سج آرسيءَ ۾
عبدالغفار تبسم جي ھن مجموعي ۾ بيت، ٽہ سٽا ۽ چئوسٽا شامل آھن. تبسم کي پنھنجي احساسن، اُڌمن، ڏوراپن ۽ پيار جي تخيل کي شاعريءَ واري انداز ۾ نھايت خوبصورتيءَ سان پيش ڪرڻ جو ڏانءُ اچي ٿو، جيڪو ھن مجموعي ۾ شامل آھي. ھو پنھنجي شاعريءَ ۾ لفظ، موضوع، استعارا، تشبيھون ۽ سليقي سان انھن جي اڻتڪاري خوبصورت انداز سان پيش ڪري رھيو آھي.