سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر عبدالغفار تبسم جي شاعريءَ جو مجموعو ”پتڻ جون پُڪارون“ اوھان اڳيان آڻجي ٿو.
عبدالغفار تبسم جي ھن مجموعي ۾ نظم ۽ آزاد نظم شامل آھن. تبسم کي پنھنجي شاعريءَ ذريعي احساسن، اُڌمن، ڏوراپن ۽ پيار جي تخيل کي نظماڻي انداز ۾ نھايت خوبصورتيءَ سان پيش ڪرڻ جو ڏانءُ اچي ٿو، جيڪو ھن مجموعي ۾ شامل آھي. ھو پنھنجي شاعريءَ ۾ لفظ، موضوع، استعارا، تشبيھون ۽ سليقي سان انھن جي اڻتڪاري خوبصورت انداز سان پيش ڪري رھيو آھي.
ھي ڪتاب 2012ع ۾ ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھہ ميراڻيءَ جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي