اچو تہ پنھنجي سنڌي لکت  سنواريون, مصنف : ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

اچو تہ پنھنجي سنڌي لکت سنواريون

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : اچو تہ پنھنجي سنڌي لکت سنواريون
مصنف : ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
ڪيٽيگري : لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
ڇپيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي
شايع ٿيڻ جو سال : 2000
شامل ڪيو ويو : 2023-07-17
ڏِٺو ويو : 10 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 135 ڀيرا

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو پنھنجي ادبي ڪاوشن جي ٿورڙي عرصي ۾ ئي وارو وڄائي ويو. سنڌي ٻوليءَ ۾ ضميري پڇاڙين ۽ سائنسي اصطلاحن جي جوڙجڪ جي حوالي سان ڊاڪٽر محبت ٻرڙي صاحب جا وڌل بنياد اهڙي وٿ آهن، جن جي بنياد تي اسان جا موجودہ ۽ ايندڙ نوجوان ليکڪ وڏيون عمارتون جوڙي سگهن ٿا. ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو لکي ٿو: ”ڊاڪٽر محبت ٻرڙي کي سنڌيءَ جو ليڪسيڪالاجسٽ (= Lexicologist لفظ جي گهاڙيٽي جو اڀياس ڪري، پس منظر، تاريخ ۽ معنيٰ ڄاڻندڙ) چئجي، تہ وڌاءُ ڪونہ ٿيندو. اڄ جڏهن هو اسان کان وڇڙي ويو آهي تہ ايئن ٿو لڳي تہ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ اهم ’لفظ‘ اسان کان گم ٿي ويو آهي، جنھن جو نعم البدل شايد گھڻي عرصي تائين ملي نہ سگهي.“

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ