت قلندر لعل شهباز جي شعر ۾ به ”مروندي“ استعمال ٿيل آهي، ان مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته، غالباً ٻين ملڪن ۾ ”مرند“ کي ”مروند“ سڏيو ويندو هو، انهي ڪري خود حضرت قلندر لعل شهباز به وطن کان نڪري، ٻين ملڪن ۾ اچڻ کان پوءِ پاڻ کي ”مروندي“ سڏايو آهي. سنڌ ۾ عام طرح ”مروندي“ مشهور آهي.
اهڙي طرح سان سندن ولادت جي سن جي حوالي سان به تاريخن ۾ اختلاف نظر اچن ٿا. پروفيسر محبوب علي چنا سندن ولادت جو سن 573هه 1177ع ڄاڻايو آهي.
”سيوهڻ ۾ ورود“ جي عنوان جي ذڪر ۾، چنا صاحب حضرت قلندر لال شهباز جي پهرين برڪت جي حوالي سان لکي ٿو ته:”سڀئي تاريخون ان حقيقت تي متفق آهن ته، جنهن زمين تي پاڻ هاڻي آرامي آهن، انهيءَ تي فاحشه عورتون رهنديون هيون. هن الله واري جي برڪت جو سيوستان جي سرزمين تي هي پهريون اثر هو ته اتي فحاشي ۽ بدڪاري جي بازار سرد ٿي وئي، نيڪي ۽ پرهيزگاري طرف انهن ڪسبي عورتن، سندن دست حق پرست تي توبهه ڪئي.“ (چنا، 1977ع، ص - 25)
قلندر لعل شهباز سيوستان ۾ رهي بگڙيل دلين کي سنواريو، انهن جو اخلاق سڌاريو ۽ سيوهڻ کي، سيوهڻ شريف بنائي ڇڏيو، علم و فضل، جي حوالي سان پاڻ خان شهيد جي درٻار ۾ عربي شعر پڙهندي سماع ڪيو هئائون ۽ سندن فارسي غزل به مشهور خاص و عام آهن.
تيئنءَ هي آساني سان نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته پاڻ ظاهري خواه باطني علم جا ڄاڻو به هئا ته پارکو به.
اهڙي طرح سان قلندر لعل شهباز جي سن وفات ۾ به تاريخ جي تذڪرن ۾ اختلاف آهي.
”پروفيسر چنا صاحب جي تحقيق مطابق, سندن سن وفات 673هه آهي، ڇو ته 650هه، 1252ع اهو سن آهي ،جڏهن اڃا بلبن سلطانيءَ جون واڳون نه ورتيون هيون، هو صاحب 662هه مطابق 1265ع ۾ مس سلطان بنيو“ .
ڪتاب جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته، پهريان سيوهڻ جي تاريخ، قدامت، نالن بابت ذڪر ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ قلندر لعل شهباز جي سوانح حيات بابت مفصل نموني احوال پيش ڪيو اٿن. هي ڪتاب ڏسڻ ۾ آهي ته ننڍڙو، پر پنهنجي جاءِ تي هڪ ننڍڙي تاريخ جي حيثيت رکي ٿو.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مصنف، ٻه اکر، ”مخدوم قلندر لعل شهباز مرندي“، سيوهڻ، قلندر شهباز ميموريل ڪاميٽي، سال - 1977ع، ص - 5.
(2) ميمڻ، عبدالمجيد، ڊاڪٽر: مضمون، ”منهنجو مهربان سائين، محبوب علي چنا“، ”محبوب جي ياد ۾”“، مرتب، پروانو سيوهاڻي، سيوهڻ، سرهاڻ پبليڪيشن، سال 1982ع، ص - 73.
(3) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مصنف، ”مخدوم قلندر لعل شهباز مرندي“ ، سيوهڻ، قلندر شهباز ميموريل ڪاميٽي، سال - 1977ع، ص - 19 ، 18.
(4) حوالو ساڳيو، ص - 25.
نثر ۾ لکيل اڻ ڇپيل ڪتاب
پروفيسر محبوب علي چنا، سنڌي ادب ۾ جيڪو به علمي ادبي ڪم ڪيو، ۽ جيڪو به تحقيقي ۽ تخليقي ادب لکيو، انهن مان گهڻو سندن ئي دؤر ۾ شايع ٿيو،پر سندن وفات کان پوءِ به، ڪجهه اهڙا ڪتاب هئا جيڪي شايع نه ٿي سگهيا آهن. انهن مان ڪجهه، سندس اڻ ڇپيل ڪتاب هيٺيان آهن.
(i) سنڌي تهذيب جي تاريخ
(ii) سنڌي رسم الخط جي ارتقا ئي تاريخ
(iii) يادِ اقبال ”مفصل تذڪرو“
(٧i) ڪنز قادري راضي فقير جي خيالن جو مرقع ( ترتيب).
(i) ”سنڌي تھذيب جي تاريخ “
سندس هن مسودي جي حوالي سان ڪوبه عنوان ڏنل ڪونهي صرف ڪنڊ تي ”حصه تاريخ “ لکيل آهي، پر ڪتاب جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته هيءُ “سنڌي تهذيب جي تاريخ ” جي حوالي سان لکيل ڪتاب آهي،سندس هن اڻ ڇپيل مواد جا ڪجهه صفحا هٿ آيا آهن، اهو مواد سندن لکيل هي مسودو، سندس پٽ حبيب الرحمان کان مليو،
هن ڪتاب جي شروعات، رب پاڪ جي نالي سان عربي عبارت ۾ ڪئي وئي آهي، هن ڪتاب ۾ شروع کان، يعني حضرت آدم کان پوءِ، حضرت نوح جو تاريخي سيلاب وارو واقعو بيان ڪيل آهي انهي سيلاب کانپوءِ، حضرت نوح عليه السلام جو اولاد، اولاد آدم وانگر وڌڻ لڳو ان ڪري حضرت نوح کي ”آدم ثاني“ به سڏيندا آهن. هن انهيءَ حوالي سان لکيو آهي ته:“پراڻي ۾ پراڻيون تاريخون ۽ نئين ۾ نيون تحقيقون شاهد آهن ته، اهو اولاد نوح جي وڌڻ جو هنڌ ايشيا هو”، (چنا، ص، 2) انهيءَ قديم تهذيب جي تاريخ کي ڳولڻ البته هڪ مشڪل مسئلو آهي، سنڌ جي قديم تهذيب جي حوالي سان عالم انهي راءِ تي متفق آهن ته، انساني تهذيب تقريباً ست هزار سال اڳ کان شروع ٿي. پرويدن مان معلوم ٿو ٿئي ته، فقط سنڌي تهذيب ئي ويهه هزار سال اڳ کان زنده هئي:
پاڻ حضرت نوح جي اولاد جي حوالي سان لکن ٿا ته: ”حضرت نوح عليه السلام جي اولاد مان اصل ۾ ٻه وڏيون قومون پيدا ٿيون جن جون سطح ارض تي نشانيون باقي آهن.انهن مان هڪ قوم مشرق ڏي وڌي ۽ ٻي مغرب، مغربي قوم جو مسڪن مصر ٿيو ۽ مشرقي قومن جو عرب، بابل جي علم القدامت مان ثابت ٿي چڪوآهي ته اتي سومري قوم جي بودوباش هئي، ڪيترن ڪتبن ۽ آثارن مان معلوم ٿو ٿئي ته، هيءَ قوم وادين جي رهاڪو شهري زندگي سان مانوس هئي، ان قوم جي زبان به سومري هئي ۽ اها قوم هئي جا مد نيت ۾ ترقي ڪري رهي هئي. علماءَ جو هي متفق رايو آهي ته، اها قوم اصل سامي قوم هئي جا بيابانن ۽ پهاڙن ۾ رهي نهايت سخت عادتن واري ٿي پئي هئي.“ (چنا، ص ، 5 )
سامي اهي هئا جيڪي مشرق طرف ويا هئا، اڳتي هلي سامي قوم، سومري قوم تي غالب ٿي وئي. هنن ٻن قومن جي حوالي سان خبر نٿي پئجي سگهي ته پهريان ڪهڙي قوم آباد ٿي، ڪتاب جي بحث ۾ ڄاڻايل آهي ته ، هندوستان ۾ يا ته پهرين آريه ( سومري ) آيا ، اڻ آريه (سامي ) اڳ آيا، جي آريا اڳ آيا هوندا ته انهن پنهنجي مدني قابليت سان اچي، هن ملڪ کي ٺاهي رهڻ جي قابل بنايو هوندو . اهڙي طرح سان چنا صاحب ان بحث جي حوالي سان هي نتيجو ڪڍيو آهي ته: ”مٿيئن بحث مان واضح ٿي چڪو ته، پهرين سومري قوم هئي پوءِ سامي قوم آئي ۽ انهن قومن مان ٻيون قومون پيدا ٿينديون ويون ۽ ملڪن ۾ پکڙجنديون ويون، اهي قومون جتي جتي ويون ٿي، اتي پنهنجي تهذيب، پنهنجو اخلاق ۽ پنهنجون رسمون ۽ زبان کڻي ٿي ويون، ائين اهي قومون سنڌ ۾ به آيون.“ (چنا، ص _ 15 ، 16
اهڙيءَ طرح چنا صاحب جو هي ڪتاب، تهذيب جي تاريخ جي حوالي سان سٺي ڄاڻ فراهم ڪري ٿو، جنهن ۾ انساني شروعات کان وٺي، مختلف قومن جي تهذيبن جو ذڪر ڪيو ويو آهي ، ته انهن قومن ۽ تهذيبن ڪيئن جنم ورتو، ڪهڙيون قومون برباد ٿيون، ڪهڙيون قومون عروج تي پهتيون. جن سنڌ جي ريتن رسمن ، زبان، رهڻي ڪهڻي جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪيو. چنا صاحب جي هيءَ محنت شايع ٿيڻ گهرجي ها، ته جيئن سنڌي ادب جي تاريخ ۾ اڃا به وڌيڪ اضافو ثابت ٿئي ها.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر : ”سنڌي تهذيب جي تاريخ“ اڻ ڇپيل ڪتاب ص، 2 .
(2) حوالو ساڳيو، ص، 5 .
(3) حوالو ساڳيو، ص 15، 16 .
*
(ii) سنڌي رسم الخط جي ارتقائي تاريخ
هن ڪتاب جي پيش لفظن مان ئي معلوم ٿئي ٿو ته، پاڻ جڏهن سروري اسلاميه ڪاليج هالا جا پرنسپال هئا، ان دوران 2 نومبر 1952ع تي، ”انجمن علم وادب هالا سنڌ“، جي زير اهتمام ارڙهين سالانه ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن جو مڪمل انتظام انجمن جي باني مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ڪيو.هن ڪانفرنس ۾ سنڌ جي ادبي قرب دارن کي ڪوٺيو ويو هو، چنا صاحب هن ڪانفرنس ۽ پنهنجي چونڊيل عنوان جي حوالي سان لکيو آهي ته :
”ڪانفرنس، ڪارپردازن عنوان به چونديا، عنوانن جي قلم آزمائي ڪندڙن، بندي کي به ياد ڪيو ۽ منهنجي سپرد، سنڌي رسم الخط جي ارتقائي تاريخ جو، صبر آزما مقالو ڪيو ويو، صبر آزما ان ڪري جو، هن عنوان تي گهڻو احوال ان سمي ۾ فراهم ٿي نه ٿي سگهيو ته به هاڻي ان پراڻي ۽ بوسيده مسودي مان هي معلوم ڪري، مونکي تعجب ٿو لڳي ته ، ان وقت مون چاليهارو ڪتاب نظر مان ڪڍيا ۽ انهن کي حوالي طور ڪم آندو ، عنوان جي اوکيا ئي پنهنجي بي بسيءَ جي ڪري ، جڏهن مٿئين عنوان تي قلم آزمائي ڪرڻ لاءِ بندي کي حبيباڻو منشور پهتو، تڏهن پنهنجي ڪم علمي ۽ ناقص ماضيءَ سان گڏ مقالي جي وسعت ۽ قدامت جو اندازو لڳايو، مگر ڪريم جي ڪنجڪ وٺي، هن مشڪل مضمون کي هٿ ۾ کڻي سوجهي ، سلجهائي ، سوڌُي ۽ سنواري ڪانفرنس ۾پيش ڪيم.“ (چنا ، ص ، 2 ، 3 )
هن پنهنجي لکيل پيش لفظن ۾، آمريڪي دوري جو به مختصر احوال ڏنو اٿس، ان دوري دوران پاڻ آمريڪا جي ڪيترن علمي ادارن ۽ اتي جي لسانيات جي ماهرن سان ملي ڪافي معلومات حاصل ڪئي، انهن ماهرن جا هت نالا به ڄاڻايا اٿن جيڪي چاليهن کان مٿي آهن.
هاڻي اچون ٿا، سندس اڻ ڇپيل مسودي تي. پاڻ سڀ کان پهريان لفظ ” رسم الخط “ جي تشريح تي روشني وڌي اٿن، جئين هن لکيو آهي ته، رسم الخط ٻن لفظن جو جامع آهي. هڪ رسم ٻيو خط ، رسم معنيٰ طرز يا نمونو ۽ خط جي معنيٰ ليڪ يا لڪير، اصطلاحاً، ڪنهن جي به لکت، نوشت يا تحرير کي ”خط“ چئبو آهي. يعني پوري معنيٰ ٿي، ”طريقه تحرير “ يا”طرز نوشت“. هندي ۾ هن کي ”لپي “ ۽ انگريزي ۾ اسڪرپٽ چئبو آهي.“ (چنا ، ص، 1)
سندس ڪيل هن تحقيق تي، پاڻ ڪافي جاکوڙ ڪئي اٿن، گهڻي قدر اهڙا حوالا ڏنا اٿن، جيڪي دنيا جي مختلف زبانن خاص طور انگريزي ڪتابن مان ورتا ويا آهن ، چنا صاحب هن موضوع کي بحث ۾ آڻيندي، ڪافي ڳالهيون تحقيق جي دائري ۾آڻي، رسم الخط جي ارتقا جا بنيادي ڏاڪا سمجهايا آهن . پاڻ هن موضوع تي قديم زماني کان وٺي، هن وقت تائين جملي سنڌي رسم الخط جي طريقن تي مختصر نموني محققانه انداز ۾ معلومات فراهم ڪئي آهي.
جيئن پاڻ هڪ هنڌ لکيو اٿن ته: ”دنيا جون سڀ مهذب قومون، تحريرواري عمل کي استعمال ڪنديون آهن. انهن جي لکتن جي هڪ طويل ۽ پر ڪشش تاريخ آهي، جنهن جو آغاز ٻه هزار سال ق-م کان شروع ڪري سگهجي ٿو- ان سمي کان آڳاٽي ارتقا جو پتو پوري طرح نٿو پوي، پر جيڪي به خيال نظريا يا قياس آرايون آهن، اهي سڀ جمع ڪري، هن الف-بي تحرير جا مؤجد ڪير هئا. يونانين، رومين جا ان نقطي تي پنج مخالف رايا آهن. (1) فرينچ (2) مصري (3) آشوري (4) ڪريٽي (5) يهوديا، اسرائيل جو ذڪر ڪري پاڻ هي نتيجو ڪڍيو اٿن ته، قديم ترين جديد نظريو هي آهي ته، مصر، الف-بي جي تحرير جو پهريون گهوارو آهي“ (چنا. ص-15)
اهڙيءَ طرح مصرين هڪ مڪمل الف-ب تيار ڪئي، ۽ ان جو نالو ”مقدس حروف“ رکيو. انهن ئي مقدس حروف کي يوناني زبان ۾، ”هيرا گلفڪ“ سڏجي ٿو، سندس هن مسودي ۾ تحرير جي فن جي حوالي سان به معلومات ڏنل آهي، ته تحرير جو فن ڪئين حاصل ڪيوويو، جنهن لاءِ پاڻ ڪيترا دليل پيش ڪيااٿن ڇو ته هيءُ فن، انساني تهذيب جو هڪ اهم ترين جزُ هو، اهڙيءَ طرح برفاني دؤر، ڌاتو جو دؤر، قديم هجري دؤر وغيره جن ۾ انساني تهذيب توڙي فن تحرير جي مصوري ڪرڻ جي حوالي سان معلومات ڏنل آهي، غارن تي مصوري ڪرڻ جي حوالي سان حوالو ڏنو اٿس ته:”حياتياتي نوعيت جو انسان اول قديم هجري دؤر ۾، اٽڪل چاليهه سال اڳ نمودار ٿيو، جنهن غارن تي مصوري ڪرڻ شروع ڪئي. جيڪو تحرير جوآڳاٽي ۾ آڳاٽو قسم آهي، جنهن کي ڪتابن اڌوري آغازي تحرير ڪري سڏيو آهي.“ (چنا، ص- 5)
بهرحال چنا صاحب جو هي مسودو، “رسم الحظ” جي حوالي سان هڪ بنيادي معلومات ميسر ڪري ٿو. رف ڪاپي هجڻ جي ڪري ڪافي اهم ڳالهيون سمجهه ۾ نٿيون اچي سگهن، اگر سندن هي ڪتاب ايڊٽ ڪري شايع ٿي وڃي ته ٻوليءَ جي حوالي سان اهم ثابت ٿئي ها .اهڙي طرح سان چنا صاحب جي هيءَ تصنيف محققانه آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻولي، سنڌي صورتخطي جي باري ۾ مختلف اديبن جا رايا پيش ڪيا ويا آهن. ۽ سنڌي رسم الخط تي ڇنڊڇاڻ ڪري تفصيل سان روشني وڌي وئي آهي.
هن ڪتاب جي ڪاپي مون کي سندس فرزند حبيب الرحمان چنا کان حاصل ٿي ، جيڪا رف ڪاپي لکيل آهي، جنهن ڪري ڪافي مواد سمجهه ۾ نٿو اچي.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر،”سنڌي رسم الخط جي ارتقائي تاريخ“ اڻ ڇپيل ڪتاب، ص- 2، 3،
(2) حوالو ساڳيو؛ ص، 1
(3) حوالو ساڳيو،ص، 15
(4) حوالو ساڳيو، ص،5
*
(iii) ”يادِ اقبال“
”سنڌي زبان ۾ ڊاڪٽر اقبال جو مفصل تذڪرو“
چنا صاحب جو هٿ اکر لکيل هي مسودو، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو جي لائبريري ۾ موجود آهي، جيڪو پاڻ شايع ڪرائڻ لاءِ بورڊ جي حوالي ڪيو، پر افسوس جو سندن هي مسودو اڃا تائين به شايع ٿي نه سگهيو.
سندن هن مسودي جي فهرست مان خبر پوي ٿي ته، هي مسودو ڪل پنج ڀاڱن تي مشتمل آهي.هن مسودي جي ڀاڱي پهرين ۾، علامه اقبال جي سوانح حيات ڏنل آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر اقبال جي خاندان، پيدائش، ننڍپڻ ۽ ابتدائي تعليم، ڪاليج ۾ داخلا، ملازمت، يورپ جو سفر، دکن جو سفر، افغانستان جو تاريخي سير، سرهند شريف جي سڪ، اعزازات، رياست ڀوپال حجاز مقدس جي تمنا ، نظر جي ڪمزوري بيماري، آخرين ارشادات ، رحلت ، مدفن جنازو، مزار جي تعمير ، وفات جي تاريخ، احبابن تي جدائي جو اثر هندوستان جي مشاهير سان تعلقات، اولاد ، عجيب اتفاق جي عنوانن تي ذڪر ڪيل آهي.
ڀاڱي ٻئين ۾ ”سيرت اخلاق وعادت “ ،جنهن ۾سندس حليو،لباس، ملاقات ، مسڪن ، حسن اخلاق ، خوش طبعي ، انڪسار قناعت ۽ توڪل ، سادگي ، سڪون قلب، غيرت، گوشه نشيني، قلندري، غذا، علمي صحبتون، خلوص خدمت، شهرت کان بيزاري، همت ۽ استقلال جهڙن عنوانن جو ذڪر ڪيل آهي.
ڪتاب جي ٽئين ڀاڱي ۾، شاعريءَ جي ابتدا شاعريءَ جا مخلتف دؤر، شعر جون خصوصيتون، اقبال جو ادبي مقام، اقبال جو شاعرانه فن، اقبال جي اردو ۽ فارسي شاعري، اقبال شاعر ۽ فلسفي جي حيثيت ۾ جي عنوانن تي بحث ڪيل آهي.
ڀاڱي چوٿين ۾، اقبال جون تصنيفون، علم اقتصاد ، ايران جي ما بعد الطبيعات جي ارتقا، اسرار خودي ، رموزِ بي خودي، بانگ دار، پيام مشرق ،زبورِعجم،جاويد نامه ، جديد اسلامي الاميات جي تشڪيل، بال جبريل ، ضرب ڪليم، ارمغان حجاز، اقبال جي مقبوليت ۽ تبصرو، تي بحث ڪيل آهي.
اهڙيءَ طرح علامه اقبال جي تصنيفن جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته: ”هي روز روشن وانگر حقيقت آهي ته، ڊاڪٽر اقبال جي عالي شخصيت جي جلوه دار جهلڪ سندس چند فارسي ڪلام مان ظاهر ٿئي ٿي.انکي سندس چند فارسي مثنويات کي، انگلينڊ ۾ ڏاڍو آڌرڀاءُ مليو ۽ ”آربري“ جهڙي جڳ مشهور مستشرق اقبال جي،”اسرار خودي“ ۽ ”رموز بي خودي“ جو ترجمو انگريزي ۾ ڪيو. اقبال جي خداداد قابليت جو داڪو، اڳ ئي اهِل يورپ جي دلين کي لرزه سرانجام ڪري ڇڏيو هو. ان ڪري برطانيه حڪومت ڊاڪٽر اقبال کي پهرين جنوري، 1923ع، جي نائيٽ knight ۽ سر ( sir ) جو اعليٰ ۾ اعليٰ خطاب عنايت ڪيو.“ (چنا،ص ، 40 )
عام طرح ڏٺو ويو آهي ته، اهڙا خطاب ۽ لقب حڪومت جي هٿ ٺوڪين يا خوشامدڙن کي عطا ٿيندا آهن. پر هي خطاب هن فقير خود آگاهه کي مليو.
ڪتاب جي پنجين ڀاڱي ۾، اقبال جو فلسفو۽ پيغام، ڏنل آهي، جنهن ۾ خودي، توحيد، عمل شريعت، طريقت، حقوق العباد، اسلام دين وسياحت، وغيره جو ذڪر ڪيل آهي، پاڻ اقبال جي عظمت، شخصيت ۽ شاعريءَ بابت لکي ٿو ته:” علم ادب جي آسمان جو در خشنده آفتاب، شعرو شاعري جي دنيا جو هڪ انقلاب آڻيندڙ، پيغام رسان شمع آزاديءَ جو سوخته پروانو، عسڪر خوديءَ جو سرفيل، سر زمين سيالڪوٽ ۾ تولد ٿيو،جيئن ته سندس خاندان ذهن ۽ ذڪاوٽ جو گهوارو هو، تئين ڊاڪٽر اقبال به بي مثال، ذهني شاگرد ثابت ٿيو .اوائلي زندگيءَ ۾، سندس شخصيت تي شمس العلماءِ سيد مير حسن جو اثر تمام گهرو پيو ۽ هن صاحب پنهنجي لاثاني علمي استعداد جي ذريعي، اقبال کي اهڙي ادبي منزلن مان راهبر پار لنگهايو، جو مستقبل ۾ ڊاڪٽر اقبال ادبي سلوڪ جي جانگدار راهه ۾ ڪامل سالڪ ثابت ٿيو، ڊاڪٽر اقبال جو شعر، خودي جي وهندڙ شفاف پاڻيءَ جو سر چشمو، حريت جو عميق بحر، فلسفي جو لڪل خزانو ۽ تصوف جي کاڻ آهي.“ (چنا،ص، 45)
اهڙيءَ طرح چنا صاحب جا ٽئين، چوٿين ۽ پنجين ڀاڱي کان علاوه ٻه ڀاڱا، پهريون ۽ ٻيو جو مواد، بورڊ جي لائبريري ۾ موجود پيل آهي باقي ٻيو مواد اتي موجود ڪونهي جيڪو اڃا تائين شايع ٿي نه سگهيو آهي.اسان جي راءِ اها آهي ته، هن اڻ ڇپيل مواد کي ڇپرايو وڃي، ته جيئن ان مان سنڌ جو نئون نسل، شاعر مشرق ڊاڪٽر اقبال جي زندگي، ۽ فلسفي مان ڪجهه معلومات حاصل ڪري پنهنجي زندگيءَ کي سنواري سگهي.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: “مسودو” “ياد اقبال” اڻ ڇپيل، ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ، ريسرچ لائبريري، ص، 40 .
(2) حوالو ساڳيو : ص، 45 .
*
(iv) “ڪنز قادري ”
” راضي فقير جي خيالن جو مرقع“
چنا صاحب جو هي ڪتاب ڪنز قادري، چئن حصن ۾ ورهايل آهي.
حصو پهريون- خدا سان محبت، خلق جي خير خواهي، ساري عمر جي عبادت وغيره.
حصو ٻيو- خزانو خيال لطيفي لال.
حصو ٽيون - لطيفي لات هميشه حيات.
حصو چوٿون - حرف هر دل عزيز، لفظ لعل لذيذ “”ڪنز قادري“ جي منعيٰ خدا ئي ڳجهه خزاني جي کاڻ.
هن ڪتاب مان معلوم ٿئي ٿو ته، هي ڪتاب اصل ۾ راضي فقير جو تضيف ٿيل آهي. جنهن کي چنا صاحب ترتيب ڏنو هو، جيڪو اڃا تائين، شايع ٿي نه سگهيو.
راضي فقير جي هن ڪلام ۾، عشق رسول جاگل به آهن ته گوهردانائي به آهي. مذهبي رواداري نيڪ نيتي ، انساني قدر سندس ڪلام جا اهم موضوع آهن.
مثال طور: لفظ هڪ جو استعمال هن ريت ڪيل آهي:
اول هڪ، آخر هڪ، ظاهر هڪ باطن هڪ آهي هڪ، هوندو هڪ، هِتي، هُتي هڪ
مثال طور: لفظ ٻن جو بيان هن ريت ڪيل آهي:
هڪ الله ٻيو رسول، هڪ اسلام ٻيو ڪفر، هڪ زمين ٻيو آسمان، هڪ سڄو ٻيو انڌو، هڪ شاهوڪار ٻيو غريب، هڪ ظالم ٻيو مظلوم اهڙي طرح، ٽن ڳالهين جو بيان، چئن نصيحتن وارين ڳالهين، پنجن، ڇهن، ستن نصيحتن وارين ڳالهين وغيره جو ذڪر به نهايت ئي عمدي طريقي سان ڪيل آهي.
هي ڪتاب به شايع ٿي نه سگهيو آهي. جنهن کي شايع ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هن ڪلام ۾ اهڙا نصيحت ڀريا نڪتا آهن جيڪي ماضي توڙي حال جي انسانيت لاءِ رهبري ڪن ٿا .سندن نصيحت جي ان طرز مان، اڄ جو نوجوان ۽ ذوق رکندڙ ادبي انسان، تمام گهڻو فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو.
(3) پروفيسر محبوب علي چنا جا ترتيب ڏنل ڪتاب
پروفيسر محبوب علي چنا، جتي ڪيترائي ڪتاب پنهنجي قلمي ڏات ذريعي تحرير ڪيا اتي هن ڪيترن ئي ڪتابن کي سنواري، سينگاري، ترتيب ڏيئي منظرعام تي آندو، چنا صاحب ڪن ڪتابن جو مرتب، ته ڪن جو سهيڙيندڙ، سوڌيندڙ، ته ڪن جو وري مؤلف رهيو. پراڻن ۽ گمنام قلمي نسخن، بوسيده بياضن کي ڳولي هٿ ڪرڻ، عالمانه مقدما ۽ پيش لفظ لکڻ، منتشر ۽ غير مرتب ورقن کي اٿلائي ۽ پٿلائي نئين سر ترتيب ڏئي سينگارڻ ۽ سنوارڻ وغيره، اهڙا ڪارناما آهن، جي چنا صاحب جي شخصيت ۽ فن کي هميشه لاءِ زندهه ۽ قائم رکن ٿا.
چنا صاحب، سنڌي ادب کي سهيڙيو ۽ سينگاريو آهي ۽ گڏوگڏ علمي دنيا ۾ عظيم خدمتون سرانجام ڏئي، پاڻ ڪيترائي علمي ۽ ادبي ڪتاب، مقالا، مضمون لکي، ترتيب ڏيئي سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيو، پاڻ سنڌ جي صوفي شاعرن ۽ بزرگن سان بي انتها محبت ۽ عقيدت رکندا هئا، انهيءَ جذبي ماتحت وڏي حُب ۽ اُڪير مان سنڌ جي صوفين ۽ بزرگن تي وقت بوقت مقالا ۽ ڪتاب لکندا رهيا، سندس اڪثر ترتيب ڏنل ڪتاب ۽ مقالا، سنڌ جي صوفي شاعرن ۽ بزرگن بابت ملن ٿا.
سنڌ جي تاريخ ۽ ڪلاسيڪي ادب بابت سندس لکڻين جي فني ۽ فڪري جائزي جي حوالي سان، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو ته:”پروفيسر محبوب علي چنا، سنڌ جي تاريخ ۽ ڪلاسيڪي ادب بابت ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيا آهن، جن ۾ مڪلي ۽ حضرت قلندر لعل شهباز بابت لکيل مقالا ۽ ترتيب ڏنل ڪتاب قابل ذڪر آهن، ان کانسواٰءِ ڪن ڪلاسيڪي شاعرن جو ڪلام به مرتب ڪيو اٿس، جن مان ” ڪليات امين“ سنڌي ادب جي تاريخ جي ماخذن ۾ وڏي اهميت رکي ٿو.“ (ميمڻ، 2002ع، ص، 177)
سنڌ جي ٻن نامور بزرگ شاعرن جا ڪليات ترتيب ڏنائين، هڪ ”ڪليات امين“ ۽ ٻيو ”ڪليات نورل“ .
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو سندس ترتيب ڏنل ڪلياتن جي حوالي سان لکي ٿو ته:
”شاعرن جي ڪلام جي ترتيب جي سلسلي ۾، سيد نور محمد شاهه“ نورل“ جو، ڪليات ايڊٽ ڪيائين ۽ سروري خاندان جي بزرگ، مخدوم محمد امين جو ڪلام، ڪليات جي صورت ۾ ترتيب ڏنائين، ڪلياتن ۾ به ڀرپور مقدما لکيا اٿس ۽ شاعرن جي سوانح جا سڀ پهلو روشن ڪيا اٿس، اهو هيئن ته ، شاعرن جي سوانح عمريءَ کي، ان جي وڏن کان وٺي احوال ۽ سندس ننڍپڻ، تعليم ۽ دؤر جو بيان ۽ شاعرن جو دؤر توڙي همعصرن جو ذڪر اچي وڃي ٿو، نه رڳو ايترو بلڪه شاعريءَ تي مڪمل تبصرو به شامل آهي، هن ڳالهه جي ثابتي، ”ڪليات امين“ ۽ ”ڪليات نورل“ ۾ موجود آهي.“ (جوڻيجو ، 2007ع ، ص 125)
ڪلياتن کان علاوه چنا صاحب جا ٻيا ترتيب ڏنل ڪتاب هي آهن.
* ڪچڪول طالب الموليٰ. * لطيفي لنؤ.
* مسلمانن جي شاديءَ جو قانون. * گلزارِ قلندر.
* قلندر نامو سنڌي. * قطب قلندر.
* نذر شهباز. * ضياءُ القلندر.
* سردار قلندر. * سيوهاڻي بادشاهه.
* هڪ انگريزي ڪتاب (Ziaush Shahbaz) ضياءُ الشهباز به ايڊٽ ڪيائين.
حوالا
(1) ميمڻ، عبدالمجيد، ڊاڪٽر: ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو “، ڪنڊيارو، روشني پبليڪشن، سال، 2002ع ، ص ، 177 .
(2) جوڻيجو،عبدالجبار، ڊاڪٽر، مقالو، ”پروفيسر محبوب علي چنا، شخصيت ۽ ادبي خدمتون “ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽سندس همعصر عالم ۽ اديب، مرتب، ڊاڪٽر قاضي خادم ، ڄامشورو، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر. سال- 2007ع ، ص، 125
چنا صاحب جي ترتيب ڏنل ڪتابن جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو هيٺ پيش ڪجي ٿو
(i) ڪليات امين
”ڪليات امين“ سنڌ جي مشهور اهل دل بزرگ حضرت مخدوم امين محمّد ثالث عرف ”پکن ڌڻي“ جي سوانح ۽ عارفانه، عاشقانه ڪلام تي مشتمل شاهڪار آهي.
هن ڪتاب جو مرتب، سنڌي ادب جو برک، اهل قلم ۽ محقق، پروفيسر محبوب علي چنا آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1966ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد طرفان شايع ٿيو. ان کانپوءِ ان ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 1990ع ۾ شايع ڪيو ويو، مخدوم طالب الموليٰ هن ڪتاب جي پيش لفظن ۾ لکيو آهي ته:
”ڪليات امين کي جنهن عرق ريزيءَ ۽ دماغ سوزيءَ سان مرتب ڪم ڪيو آهي، اهو قدر ڪرڻ جي لائق آهي، ان سلسلي ۾ اهو ظاهر ڪرڻ به لازمي امر آهي ته، هن نسخي جي ڌارڌار پڙهڻين ۽ صحت جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي، اسانجي خانداني قلمي بياض کي، فاضل مؤلف هر وقت اڳيان رکيو آهي.“ (مخدوم ، 1990ع ، ص ، 2،3)
ان ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، چنا صاحب وڏي جاکوڙ ۽ محنت ڪري سائين مخدوم محمّد امين جي ڪلام جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري، ڪتاب کي هر صورت ۾ بهترين بنائي شاعري واري صنف ۾ اضافو ڪيو آهي، سندس ڪلام جي فن جي حوالي سان، چنا صاحب ڪتاب جي ديباچي ۾ لکي ٿو ته: ”ڪليات امين جي ترتيب، ان جي فهرست مان ظاهر آهي، جيڪڏهن هڪ طرف سنڌي ڪافين ۽ بيتن جي برهه جي بات آهي، ته ٻئي طرف سرائڪي ڪافين ۽ ڏوهيڙن جي ڏاڻ ڀري ڏات آهي، ٽئين طرف لولي، سي حرفي ۽ مولود جي تن کي تاڻيندڙ تات آهي، ته چوٿين طرف وري مرثيه جي جانسوز ۽ لنؤ واري لات آهي، مطلب ته ادب جي گلستان ۾، ڄڻ نئين نموني جا گل ڦلهاريا بيٺا آهن، جن مان هرڪو سڪايل پنهنجي مذاق مطابق مزو وٺي سگهي ٿو.“ (چنا ، 1990ع ، ص ، 7)
پاڻ، حضرت امين محمد سائين عرف ”پکن ڌڻي“ جي، مڪمل سوانح حيات پيش ڪئي آهي، جنهن ۾ سلسله سهرورديه سان گڏ حسب نسب، تعليم تربيت، سجاده نشيني، اولاد تي بحث ڪيل آهي. انکانپوءِ راهونڊ ۾، ”روح رهاڻ “ جي عنوان هيٺ راهونڊ ۾ فقيراڻا آثار ، جاگرافيائي ماحول ۽ سندس ڪرامتون بيان ٿيل آهن ۽ ان سان گڏ راهونڊ متعلق مشهور شاعرن جا تاثرات بيان ڪيا ويا آهن، سائين پکن ڌڻي رياضت ۽ مجاهدي لاءِ ويراني کي تلاش ڪري اتي وڃي ويٺا ۽ الله جي عبادت ۾ مشغول ٿيا، ان سرزمين کي ”راهونڊ “ چوندا آهن جنهن کي”پکا“ پڻ سڏبو آهي.
سندس ڪلام جي محاصن تي، ڪلام جي مقبوليت جي عنوان هيٺ فني بحث آيل آهي ۽ تصوف ۽ شعر و شاعريءَ تي هڪ مشتمل عنوان آهي، جنهن ۾ تصوف ۽ وحدت الوجود تي بحث ڪيل آهي، اهو ئي سبب آهي جو ان دؤر جي، صوفيانه فڪر جي تاريخ مفصل نموني سامهون اچي وڃي ٿي. ان کانپوءِ مخدوم صاحب جي شاعريءَ تي تبصرو ڪندي، وحدت الوجود جو فڪر به نهايت چٽائي سان بيان ڪيو اٿس، وجودي فڪر مختصر مگر جامع نموني هن طرح بيان ڪيو اٿس:
”هت مختصر لفظن ۾ اهو ظاهر ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان ته صوفيائي ڪرام وٽ، وحدت الوجود، هم اوست ۽ توحيد وجودي جو تعبير ڪهڙو آهي؟ ٿورن لفظن ۾ چيو ويو آهي ته، الله تعاليٰ هڪ هستي مطلق ۽ وجود محض آهي، جنهن جو ڪنهن به چيز تي مدار ڪين آهي، نه ڪا سندس ڪا شڪل شباهت آهي. سندس هستي مطلق ساري موجودات ۾ جاري ۽ ساري آهي. ان خيال کان ساري موجودات، وجود جي حيثيت سان عين باري آهي. پر تعين ۽ مقام جي حيثيت سان غيرباري آهي، ان مان واضح ٿيندو ته، غيريت اعتباري آهي، ۽ اصل ۾ همه اوست آهي.“ (چنا ، 1990ع،ص، 126)
اڳتي هلي لکي ٿو:”مطلب هي آهي ته، صوفيائي ڪرام، وحدت الوجود جي تعبير ڪندي، واجب الوجود ذات باري تعاليٰ کي ٿا چون، ۽ ممڪن الوجود ڪائنات ۽ ان جي مظاهر کي ٿا ڪوٺين. انهن ٻنهي جو تعلق اهو ئي مقرر ڪيو اٿن. جن جو واجب ۽ ممڪن جي وچ ۾ آهي.“ (چنا، 1990ع ، ص، 128)
اهڙي طرح وحدت الوجود جي جامع تعريف ۽ تاريخ بيان ڪئي اٿس، ڇاڪاڻ جو گهڻي قدر سموري سنڌي صوفيانه شاعريءَ جو بنياد وحدت الوجود جي فڪر تي آهي.
آخر ۾ سندن ڪلام جو پورو متن، ڪافيون، بيت، وايون، سي حرفيون، مولود ، مرثيا ۽ اردو ڪلام ڏنل آهي، سندن ڪلام راڳداري جي فن موجب ترتيب ڏنل آهي، سندس ڪافي جو هڪ مثال هيٺ ڏجي ٿو:
”روئندي راتو ڏينهن، ويئي وهامي راتڙي.
آيل آريءَ ڄام جي ، ڪئي نماڻي نينهن.
ويلو ڪرنه وچ ۾، ويندي سيڻن سيئن.
آيل آرامي ٿيان، ڪوهياري ري ڪيئن.
“ امين” اوڇڻ عشق جو، جوڙي پاتائين جيئن.“
(امين، 1990ع ، ص ، 141 ، 140 )
انکان سواءِ هن ڪتاب ۾ پنج ضميما به ڏنل آهن، جيڪي هن طرح آهن.
ضميمي پهرين ۾،سندن دؤر جا همعصر شاعر ۽ سندن معاصر، سجاده نشين ۽ انگريزن جي اوائلي دؤر جا اديب، تعليمي خدمتگار، سياسي ۽ علمي ليڊر.
ضميمي ٻئي ۾، درگاهه شريف هالا جي سجاده نشين جي سنواريل لسٽ ڏنل آهي.
ضميمي ٽئين ۾، امين سائين جي خاندان جو شجرو ڏنل آهي.
ضميمي چوٿين ۾، ميان غلام نبي عرف ميان پنيلڌي جو ڪلام ڏنل آهي.
ضميمي پنجين ۾ مراجع ۽ ماخذات جي لسٽ ڏنل آهي.
هن ڪتاب جي مرتب چنا صاحب جي محنت جي حوالي سان ڊاڪٽر، عبدالرحمان قريشي پنهنجي پي. ايڇ. ڊي جي ٿيسز ۾ لکي ٿو ته:” هن ڪتاب جي سهيڙڻ ۾ پروفيسر محبوب علي چنا جي محنت ۽ عرق ريزي شامل آهي.ايتري قدر جوحضرت مخدوم امين جي احوال کان علاوه متقدمين، معاصرين، ۽ متاخرين جي باري ۾ به ٿورو گهڻو تفصيل ڏيندو آيو آهي، جنهن ڪري هي ڪتاب، “ڪليات امين” سان گڏ هڪ، “تذڪره شعراءِ ” به بنجي پيو آهي، هن ڪتاب ۾ مخدوم امين ۽ ٻين ڪن ممتاز همعصر شاعرن جي تحريرن جو عڪس به ڏنل آهي.”(قريشي ، 1977ع ، ص ، 409)
اهڙي طرح سان مرتب وڏي محنت ۽ جاکوڙ سان، پنهنجي ڏات، فن ۽ فڪر سان سهيڙي هن ڪتاب کي نهايت سهڻي نموني سان منظرِ عام تي آندو.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو ته:” پروفيسر محبوب علي چنا،سنڌ جي باڪمال سنڌي شاعر، مخدوم امين محمد جو ڪلام، نهايت سهڻي نموني سان مرتب ڪيائين، مخدوم امين محمد جي حسب نسب سوانح، شاعري جي فن ۽ فڪر جي ڪيترن ئي عنوانن تي نهايت تفصيل سان لکيو اٿس، نه فقط ايترو پر مخدوم صاحب جي مريدن ۽ همعصرن جو احوال به آندو اٿس.“ (ميمڻ ، 1982ع ، ص ، 73)
پروفيسر محبوب علي چنا، جي وسيع مطالعي ۽ تحقيقانه انداز متعلق، مولانا غلام محمد گرامي لکي ٿو ته:” مجموعي حيثيت سان هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ بيش بها اضافو آهي، ۽ چنا صاحب جي وسيع مطالعي ۽ تحقيق جو شاهڪار آهي. ان طرح هڪ دؤر جي مشاهير جي، پوري تاريخ پڻ هن ڪتاب ۾ سمايل آهي.“ (گرامي ، 1967ع ، ص ، 207) اهڙي طرح هن ڪتاب کي، سنڌي ادب ۾ شاهڪار جي حيثيت حاصل آهي ۽ ادب جي دنيا ۾ هڪ بيش بها اضافو آهي.
حوالا
1. طالب الموليٰ، محمد زمان، مخدوم: پيش لفظ ،”ڪليات امين“ ، مرتب ، پروفيسر محبوب علي چنا، ڄام شورو ، سنڌي ادبي بورڊ ،سال 1990ع ، ص، 2،3.
2. چنا، محبوب علي، پروفيسر: ديباچو، ”ڪليات امين“ ، مرتب ، پروفيسر محبوب علي چنا، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ سال ، 1990، ص ، 7.
3. حوالو ساڳيو ، ص ، 126.
4. حوالو ساڳيو ، ص ، 128.
5. حوالو ساڳيو ، ص ، 141، 140.
6. قريشي عبدالرحمان ڊاڪٽر: ”سروري خاندان جون علمي، ادبي ۽ ديني خدمتون“ پي. ايڇ. ڊي ٿيسز، ريسرچ لائبريري، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ،سال، 1977ع ، ص 409.
7. ميمڻ، عبدالمجيد، ڊاڪٽر: مقالو، ”منهنجو مهربان، سائين محبوب علي چنا“، ”محبوب جي ياد ۾“ مرتب، پروانو سيوهاڻي، سيوهڻ، سرهاڻ پبليڪيشن، سال 1982ع ص ، 73.
8. گرامي، غلام محمد مولانا: ”تبصرو“ ، مهراڻ، رسالو، جلد 16، نمبر 4، ايڊيٽر، غلام محمد گرامي، ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ، سال1967ع ، ص ، 207.
*
(ii) ڪليات نورل
ڪليات نورل، حاجي نورمحمد شاهه ”نورل“ جي شاعريءَ جو بياض آهي. جنهن کي پروفيسر محبوب علي چنا ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو سال 1970ع ۾، اداره صالح سيريز، حيدرآباد طرفان شايع ڪيو ويو. هن ڪتاب جو ڇپائيندڙ، سيد عبدالرحمان شاهه آهي، جيڪو حاجي نور محمد شاهه ”نورل“ جو فرزند هو. ڪليات نورل جي فهرست ۾ سڀ کان پهريان، “اظهار صالح” ايم صالح “خليق” جنهن پنهنجي اداري صالح سيريز ۽ هن ڪتاب کي منظرِ عام تي آڻڻ ۾، ٻن شخصيتن جو ذڪر ڪيو آهي، پاڻ ”اظهارِ صالح“ جي عنوان هيٺ لکي ٿو ته:
”هن بيش بها سوکڙيءَ جي اشاعت، ٻن شخصيتن جي مرهون منت آهي. هڪ عمويم، جناب الحاج سيد عبدالرحمان شاهه صاحب متعلوي جن محبت ۽ عقيدت ڪري، پنهنجي والد بزرگوار جي نادرات کي صفحه طباعت تي آڻڻ لاءِ ارادو ڪيو ۽ سڄو بار پنهنجي باهمت ڪلهن تي کنيو. ٻي شخصيت قبله محبوب سائين جن جي، جن ديس ۾ خواهه پرديس ۾ ڪليات نورل کي ڪونه وساريو ۽ پروف ريڊنگ خواه ترتيب ڏيڻ جو پورو ڪردار اداڪيو.“ (خليق ، 1970ع ، ص ، الف)
هن ڪتاب جا، ”پيش لفظ“ الحاج سيد عبدالرحمان شاهه، جن لکيا آهن. سيد عبدالرحمان شاهه، ڪتاب جي ”پيش لفظن“ ۾، ڪتاب جي مرتب پروفيسر محبوب علي چنا متعلق لکي ٿو ته: ”بابا جي دلي تمنا هوندي هئي ته، سندن حياتيءَ جو مقصد ۽ شعر سندن حياتيءَ ۾ شايع ڪرائجي، ان سلسلي ۾ پنهنجو پهريون وڏو بياض سن 1952ع ۾، منهنجي گهري گهاٽي دوست، يارغار ۽ هم ڪلاسي، محترم محبوب علي چنا، سابق پرنسپال سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۽ موجوده پرنسپال گورنمينٽ ڪاليج، جيڪب آباد جي حوالي ڪيو هئائون، جڏهن ”ادو محبوب“ هالا ڪاليج جو پرنسپال هو ته، ادي محبوب قلندرانه همت ڪري ان بياض کي صفحي جي هڪ طرف اتارڻ جو ڪم شروع ڪيو، ۽ انهيءَ تاڙ ۾ رهيا ته ان دلنواز مواد کي ڪيئن شايع ڪرائجي، پر سندن اشاعت وارو ڪم اڌورو رهيو، ڇاڪاڻ ته ادي محبوب جو راولپنڊي طرف تبادلو وچ ۾ وڏي سدِ راهه ثابت ٿيو، پر وري به آفرين هجي ادي جي مخلصانه همت کي، جو پروف اتي دور ديس ۾ گهرائيندو هو ۽ اتان اصلاح ڪري موڪليندو هو، وري سندس هت تبادلي تي، هن ڪم کي اچي تيز ڪيو ۽ سندس محنت جو ثمر موجوده ڪتاب جو قالب آهي.“ (متعلوي 1970ع ، ص - 7)
هن ڪتاب جو ديباچو به چنا صاحب پاڻ لکيو آهي، نورل سائين جي پهرين نوازش جي نظر کان وٺي، سندس فرزند سيد عبدالرحمان شاهه سان دلي گهرائپ، سائين نورل سائين سان ذڪر، فڪر جون ڳالهيون، سندس ڪلام جي روحانيت، عرفان ۽ معرفت، چنا صاحب جي دل کي اهڙو ته اثرانداز ڪري ڇڏيو، جو نورل سائين جي ڪلام کي سهيڙي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جو پڪو ارادو ڪيو، پاڻ پنهنجي هن ديباچي ۾ هن طرح لکن ٿا ته:
”بنده تي قبله مرحوم نورل سائين جي نوازش جي نظر انهيءَ سمي کان وٺي هئي، جڏهن مان برادرم حاجي عبدالرحمان شاهه سان گڏ پڙهندو هوس، هي ,361935ع جو زمانو هو. اسان ٻئي مرحوم چاچا نور محمّد جي زيرِ نظر، نور محمد هاءِ اسڪول ۾ زيرِ تعليم هئاسين. جڏهن سندس فرزند عبدالرحمان شاهه، ڪراچيءَ ۾ انجنيئرنگ پڙهڻ ويو، تڏهن به منهنجون سندس سان رهاڻيون ٿينديون هيون، ۽ اتي قبلا مرحوم نورل سائين سان به ذڪر ۽ فڪر جون ڳالهيون هلنديون هيون. انهن قربدار گهڙين ۾، سندس اشعار به ٻڌبا هئا، مان انهن کي سڻي، هِنئن سان هنڊائي، ڏاڍو گدگد ٿيندو هوس، جنهن ڪلام ۾ روحانيت، عرفان، معرفت هجي، ان جو اثر، هر سنگِ خار جهڙي دل کي به موم بنائي ڇڏيندو هو.“
پاڻ وڌيڪ لکن ٿا ته، ” 1951ع ۾ سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ پرنسپال ٿيس ته مذڪور ارادو مصمم ٿيو ۽ ان ڪري سائين وڏن کان سندن بياض نقل ڪرڻ لاءِ ورتم، ڇو ته اها آرزو دل ۾ هئي ته ڪو نه ڪو موقعو پيدا ٿئي ته، هي ڪلام روحاني پيام ڇپائي ديس واسين آڏو پيش ڪندس.“ (چنا ، 1970ع ، ص ،ح )
اهڙيءَ طرح سروري اسلاميه ڪاليج جي اداري طرفان، پهرين ”سروري مخزن“ 52-1951ع ۾، سندس ڪافي بعنوان ”سڄڻ جا سور سهه سهه سهه“ شايع ڪرائي وئي، جنهن ۾ سيد نور محمد شاهه ”نورل“ جو مختصر تعارف به ڪرايو ويو.
چنا صاحب، انهيءَ ڳالهه جو به اظهار ڪيو آهي ته:” 1955ع ۾، نورل سائين مونکي هڪ منظوم خط لکيو، جنهن ۾ ڪلام شايع ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪيل هئي، جيڪو ٻين خطن سان گڏجي ويو ۽ منهنجي ذهن تان به لهي ويو، پوءِ جڏهن منهنجي ملاقات، نورل سائين جي پٽ سيد عبدالرحمان سان 1968ع ۾ ٿي ته، ان مونکي سائين جا سڀ ڪتاب ڏنا، ان پراڻي بياض ۾ خط ڏٺو جو سائين اتاري ڇڏيو هو. ان خط جو به چنا صاحب ديباچه ۾ ذڪر آندو آهي.“
”تاريخ 3 جنوري 1955ع ۾، جناب مسٽر ميان محبوب علي چنا، پرنسپال ڪاليج سروري هالا نوان ڏانهن خط، لکيم، جنهن جا ڪجهه ٽڪرا لکان ٿو، وٽس منهنجي اڀري شعر جو بياض آهي، جنهن لاءِ فرمايو هئائين ته اتاريان پيو اميد آهي ته ڇپارائيندس، ان کي لکيم ته منهنجي حياتيءَ ۾، اهو ڪم ٿيندو يا مون کان پوءِ يا اچي ڪندا ڪوه، مُئي پڄاڻان مون پرين وارو ليکو ٿيندو.“ (نورل ، 1970ع ، ص ، ط)
هن ڳالهه مان خبر پوي ٿي ته، سائين نورل سائين کي پنهنجي شايع ٿيل ڪلام کي ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هو، پر افسوس جو هن بزرگ سان زندگي ساٿ نه ڏنو ۽ پنهنجو شايع ٿيل ڪليات، نه ڏسي سگهيو.
ڪليات نورل جي جائزي وٺڻ کانپوءِ خبرپوي ٿي ته، هي ڪليات سورنهن عنوانن ۾ ورهايل آهي، هرڪنهن ڪتاب جو آغاز خلقڻهار جي نالي سان ڪيو ويندو آهي، ان ڪري هن ڪتاب ۾ به ڪلام جو حمد، مناجات باري تعاليٰ تي مشتمل آهي ان کي ”فنافي الله“ جي عنوان ۾ مندرج ڪيو ويو آهي. ان کانپوءِ اسانجي برگزيده رسول فخر موجودات صلي الله عليه وآله وسلم جو وارو آهي، ان ڪري هن ڪلام ۾ نعتون ۽ مولود ان ضمن ۾ آندا ويا آهن. نورل سائين جي مام واري مرشد کيس محبت ۽ عشق جي نهائين ۾ پچائي رتو لعل ڪيو، ان ڪري ٽيون عنوان ”فنافي المرشد“ جو آهي.
”مدحيات“ به سنڌي ڪلام جي هاڪ ڀري ۽ عوامي صنف آهي، هن ۾ به نورل سائين جا دلچسپ عنوان آندل آهن، جن مان نورل سائين جي مذهب دوستي، حب الوطني، ۽ انساني همدردي ظاهر آهي. اسان جي عوامي ادب ۾، سي حرفيون به پنهنجو اعليٰ مقام ولارين ٿيون، جيڪي به الله وارا شاعر ٿي گذريا آهن، تن پنهنجي اندر جا درديلا آلاپ سي حرفين ذريعي ظاهر ڪيا آهن، سائين نورل سائين به انهن مان هڪ آهي.
”مثنويات“ ، هن ۾ ڪلام جو ڪريماڻو حصو ڏنو ويو آهي. سندس ڪلام ۾ قصيدا به ملن ٿا، پاڻ ٻين شاعرن وانگر خوب قصيدا چيا اٿن. جيئن ته شاهه صاحب مرحوم جن صاحب درد هئا. تيئن انهن جي درديلي دل جي پهلوءَ ۾ امام حسين عه جي شهادت عظميٰ جي دردناڪ واقعي جي لاءِ ضرور جاءِ هوندي، تنهنڪري پاڻ ”مرثيا“ به چيا آهن، اهڙي طرح سان سندس ڪلام ۾ “ڪافيون” به ڏنل آهن، “ڪليات نورل” جو وڏو حصو هن صنف جي نذر آهي.
مثال طور:
”سڄڻ لاءِ سانڍيو وتان سور ڙي،
ملي محب ڪريان سو مذڪور ڙي“
(نورل ، 1970ع ، ص ، س)
اسان جي ديس جا شاعر، ”ڪافي“ کي وصال جو وسيلو ۽ هجر جي داغ جو مرهم تصور ڪندا آهن. محبوب جي ساراهه، هجر جا تجربا، بي بس حالات، محبوب جي بي پرواهي ۽ بي رخي وغيره، مطلب ته عجيب و غريب احساسات ۽ جذبات جو موقعو آهي. سائين نورل سائين جي ڪافي به هڪ لاجواب ڪافي آهي ۽ هرڪنهن مذڪور صنعت مان سينگاريل آهي. نورل سائين ڪافي گو شاعرن جي پهرين صف ۾ جاءِ ولاري سگهي ٿو. ان کانپوءِ سندس موزون ڪلام، ”غزليات“آهي. غزليات کانسواءِ، شاهه صاحب موزون ڪلام جي ٻين صفن تي به طبع آزمائي ڪئي آهي، جهڙوڪ ”رباعيات“ ، ”قطعات“، ”افراد“ هنن ٽنهي عنوانن ۾، شاهه صاحب جو ٿورو شعر ملي ٿو، اهڙيءَ طرح هڪ عنوان ”منظوم خطن“ جي حوالي سان به ڏنل آهي، ان کانپوءِ وفات جي تاريخن، تي هڪ عنوان مشتمل آهي. مثلاً، هن عنوان ۾ شاهه صاحب ڪن دردناڪ موتن تي تاريخون لکيون آهن، يا مسجد شريف جي بنياد جي تاريخ يا جاءِ ٺهڻ جي تاريخ وغيره ، لکيون آهن. هن کانپوءِ شاهه صاحب جو متفرقه ”فارسي ڪلام“ به ڏنل آهي.
سندس فارسي ڪلام جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته:” فارسي دان حضرات کي معلوم ٿيندو ته، شاهه صاحب جو فارسي ڪلام، ”بلبلان فارس“ جي ڪلامن سان همسيري ضرور نه ڪندو. پر ته به ان جي ڪلام ۾ درد آهي. سوز آهي ۽ ساز آهي، ڪن ڪن هنڌن تي، شاهه صاحب قديم فارسي کي چڱي طرح سنواريو آهي، ڇو ته پاڻ مدرسي ۽ مڪتبي فارسي سکيائون ۽ وڏن وڏن استادن سامهون زانويء تلمذ طئي ڪيائون. ان حالات ۾ اگر فارسي تي طبع آزمائي ڪيائون ته بلڪل بجا هئي، بهر صورت شاهه صاحب اهو فطري شاعر هو، جنهن پاڻ کي هر صنف تي آزمائي، هڪ عوامي شاعر سڏائڻ جو دعويدار بنيو.“ (چنا، 1970ع ، ص ، ف)
ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، سائين نورل جن، فارسي ٻولي ۾ به وڏي مهارت رکندڙ هئا. آخر ۾ ٽي ضميما به ڏنل آهن.
ضميمو پهريون: شجره نسب، ضميمو ٻيون: قطعه تاريخ طباعت جناب اوستو غلام حسين، ”حسين“ ، ضميمو ٽيون: غلط نامو.
هن ڪتاب جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ اها خبر پوي ٿي ته، مرحوم سائين نور محمد شاهه “نورل ” تي، اسلامي رنگ جو اثر ڪجهه زياده هو، پاڻ به هڪ مذهبي، ماڻهو هو. پنهنجي ڪلام ۾ فنا في الله، جل جلاله، فنا في الرسول، فنا في المرشد جهڙيون صنفون آڻي خداوند ڪريم جي جلالت ۽ نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جو شان مٺي انداز سان پيش ڪيو آهي، فنا في المرشد ۾ هن صاحب هر ڀٽڪيل انسان کي صحيح رستو ڏيکارڻ ، هن دنيا ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۽ خدا کي راضي ڪرڻ لاءِ رهبر ۽ رهنماءِ جو هجڻ ضروري سمجهي ٿو. سندس ڪلام ۾ جيڪي به شاعري جون صنفون ملن ٿيون، انهن ما ن خبر پوي ٿي ته، شاعري ۾ سندس انهن صنفن تي عبور حاصل هو. مطلب ته هي ڪتاب، علمي، ادبي ۽ اخلاقي حوالي سان، سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت رکي ٿو.
حوالا
1. “خليق” ايم صالح : اظهار صالح ، ”ڪليات نورل“ مرتب ، پروفيسر محبوب علي چنا ،حيدرآباد ،اداره صالح سيريز، لطيف آباد ، سال 1970ع ص ، الف.
2. متعلوي، عبدالرحمان، سيد: پيش لفظ،”ڪليات نورل“، مرتب ، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدر آباد ،اداره صالح سيريز، لطيف آباد ،سال ، 1970ع ص، 7 .
3. چنا، محبوب علي ، پروفيسر: ديباچو، ”ڪليات نورل“، مرتب ، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدر آباد ،اداره صالح سيريز، لطيف آباد سال ، 1970ع ، ص، ح.
4. نورل، سيد نور محمد شاهه: ”ڪليات نورل“ ، مرتب ،پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، اداره صالح سيريزلطيف آباد ،سال ،1970ع _ ط.
5. حواالو ساڳيو ، ص .
6. چنا، محبوب علي پروفيسر: مرتب، ”ڪليات نورل“ ،حيدرآباد، اداره صالح سيريز، ليطف آباد سال، 1970ع ، ص ، ف.
*
(iii) ڪچڪول طالب الموليٰ
هي ڪتاب، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جي، 1955ع کان اڳ جي چيل ڪافين، بيتن ۽ سنڌي، اردو ۽ فارسي غزلن جو مجموعو آهي. جنهن جي ترتيب پروفيسر محبوب علي چنا جن ڏني آهي.
هي ڪتاب، ”بزم سروري“، سروري ڪاليج جي مطبوعات جو سلسلو پهريون آهي. هن ڪتاب جو شايع ڪندڙ، محمد بچل “محبوب ” هوسڙي وارو، سيڪريٽري ”بزم- سروري “ ، سنڌي سروري اسلاميه ڪاليج هالا سنڌ، طرفان شايع ڪيو. هي ڪتاب پهريون دفعو 1955ع ۾ شايع ٿيو. محمد بچل ”محبوب“ هوسڙي وارو، جيڪو ان وقت هالا ڪاليج ۾ انٽر آرٽس جو شاگرد هو ۽ ”بزم سروري“ جو سيڪريٽري به هو ان ”شڪريو“ ، عنوان هيٺ پنهنجا چند ڪلمات پيش ڪيا آهن، جيڪي هيٺ ڏجن ٿا:
” مان اڄ مسرت ۽ بهجت جي عالم ۾ هي اعلان ڪرڻ نهايت موزون ٿو سمجهان ته، قبله عالي جناب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي سرپرستي هيٺ ۽ محترم استاد محبوب علي چنا پرنسپال صاحب جي صدارت هيٺ، ”بزم سروري“ ان لائق ٿي آهي، جو هن کي قبله طالب الموليٰ سائين جي نادر ڪلام، مسرت انجام جي شايع ڪرڻ جو شرف حاصل ٿيو آهي، هن دلچسپ ڪتاب جي اشاعت جو سمورو خرچ قبله طالب الموليٰ سائين جن ڪيو آهي، جيڪڏهن پاڻ اهو بار برداشت نه ڪن ها ته هي ڪتاب سطح طباعت تي نه اچي ها، هن ڪري مان پنهنجي بزم جي عهديدارن ۽ ميمبرن پاران، قبله طالب الموليٰ سائين جن جو عقيدت مندانه شڪريو بجا آڻيان ٿو، شال رب ڪريم کين دراز عمر عنايت ڪري، جيئن سنڌ جون ادبي محفلون آباد و شاد ٿينديون رهن.“ (محبوب ، 1955ع ، ص ، 2)
ان کان پوءِ تفصيل سجاده نشين درگاهه شريف، حضرت غوث الحق مخدوم نوح کان وٺي، 17 نمبر سجاده نشين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ تائين ڏنل لسٽ آهي. جنهن کانپوءِ مؤلف جي طرفان ڪتاب جو ديباچو پيش ڪيل آهي، چنا صاحب ديباچه ۾ تاليف جو سبب ڄاڻائيندي لکي ٿو ته:” بندي جي طالب الموليٰ سائين سان ڏيٺ ويٺ، ”آل يارهين سنڌ ادبي ڪانفرنس“ ، حيدرآباد جي موقعي تي 1950ع تي، جا ڪانفرنس سندن زيرسايه منعقد ٿي رهي هئي، بندي کي، ڊاڪٽر محمد ابراهيم ”ّخليل“ صاحب جي يادگيريءَ طفيل، استقباليه ڪاميٽي جو ميمبر ڪيو ويو هو. جڏهن بندي سروري اسلاميه ڪاليج جي پهرين پرنسپالي جون واڳون، 25 مئي 1951ع ۾ ورتيون، ان وقت کان وٺي منهنجي قلب ۾ هي خيال قراريو ته، جيئن قدرت هن سروري خاندان جي يڪتا شخصيت سان قرب ۽ قريبيءَ جو لياڪو لڙايو آهي ته، هن سعيد خاندان جي ادبي تاريخي ڪارنامن جو ذڪر ڪرڻ ۽ انهن جي اشاعت ڪرڻ نهايت ضروري آهي. هن خيال کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ، ”سروري مخزن“ کي انهن نادر احوالن جي اشاعت لاءِ بهترين ذريعو سمجهي، پهرين ئي پرچي جي طباعت سان اهو ڪم شروع ڪري ڏنم، ڪاليج جي پڌرنامي جي شايع ڪرڻ وقت به هن خاندان جي چند ميمبرن جو ذڪر خير ڏنم، ”ماهنامه فردوس“ ۾، هڪ مضمون بعنوان ”رتيءَ جي رهاڻ“ شايع ڪرايو هوم، جنهن ۾ سائين پکن ڌڻيءَ جي حياتي ۽ ڪلام جو ذڪر ڪيو هوم، ان بعد ان ديرينه آرزو جي عملي تصوير، موجوده ڪتاب ”ڪچڪول طالب الموليٰ“ جي تاليف آهي. جا مذڪور ”رتيءَ جي رهاڻ ”“يا ”ذوق واري ذري“ جي زير اثر آهي.“ (چنا، 1955، ص ، 6 ، 5)
جيئن شروع ۾ به، لطيف سائين جي سٽن ”رتي جي رهاڻ ، جيءَ اڙايم جت سين“ تمام گهڻو اثر ڪيو، ”جيئن جيءَ جڙايم جت سين“ چنا صاحب جو جيءَ به، مخدوم نوح جي خاندان سان ائين اڙجي ويو، ۽ پاڻ وقت بوقت هن خاندان متعلق بزرگ هستين تي لکندو رهيو. اهڙي طرح چنا صاحب ڪچڪول لفظ جي ڌاتوءَ جي لغاتي تحقيق مختلف احوالن سان ظاهر ڪئي آهي. جيئن پاڻ ڪچڪول متعلق لکي ٿوته:
”هي لفظ سنڌ جي عوام ۾ عام زد - عام فهم ۽ عام مستعمل آهي، دريائي ناريل مان جڙيل ڪاري ڪشتي کي، “ڪچڪول” چوندا آهن، هي ساميڙن جو ساٿي، گاروڙن جو گاڏو ۽ فقيرن جو رنبيل آهي.“ (چنا ، 1955ع ، ص - 7)
اهڙي طرح سان هن لفظ کي، فارسي اکر ”ڪشڪول“ جي ڦريل صورت تصور ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي ديباچه ۾ چنا صاحب ڪتاب جي ترتيب بابت لکي ٿو ته:
”اسان ”ڪچڪول طالب الموليٰ“، قارئين ڪرام جي اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ سنڌ جي ادب نواز شخصيت ۽ قادرالڪلام شاعر، قبله مخدوم محمد زمان صاحب طالب الموليٰ جي ڪلام جو مرقعو آهي، هن ۾ اوهان کي غير موزون سنڌي ڪلام، فارسي ۽ اردو موزون ڪلام سان گڏ ڦلهايو نظر ايندو ، فارسي ۽ اردو جو ڳچ ڪلام، طالب الموليٰ سائين جي شاعريءَ جي ابتدائي دؤر جو آهي ۽ ان کي محفوظ رکڻ جي خاطر، بندي گهڻي اصرار تي اشاعت لاءِ مندرج ڪيو ويو آهي، سٽا جي سموهڻ ۽ سهيڙڻ جي خيال کان هي ڪتاب پنهنجو مٽ پاڻ آهي، ۽ هن ۾ ادب جي مشتاقن کي ڪي ضروري اهڙا نڪتا هٿ ايندا جي، اڳ وارن تاليف ڪيل ڪتابن ۾ نه هوندا ۽ جن جي طفيل هي ڪتاب، ڪلام جي ڪچڪولن جي سرموڙ ۽ بياضن جو بدرقه ثابت ٿيندو.“ (چنا ، 1955ع ، ص ،14)
اهڙيءَ طرح ڪتاب جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته، مخدوم صاحب جو هي ڪچڪول پنجن ڀاڱن تي مشتمل آهي، هن ڪلام جو پهريون ڀاڱو ”ڪافين“ متعلق آهي، جنهن ۾ سنڌي ڪافيون سروار ڏنل آهن، اهي سروري علم سنگيت (موسيقي) جي وقتن پٽاندار ڏنا ويا آهن، ڪتاب ۾ ڏنل هي سر واري ترتيب، سائين طالب الموليٰ جي علم موسيقيءَ جي مهارت جو ادنيٰ نتيجو آهي، ڪل چوڏهن سر آيل آهن. ”آسا“ جي صبوحي سُرَ کان قصو شروع ٿئي ٿو ۽ درباري سُرَ تي ختم ٿئي ٿو. سندس ڪچڪول ۾، سنڌي سرائڪي بيت به آيل آهن، جن ۾ ٽي سُرَ ڏنل آهن، هڪ مارئي، ٻيو سسئي جو، ٽيون سهڻي، ان بعد چوٿين نمبر تي مُتفرقا ابيات جو حصو اچي وڃي ٿو. اهڙي طرح سان ”سي حرفيون“ يا ٽيهه اکريون به ڏنل آهن جنهن ۾ ڪيترائي صوفيانه نڪتا، قرآن شريف جون آيتون، حديث شريف، تمام سهڻي نموني ۾ بيان ڪيون ويون آهن، اردو ڪلام به ڏنو ويو آهي، جو سندن ابتدائي شاعري جي شعله افشاني جو مظهر آهي.
ان کان پوءِ فارسي ڪلام به مندرج ڪيل آهي جنهن ۾ قديم فارسي محاورن ۽ ترڪيبن جي تار ڳتيل معلوم ٿيندي، هن ۾ سڀ کان پهرين غزليات، قطعات، رباعيات ۽ افراد ڏنل آهن، ان کانپوءِ قطعات، تاريخ، تاليف ڪچڪول ۽ صحت نامه ڏنل آهي. هن ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت متعلق ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي پي.ايڇ.ڊي ٿيسز ۾ لکي ٿو ته: ” سروري خاندان جي خدمتن کي ريسرچ لاءِ هي ڪتاب گهڻو مدد گار ثابت ٿيو آهي، منجهس مخدوم طالب الموليٰ جن جي سوانح حيات تفصيل سان ڏنل آهي ۽ ڪتاب جي مقدمي ۽ ديباچي ۾، طالب الموليٰ جي شاعري ۽ فن بابت ڪافي مواد موجود آهي، هي پهريون شعري مجموعو آهي جيڪو موسيقي جي اصولن موجب رٿيل آهي ۽ هر هڪ سر، راڳڻي لاءِ جداجدا مهلن ۽ وقتن لاءِ، جداجدا مضمونن موجب ترتيب ڏنل آهي.“ (قريشي، 1977ع، ص، 410)
اهڙيءَ طرح هن ڪتاب جي جائزي وٺڻ کانپوءِ خبر پوي ٿي ته مخدوم طالب الموليٰ سائين سنڌ جي نه رڳو روحاني شخصيت هو، پر پاڻ علم ۽ ادب جو بي بها موتي هو، ڪشڪول ۾، سندن ذهني معلومات علمي، ادبي ۽ اخلاقي گڻن جي خبر پوي ٿي، پر پاڻ ڪتاب ۾، جيڪي به شاعريءَ جون صنفون آنديون اٿن، انهن ۾ ”ڪافي“ ۽ “بيت” جهڙي مقبوليت، ڪنهن کي به نصيب نه ٿي. پاڻ واقع نگاري، سوز گداز، نازڪ خيالي، تسلسل جوش ۽ رواني تصوف، جهڙين حقيقتن کان چڱي طرف واقف هئا، سندن علمي، ادبي، ذهني اوسر بلند هئي، سندن متفرقه ڪلام اهڙو ڪلام آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۽ بقا جو ضامن بڻجي ٿو، پاڻ پنهنجي ڪلام ۾ سڀني روحاني رازن سان گڏ، ماضي توڙي حال جي حقيقت جي ضرورتن کي ورجائيندو رهيو آهي.
حوالا
(1) ”محبوب “، محمد بچل: شڪريو ،”ڪچڪول طالب الموليٰ“ مؤلف، محبوب علي چنا، سيوهاڻي ”بزم سروري“ هالا، سروري اسلاميه ڪاليج، سال. 1955ع ، ص ، 2.
(2) چنا، محبوب علي، پروفيسر: ديباچو،”ڪچڪول طالب الموليٰ“ مؤلف، محبوب علي چنا سيوهاڻي،”بزم سروري“ هالا، سروري اسلاميه ڪاليج، سال - 1955ع، ص-6،5.
(3) حوالو ساڳيو ، ص ، 7.
(4) قريشي، عبدالرحمان ڊاڪٽر: ”سروري خاندان جون علمي، ادبي ۽ ديني خدمتون“، پي.ايڇ.ڊي ٿيسز، ريسرچ لائبريري ،انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سال - 1977ع، ص ،410.
*
(iv) لطيفي لنؤ
پروفيسر محبوب علي چنا سنڌي ادب جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي، اهڙي طرح هن لطيفات تي به ڪافي مضمون ۽ مقالا لکيا آهن، جيڪي مختلف رسالن ۽ مخزنن ۾ شايع ٿيل آهن.
چنا صاحب، جڏهن 1948ع کان 1951ع تائين، گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾، فارسي ۽ سنڌي جو ليڪچرر مقرر هو، تڏهن هن ڪاليج ۾، پاڻ ”بزم لطيف“ جو بنياد وڌو ۽ پاڻ انجا صدر مقرر ٿيا، پاڻ بزم لطيف ذريعي استادن، اديبن ۽ شاگردن جا مضمون شايع ڪرائيندا رهندا هئا. هن کان اڳ بزم لطيف جي رسالي، ” لطيف نمبر“ شايع ڪرايو هو، جنهن کان پوءِ 1951ع ۾، ”لطيفي لنؤ“ جي عنوان هيٺ، هڪ ڪتاب ترتيب ڏنو، ”لطيفي لنؤ“، جو هي ڀاڱو پهريون ڏنل آهي، ۽ هن ڪتاب جو مؤلف پروفيسر محبوب علي چنا آهي ۽ هي ڪتاب بزم لطيف گورنمينٽ ڪاليج حيدر آباد سنڌ جو، ٽرئڪٽ نمبر پهريون آهي. هن ڪتاب ۾ مؤلف جي طرفان مقدمو ڏنل آهي، جنهن ۾ ”بزم لطيف“ جي ڪاوشن کي ساراهيو ويو آهي، جنهن جي طفيل هي ڪتاب منظرِعام تي آيو، مقدمي جي آخر ۾، چنا صاحب، شاگرد ن جي عقيدتمندي جي حوالي سان لکي ٿو ته: ” اميد ته هي لطيفي لنؤ شاگردن جي عقيدتمندي جو گلدسته، شاهه صاحب جي شائقن لاءِ سلوڻي سوکڙي ثابت ٿيندو.” (چنا، 1951ع ، ص ، ب)
اهڙي طرح سان هن ڪتاب ۾ ڪاليج جي بي.اي جي، سينيئر شاگرد شيخ علي نواز جو لکيل مضمون بعنوان شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه (ان جي زندگي ۽ فلسفي تي تبصرو) شامل ڪيل آهي، هن مفصل مضمون ۾، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي سوانح بيان ڪيل آهي ۽ شاهه لطيف جي فلسفي جي حوالي سان مثالن جي ذريعي تبصرو ڪيل آهي.
مثال طور: سندس ڪلام تصوف جي کاڻ آهي ۽ معرفت الاهي جو مخزن آهي، پاڻ سچ چيواٿن ته:
”جي تون بيت ڀائين، سي آيتون آهين،
نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي“
ڪتاب ۾ شامل ڪيل ٻيو مضمون، ڪتاب جي مؤلف پروفيسر محبوب علي چنا جو بعنوان، “شاهه صاحب جو شعر ۽ ان جي اشاعت” شامل ڪيل آهي. شاهه صاحب جي شعر متعلق مؤلف لکي ٿو ته:” شاهه صاحب جو پيغام، اهل بصر وارن لاءِ سراپا راز آهي، مگر طالبن لاءِ خدائي محبت جو آغاز، قرآني حقائق جو تفسير سنت نبوي جو سرچشمو تصوف جي ڳوڙهن نڪتن سان لبالب ٿيل ڀنڊار ۽ معرفت جي راهه جو مشعل آهي.“ (چنا، 1951ع ، ص ، 26 ، 25 )
ان کان پوءِ چنا صاحب، انهن ڪتابن ۽ ليکڪن جو ذڪر ڪيو آهي، جن ڪتابن ۾ شاهه صاحب جو ذڪر اچي وڃي ٿو، جيئن پهرين شاهه صاحب جي همعصر، مير علي شير قانع ٺٽوي جي ڪتاب ”تحفته الڪرام“ ۾ ذڪر ملي ٿو، ان کانپوءِ ٻين عالمن جهڙوڪ: سر رچرڊ برٽن، سر بارٽل فريئر، مرزا قليچ بيگ، مير عبدالحسين سانگي وغيره ۽ ڪجهه تاريخن جي ڪتابن ۾ به ذڪر ملي ٿو.
اهڙي طرح سان ”شاهه جي رسالي ۾ توحيد جو مفهوم“ جي عنوان سان لسانيات جي ماهر، پروفيسر علي نواز جتوئي جو مضمون ڏنل آهي، هن مفصل مضمون ۾، جنهن جو شاهه جي رسالي سان تعلق آهي اهو آهي ”هم اوست وارو توحيد جو مفهوم“، پروفيسر علي نواز جتوئي توحيد جي مفهوم جي حوالي سان لکي ٿو ته:” توحيد جي تقاضا هيءَ آهي ته، الله پاڪ جي هستي هوندي، ٻئي جو قائل نه ٿجي، پاڙون، پن وغيره سڀ وڻ جي وجود ۾ ئي سمايل آهن، ڪوبه عاقل انسان انهن جي وجود کي الڳ تسليم نٿو ڪري اهي سڀ قائم آهن. وڻ جي جامع حقيقيت سان جو انهن مڙني جو مرڪزي وجود آهي، بلڪل اهڙي طرح ڪُلي ڪائنات جو مرڪزي وجود واحد الله آهي، جنهن ڪري هر ڪا شي موجود آهي، شاهه ڀٽائي رحه انهي راز کي ”سڏ“ ۽ ” پڙاڏي “ جي نسبت سان هن طرح کوليو آهي.”
”پڙاڏو سو سڏ، ور وائيءَ جو جي لهين،
هئا اڳ ۾ گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.“
(جتوئي ، 1951ع ، ص ، 49 ، 48)
مطلب ته الله جي هستي هوندي، ٻئي جي اڳيان نه جهڪجي، وڻ جو پن به الله جي حڪم کانسواءِ نٿو چُري سگهي.
”سر سهڻي“، جي عنوان سان، هڪ مضمون، سنڌ جي نامور اديب، پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي جو شامل ڪيل آهي، جنهن ۾ شاهه جي سورمي “سهڻي” جي ڪردار، بهادري، منظر نگاري وغيره بابت مثالن ذريعي، مفصل نموني ذڪر ڪيو آهي.
مثال طور: سهڻي جي فطرت نگاري جي حوالي سان لکي ٿو ته:” سهڻي جو درياءُ ۾ گهڙڻ جو وقت نما شام آهي، جڏهن ٻانگ ٻڌبي آهي، پکي سڀ موٽي وڃي پنهنجن آکيرن ۾ آرامي ٿيندا آهن، شاهه صاحب اهو نظارو صفائيءَ سان هيئن ٿو پيش ڪري:
” وڻن ويٺا ڪانگ، وچين ٿي ويلا ڪري،
گهڙي گهڙو هٿ ڪري، سُڻي سانجهي ٻانگ،
سيئي ڍونڍي سانگ، جتي ساهڙ سپرين.“
(آڏواڻي 1951ع ، ص ، 61)
مطلب ته سهڻي جي گهڙي کڻڻ کان وٺي دريائي منظر ۽ ٻڏڻ جي منظرنگاري کي بهترين نموني سان پيش ڪيو اٿس. ڪتاب ۾ شامل ڪيل آخري مضمون بعنوان ” شاهه صاحب جا حياتيءَ جي راز بابت تاثرات“ جيڪو بي.اي جي شاگردياڻي، مس اي _ ايم عباسي جو لکيل آهي، هن مضمون ۾ انسان جي زندگي جي رازن بابت ڪامل مرشد لطيف سائين جا مثال ڏيئي، انسان کي صحيح رستي تي هلڻ لاءَ هدايتون ڪيون ويون آهن.مثلاً: پاڻ لکي ٿي ته:”شاهه صاحب انسان کي مختلف صورتن ۾، تصور ڪري سوز ۽ ساز سان ظاهر ڪيو آهي. هي بي بقا دنيا کي هڪ اونهو بحر سمجهي ٿو ۽ انسان جي بدن کي هڪ ڪشتي مثل سمجهي ٿو ۽ ان کي سمجهائي ٿو ته، جسم ۽ جان کي ڌوئي صاف ڪري حرصن حوسن کان پاڪ ڪري، هڪ ڪامل ڪشتيبان جي حوالي ڪري، جو مرشد جي صورت ۾ سندس دل کي معرفت جي موتين سان معمور ڪري، لهرن لوڏن کان بچائي مشاهدو ماڻيندو.“
مثال:
مان پڇنئي سپرين چت ۾ رکج چيت،
سڙهه ڌئاري صاف ڪر، صابڻ ساڻ سپيت،
سامونڊي سچيت ٿي ته، پهچين پار کي.
(عباسي ، 1951ع ، ص ، 78)
سرسريراڳ مان هي مثال ڏيئي، انسان کي هدايت ڪئي وئي آهي ته پنهنجي اندر مان ميرپائي ۽ ڪٽ کي يعني حرص ۽ حوسن کي ختم ڪري، پنهنجو اندر پاڪ ۽ صاف رکجي ، ته پوءِ انسان جي پوري زندگي ۾ ڪي به لهرون ۽ لوڏا نه ايندا.
اهڙيءَ طرح هن ڪتاب ۾ جيڪي به مضمون شامل ڪيا ويا آهن، سي لطيف سائين جي هر پهلو کي اجاگر ڪن ٿا ۽ لطيفي معلومات ۾ اضافو پڻ ڪن ٿا. ان ڳالهه مان به ظاهر ٿئي ٿو ته، چنا صاحب پنهنجي دؤر ۾ جن به ڪاليجن ۾ سربراهه ٿي رهيا، ته اتي نه صرف پاڻ مختلف عنوانن تي مضمون ۽ مقالا لکيائون، پر شاگردن کي به مضمون لکڻ لاءِ همٿايائون. جن جو ثبوت هن ڪتاب جي ٻن مضمونن ۾ ملي ٿو، سندس ڪاوشن سان اهڙن ڪاليجن مان مختلف رسالا، مخزن، لطيف نمبر نڪرندا رهيا، جن ۾اهي خوبصورت مضمون ۽ مقالا، شايع ڪرائي ، سنڌي ادب ۾ واڌارو ڪندو رهيو.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي پروفيسر: مقدمه، ”لطيفي لنؤ “، مؤلف، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، بزم لطيف ،گورنمينٽ ڪاليج، سال _ 1951ع ، ص، ب.
(2) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقالو،” شاهه صاحب جو شعر ۽ ان جي اشاعت“ ”لطيفي لنؤ“، مؤلف پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد ،بزم لطيف،گورنمينٽ ڪاليج، سال.1951ع ، ص ، 26، 25 .
(3) جتوئي، علي نواز، پروفيسر: مقالو، ”شاهه جي رسالي ۾ توحيد جو مفهوم“، ”لطيفي لنؤ“، مؤلف، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، بزم لطيف، گورنمينٽ ڪاليج، سال _ 1951ع ، ص ، 48،49.
(4) آڏواڻي، ڪلياڻ، پروفيسر: مقالو ، ”سرسهڻي“، ”لطيفي لنؤ“ مؤلف، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد ، بزم لطيف ،گورنمينٽ ڪاليج ، سال - 1951ع ، ص ،61.
(5) عباسي، مس. اي-ايم: مقالو، ”شاهه صاحب جاحياتيءَ جي راز بابت تاثرات“، ”لطيفي لنؤ“، مؤلف، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، بزم لطيف ،گورنمينٽ ڪاليج، سال- 1951ع، ص-78.
(v) مسلمانن جي شاديءَ جو قانون
سماجي بهبود جي مسئلن جي حوالي سان هي ڪتاب پروفيسر محبوب علي چنا جو قانوني ڄاڻ متعلق ترتيب ڏنل آهي، جيڪو 1961ع ۾، شيخ پبليڪيشن، گدو روڊ حيدرآباد وارن شايع ڪرايو 36 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، آرڊيننس، قاعدا ۽ ٻي ضروري معلومات متعلق پيش ڪيل آهي. هن ڪتاب جا ٻه اکر ان وقت جي صدر پاڪستان، فيلڊ مارشل محمد ايوب ۽ مفتي محمد شفيع جي نالي مڪتوب ڏنل آهي.
اسانجي سماج اندر، مردن ۽ خاص طور تي عورتن جي وچ ۾ جيڪي مسئلا پيدا ٿين ٿا. مثلاً: شادي، نڪاح، طلاق، کاڌ، خوراڪ ۽ گهڻين شادين ڪرڻ جي مسئلن، گهڻي وقت کان مونجهارو پيدا ڪيو آهي، انهن مسئلن جي جاچ پڙتال ۽ درستين ڪرڻ لاءِ، سرڪار طرفان قانون جي ماهرن ۽ ٻين سماجي ڪارڪنن طرفان، هڪ ڪميشن جوڙي وئي. پروفيسر محبوب علي چنا “مسلم خانداني قانون” جي عنوان هيٺ لکي ٿو:”سن 1956ع جي پڇاڙيءَ ڌاري هڪ ڪميشن ٺاهي وئي، جا ڪن قانون جي ماهرن، اسلامي مفڪرن ۽ وڏن سماجي ڪارڪنن تي مشتمل هئي، ڪميشن جملي حالات ۽ سمورن ڪمن جو نهايت غور سان مطالع ڪرڻ بعد ضروري سفارشون، مرتب ڪيون، انهن سفارشن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ پاڪستان جي صدر، تاريخ 2 مارچ 1961ع تي، مسلم خانداني قانونن جو آرڊيننس جاري ڪيو،“ (چنا، 1961ع، ص، 2-1)
اهڙيءَ طرح هن آرڊيننس جاري ٿيڻ کانپوءِ، سڄي پاڪستان ۾ عمل شروع ٿي ويو، جنهن ۾ نڪاح نامه ۽ ٻيا لائسنس رجسٽرار جا فارم به جاري ٿيا، ان کانپوءِ عام ماڻهن جي واقفيت جي لاءِ نون قاعدن جي متعلق ضروري معلومات، آرڊيننسس قاعدا ۽ نڪاح نامه هن ڪتاب جي شڪل ۾ شايع ڪيا ويا.
هن قانون جي ماتحت بنيادي جمهوريتن جي چيئرمين کي اهم ذميداريون سونپيون ويون، جن جو ڪم هوندو هو ته اهي سماج اندر جيڪي مسئلا پيدا ٿين ته، چيئرمين پنچائتي يونين ڪائونسلن جي ذريعي انهن مئسلن کي حل ڪن. جڏهن ته انهن يونين ڪائونسلن ۾ ٽي ادارا اهم هوندا. يعني هڪ يونين ڪائونسلون، ٻيو ٽائون ڪاميٽيون، ٽيون يونين ڪاميٽيون. اهڙي طرح سان جيڪي نوان قانون ۽ قاعدا نافذ ڪيا ويا، انهن نون قانونن جا اهم مقصد هي آهن.
”(1) شاديءَ جي رجسٽريشن، يعني مڪمل رڪارڊ، هڪ قانوني دستاويز جي صورت ۾ محفوظ رکڻ.
(2) هڪ کان وڌيڪ، شادين تي شريعت جي قانون موجب مناسب پابندي لڳائڻ.
(3) طلاق جي رجحان جي حوصله شڪني.
(4) زالن جي مهر ۽ کاڌ خوراڪ جي ادائگي جو مؤثر انتظام ڪرڻ.
(5) ڏاڏي جي ملڪيت مان يتيم پوٽن کي وراثت جو حق ڏيارڻ.“ (چنا، 1961ع، ص ، 3 )
اهڙي طرح سان هن ڪتاب جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته، چنا صاحب قانون به ڄاڻندڙ هئا، ڇاڪاڻ ته پاڻ (ايل.ايل.بي) جي ڊگري به حاصل ڪيائون، ۽ ان د ؤر ۾ جيڪا ڪميشن جوڙي وئي. ۽ ان ڪميشن جيڪي سفارشون جاري ڪيون، انهن جاري ڪيل شفارشن کي چنا صاحب، سهڻي نموني سان ترتيب ڏئي، ڪتابي صورت ۾ پيش ڪيو، شايد هن کان اڳ ڪوبه اهڙو مسلم قانوني ڄاڻ مطابق ڪتاب نه هو. چنا صاحب جو هي ترتيب ڏنل ڪتاب ڏسڻ ۾ ته ننڍڙو آهي پر مسلم قانوني ڄاڻ جي حوالي سان سٺي معلومات ميسر ڪري ٿو.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي پروفيسر: ”مسلمانن جي شاديءَ جو قانون“، حيدرآباد ،شيخ پبليڪيشن گدو روڊ، سال -1961ع ،ص ،2، 1.
(2) حوالو ساڳيو ، ص ، 3.
(vi) گلزارِ قلندر
هن ڪتاب جو مصنف، محمد پريل سولنگي سيوهاڻي آهي، ۽ ڪتاب جو سنواريندڙ پروفيسر محبوب علي چنا آهي، هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1392هه بمطابق سيپٽمبر 1972ع تي، سنڌ پرنٽنگ پريس، اڪال ڀونگا گهٽي حيدرآباد مان ڇپائي، محبوب علي چنا اعزازي سيڪريٽري، قلندر شهباز اڪيڊمي حيدرآباد مان شايع ڪيو، هي ڪتاب قلندر شهباز اڪيڊمي جو سلسليوار ڪتاب نمبر چار آهي، ڪتاب جو مهاڳ، سيد قطب علي شاهه حسيني، چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف ۽ چيئرمين قلندر شهباز اڪيڊمي حيدرآباد، سنڌ جو لکيل آهي، جنهن ۾ هن قلندر شهباز اڪيڊمي جي ميمبرن ۽ خاص طور ڪتاب جي مصنف بابت پنهنجا ويچار هن ريت پيش ڪيا آهن:
”استاد محمد پريل سولنگي صاحب سيوهڻ جو رهواسي هو. پاڻ سيوهڻ جي هڪ علمي اداري جو سرواڻ هو، کيس تاريخ سان وڏي دلچسپي هئي، ان ڪري پاڻ هي ڪتاب گلزار قلندر لکيائون، هن ڪتاب ۾ هن صاحب سيوهڻ جي قديم روايتن کي نهايت سهڻي انداز سان پيش ڪيو آهي. قلندر لعل شهباز جي سوانح حيات، شاعري، ڪرامات، سير و سياحت وغيره جهڙن عنوانن کان علاوه هن قلندري طريقي تي نهايت عمدو بحث ڪري سٺي اسلامي علمن جي ڄاڻ ڏني آهي، هن پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيترين ئي اهڙين روايتن ۽ رسمن جو ذڪر ڪيو آهي جن تي اڳ ۾ ڪنهن به تاريخدان نه لکيو آهي، هي ڪتاب قلندر لعل شهباز جي عقيدتمندن لاءِ نه رڳو ڄاڻ مهيا ڪري ٿو، پر انهن جي عقيدت ۾ جيئن تيئن پوءِ اضافو ڪري ٿو.“ (سيد- 1972ع، ص، د).
ان کانپوءِ، ”اظهار محبوب“ جي عنوان هيٺ چنا صاحب، هن ڪتاب جي سنوارڻ جي حوالي سان لکي ٿو ته:”ڪتاب جي ڪافي هنڌن تي مونکي واقعي جي سلسلي ۾ تڪرار ۽ پٽاڙ نظر آيا، مون سندس مرتب بابن ۾ وڏيون تبديليون آنديون، مثلاً: ”سيوهڻ شريف جو تاريخي جائزو“ آخر ۾ ڏنو ويو آهي، ان کي اڳيان آڻي سيوهڻ شريف جي ضمن ۾ ڏنو ويو آهي، ”درگاهه اوقاف جي تحويل ۾،“ نئون باب بنايو ويو آهي، ٽي فصل گڏي هڪ فصل عنوان، ”سندن فيض ابيض“ ڪيو ويو آهي.“ (چنا، 1972ع، ص، ز)
ان مان ثابت ٿئي ٿو ته، چنا صاحب، محمد پريل سولنگي جي هن قلندرانه ڪاوش کي نئين سر سنواري، سينگاري ۽ تحقيقانه انداز سان ڪجهه نيون ڳالهيون شامل ڪري، ڪتاب جي اهميت ۾ اضافو ڪيو، ۽ ڪاميٽي جي مقصدن کي توڙ تائين پهچايو، ۽ هن ڪتاب مان غير ضروري مواد ڪڍي، باقي مواد کي سهڻي نموني ترتيب ڏئي، حضرت قلندر لعل شهباز جي 719 ساله ورسي تي قلندر جي قربدارن جي هٿن ۾ هي ڪتاب پهچايو، سندس محنت ۽ جفاڪشي جو ثبوت هن ڪتاب جي مطالعي مان پڌري پٽ ظاهر ٿئي ٿو، چنا صاحب جي محنت ۽ جذبي کي ساراهيندي ڪتاب جو مصنف لکي ٿو ته: ”منهنجو محبوب سائين، پروفيسر محبوب علي چنا، جنهن جي حسن اخلاق، خنده روئي ۽ اُتم جذبي، اسان سيوهاڻين لاءِ درس عمل آهن هيءَ حقيقت آهي ته، جيڪڏهن محبوب صاحب منهنجي ڪتاب لاءِ پاڻ نه پتوڙي ها ته، منهنجو ڪتاب موجوده باجمال صورت وٺي هرگز شايع نه ٿئي ها، بلڪل تنگ وقت ۾ تحت الحاشيه نوٽ ۽ سمجهاڻيون به ڏنيون آهن.“ (سولنگي، 1972ع، ص، ڪ)
اهڙي طرح سان هن ڪتاب جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته، حضرت قلندر لعل شهباز جي حوالي سان سندس ڪيترن ئي موضوعن تي بحث ٿيل آهي، جنهن ۾ قلندري طريقي، جي حوالي سان، مصنف لکي ٿو ته: ”قلندري طريقي اختيار ڪرڻ وارن مان ڪي ملامتيه طريقو پسند ڪندا آهن ۽ ڪي وري پنهنجي نفس کي تابع ڪرڻ لاءِ، وڏا وڏا پٿر ۽ ڳرا ڳرا زنجير، پنهنجي گردنن ۾ وجهي ڇڏيندا آهن، جيڪي تزڪيه نفس ۽ تصفيه قلب جون منزلون طئي ڪري ويندا آهن، انهن کي قدرت جي طرفان ٽن طبقن ۾ ورهايو ويندو آهي، (1) مهري (2) قهري (3) دهري.“ (سولنگي، 1972ع، ص، 2)
(قلندر) حقيقت ۾، صوفياءِ ڪرام جو واضح ڪيل اصطلاح آهي، قلندر ان کي چيو ويندو آهي، جيڪو پنهنجي ارادن، خواهشن ۽ تمنائن کي ترڪ ڪري، راضي به رضا الاهي رهي، يعني دل جي روحاني جذبن کي سموري توجهه جو مرڪز ۽ محور بنائڻ، قلندري طريقي جي خصوصيت آهي.
اهڙيءَ طرح قلندري طريقي کان وٺي نذرانهء عقيدت تائين، مختلف عنوانن تي مفصل نموني بحث ڪيل آهي.
مطلب ته سيوهڻ ۽ قلندر لعل شهباز جي حوالي سان، هي ڪتاب تحقيق ڪندڙن لاءِ بهترين ثابت ٿئي ٿو.
حوالا
(1) حسيني، قطب علي شاهه، سيد: مهاڳ، ”گلزارِ قلندر“ مصنف، محمد پريل سولنگي سيوهاڻي، سنواريندڙ، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، قلندر شهباز اڪيڊمي، سال، 1972ع، ص، د.
(2) چنا، محبوب علي، پروفيسر: اظهار محبوب، ”گلزارِ قلندر“، مصنف، محمد پريل سولنگي سيوهاڻي، سنواريندڙ، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، قلندر شهباز اڪيڊمي، سال، 1972ع ص، ز.
(3) سولنگي، محمد پريل، سيوهاڻي: تمهيد، ”گلزارِ قلندر“، مصنف، محمد پريل سولنگي، سيوهاڻي، سنواريندڙ، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، قلندر شهباز اڪيڊمي، سال 1972ع ص، ڪ.
(4) حوالو ساڳيو، ص - 2.
*
(vii) قلندر نامو سنڌي
هن ڪتاب جو مصنف، مرحوم حڪيم فتح محمد سيوهاڻي آهي، هن ڪتاب جي مهاڳ ۾، سيد قطب علي شاهه حسيني، چيف ائڊمنسٽريٽر اوقاف سنڌ، حيدرآباد، ڪتاب جي مصنف ۽ ڪتاب بابت لکيو آهي ته:
”مرحوم حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جو نام نامي تعارف ڪنهن جو محتاج نه آهي. هڪ طرف هو، صاحب سياست ۾ سرسو هو ته ٻئي طرف قلم جو شهسوار هو. سندس ڪيئي ڪتاب تفسير، تاريخ، تصوف ادب ۽ شاعريءَ ۾ مشهور آهن ۽ انهن مان ڪيترا اڄ ڪلهه ناياب آهن، انهن نادر نسخن مان موجوده ڪتاب، ”مخزن تذڪره لعل شهباز“ عرف ”قلندر نامو سنڌي“ به آهي، جو مرحوم مولوي صاحب 1322هه بمطابق 1904ع ۾ لکي پورو ڪيو ۽ هن کي منشي پوڪرداس تاجر ڪتب شڪارپور شايع ڪرايو.“ (حسيني 1972ع، ص، 2 ،1)
اهڙي طرح سان لڳ ڀڳ ستر سالن جي عرصي کانپوءِ، پروفيسر محبوب علي چنا جي بي لوث ڪوششن سان هي ڪتاب وري نئين روپ ۾ صفحهء طباعت تي آيو، ان وقت چنا صاحب، قلندر شهباز اڪيڊمي جو اعزازي سيڪريٽري هو، سندس ئي ڪاوشن سان هن ڪتاب کي تحقيق واري انداز ۾، سنواري سينگاري ڪتاب جو ٻيو ڇاپو جولاءِ 1972ع ۾، ”قلندر شهباز“ اڪيڊمي جو سلسلو نمبر ٻه هو. هن ڪتاب جي شروع ۾، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي هڪ ناياب تصوير به ڏنل آهي.
هيءَ ”مخزن“، تذڪره قلندر لعل شهبازرح جي قديمي ماخذن مان هڪ آهي، جنهن کي چنا صاحب، قلندر لعل شهباز اڪيڊمي جي ميٽنگ ۾ رکيو. ڇاڪاڻ ته اها بوسيده ڪاپي هڪ ته قديمي هئي، ۽ اڻ لڀ به هئي، تنهنڪري هن “تذڪره قلندر لعل شهباز”، ٻيهر نئين سر اشاعت لاءِ اڪيڊمي جي ميمبرن سامهون آندو. چنا صاحب هن ڪتاب جي اشاعت جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”مولانا پروفيسر غلام مصطفيٰ قاسميءَ منهنجي بيان جي توثيق ڪئي ۽ چيئرمين صاحب بمع سڀني ميمبرن ان نادر ڪتاب جي اشاعت جي منظوري ڏني، مان ان بعد قلندر واري ڪم کي جنبي ويس، بفضل باري تعاليٰ بوسيده نسخي کي سهيڙي، پريس کي ڏنم.“ (چنا، 1972ع، ص ، 3)
هن مان ظاهر ٿئي ٿو ته، چنا صاحب پنهنجي همت، جذبي، ڏاهپ سان هن ڪتاب کي تحقيقانه انداز سان سهيڙي، شايع ڪرايو. ان کانپوءِ شيخ عبدالله ”عبد“، جي هڪ خط جو عڪس ڏنل آهي، جيڪو شيخ عبدالله ”عبد“ چنا صاحب ڏانهن لکيو هو، جنهن ۾ هڪ مضمون جو ذڪر ڪيل آهي، اهو مضمون حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي سوانح حيات متعلق هو، اهو مضمون هن ڪتاب جي منڍ ۾ حڪيم صاحب جي شخصيت، ڪردار، علمي، ادبي خدمتن جي حوالي سان شايع ٿيل آهي. هن ڪتاب جي عنوانن کي ڏهن فصلن ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن ۾، حضرت قلندر شهباز جي تولد جو بيان، حضرت شهباز جي نسب جي تحقيق ۾، حضرت شهباز جي سلسلي جي تحقيق ۾، قلندري طريقي جي تحقيق ۾، شهباز جي ظاهري علم جي باري ۾، حضرت شهباز جي سيرت بابت، حضرت شهباز جي لقبن جي بيان ۾، درگاهه عالي جاه جي عمارت جي بيان ۾، حضرت شهباز جي مختصر ڪرامتن جي باري ۾، حضرت شهباز جي نوبت جي باري ۾، تاريخ طبع ڪتاب، حڪيم فتح محمد مرحوم به، تخلص ”صغير“ مدح، حضرت شهباز مرحوم سيد غلام محمد شاهه بلند پرواز به تخلص گدا، جي موضوعن تي بحث ڪيل آهي.
جيئن ته حضرت قلندر لعل شهباز سنڌ جو عظيم بزرگ هو، جنهن جي سوانح حياتيءَ جي مختلف دؤرن ۽ ٻين ڪافي اسمن تي، هن وقت تائين ايڏو مواد نه مليو آهي ۽ نه ئي ڪم ٿيو آهي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي قلندر نامو سنڌي لکي، هن کوٽ کي پورو ڪيو ۽ تقريباً صحيح روايتون ۽ حقيقتون پيش ڪيون آهن، سندس ڪيل محنت جي ڪري اسانکي قلندر شهباز جي سوانح حيات جي بهتر ڄاڻ ملي ٿي. ان سان گڏوگڏ سندس سلسله شهباز جي ڄاڻ ملي ٿي، پاڻ هن ڪتاب جي آخر ۾ هن ڪتاب جي اهميت ۽ شان بابت، پنهنجي شاعري نذرانهء عقيدت طور پيش ڪئي آهي، جنهن جون ڪجهه سٽون هيٺ ڏجن ٿيون.
هي آهي ڪتاب شيرين گنج، فيض ڏيندڙ ۽ آهي نيندڙ رنج.
آهين شيرين سٺيون ڳالهيون، سي درج ٿيون فقيرن جون چاليون.
جيڪو ڏسندو هن ڪتاب تحفه کي، رکندو پاڻ وٽ هن تحفه کي.
لعل شهباز جو سڀئي احوال، جو محقق هيو ۽ صدق مقال.
حوالا
(1) حسيني، قطب علي، سيد: مهاڳ، ”قلندر نامو سنڌي“، مصنف، مرحوم حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، سهيڙيندڙ، پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد، قلندر شهباز اڪيڊمي، ڇاپو ٻيو: جولاءِ، 1972ع، ص، 2 ،1.
(2) چنا، محبوب علي، پروفيسر: ٻه اکر، ”قلندر نامو سنڌي“، مصنف، مرحوم حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، سهڙيندڙ، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، قلندر شهباز، اڪيڊمي، ڇاپو ٻيو، جولاءِ، 1972ع، ص ، 3.
* (viii) قطب قلندر
هي ڪتاب،”قطب قلندر“، دادو ضلعي جي مشهور اديب ۽ عوامي شاعر، حافظ محمد احسن چنا جو ترتيب ڏنل آهي، هن ڪتاب جو سوڌيندڙ، پروفيسر محبوب علي چنا آهي. جيڪو ان وقت، ”لعل قلندر شهباز ثقافتي ۽ ادبي ڪاميٽي“ جو سيڪريٽري هو، پاڻ هي ڪتاب، سنڌ پرنٽنگ پريس اڪال ڀونگا لين، حيدرآباد مان، سال 1973ع ۾ شايع ڪرايو.
اهڙيءَ طرح ڪتاب جو ديباچو، حافظ محمد احسن چنا جو لکيل آهي. مهاڳ، ان وقت جي وزير مال، قانون پارلياماني امور ۽ ٽرانسپورٽ سنڌ سرڪار، سيد قائم علي شاهه جيلاني جو لکيل آهي، جنهن ۾ ”لعل شهباز قلندر ثقافتي ۽ ادبي ڪاميٽي“ جي ميمبرن کي ساراهيو آهي، ۽ خاص طور تي ڪتاب جي مرتب جي محنت کي ساراهيو آهي. جنهن لاءِ لکي ٿو: ” هن ڪتاب جو مرتب سنڌ جو جهونڙو قادرالڪلام شاعر، حافظ محمد احسن چنا صاحب آهي، جنهن جي ڪوششن سان، مرحوم سيد ثابت علي شاهه کان وٺي، اڄ ڏينهن تائين، حضور قلندر ۾ پيش ٿيل شعرن جو گلدستو شايع ڪرايو.“ (جيلاني 1973ع، ص – 14)
ڪتاب جا ٻه اکر، چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف حيدرآباد سنڌ، سيد قطب علي شاهه حسيني جا لکيل آهن، جڏهن ته ”اظهار محبوب“ جي عنوان سان، پروفيسر محبوب علي چنا، سيڪريٽري، نيشنل بوڪ فائونڊيشن پاڪستان ڪراچي ۽ اسلام آباد ۽ اعزازي سيڪريٽري لعل شهباز قلندر ادبي ۽ ثقافتي ڪاميٽي طور لکيو آهي. پاڻ پنهنجي “اظهار محبوب” ۾ لکي ٿو: ”جناب حافظ صاحب جيڪا هن مجموعي کي ترتيب ڏيڻ ۾ تڪليف ورتي آهي، سا قابل قدر آهي، پاڻ چوهٺ شعراءُ ڪرامن جو ڪلام گڏ ڪري منهنجي حوالي ڪيو، پنجهٺ نمبر ۾ مون ٻڍڙيءَ مائي وانگي، قلندري بازار ۾ خريداريءَ جو شوق ڪري پنهنجو نذر ڳنڍيو آهي، چاهيم ته پهرين فوت ٿيل شعراءِ ڪرامن جو ڪلام اچي ۽ ان بعد زنده شعرائن جو، اهڙي طرح ڪم سنوارڻ شروع ڪيم ۽ مسودا پريس کي موڪليندو رهيس.“ (چنا، 1973ع ص 19-18)
هن ڪتاب ۾ جن شاعرن جي شعرن کي شايع ڪيو ويو آهي، انهن شاعرن جي تاريخ، ولادت ۽ وفات ڏئي تاريخ کي محفوظ ڪرڻ جو هڪ وڏو ڪم ڪيو ويو آهي.
مثال طور:
علامه هدايت علي ولد الهداد تونيه نجفي عرف تارڪ علوي رانڪ لعلو
ولادت: 25 محرم 1312هه، 1860ع. وفات: 9 مارچ، 1939ع.
” قلندر سخي لعل شهباز آ“
”سخن حمدِ حق ساڻ آغاز آ، به نعت نبي روح و راز آ.
صفت پنجتن پرت پرواز آ، سندم ورد دائم هي دمساز آ.
قلندر سخي لعل شهباز آ، سندس عرش ڪرسيءَ ۾ آواز آ.“
(علوي، 1973، ص، 15)
مٿئين شعر مان هڪ طرف هڪ شاعر جي ولادت ۽ وفات جي تاريخ جي به خبر پئي ٿي ته ٻئي طرف، قلندر لعل شهباز جي نذرانهء عقيدت جي حوالي سان، شاعري متعلق به ڄاڻ ملي ٿي، ڄڻ ته ان دؤر جي حوالي سان هڪ تاريخ معلوم ٿئي ٿي.
ڪتاب جي تقريظ، مولانا پروفيسر غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊائريڪٽر، ”شاهه ولي الله اڪيڊمي“ حيدرآباد، لکي آهي.
تقريظ کان پوءِ، مرتب، حافظ محمد احسن چنا، جي خوبصورت تصوير ڏنل آهي، جنهن کانپوءِ ڪتاب جي سوڌيندڙ، پروفيسر محبوب علي چنا، سوانح حافظ محمد احسن صاحب، پڻ لکي آهي، جنهن ۾ حافظ صاحب جي زندگي جو احوال مختصر طور نهايت عمدگيءَ سان پيش ڪئي آهي.
هن ڪتاب جي متن ۾ پهرين، گذريل شعراءِ ڪرام، نمبر هڪ سيد ثابت علي شاهه کان نمبر تيرنهن، مرحوم درمحمد قريشيءَ تائين جن جي نذرانهء عقيدت طور شاعري پيش ڪيل آهي، جنهن کانپوءِ ” زنده شعراءِ ڪرام“ نمبر چوڏهن، مخدوم محمد زمان صاحب، طالب الموليٰ کان نمبر پنجهٺ، جناب غلام سرور ٻگهيو ”سرور“ تائين قطعات ۽ نظم ڏنل آهن.
اهڙيءَ طرح هن ڪتاب جي صفحي نمبر ڇاهتر تي ڪتاب جي سوڌيندڙ پروفيسر محبوب علي چنا، قلندر لعل شهباز جي شان ۾، بعنوان “قلندر تنهنجي نگري ۾” شاعري نذرانهء عقيدت طور پيش ڪئي آهي، جنهن جو هڪ شعر مثال طور پيش ڪجي ٿو.
”قلندر تنهنجي نگريءَ ۾، گهڻيئي دانا ۽ ديوانا.
ڀري ڏي جام مستيءُ جا، سندءِ در تي ڪَئي مستانا“
(چنا، 1973ع، ص ، 76)
هن ڪتاب کي پروفيسر چنا صاحب، جنهن انداز سان ترتيب ڏنو آهي، اهو سندس واکاڻ جهڙو ڪم آهي، ڇاڪاڻ ته شاعرن جي شاعريءَ سان گڏوگڏ، سندن ولادت ۽ وفات جي سن جي تاريخ ڏني وئي آهي، جنهن مان پڙهندڙن کي مذڪوره شاعرن جي دؤر جي پڻ ڄاڻ ملي ٿي.
حوالا
(1) جيلاني، قائم علي شاهه، سيد: مهاڳ، ”قطب قلندر“، مرتب، حافظ محمد احسن چنا، سوڌيندڙ، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، سنڌ پرنٽنگ ، پريس اڪال ڀونگا لين، سال، 1973ع، ص، 14.
(2) چنا، محبوب علي، پروفيسر: اظهارِ محبوب ، ”قطب قلندر“ ، مرتب، حافظ محمد احسن چنا، سوڌيندڙ، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، سنڌ پرنٽنگ، پريس اڪال ڀونگا لين، سال، 1973ع، ص، 19-18.
(3) علوي، هدايت علي، علامه: ”قلندر سخي لعل شهباز آ“، ”قطب قلندر“، مرتب، حافظ محمد احسن چنا، سوڌيندڙ، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، سنڌ پرنٽنگ، پريس اڪال ڀونگا لين، سال، 1973ع، ص، 15.
(4) چنا، محبوب علي پروفيسر: ”قلندر تنهنجي نگريءَ ۾“، ”قطب قلندر“ ، مرتب، حافظ محمد احسن چنا، سوڌيندڙ، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، پرنٽنگ، پريس اڪال ڀونگا لين، سال، 1973ع، ص، 76.
*
(ix) نذرِ شهباز
حضرت قلندر لعل شهباز جي، 709 ساليانه عرس جي موقعي تي، ”نذرِ شهباز“ جي نالي سان هي ڪتاب، پروفيسر محبوب علي چنا، سال 1963ع ۾ مرتب ڪيو، جيڪو محڪمه اطلاعات مغربي پاڪستان حيدرآباد طرفان شايع ڪيو ويو. هن ڪتاب کي ٻن حصن ۾ ترتيب ڏنو ويو آهي، حصي نثر ۾ سڀ کان پهريان ڊائريڪٽر محڪمه اطلاعات حيدرآباد، اسماعيل ايس خواجه طرفان ”نذرانو“ جي عنوان سان پيش ڪيل آهي، ان کانپوءِ ”الوحيد آزاد سنڌ نمبر“، وارن طرفان لعل شهباز قلندر متعلق هڪ تعارف ڏنل آهي. جنهن ۾ مختصر سوانح پيش ڪيل آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف اسڪالرن جا تحقيقي مضمون ۽ مقالا شامل آهن، جيڪي قلندر لعل شهباز جي زندگيءِ جي مختلف پهلوئن تي لکيل آهن، مثال طور:
هن ڪتاب ۾ شامل پهريون مقالو، مرتب، طرفان ”قلندر شهباز سيوهاڻي“ جي عنوان سان پيش ڪيل آهي، جنهن ۾ سيوهڻ جي تاريخ ۽ سيوهڻ جي مختلف نالن ۽ سنڌ جي هن بزرگ جي سوانح، سندس وطن، ولادت وفات، سيروسياحت، علم و فضل وغيره متعلق معلومات ڏني وئي آهي، ڪتاب ۾ مرتب پاران ٻيو به مقالو ”ميلي جو اکين ڏٺو احوال “ جي عنوان سان پيش ڪيل آهي. هن مقالي ۾ ميلي جي سموري منظر کي ادبي حوالي سان قلمبند ڪيو ويو آهي چنا صاحب ميلي جي اکين ڏٺي احوال کي هن ريت قلمبند ڪيو آهي:
”سيوهڻ شهر جي دهلي دروازي کي چڱي طرح سينگاريو ويو هو، آخر به باب قلندر هو، انجي سڄي ڏاکڻي طرف، ادبي ڪانفرنس جو وسيع عريض ۽ خوشنما پنڊال واقع هو، ان جي قريب ۾ دادو ضلعي جي صنعت جو شاهڪار نمائش گهر هو، باب قلندر جي ساڄي ڏاکڻي طرف کان دوڪانن جون قطارون هيون، جو لئي لڳايون بيٺيون هيون، ٻيا دوڪان باب قلندر جي اترئين طرف کان شروع ٿيا ٿي. لوڪل بورڊ جي ڊاڪ بنگلي ۽ آفيس جي سامهون رستي جون ڪناريون دوڪانن ۽ هوٽلن جي جهرمر سان جهٻيل هيون . سيوهڻ جي صدر بازار جو ڏاکڻون خواه اتريون منهن به سينگاريل هئا ۽ نئين ڪنوار جي ڏيک پئي ڏنائون، مطلب ته سيوهڻ، ساري موهن جي دڙي جي کنڊراتي زماني مان منهن ڪڍي، لعل شهباز جي صدقي زمان حال سان روشناس روشنائي ٿي رهيو هو.“ (چنا، 1963ع ص ، 68 )
ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته حضرت قلندر لعل شهباز جي ميلي تي سموري سيوهڻ کي هڪ ڪنوار جيان سينگاريو ويندو آهي،هر طرف رونق ئي رونق نظر ايندي آهي.اهڙيءَ طرح هن ڪتاب ۾ ڪجهه ٻين اسڪالرن جا مقالا، جنهن ۾،“ قلندر جو سلسلهء طريقت” جي عنوان سان مولانا غلام محمد گرامي جو مقالو پيش ڪيل آهي، هن مقالي ۾ قلندر لعل شهباز جي سلسلهء طريقت جي حوالي سان روشني وڌل آهي.جنهن ۾ قادري طريقو، سهرورديه، ملامتيه وغيره متعلق بحث آيل آهي. جيئن پاڻ لکيو اٿس ته : ”حضرت قلندر لعل شهباز پاڻ قادريه ۽ سهرورديه“ نسبتن جا جامع هئا ۽ هڪ ”قلندريه شهبازيه“ طريقي جا باني هئا.” (گرامي، 1961ع، ص ، 18 )
هن ڪتاب ۾”قلندر لعل شهباز جي عنوان سان، رحيمداد خان مولائي شيدائي جو مقالو ڏنل آهي، جنهن ۾قلندر شهباز جي سوانح حيات جو بيان آيل آهي. ان کان سواءِ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو مقالو، ”قلندري آستاني تي“ جي عنوان سان پيش ڪيل آهي. ”لعل شهباز قلندر“ جي عنوان سان هڪ ٻيو مقالو منظور احمد عرساڻي جو ڏنل آهي، هن مقالي ۾ به لعل شهباز قلندر جي سوانح حيات جو بيان پيش ڪيل آهي. ان کان پوءِ حافظ محمد احسن چنا جو مقالو، بعنوان ”حضرت قلندر لعل شهباز “ ڏنل آهي، چنا صاحب جي هن مقالي ۾ سوانح حيات جو بيان پيش ڪيل آهي. ان کان پوءِ مولانا عبدالڪريم چشتيءَ جو مقالو، ”مخدوم سيد عثمان مروندي“ ڏنل آهي، هن مقالي ۾ به حضرت قلندر لعل شهباز جي سوانح پيش ڪيل آهي. ”سرتاج اولياءَ “ جي عنوان سان عبدالمالڪ افندي جو مقالو به ڏنل آهي، هي مقالو، نهايت ئي خوبصورت طريقي سان، حضرت قلندر لعل شهباز جي شان متعلق بيان ڪيل آهي، ان کان علاوه هن ڪتاب ۾”عظيم المرتبت صوفي“ جي عنوان سان راڻا ڀڳوانداس ڀڳوان جو مقالو به ڏنل آهي هن مقالي ۾ حضرت قلندر لعل شهباز کي ”عظيم صوفي“ طور پيش ڪيو ويو آهي، سعيد ابن احسن مارهروي جو ”حضرت شهباز “، جي عنوان سان مقالو پيش ڪيل آهي .اهڙيءَ طرح نثر واري حصي ۾ شامل آخري مقالو ”فلسفهءَ قلندريه ۾ مستيءَ جو تصور“ جي عنوان سان رئيس ضياءُ الدين بلبل جو پيش ڪيل َآهي . هي مقالو اڳ ۾ بلبل صاحب انگريزيءَ ۾، سال 1962ع، تي قلندر شهباز جي 708 ساله ورسي جي موقعي تي پڙهيو هو، جيڪوگهڻو مقبول ٿيو، ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو، پروفيسر محبوب علي چنا ڪيو. هن مقالي ۾ ضياءُ الدين بلبل صاحب، قلندر لعل شهباز جي ”مستي“ جي تشريح ڪندي لکيو آهي ته:
”قلندر واري مستي، جذباتي ۽ تصوراتي انسان جي همت جو مظهر آهي، جا حق ۽ انصاف ڪري اڀري ۽ حالات جي رستي موافق تمام توثيق سان عمل ۾ هڪ رستو اختيار ڪيائين، جو ترد ۽ تاويل جي وهمن کا ن بالاتر هو، مستيءَ جو حرف ”ميم“ مان محبت، مدد ۽ مجاهده جو مفهوم وٺڻ گهرجي، جو اهي صحيح عمل جا سر چشمه هوندا آهن، ان جو ”س“ سخاوت ٿو ڏيکاري، جو صحيح عمل جو جذبو ۽ ماڻ هوندو آهي، ”ت“ تخرج قربانيءَ جي سلسلي ۾، رت ۽ لعل هجڻ جو اشارو ٿي ڪري، قلندرکي ”لعل“ به انهيءَ ڪري ئي ڪوٺيو ٿو وڃي. ”ي“ يم جي معنيٰ رکي ٿي، جا درياهه جي موج مان ورتل آهي، مهراڻ جي ڪناري تي بيهي، ان جي لاهه چاڙهه، پائيندڙ ۽ ڇولين کي ڏسي ۽ ان مان ساوڪ، سبزي، آبادي ۽ اناج کي اڀرندو ڏسي، هن خدا واري بزرگ مستيءَ جو صحيح مفهوم جهٽيو،ساڻس جو، ”ميندي ۽ ڳاڙهي گهوٽ“ جهڙين صفتن کي منسوب ڪيو ويو آهي، ان مان به ڪامراني فتح و نصرت، سدا بهاري ۽ سرخ روئيءَ جو اهڃاڻ ملي ٿو.“ (بلبل، 1963ع ، ص ، 59 )
مطلب ته مستي، محبت جو انتهائي درجو آهي، جنهن ۾ مصلحت جي مونجهاري کان پري رهڻو پوي ٿو.ان کانپوءِ ڪتاب ۾ شامل ٻيوحصو ”نظم“ تي مشتمل آهي. هن حصي ۾ نامور پنجن شاعرن جي شاعري نذرانه عقيدت طور پيش ڪيل آهي، جنهن ۾ هڪ اردو نظم بعنوان، ”نذرانئه عقيدت“ سعيد ابن احسن مارهروي جو ڏنل آهي. لعل شهباز قلندر کي منظوم ڀيٽا واري اسم ۾ هيٺيان شاعر جهڙوڪ، احمد خان آصف مصراڻي، سيد اظهر گيلاني، حسين بخش ”خادم“ ۽ پروانو ڀٽي شامل آهن.
مثال طور: سيد اظهر گيلاني، ”احسان قلندر“ جي عنوان سان ڀيٽا پيش ڪئي آهي، جيڪا هن ريت آهي:
”ڪريان اظهار ڇا شان قلندر،
ٿي مرضي خدا، آن قلندر،
مئل دين کي جياريائين نئين سر!
اهو آ دين تي احسان قلندر،
ڇڏي باطل، وٺو دامان حق کي،
هيو سيوهڻ ۾ اعلان قلندر،
وئي ٿي مرد بازار هنودي،
کُلي ويو جيئڻ جو دڪان قلندر،
مڃو ٿي ”بودلي“ جي ٻوٽي ٻوٽي،
حضور دل سان فرمان قلندر!
تتل تئي ۾ به سڏ سان سڏ ڏنائين،
خطا ٿيا ڪين احسان قلندر!
در حيدر جو سگ آهي قلندر،
ٿيو ”اظهر“ ثنا خوان قلندر. (گيلاني، 1963ع ، ص ، 77 )
مٿئين نظم مان به قلندر لعل شهباز جي تعليم و هدايت، ۽ دين حق کي پکيڙڻ جي حوالي سان گهڻي ڄاڻ ملي ٿي.
اهڙيءَ طرح هن ڪتاب جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته، قلندر لعل شهباز ادبي ۽ ثقافتي ڪاميٽي جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ، ادبي ڪانفرنس ۾ جيڪي مقالا، مضمون ۽ شعر پڙهيا ويندا هئا، تن کي سيهڙي، سينگاري، ڪتابي صورت ۾ پيش ڪيو ويو. قلندر لعل شهباز ميموريل ڪاميٽي کان پهرين، سيوهڻ ۽ قلندر لعل شهباز متعلق ڪو مس ڪٿي ڪٿي ذڪر ملندو هو. انهي حوالي سان محڪمه اطلاعات جي ڊائريڪٽر پنهنجي پيش لفظن ۾ هن طرح لکيو آهي:
”هن خوشگوار حقيقت سان گڏ نهايت ڏک سان اِهو تذڪرو ڪرڻو ٿو پوي ته، سنڌي زبان ۽ ادب جي هيڏي وڏي سرمايه ۾، سيوهڻ جي شهباز قلندر عثمان مروندي عليه رحمته جي حالات ۽ ڪلام تي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ معياري مضمون مس ٿو نظر اچي، تنهنڪري انهيءَ ڪميءَ کي پوري ڪرڻ لاءِ اسان ”نذر شهباز “ پيش ڪري هن ڏس ۾ پهرين وک وڌائي رهيا آهيون، ۽ اميد ٿا ڪريون ته اديبن ۽ عالمن جي تعاون سان آئنده به اهڙا نذرانا پيش ڪندارهنداسون.“ (خواجه ، 1963ع ، ص ، الف)
مطلب ته هن ڪتاب ۾، حضرت قلندر لعل شهباز جي زندگي ۽ فلسفي جي حوالي سان بهتر ڄاڻ ملي ٿي ۽ پڙهندڙن کي اهو پتو پوي ٿو ته ، سندس سلسله طريقت ڪهڙو هو، ۽ سندن قلندريه فلسفي ۾ مستيءَ جو مقام ڇا آهي، ان کان علاوه سندن زندگيءَ جي ڪافي ٻين پهلوئن تي پڻ روشني وڌل آهي، هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل سڀ مضمون توڙي نظم وڏي محنت سان، سنڌ جي مختلف اسڪالرن جا لکيل آهن. جيڪي قلندر شهباز بابت مڪمل ڄاڻ ڏيندڙ آهن. هي به هڪ تاريخ جو دؤر آهي، جنهن کي چنا صاحب محفوظ ڪيو آهي.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقالو، ”ميلي جو اکين ڏٺو احوال“، ”نذر شهباز“ حيدرآباد، محڪمه اطلاعات، مغربي پاڪستان، سال، 1963ع ص، 68 .
(2) گرامي، غلام محمد، مولانا: مقالو، ”قلندر جو سلسلئه طريقت“، ”نذر شهباز“ مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، محڪمه اطلاعات مغربي پاڪستان، سال، 1963ع ، ص ، 18 .
(3) بلبل، ضياءُالدين، رئيس: مقالو، ”فلسفئه قلندريه ۾ مستيءَ جو تصور“، ”نذرشهباز“، مرتب ،پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، محڪمه اطلاعات مغربي پاڪستان، سال، 1963ع ص،59 .
(4) گيلاني، اظهر، سيد: نظم، ”احسان قلندريه“،”نذرشهباز“، مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، محڪمه اطلاعات، مغربي پاڪستان، سال، 1963ع ، ص ، 77.
(5) خواجه، اسماعيل، ايس: ٻه اکر”، نذر شهباز “، مرتب ، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد محڪمه اطلاعات مغربي پاڪستان سال، 1963ع، ص، الف.
(x) ضياءُ القلندر
سال 1965ع ۾، حضرت قلندر لعل شهباز جي عرس مبارڪ جي موقعي تي، پروفيسر محبوب علي چنا هي ڪتاب “ضياءُالقلندر” جي نالي سان ترتيب ڏيئي، قلندر شهباز اڪيڊمي طرفان شايع ڪرايو، هن ڪتاب جي “ ٻه اکر” ۾ چنا صاحب ، انهيءَ جي وضاحت ۾ هن ريت لکيوآهي ته:”اسان جي خوش بختي هئي جو، محترم آغا رفيق احمد صاحب، سي_ ايس_ پي ، دادو جي ڪليڪٽريءَ جون واڳون ورتيون ۽ هن صاحب جي ايماءُ ۽ ارشاد تي، گذشته ٻن سالن جي ادبي ڪانفرنسن جون ڪاروايون قرب سان ڪٺيون ڪري ”ضياءُالقلندر“جي عنوان سان عقيدتمندان قلندر جي مطالعي لاءِ پيش ڪري رهيا آهيون.هن عنوان جو انتخاب خود متن جي هڪ تحقيقاتي مقالي تان ورتو ويو آهي، جو عزيزي رئيس ضياءُالدين “بلبل” جي رشحات قلم ۽ طبع جي جولان جو نتيجو آهي.“ (چنا، 1965ع ،ص، الف)
اهڙيءَ طرح هي ڪتاب ”ضياءُالقلندر“ ٻن حصن تي مشتمل آهي، پهريون حصو نثر آهي،جنهن ۾ ڇهن اديبن، عالمن جا تحقيقي مقالا ۽ مضمون شامل آهن.جيڪي قلندر لعل شهباز جي زندگيءَ جي مختلف پهلوئن تي لکيل آهن.
مثال طور: پهريون مقالو، مرحوم ضياءُالدين ايس ”بلبل“ جو، ”ضياءُالقلندر“ جي عنوان سان پيش ڪيل آهي، جنهن ۾ هن قلندري طريقت، قلندري تصوف عمل جا نمونا ۽ بنياد، قلندرانه وصفون ۽ وٿون جي عنوانن تي بيان ڪيون آهن، رئيس ضياءُ الدين بلبل، قلندري طريقي جو امتيازي فرق ڄاڻائيندي لکيو آهي ته :
”قلندر دراصل اهو صوفي آهي، جنهن جو عقل بقول امام محمد غزالي نه رڳو دينوي تخت جي ارد گرد گهمندڙ هجي ۽ هڪ طرف روح القدس ( عقل ڪل) سان ته ٻئي طرف رسول ڪريمﷺ سان وابسته هجي. تفاوت رڳو هي آهي ته، امام غزالي هي ڪم عقل کي سوپي ٿو، پر ٻيا صوفي عشق يعني قلبن کي اڳواڻ مڃين ٿا. مقصد ساڳيو آهي ته هر معامله ۾ امر الاهي جي تلاش هجي. عرف عام ۾ هن کي چئبو آهي، هٿ هاج ۾ ، دل يار ڏي. (بلبل )، 1965ع ص، 6 )
جڏهن انسان قدر ۽ جبر جي مسئلي ۽ عقل ۽ عشق جي جهيڙي جي اونهي جاچ ٿو وٺي تڏهن هن لاءِ اسلام کانسواءِ ٻيو ڪو چارو نه آهي، جيڪي هر معاملي ۾ امر جو انتظار ڪن ٿا، اهي قلندر آهن. اهڙيءَ طرح هن ڪتاب جو ٻيو مضمون مولوي مخدوم امير احمد جو ”قلندر لعل شهباز رحه“ جي عنوان سان ڏنل آهي، جنهن ۾ قلندر لعل شهباز جي حالات زندگي پيش ڪيل آهي، جيئن مضمون نگار ،هن مضمون ۾ لکيو آهي ته :
”حضرت قلندر لعل شهباز، جڏهن سنڌ ۾ تشريف فرما ٿيا ته انهيءَ وقت، سنڌ جا وڏا وڏا مرڪزي شهر جهڙوڪ الور اروڙ، ديبل، نيرون ڪوٽ وغيره، ڪن تاريخي ۽ جاگرافيائي سببن ڪري، پنهنجي مرڪزي حيثيت وڃائي چڪا هئا. ديبل ختم ٿي چڪو هو. الور ۽ نيرون ڪوٽ نهايت ننڍڙن ڳوٺڙن جي صورت ۾ تبديل ٿي چڪا هئا، ٺٽو اڃا وجود ۾ ئي ڪونه آيو هو، بکر کي انهيءَ زماني ۾ ڪا خاص اهميت حاصل ڪانه هئي، ٻيو ته پنجاب جي رستي تي هئڻ ڪري، هن شهر ۾ امن ۽ سلامتي بلڪل ڪانه هئي، بلڪ هر گهڙي جان ۽ مال جو خطرو درپيش هو.خصوصاً حضرت مخدوم قلندر شهباز واري زماني ۾ ته تاتاري يعني چنگيزخاني مغلن جا هندوستان تي حملا جاري هئا،۽ اهي حملا بکرجي رستي کان ئي ٿيندا ٿي رهيا. خود قلندر لعل شهباز جو ميزبان، شهزادو خان شهيد به تاتاري مغلن هٿان شهيد ٿيو هو.“ (مولوي مخدوم، 1965ع ، ص ، 16،17 )
مٿئين حوالي مان، انهي دؤر جي تاريخ ۽ سياسي اثر جي حوالي سان معلومات ملي ٿي.
”قلندر لعل شهباز جي عظمت“ جي عنوان سان، سيد ڏنل شاهه جو مضمون ڏنل آهي، جنهن ۾ قلندر لعل شهباز جي عظمت کي بيدل سائين هينئن فرمايو آهي:
قلندر چون محمد رھنما ھے،
قلندر چون علی مشکل کشا ھے،
میرا مرشد مکمل ھے قلندر،
حسینی حیدری سلطان سرور،
(سيد ڏنل، 1965ع ،ص، 25)
اهو ته فقط رند جو شان آهي، قلندر جي عظمت اسانجي عقل کان ٻاهر آهي، اهڙي طرح هن ڪتاب ۾ شامل نالي واري اديب تاج صحرائي جو مقالو ”حضرت عثمان سيوهاڻي“ پيش ڪيل آهي، جنهن ۾ قلندر لعل شهباز جي روحاني پهلوءَ تي روشني وڌل آهي، ۽سندس سوانح مختصر نموني پيش ڪئي وئي آهي، مثال طور جيئن تاج صحراحي لکيوآهي ته :
”سيرو سفر واري دؤر ۾، حضرت عثمان پاڻ کي پاڻ ۾ ڳوليندو،پنهنجي روح جي بلندين کي پهچڻ جي ڪوشش ڪندو، پنهنجي دل کي پرچائيندو هلندو ٿي هليو، ڪڏهن قضا ۽ رضا جي راهن ۾ گم ٿِي ٿي ويو، ڪڏهن سزا ۽ جزا جي جدولن ۾ جذب، ڪڏهن فنا ۽ بقا جي اصولن ۾ غرق، ته ڪڏهن حيات ۽ مصات جي معاملن ۾ منجهي ٿي پيو، ڪڏهن حسن ۽ جمال جو مشاهدو ٿي ماڻيائين ته ڪڏهن حلال ۽ڪمال جون منزلون ٿي طئي ڪيائين ته، ڪڏهن خاڪ ۾ غلط ٿيندو ۽ خارن تان نچندو ٿي هليو.“ (صحراحي، 1965ع ، ص ، 30 )
ان پاڻ کي ۽ حق کي ڳولڻ ۽ سڃاڻڻ، پرچائڻ ۽ پرڀائڻ واري دؤر مان جڏهن انسان لنگهي پار پوي ٿو، تڏهن سندس دل روشن ٿيو پوي ۽ قلب کي هڪ دائمي سڪون ۽ اطمينان حاصل ٿئي ٿو.
اهڙي طرح سان محمد علي دائود جو هڪ تحقيقي مقالو، ” علم تصوف ۽ قلندر شهباز سيوهاڻي“ جي عنوان سان پيش ڪيل آهي. هن مقالي ۾، علم تصوف تي روشني وڌل آهي. جيئن، علم تصوف مان اسانجو مطلب اسلامي تصوف آهي، اسلامي تصوف جي ابتدا انهن اسلامي بزرگن ۽ درويشن ڪئي، جيڪي خدا ۽ رسول اطهر جا شيدائي هئا. علم تصوف جي تاريخ جي حوالي سان محمد علي دائود پوٽه صاحب هن طرح لکيو آهي:
”جيڪڏهن هن تصوف جي تاريخ کي ڏسبو ته تصوف تي نه رڳو اسلامي روايتن جو اثر آهي، مگر افلاطوني فرقي، پراڻن يهودين، نصارن ۽ ويدانيت جو پڻ اثر اچي ويو آهي، ۽ ڪيتريون غير اسلامي روايتون تصوف ۾ دخل انداز ٿي اسلامي تصوف تي غلط رنگ چاڙهي رهيون آهن، ٻي حالت ۾ اسلامي تصوف بلڪل جدا ۽ علحدو آهي . جنهن جو بنياد شريعت، طريقت،معرفت حقيقت تي ٻڌل آهي، جنهن به فعل ۽ قول جي شريعت سان مناسبت نه آهي، اهو اسلامي تصوف کان ٻاهر آهي. هن حقيقت جي گواهي قلندر شهباز پنهنجي شعر ۾ ڏئي ٿو ته:
”رسيد م من بدريائے کھ موجش آدمى خوارست،
نه کشتى اندرآن دريا، نه ملاحى عجب کاراست،
شريعت کشتىء دارد، طريقت بادبان او،
حقيقت لنگرى دارد، کدراه، فقردشواراست“
اسلامي تصوف جا ٻه فرقا آهن، هڪڙا ”وحدت الوجود“جا قائل آهن، ته ٻيا ”وحدت الشهود “جا حامي آهن، يعنيٰ هڪڙا همئه اوست جا پيروڪار ته ٻيا ”همئه ازاوست“ جا علمبردار. وحدت الوجود جي گروهه جا اڳواڻ، بايزيد بسطامي، ذوالنون مصري، حسين بن منصور حلاج، ابن العربي، شمس تبريز ۽ اسانجو قلندر شهباز آهن، ساڳئي وقت اها پڻ حقيقت پيش ڪندي آءُ فخر ٿو محسوس ڪريان ته خواجه با يزيد بسطامي جو اسلامي تصوف ۾ بلند مقام رکي ٿو، ان جو مرشد پڻ اسانجي سنڌ جو بزرگ ابوالعلي سنڌي هو، جيڪو سنڌ جو پهريون صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي.“ (دائودپوٽه، 1965ع، ص ، 38 ،37 )
مطلب ته تصوف، دل جي پاڪيزگي، اخلاق ۽ عشق الاهي ۾ گم ٿيڻ جو نالو آهي، صوفي بزرگن تصوف جي روشني ۾ انسانيت، ّاخلاق اقدار محبت اخلاص ۽ عشق الاهي جو پيغام ڏنو آهي، نبي ڪريم ﷺ سان محبت ڪرڻ ۽ سندن پيروي ڪرڻ جو درس ڏنو آهي.
اهڙي طرح سان ”حضرت شهبازقلندر ۽ خواجه منصور“ جي عنوان سان، مولوي غلام محمد دادوي جو مقالو پيش ڪيل آهي. جنهن ۾ هو لکي ٿو ته :” حضرت قلندر پاڻ کي، خواجه منصور جو يار ٿو سڏائي، ان ڪري محسوس ٿو ٿئي ته هن يار به منصور واري پيالي مان پر جام پيتو هو ۽ منصور وانگر رب تعاليٰ جي محبت ۽ عشق ۾ ايترو محو ۽ مست ٿي ويو، هو جو باهه جي گرمي، خاڪ جي تپش ۽ ڪنڊن جي سوزش جو ڪو احساس نه رهيو هوس ۽ اهو ئي آهي خدا جي محبت جو مقام.
سوريءَ سڏ ٿيو، ڪا هلندي جيڏيون،
وڃڻ تن پيو ، نالو نينهن ڳنهن جي.
(دادوي ،1965ع ،ص ، 65 ، 64 )
ڪن ڪتابن مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته، حضرت قلندر شهباز جڏهن مرد عامل جي درجي کي رسيو، تڏهن شيخ منصور جي خدمتن ۾ پهتو ۽ گهڻو فيض حاصل ڪيائين، ان حوالي سان حضرت قلندر جو هيٺيون شعر شاهدي طور ڏنو ويو آهي.
”منم عثمان مروندي که يارى خواجه منصورم،
ملامت مى کند خلقي و من برداري رقصم“
يعني، مان اهو عثمان مروندي آهيان، جنهن جو يار خواجه منصور آهي، مان انهي ملامت کان نٿو ڏڪان ۽ مان سوري تي نچان ٿو،“ (دادوي، 1965ع ، ص ، 45 )
ان کانپوءِ هن ڪتاب جو ٻيو حصو شاعري تي مشتمل آهي، هن حصي ۾ سورهن نامور شاعرن جي شاعري، منظوم ڀيٽا طور پيش ڪيل آهي، انهن شاعرن مان حافظ محمد احسن چنا، جي شاعريءَ جو عنوان ”قلندر شهباز“ جو(مستزاد). مثال طور، هيٺ ڏجي ٿو:
”ڇا شان چوان تنهنجو ۽ عزت و عظمت _شهباز قلندر
الله ڪئي توکي عطا، عشق جي دولت _ شهباز قلندر
تون عالم و عامل ۽ ڪمالات ۾ ڪامل _ فياض ۽ فاضل
تون حافظ قرآن ۽ باشرع و طريقت _ شهباز قلندر
تون رند هئين، تنهنجو ٿيو مشرب _ اعليٰ اهو منصب
تون مست است آهين، سدا محو محبت _ شهباز قلندر“
(چنا، 1965ع ، ص ، 57 )
اهڙيءَ طرح هن ڪتاب کي پڙهڻ کانپوءِ اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته، هن ڪتاب مان پڙهندڙن کي قلندر لعل شهباز جي سوانح عمري سان گڏوگڏ لعل شهباز جي عظمت، سندن علم تصوف ۽ خواجه منصور سان وابستگيءَ جو پتو پوي ٿو، ۽ شاعري واري حصي ۾ سندن قلندرانه مقام، نگاهه مستي جو پيغام ملي ٿو.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: ٻه اکر، ”ضياءُالقلندر“ مرتب ، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، قلندر شهباز ، ميموريل ڪاميٽي، سال، 1965ع ، ص ، الف.
(2) بلبل، ضياءُالدين ، ايس: مقالو،” ضياءُالقلندر“ مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، شهباز ، ميموريل ڪاميٽي، سال، 1965ع ، ص ، 6.،
(3) احمد، مخدوم امير مولوي: مضمون، ”قلندرلعل شهبازرح“، ”ضياءُالقلندر“ مرتب ، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، شهباز ، ميموريل ڪاميٽي، سال، 1965ع ، ص،17 ،16 .
(4) شاهه، سيد ڏنل: مضمون،”قلندر لعل شهباز جي عظمت “،”ضياءُالقلندر“ مرتب ، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، شهباز ، ميموريل ڪاميٽي، سال، 1965ع ، ص،25.
(5) صحرائي،تاج: مضمون،”حضرت عثمان سيوهاڻي“، ”ضياءُالقلندر“ مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، شهباز ، ميموريل ڪاميٽي، سال، 1965ع ، ص ،30.
(6) دائودپوٽه، محمد علي : مقالو، ”علم تصوف ۽ قلندر شهباز سيوهاڻي“، ”ضياءُالقلندر“ مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، شهباز ، ميموريل ڪاميٽي، سال، 1965ع، ص ،37،38.
(7) دادوي غلام مصطفيٰ، مولوي: مضمون،”حضرت شهباز قلندر ۽ خواجه منصور“، ”ضياءُالقلندر“ مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، شهباز، ميموريل ڪاميٽي، سال، 1965ع ،ص،64،65.
(8) چنا، حافظ، محمد ”احسن“: نظم، قلندرشهباز (مستزاد) ”ضياءُالقلندر“ مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، شهباز ، ميموريل ڪاميٽي، سال، 1965ع ، ص ،57.
(xi) سردار قلندر
قلندر لعل شهباز ميموريل ڪاميٽي طرفان، هي ڪتاب بعنوان ”سردار قلندر“ پروفيسر محبوب علي چنا جو ترتيب ڏنل آهي، جيڪو لعل شهباز قلندر 714 سالانه ورسيءَ جي موقعي تي مرتب ڪيو، ۽ سال 1967ع ۾، تاج محل پريس حيدرآباد مان قلندر شهباز ميموريل ڪاميٽي ، سيوهڻ طرفان شايع ڪيو ويو.
هن ڪتاب ۾ هڪ حصو نثر، جنهن ۾ ”نذرانئه مسرور“ جي عنوان سان، محترمه مسرور حسن خان صاحب، سي ايس پي تمغه پاڪستان سان شروعات ڪيل آهي، جنهن ۾ هن قوم کي قلندرانه صفتن جي حوالي سان آگاهه ڪري ٿو. مثال طور، پاڻ لکي ٿو ته:”اسانجي قوم کي قلندرانه صفتن جي اشد ضرورت آهي، اسانجي قوم هي ثابت ڪري ڏيکاريو ته، اسان جي سڄي قوم قلندرانه صفتن سان سنواريل ۽ سينگاريل آهي، بقول اقبالرح جي ”مومن ہے تو، بے تیغ لڑتا ہے سپاھی“. اسان پاڪستانين جي قلندرانه قوم کي، کاڌي جي ڪمي، بي روزگاري وغيره جهڙيون مادي صفتون مرغوب نه ڪنديون، پوءِ اسانکي حضرت قلندر لعل شهباز، بلند پرواز جي قلندري مقام جو پرو پوندو ۽ ان نتيجي تي پهچنداسين ته، اسان جي قوم جي هر فردکي قلندري جهدوجهد جي ضرورت آهي.“ (خان صاحب، 1967ع ، ص ، 1)
قلندر لعل شهباز پاڻ به ڪيترين خوبين جو مالڪ هو، پر هن جڏهن سيوهڻ جي ڀٽڪيل ماڻهن کي صحيح رستو ڏيکاريو، ۽ سيوهڻ کي سيوهڻ شريف جهڙي خوبي سان مالا مال ڪري ڇڏيو، جيڪو اڄ تائين به سيوهڻ شريف سڏجي ٿو. اهو سمورو ڪمال هن ڪامل وليءَ جي صفتن جو هو.ان بعد ”سنيهو“ جي عنوان سان، محترم سيد سردار احمد خان، سي.ايس.پي جي طرفان پيش ڪيل آهي جنهن ۾ هن لکيو آهي ته: ”حضرت لعل شهباز قلندررح جي روحاني فيض جو متل مهراڻ، ديسين خواه پر ديسين کي سيراب ڪري ٿو. ان ڪري اسانجو فرض آهي ته، هڪ طرف حضرت لعل شهباز قلندر جي قلندرانه فلسفي ۽ الستي ڪلام کي عام ڪريون ۽ ٻئي طرف سندس درگاهه ۽ آخرين آرمگاهه سيوهڻ شريف کي صحيح معنيٰ ۾ سينگاريون.“ (احمد، 1967ع، ص، 3)
سيد احمد پنهنجي سنيهي ۾ سنڌي عوام کي قلندر لعل شهباز جو روحاني فيض، قلندرانه فلسفي ۽ الستي ڪلام کي عام ڪرڻ جي هدايت ڏني آهي، ۽ سندس آخري آرامگاهه سيوهڻ کي تمام سهڻي نموني سان سينگارڻ جي به هدايت ڪري ٿو.
ڪتاب ۾ شامل ٻه اکر، مرتب پروفيسر محبوب علي چنا جا لکيل آهن، جنهن ۾ هن هر سال ٿيندڙ سالانه ورسين متعلق ڄاڻ ڏني آهي.
ان کانپوءِ سيد ڏنل شاهه جو، ”قلندري مشرب“ جي عنوان سان ، پيش ڪيل آهي، جنهن ۾ قلندر لفظ جي معنيٰ، قلندري مشرب طريقو وغيره جي باري ۾ وضاحت ڪيل آهي.
مثال طور: قلندري مشرب وارن جي وضاحت ۽ واکاڻ ڪندي لکي ٿو ته:”قلندري هڪ اهڙو گروهه آهي، جنهن کي صوفي چئجي ٿو ۽ اهي پاڻ کي ملامتي به سڏيندا آهن، قلندر جي حقيقت اها آهي، جو مجلس ۽ ڳالهه ٻولهه جي آدابن جا پابند نه هوندا آهن ۽ اهي پاڻ وٽ ڪجهه به ذخيرو نه رکندا آهن ۽ نڪي مال دولت کي ميڙيندا آهن، دنيا وارن کان پاسيرا رهندا آهن.“ (شاهه، 1967ع ، ص ، 10 )
اهڙيءَ طرح سان الاهي انوارن کي پسڻ ۽ ڌڻي جي پرستش مان مزو ماڻڻ مڙني صوفين جو مرڪ۽ من جي مراد رهي آهي، پر انهيءَ مقصد کي ماڻڻ لاءِ انهن جون رياضتون،ذڪر و فڪر ۽ ٻيا ذريعا جدا جدا رهيا آهن ، ان ڪري سندن مشرب، طريقو ۽ دائرو به جدا جدا ٿي ويو ۽ اهي ڪن بزرگ صوفين جي نالن ڏانهن نسبت ڪري هنن فرقن ۾ ورهائجي ويا. قادري، سهرودي، چشتي ، نقشبندي، شطاري، جنيدي، اويسي ، ملامتي ۽ قلندري وغيره.”پرينءَ جي پانڌيئڙن کي خطاب“، جناب محمد علي دائود پوٽه جو پيش ڪيل آهي، هن پيش ڪيل خطاب ۾، حضرت قلندر لعل جي ميلي ۾ ايندڙ پانڌيئڙن لاءِ هن طرح لکيو آهي:
”پرينءَ جي پانڌيئڙي مان، منهنجي مراد لعل جو پانڌيئڙو“ آهي، وسن مينهن ۽ ملن مارو، قلندر شهباز جي محبت جي، سنڌ مهراڻ جي ماڻهن کي ميڙي ميلي ملاقي ڪري ٿي، هر ڪو سڪ سانڍي لعل جي پڙ ۾ پير پائي ٿو، مست مست ڪندو ميدان ۾ اچي ٿو، هر ڪو هيج مان مست قلندر لعل چئي، پنهنجو جذبو ظاهر ڪري ٿو، قلندر جي ڪشتي ۾ پير پائي قلندري سڏائي ٿو پر اي پانڌيئڙا، ”پير پرجهي پاءُ ماڻهن جي مجلس ۾“، ڇاڪاڻ ته: ”هر آن که سرمي تراشد قلندر نمي شود“ ها! تون هلين ٿو، گهمي ٿو، ڦرين ٿو، پنهنجي طبيعت ۽ مزاج آهر هت بازارون ڏسين ٿو، وکر وهائين ٿو، پر اي پانڌيئڙا، ”وکر اهو وهاءِ ۽ جو پئي پراڻو نه ٿئي.“ هي ويل هٿان ويئي وري نه ايندي، ميلو موٽي ايندو، متان تون نه موٽين، توکان اڳ ڪئين قلندري آيا، پڪون ۽ پيالا پي ونڊ وٺي ويا ۽ وري نه آيا“ (دائود پوٽه، 1967ع ،ص ، 12 )
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته، جڏهن قلندرلعل شهباز جو ميلو ايندو آهي ته، پري پري کان پوري دنيا مان پانڌيئڙا ڏورانهون سفر طعي ڪري ايندا آهن، اهي پانڌيئڙا اڃا جڏهن سيوهڻ جي ويجهوئي هوندا آهن ته انهن تي هڪ مستيءَ جو اثر ڇائنجي ويندو آهي ۽ پري کان سخي شهباز قلندر مست ۽ جيئي لعل سيوهاڻي جا نعرا گونججهي ويندا آهن ، انهن پانڌيئڙن مان ڪي اهڙا به هوندا آهن، جيڪي قلندري فيض وٺي پنهنجي ماڳ روانا ٿيندا آهن.
اهڙيءَ طرح سان هن ڪتاب جو ٻيو حصو، شاعريءَ تي مشتمل آهي، ڪتاب جي هن حصي ۾ قلندرکي منظوم ڀيٽا واري اسم ۾ هيٺين شاعرن، مخدوم طالب الموليٰ، حافظ محمد احسن چنا، جناب احمد خان آصف مصراڻي جناب پير علي محمد اظهر، شهباز علي ملازم سروري، حاجي رحيم بخش صاحب ”قمر“ وغيره . جي شاعري منظوم ڀيٽا طور شامل ڪئي ويئي آهي.
مثال طور: مخدوم طالب الموليٰ جو هڪ شعر هيٺ ڏجي ٿو:
”وري شهباز جي اهل خمستان کي مبارڪ ڏيو،
انهن چاڪ گريبان، چاڪ دامان کي مبارڪ ڏيو،
قدم جيڪي وٺي آيا هتي اي طالب الموليٰ،
انهن پاران قلندر شاهه شاهان کي مبارڪ ڏيو.“
(طالب الموليٰ ، 1967ع ،ص ، 17 )
طالب الموليٰ جي مٿئين شعر ۾، ميلي ۾ ايندڙ پانڌيئڙن کي، ”مبارڪ“ جي حوالي سان آڌر ڀاءُ ڪيو آهي، ته وري شهباز جو ميلو اچي ويو ۽ پانڌيئڙا به اچي ويا، تن کي مبارڪ پيش ڪئي وئي آهي.
ڪتاب جي عنوان، ”سردار قلندر“ جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته: ”جيئن ته حضرت مخدوم سيد عثمان قلندر لعل شهبازرح سنڌ جي اوليائن جو سردار آهي. تيئن ڪتاب جو نالو ”سردار قلندر “ تجويز ڪيو ويو آهي، اميد ته لعل سائين جي لنؤ وارن کي پسند ايندو.“ (چنا، 1967ع، ص، 6 )
اهڙيءَ طرح هن ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ خبر پوي ٿي ته، هي ڪتاب نهايت محنت ۽ دانشمندي سان مرتب ڪيو ويو آهي، ڪتاب ۾ شامل ڪيل مضمون ۽ شاعري، قلندرانه فلسفي ۽ الستي ڪلام جي حوالي سان ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت ۾ بهترين اضافو ڪن ٿا ۽ قلندر جي نذرانئه عقيدت ۾ هڪ ادبي گلدستي جي حيثيت رکي ٿو.
حوالا
(1) خان صاحب، مسرورحسن:”نذرانئه عقيدت“، ”سردار قلندر“، مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، سيوهڻ ، قلندر شهباز ميموريل ڪاميٽي، سال _ 1967 ، ص ، 1.
(2) شاهه، سردار احمد، سيد: ”سنيهو “، ”سردار قلندر“، مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، سيوهڻ، قلندر شهباز ميموريل ڪاميٽي، سال _ 1967، ص ، 3.
(3) شاهه، ڏنل سيد: مضمون، ”قلندري مشرب“، ”سردار قلندر“، مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، سيوهڻ ، قلندر شهباز ميموريل ڪاميٽي ، سال _ 1967 ، ص ،10.
(4) دائودپوٽو، محمد علي: ” پرينءَ جي پانڌيئڙي کي خطاب “ ،”سردار قلندر“ ، مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، سيوهڻ ، قلندر شهباز ميموريل ڪاميٽي ، سال _ 1967 ، ص ، 12.
(5) طالب الموليٰ، محمد زمان، مخدوم: نظم”مبارڪ “، ”سردار قلندر“ ، مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، سيوهڻ، قلندر شهباز ميموريل ڪاميٽي ، سال - 1967 ، ص، 17.
(6) چنا، محبوب علي، پروفيسر : ”ٻه اکر“، ”سردار قلندر“، مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، سيوهڻ ، قلندر شهباز ميموريل ڪاميٽي، سال - 1967، ص، 6.
*
(xii) سيوهاڻي بادشاهه
پروفيسر محبوب علي چنا صاحب، ”سيوهاڻي بادشاهه “ نالي هڪ ڪتاب، حضرت قلندرلعل شهباز جي 718 سالا ورسي جي موقعي تي مرتب ڪيو، جيڪو زينت پرنٽرس، کوکر محلا حيدرآباد سنڌ ۾ ڇپيو، ۽ قلندر شهباز اڪيڊمي جي اعزازي سيڪريٽري، پروفيسر محبوب علي چنا طرفان، سيپٽمبر 1972ع ۾ شايع ڪيو ويو. ڪتاب ”سيوهاڻي بادشاهه“ ۾ ڏنل مواد جو وچور ڪجهه هن طرح آهي.
سڀ کان پهريان مرتب پاران، ”مختصر تعارف“ جو عنوان ڏنو ويو آهي، هن مختصر تعارف ۾ سورهن عالمن، اديبن ۽ شاعرن جو مختصر تعارف ڏنو ويو آهي.
ان کانپوءِ هن ڪتاب کي ٻن حصن م ورهايو ويو آهي، هڪ نثر ۽ ٻيو نظم. نثر واري حصي ۾ مختلف اديبن، عالمن جا تحقيقي مقالا شامل آهن، جيڪي قلندر لعل شهباز جي زندگيءَ جي مختلف پهلوئن تي لکيل آهن.
مثال طور: ”علم ۽ عرفان جو آفتاب“ جي عنوان سان، پروفيسر مولانا قاسمي جو مقالو ڏنل آهي. جنهن ۾ مولانا قاسمي صاحب، حضرت قلندر لعل شهباز کي علم جو عرفان ۽ آفتاب سڏيو آهي. پاڻ لکي ٿو ته: ”حضرت مخدوم عثمان قلندر رحه، علم۽ عرفان جا اهي آفتاب عالم تاب آهن، جن ڇهين ۽ ستين صدي هجريءَ ۾، نه رڳو پنهنجي آبائي وطن ۽ ان جي آسپاس کي فيضياب ۽ قلندري مشرب کان متعارف ۽ روشناس ڪيو، پر، برصغير جي هن پاڪ خطي سنڌ ۽ ان جي ڀر وارن پرڳڻن کي، علم ۽ عمل جي برڪت سان مالا مال ڪري ڇڏيو.“ (قاسمي ، 1972ع ، ص ، 1)
اڳتي هلي پاڻ وڌيڪ لکن ٿا:” هن بزرگ ولي، ٿوري ئي مدت ۾، سنڌ کي پنهنجي علم ۽ عرفان سان منور ڪري ڇڏيو ۽ روحاني طور اڄ تائين هن خطي تي، سندن حڪومت جاري آهي انهيءَ ڪري کين سنڌڙيءَ جو بادشاهه سڏيو وڃي ٿو.“ (قاسمي ، 1972ع ، ص ،7)
هن مقالي مان اها خبر پوي ٿي ته، قلندر لعل شهباز علم ۽ عرفان جي منزل تي فائز هئا. پاڻ فقيريءَ سان گڏ علم جي حاصلات حاصل ڪئي، ۽ وري ان کي ٻين تائين پهچايو هن مقالي ۾ مولانا صاحب ڪيترن ئي ٻين عالمن جا حوالا ڏيئي اهو ثابت ڪيو آهي ته، لعل شهباز قلندر، علم ۽ عرفان جا آفتاب هئا.
پروفيسر زيب ڀٽي، جو مقالو، بعنوان ”قلندر جي شعر جي تحقيق ۽ سندس شاعرانه حيثيت“ پيش ڪيل آهي، جنهن ۾ پروفيسر زيب صاحب، قلندر لعل شهباز جي شاعرانه حيثيت جي حوالي سان هن طرح لکي ٿو ته :
”قلندر شهباز جي شاعرانه حيثيت ۽ سندس شعر جي تحقيق اڃا تحقيق طلب آهي، جيتوڻيڪ قلندر سائين وڏو عالم فاضل ۽ شاعر هو. سنڌ جي مڪتبن ۾ جيڪي ڪتاب پڙهيا ويندا هئا.تن ۾ حضرت قلندر شهباز جا ڪتاب عقد، قسم دويم، اجناس ، ميزان صرف پڻ شامل هئا. پر جيئن ته اڄ اهي ڪتاب اڻ لڀ آهن، تن جي پڻ تحقيقات ڪري، پراڻين لئبريرين مان پتو ڪڍجي ته، جيئن اسان کي ثبوت مهيا ٿي سگهن. قلندر شهباز جي شاعريءَ جي عظمت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، ڇوته پاڻ ڪامل ولي، درويش، مفڪر، عالم ۽ فاضل سان گڏ، صرف ونحو جو وڏو ماهر، زباندان ۽ قابل سيار هو.ان ڪري شهنشاهه جي صوفيانه شاعريءَ ۾ پختگي، بلند پروازي، فطرت نگاري، بلاغت ۽ سلاست اتم هوندي هئي، نه فقط سندن مشاهدي جا مهٽيل تجربا هوندا هئا، پر منجهس روحاني روشنيءَ سان سڀ راهون روشن هونديون هيون.“ (ڀٽي ، 1967، ص ، 10 )
هن مضمون ۾ زيب صاحب، ڪن اسڪالرن جا حوالا به ڏنا آهن، ڪن اديبن جي اها راءِ آهي ته، جيڪو ڪلام حضرت قلندر لعل شهباز ڏانهن منسوب ڪيو ويو آهي، اهو سندس نه آهي، بلڪه شيخ عثمان انصاري جو آهي. تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته، سنڌ تي ڌارين قومن جي ڪاهن جيڪا تباهي مچائي ڏني، تنهن طوفان ۾ ڪيئن روشن ڏيا وسامي ويا. ڦرلٽ جي دؤر ۾ ڪئين خزانه لُٽجي ويا ۽ دٻجي ويا. شهرن جي بربادين ۽ وسندين جي ويرانين ڪري، اسان جي ادب جو سمورو سرمايو ۽ وڏن جو ورثوتباهه ۽ برباد ٿي ويو، اهڙي طرح حضرت قلندر لعل شهباز جي شاعريءَ جو سلسلو به، ڪٿي ڪنهن واقعات جي وات ۾ ويڙهجي ويو هجي، جو چند فارسي شعرن کانسواءِ سندس سارو ڪلام ڪونه ٿو ملي.
جڏهن ته مٿين دليلن مان ثابت ٿيو ته، حضرت قلندر لعل شهباز شاعر ضرور هو پر سندس ڪلام گم ٿيل آهي ۽ چند شعرن جي آڌار تي ٻين شاعرن تتبع ڪيو هجي، تنهن کانسواءِ ڪن شعرن ۾، ” عثمان مروندي “ ”قلندر “ ۽ ” شهباز “ لفظ تخلص طور ڪم آيل آهن. هن ساري مضمون مان معلوم ٿيو ته قلندر شهباز شاعر ڪامل هو، پر سندس ڪلام جي تحقيقات اڃا تحقيق طلب آهي، جيڪو فرض اسان جا محقق ۽ مؤرخ عالم ۽ اديب سرانجام ڏئي سگهن ٿا.”حضرت قلندر لعل شهباز جي تعليم“ ، جي عنوان سان نامور عالم ۽ محقق، مولانا غلام مصطفيٰ دادوي جو مضمون ڏنل آهي، جنهن ۾ هو لکي ٿو ته :
”جڏهن کان الله تعاليٰ هن دنيا کي پيدا ڪري منجهس حضرت آدم خليفو مقرر ڪيو، ان وقت کان وٺي بني آدم جي رهبري ۽ رهنمائي لاءِ وحي جو سلسلو جاري ٿيو. ان وحي جو پهريون مهبط ۽ مخاطب حضرت آدم عليه السلام هو ۽ پويون ۽ آخري حضرت محمّد رسول الله صليٰ الله عليه وسلم هو. ان ڪري ئي حضرت محمّد رسول الله صلي الله عليه وسلم فرمايو آهي ته: ”علماء امتي کانبياء بني اسرائيل“ يعني، منهنجي امت جا علماء بني اسرائيل جي نبين جهڙا آهن. هن مان اها ڳالهه معلوم ٿي ته ، هن امت جي اصلاح ۽ سڌاري لاءِ، رسول الله جو فرض علماء ۽ اولياء کي سپرد ڪيو ويو آهي. اسانجي سنڌ جي لعل شهباز قلندررح کي به، انهي ئي فرض سرانجام ڏيڻ لاءِ مروند جي شهر کي الودع ڪري، سيوهڻ ۾ سڪونت اختيار ڪرڻي پئي، جتي ڪفرستان هو ۽ جيڪو گناهن جو مرڪز هو، حضرت شهباز قلندر، هڪ وڏو ماهر لسانيات، عالم فاضل ۽ صاحب حال ۽ قال هو. تنهن هن سرزمين ۾ توحيد جو درس ڏنو، گمراهه انسانيت جي رهنمائي ۽ رهبري ڪئي ۽ ڪفر ۽ شرڪ جي پاڙ پٽي.“ (دادوي ، 1972ع ، ص ، 14)
مطلب ته حضرت قلندر لعل شهباز سيوهڻ ۾ اچي، راهه راست تان ڀٽڪيل انسانن کي پنهنجي حقيقي مالڪ کي سڃاڻڻ ۽ سندن ڪٽيل قلبن کي اسلام جي تعليم سان روشن ڪري، ظلم جي پاڙ پٽڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه مقصد نه هو، ڇاڪاڻ ته قلندر لعل شهباز سيوهڻ ۾ اچڻ شرط، ڪنهن به طاقت جي پرواهه نه ڪندي ڪرامتن جو اظهار ڪرڻ ۽ کليءَ طرح اسلامي تبليغ ڪري، هتان جي ماڻهن جي دلين تي وڏو اثر ڪيو، جنهن ڪري سڀ سندن بزرگيءَجا قائل ٿي ويا، ڪيترن سندن عملي زندگي ۽ محبت مان فيض حاصل ڪري پنهنجون مرده دليون جيئاري، پنهجي تاريڪ زندگي روشن ڪئي، انهن مان ڪيترا صاحب ڪرامت بنيا ته ڪي پرهيزگار ۽ زاهد و تقويَ جا مالڪ بنيا ته ڪن وري پنهنجي اڳ ڪيل خطائن جي معافي وٺي، پنهنجي زندگي سنواري ۽ بارگاهه رب العزت ۾ عاجزي ڪري، پنهنجاٻئي جهان موچارا ڪري، ابدي آرام حاصل ڪيو،يعني حق آيو ۽ باطل مٽجي ويو.
هن ڪتاب ۾، هڪ مضمون بعنوان “ڌمال” محمد علي دائودپوٽو جو ڏنل آهي، جنهن۾ هن ڌمال تي روشني وجهندي هن طرح لکيو آهيِ:
”قلندر لعل شهباز جي ميلي جي ريتن رواجن ۽ رسمن مان، ”ڌمال“ پڻ هڪ متبرڪ رسم آهي، جا ميلي جي ٽنهي ڏينهن تي درگاهه جي عَلَم هيٺان، صبح جو فجر نماز کانپوءِ، پهرين ڏينهن سوا پهر، ٻئي ڏينهن ڏيڍ پهر ۽ ٽئين ڏينهن ٻن پهرن تائين لڳندي آهي.“
پاڻ ڌمال لفظ جي حوالي سان وڌيڪ لکن ٿا ته، ”ڌمال کي ايڏي اهميت ڇو ڏني وئي،اهو انهيءَ لاءِ ته ”ڌمال“ ، لفظ دم. آل جو مرڪب آهي، جنهن جو مطلب آهي ”دم“ يعني ”ساهه“ مٿي ۽ هيٺ کڻڻ، دراصل هي سهروردي طريقي جو ذڪر آهي، جو منصور حلاج ۽ مولانا رومي کان ساز ۽ سماع سان شروع ٿيو.“ (دائود پوٽو، 1972ع، ص 17، 18)
لفظ ”ڌمال“ جي حوالي سان ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي هن طرح لکي ٿو: ”ڌمال هندي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”ٽپ ۽ ڪڏ ڏيڻ“ شور و غل ڪرڻ، هي لفظ ڌمال مان ورتو ويو آهي، ڌمال هڪ سرتار جو نالو آهي، جنهن ۾ چوڏهن ماترائون آهن، هي سرتار هندي هوليءَ جي ڏڻ تي وڄائيندا آهن.“ (ميمڻ، 2007، ص: 186)
اهڙي نموني ڪتاب گلزار قلندر ۾، محمد پريل سيوهاڻي لکيو آهي ته :” ڌمال جو صحيح لفظ آهي دم+ آل= يعني دم گهٽي الله پاڪ جو قلبي ذڪر ڪرڻ، مگر ان جي صحيح مقصد ۽ صحيح نالي کي بگاڙي ”ڌمال“ سڏيو پيو وڃي. جو وري هندي ٻوليءَ جو لفظ بنجي پيو، جنهن جي وري معنيٰ آهي ٽپ، ڪڏ، شور و غل، فقيرن جو ڪڏڻ، راڳ جو قسم وغيره.“ (سيوهاڻي، 1972ع، ص 203)
مطلب ته ميلي جا ٽئي ڏينهن، روزانو ڏينهن رات، هزارين عقيدتمند هر گهٽي، چونڪ ۽ صحن ۾ وڏن دهلن جي وڄت تي ڌمالون مست، مست جا نعرا هڻندا، شاندار وڏا چادرن جا جلوس ڪڍي، نچندا ڪڏندا آهن، جن ۾ ننڍا ٻار، عورتون، جوان توڙي ضعيف عمر وارا ماڻهو به شامل هوندا آهن، ڌمال جي مستي ۽ جنون ۾ اچي، پنهنجي حال کان بي خبر بنجي اچي درگاهه تي حاضري ڏين ٿا. اهي منظر ڏسي دل کي اهو مڃڻو پوندو آهي، ته هن سجاڳيءَ ۽ جديد دؤر ۾ به ڌمال جي سرود جا عام ماڻهو قائل آهن ۽ قلندر لعل سان سندن ڪيڏي نه حقيقي عقيدتمندي آهي. ڪتاب ۾ نثر واري حصي ۾ آخري مضمون، غلام حيدر سولنگي سيوهاڻي جو بعنوان، “لعل ڪنوار” ڏنل آهي، جنهن ۾ قديم روايتن تي هڪ ڪهاڻي طور پيش ڪيل آهي.
مثال طور: ”ڪملا، جيڪا هتي جي ڪمارين جو نڪ هئي، اها هميشه وانگر هار سينگار ڪيو پنهنجي ماڙي تي بيٺي هئي، هن ڪئين ڪنڌر ڪُهي ڇڏيا، تنهن ڪري سرسي ڪيل ملهه وانگر ميدان ڪيو بيٺي هئي. هڪ ڏينهن هڪ حسين اجنبي جوان جي ڪنن ۾ دُر (ڪنن ۾ پائڻ جو هڪ ڳهه) پيل هئا، کيس ڳاڙهو لانگوٽوٻڌل هو، هو بلڪل بي نياز ٿيو، هن بستيءَ جو سير سفر ڪرڻ لڳو، ڪملا جي نظر جڏهن نانگي تي پئي، تڏهن مومل وانگر مت وڃائي ويٺي، سندس جادو وارو محل ڊهي پيو، ڪملا پوتي ڳچيءَ ۾ وجهي ڊوڙي اچي سندس قدمن ۾ ڪري، اکيون قدمن تي رکي زار زار روئي رهي هئي، حضرت قلندر لعل شهباز جون نظرون آسمان ۾کُتل هيون، هو مالڪ سان مخاطب هو، ”مالڪ! تو انسانن کي ته پنهنجي عبادت لاءِ پيدا ڪيو، کين اشرف المخلوقات جو لقب عطا ڪيو، هنن کي گهرجي هو توسان پيار ڪن، پر هو گمراهه ٿي، توکي وساري ويٺا آهن، کين روشن راهه ڏيکار. ڪملا جي ڳوڙهن سان، سندس قدم پسي پيا هئا. هندن جا ميڙ اچي مڙيا، : شهباز سائين ڪملا کي مٿي تي هٿ رکي چيو، ”مائي خدا تنهنجو ست سلامت رکندو.“ پوءِ سندس مٽن کي هدايت ڪيائين ته، ڪملا کي باهه حرام آهي، تنهن ڪري سندس وفات تي کيس دفنايو وڃي. ڪملا جي زندگيءَ ۾ وڏي تبديلي اچي وئي، ان ڏينهن کان پاڪائيءَ واري زندگي گذارڻ لڳي. ماڻهو کيس ”لعل ڪنوار“ ڪري ڪوٺيندا هئا.“ (سولنگي، 1972ع، ص: 23)
مختلف ڪتابن ۾ سيوهڻ جي کڏ محلا جي ”قانوگن“ محلا جيڪو هندن جو خاص محلو هوندو هو، ان محلي ۾ هندن بابت مختلف روايتون ملن ٿيون، سولنگي صاحب انهن روايتن مطابق، هڪ ڪهاڻي ”لعل ڪنوار“ جي نالي سان لکي آهي. حقيقت ۾ اها ئي پهرين خوش نصيب عورت هئي، جنهن کي قلندر لعل شهباز جي نظر ڪرم نصيب ٿي، جنهن جي طفيل سندس جسم ظاهري طرح باهه ۾ سڙڻ کان بچي ويو،انهيءَ ڪري ان جي قبر لاءِ به اهو چيو ويو ته، اها لعل سائينءَ جي ڪنوار جي قبر آهي.
هن ڪتاب جو ٻيو حصو شاعريءَ تي مشتمل آهي، هن حصي ۾ نامور ارڙهن شاعرن جي شاعري شايع ڪيل آهي. مثلاً: حافظ محمد احسن چنا، عبدالڪريم گدائي، مولانا عبدالله اثر، امداد حسيني، قطب الدين “تاب”، احمد خان آصف، محمد خان مجيدي ۽ استاد بخاري وغيره.
حافظ محمد احسن چنا جو شعر مثال طور: “ستاره منور” قلندر“ جي عنوان سان پيش ڪيل آهي.
”مسيح زمان هت قلندر ٿي آيو،
ڀليل گمراهن لاءِ رهبر ٿي آيو.
طريقو قلندر جو اعليٰ علحدو،
سخي شاهه عثمان سڪندر ٿي آيو.
سدا مست مستي ۾ مست و قلندر،
سڌارڻ لئه ماڻهن جي اظهر ٿي آيو.
جي عاشقن ۽ ”احسن“ ۽ طالب تمامي،
انهن لاءِ دلدار دلبر ٿي آيو.“
(چنا، 1972ع، ص: 26)
چنا صاحب جي مٿئين شعر ۾، حضرت قلندر لعل شهباز جي روحاني تعليم ۽ تبليغ جي حوالي سان معلومات ملي ٿي، ڇو ته پاڻ سيوهڻ ۾ اچي گمراهه ۽ ڀٽڪيل انسانن کي صحيح دڳ لاتو.
اهڙيءَ طرح هن ڪتاب ۾ شامل مواد نه رڳو معلوماتي ۽ بامقصد آهي، جنهن مان هر دؤر جو تحقيق ڪندڙ ۽ عام مطالعو ڪندڙ استفادو حاصل ڪري سگهي ٿو.
حوالا
(1) قاسمي، مولانا، پروفيسر، مقالو، ”علم ۽ عرفان جو آفتاب“، ”سيوهاڻي بادشاهه“، مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، قلندر شهباز اڪيڊمي، سال 1972ع، ص: 1.
(2) ڀٽي، زيب، پروفيسر: مضمون، ”قلندر جي شعر جي تحقيق“ ”سيوهاڻي بادشاهه“، مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، قلندر شهباز، اڪيڊمي، سال 1972ع، ص: 10
(3) دادوي، غلام مصطفيٰ، مولانا: مضمون، ”حضرت قلندر شهباز جي تعليم“، ”سيوهاڻي بادشاهه“، مرتب: پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، قلندر شهباز اڪيڊمي، 1972ع، ص: 14.
(4) دائودپوٽو، محمد علي: مضمون، ”ڌمال“ ”سيوهاڻي بادشاهه“، مرتب: پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد، قلندر شهباز، اڪيڊمي، سال، 1972ع، ص: 18، 17.
(5) ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر: ”سوانح، حضرت قلندر لعل شهبازرح“، ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن، سال 2007ع، ص: 186.
(6) سيوهاڻي، محمد، پريل، سولنگي: ”گلزار قلندر“، حيدرآباد، قلندر شهباز، اڪيڊمي، سال 1972ع، ص: 203.
(7) سولنگي، غلام، حيدر، سيوهاڻي: مضمون، ”لعل ڪنوار“، ”سيوهاڻي بادشاهه“ ، مرتب پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد، قلندر شهباز، اڪيڊمي، سال، 1972ع، ص: 23.
(8) چنا، حافظ، محمد احسن، نظم، ”ستاره منور قلندر“، ”سيوهاڻي بادشاهه“، مرتب: پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، قلندر شهباز اڪيڊمي، سال1972ع، ص: 26.
(xiii) ضياءُ الشهباز،”,English Book: “Zia-u-Sh-Shahbaz
هيءُ ڪتاب، ”ضياءُ الشهباز“ مرحوم رئيس ضياءُ الدين ايس بلبل جو انگريزي زبان ۾ شايع ڪيل آهي. هن ڪتاب جو مرتب پروفيسر محبوب علي چنا آهي، جنهن قلندر شهباز جي عرس مبارڪ جي موقعي تي، ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1966ع ۾، سنڌ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد ۾ ڇپيو، ۽ قلندر شهباز اڪيڊمي، حيدرآباد جي سيڪريٽري طرفان شايع ڪيو ويو، هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 1972ع ۾ شايع ٿيو.
ڪيترن محققن قلندري فلسفي کي نظر انداز پئي ڪيو آهي، انهي حوالي سان ضياءُ الدين ايس بلبل مهاڳ ۾ لکيو آهي ته:
”قلندر لعل شهباز جي خدمتن ۽ڳالهين کي سمجهڻ لاءِ گهري تحقيق جي ضرورت آهي، سڀ کان اول هن بزرگ جي جلال کي سمجهڻو پوندو، ڪيترن ئي محققن صرف وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود تي ڪم ڪيو آهي ۽ قلندري فلسفي کي هنن مڪمل نظر انداز ڪيو آهي، تنهن ڪري اها ضرورت محسوس ڪئي وئي ته، حضرت قلندر لال شهباز جي باري ۾، انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب شايع ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي گهربل ڄاڻ ملي سگهي ۽ پوءِ ان کي سنڌي ۽ اردو ۾ ترجمو ڪري شايع ڪرائجي .“ (بلبل ، 1966ع، ص، 11)
اهڙيءَ طرح هن ڪتاب جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته، قلندر لعل شهباز جي زندگي جي مختلف پهلوئن جي حوالي سان، هن ڪتاب کي انگريزي زبان ۾ ان ڪري لکيو ويو ته، جيئن اهي ماڻهو جيڪي سنڌي ۽ اردو نه ٿا سمجهي سگهن، اهي به قلندر لعل شهباز جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪري سگهن. هن ڪتاب ۾ رئيس ضياءُالدين ايس بلبل جي مختصر سوانح حيات، مرتب طرفان ڏني وئي آهي. جنهن ۾ مرحوم ضياءُالدين بلبل جي خوبصورت تصوير به ڏني وئي آهي، سندس مختصر سوانح ۾ ولادت، تربيت ۽ روحاني تعليم جيڪا سندن هڪ عظيم بزرگ مولانا غلام محمد سودهر جن ڪئي، ضياءُالدين بلبل هڪ وڏو مدبر، اديب، صحافي ۽ شاعر به هو، پاڻ ڪيترائي مضمون ۽ مقالا لکيائون، سندس ڪجهه محفوظ ڪتابن جا نالا به ڏنا ويا آهن جيڪي هي آهن.
(1) ديوان ضياءُ (2) مجار بتور ضياء
(3) ضياءُ الشفا (4) ضياءُ الحديث
(5) ام الحڪمت (6) مضامين ضياءُ
(7) ضياءُ الادب (8) راهه نما،
(9) درد ناڪ دوستي (10) عشراء ضياءُ
(11) اڪثر ضياءُ (12) ضياءُ الحج
(13( ضياءُ النجم
اهڙيءَ ريت قلندر شهباز اڪيڊمي ۽ پروفيسر محبوب علي چنا جي ڪوششن ۽ ڪاوشن سان هن ڪتاب کي خوبصورت نموني سان ترتيب ڏيئي قلندر جي شائقين لاءِ شايع ڪرايو ويو ۽ خاص طور تي سنڌي ۽ اردو نه ڄاڻندڙن ۽ لاءِ هي ڪتاب سٺي ڄاڻ مهيا ڪري ٿو.
هن ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ اهو نتيجو حاصل ٿئي ٿو ته، هي سمورو مواد، قلندرانه زندگي ۽ قلندر جي فڪر ۽ فلسفي جي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي، ۽ قلندر لعل شهباز جي وطن، جنم، تعليم، سيروسياحت، قلندري وصفون، شاعري، وفات وغيره جي ڄاڻ ملي ٿي، انگريزي زبان ۾ شايع ٿيل هي ڪتاب، دنيا جي انهن مفڪرن ۽ تحقيق ڪندڙن لاءِ مفيد ثابت ٿيندو، هي ڪتاب غير مسلم ۽ دنيا جي ٻين قومن لاءِ به هڪ بهترين ڄاڻ جو ذريعو آهي.
حوالو
(1) بلبل، ضياءُ الدين، ايس ، ”ضياءُ الشهباز “، مرتب، پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد، قلندر شهباز، اڪيڊمي ، ڇاپو پهريون، سال، 1966ع ، ص ، 11.
*
پروفيسر محبوب علي چنا، بحيثيت سوانح نگار
ڪنهن به ماڻهوءَ جي زندگيءَ جي مختلف پهلوئن تي لکيل، اهڙو داستان جيڪو سندس مڪمل زندگيءَ تي ڦهليل هجي ۽ اهڙي ماڻهوءَ ذريعي لکيو ويو هجي، جنهن کي ان ماڻهوءَ جي شخصيت جي بنيادي ڳالهين جي ڀرپور ڄاڻ هجي ته اهڙي لکيل داستان کي سوانح عمري سڏبو آهي.
پروفيسر محبوب علي چنا جا، سنڌ جي ڪيترن ئي عظيم شخصيتن ۽ صوفي بزرگن، عالمن، اديبن جي سوانح حيات ۽ ڪارنامن تي مقالا ۽ مضمون لکيل ملن ٿا. سندس انهن مقالن ۽ مضمونن ۾ لکيل سوانح عمريون، نه رڳو ادبي لحاظ کان اهميت رکن ٿيون، پر تحقيق ۽ کوجنا جي لحاظ کان به وڏي ڪاوش ۽ محنت جو مثال آهن، انهيءَ مان سندس محنت ۽ همت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، پاڻ جن شخصيتن تي مقالا لکيا اٿن، اهي گهڻو ڪري سنڌ جي نامور رسالن، جهڙوڪ: ”مهراڻ،“ ”نئين زندگي“ ۽ ”الرحيم“ ۾ ملن ٿا. چنا صاحب سنڌ جي ڪيترن ئي عظيم شخصيتن، صوفي بزرگن، عالمن ۽ اديبن جهڙوڪ: ڊاڪٽر محمد اقبال، مخدوم طالب الموليٰ، شاهه شهيد صوفي، ضياءُالدين بلبل، مرڪندڙ مير (سيد ميران محمد شاهه) خواجه محمد زمانرح، سِيَبويه بن اسماعيل القزداري، علي بخش رضا، ابوالقاسم فردوسي طوسي، مخدوم بلاولرح، هالن پراڻن جا ٻه مرحوم بزرگ، (مولانا مولوي حاجي محمد ۽ مولانا احمدرح)، چند گهڙيون – چند يادون (مير سڪندر خان کوسو) ۽ ڊاڪٽر محمد انور شيخ جهڙن عالمن ، بزرگن جي سوانح حيات ۽ ڪارنامن تي مختلف رسالن ۾ مقالا لکيائون، جيڪي سنڌي ادب جي واڌاري ۾ پڻ هڪ بهترين اضافو آهن.
سنڌ سونهاري هر دؤر ۾ اهڙا عظيم انسان پيدا پئي ڪيا آهن، جن دنيا جي ٻين مهذب قومن وانگر علم و ادب، تهذيب و تمدن، دين اسلام، سياسي ۽ سماجي ميدان ۾ سونهري ڪارنامه سرانجام ڏنا آهن، جن معاشري جي مختلف شعبن ۾ قابل تحسين ڪارنامه سرانجام ڏيئي، يادگيرين جا انيڪ داستان ڇڏيا. سندن علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ فني سڳنڌ ۽ سرهاڻ نه رڳو سنڌ ۽ هند پر پوري عالم کي واسي ڇڏيو، انهن مان ڪجهه شخصيتن جي سوانح عمري ۽ سندن يادگيري کي تاريخ جي ورقن ۾ چنا صاحب هميشه لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو.
چوندا آهن ته قومون پنهنجن مشاهيرن سان سڃاتيون وينديون آهن، پنهنجن انهن قومي هيرن کي، وقت بوقت مختلف طريقن سان ياد ڪندا رهون ته جيئن اسانجو نئون نسل به کانئن واقف ٿي سگهي، اهڙيءَ طرح چنا صاحب به ان جذبي تحت، مختلف ناموررسالن ۾ انهن عظيم شخصيتن جي سوانح ۽ مختلف ڪارنامن تي تحقيقي مقالا لکي شايع ڪرايا ته جيئن تحقيق ڪندڙ توڙي عام پڙهندڙ انهن شخصيتن کان واقف ٿي سگهن.
چنا صاحب مٿئين موضوع تي جن شخصيتن تي مقالا لکيا آهن، انهن مان هرهڪ جو تفصيلي ۽ تحقيقي جائزو هيٺ پيش ڪجي ٿو
(i) ڊاڪٽرمحمد اقبال جي ياد
ڊاڪٽر اقبال، پاڪستان جي انهن نامور هستين مان هڪ آهي، جن پاڪستان جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو، آزادي لاءِ تڪليفون سٺيون ۽ برصغير جي ماڻهن ۾ آزادي حاصل ڪرڻ جو روح ڦوڪيو. ڊاڪٽر اقبال، پنجاب صوبي جي شهر سيالڪوٽ سان واسطو رکندڙ هو، پاڻ هڪ سٺو انسان ۽ وڏو شاعر هو، هن پنهنجي شاعريءَ ذريعي، انگريزن کان غلامي ڇڏائڻ ۽ آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ، برصغير جي تحريڪ آزاديءَ جي سڀني رهنمائن جو ساٿ ڏنو، ڊاڪٽر اقبال هڪ اوچي پايي جو مفڪر هو، تنهن ڪري جيڪو سوچيائين، سو بهتر سوچيائين، پروفيسر محبوب علي چنا پنهنجين لکڻين ۾، ڊاڪٽر اقبال جي شخصيت کي به ياد ڪيو آهي ۽ ان تي پڻ هڪ مضمون، بعنوان ”ڊاڪٽر اقبال جي ياد“ لکيو. جيڪو سال 1953ع ۾، ماهوار رسالي ”نئين زندگي“ ۾ شايع ٿيو، پاڻ هن مضمون ۾ اقبال جي اوائلي زندگي متعلق، مختصر طور هن طرح لکيو اٿن:
”علم و ادب جي آسمان جو درخشنده آفتاب، شعر و شاعري جي دنيا جو هڪ انقلاب آڻيندڙ پيغام رسان، شمع آزاديءَ جو سوخته پروانو، عسڪر خودي جو سرخيل 1877ع ۾، سرزمين سيالڪوٽ ۾ تولد ٿيو، جيئن ته سندن خاندان ذهن ۽ ذڪاوت جو گهوارو هو، تيئن ڊاڪٽر اقبال به بي مثال ذهني شاگرد ثابت ٿيو، ابتدائي تعليم جا مرحلا طعي ڪري اقبال ڪاليج جي زندگيءَ ۾ قدم رکيو.ايف - اي سيالڪـــوٽ ۾ پـــڙهيائيـن ۽ بي - اي واسطي لاهور جو سفر پر ثمر اختيار ڪرڻو پيس. اوائلي زندگيءَ ۾ سندس شخصيت تي، شمس العلماءُ سيد مير حسن جو اثر تمام گهرو پيو ۽ هن صاحب پنهنجي لاثاني علمي استعداد جي ذريعي، اقبال کي اهڙي ادبي منزلن مان رهبر بنجي پار لنگهايو، جو مستقبل ۾ ڊاڪٽر اقبال ادبي سلوڪ جي جانگدار، راهه ۾ ڪامل سالڪ ثابت ٿيو. قادر جي قدرت جو گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۾، بي - اي جي تعليم تحصيل ڪندي، پروفيسر آرنولڊ جهڙو رهبر سندس حصهء ۾ آيو، 23 سالن جي ڪمسنيءَ ۾ پاڻ ايم - اي اعزاز و اڪرام سان پاس ڪري اورينٽل ڪاليج لاهور ۾ فلسفه ۽ انگريزيءَ جي پروفيسري جا فرائض سرانجام ڏنائين.“ (چنا، 1953ع، ص، 27)
اقبال جي بيان ڪيل مٿئين احوال مان سندس اوائلي زندگي جي باري ۾ معلومات ملي ٿي، اهو به معلوم ٿئي ٿو ته، پاڻ شاگردي واري زماني ۾ هڪ ذهين ۽ بي مثال شاگرد هو، سندس شخصيت تي قابل استادن جو اثر هو، تڏهن ته ايڏو وڏو انسان ۽ شاعر مشرق ثابت ٿيو.
اقبال جن ملڪن جو سفر ڪيو انهن جو به مختصر احوال چنا صاحب بيان ڪيو آهي.
مثلاً: انگلينڊ جي سفر، جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته:
”پروفيسر آرنولڊ نه رڳو سندس استاد هو، مگر هڪ انيس ۽ همدم پڻ، جڏهن پروفيسر صاحب لاهور مان انگلينڊ روانو ٿيو ته هن صاحب جي فراق جو اثر نونهال اقبال تي ايترو ته گهرو ٿيو، جو ”نال¬ءِ فراق“ نالي نظم لکيو، جيڪو بي قرار جي رستي عوام جي ڪنن تائين پهتو، آخر سندس قسمت جي ستاري مغرب طرف رخ رکيو ۽ پاڻ 1905ع ۾ ولايت روانو ٿيو، ڪيمبرج يونيورسٽي ۾ داخل ٿي، فلسفهءِ اخلاق جو گهرو مطالعو ڪري، ”فلسفهءِ اخلاق“ جي عنوان تي قلم آزمائي ڪري پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. جرمنيءَ وڃي ميونخ يونيورسٽيءَ مان، “فلسفهءِ ايران” جي مضمون تي طبع آزمائي ڪري پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري ورتائين، ان کانپوءِ لنڊن جي پوليٽيڪل اسڪول ۾ داخل ٿي، بيرسٽريءَ جو امتحان پڻ ڏنائين، ڊاڪٽر اقبال، اسلام جي فلسفي تي ڇهه ليڪچر ڏنا، جي سندس اسلام دانيءَ جو ظاهري ثبوت آهن، پاڻ لنڊن يونيورسٽي ۾، پروفيسر آرنولڊ جي جاءِ تي ڪجهه مهينن لاءِ عربيءَ جو پروفيسر به ٿي رهيو.“ (چنا، 1953ع، ص، 28-27).
مٿئين حوالي مان ڊاڪٽر اقبال جي مهربان استاد جي خبر پوي ٿي، جنهن جي فراق اقبال تي ايترو اثر ڪيو جو، هن پنهنجي استاد جي فراق جي حوالي سان هڪ نظم لکيو، ان سان گڏوگڏ، سندس اعليٰ قابليت جي به ڄاڻ ملي ٿي.
اهڙيءَ طرح سندس هن سوانحي مضمون جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته، سندس طبيعت آزاد پسندانه هوندي هئي، تنهنڪري پاڻ سڀني پيشن کي ڇڏي، گوشهءِ عافيت ۾ زندگي گذارڻ لڳو ۽ پڇاڙيءَ تائين پنهنجي درويشانه صفت زندگي بسر ڪرڻ لڳو، جيئن ته سندس شعر و شاعري ڏي رجحان گهڻو رهيو ۽ پاڻ شاعر مشرق طور مشهور ٿيا، سندن شاعريءَ جي ابتدا جي حوالي سان چنا صاحب هن ريت لکي ٿو ته:
”اقبال جي شاعريءَ جو آغاز سندس ڪاليج جي زندگيءَ کان وٺي ٿيو، اول ۾ غزل چوندو هو مگر پوءِ فلسفيانه رنگ سان سندس شعر رنگين ۽ چٽيل نظر آيو، جڏهن شروع ۾ اقبال گورنمينٽ ڪاليج ۾ پروفيسر هو ته هڪ دفعي هڪ وڏي ادبي مجلس منعقد ٿي، اتي وڃي اقبال، “ڪوهه هماليه” جو نظم پيش ڪيو جنهن ٻڌندڙن جون ڏندين آڱريون وجهي ڇڏيون، سندس طبع جي توسن فارسي توڙي اردو ميدان همسر مات ڪيا، پر سندس فارسي ڪلام وڌيڪ پختو باريڪ، لطيف ۽ فلسفيانه آهي، سندس فارسي شعر جي لياقت ۽ خدا داد قابليت ڪري هي صاحب شهره عالم ٿيو.“ (چنا، 1953ع، ص، 28).
حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته، پاڻ شاعريءَ جي شروعات ڪاليج جي زندگي کان ڪئي، اها به خبر پوي ٿي ته، پهريان ئي غزل چوندو هو، سندس فارسي ۽ اردو ڪلام وڌيڪ پختو هو، تڏهن ته فارسي ڪلام جي لياقت ۽ قابليت ڪري هي صاحب شهره عالم ٿيو. اهڙيءَ طرح سندس ڪن تصنيفن جو به ذڪر ڪيل آهي، مثلاً: اردو ۾ سندس تصنيفون هي آهن:
بانگدار، بال جبريل، ضرب ڪليم، ۽ فارسي زبان ۾، پيام مشرق، اسرار خودي، رموز بيخودي، زبور عجم، ارمغان حجاز، مسافر ۽ جاويد نامه وغيره، سندس تصنيف جاويد نامه جي شهرت جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته:
”سر محمد اقبال جي شهرت، سندس فارسي شعر تي مشتمل آهي، جيئن ملٽن شاعر جو نالو ”پئراڊائيز لاسٽ“ ڪري مشهور آهي، تيئن ڊاڪٽر اقبال جو نالو ادبي دنيا ۾، ”جاويد نامه“ ڪري روز روشن وانگر نمايان آهي، پاڻ خود جاويد نامه لاءِ فرمايو اٿس:
”آنچھ گفتم از جھانے دیگر است،
این کتاب از آسمانے ديگر است“
(چنا، 1953ع، ص، 28)
ڊاڪٽر اقبال فارسي ڪلام جي ڪري ايترو ته مشهور هو، جو چنا صاحب سندس شاعرانه ڀيٽ، انگريز شاعر ملٽن سان ڪئي آهي، سندس شعر جي خوبين جي حوالي سان چنا صاحب هن طرح لکيو آهي ته:
”ڊاڪٽر اقبال جو شعر خوديءَ جي وهندڙ شفاف پاڻيءَ جو سرچشمو، حريت جو عميق بحر، فلسفي جو لڪل خزانو، تصوف جي کاڻ ۽ آگاهيءَ جو انسائيڪلو پيڊيا (دائرالمعارف) آهي، جنهن مان هر ڪنهن شرف جو طالب اهي، لافنا در عدن لهندو جي سندس تاريڪ حيات لاءِ مشعل راهه بنبا.
مثال لاءِ چند شعر هيٺ ڏجن ٿا:
مثلاً: اقبال – خودي، ۽ عشق جو خزينو،
”خودی نے مجھ کو عطا کی نظر حکیمانھ،
سکھائی عشق نے مجھ کو حدیث – رندانھ“
اقبال – بے تراش قلندر
“بيا بمجلس اقبال يک دو ساغر کش
اگرچھ سر نتراشد قلندري داند”
(چنا، 1953ع، ص، 29)
سندس مٿين شعرن مان، فلسفي ۽ تصوف جي کاڻ نظر اچي ٿي.
اهڙيءَ طرح چنا صاحب هن مضمون ۾، سندس اوائلي زندگي، انگلينڊ جو سفر، سندس شاعري جي ابتدا، سندس تصنيفون ۽ سندس شعرن متعلق نهايت مفصل طور روشني وڌي آهي، هي مضمون، خاص طور پاڪستان جي هر باشعور فرد توڙي نئين نسل لاءِ بهترين، معلوماتي مواد ثابت ٿئي ٿو.
حوالا
چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون، ”اقبال جي ياد“، ماهوار رسالو، ”نئين زندگي“، جلد 6، نمبر 4، ايڊيٽر، عبدالواحد سنڌي، ڪراچي، پاڪستان، پبليڪيشن اپريل، 1953ع، ص، 27.
حوالو ساڳيو- ص، 28، 27.
حوالو ساڳيو- ص، 28.
حوالو ساڳيو- ص، 28.
حوالو ساڳيو- ص، 29.
*
(i) طالب الموليٰ سائين جي سوانح حيات ۽ شعر و شاعري
سنڌ ڌرتيءَ ڪيترائي دانشور، محقق، عالم ۽ فاضل، مفڪر، شاعر ۽ اديب پيدا ڪيا آهن جن سنڌ جي خوشحالي، عوام جي ڀلائي ۽ انهن جي ڏکن سکن لاءِ هميشه پاڻ پئي پتوڙيو آهي، اهڙين شخصيتن ۾، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو نالو به وڏي ادب ۽ احترام سان ورتو ويندو آهي. مخدوم صاحب سنڌي ادب جو اهو سرجڻهار، سچو انسان هو، جنهن نور نچوڙي سنڌي ادب، ثقافت ۽ ڪلا کيتر ۾ نوان سج اڀاريا ۽ ان روشن مينار ڪيترن ئي عالمن، ساهتڪارن، محققن، علمي ادبي ادارن کي منور ڪيو، مخدوم صاحب هڪ ئي وقت بيشمار خوبين جو مالڪ هو، سندس اهڙين لا تعداد خوبين کي ڏسي، سنڌ جي عالم، اديب ۽ تعليمي ماهر، پروفيسر محبوب علي چنا سندن شخصيت توڙي علمي، ادبي، سياسي، سماجي خدمتن ۽ ڪاوشن کان متاثر ٿي، سندس شاعريءَ کي گڏ ڪري، سنواري، سينگاري، هڪ ادبي گلدستو تيار ڪري، سنڌي ادب جي ميدان ۾، ”ڪچڪول طالب الموليٰ“ جي نالي سان نمودار ڪيو ۽ پاڻ انجا مؤلف رهيا، مذڪوره ڪتاب، بزم سروري سنڌي سروري اسلاميه ڪاليج هالا سنڌ پاران، سال 1955ع ۾، شايع ڪيو ويو. هن ڪتاب ۾ مؤلف پاران جيڪو مقدمو پيش ڪيل آهي، ان مقدمي ۾ مخدوم طالب الموليٰ جي سوانح حيات ۽ شعر و شاعري جي باري ۾ تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آهي.
مخدوم صاحب جي هن سوانح حيات ۾ چنا صاحب سندن ولادت خاندان، اوائلي اوسٿا، درس و تدريس سير و سياحت،سجاده نشيني، روزانه معمول سندن اولاد، عادات و فضائل، دلچسپيون، مطالعو، شاعري، تخلص، مطلوبي محفل جي مڻيا، شڪار، موسيقي، والي بال راند، طالب الموليٰ ڪلب سير و تفريح، شعر و شاعري، سندن ڪلام جا رجحان، پاڻ سڃاڻڻ، معاشره جو اثر، قوم ۽ وطن جي حب ۽ فلسفانه رفعت ورواني جي موضوعن تي تفصيلي ذڪر ڪيو آهي.
پروفيسر چنا صاحب، مخدوم صاحب جي ولادت جي حوالي سان لکيو آهي ته:” محرم الحرام، 1338هه بمطابق، 26 سيپٽمبر 1919ع، جي نيڪ شگون ڏينهن، منجهند بعد طالب الموليٰ سائين هن عالم ناسوت ۾ نواسي ٿيا. سندن عموي صاحب، مرحوم مخدوم مولوي غلام حيدر جن آذان ڏئي نالو ”محمد زمان“ رکيو.“ (چنا، 1955ع، ص، 31)
سندن ولادت جي تاريخ ۾ فرق ڏيکاريو ويو آهي، چنا صاحب 26 سيپٽمبر ڄاڻائي آهي، پر جيئن ته حوالن ۽ واڌارن مان معلوم ٿئي ٿو ته، سندن ولادت جي تاريخ 4 آڪٽوبر آهي، هيءَ تصحيح ۽ تحقيق پاڻ خود ڪرڻ فرمائي هئائون، ڪن ٻين اديبن به سندن ولادت جي تاريخ 4 آڪٽوبر ڄاڻائي آهي، جيڪا صحيح آهي.
چنا صاحب، اسلامي مهينو محرم الحرام ته ڄاڻايو آهي، پر اسلامي تاريخ نه ڄاڻائي اٿس. ڪن ڪتابن ۾، سندن اسلامي تاريخ 9 محرم الحرام ڄاڻايل آهي، بهرحال هالا جي هن عظيم هستيءَ، مخدوم غلام محمد صاحب عرف گلڻ ڄام، قريشي، صديقي جي گهر ۾ جنم ورتو.
اهڙيءَ طرح پاڻ خليفهء اول حضرت ابوبڪر صديق رحه جن جي اولاد بابرڪت مان آهن، ان ڪري پاڻ صديقي ۽ قريشي آهن، سندن خاندان جي بزرگن مان، غوث الحق مخدوم نوح سروررح جن ٿي گذريا آهن، اهڙيءَ طرح وقت بوقت سندن خاندان مان ڪيتريون بزرگ هستيون جنم وٺنديون رهيون آهن، سندن اوائلي اوسٿا جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته:
”طالب الموليٰ سائين جن ڄمندي ڄام هئا، تولد ٿيڻ بعد دستوري طرح به روڄ راڙو ڪونه ڪيائون ۽ پنهنجي والد محترم ڏي رخ ڪيائون، جو نيڪ فال سمجهيو ويندو آهي.“ (چنا، 1955ع، ص، 37)
مطلب ته ننڍپڻ ۾، سندن طبيعت بالڪل غريب ۽ شدت کان خالي هئي، کلڻ به گهٽ هوندو هو ته روئڻ به گهٽ، گويا صحيح فقيراڻي طبع جا مالڪ هئا، ننڍپڻ کان ئي پاڻ تمام ذهين، بااخلاق هوندا هئا، سندن تي تعليم، تربيت ۽ صحبت جو باهمي اثر رهيو، سندن درس و تدريس جي حوالي سان چنا صاحب هن ريت لکيو آهي ته:
”طالب الموليٰ سائين جي طبع عالي تي، تعليم خواه تربيت خواه صحبت جو باهمي اثر رهيو. جيڪڏهن هڪ طرف سندن جد امجد سائين پرو ڄام صاحب، شريعت جي شفقت فرمائي هجي، ٻئي طرف سندن والد محترم جي فقيراڻي نظر هجي، ٽئي طرف سندن عموي صاحب مولوي مخدوم غلام حيدر سائين جي ڪفالت هجي ته اهڙي تربيت تام جي نتيجي کان هرڪو ذي فهم مخفي نه هوندو. پاڻ قرآن شريف جو درس انهن ڏينهن جي معروف عالم حافظ ولي محمد صاحب، مجاور درگاهه شريف کان ورتو جو نه رڳو ساءِ پروڄام جي سڀني سوٽن جو استاد هو، پر ساءِ گلڻ ڄام خواه سندن سڀني ڀائرن جو به استاد هو. سنڌيءَ جو سبق ٻن صاحبن کان سکيو ويو. انهن مان هڪ مرحوم ماستر حاجي عبدالغفور وڪيلاڻي ۽ ٻيو آخوند حاجي عبدالرحمان صاحب هئا. فارسيءَ جي فرهي پهرين مرحوم مولوي مخدوم غلام حيدر سائين جن وٽ پڙهي ويئي، ان بعد مولوي عبدالحئي صاحب ٺيڙهي واري وٽ ۽ مولوي محمد عالم ڊڀري واري وٽ زير مطالع آئي. انگريزي جي تعليم مسٽر غلام رضا ڀٽو کان ورتائون، ليڪن استاد کي سندن والد قابل اطمينان نه سمجهيو، ته پاڻ پڙهائڻ شروع ڪيائون.“ (چنا، 1955ع، ص، 38)
مٿئين بيان مان سندن تربيت ۽ صحبت جي متعلق ڄاڻ ملي ٿي، جن ۾ ٽن شخصيتن جو وڏو هٿ رهيو، هڪ شخصيت، سندن شريعت ۽ مذهبي تربيت ڪئي، ٻي شخصيت، سندن فقيراڻي تربيت ڪئي، ته وري ٽين شخصيت، سندن ڪفالت جي تربيت ڪئي، ان کان علاوه سندن استادن جي باري ۾ به معلومات ملي ٿي، جن وٽ پاڻ تعليم ۽ تربيت حاصل ڪيائون، سندن هن سوانحي تذڪري مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته، پاڻ پهرين شادي اچ شريف، تعلقو ٽنڊو باگو وارن پيرن مان، سترنهن سالن جي عمر ۾ ڪئي، پر ڪجهه سالن کانپوءِ انهيءَ گهرواري راهه رباني اختيار ڪئي، سندن پهرين گهرواري مان، درگاهه مخدوم نوحرح جن جو موجوده درگاهه نشين، مخدوم امين فهيم نشاني آهن، ان کانپوءِ سندن ٻي شادي مولانا فضل احمد غزنوي حيدرآباد وارو، جن وٽان ڪيائون، جن مان کين ڪيترا فرزند پيدا ٿيا.
مخدوم صاحب ڪيترن شهرن ۽ ملڪن جا سير به ڪيا، سندن سير و سياحت جي حوالي سان چنا صاحب لکي ٿو ته:” پهريان اٽڪل 17-16 سال وطن ۾ ئي گذاريائون، ان بعد کين ڪجهه سير و سياحت جو موقعو مليو ان دوران ۾ کين ڪوئٽه، ڀاڳناڙي، بهاولپور رياست، حيدرآباد کان اجمير تائين ڏسڻ جو موقعو مليو، ان بعد عراق جو سفر پر ثمر به نصيب ٿين.“ (چنا، 1955ع، ص، 41)
مٿئين حوالي مان، سندن سير سفر جي ته خبر پوي ٿي، پر ملڪن، شهرن جي به ڄاڻ ملي ٿي، جن جو پاڻ سير و سياحت ڪيائون. سندن والد جي وفات کانپوءِ، حضرت مخدوم نوح جي نولکي گودڙي جي سترنهين نمبر تي وارث ٿيا. سندن سجاده نشيني جي حوالي سان چنا صاحب هن طرح لکي ٿو ته:
”پاڻ غوث الحق مخدوم نوحرح جي درگاهه جي سجاده نشيني تي فائز ٿيا ۽ تمام ڳرو بار سندن مطلوبي ڪلهن تي آيو، پاڻ وڏي تحمل، حلم ۽ بردباري سان هن جبل جيڏي جوابداري چشمن تي چائي خنده پيشانيءَ سان منهن ڏنو.“ (چنا، 1955ع، ص، 41)
پاڻ ننڍپڻ کان ئي هڪ ته سلڇڻا ۽ ذهين هئا، ٻيو ته سندن استادن به تربيت اهڙي ڪئي جو پاڻ ايڏي ذميداري، پيار، محبت ۽ همت سان قبولي، ۽ پنهنجي سموري حياتيءَ تائين تمام بهترين طريقي سان اها ذميداري سنڀالي. اهڙي طرح سندن روزانه جا معمول به ڪيترا بيان ڪيل آهن، مثلاً: فجر نماز کان اڳ اٿڻ، اڪثر فجر نماز ادا ڪرڻ، ڪچهريون ڪرڻ، فيصلا ڪرڻ، مطالع ڪرڻ ۽ والي بال راند ڪرڻ وغيره شامل آهن.
سندن اولاد بابت، جيئن ته مٿي بيان ٿي چڪو آهي، پر سندن پهرين گهر واريءَ جي نشاني، مخدوم محمد امين فهيم جي حوالي سان، چنا صاحب هن طرح لکيو آهي ته: ”پهرين گهرواري مان کين هڪ فرزند بنام ميان محمد امين عرف ڏاڏا سائين تخلص به ”امين“ 17 جماد الثاني 1385هه بروز جمعه مطابق 4 آگسٽ 1939ع ۾ تولد ٿيا، کين ڏاڏا سائين هن ڪري سڏيو وڃي ٿو جو سائين پکن ڌڻيءَ جو نالو سندن مٿان آهي، پاڻ طالب الموليٰ سائين جي محبت جو مرڪز رهيا آهن، اپريل 1949ع ۾ ”رباعيات طالب“ جو انتساب پنهنجي هن صاحبزادي جي نالي هيٺئين ريت ڪيو اٿن:
مثال طور:
”منسوب هي اشعارآءُ توسان ڪريان ٿو تون،
تن تي محمد امين شل هوندين ڪمر بند،
جو طالب الموليٰ کي آهي علم عطا ٿيو،
الله ڪري تنهنجي به سيني ۾ اهو بند.“
(چنا، 1955ع، ص، 43)
مٿئين حوالي مان خبر پوي ٿي ته، مخدوم طالب الموليٰ سائينءَ پنهنجي هن فرزند کي ايڏو ته پيار ۽ محبت ڏنائون جو ننڍڙي امين سائين کي ڪڏهن به ماءُ جي ڪمي محسوس ٿيڻ نه ڏنائون، ٻيو ته گهر جا به سڀئي وڏا امين سائين سان محبت ڪندا هئا، ۽ پيار مان ڏاڏا سائين پڪاريندا آهن. ايتريقدر جو مخدوم طالب الموليٰ سائين پنهنجي رباعين جو انتساب به پنهنجي پٽ امين جي نالي منسوب ڪيائون، سندن شخصيت تي پنهنجي پيءُ جي شفقت، محبت، پيار ۽ تربيت جو اهڙو ئي اثر ٿيو، جهڙو مخدوم طالب الموليٰ جي شخصيت تي پنهنجن بزرگن جو ٿيو، مخدوم امين سائين، پنهنجي پيءُ وانگر شاعر ابن شاعر آهن، ۽ سياسي، سماجي ۽ ادبي حوالي سان به پنهنجو مٽ پاڻ آهن، جيڪي خوبيون سندن والد مرحوم ۾ هيون، اهي ئي خوبيون سندن ۾ هوبهو نظر اچن ٿيون. هن تذڪري ۾، مخدوم طالب الموليٰ جي شخصيت جي ڪيترين ئي خوبين جو ذڪر ڪيو ويو آهي، مثلاً: فخر، هٺ، وڏائي، تڪبر کان بلڪل دور رهندا هئا، وٽن ادب، حياءُ، فضيلت، لحاظ، صبر و تحمل، غريبن، محتاجن ۽ مظلومن جي همدردي ۽ مهمانوازي جا اڻ کٽ خزانا هوندا هئا. انصاف حق پرستي دشمن نوازي، غريب توڙي تونگر لاءِ هڪڙي نظر هوندي هين. هن سوانح مان وڌيڪ اها به خبر پوي ٿي ته، سندن زندگي جو خاص مقصد خدمت خلق هوندو هو، ۽ ان خدمت کي عين عبادت جي درجي تي سمجهندو هو، جيئن پاڻ هڪ شعر ۾ چوي ٿو ته:
”اگر خدمت ڪرڻ جي ناهه طاقت طالب الموليٰ،
ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.“
سندن خدمتن ۾ فيصلا ڪرڻ، فرياد اونائڻ، غريبن ۽ بي پهچن جون هر طرح مدد ڪرڻ شامل هيون.اهڙيءَ طرح هي تذڪرو، مخدوم صاحب جن جي ذهني لاڙن، شغل، شوق ۽ اٿي ويٺي جو آئينه دار پڻ آهي.سندن دلچسپين جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته: ”مخدوم صاحب جن جون مکيه دلچسپيون هي آهن، هڪ مطالعو، ٻيو شاعري، ٽيون شڪار، چوٿون موسيقي، پنجون والي بال راند ۽ ڇهون سير ۽ تفريح“ (چنا، 1955ع، ص، 46)
مخدوم صاحب جن مطالعي ۽ شاعريءَ جو شوق ته سڄي عمر قائم رکيو، پر شڪار ۽ والي بال راند تان سندن روح ڪجهه عرصي کان پوءِ کڄي ويو، البت موسيقي ۽ سير و تفريح ۾ ڪافي عرصو سندن دلچسپي قا.ئم رهي.
مخدوم طالب الموليٰ سائين جن کي ننڍي هوندي کان ئي، شاعري ۽ راڳ جو شوق هوندو هو، جيڪڏهن طالب الموليٰ سائين جي خاندان ۽ ماحول تي نظر وجهبي ته اهو ظاهر ٿيندو ته پاڻ ۽ شاعري لازم ملزوم آهن، پاڻ شاعر ابن شاعر هئا، ازانسواءِ سندن پڙ ڏاڏو، سائين پکن ڌڻي شعر جو شاهه ٿي گّذريو آهي سندن شاعريءَ جي شوق جي حوالي سان، چنا صاحب هن ريت لکيو آهي:
”ڏهن سالن جي عمر هين ته پاڻ ناري طرف مريدن جي سفر تي ويا هئا، اتي کين منٺار فقير راڄڙ سان ميل جول جا گهڻا موقعا مليا، جو سندن حاضري ۾ رهندو هو، هن جي ته طبع هئي کليل، سو روزانو رات جو هڪ ڏهر ٺاهي، طالب الموليٰ سائين کي هر صبح جو ٻڌائيندو هو. کين هن تي تپرس لڳو ۽ شعور جو اسپ ميدان تخيل ۾ تيزيءَ سان ڊوڙڻ لڳو، وري جو ويتر مختلف شعر جي ڪلامن جو مطالعو ٿيو خصوصاً سائين پکن ڌڻيءَ جي روحاني ڪلام جو، تنهن اها آرزو دل ۾ پيدا ڪين ته، ”مان شاعر ٿيان“ هن آرزوءَ جي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهيا. ڏينهن ويا گذرندا. سال کن به پورو ٿي ويو، باز جي شڪار جو پروگرام هو ته اتي في البديعه هي شعر دل تي تري آين ته:
”يا الاهي يار مون ايندو ڪڏهن
درد دل جو دور هي ٿيندو ڪڏهن.“
(چنا، 1955ع، ص، 48)
مٿئين بيان مان خبر پوي ٿي ته، سندن خاندان کي ته شاعري ورثي ۾ مليل آهي. جو سندن وڏا به شاعر هئڻ جو درجو رکندا هئا. اهو سلسلو نسل در نسل هلندو رهي ٿو. جو اڄ ڏينهن تائين به جاري آهي، ان کان علاوه اها به خبر پوي ٿي ته، پاڻ ”باز جي شڪار“ دوران شاعر بنيا، ۽ سندن چيل پهرين شعر جي خبر پوي ٿي.
مخدوم طالب الموليٰ شاعري ۾، مختلف تخلص استعمال ڪندا رهيا جهڙوڪ ”بيوس“، پوءِ ”فراقي“، ”محمد زمان“، ”طالب” ۽ آخر ۾ ”طالب الموليٰ“ .
هن تذڪري مان معلوم ٿئي ٿو ته، ان دؤر ۾، محمد صديق مسافر ٽنڊو باگو وارو اڪثر هالا ۾ ايندو هو، جنهن سان مخدوم صاحب جن جون شاعري بابت رهاڻيون ٿينديون هيون، ان کان علاوه ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، حافظ محمد احسن چنا، الهه بخش عقيلي، اسد الله شاهه بيخود، محمد خان غني، احمد خان آصف، جمع خان غريب، منصور ويراڳي، انور هالائي وغيره، جن سان وقت بوقت شاعريءَ بابت رهاڻيون ۽ بحث مباحثا ٿيندا رهندا هئا، مٿيان شاعر سندس مطلوبي محفل جا مڻيا هوندا هئا.
مخدوم طالب الموليٰ شاعريءَ سان گڏ، موسيقي جو به مشتاق هو، پاڻ موسيقي جو به وڏو ماهر هو، جو پاڻ راڳ ۾ جان جو وڏو ڌاڪو مچائي ڇڏيو، پاڻ تمام بهترين ڳائيءَ به ويندا هئا، سندن هن تذڪري مان معلوم ٿئي ٿو ته، پاڻ مشهور ڪلاڪار سينڌو خان کان، موسيقي جي ڄاڻ به حاصل ڪيائون.
سندن شعر و شاعري جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته:”پاڻ شاعريءَ جي هر ڪنهن نوع تي طبع آزمائي ڪئي اٿن، موزون ڪلام ۾ جن انواع تي طبع آزمائي ڪئي اٿن سي هي آهن: غزل، قطعه، رباعي، فرد، مثنوي، مخمس، مسدس، مثمن، مستزاد ۽ ڳجهارت. ٻين سڀني صنفن سان قارئين ڪرام ضرور روشناس هوندا، تنهن ڪري هت فقط ڳجهارت جو ذڪر ڪجي ٿو. ٻهراڙين جي ٻهڳڻن کي خبر آهي ته ڳجهارت ڪيئن ڏجي يا ان کي ڪيئن ڦولجي وغيره.
مثال طور: ڏيڻي
”حاڪماڻي ڪر سڄڻ پر تون ته پنهنجي ڪين ڪر،
مون ته ڪئي آهي گدا جي ، تون وري ڪپڙي جي ڀر.“
ڀڃڻي:
حاڪماڻي ته مهرباني، پنهنجي ته بيوفائي،
گدا جي ته التجا – ڪپڙي جي ته جهولي .
سڄي:
مهرباني ڪر سڄڻ پر بيوفائي ڪين ڪر،
مون ڪئي آ التجا ۽ تون وري جهولي کي ڀر“
(چنا، 1955ع ، ص ، 64، 63 )
مخدوم طالب الموليٰ سائين جي تيز فهم طبع چاهيو ته، موزون ۽ غير موزون کي پاڻ ۾ ڳنڍجي، سو عوامي غير موزون هنر کي، موزون شڪل ۾ پيش ڪيو ويو آهي، هي به طالب الموليٰ سائين جي ڪلام جي جدت آهي، جا اڳ ۾ سنڌي ڪلام ۾ ظاهر نه ٿي هئي.
مطلب ته طالب الموليٰ، شاعريءَ جي هر صنف تي نه رڳو ڪلام چيو، پر ادب جي هر صنف، جن ۾ نثري توڙي شاعريءَ جون صنفون شامل آهن، سڀني صنفن کي وڏي ترقي وٺرائڻ لاءِ، عملي جهدوجهد ڪيائون، لوڪ ادب کي به سينگارڻ ۽ سنوارڻ ۾، سندس وڏو هٿ هو، ان ڏس ۾ سگهڙن جون ڪچهريون ڪرائڻ ۾، طرحي توڙي غير طرحي مشاعرن منعقد ڪرائڻ ۾، سڀني کان اڳرو ۽ اڳڀرو هوندو هو.
مخدوم طالب الموليٰ تي معاشري جي اثر جي حوالي سان چنا صاحب لکي ٿو ته:” انسان تي ٻه اثر گهرا ٿين ٿا، هڪ فطري ٻيو ماحول ۽ معاشري جو، اسان جي معاشري جي دائري ۾ جا درهمي برهمي معلوم ڪجي ٿي سا عالم آشڪار آهي، اڀ پيو اکئين ڏسجي اسلامي اخوت و مساوات جو سبق صفا وسريل آهي، سرمايه داريءَ جو دور دورو آهي، مفلسيءَ جي مار آهي، ان جو احساس طالب جي دل تي ڪيئن نه ٿيندو، ان حوالي سان ڪجهه شعر به مثال طور ڏنا ويا آهن.
مثال طور:
”دولت جي گهڻي آهي ته دنيا به آهي دوست،
نه ته يار به پاسو ٿا ڏين خوب ڪري ڇند،
امير ٿو رهي نازان سندس آ هٿ ۾ راڄ،
غريب دست، محبت سندو سدا محتاج.“
(چنا، 1955ع ، ص ،69)
مٿئين حوالي ۽ شعر مان معلوم ٿئي ٿو ته: پاڻ تمام احساس پسند هوندا هئا، معاشري جو ماڻهوءَ تي اهڙو اثر ٿئي ٿو جو، هو ڪڏهن ڪڏهن دولت جي نشي ۾ سڀ رشتا ناتا، ڀائپيون، برادريون وساري ويهندو آهي، ۽ ان لاءِ هر دروازو کليل رهي ٿو، پر غريب لاءِ هر دروازو بند آهي، ڏک، تڪليفون، درد به معاشري جا صرف غريب لاءِ آهن، دولت وارو پنهنجي دولت سان سک، آرام، عيش هر شيءَ خريد ڪري سگهي ٿو، پر غريب سواءِ محبت ، اخوت ۽ قربانيءَ جي ڪجهه به نٿو خريد ڪري سگهي، پر غريب رهندو پاڻ ڪمائي ٻين کي کارائي ٿو. مطلب ته سائين طالب الموليٰ جي مٿئين شعر مان ڪيڏو نه عظيم سبق ملي ٿو.
مخدوم سائينءَ جون ادبي، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي ميدان ۾، سرانجام ڏنل خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. پاڻ ڪيترين ئي تنظيمن سان نه رڳو وابسته رهيا، پر انهن ۾ سڀني کان وڌيڪ سرگرم به رهيا، اهڙين تنظمين ۾، جميعت الشعراءَ سنڌ جا صدر، سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمين، لطيف يادگار ڪميٽي ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي مشاورتي ڪميٽي جا رڪن، ان کان علاوه سنڌ توڙي پاڪستان جي اسيمبلين جا چونڊيل ميمبر به رهيا.
ادبي دنيا ۾، مخدوم صاحب علم ۽ ادب جا واهڙ وهائي ڇڏيا، علم ۽ ادب جي فروغ لاءِ، هالا ۾ الزمان پريس قائم ڪيائون، جتان هفتيوار ”الزمان“ ۽ ”پاسبان“ اخبارون جاري ڪيائون، هالا مان، ماهوار ”فردوس“ رسالو سندن سرپرستي هيٺ جاري ٿيو، سيتا شهر مان، ماهوار ”طالب الموليٰ“، ”روح ادب“۽ ”شاعر“ به، سندس ئي سرپرستي هيٺ هالا مان نڪرندا هئا، ان کان علاوه ٽماهي مهراڻ، گل ڦل ۽ سرتيون رسالا به، سندس ئي سر پرستي ۾ نڪرندا رهندا هئا.
سندس علمي ادبي، ثقافتي ۽ سياسي خدمتن جي عيوض کيس تغمهء پاڪستان، ”هلال امتياز“ ۽ ”شاهه لطيف“ جهڙا ايوارڊ به حاصل ٿيا، انهن اعليٰ قدرن جي ڪري، سنڌي ادب ۾ سندن مقام بلند آهي. شاعريءَ جي حوالي سان، مخدوم صاحب ويهين صديءَ عيسوي جو تمام وڏو ڪافي گو شاعر هو. مخدوم صاحب کي شاعريءَ تي وڏو عبور حاصل هو، سندن ڪافيون نه صرف پاڪستان ۾، پر سڄي دنيا ۾ جتي به سنڌي رهن ٿا، اتي ڳايون وڄايون وڃن ٿيون. سندن ڪلام هند ۽ سنڌ جي تقريباً سنڌي ڪلاڪارن ڳايا آهن، چوندا آهن ته، شاعري نالو ئي اهڙي ڪلام جو آهي، جنهن کي ڳائي وڄائي سگهجي. سندس ڪلام کي گهڻو ڪري سنڌ، پنجاب، هندوستان جي ناميارن فنڪارن ڳايو آهي، جهڙوڪ، عابده پروين، خادم حسين خادم، مصري فقير، مرحوم ڦوٽو زرداري ۽ رونا ليليٰ ڳايا آهن.
ڪافيءَ جو هڪ مثال هيٺ ڏجي ٿو. مثال طور:
غافل ڇڏ غفلت، آڏو اٿئي عبرت
ويهه نه مسافر واٽ تي،
سور ۽ سختيون سڪ جا، ٻيا فڪر آهن فرحت
ويهه نه مسافر واٽ تي،
طالب ره توحيد ۾ ، ڪوڙي ڇڏ ڪثرت
ويهه نه مسافر واٽ تي.
(چنا، 1955ع ، ص ، 21)
مٿئين ڪافي ۾، توحيد جي تار تي، عشق جي اوٽ وٺي، هن طرح طالب الموليٰ سائين نصيحت ڪري ٿو ۽ غافل مسافر جو توجهه هن حقيقت ڏانهن مبذول ٿو ڪرائي.
مطلب ته سندس چيل بيت ۽ ڪافيون تمام اعليٰ معيار جون آهن، ڪافين ۾ سوز ۽ گداز جو اڻ کٽ خزانو آهي، سندس سارو ڪلام اڻ کٽ محبت ۽ مجاز جو مثال آهي، سندس ڪلام ۾ فن ۽ فڪر جي لحاظ کان، عشق ۽ حسن، وصال ۽ وڇوڙي جو احوال آڻڻ سان گڏ، تصوف ۽ سلوڪ جي اهم مسئلن ۽ اخلاقيات سان گڏ، معاشي ۽ معاشرتي حالتن جي پوري ريت عڪاسي ڪيل آهي، اهڙيءَ طرح زماني جي مختلف حالتن جي به سهڻي انداز ۾ اپٽار ڪيل آهي.
مطلب ته، پروفيسر محبوب علي چنا، مخدوم طالب الموليٰ جي ولادت کان وٺي، سندس زندگيءَ جا مخلتف پهلو بيان ڪيا آهن، سندس هن سوانحي تذڪري کي پڙهي، مخدوم طالب الموليٰ جي باري ۾ ڪافي ڳالهين جي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي، مثال طور:سندن شخصيت،خاندان،سياسي ۽ سماجي اديبن، شاعرن وغيره وغيره نه صرف معلومات حاصل ٿئي ٿي، پر سنڌي ادب جي اهم ناليوارين شخصيتن ۾ پڻ واڌارو به آهي، اڳتي هلي هن معلوماتي تذڪري کي، مخدوم جميل الزمان حوالن ۽ واڌارن جو اضافو ڪري، ڪتابي صورت ۾ سال 1999ع ۾، طالب الموليٰ اڪيڊمي هالا، طرفان نئين سر شايع ڪرايو، ته جيئن تحقيق ڪندڙن توڙي عام مطالعو ڪندڙن کي، مخدوم طالب الموليٰ جي زندگي، توڙي علمي ادبي، سماجي، سياسي، مذهبي خدمتن جي باري ۾ معلومات حاصل ٿي سگهي.
حوالا
(1) چنا محبوب علي، پروفيسر : مقدمو ، ” طالب الموليٰ جي سوانح حيات ۽ شعر و شاعري“، ”ڪچڪول طالب الموليٰ“، مؤلف : پروفيسر محبوب علي چنا، هالا ، بزم- سروري سنڌي ، سروري اسلاميه ڪاليج سال - 1955ع ، ص، 31.
(2) حوالو ساڳيو: ص ، 37
(3) حوالو ساڳيو : ص ، 38
(4) حوالو ساڳيو : ص ، 41
(5) حوالو ساڳيو : ص ، 41
(6) حوالو ساڳيو : ص ، 43
(7) حوالو ساڳيو : ص . 46
(8) حوالو ساڳيو : ص ، 48
(9) حوالو ساڳيو : ص ، 64 ،63
(10) حوالو ساڳيو : ص ، 69
(11) چنا محبوب علي، پروفيسر: ديباچو، ”ڪچڪول طالب الموليٰ“،مؤلف، پروفيسر محبوب علي چنا، هالا ، بزم- سروري سنڌي، سروري اسلاميه ڪاليج، سال 1955، ص،21.
*
(iii) شاهه شھيد صوفي رح
سنڌ کي جن عظيم هستين تي ناز رهيو آهي، انهن ۾ شاهه شهيد عنايت الله صوفيءَ جو نالو سر فهرست رهيو آهي، هن نه رڳو سنڌ جي عام توڙي خاص ماڻهن لاءِ ظلم ۽ ناانصافي خلاف انقلاب جا رستا کوليا، پر ساڳئي وقت کين، پنهنجن حقن حاصل ڪرڻ لاءِ هتان جي ماڻهن جي رهبري ڪئي، شاهه شهيد، سنڌ جي اها شخصيت هئي، جنهن پنهنجي دؤر ۾ سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ انقلابي واٽون اختيار ڪيون. سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت جو ابتدائي دؤر، سندس ئي دؤر هو، جنهن ۾ هن وقت جي ظالم حاڪمن توڙي اميرن خلاف جهاد جو اعلان ڪيو هو، سندن ان اعليٰ هستيءَ جي حوالي سان، پروفيسر محبوب علي چنا، هڪ مقالو بعنوان ”شاهه شهيد صوفي“ لکيو، جيڪو ماهوار رسالي، ”نئين زندگي“ جي، ” شاهه شهيد نمبر“، 1957ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو.
شاهه شهيد جي هن سوانحي مقالي ۾، چنا صاحب سندس خانداني پس منّظر ڄاڻائيندي لکيو آهي ته:
”شاهه عنايت الله ولد مخدوم فضل الله ولد ملا يوسف ولد ملا شهاب الدين ولد ملا آجب ولد مخدوم صدو لانگاهه جا وڏا چراغ مصطفوي جا مڻيادار پروانا هئا، سندن اصل مسڪن بغداد شريف هو، اتان لڏي اچي، اچ شريف ۾ رهيا ۽ اتي جي مشهور غوثيه درگاهه جا مريد ٿيا. ايتريقدر معتقد مريد هئا جو مخدوم صدو لانگاهه هن درگاهه جو خليفو ٿي سنڌ ۾ آيو ۽ اچي نصريه ڳوٺ ۾ رهيو، ان بعد اتان لڏي ميرانپور ۾ اچي مقيم ٿيا جو هاڻوڪي جهوڪ شريف جي اوڀر طرف واقع هئي .“ (چنا، 1957ع ، ص، 39 )
مٿئين حوالي مان، شاهه شهيد صوفي جي خاندان بابت ڄاڻ ملي ٿي، جيڪي مختلف هنڌن تي رهندڙ مريد ۽ خليفا ٿيندا هئا، اهي اچي لاڙ واري علائقي جي هڪ ڳوٺ ميرانپور ۾ رهڻ لڳا. جنهن کي اڄڪلهه جهوڪ شريف جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
مخدوم صدرالدين جيڪو مخدوم صدو لانگاهه جي نالي سان مشهور بزرگ ٿي گذريو آهي، پنهنجي دؤر جو وڏو الله لوڪ بزرگ ٿي گذريو آهي، جنهن جي خاندان مان شاهه عنايت صوفي پيدا ٿيو. چنا صاحب شاهه عنايت جي ولادت ۽ اوائلي اوسٿا جي حوالي سان هن ريت لکي ٿو:
”شاهه شهيد 1065هه، ڌاري بمطابق 56، 1655ع ۾، ميرانپور جي شهر ۾ تولد ٿيو، ان دؤر جي دستور مطابق عربي، فارسي ۽ ديني تعليم حاصل ڪيائين، پر ظاهري علم، ان جي اندر جي اڃ ڪانه اجهائي، سو روحاني تسڪين حاصل ڪرڻ لاءِ سيلاني بنجي سنڌ ۽ هند جي سير تي نڪري پيو ۽ ملتان کان ٿيندو، حيدرآباد دکن ۽ دهليءَ تائين وڃي نڪتو ۽ اتان جي نالي وارن بزرگن سان ملي، انهن جي صحبت مان روحاني فيض حاصل ڪرڻ لڳو، چيو وڃي ٿو ته، حيدرآباد دکن ۾ سندس ملاقات ان وقت جي نامياري بزرگ شاهه عبدالملڪ برهانپوريءَ سان ٿي، جنهن جي صحبت ۾ پورا پنج سال گذاريائين ۽ وڏيون رياضتون ڪري، اندر کي اجاريائين شاهه عبدالملڪ تبرڪ طور کيس هڪ ڳاڙهو خرقو، ٽوپي، ۽ تلوار ڏني ۽ ان سان گڏ کيس “صوفي” جي لقب سان نوازيو ۽ اها هدايت ڪئي ته هو هاڻي پنهنجي ملڪ سنڌ وڃي، اتي خانقاهه کولي، شاهه شهيد سڌو ٺٽي ۾ آيو جو انهن ڏينهن ۾، علم و فقيري جو مرڪز هو، پر پوءِ ڪن سببن جي ڪري اتاهون لڏي وڃي ميرانپور ۾ ويٺو.“ (چنا، 1957ع، ص،41 ،40)
مٿئين حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته، پاڻ ننڍپڻ کان وٺي، درويش صفت، علم جو سچو طالب ۽ حق جي پرچار ڪندڙ انسان هو، پاڻ مختلف بزرگن جي صحبت ۾ رهي، روحاني علم حاصل ڪري، واپس سنڌ ۾ پهچڻ سان، سندس هاڪ هرهنڌ پکڙجي وئي، سندن وڌندڙ ان اقبال کي ڏسي، شهر جا ڪيترائي عالم درويش اچي سندن مريد ٿيا، چنا صاحب جي بيان ڪيل هن سوانح جي مطالعي مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته، ان وقت، سنڌ جو مظلوم ماڻهو، دهليءَ کان مڙهيل گورنرن سنڌ جي جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي سازش جو شڪار بڻيل هو، ڇو ته، سنڌ جون مقامي قوتون وڏيرن، ميرن، پيرن ۽ مغل ڪامورن تي مشتمل هيون، اهي قوتون، مسڪين هاريءَ جي پگهر واري پورهئي مان، آسائشون ماڻي، سنڌ جي معاشي صورتحال کي سبوتاز ڪرڻ ۾ رڌل هيون، مطلب ته هر طرف پيڙهيل ۽ مفلس طبقي جي آهه ۽ پڪار گونججي رهي هئي، پر موٽ ۾، استحصالي قوتن آڏو سينو ساهڻ جي جرئت به ڪو نٿي ڪري سگهيو، اهڙي مشڪل ماحول ۾، شاهه عنايت صوفي اهو پهريون ماڻهو هو، جنهن ان چئلينج کي قبول ڪندي، هيسيل ۽ پيڙهيل طبقي جي پوئواري ڪرڻ لاءِ، جهوڪ شريف ۾ صوفي ازم جي نعري هيٺ، “جو کيڙي سو کائي” واري صدا بلند ڪئي، سڀ کان اول خود عمل ڪندي، پنهنجي اباڻي زمين کي گڏيل ورثو قرار ڏيئي، اپت تي مسڪينن ۽ پاڙيسرين کي مساوي حق فراهم ڪيائون، اهڙن سوين ماڻهن، زميندارن جي زمينن کي ڇڏي اچي مشترڪ معاشي سسٽم هيٺ گڏيا، ان روحاني، جمهوري، مساوي ۽ ڀائيچاري واري روش ۽ پرچار جي هاڪ، هند سنڌ ۾ اهڙي هلي ويئي جو، جاگيردارن ۽ غاصبن جون متيون منجهي پيون، فقير صاحب جي وڌندڙ مقبوليت ۽ طاقت، تر جي وڏيرن ۽ با اثر ماڻهن کي ڀانءِ نه پئي، انهن ٺٽي وڃي، مغلن جي مقرر ڪيل گورنر اعظم خان آڏو، صوفي شاهه عنايت خلاف فرياد داخل ڪيو. گورنر صوفي صاحب کان زمين جي ڍل جو مطالبو ڪيو، جا انهيءَ کان اڳ جي گورنر پاران معاف ڪيل هئي ۽ پوءِ ڍل نه پيارڻ جو بهانو بڻائي، تر جي بااثر زميندارن ۽ ميان يار محمد ڪلهوڙي جي مدد سان، وڏو لشڪر تيار ڪري ميرانپور کي گهيري ۾ آندو، اهو گهيرو ڪافي وقت تائين جاري رهيو، شاهه شهيد ۽ سندس مظلوم طبقو به جان جي بازي لڳايو ويٺو هو، سو ڪٿي پيو ڪنڌ ڪڍائي سگهي، روحاني ۽ ايماني جذبي سان سرشار جوڌن ظالمن کي رُڪ جا چڻا چٻايا، نيٺ جنگ بجاءِ صلح جي سازش ذريعي ميرانپور جي روحانيت سان ريجيل زمين کي، شاهه عنايت شهيد جي ۽ مظلوم مريدن جي لهوءَ سان لال ڪيو ويو.
سندس شهادت جو واقعو بيان ڪندي چنا صاحب هن ريت لکيو آهي ته:
صوفي صاحب جي حياتيءَ جو جام لبريز ٿيڻ تي هو، فقط هي هڪ بهانو هو، درٻار ۾ صوفي صاحب ۽ نواب جي وچ ۾ گهڻو ئي بحث مباحثو هليو، پر نواب کيس جيئرو ڏسڻ نه چاهيو، نيٺ مولوين ۽ پيرن کان صوفي صاحب جي خلاف فتوائون وٺي، قتل جو پروانو جاري ڪيو ويو، عزرائيل جلاد جي صورت ۾ اچي، صوفي صاحب جي اڳيان بيٺو ۽ صاف دل صوفي هن کي امر رباني سمجهي، پنهنجو سر تسليم خم ڪيو.“ (چنا، 1957ع ، ص، 44)
اهڙيءَ طرح 1130هه بمطابق 1718ع ڌاري، هن عظيم روحاني رهبر ۽ صوفي، سوشلسٽ کي جلاد اڳيان آندو ويو، اها تلوار جلاد جي هٿ ۾ هئي، جيڪا صوفي شاهه عنايت کي، پنهنجي استاد مرشد سيد عبدالملڪ قادري، موڪلائڻ وقت تحفي طور ڏني هئي، تنهن وقت سندس مرشد کيس کي چيو هئائين ته فقير هن سوکڙي جي ڪهڙي قيمت ڏيندي، شاهه عنايت نهايت عاجزيءَ مان وراڻيو هو ته قبلا سائين ان جي قيمت هي سر آهي، ۽ ٿيو به ائين جو، پنهنجي مرشد جي ڏنل تلوار جي قيمت ۾، پنهنجو سر ادا ڪيائين. هن مقالي ۾ سندس ٻن مريدن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي، جيئن چنا صاحب لکيو آهي ته: ” جيڪڏهن شاهه شهيد صوفي جي مرادوند مريدن جو ذڪر ڪبو ته پستڪ پورا ٿي ويندا مگر اسان کي هيرن جي کاڻ مان ضرور اهڙا دل لڀائيندڙ هيرا دستياب ٿيندا جي هر هڪ راهه گذار جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪين، انهن مان في الحال ٻن جواهرن جي جوت جي جمال جو ذڪر ڪجي ٿو.مثلاً: هڪ روحل فقير جو ذڪر ٻيو مير جان الله شاهه رضوي روهڙي وارو. (چنا، 1957ع ، ص، 44 )
شاهه عنايت الله شهيد جو دؤر، سنڌ ۾ علمي ۽ ادبي دؤر هو، ان ڪري سندن مريد به جهجها هوندا ، هت فقط مٿين ٻن مريدن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.اهڙيءَ طرح شاهه شهيد، صوفي تصوف جي ميدان جو شهسوار هو، پر ادبي دنيا جو به هڪ بي بها هيرو هو، پر ڪاش سنڌ وارن جي سرد مهري ڪري اهڙي املهه ماڻڪ جي شعر جو جلوه اسان تائين مڪمل نه پهتو آهي.سندن شعر جي حوالي سان چنا صاحب هن طرح لکيو آهي ته: ”پاڻ فارسي خواه سنڌي شاعريءَ جي، طبع آزمائي ڪئي اٿن، فارسي جا ڪجهه نشان نشانبر ٿين ٿا.
مثال طور:
”سر در قدم يا رفدا شدچه بجا شد
اين بار گران بودادا شدچه بجا شد“
(چنا، 1957ع ، ص ، 46 )
مٿئين شعر لاءِ چيو وڃي ٿو ته، جڏهن جلاد تلوار کڻي، سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪرڻ لاءِ وڌيو، تڏهن حق جي راهه تي هلندڙ، هن سچي عاشق جي زبان مان فقط فارسيءَ جو مٿيون شعر نڪتو. شاهه شهيد جو سنڌي شعر به گهڻو ئي چيل هوندو، پر اسان وٽ سندس ايڪڙ ٻيڪڙ بيت پهتا آهن.مثال طور:
” هلڻ مون تي حق ٿيو پهچڻ پنهون وس،
آري “عنايت” چوي، لوڙي آءُ لهنديس،
اتي نا رهنديس، جيڏيون پنهنجي حب ري.“
(چنا ،1957ع ،ص ،47 )
مٿئين بيت ۾ صوفي شاهه عنايت شهيد جنهن پاڻ کي ڪلام ۾ تخلص طور ”عنايت“ سڏيو آهي، شاهه عنايت صوفي، شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جو وڏي عمر وارو همعصر هو، جڏهن شاهه عنايت شهيد ٿيو، تڏهن ڀٽائيرح جي عمر 28 ورهيه هئي، جڏهن پاڻ ڦوهه جواني ۾ هو. تڏهن سندس ملاقات شاهه عنايت صوفي بزرگ سان جهوڪ شريف ۾ ٿي، جڏهن صوفي صاحب جي شهادت ٿي ته، شهادت واري واقعي جو سندس طبيعت تي ايڏو اثر ٿيو جو پاڻ انهيءَ بابت ڪي شعر به چيا اٿن. ڪن جو چوڻ آهي ته، سر رامڪلي جي فصل جا شعر انهيءَ واقعي کان متاثر ٿي چيا اٿس.مثال طور:
”اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
حاصل مطلب ته شاهه عنايت شهيد نه رڳو هڪڙو سٺو رهنما هو، پر ساڳئي وقت سچو سالڪ، رعيت جو حامي ۽ سٺو شاعر به هو، پاڻ مظلوم طبقي جي ماڻهن جي حمايت ڪندا هئا، سچ پچ ته شاهه عنايت هڪ اهڙو رهبر هو جنهن پنهنجي دؤر ۾ انسانيت جي ڳالهه ڪئي، اتحاد، محبت جي ڳالهه ڪئي، سچ چوڻ، سچ ٻڌڻ ۽ سچ تي هلڻ جي هدايت ڪئي، پاڻ تصوف جي ميدان جو شهسوار هو ۽ ادبي دنيا جو هڪ بي بها هيرو هو، سندس ڪيترائي مريد ۽ معتقد اڄ به، سندن صوفيائي مشرب کي هن وقت به جاري ۽ ساري رکيو اچن ٿا، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته شهيد جي ڏنل سماجي ۽ روحاني پيغام ۽ فلسفي کي، نه صرف ڦهلايو وڃي پر ان تي عمل به ڪيو وڃي.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقالو، ”شاهه شهيد صوفي“، ماهوار ادبي رسالو، ”نئين زندگي“، جلد – 10، نمبر، 2 ”شاهه شهيد نمبر“، ايڊيٽر، عبدالواحد سنڌي، ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشنس فيبروري، 1957ع، ص ، 39.
(2) حوالو ساڳيو - ص ، 41، 40
(3) حوالو ساڳيو - ص ، 44
(4) حوالو ساڳيو - ص ، 44
(5) حوالو ساڳيو - ص ، 46
(6) حوالو ساڳيو - ص ، 47
*
(iv) مرحوم ادو ضياءُ الدين بلبل
مرحوم ضياءُ الدين بلبل سنڌ جو ناميارو اديب، شاعر هئڻ سان گڏو گڏو سٺو آفيسر به رهيو آهي، پاڻ حضرت قلندر لال شهباز جي ادبي ۽ ثقافتي ڪاميٽي جو بنيادي ميمبر هو ۽ ان حوالي سان هن ڪيترائي مقالا ۽ مضمون لکيا ۽ قلندر شهباز جي ميلي لاءِ خدمتون بجا آنديون، سندس هڪ ڪتاب انگريزيءَ ۾ ”ضياءُ الشهباز“ جي نالي سان، قلندر لال شهباز جي سوانح حيات تي شايع ٿيل آهي.
پروفيسر محبوب علي چنا، سندس زندگيءَ جي حالتن، ڪردار ۽ شخصيت جي حوالي سان هڪ مضمون بعنوان ”مرحوم ادو ضياءُ الدين بلبل“ لکيو، جيڪو ماهوار ادبي رسالي، ”نئين زندگي” ۾ 1966ع واري پرچي ۾شايع ٿيو.چنا صاحب، هن مضمون ۾ ضياءُ الدين بلبل جي وفات واري ڏينهن جي حوالي سان پنهنجا تاثراتي ڏک ڀريا لفظ هن ريت بيان ڪندي لکيو اٿس ته:
”الم ۽ غم جو عالم آهي، جو 14 سيپٽمبر 1966ع جي ڏينهن، اسان جي سنڌ جو ٻهڳڻ، دادو ضلعي جو دل آرام، سلجهيل فيلسوف، شاعرا بن شاعر قاعده دان، اديب ۽ احسن اخلاق سان سنواريل عزيزي محترم رئيس ضياءُ الدين صاحب بلبل اسان جي محفلن ۽ مجلسن، مشاعرن، جلسن ڪانفرنسن کي سرد ۽ زرد ڪري وڃي، پنهنجي مولا سان مليو، ڪهڙو نه انڌوناڪ ڏينهن ۽ ڪهڙو نه جانڪاهه قضيو، شال ربّ سائين ادي “ضياءُ ” کي مرهي ۽ سندس روح پر فتوح کي سڪون ابدي نصيب ڪري آمين.“ (چنا، 1966ع، ص ، 6)
مٿئين حوالي مان ضياءُ الدين جي ڏاهپ، سيرت ۽ سهڻي اخلاق سان گڏوگڏ، محفلن مشاعرن، جلسن سان لڳاءُ جو پتو پوي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهڙائي، انسان نه رڳو انهن محفلن جي زينت هوندا هئا، پر ان سان گڏ، سنڌي ادب ۾ به واڌارو آڻيندا هئا، تڏهن ئي ته اهڙن عالمن جو وجود هميشه زنده رهي ٿو.
ضياءُ الدين بلبل پنهنجي ابتدائي تعليم ميهڙ مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ جو امتحان لاڙڪاڻي مان پاس ڪيائين، سندس اعليٰ تعليم متعلق، چنا صاحب هن طرح لکيو آهي ته: ”عزيزي “ضياءُ“ به پنهنجي لائق والد جو لائق فرزند هو، هن صاحب عليڳڙهه مان فلسفي ۾ ايم. اي اعزاز سان پاس ڪئي، ايل.ايل.بي به اتان ئي پاس ڪيائين، کيس ورثي ۾ ذهانت ۽ زڪاوت ته اڳ ئي عنايت ٿيل هئي، ويتر ته، عليڳڙهه يونيورسٽيءَ جي علمي ۽ ادبي فضا تنهن ته ضياءُ صاحب جي طبع کي وڌيڪ جرڪايو ۽ چمڪايو.“ (چنا ، 1966ع ،ص ، 6 )
مٿئين حوالي مان سندس اعليٰ تعليم جي باري ۾ ڄاڻ ملي ٿي، ۽ پاڻ جيڪي ڊگريون حاصل ڪيون، اهي به هڪ اعليٰ اداري مان وڏي اعزاز ۽ ذهانت سان پاس ڪيائين، سندس بيان ڪيل هن سوانحي مضمون مان، اهو به معلوم ٿئي ٿو ته، کين جج جي انتخاب لاءِ به چونڊيو ويو، پر ڊاڪٽري معائني ڪري، سندس حصي ۾ پبلڪ پراسيڪيوٽري آئي، پاڻ دادو ضلعي جي بار ائسوسيئيشن جو صدر پڻ رهيو، گڏوگڏ ادبي سرگرمين ۾ پڻ حصو ورتائين، ۽ عالمن، اديبن ۽ عارفن جي صحبت ۾ پنهنجو وقت گذاريائين، سندس ان اعليٰ ڪردار جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته :
”هي صاحب پنهنجي ادبي خواه علمي مشغلي ۾ ڀائرن وٽ مقبول هوندو هو، پاڻ دادو ضلعي جي بار ائسوسيئيشن جو صدر پڻ هو، پنهنجي وڪالت جي مصروف مشغلي جي باوجود سندس دل علم و ادب طرف راغب هوندي هئي، ائين کڻي چئجي ته ”دست بکار دل به يار“، سندس يار ”علم و ادب“ جو صيغو هو ۽ ڪم واسطي وڪالت جو ڌنڌو اختيار ڪيائون، پاڻ ”جمعيت الشعراء“ سنڌ جا بنيادي ميمبر هئا ۽ مدت مديد تائين نائب صدر ٿي رهيا.“ (چنا، 1966ع، ص، 6)۔
مٿئين حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته، پاڻ نه صرف پنهنجي پيشي سان وابسته هئا، پر علم و ادب سان به بيحد چاهه رکندڙ انسان هئا، سندن ئي ڪوششن سان ”بزم بلبل“ قائم ٿي، هن بزم جي مشاعرن ۾ سنڌ جا وڏا وڏا عالم ۽ شاعر شرڪت ڪندا هئا جن ۾ طرحي ۽ غير طرحي ڪلام پيش ڪيو ويندو هو، مرحوم ضياءُ الدين، ذيابيطس جي موذي مرض جي باوجود پاڻ سماجي، ادبي ۽ علمي خدمتن ڪرڻ کان، ڪڏهن به گريز نه ڪندا هئا، آخري عمر واري حصي ۾، پاڻ حضرت قلندر لال شهباز جو شيدائي ٿي رهيو ۽ قلندر لال شهباز جي لڳندڙ سالياني ميلي جي حوالي سان پاڻ قلندر شهباز جي ڪيترن ئي مختلف پهلوئن تي تحقيقي مقالا لکيائون، جن مقالن کي اڄ قلندر جا عاشقين، توڙي عام پڙهندڙ مطالعو ڪري قلندر لال شهباز بابت ڄاڻ حاصل ڪن ٿا. پر اهي مقالا، حضرت قلندر لال شهباز تي تحقيق ڪندڙن لاءِ به وڏي مدد جو ڪارڻ بنجن ٿا، قلندر لال شهباز سان ايڏي عقيدتمندي جو ثبوت چنا صاحب هن ريت بيان ڪيو آهي:
”آخري عمر ۾، هن صاحب جو مرڪزي توجهه حضرت قلندر لال شهباز جي فلسفي، مستي ۽ شهبازي طريقي ڏي مبذول ٿيو، ان ڏس ۾ سندس، تحقيقي مقالا، انگريزي زبان ۾ انگريزي خوانده اصحابن جو مرڪوز نظر هوندا هئا. 4 سيپٽمبر 1966ع جي قلندر شهباز ميموريل ڪاميٽي جي ميٽنگ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل دادو جي مٿئين حصي ۾ هئي. ڏاڪڻ تان مٿي وڃڻو هو، ادي ضياءُ کي، ڊاڪٽرن جي منع هئي ته ڏاڪڻ ڪڏهين به نه چڙهن، پر شهبازي جنون هن صاحب کي مٿي چاڙهيو ۽ ان ميٽنگ ۾ اهو فيصلو ٿيو ته ضياءُ صاحب جو انگريزي ۾ لکيل مقالو بعنوان “ضياءُ الشهباز” شايع ڪري، انگريزي خوانده صاحبن لاءِ معلومات فراهم ڪئي وڃي ته جيئن هو به لال شهباز جي سوانح مبارڪ مان مستفيض ٿين، ان بعد يار جي طبع مضمحل ٿي ۽ ڏهن ڏينهن جي وقفي بعد سندن جان، جان آفريز جي سپرد ٿي.“ (چنا، 1966ع ، ص ، 7)۔
ان ڳالهه مان ثابت ٿئي ٿو ته، پاڻ واقعي قلندر شهباز جا مخلص شيدائي ٿي رهيا، ڊاڪٽرن جي منع ڪرڻ جي باوجود به، پاڻ انهي شهبازي جنون کي نه ڇڏيائون، ڇاڪاڻ ته قلندر شهباز جي سالياني ميلي تي پوري دنيا مان زائرين ايندا آهن، انهن زائرين ۾ ڪڏهن ڪڏهن انگريز اديب به ايندا رهندا آهن، جيڪي سنڌي ٻولي نه ڄاڻندا آهن، تنهن ڪري ضياءُ الدين، هڪ ڪتاب ”ضياءُ الشهباز“ انگريز زبان ۾ لکيو جيڪو ڪاميٽي جي منظوري سان شايع ڪيو ويو، ته جيئن سنڌي ٻولي نه ڄاڻندڙن کي به، قلندر لال شهباز جي سوانح ، فلسفي ، مستي ۽ شهبازي طريقي جي ڄاڻ حاصل ٿئي.
هن مضمون ۾ چنا صاحب کيس ادي جي لفظ سان سڏيو آهي، جنهن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته، چنا صاحب جا هن مهان شخصيت سان ڪيترا نه قريبي ۽ گهرا تعلقات هئا، پاڻ پنهنجائپ محسوس ڪندي، سندن شخصيت تي مضمون لکيائون، جنهن ۾ سندن تعليم، مشغلا، علمي ادبي ذوق جو احوال ڏنو اٿن، آخر ۾ سندن لاءِ لکيو اٿن ته:
”اهڙي دلبر دوست جي ياد هر هر ستائي ٿي ۽ ائين چوڻ تي مجبور ڪري ٿي ته:
اے ھمنفسان از محل – ما
رفتید، ولے نھ از دل – ما
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون، ”مرحوم ادو ضياء الدين بلبل“، ماهنامو ”نئين زندگي“، جلد: اوڻيهون ، نمبر: ٻارهون، ايڊيٽر ، عبدالواحد سنڌي ، ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشنس ، ڊسمبر 1966ع ، ص ، 6.
(2) حوالو ساڳيو - ص ، 6
(3) حوالو ساڳيو - ص ، 6
(4) حوالو ساڳيو - ص ، 7
*
(v) مرڪندڙ ”مير“، سيد ميران محمد شاهه
مرحوم سيد ميران محمد شاهه، سنڌ جي انهن سڄاڻ شخصيت مان هڪ هو جن نه رڳو علمي ادبي حوالي سان ڪم ڪيو، پر شاهه لطيف ڀٽائي جي رسالي توڙي شاعريءَ کي اڳتي آڻڻ ۽ عام ماڻهن تائين، لطيف جي پيغام کي پهچائڻ لاءِ وڏو ڪم ڪيو، هي روشن دماغ انسان اها هستي هو، جنهن جي مڃتا سنڌ جي سڀني ماڻهن ڪئي آهي، پاڻ وڏو اديب، شاعر قانوندان ۽ سياسي مدبر هو، سندس زندگي شاگرديءَ جي زماني کان وٺي لاڏاڻي تائين، سبق آموز ۽ قابل رشڪ رهي آهي ۽ اها نئين نسل وارن لاءِ هدايت جو باعث بنجندي رهندي .
پروفيسر محبوب علي چنا، هن شخصيت کان ننڍي هوندي کان ئي تمام گهڻو متاثر رهيو، تنهنڪري سندس اعليٰ ڪردار، ڪارنامن ۽ شخصيت جي حوالي سان، هڪ مضمون سندن ورسي جي موقعي تي بعنوان، ” مرڪندڙ مير“ جي نالي سان پڙهيو. جيڪو پوءِ ماهوار ادبي رسالي ”نئين زندگي“ ، 1967ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو پاڻ هن مضمون جي شروعات هيٺين بيت سان هن ريت ڪئي اٿن:
”خدا ڄاڻي هلي ڪهڙي هوا آهسته آهسته
وڃن منهڙو مٽيندا مھ لقا آهسته آهسته
ادب جي بزم ۾ موجودگي جن جي هئي نعمت
هلي سي مور محفل جا ويا آهسته آهسته“
ان کان پوءِ چنا صاحب وڌيڪ سندس وڇوڙي جي حوالي سان هن طرح لکيو آهي: ”سورهين نومبر 1963ع جي المناڪ شام هئي جڏهن بس ۾ ايندي، پنهنجي هيڊ ڪلارڪ کان معلوم ٿيم ته، سائين ميران محمد شاهه جي بنگلي تان اوهان جي نالي فون آئي ته سائين ميران محمد شاهه جن گذاري ويا آهن، ڪاريءَ فون جو هي پيام، فرسوده انجام، ڪاري ثابت ٿيو، ڇيهه ڇڄي پيا، اکين اڳيان آنڌي اچي ويئي، حواس باخته ٿي ويا، زمين پيرن هيٺان نڪري ويئي، ۽ الائي ڪهڙا ڪهڙا خيال دماغ جي گرداب ۾ گردش ڪرڻ لڳا، ڪاش دم آخر ۾ ساڻس ڪي دم گڏجي همدم ٿجي ها، سندس مرڪندڙ مکڙي جو مشاهدو ڪجي ها، ساڻس لطيف سائين جي، ”سر ليلا چنيسر “ بابت ڪجهه ذڪر اذڪار ڪجي ها ۽ لطيف يادگار ڪائونسل جي مستقبل جي واڌاري لاءِ فڪر ڪجي ها، مگر افسوس جو ظالم موت کيس اها فرصت نه ڏني ۽ اسان جي محفلن جو مير هميشه لاءِ اسان کان جدا ٿي وڃي، آخري دنيا جي محفلن جي شمع بنيو.“ (چنا ، 1967ع ، ص ، 17)۔
چنا صاحب سندن وڇوڙي جا تاثراتي لفظ بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ، لطيف يادگار ڪائونسل جو به ذڪر ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته سيد ميران محمد شاهه، لطيف يادگار ڪائونسل جا بنيادي ميمبر هئا ۽ لطيف جا ساليانه ميلا منعقد ڪرائڻ، شاهه لطيف جي سرن تي تحقيقي مقالا پڙهائڻ ۾ سندن وڏو ڪردار رهيو آهي، پاڻ اڪثر انهن محفلن جي شمع هوندا هئا، جنهن جي روشني جا ڪرڻا پري پري تائين پکڙجي ويندا هئا، جيئن تاريخ سندس خدمتن ۽ ثقافتي يادگارن کي محو ڪري نٿي سگهي، تيئن سندس زنده جاويد شخصيت به، تاريخي حيثيت سان بطور يادگار قائم ۽ دائم رهندي.
سيد ميران محمد شاهه، لطيف سرڪار جو هڪ مخلص شيدائي هو، پر هڪ اهڙو مبلغ جنهن جي زندگي جو نصب العين روحانيت جي ماديت تي فوقيت ظاهر ڪرڻ هو، لطيفي ادب ذريعي، ميران محمد شاهه سنڌ جي تاريخ جو ڄاڻو، موجوده نسل لاءِ رهبر ۽ استاد نظر اچي ٿو، اهڙي ئي سندن لطيفي اثر چنا صاحب جي شخصيت کي اثرانداز ڪري ڇڏيو، پاڻ انهيءَ اثر جو ذڪر هيٺين لفظن ۾ هن طرح ڪيو اٿن:
”شاهه صاحب جهڙي لطيف شخصيت ڪنهن تي اثر نه ڪري، اهو ناممڪن هو، سندس سنهڙو پر سڊول جسم، پوري پني پر پراثر قامت، منهن موتئي وانگر مهڪيل، اکيون هرڻ جهڙيون، مگر نرگسي ناز سان نروار، نڪ چلي ملڪ جي چتونءَ جهڙو، پيشاني روشن مستقبل جو آئينو، هي اهي جاذب آثار هئا، جن معصوم ”محبوب“ جي پهرين ڪومايل پر پوءِ ٽڙيل دل کي شهباز وانگر جهٽي شاهه صاحب جو شيدائي بنائي ڇڏيو.“ (چنا، 1967ع، ص، 18)۔
مٿئين حوالي مان خبر پوي ٿي ته، چنا صاحب سيد ميران محمد شاهه جي شخصيت جي نه صرف اثر جو ذڪر ڪيو آهي، پر سندس سهڻي صورت ۽ سيرت جو به ذڪر ڪيو آهي، پروفيسر چنا صاحب، سيد ميران محمد شاهه جي شخصيت کان نه رڳو متاثر ٿيو، پر انهيءَ جي ايتري اثر هجڻ جي ڪري، پاڻ سندس نقش قدم تي هلڻ جو به عمل ڪيائون، جيڪو عمل چنا صاحب پورو ڪري ڏيکاريو، پاڻ انهيءَ حوالي سان لکيو اٿن ته:
”1948ع کان، جڏهن لطيف سائين جي سلسلي ۾ ورسيون ملهايون ويون، ۽ ان لاءِ رجسٽرڊ ڪاميٽي ٺاهي وئي، ته سائين مرحوم جي هيءَ محبوب نوازي هئي، جو بندي کي پهريائين پهريائين ياد فرمايائون، ان سلسلي ۾، بندي کي مسلسل تيرهن سالن جي مدت مديد لاءِ ساڻن گڏجي ڪم ڪرڻو پيو، ۽ محبوب عليءَ، سائين ميران شاهه کي اقراب ڇڪ تان ڏٺو، پرجهيو، پروڙيو ۽ سندس نقش قدم تي هلڻ لاءِ پختو ارادو ڪيو، سر معذوريءَ جون هيٺيون ٻه سٽون سندس همت قلندرانه ۽ جنون جعفرانه لاءَ ڪافي آهن.
”ولاڙيو وڻين چڙهي، پسو سگهه سندياس،
سوئي سوسڻياس، پري پڙاڏا ڪري.“
(چنا، 1967ع ، ص ، 18)
مطلب ته، سيد ميران محمد شاهه اها شخصيت هئي، جنهن ورهاڱي کانپوءِ، شاهاڻي شاهه لطيف کي ديسين خواه پرديسين سان متعارف ڪرايو، اها سرمستيءَ واري سگهه هئي، جنهن ڪانڍيرن ۽ ڪرڙن جي پيچري کي لطيفي شاهراهه ۾ مبذل ڪرايو، اهو سنڌڙيءَ جي ساڃاهه جو جنون هو، جنهن غريب، نادان گوشي نشين فنڪارن، سازندن، اديبن ۽ شاعرن کي لطيفي پليٽفارم تي آندو.
اهڙيءَ طرح پروفيسر محبوب علي چنا، سيد ميران محمد شاهه جي زندگي متعلق ڪيترا واقعا بيان ڪيا آهن، هن مضمون مان خبر پوي ٿي ته، محبوب علي چنا شاگردي واري زماني کان کيس ئي ڏٺو ۽ کين پنهنجو آئيڊل بنايو، سائين ميران محمد شاهه اهڙي شخصيت هئا، جنهن جي ڪردار ۽ گفتار تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي شاگرد ۽ نوجوان تيار ٿي ويا هئا، چنا صاحب جي ڏنل عنوان ۽ لکيل معلومات مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته، سيد ميران محمد شاهه هر دلعزيز شخصيت هو ۽ پاڻ هر وقت، هميشه هر محفل، مجلس ۽ ڪانفرنسن ۾ مرڪندو ۽ محبتون ونڊيندو رهندو هو، انهيءَ ڪري چنا صاحب پنهنجي هن مضمون جو عنوان به اهڙو ئي ڏنو، جهڙي سندس مرڪندڙ شخصيت هئي. يعني ”مرڪندڙ مير“
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون ”مرڪندڙ مير“، ماهوار ادبي رسالو،”نئين زندگي“، جلد: 20، نمبر: 11 ايڊيٽر، شمشيرالحيدري، ڪراچي ، پاڪستان، پبليڪيشنس، نومبر 1967ع ص، 17 .
(2) حوالو ساڳيو : ، ص ، 18
(3) حوالو ساڳيو: ، ص ، 18
*
(vi) خواجه محمد زمان رح
سنڌي ادب ۽ صوفين سڳورن جي تاريخ ۾، ڪلهوڙن جي دؤر کي وڏي اهميت حاصل رهي آهي. هن دؤر ۾ هڪ ئي وقت ڪيترائي مثالي اديب پيدا ٿيا ۽ ٻئي طرف ڪجهه مکيه ۽ ناليوارا سنڌي شاعر به موجود هئا، هن زماني ۾ جيڪي ڀلارا بزرگ پيدا ٿيا، انهن ۾ سلطان الاولياءَ خواجه محمد زمان لواري شريف وارو به هڪ آهي.
پروفيسر محبوب علي چنا سندس سوانح حيات تي هڪ مضمون لکيو، جيڪو ماهوار رسالي ”نئين زندگي“، 1968ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو، سندس سوانح حيات ۾ چنا صاحب، خواجه صاحب جي خانداني پس منظر بيان ڪندي لکيو آهي ته:
”سندس وڏا اصل عربستان جا رهاڪو هئا، پر پوءِ عباسي خليفن جي ڏينهن ۾، هجرت ڪري اچي ٺٽي جي ڀرسان ويٺا، پاڻ اخلاق حسنه ۽ پرهيزگاريءَ جا صاحب هئا، ان ڪري سندن مڃوتي آسپاس وارن ماڻهن ۾گهڻي ٿي، قناعت ۽ آرام سان ڏينهن گذاريندا رهيا، تان جو سمن ۽ سومرن جي گهرو لڙاين، سندن سڪون بي سڪون ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ ڪڇ ڏانهن راهي ٿيا، سنڌ وارن مريدن کي سندن وڇوڙو ناگوار لڳو، ۽ گهڻيءَ منٿ ميڙ تي سن 910 هه مطابق 1504ع ڌاري، خواجه صاحب جو وڏو ڏاڏو شيخ عبداللطيف ڪلان وري پنهنجي ماڳ موٽي آيو ۽ اڄ تائين اهو خاندان سنڌ ۾ مقيم آهي. لواريءَ وارن بزرگن جي وڏن مان شيخ محمد بن مالڪ نالي صاحب، حضرت شيخ محمد يماني سهروردي جو مڪي شريف ۾مريد ٿيو ۽ خلافت جو خرقو ڍڪيائين، جنهن ڪري هن خاندان ۾ سهروردي سلسلو جاري ٿيو، اهو سلسلو پشت بپشت هلندو آيو، تان جو خواجه محمد زمان صاحب جي والد شيخ عبداللطيف تي وڃي توڙ ڪيائين، جنهن صاحب شيخ فيض الله بن مخدوم آدم نقشبنديءَ جي ارادت حاصل ڪري، نقشبندي طريقو اختيار ڪيو.“ (چنا، 1968ع ، ص ،65)
مٿئين احوال مان نه صرف خواجه صاحب جي وڏن جي احوال متعلق ڄاڻ ملي ٿي، پر اها به خبر پوي ٿي ته، سندس وڏن پهريان سهروردي طريقو اختيار ڪيو، ان کان پوءِ نقشبندي طريقو اختيار ڪيائون. اهڙيءَ طرح هن مضمون جي مطالعي مان اها خبر پوي ٿي ته ، خواجه محمد زمان ننڍيءَ ڄمار ۾، پنهنجي والد بزرگوار جي نگرانيءَ ۾، قرآن مجيد ختم ڪيو، ان بعد ابتدائي تعليم کان پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ ٺٽي طرف آيا، پاڻ ٺٽي ۾ مولوي محمد صادق نقشبنديءَ جي مدرسي ۾ داخل ٿيا، ان دؤر ۾ اهو مدرسو سڄي سنڌ ۾ وڏي اهميت وارو ليکبو هو، هن مدرسي مان پاڻ اعليٰ تعليم حاصل ڪري سرخرو ٿيو.
تعليم جي پوري ٿيڻ تي، خواجه محمد زمان ٺٽي جي نامياري روحاني بزرگ خواجه ابو المساڪين جي صحبت اختيار ڪيائون، خواجه صاحب جي روحاني تربيت ۾، محمد زمان رچي ريٽو ٿيو، ظاهري ۽ روحاني تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ، خواجه محمد زمان ٺٽو ڇڏي پنهنجي ڳوٺ لواري طرف موٽي آيو، ڪجهه وقت کان پوءِ، پراڻو ڳوٺ ڇڏي هڪ نئون ڳوٺ ٻڌايائين، ان جو نالو به لواري شريف رکيو ويو. هتي نئين ڳوٺ ۾ رهڻ کان پوءِ خواجه محمد زمان جي روحاني مرتبي بابت، هنڌين ماڳين هاڪ ٿي وئي، پاڻ ”سلطان الاولياء“ جي لقب سان مشهور ٿي ويا، پاڻ اتي رهي ڪيترن ماڻهن جي اخلاقي ۽ روحاني تربيت ڪيائون.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جيڪو پڻ هن ئي دؤر ۾ ٿي گذريو آهي، سندس همعصر به هو. خواجه صاحب جي روحاني مرتبي جو ٻڌي، شاهه لطيف هن سان ملاقات لاءِ لواري شريف اچي پهتو، خواجه صاحب ۽ شاهه لطيف جي ان ملاقات جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته: ” شاهه ڀٽائي ۽ خواجه صاحب جي ملاقات جو ذڪر، “مرغوب الاحباب ” جي مؤلف نظر علي بلوچ آندو آهي، ٻنهي بزرگن جي گفتگو صوفياڻي بيت بازيءَ تي آهي ۽ ڏاڍي مرغوب آهي، جڏهن شاهه ڀٽائي خواجه صاحب وٽ آيو ته هي بيت چيائين .مثال طور:
”سامي سفر هليا، ڪو پروڙي پنڌ،
جنين هيٺانهان ڪنڌ، آءُ نه جيئندي ان ري”
خواجه صاحب جواب ڏنو ته:
”ڪين آهين، ڪين ٿئين، وڃي ڪين ڪماءِ،
لاڳاپا لوڪ جا، ”لا“ سين سڀ لهراءِ،
سامي پوءِ سلنداءِ، ڳالهه پريان جي ڳجهه جي.“
(چنا ، 1968 ع ص ، 66)
اهڙيءَ طرح ٻنهي صوفين جي رهاڻ ٿي، ۽ هڪ ٻئي کي وڏي عزت ڏنائون، ليڪن هر هڪ جي سلوڪ جي واٽ الڳ الڳ هئي تنهن هوندي به شاهه عبداللطيف ڀٽائي جيڪو پنهنجي وقت جو وڏو صوفي ۽ سنڌي زبان جو ڀلوڙ شاعر ٿي گذريو آهي، سو به خواجه صاحب جي ملاقات مان ايڏو ته متاثر ٿيو، جو چيو وڃي ٿو ته هيٺيون بيت خواجه صاحب جي ملاقات بعد ئي چيو اٿس.مثال طور:
”مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
تنين سندي ڪا، ڪري نه سگهان ڳالهڙي“
سندن ڪلام جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته : ”سندن ڪلام ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪ ملفوظات ۽ ٻيو ابيات، ملفوظات يعني اهي قول جي صوفياڻن نڪتن تي مريدن جي ارشاد لاءِ چيائون، تن جو شمار 446 آهي، انهن مان ڪي ”فردوس العارفين“ ۽ ”مرغوب الاحباب “۾ درج ٿيل آهن، ۽ ڪي چونڊ قول وري گروهڙي صاحب پنهنجي عربي ڪتاب ”فتح الفضل “۾ ڏنا آهن، سندن ملفوظات مان ڪجهه قول مثال طور ڏجن ٿا:
(1) جڏهن خدا ساڻ آهين، تڏهن جيڏانهن وڻئي تيڏانهن وڃ.
(2) سچي طالب جو حجرو ساڻس گڏ آهي وغيره
اهڙي طرح سان سندس ڪلام جو ٻيو حصو ابيات تي مشتمل آهي، انهي حوالي سان چنا صاحب هن طرح لکيو آهي ته: ” خواجه صاحب ڪيترائي سنڌي بيت چيا ٿا ڏسجن، پر ڪي ٿورا ڪتابن ۾ درج ٿيل آهن، جهڙوڪ: شاهه لطيف سان ملاقات وقت يا سندن ملفوظات ۾ ”فتح الفض“ ۾ به، گروهڙي صاحب هڪ بيت آندو آهي، انهن کان سواءِ ٻيا چوراسي بيت جي ”ابيات سنڌي“ جي نالي سان، پير جهنڊي جي ٻن قديم ۽ قلمي نسخن تان ڀيٽي، مرحوم ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽه 27 آڪٽوبر 1939ع تي ڇپايا، تن جي شرح عربيءَ ۾ گروهڙي صاحب ڪئي آهي، جنهن جي سنڌي معنيٰ ڊاڪٽر دائود پوٽه صاحب پنهنجي مذڪور ڪتاب ۾ ڏني آهي.“ (چنا ، 1968ع ، ص ، 67)
مطلب ته مٿئين حوالي مان خبر پوي ٿي ته، سندن ڪلام ٻن حصن تي مشتمل آهي، جنهن مان هڪ ملفوظات آهن، جن ۾ مريدن توڙي عام ماڻهن کي هدايت ڪندي، وقت بوقت صوفياڻي انداز ۾ قول چيائون، ۽ ٻيو حصو بيتن تي مشتمل آهي، لواري جي لعل جا چيل بيت خالي بيت ناهن، پر منجهن مڻيادار موتي پوئيل آهن ۽ انهن کي اهڙو ته سولي ۽ سليس زبان ۾ پيش ڪيو اٿس سو سولائيءَ سان هرڪو سمجهي سگهي ٿو.
سندن هڪ بيت مثال طور پيش ڪجي ٿو:
”پسڻ ڌاران پرينءَ جي، تفرقو طُورون،
نظر ۾ نورون، مهت مڙهي سڀ هيڪڙي“
(چنا، 1968ع ، ص ، 67)
مٿئين بيت ۾ سوز، گداز ۽ اثر انگيزي آهي، تصوف ۽ معرفت جا راز نهايت دلڪش انداز ۾ سمجهايل آهن .جيتوڻيڪ سندن ڪلام ٿورو مليو آهي، پر نهايت فڪر انگيز، سنجيده ۽ متين آهي، سندن ڪلام ۾، وحدة الوجود جي مسئلي کي تمام آسان پاڻي ۽ انجي لهرن جي تشبيهن ذريعي سمجهايل آهي، ان کان علاوه عارفن ۽ عاشقن ۽ ٻين نيڪ انسانن جي درجي ۽ مرتبي جو به بيان ڪيو اٿن:
خواجه محمد زمان، روحانيت ۽ تصوف کان علاوه، سنڌي ساهت جي تاريخ ۾ به وڏي اهميت حاصل ڪئي، بلاشڪ خواجه صاحب جو ڪلام اسان جي ادبي تاريخ ۾ رهندي، دنيا تائين قائم دائم رهندو.
هن مضمون ۾ چنا صاحب، خواجه صاحب جي خانداني پس منظر سان گڏ، سندس تعليم، پيري مريدي جي سلسلي، توڙي علمي ۽ اسلامي خدمتن جو به ذڪر ڪيو آهي. ڪٿي ڪٿي سندن ڪامل نقطن ۽ بيتن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن مان خبر پوي ٿي ته، هي درويش، صوفي بزرگ پنهنجي دؤر جي هڪ وڏي هستي ٿي گذريو آهي، نه رڳو عام ماڻهن کي حقيقيت جي راهه جا رستا ڏسيا، پر سنڌي ادب ۾ شاعريءَ جي ذريعي به وڏي خدمت ڪئي آهي.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون، ”خواجه محمد زمان رحه“ ماهوار ادبي رسالو، ”نئين زندگي“، جلد: ايڪيهون، نمبر: ٽيون، ايڊيٽر، شمشيرالحيدري، ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشنس، مارچ ، 1968ع ، ص ،65 .
(2) حوالو ساڳيو: ص ، 66
(3) حوالو ساڳيو : ص، 67 .
(4) حوالو ساڳيو : ص ، 67
*
(vii) سِيَبَويهه بن اسماعيل القزداري
چنا صاحب جي ذات ۾ ادب سان گڏ پنهنجي دين اسلام سان محبت هجڻ جا عنصر به شامل هئا، هن ڪيترن ئي اسلامي عالمن سڳورن ۽ شخصيتن جي باري ۾ به لکيو ۽ انهن جي احوال کي محفوظ ڪيو. انهن بزرگن مان ”سيبويھ بن اسماعيل القزداري“ به هڪ مشهور بزرگ شامل آهي، چنا صاحب هن شخصيت کان متاثر ٿي، سندس متعلق هڪ مضمون لکيو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي، ”مهراڻ“ جي، 1968ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو، پاڻ هن مضمون ۾ سندن شخصيت متعلق هن ريت لکيو آهي: ”واديء مهراڻ جي گلستان ڪهڙا ڪهڙا نه گونا گون ۽ بوقلمون رنگا رنگي گل پيدا ڪيا، جن نه رڳو هن خطي جي باشندن جي دماغ کي معطر ڪيو، پر سڄي دنيا کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيو، اڄ ٻين علمن کي پاسي تي رکي، علم حديث ۽ ان سان واسطو رکندڙن جو تذڪرو ڪرڻو آهي، انهيءَ جنهن ۾ اڄ ان گل جو احوال ڏيڻو آهي جو قزدار ڳوٺ ۾ رونما ٿيو، سندس اسم گرامي ابو داؤد سيبويه بن اسماعيل بن داؤد القزداري آهي.“
پاڻ قزادار شهر جو تاريخي پس منظر بيان ڪندي وڌيڪ لکي ٿو ته: ”هن شهر کي ڪن مؤرخن قضدار به ڄاڻايو آهي، پر ”معجم البلدان“ جي جلد چوٿين، صفحي 86 تي شهر کي قزدار ڪري ڄاڻايو ويو آهي، هي شهر اهو ساڳيو آهي جنهن کي هاڻي خوزدار سڏجي ٿو ۽ قلات ضلعي بلوچستان جو هڪ خوبصورت صحتمند ۽ قدرتي نظارن ۽ ميون سان لبالب شهر آهي، جيئن ته قلات اڳ سنڌ جي لاڙ جو هڪ حصو هو ۽ ٺٽي سرڪار جي تابع هڪ پرڳڻو هو، ان ڪري مؤرخن قزدار کي واديءَ مهراڻ جو حصو ٻڌايو آهي. عربن جي حڪومت جي زماني ۾ قزدار توران ملڪ جو مرڪزي شهر هو، جنهن ۾ لڳ ڀڳ موجوده بلوچستان جو ڏاکڻو ڀاڱو ۽ لاڙ جو مغربي حصو اچي ٿي ويو، چوٿين صديءَ جي وچ ڌاري ، هڪ عرب سردار معين بن احمد هت راڄ ڪيو ۽ ان وقت جي عباسي خليفي جي نالي ۾ خطبو پڙهيو. قزدار خارجين جو به مرجع ٿي رهيو آهي، 375 ۽ 386 هه بمطابق 985 ۽ 996ع جي وچ ۾، مشهور و معروف سلطان سبڪتگين ان تي قبضو ڪيو هو. قزدار وڻج واپار جو به مرڪز هو ۽ ان جي معرفت هند وسنڌ جو واپار ڪرمان، فارس ۽ خراسان سان هلندو هو. مذڪور شهرن جا خواهه هند و سنڌ جا واپاري هت اچي آباد ٿيا.“ (چنا، 1968ع، ص، 170، 169)
مٿئين بيان ڪيل احوال مان معلوم ٿئي ٿو ته، سيبويہ پنهنجي وقت ۾ حديث جو وڏو عالم ۽ ديني ادب سان واسطو رکندڙ هو. ان کان علاوه نه صرف سندس وطن مالوف متعلق ڄاڻ ملي ٿي، پر عربن جي دؤر ۾، قزدار شهر جي مرڪزي حيثيت توڙي وڻج واپار جي حوالي سان به معلومات ملي ٿي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، هي شهر انهن ڏينهن ۾ هڪ مرڪزي حيثيت رکندڙ شهر هو. اهڙي طرح عربن جي دؤر ۾ قزدار جي علمي، ادبي، ثقافتي توڙي مذهبي علمن جي سرگرمين جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته:
”جيتوڻيڪ اسان کي ڪا پڪي ثابتي نٿي ملي ته عربن، قزدار ۾ ڪي ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون جاري رکيون، پر ائين هروڀرو نه آهي، ڇو ته فرمان نبوي مطابق، عرب مجاهدن کي، علم القراَن ۽ الحديث جو ضرور پرچار ڪرڻو هو، ڇو ته هن شهر کي اصحابي سڳوري جي مرقد جو شرف حاصل هو. تيئن هت مذهبي علمن جو ضرور چرچو جاري و ساري هوندو: تاريخ جو ٻيو محقق عنصر هي آهي ته، عربن جي شروع واري دؤر ۾ سندن حڪومت مستقل نه رهي، ان ڪري سنڌ ۾ خواهه ٻين ملڪن ۾، علمن جي ترويج ۽ ترقي ٿي نه سگهي، ان ڪري قزدار ۾ اسانکي پنجين صَدي هجريءَ تائين فقط ٻن محدثن جو پتو پئجي سگهيو آهي، هڪ جعفر بن الخطاب القزداري، جنهن صاحب 450 هه بمطابق 1057ع ۾ وفات ڪئي، ان بعد اسان جو محدث سيبويہ آهي، وفات جي تاريخن جو معائنو ڪندي معلوم ٿو ٿئي ته پهرين يار جي وفات کان تيرهن سال پوءِ سيبوبہ صاحب انتقال ڪيو.“ (چنا، 1968ع، ص، 170 )۔
مٿيئن حوالي مان عربن جي دؤر حڪومت ۾ قزدار جي علمي ۽ مذهبي حيثيت معلوم ٿئي ٿي، ڇو ته هن شهر کي اصحابي سڳوري جي مرقد جو شرف مليل هو، اهو به معلوم ٿئي ٿو ته عربن جي شروعاتي ڏينهن ۾سنڌ توڙي ٻين ملڪن ۾ علمن جي ترقي نه ٿي سگهي، ۽ انهن ڏينهن ۾ قزدار ۾، پنجين صدي تائين ٻن محدثن جي متعلق ڄاڻ ملي ٿي، جنهن ۾ سيبويهه محدث به شامل آهي، پر هن بزرگ جي وفات جي تاريخ ڏنل نه آهي، اهڙي طرح سان هن مضمون جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته، سيبويه جو احوال بلڪل محدود آهي، ۽ ڪن ٿورن فارسي جي ڪتابن ۾ سندس احوال ڏنل آهي، ان حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته:
”لک شابسون آهن، هڪ پاڪستاني محقق ڊاڪٽر محمد اسحاق ڍاڪا واري کي، جنهن ”حديث ۽ محدثن“ جي عنوان تي ڪشالا ڪري، مٿا ڪٽ ڪري، احوال گڏ ڪري، ڪتاب انگريزيءَ ۾ شايع ڪرايو، ان ۾ اسانجي بزرگ سيبويه جو ذڪر آندو اٿس، جو سمعاني لسطرنج ۽ ٻين ماخذن تان ورتو اٿس.“ (چنا، 1968 ع ، ص، 171)
هن مضمون مان خبر پوي ٿي ته، ”سيبويهه بن اسماعيل القزداري“ علم حديث جو وڏو ڄاڻو هو، عربن جي دؤر ۾ قزدار شهر جي مرڪزي حيثيت ڪهڙي هئي، ۽ وڻج واپار جي حوالي سان به مشهور رهيو آهي، سيبويه حديث شريف جي علم کي، عام ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ وڏيون خدمتون ڏنيون ۽ دين اسلام لاءِ پاڻ پتوڙيو، هن مضمون کي پڙهي، چنا صاحب جي محنت کي داد ڏيڻو پوندو، جو پاڻ لڪل گوهرن تي، گوهر افشاني ڪئي اٿن، پاڻ اهڙن بزرگن جا سوانحي مضمون لکي، انهن جي شخصيت ڪردار ۽ ڪيل خدمتن کي هميشه لاءِ ڪتابن جي ورقن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو، ته جيئن ايندڙ نسل کي به، اهڙن بزرگ هستين جي باري ۾ ڄاڻ ملي سگهي.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي ، پروفيسر : مضمون، ”سيبويهه بن اسماعيل القزداري“، سه ماهي علمي ۽ ادبي رسالو ،”مهراڻ “ جلد: 17 ، نمبر: 1 ، ايڊيٽر، غلام محمد گرامي، ڄام شورو ، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1968ع، ص، 169 ، 170 .
(2 ) حوالو ساڳيو: ص، 170
(3 ) حوالو ساڳيو، ص، 171
*
(viii) علي بخش ”رضا“
مهراڻ رسالي جي ” شاعر نمبر“ ۾ سال 1969ع واري پرچي ۾ ، سنڌ جي مختلف شاعرن جي سوانح ۽ شاعري شايع ٿيل آهي. هن ”شاعر نمبر“ ۾ ،پروفيسر محبوب علي چنا جو به هڪ سوانحي مضمون سنڌ جي مشهور طباعت ۽ ڇپائيءَ جي ماهر ميان علي بخش احمد زئي جي باري ۾ شايع ٿيل ملي ٿو، جنهن ۾ چنا صاحب علي بخش ”رضا“ جي مختصر سوانح حيات ۽ سندس هنر مندان خدمتن ۽ سندس شاعري جي باري ۾ معلومات فراهم ڪئي آهي.
چنا صاحب، سندس اوائلي زندگي متعلق ڄاڻ ڏيندي لکيو آهي ته:” ميان علي بخش ”رضا“ ولد محمد يوسف احمد زئي، اڄ کان تقريباً 58 سال اڳ، حيدرآباد ۾ تولد ٿيو، 13، 14 سالن جي عمر ۾ پرائمري تعليم دوران، هنر طرف سندس طبيعت جو لاڙو ٿيو، ۽ پڙهائي کان ڪناره ڪشي اختيار ڪئي وئي، انگريزي تعليم جاري هئس، مگر انگريزن لاءِ سخت نفرت سبب اها به ترڪ ڪئي ويئي. ان زماني ۾خلافت جي هلچل زور وٺي چڪي هئي ۽ ميان صاحب ننڍي عمر ۾ ئي، قومي ڪارڪن طور مخلصانه ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.“ (چنا، 1969ع، ص، 741)
مٿئين حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته، علي بخش ”رضا“ جو پڙهائي طرف ايترو رجحان نه رهيو، جيترو هن، هنر طرف ڌيان ڏنو انگريزن لاءِ سندن دل ۾ سخت نفرت هئڻ ڪري پاڻ انگريزي تعليم کي به ترڪ ڪري ڇڏيائون، ڇاڪاڻ ته اها هڪ ڌارين جي ٻولي هئي، جنهن کي پاڻ پسند نه ڪيائون. ۽ پاڻ سنڌ جا هڪ سچا سپوت ڪارڪن ٿي، سنڌ جي آزاديءَ ۽ حقن لاءِ ڪم ڪيائون.
سندس بيان ڪيل هن سوانح مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته، پاڻ طباعت جي فن جو وڏو ماهر هو، سنڌي ادبي بورڊ جا شاهڪار ڪتاب، سندس مخلصانه ۽ ماهرانه فن جا شاهد آهن سندس ان فن ۽ خدمتن جي حوالي سان، چنا صاحب هن ريت لکي ٿو ته:
1923ع کان پريس لائن سان تعلق پيدا ٿيس، طباعت جي مختلف فنن جي سکيا سان کيس مثالي تجربو حاصل آهي، 1939ع ۾ آفتاب پريس جو مئنيجر مقرر ٿيو ۽ ساڳئي سال کان خاڪسار تحريڪ سان وابستگي پيدا ٿي، انهيءَ عرصي ۾ تحريڪ جي اخبار ”باب الا سلام“ (هفتيوار) جي ايڊيٽريءَ جا فرض، ڳچ وقت بخوبي ادا ڪندو رهيو. سنڌي ادبي بورڊ جڏهن حيدرآباد ۾ پنهنجو ڇاپخانو قائم ڪيو، تڏهن ان جي انتظام لاءِ، سندس خدمتون حاصل ڪيون ويون، سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتابن ۽ ”مهراڻ“ جي معياري ۽ ديده زيب ڇپائي، دلڪش سرورق ۽ گيٽ اپ وغيره، سندس وسيع طباعتي تجربي جو نتيجو آهن.“ (چنا، 1969ع، ص، 741)
مٿئين حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته، پاڻ هڪ محنتي، مخلص ۽ ڄاڻو انسان هو، تڏهن ته مختلف پريسن جو مئنيجر ٿي رهيو، ان کان علاوه هڪ قومي خادم جي حيثيت سان ”خلافت تحريڪ“ ۾ به حصو ورتائين، خاڪسار تحريڪ سان، تحريڪ جي خاتمي تائين وابسته رهيو، علي بخش ”رضا“ جو نه صرف پريس لائن سان تعلق رهيو، پر کيس شعر و شاعري جوبه شوق هو، پاڻ هڪ سٺو شاعر به هو، سندس شاعريءَ متعلق چنا صاحب لکي ٿو ته: ”32-1931ع ۾، شعر و شاعري ڏي سندس طبع جو رجحان ٿيو، ان وقت کان وٺي سندس ڪافيون ۽ غزل لکيل آهن، ”مهراڻ“ ۾ سندس گهڻو ڪلام ڇپيل آهي.مثال طور: .”ڪافي ۽ غزل“ جو هڪ مثال هيٺ ڏجي ٿو:
ڪافيءَ جو مثال:
”ڪل نه پيڙم ڪيچين جي الا،
هوت پنهون ڪنهن ويل وٺي ويا،
وينديس رهي هت آءُ ڇا ڪريان،
ٿينديس گولي جتن جي الا،
جيري مون سان جاڙ ڪري ويا،
راتيان ڏينهان آءُ رڙان ٿي،
لنؤن ته لڳي ٿم، لالن جي الا،
“رضا” کي رڙندي سال لنگهي ويا“
(چنا، 1969 ع، ص، 742 ،741)
سندس ڪافين ۾ درد جون پڪارون، صدائون ۽ آهون شامل آهن. پاڻ سسئي جي ڪردار کان متاثر ٿي ڪافيون چيون اٿن:اهڙيءَ طرح سندس لکيل غزل جو هڪ مثال ڏجي ٿو:
”اکيون بيوس وڃي اڙيون، چڪيءَ جا سڀ ويا چارا،
کڻي تو نرگسي ٻئي نيڻ، ڪئي دل آه روپارا،
چئي ڏس شاهه مصريءَ وَه ”رضا“ مصرع مٺي آهي،
اکيون از خود وڃي اڙيون، ڪري سامان سڪ وارا.“
(چنا، 1969 ع، ص، 745)
علي بخش ”رضا“ جي غزلن ۾ نه صرف فني پختگي آهي، پر فڪر جي گهرائي به گونا گون آهي، ان کان علاوه سندس غزلن ۾ جيڪا رواني ۽ فصاحت و بلاغت آهي اها ڪافي متاثر ڪندڙ آهي. علي بخش رضا هڪ سادو ۽ نهايت محنت ڪندڙ انسان هو، پاڻ گهڻي تعليم حاصل ڪري نه سگهيو، مگر پريس جي هنر سان، سندس گهڻي دلچسپي هئي، کيس انگريزن کان گهڻي نفرت هئي، ان ڪري خاڪسار تحريڪ ۾ ڪم ڪيائون، ۽ پاڻ هڪ سٺو شاعر به هو، علي بخش رضا جي هن سوانحي مضمون مان، اسان کي سندس زندگيءَ جي احوال سان گڏ سندس فن بابت به سٺي ڄاڻ ملي ٿي.
حوالا
(1 ) چنا، محبوب علي، پروفيسر : مضمون ، ”علي بخش رضا“،”مهراڻ ،شاعر نمبر“جلد: 18، نمبر 1 ۽ 2، ايڊيٽر ، غلام محّمد گرامي، ڄامشورو ، سنڌي ادبي بورڊ، سال، 1969، ص، 741 .
(2 ) حوالو ساڳيو: ، ص ، 741
(3 ) حوالو ساڳيو: ص، 742، 741
(4 ) حوالو ساڳيو: ص، 745
*
(ix) ابو القاسم فردوسي طوسي
پروفيسر محبوب علي چنا کي نه رڳو سنڌي ادب تي دسترس حاصل هئي، پر پاڻ فارسي زبان جو سٺو ڄاڻو هو، اهو ئي سبب آهي جو پاڻ فارسي زبان جي، فارسي ادب ۽ فارسي زبان جي ڪيترن علمي، ادبي ۽ ديني شخصيتن بابت ڄاڻ رکندڙ هئا، انهن مان ايران جي فارسي شاعر ، ” ابوالقاسم فردوسي طوسي“ جي زندگي ۽ سندس شاهنامو بابت هڪ مقالو لکيو، جيڪو ”مهراڻ “ رسالي ۾، سال 1970ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو.
پروفيسر چنا صاحب هن مقالي جي شروعات، فردوسي جي اعليٰ شخصيت جي حوالي سان هن ريت ڪئي آهي:
”دنيا جي بي ثباتيءَ ۽ فلڪ گج رفتار جي جادو گيريءَ ۽ شعبده بازيءَ جي تصوير ڪشي طوس جي هڪ شڪر شڪن طوطي جي زور طبع جو اثر آهي، جو عهد غزنويءَ جو بلند، پر تقدير ڪش ۽ مردم ڪش شخصيت آهي. جنهن تي ايران ۽ اهل ايران کي اڄ تائين بجا ناز آهي، پنهنجي جڳ مشهور شاهڪار “شاهنامه” معرفت ان به رڳو قديم ايران جي تاريخ مرتب ڪئي، پر فارسي زبان کي به، ”نئين زندگي“ بخشي، هي صاحب عهد غزنويءَ ۾ علم، شعر، تاريخ سير ۽ اخلاق جي اعتبار کان تمام ادبيات تي طاري آهي ۽ گويا سڀني علماءَ ۽ شعراء جو محور نظر اچي ٿو. ان ڪري هن عهد کي اگر ”عهد فردوسي“ سڏجي ته ڪنهن به قسم جو مبالغو نه ٿيندو. ايران جا موجوده نقاد هي ڄاڻائيندي فخر محسوس ڪن ٿا ته، “فردوسي فارسي زبان و ادب جو پايو بالڪل اعليٰ ۽ اتم ڪيو ۽ هن کي جاوداني حيثيت بخشي.“ (چنا، 1970ع، ص، 137)۔
مٿئين حوالي مان فردوسي جي نه صرف اعليٰ شخصيت جي باري ۾ خبر پوي ٿي، پر سندس شاهڪار ”شاهنامه“ جي ڪري پاڻ گهڻو مشهور ٿيو، انهيءَ ڪري فارسي زبان کي به وڏي هٿي ملي. اهو به معلوم ٿئي ٿو ته، پاڻ نه صرف شاعريءَ سان چاهه رکندڙ شخص هو، پر تاريخ سير و سياحت جو به شوقين هو. پاڻ سٺو عالم ۽ شاعر طور تسليم ڪيو ويو، ايتريقدر جو سندس دؤر کي ”عهد فردوسي“ سڏيو ويو آهي. ان کان پوءِ فردوسي جي نالي ۽ وطن بابت بحث ڪيو ويو آهي، ڪن فارسي جي ڪتابن جا حوالا به ڏنا ويا آهن. چنا صاحب سندس نالي ۽ وطن بابت لکيو آهي ته:
”سڀئي محقق هن راءِ تي متفق آهن ته، فردوسي جو تخلص فردوسي ۽ ڪنيت ابوالقاسم هئا، پر تذڪره نويسن سندس نالي ۽ سندس والد جي نالي ۾ اختلاف ڏيکاريو آهي، پر چنا صاحب جي تحقيق مطابق ته فردوسي طبران صوبي جي شهر طوس جي ڀر پاسي ”باز“ نالي ڪنهن ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو هو. سندس ولادت 30،329 هجري ڌاري بمطابق سن 41 ،940ع ۾ ٿي آهي، سندس نالو حسن ابو القاسم بن منصوره الفردوسي آهي، دولت شاهه سندس نالو حسن بن اسحاق بن شرف شاهه لکيو آهي. بايسنتر مرزا سندس نالو منصور بن فخرالدين بن فرخ ڄاڻايو آهي، حڪيم اسدي طوسي سندس هم عصر ۽ هم وطن هو، تنهن پنهنجي لغت جي هڪ تحرير ۾، فردوسي جو نالو ابوالقاسم بن منصوره الفردوسي لکيو آهي ۽ اهو ئي نالو ٻين عام مصنفن ۽ مؤرخن تسليم ڪيو آهي، ساڳئي طرح سندس پيدائشي ڳوٺ يا شهر جو نالو به ڪن باز رکيو آهي ته ڪن ”زران“ ۽ ”شاداب“ ، بهرحال انهي تي سڀ متفق آهن ته فردوسي طوس جو رهاڪو هو، اتي پيدا ٿيو ۽ زندگي بسر ڪري فوت ٿي ويو، بهرصورت هي مسلم حقيقت آهي ته، فردوسي طوس جي ان مردم خيز علائقي جو باشندو هو، جنهن حضرت امام غزالي، محقق طوسي ۽ نظام الملڪ جهڙن شخصيات کي جنم ڏنو آهي.“ (چنا، 1970ع، ص، 138 ،137)۔
مٿئين بيان مان نه رڳو سندس نالي، پيءُ جي نالي ۽ وطن بابت معلومات ملي ٿي، پر سندس سن ولادت جي تاريخ جي به ڄاڻ ملي ٿي. هن مقالي جي مطالعي ڪرڻ کانپوءِ سندس حالات زندگي جي حوالي سان معلوم ٿئي ٿو ته، سندس ابا ڏاڏا کيتي ٻاڙي ڪندا هئا، تنهنڪري پاڻ به پنهنجي ڳوٺ ۾ کيتي ٻاڙي ڪندو هو، ۽ ڳوٺ جي هڪ باغ ۾ پنهنجن دوستن سان اڪثر ڪچهريون ڪندو رهندو هو، پاڻ تمام بي فڪري واري زندگي گذاريندو هو، جڏهن ته شاهنامو به پاڻ انهيءَ دوران لکي ورتو هو، سندس کي هڪ ڌيءَ هئي، سندس خيال هو ته، شاهنامي مان جيڪو کين معاوضو ملندو، ان مان هو پنهنجي ڌيءَ جو ڏاج ٺاهيندو، هن پنهنجي هڪ دوست جي مشوري سان پنهنجي شاهنامي کي، هڪ بادشاهه سلطان محمود غزنويءَ وٽ پيش ڪيو، ڪن اديبن جو خيال آهي ته بادشاهه محمود فردوسي کي شاهنامو لکڻ جي فرمائش ڪئي هئي ۽ هڪ شعر جي عيوض ان هڪ اشرفي ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو.
بهرحال پروفيسر چنا صاحب سميت اڪثر محقق ان ڳالهه تي متفق آهن ته، محمود غزنويءَ جي درٻار ۾ ڪجهه مدت تائين شاهنامو ٻڌائيندو، تحسين جو داد حاصل ڪندو رهيو پر جڏهن انعام و اڪرام جو وقت آيو ته حاسدن فردوسي سان بدگوئي ڪئي، انهيءَ حوالي سان ڪيترائي واقعا پيش آيا. آخر هن محمود غزنويءَ لاءِ هجو (گلا) ۾ هڪ سؤ بيت لکيا، جيڪي طبرستان جي حڪمران شهريار وٽ کڻي نڪتو ۽ سلطان محمود واري سموري حقيقت ڪري ٻڌائي، تنهن تي شهريار سندس دلجوئي ڪئي ۽ جيڪي پاڻ، محمود جي گلا ۾ هڪ سؤ بيت لکيا سي شهريار فردوسيءَ کان پاڻ وٽ وٺي رکي ڇڏيا، جنهن تي شهريار فردوسي کي چيو ته، مان هڪ لک درهم توکي ڏيان ٿو. تنهن کان سواءِ اميد ته، سلطان محمود جلد ئي توکي گهرائي نوازيندو، ائين ڪري اهي بيت ساڙائي ڇڏيا ئين، باقي فردوسي واپس طوس روانو ٿي ويو.
چنا صاحب، محمود جي ندامت ۽ فردوسي جي وفات جي حوالي سان هڪ واقعو پيش ڪيو آهي، جيڪو هيٺ پيش ڪجي ٿو:
”هڪ دفعي محمود هندوستان جي مهم تان واپس اچي رهيو هو ته رستي ۾ ڪنهن هندستان جي راجا جو قلعو هو، محمود راجا کي چوائي موڪليو ته حاضر ٿي اطاعت مڃ، راجا جي جواب ۾ دير ٿي ته محمود پنهنجي وزير حسن ميمنديءَ کان پڇيو ته، اگر جواب اسان جي منشا جي مواقف نه آيو ته، حسن ميمنديءَ ٺهه پهه فردوسيءَ جي شعر جو جواب ڏنو ته:
”اگر جز بکام من آيد جواب، همي گوي ميدانِ افراسياب“
تنهن تي محمود پڇيس ته، هيءُ ڪنهن جو شعر آهي، هن ۾ ته شجاعت ۽ مردانگي جهلڪا ڏيندي نظر اچي ٿي، حسن جواب ڏنو ته، هي شعر ان بدنصيب جو آهي، جنهن پنجويهه سال محنت ڪري شاهنامو لکيو، پر بارگاهه غزنويءَ کان محروم ۽ نامراد واپس ٿيو، ان تي محمود نادم ٿيو ۽ حسن کي چيائين ته، غزنيءَ پهچي ياد ڏيارجانء، غزنيءَ پهچي حسن ميمنديءَ کيس ياد ڏياريو ۽ سٺ هزار اشرفيون فردوسي ڏي موڪليون ويون، اتفاق اهو ٿيو جو هڪ دروازي کان فردوسيءَ جو انعام داخل ٿي رهيو هو ته ٻئي دروازي کان فردوسي جو جنازو ٻاهر نڪري رهيو هو. آخر محمود جو هي انعام سندس نياڻيءَ کي پيش ڪيو ويو، پر غيور ڌيءَ قبول ڪرڻ گوارا نه ڪيو، جڏهن محمود کي اطلاع مليو ته حڪم ڏنائين ته، رقم سان فردوسيءَ جي نالي تي قافله سرائي بنائجي.“ (چنا، 1970ع، ص، 140).
مٿئين حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته، فردوسي جي مايوسي ۽ حالت تي جڏهن غور ڪجي ٿو ته حيرت به ٿئي ٿي ۽ هڪ حسرت به ، محمود جهڙو جليل القدر بادشاهه جنهن سومناٿ جي دولت علم ۽ فضل لاءِ وهائي ڇڏي ، جنهن عظيم الشان ۽ بيمثال ڪتبخانه قائم ڪيا ۽ انهن ۾ نادر روزگار شيون جمع ڪيون، جنهن جي درٻار ۾ چار سئو شاعر موجود هجن ۽ انهن تي اڪرام و انعام جون بارشون وسنديون هجن، جنهن کي “علماءُ جو پڄائيندڙ ” تصور ڪيو وڃي، سو اچي فردوسيءَ جي معاملي ۾ رڪجي، ان لاءِ ضرور ڪي سبب هوندا، تڏهن ته فردوسي ان صدمي ۾ وفات ڪري ويو.
پروفيسر محبوب علي چنا هن مقالي ۾ فردوسيءَ جي لکيل شاهنامي جا ماخذ، توڙي اهميت جي حوالي سان لکيو آهي ته:” ايران ۾ قديم زماني کان وٺي، بادشاهن جا اوصاف ۽ واقعات لکڻ جو رواج هو. قديم زماني جو هڪ ڪتاب ” خداي نامه“ آهي جو شاهنامي جي طرز تي لکيو ويو، هي پهلوي زبان ۾ ساساني عهد (652ع) جو عظيم يادگار آهي، هن جو ترجمو ابن مقفع ”تاريخ ملوڪ الفرس“ جي عنوان سان عربيءَ ۾ ڪيو.اصل ڪتاب ۽ انجو ترجمو اسلامي عهد جي آغاز ۾ موجود هو، پر افسوس اڄ ڪلهه ناپيد آهي. انکانپوءِ شاهنامي جي تاريخي اهميت بيان ڪيل آهي، جنهن ۾اهل يورپ جا اعتراضات به بيان ڪيل ملن ٿا، مثلاً: “ شاهنامو محض هڪ رزميه داستان آهي، شروع کان آخر تائين هي ڪتاب پهلوانن جي دليري ۽ بهادريءَ جي داستانن سان لبالب آهي.” پر چنا صاحب ان حوالي سان لکيوآهي ته :
”اهل يورپ جن جو هي اعتراض به درست نه آهي، ڇو ته فردوسيءَ ۾ انهن داستانن ۾ توحيد، وطن پرستي، فلسفه، تاريخ، معاشرت، اخلاق و تمدن جا مسئلا به بيان ڪيل آهن. الله تعاليٰ جي حمد ۽ عقل جي بيان ۾ فردوسي رقمطراز آهي ته:
”بنام خداوند جان و فرد، کزين برتر انديشد برنگذرد
خداوند نام و خداوند جاي، خداوند روزي ده ورهنماي
سخن هرچه زين گوهران بگذرد، نيا بد بدؤراه جان و خرد
ستون نداندکس اوراچو هست، ميان بندگي رابپايدت بست“
(چنا، 1970ع، ص، 144 ،143)
مٿئين شعر مان فردوسيءَ جي عقيده توحيد جو پورو پتو پئجي وڃي ٿو، هن کي يقين آهي ته فلسفيانه موشگا فين جي روءِ سان ذات خداوندي جي حقيقت معلوم نه ٿي سگهندي، نه وري ان جي خاطر خواه تعريف و توصيف ٿي سگهندي..
هن مقالي ۾ شاهنامه جي ترتيب، شاهنامه جا حالات ۽ واقعات، شاهنامي ۾ چند فارسي الفاظن جو استعمال، شاهنامي جا مطالب، شاهنامي جون ادبي خوبيون، جنهن ۾ واقع نگاري، منظر ڪشي، تشبيهه واستعباده ايجاز و اختصار، جذبات نگاري وغيره، جو جامع ذڪر ڪيل آهي. ان کانپوءِ شاهنامي جون فني خاميون، جنهن ۾ شاهنامه صوتي اثرات جي ڪمي، مردانه ۽ زنانه احساسات ۾ يڪسانيت ۽ شاهنامه جي ترجمن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
مقالي جي آخر ۾، فردوسي جي وفات جي سن متعلق چنا صاحب هن ريت ڄاڻايو آهي:
”حمد الله مستوفي مطابق فردوسي جو سال وفات 416 هه آهي، ليڪن دولت شاهه سمرقنديءَ مطابق فردوسيءَ جو سال وفات 411 هه آهي، شاهنامي ۾ فردوسي لکيو آهي ته هاڻي منهنجي عمر تقريباً اسي سال آهي، 409 ۽ 410 هه جي بعد، فردوسي شاهنامه ۾ وڌيڪ ڪجهه نه لکيو،هن جي ولادت بابت اڳ ۾ لکي آيا آهيون ته 329 هه 330 هه آهي ته ان لحاظ سان ان جو سال وفات، دولت شاهه سمرقنديءَ جي بيان مواقف 411 هه 1020 ع درست معلوم ٿئي ٿو.“ (چنا، 1970ع، ص، 156 )
جيئن ٻين محققن جي تذڪرن ۾ فردوسيءَ جي وفات جا سن هجري ڄاڻايل آهن، سي به چنا صاحب ڄاڻايا آهن، ۽ مذڪوره حوالي مان وفات جو سن هجري واضع طور معلوم ٿئي ٿو. اهڙيءَ طرح ايران جو پرستار ايران جي عظمت رفته کي شاهنامه ۾ محفوظ ڪندي ائين چوندو رمندو رهيو ته:
”عجم زنده کردم بدين پارسي“
مطلب ته، چنا صاحب جي هن طويل مقالي مان خبر پوي ٿي ته، پاڻ وڏي محنت ۽ جاکوڙ ۽ تحقيق واري انداز سان، فردوسي جي سوانح حيات، سندس علمي منزل، مانُ، مرتبو ۽ سندس مشهور و معروف تصنيف شاهنامه جي باري ۾ جيڪو احوال قلمبند ڪيو آهي اهو فارسي زبان جو ته هڪ وڏو ذخيرو آحي، ساڳئي وقت سنڌي ادب ۽ سنڌي ادب سان چاهه رکندڙ لاءِ بهترين ڄاڻ ڏيندڙ نمونوآهي، هي مقالو نه صرف عام پڙهندڙن لاءِ پر تحقيق ڪندڙن لاءِ به بهترين ڄاڻ ميسر ڪري ٿو.
حوالا
(1 ) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقالو، ” ابوالقاسم فردوسي طوسي“، سه ماهي علمي ۽ ادبي رسالو ”مهراڻ“ جلد: 19، نمبر: 1، 2 ، ايڊيٽر: غلام محمد گرامي، ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ، رسالو، 1970 ع، ص، 137 .
(2 ) حوالو ساڳيو: ص ، 138 ،137
(3 ) حوالو ساڳيو: ص ، 140
(4 ) حوالو ساڳيو: 144، 143
(5 ) حوالو ساڳيو: 156
*
(x) مخدوم بلالرح
مخدوم بلالرح جو نالو سنڌ جي انهن صالح سرويچن ۾ شمار ٿئي ٿو، جن سنڌ ۾ ديني تعليم کان علاوه حق ۽ سچ جا سبق ڏنا، هونءَ به ڏٺو وڃي ٿو ته، ڪيترن بزرگ عالمن سنڌ ڌرتي توڙي مظلوم ماڻهن جي حقن لاءِ، پنهنجي جان جا نذرانه ڏيندا رهيا آهن، اهڙن ئي بزرگن مان جن سنڌ ملڪ جي ماروئڙن کي غيرن جي غلامي کان بچائڻ لاءِ پنهنجي حجري مان نڪري سنڌ جي جوڌن توڙي عام ماڻهن کي ڌارين سان مقابلو ڪرڻ لاءِ اڀاريو، انهن ۾ مخدوم بلالرح جي شخصيت مٿانهين ۽ پڌري ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
پروفيسر محبوب علي چنا پنهنجي علائقي جي هن عظيم بزرگ هستيءَ تي، پنهنجو قلم کنيو ۽ مخدوم بلالرح جي حياتيءَ جو احوال قلم بند ڪري، هڪ مقالو بــــــعنوان ”مـــخدوم بــــلالرح “، ماهـــوار رسالـــــي، ”الرحيم“، 1972ع واري پرچي ۾ شايع ڪيو ويو.
پاڻ هن بزرگ هستيءَ جي باري ۾ لکن ٿا ته: ” حضرت مخدوم بلالرح ، سمو سنڌ جي سر زمين جي انهن مايه ناز فرزندن ۽ سڀاڳي سپوتن مان آهي، جن ديس واسين کي قرآن شريف تفسير، حديث شريف، فقه، شريعت ۽ غزا جي شين کان روشناس ڪيو، هي بزرگ اصل ٽلٽي جي واهڻ جو واسي هو، سندن ولادت جو پتو نه ٿو پوي، پر سندن وفات سن 929هه بمطابق 1522ع ۾ ٿي“ (چنا، 1972ع، ص، 5 )
سندن ولادت جي پوري طرح معلومات نٿي ملي، چنا صاحب به ولادت جي تاريخ نه ڏني آهي، صرف وفات جي تاريخ ڄاڻائي آهي، جيڪا تاريخ ٻين ڪتابن ۾ به ساڳئي ملي ٿي، ان کان علاوه سندس خدمتن ۾ ديس واسين کي مختلف علمن سان روشناس ڪرڻ جي به ڄاڻ ملي ٿي. چنا صاحب، مخدوم بلالرح جو تاريخي پس منظر به ڄاڻايو آهي، جنهن ۾ هن سمن جي دؤر جي سونهاري سمو ڄام نظام الدين جي وفات کانپوءِ، سنڌ جي غلامي واري دؤر جو تاريخي پس منظّر بيان ڪيو، ۽ ان دؤر ۾ جيڪي حاڪم ٿيا انهن حاڪمن جي دؤر ۾ مخدوم بلالرح موجود هو، جيئن پاڻ هن ريت لکيو اٿن ته: ” انهيءَ مدت کي جيڪڏهن باريڪ بينيءَ سان جاچبو ته معلوم ٿيندو ته، مخدوم صاحب جن، سنڌ جي هيٺين حاڪمن جي وقت ۾ موجود هئا.
(1) ڄام تغلق شاهه (جوڻو) بن صدرالدين سڪندر شاهه. (2) ڄام مبارڪ (3) ڄام سنجر
(4) ڄام نظام الدين ثاني معروف به ڄام نندو (5 ) ڄام فيروز
(6) مرزا شاهه بيگ ارغون ۽ (7 ) مرزا شاهه حسن ارغون.“ (چنا، 1972ع، ص، 5،6 )
مٿئين حوالي مان سمن جي آخري دؤر جي حاڪمن ۽ ارغونن جي شروعاتي دؤر جي حاڪمن جو پتو پوي ٿو، مذڪوره حاڪمن جي صاحبيءَ ۾ مخدوم بلالرح جن موجود هئا.
هن مقالي جي مطالعي مان اها به خبر پوي ٿي ته، مخدوم بلال واري سمي ۾، ٻه مذهبي ۽ صوفيانه تحريڪون به موجود هيون، هڪ جو نالو مهدوي تحريڪ ۽ ٻيءَ جو نالو بلالي هو، اهي ٻئي تحريڪون چوٽ تي هيون، مهدوي تحريڪ جو باني، سيد ميران شاهه جونپوري جو مهدوي جونپوري جي نالي سان مشهور هو، ۽ ٻي تحريڪ جو باني مخدوم بلال هو.
ڪن ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو ته، مخدوم صاحب ابتدائي تعليم، ٺٽي مان حاصل ڪئي، پوءِ وڌيڪ تعليم ٽلٽي جي ڳوٺ ۾ مخدوم عمر وٽ اچي حاصل ڪئي، انهن ڏينهن ۾ تعليم جا مکيه مرڪز، ٺٽو، سيوهڻ، پاٽ ۽ ٽلٽي وغيره هئا. پر چنا صاحب وري هن طرح لکيو آهي ته: ” هن جي اوائلي اوسٿا ۽ ابتدائي تعليم جو پتو نه آهي، باقي مولا غوثي بن حسين بن موسيٰ شطاريءَ دکني پنهنجي شهره آفاق ڪتاب، ” گلزار ابرار“ ۾ چند سنڌي ڌڻي ڌوئلن جو احوال ڏنو آهي، ان ۾ حضرت مخدوم بلالرح جي باري ۾ هدايت سنڌي برهانپوري جي روايت مطابق لکيو آهي ته هن کي خواجه خضر کان روحاني فيوضات حاصل ٿيا.“ (چنا، 1972ع، ص، 6 )
ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ، سنڌ ڪيترن ئي الله وارن وانگر مخدوم صاحب کي به اويسي طور طريقي وانگر، رسول اڪرم ﷺ جي معرفت فيوضات الاهي حاصل ٿيا. معلوم ائين ٿو ٿئي ته پاڻ مذهبي علم، تفسير ۽ حديث ۾ خاص ماهر هو، جنهن ڪري دور دراز پنڌ تان، طالب وٽس علم پرائڻ ايندا هئا، سندن روحاني تعليم جي حوالي سان چنا صاحب هن ريت لکيو آهي ته: ”سندس ظاهري خواه روحاني علمن جو فيض ”صداءِ عام ھے ياران نکته دان کي لئے“ وانگر عام هو ، سندس بلالي برڪت جي بي پايان بحر مان ڪئين پياسا پر ٿيا ۽ فيضياب ٿيا.“ (چنا، 1972ع، ص، 6 )
مٿئين حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته ، مخدوم بلال هڪ وڏو ڪامل بزرگ، عالم ۽ فاضل هو، تفسير ۽ فقه ۾ وڏو ماهر هو، تنهنڪري وقت جي وڏن عالمن ۾ سندس شمار ٿيندو هو، شريعت جو پابند هوندو هو، تنهنڪري اخلاقي، روحاني ۽ شرعي واعظ ۽ نصيحت به ڪندو هو، ۽ خدا جي خلق کي افضل عبادت جو درجو ڏيندو هو . مطلب ته مخدوم صاحب روحاني ڪماليت ۾ اعليٰ درجو رکندڙ هو.
اهڙي طرح هن مقالي جي مطالعي مان وڌيڪ اها به ڄاڻ ملي ٿي ته، ڄام نظام الدين سمو جي وفات کانپوءِ سندس پٽ ڄام فيروز، سنڌ جو نئون بادشاهه بنيو هو. ملڪ جون حالتون تيزيءَ سان خراب ٿينديون ويون، بگڙيل صورت حال جو فائدو وٺي قنڌار جو حاڪم شاهه بيگ ارغون سنڌ جي تخت گاهه ٺٽي تي ڪاهي آيو ته ڄام فيروز ڀڄي نڪري ويو، سنڌ جو سچو سپاهي دولهه دريا خان مقابلو ڪندي نيٺ شهيد ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ سنڌ تي ڌارين جو راڄ قائم ٿي ويو.
آخر مخدوم بلال، هن سياسي تبديليءَ کي خطرناڪ سمجهي جدوجهد جو فيصلو ڪيو، شاهه بيگ ارغون ٺٽي کان سيوهڻ پهتو ته کيس مخدوم بلال جي باري ۾ ڄاڻ ڏني وئي، هن ٽلٽيءَ تي حملي جو حڪم ڏنو، مخدوم صاحب جي مريدن شاهه بيگ سان زبردست جنگ ڪئي، جنگ ۾ ارغونن کي سوڀ حاصل ٿي، شاهه بيگ پنهنجي عادت موجب پنهنجي لشڪر هٿان، ٽلٽيءَ جي ماڻهن کي ڦريندو لٽيندو ۽ مارائيندو رهيو ۽ اتان جي رهاڪن کي مڪمل طور تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيائين، شاهه بيگ کي خبر هئي ته، سنڌين کي وڙهڻ لاءِ تيار ڪرڻ ۾، مخدوم بلال جو وڏو هٿ هو، ان ڪري هن مخدوم صاحب ۽ سندس خليفن تي ڪرڙي نظر رکي ۽ مٿن ڪيترا ڏنڊ وڌا، جيڪي هنن ڀري ڏنا، شاهه بيگ جي دل تڏهن به ڪونه ٺري، سوهن هٿ ٺوڪين مُلن کان فتويٰ وٺي، مخدوم بلال کي گهاڻي ۾ پيڙهائي شهيد ڪرائي ڇڏيو.
چنا صاحب، مخدوم بلال جي شهيد ٿيڻ جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”مخدوم بلال جو گهاڻي ۾ پيڙجي شهيد ٿيڻ جو واقعو ڪنهن به مستند تاريخ يا تذڪري ۾ آيل نه آهي، پر باغ واهڻ جي واسين کان هي روايت آهي ته، مخدوم صاحب ڪنهن چاڪيءَ کي پنهنجي نگري اندر برداشت نه ڪندو آهي.“ (چنا، 1972ع ، ص، 8 )
ڪن تاريخن ان واقعي کي حقيقت جي خلاف سمجهيو آهي ۽ صرف هڪ عوامي روايت سمجهيو آهي. حقيقت اها آهي ته، ان وقت سنڌ مٿان حڪومت ڪندڙ حاڪم اهڙن سپوتن ۽ سرواڻن جي شخصيت ۽ تاريخ کي مسخ، يعني سٺي حالتن مان بدلائي خراب حالتن ۾ ڪرائي ڇڏيندا هئا ۽ انهن جو ذڪر تاريخ جي ڪتابن ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر ملي ٿو، ڇوته اها تاريخ به حاڪمن، پنهنجي دؤر حڪومت ۾ درٻاري عالمن کان لکرائي آهي،
تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿوته، ان وقت جا ظالم حڪمران سرڪشي اختيار ڪرڻ وارن ماڻهن کي طرحين طرحين عقوبتون ۽ صعوبتون ڏيندا هئا، جيئن کل لهرائڻ ، بتين تي لنبرائڻ، نانگن کان ڏنگ هڻائڻ وغيره، جهڙيون سزائون ڏيندا هئا، ان ڪري هيءَ روايت جيڪا گهاڻي ۾ ، پيڙجڻ واري آهي، سا حقيقت معلوم ٿئي ٿي . هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته مخدوم بلال کي گهاڻي ۾ ڪيئن پيڙيو هوندائون، ان لاءِ فقط اهو چئي سگهجي ٿو ته،ظالم جڏهن ظلم ڪرڻ لڳندو آهي ته هو ظلم جي انتها ڪري ڇڏيندو آهي، ان ڪري سندس شهادت يقيني آهي. اهڙيءَ طرح سندس مڻيادار معاصرن خواه شاگردن جو به ذڪر ڪيو ويوآهي،
مثلاً: سندس همعصرن ۾ شيخ ڀرڪيو ڪاتيار نصرپور، مخدوم عربي ڌياڻو، مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد، مخدوم جعفر بوبڪائي، مخدوم صدرالدين (صدو لانگاهه)، مخدوم ساهڙ لنجار، مخدوم حسن عرف بلالي ڀاڻوٺ، شيخ مخدوم دانيال سيد حيدر شاهه سنائي وغيره. شامل آهن. سندس شاگردن ۾ مثلاً: قاضي ڏتو بن قاضي شرف الدين عرف مخدوم راهو سيوهاڻي، هن صاحب تفسير ۽ حديث جي تڪميل مخدوم بلال وٽ ڪئي. هي مخدوم بلال جي ذهين شاگردن مان هڪ هو.
مخدوم بلالرح، سنڌي سرائڪي، عربي ۽ فارسي ٻولين ۾ چڱي مهارت رکندو هو، فارسي ٻوليءَ ۾ سندس رباعيون ملن ٿيون،
چنا صاحب، مخدوم بلال جي رباعين مان هڪ رباعي جو نمونو مقالي جي آخر ۾ ڏنو آهي.مثال طور:
”در راه خدا ز سر قدم بايد ساخت،
سر مايهء اختيار خود مي بايد باخت،
(چنا، 1972ع، ص، 10 )
اهڙيءَ طرح هن مقالي ۾ چنا صاحب، مخدوم بلال جي دؤر جا حالات ۽ سمن جي حڪمرانيءَ جا ڪيترائي تاريخي احوال ڄاڻايا آهن. مطلب ته مخدوم بلال جي عمر، ماڻهن کي نيڪيءَ جي تعليم ڏيندي ۽ وطن جي خلاف ڪاهي ايندڙ، ڌارين ۽ غاصبن سان مهاڏو اٽڪائڻ ۾ گذري، پنهنجي سموري زندگيءَ ۾ ماڻهن کي، روحاني تعليم ڏيندي گذاريائون، مخدوم بلالرح جهڙن سنڌ جي عظيم سپوتن جي زندگي ۽ سندن ڪارنامن جو جڏهن احوال پڙهجي ٿو ته، اسان کي خبر پوي ٿي ته، نيڪ ٿي گذارڻ ٻين جي ڪم اچڻ ، خدا جي راهه جو پانڌيئڙو ٿيڻ ۽ ان سان گڏ پنهنجي وطن جي حفاظت ڪرڻ، هر انسان جو پهريون فرض آهي، خدا پاڪ اسانکي به همت ڏي ته اسان به انهن بزرگن جي پيروي ڪندي، پنهنجي وطن جي حفاظت ڪري سگهون.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقالو، ”مخدوم بلالرح“، ماهوار،” الرّحيم“، جلد: 4، نمبر: 5، ايڊيٽر: علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، حيدرآباد، شاهه ولي الله اڪيڊمي، نومبر، 1972ع، ص، 5 .
(2) حوالو ساڳيو: ، ص ، 6 ، 5
(3) حوالو ساڳيو: ، ص ، 6
(4) حوالو ساڳيو: ، ص ، 6
(5) حوالو ساڳيو: ، ص ، 8
(6) حوالو ساڳيو: ، ص ،10
(xi) هالن پراڻن جا ٻه مرحوم بزرگ عالم
پروفيسر محبوب علي چنا، گهڻو وقت سروري اسلاميه ڪاليج هالا جو پرنسپال ٿي رهيو، پاڻ نه صرف اتي تدريسي خدمتون سرانجام ڏنائون، پر ان سان گڏوگڏ هالا توڙي ان جي آسپاس قديمي بزرگ عالمن جي باري ۾ تحقيقي مقالا لکيائون ته جيئن انهن بزرگن جي زندگيءَ جو احوال ۽ علمي ادبي خدمتن جي باري ۾ به معلومات حاصل ٿي سگهي.
پاڻ هالن پراڻن جي ٻن بزرگ عالمن، هڪ مولانا مولوي حاجي محمد صاحب ۽ ٻيو مولانا احمدرح جي شخصيت جي زندگيءَ جو احوال قلم بند ڪيائون ۽ مذڪوره عنوان سان هي مقالو رسالي ”الرحيم“ ، 1972ع واري پرچي ۾ شايع ڪيو ويو.
پاڻ پهرين بزرگ مولانا مولوي حاجي محمد صاحب جي ولادت ۽ تعليم جي حوالي سان لکيو اٿن ته:
”مولانا مولوي حاجي محمد صاحب ، تاريخ 27 رمضان المبارڪ، 1279 هه ليلته القدر جي رات تولد ٿيا. شروعات کان وٺي کين تحصيل علم جو گهڻو شوق هو، حالانڪ فارسي جا درسي ڪتاب، پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ پڙهي عربي صرف ونحو جا ڪتاب مرحوم مولانا مولوي خليفه حاجي عبداللطيف صاحب ساڪن هالا نوان کان پڙهي، پاڻ پاٽ شريف ضلعه دادو ۾ مرحوم مولانا مولوي حسن الله صاحب پاٽائي جن وٽ ڪجهه وقت پڙهيائون، ان کان پوءِ حيدرآباد سنڌ ۾ مرحوم مولانا مولوي محمد حسن صاحب ڪنڊئي وارن وٽ جمله درسي عربي ڪتاب نظامي نصاب، مطابق پڙهي فارغ ٿيا ۽ اتي پنهنجي مشفق استاد جي ارشاد موجب ٻه، ٽي سال درس ڏيندا رهيا، ان بعد پنهنجي وطن هالا پراڻا اچي درس و تدريس جو سلسلو جاري رکيائون جتي چڱو وقت رهي عربي مدرسو (مدرسه محمديه) هلايائون.“ (چنا، 1972ع، ص ، 11 )
مٿئين بيان ڪيل حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته، مولانا مولوي حاجي محمد صاحب ظاهري تعليم لاءِ ڪيترا نه ڪشالا ڪاٽيا، مختلف هنڌن تان عربي ۽ فارسي توڙي گرامر جا قاعدا پڙهي، عالم جي اعليٰ مقام تي پهتا، ۽ پوءِ واپس پنهنجي وطن اچي هڪ مدرسو کولي، انهي علم جي خزاني مان پنهنجو وکر ونڊيندا رهيا.
سندن بيان ڪيل هن مختصر سوانح حيات مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته، پاڻ حديث ۽ فقه جا وڏا ڄاڻو هئا، سندن قائم ڪيل مدرسو اڄ به هالا پراڻا ۾ موجود آهي، پاڻ طبع جا جلالي ۽ لاابالي هوندا هئا، پاڻ مسلم عالم ۽ متقي هئا. مثنوي مولانا روم ۽ مڪتوبات امام رباني تي کين گهڻو عبور حاصل هو، علم تصوف جا به نڪته دان ۽ نڪته سج هئا، تصوف جي حوالي سان مختلف عالمن، بزرگن سان به سندن بحث مباحثا ٿيندا رهيا، جيئن چنا صاحب انهيءَ حوالي سان هن ريت لکيو آهي ته:
”وقت بوقت تصوف جي باريڪ نڪتن ۽ رموز تي، حضرت مولانا وهادينا مرحوم خواجه حافظ محمد حسن جان صاحب سرهندي مجددي جن سان سندن بحث مباحثا ۽ سوال جواب ٿيندا رهندا هئا، اهڙيءَ طرح مسائل فقه ۾ به حضرت علامه مولانا مولوي عبدالغفور صاحب همايوني، جن سان سندن نوشت و خواند بطور مباحثه رهندي هئي.“ (چنا، 1972ع ، ص، 11 )
مٿئين حوالي مان خبر پوي ٿي ته ، مولانا صاحب کي علم حاصل ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق هوندو هو، ۽ خاص ڪري پيچيده ۽ منجهيل مئسلن جي حوالي سان وڏن بزرگن عالمن سان بحث مباحثه ڪري گهڻو ڪجهه حاصل ڪندا هئا، انهن عالمن جي صحبت مان پاڻ گهڻو پرايائون ايتريقدر جو پاڻ حضرت پير شيخ ميان ولي محمد بن شيخ محمد اسحاق ملاڪاتيار جا مريد به ٿيا. پاڻ نه صرف صورت جا سهڻا هئا پر سيرت جي حوالي سان به پنهنجو مٽ پاڻ هئا، پاڻ پرهيزگار، تهجد گذار ۽ بي ريا عالم رباني هئا، هميشه توڪل علي الله رهي پنهنجو وقت گذاريائون، اهڙيءَ طرح هن بزرگ عالم جي وفات فالج دوران 4 ربيع الثاني، 1336 هه تي ٿي . سندن مزار شهر هالا پراڻا جي کڏي کٿوري جي مقام ۾ آهي.
چنا صاحب سندس ڪجهه تصنيفن جو به ذڪر ڄاڻايو آهي، پر انهن مان گهڻيون ڇپيل نه آهن:
مثلاَ:
”الفتاوي المحمديه في احڪام لا حمديه (عربي)
حقوق الزوجين (سنڌي)
شرح ماة احاديث (سنڌي)
رموز الفرقان (سنڌي)
فقه بيبي بلقيس ( سنڌي)
رساله درامور طبعيه (فارسي)
عشرين مسائل فارسي، حل التر کيب منطق ( عربي)
۽ ڪشف الجان (سنڌي) وغيره.“
(چنا، 1972ع ، ص، 12 )
مٿين تصنيفن مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ ، ٽنهي ٻولين تي عبور رکندڙ هئا، تڏهن ته ٽنهي ٻولين ۾، سندس تصنيفون ملن ٿيون ، پر افسوس جو انهن مان گهڻيون شايع ٿيل نه آهن.
اهڙيءَ طرح هن مقالي ۾ شامل ٻي شخصيت مولانا احمدرح جي زندگيءَجو مختصر احوال ڏنو ويوآهي، جنهن لاءِ چنا صاحب هن طرح لکيو آهي ته:” مرحوم مولانا صاحب جن جي ولادت، حيدرآباد ضلعي جي مشهور شهر هالا پراڻا ۾، تاريخ 7 جماد الثاني 1314 هجري ۾ ٿي. سندن والد جو نالو حضرت مولانا مولوي حاجي محمد هو، حضرت مولانا موصوف جن ننڍي هوندي کان ئي طبيعت جا نهايت ذهين ۽ بلڪل هوشيار هوندا هئا، ايتريقدر جو پاڻ صرف ارڙهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي والد بزرگوار وٽ قرآن شريف ، فارسي جو سارو نصاب ۽ عربي جو جملي نظامي نصاب ختم ڪري دستار فضيلت ٻڌائون. سندن دستار بندي جي رسم تبرڪات، حضرت مولانا و مرشدنا الحاج خواجه آقا حافظ محمد حسن جان صاحب مرحوم سرهندي مجددي جن کان ڪرائي وئي هئي. مولانا صاحب جن دستار بندي بعد پنهنجي والد مرحوم جي “ (مدرسي محمديه) ۾ درس ڏيڻ لڳا.“ (چنا، 1972ع ، ص، 12)
مٿئين حوالي مان مولانا احمدرح جي ولادت جي خبر پوي ٿي ،۽ ان سان گڏوگڏ سندن تعليم جي به ڄاڻ ملي ٿي، فارغ تحصيل کانپوءِ پاڻ پنهنجي پيءُ جي قائم ڪيل مدرسي ۾ درس ڏيڻ لڳا. هن بزرگ عالم جي حوالي سان هن مقالي جي مطالعي مان وڌيڪ اهو به معلوم ٿو ٿئي ته، پاڻ ان مدرسي جي خدمتن سان گڏ تحرير نويسيءَ ۽ شرعي فيصلن جو ڪم بجا آڻيندا هئا. پاڻ تحرير نويسيءَ جي فن ۾ تمام گهڻا ماهر هوندا هئا، ۽ سڄي سنڌ ۾ سندس هاڪ مشهور هوندي هئي، پاڻ حيدرآباد ۽ نوابشاهه ضلعن جا وڏا مفتي به هئا.
سندن اخلاق، اعليٰ ڪردار ۽ شخصيت جي باري ۾ چنا صاحب هن ريت لکيو آهي:” سندن طبع بلڪل نرم، خوش اخلاق مرنج مرنجان بردبار ۽ ماٺڻي هئي، قحط الرجال جي زماني ۾ سندن شخصيت اعليٰ درجي جي هئي، مطلب ته پاڻ صحيح معنيٰ ۾ بينظير عالم، باعمل، نهايت پرهيزگار متقي، متشرع، زبردست فقيه ۽ عالم حقاني هئا. پاڻ هميشه قومي خيال رکندڙ ۽ سياست جا ڄاڻو هئا، خلافت تحريڪ کان وٺي جيڪي به سياسي ۽ مذهبي تحريڪون وقت بوقت ٿينديون هيون، تن ۾ نه فقط همدرد ۽ معاون هئا،مگر پاڻ هڪ اعليٰ رڪن جي حيثيت سان معروف عمل پڻ رهندا هئا.“ (چنا، 1972ع، ص، 13 )
هن حوالي مان نه صرف سندن سهڻن اخلاقن ۽ اعليٰ شخصيت توڙي ڪردار جي خبر پوي ٿي، پر پاڻ سياست سان به تعلق رکندڙ هئا، ۽ مختلف سياسي توڙي مذهبي تحريڪن ۾ اعليٰ ڪارڪن ٿي رهيا، انهي حوالي سان ڪيتريون خدمتون سرانجام ڏنيون. اهڙي طرح سان هن عالم جي وفات 15 محرم الحرام 1376 هجري ۾ پراڻن هالن ۾ ٿي، سندن قبر پنهنجي والد بزرگوار جي قبر جي ڀرسان آهي.
پروفيسر چنا صاحب، هن مقالي ۾ سنڌ جي انهن ديني ۽ علمي بزرگن جو احوال قلمبند ڪيو آهي، جيڪي نظر انداز ڪيل شخصيتون رهيون آهن، مذڪوره بزرگن جو ديني توڙي علمي ڪم تمام گهڻو ٿيل آهي، مٿي بيان ڪيل ٻنهي شخصيتن جي حوالي سان چنا صاحب ڪوشش ڪئي آهي ته ، سندن زندگي ۽ سندن ڪيل ڪارنامن کي عام ماڻهن تائين پهچائي سگهجي، هن مقالي جي مطالعي مان سندن اها ڪوشش ٻڌائي ٿي ته ، پاڻ هر ڪنهن عالم بزرگ جي ڪم جو قدر ڪندا هئا، ۽ انهن جي ڪيل محنتن کي ٻين تائين پهچائڻ ۾ افضل سمجهندا هئا، ايتريقدر جو انهن بزرگن جي باري ۾ وڌيڪ تحقيق ڪري انهن کي عام پڙهندڙن تائين ظاهر ڪيائون ته جيئن ايندڙ نسل کي انهن بزرگ عالمن جي باري ۾ به ڪجهه ڄاڻ حاصل ٿي سگهي.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي ، پروفيسر: مقالو، ”هالن پراڻن جا ٻه مرحوم بزرگ“ ، ماهوار”الرحيم “ سنڌي، جلد : 4 ، نمبر:5 ايڊيٽر، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، حيدرآباد، شاهه ولي الله ،اڪيڊمي، نومبر، 1972ع، ص،11 .
(2) حوالو ساڳيو : ، ص، 11
(3) حوالو ساڳيو: ، ص ، 12
(4) حوالو ساڳيو:، ص، 12
(5) حوالو ساڳيو : ، ص 11
*
(xii) چند گهڙيون - چند يادون
پروفيسر محبوب علي چنا علمي ادبي شخصيتن کان علاوه پنهنجي ويجهن دوستن ۽ واسطيدار هستين جو ذڪر پنهنجي قلم ذريعي پڻ ڪندا رهيا، پاڻ ”چند گهڙيون - چند يادون“ جي عنوان سان پنهنجي هڪ دوست ”مير سڪندر خان کوسي“ سان گذاريل ماضي جون ڪجهه گهڙيون ۽ ڪجهه يادون قلم بند ڪيون آهن، جيڪي ماهوار رسالي ،“نئين زندگي” جي 1976ع واري پرچي ۾ شايع ٿيون.
پاڻ هن مضمون ۾ مير سڪندر خان کوسي جي اوصافن متعلق لکيو اٿس ته: ” مون اڃا 15 آگسٽ 1969ع جي چارج مس ورتي ته گورنمينٽ ڪاليج جيڪب آباد ۾، سنڌ يونيورسٽي جا سپليمينٽري امتحان شروع ٿي ويا ۽ سنڌ يونيورسٽي طرفان ٻاهريون نگران اعليٰ پيارو عزير پرفيسر شيخ محمد حاجن سان ريل ۾، هم سفر اسانجو مير سڪندر خان هو، پروفيسر حاجن مير صاحب جون تعريفون بيان ڪندي ٿڪجي نه پيو، حيراني لڳي ته هڪ طرف مولانا با شرح اوصافن سان متصف انسان ۽ ٻئي طرف ظاهري طور دنيوي ٺاٺ وارو مير ، “ قيصر سڪندر” جو مڪين پرهن صاحب جي خداداد لياقتن کان اسان جو حاجن صاحب ايترو متاثر ٿيو، جنهن جو اندازو لڳائي نه ٿو سگهجي ، هونئن ته مير سڪندر خان سان تعارف هو، سندس ڀائيٽي مير دريا خان کوسي ايم- اين-اي سان اڳ ئي من ورنيون محفلون ٿيل هيون. مير سڪندر خان جي جيڪب آباد، پهچڻ کان اڳ عزيزم حاجي عبدالڪريم ڀيو صاحب، سندس ڪيتريون تعريفون بيان ڪري چڪو هو، جي مير سڪندر خان فقير دل امير آهي، ٿلهي وارن بزرگن جو نوازيل آهي، حضرت عشق جي ارٽ جي چوٽ تي چڙهيل آهي، في البديعه صوفيانه ڪلام مرشدن ۽ محبوبن جي ”عنايت“ سان ٺاهنيدو آهي، مرشدن جي حضور ۾ رقص ڪندي خسروانه (حضرت خسرو دهلي وانگر) مجرا ڪندو آهي، دريا دل آهي. وغيره وغيره.“ (چنا، 1976ع، ص، 20 )
مٿيئن حوالي مان مير سڪندر خان کوسي جي هر دلعزيز شخصيت سان گڏ سندس ذاتي تعريفن جي حيثيت سان هڪ منفرد سيرت جو صاحب هو، ملنسار شفيق ۽ قربائتو شخص هو، راز ۽ نياز جي نعمت سان پڻ مالا مال هو.
اهڙيءَ طرح چنا صاحب، گورنمينٽ ڪاليج جيڪب آباد ۾ جيڪو به وقت گذاريو ان وقت دوران پاڻ مير صاحب جن جي رهائش گاهه تي اڪثر ويندا رهندا هئا، ۽ قرب جون ڪچهريون، ادبي ڪچهريون ۽ شعر و شاعري تي بحث مباحثا ڪندا رهندا هئا، انهي حوالي سان چنا صاحب هن ريت لکيو آهي ته:
”مير صاحب جن وٽ مان ڏينهن ۾ ٻه دفعا ويندو هوس جو خوشنصيباً منهنجي جاءِ سندس بنگلي جي بنهه ويجهي هوندي هئي، آفيس ۾ وڃڻ کان اڳ پهرين فقير سڪندر صاحب جو سلام ڪبو هو ۽ ٻيو شام جو، جو ڪافي وقت تائين هلندو هو، صبح جي وقت مان سندس بنگلي جي پٺيئن ننڍڙي در کان اندر داخل ٿيندو هوس ۽ پاڻ بنگلي جي پٺيئن ورانڊي ۾ براجمان هوندو هو، شام واري نشت سندس مخصوص حجري ۾ ٿيندي هئي، جنهن ۾ مرحوم مير صاحب، پنهنجي ٺاهيل ڪلام جي نغمه سرائي ڪندو هو، اڪثر طور هيءُ مقطع ۾ ”سڪندر“ تخلص سان گڏ ”عنايت “ جو آن ڀريو لفظ لازم ملزوم هو ۽ اهو مجازي طور اشارو اسانجي عنايت بلوچ ڏي هوندو هو.“ (چنا، 1976ع، ص، 21)
مٿئين بيان مان مير صاحب جي قرب وارين ڪچهرين ۽ سندس ڪلام متعلق به ڄاڻ ملي ٿي، جنهن ڪلام جي پاڻ نغمه سرائي ڪندو هو ، ان مان پتو پوي ٿو ته، مير صاحب پاڻ قادرالڪلام شاعر ۽ درويش طبع انسان ٿي گذريو آهي، پاڻ اگرچ زماني جي خيال کان هڪ قومي رئيس هو، پر حقيقت ۾ پاڻ هڪ فقير ۽ درويش انسان هو، ساز ۽ سوز سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هوس ، پاڻ تصوف سان به وابسته رهيو، تنهنڪري سندس ادبي ۽ علمي اصحابن جو حلقو به تمام وسيع هو.
چنا صاحب، سندس انهيءَ وسيع احبابن جي حلقي متعلق هن طرح ڄاڻايو آهي ته: ”ادبي ۽ علمي احبابن جو حلقو تمام وسيع هو، جنهن تحت هي صاحب اڪثر بيشتر محبوب جي متواضح محفل کي پنهنجي علم و فضل جي حدت سان حرير ڪندا هئا، جناب حاجي عبدالڪبير ڀيو، جناب قطب الدين تاب اوستو ۽ سندس ادبي حلقو، جناب عبدالڪريم گدائي، جناب فيض احمد فيض،جناب غالب لطيف، جناب محمد ابراهيم پٺاڻ ، جناب نظام الدين کوسو جناب حاجي عبدالڪريم کوسو، شامل هوندا هئا. سنڌي ادبي سنگت جون نشتون ٿينديون هيون جن ۾ شرڪت ڪبي هئي، مذهبي ۽ علمي مذاڪرا ٿيندا هئا، انهن ۾ به وند ورڇ ڪبي هئي، پر انهن سڀني صاحبن يا حلقن جي ميل جول سان هي پڌري پٽ ظاهر ٿيندو هوته هي سڀ ”معاشري جا منبعا“ مرحوم مير سڪندر خان جي دوريشانه شخصيت کان متاثر هئا.“ (چنا، 1976ع ، ص، 22 )
مٿئين حوالي مان هڪ ته مير صاحب جي احبابن جي حلقي جي ڄاڻ ملي ٿي، اڪثر سندس ڪچهرين ۾ مٿيون ادبي شخصيتون شامل ٿينديون هيون، انهي کان علاوه پاڻ مختلف ادبي سنگتن، مذهبي ۽ علمي مذاڪرن توڙي سياسي جلسن وغيره ۾ به شرڪت ڪندا رهندا هئا.
مير سڪندر خان جي شخصيت تي لکيل هن مضِمون مان اها خبر پوي ٿي ته پاڻ سٺا شاعر به هئا، تنهنڪري سندس شاعري جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته: ”مير صاحب جي شاعري غير مقيد هئي، پر ته به ڪنهن نه ڪنهن موزون طرح جي طرز تي چوندا هئا، سندس جذبات مستانه وار دل جي تهن مان ٻاهر نڪري ترنم جي صورت وٺي سندس زبان تي وارد ٿيندا هئا.“ (چنا، 1976ع، ص، 22 )
مطلب ته مير صاحب ادبي دنيا ۾ شناسائي سندس شعرو شاعريءَ جي ڪري ٿي آهي، مير صاحب جي سيرت ۽ خيالات لاءِ سندس شعر ۽ شاعريءَ جو علمي مجموعو ” سڀ ۾ پنهون پاڻ “ سنڌي شاعريءَ جي ذخيري ۾ بيش بها اضافو آهي، جنهن کي سنڌي ادب جي نامور اديب ۽ شاعر عنايت بلوچ ترتيب ڏنو آهي، ان ڪري هڪ ڪامل الفت ۽ قادرالڪلام شاعر جي حيثيت سان مير صاحب مرحوم جو نالو، سنڌي ادبي تاريخ ۾ قائم ۽ دائم رهندو.
هن مضمون جي مطالعي مان اها پڻ خبر پوي ٿي ته ، مير صاحب مرحوم اوائلي دؤر ۾ ملڪي ۽ قومي معاملات ۾ پڻ حصو ورتو ۽ پنهنجي قوم جي ڪافي خدمت ڪيائون، سندس آخري زندگي خلوت نشيني، فڪر و ذڪر ، مطالع ۽ روحاني رهاڻ ، عالمن ۽ شاعرن جي صحبت ۽ راڳ ۽ ويراڳ جي ڪچهرين ۾ گذري. مير صاحب پڇاڙي تائين پنهنجي وضعداريءَ قائم رهندو آيو، ۽ هرڪنهن سان قرب ۽ مريادا جو وکر ونڊيندو رهيو،مير صاحب جي شخصيت ڪردار، ۽ شعر و شاعريءَ، چنا صاحب تي ايترو ته اثر ڪيو جو پاڻ چاهيائين ته مير صاحب جو ڪلام سهيڙي مرتب ڪري منظر عام تي آندو وڃي، پاڻ ان خواهش جو اظّهار هن طرح ظاهر ڪيو اٿن:
”منهنجي دلي خواهش هئي ته، مير سڪندر خان جو ڪلام مرتب ڪري، ”ڪليات سڪندر“ جي عنوان سان شايع ڪرايان . اهڙي خواهش جو اظهار مون مير صاحب سان ڪيو، مگر مون کي هي معلوم ٿيو ته مرحوم مير صاحب، ”نمائش“ جو خواهان نه هو، هيءَ حقيقت آهي ته سڪندر سائين مونکي انڪار ته نه ڪيو، پر منهنجي اها خواهش محض خواهش ئي رهي. ”(چنا، 1976ع ، ص، 22 )
ان مان ثابت ٿئي ٿو ته، مير صاحب پاڻ کي پڏائڻ وارو انسان هرگز نه هو، هو تمام هڪ سادو ۽ مخلص شخص هو، ڪڏهن به پنهنجي نمائش نه ڪيائين، پر هر وقت پاڻ فقيري ۽ درويشي واري رنگ ۾ گذاريائين. اهڙيءَ طرح هن مضمون ذريعي چنا صاحب نه رڳو مير سڪندر خان کوسي جي اعليٰ شخصيت ۽ ڪردار تي روشني وڌي آهي، پر ان سان گڏوگڏ ان وقت جي ڪافي ٻين دوستن ۽ احبابن جو به ذڪر ڪيو آهي، جيڪي اڪثر سندس ڪچهرين جي رونق بنجندا هئا . ساڳئي طرح هن مضمون مان اهو به پتو پوي ٿو ته، سنڌ جي جيڪب آباد واري علائقي ۾ مير صاحب توڙي سندس خاندان جو ڪيترو سياسي اثر به رهيو آهي، هن مضمون مان مير سڪندر خان جي شخصيت، توڙي ، علمي، ادبي ، مذهبي،سياسي خدمتن جي باري ۾ ڄاڻ ملي ٿي.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون، ”چندگهڙيون- چند يادون“، ماهنامو، ”نئين زندگي“ ، جلد : 29 ، نمبر : 9 ، ايڊيٽر ، شميشر الحيدري ، ڪراچي ، پاڪستان پبليڪيشن ، سيپٽمبر – 1976ع ، ص ، 20
(2) حوالو ساڳيو : ص ، 21
(3) حوالو ساڳيو : ص ، 22
(4) حوالو ساڳيو: ، ص، 22
(5) حوالو ساڳيو: ص ،22
*
(xiii) ڪي گهڙيون – ڪي ياد گيريون
”مرحوم ڊاڪٽر محمد انور شيخ“
مرحوم محمد انور شيخ ولد مرحوم شاهه محمد شيخ پنهنجي خاندان توڙي سنڌ واسين لاءِ هڪ دل لڀائيندڙ شخصيت هو، جنهن جي دل اڪثر خدمت خلق جي سيمابيت، سوچ سوز ۽ تڙپ سان سرشار هئي ، سندس سخاوتن ۽ خدمتن جو اعتراف ڪندي ، پروفيسر محبوب علي چنا سندس شخصيت ۽ خدمتن جي حوالي سان هڪ مضمون بعنوان: ”ڪي گهڙيون ڪي ياد گيريون“، ”مرحوم ڊاڪٽر محمد انور شيخ“ لکيو،جيڪو ماهوار ”نئين زندگي“ جي رسالي ۾، 1977ع ۾ شايع ٿيو.
چنا صاحب، ڊاڪٽر انور شيخ جي همدردانه مخلصانه ڪردار جي حوالي سان هن طرح لکيو آهي:
”جڏهن 5 آگسٽ، 1969ع تي مون گورنمينٽ ڪاليج جيڪب آباد جي چارج ورتي ته مون کي معلوم ٿيو ته ڪاليج جي شاگردن کان ميڊيڪل في ورتي وڃي ٿي، پران جو خاطر خواه، جوڳو استعمال ڪونه ٿو ٿئي، هي تمام اهم مسئلو هو، پنهنجي ٻچن جي صحت جي باري ۾، ان ڪري مان هن طرف فوري متوجهه ٿي، ڊاڪٽر محمد انور جهڙي پياري جي جستجو ڪئي، پهرين ته فون تي ڳالهايوسين ڏاڍي ادب، نياز ۽ تواضع سان پيش آيو ۽ ٻوليائين ته، سائين منهنجا اوهان جهڙي بزرگ هستيءَ کي سنڌ جو ٻچو ٻچو سڃاڻي، خاص ڪري اوهان جو گهاٽو گهرو ۽ قديمي تعلق منهنجي والد صاحب ۽ اسان جي سڄي ڪٽنب سان آهي . سو مان خاص خادم آهيان، حڪم ڪريو، اهي مٺا پر خلوص الفاظ سڻي مان به ” گگر گگر پنڊا اڙيا“ وانگر قابو ٿي ويس ۽ روبرو ملاقات جا موقعا ڳولڻ لڳس، آخرڪار ڊاڪٽر صاحب سخت مصروف هوندي، خود مون وٽ ڪاليج ۾ آيو ۽ ڪاليج لاءِ ننڍڙي ڊسپينسريءَ جي رٿ تيار ٿي ويئي. سندس ٻانهن ٻيلي ڊاڪٽر رشيد بلوچ هوندو هو ، جو ته بذات خود همدرد ۽ هٿ ونڊڻ جو غازي هوندو هو، ڊاڪٽر انور جي مشوري سان، ڊاڪٽر رشيد بلوچ جو فرزند ، جو پاڻ سکيا ورتل ڪمپائونڊر هو، ڪاليج جي ننڍڙيءَ اسپتال جو انچارج مقررڪيو ويو. ان اسپتال جو افتتاح به عزيزم انور پنهنجن هٿن سان ڪيو،ڪجهه سامان پاڻ خريد ڪري ڏنائين، ۽ ڪجهه مون پنهنجي فنڊ مان ورتم ايترو جو هيءَ ننڍڙي اسپتال پاڻڀرو ٿي ويئي ۽ هن ۾ مريضن لاءِ هڪ بيڊنگ به هوندي هئي، روزانو ڪاليج جا شاگرد ان اسپتال مان فائدو وٺندا هئا.“ (چنا، 1977ع ، ص ، 26)۔
مٿئين بيان مان نه رڳو، ڊاڪٽر انور جي سخاوتي ڪردار جي ڄاڻ ملي ٿي، پر هڪ عظيم مثال به، خاص طور اڄ جي انهن تعليمي ادارن جي سربراهن جي حوالي سان ته، اهي به جيڪڏهن اڄ جي دؤر ۾ اهڙيون خدمتون سرانجام ڏين ته هوند اسان جا تعليمي ادارا روشن راهه ڏي گامزن هجن، ۽ ڊاڪٽر انور ۽ چنا صاحب جيان، انهن جو به نالو سدائين ڳائجندو رهي.
اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر انور نه رڳو پنهنجي شخصيت ۽ همدرانه ڪردار جي ڪري مشهور هو، پر سندس ايمانداري ۽ فرض شناسي جي حوالي سان به هڪ عظيم شخص هو، اهڙو ئي هڪ مثال چنا صاحب هن ريت ڏنو آهي: ” مرحوم ڊاڪٽر انور دريا دل ، متوڪل ، صوم صلوات جو پابند، خدمت گذار ۽ فرض شناس ڊاڪٽر هو، ان ڪري هن جي فرض ادائي سطحي نه هئي، پر هن ۾ انهماڪ ۽ محويت هئي. اهوئي سبب هو جوهن جي هٿن مان ڪيترائي لادوا مريض شفاياب ٿي نڪتا.“ چنا،1977ع، ص، 27 )
مٿئين حوالي مان ڊاڪٽر صاحب جي سمورين خوبين جو پتو پوي ٿو، نه صرف پاڻ پنهنجي پيشي سان مخلص هو، پر هو بي وس لاچار غريب ماڻهن جو به هڏ ڏوکي ۽ مدد گار ثابت ٿيو، نه صرف ايترو ، پر انهن جي هر طرح خدمت ڪندو هو ۽ صوم صلوات جو به پابند هوندو هو.
هن مضمون ۾، چنا صاحب سندن ڪردار ۽ خدمتن جا ڪيترائي اهڙا واقعا پڻ پيش ڪيا آهن. جيڪي سندس ڪردار جي ڪري سندس شخصيت کي امر بنائي ڇڏين ٿا، سندس ڪيل اهڙين خدمتن جو هڪ واقعو مثال طور هيٺ ڏجي ٿو: ”هڪڙو واقعو ياد ٿو اچيم ته، هڪ ڀيري هڪ کوسو همراهه ڪنهن حادثي جو سخت ڌڪيل، صفا بي هوشيءَ جي عالم ۾ ڊاڪٽر انور وٽ پهتو . جيڪب آباد جي اسپتال ۾ داخل ٿيڻ وٽان نه هو ، پر ڊاڪٽر انور جي خلوص، قابليت، ڪشش ۽ محبت ڪري، ان مريض کي داخل ڪيو ويو ۽ ڊاڪٽر صاحب، ”بسم الله ڪري تندهي سان ڏينهن رات هڪ ڪري ، هن جي آپريشن کي لڳي ويو ، جا لڳاتار چند ڪلاڪ جاري رکي ، ان وچ ۾ مون ڪيئي دفعا انور سائين کي فون ڪيو، پر مون کي جواب اهو ملندو رهيو ته ” تمام نازڪ آپريشن ۾ مصروف آهي ۽ آپريشن هال کان ٻاهر اچي نه سگهندو“، اسان جي جوت جو ٽيمپريچر وڌي ويو ۽ هن تازي ترين جراحت جي سرجن جو حال معلوم ڪرڻ بعد مان، عزيزم حاجي عبدالڪريم سان گڏ، ڊاڪٽر صاحب وٽ نماز شام کان اڳ پهتس، مس مس همراهه فارغ ٿيو هو، سندس پيشانيءَ تي ٿڪاوٽ جا آثار نمايان هئا، پر دل سڪون سان پر هئس ۽ چپن تي دستوري پياري مسڪراهٽ ،سبحان الله اهڙا مرد قلندر ڪٿان لڀن .“ (چنا، 1977ع، ص، 27)
مٿئين واقعي مان معلوم ٿئي ٿو ته، ڊاڪٽر انور جهڙا ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندا آهن، جيڪي مشڪل ڪم کي به آسان بنائي ڇڏيندا هئا، ۽ ڪيترن مئلن انسانن کي به پنهنجي قابليت ۽ همت سان زنده ڪري ڇڏيندا هئا. مطلب ته ڊاڪٽر انور جي خدمت جو عشق هر اهڙي مسئلي تي غالب ايندو هو ۽ ڊاڪٽر انور پنهنجي ڊاڪٽريءَ ۾ ڪامياب ۽ ڪامران هو. اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر انور نه صرف پنهنجي پيشي جي حوالي سان هڪ عظيم ڪردار هو، پر هو ڪچهرين جو ڪوڏيو ۽ ادبي ماڻهو به هو، پاڻ معتبر شخصيتن، ادبي ۽ علمي شخصيتن کي پنهنجي رهائش گاهه تي دعوتون ڏيئي گهرائيندو هو، انهيءَ حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته :
”ڊاڪٽر انور جو ته پنارو خشڪ ۽ محنت ڪش مشغلي سان پيو هو، پرهن جي دنيا جي صحرا ۾ هوصاحب ”نخلستان“ بنائڻ جو به بانڪو هو، ان ڪري دوستن جي گڏجاڻين، ڪچهرين ۽ دعوتن جو اهتمام ڪندو هو، هر مهيني ۾، ڊاڪٽر صاحب جي طرفان ضرور هڪ ڊنر منعقد ٿيندي هئي. جنهن ۾ چونڊ چونڊ ضلعي جا آفيسر اچي شريڪ ٿيندا هئا. پوءِ اتي ادبي ۽ علمي معرڪا هڪ طرف ۽ ٽهڪڙا ۽ مذاق ٻئي طرف هوندا هئا، ڏاڍي مسرت جو مقام ۽ زنده دلي جو ديرو هو ، ان پر مذاق ۽ پر رونق محبت واري محفل جا مڻيا اڪثر هي صاحب هئا، احمد مقصود حميدي، مرحوم مير شهداد خان، ڊپٽي ڪمشنر، سيد محب الله شاهه اسسٽنٽ ڪمشنر، غلام عباس سومرو اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنڌ ڪوٽ، شهاب الدين آغا اي- ڊي - بي - ڊي ، مرحوم محمد ابراهيم ڀٽو ،وغيره . اهڙي قسم جا دوست، آفيسر ۽ ٻيا مهمان به شرڪت ڪندا هئا.“ (چنا، 1977ع ، ص، 28)
مٿئين حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته، ڊاڪٽر انور ڪچهرين جو شوقين هوندو هو، سندس اخلاص ۽ محبت اهڙين اعليٰ شخصيتن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي آڻيندي هئي، ۽ ڊاڪٽر صاحب جي دلي دعوتن جي شرڪاءِ کي اهڙا اخلاقي اقدار نصيب ٿيندا هئا.
جيتوڻيڪ مرحوم ڊاڪٽر انور شيخ جي حوالي سان وڌيڪ ڪو مواد نٿو ملي، پر هن مضمون ۾ چنا صاحب سندن مخلصانه ڪردار، شخصيت ۽ واقعن کي قلمبند ڪري کيس انسانيت جي خدمت ڪندڙ ماڻهن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو آهي، ان مان سمجهجهي ٿو ته ، ڊاڪٽر انور پنهنجي نفس نفيس کي شمع وانگر جلائي، ”خلق الله“ کي فيض ۽ برڪت جي جوت سان جلوه نمائي ڪئي. هن مضمون جي مطالعي ڪرڻ کانپوءِ چئي سگهجي ٿو ته، پروفيسر چنا صاحب، جس لهڻي جو پاڻ انسانيت جي اهڙي اعليٰ ڪردار جي شخصيت کي قلمبند ڪري،سندس شخصيت، ڪردار اخلاق، ۽ ٻين خوبين جي ڄاڻ ميسر ڪري سنڌي ادب ۾ پڻ واڌارو ڪيو آهي.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون: ”ڊاڪٽر محمد انور شيخ“ ، ماهوار ادبي رسالو،”نئين زندگي“، جلد ، 30 نمبر: 4،5 ، ايڊيٽر: “ ڪفيل احمد ”، ڪراچي، پاڪستان ، پبليڪيشن، اپريل، مئي سال ، 1977ع ، ص ، 26،
(2) حوالو ساڳيو ، ص ، 27
(3) حوالو ساڳيو ،ص ، 27
(4) حوالو ساڳيو ، ص ،28
*
پروفيسر محبوب علي چنا جا مختلف ڪتابن ۾ لکيل مقدمه، ديباچه، پيش لفظ ۽ ٻه اکر
پروفيسر محبوب علي چنا پنهنجي دؤر جو هڪ مڃيل عالم هو ۽ علمي سرمايو پڻ. پاڻ علم توڙي ادب جي تقريباً سڀني رخن ۾ ڪم ڪيائون، سندن علمي ڄاڻ ۽ فڪر جي مڃتا هر علمي اداري توڙي شخصيت وٽ هوندي هئي، پاڻ جن ڪتابن جا عالمانه مقدمه ،ديباچا، پيش لفظ ۽ ٻه اکر لکيا اٿن، انهن جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو.
”مقدمه“
(i) ڪتاب : “ايسپ جون آکاڻيون”
هي ڪتاب نصيحت آميز آکاڻين جو هڪ مجموعو آهي، جنهن ۾ ڪل 217 چونڊ آکاڻيون نصيحت سميت ڏنل آهن، هي ڪتاب، سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيل آهي، جنهن جا هن وقت تائين چار ڇاپا شايع ٿيل آهن. ايسپ جون آکاڻيون، دنيا جي تقريباً سڀني ٻولين ۾ ترجمو ٿيل آهن، اٽڪل هڪ سؤ ورهيه اڳ، سنڌ جي تعليم کاتي طرفان، ايسپ جي آکاڻين جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرايو ويو هو. جن مترجمن ايسپ جي آکاڻين کي، سنڌيءَ ۾ترجمو ڪري پيش ڪيو اهي هي آهن:
(1) مسٽر ايلس (2) ديوان ننديرام ميراڻي سيوهاڻي (3) منشي اڌارام ٿانورداس شامل آهن.هن ڪتاب جو مقدمو، پروفيسر محبوب علي چنا جو لکيل آهي، جنهن ۾ سڀ کان پهريان ئي ڪتاب جي اصلوڪي ليکڪ ايسپ صاحب جو احوال ڏنو ويو آهي، ان کانپوءِ فاضل ترجمانن خواه ڪتاب بابت معلومات ڏني وئي آهي.
چنا صاحب، ڪتاب جي پهرين مصنف جو تعارف هن ريت ڪيو آهي: ”عيسوي سن کان 620 ورهيه اڳ، يونان ۾ هڪ نهايت داناءُ شخص پيدا ٿيو، جنهن جي پٺ ڪٻڙي هئي، ان ڪري کيس ” ڪٻڙو“ سڏيندا هئا، هو اول غلام هو ، پوءِ آزاد ٿيو، هن انسانن جا ڏک، درد بيان ڪرڻ ۽انهن کي سمجهائڻ لاءِ جانورن ۽ پکين جون آکاڻيون، اهڙي طرز سان پيش ڪيون، جيئن ڪوبه ظالم حاڪم، انهن تان ڪاوڙجي نه سگهي ۽ ٻڌندڙ سندس مطلب سمجهي وڃي.“ (چنا ، 2005 ع ، ص ، 2)
اهڙيءَ طرح ايسپ جون آکاڻيون، جهڙيون عام کي پسند پيون، اهڙيون خاص کي، ايتريقدر چيو وڃي ٿو ته، مشهور فلسفي سقراط، قيد خاني ۾ به پنهنجي مطالعي لاءِ هن جليل القدر آکاڻين کي پڙهندو هو ۽ هن انهن کي پسند ڪيو، دنيا ۾ پوءِ ٻين به ڪيترن ئي دانائن هن طرز کي پسند ڪري، اهڙي قسم جون آکاڻيون جوڙيون. چنا صاحب، سنڌي مترجمن جي مختصر احوال ۽ سندن ڪتابن جا نالا به ڏنا آهن.مقدمي ۾ منشي اڌارام ۽ ديوان ننديرام جي نسخن ۾ فرق ڄاڻائيندي لکيو آهي ته:
”منشي اڌارام، پنهنجي ڪتاب جون سڀ آکاڻيون، منشي ننديرام واري نسخي تان ورتيون آهن.مگر انهن جا عنوان ڦريل ، زبان سنواريل ،عام فهم ۽ سلاست وارا عناصر غالب ۽ فهرست داخل آهي، انهن ٻنهي نسخن جي ڦير گهير جي خبر هيٺين آکاڻين مان پوندي، جي ساڳئي مفهوم واريون، ٻنهي ڪتابن مان ورتيون ويون آهن ، منشي اڌارام هر هڪ آکاڻي مان ڪونه ڪو نتيجو ڪڍيو آهي ۽ ان کي قارئين ڪرام لاءِ، نصيحت طور ڪري پيش ڪيو آهي. مثال طور: انهن ٻنهي عالمن جي آکاڻين ۾ فرق هيٺين ٻن آکاڻين ۾ ڏيکاريو ويو آهي.
آکاڻي : ( منشي ننديرام جي لکيل لوڪڙ ۽ ڊاک جي)
” هڪڙو لوڪڙ، بکيل اوچتو ڊاک جي باغ ۾ آيو، تنهن ۾ سنهارا ڇڳا ڊاک جا ٽنگيل پيا هئا ، پر منه ڊاک جو ايترو مٿي هو ته جيترو ڪيترو لومڙ پنهنجي ٿڪجڻ توڻي ٽپا ڏنا پر هڪڙو ڇڳو نه مليس، نيٺ چيائين، جنهن کي وڻي سو وٺي ڇا کان جو هي کٽا ۽ ڪچا آهن، مون کي نٿا گهرجن.“
اهڙي طرح ساڳي آکاڻي ”گدڙ ۽ ڊاک جي“ منشي اڌارام جي وري هن طرح لکيل آهي” هڪڙو بکيل گدڙ، گهمندي گهمندي اوچتو ئي ڪنهن ڊاک جي منهن هيٺ اچي سهڙيو، اتي جان کڻي مٿي نهاري ته ڇا ڏسي جو سهڻا ۽ عمدا ڊاک جا ڇڳا پيا لڏن ۽ لٽڪن، ڀانيائين ته ٽپو ڏيئي ڇني کان، پر ڊاک جو منهن جو تمام مٿي هو، سو ٽپا ڏيئي ٿڪجي پيو ته، هڪڙو ڇڳو نالي کي نه مليس. نيٺ چوڻ لڳو ته، جنهن کي وڻي سو وڃي ڇني کائي، مون کي ڪين گهرجي ڊاکون ته کٽا ۽ ڪچا آهن.“ (چنا، 2005ع، ص ، 13 ، 14)
ٻنهي عالمن جي ڏنل مٿين آکاڻين ۾ فرق ڏيکاريو ويو آهي، ۽ انهن مثالن مان هيٺيان نتيجا به ڪڍيا ويا آهن، جيئن، منشي اڌارام واري نسخي ۾ ڇاپي خواه اعرابن جون گهڻيون غلطيون آهن، جزم، پيش ۽ زبر کي اڪثر استعمال ڪيو ويو آهي جيڪڏهن اکر ”هِڪِڙو“ لکڻو آهي ته ان کي ”هِڪڙُو“ جي صورت ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو، اهڙي قسم جي صورتخطيءَ جون ڪيتريون غلطيون آهن. جي گهڻو ڪري منشي اڌارام واري نسخي ۾ نه آهن.
اهڙيءَ طرح هن ڪتاب ۾، چنا صاحب جي مقدمي مان تمام گهڻي معلومات ملي ٿي. انهيءَ مان هي نتيجو نڪري ٿو ته، ايسپ جون آکاڻيون نهايت مزيدار ۽ نصيحت وارن نڪتن واريون آهن، جن کي دنيا جي اڪثر ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو،ان سلسلي ۾ سنڌ جا ڏاها به پوئتي نه رهيا هنن به انهن آکاڻين کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ، سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي اهميت کي وڌايو، هنن آکاڻين جي، سنڌي ادب ۾شامل ٿيڻ کانپوءِ، هڪ ته سنڌ جي ٻارن توڙي وڏن کي ادب پڙهڻ جو ذوق وڌيو ۽ انهن کي غير سنڌين جي ڪلچر ۽ معلومات جي به ڄاڻ ملي. انهن آکاڻين جي سنڌي ادب ۾ شامل ٿيڻ جي ڪري سنڌي ادب به سگهارو ٿيو ۽ دل کي وڻندڙ دلچسپ ٽوٽڪا، سنڌي پرهندڙن لاءِ سنڌي ادب ۾ شامل ڪيا ويا.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقدمو ،”ايسپ جون آکاڻيون“، مترجم، ديوان ننديرام ميراڻي سيوهاڻي، ڄام شورو، سنڌي ادبي، بورڊ، ڇاپو چوٿون، سال، 2005ع، ص، 2 .
(2) حوالو ساڳيو، ص، 13، 14.
*
(ii) ڪتاب: ”ڪچڪول طالب الموليٰ“
هن ڪتاب جو مؤلف،پروفيسر محبوب علي چنا آهي، هي ڪتاب بزم سروري سنڌي، سروري اسلاميه ڪاليج هالا سنڌ طرفان ، سال 1955ع ۾ شايع ڪيو ويو.
هن ڪتاب جو ”مقدمو“، پروفيسر محبوب علي چنا جو لکيل آهي، جنهن ۾ مخدوم طالب الموليٰ جي سوانح حيات ۽ شعر و شاعري جو تذڪرو، تفصيلي طور ڏنل آهي، چنا صاحب جو لکيل هي تذڪرو 1950ع واري ڏهاڪي ۾، مخدوم صاحب جن جي ذهني لاڙن شغل ، شوق ۽ اٿي ويٺيءَ جو آئينه دار پڻ آهي، چنا صاحب، مخدوم صاحب جون مکيه دلچسپيون به بيان ڪيون آهن جن ۾ هڪ مطالعو، ٻيو شاعري، ٽيون شڪار، چوٿون موسيقي، پنجون والي بال راند ۽ ڇهون سير ۽ تفريح ۾ شامل آهن. ان کان علاوه مخدوم صاحب شاعريءَ جي جنهن به نوع تي طبع آزمائي ڪئي اٿن سي هي آهن، غزل، قطعه، ربائي، فرد، مثنوي مخمس، مثمن، مستزاد ۽ ڳجهارت.
چنا صاحب جو هي لکيل مقدمو، هڪ طويل مقدمو آهي، جنهن ۾ مخدوم طالب الموليٰ بابت سموري معلومات ميسرڪئي آهي، سندس ڏنل ان معلومات مطابق اسانجي ايندڙ نسل کي، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائين جي حقيقي زندگي حالات ،ڪارنامن، علمي ،ادبي ، سماجي ، ثقافتي خدمتن جي معلومات ملي ٿي. هن مقدمي جو تفصيلي ذڪر پويان اچي چڪو آهي.
(iii) ڪتاب: ”لطيفي لنؤ “
هي ڪتاب پروفيسر محبوب علي چنا جو ترتيب ڏنل آهي، جڏهن پاڻ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾، پرنسپال ۽ بزم لطيف جا صدر هئا، هي ڪتاب بزم لطيف، گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد سنڌ، طرفان 1951ع تي شايع ڪيو ويو.
هن ڪتاب جو مقدمو، پروفيسر محبوب علي چنا جو لکيل آهي، مقدمي مان خبر پوي ٿي ته، بزم لطيف جي ڪاوشن سان، لطيف شناسيءَ جي زندگيءَ ۽ شاعريءَ جي مختلف پهلوئن متعلق، مختلف عنوانن تي لکيل مضمونن کي، ڪتابي صورت ۾ پيش ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته هن کان اڳ، بزم لطيف رسالي جو ”لطيف نمبر“ شايع ڪيو ويندو هو. اهڙي طرح سان چنا صاحب ، هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل مضمونن متعلق مختصر ڄاڻ ڏني آهي، پاڻ هن مقدمي ۾، لطيف سائين سان عقيدت جو اظهار هن طرح ڪري ٿو ته: ” اميد ته هي لطيفي لنؤ شاگردن جي عقيدت مندي جو گلدستو، شاهه صاحب جي شائقين لاءِ سلوڻي سوکڙي ثابت ٿيندو.“ (چنا، 1951ع ، ص ، الف)
ڪتاب لطيفي لنؤ، هڪ سهڻو ۽ لطيفي ڄاڻ جي حوالي سان سنڌي ادب جو اهم ذخيرو آهي، جنهن کي چنا صاحب، ترتيب ڏيئي، سنواري ، شايع ڪرايو.
حوالو
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: ”مقدمو“، ”لطيفي لنؤ“، مؤلف، پروفيسر محبوب علي چنا، بزم لطيف، حيدرآباد، گورنمينٽ ڪاليج، سال، 1951ع ، ص ، الف.
*
(iv) ڪتاب : ” تاريخ ريگستان “ ( ڀاڱو ٻيون)
هي ڪتاب ٿر جي نامياري استاد رائچند هريجن راٺور جو لکيل آهي. هن ڪتاب جي ڀاڱي ٻئي جو، پهريون ڇاپو 1975ع ۾ ڇپيو، ان بعد ٻيو ڇاپو، 1988ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ڪيو ويو، هن ڪتاب ۾ ٿر جي تهذيب ۽ تمدن، رهڻي ڪهڻي، گذر و معاش، لباس ۽ خوراڪ، هنر ۽ ڪاريگريون، پکي پکڻ ۽ جانور، ٿر جا ميلا، رانديون، ڪچهريون، ٿر جون جاگرافيائي حالتون، ٿري ٻولي ۽ علم ادب، ٿري ماڻهن جو ڪردار، حيا ۽ شرم، اخلاق ۽ عادتون، ايمانداري، ٿر جون مسجدون ۽ مندر، ٿر جا شهر ۽ ڳوٺ وغيره، مطلب ته هن ڪتاب ۾ ٿر جو مڪمل احوال پيش ڪري تفصيلي ڄاڻ ڏني وئي آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ، نامياري عالم غلام محمد گراميءَ جو لکيل آهي. ۽ هن ڪتاب جو مقدمو، پروفيسر محبوب علي چنا جو لکيل آهي، سنڌي ادبي بورڊ جي ٺهراءُ موجب، هيءُ ڪتاب چنا صاحب جي حوالي ڪيو ويو ته، جيئن شايع ٿيڻ کان اڳ، ڪتاب جي ترتيب ۽ تدوين ۽ ترميم ٿيڻ کانپوءِ شايع ڪرايو وڃي. چنا صاحب، ڪجهه ٻين ڪتابن مان به مدد ورتي آهي، جيڪي ڪتاب ٿر سان واسطيدار آهن، جنهن ۾ تاريخ ريگستان ، سير ريگستان ۽ پراڻو پارڪر ۽ ٻه انگريزي ڪتاب شامل آهن. هي ڪتاب شايع ٿيڻ کان اڳ ڪيترين ئي خامين سان ڀريل هو، چنا صاحب پنهنجي علمي ذهانت ۽ محنت سان هن ڪتاب کي درست ڪري شايع ڪرايو.
مثال طور: ” باب چوڏهين جو عنوان“ ، ”زهر چوسڻ “ حذف ڪيو ويو آهي، ۽ باب پندرهين جي عنوان ”ڏٿ“ جا ڏهه صفحا ڪاٽي، ان اهم عنوان کي وراڪن جي ورن کان بچايوويو آهي.ڪن عنوانن کي صحيح ڪري لکيو ويو آهي، جيئن باب سترهين جا ڪي عنوان، جتي جتي تحت الحاشيه نوٽن جي ضرورت محسوس ٿي آهي، اتي اهي به ڏنا ويا آهن ماستر صاحب پاڻ ريگستان جو رهواسي هو، ان ڪري فطري طور سندس زبان ۽ لهجو، به اهو ئي ٿريلو رهيو، اهو اثر ڪتاب جي هر جملي ۾نمايان آهي، ان ڪري مون کي هر جملي تي تمام گهڻو توجهه ڏيڻو پيو آهي.“ (چنا، 1988ع، ص، ط)
چنا صاحب، جهڙيءَ ريت مقدمي ۾ ڪتاب جي سنوارڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، تهڙيءَ ريت ڪتاب جي ترتيب مان ئي معلوم ٿئي ٿو ته، چنا صاحب جي محنت قابل داد آهي، اگر چنا صاحب هن ڪتاب جي ترتيب ۽ تدوين نه ڪري ها ته، ڪتاب ۾ ڪافي خاميون رهجي وڃن ها.بهرحال مصنف جو هي ڪتاب، ” ٿر جي انسائيڪلوپيڊيا“ آهي، جنهن ۾ هن خطي سان واسطو رکندڙ هر ڳالهه جي تفصيلي معلومات ڏني وئي آهي، جنهن ڪري سنڌ جي ثقافتي تاريخ جي مطالعي لاءِ هيءُ نهايت ئي ڪارائتو ۽ اهم ڪتاب آهي.
مثال طور: ڪتاب جو مصنف لکي ٿو ته: ” ٿر جو علائقو جيتوڻيڪ جاگرافيائي طور سنڌ جو ڀاڱو آهي ، مگر هتي جون حالتون بنهه اور قسم جون آهن . ٿر واري جي ڀٽن سان ڀريل بيان ۽ ريگستاني علائقو، جتي نڪا ندي ۽ نه واهه، نه ڍنڍ، نه ڍورو، آباديءَ جو سمورو مدار، برسات تي سابه ڪڏهن پوي ته ڪڏهن ڪانه پوي، اونهاري ۾ سخت لڪون ۽ جهولا لڳن. کوهه نهايت اونها، جن ۾ به کارو پاڻي ۽ اڪثر بستين کان پري پري، مسافريءَ لاءِ اٺن جو واحد ذريعو ۽ ڀٽن جي لهه چڙهه ، جنهن جي ڪري ساهه سدائين مٺ ۾ ، ماڻهو ويچارا غريب سادا، اڻپڙهيل ۽ مالدار،جن جو اٺئي پهر واسطو جهنگ سان، گهر سادا ۽ ڪکن جا چؤنرا ۽ چونڪيون لانڍيون ۽ لوڙها، کاڌي ۾ ٻاجهر جو ڍوڍو ۽ لسيءَ لپ ۽ وقتي ڏٿ تي گذران، نه شهري زندگيءَ جون، جديد سائنسي سهولتون نه آرام آسائش لاءِ موقعا نه بنيادي انساني ضرورتن جي پورائي لاءِ ڪو آسرو ۽ نه ناٽڪ، کيل ، تماشا وغيره. ٿر جون حالتون هروڀرو ايتريون ويل نه آهن، صدين کان وٺي جو جتي رهي ٿو، سو ان علائقي جي جاگرافيائي حالتن کي برداشت ڪرڻ ۽ منهن ڏيڻ لاءِ ذهني طور هري چڪو آهي.“ (هريجن، 1988ع، ص، ل)
مطلب ته هن ڪتاب مان ڪافي حد تائين، عام توڙي خاص ماڻهن کي ٿر بابت تفصيلي معلومات ملي ٿي. هن ڪتاب جي مطالعي ڪرڻ سان، تحقيق ڪرڻ لاءِ ڪيترائي نوان موضوع به حاصل ڪري سگهجن ٿا.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پرفيسر: مقدمو، ”تاريخ ريگستان“، ڀاڱو ٻيون، مصنف، رائچند هريجن ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، ٻيون ڇاپو سال ، 1988ع ، ص ، ط .
(2) هريجن، رائچند: ديباچو، ”تاريخ ريگستان”، ڀاڱو ٻيو، مصنف، رائچند هريجن ڄام شورو ، سنڌي ادبي بورڊ ، ڇاپو ٻيو، سال ،1988ع ص ،ل.
*
”ديـبـاچـه“
(i) ڪتاب : ”اسلامي تاريخ جو مطالعو“
پروفيسر محبوب علي چنا جا لکيل پنهنجا ٻه ڪتاب جيڪي مسلم تاريخ جي حوالي سان مشهور آهن، انهن ٻنهي ڪتابن ۾ پاڻ ”ديباچه“ لکيا آهن، سندس لکيل پهرين ڪتاب ”اسلامي تاريخ جو مطالعو“، جيڪو سال1967ع ۾، اداره صالح سيريز طرفان شايع ڪيو ويو، هن ڪتاب ۾ سندس ديباچو لکيل آهي، چنا صاحب جي هن ڪتاب جي مطالعي سان هڪ طرف تاريخ جي اهم ۽ اثر انداز شخصيات سان تعارف حاصل ٿئي ٿو، ته ٻئي طرف ان جي اخلاق حميده مان فائدو حاصل ٿئي ٿو.چنا صاحب ديباچي ۾، فن تاريخ تي تبصرو ڪندي، قرآن مان ان فن جي حقيقت بيان ڪئي آهي ۽ پاڻ تاريخ جي واقعن کي قرآن مجيد جي روشني ۾ سمجهايو آهي. قرآن مان تاريخي آيتن جو ترجمو ڏيئي اهو ظاهر ڪيو اٿن ته، تاريخي واقعن، حادثن ۽ قومن جي عروج و زوال ۽ عزت و ذلت جو مظهر، انهن جي عملن جو فطري نتيجو آهي.
مثال طور؛ قرآني آيتن جو ترجمو هن ريت ڏنو اٿن:
(1) ”اسان ڪنهن آبادي (قوم) کي هلاڪ نه ٿا ڪريون، ان کان سواءِ جو ان جا افراد ظالم هجن“ .
(1) الله تعاليٰ ڪنهن به قوم کان پنهنجون عطا ڪيل نعمتون نه ڇني ٿو، جيستائين هوءَ قوم پنهنجو عمل ۽ ڪردار خود نه ٿي بدلي.“ (چنا 1975ع، ص، 19)
مذڪوره آيتن سڳورن مان معلوم ٿيو ته، قانون الاهي يا قانون فطرت، ڪنهن به قوم کي تڏهن آزادي ۽ طاقت کان محروم ڪري ٿي، جڏهن هو ڪمزورن تي ظلم ڪرڻ لڳي ٿي، خواه هي ڪمزور ڪنهن ٻئي محڪوم قوم جا افراد هجن يا خود انهي قوم جا غريب، بي پهچ ۽ بي سهارا ماڻهو ان مان ظاهر ٿيو، ته جا قوم صالح آهي ان کي ڪڏهن به خداوند تعاليٰ ڪنهن به مصيبت ۾ مبتلا نٿو ڪري. هي ڪتاب ”اسلامي تاريخ“ تي خصوصاً سنڌي زبان ۾ هڪ بهترين ڪتاب آهي، هر تاريخي حقيقت مستند آهي ۽ حوالن مان ثابت ڪيل آهي، پروفيسر صاحب هي ڪتاب لکي ٻه طرفو ڪم ڪيو آهي، هڪ طرف پاڻ اسلامي معلومات ڏني اٿن، ٻيو تاريخ جي واقعن کي قلمبند ڪيو اٿن: سندن انهي محنت جو ڦل، اسانجو ايندڙ نسل حاصل ڪندو رهندو، سچ پچ ته سندن، هن ڪتاب کي ادب جي اعليٰ شاهڪارن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.
حوالو
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: ديباچو، ”اسلامي تاريخ جو مطالعو“ مصنف، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، اداره صالح سيريز ڇاپو ٽيون سال، 1975ع، ص، 19.
(ii) ڪتاب: ”هڪ شخصيت ٻه پهلو“
مسلم تاريخ جي حوالي سان لکيل سندس هي ٻيو ڪتاب آهي، جيڪو اداره صالح سيريز طرفان، 1972ع ۾ شايع ٿيو، هن ڪتاب ۾ تاريخ جي ٻن شخصيتن، حجاج بن يوسف ثقفي ۽ مختار بن ابي عبيده ثقفي جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جن جي شخصيت، ڪارناما ۽ ڪردار ٻن ڀاڳن ۾ ورهايل آهن. ديباچي ۾ انهن ٻن ڪردارن، حجاج بن يوسف ثقفي ۽ مختار بن ابي عبيده ثقفي جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته:
”اسلامي تاريخ جا اهي ڪردار پيش ڪريان ٿو، جي اڪثر معتوب آهن ۽ انهن جو ٻيو نمايان پهلو، سندن معروف روپ جي چادر سان ڍڪيو پيو آهي، گهڻي خوض و ويچار بعد عرب جي سنگدل قبيلي بنو ثقيف جي ٻن فردن کي قلم محبوب جو نشانو بنائي، ڪئين ڪتاب اٿلائي، علم تاريخ جي شائقينن لاءِ هي ڪتاب پيش ڪري رهيو آهيان.“ (چنا، 1972ع، ص، 23)
اهڙيءَ طرح حجاج بن يوسف ثقفي ۽ مختار بن ابي عبيده ثقفي جي ڪردارن جا اسلامي ۽ مسلمانن ۾ اهم ۽ قابل ذڪر ڪارنامه آهن، ته ٻئي طرف ڪيترن ئي بيگناهه انسانن جو خون، ڏاڍ، ظلم ۽ ڏهڪاءُ مان وهايو ويو، انهن جو سچو ۽ سربستو ذڪر نهايت سچائيءَ سان ڪيو ويو آهي.پاڻ انهن جي ڪردارن جي، خصوصيتن کي بيان ڪندي لکي ٿو ته: مثال طور: ” حجاج بن يوسف تاريخ ۾، کيس ظالم ۽ جابر حڪمران جي طور تي سڃاتو وڃي ٿو، مگر هو زبردست گورنرطور مقرر هو،جنهن جي ذريعي ان ڪوفي ۽ بصري کي فتح ڪيو، ان سان گڏ، عربيءَ جو صحيح ۽ بليخ خطيب هو. ديني علمن ۾ هن کي مهارت حاصل هئي، هو بهترين قرئت ڪندو هو، ان قرآن جي لفظن تي اعراب لڳرايا، عالم اسلام ۾ عربي ٻوليءَ کي رائج ڪرڻ ۾ ان جو وڏو هٿ هو، پنهنجين ڪيترين ئي خاصيتن ۽ تنظيمي صلاحيتن جي سبب اهو اموي خلافت جو اهم رڪن سمجهيو ويندو هو“ (چنا، 1972ع، ص، 37)
اهڙي طرح سان ٻئي ڪردار مختار ثقفي لاءِ هن طرح لکيو آهي: ” مختار فصيح ۽ بليغ هو ۽ سندس ڪلام اڪثر مسجع ۽ مقفه هوندو هو. ان ڪري ان جو ڪلام سامعين کي جلد متاثر ڪندو هو، اهوئي سبب هو جو هو قائد بنيو ۽ ڪيترن ڪوفين کي پنهنجو پوئلڳ بنايائين، جنگ ڪندو هو ته سڪون قلب سان وڙهندو هو. هن وڏيون لڙايون ۽ قهار لشڪرن جا مقابلا ڪيا، هن جو ڪردار اگر تاريخ جي تحقيق ۾ ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته پهريان پهريان هن کي به حڪومت جو حرص دامنگير هو“ (چنا، 1972ع، ص، 164-163)
مٿين ٻنهي ڪردارن ۽ ڪارنامن جي خبر پوي ٿي، ته هنن ٻنهي اسلام جي خدمتن لاءِ به پاڻ پتوڙيو، ۽ ڪافي ڪارنامه سرانجام ڏنا، ته ٻئي طرف ظلم ۽ جبر جا ڪارنامه سرانجام ڏنائون، اهڙي طرح سان چنا صاحب، حجاج ۽ مختار جي ڪردارن ۽ ڪارنامن تي تحقيقي ڪم ڪري، سنڌي ادب توڙي اسلامي تاريخ ۾ وڏو اضافو ڪيو آهي.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر ؛ ديباچو، ”هڪ شخصيت ٻه پهلو“ مصنف، پروفيسر، محبوب علي چنا ،حيدرآباد، اداره صالح سيريز، ڇاپو ٻيون سال، 1972ع، ص، 23.
(2) حوالو ساڳيو،ص، 37
(3) حوالو ساڳيو، ص، 164-163
*
(iii) ڪتاب: ”ڪليات نورل“
هي ڪتاب مرحوم سيد نور محمد شاهه نورل جو، ”ڪليات نورل“ جي نالي سان پروفيسر محبوب علي چنا ترتيب ڏنو، جيڪو اداره صالح سيريز طرفان، 1970ع ۾ شايع ڪيو ويو. هن ڪتاب ۾ چنا، صاحب جو، ”ديباچو“ ڏنل آهي. ديباچي جي شروعات ۾ چنا صاحب نورل سائين جي شاعريءَ جا ٻه بند ڏنا آهن، جيڪي هن طرح آهن:
عجيبن جا هئم احسان ازحد
ڳڻيو ڳڻيان ڳڻي سگهندس نه هرگز
انهي احسان لائق جي عوض ۾
پڇاڙيان پاڻ پر پڄندس نه هرگز.
(نورل)
ديباچي ۾ چنا صاحب، تي نورل سائين جي نوازش واري نظر کان وٺي، مختلف وقتن تي سندس سان رهاڻيون ۽ انهن رهاڻين ۾، نورل سائين جي ڪلام جو اثر چنا صاحب تي هر وقت اثرانداز ٿيندو رهيو، ۽ آخر چنا صاحب جي دل نورل سائين جي ڪلام کي ترتيب ڏيئي شايع ڪرڻ جو ارادو ڪيو. اهڙيءَ طرح نورل سائين جي وکريل ڪلام کي چنا صاحب گڏ ڪندو رهيو، ديباچي مان اهو به معلوم ٿئي ٿوته، نورل سائين چنا صاحب کي خط به لکندو رهندو هو، ته جيئن سندس ڪلام، سندس ئي حياتيءَ ۾ شايع ٿئي، پر نورل سائين پنهنجو شايع ٿيل ڪلام، اکين سان نه ڏسي سگهيو، ان خط جو عڪس ديباچي ۾ ڏنل آهي، جيڪو فارسي ۾ آهي.
مثال طور: خط جو عڪس فارسي ۾
”بخدمت علوشان عالي تبار
شريف الشمائل شرافت شعار.
شفيق وشڪر خنده شيرين زبان،
بهي بهتري خواه بيچارگان،
زهي ميوه باغنيچهء بهتري،
بملڪ سعادت کند، سروري.
نڌر “نورمحمد” پڄاڻا دعا،
پرن پيش لک من سندي مدعا“
(چنا، 1970ع، ص، ي)
اهڙيءَ طرح ڪتاب جي ترتيب جي حوالي سان به مختصر ذڪر ملي ٿو، ان کانپوءِ نورل سائين جي ڪلام بابت به ڄاڻ ڏنل آهي، سندس ڪلام مان اها به خبر پوي ٿي ته، سائين نورل شاهه، مصري شاهه جو ڏاڍو مداح خوان رهيو آهي، تنهنڪري سندس ڪلام ۾ ڪيتريون ئي ڪافيون ملن ٿيون. ديباچو سائين نورل سائين جي احوال ۽ ڪلام سان ڀريل نظر اچي ٿو،هن ڪليات ۾ جيڪو به ڪلام آيل آهي، اهو ڪلام گهڻو ڪري اسلامي وحدت ۽ نيڪوڪار ٿيڻ جا گس ڏيئي ٿو، سندس ڪلام ۾ اڪثر ڪافيون آيل آهن. ڪافي سنڌ جي شاعريءَ جي هڪ اعليٰ صنف آهي، جنهن طرف اسان جي اڪثر شاعرن گهڻو ڌيان نه ڏنو آهي، سندن اهي ڪافيون اڄڪلهه جي نون شاعرن لاٰءِ اتساهه جو سبب بنجن ٿيون.
حوالو
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر؛ ديباچو، ”ڪليات نورل“ ، سيد نور محمد شاه ”نورل“ ، مرتب، پروفيسر، محبوب علي چنا،حيدرآباد اداره صالح سيريز، سال،1970ع،ص،ي.
*
(iv) ڪتاب: ”ڪليات امين“
هي ڪتاب پروفيسر محبوب علي چنا جو ترتيب ڏنل آهي، هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 1990ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ڪيو ويو. هي ڪتاب مخدوم امين محمد ثالث عرف پکن ڌڻيءَ جي سوانح ۽ سندس ڪلام تي مشتمل آهي، سوانح سان گڏوگڏ سندس ڪلام، سنڌي سرائڪي ۽ اردو ڪلام کي سهڻي نموني سهڙيو ويو آهي. مخدوم صاحب جي مريدن ۽ همعصرن جو به ذڪر آندو ويو آهي، مخدوم امين سائين سنڌ جو وڏو شاعر هو. سندس ڪلام جو موضوع تصوف هو، جنهن کي پڙهي، چنا صاحب تي تمام گهڻو اثر ٿيو۽ پاڻ سندس ڪلام کي سهيڙي، سينگاري منظر عام تي آندو. پاڻ ڪليات امين جي ديباچي ۾ هن ريت لکيو اٿن: ” هر ماهه پهرين سومار تي هت هالن ۾ چهچهٽو لڳي ويندو آهي،هڪ طرف سروري ٽوڙي سماع ۾ مصروف هوندا آهن ته ٻئي طرف صوفي فقير رندي ڪلامن جي ڪڙي ۾ قابو هوندا آهن. فقيرن جي اوتاري جي ڀرسان مخدوم صاحبن جي بنگلي نزديڪ رهندو هوس-تئين مون کي تمام گهڻا موقعا مليا جو مون “امين” سائين جون سوز ڀريون ڪافيون ٻڌيون. پر جهيون ۽هنيئن سان هنڊايون، ان بعد فقيرن کان جيڪو به ڪلام ٻڌندو هوس، اهو لکندو هوس، اهڙي طرح مون ٻن سالن جي عرصي اندر، سائين پکن ڌڻيءَ جو ڳچ ڪلام جمع ڪيو، جو مون کي موجوده نسخي جي ترتيب ۾ چڱو ڪم آيو آهي.“ (چنا ، 1990ع، ص ، 6 ، 5 )
اهڙيءَ طرح ڪتاب جي ديباچي ۾، ڪتاب جي ترتيب ۽ موضوعن جي حوالي سان به تعارف ڏنو اٿن. مطلب ته هي ڪليات، “ ڪليات امين” سنڌي ادب ۾ هڪ اعليٰ ذخيري جي حيثيت رکي ٿو، جنهن جو چنا صاحب ديباچو لکي، هڪ بهترين اضافو ڪيو آهي.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: ديباچو، ”ڪليات امين“، مخدوم امين محمد ثالثرح عرف ”پکن ڌڻي“، مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، ڄامشورو ، سنڌي ادبي بورڊ ، ڇاپو ٻيون ، سال ، 1990ع ، ص ، 6 ، 5
*
”پـيـش لـفـظ“
ڪتاب: ”يادِ رَفتگان“
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي ڪتاب ”يادِ رَفتگان “۾ پروفيسر محبوب علي چنا جا “پيش لفظ ” ڏنل آهن ، مخدوم طالب الموليٰ جي هن ڪتاب ۾ مختلف شاعرن جي سوانح حيات سان گڏو گڏ تصويرون به ڏنل آهن.هي ڪتاب پهرين جنوري 1953ع ۾ طالب الموليٰ اڪيڊمي، هالا طرفان شايع ڪيو ويو.چنا صاحب پيش لفظن ۾ مخدوم طالب ا لموليٰ جي علمي خواه ادبي حوالي سان لکيو آهي ته: ” پاڻ سنڌ جي علمي خواه ادبي حلقن جا مرڪز آهن ۽ هر محفل ۾ سندن ناليرو نانءُ نشانبر آهي ، سندن سيني ۾ جا سنڌي ادب لاءِ بي پناهه سڪ سانڍيل آهي، تنهن جو پرو شاهه صاحب جي هيٺين سٽن مان پوريءَ طرح پئجي سگهندو.
“محبت جن جي من ۾ تن تشنگي تار
پي پيالو اڃ جو اڃ سين اڃ اٿيار.“
(چنا ، 1953ع ، ص ، 4 )
اهڙي طرح چنا صاحب پنهنجي پيش لفظن ۾، طالب الموليٰ سائين جي محنت ۽ هن ادبي گلدسته کي پڻ ساراهيو آهي، مثال طور: پاڻ لکي ٿو ته: ” هن ادبي گلدسته ۾ اهي گل به گلڪار لڳايو بيٺا آهن، جن جي سڳنڌ کان سنڌ واسي اڳ به محفوظ ( لطف اندوز ) هئا ۽ هن ۾ اهي ڦول به ڦلهاريا ويا آهن، جن جي روح افزا سرهاڻ کان، اسان جا علم دوست محروم هوا ۽ جي موتي هن متي مهراڻ ۾ بنا جهرڪڻ ۽ جلا ڏيڻ جي قبل از وقت مرجهائجي ويا، بيشڪ اهڙي ادبي تحقيق ۽ تفتيش لاءِ سڄو سنڌ ديس، “ طالب الموليٰ ” سائين جو مرهون منت آهي.“ (چنا، 1953ع، ص، 4)
اهڙيءَ طرح هي ڪتاب بي نظير اديب ۽ قادرالڪلام شاعر جي افڪار ۽ تصورات جو هي لاثاني مرقعو آهي، يا هڪ عالي دماغ مصور جي محيرالعقول نقشن ۽ ظرفن جو اجمل ۽ احسن البم ، جنهن ۾ انهن شاعرن جو ذڪر خير آندو ويو آهي ، جن جون عڪسي تصويرون ڏيئي، هڪ بهترين اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪري ڪتاب جي اهميت اڃا به وڌي وڃي ٿي.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي پروفيسر: پيش لفظ، ”يادِ رفتگان“، مصنف، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، هالا، طالب الموليٰ اڪيڊمي، سال، 1953ع، ص ، 4 .
(2) حوالو ساڳيو ، ص ، 4 .
” ٻـه اکـر“
پروفيسر محبوب علي چنا جن ڪتابن ۾ ”ٻه اکر “ لکيا آهن، انهن ڪتابن ۾ پاڻ سنڌي ادب ۾ نون رحجانن، سنڌ جي مختلف عظيم هستين، شاعرن، جهڙوڪ، سچل سرمست، قلندر لعل شهباز وغيره جي زندگي ،سندس شاعريءَ ۽ خدمتن بابت تفصيل سان لکيو آهي، انهن ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
(1) ”ضياءُالقلندر“، مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا ،قلندر شهباز، ميموريل ڪاميٽي ،حيدرآباد، سال 1962ع.
(2) ”نذِرشهباز “، مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، محڪمه، اطلاعات، مغربي پاڪستان ،اسلام آباد، سال1963ع .
(3) ”سرمست درازي“، پروفيسر محبوب علي چنا، سچل ڪوآپريٽو اڪيڊمي، حيدرآباد، سال 1964ع .
(4) ” سردار قلندر“، مرتب ، پروفيسر محبوب علي چنا ،قلندر شهباز ميموريل ڪاميٽي ، سيوهڻ ، سال 1967ع .
(5) ”سيوهاڻي بادشاهه“ مرتب ، پروفيسر محبوب علي چنا ، شهباز ، ميموريل ڪاميٽي ،سيوهڻ، سال ، 1972 ع .
(6) ”قلندر نامو سنڌي“، مصنف، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي سهيڙيندڙ، پروفيسر محبوب علي چنا، زينت پرنٽرس کوکر، محله حيدراباد، سال 1972 ع .
(7) ”قطب قلندر“، مرتب، ”حافظ محمد احسن چنا“، سوڌيندڙ: پروفيسر محبوب علي چنا، سنڌ پرنٽنگ پريس اڪال ڀونگا لين حيدرآباد، سال 1973ع .
(8) ”سنڌي ادب جا مختلف رجحانات “، پروفيسر محبوب علي چنا، اداره صالح سيريز، حيدرآباد ، سال 1974ع .
(9) ”مخدوم قلندر لعل شهباز مرندي“، پروفيسر محبوب علي چنا ، قلندر شهباز ميموريل ڪاميٽي ، سيوهڻ ،سال1977ع .
مٿين ڪتابن کي پڙهڻ کانپوءِ اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته، پروفيسر محبوب علي چنا ،سنڌي ٻولي ۽ ادب جو هڪ قابل تخليقڪار هو،هو هڪ وڏو اديب، عالم۽ نقاد به هو. هن جيترن به ڪتابن لاءِ ٻه اکر لکيا،انهن ڪتابن جي مواد جو چڱي طرح مطالعو ڪيو هو، ۽ انهن جي موضوعن کي چڱي ريت پرکي پنهنجا ويچار ڏنا، ان کان علاوه اهو به معلوم ٿئي ٿو ته،کيس شاعرن جي شاعريءَ سان به لڳاءُ هو ، جيڪا سنڌ جي بزرگن جهڙوڪ ، قلندر لعل شهباز، سچل سرمست وغيره جي عقيدت ۾ لکي وئي.
پروفيسر محبوب علي چنا جا شايع ٿيل تحقيقي مضمون ۽ مقالا
پروفيسر محبوب علي چنا جي تحرير ڪيل تحقيقي مضمون ۽ مقالا، مختلف رسالن ٽماهي مهراڻ، ماهوار نئين زندگي، الرحيم، سروري مخزن، فردوس، نذرلطيف، يادگار لطيف وغيره ۾ شايع ٿيل آهن، چنا صاحب، جا لکيل مضمون، مقالا اڄ به سنڌي ادب ۾ شاهڪار حيثيت رکندڙ آهن، پاڻ ڪيترائي اهم مضمون ۽ مقالا لکيا اٿن، خاص ڪري 1952ع کان وٺي، پاڻ ”نئين زندگي“ لاءِ مسلسل مقالا لکندا رهيا، جيڪي سنڌي ادب ۾ اهم مقام ولارين ٿا. ”نئين زندگيءَ” سان ناتي نڀائڻ جي حوالي سان احمد خان مصراڻي هن ريت لکيو آهي ته:، ”چنا صاحب رسالي ”نئين زندگي“ سان ناتو نڀائيندو رهيو. ايتري قدر جو وفات کان پنج، ست مهينا اڳ به ”نئين زندگي“ کي مضمون موڪليا اٿس، جي ان ۾ شايع ٿيا آهن. ” نئين زندگي“ جي پرچن پڙهندي معلوم ٿئي ٿو ته سال 1952ع کان وٺي محبوب علي چنا صاحب پنهنجا ملهائتا مقالا ۽ مضمون ”نئين زندگي“ رسالي ۾ اشاعت لاءِ موڪليا آهن، سندس پهرئين ادبي تنقيد بعنوان “لطف اللطيف تي هڪ نظر” ”نئين زندگي“ جي ماهه نمبر 1952ع واري شماري ۾ شايع ٿي آهي، ان کان علاوه سندس وڏي ۾ وڏو مقالو ”مڪلي ٽڪري“ تاريخ جي روشنيءَ ۾ سڄين سارين ڏهن قسطن ۾ ڇپيو آهي.“ (مصراڻي، 1978ع، ص، 22).
چنا صاحب جو هٿ اکر لکيل خط ” نئين زندگي“ متعلق مليو آهي، جنهن ۾ چنا صاحب ”نئين زندگي“ رسالي جي نگران، عبدالواحد سنڌي، شمشيرالحيدري ۽ شعبان بخت جي ڪاوشن کي ساراهيو آهي. هن خط متعلق ”نئين زندگي“ جي نگران عبدالواحد سنڌي سندس لکيل خط جي عڪس جي حوالي سان لکيو آهي ته : “مشهور تعليمي ماهر، محقق، مؤرخ ۽ ”نئين زندگي“ جي قديمي ڪرم فرما محترم پروفيسر محبوب علي چنا، سيڪريٽري پاڪستان نيشنل بُڪ فائونڊيشن، اسلام آباد جي خلوص ۽ محبت سان ڀريل عنايت نامي جوعڪس ملاحظه ٿئي، اِها ڳالهه نه رڳو اداري لاءِ بلڪه ”نئين زندگي“ کي پنهنجي پيارين لکڻين سان سينگاريندڙ سڄڻن لاءِ به عزت ۽ فخر جو باعث آهي.“ (سنڌي، 1976ع، ص، 2)
مٿين ڳالهين مان ثابت ٿئي ٿو ته، پروفيسر محبوب علي چنا ”نئين زندگي“ رسالي سان ڪافي وقت تائين ناتو نڀائيندو رهيو ۽ پنهنجيون لکڻيون سنڌ جي هن مقبول رسالي ۾ شايع ڪرائيندو رهيو، ته جيئن سنڌي ادب ۾ هڪ قسم جو واڌارو به ٿيندو رهي. سندس شايع ٿيل اڪثر مقالا، سنڌ جي صوفين، شاعرن ۽ بزرگن بابت ملن ٿا. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي صوفي شاعرن ۽ بزرگن سان بي انتها محبت ڪندا هئا،۽ عقيدت رکندا هئا، انهيءَ جذبي تحت وڏي حب ۽ اُڪير مان سنڌ جي صوفين ۽ بزرگن تي وقت بوقت لکندو هو، سندس لکيل مضمون ۽ مقالن مان سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختلف پهلوئن جي ڪارائتي ڄاڻ ملي ٿي. چنا صاحب جا ڪجهه اهڙا مقالا آهن جن جو ذڪر اڳتي بابن ۾ ايندو.
حوالا
(1) مصراڻي، احمد خان ”آصف“: مضمون، ”مرحوم محبوب علي چنا ۽ رسالو نئين زندگي“ ماهوار رسالو، ”نئين زندگي“، جلد- 3 نمبر3، ايڊيٽر ڪفيل احمد،ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشن، مارچ، 1978ع، ص، 22
(2) سنڌي، عبدالواحد: ”ڀٽائيرح، نمبر“، ماهه نامو، ”نئين زندگي“، جلد، 29، نمبر، 3، 4، ايڊيٽر، ڪفيل احمد، ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشنس، مارچ، اپريل، 1976ع، ص، 2.
*
هتي سندس ڪجهه مختصر مقالن، مضمونن جو جائزو پيش ڪجي ٿو.
لوڪ ادب جي حوالي سان سندس ٻه مضمون ”نئين زندگي“ رسالي ۾ شايع ٿيل آهن.
(i) سنڌ جا عوامي گيت- ڪافيون
سندن هي مضمون ماهوار رسالي ”نئين زندگي“ جي جلد 7، نمبر3، مارچ 1954ع، جي پرچي ۾ شايع ٿيو. سندن لکيل هن مضمون ۾ سنڌ جي قديم عوامي گيتن جي حوالي سان ذڪر ٿيل آهي. هن مضمون ۾ علم السان جي ماهرن جو هڪ گڏيل رايو ڄاڻايو آهي ته، عوامي گيت هر هڪ ديس جي قديم روايتن، رسمن، خصوصيتن، حڪايتن، اعتقاد ۽ مذهبيات جو صحيح آئينو آهن، ڇاڪاڻ ته انهن عوامي گيتن ذريعي ئي، اسانکي قديم روايتن، ريتن رسمن جي ڄاڻ معلوم ٿي سگهندي آهي ، هر هڪ ديس جا لوڪ گيت مختلف آهن، پر سنڌ سڳوري جا لوڪ گيت، سڀني کان مٿانهان آهن. سنڌ تي مختلف تهذيبن جي حوالي سان، چنا صاحب لکيو آهي ته:
”ڪيترين سڀيتائن هن سر زمين تي جنم ورتو، هڪ طرف سميرين قوم جي ساٿ واريه قوم ٻئي طرف دراوڙ يا ڊريويڊينس، ٽئين طرف آڻ آريه قومون جهڙوڪ، سنٿال، ڪول، ڀيل، مينگهواڙ وغيره، چوٿين طرف عربستان کان آيل مسلمان قوم. اهڙيءَ طرح هنن سڀني قومن جي تهذيبن جي مرڪز هئڻ ڪري، هن ديس جا لوڪ گيت هنن سڀني جي ڪلچر جو مرڪز آهن.“ (چنا، 1954 ع ، ص، 9)
اهڙيءَ طرح هن مضمون جي مطالعي مان اِها به خبر پوي ٿي ته، موجوده وقت ۾ جيڪي مختلف قسمن جا لوڪ گيت ملن ٿا انهن ۾ هڪڙا ”سنڌي قصن تي مشتمل“ مثال طور عمر مارئي، سسئي پنهون، مومل راڻو، ليلا چنيسر، جهڙن قصن کي مختلف محفلن ۾ ڳائي مشهور ڪيو ويو هو ۽ ٻيو سنڌ جي قديم شاعرن جي بيتن، ڏوهيڙن، دوهن ۾ به سنڌ جي لوڪ گيتن کي ڳائي عام ڪيو ويو.
ان کان علاوه سنڌي ڪافيون ۽ وايون به، سنڌ جي عوام جون مقبول صنفون آهن، جيڪي وقتن جي مناسبت سان سنڌي عوام ڳائيندو رهيو آهي. ناهڙي طرح سان عورتن جي حوالي سان لوڪ گيت، ڳيچ،ڳيا، سهرا ۽ لاڏا اوراڻا، يا اوراڻو لولي مشهور آهن، جيڪي ٻهراڙين جون عورتون مختلف خوشين جي موقعن تي ڳائينديون رهيون آهن، چنا صاحب هن مضمون ۾ نه صرف انهن عوامي گيتن جي حوالي سان ذڪر ڪيو آهي، پر مثال به ڏيئي گهڻي ڄاڻ به ميسر ڪئي اٿن. مثال طور عورتون پٽ ڄمڻ وقت هي سهرو چونديون آهن.
”گهوٽ چڙهه گهوڙي، لونگيءَ ور موڙي
لونگيءَ جي وسريون جي سون جون
قربان ادا لونگي ٿي سونھر“
لوليءَ ۾ هڪ ماءُ پنھنجي جگر گوشي کي الله ۽ رسول جي متبرڪ نالن سان قراري ٿي. مثال طور:
”بسم الاهيون ست، تو ۾ اَلهه جي برڪت،
بسم الله جي رتي، توکي واءُ نه لڳي تتي!
توکي ڪوسا لڳن نه جهولا، رب ڏيکاري نه تتي“
(چنا، 1954ع ، ص ، 12)
شل هي لوڪ گيت اسانجي سنڌڙي جي سرندي تي سدائين وڄندا رهن ۽ هر هڪ ننڍو خواه وڏو هت من موهيندڙ ۽ دل لڀائيندڙ گيت مان ابدي سرور حاصل ڪندا رهن. انهن لوڪ گيتن ۾ اسانجي تهذيب، ثقافت ۽ ريتن رسمن جي عڪاسي ملي ٿي ۽ اهي گيت اسانجو سرمايو آهن ۽ تاريخ جو حصو آهن، جنهن جي ذريعي اسان سنڌي قوم، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهن تي فخر ڪري سگهون ٿا.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون، ”سنڌ جا عوامي گيت_ ڪافيون“ ماهوار رسالو ”نئين زندگي“ جلد-7، نمبر-3، ايڊيٽر عبدالواحد سنڌي، ڪراچي، پاڪستان پبليڪشن مارچ ، 1954ع ، ص 9.
(2) حوالو ساڳيو، ص، 12.
*
(ii) سنڌي لوڪ گيت- وايون
سندن هي مضمون، پهرين ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيو، ان کانپوءِ هي مضمون ماهوار رسالي ”نئين زندگي“ جي، جلد- 11 نمبر 12، ڊسمبر 1958ع ۾ شايع ٿيو، چنا صاحب هن مضمون ۾ لفظ “وائي”جي بڻ بڻياد تي مختصر بحث ڪندي لکيو آهي ته:
”عام اصطلاح ۾، ڪنهن به ڳالهه ۽ ٻولي“ کي وائي سڏبو آهي، هن جو ڌاتو، پراڪرت لفظ ”وايا“ ۽ سنسڪرت لفظ ”وارتا“ مان نڪتل آهي، سنسڪرت ۾ ”ورت “ جي ”هجر“ آهي، مگر هت وايون سنڌي نظم جي جمال وارو جزو آهن، جن جي وسيلي سنڌي برن، پٽن ۽ ڳلين ۽ گهٽين ۾ پنهنجو روح ريجهائين ٿا. اڪثر سنڌي اديب هن ڳالهه تي متفق آهن ته،”وائيءَ“ جو مؤجد شاهه ڀٽائيرح آهي شاهه صاحب وٽ هندوستاني ڳائڻا رهندا هئا، جدا جدا راڳڻين ۾ پهرين ڪي ڏوهيڙا ڳائي پوءِ غزل يا ٺمري يا لا وڻي ڳائيندا هئا.“ (چنا، 1958ع، ص ، 20)
اهڙي نموني شاهه صاحب به جدا جدا سرن ۾، بيت چئي آخر ۾ وايون چيون آهن، اها به حقيقت آهي ته، وائي اڳتي هلي ڪافي جي صورت ورتي، جنهن ڪري ڪافيءَ جي شاعرن ان ۾ گهڻا اضافا ڪيا، وائي هر دؤر جي مقبول ترين صنف سمجهي وڃي ٿي، شاهه لطف الله قادري، شاهه عنايت ۽ شاهه لطيف هن کي ايجاد ڪيو ۽ هيءَ دوهن جي وچ ۾ رکي ڳائي ويندي هئي. وائي، شاهه جي ايجاد آهي، جنهنجي وسيلي هو درد کان ڊٺل دلين تي، ڊڀ ٿو وجهي. داستان پڙهندي جي ڦٽ ڪڙهيا ٿي، تن تي وائي ، ٺار ٿي وجهي، سر معذوري جو هڪ مثال هيٺ پيش ڪجي ٿو:
”خوبي منجهه خفت اي دوست، آهي عبداللطيف کي،
مدح مون کان نه ٿئي، سندي سور صفت آهي عبداللطيف کي.
هيجي ڪريان هيج سين، مطالع محبت آهي عبداللطيف کي“
(چنا، 1958 ع ، ص ، 20 )
اهڙيءَ طرح سنڌ جي ٻين شاعرن به وايون چيون آهن، پر پوءِ وارن سڀني شاعرن جي لکڻين ۾ ”ڪافين“ جو وڏو اثر نظر اچي ٿو.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون ”سنڌي لوڪ گيت- وايون “ ماهوار رسالو، ”نئين زندگي“، جلد 11، نمبر- 12، ايڊيٽر، عبدالواحد سنڌي، ڪراچي پاڪستان، پبليڪيشن، ڊسمبر، 1958ع، ص، 20.
(2) حوالو ساڳيو ص، 20.
(iii) واديءَ سنڌ جو فارسي علمي سرمايو
هي مقالو، پهرين سال 1964ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيو انکاپوءِ ماهوار ”نئين زندگي“رسالي جي جلد 22 ، نمبر - 7جي جولاءِ 1969ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو. واديء سنڌ جو خطو دنيا ۾ علم و فضل ۽ تهذيب جي ڪري مشهور رهيوآهي. هن مقالي ۾فارسي علمي سرمايي جي شروعات جي حوالي سان چنا صاحب هن ريت لکيو آهي: ”واديءَ سنڌ ۾ فارسي علمي سرمايي جي شروعات، سلطان محمود غزنويءَ جي سنڌ تي ڪاهه بعد، سن 421 هه بمطابق 1030 ع ڌاري ٿي ۽ ان جو اثر ٽالپرن جي عهد 1843ع تائين، فارسي زبان مکيه درٻاري زبان جو شرف حاصل ڪيو، انگريزن جي دؤر ۾ سندس زور گهٽجي ويو.“ (چنا، 1969ع ، ص ، 33 )
اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ فارسي هڪ دفتري زبان رهندي آئي ۽ هيءَ زبان ترقي ڪندي وڃي عروج تي پھتي، جيئن ٽالپرن جي دؤر ۾، هڪ پهاڪو مشهور آهي ته (فارسي گهوڙي چاڙهسي) سندس لکيل هن مقالي ۾ اها به معلومات ملي ٿي ته، ستين صدي هجري مطابق، تيرهن صدي عيسويءَ ۾، سومرن جي دؤر ۾ اسانکي فارسيءَ جا ٻه وڏا چمڪندڙ ستارا ملن ٿا. هڪ علي بن حامد ڪوفي، جنهن جو چچ نامو مشهور آهي، ان کانپوءِ ٻيو، حضرت قلندر لعل شهباز مروندي جن هئا. هن مقالي ۾ ڪافي تعداد ۾ اهڙن ڪتابن جو به ذڪر ڪيو آهي ، جيڪي نهايت بهترين موضوعن تي لکيا ويا هئا، جيڪي فارسي زبان ۾ شايع ٿيل هئا.
مثلاً: ديوان نامي، خمسه نامي، معدن الافڪار، حسن و ناز، اڪبر نامه، هفت نقش طب نامي مفردات معصومي، تاريخ معصومي، اهڙيءَ طرح سان ڪجهه تاريخن جا ڪتاب جيڪي فارسي ۾ لکيل هئا، تاريخ طاهري، بيگلارنامه، ترخان نامه، ۽ تحفة الڪرام وغيره.
هن صاحب ارغونن جي دؤر کان وٺي ڪلهوڙن جي زماني تائين پهچي، ٽالپرن جي حڪمراني تائين، اهڙا نالا پيش ڪيا آهن جيڪي پنهنجي وقت جا فارسي زبان جا ماهر ۽ ادب جا چمڪندڙ ستارا رهيا. مثال طور: مراز شاهه حسن ارغون، مرزا جاني بيگ، مير معصوم شاهه بکري، محمد طاهر نسياني، مير ابوالمڪارم ”شهود“ نور محمد ٺٽوي، سيد شاهه جهانگير هاشمي ڪرنامي، مير علي شير قانع ٺٽوي، مير ابواالبقا عرف بهرور علي، شيخ محمد اعظم، عبدالوهاب المعروف سچل سرمست، قادر بخش بيدل وغيره فارسي ادب جا چمڪندڙ ستارا هئا.
مذڪوره فارسي ڏيکاريل ڪتابن کانسواءِ، لب تاريخ سنڌ، ديوان غلام، تاريخ طاهري ترخان نامو، مڪلي نامه، روضته السلاطين اهڙا ڪتاب آهن. جن جو فارسي مواد اسان وٽ بهترين سرمايو آهي.
چنا صاحب جي هن مقالي مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته، سندس ذاتي لائبريري ۽ سندس علمي شوق جي دسترس ايتري ته وسيع هئي جو پاڻ هن مقالي ۾ تقريباً فارسي زبان ۾ آيل تاريخ مظهر، توڙي علمي ادبي نثر ۽ بياض جا سڀ جا سڀ ڪتابن جا نالا آندا آهن، ان سلسلي ۾ پاڻ ڪيتري محنت ڪئي هوندائون، ان جو اندازو صرف تحقيق ڪندڙ علمي دوست ئي لڳائي سگهن ٿا.
حوالو
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقالو، ”واديءَ سنڌ جو فارسي علمي سرمايو “ ماهوار رسالو، ”نئين زندگي“، جلد-22. نمبر 7، ايڊيٽر، عبدالواحد سنڌي. ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشن جولاءِ 1969ع، ص، 33.
*
(iv) سچل سرمست جا دوها
سندن هي مقالو، ماهوار رسالي ”نيئن زندگي“ جي جلد ويهون ۽ نمبر ٻارهون، ڊسمبر 1967ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو. هن مقالي ۾ ”دوهي“ لفظ جي اپٽار ڪئي اٿن ته، دوهو هندي شاعريءَ جو هڪ قسم آهي، جيڪو ٻن سٽن تي مشتمل آهي، هندي دوهن جي ضمن ۾، ڪبير شاهه ۽ گرونانڪ جا مثال ڏيئي دوهي جي اهميت کي وڌيڪ ظاهر ڪيو اٿن. مثال طور: ڪبير جيئن فرمايو آهي:
”جو آيا جگت ۾، سراهي توءِ
ايسي ڪرت ڪرچلو، پاڇي نه هنسي ڪوءِ“
يعني (جڏهن دنيا ۾ آيو آهين، تڏهن جس حاصل ڪر، اهڙي طرح حياتي گذاري وڃ، جو پٺيان ڪو کلئي نه)
گرو نانڪ جو مثال:
”نانڪ گورو نه چيتني، جن آ پڻي سچيت،
ڇٽي تل ٻهاڙ جيءَ، سڃي اندر کيت“
يعني(اي نانڪ، جيڪي ماڻهو پاڻ کي سچيت سمجهي رب تعاليٰ کي ياد نٿا ڪن، سي ترن جي کلن وانگر، سڃيءَ ٻنيءَ ۾ اڇلايا وڃن ٿا). (چنا، 1967 ع ، ص ، 13)
سمن جي دؤر ۾ هندي دوهي جو اثر گهرو ٿيندو ويو، تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جا ڪيترائي ڪلاسيڪي شاعر سنڌي دوهي جا محافظ هئا، جن دوهي جي فن ۾ پنهنجن بيتن ۾ ڪماليت حاصل ڪئي آهي. انهن ۾ هفت زبان شاعر سچل سرمست به شامل آهي چنا صاحب سچل جي دوهن جي فن بابت لکي ٿو ته : ” جيڪڏهن اسين پنهنجي شاعر سچل سرمست جي ڏوهيڙن کي غور ۽ خوض سان جاچينداسين ته معلوم ٿيندو ته، سچل سائينءَ جي دوهن ۾ ٻيءَ ۽ چوٿينءَ تڪ جي پڇاڙيءَ ۾ قافيو اصل ڪونهي، ۽ هن صاحب، شاهه ڀٽائيءَ جيڪو ڪنو رڌو هو، ان جو ڍڪڻ لاٿو آهي. يعني پنهنجي پيشرو شاهه صاحب وانگر ٻيءَ تڪ ۽ ٽيءَ تڪ ۾ هم قافيي الفاظ استعمال ڪيا آهن، سندس سڄي ڪلام ۾ جيڪي به ٻه تڪا بيت هٿ ايندا، سي گهڻو ڪري ٻيءَ ۽ ٽيءَ تڪ وارا هم قافيي الفاظ نظر ايندا آهن“ مثال طور: سچل جا بيت
(1) ”ڪاتيءَ ري ڪهي ڇڏيو، راڻا تنهنجي رنج،
سکئون سڀ سهنج، سوڍو ساڻ کڻي ويو،ڄ
(2) ”مرد نه مرن ڪڏهين، جن الک ڪيو اثبات،
ٻي جهت ۽ جهات، سير سڀوئي ان جو“
مثال طور: شاهه ڀٽائي جو بيت
”کو ءِ هاڙهو، کوءِ هوت، کوءِ پنهون ،کوءِ پريتڻو،
مادر مون تان موت، پسڻ مان پرائيو“
(چنا، 1967ع ،ص ، 15 ، 14)
مٿين مثالن مان معلوم ٿئي ٿو ته، سچل سائين پنهنجي پيشرو شاعرن وانگر ڏوهيڙي ۾ به ڦير گهير ڪري، ٻن مصراعن بدران، ٽن، چئن، پنجن ۽ اٺن تائين مصراعون ڪم آنديون آهن، اهڙيءَ طرح سچل سرمست جي ڪلام ۾ به دوها جي سٽاءَ سان واسطو رکندڙ هڪ نئون تجربو ملي ٿو، جيڪو ٻئي ڪنهن به سنڌي شاعر وٽ نظر نه ٿو اچي.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پرفيسر: مقالو، ”سچل سرمست جا دوها“ ماهوار رسالو، ”نئين زندگي“، جلد، 20، نمبر، 12، ايڊيٽر، شميرالحيدري، ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشن، ڊسمبر ، 1967ع، ص - 13.
(2) حوالو ساڳيو ، ص ، 15، 14.
*
(v) دادو ضلعي جا عوامي عرس ۽ ميلا
پروفيسر محبوب علي چنا، دادو ضلعي جي تهذيبي ۽ تاريخي ورثي کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ماهوار رسالي ”نئين زندگي“ جي، آگسٽ، سيپٽمبر 1970ع واري پرچي ۾، هي مضمون بعنوان ”دادو ضلعي جا عوامي عرس ۽ ميلا“ شايع ٿيو، هن مضمون ۾، چنا صاحب لفظ ”ميلا“ کي ثقافت جو هڪ اهم حصو سمجهيو آهي، ۽ اهو به ڄاڻايو آهي ته، لفظ ميلو ”ميل“ مان نڪتل آهي، جنهن کي اردوءَ ۾ ميل جول ۽ سنڌي ۾ ملڻ جلڻ چئبو آهي.
هن مضمون جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته، هن هي مضمون لکي دادو ضلعي جي پيرن فقيرن، ۽ بزرگن سان محبت جا ٻول ٻوليا آهن ۽ انهن جي لڳندڙ ميلن، ملاکڙن جو ظاهري طور عڪس پيش ڪيو آهي، پاڻ هن مضمون ۾ سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي، ريتن رسمن کي اجاگر ڪيو اٿن. سنڌ جي هر ڳوٺ يا شهر ۾ ڪنهن نه ڪنهن پير فقير، بزرگ، ولي جي مزار هوندي آهي ۽ انهن جي مزارن تي ڪي ميلا، ڪن وڏن ڏينهن تي لڳايا ويندا آهن، جهڙوڪ مهاپرو سومار يا مهاپرو جمعو، پر اڪثر ڪري الله وارن جا عرس ملهائڻ لاءِ، ميلا رعب ۽ تاب سان لڳندا آهن، هنن من موهيندڙ ميلن ۾ بازارون نمائشون، ڌمالون مينديون، ملاکڙا ۽ نموني نموني جا کيل ۽ ڪسرتون ميدان ۾ اچي ويندا آهن، وڏن ميلن ۾ ته، ڪٿان ڪٿان جا پرديسي اچي ڪٺا ٿيندا آهن ۽ ننڍن ميلن ۾، انهيءَ علائقي جي آسپاس جا ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن. حضرت قلندر لعل شهباز جي ميلي جي حوالي سان چنا صاحب لکي ٿو ته:
”انهن ميلن ۽ عرسن جي ڪري، دادو ضلعو برک آهي. هن ضلعي ۾ هڪ ئي ميلو اهڙو لڳندو آهي جو، خيرپور ۽ حيدرآباد ڊويزنن ۾ پهريون نمبر آهي، ۽ بهاولپور ،ملتان، ڪوئيٽه ۽ قلات جي خطن ۾ مشهور آهي، اهو ميلو آهي سنڌ جي ولي، حضرت سيد عثمان مرندي عرف لعل شهباز قلندر جو ، جنهن جي زيارت با برڪت لاءِ دور دراز جا دولهه، اڙنگا ڪشالا ڪري ۽ ڏونگر ڏوري اچن ٿا.“ (چنا، 1970ع ، ص ، 5 . 4)
سندن هن مضمون مان اهو به پتو پوي ٿو ته ميلا، ميل ميلاپ جو ڪارڻ هوندا آهن ۽ ميلا سنڌي نج ڪلچر کي اجاگر ڪرڻ کان علاوه وڻج واپار جو به ذريعو رهيا آهن، چنا صاحب جي هن مضمون مان پڙهندڙن کي دادو ضلعي جي بزرگن، ولين جي ته خبر پوي ٿي، پر ان سان گڏو گڏ الله وارن جي مزارن تي ڪي ننڍا وڏا ميلا يا عرس ملهائڻ جي تاريخن جي به خبر پوي ٿي ۽ انهن ميلن جي منظرن جي ڄاڻ ملي ٿي جيڪي اسان جي ثقافت جا حصا آهن.
حوالو
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون،”دادو ضلعي جا عوامي عرس ۽ ميلا“، ماهوار رسالو ”نئين زندگي“، ايڊيٽر شمشسيرالحيدري، ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشن،آگسٽ، سيپٽمبر، 1970ع، ص 45 .
*
(vi) ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ادب (Sindhi Literature After Partition)
پروفيسر محبوب علي چنا، جڏهن هالا ڪاليج ۾ پرنسپال هئا، تنهن دؤر ۾ ڪاليج جي طرفان سال 56-1955ع ۾ هڪ مئگزين ” سروري مئگزين“ جي نالي سان جاري ٿيو، جنهن ۾ انگريزي واري حصي ۾، سندن هڪ مضمون انگريزيءَ ۾ بعنوان:“Sindhi literature after partition.” يعني، ”ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ادب“ شايع ٿيل آهي.
هن مضمون جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته، مضمون جي شروعات ۾ ٻوليءَ جي حوالي سان مختلف عالمن جي راين تي بحث ڪيو ويو آهي، اهڙيءَ طرح ورهاڱي کانپوءِ واري دؤر تي روشني وڌي وئي آهي جيئن پاڻ لکيو اٿن ته ”هي دؤر سنڌي ادب لاءِ تمام اهم ۽ خطرناڪ پڻ هو، ڇاڪاڻ ته سڀ سنڌي هندو الڳ ٿي ويا ۽ ادبي ڪتابن جي ايڏي ته اڻاٺ ٿي وئي جو، شاهه صاحب جو رسالو ملڻ مشڪل ٿي ويو، پر ڪجهه ادبي ماهرن جي اڻ ٿڪ ڪوششن سان، سنڌي ادبي مواد شايع ٿيندو ويو.“ (چنا، 56، 1955ع، ص، 14)
اهڙيءَ طرح مختلف عالمن، اديبن، شاعرن جن ورهاڱي کانپوءِ ڪوششون ورتيون ۽ سنڌي ادب ۾ نثر، توڙي نظم ۾ ترقي ۽ واڌارو ڪيو، انهن نين نين صنفن، نون موضوعن، نون لاڙن ۽ نون رجحانن کان متعارف ڪرايو، انهن جو مختصر نموني ذڪر ڪيو ويو آهي، هي مضمون انگريزي ۾ ڏنل آهي، جنهن جو سنڌيءَ ۾ هي مختصر اختصار پيش ڪيو ويو آهي.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون ”ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ادب“، سروري مئگزين هالا، سروري اسلاميه ڪاليج، سال. 56-1955، ص، 14.
*
(vii) اخلاقيات
چنا صاحب جا ادب کانسواءِ ٻين به ڪيترن ئي موضوعن تي مضمون لکيل آهن، مثال طور: ”اخلاقيات“ جي موضوع تي پاڻ هڪ مضمون لکيو اٿن. سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ سندن پرنسپال واري عهدي دوران نڪرندڙ ”سروري مخزن“ جنهن جا بنياد وجهندڙ به پاڻ هئا، 60-1959ع واري، سروري مخزن ۾ سندن ”اخلاقيات“ جي موضوع تي لکيل هي مضمون شايع ٿيو هو. پاڻ هن مضمون ۾ اخلاقيات جي مفهوم جي وضاحت ڪندي لکيو آهي ته: هي لفظ اخلاقيات ”خلق“ جو جمع الجمع آهي، يعني خلق مان جمع اخلاق ۽ اخلاق مان اخلاقيات ،اخلاقيات کي علم الاخلاق يا اصول اخلاق به سڏجي ٿو، علم الاخلاق اهو علم آهي جنهن ۾ اخلاق ۽ ان جي ربط ۽ ضبظ متعلق بحث ڪيو ويو آهي.“ (چنا، 60 – 1959ع ، ص ، 18 )
اهڙي طرح سان پاڻ، اخلاقيات جي وسعت ۽ دائرو بيان ڪيو اٿن. هن مضمون ۾ مختلف عالمن جا حوالا ڏيئي،”اخلاقيات“ کي سٺي نموني سان بيان ڪيو اٿن. هن مضمون کي پڙهڻ کانپوءِ خبر پوي ٿي ته، ڪنهن انسان کي سنوارڻ ۽ بهتر بنائڻ لاءِ ضروري آهي ته ان جي عادتن ۽ خصلتن کي سڌاريو وڃي، عادتون ۽ خصلتون، جيئن ته انسان جي ذهني سوچ، عقيدت ۽ نظرين جي مطابق، زير عمل اچن ٿيون ان ڪري عقيدت ۽ نظريت جي درستي ئي حقيقت ۾، اعمالن ۽ اخلاق جي درستي آهي. اخلاق جو سنوارڻ، جنهن کي علم الاخلاق جي محاوري مطابق، ”تهذيب الاخلاق“ سڏجي ٿو. جو انسان جي لاءِ نهايت ضروري ۽ لازم آهي. انڪري نبي، پيغمبر ۽ اولياءَ هن دنيا جي تختي تي پيدا ٿيا، اهي ڌڻي ڌوئل، الله تعاليٰ جو علم، پاڻ سان کڻي ڪائنات جي وسيع زمين ۾ پکڙجي ويا ۽ پنهنجي جان ماري، نفس کي نهوڙي بني نوع انسان کي الله جو صحيح رستو ڏيکارين ٿا، جنهن رستي کي قرآن شريف ۾ ”صراط المستقيم“ سڏيو ويو آهي.
حوالو
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون ”اخلاقيات“، ”سروري مخزن “ هالا، سروري اسلاميه ڪاليج، سال ، 60 ، 1959ع ، ص ، 18.
*
(viii) پاڻ سڳورن جو مخالفن سان سلوڪ
سندن هي مضمون، ماهوار رسالي، ”نئين زندگي“ جي، ”سيرت النبي نمبر“ ۾، 1963ع ۾ آگسٽ واري پرچي ۾ شايع ٿيو. چنا صاحب هن مضمون ۾ عشق الاهي جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن موجب پاڻ سڳورن جي زندگيءَ جي حالات جي مختلف واقعن جو احوال قلمبند ڪيو اٿن، هن مضمون ۾، قريشن جي مخالفت جو سربستو احوال پيش ڪيل آهي، سندن مخالفت انهيءَ لاءِ ٿي جو پاڻ حق جو پيغام کڻي ميدان ڪار زار ۾ آيا. پاڻ لکن ٿا ته: ”جڏهن بداخلاقي جو دؤر هو، عرب جا باشندا بت پرستي، توهم پرستي ۽ شيطان پرستي جي تثليث ۾ محو هئا، قتل غارت جو جنون، سندن دلين ۾ دائما موجود هو. اهڙي شب تاريڪ جي ظلمن وقت، سعادت جي برج مان، ”سراج منير“ پيدا ٿيو، جنهن جي برڪت طفيل ڪفر جا قلعا ٽٽي پيا ۽ ڪوڙ جا ڪنگرا اچي پٽ تي پيا.“ (چنا، 1963ع ، ص ، 84 ، 83 )
مذڪوره احوال مان معلوم ٿيو ته، پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي انهي ڪري مخالفت ٿي، جو حق طرفان پيغمبر هو ۽ هر ايندڙ پيغمبر جي، سندس قوم مان ئي شديد مخالفت ٿي آهي، مضمون جي مطالعي ڪرڻ کانپوءِ خبر پوي ٿي ته، حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي دؤر ۾ به سندن مخالفت طرفان ڪيترائي ظلم ڪيا ويا پر جن جي اعليٰ اخلاق، صبر ۽ مرتبي جي حوالي سان عظيم سبق ڏنل آهي.
حوالو
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون، ”پاڻ سڳورن جو مخالفن سان سلوڪ “ماهوار رسالو، ”نئين زندگي“، جلد 16، نمبر – 8 ايڊيٽر: عبدالواحد سنڌي ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشن، آگسٽ 1963ع، ص ، 84 ، 83 .
*
لطيفيات تي مقالا
(i) لطف اللطيف تي هڪ نظر
پروفيسر محبوب علي چنا جا، لطيفيات تي به ڪجهه مقالا شايع ٿيل ملن ٿا، ڇاڪاڻ ته پاڻ، سنڌ جي سدا حيات شاعر، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا به نهايت ئي گهڻا عقيدت مند ۽ شيدائي هئا، جنهن ڪري شاهه لطيف جي ساليانه ادبي ڪانفرنس ۾ سندن ڪيتريون خدمتون سرانجام ڏنل آهن.
انھن خدمتن جي حوالي سان، پروفيسر هدايت الله ميمڻ لکي ٿو ته: ”چنا صاحب ڀٽ شاهه ڪلچرل سينٽر ۽ شاهه لطيف يادگار ڪائونسل ۾، بحيثيت ميمبر جي سائين ميران محمد شاهه، آغا تاج محمد صاحب، جناب عبدالله چنا ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب جن سان گڏ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون.“ (ميمڻ ، 1982ع ، ص ، 27)
اهڙيءَ طرح چنا صاحب جا لطيفيات جي حوالي سان، جيڪي مقالا شايع ٿيل ملن ٿا انهن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو. لطيفيات تي سندن لکيل پهريون مقالو، بعنوان ”لطف اللطيف تي هڪ نظر“ آهي. هي مقالو پاڻ پهرين 1950ع تي، 14 سالانه ادبي ڪانفرنس حيدرآباد ۾ پڙهيو هو، جيڪو پوءِ ماهوار رسالي ”نئين زندگي“ جلد-5، نمبر-11، نومبر 1952ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو، هي پرچو ” شاهه لطيف نمبر“ دو صد سالا ورسي جي يادگار آهي.
هن مقالي ۾ سڀ کان پهريان ئي ڪتاب، ”لطف اللطيف “ جي مصنف، مولانا دين محمد وفائي، جو مختصر تعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن ۾ چنا صاحب هن جي علمي، ادبي خدمتن جو به ذڪر ڪيو آهي، مولانا جي تصنيفن جي حوالي سان هن لکيو آهي ته:
”اسانجي ملڪ جي علمي ماحول ۾ ٻه طبقا آهن هڪ ته آهي انهن بي مثال ۽ بي نظير اديبن جو، جن جي تحقيق جي آڏو مرحوم مولوي صاحب جي موجوده تصنيف، شايد معياري نه آهي ۽ ٻيو طبقو آهي صفا اهل پشت ذوقيءَ جو، هي ٻيو طبقو انهن اصحابن جو آهي جن کي پنهنجو تخليقي دماغ ڪونهي، ڪنهن به صاحب کي ايتري شغف ڪٿان کنيو جو مٿا مونا هڻي ڏسي ته، لطف اللطيف علم و ادب ۾ ڪهڙو قابل قدراضافو ڪيو آهي.“ (چنا، 1952ع، ص، 99)
هن مقالي جي مطالعي کانپوءِ خبر پوي ٿي ته، پاڻ هن مقالي ۾ انهن اديبن جي نالن تي بحث ڪيو آهي، جن شاهه لطيف تي اڳ لکيو آهي، جن ۾ مير عبدالحسين سانگي ۽ سندس ڪاوش لطائف لطيفي جو ذڪر ڪيو آهي ۽ پاڻ موازنو ڪيو آهي، جنهن مان سندس لطيف شناسي تي گرفت جي خبر پوي ٿي.
پاڻ هڪ هنڌ ڄاڻايو اٿن ته:
”فرض ڪريو ته، ڪن اصحابن جي چوڻ موجب لطف اللطيف کڻي لطائف لطيفي جو اضافي نقل ٿيل آهي ته به تمام بي بها خدمت مولوي صاحب مرحوم جن کان ادا ٿي آهي، جيڪڏهن مرحوم مولوي صاحب، ڪي گهڻيون ڳالهيون لطائف لطيفي تان کڻي، نون احوالن سان اسان کي روشناس ڪيو ته هن ۾ ڪا به حرڪت ڪانهي.“ (چنا، 1952ع، ص، 101)
اهڙيءَ طرح چنا صاحب جيڪي حڪايتون ظاهر ڪيون آهن، انهن کي پڙهڻ سان اهو پتو پوي ٿو ته، پاڻ مولانا دين محمد وفائي جي ڪتاب لطف اللطيف جو محققانه انداز سان جائزو وٺي، نتيجو حاصل ڪري، پنهنجي راءِ پيش ڪئي آهي.
حوالا
(1) ميمڻ، هدايت الله، ڊاڪٽر:مقالو، ”محبوب ادب“، ”محبوب جي ياد ۾“ مرتب، پروانو سيوهاڻي، سرهاڻ پبليڪيشن، سيوهڻ، سال، 1982ع، ص،27.
(2) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقالو، ”لطف اللطيف تي هڪ نظر“، ماهوار رسالو، ”نئين زندگي“ جلد-5، نمبر، 11، ايڊيٽرعبدالواحد سنڌي، ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشن، نومبر، 1952ع، ص، 99.
(3) حوالو ساڳيو، ص، 101 .
*
(ii) شاهه لطيف جا سوانح نگار
سندن هي مضمون پهريان ئي، ”يادِ لطيف“ جي ٻه سئو سالا ورسي جي موقعي تي، 53،1952ع ۾ شايع ٿيو هو. ان کان پوءِ هي مضمون ”ياد گارلطيف“، ”مرحوم آغا تاج محمد نمبر ۾،“ سال 1960ع ۾ شايع ڪيو ويو. چنا صاحب هن مقالي ۾، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جي سوانح نگارن جو ذڪر ڪيو آهي، جن ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي سميت مخدوم محمد معين عرف ٺارو ٺٽوي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، سربارٽل فريئر ڪمشنر سنڌ، ديوان ڏيارام گدومل، مرزا قليچ بيگ، ديوان ليلارام وطڻ مل لالواڻي، ڊاڪٽر دائود پوٽو، ايڇ ٽي سورلي، مولانا دين محمد وفائي، ديوان ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، جي ايم سيد وغيره جو مفصل ذڪر ڪيو آهي ۽ انهن جي طرفان، شاهه لطيف جي زندگي، ڪلام، فلسفي، رسالي، تي روشني وڌي آهي، اهڙي طرح سان مٿين ذڪر ڪيل سوانح نگارن کانپوءِ ٻين عالمن جن لطيف شناسي تي لکيو آهي، انهن جا نالا به شامل ڪيا ويا آهن، آخر ۾ چناصاحب، سنڌي علم ادب جي مشتاقن کي غفلت مان سجاڳ ڪندي فرمايو آهي ته، “اڃا ويل نه وئي آهي، اي سنڌي علم و ادب جا مشتاقو،خدارا غفلت جو غلاف لاهي، پنهنجي علم و ادب کي ايترو ته پايه عروج تي پهچايو جتي هو ٻين معاصر ٻولين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ترقيءَ جي شاهراه تي گامزن ٿئي.“ (چنا، 1953ع، ص، 6)
هن مقالي ۾ چنا صاحب جنهن طريقي سان سنڌي علم و ادب جي خصوصيتن ۽ شاهه لطيف جي سوانح نگارن تي بحث ڪيو آهي ان مان سندس عاقلاڻه مزاج ۽ مستقل مزاجيءَ جو اندازو ٿئي ٿو، سندس هن مقالي ۾ ڪيل محنت ۽ ڪاوش جا ڪافي نتيجا نڪتا، ۽ سنڌ وارن همت ڪري شاهه جي ڪلام کي اڃا به مفيد ۽ هر دؤر جو ڪلام چئي ڪوششون وٺندا رهن ٿا ۽ تحقيقي ڪم ڪندا رهن ٿا.
حوالو
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر؛ مضمون، ”شاهه صاحب جا سوانح نگار“ ياد لطيف ،ايڊيٽر، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ حيدرآباد، شاهه عبداللطيف يادگار ڪميٽي،سال 53، 1952ع ص،6
*
(iii) ڀٽائي جي رسالي ۾، سندس همعصرن ڏانهن اشارا
چنا صاحب جو هي تحقيقي مقالو، سنڌ جي اطلاعات کاتي طرفان شايع ڪيل ”نذر لطيف“۾ پهرين شايع ٿيو هو، ان کانپوءِ هي مقالو، ماهوار رسالي، ”نئين زندگي“ ۾، جولاءِ 1963ع واري پرچي ۾ شايع ڪيو ويو هو. پاڻ هن مضمون ۾، شاهه لطيف جي پيدائش جي دؤر ۽ زماني تي بحث ڪندي اهو ڄاڻايو آهي ته، سنڌ ۾ سندن زماني ۾، مغل حڪمرانن طرفان ڪيترا ۽ ڪهڙا ڪهڙا گورنر مقرر ڪيا ويا هئا، شاهه لطيف مغلن جي ايڪيهين نمبر، نواب ابو نصرت خان جي دؤر ۾تولد ٿيا ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دؤر ۾، هن فاني جهان کي ڇڏيو. اهڙي طرح سان هن مقالي ۾، پاڻ ويهن گورنرن جي نالن جي پڻ لسٽ ڏني اٿن ۽ انهن جا سن ۽ هجري به ڏنا اٿن.
مٿئين طويل ۽ تاريخي پس منظر لکڻ کانپوءِ، پاڻ شاهه جي ڪلام بابت هن طرح لکيو آهي ته: ”شاهه صاحب جي بي بها رسالي تي اسان نظر ڪنداسين ته، اسانکي ٻن قسمن جو ڪلام نظر ايندو، هڪ اهو معطر ۽ خوشبوءَ سان واسيل، جنهن ۾ اسان کي ”سيد“ ”لطيف“ ۽ ”عبداللطيف“ جا نالا مبارڪ نظر چڙهندا، جنهن مان آساني سان هي نتيجو اخذ ڪري سگهبو ته هي ”لطيفي ملفوظات“ آهي، ٻيو اهو ڪلام، جنهن ۾ ٻين سگهڙن خواه لطيفي فقراءَ جا نالا ڏسڻ ۾ ايندا، مگر مخدوم محمد صالح ڀٽيءَ جو هيءُ چوڻ به درست آهي ته، ڪيترا بيت ٻين اهڙن شاعرن جا به موجود آهن، جن جي نالن جي عدم موجودگي ڪري، شاهه صاحب کي ئي سندن مصنف سڏيو وڃي ٿو“ (چنا، 1963ع، ص، 28)
اهڙيءَ طرح چنا صاحب هن مقالي ۾ مختلف عالمن جا تمام گهڻا مضبوط دليل به ڏنا آهن ته، اسان وٽ شاهه جي نالي ۾ آيل ڪجهه بيت سندس چيل نه آهن يا جيڪي ڌاريا نالا شاهه صاحب جي رسالي ۾ ملن ٿا سي يا ته ”ڌارئي ڪلام“ جا علمبردار آهن يا شاهه صاحب انهن کي پنهنجي ڪلام ۾ تضمين طور ڪم آندو آهي، هن مقالي مان معلوم ٿئي ٿو ته، چنا صاحب لطيف جي رسالي يا ڪلام جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري انهيءَ جي مختلف پهلوئن تي روشني وڌي اٿن ۽ مختلف اديبن ۽ عالمن جا حوالا ڏيئي انهيءَ مونجهاري کي دور ڪري پڙهندڙن لاءِ آساني پيدا ڪئي اٿن، سندن هي مقالو هڪ تحقيق واري انداز ۾ لکيل آهي، جنهن مان سندن تخليقي ۽ تحقيقي قوت جي ڄاڻ ملي ٿي.
حوالو
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقالو، ”ڀٽائي جي رسالي ۾ سندن همعصرن ڏانهن اشارا“ ماهوار رسالو، ”نئين زندگي“ جلد، 16 نمبر، 7 ايڊيٽر، عبدالواحد سنڌي، ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشن، جولاءِ، 1963ع، ص، 28.
*
(iv) شرح لطيفي
سندن هي مقالو، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پهرين 1966ع ۾ نشر ٿيو هو، ان کان پوءِ، اهو ساڳيو مقالو، ماهوار رسالي،”نئين زندگي“ جي جلد ايڪيهين ۽ نمبر پنجين، مئي 1968ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو.
هن مقالي ۾، پاڻ شاهه لطيف کي گهوٽ سڏي، سندس رسالي کي علم حڪمت ۽ عمل جي تجربن جو ڀنڊارسڏي ٿو، سندس خيال ۾ ته، شاهه جي رسالي ۾ هڪ طرف روحاني نڪتا آهن، ته ٻئي طرف دنيوي تجربا آهن، گويا لطيف سرڪار روحاني رهبر هئڻ سان گڏ، دنيوي استاد به آهي. سسئيءَ جي داستان متعلق پاڻ لکيو اٿن ته: ”هونئن ته شاهه صاحب جي رسالي جا سڀ سُرُ الاهي اسرارن سان ڀريا پيا آهن، پر سسئي جي داستان ۾ جي پنج سُرُ آيل آهن، سي پنهنجو مٽ پاڻ آهن. جيئن سر سسئي آبري جي هڪ بيت جي شرح ڏيئي روشني وڌي اٿن.مثال طور:
”ڪڏهن ايئن هياس، جو پنهونءَ ڌوتم ڪپڙا،
هاڻي هيئن ٿياس، جو جت نه نينم پاڻ سين!“
(چنا، 1968ع،ص،
مطلب، ويچاري سسئي دانهون ڪري، گهوڙا گهوڙا ڪري ٿي ته، اهو به وقت هو جڏهن پنهونءَ منهنجا ڪپڙا ٿي ڌوتا ۽ هاڻي اهڙو الٽو وقت اچي ويو آهي جو هو مون کي هت ڇڏي هليو ويو آهي، هن اڀاڳڻ کي پنهونءَ جا ڀائر به وٺي نه ويا. ڪهڙو نه اعليٰ ۽ اُتم نقشو، ڀٽائي گهوٽ سسئيءَ جي داستان ۾ چٽيو آهي، اهو سڄو زندگيءَ جي ڪمال ۽ زوال جو آئينو آهي. چنا صاحب سسئيءَ جي داستان کانپوءِ، لطيف سائين جي هڪ ٻئي داستان، سُر ليلا چينسر جي بيت جي شرح ڏئي بيان ڪري ٿو ته:مثال طور:
”مڻيو وجهان مچ ۾، هائيءَ هڻان هار،
ڀري جي ڀتار، ته ميريائي مان لهان“
چنا صاحب هن داستان متعلق لکيو آهي ته: ”ليلا ۽ چنيسر جو قصو، هر ڪنهن جي وات تي آهي، مگر لطيف سائينءَ ان کي خاڪساري ۽ نهٺائي جي مينديءَ سان جنهن ريت رَتو ڪيو آهي تنهن ان کي هيڪاري جاندار ڪري نکاري ڇڏيو آهي.“ (چنا، 1968ع، ص، 45).
مطلب ته حق جي طالبن کي اڄ هن فتني، فساد، ڌوڪي ۽ فريب جي دؤر ۾ هڪ روح جون سچيون صدائون جتي هر وقت عاجزي ۽ انڪساري، منٿن ۽ ليلائڻ جي طريقي سان منزل حاصل ڪرڻ جو درس ملندو رهي ٿو، جيئن هت لطيف سائين هن بيت ۾ اها تلقين ڪري ٿو:
”ليلا! حيلا ڇڏ، جي تون سوڀي سکئين
ليلا! ليلا ئيج، اٿئي ماڳ منٿ جو“
هن مقالي کي پڙهڻ کانپوءِ هي نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته، چنا صاحب لطيف جي هنن ٻن سرن جي شرح، تمام سٺي نموني سان سمجهائي آهي جيئن، هن دنيا ۾ انسان کي طرح طرح جو لالچون اچي وڪوڙينديون آهن، ۽ پوءِ انهن لالچن جي نتيجي ۾ کيس گهڻيون ئي تڪليفون ۽ مشڪلاتون درپيش اينديون آهن، جيئن سسئي کي، پنهون لاءِ جبل جهاڳڻا پيا، ۽ ليلا کي راضي ڪرڻ لاءِ چنيسر کي ڪيترائي حيلا هلائڻا پيا. مطلب ته اگر انسان پنهنجي اها هوڏ ۽ ارڏائي ترڪ ڪري ۽ صحيح راهه تي هلي ته هڪ ڏينهن ضرور کيس فتح حاصل ٿيندي.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقالو، ”شرح لطيفي“ماهوار رسالو، ”نئين زندگي“جلد، ايڪيهون، نمبر، پنجون، ايڊيٽر شمشيرالحيدري، ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشن مئي، 1968 ع ، ص ، 43.
(2) حوالو ساڳيو - ص 45.
*
(v) شاهه لطيف جا قصا
سندن هي مقالو، بعنوان ”شاهه لطيف جا قصا”، ماهوار امرتا، آڪٽوبر 11-2010ع واري، ”شاهه لطيفرح نمبر“ شمارو : 100، ۾ شايع ٿيل آهي.
هن مقالي ۾ چنا صاحب، شاهه لطيفرح جي رسالي ۾ آيل قصن کي، مثالن ذريعي انهن جي ڪردارن، کي سهڻي نموني پيش ڪيو آهي، مقالي ۾ سڀ کان پهرين ”قصي“ جي مفهوم بابت سمجهايو آهي، ۽ انجي معنيٰ پيش ڪئي آهي ته قصو عربي لفظ آهي، ان جي معنيٰ آهي ”ڪنهن به واقعي کي تفصيل سان بيان ڪرڻ“. قرآن شريف ۾ آيل قصن ۾ حضرت يوسف عليه السلام جي روح رچندي قصي کي، احسن القصص يعني (ڀلي ۾ ڀلو قصي)سان تسليم ڪيو ويو آهي.
شاهه لطيف کي جيڪي، ڪتاب پسند هئا، ۽ جيڪي هميشه ساڻس گڏ هوندا هئا، اهي، قرآن شريف، مثنوي مولانا روم ۽ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ جو رسالو. جيئن اسانکي قرآن شريف ۾ به ڪيترائي سهڻا قصا ملن ٿا، تيئن، شاهه صاحب جي رسالي جي قصن مان به، قرآن شريف جي قصن جهڙي سرهاڻ ۽ مولانا روم جي مثنويءَ جهڙي سڳند پئي اچي چنا صاحب، شاهه صاحب جي رسالي مان کنيل ڏهن قصن متعلق مختصر روشني وڌي آهي.
انهن قصن متعلق لکن ٿا ته: ”هر هڪ قصي ۾، ”فاذکرني ازکرکم“ جي تنوار، تنبيل آهي، سالڪ، حق جي جستجو ڌارڌار روپن ۾ ٿو ڪري، ڪٿي مومل آهي ته ڪٿي ليلا، ڪٿي سهڻي آهي ته ڪٿي سسئي، حق به ڪٿي راڻو آهي ته ڪٿي چنيسر، ڪٿي ميهار آهي ته ڪٿي پنهون، اهي آکاڻيون ته عام آهن، پر اسان کي هت هنن جي روحاني رازن جي مام پرجهڻي ۽ پروڙڻي آهي.“ (چنا، 11 – 2010ع، ص، 136)
اهڙيءَ طرح چنا صاحب هن مقالي ۾، مٿئين قصن ذريعي روحاني راز، تمثيلون، تشبيهون ڏيئي، هر قصي ۾ آيل ڪردارن جي پرک ۽ پروڙ ڪري نهايت ئي سهڻي طريقي سان پيش ڪيو آهي.
جيئن نوري ڄام تماچي جي قصي ۾، لکي ٿو ته: ”هن قصي ۾ نياز جو ڪمال آهي، هن ۾ روحاني رمز به مومل جهڙي ٿيندي، مومل وانگر نوريءَ کي، حسب نسب ۽ ظاهري ٺاٺ نه آهي، پر هوءُ نياز جي پتلي آهي اهو ئي نياز آهي جو ربّ جي بارگاهه ۾ پسند آهي، جڏهن نوريءَ کي ڄام تماچي نوازيو، ته ان نوازش جي نظر جو احساس، ان جي قلب جي گهرائين تائين ويو ۽ هي نياز جي نماڻي نار، هن کي هر هر پئي مخاطب ٿيندي چيوته:
”تون سمون آءُ گندري، مون ۾ عيبن جوءِ،
پسي راڻين رُوءِ، متان ماڱر مٽئين“
(چنا، 11- 2010ع ،ص ، 140)
م طلب ته هن مقالي ۾ شامل هر هڪ قصو روحاني راز ۽ منصوري مام سان ڀريو پيو آهي مٿين قصن مان خبر پوي ٿي ته، شاهه صاحب جنهن به واقعي يا قصي جي اپٽار ڪئي آهي تنهن کي تمثيلي طريقي سان سينگاريو آهي ۽ چنا صاحب به انهن جي ڀرپور طريقي سان وضاحت ڪندو رهيوآهي.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقالو، ”شاهه لطيف جا قصا“، امرتا، ”شاهه لطيف نمبر“، مرتب، فقير محمد ڍول شمارو: 100، ڍول فقير فائونڊيشن، سنڌ ،سال، 2011ع، ص 136.
(2) حوالو ساڳيو ص ، 140.
(7) مختلف ادبي ڪانفرنسن ۽ تقريبن ۾ پيش ڪيل مقالا ۽ مضمون
پروفيسر محبوب علي چنا، ادبي ڪانفرنس جو به تاب حيات روح روان رهيو،پاڻ ادبي محفلن جي سونهن ۽ انهن جو سينگار هو.، پاڻ محفلن جو مور ۽ ڪچهرين جو ڪوڏيو هو، پاڻ نه صرف هڪ سٺو استاد، محقق ۽ اديب هو، پر سٺو مقرر به هو ،علمي ۽ ادبي جلسن ۾، اڪثر کين پروگرامن جي ڪاروائي هلائڻ يا صدارت جا فرائض به سونپيا ويندا هئا، پنهنجين تقريرن ۾ سهڻيون صلاحون، مفيد مشورا ۽ با مقصد پروگرام ٺاهڻ ۽ علمي ادبي ڪمن جون صلاحون ڏيندا رهندا هئا، جي وڏي رهبري ۽ رهنمائي جو باعث بنجنديون هيون. مختلف ڪانفرنس ۾ سندس پيش ڪيل مقالا هن ريت آهن.
(i) شاهه عبداللطيف جي پياري شاعري
1952ع ۾، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جي ساليانه ميلي ۾، ڀٽ شاهه تي منعقد ٿيل ادبي ڪانفرنس ۾ پاڻ ” شاهه عبداللطيف جي پياري شاعري“ جي عنوان سان هڪ بي نظير مقالو پيش ڪيائون، هن مقالي ۾ سندس فڪر جو سمورو زور هن ڳالهه تي هو ته، شاهه لطيف سنڌ جو نه پر دنيا جو مٿانهون شاعر آهي، سندس ڪلام ۾ فن ۽ فڪر جو اهڙو ته حسين امتزاج آهي جو شاهه جو ڪلام ٻوليءَ جي لحاظ کان پختو آهي، جنهن کي جهر جهنگ ۾ آلاپيو ۽ جهونگاريو وڃي ٿو ، سنڌ جو عوام سندس پياري شاعري کي وڏي چاهه سان ٻڌي ۽ پڙهي ڳائي ۽ پسند ڪري ٿو.
(ii) شاهه لطيف، هڪ سامونڊي ماڻهوءَ جي روپ ۾
1953ع ۾، شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جي سالياني عرس مبارڪ تي، پاڻ ڀٽ شاهه تي منعقد ٿيل ادبي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائون ۽، ” شاهه عبداللطيف هڪ سامونڊي ماڻهوءَ جي روپ ۾ “ جي موضوع سان هڪ مقالو پيش ڪيائون، جنهن ۾ پاڻ شاهه لطيف جي سر سامونڊي جو سمورو فلسفو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيائون. جيئن سمنڊ اجهاڳ آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن سمنڊ ۾ مختلف خطرا خوف پيدا ٿيندا آهن. تئين هن دنيا ۾ به انسان کي خوف ۽ خطرا سامهون ايندا آهن، محنت ڪندڙ وڻجارا هميشه وڃڻ ۽ سامونڊي سفر جي تياري ڪندا رهن ٿا، البته ايترو آهي ته سندن اهو سفر اڙهانگو به هوندو آهي، پر جيڪڏهن همت سان اڳتي وڌبو ۽ دل مان خوف ڪڍبو ته خدا جي ڀروسي سان نيٺ منزل ماڻي سگهبي .
(iii) لطيف جي شاعري، هڪ آفاقي شاعري
سال 1964ع تي، لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد ۾، لطيف ڏهاڙو جي موقعي تي، ”لطيف جي شاعري، هڪ آفاقي شاعري“ جي موضوع سان هي مقالو پيش ڪيائون. پاڻ هن مقالي ۾، شاهه صاحب جي ڪلام جي موضوع ۽ سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان هڪ طائرانه روشني وڌي، جنهن جي شاعري اڍائي ٽي سئو سال گذري وڃڻ جي با وجود، نه رڳو دائمي ۽ آفاقي قدرن سان مالا مال آهي پرنت نئين آهي، جنهن جو اثر صدين جي سفر کانپوءِ به قائم ۽ دائم رهڻو آهي شاهه لطيف بيشڪ هڪ اهڙو آفاقي شاعر آهي، جنهن جي ڪلام ۾ نه رڳو سچ جو سينهو سمايل ۽ الاهي اسرار و رموز بيان ڪيل ، پر ان ۾ اهِل سنڌ جي اخلاق، عادات واطوار،ريتن، رسمن، تاريخ، فلسفي، سمجهه ۽ عقل جو سرمايو پڻ محفوظ آهي.
(iv) شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جي شاعريءَ ۾ اسلامي قدر
سال 1965ع ۾، شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جي شاعريءَ جي موضوع تي ڪوٺايل سيمينار ۾، ”شاهه عبداللطيف جي شاعري ۾ اسلامي قدر“ جي عنوان سان پاڻ هي مقالو پيش ڪيائون. جنهن ۾پاڻ چيائون ته: شاهه صاحب پنهنجي شاعريءَ ۾ عالم اسلام جو نقشو چٽيندي نه فقط مڪي، مديني، عرفات، رسول پاڪ جي روضي يا مصر جو ذڪر ڪيو آهي، پر مشرق وسط ۽ براعظم ايشيا جي اهڙن ماڳن ۽ ملڪن جو پڻ بيان پنهنجي دعائيه بيتن ۾ آندو اٿس. سنڌي سماج ۾ شروع کان مذهب کي وڏي اهميت حاصل آهي، اها شاهه لطيف جي دؤر ۾به هئي، ته اڄ به آهي، هونءَ به سرمايه داري ۽ مشيني دؤر کان اڳ، مذهب ئي سماجي اقتصادي توڙي سياسي شعبن تي حاوي رهيو آهي، شاهه لطيف وٽ پڻ، اسلام جا مکيه عقيدا، توحيد شريعت، طريقت،حقيقت۽ معرفت سان گڏ وحدانيت ۽ رسالت تصوف، پنهنجي اهميت سان موجود آهن. ڇاڪاڻ ته سندس سڄو ڪلام تصوف جي رنگ سان رنگيل آهي ۽ پاڻ تمام وڏا صوفي بزرگ هئا.
(v) قلندر لعل شهباز جي شاعري
1962ع ۾، حضرت قلندر لال شهباز جي ورسي جي موقعي تي پاڻ ”قلندرلال شهباز جي شاعري“، تي هڪ جامع مقالو پيش ڪيائون. جنهن ۾ سندس فارسي ڪلام ۾، تصوف، مستي عارفانه عشق، جوش ، جذبي جون علامتون بيان ڪيون هيون. قلندر لال شهباز کي گهڻو ڪري رڳو هڪ ولي بزرگ جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو ۽ سندس شاعراڻي حيثيت گهٽ متعارف ٿي آهي، سندس سمورو ڪلام فارسي ۾آهي، جنهن ۾ هجر ۽ فراق جي تڪليفن ۽ قرب الاهيءَ سان گڏ ڌرتي ۽ انسانيت جي محبت جو درس ملي ٿو.
(vi) قوم جي نياڻين کي خطاب
سال 1969ع ۾، مسلم گرلس ڪاليج حيدرآباد ۾، ” قوم جي نياڻين کي خطاب“ جي عنوان سان خطاب ڪيائون، جنهن ۾ پاڻ نياڻين جي تعليم جي حوالي سان روشني وڌي،۽ معاشري ۾ نياڻين تي ٿيندڙ ظلمن خلاف اڳتي وڌڻ ۽ آواز اٿارڻ جي ضرورت آهي، انجو سڀ کان وڏو حل نياڻين کي تعليم ڏيارڻ آهي.
(vii) درازا جو سچل سرمست
سال 1963ع ۾، سچل ڏهاري جي موقعي تي، حيدرآباد ۾ ”درازا جي سچل سرمست “جي عنوان سان نهايت مفصل مقالو پڙهيائون، جنهن ۾ پاڻ هفت زبان شاعر، حضرت سچل سرمست جي مختصر سوانح حيات ۽ ڪلام تي روشني وڌي هئائون.
(viii) خدا آباد ”ثالث“
سنڌ جي دادو شهر ۾ سالانه ٻارنهين ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي پاڻ، ”خدا آباد ثالث“ جي عنوان تي مقالو پيش ڪيائون،جنهن ۾ خدا آباد اول، خدا آباد ثاني ۽ خدا آباد ثالث جي باري ۾مفصل تحقيقي ڄاڻ ڏنائون، سندن هي مقالو ٽه ماهي مهراڻ ۾، 55 – 1954ع ۾ شايع ٿيل آهي.
(ix) سيوهڻ شريف
سنڌ جي اهم شهر جيڪب آباد ۾، جڏهن پاڻ پرنسپال جي عهدي تي هئا، ته اتي تيرهن سالانه ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي، پاڻ پنهنجي جنم ڀومي شهر، ”سيوهڻ شريف “ تي هڪ تحقيقي، تاريخي مقالو پڙهيو هئائون، جنهن ۾ سيوهڻ جي قدامت ۽ تاريخ تي روشني وڌي هئائون.
(x) سنڌ جا قديم تخت گاهه
سندن هي مقالو پهريان ئي، ماهوار ”نئين زندگي“ جي جون، جولاءِ 1970ع واري پرچي ۾ شايع ٿيل آهي، ان کانپوءِ اپريل 1975ع ۾، بين الاقوامي سيمينار جي موقعي تي، پاڻ نهايت هڪ جامع محنت طلب ڪم ڪري، ” سنڌ جا قديم تخت گاهه “ جي عنوان سان هڪ تاريخي مقالو پڙهيو ،جنهن ۾ سنڌ جي سڀني تخت گاهن جو ذڪر ڪيل آهي. هي هڪ اهم مقالو هو.
باب پنجون : پروفيسر محبوب علي چنا، هڪ مؤرخ جي حيثيت ۾
تاريخ، تهذيب ۽ تمدن جو آئينو آهي، جنهن ۾ انسانيت جا خدوخال، پنهنجين سمورين خوبين ۽ خامين سان وضاحت سان ڏسڻ ۾ اچن ٿا، انساني تهذيب، جيئن جيئن پنهنجي وک ارتقائي منزل طرف وڌائي ۽ دشوار منزلن ۽ مرحلن مان ان کي گذرڻو پيو آهي ان جي سموري روئداد، جڏهن لفظن جي شڪل اختيار ڪري ٿي ته، ”تاريخ“ جنم وٺي ٿي، تاريخ هڪ اهڙو علم آهي، جنهن جي ذريعي انسان پنهنجي گهر ۾ ويٺي ئي، دنيا جي ملڪن ۽ قومن جو جائزو وٺي سگهي ٿو، ۽ انهن جي تجربن مان ڪجهه حاصل ڪري سگهي ٿو، قومن جي زندگي ۽ موت جو تعلق تاريخ ساڻ آهي، دنيا ۾ جيڪي به وڏيون وڏيون سلطنتون، بادشاهتون ۽ قومون ٿي گذريون آهن، اهي تاريخ جي ذريعي ئي اڄ دنيا ۾ زنده آهن، تاريخ هزارين سالن جي انساني تجربن جو هڪ نچوڙ آهي، ڏٺو وڃي ته تاريخ جو فن جيڪڏهن دنيا ۾ ايجاد نه ٿئي ها ته پوءِ هزارين سالن جي انساني جدوجهد ۽ ڪارنامن جو احوال ۽ انهن جو انجام وغيره جو ڪوبه پتو نشان نه رهي ها، تاريخ هميشه پنهنجن ورقن کي دهرائيندي آهي، انهيءَ ڪري تاريخ جي هر دؤر جا ڪارناما آئينده دؤر جي ڪارنامن جو پيش خيمو بڻجن ٿا ۽ انهيءَ ريت تهذيب ۽ تمدن جي ترقيءَ جو سلسلو دنيا ۾ قائم رهي ٿو.
پروفيسر محبوب علي چنا، هڪ محقق ۽ مؤرخ جي حيثيت ۾ سندس مرتبو نهايت بلند هو، کيس سنڌ جي تاريخ ۽ مشاهيرن جي حالات زندگيءَ جي ترتيب ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ۾ وڏو عبور حاصل هو سندس تصنيفن ۽ تاليفن کي مطالعو ڪرڻ مان هرڪو اهل علم سندس تبحر علمي وسعت نظري، وسيع مطالعي، اصول نقاد ۽ اصول تنقيد جو دل سان داد ڏئي ٿو، چنا صاحب نه صرف اسلامي تاريخ جو ڄاڻو هو، بلڪه سنڌ جي تاريخ تي به کيس وڏو عبور حاصل هو، سندس هر لکڻيءَ ۾ سنڌ شناسيءَ جو اهڃاڻ ملي ٿو، جنهن سان اسان پنهنجي ماضيءَ جي داستان کي پڙهي ۽ پروڙي سگهون ٿا. سنڌ جي تاريخ لکندڙن جي حوالي سان غلام محمد لاکو لکي ٿو ته: ” سنڌ جي تاريخ تي معياري، مستند ۽ معتبر ڪم ڪندڙن مان، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پروفيسر محبوب علي چنا، مولائي شيدائي ۽ ڊاڪٽر ممتازعلي پٺاڻ کي سٺي اهميت حاصل آهي.“ (لاکو، 1997ع، ص، 294)
چنا صاحب، پنهنجي حياتيءَ واري دؤر ۾، تاريخ جي حوالي سان ڪيترائي بهترين مضمون، مقالا، ۽ ڪتاب لکيا، جن مان هيٺين عنوانن تحت ڪجهه سندن يادگار پورهيو، اسان هٿ ڪري سگهيا آهيون. سندس تاريخ تي لکيل هڪ ڪتاب، بعنوان ”مڪلي ٽڪريءَ جو سير“، تمام نمايان حيثيت رکي ٿو. ان کان علاوه ڪجهه ٻيا مقالا ۽ مضمون مثلًا، “خدا آباد ثالث، ميرپور بٺورو، سنڌ جا قديم تخت گاهه ۽ سنڌو ماٿر جا اصل باشندا دراوڙ هئا”، مشهور آهن.
سندس لکيل تاريخي مقالن جي حوالي سان، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته: ” سنڌ جي تاريخ جي باري ۾ تحرير ڪيل مقالا، نه رڳو طويل آهن پر انهن ۾ تحقيق جو معيار به بلند آهي، هر مقالي جي باري ۾ ضروري حوالا ڏيندو ويو آهي ۽ ڪٿي به معاملي کي تشنه نه ڇڏيو اٿس، چنا صاحب جو تحقيق ۾ معيار نهايت بلند هو، هن خاص طور مقالن ۾ انهيءَ ڳالهه جو وڌيڪ خيال رکيو ته، جيڪي هو چوي ٿو ان لاءِ مضبوط دليل ۽ ثبوت کپن، سندس ڪوبه علمي مقالو کڻجي ٿو ته، ان ڳالهه جي ثابتي ملي ٿي“ . (جوڻيجو، 2007ع، ص، 127).
ان مان ثابت ٿئي ٿو ته، چنا صاحب تاريخ جي حوالي سان جيڪي به مقالا لکيا آهن، تن ۾ تحقيق جو معيار ۽ تحقيقانه انداز زياده نظر اچي ٿو، ۽ اهو به چئي سگهجي ٿو ته، چنا صاحب هڪ بلند پايه مؤرخ هو، سندس تاريخ تي لکيل ڪتاب ۽ مقالن جو تفصيل وار هرهڪ جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو هيٺ پيش ڪجي ٿو.
ڪتاب: ”ملڪي ٽڪريءَ جو سير“
پروفيسر محبوب علي چنا، مڪلي ٽڪريءَ جو سير، 1943ع ۾ ڪيو. مڪليءَ جي خاموش قبرستان جو ۽ اتي جي دڙن، ماڳن مڪانن، مقبرن ۽ تربتن جو چپو چپو گهمي ۽ اتان جي فارسي ڪتبن کي پڙهي، تاريخ جي روشنيءَ ۾ بحث ڪيو، سندس گڏ ڪيل اهو تحقيقي مواد، 1953ع ۾، ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد تان ڏهن قسطن ۾ نشر ڪيو ويو هو. ۽ پوءِ اهي ڏهه ئي قسطون ماهوار، ”نئين زندگي“ جي، 1955ع ۽ 1956ع وارن پرچن ۾ وقت بوقت شايع ٿينديون رهيون، ”نئين زندگي“ ۾ شايع ٿيل انهن ڏهن ئي قسطن جي مواد کي ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ڇنڊي ڇاڻي، سهيڙي ڪتابي صورت ۾ آندو، جنهن جو پهريون ڇاپو 1987ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيو ويو، سترهن سالن جي عرصي کانپوءِ ڪتاب جي اڻ لڀ هئڻ ڪري ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 2005ع ۾ شايع ڪيو ويو.
هونئن ته سنڌ جا سمورا يادگار ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان وسيع تاريخي سڃاڻپ رکن ٿا، پر ڪي اهڙا يادگار به آهن جيڪي اتهاس ۾ هڪ بي مثال وسيع پس منظر رکن ٿا. ”مڪلي ٽڪريءَ جو سير“، بظاهر ته هڪ ننڍڙو موضوع آهي، مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي واقع قبرستان سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهڙو ئي بي بها خزانو ۽ يادگار آهي، جنهن جي اهميت تي جيترو به لکيو ويو آهي اهو گهٽ لڳي ٿو، درحقيقت هي موضوع اڃا وڌيڪ انصاف لهڻي ٿو، ڇو ته مڪلي ٽڪريءَ جي هن عظيم الشان قبرستان ۾، ڄام نظام الدين ۽ دولهه دريا خان جهڙا سنڌ جا ڪيترا سر موڙ سرويچ، بادشاهه ۽ سپاهي دفن ٿيل آهن، جن جي عظمت کان ڪڏهن به انڪار ڪري نٿو سگهجي.
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، چنا صاحب جي مڪليءَ تي تحقيق جي حوالي سان لکي ٿو ته:
”مرحوم پروفيسر محبوب علي چنا هڪ مڃيل اديب ۽ مؤرخ ٿي گذريو آهي، جنهن مڪلي ٽڪريءَ جو سير ڪري، عمدي معلومات فراهم ڪري، ”نئين زندگي“ (55 ۽ 1956) جي ڏهن قسطن ۾ سمورو مواد ڏنو آهي، جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ ڪتابي صورت ۾ آندو آهي، جن مڪليءَ جو چپو چپو ڪري ڏٺو. عربي، فارسي ڪتبا پڙهي ۽ تاريخي روشنيءَ ۾ بحث ڪيو، جيتوڻيڪ ڪي ڪتبا گهڻي وقت گذرڻ ڪري، پڙهڻ کان چڙهي ويا هئا، پر تڏهن به چنا صاحب ٽُڪي ٽُڪي مطلب ۽ مقصد ڀيڙو وڃي ٿيو.“ (سنديلو، 2005ع، ص، ب)
ان مان خبر پوي ٿي ته، چنا صاحب نه رڳو مؤرخ ۽ تاريخ جي موضوع سان دلچسپي رکندڙ هو، پر هو عربي ۽ فارسي جو پڻ ماهر هو، تڏهن ته مڪليءَ جي مقبرن تي لکيل مشڪل فارسي ڪتبن کي پڙهيو ۽ پرکيو ۽ مواد گڏ ڪيو. سندس لکيل هي ڪتاب، جيئن ته ڏهن قسطن يعني ڏهن موضوعن تي مشمل آهي، هن ڪتاب جو پهريون موضوع ”مڪليءَ جي ٽڪري تاريخ جي روشنيءَ ۾“، تي بحث ٿيل آهي ۽ مڪلي جي حوالي سان مختلف عالمن جا به رايا ڏنا ويا آهن، مثلًا، ايڊورڊ ٿارنٽن، مڪلي جي ٽڪريءَ جي ڊيگهه ويهه ميل ڄاڻائي آهي، پروفيسر محمود بريلوي، چئن کان پنجن ميلن تائين ڏيکاري آهي، مسٽر ڀيرومل ڄاڻايو آهي ته، مڪليءَ جي ٽڪري ڪا ننڍي ڪانهي، ڊيگهه ۾ ڏهن ميلن کان به مٿي آهي.
اهڙيءَ طرح چنا صاحب جي راءِ مطابق ته، اهي صحيح نه آهن، پاڻ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو هڪ حوالو ڏيئي لکيو آهي ته: ”مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائين کي ٺٽي مان 1916ع، 1917ع جو نڪتل مڪليءَ جو جهونو نقشو هٿ آيو، جنهن جي ماپن مطابق، مڪلي ٽڪريءَ جي ڊيگهه ساڍا تيرهن ميل آهي، جا بلڪل صحيح ۽ محقق آهي.“ (چنا، 2009ع، ص، 3،2)
مٿين روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته، مڪليءَ جي صحيح ڊيگهه ڪهڙي آهي، پر چنا صاحب جي تحقيق مطابق، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي راءِ صحيح ۽ محقق تسليم ڪئي وئي آهي، عام ماڻهو شايد ائين سمجهن ٿا ته مڪلي ٽڪريءَ جي پٿرن ۾ ڇا رکيو آهي، اهو ته خاموش هنڌ آهي، جتي رڳو مقبرا ۽ تربتون عجيب قسم جو ڏيکاءُ ڏيئي رهيون آهن.
پروفيسر چنا، صاحب هن ٽڪريءَ جي حوالي سان لکي ٿو ته: ” مڪليءَ جي ٽڪري، پٻ ۽ هاڙي جبل جي شاخ آهي ۽ رنيءَ جي ڪوٽ واري ٽڪرين جي قطار مان شمار ڪئي وڃي ٿي، اها پير پٺي کان نڪري، اتر ڏي برابر پنج ڪوهه وڃي، ٺٽي کي ويجهو الهندي ڏي بيهي ٿي، ساموئي جو ڳوٺ پنهنجي شاندار ماضيءَ تي اتر واري ڇيڙي جي هيٺان حسرت جا ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهي، ته ڏکڻ جي پاسي وري، بکر جي ڍنڍ پنهنجن مر مرين موجن سان ناظرين جي دل لڀائي رهي آهي.“ (چنا، 2005ع، ص، 2،1)
اهڙيءَ طرح مڪليءَ جي ٽڪري کانپوءِ ”مڪليءَ“، جي نالي جي حوالي سان به بحث ڪيل آهي، ته مڪليءَ تي اهو نالو ڪيئن پيو، ان لاءِ به مختلف روايتون ملن ٿيون. مثلًا: مسٽر ڀيرومل جي مطابق ته، مڪلي ٽڪريءَ تي، مائي مڪلي جي تربت آهي، جنهن ڪري اهو نالو پيو اٿس، مائي مڪلي ۽ مائي بلڙي ٻئي ڀينرون هيون، جيڪي سنڌ جي هاڪارن ماموئي فقيرن جون ڀينريون هيون، مائي مڪليءَ جي تربت هن ٽڪريءَ تي هئڻ ڪري هي سڳورو مڪان ليکيو وڃي ٿو. مسٽر ڀيرومل جي هن راءِ سان، چنا صاحب اختلاف ڪندي لکيو آهي ته:
”مسٽر ڀيرومل جي احوال مان هيءَ ڳالهه نئين معلوم ٿئي ٿي ته، مائي مڪلي، ماموئي فقيرن جي ڀيڻ هئي، اهڙو اشارو اڳ ڪنهن به ڪتاب ۾ ڏنل نه آهي، تنهنڪري هن کي ڪهاوت جو درجو ڏبو ۽ بس.” (چنا، 2005ع، ص، 4)
اهڙيءَ طرح اسانکي، ڪتاب تحفته الڪرام ۽ تحفته الطاهرين ۾ به ٻه روايتون ملن ٿيون. پهرين روايت هيءَ آهي ته، قديم وقت ۾ هڪڙو وڏو بزرگ، حج ڪرڻ ٿي ويو، مڪليءَ تي اچي لٿو، رات جو خواب ۾ ڏٺائين ته، ڪعبو شريف سندس قيام جي هنڌ واقع آهي. بزرگ هن خواب کان ايترو ته متاثر ٿيو جو بار بار چوڻ لڳو ته، “هذا مڪته لي” يعني هيءَ منهنجي لاءِ مڪو آهي، اهڙي طرح هن هنڌ مڪته لي مان نالو ”مڪلي“ پئجي ويو. ٻي روايت آهي ته، هڪڙي بيبي مڪليءَ واري، مسجد جي محراب جي پٺيان دفن ٿيل آهي، انهيءَ مسجد تي شيخ حماد جمالي، مڪلي يا ننڍي مڪلي جو نالو رکيو پوءِ انهيءَ مسجد تان ساري ٽڪريءَ تي نالو پيو.
پروفيسر محبوب علي چنا مٿين روايتن سان اختلاف ڪندي لکيو آهي ته: ”مائي مڪليءَ جي تربت به باعث بحث آهي. هڪ ننڍي قبر مسجد جي محراب جي بلڪل لڳ ٻاهرين پاسي ٺهيل آهي جنهن جي ڀرسان ماڻهن مائي مڪلي لکي ڇڏيو آهي، منهنجي ناقص سمجهه موجب، اها قبر مائي مڪلي جي نه آهي، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائين جي نقشي مطابق، مائي مڪليءَ جي تربت مسجد جي اولهه طرف واري رانڪ ۾ آهي، جا اڳ ۾ تمام سهڻي هئي، مگر هاڻي ته شڪسته حال آهي، هن ۾ چند قبرون آهن ۽ چوڌاري بند آهي جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، ضرور ڪي زنانا عالم جون تربتون هونديون، اهڙي نموني هن ٽڪريءَ تي ”مڪلي“ ٽڪري نالو پيو.“ (چنا، 2005ع، ص، 5،4)
مطلب ته، مڪليءَ تي اهو نالو ڪيئن پيو ان جي صحيح ۽ اطمينان بخش تحقيق اڃا ڪانه ٿي آهي، صرف مختلف روايتون ئي ملن ٿيون، مڪلي ٽڪريءَ تي مسجدن ۽ مقبرن، تربتن تي سنگ تراشي، اهڙي ته ڪاريگري سان ڪيل آهي، جو انهن مقبرن کي ڏسندي عبرت وٺيو وڃي ۽ ڪيترائي سيلاني توڙي مؤرخ هن پٿريلي قبرستان کي پسڻ لاءِ ايندا رهن ٿا ۽ تحقيق پڻ ڪندا رهن ٿا، انهي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته:
”هيءَ ٽڪري، پنهنجي مقبرن، مرقدن، رانڪن ۽ مسجدن سان سينگاريل، مسافرن جي رندن ۾ رونما آهي، تئين هرڪو سيلاني هن جي زيارت کانپوءِ رهي نٿو سگهي، جيڪي به انگريز مستشرق عالم يا سيلاني سنڌ سونهاري ۾ آيا آهن ته، هن عبرت خاني جي ضرور زيارت ڪئي آهي.“ (چنا، 2005ع، ص، 6)
مڪليءَ تي جيڪي به مقبرا نظر اچن ٿا سي، حسن ۽ خوبصورتيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن ۽ سابق صوبه سنڌ جي اڏاوتي هنر جا بي نظير شاهڪار آهن. انکانپوءِ ”ماموئي ۽ شيرازي ساداتن جو مقام“، جي عنوان سان بحث ڪيل آهي، هن موضوع ۾ ساموئي جي ڳوٺ ۽ شيرازي ساداتن جي مقام جو احوال ڏنل آهي، جيئن ته، ٺٽو ۽ ان جي ويجهڙائي وارا مقام ساموئي ڪلان ڪوٽ وغيره، سمن جي حاڪمن کان وٺي گاديءَ جا هنڌ ٿي رهيا آهن، تيئن انهن حاڪمن مان گهڻن جون قبرون ۽ قبا مڪليءَ تي آهن، جنهن مذڪوره سڀني شهرن لاءِ مرڪزي مقام جو ڪم ڏنو ٿي، جيڪي به مستند تاريخون ملن ٿيون، تن مان هن ڳالهه جي ثابتي ملي ٿي ته، ساموئي پهريان ئي سمن سردارن جي سڪونت گاهه هئي، پوءِ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي ڏينهن ۾، هن جو شان و شوڪت مٽيءَ ۾ ملجي ويو جو ڄام نندي هڪ نئين شهر ٺٽي جو بنياد وڌو، باقي هيءَ ڳالهه اڃا تحقيق طلب آهي ته، هن شهر جو باني ڪير هو، ڪن مؤرخن جي چوڻ مطابق ته، ڄام انڙ بن بابينه 752هه ۾ گادي نشين ٿيو، ۽ سندس پيءُ ڄام بابيني اهو شهر ٻڌايو هو، ساموئي شهر ۽ سمن جي سڪونت گاهه جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته:، ” قديم ساموئي شهر جي پکيڙ ڪافي وڏي هئي، جنهن ۾ هاڻوڪو ڳوٺ ۽ هن جون مضافات، ڄام نندي جي مقبري تائين اچي ٿي ويا، وري ٽڪريءَ جي هيٺان اوڀر طرف، درياهه وهيو ٿي، جنهن کي ساموئي جو درياهه سڏيندا هئا، جنهن جا چٽا نشان اڃا تائين ملن ٿا، شيرازي مقام ۽ سمن واري سڪونت گاهه جي وچ ۾ هڪ دل لڀائيندڙ ماٿري آهي، جنهن ۾ ساوڪ جي دلڪشا چادر وڇايل آهي. هن جي اوڀر طرف وڻن جا جهڳٽا آهن، جن مان ٿڌيون هيرون، سر سر ڪري دل کي فرحت ۽ دماغ کي تراوت پهچائين ٿيون، وڻن جي ڀرسان اڃا به پاڻيءَ جا چشما نظر چڙهن ٿا.“ (چنا، 2005ع، ص، 10،9)
ساموئي جي حد ۾، جن بزرگن جا مقبرا اچي وڃن ٿا. انهن جو تعلق به گهڻي ڀاڱي سمن جي دؤر سان ئي آهي، مثلًا: ستين جو آستان، شيخ حماد جمالي، شيخ عيسيٰ لنگوٽي، ملا عبدالرحمان عرف ملا لٽر، شيخ جهنڊو پاتڻي وغيره جون تربتون آهن.
اهڙيءَ طرح، ”سمن جي سڪونت گاهه“ واري عنوان ۾ سيد مراد جي مقبري کان پيچرو چنا صاحب شروع ڪيو ۽ ڪيترن مقبرن، مزارن، تربتن جو ذڪر ڪيو آهي، نه صرف پاڻ مڪلي ٽڪريءَ جو سير ڪيو اٿس پر ڪتاب جي مطالعي مان ائين ٿو معلوم ٿئي ته ڄڻ پڙهندڙن کي به هن ٽڪريءَ جو سير ڪرائيندو ٿو هلي جيئن پاڻ لکيو اٿس ته:
”اسان اوهان کي سمن جي سڪونت گاهه جي ڏکڻ اولهه واري ڪنڊ تي وٺي وڃون ٿا، جتي مبارڪ خان جي سهڻي چوڪنڊي آهي، جنهن کي ٻه دروازا آهن هڪ ڏکڻ کان ۽ ٻيو اوڀر کان، پهرين ڏسون ته هي مبارڪ خان ڪير هو، مقبري جي ڪتبي مان معلوم ٿئي ٿو ته، مبارڪ خان سلطان نظام الدين جو پٽ هو، مگر مڪليءَ جي قديم نقشي وارن هن مقبري جو نالو، ”سلطان مبارڪ خان، عرف دولو دريا خان“ڄاڻايو آهي، جا حقيقت صحيح آهي.“ (چنا، 2005ع، ص، 17)
ان ڳالهه مان چنا صاحب، جي مهارت جو ثبوت ملي ٿو، جو هو مڪليءَ جي مقبرن، تربتن تي موجود ڪتبا پڙهي ۽ حقيقتون پيش ڪيون، ”مڪلي ٽڪريءَ جو سير“، ڪتاب ۾ مزارن، مقبرن ۽ ڪتبن جي ڪافي وضاحت ڪيل آهي، پر تڏهن به اڃا تحقيق جي گنجائش باقي آهي، چنا صاحب پاڻ به هن ڪتاب ۾ اهڙو اقرار ڪري ٿو، مثلًا: هڪ مقبري جي ڪتبي ۾ سن نه هئڻ ڪري خبر نه ٿي پوي ته، اهو ڄام نندي جي پٽ ڄام فيروز جو آهي يا سندس وڏي ڏاڏي فيروز جو، جيئن پاڻ لکيو اٿس ته:
”هن مقبري جي ڪتبي مان اسانکي شجرو ته ناياب مليو، مگر سن نه هئڻ ڪري خبر نه ٿي پوي ته، ڄام نندو جي پٽ ڄام فيروز جي اولاد جو آهي يا سندن وڏي ڏاڏي فيروز جو، جنهن جو نالو، ڄام نندي واري عمارت جي شجري ۾ آهي، مگر ان شجري سان هي موجود شجرو لاڳاپو نه ٿو ڏيکاري، تنهنڪري سمن جي تاريخ جو باب اونداهو آهي جو تحقيق طلب آهي.“ (چنا، 2005ع، ص، 19)
سمن جي ڏينهن ۾ فارسي زبان عروج جي چوٽي تي پهتل هئي، سمن جي سمي ۾ اسان کي ڪيترا عالم معتبر معلوم ٿين ٿا، جن عربي توڙي فارسي زبان جي ترويج لاءِ هزارين تصنيفون زيب قلم ڪيون. ان ڪري، فارسي زبان جو اهڙو زور هو جو گهڻو ڪري سمن جي مرقدن جا ڪتبا عربي ۽ فارسي زبانن ۾ اڪريل آهن، مگر ڪن ڪتبن ۾ اهڙا عربي الفاظ ڪم آندل آهن جي ڏاڍا فصيح ۽ بليغ آهن.
اهڙي طرح هڪ عنوان، ”سمن کان وٺي شيخ جيئي“تائين ڏنل آهي، جنهن ۾ شيخ جيئو لاءِ ڄاڻايو ويو آهي ته، شيخ جيئو رياضت ۽ ڪرامت ڪري ايترو ته مشهور هو جو کيس مڪليءَ جو ڏيئو ڪري سڏيندا هئا، هن جي مزار تي هر مهيني جي پهرين سومار تي ميڙو لڳندو آهي، رات جو مريد جاڳندا آهن ۽ وجد سماع ڪندا آهن، انکان علاوه ٻين ڪيترن قبرن، مقبرن جو به مختصر ذڪر ڪيل آهي. ”شيخ جيئي کان، سيد عبدالله شاهه تائين“ جي آسپاس جي بزرگن جي مقبرن جو ذڪر ڪتبن سميت ڏنو ويو آهي.
مثلًا: هڪ هنڌ لکيو آهي ته: ”هڪ تربت مشهور اديب مير عبدالباقي جي آهي، جنهن تي وڏو سهڻو ڪتبو منظوم اڪريل هو، جنهن جي آخري سٽ آهي:
سال تاريخ وفاتش راچون جستم عقل گفت مير عبدالباقي آسوده فردوس نعم“
(چنا، 2005ع، ص، 35،34)
چنا صاحب جو اهو هڪ وڏو ڪمال آهي جو هر هڪ بزرگ جو احوال سندس ڪتبي سميت ڏنو آهي، جنهن مان ان بزرگ بابت معلومات ملي ٿي.
اهڙيءِ طرح هڪ عنوان ۾، “شيخ جيئي جو مشرقي حصو ترخاني تاجدارن جو مقام” جو احوال ڏنو آهي، جنهن ۾ ترخانن جي مقبرن ۽ قبرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.ڪن زنانا مقبرن جو احوال به ڏنو ويو آهي، جيئن مقبرو هشام ٻائي، سنڌ جي سرت واري سورمي ماه بيگم، جيڪا شاهه ارغون جي ڀاءُ مرزا محمد مقيم جي ڌيءُ هئي ۽ بيگم گل سلطانه وغيره جن جي قبرن جو پڻ ذڪر ڪيل آهي، ان کان علاوه ترخانن جي ڪيترن مقبرن جو ذڪر آندو آهي، پاڻ مقبره مرزا عيسيٰ ترخان اول جي باري ۾ لکيو آهي ته: ” آثارِ قديمه جي کاتي وارن، هن مقبري جي ٻاهران سن وفات 1567ع هڻي ڇڏيو آهي، مگر مرزا عيسيٰ جي تاريخ وفات بحث هيٺ آهي جو هيٺئين احوال مان ظاهر ٿيندو. ترخاني مقام جي ڇيڙي تي عيسيٰ خان ترخان اول، ڏاکڻي سنڌ جي ترخان گهراڻي جي پهرين تاجدار جو مقبرو آهي، هيءَ وڏي ٿلهي تي جڙيل آهي ۽ هن جي چوڌاري سنگين ديوارون آيل آهن، هن جي ڀرسان سڪل ندي جو پيٽ معلوم ڪجي ٿو جا ڪنهن ڏينهن هنن پٽن تان ڏاڍي آب و تاب سان وهندي هئي، هن جو مقبرو چوڌاري اندر آهي ۽ هن جون ڀتيون قرآن شريف جي آيتن ۽ فارسي، عربي بيتن سان چوڌاري سينگاريل آهن، هاڻي جيڪڏهن مرزا عيسيٰ اول جي وفات جي تاريخ بابت ڄاڻبو ته، اسانکي ڌار ڌار تاريخون معلوم ٿين ٿيون، پر تحفته الڪرام واري مرزا عيسيٰ جو سن، وفات 980هه 1572ع ڄاڻايو آهي، جو صحيح آهي ڇو ته شاه حسن ارغون 962هه 1554ع ۾ فوت ٿيو ۽ مرزا عيسيٰ ارڙهن سال حڪومت ڪري پوءِ انتقال ڪيو.“ (چنا، 2005ع، ص، 42، 41)
مٿئين حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته، چنا صاحب مرزا عيسيٰ ترخان جي مقبري کي چڱي طرح جاچي ڏٺو ۽ سندس مقبري تي جيڪي قرآني آيتون ۽ فارسي بيت ڏنل آهن، تن جو به ذڪر ڏنو آهي ۽ سندس وفات متعلق مختلف تاريخن جن مرزا عيسيٰ ترخان جي وفات جا سن ڏنا آهن انهن متعلق به ڄاڻ ڏني آهي. ان کانپوءِ، ”نواب خليل تائين ۽ ان جي اوڀارين پسگردائي“ جو احوال ڏنل آهي. هن حصي ۾ ڪجهه عبدالله شاهه جو ۽ ڪجهه نواب خليل خان جو ذڪر ڏنل آهي. اهڙيءَ طرح نواب خليل خان جي مقبري جا اولهندا ڀاڱا ۽ سندس ڏاکڻيون حصو، نواب عيسيٰ ترخان تائين جو احوال ڏنو ويو آهي، جن ۾ ڪن بزرگن جي مقبرن جو احوال ملي ٿو.
جيئن هڪ قبر جي حوالي سان لکيو اٿس ته: ” ڀائي خان جي ڏکڻ ۾ هڪ پيچرو وڃي ٿو، اهو وٺي اسان تمام هڪ وڏي قبر تي پهتاسين جا مخدوم جمعي جي تربت هئي، اوچائي ۽ چوڙائي ۾ هن جهڙي تربت ساري مڪليءَ تي ٻي مشڪل ٿي نظر آئي، مگر بي ڪتبي هئي، سواءِ نقشبندي بزرگن جي ڪنهن به بزرگ جي تربت تي ڪتبو نه آهي، ان ڪري انهن کي ڳولڻ ۾ ڪافي وقت صرف ٿئي ٿو.“ (چنا، 2005ع، ص، 55)
مٿئين حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته، چنا صاحب کان مڪليءَ جي ڪابه اهڙي تربت نه رهي. جنهن متعلق ڪا ڄاڻ نه ڏني هجي، ڪنهن نه ڪنهن تربت، مقبري جو ٿورو ٿورو ذڪر ملي ٿو. ان کانپوءِ، ” نواب عيسيٰ ترخان ٻيو جو مقبرو، ان جو اوڀر، اولهه، ڏکڻ رستي تائين“ ، جو احوال ڏنل آهي، مرزا عيسيٰ ترخان ٻئي جي رانڪ تي جا سڀني مڪليءَ جي مڪانن جي مهندار آهي، ڪن مؤرخن هن کي سڀني مزارن کان وڏي ۾ وڏي ۽ اهم ترين عمارت شمار ڪئي آهي، مرزا عيسيٰ ترخان ٻيو، مرزا جان بابا جو پٽ ۽ مرزا عيسيٰ ترخان اول جو پوٽو هو.
اهڙي طرح ڪتاب جي آخري حصي ۾، مڪلي جي ٽڪريءَ سان وابسته ” رستي جو ڏاکڻيو پاسو“ ، جي عنوان سان احوال ڏنل آهي، چنا صاحب هن رستي تان ويندي جيڪي مقبرا، تربتون ڏٺيون انهن جو مختصر ذڪر ڪيو آهي ۽ آخر ۾ چنا صاحب پنهنجي مڪلي ٽڪريءَ جي سير کي بکري ڍنڍ تائين اچي ختم ڪيو آهي، بکري ڍنڍ هن ڪري سڏجي ٿو، جو بکر جا بانڪا سادات رضوي سندس پاسي ۾ آرامي آهن، پاڻ مڪليءَ جي سير کي ختم ڪندي لکيو آهي ته: ” هت اسان جي مڪليءَ جو سير ختم ٿيو، اسان ساموئي جي ڳوٺ کان وٺي بکري ڍنڍ تائين ساڍن تيرهن ميلن جو وڏو مفاصلو عجيب و غريب حالات سان ڀريل محض ڏهن ڪاغذي قسطن ۾ اوهان تائين پهچايو.“ (چنا، 2005ع، ص، 74)
سنڌ جي سيني تي ڪئين دڙا، ماڳ، مڪان خاموش شهرن جي صورت ۾ موجود آهن، تاريخي آثارن ۾، موهن جي دڙي جي خاموش شهر کانپوءِ مڪلي هڪ اهڙو خاموش ۽ ماٺيڻو شهر آهي، جيڪو بي زباني هوندي به پنهنجي اندر هڪ خاص زبان رکي ٿو ۽ سنڌ جي تاريخي نشانن ۾ نهايت اهم جاءِ والاري ٿو، مڪلي سان سنڌ جي تاريخ جا ڪئين باب لاڳاپيل آهن. مڪلي جو ماڳ سنڌ جي تاريخ جو اهو اڻ مٽ نشان آهي جنهن کي زماني جا لاها چاڙها اڄ تائين مٽائي نه سگهيا آهن، ضرورت صرف ان ڳالهه جي آهي ته ڪو ان جي ورقن کي ووڙي ۽ انهن بي جان پٿرن کي پڙهي، جيڪي ڪيترن ئي آڳاٽن وجودن جي تاريخ جو ورجاءُ ڪن ٿا.
پروفيسر چنا صاحب، مڪليءَ جي هن خاموش شهر جو سير ڪندي جيڪي ڪجهه ڏٺو ۽ محسوس ڪيو، ان کي هن پنهنجي ڪتاب “مڪلي ٽڪريءَ جو سير” ۾ بيان ڪيو آهي، پاڻ مڪليءَ جي سڄي وستار کي پنهنجي هڪ مخصوص انداز ۾ قسطوار، ماهنامه ”نئين زندگي“ ۾ بيان ڪيو، جنهن ان وقت به داد حاصل ڪيو ۽ اڄ به، سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڪتابي صورت ۾، هئڻ ڪري لائق تحسين آهي. اگر چنا صاحب جن پاڻ زنده هجن ها ۽ هن ڪتاب جي انهي صورت سان ڇپجڻ جو عمل ڏسي ها ته يقين آهي ته، هو صاحب ان ۾ ڪي اضافا ۽ واڌارا ڪري ها، ڇاڪاڻ ته ”مڪلي نامه“ مؤلف، پير حسام الدين راشدي جي طباعت کان پوءِ چنا صاحب جي، ”مڪلي ٽڪريءَ جو سير“، ۾ بيان ڪيل ڪيترن ڳالهين جي وضاحت جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي، هو صاحب پنهنجي هن ڪتاب لاءِ اهو فرض بخوبي انجام ڏي ها، جيڪو ڪتاب جي افاديت ۽ هم گير ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ها.
هي ڪتاب چنا صاحب مرحوم، جي انهن ڪوششن جو نتيجو آهي، جيڪي سنڌ سان پيار ۽ محبت جي صورت ۾ کين هيون، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي هن وسريل ورقن کي ڪتابي صورت ڏيئي نهايت لائق تحسين ڪم ڪيو آهي، ڪتاب جي سرورق تي ڄام نندي جو مقبرو ڪر کنيو، هن ڌرتيءَ جي عظمت جو ڏيکاءُ ڏيئي رهيو آهي، جنهن کي سنڌ جي ثقافت ۽ وڏائي جو نشان چئجي ته بجاءِ آهي.
حوالا
(1) لاکو، غلام محمد: ”سنڌ جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو“ ، (مقالا ۽ مضمون)، ڪراچي، ملير، مارئي سماجي سنگت، عمر مارئي ڳوٺ، سال، 1977ع، ص، 294.
(2) جوڻيجو عبدالجبار، ڊاڪٽر: مقالو، ”پروفيسر محبوب علي چنا: شخصيت ۽ ادبي خدمتون“، ”علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ سندس همعصر عالم ۽ اديب“ مرتب، ڊاڪٽر قاضي خادم، ڄامشورو، علامه غلامصطفيٰ قاسمي چيئر، سال، 2007ع، ص، 127.
(3) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر: ٻه اکر، ”مڪلي ٽڪريءَ جو سير“، مصنف، پروفيسر محبوب علي چنا، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيو. سال، 2005ع، ص، ب.
(4) چنا محبوب علي، پروفيسر: ”مڪلي ٽڪريءَ جو سير“ ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيو، سال، 2005ع ص، 3،2.
(5) حوالو ساڳيو، ص، 2،1.
(6) حوالو ساڳيو، ص، 4.
(7) حوالو ساڳيو، ص، 4،5.
(8) حوالو ساڳيو، ص، 6.
(9) حوالو ساڳيو، ص، 10، 9.
(10) حوالو ساڳيو، ص، 17.
(11) حوالو ساڳيو، ص، 19.
(12) حوالو ساڳيو، ص، 53، 34.
(13) حوالو ساڳيو، ص،42 ،41.
(14) حوالو ساڳيو، ص، 55.
(15) حوالو ساڳيو، ص، 74.
خدا آباد ثالث (مقالو)
پروفيسر محبوب علي چنا ڪافي عرصو ملازمت جي حوالي سان هالن جي آسپاس تاريخي ماڳ ۽ مڪان، گهمندو رهيو ۽ انهن تي تحقيق پڻ ڪندو رهيو، انهيءَ دوران چنا صاحب هالن جي قريب، هالن واري ”خداآباد ثالث“ تي هڪ جامع مقالو لکيو، جيڪو مهراڻ رسالي ۾ سال 1955ع ۾ شايع ٿيو.
هن مقالي ۾ چنا صاحب، مفصل طريقي سان سنڌ ۾ خدا آباد جي نالي سان سڏجندڙ ٽن شهرن جو احوال ڏنو آهي، جنهن ۾ پهرين خدا آباد اول شڪارپور واري، ٻي خدا آباد ثاني دادو ضلعي واري، ٽين خدا آباد ثالث هالن واري، هن مقالي ۾ چنا صاحب خدا آباد ثالث کي پنهنجو تاريخي، تحقيقي عنوان بنائي ان جي آباد ٿيڻ ۽ وڌڻ ۽ بربادي جي حوالي سان بحث هيٺ آندو آهي. هي خدا آباد پوين ڪلهوڙن ۽ پهرين ميرن جي گاديءَ جو هنڌ ٿي رهيو آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته:
”چنا صاحب جو تحقيق ۾ معيار بلند هو، جنهن ڪري هن خاص طور پنهنجن تاريخي مقالن ۾ انهي ڳالهه جو خيال رکيو ته هو جيڪي چوي ٿو ان لاءِ مضبوط دليل ۽ ثابتيون کپن، سندس ڪوبه تاريخي علمي مقالو کڻجي ٿو ته هن ڳالهه جي پوري ثابتي ملندي، جيئن سندس مقالو خدا آباد ثالث هن ڳالهه جي شاهدي ڀري ٿو، پاڻ سنڌ جي تاريخ جي هن پهلوءَ ۽ خدا آباد جي باري ۾ سڀ تاريخي شواهد گڏ ڪيائين ۽ انهن جي روشنيءَ ۾ پنهنجو مؤقف بيان ڪيائين.“ (جوڻيجو، 2007ع، ص، 127).
جيئن ته مٿي بيان ٿي آيو آهي ته، سنڌ جي قديم پرڳڻي ۾، ”خدا آباد“ جو نالو ٽن هنڌن تي نظر چڙهندو، اهڙي طرح سان خدا آباد اول 1113هه بمطابق 1701ع ۾ ميان يار محمد خان ڪلهوڙو، راجا فقير ۽ پنهنجن ٻين ساٿين کان پڪو وعدو وٺي قلات کي خيرباد چئي اچي شڪارپور ۾ منزل انداز ٿيو، اتي هن پنهورن سان جنگ ڪري شڪارپور ورتي ۽ ان تي ”خدا آباد“ جو نالو رکيو، هن خدا آباد جي متعلق چنا صاحب لکيو آهي ته: ”هيءَ خدا آباد نمبر پهرين آهي جنهن جي گهڻي خبر اسان سنڌ واسين کي نه آهي ۽ ان جو نالو به اڪثر اسان جي ڪنين نه چڙهيو آهي.” (چنا، 1955ع، ص، 196).
پر سنڌ جي هڪ ٻئي محقق، پروفيسر عبدالله مگسي جي راءِ مطابق ته: ” پروفيسر محبوب علي چنا جي انهي مقالي سخت مونجهارو پيدا ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته خدا آباد اول جو جدا هجڻ جي فاضل مصنف کي به پڪ نه آهي ۽ نه وري هي صاحب ان لاءِ ڪو ٻيو دليل پيش ڪري سگهيو آهي، ان ڪري منهنجي راءِ ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي جو ٻڌايل شهر موجوده خدا آباد آهي.“ (مگسي، 1994ع، ص، 254).
پروفيسر مگسي صاحب جي راءِ بلڪل صحيح آهي، ڇاڪاڻ ته تاريخ جي ورقن ۾ صرف ٻن خدا آباد ثاني ۽ خدا آباد ثالث جو ذڪر ملي ٿو، باقي موجوده خدا آباد جو پهريون نالو شڪارپور پنهواري هو، يعني پنهورن جي شڪارپور. اهڙيءَ طرح “خدا آباد ثاني” جو به ذڪر ملي ٿو ته، جڏهن ميان يار محمد ڏٺو ته خدا آباد پهرين خوف ۽ خطري جو مرڪز آهي تڏهن هن صاحب خدا آباد نمبر ٻي اچي ٻڌي جا موجوده دادو ضلعي ۾ آهي ۽ اٽڪل ڇهن ستن ميلن جي مفاصلي تي ڏاکڻي پاسي آهي.
پروفيسر چنا صاحب هن خدا آباد ثاني متعلق لکيو آهي ته: ” ميان يار محمد 1718ع، 1131هه ۾ فوت ٿيو ۽ سندس مقبرو به اتي ئي موجوده ڦڪن جي ڳوٺ جي ڏکڻ اوڀر ۾ واقع آهي، هن جي پٽن مان ميان نور محمد هن شهر ۾ ڏاڍي دٻدٻي سان بادشاهي ڪئي ۽ هي شهر ان وقت عروج تي رسيل هو. جڏهن ميان نور محمد 1168هه بمطابق 1755ع تي فوت ٿيو، تڏهن هن جي اولاد مان ميان غلام شاهه وڏي شخصيت جو مالڪ هو، جو 1757ع ۾ تخت نشين ٿيو. هن جي تخت نشينيءَ جي ٿوري وقت کانپوءِ خدا آباد جي شهر کي پاڻي ورائي ويو، تنهن ڪري ميان اهو شهر ڇڏي پنهنجي پيءُ جي ٻڌل شهر “محمد آباد” جي ويجهو ٻيو شهر “الهه آباد” جي نالي سان ٻڌايو، خدا آباد جي شهر تي ڪي کوسا سردار ڪاهه ڪري آيا ۽ ڦرلٽ ڪري واپس ويا، جڏهن هن واقعي جي ميان غلام شاهه کي الهه آباد ۾ خبر پئي، تڏهن پاڻ خدا آباد ۾ اچي انهن کوسن سردارن کي مارائي ڇڏيائين ۽ شهر جي سنڀال لاءِ باقاعده انتظام رکيائين، پر هر ڪمال کي زوال جي مصداق، جڏهن ميان غلام شاهه ڪلهوڙي، 1182هه 1768ع ۾ حيدرآباد جي شهر جي قلعي جو سنگ بنياد رکيو تڏهن هي شهر صفا ڦٽڻ لڳو، اڃا به خدا آباد اسٽيشن جي لڳ وارا ڦٽل نشان ۽ انهن جي وچ ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي جي ٺهرايل مسجد وغيره، ماضي جي ياد جو وسريل ورق ورائين ٿا.“ (چنا، 1955ع، ص، 197).
مٿئين حوالي مان خدا آباد ثاني جي مختصر تاريخ معلوم ٿئي ٿي ۽ انهي دؤر جي حڪمرانن ۽ عيسوي سنن جي پڻ خبر پوي ٿي، ۽ خدا آباد ثاني جي عروج ۽ زوال متعلق به ڄاڻ ملي ٿي. هيءَ ٻي خدا آباد آهي، جنهن جو بيان سنڌ جي تاريخ جي سڀني ڪتابن ۾ موجود آهي. اهڙيءَ طرح هاڻي ذڪر ڪريون ٿا ”خدا آباد ثالث“ جو، جنهن کي چنا صاحب به پنهنجو عنوان بنائي تاريخ جي روشني ۾ ظاهر ڪيو آهي، جڏهن خدا آباد ٻيءَ جو اوج مٽجڻ تي ئي هو تڏهن ميان محمد سرفراز ڪلهوڙي سن 1168هه بمطابق 1772ع ۾، هالن جي ويجهو نئون خدا آباد جو شهر ٻڌايو. هن شهر جي واقعن، حادثن، متعلق چنا صاحب هن طرح لکيو آهي ته:
”هن شهر هڪ طرف ڪلهوڙن ۽ ميرن جون مايه ناز مهميزون ڏٺيون ته ٻئي طرف خوني حادثا به پسيا، جن جي لهوءَ جي لالاڻ اڃا تائين سنڌ جي تاريخ جي ورقن تان ميسارجي نه وئي آهي. ميان محمد سرفراز خان پنهنجي هڪ درٻاريءَ راڄو ليکي جي ڀڙڪائڻ تي مير بهرام خان جي خلاف بدگماني رکي، جا شديد دشمنيءَ جي صورت وٺي وئي، مير بهرام خان جي شهادت ۾ ظاهر ٿي. هن واقعي جو ذڪر “سنڌ جو شاهنامو يا ڪلهوڙن جي هار” جي مصنف مرحوم مير حسن علي خان ”حسن“ ڏاڍي دلپزير پيرائي ۾ ڏنو آهي.“ (چنا، 1955ع، ص، 199).
مذڪوره حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته، هن شهر تي ڪلهوڙن ۽ ميرن جون لڙايون ٿيون ۽ خوني حادثا پيش آيا، جن جو طويل ذڪر تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ٿيل آهي. هن شهر جي بربادي ۽ تباهي جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته: ”حيدرآباد کان ٽيهه ميل اتر ۽ سنڌوءَ کان ڏهه ميل اوڀر هڪ اجڙيل شهر آهي. گهڻو وقت اڳ هن شهر پکيڙ ۽ آدمشماريءَ ۾ حيدرآباد سان ڪلهو ٿي هنيو، هاڻي هڪ وسندڙ آباد گهر به ڪونهي، کنڊر ٻن چورس ميلن ۾ پکڙيل آهن، هي شهر سنڌ جي ٽالپرن جو مرغوب مڪان هو ۽ هن ۾ ڪيترن ٽالپرن جا خاڪي جسد عاليشان قبن ۾ آرامي آهن.“ (چنا، 1955ع، ص، 203)
تاريخ جي ورقن مان هي به معلوم ٿئي ٿو ته، سن 1814ع تائين هي نئون شهر اهڙو وسندڙ هو جهڙو حيدرآباد جو شهر، انهي سال هو. مگر 1844ع ڌاري هن خدا آباد جو اهڙو حال ٿيو جو منجهس نالي کي هڪ گهر به نه بچيو. هن وقت خدا آباد جو هي شهر ماٺيڻن جو محلو (قبرستان) آهي. مير فتح علي خان جي قبر سميت ٻين ميرن جي مزارن جو به ذڪر ملي ٿو، گڏوگڏ مائي خيري جي به تربت آهي جيڪا مير فتح علي خان جي ماءُ هئي.
پروفيسر چنا صاحب هن حوالي سان لکيو آهي ته: ”مائي خيريءَ جي مسجد حيدرآباد ۾ ميان فقير جي پڙ ۾ آهي ۽ پاڻ هتي پنهنجي پٽ جي ڀر ۾ دفن ٿيل آهي. خدا آباد واري ڪوٽ جي ٻاهران مسجد آهي، جنهن جي اتر طرف چوديواريءَ اندر پٿرايون چوکنڊيون آهن. جن تي اُڪر جو ڪم نهايت عمدو ٿيل آهي، هتي الهندي پاسي هڪ اُٺَ جيڏي قبر سرن جي ٺهيل آهي، هي سڄو مقام آهي ۽ ان جي اتر ڏي ڪلهوڙن جو قلعو آهي، جنهن ۾ مير بهرام ۽ مير صوبدار جون قبرون جدا چوکنڊين ۾ آهن، ۽ مير بجر جي چوکنڊي انهن جي چوکنڊين جي نزديڪ آهي.“ (چنا، 1955ع، ص، 203)
سال 1955ع ۾، پاڻ هن ڦٽل شهر جي جيڪا حالت ڏٺائون، ان جو تفصيل ڏنو اٿن ۽ اتي مدفن نامور هستين جو مختصر ذڪر ڪيو اٿن، جا حالت پاڻ چشم ديد ڏٺي. مثال طور:- ”مير فتح علي واري مقبري جو ڪوٽ هاڻي نيست نابود ٿي ويو آهي، اڃا ڀت جو ٿورو ٽڪر هڪ ننڍي دروازي سميت پنهنجي قديم اوج جي احوال پيش ڪرڻ لاءِ سالم، بيٺل آهي، مقبري جي اڳيان اڀرندي طرف هڪ عاليشان ٿلهو آهي جنهن جي چوڌاري سائيءَ ڪاشيءَ جي سرن جو ڪٽهڙو هو سو ڪيترن هنڌن تي ڪري پيو آهي، پر ٿورو اڃا سلامت آهي، نابود ٿيل پٿرن جا ٽڪر هيٺ ڪريل نظر اچن ٿا.“ (چنا، 1955ع، ص، 204)
چنا صاحب خدا آباد جي ڦٽل قبرستان کي نه صرف ڏٺو، پر اتي جي قبرن، مقبرن کي چڱي ريت جاچي، انهن جي فارسي ڪتبن کي پڙهي، تمام اهم معلومات حاصل ڪئي آهي. پاڻ ”گُلا جي ڪوٽ“ متعلق هن ريت لکيو آهي:
”هن قديم مقام جي اتر اولهه ۾، سڏين جي پنڌ تي ” گُلان جي ڪوٽ“ جا نشان بيٺا آهن جنهن ۾ سنڌ جي روحل راڻي ڏاڍي نازو انداز سان پنهنجا شاهاڻا ڏينهن بسر ڪندي هئي.“ (چنا، 1955ع، ص، 208)
مقالي جي آخر ۾ پاڻ، مقالي جي پڄاڻي هنن سهڻن لفظن ۾ ڪئي اٿن: ”تحقيق، قرآن شريف جو اهو ارشاد اهل دل لاءِ ڪافي ۽ وافي آهي: ”فاعتبر وايا اولي الابصار“شاهه صاحب به انسان ۽ انسان جي متعلق لياڪن جي بي ثباتيءَ جو ذڪر هيٺين بيت ۾ موزون طرح استعمال ڪيو آهي، جو اسان جي خدا آباد جي ڪونڌرن سان ٺهڪي اچي ٿو:
”گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا
ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا!“
(چنا، 1955ع، ص، 208)
هي مقالو سنڌ جي هڪ قديم شهر خدا آباد ثالث، جيڪو اڪثر ڪري نئين نسل کان اوجهل رهيو آهي، جيڪو شاندار ماضي رکندڙ هو، ان جو احوال ڏيئي، چنا صاحب هميشه لاءِ هن شهر کي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي، ته جيئن تاريخ جو مطالعو ڪندڙ هن مان لاڀ حاصل ڪري سگهن.
حوالا
(1) جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر: مقالو، ”پروفيسر محبوب علي چنا: شخصيت ۽ ادبي خدمتون“، ”علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ سندس همعصر عالم ۽ اديب“، مرتب، ڊاڪٽر، قاضي خادم، ڄام شورو، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر، سنڌ يونيورسٽي، سال، 2007ع، ص، 127.
(2) مگسي، عبدالله، پروفيسر: ”سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو“، ڪراچي، سنڌيڪا، اڪيڊمي، سال، 1994ع، ص، 254.
(3) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقالو، ”خدا آباد ثالث“، سه ماهي مهراڻ، جلد، 4 نمبر، 4، ايڊيٽر، محمد ابراهيم جويو، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، سال، 1955ع، ص، 197.
(4) حوالو ساڳيو- ص، 199.
(5) حوالو ساڳيو- ص، 203.
(6) حوالو ساڳيو- ص، 203.
(7) حوالو ساڳيو- ص، 204.
(8) حوالو ساڳيو- ص، 208.
(9) حوالو ساڳيو- ص، 208.
*
ميرپور بٺورو (مضمون)
پروفيسر محبوب علي چنا، سنڌ جي قديم ماڳ ۽ لاڙ جي هيٺاهين واري علائقي، ”مير پور بٺوري“ تي تحقيقي مضمون لکيو، جيڪو سن 1962ع ۾، مهراڻ رسالي ۾ شايع ٿيو، پاڻ هن تاريخي مضمون جي پس منظر جي شروعات هن طرح سهڻن لفظن ۾ ڪئي اٿن:
”هن مضمون ذريعي قارئين ڪرام کي سنڌ جي ان حصي سان روشناس ڪري رهيو آهيان، جو طبعي ۽ قدرتي طور لڙيل ۽ جهميل آهي ۽ فطري تواضع ۽ نهٺائي ڪري قديم زماني کان وٺي، سنڌ واسين کي مٺا ميوا کارائيندو آيو آهي، شيخ سعدي جو قول برقرار آهي ته، ”نهد شاخ پُر ميوه سر بر زمين“ اوهين سمجهي ويا هوندا ته آءٌ سنڌڙيءَ جي ڪهڙي حصي جو ذڪر ڪري رهيو آهيان، هي آهي جنهن بابت مون هڪ هنڌ لکيو هو ته، “لاڙ” سنڌ جي چڙي جي هڪ روح رچندي لار آهي“ . (چنا، 1962ع، ص، 161)
سنڌ جو ڏاکڻو ڀاڱو جو وچولي جي هيٺان آهي ۽ وڃي سمنڊ سان لڳو آهي، سو لاڙ سڏجي ٿو، لاڙ جا ٻه ڀاڱا آهن، هڪڙو حيدرآباد ضلعي وارو لاڙ، ٻيو ڪراچي ضلعي وارو لاڙ آهي. چنا صاحب، هن مضمون ۾ ڊاڪٽر سينتي ڪمار چئٽر جي (بنگالي ٻوليءَ جو مؤرخ) ڪاڪو ڀيرومل، سيد سليمان ندوي، مسٽر ايليٽ، يوناني مؤرخ پٽوليمي ۽ پيريپلس، گجرات جي حصي کي “لارس” لکيو آهي، مسٽر پوسٽنس وغيره سميت ڪيترن مؤرخن جا خيالات ۽ احوال ڏنا آهن. مثلًا، لاڙ بابت چنا صاحب هڪ انگريز مؤرخ مسٽر ايليٽ جو حوالو ڏيئي لکيو آهي ته:
”لاڙ نالو آهي، سنڌ جي ڏاکڻي حصي جو، مگر هن نالي، لاڙ کي ڪڏهن وسعت هئي ۽ ڏاکڻي ڪنارن تائين سڏبو هو.“ (چنا، 1962ع، ص، 162)
اهڙي طرح پاڻ ميرپور بٺوري جي موجوده بيهڪ تي پڻ مفصل معلومات ڏني آهي، ميرپور بٺورو جو شهر موجوده وقت ۾ ٺٽي ضلعي جي شاهبندر ڊويزن جو هڪ تعلقو آهي، ”مقالات الشعراءُ“ ۾ سيد حسام الدين راشدي بتوره، جي ضمن ۾ مرزا قليچ بيگ جي تاريخ قديم سنڌ جو احوال ڏيندي هن طرح لکيو آهي ته: “بٺورو هڪ پرڳڻو هو، جو هاڻي ٺٽي ضلعي ۾ موجود آهي، ۽ ميرپور بٺوري جي نالي سان مشهور آهي، ميرپور دراصل هڪ ڳوٺ هو جو مير ابو البقا مير خان پنهنجي نالي تي آباد ڪيو هو ۽ ان بعد ميرپور بٺوري جي نالي ۾ مشهور ٿي ويو ۽ اڃا تائين هيءَ آبادي ان نالي سان موجود آهي.“ (چنا، 1962ع، ص، 164)
مٿئين احوال مان معلوم ٿيو ته، ميرپور ۽ بٺورو ٻه جدا جدا نالا آهن، جن کي گڏي هڪ بنايو ويو، تاريخي ۽ ادبي پراڻن ڪتابن ۾ ”بٺورو“ کي هڪ جدا پرڳڻو ڄاڻايو ويو آهي، جڏهن ته ميرپور هڪ ڳوٺ هو، جيڪو نواب امير خان، مير ابوالبقا ولد نواب قاسم خان نمڪين هروي بن ملا مير سبز واري جوڙيو هو.
چنا صاحب هن مضمون ۾، سنڌ تي ٿيندڙ ڪاهن جي احوال ۾ ميرپور بٺورو ۽ سنڌ جي هيٺين علائقي لاڙ، عمرڪوٽ سميت ڪيترن ئي احوالن جو ذڪر ڏنو آهي، انهن احوالن مان بٺوري پرڳڻي جي خوشحالي ۽ آسودگيءَ جي پوري پروڙ پوي ٿي، انهن واقعن مان معلوم ٿو ٿئي ته، بٺوري جو پرڳڻو ڪيترو نه آسودو ۽ مرفہ هو، ان ۾ اَنُ پاڻي جام هو. چاچڪان، بٺوري، بهرام پور، درڪ ۽ پليجار جا لاڙ وارا پرڳڻا سري وارين سڃين سرڪارن کان سرس ساوا هئا. بٺوري پرڳڻي کانپوءِ ميرپور جو احوال ڄاڻايو آهي، جيڪو امير پور (امير خان) جو آباد ٿيل آهي ۽ هن جي نالي تي مشهور آهي. چنا صاحب ميرپور جي حوالي سان لکي ٿو ته:
”هي ڳوٺ بٺوري بهرام پور، درڪ ۽ پليجار پرڳڻن جو مرڪز هو ۽ بٺوري کانپوءِ ٻيا پرڳڻا جاگرافيءَ جي تختي تان اڏامي ويا، تيئن ان ”ميرپور“ کي بٺورو سان متصل ڪيو ويو ۽ هي ڳوٺ ”ميرپور بٺورو“ جي مڻيا واري نالي سان مشهور ٿيو.“ (چنا، 1962ع، ص، 166)
اهڙيءَ طرح انگريز سياح ۽ مؤرخ محض ميرپور جي نالي سان سڏيندا هئا، ۽ سندن پٺيان نالا ڪونه ڳنڍيندا هئا. مثلًا، ميرپور ساڪرو، ميرپور خاص، ميرپور ماٿيلو، ميرپور بٺورو. انهن شهرن جي سڃاڻپ جاگرافيءَ جي مطالعي جي بناءِ تي با آساني ٿي ويندي هئي.
ميرپور بٺوري جي قدامت مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته، سومرن بادشاهن جي گاديءَ جو هنڌ ۽ سندن ٻيا شهر ميرپور بٺوري جي آسپاس هئا. سومرن جي گاديءَ جو هنڌ “محمد طور” ميرپور بٺوري جي گرد و نواح ۾ ڄاڻايو آهي. سومرن جي هن گاديءَ جي هنڌ متعلق مرزا قليچ بيگ قديم سنڌ ۾ هن طرح ڄاڻايو آهي.
”سومرن جي ڏينهن ۾، اهو شهر مکيه شهر هو ۽ سندس پاسي ۾ ٻيو ٿرڙيءَ جو شهر هو، محمد طور سومرو سن 654هه، 1256ع ۾ سنڌ جي گاديءَ تي هو ۽ پندرهن ورهيه راڄ ڪيائين، انهي اهو شهر ٻڌو ۽ سندس نالي پٺيان سڏجڻ ۾ آيو.“ (قليچ، 2005ع، ص، 378، 379)
ان شهر کانسواءِ، سومرن جا ٻيا برسيل، شهر ٺري شاهه ڪپور ۽ رڙهي آهن، ٺري ۽ رڙهي واپار جو مرڪز هئا، هن مضمون ۾ ميرپور بٺوري جي علمي فضل ۽ ڪمال متعلق ۽ تاريخي قدامت سان گڏوگڏ تاريخ جي ڪتابن ۾ سندس علم ۽ فضيلت جا به اهڃاڻ ملن ٿا.
چنا صاحب هن علائقي جي بزرگن، علمي شخصيتن جو به ذڪر ڪيو آهي، پاڻ ان حوالي سان لکيو اٿن: ” بٺوري ۾ نصريه، اپلان، هٽڙي، دٻي، راهوٺ، دائري، ڳاهون ۽ منڇر ڳوٺن جي ڌڻي ڌوئلن جو ذڪر ڪريون ٿا. سبحان الله، بلڙي شريف جي ويجهو وڃجي ٿو ته، بٺوري جي بزرگن جي روحانيت جي سڳنڌ سان واٽهڙن جا دماغ معطر ٿي ٿا وڃن، بلڙي شريف ۾ سائين شاهه ڪريم جو ڪرم نواز ڪڙم ۽ قبيلو پسجي ٿو، جهوڪ ۾ وري شاهه شهيد جي لهوءَ جي لالاڻ جي لنؤنءَ جي لار قلب جي تهن تائين وڃي پهچي ٿي. ازانسواءِ شاهه شهيد جي والد بزرگوار مخدوم فضل الله جد امجد ملا يوسف، خواهه سندن وڏا ڏاڏا، ملا شهاب الدين، ملا آجب، خواهه مخدوم صدو لانگاهه به هن تر جا روشن ستارا آهن، جيڪڏهن بٺوري جي بزرگن کي ٻين پرڳڻن ۾ ڦولبو ته به انهن جي شخصيتن جا مشعلا اسانکي منور نظر ايندا، جيئن مرحوم مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، جو عام طرح ”ٺٽوي“ استعمال ٿيندو آهي، سو به پهريائين هن پرڳڻي جو مايه ناز فرزند هو.“ (چنا، 1962ع ، ص، 168)
ان مان معلوم ٿئي ٿو ته، ميرپور بٺوري جو پرڳڻو نه صرف سکيو ستابو علائقو هو، پر ڪيترن بزرگ شخصتن جو جنم ڀومي ۽ آخري آرام گاهه به رهيو آهي. آخر ۾ پاڻ هن علائقي جي موجوده حالت جي حوالي سان لکيو آهي ته:
”هاڻي ٺٽي ضلعي جي شاهبندر ڊويزن جي تعلقن ۾ ميرپور بٺورو مڻيا ۽ مهڪ وارو تعلقو آهي، اهي علم ۽ فضل جون برڪتون ڪٿي، اهي ڀاڳ ڀريا ڏينهن هاڻي عدم موجود آهن، ته به ميرپور بٺوري ۾ واپار جون ويرون وهيون پيون آهن، ماڻهو آسودا ۽ خوشحال آهن، خواجن جي آبادي گهڻي آهي، ان ۾ اسماعيلي خواجا سرس آهن، اثنا عشري خواجن جو به انداز آهي، مگر قليل، موجوده دؤر ۾ هي خطو تهذيبي، علمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ چڱو نالو ڪڍي چڪو آهي، چڱا چڱا شاعر، اديب، عالم پيدا ٿي چڪا آهن، جن جي علمي ۽ ادبي خدمتن سان اسانجو سنڌي ادب وڌي ويجهي رهيو آهي، مذهبي خدمت جي لحاظ سان، هر طبقي جا ماڻهو پنهنجي پنهنجي مشرب سان وابسته آهن، ممڪن آهي ته، هي خطو اڳتي هلي پنهنجي شاندار ماضي کي دهرائي.“ (چنا، 1962ع، ص، 170)
سنڌ جي تاريخي ۽ اهم ماڳ ميرپور بٺوري تي هڪ بهترين مضمون لکي، پروفيسر چنا صاحب اسانجي راءِ موجب نئين نسل لاءِ هڪ يادگار ڪم ڪيو آهي، جڏهن به اڳتي هلي ڪو نئون تحقيق ڪندڙ سنڌ جي هيٺاهين علائقي لاڙ يا ميرپور بٺورو، ضلعي ٺٽي ۽ ڪراچيءَ جي سامونڊي علائقن تي تحقيق ڪندو ته، هي مضمون ان جي بهترين رهنمائي ڪندو، هن مضمون ۾ جيڪي به تاريخي ڪتابن جا حوالا ملن ٿا، انهن ڪتابن جي ذريعي به نئين تحقيق ڪندڙن کي مفيد معلومات ملي سگهندي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو چنا صاحب جي تحقيق جي حوالي سان لکي ٿو ته: “سندس مقالو ميرپور بٺورو هڪ نهايت ئي محققانه ڪاوش آهي، شهر ۽ علائقي جي باري ۾ قديم وقت کان وٺي هر پهلوءَ جو مڪمل جائزو ورتو اٿس.“ (جوڻيجو، 2007ع، ص ، 127)
مطلب ته چنا صاحب جو هي تحقيقانه مضمون ميرپور بٺورو جي پس منظر، قدامت، علمي فضل ۽ ڪمال ۽ موجوده حالت جي عنوانن تي محققانه بحث ڪيل آهي.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون، ”ميرپور بٺورو“ ، ٽماهي مهراڻ، جلد 11، نمبر 1، جنوري، فيبروري، مارچ، سال، 1962ع، ايڊيٽر، غلام محمد گرامي، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، ص، 161.
(2) حوالو ساڳيو، ص، 162
(3) حوالو ساڳيو، ص، 164
(4) حوالو ساڳيو، ص، 166
(5) بيگ، مرزا قليچ، شمس العلماءُ: ”قديم سنڌ، ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو،“ ڇاپو ڇهون، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، سال 2005ع، ص، 378، 379.
(6) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون، ”ميرپور بٺورو“ ، جلد-11، نمبر، 1، ايڊيٽر، غلام محمد گرامي، ٽماهي مهراڻ، جنوري، فيبروري، مارچ، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، سال، 1962ع ص، 168.
(7) حوالو ساڳيو، ص، 170.
(8) جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر: مقالو، پروفيسر محبوب علي چنا: شخصيت ۽ علمي ادبي خدمتون”، “علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ سندس همعصر عالم ۽ اديب” مرتب، ڊاڪٽر قاضي خادم، ڄام شورو، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر، سال، 2007ع، ص، 127.
*
سنڌ جا قديم تختگاهه (مقالو)
پروفيسر محبوب علي چنا جو تعلق سنڌ جي قديم شهر سيوهڻ سان هو، ان ڪري کيس سنڌ جي سڀني قديم ماڳن ۽ قديم تخت گاهن سان دلچسپي هوندي هئي تنهنڪري پاڻ سنڌ جي قديم تختگاهن جي حوالي سان هڪ طويل مقالو بعنوان: ”سنڌ جا قديم تختگاهه“ لکيائون جيڪو، ”نئين زندگي“ جي جون، جولاءِ 1970ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو.
چنا صاحب هن مقالي ۾ سنڌ جي قديم تختگاهن جهڙوڪ ملتان، الور، سيوستان، برهمڻ آباد، المنصوره، نيرون ڪوٽ، بکر، محمد طور، عمرڪوٽ، ساموئي، ٺٽو، جو احوال نهايت مفصل نموني قلمبند ڪيو آهي، پاڻ هن مقالي جي شروعات، سنڌ، سنڌو تهذيب جي قدامت متعلق هن ريت ڪئي آهي:
”سنڌ ۽ سنڌو تهذيب، اڄڪلهه دنيا وارن لاءِ توقير عزت ۽ عظمت جا لفظ آهن. هونئن به مسلمان جغرافيه دانن، جهڙوڪ سليمان المدائني، البيروني، ابن حوقل، الاصطخري، المقدسي، علامه مسعودي وغيره سنڌ ۽ هند ٻه جدا خطا ڪري ڏيکاريا آهن پر جيئن پوءِ تيئن سائنس ۽ آثار قديمه جا بلند مينار ظلمت جي ڪارن ڪڪرن کي ٽڙو ٽڙ ڪري رهيا آهن ۽ اسان جي سنڌو تهذيب کي سميري تهذيب جو مٽ سمجهن ٿا، جڏهن موهن جي دڙي جي کوٽائي ٿي ته، آثارن مان معلوم ٿيو ته، سنڌ جو هي خطو ٽي هزار قبل مسيح جو پيداوار آهي، ۽ هن جي عظمت سان ڪلهوڪلي سان ملائي بيٺي آهي، پر جڏهن آمري جي کوٽائي ٿي ته عالمن جا رايا پاڻ هڪ قدم اڳتي وڌيا، انهن اعلان ڪيو ته هيءَ تهذيب موهن جي دڙي جي تهذيب کان هڪ تهه اڃا اڳتي آهي، وري جڏهن ڪوٽ ڏيجيءَ جي دڙن کي ياد ڪيو ويو ته، آثار قديمه جي پارکن اها راءِ ڏني ته، هيءَ تهذيب آمريءَ جي سڀيتا کان به سرس آهي. سنڌي جي هڪ لوڪ ڪهاوت، “چري ڪيئن، چي ويران وير وڌ” وانگر اسانجي سنڌو ديس جي تهذيب جو به اهو حال آهي شال وڌي، وسي ۽ ويجهي آمين.“ (چنا، 1970ع، ص، 58).
چنا صاحب جي مٿئين حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته، اسانجي مختلف جغرافيه دانن اسانجي سنڌو تهذيب کي سميري تهذيب جي برابر سمجهيو اٿن، پر جڏهن آثار قديمه وارن ڪن هنڌن، موهن جي دڙي، آمري ۽ ڪوٽ ڏيجي جي کوٽائي ڪرائي ته مختلف عالمن جا مختلف رايا وڌڻ لڳا، ڪن موهن جي دڙي جي کوٽائي کانپوءِ اهو معلوم ڪيو ته، سنڌ جو هي خطو ٽي هزار قبل مسيح جو پيداوار آهي، آمري متعلق به مختلف رايا ڏنا ته، ڪوٽ ڏيجي بابت به مختلف رايا ڏنا، مطلب ته، هن تهذيب جي ارتقا جي باوجود پياري ديس جو ڪوبه قديم رڪارڊ موجود نه آهي. هيءُ سرد مهري ۽ بيرخي هن ديس ۾ صدين کان ٿيندي آئي آهي. پهرين اسانکي سنڌ جو تاريخي، احوال علي بن حامد بن ابوبڪر ڪوفيءَ جي گڏ ڪيل تاريخي مواد ”چچنامه“ مان ملي ٿو. هن تاريخي مواد جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته: ”اگرچ هن تاريخ جي تاريخي حيثيت ايتري مصدقه نه آهي، ته به اسان بيخبرن لاءِ تاريخي مواد جو چڱو ذخيرو مهيا ڪري ٿي.“ (چنا 1970ع، ص ، 59 )
ان کانپوءِ چنا صاحب، سنڌ جي قديم تختگاهن کي به سندن قدامت مطابق نمبر وار رکي تفصيلي ذڪر پيش ڪيو آهي.
(1) ملتان:
ابن حوقل مکيه مسلم جغرافيه دان (976ع، 366ع) جي لکت موجب منصوره ۽ ملتان جي اڪثر حصن ۾عربي ۽ سنڌي ٻوليون ڳالهايون وينديون هيون، ان ڪري ملتان شريف کي سنڌ جو حصو تصور ڪري سندس گذريل عظمت جو ذڪر ڪيو ويو آهي. چنا صاحب ملتان جي پرڳڻي جي قدامت جي حوالي سان لکيو آهي ته: ”ملتان سنڌ پرڳڻي جي جهونن شهرن مان هڪ آهي، هن کي آباد ڪندڙ قوم ”مالهي قوم“ هئي ۽ ڪن روايتن مطابق “ مالوه قوم” جا سڪندر جي وقت ۾ موجود هئي، اسلام جي آمد کان اڳ يعني 92هه 711ع ۾، ملتان هندو رائن يا راجائن جي حڪم هيٺ هوندو هو.“ (چنا، 1970،ص، 60)
مٿيئن حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته، انهن ڏينهن ۾ ملتان هندو يا ترين جو مرڪز هو ۽ هن ۾ شو جو وڏي ۾ وڏو مندر به موجود هو. هي شهر سنڌ جي اترئين ڇيڙي ۾ وڏي ۾ وڏو شهر ۽ مضبوط قلعي اندر محفوظ هو. چنا صاحب ساڳئي صفحي تي اڳتي هلي لکي ٿو ته: ”مسلمانن لاءِ هيءَ وڏي ڳالهه هئي ته اهڙي مضبوط ۽ محفوظ شهر کي زير ڪيئن آڻين، پر ربّ سائين جي نصرت ساڻ هين ۽ لاڳيتو ٻن مهينن جي محاصري بعد 95 هه 713ع ۾، ملتان شهر مسلمانن جي قبضي ۾ آيو، محمد بن قاسم حسب دستور اتي نظم و نسق لاءِ بندوبست ڪيو ۽ زياده تر انتظام رکڻ لاءِ مڪاني ماڻهن کي مامور ڪيائين .“ (چنا، 1970ع، ص،60 )
اهڙيءَ طرح ملتان ڪجهه وقت لاءِ محمد غزنوي جي قبضي ۾ رهيو، ان بعد 569 هه 1173 ع ۾ غوري خاندان جي قبضي ۾ به رهيو.غزنوي، غوري ۽ قرامطي خاندانن کانپوءِ، 847هه 1443ع تائين ملتان دهلي جي مسلمانن جي هٿ هيٺ رهيو شاهه حسن ارغون پنهنجو قبضو ڪيو ۽ ملتان شهر نذرانو ڪري بابر بادشاهه کي ڏنو. اهڙيءَ طرح هي شهر مختلف طاقتن جي قبضي هيٺ رهندو آيو، ملتان جي احوال سان گڏ پاڻ ملتان جي قديم خطي، ”اچ شريف“ جو به احوال ڏنو آهي. اچ شريف متعلق پاڻ هن ريت لکيو اٿن:
هن جو قديمي نالو اسڪلنده ” هو ۽ هندو راجائن جي زماني ۾، ستن وڏن قلعن مان هڪ هو.اچ ۾ اڳ ست وڏا ڳوٺ هوندا هئا، جن کي گڏي ”اچ “ سڏبو هو. پر هاڻي انهن مان وڃي ٽي بچيا آهن. هڪڙو اچ مخدوم جهانيان جنهن ۾، حضرت جلال سرخ بخاري ۽ مخدوم جهانيان جهان گشت جا مقبرا آهن، ۽ سندن معتقد رهن ٿا ٻيو اچ مغليه جنهن ۾ مغلن جو اولاد سڪونت پذير آهي، ۽ ٽيون اچ گيلاني، جتي حضرت پيران پير جي اولاد مان پير ۽ سندن معتقد رهن ٿا.“ (چنا، 1970 ع ، ص ، 61 )
هڪ راويت مطابق ته، هن خطي جي زمين مٿانهين هئي ان ڪري ان تي نالو ”اچ“ پيو، هن شهر ۾ به ڪيترائي ڌڻي ڌوئل هئا، جن جون مزارون موجود آهن، مثال طور: جهانيان بزرگ، مخدوم شيخ عبدالقادر ثاني، قاضي ابو الخير شيخ شجاع بخاري وغيره مشهور آهن.
(2) الور:
ملتان کانپوءِ سنڌ جي قديم تخت گاهه الور بابت احوال ڏنو ويو آهي، سنڌ جي هن قديم تختگاهه کي سنڌي ڳوٺاڻن ڪن روايتن ۽ تاريخن ”اروڙ“ سڏيو آهي. جو ستين صدي عيسوي ۾ راءِ برهمڻ جي راڄداني هو. هي قديم شهر هندو راجائن جي ڏينهن ۾، سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ۽ منجهس وڏو ڪوٽ هو.راجا ڏاهر انهيءَ ۾ رهندو هو بني اميه خليفن جي وقت ۾ هندو راجا دلوراءِ الور جو حاڪم ۽ الور کي ”دلور“ به سڏيندا هئا، اهو ڏاڍو ظالم هو ۽ انهي ئي ڏينهن ۾ شهر غرق ۽ ناس ٿيو.
هن قديم تختگاهه جي قدامت جي حوالي سان چنا صاحب هن ريت لکيو آهي: ”اروڙ جا قديم آثار، روهڙي جي ڏکڻ اوڀر، اٽڪل پنجن ميلن جي فاصلي تي اڀرندي ناري جي کاري ڀرسان اڃا به اکين وارن لاءِ عبرت جو مقام آهن، عربن جي فتح وقت، اروڙ راجا ڏاهر جي مها راڄڌاني هو . عربن پنهنجي گادي منصوره ۾ شروع ڪئي، ته به اروڙ هندن جي حڪومت گاهه جي صورت ۾، ٻن صدين کان وڌيڪ رهيو ۽ پوءِ ناپيد ٿيو، هن جي ناس ٿيڻ جي حڪايت برهمڻ آباد جي راجا دلوراءِ جي ظلم وستم ڏانهن منسوب ڪئي وئي آهي، پر ان ۾ ايتري حقيقت رونما نه آهي، ڇو ته اٺين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري، جڏهن سنڌونديءَ پنهنجو وهڪرو ڦيرايو ته هي شهر اجڙي ويو، نديءَ جي وهڪري ۾ ڦيرو 341 هه 962 ع ڌاري آيو، جڏهن سنڌ ۾ هڪ وڏو زلزلو آيو ۽ ڌرتي شديد طرح ڌٻي هئي.“ (چنا، 1970ع ، ص ، 62)
چنا صاحب هن حوالي سان اڄ جي سهڻي شهر روهڙي جو به ذڪر ڪيو آهي پاڻ هن شهر جي حوالي سان لکيو آهي ته : ” عرب جغرافيه نوسين اروڙ کي ”الرور“ ڏيکاريو آهي، جيڪڏهن ”ال“ عربي علت آهي ته باقي ”رور“ وڃي بچندو هن مان اندازو لڳايو ويو آهي ته، روڙ جي باشندن رڙهي اچي نئون ”رور“ آباد ڪيو جنهن کي ”الرور“ نالو ڏنو ويو ۽ بعد ۾ ”روهڙي“ جي نالي سان معروف ٿيو، عربن هن کي ”لوهري“ به ڄاڻايو آهي.“ (چنا، 1970ع ، ص ، 62)
چنا صاحب جي مٿئين حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته، پاڻ ٻنهي قديم شهرن جي نه صرف قدامت بيان ڪئي آهي پر تنهن دؤر جي حڪمرانن جو به سياسي، سماجي حالتن ۽ انهن تخت گاهن جي عروج ۽ زوال متعلق ڄاڻ ڏني آهي.
(3) سيوستان:
سيوستان جيئن ته چنا صاحب، جو آبائي خطو رهيو آهي، ان بابت پاڻ تمام گهڻو ڪم ڪيو اٿن، هن مقالي ۾، پاڻ هن قديم تختگاهه جي ماضي جي حوالي سان هن ريت لکيو اٿن: ”جيڪڏهن تاريخ جي روشنيءَ ۾ سيوهڻ جو گذشته ماضي ڏسبو ته، پڌري پٽ ظاهر ٿيندو ته سنڌو تهذيب جي پراچين کنڊراتي طبقي بعد سيوهڻ جو درجو اچي ٿو، يعني سنڌ جي موجوده آباد شهرن ۾ سڀ کان قديم سيوهڻ آهي. هن شهر جو ذڪر، فارسي قديم تاريخن خواه تذڪرن جي ڪتابن ۾ آيل آهي. تاريخ سنڌ جي قديم سرچشمي ”چچنامه“ ۾ ڄاڻايل آهي ته، راءِ سهيرس بن ساهسي راءِ ڏينهن ۾ سنڌ ملڪ تي چار حڪمران مقرر ٿيل هئا.انهن مان هڪ سيوستان جي ”قصبه“ تي به حاڪم هو، جنهن جي هٿ ۾ ٻڌيه، جنگان، روجهاڻ ، ڪوه پايه، ويندي مڪران جي حد تائين ملڪ هو.”تاريخ معصومي“ به ان حقيقت کي دهرايو آهي. وري تحفته الڪرام جي صاحب سيوستان جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي:
”هن کي سيوهڻ ۽ سهوڻ به سڏيندا آهن، پنجين ولايت ۾ آهي ته هڪ قديمي شهر سنڌ جي اولاد ”سهوارن“ جي نالي پٺيان سڏجي ٿو، سندس قلعو سنڌ جي مشهور ڇهن قلعن مان آهي انهيءَ کانپوءِ ڪئي دفعا مرمت ٿيو آهي. قديم الايام کان خلاصو تخت گاهه هو پوءِ اروڙ جي راجائن ۽ تنهن کانپوءِ ٺٽي جي بادشاهن جي حڪم هيٺ رهيو، شاهه بيگ اهو ڄام فيروز کان کنيو هو، مرزا شاهه حسن وري ٺٽي ۾ داخل ڪيو، جڏهن سنڌ، جلال الدين محمد اڪبر بادشاهه جي درٻار جي گورنرن جي حڪم هيٺ آئي، تڏهن وري نئين سر علحده تختگاهه ٿيو.“ (چنا، 1970ع، ص ، 64)
چنا صاحب، سيوهڻ جي قدامت سان گڏوگڏ سيوهڻ جي قديم نالن جو به ذڪر ڏنو آهي. مثال طور: تاريخدانن هن قديم شهر جا ڌار ڌار نالا ڏنا آهن، ڪن هن کي يوناني سڪندر جي زماني جو سنڊيمانا، ڪن رامائڻ جي زماني جو سوستان، شروسان، سدوسان ۽ سدوستان يا سادو ستان سڏيو آهي.ڪاڪي ڀيرومل وري ڄاڻايو آهي ته، هي شهر راجا اشيز جي پٽ شبيءَ وسايو جنهن ڪري هن کي شبستان يا شوستان ڪري سڏيندا آهن. مشهور سياح ابن بطوطه پنهنجي سفرنامي ۾ ڄاڻايو آهي ته، سنڌ ۾ سيوستان نالي شهر آهي جو اصل ۾ شوستان هو، يعني شيوَ جو آستان، پر ماڻهن جي زبان تي سيوستان مشهور ٿي ويو.
مٿيئن مثالن مان خبر پوي ٿي ته، هي شهر ايترو قديم آهي جو سنڌ ۾ جيڪي به قديم شهر آباد آهن انهن ۾ هي سڀني کان آڳاٽو آهي. جيئن پروفيسر چنا صاحب لکيو آهي ته: ” نئين پٿر واري زماني جا نشان سنڌ ۾ لڪي جبلن جي قطار ۾ ۽ روهڙي وارين ٽڪرين ۾ به اڪيچار آهن.“ (چنا، 1970ع، ص ، 66 )
ان مان ثابت ٿئي ٿو ته، سيوهڻ قديم زماني کان آباد ٿيندو آيو آهي ، اهڙو ڪو به ثبوت نٿو ملي ته سيوهڻ ڪنهن زماني ۾ کنڊرن جي صورت ۾ رهيو.، اهڙي طرح چنا صاحب سيوهڻ جي ڪيترن حاڪمن ۽ قلعي جو پڻ ذڪر ڪيو آهي، جيئن پاڻ لکي ٿو ته: ” محمد بن قاسم، نيرون ڪوٽ وٺي پوءِ سيوستان آيو ۽ اتي جو آسپاس ملڪ هٿ ڪيائين، سيوستان جي قلعي وٺڻ ۾ هن کي تڪليف ٿي. ڏاهر جي پاران سندس سؤٽ بجيراءِ ولد چندرا اتي جو حاڪم هو. محمد بن قاسم منجنيقن سان ڀت ڀڃي قلعو ورتو.“ (چنا، 1970ع، ص ، 66)
اهڙيءَ طرح مخلتف دؤرن جي حوالي سان سيوستان جو گذشته ماضي جو احوال مفصل نموني معلوم ٿئي ٿو، سيوستان جي تاريخ سان گڏوگڏ حضرت قلندر لعل شهباز جو به ذڪر ڪيو ويو آهي، جيئن پاڻ هن حقيقت جو اظهار هن طرح ڪيو آهي: ” جيتوڻيڪ سيوستان پنهنجي شهرت وڃائي چڪو آهي، مگر تيرهين صديءَ جي وچ ۾ هن مشهوريءَ جو ٻيو حق حاصل ڪيو جو هي اڪابر اولياءَ ڪرام مان هڪ بنام شيخ عثمان مرندي المعروف لعل شهباز جي مرقد جو مقام بنيو.“ (چنا، 1970ع، ص، 69 )
ڪيترن محققن، تاريخدانن، هن ڌڻي ڌوئل جي ذڪر خير کي افضل سمجهيو آهي، تاريخن مان ظاهر آهي ته مخدوم بلاول ۽ مخدوم جعفرجهڙا بزرگ به روحاني ڪچهري لاءِ ايندا هئا .لعل شهباز جي الاهي اثر ڪري سندن متولي متعلق به وڏا وليءَ الله ٿي گذريا آهن، سندن قلندرانه رنگ گهڻين ئي پرديسن کي قلندري سر زمين تي ڪشش ڪئي ۽ انهن هن پاڪ سر زمين کي پنهنجو ڪري پنهنجي زندگيءَ جا انمول ڏينهن هت گذاريا.
(4) برهمڻ آباد:
برهمڻ آباد جو شهر، سنڌ جو قديم ترين شهر آهي، جنهن بابت به تاريخن ۾ مختلف احوال مليل آهن. جن ۾ هن شهر بابت مختلف عالمن جا رايا ڏنل آهن جيئن چنا صاحب جي هن طويل مقالي ۾ هن تاريخي شهر بابت تاريخي احوال هن ريت ملي ٿو.
”شهدادپور ضلعي سانگهڙ جي، اڀرندي اٺن ميلن جي مفاصلي تي، 25 ڊگريون 3 انچ اترين ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68 ڊگريون 49 انچ ڊگهائي ڦاڪ، جي قطر تي وسيع ڀرن جا ڀرون پسجن ٿا، جن کي ڳوٺاڻا ”ڀانڀرا“ ۽ ”دلور“ سڏيندا هئا، ۽ تاريخ جي ڪتابن ۾ ”بهمنه“ يا ”برهمڻ آباد“ مشهور آهي، مرزا قليچ بيگ هن کي ”ڀانڀرا“ کان ”ٻانڀڻاهه“ڄاڻايو آهي، يعني ”ٻانڀڻن جو شهر“. برهمڻ آباد بابت ٻي روايت موجب، بهمتنه يا بهمن آباد ان ڪري چيو وڃي ٿو ته، هي شهر بهمن بن اسفنديار جو ٻڌايل هو، ۽ عيسوي سن کان اٽڪل پنج سؤ ورهيه اڳي، پراڻي سنڌوندي هاڪڙي جي ڪنڌيءَ تي آباد ٿيو، برهمڻ آباد ستن وڏن قلعن مان هڪ هو، چچ جي راڄ ۾ اگهم لوهاڻو، برهمڻ آباد جو حاڪم هو.“ (چنا، 1970ع، ص ، 70 )
اهڙيءَ طرح هن شهر بابت وڌيڪ معلومات ملي ٿي ته، عربن جي دؤر ۾ انهيءَ آڳاٽي شهر جي جاءِ تي، منصوره وارو شهر ٻڌايو ويو، جيڪو وڌيڪ آباد هو، محمود غزنوي جي حملن کان پوءِ، اهو منصوره شهر به گم ٿي ويو، جڏهن الور گاديءَ جو هنڌ هو ته برهمڻ آباد هڪ وڏو آباد ۽ قلعي وارو شهر هوندو هو، جيڪو عربن جي هٿ ۾ اچڻ کانپوءِ ويران ٿي ويو.
(5) نيرون ڪوٽ:
هن قديم تخت گاهه متعلق به عالمن طرفان، لکيل مختلف ڪتابن ۾ تاريخي ڄاڻ ڏني وئي آهي، هن تختگاهه متعلق چنا صاحب هن مقالي ۾ هن طرح رقم طراز آهي: ”هندو راجائن جي راڄ ۾ هت به ٻين وڏن شهرن وانگر هڪڙو قلعو هوندو هو، جنهن کي ڪافر قلعو ڪري ٿا سڏين. نيرون ڪوٽ درياءَ جي ڪناري تي واقع هو، پر درياءَ ان جي اڀرندي کان وهندو هو، اها خبر ڪانه آهي ته، هن شهر جو بنياد ڪڏهن پيو، پر چند تاريخ جي ڪتابن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته، اتي نيرون سمني نالي راجا راڄ ڪندو هو، ان جي پٺيان هن شهر جو نالو پيو.“ (چنا، 1970ع، ص ، 73 )
سنڌ جي قديم ۽ متواتر روايتن مطابق موجوده حيدرآباد جو شهر نيرون جي قديم بستيءَ تي آباد ڪيل آهي. جڏهن سن 1182 هجري 1768ع ۾، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي اتي نئون قلعو تعمير ڪرايو، جيڪو اڃا قائم آهي، اهو اصل هڪ ڳوٺ هوندو هو، ۽ پوءِ وڏو شهر بنجي ويو، ان نئين ٻڌل شهر جو نالو، حيدرآباد رکيو ويو، جنهن کانپوءِ هي شهر سنڌ جو تخت گاهه بڻيو، هي هن وقت صوبي سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي، هتي ميرن جا قبا، ڪلهوڙن جا قبا، ڪچو قلعو، پڪو قلعو، مولا علي جا قدم مبارڪ ۽ ٻيا تاريخي ماڳ گهمڻ وٽان آهن.
(6) المنصوره:
سنڌ ۾ حضرت محمد بن قاسم کانپوءِ عربن جيڪي شهر ٻڌايا يا وسايا انهن ۾ المنصوره شهر سڀني کان وڌيڪ اهم ۽ اعليٰ هو، هن قديم تختگاهه جي باري ۾ پروفيسر چنا صاحب لکيو آهي ته: ” المنصوره پکيڙ ۾ هڪ چورس ميل هو ۽ نديءَ جي هڪ شاخ سان گهيريل هو، اهڙيءَ طرح المنصوره، سنڌ جهڙيءَ وڏيءَ سلطنت جي گاديءَ جي لائق هو، جو قدرتي خواه ٻي طرح نهايت مضبوط ۽ جڪڙيل هو، اسلامي سلطنت جي 3 صدي هجريءَ يا 9 صدي عيسويءَ، ۾ هيءُ مکيه مرڪزي شهر هو. جنهن جو بحري خواه بري ذريعي ٻين اسلامي ملڪن سان گهاٽو تعلق هو، سڀني عرب سياحن، مؤرخن ۽ جغرافيه نويسن مطابق، منصوره کي چار دروازا هئا، بابِ ملتان اتر طرف، بابِ توران اولهه طرف بابِ البحر اولهه، ڏکڻ ۽ بابِ سندان اوڀرڏکڻ.“ (چنا، 1970ع، ص، 75 )
تاريخ مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته، سن 750ع ڌاري منصوره بن جمهور سنڌ ۾ حاڪم هو، تنهن برهمڻ آباد کان ٿوري پنڌ تي هي شهر ٻڌايو، جنهن تي سندس نالو پيو، جڏهن سومرا سنڌ جا حاڪم هئا، تڏهن منصوره شهر سندن گاديءَ جو هنڌ هو ۽ انهيءَ کان اڳي به سن 871 ع ۾ جڏهن عربن جا نائب سنڌ جا حاڪم هئا، تڏهن به هي شهر گاديءَ جو هنڌ هو، جڏهن پوءِ الور۽ برهمڻ آباد شهر ڦٽا، تڏهن هي به ڦٽو سنڌ جي هن تختگاهه المنصوره جي ماڻهن جي پوشاڪ ۽ اخلاقي، معاشرتي، ۽ رسمن و رواج جو به جائزو ڏنو ويو آهي.
مثال طور: ”هن شهر جا باشندا ڏاڍا ذهين هئا، ڏاڍا ميل جول رکڻ وارا هئا، ۽ کين اسلام لاءِ وڏي عزت هوندي هئي، هي شهر واپار ۽ علم جو وڏو مرڪز هو، منصوره ۾ ماڻهن جي پوشاڪ عراقين جهڙي هئي، پر امير مقامي راجائن وانگر وڏا چوغا پهريندا هئا، راجائون وڏا وار رکندا هئا ۽ ڪنن ۾ واليون پائيندا هئا. هن مان ظاهر آهي ته عرب سنڌين جون مقامي رسمون به ادا ڪندا هئا.“ (چنا، 1970ع، ص، 76 )
مٿين حوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي جهونا تاريخي شهر مهراڻ جي ڪناري تي ٻڌا ويندا هئا ۽ انهن جي شادابي ۽ آباديءَ جو دارو مدار مهراڻ جي موج تي هوندو هو، پر سنڌوندي ڏاڍي پورالي ثابت ٿي آهي، ان جي ڦرندڙ گهرندڙ وهڪرن ڪيترن شهرن جو نالو دنيا جي نقشي تان ميساري ڇڏيو سنڌوءَ جي انهن وهڪرن تان جو ايڏي عظيم شهر کي پٽ ڪري ڇڏيو، هاڻي اهو دڙن جي ڏيکاري ڏئي پيو ۽ فاني دنيا جي زوال پذير نقشي جي ترجماني ڪري ٿو.
(7) بکر:
فارسي ۾ هن کي ڀهڪر يا ڀڪر ڪري لکندا آهن ۽ انهي جو اصلوڪو نالو فرسته آهي. هندو راجائن جي ڏينهن ۾ هن شهر جو نالو ئي ڪونه هو، تڏهن الور ( هاڻوڪو اروڙ) وڏو شهر هو، جڏهن اهو ڦٽو، تڏهن بکر آباد ٿيو. پروفيسر چنا صاحب، بکر جي تاريخي حيثيت ظاهر ڪئي آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته، غزنوي حاڪمن کان وٺي، بکر صفحه تاريخ تي چٽو لکيل آهي، پاڻ لکي ٿو ته:
”سن 417 هه 1026ع ۾، سلطان محمود غزنوي جي وزير عبدالرزاق سنڌ تي ڪاهه ڪئي، پهرين بکر وٺي پوءِ، سيوهڻ ۽ ٺٽي ڏانهن ويو، سن 624 هه 1227ع ۾، سلطان شمس الدين التمش جي وزير نظام الملڪ محمد بن اسعد، بکر جو قلعو اچي ورتو. سلطان علاؤالدين جي حڪم پٺيان نصرت خان ڏهن هزارن ماڻهن سان بکر ۾ آيو ۽ دارا شڪوه ۽ اورنگزيب جي وچ ۾ جا تخت حاصل ڪرڻ لاءِ لڙائي لڳي، ان ۾ بکر وڏو حصو ادا ڪيو. 1150هه مطابق 1736ع ۾ بکر سيوهڻ ۽ ٺٽي جي حڪومت ميان نور محمد ڪلهوڙي کي ملي، جنهن کي ”خدايارخان“ لقب مليو.جڏهن ٽالپر سنڌ جا حاڪم هئا تڏهن مير نصير خان جي ڏينهن ۾، انگريز سرڪار 1938ع ڌاري بکر جو قلعو پنهنجي لشڪر لاءِ اڌارو ورتو ، جو لشڪر شاهه شجاع پٺاڻ جي مدد لاءِ ٿي ويو . 1842ع ۾ وري، انگريزن ميرن سان عهد نامو ڪري، بکر، سکر، روهڙي، ٺٽو ۽ ڪراچي پنهنجي ڪم لاءِ ورتا، پوءِ جڏهن سنڌ انگريزن حاصل ڪئي، تڏهن بکر ۾ توبخاني جي باروت رکڻ جو بندوبست ڪيائون.“ (چنا، 1970ع، ص، 77،78 )
مذڪوره حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته، چنا صاحب بکر جي تاريخي حيثيت ظاهر ڪندي غزنوي دؤر کان وٺي، انگريزن جي دؤر تائين، بکر جي سياسي حوالي سان مڪمل ڄاڻ مهيا ڪئي آهي ،۽ اهو به معلوم ٿئي ٿو ته، انهن دؤرن ۾ ڪهڙن ڪهڙن حڪمرانن بکر جو قلعو حاصل ڪيو، بکر جي عروج ۽ زوال متعلق به ڄاڻ ملي ٿي.آخر ۾ بکر جي ساداتن۽ ناميارن بزرگن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي. مثلاً:شيخ نوح بکري، مير ابوالبقا مير معصوم شاهه ، مير قاسم خان نمڪين، قاضي محمد افضل وغيره.
(8) محمد طور:
سومرن حاڪمن جي ڏينهن ۾ هي شهر لاڙ ملڪ جو نڪ هوندو هو ۽ سومرن جي نامياري گاديءَ جو هنڌ هو، چنا صاحب هن تختگاهه متعلق لکيو آهي ته: ”محمد طور سومرو 654 هه مطابق 1256ع ۾ سنڌ جو تاج ڌڻي ٿيو ۽ پندرهن ورهيه راڄ ڪيائين ان شهر جو باني هي بادشاهه هو، جو هن جي نالي پٺيان سڏجڻ ۾ آيو.” (چنا، 1970ع، ص، 81)
اهڙي طرح سان محمد طور جي ڀرسان ٻيا به شهر مشهور هئا. جيڪي سومرن ٻڌايا هئا. جهڙوڪ: رڙهي ۽ ٿرڙي رڙهيءَجا واپاري تمام گهڻو مشهور هوندا هئا. تاريخ مان اها به خبر پوي ٿي ته، جڏهن سما سنڌ جا حاڪم ٿيا تڏهن هنن محمد طور جو شهر ڦٽائي ڇڏيو ۽ ٻيا شهر درڪ پرڳڻي ڪلان ڪوٽ ساموئي ۽ ٺٽوآباد ڪيائون، محمد طور شهر متعلق هڪ روايت ملي ٿي ته، جڏهن علاؤالدين جو لشڪر سنڌ ۾ وارد ٿيو ته هن به محمد طور کي بي طور ڪري ڇڏيو، اهڙي طرح سان تاريخ مان، معلوم ٿئي ٿو ته محمد طور جو شهر سومرن جي ڏينهن ۾ هڪ مکيه شهر هو ۽ محمد طور سومري جو تختگاهه هو.
(9) عمرڪوٽ:
عمرڪوٽ سنڌ جو هڪ مشهور شهر آهي، جيڪو ٿرپارڪر ضلعي ۾ اچي وڃي ٿو. هن شهر جي به هڪ تاريخي حيثيت آهي ۽ خاص طور تي شاهه لطيف جي سُر مارئيءَ ۾ به هن جو ذڪر اچي ٿو. هن شهر بابت مختلف عالمن ڄاڻ ڏني آهي ۽ سومرن جي هن تخت گاهه جي حوالي سان چنا صاحب هن ريت لکيو آهي ته:
”هي ٿر پارڪر پرڳڻي جو وڏو شهر هو، انهيءَ ۾ هڪ جهونو قلعو آهي جو اڃا تائين اکين وارن کي عبرت جو درس ڏئي ٿو هن شهر جو بنياد عمر سومري ولد دودي سومري ڏانهن منسوب ٿئي ٿو جو 793هه مطابق 1390ع ۾، عمرڪوٽ ۾ گادي نشين ٿيو ۽ 35 ورهيه بادشاهي ڪيائين، عمر ۽ مارئي جو مشهور قصو، هن جي ڏينهن ۾ٿيو. هندو مؤرخن اها ڪوشش ڪئي آهي ته هن عمرڪوٽ جي باني امر سنگهه سوڍي راجپوت کي بڻائي، هن کي “امرڪوٽ” لکن، پر اسانجي تاريخن جي رڪارڊ مان معلوم ٿيو آهي ته، 13 صدي عيسويءَ ۾ سومرن کان عمرڪوٽ پارمر سوڍي راجپوت کٽي ورتو ۽ سَوَن سالن تائين، سوڍن ٿر تي حڪومت هلائي.“ (چنا، 1970ع، ص ، 81 )
اهڙيءَ طرح سان تاريخ جي ورقن مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته، همايون بادشاهه به اتي آيو ۽ اڪبر بادشاهه به اتي ڄائو. ڪلهوڙن مان ميان نورمحمد ڪلهوڙي عمرڪوٽ ورتو ۽ پوءِ اهو جوڌپور جي راجا ورتو، جنهن کان وري ٽالپرن حاصل ڪيو، سن 1842ع ۾ سر چارلس نيپيئر ميرن سان عهد نامو ڪيو، جنهن موجب عمر ڪوٽ، سبزلڪوٽ، شڪارپور ۽ ڪراچي، انگريز سرڪار کي مليا. اهڙيءَ طرح سنڌ جو هي تاريخي شهر، پنهنجي دؤر ۾ هڪ مشهور تخت گاهه ٿي گذريو آهي، ۽ مذڪوره حوالي مان مختلف دؤرن جي حڪمرانن ۽ بادشاهن جي پڻ خبر پوي ٿي، جن عمرڪوٽ جي قلعي کي فتح پئي ڪيو.
(10) ساموئي :
هي سومرن جي زماني ۾، محمد طور جو تختگاهه هو، جيڪو سلطان علاؤالدين جي لشڪر تباهه ڪري ڇڏيو هو. هن شهر جو تاريخي احوال چنا صاحب هن ريت لکيو آهي: ” ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي، جنهن 914 هه مطابق 1508ع ۾ پنجاهه سالن جي حڪومت بعد وفات ڪئي ، پنهنجي حڪومت جي شروعات ۾، يعني 864 هه مطابق 1459ع ۾ ساموئي ڇڏي ٺٽي جو شهر اچي ولاريو، سمن جي دؤر جو آغاز، 752 هه مطابق 1351ع ۾ ٿيو ۽ ڄام انڙ بن بابينه پهريون حاڪم ٿيو، سندس پيءُ بابينه اهو شهر ٻڌايو، ان حساب سان ساموئي جي بنا 752هه مطابق 1351ع ڌاري پئي هوندي، پر ڪتابن ۾ لکيل آهي ته محمد طور جي ڦٽجڻ بعد، سمن حاڪمن ڪلان ڪوٽ وٽ تختگاهه بنايو، جنهن جو ”تغلق آباد“ نالو رکيائون ۽ ان کي پوءِ ”ساموئي“ سمن جي نالي پٺيان سڏيائون.هن شهر جي بنياد بابت ٻي روايت آهي ته، هي شهر ڄام بابينه ثاني بن انڙ جو ٺهرايل آهي، ”لب تاريخ“ مطابق، تغلق آباد جو باني، ڄام تغلق شاهه بن ڄام سڪندر سمو هو. هي شهر مٿي دڙي تي ٺٽي کان ٽي ميل اتر- اولهه ٻڌايو ويو، آثار قديم وارن جي رپورٽ هن شهرلاءِ هي آهي ته، هاڻي چند جهوپڙين جو ڳوٺ مٿي دڙي تي آهي، جتي هڪ اهم پير جو قبو آهي، قدامت جا آثار بنهه گهٽ ملن ٿا، سواءِ هڪ سادي سرن جي مسجد جي بنيادن جي، جي ڳوٺ جي هڪ لهواري پاسي ڏسجن ٿا، ساموين وارا مشهور بيت، جي سنڌ جي حڪومت جي پيشنگوئي ڪن ٿا سي به هت چيا ويا، ۽ اهي ست بزرگ جيڪي ست ساموئي فقير ٿا سڏجن سي هت ماريا ويا.“ (چنا، 1970ع،ص ،83 )
اهڙيءَ طرح هڪ ٻي به روايت آهي ته، اتي ڪي پاڪ دامن ڇوڪريون سومريون هيون.سي دنيا کي ترڪ ڪري، حق بخشائي، اتي واريءَ جي دڙن ۾، خدا تعاليٰ جي عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول رهنديون هيون، ڪن ظالمن ۽ عياش پرست وڏيرن، انهن ڇوڪرين سان شادي ڪرڻ ٿي گهري، هڪ ڏينهن اهي دستور مطابق صبح جو درياءَ ڪناري تي غسل ڪرڻ لاءِ آيون، جتي هو اچي پهتا ۽ ڇوڪرين تي زور زبردستي ڪرڻ لڳا، جنهن ڪري اهي ڇوڪريون، شيخ جهنڊي پاتڻيءَ جي ٻيڙيءَ تي چڙهي، ٻئي ڪناري ڏانهن وٺي ڀڳيون، پوءِ اهي ماڻهو به سندن پٺيان پيا ۽ ٻئي ڪناري تي اچي پهتا. نيٺ ٻي ڪا واهه نه ڏسي، هنن خدا تعاليٰ کان پناهه گهري، جنهن ڪري اوچتو زمين ڦاٽي پئي ۽ اهي ست ئي اندر هليون ويون انهن جون اتي ست ڪچيون قبرون ٺهيل آهن، جن کي ”ستين جو آستان“ به سڏيو وڃي ٿو، هاڻي اهو زيارت گاهه بڻجي ويو آهي.
هيءَ روايت تاريخ جي سڀني ڪتابن ۾ ملي ٿي، ۽ اتي ست ئي قبرون گڏ آهن ٿي سگهي ٿو ته اهي انهن ستن عورتن جون ئي آهن، جن کي ستيون جتيون به چيو وڃي ٿو. اهڙي طرح سان ساموئيءَ جي خطي ۾، جي بزرگ اچي وڃن ٿا تن جو به مختصر طور ذڪر ڪيو ويو آهي، مثلاً : شيخ حماد جمالي، شيخ عيسيٰ لنگوٽي، ملا عبدالرحمان عباسي المعروف ”ملالٽر“ شيخ جهنڊو پاتڻي وغيره شامل آهن.
(11) ٺـٽو:
ٺٽو يا نگر ٺٽو، تمام جهونو شهر آهي، اڳي انهيءَ هنڌ سمنڊ جو کارو پاڻي هو.جو پوءِ سُڪي پٽ ٿيو ۽ جڏهن الور جو شهر ڦٽو ۽ درياءُ، سيوستان يا سيوهڻ کان وهڻ لڳو ۽ جڏهن سومرن حاڪمن جو وڏو شهر، محمد طور ڦٽو ۽ سما ڄام حاڪم ٿيا. تڏهن مڪليءَ جي ويجهو سامائي جو شهر ٻڌائون ۽ پوءِ آسپاس ملڪ آباد ٿيڻ لڳو. هيءَ ڳالهه وڏي بحث هيٺ آهي ته هن شاهاڻي شهر جو پهريون باني ڪير هو. سڀني تاريخن هن بيان کي دهرايو آهي ته، هن جو باني ڄام نظام الدين عرف نندو، سمن جو سليقي شعار شاهه هو. ٺٽي جي بنياد جو امڪاني سال 893 هه بمطابق 1585ع ڏيکاريو ويو آهي، پر چنا صاحب جي تحقيق مطابق ته: ”اها حقيقت صحيح نه آهي، هڪ طرف مستشرق عالمن ۽ مؤرخن هن روايت جي مخالفت ڪئي آهي ۽ ٻئي طرف اسانجي ديسي محققن به دليلن سان ڏيکاريو آهي ته هيءَ روايت درست نه آهي.“ (چنا، 1970ع، ص ، 85 )
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته، هن شهر درياءَ شاهه جي پائڻ ڪري جايون پئي مٽايون آهن باقي ٺٽو لفظ ”ٺٽ“ مان نڪتو آهي، ٺٽ معنيٰ خشڪ ميدان يا ماڻهن جو گوڙ گهمسان پروفيسر چنا صاحب سنڌ جي هن تاريخي تخت گاهه جو، تاريخي تذڪرو هن ريت ڪيو آهي:
”سن 696 هه بمطابق 1296ع ۾، علاؤالدين خلجي، نصرت خان کي وڏي لشڪر سان موڪليو جنهن ٺٽي ۽ ٻين سنڌ جي وڏن شهرن ۾، پنهنجا حاڪم مقرر ڪيا، سومرن ۽ سمن ڄامن جي ڏينهن ۾ ٺٽو سندن گاديءَ جو هنڌ هو. 896 هه بمطابق 1490ع ۾، ڄام نظام الدين ٺٽي جو شهر نئين سر آباد ڪيو ۽ سينگاريو، منجهس مسجدون۽ ٻيون عمارتون ٺهرايائين ارغون ۽ ترخان حاڪمن جي راڄ ۾ به ٺٽو گادي جو هنڌ هو. ترخانن کانپوءِ دهليءَ جي بادشاهه جا نواب ٺٽي ۾ حاڪم ٿي رهيا. 1150 هه بمطابق 1737 ع ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي کي نادر شاهه ٺٽو ۽ سيوستان ڏنو. جڏهن حيدرآباد جو بنياد پيو ته ٺٽي جو زوال ٿيڻ لڳو، ٺٽي شهر ۾ شاهجهان بادشاهه جي زماني جون ٻه يادگيرون وڃي رهيون آهن، هڪ جامع مسجد جا شاهجهان جي حڪم سان 1647 ع ۾ جڙي راس ٿي ۽ ٻي دٻگرن جي مسجد جا شهر جي وچ ۾ آهي، جا امير خسرو ٺهرائي، امير خسرو، مرزا عيسيٰ ترخان جي زماني ۾ ٺٽي جو نواب هو“ . (چنا، 1970ع، ص ، 86 )
مٿئين حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته، انهيءَ دؤر جون سياسي حالتون ڪهڙيون هيون، ڪهڙا حڪمران، مختلف دؤرن ۾ ٿي گذريا آهن، جن ٺٽي تي پنهنجي حڪومت ڪئي، انهن حڪمرانن مان ڪن جون ڪي ياد گيريون اڃا به صحيح سلامت آهن، جن کي ڏسي اڄ جو عوام عبرت ۾ پئجيو وڃي. اهڙيءَ طرح ڪي تاريخ دان ٺٽي کي سڪندر وارو پٽالو شهر ٿا ڄاڻن. انهيءَ ۾ ته شڪ ڪونهي، ته انهيءَ شهر درياءَ جي پائڻ ڪري جايون پئي مٽايون آهن، ٽي ڀيرا ته باهه ساڙي ناس ڪيس، پهرين سن 1521 ع ۾، فرينچ ماڻهن ۽ پوءِ سن 1591ع ۾، مرزا جاني بيگ، جڏهن اڪبر لشڪر کي سامهون ٿي ٿيو، مطلب ته جيسين ڪلهوڙن سنڌ جو تختگاهه حيدرآباد ڪيو، تيسين ٺٽو تخت گاهه رهيو.
اهڙيءَ طرح پروفيسر محبوب علي چنا جي هن طويل مقالي کي پڙهڻ کانپوءِ، اسان جي راءِ آهي ته ، مٿيئن عنوان تي چنا صاحب جيڪا حقيقت بيان ڪئي آهي اها هڪ تحقيقي ۽ تاريخي آندي آهي، سڀني شهرن جي احوال سان پاڻ پنهنجا رايا بيان ڪري، گويا پاڻ انهن شهرن جي حوالي سان حقيقت بيان ڪري، نئين نسل ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ هڪ تاريخي انمول تحفو ڏئي ويا آهن.ان حقيقت کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي ته، سنڌ ۾ ڪيترائي قديم ماڳ، مڪان، شهر اڃا به موجود آهن، جن جي تاريخي ڇنڊ ڇاڻ سان مزيد معلومات ملي سگهي ٿي، چنا صاحب جي هن مقالي جو مطالعو ڪرڻ کانپوءِ اها به خبر پوي ٿي ته پاڻ هن عنوان تي تمام گهڻي محنت ڪري لکيو آهي، هر هڪ شهر جيڪي قديم دؤر ۾ تختگاهه ٿي رهيا، انهن جو جامع ۽ مفصل احوال پيش ڪيو آهي، سندن هي تاريخي مقالو اسان لاءِ هڪ روشن منزل جي آگاهي ڏئي ٿو.
حوالا:
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقالو: ”سنڌ جا قديم تختگاهه“، ماهوار، ”نئين زندگي“ ،سنڌ نمبر، ايڊيٽر، شمشيرالحيدري، ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشنس، جون، جولاءِ، سال 1970ع، ص، 58.
(2) حوالو ساڳيو، ص، 59
(3) حوالو ساڳيو، ص،60
(4) حوالو ساڳيو، ص،61
(5) حوالو ساڳيو، ص،62
(6) حوالو ساڳيو، ص،64
(7) حوالو ساڳيو، ص،66
(8) حوالو ساڳيو، ص،69
(9) حوالو ساڳيو، ص،70
(10) حوالو ساڳيو، ص،73
(11) حوالو ساڳيو، ص،75
(12) حوالو ساڳيو، ص،76
(13) حوالو ساڳيو، ص،77،78
(14) حوالو ساڳيو، ص،81
(15) حوالو ساڳيو، ص،81
(16) حوالو ساڳيو، ص،83
(17) حوالو ساڳيو، ص،85
(18) حوالو ساڳيو، ص،86
*
سنڌو ماٿر جا اصل باشندا دراوڙ هئا (مقالو)
هن مقالي جو اصل مقصد هي آهي ته، مهراڻ رسالي جي نمبر، 1-2 ، سال، 1973ع جي، پرچي ۾ ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ هڪ مقالو بعنوان: ”سنڌي زبان ۾ دوراڙي لفظ“ شايع ٿيو هو، هن مقالي ۾ ميمڻ صاحب جي چوڻ مطابق ته، سنڌ جي قديم ترين تهذيب موهن جي دڙي تي دراوڙن جو فقط، ”اڻ لکو“ اثر پيو آهي. ان متعلق ايڊيٽر مهراڻ پاران لسانيات جي ماهرن جو توجهه ڇڪايو ويو ته، لسانيات جا مستشرقين توڙي ديسي عالم ان امر تي متفق آهن ته، موهن جي دڙي جي تهذيب، زبان ۽ ثقافت تي دراوڙ قوم جو ڪافي اثر رهيو آهي. ميمڻ صاحب جو دراوڙ قوم جي حوالي سان ته، ان جو اڻ لکو اثر هجڻ جي ڪري عالمن ان کي پنهنجي بحث هيٺ آندو.
پروفيسر محبوب علي چنا صاحب تاريخ جي حوالي سان، تمام گهڻي معلومات رکندڙ محقق هو. پر ساڳئي وقت پاڻ لسانيات جو به ماهر هو. سندس هڪ مقالو، ”سنڌو ماٿر جا اصل باشندا دوراوڙ هئا“ ، جي عنوان سان، مهراڻ رسالي ۾ سال 1973ع ۾ شايع ٿيو، هن مضمون جي ڇپجڻ جو سبب لکندي، ان وقت جي مهراڻ جي ايڊيٽر محترم غلام محمد گرامي صاحب مضمون جي باري ۾ ۽ محقق پروفيسر محبوب علي چنا متعلق پنهنجي نوٽ ۾ هن ريت لکيو آهيِ:
”لسانيات جي ماهر ۽ محقق جناب پروفيسر محبوب علي چنا صاحب، ”سنڌي رسم الخط جي ارتقا“ ، نالي ڪتاب تيار ڪيو آهي. عالمن ۽ ڏاهن جي ڪيل تحقيقات ۽ ڇنڊڇاڻ مان واضح ٿئي ٿو ته، ”سنڌو ماٿر جا اصل باشندا دراوڙ هئا، ان ڪري درواڙن جي تهذيب، زبان،ثقافت جو نه فقط گهڻي ۾گهڻو اثر سنڌو ماٿرتي رهيو آهي، پر ان سان گڏ، ان اثر کي، سنڌو ماٿر جي تهذيب تي، دراوڙن جي ثقافت جو بنيادي اثر به چئي سگهجي ٿو، جو اڳتي هلي ٻين قومن ۽ انهن جي ثقافتن جي ميلاپ سان وسيع ٿي ويو، ان سلسلي ۾ محترم پروفيسر چنا صاحب جوهي علمي مقالو پيش ڪجي ٿو، اميد ته مهراڻ جا پڙهندڙ ان کي دلچسپيءَ سان مطالع ڪندا.“ (گرامي، 1973ع، ص، 117)
هن مقالي ۾ چنا صاحب، ڪن عالمن جا رايا به حوالي طور ڏنا آهن، مثال طور ” سنڌي ادب ۾ دراوڙن جو داستان، ڪاڪي ڀيرو مل آندو، جنهن جو ڪوبه ذڪر، حوالو يا اشارو ميمڻ صاحب نه آندو آهي، ڀيرو مل صاحب پنهنجي تاليف، ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ۾ هن قوم جي ٻوليءَ (صرف ونحو) ۽ سنڌ ۾ هن قوم جي نشانن جي باري ۾ تيرنهن هنڌن تي ذڪر آندو آهي.
اهڙي طرح سنڌو ماٿرجا اصلي باشندا جي حوالي سان چنا صاحب هن ريت لکي ٿو:
”بشريات ۽ حضريات جي عالمن سنڌو ماٿري جي اصلي باشندن جو نسلي جائزو ۽ جسماني ساخت جو اندازو ٻن قسمن جي حاصل ڪيل شين مان ڪيو آهي، هڪ هت جون کوپريون ۽ هڏن جا پڃرا ۽ ٻيو ڪنجهي ۽ پٿر جا بنيل انساني مجسما، موهن جو دڙو، هڙاپا ۽ چنهو دڙي جي کوٽاين مان ڇهه کن کوپريون، چند انساني هڏن جا پڃرا ۽ لا تعداد، هڏا مختلف هنڌن ۽ مختلف حالتن ۾ پکڙيل مليا آهن، پر افسوس هي آهي ته ، هنن هڏاون پڃرن جو اڃا تائين تفصيلي جائزو نه ورتو ويو آهي،ان ڪري جي ڍانچا موهن جي دڙي جي گهٽين يا مڪانن مان لڌا ويا آهن، انهن جي تحقيق جي رپورٽ تي، اسانکي ڀروسو ڪرڻو پوندو، اهڙيون رپورٽون ، مارشل، ميڪي، ڪرنل سميول ۽ مسٽر گوها شايع ڪيون آهن، انهن مان معلوم ٿئي ٿو ته، موهن جي دڙي ۾ چئن مختلف نسلن جا باشندا آباد هئا، هڪ پروٽو آسٽر لائڊ (Proto australoid) يا آسٽريلوي نسل، ٻيو بحر رومي يا ميڊيٽرينين(Mediterranetn) نسل، ٽيون الپائني (Alpinoid) ۽ چوٿون منگولي.” (چنا، 1973ع، ص ، 119)
مٿين عالمن جي کوجنائن مان اهو پتو پوي ٿو، ته دراوڙ لوڪ موهن جي دڙي جي شاهوڪار سڀيتا جا بانيڪار ۽ معمار پڻ هئا. دريافت ٿيل کوپرين ۾ اڌ کان وڌيڪ هڪ ئي نسل سان تعلق رکن ٿيون ۽ هي نسل بحر رومي آهي، هن نسل جا ماڻهو آئبيريا (اسپين، پور چوگال) کان هندوستان تائين، گهڻي تعداد ۾ ڦهليل هئا. هن جنس جا خاص قسم فلسطين جي اندر نطولي دؤر ۾ ملن ٿا، هي گروهه اتر آفريڪا جي ڏاکڻي پاسي ۽ ايشيا جي اندر هڪ ٻئي کان ممتاز ٿيو هوندو:
ڪرنل سيوي جو چنا صاحب حوالو ڏيندي، هن نسل بابت هن طرح لکيو آهي: ” تحقيق موجب، سنڌو ماٿر ۾ هن نسل جي مردن جي لمبائي، پنج فُٽ سوا چار انچ هئي ۽ عورتون، چئن فوٽن نون انچن کان چئن فوٽن ۽ سوا چئن انچن تائين لمبيون هيون.“ (چنا، 1973ع، ص. 120)
اهڙيءَ طرح ٽي کوپريون، پروٽو آسٽرلائڊ يا آسٽريلوي نسل جون مليون آهن، هي ننڍي قد جا هئا، هنن جي لمبائي سراسري پنج فوٽ ۽ هڪ انچ هئي، هنن جو رنگ گهاٽو ڪارو، وار ڪارا ۽ گهنڊيدار، مٿو ڊگهو، نڪ ويڪرو، چپ ٿلها ۽ گوشت سان ڀريل هوندا هئا. هن نسل جا باشندا اڄ به وچ ڏکڻ هندوستان ۾ موجود آهن. منگول نسل جي فقط هڪ کوپري ملي آهي، موهن جي دڙي جي لڌل کوپرين مان هڪ يقيني طرح ۽ ٽي شبهي طور، الپائني (آلپس جبل جي آسپاس) قرار ڏنيون ويون آهن، بشريات جي ماهرن ڏيکاريو آهي ته، مشرق بعيد يا برفاني دؤر جي آخرين حصي جا آثار نظر آيا آهن جي چند لک سال اڳ حضرت مسيح عليه السلام کان اڳ ( ق _ م ) آهن، پر چند ماهر هن خيال جا آهن ته، منگولي نسل جي ماڻهن جا آثار قديم هجري دؤر ( پٿر وارو دؤر) جي مٿين تهن جا معلوم ٿين ٿا.
اهڙيءَ طرح مٿين بيان ڪيل نسلن مان نه رڳو انهن ماڻهن جي لڌل کوپرين ۽ هڏن مان، انهن نسلن جي تاريخ جي خبر پوي ٿي، پر انهن جي قد ڪاٺ، شڪل شبيهه ۽ ٻين جسماني عضون ۽ رهڻي ڪهڻي جي به خبر پوي ٿي ۽ اها به خبر پوي ٿي ته هر نسل، ٻئي نسل سان پاڻ ۾ ڪيئن ۽ ڪيتري مشابهت رکندا هئا.
پروفيسر چنا صاحب، دراوڙ لفظ تي روشني وجهندي هن طرح لکيو آهي ” دراوڙ جو لفظ برصغير هندو پاڪ ۾، غير آريائي زبان ڳالهائڻ وارين سڀني قومن لاءِ استعمال ڪيل آهي. جنهن مان هي ڳالهه بخوبي سمجهه ۾ اچي ٿي ته، دراوڙ نسلي گروهه کان وڌيڪ لساني گروپن جو نالو آهي، چناچه هتي جا اهي باشندا جن کي پراچين هندوستان جا ” بلسي“ چيو وڃي ٿو ۽ اڄ به وچ ۽ ڏکڻ هندوستان ۾ نيم وحشي زندگي گذارين ٿا، ۽ پروٽو آسٽرلائڊ (آسٽريلوي) نسل سان لاڳاپو رکن ٿا، دراوڙ سڏجن ٿا، اهي باشندا به دراوڙ سڏجن ٿا، جن جو تعلق، بحر رومي نسل سان آهي، هنن جي باري ۾، هي خيال ڪيو ويو آهي ته هو هندوستان ۾ آرين جي آمد کان ڪئين هزار سال اڳ داخل ٿي چڪا هئا، ڪن عالمن جي تحقيق موجب دراوڙن وارو انگريزي لفظ (Dravidian ) يا (dravida ) دميله (Damila ) لفظ جي ڦريل شڪل آهي جنهن کي بعد ۾ تامل (Tamil) سڏيو.“ (چنا، 1973ع، ص، 126)
گهڻو ڪري اڪثر ڪتابن دراوڙن کي، محض ڏکڻ هندوستان جا رهواسي ڪري ڄاڻايو آهي، دراوڙسنڌ ۽ پنجاب جي آثارن کان اڳ چار هزار ق-م ۾، بلوچستان ۾ واسو ڪيو. جنهن جا چٽا اهڃاڻ سندن تعلق واري قوم “بروهي” آهي، اهوئي سبب آهي جو هيءَ دراوڙي قوم آرين جي ڪاهه جو پهريون شڪار رهي ۽ جنهن کي ويدن ۾ “دسيوس” سڏين ٿا، يعني ڊاڪو يا رهزن، البته ايترو چئي سگهجي ٿو ته، سنڌو ماٿر جا چند باشندا، اهڙي قسم جا هئا جي مغرب بعيد ۾ ملن ٿا ۽ انهن جا پؤنير هاڻي هندو ستان ۾ موجود آهن.
پروفيسر چنا صاحب دراوڙي ٻولين جي قدامت جي حوالي سان لکيو آهي ته ” دراوڙي ٻولين جو ذريعو، آسٽريلوي قديم ٻوليون آهن، جيڪڏهن بشريات جي تاريخ (Anthropology) تي غور ڪبو ته معلوم ٿيندو، ته آسٽريليا جي خطي ۾ به جاوا وانگر انسانيت جا پهريان آثار نطر آيا آهن، جاوا مان ودجڪ (Wadjak) ۽ آسٽريليا جي تلگائي (Talgai) ۽ ڪيلور (Keilor) جي مقامات تان جي هڏاوان پڃرا لڌا ويا آهن، سي ڏيکارين ٿا ته، هي پليسٽوسن دؤر اٽڪل چاليهه هزار سال اڳ جي آخري دؤر جا آهن ۽ انسانيت جي آسٽريلوي نسل جا پڙا ڏاڏا آهن.“ (چنا، 1973ع، ص، 129 )
دراوڙي ٻولين جو خاندان يا ڪل ئي نرالو آهي، جنهن ۾ تامل، تيليگو، ڪئنريز، ڪرگو ۽ معيالم ٻوليون مکيه آهن. سنڌ خطي ۾، تاريخ کان اڳ واري زماني ۾، ڪافي نسلي ڦيرا ڦيريون ۽ هجرتون ٿيون،انهن مان چار مکيه مثال پيش ڪيا ويا آهن. پهريون نسل آڳاٽا دراوڙي ، ٻيو آڳاٽا بحر رومي، ٽيون دراوڙ ۽ چوٿون آپسيني، انسانيت جي پهرين بيٺڪ جو ته پورو پرو نٿو پوي پر انسانيت جي ماهرن، پيڪ (Peake) ۽ فليور (Fleure) جي نظريي، مطابق صحرا، ميسوپوٽيما ۽ عربستان، انسانيت جا پهريان گهوارا هئا انسان جي قديم تاريخ ۾ هڪ حادثو رونما ٿيو جڏهن يورپ کنڊ جي اترئين طرف برفاني دؤر ختم ٿيو ۽ صحرا جي مٿان سرد هوائن جا طبق گم ٿي ويا ۽ صحرا جا چراگاهه بدلجي بيابان ٿي پيا، ۽ جيئن ته ان مان جانور دنيا جي اترين خطن ۾ ڀڄڻ لڳا. تيئن شڪاري به، انهن جي ڪڍ لڳا، هي شڪاري ننڍي شڪار تي گذران ڪندا هئا، جيڪي هئا قديم بحر رومي، پروفيسر چنا صاحب جي تحقيقي راءِ مطابق ته:
”برصغير هندو پاڪ جي مرڪزي حصن ۾، هي نسل آباد آهي ۽ هنن کي اسان ”منڊا قوم“ سڏيون ٿا، ان بعد ٻي قوم نسلي نقل و حرڪت بحر رومي سان گڏ دراوڙن جي آئي جا بلوچستان، سنڌو ماٿر، گجرات کان دکن ۽ هندوستان جي ڏاکڻي طرف پهتي ۽ اڃا به اوڀر طرف ڌوڪيندي وئي، سنڌو ماٿر جي اتر-اولهه ۾ هڪ خاص، مختلف ڪلچر پڻ موجود هو. چوٿين نسلي نقل و حرڪت الپيني نسل جي آهي، جو نسل هند و پاڪ جي، الهندي ڪناري تي آباد آهي.“ (چنا، 1973ع، ص، 131 )
سنڌو ماٿر جي اها سڀيتا قديم دراوڙ لوڪن جي آهي ۽ اهو ميسو پوٽيما ۽ مصر ملڪ جي قديم سڀيتا سان ملي اچي ٿي، پرڪن ڳالهين ۾ انهيءَ کي به شهه ڏئي وڃي ٿي، هن مان ظاهر آهي ته دراوڙ لوڪن جي ميسو پوٽيميا طرف وارن سان گهڻي لهه وچڙ هئي، جنهن ڪري سندن، تهذيب به اتي جي ماڻهن جهڙي ٿي. دراوڙ اول اتر هندوستان ۾ آيا جتان پوءِ ڏکڻ ڏي ويا. ڪن جو چوڻ آهي ته، دراوڙ اصل ڀونچ سمنڊ طرف رهندڙ قومن مان نه هئا اهي اصل هندوستان جا رهاڪو هئا. چنا صاحب آمريڪا جي دوري دوران، جڏهن پاڻ هارورڊ يونيورسٽي جي هڪ پروفيسر ڊاڪٽر، ايڊ منڊ آءِ گارڊن سان ملاقات ڪئي.
تڏهن ان سان به بحث مباحثو ڪيو، ۽ ان بحث مباحثي جو هي نتيجو نڪتو ته: ” آرين کان اڳ سنڌوءَ ۾، آباديءَ جا ٽي طبق هوندا هئا، هڪ منڊا قوم ٻي هنزا ۾ آباد ٿيل قديم قوم، جنهن جي ٻولي نه داردي هئي ۽ نه دراوڙي پر گڏيل، ٽي دراوڙي قوم.“ (چنا، 1973ع، ص، 132 )
انسان جي ارتقا جي تاريخ ڏانهن اگر نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته، اٽڪل ڏهاڪو هزار سال اڳ ”انسان“ تمدني زندگيءَ ڏانهن مائل ٿيو ۽ هن جا مکيه چار، نسل دنيا ۾ مشهور ٿيا، پهريون ڪاڪيزي (Caceriod) ٻيو آسٽريلوي (Australoid) ٽيون، منگولي (Mangoloid) ۽ چوٿون، حبشي (Negroid) سنڌو ماٿر جي هن خطي ۾ چئن ئي نسلن جا نشان ملن ٿا.
اهڙيءَ طرح سان پروفيسر چنا صاحب، مختلف عالمن جي راين سان بحث ڪندي پاڻ هي نتيجو ڪڍيو آهي ته:
”منهنجي اها تحقيق آهي ته، مهراڻ جي ماٿريءَ جا نامور باشندا آڳاٽا دراوڙ (Proto Dravidion) منڊا آهن، ان سلسلي ۾، مون 1961ع ۾ آمريڪا جي دوري دوران، لسانيات جي اسسٽنٽ پروفيسر ۽ هندي، اردو ۽ منڊا زبانن جي ڊائريڪٽر، پروفيسر نارمن زدي سان اورنٽيل انسٽيٽوٽ شڪاگو يونيورسٽيءَ ۾، ”منڊا“ نسل ۽ ٻوليءَ بابت مفصل بحث ڪيو هو، هن صاحب جو به هي پختو رايو هو ته برابر منڊا بر صغير هندو پاڪ جا قديم ترين نواسي آهن.“ (چنا، 1973ع، ص، 133 )
ڪن محققن پاران هن نسل کي آسٽريلوي نسل چيو ويو آهي، حالانڪ مٿي آيل طويل بحث مان هي ظاهر ٿيو ته، آسٽريليا ۾ خود لڏ پلاڻ سبب، باشندا ايشيا جي سر زمين تان آيا هئا، ٻين قومن جي لڏ پلاڻ جي ارتقائي تاريخ مان معلوم ٿو ٿئي ته، دنيا جون قومون لڏپلاڻ جي وقت هڪ ئي رخ اختيار ڪنديون آيون آهن.قومن جي مرڪزي هنڌ آرمينيا يا ايشيا مائنر کان يا صحرا ۾ اڀرندي آفريڪا کان قومن جي هجرت اڀرندي ۽ ڏکڻ اڀرندي ٿي هوندي اها لهرن وانگر هڪ ئي طرف هوندي، انڪري بر صغير هندو پاڪ مان قومون هجرت ڪري ملائشيا يا آسٽريليا طرف ويون هونديون.
بهرحال واديءَ سنڌ، سنڌو ماٿر تهذيب جي ٻولين جي باري ۾ هيءَ اٽڪل متفقه راءِ يا اڪثريت راءِ اها آهي ته، هتي جيڪي ٻوليون ڳالهائيون وينديون هيون، سي دراوڙي ٻوليون هيون ۽ دراوڙن جي اولاد ماڃر جا مهاڻا ۽ اوڏ اڄ به سنڌ ۾ موجود آهن.
اهڙي طرح سان، هي مقالو چنا صاحب جو هڪ يادگار ڪاوش آهي، جنهن مان نئين نسل کي بهتر ڄاڻ ملي سگهي ٿي، ۽ نئين تحقيق ڪندڙ حضرات کي هن مقالي مان رهبري ملندي. اگر چنا صاحب جو اڻ ڇپيل ڪتاب، بعنوان“سنڌي رسم الخط جي ارتقا” شايع ٿئي ها ته اهو به نئين تحقيق ڪندڙن لاءِ گهڻو فائديمند ثابت ٿئي ها ڇاڪاڻ ته هن مقالي ۾ ان اڻ ڇپيل ڪتاب جا ڪافي حوالا مثال طور ڏنا ويا آهن.
حوالا
(1) گرامي، غلام محمد، مولانا: مقالو، ”سنڌو ماٿر جا اصل باشندا دراوڙ هئا.“ مقالا نگار، پروفيسر محبوب علي چنا، سعه ماهي مهراڻ، جلد، 22 _ نمبر، 4 ، ايڊيٽر، غلام محمد گرامي، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، آڪٽوبر،نومبر،۽ ڊسمبر_ 1973 ع، ص ،117 .
(2) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقالو، ”سنڌو ماٿر جا اصل باشندا دراوڙ هئا“ ،سه ماهي مهراڻ جلد، 22 _ نمبر، 4 ، ايڊيٽر غلام محمد گرامي، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، آڪٽوبر، نومبر ۽ ڊسمبر _ 1973ع ، ص، 119 .
(3) حوالو ساڳيو، ص 120
(4) حوالو ساڳيو، ص، 126
(5) حوالو ساڳيو، ص، 129
(6) حوالو ساڳيو، ص، 131
(7) حوالو ساڳيو، ص، 132
(8) حوالو ساڳيو، ص، 133
*
باب ڇھون : شاعري
پروفيسر محبوب علي چنا جي شايع ٿيل شاعري
هونءَ ته چنا صاحب جو ڪو اهڙو شاعري جو ڪتاب ته نه ٿو ملي، پر ڪن ڪتابن ۽ رسالن ۾، سندس شاعري ملي ٿي، سندس ڇپيل شاعريءَ کي ڏسي اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، پروفيسر محبوب علي چنا هڪ سٺا ۽ پختا شاعر به هئا، کين شاعري جي، بحر، وزن جي پڻ سٺي ڄاڻ هئي.
سندس شعر لکڻ بابت، احمد خان آصف مصراڻي لکيو آهي ته: ” مرحوم ڪڏهن ڪڏهن شعر به چيو آهي، ”نئين زندگي“ ۾ سندس فقط هڪ نعت ۽ ڪجهه ابيات شايع ٿيل آهي، باقي سمورو مواد نثر ۾ آهي“ (آصف،1978ع، ص، 22 )
اهڙي طرح سٺي شاعر هجڻ جي خوبين جي حوالي سان، ڊاڪٽر غلام علي الانا، هن طرح ٻڌائي ٿو؛ ”چنا صاحب جي شاعري آهي ته گهٽ، پر اها لکن جي مٽ آهي،جيڪو حضرت قلندر لال شهباز تي لکي ٿو، ته اهو بلڪل سٺو شاعر چئي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته انهي انسان ۾ شاعر هئڻ جون سموريون خوبيون ظاهر هيون، ۽ اها ڳالهه مڃڻي پوي ٿي ته، چنا صاحب ’هڪ سٺو شاعر هو“ . (الانا، ذاتي انٽرويو،2011 )
پاڻ شاعريءَ جي جن صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿن، اهي هڪ ”مرثيو“ ۽ ٻي ”نعت“ آهن. 22 سيپٽمبر 1955ع تي، پروفيسر محبوب علي چنا جي والده وفات ڪري وئي هئي، پاڻ پنهنجي امڙ جي وفات وقت موجود نه هئا، سي جيڪي ادبي پارا ” جيجل جي جهوري جي ورهه جي ورلاپن“ جي صورت ۾ سندس دل مان ظاهر ٿيا آهن، سي هيٺ ڏجن ٿا:
عنوان ،”جيجل جي جهوري“ (مرثيو)
(1) سمهان ته سمِهڻ نه اچي، وهان ته بي چيني
پاري صورت آهيان، عيني به عيني
ننڊ نه منجهه نيني، جو ڍولن ڍٽ قراريو.
(2) ڍولن ڍٽ قراريو، منهنجي من ۾ مانڌاڻ،
سٽجي ڪٽجي سور۾، سينو جيئن سانداڻ،
”ڪل نفس ذائقة الموت“، اٿئي قرآني اهڃاڻ،
”ياحي ياقيوم“ جو، ورد ڪندو رهه هاڻي،
جڏهن ڀرجي آيو ماڻ،تڏهن صبر سان سالم رهج.
(3) صبر ڪريان ته تلخ ٿئي، حقيقت هي حال،
موڙي نه اٿم اتقيٰ جي، ضبط جو نه اٿم حال،
سائين ڪرتون ڀال، نه ته هڄي ويندس هتڙي.
(4) هڄي ويندس هتڙي، جو ناهي پنڌ جو دم
وڏڙا اتم اُسري ويا، لاهي دهري وهم
ڇڏي ويا آهن هيڪلو، هاڙي منجهه هي لحم،
يتيميءَ جو سامهون، ڇوليون هڻندڙ يم،
قادر ساڻ ڪرم، ٻيلهائي جو ٻاڻ ڏي.
(5) ٻيلهائي جو ٻاڻ ڏي، ته هلجي منجهه هاڙي،
پهڻن پٻ پٿون ڪيا، قلب ڪريون ڪاڙهي،
پو ”لدني درس“ پاڙهي، ڪڍن فتني جي کوري مان.
(6) ڏينهن ٿيا هئم پنج، جو ڏٺم روئي جيجل جو،
نڪتس ٿي سفر تي، ڀريم دعائن سان هنج،
پسيم پرجي منهن جا، گهورن ڀريا گهنج،
اڀرا هٿڙا کڻي چيائين، لٿا محبن! تنهنجا لنج،
گنجن مٿان گنج،مادر هٿان مون مليا.
(7) ”ورهه اٺ آهن“ گذريا، جو ابو ٿيو هوم ڌار
گوندر جي گوندين ۾ مونکي ڪيا ءِ گار،
پر مٺڙي مادر جي ڪري، دل ڪيم قرار،
خبر نه هيم ڪا نه ڪا، ته حال ٿيندم هي زار،
جو منهن نه ڏسندس امڙ جو، هئي هئَي قسمت جي هيءَ ڪار،
ڍڪجانءِ رب ستارا، ڏيئي پاند پناهه جو.
(8) جڙيل آهي جيءَ سان، ”جيجل جي جهوري“
دائم قائم شل رهي، هن جهوري جي لوري،
سو ڪيئن رهندو هن ري، جنهن سان هجر جو هاڃو ٿيو.
(9) والدين ماجدين تي تون رحمت اهڙي ڪر،
جهڙي ڪيائون بنده تي، جڏهن هو اصغر،
الله! منهنجا ور، شل ولهي جو والي ٿئين.
(چنا، 1955ع، ص، 15)
سندن ڪلام جي هن فڪر مان اهو پتو پوي ٿو ته، کين پنهنجي جيجل ماءُ سان تمام گهڻو پيار هو، پاڻ سندن وفات تي مرثيو لکي پنهنجي امڙ جي جدائي کان پوءِ، پنهنجي ڪيفيت لکي اٿن ۽ هن مرثيي ۾ پنهنجي والده سان گهاريل زندگي جو ذڪر ڪيو اٿن.سروري اسلاميه ڪاليج هالا، ۾ جڏهن پاڻ پرنسپال هئا، ته سندن ئي ايامڪاري ۾ پاڻ 1951ع ۾، ”سروري مخزن“ جو بنياد وڌائون، جيڪا سنڌ جي سڄڻن خواه تعليمي ادارن لاءِ، خدمت ۽ اخلاص جي پاڪ جذبات جي حامل ٿي.
سروري مخزن جي سال 60-1959ع واري پرچي ۾، سندس هڪ ”نعت شريف“ ڏنل آهي، جيڪا هيٺ ڏجي ٿي.
نعت شريف
محبوب سندءِ ميخانه ۾، ميءِ خوار گهڻا مستانه گهڻا،
ميءِ باقي جي خمخانه مان، لبريز ٿيا پيمانه گهڻا،
(1) اي پير مغان تنهنجي نيڪ نظر، آهن ته نوايا شمس و قمر،
تنهنجي سنگ درتي سرخم ٿيا، فرزانه گهڻا ديوانه گهڻا،
(2) تنهنجي نرمل نيڪ نگاهه ڪري، تسنيم ۽ ڪوثر تابع ٿيا،
انهن جي ڪناري ڪيئي لڌا، خمخا نه گهڻا، ميءِ خانه گهڻا،
(3) جڏ ساقي سرڪي تو ڪيئي عطا،سڀ جن و بشر قربان،
هيءَ ارض وسما مان آئي ندا، آباد ٿيا ويرانه گهڻا،
(4) تنهنجي دؤر رنگين ۾ اي سنمک، ڪيئي دؤر هليا پيماني جا،
جن لازم پر ڪيو پنهنجن کي، مستانه ڪيا بيگانه گهڻا،
(5) هن بزم گرم تنهنجي ئي مٺا، صد شمعن کي هڻي شل ته ڪيو،
جڏ شمعن جو هي حال سڄڻ، قربان ٿيا پروانه گهڻا،
(6) تنهنجي رهاڻ رتيءَ جي زمزي جو، پر ذوق وارن وٽ ذڪر هلي،
ڪي ڳالهيون ڳالهين تي ٺاهين، ڪن پيش ڪيا افسانه گهڻا،
(7) اي مرڪز- دل سندءِ نظر ڪرم جي، آڏو حاضر ڪيم هيءَ دل،
مقبول پئي ”محبوب“ مٺا، ور توکي ٻيا نذرانا گهڻا،
(چنا، 60-1959ع، ص، 57)
محبوب صاحب لاءِ بنا ڪنهن جهجهڪ چئي سگهجي ٿو ته کين اسلام سان تمام گهڻي محبت هئي خاص طور تي عشق رسول صلي الله عليه وسلم ۽ ان جي ياد ۾ هميشه مگن رهندا هئا، هن نعت ۾ پاڻ نبي آخر زمان کان التجا ڪئي اٿن ته سمورن گنهگارن جا پاڻ ڀر جهلا ٿين.
حضرت قلندر لال شهباز کي ”منظوم ڀيٽا“ پيش ڪرڻ لاءِ پاڻ، بعنوان ”قلندر تنهنجي نگريءَ ۾“ نذرانه عقيدت پيش ڪئي اٿن.
قلندر تنهنجي نگريءَ ۾
قلندر تنهنجي نگريءَ ۾، گهڻيئي دانا ۽ ديوانا،
ڀري ڏي جام مستيءَ جا، سندءِ در تي ڪئي مستانا.
(1) پنهنجي لالي جلاليءَ جو، اثر توڪيو سڄيءَ سنڌ تي،
انهيءَ مستيءَ الستيءَ ۾ رڱيل پڻ يارَ فرزانه.
(2) جيڪو آيو قلندر تنهنجي چائنٺ چَاههَ واريءَ تي،
ڀري جهولي ويندوپنهنجي، ۽ پيمانن تي پيمانا.
(3) مرندي مير! جو آهي سندءِ منزل کان منهن موڙيل،
سدائين سو ٺَلهو ٺُڪريل، خالي هن جا سي تهه خانا.
(4) قلندر لعل سائين پيار پياسين کي اُهو پيالو،
جو فرزانه ٿين پاڳل،۽ پاڳل ٿين سي فرزانه.
(5) تنهنجي پِڙُ جو پياسي پڻ آهي” محبوب“ سيوهاڻي
جنهن لئي کول اي مرشد! محبت جا تون ميخانا.
(چنا، 1973ع، ص، 76)
محبوب صاحب قلندر جي نگري سان وابسته هو، سندن وڏن وٽ قلندر لعل شهباز جي عقيدت جا احوال هن صغير سِني کان ٻڌا هئا. پاڻ به جڏهن هوش ۾ آيو ته، هن جي به قلندر سان اهڙي عقيدت رهي، جو سندن هن سموري شعر ۾ قلندر پاڪ سان پيار ۽ پياس ۽ عقيدت جو پتو پوي ٿو.
اهڙي طرح سان ڪجهه ”ابيات“ جيڪي مختلف ڪتابن ۾ ملن ٿا، اهي هيٺ ڏجن ٿا.
ڪتاب ،”ڪليات امين“ ۾ سندس جا ٻه بيت ملن ٿا، انهن بيتن جي باري ۾”ڪليات امين“ جي صفحي اٺٽيهه تي چنا صاحب لکيو آهي ته:
هڪ دفعي قبله ”طالب الموليٰ“ سائين سان گڏ، هي ناچيز به 26 ڊسمبر 1955ع تي راهونڊ جي رمز واريءَ رات جو روحاني لطف حاصل ڪري آيو آهي، منهنجا تاثرات هيٺيان ٻه بيت آهن.
بيت- (1)
ٿي گڏ جاڻي رندن جي، راهونڊ مٿي رات،
ادا ڪري نه سگهجي، تنهن رات جي ڪا بات،
جتي“ تونهين تون” جي تات، تتي رند به رمزن ۾ رهيا،
بيت- (2)
رند به رمزن ۾ رهيا، پسي رنداڻي رات
“فاذُڪُرُوانِي اَذ ڪُرڪُم” جي، هر ڪنهين هئي تات،
محويت استغراق ڪري،رندن چپ چپات
قربن سندي ڪات، قريبن کي خم ڪيو،
(چنا، 1990ع، ص، 38، 39)
مٿيان ٻئي بيت، ڪليات امين ۾ آيل آهن. هن ۾ پاڻ رندانه طرز زندگي جو ذڪر ڪيو اٿن هنن بيتن مان هڪ بيت ۾، هڪ آيت کي شامل ڪري، پنهنجي شاعرانه ڪمال کي واضع ڪيو اٿن،
بيت- (3)
اچين جي هيڪار، پسين مک محبوب جو،
اها تند تنوار، ته جروهيئي جال ٿيئي!
مٿيون شعر چنا صاحب جي ڪتاب، ”اسلامي تاريخ جو مطالعو“ ۾ ڏنل آهي.
ڊاڪٽر غلام قادر سومرو جي لغت، بعنوان ”سنڌي ٻٽن لفظن جي لغت“ ۾ به ،هڪ شعر ٻٽن لفظن جو ملي ٿو.
زيرو زبر:
”قالو بليٰ جو قول، يقين آهي سر ڪيو،
هر عهد بد جي آر کي، زيرو زبر ڪيو“
)سومرو، 1996ع، ص، 67(
هن شعر ۾ به سندن علمي شاهڪار جو پتو پوي ٿو ۽ ٻٽن لفظن جي استعمال جي فن جي خبر پوي ٿي.
پروفيسر محبوب علي چنا جا ڪجهه ابيات نه صرف سنڌيءَ ۾ ملن ٿا، پر فارسيءَ ۾ به ملن ٿا، سندس ترتيب ڏنل هڪ ڪتاب بعنوان”سردار قلندر“ جي ٽائيٽل واري صفحي تي سندس هڪ فارسي شعر ڏنل آهي، جيڪو هي آهي.
(1) سردار عارفان وسرخيل عاشقان،
سرمست سر قلندر شهباز لامڪان،
دردير لقا آمد با مقصد الستي،
ظلمت مبدل شد در نورِ مهر تابات.
(چنا، 1967ع، سرورق)
ضياءُ الدين ايس بلبل جي، روح پر فتوح لاءِ مغفرت جي دعا گهرندي سندس پر ضيا ياد هن طرح ڏني آهي:
”اے همنفسان محفل ما – رفتي مگر نه ازدل ما“
(چنا، 1967ع، ص، 5)
گورنمينٽ ڪاليج،حيدرآباد طرفان سال 49-1948ع ۾ رساله ”بزم لطيف“، لطيف نمبر شايع ڪيو، چنا صاحب ان رسالي جو تنهن دؤر ۾ نگران هو ۽ اتي ليڪچرر به هو. بزم لطيف جي “تعارف” ۾ سندس هڪ فارسي شعر ڏنل آهي، جيڪو هي آهي:
”برگ سبز آست تحفهءِ درويش
گر قبول آفتدز هے عزو شرف“
(چنا، 49-1948ع، ص، 1)
چنا صاحب جي علمي، ادبي ڪماليت ۾اهو به شامل آهي ته، پاڻ فارسي به سٺي نموني لکي، پڙهي سگهندا هئا، نه رڳو اهو پر فارسي ۾ به ڪجهه شاعري ڪيائون، مٿيان سڀ شعر سندن فارسي علم جي پختي ۽ شاعريءَ جي فن جو اظهار ڪن ٿا،
اهڙيءَ طرح چنا صاحب جي شايع ٿيل شاعريءَ جي جائزي وٺڻ کانپوءِ انهي نتيجي تي پهچجي ٿو ته، چنا صاحب شاعريءَ ۾ مختلف صنفن، جهڙوڪ: مرثيو، نعت ۾ بحر وزن بهتر ڄاڻندا هئا ۽ پاڻ هڪ پختا شاعر هئا، پر سندس شاعريءَ جو ڪو به اهڙو مڪمل مجموعو ڪونه ٿو ملي.
حوالا
(1) مصراڻي، احمد خان ”آصف“: مضمون، ”مرحوم محبوب علي چنا، ۽ رسالو نئين زندگي“ ماهوار رسالو، ”نئين زندگي“ جلد- 3 نمبر3، ايڊيٽر ڪفيل احمد،ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشن، مارچ، 1978ع، ص، 22
(2) الانا،غلام علي،ڊاڪٽر: ذاتي انٽرويو، سال، 2011ع،
(3) چنا،محبوب علي، پروفيسر؛ مرثيو، ”جيجل جي جهوري“، ماهوار رسالو ،”نئين زندگي“ ، جلد، 8، نمبر، 11، ايڊيٽر عبدالواحد سنڌي، ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشن ،نومبر 1955ع، ص، 15.
(4) چنا،محبوب علي، پروفيسر ؛ نعت شريف ،”سروري مخزن“ هالا، سروري اسلاميه ڪاليج، سال، 60-1959ع، ص، 57.
(5) چنا، محبوب علي، پروفيسر؛ نظم،” قلندر تنهنجي نگريءَ ۾“ ،”قطب قلندر“، مرتب حافظ محمد احسن چنا، سوڌيندڙ، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، قلندر لعل شهباز ثقافتي ۽ ادبي ڪاميٽي، سال، 1973ع، ص، 76.
(6) چنا،محبوب علي، پروفيسر؛ ابيات ،”ڪليات امين“ ،مخدوم امين محمد ثالث عرف پکن ڌڻي، مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، ڄام شـــورو، سنڌي ادبي بـــورڊ، ڇاپــــو ٻيــــو، ســـال، 1990ع، ص ،38،39 .
(7) سومرو، غلام قادر،ڊاڪٽر: ”سنڌي ٻٽن لفظن جي لغت“ ،ڪراچي ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ ،سال، 1996ع، ص، .67
(8) چنا، محبوب علي، پروفيسر ؛”سردار قلندر“، مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا ،سيوهڻ، قلندر شهباز ميموريل،ڪاميٽي،سال ،1967ع، ص، سرورق.
(9) حوالو ساڳيو، ص، 5.
(10) چنا، محبوب علي، پروفيسر: تعارف ، رساله، ”بزم لطيف“ (ليطف نمبر) جلد-1، نگران،پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، گورنمينٽ ڪاليج سنڌ ، سال،49 ، 1948ع، ص، 1.
*
پروفيسر محبوب علي چنا جي شخصيت کي منظوم ڀيٽا
چنا صاحب جي شخصيت، ڪردار، علمي ،ادبي خدمتن جي حوالي سان، سنڌ جي ڪجهه نامور شاعرن سندس کي ”منظوم ڀيٽا“ طور پيش ڪيو آهي.
(i) سيد اظهر گيلاني:
سيد اظهار گيلاني چنا صاحب جي پوري نالي يعني محبوب علي کي هر هڪ اکر کي شاعريءَ جي روپ ۾ هيٺين طرح لکيو آهي.
م -------
موت کي سوره ڏيندو سر آ،
موت کان ڪهڙو خوف و خطر آ،
ح -------
حال اهو انسان جو آهي،
دهر مان ڪرڻو ان کي سفر آ،
ب -------
بقا ملي ٿي، فنا ٿيڻ سان
فنا ٿيڻ جو اهو اثر آ
و -------
وڃي ٿو عدم ڏي جيڪو
ڇڏيندو نيڪي اهو بشر آ
ب -------
بهانو ان کي مرڻ جو،
هو آه جيئرو، اها خبر آ،
ع -------
علم ويو قائم ڪري وفا جو،
سبق وفا جو ئي ڪارگر آ،
ل -------
لباس الفت، ادب جو پائي،
ٿيو جهان ۾ هو جلوه گر آ،
ي -------
يقين ڪامل رهي ٿو دل کي
وسي ٿو دل ۾، مٿس نظر آ
”علي جو محبوب“ جيئرو اظهر
سي لفظ آ خوب جيئرو اظهر،
(گيلاني ، 1982ع،ص، 63)
سيد اظهر گيلاني هڪ ڀلوڙ شاعر هو سندس هن شعر مان پتو پوي ٿو ته، پاڻ محبوب چنا صاحب کان گهڻو متاثر هو، هن محبوب صاحب سان پنهنجي محبت جو اظهار اهڙي انوکي انداز سان ڪيو، جو سندس نالي موجب الفابيٽ تي شعر لکيو. مثال طور(م-ح-ب، و، ب، ع، ل، ي،)
حوالو
(1) گيلاني، اظهر، سيد: نظم، ”محبوب علي“، ”محبوب جي ياد ۾ “، مرتب، پروانو سيوهاڻي، سيوهڻ ، سرهاڻ پبليڪيشن، سال 1982ع ص ، 63 .
*
(1) سنسار جو محبوب هو (قطعه)
”اسحاق راهي“
نالو ڪيڏو اٿس پيارو دوستو!
حسن جنهن جو هو نيارو دوستو!
هرڪوئي ان کي چوي محبوب پيو!
بخت جو خود هو ستارو دوستو!
يار ۽ اغيار جو محبوب هو،
الغرض هر پار جو محبوب هو،
زندگي جنهن جي خلوص سان ڀريل،
”ڇا چوان!سنسار جو محبوب هو“
منتظر ان جي ارادن جا سوين،
هن جي سوچن تي فدا هر سوچ هئي،
فيصلا هن جا هيا عظمت نشان،
انفراديت ڏسو جو بر ملا هر سوچ هئي،
علم سان جنهن جي محبت انتها،
۽ ادب تي ٿي رهيو هر دم فدا،
سنڌ جي ڄڻ هو ثقافت جو ظهور،
هو تمدن جي فلڪ جو مهه لقا،
شاعري سان انس رکندو هو ڪثير،
۽ وري تحرير سان الفت سندس،
حسن هو تقرير جي فن جو جناب،
ان طرح ظاهر رهي عظمت سندس،
موت اهڙي تي حياتيون صد فدا،
انتها اهڙي تي قربان ابتدا،
جنهن اجل آهي ڏٺو ڪعبيٰ اندر،
بخت انجا ٿيا حقيقت آ شنا،
(راهي، 1982ع، ص، 64،)
سائين اسحاق راهي جون به، چنا صاحب سان ادبي ڪچهريون ٿينديون هيون، راهي صاحب ،چنا صاحب کي پنهنجو دوست ۽ محسن سمجهندو هو. هن شعر ۾ اسحاق، محبوب صاحب جون تمام گهڻيون خوبيون بيان ڪيون آهن، جنهن مان پتو پوي ٿو ته، محبوب صاحب پنهنجي دؤر جو هڪ اعليٰ گڻن وارو انسان هو.
حوالو
(1) راهي، اسحاق؛ قطعه،”سنسار جو محبوب هو“ ،”محبوب جي ياد ۾“، مرتب، پروانو سيوهاڻي، سيوهڻ، سرهاڻ پبليڪيشن، سال 1982ع، ص، 64
*
(2) سئو سئو سلام منهنجا
”ساغر سيوهاڻي“
محبوب علي چنا تي، سئو سئو سلام منهنجا،
انمول بي بيها تي، سئو سئو سلام منهنجا،
صاحب دل و صفا تي، سئو سئو سلام منهنجا،
راضي سدا رضا تي، سئو سئو سلام منهنجا،
محبوب علي چنا تي، سئو سئو سلام منهنجا،
اڄ ياد ۾ چنا جي دل اشڪبار آ،
محفل ۾ اڄ اديبن کي انتظار آ،
افسوس اڄ اسان کان مرحوم ڌار آ،
محبوب علي چنا تي، سئو سئو سلام منهنجا،
بوءِ گلاب رنگت لڪجي نٿي سگهي،
علم و ادب جي عظمت لڪجي نٿي سگهي،
لعل و گوهر جي قسمت لڪجي نٿي سگهي،
محبوب علي چنا تي، سئو سئو سلام منهنجا،
طاقت قلم کي ناهي تحرير ڇا لکان،
امرٿيو نمايان ڪهڙو ڪيان بيان مان،
قاطر زبان آهي بي بات ڇا چوان مان،
محبوب علي چنه تي، سئو سئو سلام منهنجا،
بحر علم جو ناياب آهي عظيم گوهر،
شهباز جو شيدائي هي دادلو آ دلبر،
شهباز ياد گار جو هو بار بار رهبر،
محبوب علي چنا تي، سئو سئو سلام منهنجا،
علم و ادب جو مشعل چوڏهين جو چنڊ ڪامل،
نظم و نثرجو ان کي پورو هودرس حاصل،
هر علم جو هو واقف هر گز نه هو ڪو غافل،
محبوب علي چنا تي، سئو سئو سلام منهنجا،
علم و ادب کان ان جو روشن دماغ هو،
علم و ادب جو هر دم روشن چراغ هو،
علم و ادب جي پار جو سرسبز باغ هو،
محبوب علي چنا تي، سئو سئو سلام منهنجا،
علم و ادب جي خذمت، قوم وطن جي خذمت،
علم و ادب جي عظمت، قوم وطن جي عظمت،
علم و ادب جي عزت، قوم وطن جي عزت،
محبوب علي چنا تي، سئو سئو سلام منهنجا،
اخلاق هن جو هي هو کلندو سدائين هو،
سڀ ڪنهن سان پائي ڀاڪر ملندو سدائين هو،
مون وٽ هلي اچي هو پهچندو سدائين هو،
محبوب علي چنا تي، سئو سئو سلام منهنجا،
علم و ادب ۾ آهي عاليٰ مقام انجو
ٿيو آخرين مدينو شاهي قيام انجو،
”ساغر“ لکي ڪيو آپورو ڪلام انجو،
محبوب علي چنا تي، سئوسئو سلام منهنجا،
(سيوهاڻي ، 1982 ع ، ص ، 61 ،62 )
ساغر سيوهاڻي نه رڳو سندس ڳوٺائي هو، پر سندن پاڙيسري به هو، ساغر صاحب به چنا صاحب جي ياد ۾ مٿيون بي نظير”سلام“ جي عنوان سان هڪ نظم لکيو آهي، جنهن مان سندن دوستن سان وابستگي ۽ قرب جي خبر پوي ٿي.
حوالو
(1) سيوهاڻي، ساغر: نظم، ”سئو سئو سلام منهنجا“ ،”محبوب جي ياد ۾“، مرتب، پروانو سيوهاڻي، سيوهڻ، سرهاڻ پبليڪيشن، سال، 1982ع، ص61 ،62 .
(3) نور محمد شاهه ”نورل“ به منظوم ڀيٽا طور شاعري پيش ڪئي آهي.
مه منور مٺل، منٺار محبوب علي،
دلربا دلبرڌئل، دلدار محبوب علي.
خوب خلقت، خوب خصلت، خوبرو خندان خليق،
سٿ سنگت، سيرت سندو، سينگار محبوب علي.
مور مجلس معرڪي، محفل سندو مشفق مليح،
شفقتئون شيرين زبان، شهوار محبوب علي.
همدرد و همراه هيڻن ۽ حقيرن جو حبيب،
غمزدن جو غوروند، غمخوار محبوب علي.
جنهن چکي چش چاش، جنهن جي چار چشميءَ جي ادا،
ڪين وسري تنهن ڪنان، ڪنهن وار محبوب علي.
شد علي رضه محبوب اورا، وآنست محبوب علي،
گشت زان، گوهر فشان، گفتار محبوب علي.
مجلسي محبوب جا، محبوب سڏجن سي به ٿا،
ٿي سڌر سرسي سدا، سرڪار محبوب علي.
با مسّميٰ اسم احسن عمدة الاسماءَ آهي،
نيڪ محضر نامور نروار محبوب علي.
(1) ”نور محمد“ ناهه جهڙس، ڪوئي نظمي نواز،
سچ سخندانن سندو، سالار محبوب علي.
(نورل ، 1970ع ، ص ، ڪ)
محبوب کي نورمحمد نورل به نه ويساريو ۽ هن جي علمي ادبي، اخلاقي ڳالهين جو ذڪر هن شاعري ۾ ڪيو. سندن ان شاعري مان اهو پتو پوي ٿو ته، محبوب صاحب پنهنجي دؤر ۾ واقعي محبوب انسان هو.
حوالو
(1) نورل، نورمحمد، شاهه؛ ”ڪليات نورل“، مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد اداره صالح سيريز،سال، 1970ع، ص،ڪ.
(4) ”محبوب علي چنا“، الحاج شاهنواز، ”مسافر“
سجاڳي ڪري جنهن ادب کي سڃاتو،
لڳو خوب محبوب تعليم کاتو،
(1) ادب ساڻ ٿيندو آ، اخلاق وارو
چنا بي لڳايو انهي ساڻ ناتو،
(2) ڏٺائين ته تعليم شعبو سچو آ،
علم جي آڪابر قدر خوب ڄاتو،
(3) ادب ڪوٺ محبوب کي ٿي ڏني جنهن،
سٺي جاءِ سمجهي اُتي پير پاتو،
(4) وٺي جو به رشوت ادب سو ڏئي ڇا،
چنا نينهن پنهنجو ادب ساڻ لاتو،
(5) چنا پاڻ ادبي رهاڻيون رَچايون،
هيوڪين صاحب نه گوُنگو نه ٻاتو،
(6) جيئن باغ مان ڀنؤرَ خوشبوَ کڻن ٿا،
اچي هِت به ڏنل خان ڏاتو،
(7) سدا شاعرن جي مٺي گفتگو آ،
”مسافر“ به آهي ادب لاءِ آتو.
(چؤسٽا)
(1) محبوب علي چنا وڌ خدمت ڪئي ادب ۾،
اولاد سان به بيحد شفقت ڪئي ادب ۾،
جهڙيءَ طرح پکين ۾ سڀ هنج ڪين ٿيندا،
لائق هيو ته پيدا عظمت ڪئي ادب ۾،
(2) وسري نٿو سگهي سو ڪردار جي سٺو آ،
تاريخ ٿو ٺهائي بيدار جي سٺو آ،
تعليم ساڻ نالو روشن ڪري سگهي ٿو،
محبوب علي چنا جو هر ٻار جي سٺو آ.
چنا صاحب، علمي ادبي خدمتن سان گڏ، تعليمي خدمتون به تمام گهڻيون سر انجام ڏنيون.انهن خدمتن جو اعتراف، هن شاعريءَ ۾، الحاج شاهنواز، مسافر ڪيو آهي. هن شاعريءَ ۾ مسافر، چنا صاحب کي برجستو آفيسر ۽ بي داغ انسان، همدردانه رويو رکندڙ ،بهترين ڪردار جو مالڪ، تعليم سان سڄي عمر مخلص رهيو، ۽ تعليم خاطر ئي سڄي سنڌ ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو.
(مٿيون نظم ۽ ٻه چؤسٽا، اڻ ڇپيل آهن)
ريڊيو پاڪستان تان گُفتگوءَ جي پروگرامن ۾ شموليت
چنا صاحب ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچي تان، تاريخ، ادب، ڳوٺاڻي ادب آرڪيالا جيڪل، شخصيتن،تعليم ۽ ثقافت تي گفتگوءَ جا پروگرام ڪيا. پاڻ ريڊيو تان جن موضوعن تي گفتگو ڪئي اهي هن ريت آهن:
(1) ”مڪليءَ جي ٽڪري“ (ڏهه ڳالهيون) پهرين ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، تان سيپٽمبر1953ع.
(2) ”مهين جو دڙو“ ( سيريز ) ، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ، 1954ع.
(3) ”مڪليءَ جون ڏهه ئي قسطون“، ماهوار”نئين زندگي“،56 -1955 ع جي پرچن ۾ شايع ڪيون ويون.
(4) ”سنڌ ۾ قديم ماڳ“ ، (سلسلو) ،ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، 1957ع.
(5) ”ڄام نظام الدين“، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد .
(6) ”واديءَ سنڌ جون افغان ۽ ترخانن جي دؤر ۾ ثقافتي حالتون“، ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد.
(7) ”انگريزن جي ڏينهن ۾ وادي سنڌ جون ثقافتي حالتون“، ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد.
(8) ”قائداعظم جي تقريب“، ريڊيو پاڪستان ، ڪراچي.
(9) ”اجمير جو سائين“ ، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد 1963ع.
(10) ”نظام المشائخ“ ( نظام الدين اوليا آف دهلي ) ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد ، 1964ع .
(11) ”خواجه غريب نواز جي تبليغ“ ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد ، 1964 .
(12) ”صرات مستقيم“، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد 1964 ع.
(13) ”مصري بار“ ريڊيو پاڪستان ، حيدر آباد ، 1964ع.
(14) ”عاشور جو ڏينهن ” ، ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد 1964ع.
(15) ”واديءِ سنڌ جو فارسي علمي سرمايو“، ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد 1964ع.
(16) ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ اسلامي قدر“،ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد 1965ع.
(17) ”شاهه جي بيتن جي شرح“ ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد، 1966ع.
(18) ”خواجه محمد زمان لنواري شريف وارو“ ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد-1966ع.
(19) ”شهادت حضرت علي“ ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد 1967ع.
(20) ”آرائش جو سامان“ ريڊيو پاڪستان، ڪراچي.
(21) ”منڇر ڍنڍ“ ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد 1967ع.
(22) ”منهنجو ٻاروتڻ “ ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد .
(23) ”المنصوره “ ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد .
(24) ”سنڌ ۾ ذاتي ڪتب خانا،“(اردو) ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد، 1972ع.
(25) ”سنڌ جا اوليا رح ڪرام“ ريڊيو پاڪستان، ڪراچي، 1972ع.
(26) ”پرهه ڦٽي“ ريڊيو پاڪستان، ڪراچي 1972.
(27) ”عمر بن محمد دائود پوٽا“، ريڊيو پاڪستان،حيدرآباد 1972ع.
(28) ”شيخ محمد عابد مدني“، ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد.
(29) ”سچل جو فارسي شعر“ ، ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد.
سيد اظهر گيلاني چنا صاحب سان پنهنجي پهرين ملاقات جي حوالي سان لکي ٿو ته: ” صاحب موصوف سان منهنجي پهرين ملاقات، علامه ڊاڪٽر محمد عمر دائود پوٽو جي دفتر واقع بندر روڊ، ڪراچي ۾ ٿي هئي، پاڻ ڪراچي ريڊيو اسٽيشن تي، وقت بوقت تقريرون ڪرڻ جي سلسلي ۾ ايندا هئا. ان وقت آءٌ ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي، سنڌي سيڪشن جو انچارج ۽ انائونسر هوندو هوس“ . (گيلاني، 1982ع، ص، 33 ،32)
حوالو
(1) گيلاني، اظهر،سيد : مضمون،”محبوب علي چنا جي ياد ۾“ ،”محبوب جي ياد ۾“ ،مرتب ،پروانو سيوهاڻي ، سرهاڻ ، پبليڪيشن ،سيوهڻ ، سال – 1982ع ، ص . 32 ، 33 .
*
پروفيسرمحبوب علي چنا جا لکيل ۽ کيس آيل جوابي يادگار خط
پروفيسر محبوب علي چنا پنھنجي دؤر جو نه رڳو ھر دل عزيز شخصيت ھو پر ڪيترن ئي سنڌ جي علمي ۽ ادبي سجاڻ شخصيتن سان خط و ڪتابت ذريعي علم و ادب متعلق سلسلو ھلندو رھندو ھون. سندن ان مشغلي کي تحقيق ڪندي ڪجھ اھڙي قسم جا خط به ھٿ ڪيا ويا آھن، جن مان چنا صاحب جي ڏاھپ، عقل ۽ محققانه راين بابت معلومات ملي ٿي.
I. پروفيسر محبوب علي چنا جو ھڪ خط شاعر رسالي متعلق شاعررسالي ۾شايع ٿيل آھي.
II. پرفيسر محبوب علي چنا صاحب ڏانھن ،سنڌ جي مختلف اديبن، عالمن ۽ شاعرن جي لکيل ھٿ اکر خطن جا عڪس شامل ڪيا ويا آھن.
نتيجا
(1) سنڌ جي سونهن ۽ سچ واري سرزمين هميشه پنهنجي ڪک مان دانشورن، اديبن، استادن ۽ تعليمي ماهرن کي جنم، ڏيندي رهي ٿي. انهن تعليمي ماهرن مان پروفيسر محبوب علي چنا به هڪ ٿي گذريو آهي، جنهن سنڌ جي تاريخي شهر سيوهڻ ۾ جنم ورتو.
(2) پروفيسر صاحب جي سوانح حيات ۽ علمي ادبي خدمتن جي حوالي سان تحقيق کانپوءِ اهي نتيجا سامهون آيا آهن ته ،جيڪو احوال اڳ هن شخصيت جي باري ۾ ترتيب ۾ نه هو ،اهو هاڻي باترتيب تحقيق واري انداز ۾ هڪ جاءِ گڏ ڪيو ويو آهي. جيئن سندس تحقيقي مواد وڌيڪ ڪارائتو ثابت ٿئي.
(3) اڳ هن شخصيت جي باري ۾ خصوصي طور ڪوبه تحقيقي ڪم نه ٿيل هو، تنهنڪري مون ان ڪميءَ کي محسوس ڪندي، هن شخصيت جي باري ۾ تحقيقي مواد گڏ ڪيو، ته جيئن چنا صاحب جي علمي، ادبي خدمتن ۽ تحقيق جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ چنا صاحب تي تحقيق ڪندڙ محققن لاءِ نيون راهون کلن، جنهن ۾ سندس ادبي خدمتن جي لاڙن ۽ رجحانن جو تعين ڪرڻ آسان ٿئي.
(4) هن تحقيقي مقالي ذريعي، ويهين صديءَ جي دؤر سان تعلق رکندڙ علمي ۽ ادبي شخصيتن جي ڄاڻ ملندي، ۽ ويهين صديءَ جي هن عظيم شخصيت جي عالمانه زندگي جا مختلف پهلو چٽيءَ طرح ايندڙ نسل تائين پهچي سگهندا.
(5) تاريخ جي سونهري ورقن کي اٿلائيندي ايندڙ نسل جڏهن ويهين صديءَ جي هن تاريخي گمنام شخصيت جي حالات زندگي جو مطالعو ڪندو، تڏهن کين اهو احساس ٿيندو ته سيوهڻ جي چنا خاندان ۾ پيدا ٿيل هي عظيم فرزند نه رڳو سيوهڻ پر پوري سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن ۽ محفلن جي جان رهيو ۽ ڪيترن ئي اعزازن ۽ تمغن حاصل ڪرڻ بعد به کيس علم حاصل ڪرڻ جي جيڪا ازلي اُڃ هئي سا نه لٿي ۽ هو آخري دم تائين علم جي تلاش ۾ سرگردان رهيو ۽ علم جي روشني ۽ ان جي پرنور ڪرڻن سان ئي پنهنجي اندر جي آواز کي ايترو ته صاف ڪري ڇڏيو، جو سندس علمي شخصيت هميشه همعصرن ۽ شاگردن مٿان نمايان رهي.
(6) چنا صاحب جي شخصيت يا انجي ادبي خدمتن تي تحقيق ڪرڻ سان نه صرف ان شخصيت جي علمي، ادبي ۽ سماجي ڪارنامن جي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي، پر انجي ادبي ڪارنامن جي ڪري ادبي دنيا ۾ سندس ٻولي ۽ ادب ۾ جيڪو مقام رهي ٿو، تنهن کي پرکڻ ۽ پروڙڻ جو موقعو ملندو، ۽ نه صرف انجي علمي ۽ ادبي ڪارنامن کي ڇنڊي ڇاڻي ان مان نتيجا ڪڍي پيش ڪيو وڃي ٿو، پر ان سان گڏ ان دؤر جي تاريخ ۽ تهذيب، سياسي ۽ سماجي حالتون پڻ اجاگر ٿين ٿيون.
(7) چنا صاحب هڪ محنتي ۽ اڻ ٿڪ انسان هو، هو محقق، نقاد، اديب، مؤرخ ۽ سوانح نگار هئڻ سان گڏ مختلف عهدن تي رهي بهترين خدمتون سرانجام ڏنيون انڪري سندس زندگيءَ جي بيشمار تجربن ۽ مشاهدن کي به پڙهندڙن آڏو آڻجي ته جيئن اهي نئين نسل جي واٽ ۾ لاٽ جو ڪم ڏين.
(8) سندس تحقيقي تاريخي ۽ ادبي مقالن، تصنيفن ۽ تاليفن کي سنڌي ادب ۾ هڪ وڏو مقام حاصل آهي. پاڻ سنڌي زبان ۽ ادب ۾ انهن جو هڪ وڏو قيمتي ذخيرو ڇڏيو اٿن، اهي مقالا، تصنيفون ۽ تاليفون اڪثر سنڌ جي تاريخ، ثقافت، مشاهيرن ،عالمن، شاعرن ۽ صوفي بزرگن جي حالات زندگي ۽ تذڪرن سان تعلق رکن ٿيون هڪ محقق جي حيثيت ۾ چنا صاحب جو مرتبو نهايت بلند هو، کيس سنڌ جي مشاهيرن جي حالات زندگي جي ترتيب ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ۾ وڏو درڪ حاصل هو. سندس تصنيفن ۽ تاليفن کي مطالعو ڪرڻ سان هر ڪو اهلِ علم سندس تبحر علمي وسعت نظري، وسيع مطالعي اصول انتقاد ۽ اصول تنقيد جو دل سان داد ڏيئي ٿو. ۽ علمي، ادبي حوالي سان سندس اهڙا ڪاناما آهن. جيڪي چنا صاحب جي شخصيت ۽ فن کي هميشه لاءِ زنده ۽ قائم رکن ٿا.
(9) سندس لکيل مقالن ۽ مضمونن ۾ جيڪو تحقيقي مواد موجود آهي، اهو پنهنجي جاءِ تي (source material ) جي حيثيت رکي ٿو، جيڪو اڳتي هلي ايندڙ وقت جي محققن لاءِ ڪارآمد ثابت ٿيندو.
(10) اهڙيءَ ريت هيءَ ٿيسز هر پڙهندڙ جي دلچسپيءَ جو باعث رهندي، جنهن جو اندازو خود پڙهندڙ ئي ڪري سگهندا. هن تحقيقي مقالي مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته، پروفيسر چنا صاحب خود به، نه رڳوهڪ محنتي ۽ قابل درس و تدريس ۾ پاڻ ملهايو، پر هن ادب جي ميدان ۾ به تحسين جوڳي جاکوڙ ڪئي، جنهن کي ڪڏهن به ادبي دنيا وساري نه سگهندي.
(11) هن تحقيقي مقالي مان هيءَ به ڄاڻ ملندي ته، محبوب صاحب شروع کان وٺي آخر تائين ڪهڙن ڪهڙن تعليمي ادارن سان منسلڪ رهيا ۽ شهباز قلندر جي عرس مبارڪ جي حوالي سان ادبي ڪانفرنسن ۽ ميلا ڪاميٽي جي خدمتن جي حوالي سان مڪمل ڄاڻ حاصل ٿيندي.
(12) چنا صاحب پنهنجي دؤر جو هڪ جاکوڙي محقق ۽ مؤرخ به رهيو هو، هن تحقيقي مقالي مان سندس لکيل تاريخي حوالا ۽ تاريخي تحقيق جي به ڄاڻ ملندي.
(13) مطلب ته ،چنا صاحب هڪ سٺي عالم ۽ اديب سان گڏوگڏ باشعور، با اخلاق ۽ کليو ذهن رکندڙ باڪردار انسان هو. جنهن سان ڪوبه شخص هڪ دفعو ملڻ بعد سڄي زندگي وساري نٿو سگهي. اهڙي طرح سان هن تحقيقي مقالي مان سندس اعليٰ خصوصيتن جي به ڄاڻ ملندي.
(14) پروفيسر محبوب علي چنا پنهنجي محنت ۽ جدوجهد سان جيڪو قلمي خزانو خاص ڪري سنڌي ادب کي ڏنو آهي، اهو تاريخ جو هڪ حصو آهي ۽ هميشه رهندو. جنهن مان ڪيترائي نسل علمي ڄاڻ ۽ رهنمائي حاصل ڪندا رهندا، ۽ جنهن محنت سان پاڻ سنڌي ادب، تاريخ، ثقافت، آثار قديمه وغيره تي ڪم ڪيو اٿن ۽ جيڪا تحقيق ڪئي اٿن، ان جو فائدو نه صرف موجوده زماني ۾ بلڪ آئينده جي نسلن لاءِ رهنمائي جو هڪ پيچرو بنبو.
(15) پروفيسر صاحب جهڙيون شخصيتون، هر روز پيدا نه ٿينديون آهن، جنهن جي علمي ۽ ادبي ڪارنامن جي روشني مهراڻ جي ماٿريءَ کي سدائين روشن رکندي ۽ جنهن جي چڱن لڇڻن جي سڳنڌ وطن عزيز جي ڪنڊ ڪڙڇ کي سرهاڻ بخشيندي رهندي ۽ هن عظيم شخصيت جا ادبي شہ پارا، علمي ،ادبي تحقيقون ۽ زندگي جا سبق آموز تجربا ايندڙ نسل لاءِ مشعل - راهه جو ڪم ڏيندا.
ببليو گرافي
سنڌي ڪتاب :
بنيادي ماخذ :(Primary Sources)
(1) امين، محمد، مخدوم: ”ڪليات امين“، مرتب، پروفيسر، محبوب علي چنا، ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيون، سال، 1990ع -
(2) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مؤلف، ”لطيفي لنؤ“، بزم لطيف، حيدرآباد، گورنمينٽ ڪاليج، سال، 1951ع –
(3) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مؤلف، ”ڪچڪول طالب الموليٰ، بزم سروري، هالا، سروري اسلاميه ڪاليج، سال، 1955ع –
(4) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مرتب، ” مسلمانن جي شاديءَ جو قانون“، حيدرآباد: شيخ پبليڪيشن گدو روڊ، سال ،1961ع -
(5) چنا، محبوب علي، پروفيسر: ”سرمست درازي“ ، حيدرآباد: سچل سرمست ڪاليج، سال ،1964ع-
(6) چنا، محبوب علي، پروفيسر: ”هڪ شخصيت ٻه پهلو“، حيدرآباد: اداره صالح سيريز سال،1972ع –
(7) چنا، محبوب علي ، پروفيسر: ”سنڌي ادب جا مختلف رحجانات“، اداره ، صالح سيريز ، لطيف آباد، حيدرآباد ، سال، 1974ع -
(8) چنا، محبوب علي، پروفيسر: ”اسلامي تاريخ جو مطالعو “، حيدرآباد: اداره صالح سيريز، سال، 1975ع - چنا، محبوب علي، پروفيسر: ”مخدوم قلندر لعل شهباز مرندي“، سيوهڻ، قلندر شهباز ميموريل ڪاميٽي، سال، 1977ع –
(9) چنا، محبوب علي، پروفيسر: ”مخدوم نوح سروررح جا سهيوڳي“، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ ، ڇاپو ٻيو سال ،2005ع -
(10) چنا، محبوب علي، پروفيسر: ”سنڌي تهذيب جي تاريخ“، (اڻ ڇپيل ڪتاب)
(11) چنا، محبوب علي، پروفيسر: ”سنڌي رسم الخط جي ارتقائي تاريخ“ ،(اڻ ڇپيل ڪتاب)
(12) چنا، محبوب علي، پروفيسر: تذڪرو، ”يادِ اقبال“ (اڻ ڇپيل ڪتاب )، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، لائبريري.
(13) سيوهاڻي، محمد پريل، سولنگي: ”گلزار قلندر“، حيدرآباد: قلندر شهباز اڪيڊمي، سال ،1972ع -
(14) سيوهاڻي، پروانو، مرتب، ”محبوب جي ياد ۾“، سيوهڻ، سرهاڻ، پبليڪيشن، سال ، 1982 ع –
(15) نورل، نور محمد شاهه، ”ڪليات نورل“، مرتب، پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد، اداره، صالح سيريز، سال، 1970 ع –
ثانوي ماخذ :(Secondary Sources)
(1) آڏواڻي، ڪلياڻ، پروفيسر: مقالو، ”سرسهڻي“، ”لطيفي لنؤ“، مؤلف، پروفيسر محبوب علي چنا حيدرآباد: بزم لطيف، گورنمينٽ ڪاليج، سال، 1951ع -
(2) احمد، مخدوم امير، مولوي: مضمون، ”قلندر لعل شهباز“، ”ضياءُ القلندر“ ، مرتب، پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد: شهباز ميموريل ڪاميٽي، سال، 1965ع -
(3) بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر: مقالو، ”شهر سيوهڻ ۽ علائقي سيوستان جي قديم تاريخ“ ڪينجهر (تحقيقي جنرل) ايڊيٽر، ڊاڪٽر، نور افروز خواجه، شمارو، ٻارهن، سنڌي شعبو، ڄامشورو، سنڌ يونيورسٽي، سال ، 2009ع -
(4) بلبل، ضياءُ الدين، ايس: مقالو، ”فلسفهء قلندريه ۾ مستيءَ جو تصور“، ”نذرِشهباز“ مرتب، پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد: محڪمه اطلاعات، مغربي پاڪستان، سال ،1963ع
(5) بلبل، ضياءُالدين، ايس: مقالو، ”ضياءُ القلندر“، مرتب پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد: شهباز ميموريل ڪاميٽي، سال ،1965ع -
(6) بلبل، ضياءُالدين، ايس: ”ضياءُالشهباز“ ،مرتب، پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد: قلندرشهباز، اڪيڊمي، ڇاپو پهريون، سال ،1966ع -
(7) بيگ، مرزا قليچ: ”قديم سنڌ ۽ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“ ، ڇاپو ڇهون، ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ، سال، 2005ع -
(8) ڀٽي، زيب، پروفيسر: مضمون، ”قلندر جي شعر جي تحقيق“، ”سيوهاڻي بادشاهه“، مرتب، پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد: قلندرشهباز ، اڪيڊمي، سال، 1972ع -
(9) پير، مظهرالحق: مضمون، ”ويچار“ ،”محبوب جي ياد ۾“، مرتب، پروانو سيوهاڻي، سيوهڻ: سرهاڻ پبليڪيشن، سال 1982ع -
(10) جوتواڻي، موتي لعل، ڊاڪٽر: مقالو، ”شاهه لطيف سائين سراپا سنڌيت هو“، ”اگهياسٽ سنڌا “ ، مرتب، ڊاڪٽر، نورافروز خواجه، شاهه لطيف ريسرچ سيل، سنڌي شعبو، ڄام شورو، سنڌ يونيورسٽي، سال 2007ع -
(11) جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر: مقالو، ”پروفيسر محبوب علي چنا شخصيت ۽ ادبي خدمتون“، ”علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ سندس همعصر عالم ۽ اديب“، مرتب، ڊاڪٽر قاضي خادم، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، چيئر، ڄام شورو، سنڌ يونيورسٽي ، سال ،2007ع -
(12) جتوئي، علي نواز، پروفيسر: مقالو، ”شاهه جي رسالي ۾ توحيد جو مفهوم“، ”لطيفي لنؤ“، مؤلف: پروفيسر محبوب علي چنا ،حيدرآباد: بزم لطيف، گورنمينٽ ڪاليج، سال ،1951ع
(13) جيلاني، قائم علي شاهه، سيد: ”مهاڳ“ قطب قلندر، مرتب، حافظ محمد احسن چنا، سوڌيندڙ، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، سنڌ پرنٽنگ، پريس اڪال ڀونگالين، سال ،1973ع -
(14) چنا، محبوب ، 1974ع -
(15) چنا، محبوب علي، پروفيسر: ” سنڌي ادب جا مختلف رجحانات“ ، اداره صالح سيريز، لطيف آباد، حيدرآباد، سال 1974ع -
(16) چانڊيو، خادم حسين: مرتب، ”مارو جي ملير جا“، حيدرآباد: گنج بخش، ڪتاب گهر، سال ،05-2004ع -
(17) چنا، پروين: مضمون، ”جي جيءَ کي جيارين“ ، رسالو مهراڻ، ايڊيٽر، امداد حسيني، جلد: 27، نمبر، 1، جنوري، فيبروري، مارچ، سال ،1978ع -
(18) چنا، عبدالله: مضمون ، ”محبوب جي ياد “ ،مرتب، پروانو سيوهاڻي، سيوهڻ: سرهاڻ پبليڪيشن، سال 1982ع -
(19) چنا، محبوب علي، پروفيسر: ديباچو، ” ڪليات امين“ ، مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ ڇاپو ٻيو، سال ،1990ع -
(20) چنا، محبوب علي، پروفيسر: ديباچو، ”ڪليات نورل“ ، مرتب، پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد: اداره صالح سيريز سال ،1970ع -
(21) چنا، محبوب علي، پروفيسر: ديباچو، ” ڪچڪول طالب الموليٰ“، مؤلف، محبوب علي چنا، سيوهاڻي، بزم سروري، هالا سروري، اسلاميه ڪاليج، سال 1955،ع -
(22) چنا، محبوب علي پروفيسر: مقدمه، ”لطيفي لنؤ“،مؤلف، پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد: بزم لطيف، گورنمينٽ ڪاليج، سال، 1951ع -
(23) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقالو ” شاهه صاحب جو شعر ۽ ان جي اشاعت“ ، ” لطيفي لنؤ“ ، مؤلف، پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد: ” بزم لطيف“ ،گورنمينٽ ڪاليج، سال ،1951ع -
(24) چنا، محبوب علي پروفيسر: اظهار محبوب، ”گلزار قلندر“ ، مصنف، محمد پرَيل سولنگي، سيوهاڻي، سنواريندڙ، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد: قلندر شهباز اڪيڊمي، سال ،1972ع -
(25) چنا، محبوب علي، پروفيسر: ٻه اکر، ”قلندرنامو سنڌي“، مصنف، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، سهيڙيندڙ، پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد، قلندر شهباز، اڪيڊمي ڇاپو ٻيو، جولاءِ 1972ع -
(26) چنا، محبوب علي، پروفيسر: اظهار محبوب، ”قطب قلندر“، مرتب، حافظ محَمد احسن چنا، سوڌيندڙ، پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد: سنڌ پرنٽنگ پريس اڪال ڀونگالين، سال 1973،ع -
(27) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون، ” ميلي جو اکين ڏٺو احوال“ ،” نذرِ شهباز“ مرتب، پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد: محڪمه اطلاعات، مغربي پاڪستان، سال ،1963ع .
(28) چنا، محبوب علي، پروفيسر: ” ٻه اکر“ ، ” ضياءُ القلندر“ ، مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد: قلندر شهباز ميموريل ڪاميٽي، سال،1965ع -
(29) چنا، حافظ محمد،احسن: نظم، قلندر شهباز ( مستزاد)، ” ضياءُ القلندر“ ، مرتب، پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد ،قلندر شهباز ميموريل ڪاميٽي، سال ،1965ع -
(30) چنا، محبوب علي، پروفيسر: ٻه اکر، ”سردار قلندر“ ، مرتب، پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد: شهباز ميموريل ڪاميٽي، سال ،1967ع -
(31) چنا، حافظ محمد، احسن: نظم، ”ستاره منور قلندر“، ”سيوهاڻي بادشاهه“ مرتب، پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد، قلندر شهباز، اڪيڊمي، سال ،1972ع -
(32) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقدمو، ”ايسپ جون آکاڻيون“ ، مترجم، ديوان ننديرام ميراڻي سيوهاڻي، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو چوٿون، سال، 2005ع -
(33) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقدمو، ” تاريخ ريگستان“ ، ڀاڱو ٻيون، مصنف، رائچند، هريجن، ڄام شورو سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيون، سال ، 1988ع -
(34) چنا، محبوب علي، پروفيسر: ديباچو، ”اسلامي تاريخ جو مطالعو“ ، مصنف، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد: اداره صالح سيريز، سال،1975ع -
(35) چنا، محبوب علي ، پروفيسر: ديباچو، “ هڪ شخصيت ٻه پهلو“ ، مصنف، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، اداره صالح سيريز سال ، 1972ع -
(36) چنا، محبوب علي، پروفيسر: ديباچو، ”ڪليات نورل“ ، سيد نور محمد شاهه نورل، مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد ، اداره صالح سيريز سال ، 1970ع -
(37) چنا، محبوب علي، پروفيسر: ديباچو، ”ڪليات امين“، مخدوم امين، محمد ثالث، عرف ” پکن ڌڻي“ مرتب، پروفيسر، محبوب علي چنا، ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيو سال ، 1990ع -
(38) چنا، محبوب علي، پروفيسر: پيش لفظ، ” ياد رفتگان“ ، مصنف، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، هالا طالب الموليٰ، اڪيڊمي، سال ، 1953ع -
(39) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون، ”سنڌ جا عوامي گيت، ڪافيون“، ماهوار رسالو، ”نئين زندگي“ ، جلد: 7، نمبر: 3، ايڊيٽر، عبدالواحد سنڌي، ڪراچي: پاڪستان پبليڪيشن، مارچ 1954ع -
(40) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون، ”سنڌي لوڪ گيت- وايون“ ، ماهوار رسالو“ نئين زندگي”، جلد : 11، نمبر: 12، ايڊيٽر، عبدالواحد سنڌي، ڪراچي: پاڪستان پبليڪيشن، ڊسمبر 1958ع -
(41) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقالو، ”واديءَ سنڌ جو فارسي علمي سرمايو“، ماهوار رسال، ”نئين زندگي“، جلد: 22، نمبر: 7، ايڊيٽر عبدالواحد سنڌي، ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشن، جولاءَ 1969ع -
(42) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقالو، ”سچل سرمست جا دوها“، ماهوار رسالو ،”نئين زندگي“، جلد: 20، نمبر 2 ، ايڊيٽر شمشيرالحيدري، ڪراچي: پاڪستان پبليڪيشن ڊسمبر 1967ع.
(43) چنا، محبوب عل، پروفيسر: مضمون، ” دادو ضلعي جا عوامي عرس ۽ ميلا“، ماهوار رسالو، ”نئين زندگي“، ايڊيٽر شمشيرالحيدري ڪراچي: پاڪستان پبليڪيشن، آگسٽ، سيپٽمبر 1970ع -
(44) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقالو، ”لطف اللطيف تي هڪ نظر “ ، ماهوار رسالو، ”نئين زندگي“ جلد: 5، نمبر: 11، ايڊيٽر،عبدالواحد سنڌي ڪراچي: پاڪستان پبليڪيشن نومبر 1952ع -
(45) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقالو، : ” شاهه صاحب جا سوانح نگار“ ، يادِ لطيف، ايڊيٽر، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، حيدرآباد: شاهه عبداللطيف، يادگار ڪميٽي سال 53- 1952ع -
(46) چنا، محبوب علي،پروفيسر: مقالو، ”ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ سندن همعصرن ڏانهن اشارا“، ماهوار رسالو، ” نئين زندگي“ جلد: 16، نمبر: 7، ايڊيٽر عبدالواحد سنڌي ڪراچي: پاڪستان پبليڪيشن جولاءِ 1963ع -
(47) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقالو، ”شرح لطيفي“، ماهوار رسالو،” نئين زندگي“ جلد: 21، نمبر: 5، ايڊيٽر، شمشيرالحيدري ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشن، مئي 1968ع -
(48) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقالو،” شاهه لطيف جا قصا“ ، امرتا، ”شاهه لطيف نمبر“ مرتب، فقير محمد ڍول، شمارو، 100، ڍول فقير، فائونڊيشن، سنڌ سال ، 2011ع -
(49) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون، ” اخلاقيات“ ، ”سروري مخزن“ هالا: سروري اسلاميه ڪاليج، سال 60- 1959ع -
(50) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون، ”پاڻ سڳورن جو مخالفن سان سلوڪ“ ماهوار رسالو، ” نئين زندگي“ جلد: 16، نمبر: 8، ايڊيٽر، عبدالواحد سنڌي، ڪراچي: پاڪستان پبليڪيشن آگسٽ 1963ع -
(51) چنا، محبوب علي پروفيسر: ”مرثيو“ ، ”جيجل جي جهوري“ ماهوار رسالو ”نئين زندگي“ جلد 8 نمبر 11 ايڊيٽر عبدالواحد سنڌي ڪراچي پاڪستان پبليڪيشن نومبر 1955ع -
(52) چنا، محبوب علي پروفيسر: ”نعت شريف“، ”سروري مخزن“ هالا ، سروري اسلاميه ڪاليج. سال 60-1959ع -
(53) چنا، محبوب علي پروفيسر: ”ابيات“، ڪليات امين، مخدوم امين، محمد ثالث عرف پکن ڌڻي مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ ڇاپو ٻيو سال ، 1990ع -
(54) چنا، محبوب علي پروفيسر: نظم، ”قلندر تنهنجي نگريءَ ۾“، قطب قلندر، مرتب حافظ محمد احسن چنا، سوڌيندڙ، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد قلندر لعل شهباز ، ثقافتي ادبي ڪاميٽي سال 1973ع -
(55) چنا، محبوب علي پروفيسر: ”شعر“ ،سردار قلندر، مرتب، پروفيسرمحبوب علي چنا سيوهڻ، قلندر شهباز ميموريل ڪاميٽي، سال ، 1967ع -
(56) چنا، محبوب علي پروفيسر: تعارف ،رساله بزم لطيف، لطيف نمبر جلد 1، نگران پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد گورنمينٽ ڪاليج، سنڌ سال، 49-1948ع -
(57) چنا، محبوب علي پروفيسر: ”مڪلي ٽڪريءِ جو سير“، سهڙيندڙ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ ڇاپو ٻيو، سال، 2005ع -
(58) چنا، محبوب علي پروفيسر: مقالو ،” خدا آباد ثالث“، سه ماهي ”مهراڻ“، جلد 4 نمبر 4 ايڊيٽر، محمد ابراهيم جويو، ڄام شورو سنڌي ادبي بورڊ، سال ، 1955ع -
(59) چنا، محبوب علي پروفيسر: مضمون، ”ميرپور بٺورو“، ٽماهي ”مهراڻ“ ، جلد 11 نمبر 1 ايڊيٽر غلام محمد گرامي، ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ ، جنوري، فيبروري، مارچ ، 1962ع -
(60) چنا، محبوب علي پروفيسر: مقالو،”سنڌ جا قديم تختگاهه“ ماهوار رسالو، ”نئين زندگي“ (سنڌ نمبر) ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشن جون، جولاءِ ، 1970ع -
(61) چنا، محبوب علي پروفيسر: مقالو ،”سنڌو ماٿر جا اصل باشندا دراوڙ هئا“، سه ماهي “مهراڻ”، جلد: 22، نمبر: 4 ايڊيٽر، غلام محمد گرامي، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ آڪٽوبر، نومبر، ۽ ڊسمبر 1973ع -
(62) چنا، محبوب علي پروفيسر: مضمون،”اقبال جي ياد ۾ ”ماهوار رسالو،“ نئين زندگي”جلد: 6، نمبر: 4، ايڊيٽر عبدالواحد سنڌي، ڪراچي ،پاڪستان پبليڪيشن، اپريل، 1953ع -
(63) چنا، محبوب علي پروفيسر: مقدمو، ”طالب الموليٰ جي سوانح حيات ۽ شعر و شاعري“ ، ڪچڪول طالب الموليٰ، مؤلف ،پروفيسر محبوب علي چنا، هالا: بزم سروري، سنڌي سروري اسلاميه ڪاليج، سال ، 1955ع -
(64) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقالو، ” شاهه شهيد صوفي“ ، ماهوار رسالو، ”نئين زندگي“، جلد: 10، نمبر: 2 ، ”شاهه شهيد نمبر“، ايڊيٽر، عبدالواحد سنڌي، ڪراچي: پاڪستان پبليڪيشن ،فيبروري، 1957ع
(65) چنا، محبوب علي، پروفيسر : مضمون، ” مرحوم ادو ضياءُ الدين بلبل“ ، ماهنامو ”نئين زندگي“ ، جلد: 19، نمبر: 12 ، ايڊيٽر، عبدالواحد سنڌي، ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشن، ڊسمبر، 1966ع -
(66) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون، ”مرڪندڙ مير“ ، ماهوار رسالو، ”نئين زندگي“، جلد : 20، نمبر: 11، ايڊيٽر، شمشيرالحيدري، ڪراچي: پاڪستان پبليڪيشن، نومبر ، 1967ع -
(67) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون، ”خواجه محمد زمان رح“، ماهوار رسالو ، ”نئين زندگي“ جلد: 21، نمبر: 3 ، ايڊيٽر ، شمشير الحيدري، ڪراچي: پاڪستان پبليڪيشن، 1968ع -
(68) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون، ”سَيبَويه بن اسماعيل القزداري“، سه ماهي، ”مهراڻ“ جلد : 17، نمبر:1، ايڊيٽر ، غلام محمد گرامي ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ، سال ، 1968ع -
(69) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون، ”علي بخش رضا“، ( شاعر نمبر) سه ماهي، ”مهراڻ“ جلد: 18، نمبر، 2، ايڊيٽر ، غلام محمد گرامي ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ، سال، 1969ع -
(70) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقالو، ” ابو القاسم فردوسي طوسي“، سہ ماهي رسالو، ”مهراڻ “ جلد: 19، نمبر : 1، 2 ايڊيٽر غلام محمد گرامي ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ، سال، 1970ع -
(71) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون، ”مخدوم بلال رح “ ،ماهوار رسالو ،” الرحيم“ جلد: 4، نمبر: 5 ، ايڊيٽر، غلام مصطفيٰ قاسمي حيدرآباد: شاهه ولي الله، اڪيڊمي، نومبر ، 1972ع -
(72) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون، ” هالن پراڻن جا ٻه مرحوم بزرگ “، ماهوار رسالو ،” الرحيم“ ، جلد: 4، نمبر: 5، ايڊيٽر غلام مصطفيٰ قاسمي، حيدرآباد: شاهه ولي الله، اڪيڊمي، نومبر، 1972ع -
(73) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون، ”چند گهڙيون - چند يادون“ ماهنامو، ”نئين زندگي“ جلد: 29، نمبر: 9، ايڊيٽر شمشيرالحيدري، ڪراچي: پاڪستان پبليڪيشن، سيپٽمبر، 1976ع -
(74) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون، ”ڊاڪٽر محمد انور شيخ ، ماهوار رسالو، ”نئين زندگي“ ، جلد: 30، نمبر : 5،4 ايڊيٽر،ڪفيل احمد، ڪراچي: پاڪستان پبليڪيشن، اپريل - مئي 1977ع -
(75) حسين، محمود، ڊاڪٽر: پيش لفظ ،”سنڌي ادب جا مخلتف رجحانات“، مصنف پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد: اداره صالح سيريز، سال ، 1974ع -
(76) حسيني، قطب علي، سيد: مهاڳ، ” قلندر نامو سنڌي“، مصنف، مرحوم حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، سهيڙيندڙ، پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد : قلندر شهباز، اڪيڊمي،ڇاپو ٻيو ، جولاءِ 1972ع -
(77) خاڪي: مضمون،”سنڌ جا پهريان مسلمان“، سنڌ آزاد نمبر، الوحيد ڇاپو ٻيو، سيپٽمبر ، 1979ع -
(78) خليق، ايم صالح: اظهار صالح ،”هڪ شخصيت ٻه پهلو“، مصنف، پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد، اداره صالح سيريز،سال، 1972ع
(79) خليق، ايم صالح: اظهار صالح ، ”ڪليات نورل“ ، مرتب، پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد ، اداره صالح سيريز، سال ، 1970ع -
(80) خواجه، اسماعيل، ايس: ٻه اکر، ”نذرِ شهباز“، مرتب، پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد: محڪمه اطلاعات، مغربي پاڪستان ، سال ، 1963ع
(81) خان، صاحب، مسرور حسين: نذرانهء عقيدت، ”سردار قلندر“، مرتب، پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد: قلندر شهباز ، ميموريل ڪاميٽي، سال ، 1967ع -
(82) دائود پوٽو، محمد علي: مقالو، ”علم تصوف ۽ قلندر شهباز سيوهاڻي“، ”ضياءُ القلندر“ مرتب، پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد قلندر شهباز، ميموريل، اڪيڊمي، سال، 1965ع -
(83) دادوي، غلام مصطفيٰ، مولوي : مضمون ،”حضرت شهباز قلندر ۽ خواجه منصور “، ”ضياءُ القلندر“، مرتب، پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد: شهباز ميموريل، اڪيڊمي، سال ، 1965ع -
(84) دائود پوٽو، محمد علي: ”پرينءَ جي پانڌيئڙي کي خطاب“، ”سردار قلندر“، مرتب، پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد قلندر شهباز، ميموريل ڪاميٽي، سال ، 1967ع
(85) دادوي، غلام مصطفيٰ، مولانا: مضمون، ”حضرت قلندر شهباز جي تعليم“، ”سيوهاڻي بادشاهه“، مرتب پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد، قلندر شهباز اڪيڊمي، سال ، 1972ع -
(86) دائود پوٽو، محمد علي: مضمون، ”ڌمال“ ، ”سيوهاڻي بادشاهه“ ، مرتب، پروفيسر ، محبوب علي چنا، حيدرآباد: قلندرشهباز ميموريل اڪيڊمي، سال ، 1972ع -
(87) راهي، اسحاق: قطعه، ”سنسار جو محبوب هو“، ”محبوب جي ياد ۾“، مرتب، پروانو سيوهاڻي، سيوهڻ: سرهاڻ پبليڪيشن سال ،1982ع -
(88) سيوهاڻي، غلام حيدر، سولنگي: مضمون، ”لعل ڪنوار“، ”سيوهاڻي بادشاهه“، مرتب، پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد: قلندر شهباز، اڪيڊمي سال ،1972ع -
(89) سومرو، غلام قادر، ڊاڪٽر: ”سنڌي ٻٽن لفظن جي لغت“، ڪراچي، ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ، سال ، 1996ع -
(90) سيوهاڻي، ساغر: نظم، ”سؤ سؤ سلام منهنجا“، ”محبوب جي ياد ۾ “ ، مرتب، پروانو سيوهاڻي، سيوهڻ: سرهاڻ پبليڪيشن، سال ،1982ع -
(91) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر: ٻه اکر ،”مڪلي ٽڪريءَ جو سير“، مصنف، پروفيسر، محبوب علي چنا، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيو، سال ،2005ع -
(92) سيوهاڻي، ٻرڙو، خير محمد: ”سيوهڻ صدين کان“، مراد، پبليڪشنز، سيوھڻ سال 2009ع -
(93) شيدائي، مولائي، رحيمداد: ”جنت السنڌ“ ،ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيو، سال ،1985ع -
(94) شيخ، سليمان، ڊاڪٽر: مضمون، ”سائين محبوب چنا جي ياد ۾“. ”محبوب جي ياد ۾“ مرتب، پروانو سيوهاڻي، سيوهڻ، سرهاڻ، پبليڪيشن، سال ،1982ع -
(95) شاهه، ڏنل، سيد: مضمون، ” قلندر لعل شهباز جي عظمت“، ”ضياءُ القلندر“ مرتب، پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد: شهباز ميموريل ڪاميٽي، سال ، 1965ع -
(96) شاهه،احمد، سردار،سيد: سنهيو، ”سردار قلندر“ مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد: شهباز ميموريل ڪاميٽي: سال ،1967ع -
(97) صحراحي، تاج؛ مضمون، ”حضرت عثمان سيوهاڻي“، ” ضياءُالقلندر“، مرتب پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد: شهباز ميموريل ڪاميٽي، سال ،1965ع -
(98) طالب الموليٰ، محمد زمان، مخدوم: پيش لفظ، ”ڪليات امين“، مرتب،پروفيسر، محبوب علي چنا، ڄامشورو سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيو، سال ،1990ع -
(99) طالب الموليٰ، محمد زمان، مخدوم: نظم، ”مبارڪ“، ”سردار قلندر“، مرتب، پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد، قلندر شهباز، ميموريل، ڪاميٽي، سال ، 1967ع
(100) عباسي، مس- ايم اي : مقالو، ” شاهه صاحب جا حياتيءَ جي راز بابت تاثرات “، ”لطيفي لنؤ“ ، مؤلف، پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد، بزم لطيف، گورنمينٽ ڪاليج، سال ،1951 ع -
(101) علوي، هدايت علي، علامه: نظم، ”قلندر سخي لعل شهباز آ“، ” قطب قلندر“ مرتب، حافظ، محمد احسن چنا، سوڌيندڙ، پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد: سنڌ پرنٽنگ پريس، اڪال ڀونگا لين سال 1973ع -
(102) قاسمي، مولانا، پروفيسر: مقالو، ”علم ۽ عرفان جو آفتاب“ ، ”سيوهاڻي بادشاهه“ ، مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد: قلندر شهباز، اڪيڊمي، سال ،1972ع -
(103) قانع، مير علي شير: ”تحفته الڪرام“، مرتب، ڊاڪٽر نبي خان بخش بلوچ، ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ڇهون، آگسٽ ،2011ع -
(104) قاسمي، غلام مصطفيٰ، علامه: مقدمه، ”هڪ شخصيت ٻه پهلو“، مصنف، پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد، اداره صالح سيريز، سال ، 1972ع -
(105) قريشي، عبدالرحمان، ڊاڪٽر: ”سروري خاندان جون علمي، ادبي ۽ ديني خدمتون“ (پي. ايڇ. ڊي) ٿيسز، ڄام شورو، ريسرچ لائبريري، آنسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سال ، 1977ع -
(106) گيلاني، اظهر سيد: مضمون، ” محبوب علي چنا جي ياد ۾“ ، ”محبوب جي ياد ۾“، مرتب، پروانو سيوهاڻي، سيوهڻ: سرهاڻ پبليڪيشن، سال، 1982ع -
(107) گرامي، غلام محمد، مولانا: مقدمه، ” اسلامي تاريخ جو مطالعو“ ، مصنف ،پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد: اداره صالح سيريز، سال ، 1975ع -
(108) گرامي، غلام محمد، مولانا: تبصرو ، مهراڻ رسالو، جلد: 16، نمبر: 4، ايڊيٽر ، غلام محمد گرامي، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، سال ،1967ع -
(109) گرامي، غلام محمد، مولانا: مقالو، ”قلندر جو سلسلهء طريقت“، ”نذر شهباز“ مرتب، پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد: محڪمه اطلاعات، مغربي پاڪستان، سال،ن 1963ع -
(110) گيلاني، اظهر، سيد: نظم ،”احسان قلندر“ ، ” نذر شهباز“ ، مرتب، پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد: محڪمه اطلاعات مغربي پاڪستان، سال ،1963ع -
(111) گيلاني، اظهر سيد: نظم. ”محبوب علي“، ”محبوب جي ياد ۾ “ ، مرتب پروانو سيوهاڻي، سيوهڻ، سرهاڻ پبليڪيشن - سال ،1982ع -
(112) لاکو، غلام محمد: ”سنڌ جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو“ ( مقالا ۽ مضمون)، ڪراچي ملير، سماجي سنگت، عمر مارئي ڳوٺ، سال، 1997ع-
(113) ميمڻ، هدايت الله، پروفيسر: مقالو، ”محبوب ادب“، ”محبوب جي ياد ۾“، مرتب، پروانو سيوهاڻي، سيوهڻ: سرهاڻ پبليڪيشن سال ،1982ع-
(114) مصراڻي، احمد خان، آصف: ”قطعه تاريخ وفات، پروفيسر محبوب علي چنا مرحوم“، ماهوار رسالو، ”الرحيم“، ايڊيٽر، غلام مصطفيٰ قاسمي، حيدرآباد: شاهه ولي الله اڪيڊمي جنوري، فيبروري 1978ع -
(115) ميمڻ، عبدالمجيد، ڊاڪٽر: مقالو، ”منهنجو مهربان سائين، محبوب علي چنا“، ”محبوب جي ياد ۾“، مرتب، پروانو سيوهاڻي، سيوهڻ: سرهاڻ پبليڪيشن، سال ،1982 ع
(116) ميمڻ، عبدالمجيد، ڊاڪٽر: ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“، ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن سال 2002ع -
(117) متعلوي، عبدالرحمان، سيد: پيش لفظ، ”ڪليات نورل“، مرتب، پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد: اداره صالح سيريز سال ، 1970ع .
(118) ”محبوب“، محمد بچل: شڪريو، ”ڪچڪول طالب الموليٰ“ ، مؤلف، پروفيسر، محبوب علي چنا، سيوهاڻي، بزم سروري، هالا، سروري اسلاميه ڪاليج، سال ،1955ع -
(119) ميمڻ، عبدالمجيد، ڊاڪٽر: ”سوانح حضرت قلندر لعل شهباز رح “ ، ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن، سال 2007ع -
(120) مصراڻي، احمد خان، آصف: مضمون ، ”مرحوم محبوب علي چنا ۽ رسالو نئين زندگي“ ماهوار رسالو، ”نئين زندگي“ ،جلد:3 ، نمبر: 3، ايڊيٽر، ڪفيل احمد، ڪراچي: پاڪستان پبليڪيشن، مارچ 1978ع -
(121) مگسي، عبدالله، پروفيسر: ”سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو“، ڪراچي: سنڌيڪا اڪيڊمي، سال 1994ع -
(122) ”نورل“، سيد نورمحمد شاهه: ”ڪليات نورل“ ،مرتب، پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد: اداره صالح، سيريز، سال ، 1970ع -
(123) هريجن، رائچند: ديباچو، ”تاريخ ريگستان“، ڀاڱو ٻيو، مصنف، رائچند هريجن ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيون، سال ، 1988ع -
سنڌي رسالا:
(1) ماهوار رسالو، ”نئين زندگي“ جا مختلف پرچا (پاڪستان پبليڪيشن، ڪراچي)
(2) سه ماهي، علمي ۽ ادبي رسالو،” مهراڻ“ جا مختلف پرچا ( سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو)
(3) ماهوار رسالو،” الرحيم“ جا مختلف پرچا، (شاهه ولي الله، اڪيڊمي، حيدرآباد)
(4) ”سروري مخزن“، سروري اسلاميه ڪاليج- هالا.
(5) ماهنامه،“ ”فردوس“ ، هالا، سروري اسلاميه ڪاليج. اپريل، مئي، جون 1956ع.
ذاتي انٽرويوز:
(1) الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: ذاتي انٽرويو، 25 جنوري، 2011ع.
(2) چنا، محمد صالح، ذاتي انٽرويو، 1 مارچ، 2010ع.
(3) چنا، نجيب الرحمان، ذاتي انٽرويو، 23 جون، 2010ع.
(4) چنا،حبيب الرحمان، ذاتي انٽرويو، 8 جولاءِ 2010ع.
(5) خاصخيلي، صوف، ذاتي انٽرويو، 23 جولاءِ، 2011ع.
(6) سنڌي، حميد، ذاتي انٽرويو، 19 آگسٽ، 2010ع.
(7) سولنگي، لال محمد، ذاتي انٽرويو، 23 جولاءِ، 2011ع.
(8) سرڪي، محمد هاشم، ذاتي انٽرويو، 30 جنوري، 2010ع.
(9) ”فاروق“ ، نصيرالدين ،حڪيم، ذاتي انٽرويو. 23 آڪٽوبر، 2010ع.
(10) ڪوريجو، خير محمد، ذاتي انٽرويو 25 جنوري، 2011ع.
English books:
(1) Channa Mahboob Ali professor; “Various Trend in Sindhi Literature”, Adar-e- salih series, Hyderabad, 1971.
(2) Channa Mahboob Ali Professor ;Topic, “Sindhi literature after partition” Sarwari magazine, vol: 5, no: 5 founder: late Makhdoom Ghulam Hyder Sahib, Hala, Sarwari, Islamia College Sindh, year, 1955,56.
(3) Ziauddin’s bulbul “Zia-ul-shahbaz” edited by, Prof, Mahboob Ali Channa, Qalander Shahbaz Academy, Hyderabad- year 1975