سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر عبدالغفار تبسم جي شاعريءَ جو مجموعو ”نيڻن جي آڳر ۾“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو.
عبدالغفار تبسم جي شاعريءَ ۾ انيڪ تشبيھون ۽ استعارا استعمال ٿيل آھن جيڪي شاعريءَ جي سونھن کي وڌائين ٿا. سندس ھن ڪتاب ۾ نظم، غزل، گيت، قطعا ۽ نثري نظم شامل آھن. تبسم جي شاعريءَ ۾ اميد جون ڳالھيون آھن، عوامي مسئلا آھن ۽ ھن جي شعر ۾ فطرتي سونھن ملي ٿي. تبسم جي شاعريءَ جي وڏي ڳالھ اھا آھي تہ اھا موسيقيءَ جي ماپن ۾ فٽ ٿي وڃي ٿي، ڳائي وڃي ٿي ۽ عوام ۾ مقبوليت ماڻي ٿي.
ھي ڪتاب 1996ع ۾ مھراڻ پبلشرز، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي گلبھار باغائيءَ جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي