سفرناما

آمريڪا ڙي آمريڪا

هن ڪتاب ’آمريڪا ڙي آمريڪا‘ ۾ سائين الطاف شيخ، آمريڪا ۽ ان جي شھرن، ندين نالن، سمنڊن، آمريڪا جي تاريخ، آمريڪا ۾ ھلندڙ غلاميءَ، ماڻھن جي طبيعتن، سوچ و فڪر سميت هر پھلوءَ تي قلم کنيو آهي ۽ ڪتاب کي هڪ وڻندڙ سفرنامو هئڻ سان گڏ  تحقيق نامو يا تاريخ نامو بڻائڻ ۾ ڪا ڪَسَر ڪونھي ڇڏي. ڪتاب ۾ آمريڪا بابت لکيل ٻن تازن سفرنامن پير تاج محمد قريشيءَ جي” پرديس ٿيو ديس پنھنجو“ ۽ منصور ٿلھي جي ”آڏيءَ کان البني تائين“ تي لکيل مھاڳ پڻ شامل ڪيا ويا آھن.

  • 4.5/5.0
  • 25
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book آمريڪا ڙي آمريڪا

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سفرنامانگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو آمريڪا بابت لکيل ڪتاب ”آمريڪا ڙي آمريڪا“ اوهان اڳيان پيش آهي. 

هن ڪتاب ’آمريڪا ڙي آمريڪا‘ ۾ سائين الطاف شيخ، آمريڪا ۽ ان جي شھرن، ندين نالن، سمنڊن، آمريڪا جي تاريخ، آمريڪا ۾ ھلندڙ غلاميءَ، ماڻھن جي طبيعتن، سوچ و فڪر سميت هر پھلوءَ تي قلم کنيو آهي ۽ ڪتاب کي هڪ وڻندڙ سفرنامو هئڻ سان گڏ  تحقيق نامو يا تاريخ نامو بڻائڻ ۾ ڪا ڪَسَر ڪونھي ڇڏي. ڪتاب ۾ آمريڪا بابت لکيل ٻن تازن سفرنامن پير تاج محمد قريشيءَ جي” پرديس ٿيو ديس پنھنجو“ ۽ منصور ٿلھي جي ”آڏيءَ کان البني تائين“ تي لکيل مھاڳ پڻ شامل ڪيا ويا آھن.

ھي ڪتاب 2022ع ۾ امرتا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون امرتا پبليڪيشن جي سرواڻ فقير محمد ڍول جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ مھربانيون الطاف شيخ جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.



محمد سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )  
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام 
sulemanwassan@gmail.com 
sindhsalamat.com  
 books.sindhsalamat.com

ارپنا / پنھنجي پاران

هڪ همدرد ۽ بهترين انسان

منظور جوکئي جي نانءِ

جڏهن کان مون لکڻ شروع ڪيو ته مون پنھنجن دوستن کي به لکڻ لاءِ همٿايو. خاص ڪري ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي سُڃاڻن کي، جيڪي منھنجي ڏينهن ۾ اتي هئا. انهن مان ڪي کڻي مون کان سال ٻه جونيئر هئا، پر اهو آهي ته پيٽارو وارن ڏينهن ۾ مون هنن کي گهڻو وقت لئبرريءَ ۾ مطالعي ۾ مصروف ڏٺو. ڪاليج ڇڏڻ بعد مختلف يونيورسٽين ۽ ڪاليجن مان وڌيڪ تعليم حاصل ڪري ڪي فوج ۾ ويا ته ڪي ڊاڪٽر، انجنيئر ٿيا، ته ڪي زميندار ۽ بيوروڪريٽ وغيره. آئون گهڻن ئي کي لکڻ لاءِ چوندو هوس. سڀ ’ها‘ ته وڏي ڪندا هئا. هڪ دفعي مون وارو جھاز ڪراچيءَ آيو ته سنڌ سيڪريٽريٽ/تغلق هائوس جو چڪر هڻندي انڪم ٽئڪس آفيس ۾ پيٽاري جي اقبال جماڻي ۽ ڪنڊياري واري نَوَلراءِ اوڏ سان به مليس. مون اها ئي لکڻ جي پرچار ڪئي. اسان جي شرميلي جوان اقبال جماڻيءَ ته ڪجهه نه چيو پر نَوَلراءِ موڪلائڻ وقت چيو ته: ”ڀائي جان! اسان جي کاتي (انڪم ٽئڪس) جو ڪوبه نه لکندئي.“

”ڇو ڀلا؟“ پُڇيومانس.

”اهو ان ڪري جو اسان کي ننڍي هوندي ڀلي ادب سان شوق هو، ڪئين ڪتاب پڙهي ڇڏياسين، پر هاڻي اسان جو واسطو ’اکرن‘ سان نه پر ’انگن‘ سان آهي.“ 

”ڏاڍي ٻڌايَئي“ آئون کلڻ لڳس. دل ۾ چيم ته ٿي سگهي ٿو ان ۾ سچائي هجي. مون مختلف اديبن، شاعرن جو سوچيو. مون کي ڪيترائي انجنيئر، ڊاڪٽر ۽ ڊپٽي ڪمشنر، هاري، زميندار ته سُجهيا پر ڪو انڪم ٽئڪس آفيسر هرگز نه. 

ڪيترن سالن بعد، ٽيهه پنجٽيهه سالن بعد، هڪ انڪم ٽئڪس آفيسر منظور جوکئي پنهنجو سفرنامو ’هوا جي ديوار‘ پيش لفظ لکڻ لاءِ موڪليو. مون کي حيرت به ٿي ته خوشي به. منھنجي منظور سان پھرين جي ڪا سڃاڻپ نه هئي ۽ نه ملاقات. نه وري مون ڪا هن جي پھرين جي ڪا لکڻي پڙهي هئي ۽ نه مون کي اها خبر هئي ته هو لکندو رهي ٿو. سنڌ کان ٻاهر سمنڊ تي رهڻ ۽ ان بعد ملائيشيا ۾ هجڻ ڪري منھنجو سنڌ جي مختلف حالتن، ويندي ادب کان ڇڍائي رهي ٿي.

 منظور جي سفرنامي پڙهڻ جي شروعات ئي مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. خاص ڪري هن جي سوچ ويچار observation power، بيحد نج ۽ صحيح سنڌي، جنھن کان اڄ ڪلهه جا شھري نوجوان اڻ واقف آهن ۽ هن جي لکڻيءَ ۾ مون کي اهي خوبيون نظر آيون جيڪي هڪ سٺي جرنسلٽ ۾ هونديون آهن. مون کي ياد آهي ته آئون ايڏو حيرت زده ٿي ويو هوس جو نه چاهيندي به (ان ڪري ’نه چاهيندي‘ لکيو اٿم جو منظور مون کي پنھنجي سفرنامي جو مواد ڏيندي ٻڌايو ته هُو انڪم ٽئڪس کاتي ۾ ڪم ڪري ٿو) مون سندس سفرنامو وڌيڪ پڙهڻ بند ڪري کيس فون ڪري پڇيو هو ته هن اخبار ۾ به ڪم ڪيو آهي؟... جنھن جي جواب ۾ منظور طرفان هائوڪار ٻڌي مون کي خوشي ٿي ته منھنجو اندازو صحيح نڪتو. ۽ سٺي سنڌي هجڻ ڪري اهو پڻ اندازو لڳايم ته منظور جو ننڍپڻ ڳوٺ ۾ گذريو آهي.

 53 سالن جو منظور هن وقت ڪراچيءَ ۾ ڪمشنر اِنلينڊ روينيو جي پوسٽ تي ويھين گريڊ ۾ آفيسر آهي. هُو وندر جون گهڙيون اڄ به لکڻ پڙهڻ جھڙن ڪمن ۾ گذاري ٿو. هن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته انڪم ٽئڪس جھڙن ادارن ۾ ڪم ڪندڙن جو واسطو نه فقط انگن سان آهي پر اکرن سان پڻ آهي. 

سندس ننڍپڻ جو دوست ۽ سنڌ جي مشھور ادبي شخصيت ۽ مفڪر ’ڊاڪٽر محمود مغل‘ ٻڌائي ٿو ته، منظور جوکئي لکڻ جي شروعات ستين ڪلاس ۾ شارٽ اسٽوري ’دولت جو نشو‘ کان ڪئي، جيڪا شڪارپور مان نڪرندڙ ’گلڙا‘ رسالي ۾ 1980ع ۾ ڇپي. ان بعد هن جون لکڻيون ”سنڌ“ رسالي ۾ اينديون رهيون. منظور جو ڪھاڻيڪاري ۽ ترجما نگاري کان سواءِ محبوب مشغلو ڪالم نگاري پڻ رهيو آهي. هڪ طويل عرصو هن سنڌي اخبارن: مھراڻ، عبرت، خادم وطن ۽ ڪاوش کان سواءِ فرنٽئير پوسٽ ۾ به لاڳيتو لکيو آهي. سندس ڪھاڻين جو پھريون مجموعو ’خيال، خوشبو ۽ ستارا‘ 2003ع ۾ ڇپيو ۽ ڪھاڻين جو ٻيو ڳٽڪو ’آئيندو‘ 2006ع ۾. ان بعد سندن دبئي، آمريڪا، لنڊن ۽ يورپ جو سفرنامو ’هوا جي ديوار‘ 2013ع ۾ ڇپيو، جنھن تي پيش لفظ لکڻ جو شرف مون کي ڏنو ويو. پيش لفظ لکڻ ڪارڻ مون کي منظور جو سڄو سفرنامو غور سان پڙهڻو پيو ۽ هي پھريون دفعو هو جو مون محسوس ڪيو ته منظور هڪ قابل، محنتي ۽ سٺو لکڻ وارو آهي. هن جو مشاهدو ۽ لکڻ جو انداز منفرد ۽ دلچسپ آهي. هن ڪتاب تي کيس سنڌي لئنگئيج اٿارٽي طرفان بھترين سفرنامي جو ايوارڊ پڻ مليو. 2019ع ۾ منظور جي مضمونن جو مجموعو ’رنگ رتول‘ شايع ٿيو. ٽي ويءَ تي هلندڙ مشھور ڊراما سيريل ’ڏهاڳڻ‘ جو ليکڪ پڻ اسان وارو منظور جوکيو آهي. 

منظور، پڙهائي جي معاملي ۾ به هڪ مثالي شخصيت رهيو آهي. ڪٿي ڪو سنڌ جي ڪنھن ڳوٺ جي غريب رهاڪو جو آفيسر پٽ يعني ڊپٽي ڪمشنر، پوليس ايس پي ٽائيپ آفيسر ڏسندو آهيان ته هن سان وڃي ملندو آهيان ۽ هن کي ان عھدي تي پھچڻ لاءِ مبارڪباد ڏيندو آهيان. اها ٻي ڳالھ آهي ته هن جو عوام سان ڪھڙو رويو هجي پر آئون پنھنجي حساب سان هن کي پارت ڪندو آهيان ته جيئن ته هن غربت ۽ ڏکيا ڏينھن ڏٺا آهن، ان ڪري هو مجبور ۽ غريب ماڻھن جو خيال رکي. مبارڪباد اهو سوچي ڏيندو آهيان ته شھر ۾ رهندڙ ۽ امير والدين جي ٻارن کي ته هر ڪا سھولت ميسر آهي پر ڳوٺن ۾ رهندڙ غريب ٻارن کي گهر جي پورهئي کان سواءِ سي ايس ايس جھڙن اعليٰ امتحانن لاءِ وڏي محنت ڪرڻي پوي ٿي. ڪن کي ته انھن امتحانن جي تياريءَ دوران گهر جي خرچ کي منھڻ ڏيڻ لاءِ ڪا نوڪري ڪري والدين جي مدد پڻ ڪرڻي پوي ٿي. سڀ کان وڏي ڳالهه اها ته ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ خاص ڪري سنڌ ۾، ان قسم جي عھدن تي سياسي طرح پھتل امير ماڻھن، وزيرن، مشيرن، اسيمبلي ميمبرن جا ٻار ضرور آهن پر صحيح طرح امتحان ڏئي، پنھنجي قابليت تي هنن عهدن تي پھتل فقط غريب والدين جا ٻار آهن. ولايت ۾ پي ايچ ڊيُون ڪندڙ ۽ پورهيا ڪري ڪنھن منزل تي پھچڻ وارا پڻ مون گهڻا تڻا غريبن جا ٻار ڏٺا. مزورن هارين جا، پورهيتن ۽ پرائمري اسڪول جي ماسترن جا، ڪلارڪن ۽ گاڏن تي سامان رکي وڪڻڻ وارن جا اهڙن ڪجهه ماڻھن بابت آئون پنھنجن ڪتابن ۾ تفصيل سان لکي چڪو آهيان، جيئن اڄ جي نوجوان کي اتساهه ملي ۽ خود ترسي (Self Pity) جو شڪار نه ٿئي. ڊي آءِ جي ذوالفقار لاڙڪ، پروفيسر جاويد لاڙڪ ۽ ڊپٽي ڪمشنر نويد لاڙڪ جي والده پرائمري اسڪول جي ٽيچر هئي، ڊاڪٽر عبدالله ساند ۽ ڊاڪٽر عبدالستار ساند (جن ملائشيا مان انجنيئرنگ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي) جي والد ڪاٺيون ۽ ڇوڏا وڪڻي ٻارن کي پاليو، يُو اين او ۾ آفيسر منظور کوسي جو والد هاري هو. 

اسان واري هن منظور جوکئي جو والد به ڪو پير، مير، وڏيرو يا وزير، مشير نه هو، جنھن رشوت ذريعي پنھنجي پٽ کي امتحان پاس ڪرايا، پر وڏي عيال وارو (ٽن پٽن چئن ڌيئرن وارو) هڪ پورهيت واڍو هو ۽ منظور هر قسم جو امتحان پنھنجي محنت ۽ نج قابليت جي بنياد تي پاس ٿي ڪيو. منظور نه فقط PCS جو مقابلي جو امتحان پر CSS جو امتحان به پاس ڪيو ۽ اڄ هُو انڪم ٽئڪس ڪمشنر آهي. اهو به لکندو هلان ته منظور ايندڙ نسلن جي نوجوانن جي رهنمائي ۽ همٿ افزائيءَ خاطر، جيئن هو هنن مقابلي جي امتحان لاءِto the point  علم حاصل ڪن، ڪتاب لکيا، جيڪي اڄ تائين هنن امتحانن جا اميدوار پڙهن ٿا. اهي آهن: ماس ڪميونيڪيشن، پاڪستان افيئرس، ايوري ڊي سائنس، اسلاميات ۽ سنڌيءَ جون گائيڊس. 

منظور، پنھنجي تعليم جي شروعات پرائمري اسڪول رحمت پور لاڙڪاڻي کان ڪئي. ڇھين کان اٺين تائين گورنمينٽ پائليٽ سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي مان ۽ نائون ۽ ڏهون ڪلاس ’نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد‘ مان پاس ڪيو. مئٽريڪيوليشن 1984ع ۾ ڪرڻ بعد يارهون ۽ ٻارهون ڪلاس ’ماڊل اسڪول حيدرآباد‘ مان 1986ع ۾ پاس ڪيائين. انٽر ڪرڻ کان پوءِ منظور هڪ ٻئي پويان ڪيترائي امتحان ڏنا. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان 1988ع ۾ بي اي ڪئي ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان 1991ع ۾ ايم اي جرنلزم ۽ سال 2004ع ۾ ايم بي اي فائننس جون ڊگريون حاصل ڪيون. تنھن کان سواءِ هن ’پاڪستان بئنڪنگ ائنڊ فائننس ڪميشن‘ جو امتحان به نمايان انداز ۾ پاس ڪيو. PCS ۽CSS  جا امتحان هن ساڳئي سال 1996ع ۾ پاس ڪيا. بقول سندس وڏي ڀاءُ انور جوکيو جي دوست ڊاڪٽر محمود مغل جي، ”منظور جوکيو لاڳيتي محنت ۾ اعتقاد رکندڙ وجود آهي. سندس حياتيءَ تي نگاهه وجهبي، ته لڳي ٿو ته هُن ڄڻ ڪا به گهڙي وڃائي ناهي.“ منظور کي هر وقت پورهئي ۾ مشغول ڏسي شاهه لطيف جو شعر ياد ايندو اٿم:

جان جان هئي جئري، ورچي نه ويٺي...

علم حاصل ڪندي به هن پنھنجي ڪِرت ۽ پيشيور ڪارڪردگيءَ کي سامھون ضرور رکيو آهي. بي اي ۽ ايم اي جرنلزم ۾ ڪرڻ دوران منظور ڪيترين ئي اخبارن ۾ ڇهه سال کن ڪم ڪيو جهڙوڪ روزاني ’سنڌ نيوز‘ حيدر آباد جو سب ايڊيٽر، روزاني ’مھراڻ‘ جو سب ايڊيٽر، ’خادمِ وطن‘ حيدرآباد جو سب ايڊيٽر ۽ ڊيلي ’فرنٽيئر پوسٽ‘ جي رپورٽر طور ڪم ڪيو. سال 1993ع کان 1995ع تائين منظور، ’نئشنل بئنڪ آف پاڪستان‘ جو لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد ۾ گريڊ ٽُو آفيسر ٿي رهيو. ان بعد پاڻ 1996ع ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر/سب ڊويزنل مئجسٽريٽ ٿي رهيو. ساڳئي سال سي ايس ايس ڪرڻ کان پوءِ اسسٽنٽ ڪمشنر انڪم ٽئڪس بھاولپور، دادو، نوابشاهه، سانگهڙ، ٽنڊو آدم ۽ حيدرآباد ۾ رهيو. سال 2016ع کان ڪمشنر انڪم ٽئڪس مقرر ٿيو ۽ ڪجهه سال حيدرآباد ۽ لاهور ۾ خذمتون سر انجام ڏيڻ کان پوءِ هاڻي ڪمشنر اِنلئنڊ روينيو  طور ڪراچيءَ ۾ مقرر آهي. 

منظور کان مون پڇيو ته، ”هن کي ملڪ جي اعليٰ امتحانن  CSS۽ PCS ڏيڻ جو خيال ڪيئن آيو؟“

”دراصل ان جو خيال مون کي ستين ڪلاس کان وٺي هو.“ منظور ٻڌايو.

”ستين ڪلاس کان!“ مون کي حيرت ٿي. 

منظور ان وقت 12 ورهين جو هوندو ۽ لاڙڪاڻي جي ’گورنمينٽ پائليٽ اسڪول‘ ۾ پڙهيو ٿي. اسان وٽ اڄ به ورلي ڪا ڪنهن جي پِري پلاننگ رهي ٿي. ڪو ٻار انٽر بعد ميڊيڪل يا انجنيئرنگ لاءِ نٿو چونڊجي ته پوءِ هن کي انھن مقابلي جي امتحانن جو خيال اچي ٿو ۽ هُو جھڙا تھڙا سبجيڪٽ کڻي B.A ڪري ٿو، جيڪا هنن امتحانن لاءِ بنيادي ضرورت آهي. ائين به ناهي ته منظور جي گهر جو ماحول ڪامورڪو هو، جتي هن کي ڊپٽي ڪمشنر يا پوليس سپرنٽينڊنٽ ٿيڻ لاءِ هنن امتحانن جي تياريءَ لاءِ چيو وڃي. منظور جو والد ته هڪ عام پورهيت هو، جنھن پنھنجي ٻارن کي تعليم حاصل ڪري ڪا جھڙي تھڙي ڪلارڪي حاصل ڪرڻ لاءِ به رب جي شڪر گذاري ٿي ڪئي. سو منظور جي ان ڳالهه تي منهنجو حيران ٿيڻ قدرتي ڳالھ هئي. 

منظور کلندي ٻڌايو ته، ”اسان جي اسڪول ۾ هونءَ ته هر قسم جا مھمان ايندا رهيا ٿي، پر انھن ڏينھن ۾ اکين جي ڪئمپ لڳي هئي، جنھن جي افتتاح لاءِ لاڙڪاڻي جو ڊپٽي ڪمشنر شفيق پراچا صاحب آيو. هن جي اڳيان پويان آفيسر ۽ هن جو شان شوڪت ڏسي آئون دنگ رهجي ويس ته هي ڪير آهي ۽ ايڏو وڏو آفيسر ٿيڻ لاءِ ڪھڙا امتحان ڏيڻا پون ٿا. پوءِ معلوم ڪري آئون خوابن جي دنيا ۾ گم ٿي ويس ۽ هر وقت اهو ئي سوچيندو رهيس ته آئون به محنت ڪري اهو امتحان ضرور پاس ڪندس“. 

اهڙي خواب جو تعبير هن محنت ڪري پي سي ايس جو امتحان پاس ڪري، اسسٽنٽ ڪمشنر/  ايس ڊي ايم ٿي حاصل ڪيو ۽ لاڙڪاڻي ۾ ئي ٽريننگ ڪرڻ لڳو. ڪجهه ئي سالن ۾ هو ڊپٽي ڪمشنر ٿي وڃي ها، پر سي ايس ايس پاس ڪرڻ ڪري هن اها نوڪري ڇڏي انڪم ٽئڪس گروپ جوائن ڪيو.

منھنجي خيال ۾ منظور جي اها سٺي سوچ هئي. اهي خواب ۽ خيال آهن جن جي ساڀيان ماڻڻ لاءِ انسان پنھنجيون قوتون سڌي راهه تي رکي ٿو. اسان ته نائين ڇا مئٽرڪ تائين پھچي وياسين ته به ان معاملي ۾ ڍڳا هئاسين، جنھن جو مثال پنھنجي انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومبس جي ’لنڊن تائين لفٽ‘ ڪتاب ۾ انتساب ۾ لکي چڪو آهيان ته هن اسان کي مئٽرڪ ۾ پنھنجي مستقبل بابت مضمون لکڻ لاءِ چيو ته توهان زندگيءَ ۾ ڇا ٿا ٿيڻ چاهيو ته اسان کي سمجهه ۾ نه آيو يا جن ٻه سٽون لکيون، انھن لکيو ته جيڪي قسمت ۾ هوندو. ان تي ٻي جنگ عظيم جي هن جپاني قيديءَ اسان کي خوب دڙڪا ڏئي سمجهايو ته اسان کي ننڍي هوندي کان ان بابت سوچ رکڻ کپي، جيئن پنھنجي اها خواهش/Goal ماڻڻ لاءِ ان طرف جي رخ ۾ رهون. 

منظور کي چيم ته هن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنھن آماده ڪيو، ڪنھن شوق ڏياريو ۽ رهنمائي ڪئي. ماءُ يا پيءُ؟ منظور ٻڌايو ته هن جي والدين کي تعليم جھڙين ڳالھين جي افاديت جي نه ڄاڻ هئي ۽ نه هنن معاشي طور پھچ ساري ٿي. ”آئون ٽن ڀائرن ۽ چئن ڀيڻين ۾ ننڍو هوس. مون کي تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق وڏي ڀاءُ انور جوکئي ڏياريو. بلڪه هن کي هن جي وڏي ڀاءُ جي دوست ۽ اهم شخصيت غلام حيدر شيخ ڏياريو، جنهن جو گذريل سال انتقال ٿيو ۽ هن اسڪرپٽ ايڊيٽر جي حيثيت ۾ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي تي نوڪري ڪئي ٿي.“ 

منظور جو هي وڏو ڀاءُ، سائين محمد يوسف جوکيو صاحب جو وڏو ٻار انور جوکيو آهي، جنھن جي ڄم جو سال 1957ع آهي يعني انور منظور کان 12 سال وڏو آهي. انور جوکيو اڄ ڪلهه حيدرآباد ۾ رهي ٿو ۽ واپڊا مان ڊائريڪٽر ايڊمن جي عهدي تان ريٽائر ٿيو آهي. منھنجي ساڻس ملاقات اڄ کان ٽيهه سال اڳ پنھنجي ڀاڻيجي ’ماما گلاب‘ (غلام محمد شيخ) معرفت ٿي، جنھن پڻ اليڪٽريڪل انجنيئر هجڻ ڪري حيدرآباد جي ساڳي اليڪٽرڪ آفيس ۾ نوڪري ڪئي ٿي. ان وقت مون کي خبر پيئي ته انور توڙي سندس ڀاءُ منظور کي سنڌي ادب سان شوق آهي. انھن ڏينھن ۾ انور جون ڪھاڻيون مختلف رسالن ۾ اچي رهيون هيون ۽ سگهو ئي سندس 456 صفحن جو ترجمو ’پرين جي پچار‘ مارڪيٽ ۾ نظر آيو.

انور جوکيو صاحب پنھنجو لکڻ پڙهڻ جو شوق اڄ تائين قائم رکندو اچي ۽ هن جا هيستائين ٻيا به ٽي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن: ’پنھنجا پرين پراوا‘، ’سوريءَ چڙهيو سچ‘ ۽ مختلف اديبن ۽ انور جوکئي جي ڪھاڻين جو مجموعو. ويجهڙائيءَ کان هُو ’سنڌ رسالو‘ نالي هڪ سه ماهي رسالو ڪڍي رهيو آهي، جنھن جا ست کن پرچا شايع ٿي چڪا آهن. ان کان سواءِ سندن هيٺيان ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ آهن: جيل ڊائري، آتم ڪٿا ۽ ڪھاڻين جا ٽي کن مجموعا. 

انور جوکيو جو هڪ وڏي ٻار جي حيثيت ۾ پڙهڻ ڪري سندس باقي ٻن ننڍن ڀائرن منور ۽ منظور کي به تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق ٿيو ۽ جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته انور کي تعليم حاصل ڪرڻ تي مائل ڪرڻ ۾ سندس ماءُ پيءُ جو ته نه پر هن جي دوست غلام حيدر شيخ جو هٿ هو. ڪٿي ڪٿي ايئن به ٿيندو آهي ته ٻار جي مستبقل ٺاهڻ ۾ ماءُ پيءُ جو نه ته ڪنھن مائٽ يا پاڙي واري جو هٿ هوندو آهي. ويندي غير زبان، غير مذهب وارو به مدد ڪندو آهي. سنڌ ۾ به توهان ڏسندائو ته جتي ڪنھن امير نواب وڏيري يا سيد، پير، سردار پنھنجي ماڻھوءَ جي مدد نه ڪئي هوندي، اتي توهان کي ڪيترا مھاجر ۽ پنجابي سيٽلر ملندا، جن سنڌ جي غريب ۽ پٺتي پيل قومن جي ٻارن کي تعليم ڏيڻ ۾ مدد ڪئي آهي، اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون کوليون آهن. اهڙن ماڻھن کي واقعي شاباس هجي، جيڪي ٻين سان ساڙ ۽ حسد ڪرڻ بدران انھن جي همٿ افزائي ڪن ٿا. انور جوکيو ۽ ان جي ڀائرن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو روح غلام حيدر شيخ ڦوڪيو. 

”لڳي ٿو هن جو والد صاحب تعليم يافته هو، جنھن پنھنجي پٽ کي نه فقط پڙهايو پر نيڪ انسان بنايو.“ مون، انور کي چيو. 

”نه سائين! شيخ صاحب جو والد ته هڪ غريب هاري هو.“ انور ٻڌايو. 

”پوءِ ته هن کي ۽ هن جي والد کي اڃان به وڌيڪ جَسُ هجي، جنھن نه فقط پنھنجي پٽ کي پڙهايو پر ٻين لاءِ به راهه کُلي وئي.“ چيومانس. 

انور ٻڌايو ته غلام حيدر شيخ صاحب جي والد کي پنھنجي پٽ کي پڙهائڻ جو ڏاڍو شوق هو پر غربت جي ڪري هن کي لاڙڪاڻي جي انگريزي اسڪولن ۾ پڙهائڻ بدران ٻاروچي باغ (هالا ڀرسان) مرحوم شفيع محمد نظاماڻي صاحب جي ’منصوره‘ ۾ ٺھرايل مدرسي ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي تعليم مفت هجڻ سان گڏ، ماني ٽڪيءَ جو به بندوبست هو. غلام حيدر شيخ عالم/فاضل ٿيڻ بعد لاڙڪاڻي جي اسڪول ۾ داخلا ورتي.

”هُونءَ عمر ۾ مون کان ست سال وڏو هو، جو هُو 1950ع ۾ ڄائو هو.“ انور ٻڌايو. 

”پوءِ توهان جي هڪ اسڪول يا پاڙي ۾ هجڻ ڪري، هن سان دوستي ٿي؟“ مون پڇيو. 

”نه... هُو اسان جو پاڙيسري ڪونه هو. اسان لاڙڪاڻي جي ’نانو پڌر‘ محلي ۾ رهياسين ٿي، جيڪو پاڙو ’سُرهيا پڌر‘ محلي ڀرسان آهي... جتي ’ايمپائر سئنيما‘ هوندي هئي. غلام حيدر شيخ پري ٻئي محلي ۾ رهيو ٿي. اسان جي ملاقات پاڙي جي هڪ ننڍڙي لئبريريءَ ۾ ٿيندي هئي، جيڪا لوهار مسجد ڀرسان هئي. هن مون کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ همٿايو. هن سنڌي ادب لاءِ پڻ لاڙو پيدا ڪيو جو مون کي ادبي ميڙاڪن ۾ وٺي هلندو هو. ٻيو ماڻھو جنھن مون کي ادب لاءِ رجحان پيدا ڪيو اهو ’محمد سراج عالم‘ هو. سراج، لاڙڪاڻي جي مشھور شاعر ’منير تابان‘ جو فرزند هو. آئون سراج سان اڪثر جيلاني مسجد ۾ نماز لاءِ ويندو هوس. هنن کي ڪو ڪتاب يا رسالو ملندو هو ته پڙهڻ لاءِ مون کي به ڏيندا هئا. تعليم ۽ ادب لاءِ منھنجو شوق ڏسي منھنجا ڀائر منور ۽ منظور به مون کي فالو ڪرڻ لڳا.“ انور ٻڌايو. 

منور جو گهڻو لاڙو مذهب ڏي رهيو. منظور، گهڻي کان گهڻي تعليم حاصل ڪرڻ چاهي ٿي ۽ سندس ادب ۽ شعر و شاعريءَ سان دلچسپي رهي. مالي مشڪلاتن کي منھن ڏيڻ لاءِ وڏي ڀاءُ جي حيثيت ۾ انور، ننڍي عمر ۾ ئي نوڪري شروع ڪئي. مئٽرڪ بعد هن کي لاڙڪاڻي جي ’بلڊنگ ڊپارٽمينٽ‘ ۾ ڪلارڪي جي نوڪري ملي وئي، جتي هن کي ادب ۽ تعليم جو وڌيڪ شوق ڏيارڻ لاءِ شاهه لطيف جو هڪ سچو عاشق ۽ هن جي شاعريءَ جي چڱي طرح سڌ رکڻ وارو ’مختيار علي جانوري‘ ملي ويو، جيڪو هن آفيس ۾ سب انجنيئر ٿي آيو هو. مختيار جانوري سڄي سنڌ ۾ نه فقط هڪ بھترين ڄاڻو ۽ قابل انجنيئر جي حيثيت ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، پر سندس سڃاڻپ جو هڪ ٻيو رخ هي به آهي ته پاڻ بھترين لکاري به آهي. انور جوکئي توڙي منظور جوکئي لاءِ مختيار جانوري هڪ دلچسپ ادبي شخصيت رهيو آهي، جنھن جي سنگت ۾ هنن شاهه جي ڪلام کي بھتر طريقي سان سمجهيو.  

مختيار جانوريءَ جو تعلق سنڌ جي هڪ پڙهيل لکيل ڪٽنب سان آهي. سندس ڏاڏو حسين خان جانوري ميرن جي ’هزار لشڪري‘ جو ڪمانڊر ٿي رهيو. انگريزن جي حڪومت ۾ هُو خيرپور مان لڏي لاڙڪاڻي آيو، جتي سندس پٽ يعني مختيار جانوريءَ جو ڏاڏو علي بخش خان جانوري، ناظر ڪورٽ جي عھدي تي رهيو. مختيار جو والد صاحب حسين بخش جانوريءَ سپرنٽينڊنٽ پوسٽ آفيس جي حيثيت ۾ رٽائرمينٽ ورتي. سندس چئن پٽن (يعني مختيار جانوريءَ جي ڀائرن) مان وڏو امداد علي جانوري ايڊيشنل ڪمشنر ٿي رٽائرڊ ٿيو. ٻيو پٽ منظور علي پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ رهيو. ٽيون نمبر اختر علي، جيڪو سنڌي ڪھاڻيءَ جو منفرد ڪھاڻيڪار مڃيو وڃي ٿو. CSS ڪيائين ۽ سندس آخري پوسٽ ڪوئيٽا جو ائڊيشنل IG هئي. مختيار جانوري چوٿين نمبر تي ۽ سڀني ۾ ننڍو آهي ۽ هن 2016ع ۾ رٽائرمينٽ حاصل ڪئي آهي. هُو ايران، عراق ۽ شام جي سفرنامي ’هل هِنئين سين هوت ڏي‘ کان به مشھور آهي. 224 صفحن جو هي ڪتاب ’ساڀيان پبليڪيشن‘ وارن 2018ع ۾ حيدرآباد مان ڇپرايو ۽ مٿين ملڪن جي گائيڊ طور به استعمال ٿئي ٿو.

منظور اهو به ٻڌايو ته هن طرفان قائم ڪيل ’گلڙا ادبي سنگت‘ جي هڪ ادبي گڏجاڻيءَ لاءِ صدر جي حيثيت سان جڏهن اختر جانوريءَ شرڪت ڪئي ته اُن وقت هُو اي ايس پي هو. اختر جانوريءَ کي ڏسي به منظور کي سي ايس ايس ڪرڻ جو خيال آيو.

اسان جي منظور جوکئي جي ننڍپڻ جي ڪلاس ميٽن مان ٻه ڄڻا، جن کان توهان به واقف هوندا اهي آهن: روشن علي شيخ جيڪو هاڻي سيڪريٽري آهي. هُو صاحب ڪراچيءَ جو ڪمشنر به ٿي رهيو. ٻيو فدا حسين مستوئي DIG صاحب. ان کان سواءِ ڪسٽمس ڪليڪٽر ڊاڪٽر طاهر قريشي پڻ منظور سان گڏ ساڳئي ڪاليج مان پڙهيو. 

منظور کان جڏهن سندس دلپسند استادن جو پڇيم ته هن جي زبان تي يڪدم ٻن ٽيچرن جا نالا آيا. هڪ ستين ۽ اٺين ڪلاس لاڙڪاڻي جو ’قمرالدين چانڊيو‘ صاحب ۽ ٻيو حيدرآباد جي ماڊل اسڪول جو ٽيچر جناب ’راحت عالم‘.  

لکڻ پڙهڻ جي معاملي ۾ منھنجي درستگي ڪندي منظور ٻڌايو ته ايئن ناهي ته انڪم ٽئڪس کاتي ڪوبه ليکڪ پيدا نه ڪيو. ٻه اهم ليکڪ جن کان هر هڪ واقف آهي، اهي آهن: رفيق سومرو  ۽ جميل الدين عالي صاحب... مون کي پڪ آهي ته مون وانگر منھنجن ڪيترن پڙهندڙن کي اهو معلوم ڪري حيرت ٿي هوندي. 

جڏهن منظور کان پڇيم ته، ادب جي طرف هن جو رجحان ڪيئن ٿيو ته هن ٻڌايو، ”جيڪڏهن امر جليل ۽ الطاف شيخ صاحب جهڙا ليکڪ نه هجن ها ته هن جو ادب ڏانهن لاڙو بلڪل نه ٿئي ها.“ هن ٻُڌايو ته، ”ننڍي لاءِ انهن ٻنهي اديبن جي لکڻين کي پڙهي ئي هن لکڻ شروع ڪيو.“ 

ان قسم جو خلوص، پيار ۽ ڳالهيون ٻڌي منهنجي دل وڏي ٿي ويندي آهي، ته منهنجو لکڻ کي وقت ڏيڻ سان ڪجهه ته فائدو ٿيو يعني ٻارن ۾ مطالعي جي عادت پيئي ۽ هنن ۾ ولايت ڏي نڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو. بهرحال اڄ جي ٻارن ۽ والدين کي آئون اها ئي صلاح ڏيندس ته هُو پنهنجي ٻارن جي زندگيءَ کي بهتر راهه تي وٺي هلڻ ۽ ڪاميابي ماڻڻ لاءِ گهڻي کان گهڻن ڪامياب ماڻهن جون آتم ڪٿائون پڙهن. ساڳي وقت اسان جي حڪومتي ادارن کي به کپي ته اهڙن ڪتابن کي سستو ۽ عام شاگرد جي پڙهڻ جوڳو بنائڻ لاءِ، ڇپائڻ وارن جي مدد ڪن. ڪن ڪن ليکڪن جون آٽوبايوگرافيون پڙهڻ ته بيحد ضروري سمجهان ٿو، جيئن ته پير علي محمد راشدي، سائين جي ايم سيد، حسام الدين راشدي، ڪريم بخش نظاماڻي، شمس جعفراڻي، عبدالحي پليجو، قاضي فيض محمد، علي احمد بروهي، جسٽس ديدار شاه، ڊاڪٽر عمر دائودپوٽو، عبدالواحد آريسر، عطا محمد جسڪاڻي، مهتاب راشدي، فهميده حسين، فضل قريشي، منير چنا، گل محمد عمراڻي، وغيره وغيره. اميد آهي تي منظور به پنهنجي آتم ڪٿا جلد لکڻ شروع ڪندو.

منظور کي چيم ته، ”ڪنھن هڪ اهڙي دوست جو به نالو ٻڌاءِ جيڪو اڃا تائين ڳوٺ ۾ رهندو هجي ۽ توهان اڄ تائين ان سان ملندا هجو“.

 هن اصغر وڳڻ بابت ٻڌايو جيڪو لاڙڪاڻي ۾ هوٽل جو مالڪ آهي. منظور کان اصغر جو فون نمبر وٺي مون هڪ ڏينهن ان سان پڻ خبرچار ڪئي. اصغر، منظور جو همعمر آهي. اصغر ٻڌايو ته هو ٻئي پرائمري ڪلاس کان اٺين ڪلاس تائين گڏ گڏ ساڳين اسڪولن ’رحمت پور اسڪول‘ ۽ ’گورنمينٽ پائليٽ سيڪنڊري اسڪول‘ مان پڙهيا. ان بعد منظور حيدرآباد هليو ويو ۽ اصغر لاڙڪاڻي جي ’ڊگري ڪاليج‘ مان انٽر تائين پڙهيو. 

”انٽر بعد پڙهائي ڇڏي مون پنھنجي وڏي ڀاءُ نادر علي سان گڏ اچي هوٽل تي ڪم ڪيو.“ اصغر ٻڌايو. 

”ڇا توهان جي وڏن هوٽل جو ڪم ڪيو ٿي؟“ مون پڇيو. ان تي اصغر ٻڌايو ته هن جو والد علي اڪبر وڳڻ صاحب زميندار ماڻھو هو، ”پر پوءِ حالات ڪجهه ائين ٿي پيا جو منھنجي ڀاءُ هوٽل کولي.“

”هن کي هوٽل کولڻ جو خيال ڪيئن آيو؟“ مون پڇيو. 

”دراصل هُو ڪڙهائيءَ ٺاهڻ جو ماهر هو ۽ هن لاڙڪاڻي جي هڪ هوٽل ’شاليمار هوٽل‘ ۾ ڪم ڪيو ٿي. هن ان کي ڇڏي پنھنجي هوٽل کولي ۽ انٽر ڪرڻ بعد آئون به اچي ساڻس گڏيس.“ اصغر ٻڌايو.

اصغر وارا ٽي ڀائر هئا. وچيون ڀاءُ اسد ننڍي هوندي گذاري ويو. وڏي ڀاءُ نادر عليءَ کي چار پٽ آهن، جيڪي پڻ هن اسٽيشن روڊ تي ٺھيل ’نادر هوٽل‘ سان سلھاڙيل آهن. اصغر کي پنج پٽ آهن جن مان هڪ هوٽل تي ڪم ڪري ٿو باقي ننڍا آهن ۽ پڙهائيءَ ۾ مشغول آهن. مون کان راءِ پُڇڻ تي مون اهو ئي چيومانس ته تعليم پنھنجي جاءِ تي آهي پر هنر ضروري آهي ۽ رڌ پچاءُ جھڙو بھترين هنر ٿي نٿو سگهي. مون کيس ڪيترن وڏن ماڻهن جي ٻارن، پُٽن توڙي ڌيئرن جا مثال ٻڌايا، جيڪي رڌپچاءُ جي ڪم اچڻ ڪري سٺو روزگار ڪمائي رهيا آهن پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته وڏين هوٽلن ۾ ڪم ڪرڻ ڪري هُو بورچي، ڪُڪ ۽ خانسامان سڏجڻ بدران ’شَيف‘ يا ’فوڊ ڊيزائنر‘ سڏجن ٿا. سڀ کان وڏو مثال ’راءِ بھادر موهن سنگهه اوبراءِ‘ جو آهي، جيڪو انٽر کان وڌيڪ پڙهڻ بدران شملي جي هڪ هوٽل ’سيشل‘ ۾ وڃي ڪلارڪ ٿيو ۽ پوءِ محنت ۽ ايمانداريءَ سان ڪم ڪرڻ ڪري پاڻ هوٽلن جو مالڪ ٿي ويو ۽ سندس اولاد ’اوبراءِ هوٽلز‘ جي ڪري مشھور آهي. ڳالهه اها آهي ته جنھن به فيلڊ ۾ وڃجي ان ۾ دل لڳائي محنت ڪجي ۽ صحيح طرح ڪم ڪجي. ڪيترا اهڙا به آهن جن CSS جا امتحان پاس ڪري سرڪاري وڏيون نوڪريون ٿڏي ڇڏيون ۽ جنھن فيلڊ ۾ ويا ان ۾ ڪامياب ٿيا، جيئن اسان جو سياستدان وڪيل اعتزاز احسن آهي يا اسان جو هڪ ٻيو ڪلاس ميٽ وڏي نوڪري ڇڏي وڃي درزي ٿيو ۽ هن ايڏي محنت ڪري ان فيلڊ ۾ نواڻ پيدا ڪئي، جو هن جا ڊيزائين ڪيل ڪپڙا سندس نالي جي شارٽ فارم ’TJ‘ تي وڪامن ٿا، جيئن جنيد جمشيد جو سامان ’.J‘ سان. 

اصغر وڳڻ ٻڌايو ته گذريل 30 سالن کان هُو سڀ گڏجي هڪ هيءَ هوٽل هلائي رهيا آهن پر هاڻ ٻارن جي وڏي ٿيڻ تي هُو مختلف هنڌن تي ورتل پلاٽن تي هِن هوٽل جون شاخون کولي رهيا آهن. 

هتي اهو به لکندو هلان ته اسان جي منظور جوکئي نه فقط ملڪ جي اعليٰ امتحانن CSS ۽ PCS لاءِ ڪاميابي حاصل ڪئي پر هن ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي امتحانن ۾ نالو روشن ڪيو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان ماس ڪميونيڪيشن ۾ ماسٽرس ڊگري امتحان ۾ فرسٽ پوزيشن کڻڻ تي کيس گولڊ ميڊل مليو. 

نه فقط علمي پر ادبي ۽ صحافتي دنيا ۾ پڻ منظور جوکئي جو نالو مٿانهون رهيو آهي. آل پاڪستان نيوز پيپرس سوسائٽي (APNS) طرفان کيس ٻه ڀيرا سال 2003 ۽ 2004 جو ايوارڊ مليو. ’اڪيڊمي ادبيات‘ اسلام آباد طرفان سال 2004ع لاءِ ڪھاڻين جي مجموعي ’خيال،خوشبو ۽ ستارا‘ تي کيس ’شاهه عبداللطيف ايوارڊ‘ مليو. ان کان سواءِ هو سفرنامي ’هوا جي ديوار‘ تي ’سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ‘ پاران ايوارڊ ۽ سال 2008ع ۾ ’سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن‘ طرفان ’لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ‘ به ماڻي چڪو آهي. پنھنجي پيشي جي حوالي کان مختلف ڏيھي، پرڏيھي عالمي ادارن مان اعليٰ درجي جي تربيت حاصل ڪندڙ منظور جوکيو، ڪھاڻي، ڪالم، مضمون، سفرنامي ۽ ترجمي سان بيحد پيار ڪري ٿو. 

منظور جي 1987ع ۾ شادي ٿي. کيس ٽي پٽ ۽ هڪ ڌيءَ آهي. وڏو پٽ ’شرجيل‘ مھراڻ يونيورسٽيءَ مان انجنيئرنگ ڊگري حاصل ڪرڻ بعد آمريڪا ۾ آهي، جتي هُو ماسٽرس ڪري رهيو آهي. ’دانيال‘، قانوندان بڻجڻ چاهي ٿو. هُو Law جي تعليم ڪراچيءَ مان حاصل ڪرڻ بعد وڪالت ڪري رهيو آهي. ’قرت العين‘، ٽيڪسٽائِل ڊزائينر آهي ۽ ننڍو پٽ ’عاليان‘ حيدرآباد ۾ پڙهي رهيو آهي. 

دعا آهي ته اهي سڀئي پنھنجي والد جي نقشِ قدم تي هلي، نه فقط علم پرائڻ ۾ نالو پيدا ڪندا، پر بلند اخلاق ۽ ديندار پڻ ثابت ٿيندا.

 

الطاف شيخ 
پھرين مارچ 2021ع 

اداري پاران

سفرنامي جي لکت جو عروج

’امرتا پبليڪيشنز‘ پاران سائين الطاف شيخ جو پڌرو ٿيندڙ هي ڪتاب ’آمريڪا ڙي آمريڪا‘ چوٿون ڪتاب آهي، ان کان اڳ ۾ سندس ٽي ڪتاب ترتيبوار ’زنجبار جهنگٻار‘، ’نڪري ويا ناکُئا‘ ۽ ’چِين ڪيو بي چَين‘ پڌرا ٿي چڪا آهن. اسان جو ادارو پنهنجي لئه اها خوشبختي جي ڳالهه ٿو سمجهي ته سنڌي ٻوليءَ جي هن نامور ۽ يگاني ليکڪ جنهن جي لکت جو خاص ميدان ’سفرنامو‘ آهي، تنهن جا لاڳيتا ڪتاب ’امرتا پبليڪيشنز‘ جي پاران پڌرا ٿي رهيا آهن. اهو هُنن جو اسان مٿان اعتماد آهي. 

سائين الطاف شيخ، پنهنجي عمر جي 78هين سال ۾ آهن، ڌڻي کين وڏي حياتي ۽ صحت نصيب فرمائي، انهن سالن ۾ هُنن پنجانوَي سنڌي ۽ 13 اردو جا ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ سفرنامن کي خاص اهميت حاصل رهي آهي. مطلب ته سائين الطاف شيخ پنهنجي ڪتابن جي سئنچري اسڪور ڪري چڪو آهي، پر سندس لکت واري چاهه کي سندس وڌندڙ عمر به روڪي ڪونهي سگهي ۽ پاڻ اڳي کان اڳرا ثابت ٿي رهيا آهن ۽ شيخ اياز جيان پنهنجي وقت جي هر گهڙي لکڻ پڙهڻ جي عشق ۾ گهاري رهيا آهن.

هيءُ مسلسل چوٿون ڪتاب آهي سائين الطاف شيخ جو، جيڪو مون ڇپجڻ کان پهرين پڙهيو آهي ۽ ڇپجي پڌرو ٿيل ڪتابَ پڙهڻ جو انگُ ته مون کي ياد ڪونهي، پر توهان الطاف شيخ جي ڪتابن يا سندس لکت سان منهنجي موهه جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهو ٿا ته هي واحد ليکڪ آهي، جنهن جا ڪتاب مون پنهنجي اَيٽين ايج ۾ پئسا نه هجڻ جي صورت ۾ اوڌر تي به وٺي پڙهيا ها. هتي ڳالهه آءٌ اها چوڻ جي ڪوشش پيو ڪريان ته مون سائين الطاف شيخ کي مسلسل پڙهيو آهي ۽ اڄ منهنجي هن جي ڪتابن يا لکت بابت اها راءِ اچي بيٺي آهي ته موجوده وقت سائين الطاف شيخ جي ’لکت جي عروج‘ جو آهي، هاڻ هُنن پنهنجي لکت کي اهڙو ته پرفيڪٽ بڻايو آهي، جو هُو عام سفرنامن جيان رواجي سفري ڳالهيون نٿو ڪري، بلڪِ سفرنامن سان سلهاڙيل معلومات، ماضي، حال، مستقبل سان گڏ هڪ ريسرچر يعني محقق جيان تاريخ کي به پنهنجي لکت ۾ ضرور شامل رکي ٿو ۽ اها تاريخ رواجي محققن يا تاريخدانن جيان خشڪ يا نصابي ٻوليءَ واري ڪونهي، بلڪِ هڪ روان ۽ غيرروايتي انداز ۾ هجي ٿي، جيڪا پڙهندڙ کي بور يا بيزار قطعي نٿي ڪري، ساڳئي وقت وٽس سمجهاڻيون ڏيڻ لاءِ به ديسي مثال موجود آهن، مثال هن ڪتاب ۾ ئي هُو آمريڪا جي ندين نالن جي آسپاس موجود شهرن جي ڳالهه پنهنجن شهرن ڄامشورو، ڪوٽڙي، هالا، دادو، مورو جي مثالن سان سمجهائي ٿو، جن سان پڙهندڙن وٽ پڪچر بلڪل چِٽِي ۽ بنهه صاف شفاف ٿي سامهون اچي وڃي ٿي.

هن ڪتاب ’آمريڪا ڙي آمريڪا‘ ۾ سائين الطاف شيخ، آمريڪا ۽ ان جي شهرن، ندين نالن، سمونڊن، ماڻهن جي طبيعتن، سوچ و فڪر سميت هر پهلوءَ تي قلم کنيو آهي ۽ ڪتاب کي هڪ وڻندڙ سفرنامو هئڻ سان گڏ  تحقيق نامو يا تاريخ نامو بڻائڻ ۾ ڪا ڪَسَر ڪونهي ڇڏي. اهڙَي حَسِين ڪم تي ’امرتا پبليڪيشز‘ جو سمورو سَٿُ، سائين الطاف شيخ کي جَسُ ته ڏئي ئي ٿو، پر کيس مبارڪباد به پيش ڪري ٿو.

’امرتا پبليڪيشنز‘ پنهنجي پڙهندڙن جي به تمام گهڻي شڪرگذار آهي، جن هميشه اسان جي ڪتابن کي مانائتي موٽ ڏني آهي، پر سائين الطاف شيخ جي هر ڪتاب کي ته بنهه گهڻو ساراهيو به آهي ۽ دل سان خريد به ڪيو آهي. دعاڳو آهيون ته اوهان جتي به هجو، سُکيا هجو- آمين.

فقير محمد ڍول

آچر 15 مئي 2022ع 
امرتا ڇاپ گهر - حيدرآباد

آمريڪا ڙَي آمريڪا

---

آمريڪا - موقعن جو ملڪ

آمريڪا - موقعن جو ملڪ
America - The Land of Opportunities

آمريڪا، هڪ عجيب ملڪ آهي.
دنيا جي ماڻهن جي خوابن جو ملڪ آهي بلڪه خوابن جي ساڀيان جو ملڪ آهي. گذريل ٽي چار سؤ سالن کان دنيا جي مختلف ملڪن، ننڍن توڙي وڏن، غريب توڙي امير، ڪمزور توڙي طاقتور، ويجھن توڙي ڏورانهن ملڪن جا ماڻهو، هِتي هميشه رهڻ لاءِ ايندا رهن ٿا، جيڪي هميشه رهڻ کان مجبور آهن يا جن کي هميشه رهڻ جي موڪل نٿي ملي، اهي تيستائين آمريڪا ۾ رهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، جيستائين هنن کي ڪڍيو نٿو وڃي يا گهٽ ۾ گهٽ اهو عرصو گذارين ٿا، جيڪو هنن کي هن ملڪ جو اميگريشن کاتو قانوني طرح هِتي رهڻ جي اجازت ڏئي ٿو.
آمريڪا، دنيا جي ملڪن جي مقابلي ۾ طاقتور ۽ امير ملڪ هڪ طرف آهي ته ظالم، مغرور ۽ بي حس ٻئي طرف... پر اهي negative ڳالهيون، هِتي جي حڪومت جون ٻين ملڪن جي حڪومتن سان آهن. هِتي جي عوام لاءِ يا ڌارين ماڻهن لاءِ، جيڪي هِتي اچي رهائش اختيار ڪن ٿا، انهن کي هن ملڪ ۾ خوشحالي ۽ بهتري ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هي اهو ملڪ آهي جِتي انسان جي پورهئي جو قدر آهي. جِتي هر انسان کي ايترو مليو وڃي، جو هن جون بنيادي ضرورتون ته پوريون ٿيو وڃن بلڪه بچت به ٿيو وڃي. هِتي هن کي سوچ ۽ ڳالهائڻ جي آزادي آهي. هـِتي هن کي مذهب جي آزادي آهي. وڻيس ته مسجد ٺهرائي وڻيس ته مندر ٺهرائي پنهنجي اپائڻهار جي بندگي ڪري. وڻي ته دَهرِيو ٿي هلي جنهن لاءِ سندس ڪو به مٿو نٿو ڦاڙي، ڪو به سندس گهر ٻار کي نٿو ساڙي. هِتي ڪنهن ڇوڪريءَ کي وڻي ته منهن ۽ مٿي کي روبند (روسري) سان ڍڪي، وڻي ته مني اسڪرٽ ۾ مين روڊ تان هلي يا بڪنيءَ ۾ پنهنجي بئاءِ فرينڊ سان گڏ بيچ (سامونڊي ڪناري) تي ليٽي رهي. هِتي دنيا جا اعليٰ ڪاليج ۽ يونيورسٽيون آهن جن مان ڪو چاهي ته مختلف سبجيڪٽن ۾ تعليم حاصل ڪري يا اسڪول جي تعليم ختم ڪري ڪنهن هوٽل ۾ وڃي بئرو ٿئي يا ٽئڪسي هلائي. هِتي بهترين قسم جون دوائون ۽ اسپتالون آهن. هِتي قاعدو قانون آهي... امير توڙي غريب لاءِ ساڳيو ئي ساڳيو... ۽ نه فقط قاعدو قانون آهي پر ان تي عمل به ڪرايو وڃي ٿو. هِتي انصاف آهي ۽ غريب کي جھٽ پٽ انصاف مهيا ڪرڻ لاءِ انسان ذات جي بنا ڪنهن لالچ يا اجوري جي خذمت ڪرڻ واريون انجمنون آهن، جيڪي لاچار ۽ بيوس ماڻهن جو track رکن ٿيون. هِتي اسان جهڙن ملڪن جيان ناهي ته ڪنهن جي شڪل پسند نه اچڻ تي هن کي هميشه لاءِ غائب ڪيو وڃي ٿو ۽ نه سعودي عرب ۽ ڪويت جهڙن ملڪن جيان آهي ته ڏوهه جي خاطري ڪرڻ بنا ملزم کي جيل ۾ هڻي ڇڏجيس ۽ هن کي وڪيل ڪرڻ جو به موقعو نه ڏنو وڃي. هِتي هر ماڻهوءَ جي علم، هنر ۽ پورهئي مطابق قدر ڪيو وڃي ٿو. جپان ۽ جرمني جيان ناهي ته انهن جا ماڻهو هر ڳالهه ۾ اتم اتاهان باقي ٻيا سڀ ائين ئي آهن. اها Feeling ته اسان جي مسلمان عرب ملڪن ۾ به آهي.
آمريڪا ۾ رهائش اختيار ڪندڙ هڪ سريلنڪا جي پروفيسر چيو ته:
“Probably the number onething I miss most about America is not openness and friendliness of the people”.
”پر اها مرڪ ۽ دوستاڻو رويو هڪ ظاهري ڏيک ئي ته آهي.“ مون چيومانس.
”هل کڻي ظاهري ڏيک ئي سهي،“ هن وراڻيو، ”پر جپانين، عربن، فرينچن ۽ ٻين امير ملڪن جي ماڻهن وانگر منهن ته نٿا سُڄائين. هاڻ ملائيشيا، ٿائلنڊ ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن ۾ پئسو آيو آهي ته اهي به پاڻَ کي سمجھڻ لڳا آهن. ڌارين سان اهڙي نفرت سان ملن ٿا ڄڻ اهي سندن ملڪيت کڻي ويندا. ويندي انهن ڊاڪٽرن، انجنيرن، پروفيسرن سان جن کي هو پاڻ پنهنجي ملڪ جي خدمت لاءِ دعوت ڏيئي گهرائين ٿا.“
آمريڪا ۾ Settled منهنجي سنگاپور جي چيني دوست کان به ساڳيو سوال ڪيم ته، ”هِتي آمريڪا ۾ هن کي ڪهڙي سٺي ڳالهه لڳي ٿي؟“ آمريڪا اچڻ کان اڳ هُو مون سان گڏ ٻه سالَ ملائيشيا جي نيول اڪيڊمي ۾ به پروفيسر هو ۽ سعودي عرب جي ڪنهن بندرگاهه ۾ ٽي سال پورٽ ڪئپٽن به ٿي رهيو هو.
”آمريڪا ۾ قانون جي سو ڀڃڪڙي نه ڪريو،“ هن چيو، ”باقي ٻيو توهان کي جيڪي وڻي اهو ڪريو. توهان جي ڳالهه جو پاڙي وارو به نوٽس نه وٺندو.“
”ڇا مطلب؟“ مون پڇيومانس.
”يعني هِتي اسين آزاد آهيون. آئون ۽ منهنجا ٻار چيني ڊريس پهريون يا پتلون يا چڍيءَ ۾ واڪ ڪريون،“ هن ٻڌايو، ”ملائيشيا وانگر نه ته جيڪا ڊريس ملئي پهرين ٿا اها ئي عزت واري آهي پوءِ ڀلي دنيا سندن گوڏ ۽ لُنڊي قميص يا باتڪ جي چٽڪمري (اجرڪ جهڙي) قميص تان کِلي، پر ساڻن گڏ ڌارين لاءِ به اها پهرڻ ضروري آهي. ۽ نه وري سعودي عرب وانگر آهي جِتي عربن کان علاوه ٻيو ڪو اڇو جبو ۽ مٿي تي نوڙُ ٻڌي نٿو سگهي. ڄڻ اها پاڪ ڊريس فقط عربن لاءِ ئي مقرر ٿيل هجي، جنهن کي پائي هڪ اڻ پڙهيل ۽ بيوقوف بدو به وڏي عقل ۽ مانَ شانَ جو مالڪ ٿيو وڃي ۽ ٻيا سڀ هن اڳيان اڇوت ليکيا وڃن ٿا.“
”هِتي منهنجيون ڌيئرون سائڪلنگ ڪنديون رهن ٿيون، گهر ۾ سئمنگ پول آهي جنهن ۾ اسين Swimming ڪريون ٿا. اسان هِتي ڪتي پالڻ جو شوق به پورو ڪري رهيا آهيون پر مجال آهي جو ڪو پاڙي وارو اسان کي گهٽ وڌ چوي يا برو ڀلو سوچي.....“
”پر ڪتي پالڻ جهڙو شوق ته پاڙي لاءِ جوکائتو ٿيو اها ته آمريڪا جي سٺي ڳالهه نه چئبي.“ مون چيومانس.
”آمريڪا توهان کي توهان جا حق enjoy ڪرڻ ٿو ڏئي ته توهان جي فرضن(duties) تي به ٻڌل هجڻ جي تلقين ٿو ڪري ته ڪتي کي فلاڻيون سُيون هڻائي جراثيم ۽ بيمارين کان بچايو. هن کي روز صابڻن ۽ شئمپوئن سان وهنجاريو ۽ هن جي ڳچيءَ ۾ ميونسپل طرفان مليل رجسٽريشن نمبر ڪارڊ ۽ پٽو وجھي پاڻ سان سوگھو رکو. ان هوندي به جيڪڏهن اهو ڀونڪي پاڙي واري جو سک ڦٽائي ٿو ته هن تي سرڪار طرفان ڏنڊ مڙهيو وڃي ٿو ۽ جي اهو ڪنهن واٽ ويندڙ يا گهر کان ٻاهر ڪنهن کي هلڪو چڪ به هڻي ٿو يا ٺَلهو پَتلُون کان جھلي ٿو ته ڪتي رکندڙ جو سِرُ ويو. هن تي هزارين ڊالر ڏنڊ پئجي سگهي ٿو ۽ ان ڏنڊ جي ڊپ کان هرڪو سوچي سمجھي هي شوق ڪري ٿو ۽ جي ڪري به ٿو ته ڪتي کي هر وقت پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکي ٿو.“
منهنجي خيال ۾ اهو ئي سبب آهي جو هر ڪو سڪون سان ڪتي وارن اڳيان لنگهيو وڃي، ڇو جو هن کي خبر آهي ته اهو هن کي نه ڏاڙهيندو ۽ جي ڏاڙهيائين يا معمولي چڪ به هنيائين ته ڪتي جي مالڪ يا انشورنس ڪمپني طرفان سندس علاج هڪ طرف ٿيندو ته ٽيهه چاليهه لک رپيا ڪئش ’هرجاني‘ طور الڳ ملندس.
اسان وٽ گهٽين ۾ رول ڪتن جو هوندو. ڪو به خيال نه رکندن. جڏهن ميونسپلٽي وارا انهن رول، بيمار ۽ مرذِيل ڪتن کي مارڻ لاءِ ايندا ته پاڙي وارا مٿن پِٽن جو وسڪارو لائي ڏيندا ته ڇو ٿا بي زبان جانورن کي ماريو. پوءِ انهن رول ڪتن مان بيماريون پکڙن، گهٽين کي گندو ڪن ۽ انهن مان ڪجهه ڪتا پاڳل ٿي ماڻهن کي چڪِين. دنيا ۾ سڀ کان گهڻا پاڳل ڪتن جي چڪن جو شڪار سنڌ جا ماڻهو ٿين ٿا ۽ دوائن ۽ ڊاڪٽرن جي اڻ هوند ۽ بي حسيءَ ڪري سڀ کان گهڻا موت به سنڌ ۾ ٿين ٿا.
امريڪا جي حق ۾ سڀ کان گهڻو اهو جملو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته ’America is a land of opportunities.‘ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته امير توڙي غريب لاءِ هِتي وڌڻ ويجھڻ جا وڏا موقعا آهن. هِتي ڪيترائي غريب آيا جن وٽ آمريڪا جي سرزمين تي پير رکڻ مهل هڪ ٽڪو به نه هو پر هو محنت مزدوري ڪري پاڻ وڏن دڪانن، سپر مارڪيٽن ۽ ڪارخانن جا مالڪ ٿي ويا.
اهڙن ڪيترن ئي کي سڃاڻان جن پنهنجي وطن ۾ به پورهيو ڪيو ٿي ۽ هِتي به اچي دل لڳائي پورهيو ڪيو ۽ هينئر هو وڏي پراپرٽي جا مالڪ آهن، سندن ٻار سٺن اسڪولن ۾ پڙهن پيا، هو دل کولي خيرات ڏين ٿا ۽ پنهنجي وطن ۾ ڪيترائي اسڪول ۽ اسپتالون هنن جي مدد سان هلن ٿيون. هن هنڌ هنن جا نالا لکڻ مناسب نه ٿيندو متان هو offended محسوس ڪن ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا جيڪي ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ پروفيسر هئا ۽ هنن کي جيتوڻيڪ ڪا اهڙي جسماني جفاڪشي نه ڪرڻي پيئي پر پنهنجي علم، عقل، ايمانداري ۽ ذهني زرخيزيءَ ڪري هِتي اچي ايڏو نالو ۽ ڌن دولت ڪمايو آهي ۽ اهو سڀ مٿي ذڪر ڪيل پورهيتن وانگر حق حلال سان، جو هو پنهنجي وطن ۾ يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ نه ڪمائي سگهن ها.
دنيا جي ۽ اسان جي وطن جي ڪيترن واپار ۽ ڌنڌي ڌاڙي جي شوقينن، هِتي ٿوري پئسي ۽ پنهنجي عقل ۽ واقفيت سان بزنيس ۾ وڏو نالو پئدا ڪيو آهي. ون ڊالر شاپ، حلال فوڊ، مصالحن جا دڪان، ڪارپيٽ، پٿر ۽ ڪپڙن جا دڪان اسان جي ماڻهن هِتي متعارف ڪرايا. انڊين ماڻهو ته ڪمپيوٽر ۽ ٻي ٽيڪنالاجيءَ ۾ مڪاني ماڻهن توڙي يورپين کان گوءِ کڻي ويا آهن ۽ خوب ڪمايو اٿن. هنن پاڻ کي، پنهنجي خاندان، مائٽن مٽن ۽ ملڪ کي سکيو بڻايو آ، پر ساڳئي وقت ڪيترن ئي ڌارين، جن ۾ اسان جي ملڪ ۽ عرب ملڪن جا به اچيو وڃن ٿا، انهن شراب ۽ شباب پٺيان به خوب لٽايو ۽ وڃايو آهي. هنن لاءِ به آمريڪا ’موقعن جي سرزمين‘ آهي، جو هنن کي هِتي پئسو لٽائڻ ۽ عيش عشرت لاءِ نئين نئين قسم جا شراب، جوا خانا ۽ عياشي جا اڏا نظر اچن ٿا جن ۾ وڃڻ کان هنن کي ڪنهن جي به روڪ ٽوڪ جو خوف خطرو ناهي. ائين ته ڪئين ٻاوا پنڊت، مولوي، عالم به آمريڪا ۾ اچن ٿا. هنن لاءِ به آمريڪا ساڳي اهميت رکي ٿي يعني هنن کي آزادي ۽ موقعا فراهم ڪري ٿي ۽ هو هِتي آمريڪا ۾ جنهن آسانيءَ سان پنهنجي دين ڌرم جي پرچار ڪن ٿا اهڙي آزادي سان ته هو يورپ ۾ ته ڇا پر پنهنجي ننڍي کنڊ يا عرب ملڪن ۾ به نٿا ڪري سگهن.
هِتي جا ماڻهو کُلئي ذهن جا ماڻهو آهن... هنن کي سهپ جو مادو آهي... حڪومت طرفان آزادي مليل آهي ته جنهن کي وڻي اهو مسجد ٺهرائي يا مندر. جنهن کي جيڪو وڻي اهو مذهب اختيار ڪري. اهو ئي سبب آهي جو نائِن اِليوِن جي هيڏي هنگامي ۽ گوڙ بعد به مسلمان آزادي سان هلندا رهن ٿا ۽ جيتريون گهڻيون مسجدون ۽ مسلمان نائن اليون بعد ٿيا آهن اوترا ڪڏهن به نه ٿيا. هونءَ به اسلام، آمريڪا ۾ سڀ کان تيز رفتاريءَ سان وڌندڙ مذهب آهي، جنهن بابت تفصيل سان پنهنجي آمريڪا واري پهرين سفرنامي ’نيو هالا کان نيويارڪ‘ ۾ لکي چڪو آهيان.

آمريڪا ۾ لڏي ايندڙ اسان جي ماڻهن جا مختلف دؤر

آمريڪا ۾ لڏي ايندڙ اسان جي ماڻهن جا مختلف دؤر

پاڪستان کان لڏي آمريڪا آيل immigrant آمريڪا ۾ رهڻ دوران گهڻو ڪري ٽن دورن مان گذرن ٿا. پهريون دور پنج سال کن هلي ٿو. هن دور ۾ گهڻا immigrants پنهنجي وطن کي ڏاڍو ياد ڪن ٿا ۽ پنهنجن والدين ۽ مائٽن سان گڏ زندگي گذارڻ لاءِ واپس وطن ورڻ جي سوچيندا رهن ٿا. هو پنهنجي وطن جون ڪجهه ڳالهيون ياد ڪري بيتاب ٿيو وڃن. ڪجهه اميگرنٽ پنهنجي ملڪ جون سهولتون ۽ سک ياد ڪن ٿا، جيڪي ظاهر آهي ڌارين ۽ ماڊرن ملڪن ۾ نه آهن. پاڪستان ۾ ته مائرون، ڀينرون يا نوڪر چاڪر هر خدمت لاءِ تيار رهن ٿا. رڌ پچاءُ هجي يا ڪپڙا ڌوئڻ ۽ استري جو ڪم، هر شيءِ ٻين طرفان ٿي ملي ٿي. هر شيءِ ٺهي ٺڪي ملي ٿي. اسان کي فقط ماني کائڻ لاءِ اچي حاضر ٿيڻو پوي ٿو. پر هتي آمريڪا ۾ نه فقط نوڪري ڪرڻي پوي ٿي پر رڌو پڪو، گهر جي ڇنڊ ڦوڪ ۽ ٻهاري به پاڻ ڪرڻي پوي ٿي. هن دور ۾ ڪيترا پنهنجن گهاٽن دوستن ۽ پيارن کي ياد ڪندا رهن ٿا جن سان هو پنهنجي وطن ۾ دل جو حال اوريندا هئا ۽ صلاح مشورو وٺندا هئا. آمريڪا ۾ پير رکڻ سان يڪدم اهو احساس ٿيو وڃي ته هتي ڪو مفت جو لنگر نه پيو هلي. ٻين لفظن ۾ ’There is no free lunch‘ هتي جيئڻ لاءِ جدوجهد ضروري آهي. هو هر وقت اهي ئي ڳالهيون ڪندا رهن ٿا ته اسان فقط هيترو ڪمائي وٺون ته پوءِ واپس وطن روانا ٿي وڃون. هو هن پهرين دور ۾ پنهنجي ملڪ دوستن يارن، مٽن مائٽن کي گهڻي کان گهڻا فون ۽ خط لکن ٿا. پنهنجو احوال کين ٻڌائيندا رهن ٿا ۽ کانئن سندن حال پڇندا رهن ٿا.
آمريڪا ۾ ايندڙن جو اهو پهريون دور جنهن کي انگريزي ۾ Phase به سڏي سگهون ٿا، اهو پنجن سالن اندر ختم ٿيو وڃي يا ان کان اڳ ئي، جيئن ئي هو پنهنجي وطن پهرين چڪر تي وڃي ٿو. اهي ماڻهو جيڪي آمريڪا جهڙي نئين ملڪ ۾ پهچي مونجهاري ۾ پئجي ويا هئا ۽ کين پنهنجي وطن جا ڪانگ به ياد اچڻ لڳا هئا اهي جڏهن وڏي سڪ ۽ اُڪير مان پنهنجي ملڪ پاڪستان پهچن ٿا ته هنن کي يڪدم احساس ٿئي ٿو ته هڪ سڌريل ۽ ڊيولپڊ ملڪ ۽ هڪ پٺتي پيل ملڪ ۾ ڪيڏو ته وڏو فرق آهي. هنن کي عجيب مونجهه ۽ depression ٿئي ٿو. پاڪستان جي گرمي، مڇر ۽ مکيون هڪ طرف سک ڦٽائين ٿيون ته هوا ۾ آلودگي ۽ منرل واٽر جي بوتلن ۾ به گندگي هنن کي دست ۽ گُهمرا ڏيو ڇڏين. آمريڪا کان پاڪستان ۾ کڻي دوائون سستيون آهن پر هو وائڙا ٿيو وڃن جڏهن کين حقيقت جي خبر پوي ٿي ته اسان وٽ نقلي يا دو نمبري دوائون آهن جن مان ويتر نقصان ٿئي ٿو. موڪل تي پاڪستان اچڻ تي کين اهو به تعجب لڳي ٿو ته سندن گهاٽا دوست ۽ مائٽ جن کي ياد ڪري هنن کي آمريڪا ۾ سک نه پئي آيو اهي پاڪستان ۾ بهتر ۽ آرام واريون نوڪريون هجڻ جي باوجود هو کانئن پاڪستان ڇڏڻ ۽ آمريڪا ۾ اچڻ جا طريقا پڇن ٿا. هنن جو اندر ئي اندر ڀڄي ڀُري پوي ٿو. وطن واپس موٽي اچي هميشه رهڻ جا خواب ڇيتيون ڇيتيون ٿي وڃن ٿا. سندن پاڪستاني دوستن لاءِ اها حيرت ۽ خوش نصيبي جي ڳالهه آهي ته هي اميگرنٽ آمريڪا ۾ اعليٰ قسم جي ڪار هلائين ٿا ۽ هنن آمريڪا جا ۽ واپسي تي يورپ جا ڪيترائي شهر گهميا آهن. هنن مان ڪجهه جا والدين کين مٿين دل سان چون ٿا ته موٽي پنهنجي ملڪ اچو اسين توهان کي ياد ڪريون ٿا. ڪيترا ته کين اهو به نٿا چون بلڪه کين آمريڪا ۾ رهڻ جي همٿ افزائي ڪن ٿا. آخر هنن جي آمريڪا ۾ رهڻ ڪري سندن قرض پيا لهن، گهر بهتر نموني سان پيا هلن، پئسي جي بچت پئي ٿئي. هنن جي آمريڪا ۾ رهي ڪمائڻ ڪري گهر جي سٺي مرمت ٿي سگهندي، ڀيڻن جي شادي ٿي سگهندي، ڀائر ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهي سگهندا... خواهشون انيڪ ۽ اهي خواهشون، اهي خواب، اهي سڌون، اهي شوق غريب ڪٽنب جا فقط ۽ فقط تڏهن پورا ٿي سگهندا جڏهن هنن جي گهر جو ڪو ڀاتي فارين ايڪسچينج ڪمائي سگهندو.
هاڻ آمريڪا موٽڻ تي اسان جي اميگرنٽ جو ٻيو دؤر (Phase) شروع ٿئي ٿو. هن ٻئي دور ۾ هن کي پاڪستان وڃڻ جي چاهت تمام گهٽ محسوس ٿئي ٿي. البت ڪڏهن ڪڏهن ٿوري ياد ستائيس ٿي. هو هاڻ پاڪستان ۾ موٽڻ کان اڳ اتي هڪ گهر ٺهرائڻ جو سوچي ٿو جنهن لاءِ هو پئسو به موڪليندو رهي ٿو. هن جو هي ٻيو ’دؤر‘ ان وقت ختم ٿئي ٿو، جڏهن هن کي خبر پوي ٿي ته ڪنهن سٺي علائقي ۾ پلاٽ خريد ڪرڻ ۽ ان تي گهر ٺهرائڻ جو اگهه وڌي ايڏو ٿي ويو آهي جو آسمان سان ٿو ڳالهيون ڪري. ان لاءِ هن کي وڌيڪ ناڻي جي ضرورت آهي ۽ جيترو پئسو هن پهرين سوچيو هو اهو ناڪافي آهي ۽ اهو پئسو جيڪو هن موڪليو اهو ٻين ضروري ڪمن تي خرچ ٿي ويو ۽ اهي ضروري ڪم هر فئملي ۾ ڪهڙا به ٿي سگهن ٿا. اگهايون سَگهايون، شاديون مراديون، قرض لاهڻ، پوليس جا ڪيس ۽ وڪيلن جون فيون يا والدين پنهنجي عقلمندي ڪري پئسو ڪنهن ڌنڌي ۾ لڳايو جيڪو سڀ لڙهي ويو. هاڻ ته والدين به سندس همت افزائي ٿا ڪن ته وطن موٽڻ بدران ولايت ۾ رهي پئسو ڪمائي ۽ ڳوٺ به موڪليندو رهي. هو پاڻ به هاڻ آمريڪا جي زندگي جو عادي ٿي ويو آهي. هن جا هاڻ آمريڪا ۾ ڪيترائي پاڪستاني آمريڪن دوست ٿي ويا آهن ۽ ڪجهه انڊيا ۽ ٻين ملڪن جا پڻ سڃاڻو ٿي ويا آهن، جن سان هن جي دل لڳي وئي آهي. هُو هاڻ آمريڪا ۾ ئي گهر وٺي رهڻ چاهي ٿو. هن کي هاڻ آمريڪا جو پاسپورٽ به ملي ويو آهي ۽ هو هاڻ ’پاڪستاني آمريڪن‘ آهي. ڪڏهن ڪڏهن هي اسان جو ’پاڪستاني آمريڪن‘ فئملي جي مسئلن ڪري يا نسل پرستي جي ڌڪار ڪري، يا نوڪري مان ڪڍيو وڃڻ ڪري مايوس ضرور ٿئي ٿو پر ٿلهي ليکي هو خوش آهي.
پاڪستان کان آمريڪا لڏي آيل اميگرنٽ جو ٽيون دؤر ڏهن ۽ پندرهن سالن جي وچ ۾ ڪنهن وقت به شروع ٿي سگهي ٿو. هي اهو دؤر آهي، جنهن ۾ هنن مان گهڻا سٺي طرح settle ٿي ويا آهن ۽ مڊل ڪلاس آمريڪن جي ليول تي يا ان کان کڻي ٿورو گهٽ آهن پر رهائش ۽ پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ پرسڪون آهن. وياج تي ورتل گهر ۽ گاڏي جي قيمت تقريبن ختم ڪرڻ تي آهن يا ختم ڪري چڪا آهن. هنن کي اباڻي ثقافت ۽ مذهب کي قائم رکڻ جو اونو رهي ٿو. هنن جي پهرين ترجيح پنهنجن ٻارن کي مذهب جي تعليم ڏيڻ آهي. ڏهه پندرهن سال آمريڪا ۾ رهڻ دوران هنن کي اهو احساس ٿيو آهي ته ههڙي ماڊرن ۽ ماده پرست مغربي ملڪ ۾ رهڻ ۾ ڪا قباحت ناهي جيڪڏهن هو پاڪستاني پنهنجي مذهب ۽ فئملي قدرن جو خيال رکن. اهڙو ٻار جنهن جو ننڍي هوندي کان مذهب ڏي رجحان رهي ٿو اهو آمريڪا جهڙي آزاد ماحول ۾ به ڀٽڪڻ کان بچيو وڃي. اهو ٻار پنهنجو پاڻ کي به صحيح راهه تي رکي ٿو ۽ والدين لاءِ به سڪون جو سبب بڻجي ٿو.
هن ٽئين دور ۾ پهچي اسان جا پاڪستاني آمريڪن هتي جي اسلامڪ سوسائٽين، پاڪستاني ايسوسيئيشن ۾ حصو وٺن ٿا ۽ ڪي ته ثقافتي ڪمن جهڙوڪ ميوزڪ ۽ شعر و شاعري جهڙين محفلن ۾ به حصو وٺن ٿا. هاڻ هنن ’پاڪستاني آمريڪن‘ کي پنهنجي وطن پاڪستان وڃڻ جي ضرورت نٿي پوي. پاڪستان پاڻ هنن وٽ هلي آيو آهي. پاڪستاني ڳائڻا، پاڪستاني سازنده، پاڪستاني اديب ۽ شاعر هنن وٽ هر سال آمريڪا ۾ گهمڻ لاءِ اچن ٿا. پاڪستاني ريسٽورنٽون جن تي هر وقت جليبيون، پڪوڙا، سِيرا پُوريون، پراٺا، ڇولا ۽ ٻيون اهڙيون شيون نه فقط موجود آهن پر پنهنجي ملڪ جي ڀيٽ ۾ بيحد لذيذ ۽ صاف سٿريون شيون ملن ٿيون جو آمريڪا جهڙن ملڪن ۾ صحت ۽ فوڊ ڊپارٽمينٽ جا قاعدا قانون بيحد سخت آهن ۽ انهن تي عمل به ٿئي ٿو. ان ڪري هتي پراڻيون سُري لڳل داليون ۽ چَڻا نٿا اچن. گرِيس مان ٺهيل خطرناڪ تيل ’نج گيهه‘ جي نالي ۾ نٿا وڪامن. هنن مان ڪڏهن ڪو پاڪستان مان ٿي موٽي به ٿو ته آلوده پاڻي ۽ پاروٿي گوشت کائڻ بعد ڊائريا (دستن ۽ گُهمري) جو مريض ٿيو موٽي ٿو. جيتوڻيڪ هُو پاڪستان ۾ هر شئي کي احتياط سان واپرائي ٿو... گهر ۽ شهر جي وڏين هوٽلن کان علاوه ڪٿي به ماني نٿو کائي، پاڻي به اوچي ڪمپنين جي منرل واٽر بوتلن جو پيئي ٿو. پاڪستان کان اهڙن موٽي آيلن جون ڳالهيون ٻڌي ٻيا ڊڄيو وڃن ۽ ڪيترا ته پاڪستان وڃڻ جو ارادو ان سال لاءِ ڪئنسل ڪري ٻئي سال وڃڻ جي سوچ ڪن ٿا. اهڙي طرح اسان جو ’پاڪستاني آمريڪن‘ مڪمل طور ’آمريڪن‘ بڻجيو وڃي. ان سان گڏ هن جون ideas، لائيف اسٽائيل ۽ عادتون به گهڻي حد تائين بدلجيو وڃن. هنن مان جڏهن ڪو پاڪستان چڪر تي وڃي ٿو ته هن جا مائٽ مٽ توڙي دوست وائڙا ٿيو وڃن جڏهن هو اسلام، انساني حقن، انساني برابري (Human Equality)، ايمانداري سان زندگي گذارڻ، وقت جي پابندي، صحيح طرح نوڪري ۽ حق حلال جي ڪمائي کائڻ ۽ محنت ۽ پورهئي جهڙن عنوانن تي ڳالهائي ٿو. پاڪستانين کي حيرت لڳي ٿي جڏهن هنن کي خبر پوي ٿي ته سندن مسلمان دوست جا آمريڪا ۾ يهودي ۽ هندو به تمام سٺا دوست آهن.
آمريڪا ۾ رهندڙ گهڻي ڀاڱي پاڪستاني اميگرنٽ انهن ٽن دؤرن مان گذرن ٿا. ڪجهه immigrants جيتوڻيڪ آخري (ٽئين) دؤر ۾ وڃڻ بدران ٻئي ۾ اٽڪي پون ٿا ۽ هُو آمريڪا ڇڏي واپس پاڪستان موٽن ٿا ۽ اتي settle ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ڪجهه عرصو گذارڻ بعد هنن کي وري آمريڪا ياد اچي ٿو ۽ هُو پاڪستان مان لڏو پٽي وري آمريڪا اچن ٿا. هنن وٽ آمريڪا جو پاسپورٽ ته آهي ئي آهي، سو آمريڪا ۾ اچڻ لاءِ هنن کي ڪا دِقت نٿي ٿئي. آمريڪا ۾ پهچڻ سان وري هنن کي پاڪستان ياد اچي ٿو ۽ اهڙي طرح هنن جي اچ وڃ جو سلسلو هلندو رهي ٿو.

يار! اها ’لا‘ نه هُجي ها...

يار! اها ’لا‘ نه هُجي ها...

منهنجا ڳوٺائي توڙي ٻاهريان ڪڏهن ڪڏهن اهو بحث ڪندا آهن ته؛ هالا جو مطلب ڇا آهي. منهنجي معلومات موجب هالا ۾ جيڪي پهريان ماڻهو اچي رهيا انهن جو ’هالا‘ قبيلي سان واسطو هو. هي اهي آهن جيڪي اڄ ڪلهه ’ارباب‘ سڏائين ٿا. هي هالا قبيلي جا ماڻهو جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته وچ ايشيا کان لڏي ايران ۽ افغانستان کان ٿيندا هتي پهتا، انهن جا ڪجهه ماڻهو دنيا جي ٻين ملڪن ڏي پڻ شفٽ ٿيا ۽ پنهنجي ساڳي سڃاڻپ قائم رکيائون. بقولUBL بئنڪ جي اڳوڻي صدر ’منور ارباب‘ جي ته هنن جي ذات جا ڪجهه ’هالا‘، ڪوريا ڏي به نقل مڪاني ڪري ويا. ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته ڪوريا ۾ خاص ڪري ڏکڻ ڪوريا ۾ هالا نالي ڪيتريون ئي جهازن ۽ ڪارخانن جون ڪمپنيون آهن.
اسان جو دوست سابق فيڊرل سيڪريٽري ’فضل الله قريشي‘ چوندو آهي ته؛ ”هالا جي سياستدان تي ڪڏهن به اعتبار نه ڪجي. هو ’ها‘ ڪري ’لا‘ چوندي ويرم ئي نٿا ڪن.“ هالا تعليم، هٿ جي هنرن ۽ خاص ڪري ادب ۽ شعر و شاعريءَ کان به مشهور آهي. تڏهن ته اسان جي هڪ ڳوٺائي شاعر دوست ’حميد شهيد‘ جي والد محترم مرحوم محمد عمر، تخلص ’اختر هالائي‘ جو هالا بابت هڪ شعر آهي ته:
شاعري، موسيقي ۽ علم و ادب کي گڏ ڪري،
هڪڙي مرڪز تي وٺي آيس ته هالا ٿي پيو.
بهرحال اهو عجيب اتفاق آهي، جو هالا جي ٻن اُچارن مان هڪ سنڌيءَ ۾ ۽ هڪ عربي ۾ پڻ آهي، جن جون معنائون هڪ ٻئي جي اُلٽ ڪري، هر هڪ کي چرچي جو موقعو مليو وڃي. هالا لاءِ هڪ ٻئي پياري شاعر ’محبوب سروري‘ جو مزاحيه شعر آهي ته:
هالا جو وڻي شهر مون کي يار ٿو ڏاڍو،
پر ’ها‘ جي پٺيان يار اها ’لا‘ نه هجي ها.
ان ڏينهن واشنگٽن کان پنهنجي گهر نيوجرسي پهتس ته ڪولوراڊو رياست کان پنهنجي ننڍپڻ جي پيٽارو جي دوست ڊاڪٽر رامچند اوڏ جو فون آيو، ”توهان کي پنهنجي ڳوٺ هالا جي معنيٰ جي خبر آهي؟“ هن مون کان پڇيو.
”مون کي نه پنهنجي ڳوٺ هالا جي ۽ نه تنهنجي ڳوٺ ڪنڊيارو جي معنيٰ جي خبر آهي، پر آهي ته خير؟“ مون چيومانس.
”ان ڪري ٿو پڇان جو مون هن وقت هالا جي معنيٰ پڙهي آهي ته عربيءَ ۾ ڀليڪار (Welcome) آهي.“ رامچند ٻڌايو؛ ”هتي ڪولوراڊو رياست ۾ منهنجي ڀرواري شهرAspen ۾ هڪ عرب شهزادي بندر بن سلطان بن عبدالعزيز جو 95 ايڪڙ زمين تي محل نما گهر وڪامي رهيو آهي، ان جو نالوThe Hala Ranch آهي. اڄ جي اخبار ۾ ان بابت خبر آئي آهي ۽ اهو پڻ لکيل آهي، هن محل جو نالو ’هالا‘ آهي، جنهن جي عربي ۾ معنيٰ آهي ’خوش آمديد.‘...“
بهرحال هالا لفظ، عربيءَ جو هجي يا سنڌيءَ يا پارسيءَ جو ۽ سندس معنيٰ کڻي ڇا به هجي، پر هالا جي نالي سان آمريڪا ۾ گهر هجڻ جو ٻڌي مون کي به ان خبر پڙهڻ ۾ دلچسپي پيدا ٿي.
سعودي شهزادي طرفان ڪولوروڊو رياست ۾ ٺهرايل هن گهر جي، جيڪو هو هن وقت چوڏهن ڪروڙ ڊالرن (ساڍن اٺ ارب روپين) ۾ وڪڻي رهيو آهي، وڏي تعريف لکيل آهي ته ان جي چوڌاري جبلن ۽ ماٿرين جو خوبصورت قدرتي نظارو آهي. مالڪ ۽ سندس فئملي لاءِ 15 بيڊروم ۽ 26 باٿ روم آهن. ان کان علاوه نوڪرن چاڪرن، بورچين، ڊرائيورن جي رهائش لاءِ ڌار ڌار ڪمرا آهن. هڪ هڪ ڪمري ۾ اوچي ڪاٺ(Mahogany) جو ڪم ٿيل آهي. گهر جي ڀاتين لاءِ هڪ حصي ۾ باربر جو دڪان، بيوٽي پارلر، ٽينس ڪورٽ، مڇين جو تلاءُ، سڄو ڍڪيل سئمنگ پول، گاڏين لاءِ پنهنجو پيٽرول پمپ ۽ مڪينڪ جو دڪان آهي. سڄي گهر کي حفاظت ۾ رکڻ لاءِ سيڪيورٽي جو اعليٰ اليڪٽرانڪ سسٽم رکيل آهي. انهن شين کان علاوه هن گهر ۾ گهوڙن جو اصطبل ۽ جاگنگ ٽريڪ به آهي. هن گهر لاءِ چيو وڃي ٿو ته، ”اڄ ڪلهه سڄي آمريڪا ۾ مهانگي ۾ مهانگوSingle-Family گهر ويڪُو آهي.“
هي گهر ’Hala Ranch‘ سعودي شهزادي، بندر بن سلطان وڏي خرچ ۽ شوق سان آمريڪا ۾ رهائش دوران ٺهرايو. 1971ع ۾، شهزادو بندر بن سلطان سعودي هوائي فوج جو فائيٽر پائلٽ هو. ان بعد دهران ۾ اسڪاڊرن ڪمانڊر ٿي رهيو. سندس والد شهزادو سلطان بن عبدالعزيز جيڪو سعودي عرب جي دفاع جو وزير هو، چار شاديون ڪيون، جن مان هڪ يمني عورت جيڪا شادي کان اڳ سندس گهر ۾ نوڪرياڻي هئي، شهزادو بندر ان جو پٽ آهي. شهزادي بندر بن سلطان آمريڪا ۾ ايئر فورس جي وڌيڪ ٽريننگ دوران ڪيترا ئي آمريڪي آفيسر دوست ٺاهيا ۽ آخرڪار هن کي آمريڪا ۾ سعودي عرب جو سفير مقرر ڪيو ويو. مون سان گڏ سئيڊن ۾ سعودي عرب جو هڪ نيول آفيسر رهندو هو، اهو سعودي عرب جي هن شهزادي لاءِ چوندو آهي ته؛ بابا ان يمني نوڪرياڻيءَ جي پٽ، وڏو مال ميڙيو آهي. هُونءَ به هن لاءِ مشهور آهي ته هن ويهه سال کن، جيڪي واشنگٽن ۾ سعودي عرب جو سفير ٿي گذاريو، ان ۾ ڪروڙها، اربها ڊالر ميڙيا. هن آمريڪي فوجي ڪارخانن ۾ تيار ٿيل مال جي وڪري ۾ ڪڏهن به ڪوتاهي نه ڪئي ۽ پنهنجي ملڪ کي خرچ ڪرائي فائدا حاصل ڪندو رهيو.
شهزادو بندر بن سلطان (۽ سندس زال شهزادي حائفه جيڪا ڪنگ فيصل جي ڌيءَ آهي) پنهنجي سفارتي نوڪري دوران ورلي ڪو واشنگٽن ۾ رهيا، جتي پوٽومئڪ ندي جي ڪناري تي چين برج روڊ وٽ پڻ وڏو بنگلو آهي، جنهن ۾ 26 ڪمرا اسٽاف (نوڪر چاڪر، ڊرائيور بورچي وغيره) جي رهائش لاءِ آهن ته 15 ڪمرا سندن ۽ سندن مهمانن لاءِ آهن. انهن گهرن کان علاوه هن شهزادي جي ملڪيت ۾ لنڊن جي ڀروارو سڄو ڳوٺ ۽ ان ۾ ٺهيل محل، موراڪو ۾ هڪ محل، رياض ۾ هڪ محل ۽ جدي ۾ سمنڊ جي ڪناري تي هڪ محل ۽ ٻيا به ڪيترا ئي گهر ۽ ٻيون جائدادون آهن. پنهنجي ملڪ جي، شهنشاهي خاندان جي ڳجهين ڳالهينSecret missions کان علاوه هو وڏي بش، ڪلنٽن، ننڍي بش ۽ رونالڊ ريگن جا راز وارا ڪم به سرانجام ڏيندو رهيو آهي. آمريڪا ۾ سفير ٿي اچڻ کان اڳ، هو سعودي ڪابينا جو ميمبر هو، پر هيڏانهن اچڻ کان اڳ ان پوسٽ تان استعيفيٰ ڏيڻ بدران، اڄ تائين اها قائم رکي اٿس. واشنگٽن يا ڪولوراڊو ۾ هجڻ دوران، جڏهن به سعودي عرب ۾ وزيرن جي ميٽنگ ٿيندي هئي ته پاڻ پنهنجي ذاتي هوائي جهاز ۾ هتان نڪرندو هو ۽ سترهن ڪلاڪن ۾ رياض پهچي ويندو هو.
شهزادي بندر بن سلطان جي جاءِ تي سندس سالو شهزادو ترڪي بن فيصل آمريڪا جو سفير ٿي اچي رهيو آهي، جيڪو هن کان اڳ ٽي سال لنڊن ۾ سفير هو ۽ 24 سالن لاءِ سعودي عرب جي جاسوس کاتي(Intelligence) جو باس ٿي رهيو. هنن سالي ۽ ڀيڻوئي لاءِ مشهور آهي ته شهزادو بندر بن سلطان سعودي عرب جو جيمس بانڊ آهي ته شهزادو ترڪي بن فيصل سعودي عرب جوGeorge Smiley آهي. شھزادي ترڪيءَ، فرانس ۾ جاسوسيءَ جي ٽريننگ ورتي ۽ ان بعد آمريڪا جي جاسوسي کاتي سي آءِ اي سان گڏ ڪيترا ئي اهم ڪم سرانجام ڏنا. 27 ڊسمبر 1979ع تي جڏهن روس جي ڳاڙهي فوج افغانستان ۾ ڌوڪي آئي ته ان کي آخرڪار ڪڍڻ ۾ آمريڪا جي سي آءِ اي سان گڏ هن (شهزادي ترڪي بن فيصل) اهم پارٽ ادا ڪيو. هن افغانستان ۾ وڙهندڙ مجاهدن لاءِ آمريڪا سان گڏ، پنهنجي خزاني مان به ڪافي دولت خرچ ڪئي، پر هن جو سڀ کان وڏو ڪارنامو ۽ تحفو اسامه بن لادن هو، جيڪو هڪ امير يمني ٺيڪيدار جي 56 ٻارن مان هڪ هو. اسامه بن لادن پنهنجي ملڪيت کان علاوه ڪيترن ئي امير سعودين کان لکين ڊالر چندا هٿ ڪري افغان مجاهدن جي مدد ڪئي ۽ روسين سان جنگ جوٽڻ لاءِ همٿ افزائي ڪئي. جنهن وقت فيبروري 1989ع ۾ روسي، خوار خراب ٿي افغانستان ڇڏي، پنهنجي پکن ڏي وڃي رهيا هئا ته اسامه بن لادن جو مانُ مرتبو هڪ قومي هيري برابر پهچي چڪو هو.
2 آگسٽ 1990 تي، جڏهن صدام حسين عراق ۽ ڪويت تي فتحيابي حاصل ڪئي ته اسامه بن لادن، شهزادي ترڪي بن فيصل سان، سندس آفيس ۾ ملڻ لاءِ آيو. اسامه ويهڻ سان شهزادي ترڪيءَ کي چيو، ”مون ٻڌو آهي ته سعودي شاهي خاندان، عراقين کي ڪويت مان ڀڄائڻ لاءِ آمريڪي فوج کي دعوت ڏئي رهيا آهن. اهو توهان اجايو ڪم ٿا ڪريو. منهنجا ’افغان عرب‘ ويڙهاڪ اهو ڪم خير خوبيءَ سان سرانجام ڏئي سگهن ٿا.“
اسامه جي اها ڳالهه ٻڌي، شهزادي ترڪيءَ وڏو ٽهڪ ڏنو. هن ان کي هڪ چرچو سمجهيو. ان کان پوءِ هن ڳالهه جيڪو پلٽو کاڌو، اهو شهزادي ترڪيءَ جي چواڻي تاريخ جو هڪ مهانگو چرچو ثابت ٿيو. اسامه بن لادن وڌيڪ ڳالهائڻ يا ٻڌڻ بدران، ڪاوڙ مان اٿي کڙو ٿيو ۽ پٺيان آفيس جو دروازو زور سان بند ڪري، ٻاهر نڪري آيو. اتان ئي تاريخ جو اهو موڙ شروع ٿئي ٿو.
اسامه اهو اندازو لڳائي ورتو ته سعوديه وارا، آمريڪن کي پنهنجي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ ۽ تيل جي سهوليتن تي قبضي جو موقعو ڏئي رهيا آهن ۽ صدام کي آمريڪن ئي ٽِيڪرُون ڏئي، ڪويت تي حملو ڪرايو ۽ هاڻ صدام هنن جي ڪوڙڪين ۾ ڦاسي پيو آهي ۽ آمريڪن لاءِ سعودي عرب ۾ داخل ٿيڻ جو بهانو پيدا ٿي ويو آهي. ان وقت کان اسامه، سعودي شهنشاهي خاندان ۽ آمريڪا جي خلاف ٿي بيٺو ۽ دنيا جو Most Wanted دهشتگرد ٿي پيو. شهزادي ترڪي بن فيصل، جيڪو سعودي عرب جي جاسوسي کاتي جو پاءُ صديءَ کان چيف هو، تنهن نائن اليون واري حملي کان فقط چند ڏينهن اڳ، پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني. اها ڳالهه دنيا جي اهڙي وڏيMystery سمجهي پئي وڃي، جنهن جي حقيقت جي اڃا ڄاڻ پئجي نه سگهي آهي. ٿي سگهي ٿو اهو اتفاق(Coincidence) هجي. ڪيترا ئي عرب، اهو ئي شڪ ڪن ٿا ته ٿي سگهي ٿو، شهزادي ترڪي بن فيصل کي کڙڪ پئجي وئي هجي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڪجهه ٿيڻ وارو آهي ۽ هن ان جي الزام کان بچڻ لاءِ اڳواٽ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ڪجهه وقت آرام جي زندگي گذارڻ بعد، هو پنهنجي ڀيڻويئي شهزادي بندر بن سلطان جي جاءِ تي، آمريڪا ۾ سفير ٿي آيو آهي ۽ شهزادو بندر، سعودي عرب جي نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جو سيڪريٽري جنرل ٿيو آهي، جيڪا سعودي حڪومت ۾ تمام مٿانهين پوسٽ آهي ۽ ان پوسٽ جي ڪري هن کي گهڻو وقت سعودي عرب ۾ ئي گذارڻو پوندو. ان ڪري هو امريڪا وارو محلHala- Ranch وڪڻي رهيو آهي.
شهزادو بندر (عربي ۾: صاحب السمو، الملڪي الامير بندر بن سلطان بن عبدالعزيز آل سعود) 2 مارچ 1949ع تي طائف شهر ۾ ڄائو. سندس والد شهزادو سلطان، سعودي عرب جو ڊپٽي پرائيم منسٽر هو. شهزادي بندر جا بش فئملي سان تعلقاتن جو احوال ڪرئگ اُنگر جي ڪتاب ’هائوس آف بش، هائوس آف سعود‘ ۾ تفصيل سان ڏنل آهن. هڪ ٻيو ڪتاب ’Plan of Attack‘ جيڪو باب وڊورڊ لکيو آهي، ان ۾ عراق جنگ ۽ تيل جي قيمتن گهٽائڻ بعد ڪيترا ئي الزام شهزادي بندر سلطان تي لڳايا ويا آهن. شهزادي بندر بن سلطان کي سندس زال حائفه بنت فيصل مان، چار پٽ ۽ چار ڌيئرون آهن.

آمريڪا ۾ رهڻ لاءِ DO’s ۽ DONT’s

آمريڪا ۾ رهڻ لاءِ DO’s ۽ DONT’s

نيو جرسيءَ کان نيويارڪ ڏي وڃڻ کان ٻه ڏينهن اڳ، ملائيشيا مان منهنجي هڪ شاگرد ۽ هاڻ دوست، ڪئپٽن نور عذري (Nur Azri) جو فون آيو. مون کيس گذريل مهيني فون ڪيو هو پر پاڻ پينانگ کان آسٽريليا روانو ٿي چڪو هو. سندس زال فاطمه فون کنيو هو. تنهن ٻڌايو هو ته سندس مڙس (ڪئپٽن عذري) جيڪو هڪ جهازران ڪمپنيءَ جي آفيس ۾ ڪم ٿو ڪري، سندس ڪمپني جي ڪنهن جهاز جي ڪئپٽن جي بيمار ٿيڻ ڪري هو پاڻ ايمرجنسي جي حالت ۾ جهاز کي آسٽريليا وٺي ويو آهي جو جهاز کي بنا ڪنهن دير جي، وقت اندر اتي پهچي گلف جي ڪنهن بندرگاهه لاءِ رڍون ڍوئڻيون هيون.
مختلف مشينن ۽ بناوٽ (Architectural Design) کان علاوه هر جهاز جي سامان کڻڻ جي خيال کان مختلف ٽيڪنالاجي ۽ مسئلا ٿين ٿا. پئسينجر جهازن جا پنهنجا مسئلا آهن ته ڪنٽينر کڻندڙ جهازن جا پنهنجا. اهڙيءَ طرح تيل کڻندڙ (Oil Tanker)، ڪيميڪل کڻندڙ، گئس LPG کڻندڙ، موٽر ڪارون کڻندڙ يا جانور کڻندڙ (Cattle Ships) جا پنهنجا پنهنجا مسئلا آهن. جهاز هلائيندڙن جا گهٽ يا وڌ پگهار به ان حساب سان ٿين. جنهن ۾ جان جو گهڻو خطرو، ان جهاز هلائڻ جو گهڻو پگهار. ڪئپٽن عذري شروع وارن سالن ۾ چوپائي مال جا جهاز (Cattle Ships) هلائي چڪو آهي، سو ههڙي ايمرجنسي ۾، جڏهن هنن کي ٻيو ڪو ڪئپٽن نه ملي سگهيو ته آفيس جو ڪم پنهنجي اسسٽنٽ حوالي ڪري، پاڻ جهاز کي ڪاهي ويو. مون سندس ٻارن، جيڪي هتي نيوجرسي جي رٽگرز يونيورسٽي ۾ پڙهن ٿا، انهن جي خبر چار سندس زال کي ٻڌائي. سندن ڌيءَ کي سيمسٽر ختم ٿيڻ کانپوءِ جاب ڪرڻ جو ارادو هو، باقي پُٽ جا امتحان ختم ٿيڻ تي مهينو کن ڳوٺ پينانگ، ملائيشيا وڃڻو هو ۽ هاڻ مهيني کن بعد جڏهن ڪئپٽن عذري جي واپس پهچڻ جو مون کي اطلاع مليو ته مون کيس پنهنجي پروگرام بابت اِي ميل ڪيو، جنهن جي جواب ۾ هن مون کي فون ڪيو، ”تنهنجي گاڏيءَ ۾ جي جاءِ ٿئي ته منهنجي پٽ کي به نيويارڪ کڻي وڃ. هن جي ان ڏينهن تي JFK ايئرپورٽ تان ملائيشيا لاءِ اڏام آهي.“
”تون بلڪل بي فڪر رهه، کيس ۽ سندس ٻن بئگن کي اسان پاڻ سان نه رڳو نيويارڪ پر ايئرپورٽ تائين کڻي وينداسين.“ وراڻيومانس.
نيوجرسي ۾ جتي آئون رهان ٿو، اتان رٽگرز يونيورسٽي ائين آهي جيئن مٽيارين کان سنڌ يونيورسٽي ۽ نيويارڪ ائين آهي جيئن ڪراچي. سو نيويارڪ وڃڻ لاءِ گهران نڪري، ڪئپٽن عذري جي پٽ کي کڻڻ لاءِ رٽگرز يونيورسٽي پهتس. آئون مقرر وقت کان اڌ ڪلاڪ اڳ پهچي ويو هوس. عذريءَ جو پٽ اڃا پئڪنگ ۾ مشغول هو. هو ڪمرو خالي ڪري هلي رهيو هو سو ضروري سامان جون هن ٻه بئگون ٺاهيون، باقي هلڪو ڦلڪو سامان، ڪجهه ڪپڙا، ڪتاب وغيره ۽ ٻيو اهڙو سامان جنهن جي هاڻ هن کي ضرورت نه هئي، ان جي هڙ ٺاهي ٻاهر اڇلڻ ٿي چاهي. ڪتاب ۽ ڪاپين جي بنڊل ۾ مٿان ئي مٿان ڪجهه پنا Staple ٿيل هئا. وقت پاس ڪرڻ لاءِ آئون اهي کڻي انهن جا صفحا اٿلائڻ لڳس. هي ملئي زبان جا ڏهه کن ٽائيپ ٿيل صفحا هئا. ملئي زبان اسان جي سنڌي رسم الخط وانگر به ٿئي، يعني عربي اسٽائيل، ته انگريزي نموني ABCD واري لکائي ۾ به ٿئي. گذريل اڌ صديءَ کان ملئي زبان انگريزي نموني سان لکي وڃي ٿي، جنهن کي رومن سڏجي ٿو. عربي لکڻي واري ملئي، جنهن کي ’جَوي‘ سڏجي ٿو، اها هاڻ ورلي ڪا استعمال ٿئي ٿي. ملائيشيا مان هڪ اڌ اخبار جويءَ ۾ نڪري ٿي يا وري مذهبي ڪتاب خاص ڪري حديثن جا جويءَ ۾ هوندا آهن، جن کي فقط وڏي عمر جا، جيڪي جويءَ کان واقف آهن، پڙهي سگهن ٿا. باقي نوجوان طبقو جيڪي اسڪول ۾ توڙي ڪمپيوٽر تي فقط رومن لکڻي استعمال ڪن ٿا، انهن لاءِ جوي پڙهڻ ڏکيو ڪم آهي. بهرحال اسان پاڪستان جا جيڪي سنڌي يا اڙدو کان واقف آهيون ۽ ملئي زبان ڳالهائي سگهون ٿا، اهي ملئي جون ٻئي لکڻيون پڙهي سگهون ٿا.
هنن ٽائيپ ٿيل پنن تي رومن ملئي ۾ آمريڪا ۾ رهڻ بابت هدايتون هيون ته هڪ ڌارئين ملڪ جي ماڻهوءَ کي آمريڪا ۾ ڪهڙين ڳالهين تي ڌيان ڌرڻ کپي. خاص ڪري هڪ شاگرد يا شاگردياڻيءَ کي ڪلاس روم ۾ ٻين غير مسلمان آمريڪن سان ڪيئن هلڻ کپي، يا هاسٽل جي ڪمري ۾ رهڻ دوران ڪهڙين ڳالهين جو خيال ڪرڻ کپي. جيئن ٻئي کي ناگوار نه لڳي. ڇو جو ڪيتريون ڳالهيون آهن جيڪي پنهنجي ملڪ ۾ کڻي عام هجن پر ٻئي ملڪ ۾ خراب سمجهيون وڃن ٿيون. جيئن ٿائلينڊ ۾ پير يا بوٽ جو ترو ٻئي ڏي ڪري نه ويهجي، جيڪا ڳالهه اسان وٽ عام آهي ۽ هر ڪو ٽنگ ٽنگ تي رکي ويهي ٿو ۽ ڪو به ان ڳالهه جي پرواهه نه ٿو ڪري ته ڪنهن جي بوٽ جو ترو سامهون يا ڀر ۾ ويٺل ڏي آهي. ٿائلئنڊ ۾ ڪرنسي نوٽ ڪري پوي ته ان کي فضيلت سان هٿ سان کڻجي. ان کي نه پير سان ريڙهجي ۽ نه ان مٿان پير ڏجي جو ٿائلينڊ جي نوٽن تي ان ملڪ جي بادشاهه جو فوٽو ٺهيل آهي ۽ ٿائلينڊ ۾ بادشاهه سلامت جي فوٽوءَ جي بي عزتي يا بي حرمتي ڪرڻ تي گهٽ ۾ گهٽ ڇهه مهينا جيل آهي. اها ڳالهه ان ڪري ياد اچي وئي جو گذريل هفتي هڪ آسٽريليا جي ٽوئرسٽ کي بئنڪاڪ ۾ هڪ هفتو جيل اچي ويو جو ڏهن ڀاتن جي نوٽ کي مروڙي ان سان پنهنجو ڪن کوٽي رهيو هو.
آئون انهن ٽائيپ ٿيل پنن تي آمريڪا ۾ ايندڙ ڌارين شاگردن جي رهنمائي لاءِ هڪ قسم جا ’Do’s & Don’t’s‘ پڙهڻ لڳس. ڪي ڪي ڳالهيون پڙهي آئون مرڪي به رهيو هوس. ”انڪل! ڪيناپا“ (انڪل ڇو؟) ڪئپٽن عذري جو پٽ، مون کي مرڪندو ڏسي شڪي ٿيڻ لڳو.
”تيداڪ آپا.... آپا،“ (ڪا ڳالهه ناهي) مون وراڻيومانس، ”بلڪ سٺي ڳالهه آهي. هر ماڻهوءَ کي ٻئي ملڪ جي رسم رواج جي خبر هجڻ کپي، تنهنجي هنن پنن ۾ تمام سٺيون ڳالهيون لکيل آهن.“
ملئي ماڻهو توڙي ملائيشيا جي حڪومت، انهن ڳالهين ۾ ڏاڍي حساس آهي ته سندن ماڻهن جي معمولي غلطين ڪري، ملڪ جي بدنامي نه ٿئي. ملائيشيا ۾ هوس ته هر سال حج تي ويندڙ حاجين کي هفتو کن ڪنهن نه ڪنهن مسجد يا اسڪول جي ميدان تي ٽريننگ ڏني وئي ٿي ته احرام ڪيئن ٻڌجي، طواف ڪيئن ڪجي، مِنيٰ ۾ ڪيئن رهجي ۽ شيطان کي پٿريون هڻڻ لاءِ ڪيئن ٽولي ۾ نڪرجي ۽ تڪڙ ڪرڻ يا ٻين کي ڌڪا ۽ ٿيلها ڏئي هلڻ بدران تحمل ۽ صبر کان ڪم وٺجي، وغيره وغيره. اهو ئي سبب آهي جو حج دوران نه فقط سعودي عرب جا ماڻهو ملئي ماڻهن جي عزت ڪن ٿا، پر اسان جا ماڻهو به تعريف ڪندا آهن ته ملئي، انڊونيشي ۽ برونائي جا ماڻهو ڏاڍا فضيلت وارا آهن. اسان پاڪستانين، ترڪن، ايرانين ۽ سوڊانين وانگر نه تڪڙ ڪن ٿا ۽ نه وري ٻين کي ٿيلها ڏين ٿا.
بهرحال هتي هنن پنن مان ڪجهه ڳالهيون پنهنجن پڙهندڙن لاءِ قلم بند ڪريان ٿو. انهن ۾ ڪي ته معمولي ڳالهيون آهن، ڪي کل جوڳيون پر انهن مان به ملئي ماڻهن جي احساسن جو قدر ٿئي ٿو ته هنن کي پنهنجي قوم ۽ ملڪ جو خيال آهي ۽ هو هر وقت ان ڪوشش ۾ لڳا رهن ٿا ته هنن کان ڌارئين ملڪ ۾ ڪا اهڙي غلطي نه ٿي وڃي، جيڪا کل يا بي عزتي جو سبب بڻجي يا سندن ڪنهن بيوقوفيءَ جي ڪري ٻين جي دل آزاري ٿئي.
هتي اهي نصيحت ڀريا نقطا يا رهنمائي طور ڏنل ڳالهيون لکڻ دوران ڪٿي ڪٿي پنهنجي ڪا Comment ڏني اٿم ته اها ڏنگين ۾ لکي اٿم.

ڌارين ملڪن کان آمريڪا ۾ ايندڙ شاگردن لاءِ، ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ جوڳيون ڳالهيون.

ڌارين ملڪن کان آمريڪا ۾ ايندڙ شاگردن لاءِ، ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ جوڳيون ڳالهيون.

• ماڻهن اڳيان نڪ جي کوٽ کوٽان نه ڪجي.
• ڪنهن سان به ان جي ٿولهه جي ڳالهه نه ڪجي ته You are very fat (بقول نيويارڪ جي ڊاڪٽر نذير ميمڻ جي ٿولهه ڪيترين ئي بيمارين جي پاڙ آهي ۽ اوچن کاڌن ۽ گهٽ ورزش ڪري وڃن آمريڪن ٿلها ٿيندا ۽ هنن کي احساس به آهي ته هنن جو وزن وڌي رهيو آهي، پر ڪيترا ئي مجبور آهن جو هو پنهنجي کاڌي ۾ چَٽَي جي شين (ڪيڪ، پيسٽرين چاڪليٽن) يا شربتن تي ڪنٽرول نٿا ڪري سگهن ۽ نه وري کين پنڌ ڪرڻ لاءِ وقت ملي ٿو).
• ڪنهن کان به اهو نه پڇجي ته تو هيءَ شئي گهڻي جي ورتي آهي يا تون ڪيترو ٿو ڪمائين؟
• ٻئي جي گهر ۾ مهمان طور وڃجي ته نه ٽي وي جو چئنل بدلائجي ۽ نه ايئرڪنڊيشنر جو ڪنٽرول. جيڪڏهن توهان کي سيءُ ٿو پوي ته سئيٽر پائي ڇڏيو.
• ٻئي جو فون استعمال ڪرڻ وقت، پنج ڇهه منٽن کان مٿي نه ڳالهائجي. ڀلي کڻي ڪنهن ٻئي جو فون توهان لاءِ آيو هجي ته به گهڻو وقت نه لڳائجي، ڇو جو ٿي سگهي ٿو گهر جي مالڪ جو ڪو اهم فون اچڻ وارو هجي.
• ٻئي جي دعوت ۾ پاڻ سان گڏ ڪو به دوست يا مائٽ نه وٺي وڃجي، يا ان لاءِ ميزبان کان اڳواٽ موڪل وٺجي.
• باٿ روم ۾ ويهه پنجويهه منٽن کان مٿي نه لڳائجي.... ٿي سگهي ٿو ڪو ٻيو به انتظار ۾ هجي.
• عام پبلڪ ۾ ڇڪ، اوڳرائي يا اوٻاسي ڏيڻ کان گريز ڪجي. اوڳرائي يا ڇڪ اچي وڃي ته ’Excuse me‘ چئجي. کنگهڻ يا ڇڪ ڏيڻ مهل، پنهنجي منهن تي هٿ يا رومال ڏجي.
• ڪنهن به دعوت يا فنڪشن ۾ وقت تي پهچجي... وڌ ۾ وڌ پنج منٽ اڳ يا پنج منٽ دير سان... ان کان وڌيڪ نه اڳ پهچجي ۽ نه پوءِ.
• ڪٿي حاضر ٿيڻ لاءِ ها ڪجي ته ضرور پهچجي. ائين نه ته دعوت ملڻ وقت ها ڪري پاڻ کي سٺو ثابت ڪجي ۽ پوءِ اچجي ئي نه.
• ڪنهن سبب ڪري جيڪڏهن دعوت ۾ شريڪ ٿي نٿو سگهجي ته ميزبان کي اڳواٽ اطلاع ڪجي.
• ڊيوڊورنٽ، عطر يا ٻي ڪا خوشبوءِ هڻڻ توهان کي پسند هجي يا نه پر ٻين خاطر ضرور هڻي وڃجي. ڏندن کي برش ڪجي يا ڪنهن ’مائوٿ واش‘سان گرڙيون ڪري پوءِ محفل ۾ وڃجي. آمريڪن جسم مان نڪرندڙ بُوءِ بابت تمام گهڻو حساس آهن.
• گاڏي هلائڻ دوران، جيتريقدر ٿي سگهي هارن جو استعمال نه ڪجي. اهو فقط ايمرجنسي جي حالت ۾ وڄائي ٻئي کي خبردار ڪرڻ لاءِ آهي.
(ڪجهه ڏينهن اڳ آئون پنهنجي ڀاڻيجي ضمير وسطڙو سان گڏ ڀرواري شهر ايڊيسن جي شاپنگ مال ۾ پهتس. ضمير، ’اولڊ نيوي‘ نالي اسٽور اڳيان ڪار پارڪ ڪئي ۽ هاڻ اسان لهڻ وارا هئاسين ته هڪ پوڙهو آمريڪن، پنهنجي ڪار، پارڪنگ لاٽ مان اهڙي ته غلط طريقي سانReverse ڪري ڪڍڻ لڳو جو هُو سڌو اسان طرف ڌوڪيندو آيو ۽ اسان جي ڪار کي مون واري پاسي اهڙو ته ٽڪر هڻي ها جو ڪار سان گڏ منهنجو به پاسو نڪري وڃي ها. ضمير وٺي هارن مٿان هارن ڏنس. پوڙهو پهرين ته ڳالهه سمجهي نه، ساڳي رفتار سان ڌوڪيندو آيو، پر پوءِ گهڻا هارن ڏيڻ تي کڻي بريڪ هنيائين ۽ اسان جي ڪار تر تان بچي وئي. ڀرواري فٽ پاٿ تي هڪ ٻي آمريڪن عورت جيڪا شاپنگ بئگ هٿ ۾ کڻي ان وقت 'Old Navy' شاپ مان ٻاهر نڪتي هئي ۽ هي سمورو لقاءُ ڏسي رهي هئي سا اسان جي گاڏين طرف وڌي. اسان سمجهيو اسان کي اچي چوندي ته توهان کي حادثي کان خدا بچايو آهي يا پوڙهي کي سمجهائيندي ته گاڏي سولي طرح هلائي ۽ ٻين جي جانين جو خيال ڪري، پر هوءَ مون واري پاسي کان ڦري ضمير وٽ اچي هن کي ڪاوڙ مان چيائين:
”ڏسين نٿو ته هو وڏي عمر جو پوڙهو گاڏي پيو هلائي ۽ تون هارن وڄائي هن کي ڪنفيوز پيو ڪرين.“
پوڙهيءَ جي همدردي بدران Unexpected دڙڪي جي ڪري، ضمير اهڙو ته منجهي ويو جو سمجهه ۾ نه آيس ته ڪهڙو جواب ڏجي ۽ پوءِ جڏهن هَئو مَئو ٽري ويو يعني پوڙهو به هليو ويو ۽ عورت به پنهنجي گاڏيءَ ۾ رواني ٿي وئي ته ضمير ٽهڪ ڏيندي چيو، ”ماما ڏسو ٿا. ڏوهاريءَ بدران دڙڪا فرياديءَ کي پيا ملن“)
• ڪار هلائڻ مهل پنهنجيون بتيون فلئش ڪري ٻئي کي جلد هلڻ يا رستو ڏيڻ لاءِ مجبور نه ڪريو.
• پنهنجي ڪار جي بتين کي ’High Beam‘ تي رکڻ کان پرهيز ڪريو، پر جيڪڏهن توهان بهتر ڏيک لاءِ بتين کي هاءِ بيم تي رکو ٿا ته پوءِ جيئن ئي توهان کي سامهون ڪا گاڏي نظر اچي ته بتين کي ’Low Beam‘ تي ڪري ڇڏيو.
• رات جو نائين کان پوءِ ۽ صبح جو اٺين کان اڳ، پنهنجي ٽي ويءَ يا ريڊيو جو آواز هرگز مٿانهون نه ڪريو.
• ڪنهن وٽ مهمان ٿي رهو ٿا ته ان جو ڪمرو يا ڊارميٽري روم، ڇڏڻ وقت بهتر نه ته گهٽ ۾ گهٽ اهڙي حالت ۾ ڇڏيندا ڪريو جهڙي اها داخل ٿيڻ وقت هئي.
• پنهنجي اسڪول ٽيچر کي ’ٽيچر‘ چئي سڏڻ بدران، هن جو نالو کڻي سڏ ڪجي. جيئن ته پروفيسر رچرڊ، مسٽر سمٿ يا مسز جونس وغيره.
• هلندي وقت، رستي تي يا پنهنجي ڪمري جي دريءَ مان، ڪنهن به قسم جو گند ڪچرو نه اڇليو. اهو ڏوهه جو ڪم آهي. هر قسم جو ڪچرو، ٿيلهيءَ ۾ بند ڪري، ٽوڪريءَ ۾ اڇلائجي. (اڄ ڪلهه آمريڪا ۾ عام پبلڪ يا گهرن ۾ رهندڙن لاءِ ٽن قسمن جون ٽوڪريون نظر اچن ٿيون. هڪ ۾ پنا، رسالا، اخبارون وجهڻ لاءِ، ٻيءَ ۾ شيشي جو سامان اڇلڻ لاءِ ۽ ٽِين باقي سامان لاءِ)
• جڏهن به ڪاليج، يونيورسٽي يا هاسٽل جي ٽئاليٽ مان نڪرو ته ڪموڊ کي فلئش ڪرڻ نه وساريو.
• استعمال شده ٽئاليٽ پيپر، ڪچري جي دٻي ۾ اڇلڻ بدران ڪموڊ ۾ وجهڻ کپي.
• آمريڪا ۾ عورتون، مهيني وارن ڏينهن ۾ نئپڪن استعمال ڪن ٿيون يا Tampons. استعمال شده نئپڪن ڪموڊ ۾ هرگز نه اڇليو جو ان سان ڪموڊ چوڪ ٿي سگهي ٿو. ان بدران ان کي ٽشو پيپر سان ڍڪي ڪچري جي دٻي ۾ اڇليو. آمريڪا ۾ رهندڙ عورتون ٽئمپان جو وڌيڪ استعمال ڪن ٿيون، جنهن کي ڪموڊ ۾ اڇلائي سگهجي ٿو ۽ ان سان ٽئاليٽ سسٽم خراب نٿو ٿئي. ان ۾ جي ڪڏهن نئلان يا پلاسٽڪ جي ڪا شيءِ لڳل آهي ته اها ڪچري جي دٻي ۾ اڇلائجي.
• مهيني وارن ڏينهن ۾ ڪا شاگردياڻي بهتر محسوس نٿي ڪري ۽ هوءَ ڪا دعوت يا ڪلاس اٽينڊ نٿي ڪرڻ چاهي ته هن جو ايترو چوڻ ڪافي آهي ته ”Sorry, I was not feeling well“. اڳلو پاڻهي سمجهي ويندو.
• آمريڪا ۾ دوا درمل جو خرچ تمام وڏو آهي. ان ڪري هر شاگرد کي کپي ته هو هيلٿ انشورنس خريد ڪري. ڪيترين يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾، ڌارين ملڪن کان آيل اسٽوڊنٽس کي ’اسٽوڊنٽ هيلٿ سينٽر‘ معرفت، سستي اگهه تي انشورنس مهيا ڪئي وڃي ٿي. ان جو فائدو هر شاگرد کي وٺڻ کپي.
• آمريڪا ۾ جيڪڏهن توهان ڪار هلائڻ چاهيو ٿا ته ان لاءِ پڻ انشورنس خريد ڪريو. ياد رکو ته آمريڪا ۾ ڪڏهن به انشورنس بنا ڪار نه هلائجي. روڊ جي حادثن ۾ ڪڏهن ڪڏهن لکها ڊالر ڀري ڏيڻا پون ٿا، جيڪي انشورنس جي حالت ۾ انشورنس ڪمپني ڀري ٿي. جيڪڏهن توهان پنج سال پراڻي يا ان کان گهٽ پراڻي ڪار هلايو ٿا ته ان لاءِ ڪار جو انشورنس ۽ Liability انشورنس حاصل ڪرڻ پڻ ضروري آهي.

اسان جي غم جو داستان

اسان جي غم جو داستان

آمريڪا ۾ ڪيترائي اسان جا ايشيائي پئسو ڪمائڻ ۽ خوشحال زندگي گذارڻ جي شوق ۾ ويا. ڪيترن پئسو ڪمايو. هو خيال ۽ خبرداريءَ سان هليا. پئسو بچايائون، ان جي صحيح طرح سِيڙپ ڪيائون. ٻارن کي اعليٰ تعليم ۽ اخلاق جهڙين شين سان مالا مال ڪيائون ۽ آخر تائين پنهنجي زندگيءَ جون گهڙيون سڪون ۾ گذاريائون، پر ڪيترا اسان جي ملڪن جا، آمريڪا جي رونق ۾ وهي ويا. سندن اولاد سڌرڻ بدران والدين لاءِ مسئلو بنجي پيو. بهرحال ان قسم جي ڪيترن ئي ماڻهن جون ڪهاڻيون اڪثر پڙهڻ ۾ اچن ٿيون. پاڪستان جي مشهور ڪالم نويس ۽ TV ائنڪر جاويد چوڌريءَ جو به ان بابت ’جم، جمال، جميل‘ نالي هڪ مضمون پڙهيو هوم پڙهندڙن جي معلومات ۽ دلچسپي لاءِ هِتي اهو ترجمو ڪري رهيو آهيان:
نيويارڪ سينٽر ٽائون جو هي جم، جمال ۽ جميل نالي صاحب جيڪڏهن هڪڙو ئي مثال هجي ها ته پوءِ هن جو اصل نالي ٻڌائڻ ۾ ڪو به حرج نه ٿئي ها، پر هن وقت آمريڪا جي پنجاهه رياستن جي پنج سؤ شهرن ۾ اهڙا سوين هزارين پاڪستاني موجود آهن، جن جي هيءَ ڪهاڻي آهي... جن جي سيني تي اهي ئي داغ آهن. منهنجو هي دوست اڄ کان ٻارهن سال کن اڳ، هڪ ايجنٽ کي پنج لک رپيا ڏئي آمريڪا پهتو هو. هي جڏهن پاڪستان کان نڪتو هو ته هن جو نالو ’جميل‘ هو، رستي تي هن جي تصوير ڪنهن ٻئي صاحب جي پاسپورٽ تي چنبڙائي وئي ته هي ’جمال‘ ٿي ويو، آمريڪا پهتو ته حالتن هن کي ’جِم‘ بنائي ڇڏيو. هاڻ هو آمريڪن جي نظر ۾ جم آهي. دوست هن کي جمال سڏين ٿا ۽ جڏهن هفتي يا ڏهه ڏينهن بعد پاڪستان مان فون ايندو آهي ته هُو جميل بڻجي ويندو آهي. منهنجي هن دوست جم، جمال، جميل جي ڪهاڻي رڙين سان لکڻ کپي. هن کي ’آهُن‘ ۽ ’دانهن‘ تي چٽڻ کپي ۽ ان کي پاڪستان جي هر ڀت تي ڳاڙهي مس سان تحرير ڪرڻ کپي. هن ۾ غم جا داستان آهن ته سُڏڪا ۽ دانهون ڪِيڪُون به!
منهنجو هي دوست ’جم، جمال، جميل‘ جڏهن پاڪستان کان نڪتو ته هن جي زال جي مٿي جا سڀ وار ڪارا هئا. هن جي کِل ۾ ندين جي وهڻ جو ترنم ۽ درياهن جو طلسم هو. هن جي در جي چونڪ تي هن جون ٻه ڌيئون بيٺيون هيون. ننڍيءَ جي هٿ ۾ ڪپڙي جي گڏي هئي ۽ وڏيءَ جي ڪلهي تي ڪِتابن جو ٿيلهو هو. هن کي ٻه پٽ هئا... سعادتمند، فرمانبردار ۽ پاڙُهو ٽائيپ. ٻنهي هن کي سامان کڻايو. هن کي هڪ سيڌي جو دڪان به هو، جنهن کي وڪڻي هن ايجنٽ لاءِ پئسن جو بندوبست ڪيو هو ۽ هن جا پوڙها ماءُ پيءُ به هئا، جن جو هُو اڪيلو پٽ هو. منهنجي هن دوست جم، جمال، جميل جو پاڪستان ۾ گذارو نٿي ٿيو. سيڌي جي دڪان مان به معمولي بچت هيس. کائڻ وارا گهڻا هئا. ڌيئرون به وڏيون ٿي رهيون هيون. پٽ جوانيءَ جي چانئٺ کان ٻه قدم پري هئا. سو ’جم، جمال، جميل‘ کي هنن جي مستقبل جو وڏو فڪر هو. منهنجي دوست گهر جي چانئٺ ٽپي، جميل مان جمال ٿي ويو ۽ پوءِ اٺن مهينن جي ذلت ۽ خواريءَ بعد آمريڪا پهتو ته ’جم‘ ٿي ويو.
منهنجو هي دوست گذريل ٻارهن سالن کان آمريڪا ۾ آهي. انهن ٻارهن سالن ۾ هن زندگيءَ جا جيڪي ڀوائِتا روپَ ڏٺا، اهي هُو ڄاڻي ٿو يا هن جو رب. هن ٽئاليٽ صاف ڪيا، ڪچرو کنيو، رستن تي ٻهاريون ڏنيون، چوڪيداري ڪئي، ڪتن کي وهنجاريو، مزوري ڪئي، پاڳل خاني ۾ چرين جا پوتڙا بدلايا، هوٽلن ۾ ٿانوَ ڌوتا ۽ هاڻ آخر ۾ هي گذريل چئن سالن کان ٽئڪسي هلائي رهيو آهي. انهن ٻارهن سالن ۾ هن جو پاڪستان سان ٽيليفون ۽ هنڊيءَ جو ئي واسطو رهيو. هي ڏينهن رات محنت ڪري پئسا ڪمائيندو رهيو. انهن مان فقط پنهنجي کائڻ پيئڻ جو خرچ ڪڍي باقي رقم پاڪستان موڪليندو رهيو. ڏهه ڏهه ماڻهن سان گڏ هو پَٽَ تي سمهندو رهيو ۽ هڪ هڪ جينز جي پتلون ۾ ٻه ٻه سال گذاريندو رهيو. اها هن جي زندگي هئي ۽ اهو هن جو روزانو ڪاروهنوار.
منهنجو هي دوست نيويارڪ جهڙي جنت ۾، دوزخ جهڙي زندگي گذاريندو رهيو، پر پٺيان آمريڪا کان هزارين لکين ميل پري ٽوبا ٽيڪ سنگهه ۾ هن جي گهر رپين پيسن جي ريل پيل ٿي وئي، گهر نئون ٺهي ويو، ٻارن گاڏيون خريد ڪري ورتيون، زال ڊائمنڊ جا زيور پائڻ لڳي ۽ ماءُ پيءُ کي حج جي سعادت نصيب ٿي وئي. دولت جي هن گهڻائيءَ آمد ڏيکاري ته هن جي ٻنهي پٽن پڙهائي ڇڏي ڏني. وڏو، خراب صحبت جو شڪار ٿي ويو. سگريٽ ڇڪڻ سان شروعات ٿي ته هيروئن تي اختتام... ننڍو نينگر، بدمعاشن ۾ وِهڻ لڳو، جھيڙو ٿيو، هن ڪاوڙ ۾ اچي گولي هلائي، ٻه ماڻهو قتل ٿي ويا، پاڻ گرفتار ٿي ويو. ڪورٽ ۾ موت جي سزا آئي. هُو اڄ ڪلهه ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ اپيل جي منظوريءَ جو منتظر آهي. وڏي ڌيءَ ڊرائيور سان ڀڄي وئي، ماءُ واسطا وجھي واپس وٺي آئي. اڄ ڪلهه هن جي شاديءَ جون تياريون ٿي رهيون آهن. ننڍي ڌيءَ پاڻ کي ساڙڻ جي ڌمڪي ڏئي مرضي جي شادي ڪري ورتي، باقي بچيا ماءُ پيءُ ته هُو ٻئي هڪ ٻئي پٺيان انتقال ڪري ويا. ها، اسان هن جي زال بابت ته توهان کي ٻڌايو ئي ناهي. گهڻي کائڻ پيئڻ ڪري هُوءَ وقت کان اڳ گوشت جو جبل بڻجي وئي ۽ مڙس جي جدائيءَ هن کي نفسياتي مريض بڻائي ڇڏيو.
منهنجي هن دوست انهن ٻارنهن سالن ۾ لکين ڊالر ڪمايا، هو پاڻ کي خوش نصيب به چوي ٿو پر خبر ناهي ڇو آئون هن شخص کي، يعني هن ’جم، جمال ۽ جميل‘ کي خوش نصيب سمجھڻ لاءِ تيار نه آهيان. ٿورو سوچيو اهو شخص جيڪو ٻارنهن سال پنهنجي ملڪ، پنهنجي گهر کان پري رهيو هجي ان کي خوش نصيب، خوش بخت ڪيئن چئي ٿو سگهجي؟ جيڪو شخص آخري وقت پنهنجي ماءُ جي وهاڻي ڀرسان بيهي نه سگهي، جيڪو پنهنجي پيءُ جي جنازي کي ڪلهو نه ڏئي سگهي، جنهن جون ڌيئون ڇڙواڳ ٿي وڃن، جنهن جو هڪ پٽ هيروئن پي ناليُن ۾ پيو هجي، جنهن جو ٻيو پٽ جيل جي اونداهي ڪوٺيءَ ۾ موت جي قدمن جو آواز ٻڌي رهيو هجي اهو خوش نصيب يا خوش بخت ڪيئن ٿو چئي سگهجي ۽ اهو شخص جيڪو ٻارنهن سال پنهنجي زال کان پري رهيو هجي، ان ماڻهوءَ کي توهان ڪيئن ڀاڳن وارو يا سٺن نصيبن وارو سڏي سگهو ٿا؟
مون جم کان پڇيو، ”تون ايترا سال ملڪ کان ٻاهر ڇو رهئين؟“
جم سگريٽ جو ڪش هنيو ان بعد چيو، ”آئون آمريڪا ۾ غير قانوني رهيل هوس، پاڪستان هليو وڃان ها ته وري ڪڏهن به آمريڪا موٽي نه سگهان ها. ڪاغذ صحيح ٿيا ته پٽ تي مقدمو ٺهي ويو. وڪيلن جي ڳرين فين جي پئسي جي پورائي ڪرڻ لاءِ مونکي هِتي رهڻو پيو. هاڻ پئسا به اٿم ته گرين ڪارڊ به. واپس به وڃڻ چاهيان ٿو پر سوچيان ٿو ته هاڻ اوڏانهن ڪنهن جي لاءِ وڃان؟ نه پيءُ رهيو اٿم نه ماءُ. پٽ جيئرا آهن پر مئلن کان به بدتر حالت ۾ آهن. ڌيئن سان هاڻ واسطو رکڻ بي غيرتي آهي. باقي بچي زال ته هن جي سامهون وڃڻ جي همت نه پئي ٿئيم. غم مٽائڻ لاءِ شراب پيان ٿو ۽ وقت گذارڻ لاءِ جوا کيڏيان ٿو ۽ موت جو انتظار ڪريان ٿو.
آئون شروع ۾ به اهو عرض ڪري چڪو آهيان ته نيويارڪ سينٽر جو هي صاحب جيڪڏهن واحد مثال هُجي ها ته هن جو اصل نالو ٻڌائڻ ۾ حرج نه هو پر هن وقت آمريڪا جي پنجاهه رياستن جي پنج سؤ شهرن ۾ اهڙا سوين هزارين پاڪستاني موجود آهن جن جي اها ئي ڪهاڻي آهي. جن جي سينن ۾ اهيئي داغ آهن هنن ماڻهن پڪن گهرن، ٿڌين گاڏين، چمڪندڙ زيورن ۽ لش پش زندگي جي تمام گهڻي قيمت ادا ڪئي. مون کي معلوم آهي ته هن وقت به ڪيترائي اهڙا هوندا جن جو آمريڪا ۾ رهڻ زندگيءَ جو سڀ کان وڏو خواب هوندو. جيڪي ان آرزو ۽ ان سَڌ جي روشنيءَ ۾ جيئرا آهن. آئون هنن کي ايترو عرض ڪرڻ چاهيندس ته توهان صاحب ضرور آمريڪا وڃو پر اهو سوچي وٺجو ته توهان کي به منهنجي دوست جم، جمال، جميل وانگر ڳري قيمت نه ادا ڪرڻي پوندي. ياد رکو رزق جي بدلي سمجھوتو ڪرڻ وارا ماڻهو دنيا ۾ ذليل ٿيو وڃن.

ڇا وڃايو، ڇا حاصل ڪيو؟

ڇا وڃايو، ڇا حاصل ڪيو؟

آمريڪا ۾ رهندڙ ڪجهه اسان جا پاڪستاني اهڙا به آهن، جيڪي ڪمائڻ بدران خرچڻ ۽ عيش ڪرڻ لاءِ آيا آهن. ان ۾ گهڻي ڀاڱي اسان جي ملڪ جا سرڪاري آفيسر آهن، جيڪي خوب رشوت ۽ ٺڳين جو پئسو ميڙي، هاڻ جھلجڻ کان بچڻ لاءِ هيڏانهن آمريڪا اچي نِڪتا آهن. هنن کي هِتي نوڪري يا پورهئي ڪرڻ جي به ضرورت ناهي. هُو پنهنجي ملڪ مان ٽرانسفر ڪيل ڪروڙها رپيا خرچ ڪري رهيا آهن. انهن ۾ ڪيترائي واپڊا، پي ڊبليو ڊي، ايريگيشن، روينيو، ايڪسائيز ٽئڪسيشن ۽ ڪسٽم جهڙن کاتن جا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هُو هِتي به شراب، ڪباب ۽ شباب جي محفلن ۾ مشغول رهن ٿا. هنن کي نه پنهنجين زالن جو فڪر آهي ۽ نه ٻارن جو ۽ اهڙن جا ئي ٻار آمريڪا جهڙن ملڪن ۾ کرجيو وڃن، جن کي ڏسي اسان جي ملڪ جا ماڻهو سمجھن ٿا ته آمريڪا ۾ شايد سڀ ٻار ائين ٿيو وڃن. جيتوڻيڪ ائين ناهي. پنهنجي يا ڌارئين ملڪ ۾ والدين پنهنجي اولاد تي جيڪڏهن نظر رکن ۽ هنن کي ڪَچِيءَ مان ئي صحيح تربيت ڏين ۽ پاڻ انهن جي اڳيان سٺي اخلاق جو نمونو ٿي هلن ته ٻار وڏو (بالغ) ٿي به نيڪ ۽ بااخلاق رهي ٿو. جيئن شروع ۾ ٻڌائي آيو آهيان ته آمريڪا ۾ رهندڙ اسان جي گهڻي ڀاڱي پاڪستاني فئملين کي پنهنجي ٻارن کي صحيح رکڻ جو ڏاڍو فڪر آهي ۽ اسان جي ديس جا آمريڪا ۾ رهندڙ ڪيترائي ٽِين ايجر (جوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون) بيحد اخلاق وارا، با ادب ۽ مذهبي آهن. پاڪستان جي مسجدن ۾ وڃبو ته نماز دوران گهڻي ڀاڱي پوڙها ئي نظر ايندا، پر حيرت جي اها ڳالهه آهي ته هِتي آمريڪا جي مسجدن ۾ نوجوان به اوترا ئي نظر ايندا.
اسان جي دوست جو ننڍو ڀاءُ، جيڪو پاڪستان ۾ ڪنهن سرڪاري ڦرمار واري کاتي ۾ آفيسر هو، اهو به آمريڪا ۾ رهائش اختيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پاڪستان ۾ اها نوڪري ملڻ تي ۽ رشوت جو پئسو حاصل ٿيڻ تي هُو هر سال پاڻ جهڙن کائو سرڪاري ڪامورن سان ٿائلنڊ، انڊونيشيا، سري لنڪا يا عياشي جي اڏن وارين روسي رياستن ڏي وڃڻ لڳو. هن کي ولايت ۾ ئي عياشي نظر آئي ٿي. هُونءَ به آسانيءَ سان هن جا ٻار شهر جي سٺي اسڪول ۾ ٺيڪ ٺيڪ پڙهي رهيا هئا. ڳوٺ جي زال هئي جنهن کي خبر نٿي پيئي ته هي مرد حضرات بئنڪاڪ جهڙن بدنام شهرن ڏي ڇو ٿا وڃن. هُوءَ غريب ان ۾ ئي خوش رهي ٿي ته واپسي تي سندس مڙس ٻه چار ڪچا پڪا وڳا هن ۽ ٻارن لاءِ آڻي ڏنا ٿي. واپڊا، ايريگيشن يا بلڊنگس ۽ روڊس جهڙن سرڪاري ادارن ۾ هونءَ به غريب عوام يا ملڪ جا ڪهڙا ترقياتي ڪم ٿين ٿا. واسطيدار وزير، انجنيئر ۽ ٺيڪيدار ئي پئسو ورهائي کايو ڇڏين ۽ پوءِ اهڙو easy پئسو هٿ ڪرڻ وارن مان ڪيترائي ٻي شاديءَ جو شوق پورو ڪن يا ڪا ڳائڻي يا چَلتِي ڦرتِي Keep رکن، جوئا ڪن، شراب جو شونقڙو ڪن يا سندن کريل ٻار ان کي اڏائين جو ان قسم جي ’محنت بنا آيل‘ پئسي لاءِ مشهور آهي ته: Easy Come Easy Go
هو توهان کي اڪثر حيدرآباد جي بامبي بيڪريءَ ۾ نظر ايندا جِتان جون پيسٽريون ۽ ڪيڪ خريد ڪري پاڻ کان وڏن صاحبن جي گهرن ۾ خوشامد طور پهچائين.
اسان واري دوست جي ڀاءُ کي جيئن ته هر سال ولايت گهمڻ لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ ۾ تڪليف ٿَي ٿِي، سو هن جي دماغ ۾ اها ئي ڳالهه آئي ته آمريڪا يا ڪئناڊا جهڙي ملڪ ۾ رهي پاسپورٽ حاصل ڪجي. جنهن جي ڪري هن کي ڌارين ملڪن ۾ ويندي به سهولت ٿي پوندي ۽ ساڳي وقت پنهنجي وطن ۾ به دوستن يارن تي هن جي لئه ويهي سگهندي. آخرڪار ڪجهه پنهنجي ڪوشش سان ڪجهه ايجنٽن ۽ وڪيلن معرفت، ڪافي وڏو خرچ ڪري هن کي نيٺ ته آمريڪا جو گرين ڪارڊ ملي ويو ۽ هو ٻارن سوڌو هن چهچٽي، رونقن ۽ رنگينن واري ملڪ ۾ پهچي ويو. اهي بهتر ڏينهن هئا ۽ آمريڪا ۾ رهائش اختيار ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم نه هو پر پوءِ سگهو ئي نائن اليون کان پوءِ سختيون وڌي ويون. هن سمجھيو ته سال ٻن ۾ پاسپورٽ ملي ويندو ۽ پوءِ ٻٽي شهريت سان پنهنجي وطن موٽي ايندو. پر سال پٺيان ٻه ۽ ٽي ٿي ويا ۽ هن کي پاسپورٽ ملڻ ۾ ويئي دير ٿيندي. آمريڪا ۾ اسان جي ملڪ جي ڊگري مطابق ته ورلي ڪا نوڪري ملي ٿي پوءِ اها ڊگري کڻي ڊاڪٽريءَ جي هجي يا انجنيريءَ جي. پاڪستاني سوين انجنيئرن ۽ ڊاڪٽرن وانگر هي به آمريڪا ۾ چوڪيداري، ٽئڪسي ڊرائيوري يا بئراگيري جهڙا odd jobs ڪرڻ لڳو، اهو سڀ ڪجهه ان ڪري جو پاڻ سان آندل پئسو آهستي آهستي ٿي کُٽڻ لڳو. کاڌي ته کوهه به کُٽيو وڃن. سندس ٻار جيڪي شروع جا مهينا سادگي سان هلڻ لڳا هاڻ هر اهو خرچ ڪرڻ لڳا جيڪو سندن پاڙي ۾ رهندڙ يا اسڪول جي مڪاني ٻارن ٿي ڪيو. سندس ٻار اسڪول ضرور ويندا رهيا پر والدين جي نه ڌيان ڏيڻ ڪري اهي ڇڙواڳي ڏي وڌي ويا. پنهنجي ملڪ ۾ پاڻ هو سٺن نمبرن سان پاس ٿيندا هئا. پر هِتي هو پڙهائي کان وڌيڪَ ٽي ويءَ پٺيان وقت ضايع ڪرڻ لڳا يا پاڙي جي رول دوستن سان رلڻ لڳا، نه فقط سندس پٽ پر ڌيءَ به. آخر چئن ساڍن چئن سالن بعد سڀني کي پاسپورٽ مليو ۽ هن واپس وطن ورڻ جو اعلان ڪيو ته نه فقط سندس زال پر ٻار به بگڙي پيا ته پاڪستان هلي ڇا ڪريون. هُو پاڻ پاڪستان وڃي ته ڀلي وڃي. هن جي زال هاڻ اها ڳوٺاڻي نه رهي هئي. آمريڪا ۾ رهندڙ ٻين هم زبان هم وطن عورتن کان هو عورتن جي حقن جي ڄاڻ وٺي چڪي هئي. هوءَ ۽ ٻار صاف صاف چوڻ لڳا ته هو آمريڪا ۾ رهڻ کي بهتر سمجھن ٿا. پر هن کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ هن کين گهڻو ئي convince ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ رکي رکي ان ڳالهه لاءِ آماده ڪيو ته مغرب جو ماحول اسان ماڻهن لاءِ صحيح ناهي خاص ڪري جوان نياڻيءَ لاءِ. هيترا سالَ رهڻ دوران هو اهو ڏسي چڪو هو ته آمريڪا ۾ ته هڪ مسلمان ڇوڪرو يا ڇوڪري اهلِ ڪتاب يعني عيسائي سان ته ڇا هندو سان به شادي ڪريو ڇڏي، جنهن کي هُو بدقسمتي سمجھڻ بدران فخر ۽ ڪامياب زندگي سمجھي ٿو. هڪ اهڙي شادي مون به اٽينڊ ڪئي، جتي سنڌ جي هڪ اهم مسلمان ۽ نيڪ شخصيت جي پوٽي جي شادي، هندو ڇوڪريءَ سان ٿي جنهن ۾ پهريون پنڊت شادي جون رسمون پوريون ڪيون. ان بعد هڪ لبناني مولوي کي وٺي آيا جنهن خبر ناهي نِڪاح جي دعا وغيره به پڙهي يا نه پر سنڌ جي روايتي مڱڻهار يا استي حجام وانگر ڪجهه ساٺَ سنوڻ ضرور ڪيا.
بهرحال اهي ڳالهيون سوچي سوچي اسانجي دوست جي ڀاءَ کي ننڍي عمر ۾ ئي ڪيتريون بيماريون ٿي پيون آهن. ٿڌ بُخار، يا گندي پاڻي پيئڻ سان واسطو رکندڙ بيماريون آمريڪا جهڙي صاف سٿري ملڪ ۾ کڻي نٿيون لڳن. پوڙهائپ ۽ اڪيلائپ جا خوف، مستقبل جا ڏيک ڏيندڙ مونجھارا ۽ جوانيءَ جي ڏاڪي تي تڪڙو تڪڙو قدم رکندڙ اولاد جي پريشانين ۾ هڪ صحتمند انسان کي به بلڊپريشر، ڪولسٽرول، ڊپريشن ۽ ڊائبٽيز جهڙيون ڪيتريون ئي بيماريون وڪوڙيو وڃن ۽ اهي بيماريون خاموش قاتل سڏجن ٿيون.
پنهنجي دوست سان ملاقات تي مون کيس سندس ڀاءُ کي آمريڪا جو پاسپورٽ حاصل ڪرڻ جي مُبارڪ ڏني ته هن خلا ۾ گھوريندي ٿڌو ساههُ کنيو ۽ پوءِ چيو: ”ها آمريڪن پاسپورٽ ته ملي ويو پر ان جي ڪيڏي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پيئي!“....
سو منهنجا پڙهندڙو! آمريڪا ڪئناڊا جهڙا ملڪ سٺا ضرور چئي سگهجن ٿا پر ان جو مدار توهان تي آهي ته توهان پنهنجو اتي رهڻ سڦلو ثابت ٿا ڪريو يا ڪڦلو ۽ ياد رکو ائين نه ٿئي ته توهان جي بي ڌياني ۽ غلط قدم پٺيان توهان کي ڪا وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوي. ان کان ته پنهنجي وطن، پنهنجي ڳوٺ جي غربت ۽ سادگيءَ واري زندگي بهتر آهي.
اهڙي عبرتناڪ ۽ سبق آمواز ڪهاڻي هڪ سک (سردار جي) جي آهي، جيڪا آئون ڪيترن ئي پڙهندڙن خاص ڪري آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ اچي رهڻ جي خواهشمندن کي، Email ڪري چڪو آهيان. سردارجيءَ پنهنجي هن ڪهاڻيءَ جو عنوان ’One Bedroom Flat & One Extra.‘ (هڪ ڪمري جو فلئٽ ۽ هڪ وڌيڪَ ڪمرو) بلڪل مناسب رکيو آهي ۽ سندس ڪهاڻي آمريڪا ۾ وڃي اتي جي رنگينين يا مشغولين ۾ گم ٿي وڃڻ وارن لاءِ سوچ ۽ ويچار جي خوراڪ مهيا ڪري ٿي.
’سردارجِي‘ جي ڪهاڻي سندس زباني هن ريت آهي:
اڄ ڪلهه جي هر مائٽ جي خواب مطابق مون به سافٽ ويئر انجنيئرنگ ۾ ڊگري حاصل ڪر هڪ اهڙي ڪمپني ۾ نوڪري حاصل ڪئي جنهن جو مرڪز آمريڪا ۾ آهي.
آمريڪا جيڪو بهادر ماڻهن جو ملڪ ۽ موقعا ميسر ڪرڻ واري ڌرتي، سڏيو وڃي ٿو. جڏهن آئون آمريڪا جي سرزمين تي پهتس ته منهنجي خوشيءَ جو انت نه هو، مون کي ائين لڳو ڄڻ منهنجي خوابن جي تعبير ٿي وئي هُجي. هي اهو ملڪ هو، جِتي آئون سالن کان رهڻ جو سوچي رهيو هوس. مون اهو پهه ڪيو ته آءٌ هن ملڪ ۾ پنج سال کن لڳي نوڪري ڪندس، جنهن دوران ڪافي پئسو بچائي وٺندس ۽ ان پئسي مان پنهنجي ملڪ انڊيا ۾ سڪون ۽ سک جي زندگي اچي گذاريندس.
منهنجو پيءُ سرڪاري نوڪريءَ ۾ هو ۽ هاڻ رٽائرڊ ٿيڻ تي هو. هُو فقط هڪ چڱڙو هڪ ڪمري وارو فلئٽ ٺهرائي سگهيو. مون چاهيو ٿي ته آئون جڏهن رٽائرمينٽ تي پهچان ته گهٽ ۾ گهٽ بابي کان ته ڪجهه وڌيڪَ ڪري ڏيکاريان.
آمريڪا ۾ ڪجهه وقت رهڻ بعد آئون اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳس. آئون هر هفتي ’ڪالنگ ڪارڊس‘ ذريعي پنهنجا ماتا پِتا سان فون تي ڳالهائڻ لڳس. اهڙي طرح فونن تي ڳالهائيندي، مئڪڊونالڊ ۽ پيزا نموني جي ريسٽورنٽن ۾ برگر کائيندي ٻه سال گذري ويا. ان دوران آئون هر وقت فارين ايڪسچينج ريٽ تي به نظر رکندو رهيس ته ڊالر جو ڪهڙو اگهه پيو رهي ۽ جڏهن به پنهنجي ملڪ جي رپئي جو قدر ڪرندو ڏٺم ٿي ته خوشي ٿَي ٿِي ته مون جيڪي ڊالر ڪمايا آهن، انهن جا اڃان به وڌيڪَ رپيا ملندا.
۽ پوءِ مون شاديءَ جو سوچيو. پنهنجي ماءُ پي کي ٻڌايم ته مون کي فقط ڏهن ڏينهن جي موڪل آهي ۽ انهن ڏهن ڏينهن اندر توهان کي سڀ ڪجهه ڪرڻو پوندو.
مون هڪ سستي قسم جي ايئرلائين ۾ وطن وڃڻ لاءِ ٽڪيٽ بڪ ڪرائي. بس سمجھو ته آئون ڏاڍو خوش هوس. خوشيءَ وچان پنهنجي وطن ۾ دوستن ۽ مائٽن لاءِ روزانو ڪجهه نه ڪجهه خريداري ڪندو رهيس. ڪنهن هڪ کي به وساريندس ته ڳوٺ ۾ گلا ٿي پوندي. ڳوٺ پهچڻ تي مونکي مون لاءِ چونڊيل ڇوڪرين جا فوٽو ڏسڻ ۽ انهن مان ڪا ڪنوار چونڊڻ ۾ هفتو لڳي ويو. ۽ جيئن ته هاڻ وڃي ڪي ٽي چار ڏينهن بچيا هئا سو هاڻ ڪنهن هڪ کي جلدي چونڊڻ لاءِ مجبور ٿي ويس. ڇوڪريءَ جي مائٽن به هاڻ اهو ئي چيو ته مونکي ٻن ٽن ڏينهن اندر شادي ڪرڻي پوندي جو مون کي وڌيڪَ موڪل نه ملي سگهندي. شاديءَ بعد منهنجي آمريڪا موٽڻ جو وقت اچي ويو. پٺيان جي خرچ پکي لاءِ ڪجهه پئسا پنهنجي ماءُ پيءُ کي ڏئي، پاڙي وارن کي هنن جي خيال جو چئي، آئون پنهنجي زال سان گڏ آمريڪا ڏي موٽيس.
منهنجي زال کي هي ملڪ ڏاڍو وڻيو ۽ خوب وندري وئي پر فقط ٻن مهينن لاءِ. ان بعد هوءَ به اڪيلائي محسوس ڪرڻ لڳي. مائٽن ۽ هم جيڏين کي ياد ڪرڻ لڳي. نتيجي ۾ ٽيليفون جو بل ٻيڻو ٿيڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن ته اسان ٻئي هفتي ۾ ٻه ٻه ٽي ٽي دفعا ڳوٺ فون ڪرڻ لڳاسين. اسان جي بچت گهٽجڻ لڳي. ٻن سالن بعد اسان کي ٻار به ٿيڻ لڳا. قدرت اسان کي هڪ پٺيان ٻيو خوبصورت ٻار عطا ڪيو. هڪ ڇوڪرو ۽ هڪ ڇوڪري. جڏهن به مون ماءُ پيءُ سان ڳالهايو ٿي ته هنن مون کي انڊيا اچڻ لاءِ چيو ٿي جيئن هو پنهنجو پوٽو ۽ پوٽي ڏسي سگهن. آئون هر سال انڊيا وڃڻ جو پروگرام ٺاهيندو رهيس پر ڪجهه ڪم جي گهڻائيءَ ڪري ۽ ڪجهه خرچ جي ڪري مون هن سال وڃڻ جو پروگرام رد ڪري ٻئي سال وڃڻ جو سوچيو ٿي. ظاهر آهي منهنجو اڪيلو سِرُ نه هو. مون سان گڏ زال جي ٽڪيٽ جو خرچ ۽ ان سان گڏ ٻارن جي ٽڪيٽ جو هو. ٻارن جي کڻي اڌ ٽڪيٽ ٿي ٿي پر ان تي به وڏو خرچ آيو ٿي. سال پٺيان سال گذرندو ويو پر انڊيا وڃڻ ڄڻ هڪ ڏورانهون خواب بڻجي ويو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اوچتو مون کي اطلاع مليو ته منهنجا والدين سخت بيمار آهن. مون انڊيا وڃڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر مون کي پنهنجي جاب (نوڪري) کان موڪل نه ملي سگهي سو ظاهر آهي آئون انڊيا وڃي نه سگهيس ۽ پوءِ ڪجهه عرصي کان پوءِ مون کي پنهنجي والدين جي موت جو به اطلاع مليو. ڪيڏي ته افسوس جي ڳالهه آهي اهڙي گهڙيءَ تي به آئون پهچي نه سگهيس. سندن ڪريا ڪرم جون رسمون به پاڙايوارن ادا ڪيون ۽ هنن کان جنهن نموني ۽ جنهن حد تائين ٿي سگهيو ائين ڪيائون. آئون ڊپريشن جو مريض ٿي پيس. ڪيڏي ته افسوس جي ڳالهه آهي جو منهنجا ماءُ پيءُ پنهنجا پوٽا به نه ڏسي سگهيا.
۽ پوءِ ڪجهه سال گذرڻ بعد، جيتوڻيڪ منهنجي زال کي خوشي ٿي پر ٻارن جي ناپسنديدگي ۾ اسان انڊيا Settle ٿيڻ لاءِ موٽياسين. آئون رهائش لاءِ ڪو بهتر گهر ڳولڻ لڳس پر افسوس جو مون وٽ ڪا وڏي بچت نه هئي ۽ ان دوران پراپرٽي جا اگهه ايڏا ته وڌي ويا هئا جو آئون مرضي مُطابق گهر وٺي نه سگهيس ۽ وڌيڪَ پئسا ڪمائڻ لاءِ مون کي وري آمريڪا موٽڻو پيو. منهنجي زال مون سان گڏ آمريڪا هلڻ لاءِ انڪار ڪيو ۽ منهنجي ٻارن انڊيا ۾ رهڻ کان انڪار ڪيو. آخر زال کي انڊيا ڇڏي آئون پنهنجن ٻن ٻارن سان گڏ آمريڪا موٽيس. زال سان وعدو ڪيم ته بس آئون ڏکيا سکيا ٻه ٻيا سال آمريڪا ۾ رهي موٽي ٿو اچان.
وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو رهيو. منهنجي ڌيءَ جوان ٿي چڪي هئي ۽ هاڻ هن هڪ آمريڪن سان شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ منهنجو پٽ به آمريڪا رهڻ ۾ پنهنجي بهتري سمجهڻ لڳو. مون اهو فيصلو ڪيو ته آمريڪا ۾ گهڻو ئي رهيس هاڻ زندگيءَ جا آخري ڏينهن پنهنجي اباڻي وطن انڊيا ۾ هلي گهاريان. سو ٽپڙ ويڙهي، آمريڪا کي هميشه لاءِ گڊ باءِ چئي ڳوٺ جو رخ ڪيم. انڊيا پهچي پهرين گهر خريد ڪيم. مون وٽ جملي پونجي ايتري ٿي، جو ڪنهن سٺي علائقي ۾ ٻن ڪمرن وارو فلئٽ خريد ڪري ورتم. هاڻ آئون سٺ سالن کي پهچي چڪو آهيان. هيڏانهن هوڏانهن نڪرڻ بدران گهر ۾ ئي ويٺو رهان ٿو. بس فقط ڪڏهن ڪڏهن ڀر واري مندر ۾ پرارٿنا لاءِ نڪران ٿو. منهنجي زال به مون کي ڇڏي ٻي جهان ڏي رواني ٿي وئي آهي. اڪيلو ڪمري ۾ وقت گذاريان ٿو. ٻارن جو به شروع شروع ۾ هر مهيني فون ايندو هو هاڻ ته مهينا ٿيو وڃن جو کڻي فون ڪن. منهنجي شڪايت ڪرڻ تي هر وقت اهو ئي چون ٿا ته: ”ڇا ڪريون ڊيڊي! توهان کي ته خبر آهي ته آمريڪا جي زندگي ڪيڏي سخت ۽ مشغول آهي. وقت ئي نٿو ملي.....“
ڪڏهن ڪڏهن آئون بستر تي ليٽي، ڇت ڏي گهوري سوچيندو رهان ٿو ته آيا هي سڀ ڪجهه ضروري هو جيڪو مون ڪيو. ڇا مون جيڪي ڪجهه وڃايو هو، ان جيترو حاصل ڪري سگهيس؟ منهنجي پيءُ پنهنجي وطن ۾ رهي ڪري به گهر حاصل ڪري ورتو ۽ آئون به اهو ئي هڪ گهر حاصل ڪري سگهيس.
ان کان وڌيڪَ ٻيو ڪجهه به نه!
منهنجو ماءُ پيءُ مون کان هليو ويو. منهنجا ٻچا مون کان جدا ٿي ويا. فقط هڪڙي فالتو ڪمري خاطر!
دريءَ مان ٻاهر نِگاهه ٿو ڊوڙايان ته پارڪ جي هڪ ڪنڊ ۾ ڪيترا ئي ٻار ڊانس ڪري رهيا آهن. هن نڀاڳي ڪيبل ٽي ويءَ اسان جي نئين ٽهيءَ جي ستيا ناس ڪري رکي آهي ۽ هي ٻار اڄ جا مختلف مغربي توڙي ملڪي چئنل ڏسي پنهنجي ثقافت ۽ پنهنجا قدر وڃائي رهيا آهن. ڪڏهن ڪڏهن منهنجا پاڙي جا ٻار مونکي فون ڪري مونکان پڇندا رهن ٿا ته منهنجي طبيعت ڪيئن آهي. شڪر آهي گهٽ ۾ گهٽ هو مونکي ياد ته ڪن ٿا. ۽ هاڻ جڏهن آئون مرندس ته گهٽ ۾ گهٽ اهي وري پاڙي جا ماڻهو منهنجي مرڻ جون ريتون رسمون پوريون ڪندا. ڀڳوان انهن جو ڀلو ڪري. پر سوال وري به اهو ئي ٿو پيدا ٿئي ته آيا was all this worth it? اها منهنجي سڄي زندگيءَ جي ڀڄ ڊڪ ڇا ايڏو ضروري هئي؟
مهرباني ڪري منهنجي هن سوال جي جواب جي توهان به ڳولا ڪجو.....!! وڏي مهرباني....

آمريڪا ۾ اسان پاڪستانين جي زندگي

آمريڪا ۾ اسان پاڪستانين جي زندگي

هتي آمريڪا ۾ گس پنڌ تي ڪو پاڪستاني ملندو اٿم ته ان کان يڪدم اهو سوال ڪندو آهيان ته ”آمريڪا ڪيئن ٿو لڳنانوَ؟“ يا ”آمريڪا جي زندگي ڪيئن آهي؟“
هتي ’ڊيلاويئر‘ رياست جي ’هُڪيسن‘ شهر جي ’نسيم حسن‘ جي روزمره جي زندگي جو احوال لکان ٿو جنهن مان پڙهندڙن کي آمريڪا ۾ رهندڙن جي ڏهاڙي جي روٽين ۽ ٻين ڳالهين بابت ڪجهه idea ٿي سگهندي:
آئون صبح جو روزانو ساڍي ڇهين وڳي اٿندو آهيان. ان وقت سج جو سونو ٿالهه اوڀر کان مٿي ظاهر ٿي چڪو هوندو آهي. منهنجو ڀر وارو پاڙيسري پنهنجي ڪم تي وڃڻ لاءِ تيار نظر ايندو آهي. جڏهن به اسان جو سامنو ٿيندو آهي ته اسين هڪ ٻئي سان رسمي کيڪار ڪندا آهيون. آئون پنهنجي هن گهر ۾ گذريل ڏهن سالن کان ٽِڪيل آهيان. ان مختصر کيڪار کڙيءَ کان علاوه منهنجي ڪنهن به پاڙيسري سان گهاٽي ياري نه ٿي سگهي آهي، جيڪا ايشيا جي ملڪن ۾ عام ڳالهه آهي. منهنجا پاڙيسري اڪثر بدلبا رهن ٿا. سراسري طور ڪوبه آمريڪن ساڳي گهر ۾ پنج سال ڪو مس ٿو رهي. آمريڪن پنهنجن گهرن يا پاڙيسرين سان ڪو به لڳ لاڳاپو برقرار نٿا رکن. هنن لاءِ سامان پئڪ ڪري هڪ گهر ڇڏي ٻئي گهر ۾ رهڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي. ويندي وقت هو پنهنجي پراڻي گهر کي مڙي به نٿا ڏسن. هتي گهر بدلائڻ به هڪ وڏو بزنيس آهي. وياج تي قرض کڻي گهر وٺندا، ٻه ٽي سال قرض جون قسطون ادا ڪندا، تيستائين پراپرٽي جا اگهه چڙهيو وڃن ۽ هو اهو گهر مهانگي اگهه تي وڪڻي قرض جا باقي پئسا loan ڏيندڙ ڪمپني کي ڏين ۽ باقي پئسن سان کيسو ڀري وري ٻي گهٽي، ٻئي شهر يا ٻي رياست ۾ وڃيو نئون گهر خريد ڪن، جنهن گهر لاءِ هڪ دفعو وري قرض کڻن ۽ هر مهيني قسطون ڏيڻ شروع ڪريو ڇڏين. ڪڏهن وڏو گهر ته ڪڏهن ننڍو گهر وٺن خاص ڪري نوڪريءَ مان رٽائرڊ ٿيڻ بعد.
آمريڪا ۾ رهڻ هڪ نرالو تجربو آهي. دنيا جو ڪو به اهڙو ملڪ ناهي جيڪو انسان ذات جي محنت ۽ جدوجهد جو اهڙو بهتر اجورو ڏئي جهڙو هي ملڪ ڏئي ٿو. روسي رياستن جي ڇڙوڇڙ ٿيڻ بعد هاڻ آمريڪا دنيا جو واحد طاقتور ملڪ آهي. آمريڪا جا ويڪرا ۽ وڏا رستا، کليل ۽ ڪشادا ميدان هڪ آزاديءَ جو احساس ڏيارين ٿا. آمريڪا ۾ جتي ڪٿي وڻ نظر اچن ٿا. عام رستا هجن يا هائي ويز، ٻنهي پاسي وڻن جون قطارون نظر اچن ٿيون. هتي آمريڪا ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ يعني بسون وغيره نظر نٿيون اچن. هر هڪ پنهنجي ڪار هلائي ٿو. گهڻيُن تڻيُن ۾ فقط هڪ ئي ماڻهو ويٺل نظر اچي ٿو.
آمريڪا جي جنهن رياست ڊيلا ويئر ۾ آئون رهان ٿو، اها هڪ ننڍڙي رياست آهي جنهن جي ڏسندي ئي ڏسندي آدمشماري وڌي ويئي آهي. هن رياست جا مسلمان پهريان هئا جن اڄ کان ڏهه سال اڳ هتي اسلامڪ سينٽر سان گڏ ’سنڊي اسلامڪ اسڪول‘ کوليو. ويجهڙائيءَ ۾ هندن به مندر ٺهرايو آهي. هنن جو تعداد مسلمانن کان گهڻو آهي. بهرحال هندو ڪميونٽي ثقافت جي ڪمن ۾ اسان مسلمانن کان وڌيڪ Active آهي. هن رياست ڊيلا ويئر ۾، انڊين پهريان ڌاريان آهن جن هتي ڪريانَي (گروسري) جا دڪان کوليا ۽ ريسٽورنٽون کوليون. انڊين ڪميونٽي جون هر وقت ٻاهر جي دنيا تي به نظرون رهنٿيون. اسان پاڪستانين جي سوچ اندر تائين محدود آهي. ان مان منهنجو مطلب هي آهي ته انڊين هتي جي سياست ۾ به حصو وٺن ٿا ته مڪاني ماڻهن سان دوستي ياري به رکن ٿا ۽ هنن سان سولائيءَ سان رِليو مليو وڃن. اسان پاڪستانين وانگر ناني ڪُنڙو نٿا ٺاهين يعني هر وقت پنهنجن جو ٽولو ٺاهي نٿا هلن. بهرحال انڊين بعد ٻئي نمبر تي اسان پاڪستاني آهيون. منهنجو مطلب آهي عربن، لبنانين، ملائيشين، ٿائي ماڻهن ۽ ٻين گهڻن کان اسان وري به بهتر آهيون. ان جو هڪ سبب اسان کي انگريزي زبان جي ڄاڻ آهي. هونءَ اها تعجب جي ڳالهه آهي ته هتي رهندڙ پاڪستانين ۽ انڊين جو پاڻ ۾ گهڻو قرب آهي ۽ هڪ ٻئي لاءِ ويجهڙائي محسوس ڪريون ٿا. اسان جو مذهب کڻي جدا جدا آهي پر اسان جا کاڌا، اسان جا ويس وڳا، اسان جون شڪليون ۽ اسان جا ٽي وي چئنل ۽ گيت ته ساڳيا آهن.
هن رياست ۾ پاڪستانين جا به ڪجهه ڪجهه ننڍا بزنيس آهن- خاص ڪري ڪراچي جي ميمڻن جا ون ڊالر شاپ، گجراتين ۽ پٺاڻن جا سيڌي ۽ گروسري جا شاپ، وغيره. هن رياست ۾ انهن ماڻهن جو به چڱو تعداد آهي جيڪي افغانستان کان لڏي آيا آهن. افغانين جي ياري دوستي پنهنجن تائين ئي محدود آهي. سڀ ۾ گهڻو ماڊرن ايراني آهن. خاص ڪري آتش پرست ايراني ته ڊريس توڙي چال چلن ۾ مڪاني آمريڪن لڳن ٿا. شڪل ۾ ته هو سڀ گورا چِٽا ئي ٿين. پاڪستانين ۾ ڪي ته تمام مذهبي آهن. هتي ڪيترائي سال رهڻ بعد به منجهن ڪا تبديلي نه آئي آهي. نه ڪپڙي لٽي ۾ ۽ نه وري behaviour ۾. ساڳي وقت ٻيا ڪجهه پاڪستاني آهن جيڪي هتي جي گورن کان به ٻه رتيون اڳيان ٿيڻ چاهين ٿا. هنن جي گهرن ۾ مئخانا ٺهيل آهن. هنن وٽ ناچ گانن جون به دعوتون ٿين ٿيون ۽ انهن ٻن ڇيڙن جي وچ ۾ ٻيا ڪيترائي پاڪستاني آهن جيڪي هر ڳالهه نارمل ۽ حالتن مطابق اختيار ڪن ٿا. هي ماڻهو پنهنجا مشرقي قدر ۽ ريتون رسمون به قائم رکندا اچن ته اڄ جي ماڊرن مغربي دنيا سان به نباهه ڪندا اچن.
دنيا جي مختلف ملڪن ۽ قومن جا ماڻهو جيڪي آمريڪا ۾ رهن ٿا، انهن ۾ مختلف عادتون پيدا ٿينديون رهن ٿيون. وڏن شهرن ۾ رهندڙن جو پنهنجو سڀاءُ آهي ته ڳوٺن ۾ رهندڙن جو پنهنجو آهي. نيويارڪ جهڙن وڏن شهرن ۾ ته مڪاني مسلم ليگ ۽ پيپلزپارٽي به آهي. واشنگٽن جهڙي شهر ۾ اسان جي پاڪستانين جو گهڻو لڳ لاڳاپو سفارتخانن، ورلڊ بئنڪ، ايئر لائين آفيسن سان آهي. ننڍن ڳوٺن ۾ ڪجهه ناهي ته اتي رهندڙ پاڪستاني مڪاني ماڻهن سان به ملندا جلندا رهن ٿا. شڪاگو، هيوسٽن، نيويارڪ، لاس اينجلس جهڙن شهرن ۾ جتي تمام گهڻا پاڪستاني آهن اتي کين مڪاني ماڻهن سان ملڻ جي ڪا ضرورت ناهي. کين پنهنجن سان ئي ملڻ جو وقت نٿو ملي.
نيويارڪ جي ڪجهه حصن ۾ ته انگريزي زبان اچڻ به ضروري ناهي. هر دڪاندار اردو سمجهي ٿو. ڪي ته پنجابي، گجراتي ۽ سنڌي به ڳالهائين ٿا. پاڪستان جي هر شيءِ شلوار قميصون، ساڙهيون، ڳهه ڳٺا، مرچ مصالحا، اڳٺ گنجيون، ڪڻڇيون، ڏويُون ۽ پي ٽي وي ڊرامن جا ڪئسٽ، مسعود انور ۽ معين اختر جا مزاحيه پروگرام، فلمون، ڪتاب، اخبارِ جَهان، هيرالڊ، نيوز لائين ۽ تڪبير رسالا ۽ اخبارون هر شئي هتي ملي ٿي.
نيويارڪ جي ڪيترن دڪانن جا نالا به اڙدوءَ ۾ لکيل آهن. ڌارئين ملڪ ۾ ان قسم جو داخلي ماحول جنهن کي ’inward looking culture‘ سڏجي ٿو ڊگهي عرصي لاءِ صحيح ناهي. ههڙي ماحول ۾ رهندڙ کي، توڙي کڻي گهر جو سک نصيب ٿئي ٿو، پر هُو خارجي دنيا کان ڪٽجيو وڃي. آمريڪا جي اهم ڌارا ۾ اچڻ لاءِ انگريزي ٻوليءَ جو سکڻ ضروري آهي. آمريڪا جي ههڙن کانچن ۾ رهندڙ پاڪستاني جتي هنن جو انگريزي سکڻ بنا اڙدو ۽ پنجابي سان ئي ڪم هلي سگهي ٿو اتي اهي مڪاني زبان نه سکڻ ۽ اعليٰ تعليم حاصل نه ڪرڻ ڪري ان سوسائٽي ۾ هو هميشه لاءِ underclass رهن ٿا. آمريڪا جهڙي ماڊرن ملڪ ۾ رهي ڪري هو اعليٰ تعليم ۽ اعليٰ نوڪرين کان محروم رهجيو وڃن ۽ اهو حال نه فقط نيويارڪ جي اهڙن علائقن جو آهي پر آمريڪا توڙي انگلنڊ جي ٻين وڏن شهرن جو به آهي. بهرحال اها هڪ قدرتي ڪشش آهي.
دنيا جي وڏن شهرن ۾ اهڙي طرح اطالوين، يونانين، هسپانين ۽ ٻين جا ڳڙکا آهن جتي ان ملڪ جا گهٽ پڙهيل ۽ انگريزيءَ کان اڻ واقف اميگرنٽ پهرين اچي ديرو ڄمائين ٿا. اڄ به آمريڪا جي هر وڏي شهر ۾ چائنا ٽائون آهن، جتي چين کان تازو لڏي آيل چيني اچي رهن ٿا. چائنا ٽائون ۾ چين جي هر شئي ملي ٿي. نوان آيل اڻ پڙهيل ۽ انگريزيءَ کان اڻ واقف چيني اهڙن علائقن ۾ پورهئي ۽ مزدوريءَ جهڙا ڪم ڪن ٿا. پوءِ انهن جي ٻي ٽهي آهستي آهستي اتان نڪري بهتر هنڌن ڏي وڃي ٿي. بهتر نوڪرين ۽ جابس طرف وڌي ٿي. جيئن ڪراچي جهڙي شهر ۾ لڏي آيل بنگالي، برمي، بهارِي، ملتاني، رياستي، افغاني پورهيت پهرين ڪورنگي، اورنگي، لانڍي، مڇر ڪالوني، ڪياماڙي جهڙن علائقن ۾ اچي رهن ٿا ۽ هر قسم جو پورهيو ۽ مزدوري ڪن ٿا پر پوءِ انهن مان ڪيترا پنهنجي اولاد کي درزڪو، واڍڪو يا اليڪٽرڪ جو ڪم سيکاري هنن لاءِ بهتر jobs فراهم ڪن ٿا. ڪي ته هنن کي اعليٰ تعليم ڏياري ماستري، ڊاڪٽري، فوج يا پوليس جهڙن کاتن ۾ ڀرتي ڪرائين ٿا ۽ رهائش لاءِ پڻ هو بهتر علائقن جو رخ رکن ٿا. ڪي ته اتي ئي رهن ٿا سندن ٻار به تعليم حاصل نٿا ڪن ۽ اهڙي ريت هو اتي جا رهجيو وڃن.
پاڪستان جي اها جنريشن جيڪا هن وقت وڏي عمر ۾ آهي، ٻڍڙائپ ۾ آهي، اها ڪجهه ڪجهه ذهني پريشاني ضرور محسوس ڪري ٿي جو هنن جو اولاد نوڪرين ڪري کانئن ڏور پري پري جي شهرن ۾ رهي ٿو يا جيڪڏهن ساڳئي شهر ۾ آهي ته به سخت بزي آهي. هنن کي اهو وقت نٿو ملي جو پنهنجن پوڙهن والدين سان گذارين. پر ڏٺو وڃي ته اهي اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي اسان جي ملڪ ۾ به رونما ٿي رهيون آهن. ڪراچي، لاهور، حيدرآباد جهڙن وڏن شهرن ڏي نظر ڪندائو ته توهان کي اهڙا ڪيترائي پوڙها پيئر ۽ مائرون ملنديون جيڪي اڪيلائيءَ جي زندگي بسر ڪري رهيون آهن. سندن اولاد ٻئي شهر ۾ نوڪري ڪري ٿو. هنن کي پنهنجي پوڙهي ماءُ پيءُ جي خدمت چاڪري ڪرڻ لاءِ نه وقت آهي ۽ نه will! هتي آمريڪا جهڙن ملڪن ۾ ته وري به ڪيترائي خدمت خلق ڪرڻ وارا ادارا ۽ اسپتالون آهن جيڪي هنن پوڙهن جو خيال رکن ٿا. اسان جي ملڪ ۾ ته ڪيترا پوڙها والدين دوا درمل حاصل ڪرڻ لاءِ به پريشان رهن ٿا. ان کان وڌيڪ افسوس جي ڳالهه ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟

سندن زالون واپس هلڻ نٿيون چاهين

سندن زالون واپس هلڻ نٿيون چاهين

هڪ بلغاريا جو مزدور جيڪو اسان جي دوست فلڪ شير جي گهر جي ٻاهران، هڪ عراقيءَ سان گڏ، ڇٻر (Lawn) ۽ هلڻ لاءِ کُوري جي سرن جو رستو ٺاهي رهيو هو، تنهن ٻڌايو ته هُو ويهه سال اڳ هِتي نيو جرسي (آمريڪا) ۾ آيو ۽ هاڻ پنهنجي زالَ ۽ ماءُ پيءُ کي به هِتي گهرائڻ چاهي ٿو.
”هِتي جي ۽ ورنا جي زندگيءَ ۾ توهان کي ڪهڙو فرق محسوس ٿئي ٿو؟“ پڇيومانس. ’ورنا‘، بلغاريا جو وڏو شهر ۽ گاديءَ جو هنڌُ آهي.
”ورنا يا دنيا جي ٻين انيڪ شهرن ۽ آمريڪا جي شهرن ۾ اهو فرق آهي ته آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ غريب به سک جي زندگي گذاري ٿو،“ هن ٻڌايو، ”هڪ امير ماڻهو ته دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ رهي ته هن کي آرام جي زندگي ملي سگهي ٿي پر آمريڪا اهو ملڪ آهي جتي هڪ غريب به اعليٰ معيار جي زندگي بسر ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي ٿو.“
مون ان نقطي تي غور ڪيو ته حقيقت محسوس ٿي! اهو ڪهڙو ملڪ آهي جِتي هڪ رازو، واڍو يا ڪمي ڪاسبي روزانو چئن ڊالرن (اڍائي سؤ رپين) جي لنچ باڪس گهرائي کائي سگهندو، جِتي گهرن ۾ ڪم ڪندڙ آيائون/ماسيون پنهنجي عاليشان ڪار ۾ سفر ڪري سگهن ٿيون. نيويارڪ ۾ رهندڙ سکر پاسي جي ڊاڪٽر راڄپر ٻُڌايو ته سندن سائوٿ انڊين ماسيءَ (گهر جو ڪم ڪرڻ واري نوڪرياڻيءَ) نئين ٽويوٽا ڪار خريد ڪئي آهي ۽ هن کي سڄي ڏينهن جي ڪم جا هڪ سؤ کن ڊالر (ڇهه هزار رپيا) مليو وڃن. آمريڪا اهو ملڪ آهي جِتي پلمبر (نلڪن جو ڪم ڪرڻ وارا)، ويلڊر، ڪاسائي، وئڪيشن گذارڻ لاءِ پنهنجي ٻارن کي يورپ وٺيو ٿا وڃن. هڪ دفعي نيويارڪ جي ’پارڪ ايونيو‘ جي هڪ سگنل وٽ اسان جي ڀر ۾ هڪ مرسيڊيز ڪار اچي بيٺي، جيڪا هڪ بنگالي هلائي رهيو هو. وقت پاس ڪرڻ ۽ تعليم دوران چٽگانگ (بنگلاديش) ۾ سکيل بنگاليءَ کي تيز ڪرڻ لاءِ، ساڻس خوش خير عافيت ڪيم.
”تُمي ڪيمن آڇو ـــ آمريڪا تي تُمي ڪوتو بوسر سيڪِي آڇو؟“ (تون ڪيئن آهين؟ آمريڪا ۾ ڪيترن سالن کان رهين ٿو؟)
”آٺ برسو ڇي ٿيڪي، بيسي آڇو“ (آمريڪا ۾ رهندي مون کي اٺن سالن کان به مٿي ٿي ويا آهن) هن ٻڌايو. هن ٻڌايو ته هو ڍاڪا جي ڀر سان هڪ شهر نارائڻ گنج کان هِتي آيو آهي.
”تُمي ايڪني ڪِي ڪاج ڪورو؟“ (تون هِتي ڪهڙو ڪم ڪرين ٿو؟) پڇيومانس.
”امار ايڪٽا ڇوٽو آئيس ڪريم ڪئبن آسي“ (منهنجو هِتي هڪ آئيس ڪريم جو گاڏو آهي) هن ٻڌايو. آمريڪا ۾جِتي ڪٿي ريلوي اسٽيشنن، اسڪولن ۽ آفيسن ٻاهران رستي جي ڪناري تي گاڏن (ريڙهن) جي صورت ۾ ننڍڙي ڪئبن وارا دڪان ٿين جن ۾ گهڻو ڪري اسان جي ايشيا پاسي جا ماڻهو اخبارون، چپس، Nuts، بسڪٽس، سگريٽ يا آئيس ڪريم جهڙيون شيون رکي وڪڻن. هن همراهه بروڪلن (نيويارڪ) ۾ ڪنهن اهڙي سڻائي هنڌ تي، پَڪَ ڪنهن اسڪول وٽ، آئيس ڪريم ۽ ان سان رابطو رکندڙ شيون: ڪون، ڪلفي، ڪئنڊي، ڪوڪ جهڙيون شيون وڪيون ٿي. جيئن ئي سگنل سائو ٿيو ته هُو اڳيان نڪري ويو. اسان سندس ڪار جي پوئين شيشي تي چنبڙايل ڀالوءَ کي ڏسندا رهياسين. مون سان گڏ ويٺل منهنجي ڀاڻيجي ثمير وسطڙو چيو: ”ماما! آمريڪا اهو ملڪ آهي جِتي بنگالي مرسيڊيز ڪارون هلائين ٿا ٻيو ڪو دنيا جو اهڙو ملڪ سجھانوَ جتي مڊل يا لوور مڊل ڪلاس جا بنگالي اهڙي ٺاٺ سان رهندا هجن.“ هن بلڪل صحيح ڳالهه ڪئي.
آمريڪا اهو ملڪ آهي، جِتي هڪ غريب لاءِ به ڪيتريون ئي سهوليتون ۽ سک آهن. آمريڪا ۾ هر نئون آيل هتي جي عام شهري ماڻهن جي زندگيءَ جو بهتر معيار ڏسيو وائڙو ٿيو وڃي. ان تي هڪ دلچسپ ڳالهه ياد ٿي اچي ته 1980ع ۾ آمريڪا ۾ مهانگائيءَ جي لهر اچڻ ڪري هِتي جي هڪ ٽي وي چئنل CBS هِتي جي ماڻهن کي احتجاج ڪندي ڏيکاريو ته ڪيئن گهرن ۾ عورتون پٽاٽن، بصرن يا آئيس ڪريم جي قيمت وڌڻ تي حڪومت کي گهٽ وڌ ڳالهائي رهيون هيون. هُونءَ عام طرح آمريڪا جا ٽي وي پروگرام روس (USSR) ۾ نه ڏيکاريا ويا ٿي جيئن اسان وٽ انڊيا جا نٿا ڏيکاريا وڃن. پر CBS جو هي پروگرام روس وارن اهو سوچي پنهنجي ملڪ ۾ ڏيکاريو ته جيئن روس وارا اهو ڏسي پنهنجي حڪومت مان خوش ٿين ۽ آمريڪا لاءِ نفرت ڪن ته اتي جي حڪومت ڪيڏي خراب آهي جو بصر ۽ پٽاٽا مهانگا ٿيڻ ڪري ماڻهو ان کي گهٽ وڌ پيا ڳالهائين، پر ان پروپئگنڊا جو روس جي عوام تي ماڳهين ابتو اثر ٿيو جڏهن هنن آمريڪا جي غريب عوام جا گهر ڏٺا ته هن کي انهن ۾ ٽي وي، مائڪرو ويو اوون کان فرج ۽ ايئرڪنڊيشنر تائين هر سک موجود نظر آيو. ان قسم جي ڊاڪيومينٽري ڏسي روس جي چڱن چوکن ماڻهن به اهو ئي چيو ته روس جي ههڙي زندگي کان ته آمريڪا جي غريب ماڻهن جي بهتر آهي.
اها مٿين ڳالهه جڏهن مون هِتي نيويارڪ ۾ هڪ محفل ۾ ڪئي ته اسان ۾ موجود بمبئي جي هڪ سنڌي بزنيس مئن به ان قسم جي ڳالهه ڪئي ته هُنَ بمبئي ۾ سندس آفيس جي هڪ ڪلارڪ کي آمريڪا اچڻ لاءِ ناڪام ڪوششون ڪندي ڏٺو ته آخر هن کان پڇيائين ”تون آمريڪا وڃڻ لاءِ ايڏو بي چين ڇو آهين؟“
هن وراڻيو: ”آئون دراصل اهڙي ملڪ ۾ رهڻ ٿو چاهيان جنهن جا غريب به ٿُلها هجن.“
بمبئي جي مٿين ڪلارڪ آمريڪا جي غريب عوام کي ضرور فلمن ۾ ڏٺو هوندو. آئون به پهريون دفعو نيويارڪ يا شايد بالٽيمور جي بندرگاهه ۾ آمريڪا جي ٿلهن متارن ۽ صحتمند مزدورن کي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو هوس. هن کان اڳ چٽگانگ (بنگلاديش)، ڪولمبو (سري لنڪا) ۽ رومانيا، بلغاريا جهڙن ملڪن ۾ اتي جي ڏٻرن ۽ غريب مزدورن کي ڏسي چڪو هوس جيڪي ويچارا جهاز جي بورچيخاني جي بچيل سچيل ماني کائي ويلو ٽاريندا وتندا هئا ۽ هيڏانهن آمريڪا ۾ مزدورن چانهه به جهاز جي پيئڻ بدران، بندرگاهه جي ريسٽورنٽ مان پنهنجي لاءِ ايڪسپريسو ڪافيءَ جو آرڊر ڏنو ٿي. لنچ تي پنجن پيسز واري ڪينٽڪي چڪن جي باڪس ۽ ٺونٺ جيڏو ملڪ شيڪ گهرايو ٿي. ٻه ٽي دفعا اچڻ بعد آخر سندن پگهار جي پڇا ڪرايم ته خبر پيئي ته هِتي جي مزدورن جو پگهار به هِتي جي چڱي خاصي آفيسر برابر آهي ۽ هتي اسان جي ملڪن وانگر هر گهر جو فقط هڪ فرد نه پر هر ڀاتي ڪمائي ٿو ۽ ڪيترا ته ٻه ٻه نوڪريون به ڪن ٿا. اڄ ڪلهه آمريڪا ۾ گهٽ پگهار واري مزدور، هيلپر، ڪلارڪ جو به اڍائي کان ٽي هزار ڊالر يعني (اٽڪل ٽي لک رپيا) پگهار آهي.
آمريڪا ۾ رهندڙ اسان جا به ڪيترائي هم وطني جيڪو ڪم ملين ٿو اهو ڪن ٿا. ڪيترا ته ٻه ٻه نوڪريون به ڪن. هڪ مزدوريءَ جهڙي ته ٻي هڪ هنڌ ويهي ڪلارڪي ٽائيپ جي. ڪيترن ئي جون زالون به نوڪريون يا پورهيو ڪن ٿيون. ڊپارٽمينٽل اسٽورن ۾، دڪانن ۾، ريسٽورنٽن ۾. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته آمريڪا ۾ مهانگائي آهي پر ايتري ناهي جيتري ڪمائي آهي. خاص ڪري کاڌي پيتي ۽ روز مرهه جون شيون: صابڻ، ٽُٿ پيسٽ، مختلف مشروب، بوٽ ڪپڙا وغيره ايترا مهانگا نه آهن ۽ ڪو خيال سان هلي ته هو وڏي بچت ڪري سگهي ٿو ۽ اسان جي ملڪ جهڙا ڪيترائي سمجھدار ۽ ضرورت مند ماڻهو هِتي اچي اڃان به وڌيڪَ سادگيءَ ۾ رهي، پنهنجي وطن يا هِتي ئي گهر گھاٽ اَڏرائي پنهنجي آئندي جي زندگي سکي ستابي ۽ خوشحال بنائي رهيا آهن. هو هِتي رهڻ مان فائدو وٺي پنهنجي ٻارن کي پنهنجي نظر هيٺ سٺن تعليمي ادارن مان تعليم ڏياري رهيا آهن، جيئن اڳتي هلي هنن جي ٻارن کي سٺي پگهار واري نوڪري ملي ۽ هنن وانگر گهڻي تڪليف ۽ جدوجهد نه ڪرڻي پوي. ساڳي وقت آمريڪا ۾ ڪيترائي اهڙا آهن جيڪي ٻارن جي مستقبل يا آئندي جي زندگي جو سوچڻ بعد هو اڄ جي زندگي عيش ۾ گذارڻ چاهين ٿا. هنن لاءِ آمريڪا ۾ رهڻ جو واحد مقصد عيش ڪرڻ آهي ۽ هنن لاءِ عيش شراب، جوا، گهمڻ ڦرڻ ۽ عورت آهي. ۽ پوءِ اهڙي عياشيءَ لاءِ ته خزاني جا کوهه به کٽيو وڃن. اولاد تي ڌيان نه ڏيڻ تي اهي غلط راهه تي هليا وڃن ۽ اڳتي هلي اهي ٻار پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي والدين لاءِ مسئلن جا انبار ٿا پئدا ڪن.
آمريڪا جِتي مسجدون آهن، مندر آهن، مذهب آهي، اخلاق آهي، اعليٰ تعليمي ادارا آهن ته هنر سکڻ جا اسڪول آهن، اتي بداخلاقي ۽ ڇڙواڳي به آهي، برائي ۽ بڇڙائي به آهي، خرچڻ ۽ وقت برباد ڪرڻ جا به چشڪا آهن.
هُونءَ به چوندا آهن ته بدڪاري ۽ بڇڙائيءَ ۾ ڪشش آهي ۽ ويترا ڪيترا ٻار پنهنجي والدين کي غلط راهه تي هلندو ڏسي پاڻ به ان منزل جا مسافر ٿيو پون ۽ پوءِ جڏهن هڪ عمر اچي ٿي، جڏهن والدين وڏي عمر تي پهچي پنهنجي غلطي محسوس ڪن ٿا ته پوءِ هو ان وقت چاهين ٿا ته هنن ته پنهنجي زندگي برباد ڪري ورتي گهٽ ۾ گهٽ سندن اولاد ان راهه تي اڳتي وڌڻ بدران پٺيان موٽي. پر افسوس جو هنن کي اهو ئي نياپو ملي ٿو ته: It is too late!
آمريڪا Land of Opportunities فقط مردن لاءِ نه پر عورتن ۽ ٻارن لاءِ به آهي. ڪو به مرد پنهنجي زال کي گار گند يا مار موچڙو نٿو ڪري سگهي. اهو قانون اسان جي ملڪ ۾ به آهي پر ڪيتريون زالون آهن جن کي ان قانون جي خبر آهي؟ ۽ جن عورتن کي خبر آهي انهن مان ڪيتريون آهن جيڪي مڙسن جي ڏاڍ ظلم جي دانهن پوليس يا ڪورٽن ۾ پهچائين ٿيون؟ ۽ جيڪي پهچائين ٿيون انهن مان ڪيتريون آهن جن کي انصاف ملي ٿو؟ پر هِتي آمريڪا ۾ ٻي ڪهاڻي آهي. هتي غريب ۽ ڪمزور کي به انصاف نه فقط ملي ٿو پر ترت ملي ٿو. آمريڪا ۾ رهندڙ عورت کي فقط پوليس اسٽيشن تي هڪ فون ڪرڻو پوي ٿو يا سندس رڙيون ٻڌي پاڙي واري عورت به پوليس کي اطلاع ڪري سگهي ٿي. اسان جي هڪ موري پاسي جي همراهه پنهنجي زال سان گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ صحيح طرح نه هلڻ تي سندس زال جيڪا سندس ڳوٺ جي ۽ سوٽ ٿئي پوليس کي فون ڪيو ته پوليس مڙس کي کنڀي وئي. ٻئي ڏينهن هن کي ڪورٽ آڏو پيش ڪيو ويو ۽ ٽئين ڏينهن اسان ساڻس ملڻ لاءِ جيل ۾ وياسين. توهان سوچيندا هوندائو ته ڪهڙي ته زال آهي! ڇو جو اسان جنهن ماحول ۾ رهون ٿا، ان ۾ اسان جي دماغ ۾ اها ئي ڳالهه وهاري وئي آهي ته مڙس صاحب کي جيڪي وڻي اهو ڪري، زال ذات کي ٻڙڪ به ٻولڻو ناهي پر هِتي (آمريڪا) جو ماحول ٻيو آهي. مرد حضرات پاڻ ۾ تبديلي نه آڻيندو ته پوءِ اسان جهڙا هن جا دوست ساڻس ڇنڇر يا آچر ڏينهن جيل ۾ ئي ملڻ ويندا. توهان شايد اهو به سوچي رهيا هجو ته زال ماڻهو ٿي ڊِنِي به ناهي، سڀان مڙس جيل ڪاٽي اچي بدلو وٺيس ته ڇا ڪندي؟ پر اهو اسان وٽ ٿيندو آهي جِتي انصاف ڏکيو ٿو ملي ۽ پوليس حفاظت بدران ظلم ٿي ڪري. ”توکي ڏسي رهندس“ جهڙا ڊائلاگ ڪمزورن کي ڏڪائين ٿا. هِتي جيل وڃڻ کان اڳ يا پوءِ ڪو هٿ کڻڻ ته ڇا ان قسم جا ڊائلاگ به هڻي نٿو سگهي ڇو جو ان تي ڌمڪي ڏيڻ جو ڪيس ٿي سگهي ٿو ۽ ’مڙس پهلوان‘ جو وڌيڪَ سر وڃي سگهي ٿو.
پنهنجي ملڪ ۾ ته انصاف جي بالادستي نه هجڻ ڪري ۽ پوليس طرفان حفاظت نه ملڻ ڪري ڪو به ماڻهو اهو معلوم ڪرڻ جي به تڪليف نٿو وٺي ته هڪ عورت توڙي مرد کي ڪهڙا حق مليل آهن ۽ بنيادي حق کسجڻ تي هوءَ حڪومت خلاف به دانهين سگهي ٿي پر هِتي آمريڪا ۾، سنڌ ۽ پنجاب جي ڏورانهين ڳوٺن کان آيل عورتن کي به ٿورن ئي ڏينهن ۾ سندن هم زبان، هم وطن ۽ هم مذهب عورتون حقن بابت ٻڌايو ڇڏين ۽ هو اهڙو هوشيار ٿيو وڃن جو سندن مڙس حضرات پريشان ٿيو وڃن ته هي ته ڳوٺن جون رڍون هيون ۽ جن ٽنڊي ٺوڙهي يا راڻيپور گمبٽ ۾ ته پنهنجي شرابي مڙس جا موچڙا کائي به صبر ٿي ڪيو ۽ ان مڙس جي مار موچڙي ۽ گار گند کي به پنهنجو نصيب ٿي سمجھيو سي هاڻ هِتي اچي دڙڪا ڏيڻ لڳيون آهن ته ”خبردار جو عورت ذات تي هٿ کنيو اٿئي“، ۽ ”هي گهر آهي يا بار يا پب ناهي جو تون نشي ۾ ڌت ٿي اچين ٿو.“
اهو ئي سبب آهي جو ڪيترا ڏنگا مڙس اهو ئي چاهين ٿا ته سندن زالون هِتي آمريڪا ۾ رهڻ بدران ڳوٺ هلي رهن ۽ آمريڪا ۾ عورتن جي حقن جي پوئواري ۽ انصاف ملڻ ڪري ورلي ڪا عورت پنهنجي وطن ورڻ جو نالو وٺي ٿي. ڪن حالتن ۾ ته مرد حضرات نيڪ نيتي سان وطن واپسي هلڻ چاهين ٿا ته به سندن زالون چون ٿيون ته، ”اسين هِتي ئي رهنديونسين.“
هڪ ٻه نه پر ڪيترن ئي هم وطني مرد صاحبن کان اهو ٻڌم ته هاڻ هنن کي آمريڪن پاسپورٽ ملي ويو آهي، هنن آمريڪا ۾ ڏهه يا ويهه سال گذاري خوب ڪمايو آهي ۽ هاڻ هُو پنهنجي وطن هلي سڪون جي زندگي گذارڻ چاهين ٿا. اتي هلي ڪاروبار ڪرڻ چاهيون ٿا، اولاد به وڏو ٿي ويو اٿن خاص ڪري نياڻي ٻارن جي پريشاني اٿن جو آمريڪا جو ماحول ڇوڪرين لاءِ سٺو ناهي وغيره وغيره ۽ پوءِ منهنجي پڇڻ تي ته، ”هو وڃن ڇو نٿا؟“، ته تقريباً سڀني ساڳيو جواب ڏنو ٿي ته سندن زالون ۽ ٻار وطن واپس نٿا هلڻ چاهين. هو آمريڪا ۾ ئي رهڻ پسند ڪن ٿا ۽ اسان سندن مٿان زور زبردستي به نٿا ڪري سگهون جو هو به اسان وانگر آمريڪا جو پاسپورٽ رکندڙ آهن ۽ هو به هن ملڪ جا شهري آهن ۽ ساڳيا حق رکن ٿا ۽ اسان خلاف رپورٽ ڪرڻ تي حڪومت هنن جي ٻڌندي ۽ ويتر اسان جي هٿن مان نڪري ويندا.

هُوءَ اڄ رات دير سان موٽندي

هُوءَ اڄ رات دير سان موٽندي

عورتن وانگر آمريڪا ۾ ٻارن جا به حق آهن. سڀ کان وڏي ڳالهه ته ڪوبه پنهنجي ٻار کي مار يا دڙڪو نٿو ڏئي سگهي. ان لاءِ نه فقط ٻار يا پاڙي واري پوليس کا اطلاع ڪري سگهي ٿو پر اسڪول جي ٽيچر به ان ظلم خلاف ٻار جي مدد ڪري سگهي ٿي. بلڪه هر ٽيچر کي پڙهائڻ کان علاوه اها به ڊيوٽي ڏنل آهي ته هُوءَ ٻارن کان پڇندي رهي ته هنن جا والدين يا گارجِيَن هنن کي تڪليف ته نٿا ڏين. 18 سالن بعد ته هر ٻار خود مختيار آهي. جيڪڏهن هو سڄي رات ڪنهن پب ۾ ويهي شراب پيئي يا گرل فرينڊ سان ڪنهن هوٽل ۾ رات گذاري ته هن جا والدين هن کي ڪجهه به چئي نٿا سگهن. ذرا انهن پيئرن جو سوچيو جن پاڻ اهي ڌنڌا ڪيا اهي ته پنهنجي اولاد کي نصيحت طور به سمجھايو نٿا سگهن جو هنن کي اولاد طرفان ــــ پٽ هجي يا ڌيءَ، اها ئي ورندي ملي ٿي ته:
“Papa this is my life. You enjoyed your life. Now let me enjoy my life.”
ان جو مطلب اهو به ناهي ته آمريڪا ۾ جيڪي ماڻهو رهن ٿا انهن جا ٻار اهڙا آهن. ڪيترائي اهڙا آهن جيڪي آمريڪا جهڙي مغربي سوسائِٽيءَ ۾ رهي به پنهنجو مذهب پنهنجو ڪلچر ۽ پنهنجا قدر قائم رکندا اچن. هو پاڻ به صاف سٿري زندگي گذاري رهيا آهن ته پنهنجن ٻارن کي به پنهنجي نظرن هيٺ رکي هنن کي ننڍي هوندي کان سٺائيءَ ۽ برائيءَ جو فرق سمجھائي رهيا آهن. هو پنهنجو وقت ۽ ڌيان ٻارن ڏي ڌرين ٿا ۽ هنن کي مغربي ماحول ۾ رکي جِتي مغرب جي سٺائين مان فائدو وٺڻ جي تلقين ڪن ٿا اتي پنهنجي وطن جي اعليٰ قدرن کان به آگاهه ڪندا رهن ٿا، پوءِ اهي چاهي اسان جي ملڪ جا مسلمان هجن يا هندو، عيسائي هجن يا پارسي.
آمريڪا ۾ ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن موڪل ٿئي ٿو. اهو ڏسي مون کي تعجب لڳو ته اسان جي ملڪ جا ڪيترائي ماڻهو اهي ٻه ڏينهن آرام ڪرڻ بدران پنهنجي ٻارن کي ڀر واري مسجد يا اسلامڪ سينٽر ۾ وٺي وڃن ٿا، جِتي هو ديني تعليم حاصل ڪن ٿا. هُو ٻارن کي ڇڙواڳ ڇڏڻ بدران موڪل وارن ڏينهن تي هنن کي پاڻ سان گڏ پڪنڪ يا ٻي ٽرپ تي وٺي وڃن ٿا. ڪيتريون ئي هِتي وڏيون توڙي ننڍيون ڇوڪريون حجاب اوڍين ٿيون ۽ هو اهڙن سان شادي ڪرڻ چاهين ٿيون، جيڪي مذهبي خيالن جا آهن، جيڪي اخلاقي قدرن جي پيروي ڪن ٿا، پر ڪي ٻار ته وري هيڪاندو ڇڙواڳ ٿي ويا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ اسان جي هڪ دوست جي پٽ جو ڪنهن هم وطني جي ڌيءَ سان رشتو طئه ٿيڻ وارو هو. ڇوڪريءَ جي والدين پنهنجي ڌيءَ کان ان بابت راءِ ورتي. هن فون کڻي سنئون سڌو اميدوار گھوٽ کي چيو: ”ڳالهه ٻڌ! نماز وغيره مون کان نه پڙهي ٿيندي، متان شاديءَ بعد مون لاءِ مولوي بنجڻ جي ڪوشش ڪرين. ۽ نمبر ٽُو... آئون هينئر به ٽائيٽ جينز پايان ٿي شادي بعد به اهي ڪپڙا پائيندس متان اهو سمجھين ته آئون شلوار پائينديس.“
بهرحال ان قسم جي ڳالهه کي توهان ڪڻو سمجھي باقي ان قسم جي آمريڪا ۾ رهندڙ ڇوڪرين جي ديڳ جو اندازو لڳائي سگهو ٿا. ڪيتريون اسان جون ديسي ڇوڪريون، ويندي عرب ملڪن ۽ ايران جون، ڊرنڪ به ڪن ٿيون، جنهن کي هو عيب نٿيون سمجھن. ڪجهه اهڙين ڇوڪرين جي والدين مون سان دل جو حال ونڊيندي بيحد ڏک جو اظهار ڪيو ته هنن جو اندر ڪٽجيو وڃي جڏهن هو پنهنجين نياڻين کي بئاءِ فرينڊس سان گڏ اڪيلو ويندو ڏسن ٿا. مائٽن جي سمجھائڻ تي هو ويتر ناراض ٿيو وڃن. اهڙي طرح اسان جي ڪجهه ديسي همراهن جا پٽ به هٿن مان نڪري ويا آهن. آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ جِتي هڪ کان هڪ اعليٰ تعليمي ادارا آهن، ان ملڪ ۾ رهي ڪري به هو ڪا تعليم حاصل ڪري سٺي نوڪري نه وٺي سگهيا آهن. ماءُ پيءُ جي بي ڌيانيءَ ڪري هنن ۾ خراب عادتون پئجي ويون آهن ۽ هاڻ هُو پنهنجي ماءُ پيءُ لاءِ به آزاد بڻجي چُڪا آهن ۽ ڪن مائٽن هاڻ انهن پنهنجن کريل ٻارن کي سڌارڻ لاءِ اهو طريقو ڪڍيو آهي، بلڪه انوکو طريقو ڪڍيو آهي ته انهن جي شادي پاڪستان مان ڪنهن امير گهر مان ڪرائي اهو نڪمو ڇوڪرو انهن جي مٿي ۾ هڻي ڇڏجي. پاڪستان ۾ رهندڙ همراهه ته اهو ئي سوچيندو ته آمريڪن سٽيزن ڇوڪرو الائي ڇا هوندو؟! پر پوءِ شادي بعد ڄاڻ پوي ٿي ته اهو نه پڙهيل آهي نه ڪمائي ٿو، نه پنهنجو گهر اٿس نه ڪو ڌنڌو ڌاڙي ۽ کين ئي پنهنجي ڇوڪريءَ کي هر مهيني خرچ لاءِ پئسو موڪلڻو پوي ٿو. پر هاڻ ان قسم جا ڪيترائي ڪيس ٿيڻ بعد وطن جا ماڻهو به هوشيار ٿي ويا آهن ۽ هو سمجھڻ لڳا آهن ته آمريڪا ۾ رهندڙ هر ماڻهو پڙهيل ڳڙهيل، وڏي نوڪري وارو ۽ امير نه آهي.
اهڙي طرح هڪ ٻيو فراڊ به عام آهي. آمريڪا ۾ ڪيترائي اهڙا ديسي همراهه آهن جن کي اٺ ڏهه سال رهڻ جي باوجود پاسپورٽ ته ڇا پر گرين ڪارڊ به نه ملي سگهيو آهي. هو غير قانوني طرح هِتي لڪ ڇپ ۾ رهيا پيا آهن. پر هاڻ نائن اليون کانپوءِ هنن لاءِ هِتي وڌيڪَ رهڻ ڏکيو ٿيندو وڃي. اهي ڪي پڙهيل يا سٺي نوڪري ۾ به نه آهن ۽ پنهنجي وطن موٽڻ تي هنن کي ٽن چئن هزار روپين واري ڪا ڪلارڪي به نه ملي سگهندي. سو پنهنجو مستقبل روشن ڪرڻ لاءِ ۽ ٻين تي بار ٿيڻ لاءِ، هو پنهنجي وطن مان شادي ڪن ٿا جن جي بندوبست لاءِ ڪراچي، حيدرآباد کان سکر ملتان تائين ڪيتريون ئي شادي ڪرائڻ جون ايجنسيون ٺهي پيون آهن ۽ ڪيتريون ئي عورتون آمريڪا جي ڇوڪرن جي واکاڻ ڪري امير گهرن مان شادي ڪرائين ٿيون ۽ پوءِ شاديءَ بعد ڇوڪرو ڇوڪريءَ کي آمريڪا وٺي وڃڻ بدران پاڻ ڇوڪريءَ جي گهر اچيو ٺڪاءُ ڪري.
پر سڀ کان ڏکوئيندڙ ڳالهه انهن والدين جي آهي جيڪي آمريڪا ۽ ڪئناڊا جو پاسپورٽ حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ پنهنجي گهر جو سک چين وڃايو ڇڏين. اسان جا ڪيترائي ماڻهو آمريڪا يا ڪئناڊا ۾ رهڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. هو هر طرح سان پنهنجي قسمت آزمائين ٿا جيئن هنن کي Immigrant ويزا ملي وڃي. هونءَ ته آمريڪا لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم نه هو پر هاڻ ته لاٽري سسٽم به بند ٿي ويو آهي. بهرحال ست اٺ سالن تائين ڪئناڊا ۾ رهڻ تي ويزا سولائيءَ سان ملي وئي ٿي ۽ ڪيترائي پاڪستاني آمريڪا جي ويزا نه ملڻ تي ڪئناڊا جي ئي وٺندا رهيا، جيئن ڪجهه سال اتي رهڻ بعد سولائي سان آمريڪا ۾ رهائش جي ويزا ملي وئي ٿي. پر پوءِ پاڪستانين کي پاڪستان مان apply ڪرڻ تي نٿي ملي يا ڪنهن ڪنهن کي ٿي ملي تنهن تي هو ٻين ملڪن مان، خاص ڪري سريلنڪا مان apply ڪرڻ لڳا. هاڻ ته اهڙي حالت ٿي وئي آهي جو ڪئناڊا جي ويزا ملڻ تي ڪئناڊا ۾ چار چار پنج پنج سال رهڻ بعد مس مس ڪئناڊا جو پاسپورٽ (citizenship) ٿو ملي جيڪو هونءَ پهرين سال اندر ملي ويو ٿَي ۽ جن کي ڪئناڊا جو پاسپورٽ ملي ٿو انهن لاءِ آمريڪا ۾ هاڻ اچڻ يا رهائش اختيار ڪرڻ آسان نه رهيو آهي. بهرحال هو ان کي به خوش قسمتي سمجھن ٿا ته هنن وٽ ڪئناڊا جو ته پاسپورٽ آهي ۽ هو ٻاهر جي دنيا ۾ پاڪستاني سڏجرائڻ بدران ڪئناڊين سڏرائين ٿا.
”ان جا ڪيترائي فائدا آهن“. آمريڪن يا ڪئناڊين پاسپورٽ رکندڙ پاڪستاني ٻڌائين ٿا. انهن فائدن مان ڪجهه هِتي لکندو هلان:
• هو ڪنهن به ٻئي ملڪ ۾ آساني سان وڃي سگهن ٿا. جنهن وقت هنن کي وڻي ته هو سنگاپور، انڊيا ۽ جپان ويندي ڪويت، سعودي عرب، دبئي ۽ ٻين عرب ۽ يورپي ملڪن ۾ وڃي سگهن ٿا. هڪ پاڪستاني جي صورت ۾ هن کي انڊيا ۽ بنگلاديش جهڙي ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ به ويزا لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي.
• ڊگري کڻي پاڪستاني هجي پر ڪئناڊا يا آمريڪا جي پاسپورٽ تي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ نه فقط سٺيون نوڪريون پر وڌيڪ پگهار سان مليو وڃن.
• ڌارئين ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جي تڪليف درپيش اچي ٿي ته نه فقط آمريڪا يا ڪئناڊا جي ان ملڪ ۾ موجود ايمبسي مدد ڪري ٿي پر مقامي حڪومت به واهر ڪري ٿي. هڪ پاڪستاني پاسپورٽ واري کي نه پنهنجا مدد ڪن ٿا نه پراوا ـــ بلڪه هن کي هرڪو شڪ جي نِگاهه سان ڏسي ٿو.
• ڪئناڊا يا آمريڪا جهڙي ملڪ جو پاسپورٽ حاصل ڪري پنهنجي ملڪ پاڪستان ۾ رهڻ ۾ وڏو رعب آهي. ان جو وڏو خيال ڪيو وڃي ٿو جو پاڪستان جهڙن ملڪن جون حڪومتون ۽ انهن جا ادارا آمريڪا جهڙن ملڪن کان ڊڄن ٿا ۽ کين هر وقت خوش ڪرڻ جي چڪر ۾ رهن ٿا ۽ هو نٿا چاهين ته ان پاڪستانيءَ کي هروڀرو تنگ ڪجي جنهن وٽ ڪئناڊا يا آمريڪا جهڙي ملڪ جو پاسپورٽ آهي..... وغيره وغيره
آمريڪا يا ڪئناڊا ۾ جيڪي اسان جي ملڪ جا رهن ٿا انهن ۾ گهڻائي انهن جي آهي جيڪي روزگار جي ڪري آيا آهن. هنن کي پنهنجي تعليم ۽ هنر مطابق پنهنجي ملڪ ۾ سٺي نوڪري يا پورهيو نه ملي سگهيو جنهن مان هو پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالي سگهن. هو هِتي محنت ڪري ڪمايل پئسو بچائين ٿا. ڪيترا ته ٻه ٻه نوڪريون يا اوور ٽائيم به ڪن ٿا جيئن گهڻي کان گهڻو پئسو بچائي پنهنجي وطن سک جي زندگي گذاري سگهن. انهن مان ڪي اڪيلا هِتي رهن ٿا ۽ ٻارن کي پاڪستان ۾ ئي رکيو اٿن جيئن خرچ بچي سگهي. ڪي ٻارن ٻچن سان گڏ رهن ٿا ۽ سندن زالون به ڪم ڪن ٿيون. هنن کي پنهنجي گهر ٻار ۽ مستقبل جو فڪر رهي ٿو. هو اجايو سجايو پئسو وڃائڻ ۽ دعوتن پٺيان خرچ ڪرڻ بدران، خيال سان خرچ ڪن ٿا ۽ ٻارن تي به نظر رکن ٿا جيئن هنن کي پنهنجي مذهب ۽ ڪلچر سان لڳاءُ رهي ۽ سڀاڻي وطن موٽي هلجي ته به هنن جا ٻار adjust ٿي سگهن.
آمريڪا ۾ باقي رهندڙ پاڪستانين ۾ ڪجهه اهڙا آهن جيڪي ڪمائين به چـڱو ٿا پر سڀ خرچ ڪريو ڇڏين. هو مستقبل جي باري ۾ گهڻو غور ويچار نٿا ڪن ۽ نه پنهنجن ٻارن تي ڌيان ڌرين ٿا. هو سمجھن ٿا ته هو آمريڪا اچي ويا آهن اهو ئي ڪافي آهي. ٻار پاڻ ئي پيا پڙهندا. جيئن پاڪستان ۾ به ڪيترا والدين پنهنجي ٻارن جي پڙهائيءَ جو خيال نٿا ڪن. سندن پيءَ ته کڻي نوڪرين پٺيان مشغول ٿيا پر مائرون هائوس وائيف هوندي به کانئن ايترو نٿو پڄي ته هُو روز جو روز پنهنجي ٻارن کان پڇن ته اسڪول ۾ ڇا ڪيانوَ، ڪهڙو هوم ورڪ مليو، ٻارن سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪيانوَ.... وغيره وغيره. تيئن هِتي آمريڪا ۾ به ڪجهه مائرن جو ڪم فقط فون تي ڪچهري ڪرڻ، ٽي وي ڏسڻ، شاپنگ ڪرڻ ۽ دعوتون ڪرڻ آهي باقي پنهنجن ٻارن تي ڌيان ڏيڻ لاءِ هڪ منٽ به فرصت ناهي.
هنن کي اها توفيق ناهي جو هو کڻي پنهنجي ٻارن کي سٺائي ۽ خرابي بابت آگاهه ڪن. هو پاڻ به آمريڪا اچي پنهنجو پراڻو ڪلچر ۽ خانداني قدر وساري چڪا آهن. وقت گذرندي ويرم نٿي لڳي. هڪ ڏينهن هنن جا ٻار جوان ٿيو وڃن ۽ پوءِ هنن جون وايون بتال ٿيو وڃن جڏهن هڪ سهاني ۽ ٿڌڪار واري شامَ جو سندن ڪو ٻارُ، خاص ڪري جوان ڌيءَ، هنن کي اطلاع طور اهو ٻڌائي گهر کان ٻاهر نڪري ٿي ته هُوءَ اڄ رات دير سان موٽندي جو هن جو بُئاءِ فرينڊ هن کي ڀر وارو شهر گهمائڻ پيو وڃي.

آمريڪا ۾ رستي پڇڻ جي ضرورت ڪونهي

آمريڪا ۾ رستي پڇڻ جي ضرورت ڪونهي

آمريڪا ۾ هن دفعي جيڪا اهم ۽ نئين ڳالهه ڏسي رهيو آهيان، اُها هِتي جي شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ جا ڪمپيوٽرائيزڊ نقشا آهن. اڳ ۾ هڪ شهر کان ٻئي ڏي نڪربو هو ته دڪان تان نقشو خريد ڪري، ان مطابق هلبو هو. ڪيترن شهرن يا رستن جا ته نقشا ئي موجود نه هئا. وري ان شهر ۾ پهچي جنهن هنڌ وڃڻو هوندو هو ان روڊ جو واٽهڙو کان پڇبو وتبو هو ته فلاڻو روڊ ڪٿي آهي ۽ اتي ڪيئن پهچجي ۽ ڪهڙو رستو ون وي آهي ڪهڙو ٽُو وي ۽ مثال طور ڪو ٻڌائي به ٿو ته ڳولا واري هنڌ تي پهچڻ لاءِ هنن هنن رستن ۽ گهٽين مان ٿي وڃو ته اها ڪهڙي خبر ته شاهراهِه فيصل تان ڪيترا ميل هلجي ۽ پوءِ زيب النساءِ اسٽريٽ تي ڪيترو اڳيان وڌجي، جو ان بعد ايم اي جناح روڊ ايندو ۽ پوءِ ايم اي جناح روڊ تي ڪيترا ميل اڳتي وڃجي، جو بولٽن مارڪيـٽ ۾ اهو دڪان اچي ويندو جِتي وڃڻو آهي.
هاڻ آمريڪا جي هڪ هڪ رياست، هڪ هڪ شهر ۽ ڳوٺ ۽ انهن کي ڳنڍيندڙ ايڪسپريس وي، هاءِ وي، روڊ ۽ گهٽين جا نقشا مختلف ويب سائيٽن تي ٺهيا پيا آهن. توهان ڪا به پنهنجي پسند جي ويب سائيٽ کولي ان شهر، ڳوٺ، ڳوٺ جي مارڪيٽ ۽ مارڪيٽ جي ان دڪان يا آفيس کي نقشي ۾ ڏسي سگهو ٿا. نه فقط ايترو پر توهان آمريڪا ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پهچڻ لاءِ واٽ (Direction) معلوم ڪري سگهو ٿا، پوءِ ڀلي توهان جي سفر جي شروعات (Starting Point) ۽ منزل (End) هڪ ئي علائقي ۾ هجي، هڪ ئي شهر ۾ هجي، هڪ ئي رياست ۾ هجي يا مختلف رياستن ۾. توهان ان ويب سائيٽ ذريعي سڄو نقشو ڏسي به سگهو ٿا ته ڇاپي به سگهو ٿا. نيويارڪ کان لاس اينجلس ائين آهي جيئن ڪراچي کان ڪوالالمپور پر توهان چاهيو ته انهن Websites ذريعي نيويارڪ کان وٺي لاس اينجلس تائين راهه معلوم ڪري سگهو ٿا ته توهان کي نيويارڪ مان نڪرڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا رستا وٺڻا پوندا ۽ پوءِ هڪ رياست کان ٻي تائين ۽ ٻيءَ کان ٽين تائين ۽ آخرڪار ڪئليفورنيا تائين ڪهڙا ڪهڙا رستا ۽ انٽر اسٽيٽ هاءِ وي وٺڻا پوندا پوءِ ڪئليفورنيا پهچي ان جي شهر لاس اينجلس ۾ ڪيئن پهچبو. ويب سائيٽ توهان کي اهو به ٻڌائي سگهي ٿي ته فلاڻي رستي تي ڪيترا ميل هلڻو آهي ۽ فلاڻي تي ڪيترا ۽ رستي تي ڪٿي ڪٿي پيٽرول پمپ، آرام جون جايون، پارڪ، ريسٽورنٽون ۽ ٻيون شيون آهن.
جيئن ڪمپيوٽر تي سڀ کان مشهور سرچ مشين Google (گوگل) آهي تيئن نقشن جي ويب سائيٽن ۾ سڀ کان مشهور ’مئپ ڪُئيسٽ‘ (MAP QUEST) آهي جيڪا هن ريت آهي: http://www.mapquest.com
ان ڏينهن واشنگٽن ۾ آئون پنهنجي پيٽارو جي هڪ ساٿي ڪرنل سهيل قريشيءَ سان گڏ هِتي جي هڪ مشهور چؤواٽي ’اسڪاٽ سرڪل‘ وٽ بيٺو هوس ته سنڌ جي ڳوٺ قاضي احمد جي سميع جادران جو فون آيو. سميع مون سان گڏ پنج سال پيٽارو ۾ ڪلاس ميٽ رهيو. ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم اي ڪرڻ بعد ڪجهه سال حبيب بئنڪ ۾ نوڪري ڪيائين. ان بعد واشنگٽن جي ڀر واري رياست يعني پوٽو مئڪ نديءَ جي ٻي پار ورجينيا رياست ۾ اچي رهائش اختيار ڪيائين. سندس ٻار ٻچا به هِتان ئي پڙهيا، هِتي ئي نوڪريون ڪن ٿا ۽ هِتان ئي شادي ڪئي اٿن. سميع جو اڄ پروگرام واشنگٽن اچي، مون کي پاڻ سان بالٽيمور وٺي وڃڻ جو هو. پر ڪنهن ضروري ڪم ڪري هن کي مئريلئنڊ رياست جي شهر سلور اسپرنگ وڃڻو پئجي ويو ۽ صبح جو ئي مون کي فون تي، گڏ هلڻ جي پروگرام ڪئنسل ڪرڻ جو، اطلاع ڪيو ۽ آئون ڪرنل سهيل سان گڏ شهر (واشنگٽن) جو چڪر هڻڻ نڪري پيس.
”منهنجو ڪم پورو ٿي ويو آهي ۽ هاڻ آئون واندو آهيان،“ سميع هاڻ ٻڌايو، ”تون ڪنهن ريسٽورنٽ ۾ انتظار ڪر ته اچي ٿو کڻانءِ“.
مون ڪرنل سهيل سان ڳالهه ڪئي، تنهن سميع کي واشنگٽن اچڻ کان جھليو. ”سلور اسپرنگ شهر ۾ تون ڪهڙي هنڌ آهين؟“ ڪرنل سهيل سميع کان پڇيو.
”آئون الطاف کي تو وٽ وٺي ٿو اچان جيئن تنهنجو پنڌ ۽ وقت بچي ۽ توسان منهنجي به ملاقات ٿي وڃي.“
منهنجي خيال ۾ اهو بهتر هو. سميع سلور اسپرنگ شهر کان واشنگٽن اچي وري پويان پير ڪري سلور اسپرنگ مان ٿيندو بالٽيمور مون کي وٺي هلي ان کان اهو سٺو هو جو ڪرنل سهيل مون کي سلور اسپرنگ تائين وٺي ٿي هليو.
ڪرنل سهيل ۽ آئون ان وقت واشنگٽن جي هڪ چوراهي اسڪاٽ سرڪل وٽ هئاسين جِتي واشنگٽن جا ٻه اهم روڊ: مئساچوسيٽس ايوينيو ۽ روڍي (Rhode) آئلنڊ ايونيو، ۽ ٻه رستا N اسٽريٽ ۽ 16 اسٽريٽ آرپار گذري ڪُل اٺ رستا ٺاهين ٿا. اسان سورهين گهٽيءَ مان واڪ ڪري O (او) اسٽريٽ تي آياسين، جِتان ساڄي پاسي سترهين گهٽيءَ ۾ آياسين جِتي سوشي تارو (Sushi Taro) نالي هڪ جپاني ريسٽورنٽ وٽ سهيل پنهنجي گاڏي پارڪ ڪئي هئي. ڪار کڻڻ کان اڳ ۾ سهيل سوشي تارو ريسٽورنٽ کان اڳيان سائبر ٽاپ ڪيفي ۾ گهڙي ويو جِتان ڪمپيوٽر تي ان هنڌ يعني Sushi Taro – 1503, 17 Street NW کان وٺي سلور اسپرنگ شهر جي ان هنڌ تائين جِتي اسان کي وڃڻو هو يعني Silver Spring MD 20905 15000 Good Hope Rd; تائين، رستي جو پرنٽ آئوٽ ڪڍي آيو. جيئن رستي تي ڪنهن کان پڇڻ بدران سڌو گڊ هوپ روڊ تائين هلي پهچجي جِتي مسجد بيت الرحمان وٽ سميع اسان جو انتظار ڪري رهيو هو.
ڪرنل سهيل جو ڪڍيل هي پرنٽ آئوٽ، مون پاڻ وٽ رکي ڇڏيو ۽ هينئر جيئن ئي منهنجي نظر ان تي پئي آهي ته پڙهندڙن لاءِ هي لکڻ ويٺو آهيان ته سڄي جهان جو تڏي جيڏو نقشو کڻي هلڻ بدران فقط اهو کڻجي جنهن ۾ سفر جي شروعات واري جاءِ کان اختتام (End) واري هنڌ جو نقشو ۽ Directions هجن. نموني خاطر هِتي اهي رهنمائي جا ڊئريڪشن لکي رهيو آهيان:
1. Start out going south on 17 street NW towards Church street NW (0.1 mile).
2. Turn left on to P street NW. (0.1 mile)
3. Turn left on to 16 street NW (crossing Maryland) (5.7 miles).
4. Turn slight right on Colesville road/MD 384. continue to follow Colesville Rd. (3.2 miles).
5. Colesville Rd becomes Columbia Pike/US-29N (1.2 miles).
6. Merge onto MD-650N/ New Hampshire Ave.
7. Turn right on to Cape May Road. (0.3 mile)
8. Turn right onto Good Hope Road (0.9) miles.
9. End at 15000 Good Hope Road Silver spring, MD 20905, USA.

اسان ننڍي کنڊ جا ماڻهو...

اسان ننڍي کنڊ جا ماڻهو...

1960ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن اسان پهريون دفعو پاڻيءَ جي جهاز ۾ نيويارڪ آيا هئاسين ته انهن ڏينهن ۾ سڄي نيويارڪ ۾ ڪي ٻه مسجدون مس هيون. هينئر ته ٻه سؤ کان مٿي آهن جن مان هڪ ’بيڊ فورڊ ايوينيو‘ تي ’مسجد التقويٰ‘ (Masjid Al’Taqwa) آهي. بروڪلن ڊائون ٽائون مان مسجد فاروق وٽان ائٽلانٽڪ ايوينيو وٺبو ته اچي ’بيڊ فورڊ ايونيو‘ کان نڪربو، جتان کاٻي طرف ويندڙ ’فلٽن اسٽريٽ‘ وٽ هيءَ مسجد آهي. هيءَ مسجد ان ڪري به اهم آهي جو هفتي جا ست ئي ڏينهن کليل رهي ٿي. جماعت سان پنج وقت نماز ٿئي ٿي. جمعي نماز تي پوري ڏيڍ بعد خطبو ٿئي ٿو. رمضان ۾ تراويح نماز ٿئي ٿي جنهن کي پڙهائڻ لاءِ مراڪش کان عالمِ دين شيخ حسن اچي ٿو ۽ هن مسجد جو امام به اهم ۽ مشهور شخصيت ’مولانا سراج وهاج‘ آهي، جيڪو پنج وقت نماز پڙهائڻ کان علاوه نڪاح پڙهائي ٿو. نوَن مسلمانن کي ڪلمو پڙهائي ٿو، جنازي نماز پڙهائي ٿو وغيره وغيره.
مقامي ۽ مختلف ملڪن جي مسلمانن سان ملڻو هجي ته آمريڪا جي ڪنهن مسجد ۾ ضرور وڃجي. عرب، ايراني، مصري، ملئي، بنگالي، پاڪستاني، ترڪ، آفريڪي، يورپي ۽ مڪاني آمريڪي شيدي سڀ ملندا. سراج وهاج به هتي جو يعني بروڪلن جو ئي آهي. پاڻ عيسائين جي گهر ۾ ’جيفري‘ (Jeffrey Kearse) جي نالي سان 1950ع ۾ ڄائو. سندس پيءُ اسپتال جو ڊائيٽيشن ۽ ماءُ نرس هئي. ميري لئنڊ رياست جي شهر ’سلور اسپرنگ‘ جو مشهور ليکڪ ۽ ايڊيٽر ’گريگري ايس ڪيئرسي‘ هن سراج وهاج جو ڀاءُ آهي.
سراج وهاج يعني جيفري ننڍي هوندي باقاعدگيءَ سان گرجا گهر (Church) ويندو رهيو ۽ اڳتي هلي هو Baptist Church ۾ ’سنڊي اسڪول ٽيچر‘ به ٿيو. بعد ۾ اسڪالرشپ ملڻ تي هن نيويارڪ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي. هن اتي باسڪيٽ بال به کيڏي ٿي، جتي هن جي ٽيم جي شيدي رانديگرن هن جي ’نئشن آف اسلام‘ تحريڪ سان دلچسپي پيدا ڪئي. هن تحريڪ ۾ گهڻا تڻا آفريڪي نسل جا آمريڪي هئا، جن جي دوستيءَ ۾ ’جيفري‘ اسلام قبول ڪري، ’سراج وهاج‘ ٿيو. اڳتي هلي اسڪالرشپ ملڻ تي سراج وهاج مڪي جي ’ام القريٰ يونيورسٽي‘ ۾ پڻ تعليم حاصل ڪئي. سراج وهاج نيويارڪ (بروڪلن) جي مسجد تقويٰ ۾ ٻين ڪمن سان گڏ عربي پڻ پڙهائي ٿو. پاڻ ڪجهه عرصو هارورڊ يونيورسٽي ۾ ’اسلامڪ اسٽڊيز‘ سبجيڪٽ پڻ پڙهايائين.
نيويارڪ جي هن مسجد جي حوالي سان دراصل مون ڳالهه ٻي ٿي ڪرڻ چاهي. اڄ ڪلهه سڄي آمريڪا ۾ خاص ڪري نيويارڪ ۾ نه فقط مسجدن جو تعداد وڌي ويو آهي پر مسلمانن جو پڻ. اڄ آمريڪا ۾ رهندڙ ڪيترائي ’آمريڪن شهريت‘ رکندڙ نه فقط اسان جي ايشيا ۽ عرب ملڪن جا مسلمان آهن پر ’آفريڪي آمريڪن‘ ۽ ’يورپي گورا آمريڪن‘ پڻ آهن، جيڪي هاڻ مسلمان ٿيا آهن. نائن اليون کان پوءِ جتي ڪجهه آمريڪن ماڻهو مسلمانن، خاص ڪري عرب مسلمانن کي سٺو نٿا سمجھن، اتي ان واقعي کان پوءِ آمريڪن ڪارن ۽ گورن جو وڏو انگ اسلام ڏي رجوع پڻ ٿيو آهي. اڄ ڪلهه آمريڪا ۾ ڪيترائي انڊين ۽ عربن جا حلال کاڌي جا دڪان ۽ ريسٽورنٽ آهن. انڊين معنيٰ رڳو ’هندوستان‘ نه پر ننڍي کنڊ انڊيا، پاڪستان، سري لنڪا، بنگلاديش، نيپال وغيره جي ماڻهن جون هوٽلون آهن. هتي نارٿ آمريڪن پيٽارين، سنڌين، عربن، ايرانين جون ڪيتريون ئي انجمنون، ائسوسيئيشنون آهن جن جون ساليانيون گڏجاڻيون ۽ روزانو انٽرنيٽ ذريعي نياپا، پيغام، پروگرام، خبرون هڪ ٻئي سان مٽاسٽا ٿينديون رهن ٿيون. ان کان علاوه ڪيتريون ئي اڙدو، انگريزي ۽ هندي اخبارون روزانو ۽ هفتيوار ڇپجن ٿيون ۽ اهي وڏن اسٽورن تي مفت ورهايون وڃن ٿيون، جيئن آمريڪا ۾ رهندڙ ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي، جن کي هتي ’ديسي‘ به سڏين ٿا، مختلف ڳالهين جي خبر پوندي رهي. اخبار وارا اخبار جا پئسا ان ۾ ڏنل ديسي دڪانن، هوٽلن ۽ شين جي اشتهارن مان ڪڍن ٿا.
هينئر ويجھڙائيءَ ۾ گهمڻ خاطر باءِ ايئر جيڪو نيويارڪ ويو هوس، انهن ڏينهن ۾ هڪ ڏينهن اوچتو انهن مفت جي اڙدو اخبارن مان هڪ ٻن ۾ اها خبر آئي ته ڪنهن ’شر پسند‘ مٿين مسجد ۾ پاڪ ڪتاب کي ساڙيو آهي. ان بعد نيويارڪ ۽ آمريڪا جي ٻين شهرن ۾ رهندڙ ڪيترن واقفڪارن جا ان بابت غم ۽ غصي جا SMS ايندا رهيا، جن مان ڪن ۾ آمريڪي حڪومت کي ته ڪن ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ عيسائي ۽ يهودين کي گاريون هيون، ته اها شرارت انهن جي آهي ۽ ان حرڪت جو جوابدار موت جو حقدار آهي.
دراصل نيويارڪ ۾ ٿيل نائن اليون واري واقعي بعد سڄي آمريڪا ۾ ٿورو گهڻو ڇڪتاڻ وارو ماحول پيدا ضرور ٿيو هو، پر پوءِ ان جذباتي رنگ نه ورتو ۽ نه وري حڪومت ۽ آمريڪا جي پڙهيل ڳڙهيل ۽ هوش مند شهرين چاهيو ته ان جو ذميوار آمريڪا ۾ رهندڙ هر عرب يا مسلمان شهريءَ کي بنايو وڃي ۽ ڏوهه جي بدلي ۾ ڏوهه ڪيو وڃي. ها البت قاعدو قانون سخت ڪيو ويو. هُونءَ جو آمريڪا ۾ رهندڙ ڪيترا ڌاريا بنا پاسپورٽ جي پئي گهميا ڦريا، انهن جي رکي رکي چڪاس ٿيڻ لڳي. ڪٿي ڪٿي ڪنهن شيدي يا گوري آمريڪن نشي جي حالت ۾ يا جذبات ۾ اچي ڪنهن مسلمان کي (ڪٿي ته ڪنهن سک کي به سندس ڏاڙهيءَ ڪري مسلمان سمجھي) موچڙو مار ڪيو پر ان کي مقامي پوليس يڪدم جھلي ٿي ورتو ۽ ان کي سندس ڏوهه جي سزا ڏني وئي ٿي. هر پاڪستاني يا عرب مسلمان اهو ٻڌايو ٿي ته هُو آمريڪا ۾ جتي به رهي ٿو Safe محسوس ڪري ٿو ۽ پاڙي ۾ رهندڙ عيسائي توڙي يهودي هن جو ۽ هن جي فئمليءَ جو خيال رکن ٿا. هي مارڪُٽ جون وارداتون سب وي اسٽيشنن، پارڪن وغيره ۾ ٿيون ٿي ۽ ڏوهاري گهڻو ڪري نشي ۾ ڌت نڪتا ٿي.
ساڳئي وقت آمريڪا ۾ رهندڙ مسلمان پاڻ به خيال سان هلڻ لڳا. بقول مسز نديم جوڻيجو جي، ”هُونءَ نماز جي ٽائيم تي ڪنهن پارڪ جي بينچ تي ئي نماز پڙهي ڇڏيندي هيس پر نائن اليون واري واقعي بعد آمريڪا ۾ ڪو به اهڙو ڪم کلئي عام نٿو ڪري سگهجي جنهن سان مسلمان هجڻ جي شناخت ٿي سگهي. ڇو جو ڪا خبر نٿي پوي ته ڪنهن وقت ڪو اهڙو دماغ ڦريل آمريڪن موجود هجي جنهن جي دل ۾ اسان لاءِ نفرت هجي ۽ هو جذبات ۾ اچي يا نشي ۾ ڌت، هوش وڃائي اڳلي کي نقصان رسائي.“
مسجد ۾ اسلامي ورق ساڙڻ واري واقعي بعد آئون به دعا گهرندو رهيس ته سڀ خير ٿي وڃي، ڇو جو مون ڏٺو پئي ته اسان جي ننڍي کنڊ جا مسلمان بيحد جذباتي ٿي رهيا هئا ۽ جي ڪو هڪڙو يا ڪجهه هوش وڃائي قانون هٿ ۾ کڻي بي ڏوهي عيسائي يا يهودين کي نقصان رسائي ويٺا ته الٽو اسان جي ماڻهن کي ئي تڪيلف رسندي. ڇو جو بي حرمتيءَ جو اهو ڪم خبر ناهي ڪنهن ڪيو آهي ۽ هُو ڇا چوندا آهن ته ”بن ديکا چور باپ برابر.“ سزا ته ان کي ملڻ کپي جيڪو ڏوهاري هجي. هندوستان جي ورهاڱي وقت مسلمانن ۽ هندن کي ويڙهائڻ خاطر انگريزن جي پگهاردارن ڳئون ڪٽي مندر ۾ ٿَي ڦٽي ڪئي ۽ هندن بنا سوچي سمجھي پاڙي جي مسلمانن کي قتل ٿي ڪيو، جنهن جو بدلو وري ڪنهن ٻئي شهر ۾ مسلمانن هندن کان ٿي ورتو يا اڄ به سني ۽ شيعن کي ويڙهايو وڃي ٿو. بهرحال هتي اهو معلوم ڪرڻ ته ڏوهاري ڪير آهي، مشڪل ڪم هو جو ان هنڌ تي ڪا ڪئميرا به نه هئي، جنهن ۾ فلم اچي وئي هجي. ڏوهاري نه ملڻ تي شڪ جي بنياد تي هي معاملو تَپِي به سگهيو ٿَي. پر پوءِ سڀني کي حيرت ٿي، جڏهن ٽئي ڏينهن ئي اهو همراهه ملي ويو، جنهن اهو ڪم ڪيو هو. هن پاڻ مسجد ۾ اچي ٻڌايو ته اهو ڪم هن ڪيو آهي ۽ اهو شخص نه عيسائي هو ۽ نه يهودي، پر پنج وقت نمازي مسلمان هو. هُو ملائيشيا جو ملئي همراهه هو، جيڪو نيويارڪ جي هڪ اتاهين ماڙ واري عمارت ۾ رهيو ٿي. هن کي سمجهه ۾ نه آيو ته شهيد ٿيل قرآن جا ورق ۽ اخبارن جا مذهبي صفحا ڪٿي ڇڏجن، جو هتي سامونڊي ڪنارن تي ڪاغذ پٽ يا ڪا شئي سمنڊ ۾ اڇلڻ جي منع آهي. سو هن انهن کي ساڙي پوءِ رَکَ پاڻيءَ ۾ ٿي وڌي، پر ڪجهه دير بعد هن کي خيال آيو ته مسجد ۾ ڇڏي اچان. سو هن اهي اڌ سڙيل ڪاغذن جو ٿيلهو مسجد ۾ اچي ڇڏيو.
مون کي اها خبر بالٽيمور ۾ رهندڙ شڪارپور جي اديب ۽ ’ملير ڊائجسٽ‘ جي اڳوڻي ايڊيٽر سائين ’اعجاز ابڙو‘ صاحب فون تي ٻڌائي. مون کيس ٻڌايو ته آئون ملائيشيا ۾ وڏو عرصو رهي چڪو آهيان، جتي ڪي ڪي ماڻهو اخبار جي اهڙن ورقن کي بي ادبي کان بچائڻ لاءِ انهن کي باهه ڏئي پوءِ ڦلهيار درياهه يا سمنڊ ۾ ڦٽو ڪندا هئا. پر اهو ڪم ڳوٺن جا ماڻهو ڪندا هئا جن کي ڪو علم نه هو.
اسان وٽ اخبارن رسالن يا ديني ڪتابن جا ورق ماڻهو وڻ جي ڪنهن ڏار ۾ وجهن يا کنڀي ۾ ٻڌل دٻي ۾ وجھن ٿا يا هُو پاڻ درياهه يا سمنڊ ۾ وجھن ٿا. مون جن مولوين کان ان بابت پڇيو آهي، انهن مان گهڻن جو اهو چوڻ آهي ته اهڙن شهيد ڪاغذن کي جن تي ديني ڳالهيون يا قرآني آيتون آهن انهن کي ڪنهن اهڙي هنڌ جتان ماڻهن جو لنگهه نه ٿئي، زمين ۾ کڏ کوٽي ان ۾ وجھي ڇڏجن، جيئن هي ڪاغذ مٽيءَ سان ملي مٽي ٿي وڃن. منهنجي خيال ۾ به مون کي اهو بهتر طريقو لڳي ٿو. پر ملائيشيا ۾ مون ڏٺو ته ٻه مسئلا هئا، هڪ درياهه ۽ سمنڊ جو ۽ ٻيو زمين ۾ کڏ کوٽڻ جو. ملائيشيا ۾ چوڌاري سمنڊ ئي سمنڊ آهي. اسان جي گهر اڳيان به سمنڊ هو پر اهو سمنڊ ائين ناهي جيئن منهوڙي جي چوڌاري اونهو سمنڊ آهي. ملائيشيا جو سمنڊ تانگھن ڪنارن وارو آهي يعني جتي ڪٿي بيچز (Beaches) آهن. توهان ڪا به پَنَي جهڙي شئي سمنڊ ۾ وجھو، ٿوري دير بعد سمنڊ ۾ هاءِ ٽائيڊ ٿيڻ تي ڇوليون ان شئي کي واپس ڪناري تي آڻيو ڇڏين. پوءِ لَو ٽائيڊ ٿيڻ تي سمنڊ جو پاڻي لهيو وڃي پر ڪاغذ پٽ ڪناري تي اڏامندا رهن ٿا. اهڙي طرح ملائيشيا جا درياهه به اسان وانگر نه آهن جيڪي جبلن تي برف ڳرڻ تي لڳاتار وهندا رهن ٿا. ملائيشيا جون نديون، نَئيُون آهن، جيڪي آبادين ۽ ٻنين ٻارن مان هر وقت وسندڙ مينهن جو پاڻي کڻي سمنڊ ۾ نيڪال (Drain) ڪن ٿيون. مينهن ٻه ٻه ڏينهن نٿو پوي ته اهي نديون خالي نظر اچن ٿيون ۽ ٻار پيا سائيڪلون هلائين يا فٽبال کيڏن. سو ڪيترا ماڻهو پاڪ ڪاغذن کي اهڙن درياهن يا سامونڊي ڪناري تي ڇڏڻ کي صحيح نٿا سمجھن.
ملائيشيا ۾ معمولي کڏ کوٽڻ به مسئلو آهي جو سڄو ملائيشيا جابلو علائقو آهي ۽ هر وقت مينهن پوڻ تي نرم Soil لڙهيو وڃي. جتي ڪٿي سخت مٽي آهي ان تي به گھاٽو گاهه آهي. ان کي پاڙ تائين کوٽڻ سؤلو ڪم ناهي. ايتريقدر جو ملائيشيا ۾ ڪنهن ڪونڊيءَ ۾ ڪو ٻوٽو هڻڻ جو شوق ٿيندو آهي ته سپر اسٽور تان ڪونڊيءَ سان گڏ مٽيءَ جو ٿيلهو به پئسن سان وٺڻو پوندو آهي. ٻيو ڀلا ڪٿان مٽي آڻجي؟
ملائيشيا ۾ به اسان وانگر ڪيترن ئي مسجدن ۽ مدرسن ۾ ديني ورقن لاءِ دٻا رکيا وڃن ٿا جيئن انهن ڪاغذن کي بهتر جاءِ تي رکي سگهجي. بهرحال نيويارڪ ۾ بپا ٿيندڙ ٽينشن کي ٻنجو اچي ويو نه ته اسان جي ڪيترن ماڻهن، خاص ڪري ننڍي کنڊَس جي، ان کي آمريڪن جي شرارت سمجھي بنا ڪنهن تفتيش جي انهن کان پنهنجي حساب سان بدلو ٿي وٺڻ چاهيو.
جيئن اسان وٽ اڄ ڪلهه خواه مخواهه افسوسناڪ سانحو ٿي پيو آهي. ڪنهن مولويءَ جي چُرچ تي اهو مشهور ڪيو ويو ته ڪنهن عيسائيءَ قرآن جي بي حرمتي ڪئي آهي. هن ماڻهن کي اهڙو جوش ڏياريو جو هنن بنا پڪ ڪرڻ جي، جذبات ۾ اچي نه فقط ان جي گهر کي پر سڄي محلي کي ساڙي ڇڏيو جنهن ۾ ڪيتريون ئي معصوم جانيون زندگي ڏئي ويٺيون. جيتوڻيڪ اسلام هر ماڻهوءَ کي قانون هٿ ۾ کڻي ڪنهن به انسان ذات کي قتل ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي. ملڪ جي خليفي يا حڪومت کي به کپي ته هر ڳالهه جي ڄاڻ وٺي ان موجب انصاف ڪري. جيئن ڪنهن سان ظلم نه ٿئي. پر اسان ننڍي کنڊ جا ماڻهو چِڙَ جا تکا ۽ هيڪاندا جذباتي ثابت ٿيا آهيون. اسان جي مذهب خلاف ڪو ڊئنمارڪ يا سئيڊن ۾ بڪواس ڪندو. اسان جوش ۾ اچي پنهنجي شهر ۾ جلوس ڪڍي، هنگاما ڪري سرڪاري جاين ۽ پنهنجن ماڻهن کي ساڙي ۽ ماري رکنداسين. سعودي عرب، ڪويت، دبئي، ملائيشيا، انڊونيشيا به ته مسلمان ملڪ آهن اهي به اهڙن واقعن تي غم ۽ غصي جو اظهار ڪن ٿا پر هنگاما ڪري، پنهنجا ڀائر ڀينرون ته نٿا مارين.
ان سلسلي ۾ ڪٿي سئيڊن جي يونيورسٽي وارن ڏينهن جو به مثال ڏئي چڪو آهيان ته ڪيئن هڪ ڏينهن يونيورسٽيءَ ۾ هئاسين ته صبح ساڻ اها خبر ٻڌيسين ته ياسر عرفات جو جهاز لنڊن ويندي رستي تي گم ٿي ويو آهي. مون ڏٺو ته ان يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ بنگلاديش جا ڪئپٽن بيحد جذباتي ٿي ويا. چانهه جي رسيس ۾ هنن اسان پاڪستاني درويشن کي به ڪنڊ پاسي ۾ وٺي وڏي جوش ۽ ڪاوڙ مان آمريڪن تي ڇوهه ڇنڊيا ته اهو ڪم انهن جو آهي ۽ هڪ بنگلاديشيءَ ته ان حد تائين Serious ٿي چيو ته ”اسان کي ان جي بدلي ۾ پنهنجي ٻن آمريڪن پروفيسرن کي مارڻ کپي.“ ڇا ته سوچ هئي! جيتوڻيڪ اسان سان گڏ عرب ۽ مسلمان ملڪن سعودي عرب، ملائيشيا، نائيجيريا، ترڪي، ايران، ڪويت وغيره جا به پنجاهه کن شاگرد، جهازن جا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر هئا، جيڪي سڀ سڪون سان چانهه پيئندا ۽ سگريٽن جا سُوٽا هڻندا رهيا. ٻي رسيس ۾ ليڪچر روم مان نڪتاسين ته خبر پئي ته ياسر صاحب خيريت سان لنڊن پهچي ويو. تيل جي کوٽ جي ڪري هن جو جهاز رستي تي مالٽا ٻيٽ تي لهي پيو هو ۽ لنڊن دير سان پهتو.
مون جڏهن اها ڳالهه هاسٽل ۾ اچي پنهنجي سعودي عرب جي دوست ۽ ڪلاس ميٽ ڪمانڊر خالد الجھلميءَ سان ڪئي ته هن به ان سوچ کي غلط قرار ڏيندي چيو: ”ڪمال ٿا ڪريو. ڪنهن معصوم جي جان وٺڻ لاءِ قرآن ۾ ڪيڏي منع ٿيل آهي. چاهي اهو غير مسلم هجي.“
بهرحال باٽم لائين اها ئي آهي ته اسان کي مذهب جي نالي تي نفرت نه پکيڙڻ کپي ۽ اها حقيقت آهي ته اسان ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي يڪدم چڙ وٺيو وڃي ۽ اسان ڪنهن به ڳالهه جي تحقيقات ڪري حقيقت معلوم ڪرڻ بدران يڪدم مار مارا تي لهيو اچون.
ان ڳالهه جو تازو مثال هيٺئين واقعي مان به ملي ٿو:
ڪجهه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي صوماليا جو هڪ ويڊيو ڏيکاريو ويو، جنهن ۾ اتي جا ڪجهه ماڻهو نقلي ڪعبو ٺاهي ان جي چوڌاري طواف ڪري رهيا آهن يعني حج ڪري رهيا آهن ۽ ٻه چار مولوي جيڪي عالم ۽ پير مرشد ٽائيپ ٿي لڳا، اهي پنهنجي ٻوليءَ ۾ سمجھائي رهيا هئا ته هيئن طواف ڪريو. هيءَ دعا گهرو وغيره. ان ويڊيو سان گڏ اسان جو ڪو مولوي ڪاوڙ ۾ انهن تي لعنتون ڪندي اڙدو ۾ ٻڌائي رهيو آهي ته هي ڪيڏا ذليل آهن جيڪي مڪي وڃڻ بدران آفريڪا ۾ ڪعبو ٺاهي حج ڪري رهيا آهن وغيره.
ان قسم جي ڪمينٽري ٻڌي هر مسلمان خاص ڪري اسان جي ملڪ جي ماڻهن توبهه استغفار ڪئي هوندي ۽ انهن شيدي باشندن ۽ ملڪ کي گهٽ وڌ ڳالهايو هوندو. اسان جي ملڪ جي ماڻهن لاءِ ان ڪري ٿو چوان جو اسان وٽ ان قسم جا ڪوڙا حج ماضيءَ ۾ ٿيندا رهيا آهن. سنڌ ۾ به هڪ ٻن هنڌن جو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ۽ پنجاب ۾ به حج نه ته بهشتي دروازا ته ضرور آهن، جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته توهان ڀلي نماز يا حج نه ڪريو پر هن دروازي مان لنگهڻ تي توهان جا سڀ گناهه ختم ٿي ويندا ۽ توهان سڌو جنت ۾ هليا ويندائو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان وٽ ان قسم جي شرڪ جون ڳالهيون گهڻيون آهن. ايتري قدر جو سعودي عرب ۽ ملائيشيا جا ماڻهو به انهن ڳالهين تان اسان کي چوندا آهن ته، ”توهان ڪهڙا مسلمان آهيو؟“
بهرحال واٽس ايپ تي هي ويڊيو ڏسي مون کي به پهرين اهو ئي لڳو ته هي صوماليا جا ماڻهو ڪيڏو ته جاهل آهن ۽ ڪيڏو وڏو گناهه ڪري رهيا آهن، پر پوءِ ٻيو دفعو مولوي صاحب جي چڙ ڏيارڻ واري تقرير جو آواز بند ڪري ويڊيو کي غور سان ڏٺم ته مون کي يڪدم ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ۽ ويٺل دوستن کي چيم ته هي حج نه ڪري رهيا آهن، پر مڪي وڃي حج ڪرڻ جي پرئڪٽس ۽ آداب سکي رهيا آهن.
ملائيشيا ۾ ته حاجين لاءِ حج تي نڪرڻ کان اڳ اها ڳالهه عام هوندي هئي بلڪه ضروري سمجهي وئي ٿي. وڏن شهرن ۾ ته وڏي پئماني تي ڪاٺ جي تختن يا ٽين جي پليٽن مان ڪعبو ٺاهيو ويو ٿَي ۽ حج تي وڃڻ جا ويجھا ڏينهن ٿيڻ تي ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ به ڪعبي لاءِ ڪرسيون يا گتي جا ڪارٽن رکيا ويا ٿَي ۽ اهي پوڙها جيڪي حج ڪري آيا آهن انهن ٻين ڳوٺاڻن کي سمجھايو ٿَي ته طواف ڪيئن ڪجي، ڪهڙيون دعائون پڙهجن. ان کان علاوه ’صفيٰ مروه‘ جا ٻه نشان ٺاهي انهن جي وچ ۾ ’سعي‘ ڪرڻ پڻ سيکاريو ويو ٿي. اهو ئي ڪم ملاڪا نار واري سامونڊي درياهه جي ٻي پار انڊونيشيا جي جاوا ۽ سماترا ٻيٽن تي ٿئي ٿو.
هر سال سڀ کان گهڻا ماڻهو انڊونيشيا جا حج لاءِ پهچن ٿا. گذريل سال به انهن جو تعداد ٻه لک کان مٿي هو. حج تي پهتل تقريبن 20 لک حاجين ۾ ڏهه سيڪڙو انڊونيشيا جا ٿين ٿا ۽ ملائيشيا جا ملايا وڃن ته پندرهن سيڪڙو ٿيو وڃن. ملائيشيا توڙي انڊونيشيا جا گهڻا ماڻهو ڳوٺن کان وڃن ٿا. هُونءَ به ملئي مسلمان گهڻو ڪري ڳوٺن ۾ رهن ٿا. حج جي اها ٽريننگ ڏيندڙ هڪ انڊونيشي مولويءَ ٻڌايو هو ته، ”اسان جي ملڪ جا گهڻا ماڻهو نه فقط ڳوٺن جا آهن پر هنن ۾ وڏو تعداد غريب هارين ۽ مهاڻن جو ٿئي ٿو، جن کي حج جي گهڻي معلومات يا Idea ناهي. حج زندگيءَ ۾ هڪ ئي دفعو ڪيو وڃي ٿو ۽ هي غريب ماڻهو حج جي ادائگيءَ جي چڱي طرح ڄاڻ نه هجڻ ڪري ڪڏهن ڪڏهن اهم رڪن پورا ڪرڻ بنا موٽن ٿا. انهيءَ ڪري نماز جي سکيا وانگر هنن کي حج جي سکيا ڏيڻ به ضروري سمجھون ٿا.“
هنن ٻڌايو ته ڪيترا ماڻهو ان کي بدعت سمجھن ٿا يا گناهه جو ڪم سمجھن ٿا پر هنن وٽ ان لاءِ فتويٰ موجود آهي. ”ڪيترا ماڻهو ان غلط فهميءَ ۾ آهن ته اسان جا ماڻهو شايد ان ٽين جي دٻي کي ئي ڪعبو سمجھي هتي ئي حج ڪن ٿا، پر ائين ناهي.“
جتي آئون نوڪري ڪندو هوس ان جي ڀر واري گرائونڊ ۾ هڪ دفعي اوسي پاسي جي ڳوٺن جون عورتون جيڪي مهيني کن کان پوءِ حج تي وڃي رهيون هيون، ٽريننگ وٺڻ لاءِ آيون هيون. طواف ڪرڻ جو طريقو سيکارڻ دوران اسانجي پاڙي ۾ رهندڙ سٺ سالن جي حاجياڻي شريفان کين چرچي چرچي ۾ ٻڌايو ته، ”بابا مڪي جي گهٽين ۾ يا طواف دوران ٻين کي ڌڪا يا ٿيلها هرگز نه ڏجو نه ته توهان کي عرب، شيدي ۽ افغانستان، پاڪستان پاسي جا ماڻهو چِپَي رکندا جو هو توهان کان وڏي سائيز جا آهن.“
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته دنيا جو هر حاجي ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ برونائي جي حاجين (جن جو واسطو ملئي قوم سان آهي) جي تعريف ڪري ٿو ته هو حج جو هر رڪن فضيلت ۽ ڌيرج سان ڪري ٿو. منهنجي خيال ۾ ته اهو ان ڪري جو هنن کي سيکاريو وڃي ٿو ۽ هو ان نصيحت ۽ ٽريننگ تي عمل ڪن ٿا ۽ فطرتن هو چئيوان ۽ صلح پسند آهن. اسان وانگر يا آفريڪن وانگر جھيڙالو نه آهن. اسان وٽ حاجين کان کڻي پُڇ ته ”بابا حجرِ اَسوَد کي چُمي ڏنانوَ؟“ ته اسان جو اڪثر حاجي وڏي فخر سان ٻڌائيندو آهي ته وڏي رش هئي پر هن مڙيئي ٻين کي ٿيلها ۽ ڌڪا ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي.
حج تي وڃڻ کان اڳ آئون به سوچي رهيو هوس ته ان قسم جو معرڪو خبر ناهي ڪيئن آئون سرانجام ڏئي سگهندس ۽ سرخرو ٿي اچي ڳوٺ جي دوستن ۽ مائٽن کي ٻڌائيندس، پر جنهن گروپ (عالمگير مسجد وارن) سان مون کي حج ڪرڻو هو تن حج تي وڃڻ کان اڳ اسانکي پنج ڏينهن عالمگير مسجد ۾ گهرائي حج بابت ليڪچر ڏنا هئا ۽ ان ۾ هنن اهو ئي اسان کي ذهن نشين ڪرايائون ته طواف دوران ٻين کي ڌِڪا ۽ تڪليف ڏئي حجر اسود يا ڪعبي کي هٿ لائڻ کان بهتر آهي ته طواف ڪندڙن جو خيال ڪجي، جيئن هنن کي تڪيلف نه رسي.
اهڙي طرح عالمگير مسجد ۾ اسان کي ٻين ڪيترن ڳالهين جي آگاهي ڏني وئي ته شيطان کي پٿريون هڻڻ مهل ڪيئن آرام آرام سان پنهنجي ٽولي سان گڏ هلجي جيئن گُم نه ٿجي ۽ نه پيهه پيهان ۾ لتاڙ ۾ اچجي. ان کان علاوه مختلف هنڌن تي پڙهيون ويندڙ دعائون پڻ سيکاريون ويون. هتي ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ پڻ حج وڃڻ کان اڳ حاجين کي ان قسم جي Theoretical سکيا ڏني وڃي ٿي ان سان گڏ هڪ ڪعبي نما بلاڪ ٺاهي پريڪٽيڪل ٽريننگ پڻ ڏني وڃي ٿي ـــ جنهن تي ڪجهه ماڻهن کي اڄ به اعتراض آهي ته ڪوڙ جو ڪعبو ڇو ٿو ٺاهيو وڃي.
هاڻ پهريون دفعو صوماليا وارن جڏهن اهو ڪم موغاديشو شهر ۾ پنهنجي ماڻهن کي حج جي سکيا طور ڪيو ۽ جنهن جي پبلسٽي سوشل ميڊيا تي ٿي ته ڪيترن ماڻهن ان ڳالهه جي پٺيان صوماليا وارن جي نيت جو اندازو نه لڳائي ان تي گوڙ ڪيو. جنهن جي جواب ۾ موغاديشو جي وڏي عالم ’قاسم شيخ محمد نور‘ جو دنيا جي اخبارن ۾ بيان آيو ته هيءَ ٽريننگ اسان جي نه برابر ڄاڻ رکندڙ ماڻهن لاءِ ان ڪري ضروري آهي جو هو هڪ ته حج جا سمورا ارڪان پورا ڪرڻ بنا موٽيو اچن ۽ ٻيو ته هنن بابت سعودي حڪومت کان به شڪايت آئي آهي ته اسان جي پاسي جا سوڊاني، ڪِينِيَن وغيره منظم ۽ ٿڌي طبيعت جا نه هجڻ ڪري طواف، سعي توڙي مِنيٰ ۽ عرفات تي ڌيرج سان هلڻ بدران جلدي ۾ رهن ٿا ۽ ٻين لاءِ تڪليف جو سبب بنجن ٿا. صوماليا ۾ اها سرڪاري طرح حج جي ٽريننگ اتي جي عالم دين ۽ مشهور مولوي ’شيخ محمد سُلي‘ جي سامهون ڪرائي وئي، جنهن ان جي تعريف ڪندي چيو ته حج وڃڻ کان اڳ اسان جي ملڪ جي هر حاجيءَ کي کپي ته هُو اها ٽريننگ ضرور وٺي.
بهرحال هنن سڀني ڳالهين جو تت اهو آهي ته اسان جي ملڪ جا شاگرد يا نوڪري ڪندڙ ماڻهو جيڪي ٻاهرين ملڪن ۾ رهن ٿا. آمريڪا، جپان يا آفريڪا جي ڪنهن ملڪ يا ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جهڙن مسلمان ملڪن ۾، هنن کي کپي ته هُو هر ڳالهه جو ٿڌي دماغ سان جائزو وٺن. ٻين جي ڀڙڪائڻ تي يڪدم ڪاوڙ ۾ اچي ڏوهه جو ڪم نه ڪن. هُونءَ به مذهبي معاملن بابت ته صحيح راءِ اتي جا عالم ۽ مفتي مولوي ڏئي سگهن ٿا. ڪنهن کي ڏوهاري بڻائي ان کي موت جي سزا ڏيڻ ته فقط ملڪ جي قاضي ڪورٽن ۽ حڪومت جو ئي ڪم آهي. يڪدم جوش ۾ اچي، قانون هٿ ۾ کڻي ڪنهن جا عبادت گهر ۽ گهر ٻار ساڙڻ هڪ وڏو گناهه آهي.

آمريڪا هڪ ڏورانهون ڏيهه...

آمريڪا هڪ ڏورانهون ڏيهه...

جپان، هانگ ڪانگ، مصر، ترڪيءَ جهڙا ايشيائي ملڪ يا جرمني ۽ ڪينيا جھڙا يورپي ۽ آفريڪي ملڪ، اسان کان تمام گهڻو پري آهن. اهي وڏي فاصلي تي ضرور آهن، پر آمريڪا صحيح معنيٰ ۾ هڪ ڏورانھون ڏيھه آهي. سامونڊي نوڪريءَ دوران آئون پنھنجي هر جھاز جي ساٿين کي چوندو هوس ته رڳو نقشي تي ڪراچيءَ کان نيويارڪ (آمريڪا) تائين آڱر ٿي ڦيرائجي ته ان ۾ به محسوس ٿئي ٿو ته نيويارڪ ٻين بندرگاهن: ٽوڪيو، استنبول، منيلا، ممباسا، هئمبرگ جي مقابلي ۾ گهڻو ڏور آهي! هيلنسڪي يا آفريڪي کنڊ جا ڏورانھان ڏکڻ وارا بندرگاهه ڪيپ ٽائون، موپوتو، لئانڊا ۽ ڊڪار به ايترا پري نٿا لڳن. وڏي ڳالهه ته انهن تي پھچڻ دوران هر وقت ڌرتي ويجهي رهي ٿي ۽ رستي تان ڪيترائي بندرگاهه گذرندا رهن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن ۾ اسان جو ڪم نه هجڻ ڪري، انهن ۾ جھاز کي لنگرانداز نٿا ڪريون، پر دل کي اهو ته ڏڍ آهي ته پنھنجي بيماري يا جھاز جي خرابيءَ جي صورت ۾ اسان پنھنجي جھاز کي انهن بندرگاهن ڏي مدد لاءِ يڪدم موڙي سگهون ٿا. ٻئي پاسي ڏٺو وڃي ته آمريڪا کنڊ نه فقط ڏورانھون آهي پر ان تائين پھچڻ لاءِ ٻنهي پاسن کان تمام وڏا سمنڊ، ائٽلانٽڪ ۽ پئسفڪ آهن.
يورپ، ايشيا ۽ آفريڪا کنڊ ته هڪ ٻئي جي نه فقط ويجها آهن پر ڪٿي ڪٿي هڪ ٻئي سان مليا به پيا آهن. اسان ڪراچيءَ کان ٽوڪيو، سنگاپور، لنڊن وغيرھ پنھنجي موٽرڪار ذريعي به پھچي سگهون ٿا، جيئن ڪراچيءَ کان ميرپورخاص، ملتان، تربت يا ڪوئيٽا پھچيو وڃون. ايشيا کنڊ کان يورپ اچڻ لاءِ باسفورس سامونڊي درياهه اڪرڻ لاءِ ان جي مٿان پل ٺھيل آهي. باسفورس ڳچي سمنڊ ترڪي جي شھر استنبول مان گذري ٿو. ڳچي سمنڊ (Strait) ان سوڙهي سمنڊ کي سڏجي ٿو جيڪو ٻن وڏن سمنڊن کي ملائي ٿو. ميڊيٽيرينن سمنڊ مان ’بحرِ اسوَد‘ ڪاري سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اسان کي جھاز باسفورس سمنڊ مان گذارڻو پوي ٿو، جنھن جي مٿان اتاهيون پليون آهن، جيئن خشڪيءَ جي ٽرئفڪ: ڪارون، لاريون، ٽرڪون استنبول جي هڪ حصي کان ٻئي حصي ڏي اينديون وينديون رهن.
استنبول جو هڪ حصو ايشيا کنڊ ۾ اچي ٿو ته ٻيو حصو يورپ کنڊ ۾. جيئن مصر جو وڏو حصو ته ايشيا ۾ آهي، پر هڪ ننڍو حصو آفريڪا کنڊ ۾ به آهي. آفريڪا کنڊ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ مصر ذريعي پھچي ڪيپ ٽائون تائين وڃي سگهجي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪن ملڪن جا رستا اهڙا خراب آهن يا امن امان جي حالت يا پاڙي وارن ملڪن جا تعلقات اهڙا خراب آهن جو ماڻهو اتان لنگهڻ پسند نٿا ڪن. جيئن اسان ڪراچيءَ کان لاهور ۽ امرتسر کان ڪلڪتي ۽ اڳيان ڍاڪا، چٽگانگ تائين ته آسانيءَ سان پھچي سگهون ٿا، پر اڳتي ٿائلنڊ ۽ ملائيشيا پھچڻ لاءِ برما جو ملڪ رنڊڪ ٿو پيدا ڪري، جو اڄ ڪلهه اتي جون حالتون صحيح نه آهن. ٻي صورت ۾ ملائيشيا جي ڇيڙي واري شھر ’جوهور بارو‘ پھچي سنگاپور ٻيٽ تائين ڪار ۾ وڃي سگهجي ٿو، جو جوهور بارو ۽ سنگاپور جي وچ ۾ جيڪو سمنڊ آهي، ان مٿان ٻه ميل کن ڊگهي پل آهي، جيڪا ’ڪازوي‘ سڏجي ٿي. ڪن هنڌن تي ان قسم جون پليون نه آهن ته سمنڊ لتاڙڻ لاءِ سمنڊ هيٺان سرنگهون (Tunnels) آهن، يا وري انهن هنڌن تي ’فيريون‘ پئسنجر جھاز هلن ٿا، جن ۾ مسافرن سان گڏ موٽر ڪارون ۽ لاريون ته ڇا ٽرينون به چڙهيو وڃن ۽ هڪ ڪناري کان ٻئي ڪناري تائين پھچيو وڃن. جيئن هيلنسڪي (فنلينڊ) ۽ ٽالن (ايسٽونيا) جي وچ ۾ يا جپان جي بندرگاهه فڪوڪا کان ڪوريا جي بندرگاه ’بوسان‘ هلندڙ فيري (Ferry) جھازن ذريعي، جيڪا ڏينھن ۾ ٻه دفعا هلي ٿي ۽ وچ وارو سمنڊ ٽپڻ ۾ ٽي ڪلاڪ وٺي ٿي.
لنڊن کان باءِ روڊ ڪراچي ايندڙ به ٽنل يا پلين ذريعي يا فئريءَ ذريعي انگلش چئنل وارو سمنڊ جو حصو ٽپي فرانس اچن ٿا. ان بعد ترڪي جي شھر استنبول ۾ پھچي، پل ذريعي باسفورس سمنڊ اُڪري، ايشيا کنڊ واري استنبول ۾ پھچن ٿا. جتان پوءِ ترڪي جو ملڪ لتاڙي بارڊر واري شھر گوربلاغ(Gurbuloak) ۾ پھچجي ٿو، جيڪو ترڪيءَ جي ضلعي دوغوبايزيد (Doguboyazet) ۾ آهي. بارڊر جي ٻئي پاسي ايران جي صوبي مغربي آذربائيجان جو شھر بازرگان آهي. ترڪي جي شھر ’گوربلاغ‘ ۽ ايران جي بازرگان جي وچ ۾ لاهور ۽ امرتسر کان به گهٽ فاصلو، اٽڪل 6 ڪلوميٽر آهي، جيڪو بس يا ڪار 14 منٽن ۾ طئه ڪري ٿي. ياد رهي ته اسلام کان اڳ ايران ’پرشيا‘ سڏيو ويو ٿي، جيڪا هڪ تمام وڏي سلطنت هئي، جنھن جو خراسان وانگر آذربائيجان تمام وڏو صوبو هو. اڄ ڪلهه خراسان جو هڪ حصو افغانستان ۾ آهي ٻيو جيڪو ايران ۾ آهي تنھن جا به ٽي حصا ڪيا ويا آهن.، اتر خراسان، ڏکڻ خراسان ۽ رضوي خراسان جنهن ۾ مشهد آهي. اهڙي طرح آذربائيجان جو هڪ حصو الڳ ملڪ آذربائيجان آهي، جنھن جي گاديءَ جو شھر باڪُو آهي. آذربائيجان جو ٻيو حصو جيڪو ايران ۾ آهي، ان جا ٻه صوبا مشرقي آذربائيجان ۽ مغربي آذربائيجان آهن.
ترڪي کان باءِ روڊ ايران جي صوبي مغربي آذربائيجان ۾ اچڻو پوي ٿو، جتان پوءِ ايران جا ٻيا صوبا: زنجان، حمدان، مرڪزي، اصفھان، يزد ۽ ڪرمان لتاڙي آخري صوبي سيستان بلوچستان ۾ اچجي ٿو، جنھن جو بارڊر پاڪستان واري بلوچستان صوبي سان مليل آهي. اهو ٽپي ڪوئيٽا اچجي ٿو، جتان پوءِ لاهور، ڪراچي يا پشاور ڏي وڃي سگهجي ٿو.
مٿي ايران جو ترڪيءَ جي ڀرسان واري شھر بازرگان لکندي ياد آيو ته بازرگان نه فقط شھر جو نالو آهي، پر ايرانين جي ذات به آهي، جيئن اسان وٽ ’ڌڱاڻو بوزدار‘ شھر جو نالو آهي ته ذات به... جيئن سنڌي ’پنھنجي اخبار‘ جو نيوز ايڊيٽر جاويد بوزدار يا پنجاب صوبي جو وزيراعليٰ عثمان بوزدار. ايران ۾ بازرگان ذات جا ڪيترائي ماڻهو مشھور ٿي گذريا آهن، جيئن مھدي بازرگان، جيڪو 1979ع ۾ امام خمينيءَ جي اسلامي انقلاب بعد ايران جو وزيراعظم ٿيو. ان کان اڳ مھدي ڊپٽي وزيراعظم هو. پاڻ انجنيرنگ ۾ (شايد ٿرمو ڊائنامڪس ۾) ڊاڪٽوريٽ آهي ۽ سياست ۾ اچڻ کان اڳ تھران يونيورسٽيءَ ۾ انجنيرنگ ڊپارٽمينٽ جو سربراهه (Head) هو.
بھرحال ڳالهه اها آهي ته پراڻي دنيا: يورپ، ايشيا ۽ آفريڪا کنڊ جي ڪنھن به شھر ۾ اسان ڪراچيءَ کان باءِ روڊ پھچي سگهون ٿا. ڪٿي سمنڊ ذرو آهي ته پلين ۽ سرنگهن ذريعي يا ’فيري مسافر جھازن‘ ذريعي ٽپي سگهون ٿا، پر توهان ڪڏهن به ڪنھن کي ڪراچيءَ کان باءِ روڊ آمريڪا جي ڪنھن شھر نيويارڪ يا لاس اينجلس ويندي نه ٻڌو هوندو. هوائي جھاز ذريعي ته اوڀر يا اولهه ڏي لڳاتار رخ ڪرڻ تي پھچي سگهجي ٿو پر ڪار رستي نه. اهو ان ڪري جو اڀرندي طرف يا الھندي پاسي آمريڪا کنڊ تي پھچڻ کان اڳ، دنيا جي ٻن وڏن سمنڊن، ’ائٽلانٽڪ‘ ۽ ’پئسفڪ‘ مان هڪ کي لتاڙڻو پوي ٿو.
اسان ڪراچيءَ کان آمريڪا ويندا هئاسين ته اوڀر جو يا اولھه جو رخ رکندا هئاسين يعني عربي سمنڊ مان نڪري هندي وڏي سمنڊ جي ڇيڙي تي ايندا هئاسين، جيڪو آفريڪا کنڊ کي ڇھي ٿو. اتان آفريڪا جو ڪنارو ڏئي، ڪيپ ٽائون وٽ ڪيپ آف گڊ هوپ واري خوفناڪ سمنڊ وٽ ڦيرو ڪري، ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ داخل ٿي وري اولھه جو رخ ڪندا هئاسين ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪري آمريڪا کنڊ جي ڪناري تي پھچڻ ۾ 20 ڏينھن لڳي ويندا هئا، پوءِ جي موسم سٺي هوندي هئي ۽ هوا ۽ لھرن جو رخ پٺيان کان هوندو هو ته ٻه ٽي ڏينھن اڳ به پھچندا هئاسين نه ته خراب حالتن ۾ وڌيڪ ڏينھن به لڳا ٿي، جو ڪيپ ٽائون کان نيويارڪ 13000 ڪلوميٽر فاصلو آهي ۽ انهن ڏينھن جا جھاز جيڪي مون هلايا، انهن 24 ڪلاڪن ۾ 500 کان 700 ڪلوميٽر سفر طي ڪيو ٿي.
ڪڏهن ڪڏهن ته هانگ ڪانگ يا جپان جو سامان هجڻ ڪري يا اتان کڻڻ ڪري اسان کي اوڀر طرف جو رخ ڪرڻو پوندو هو. عربي سمنڊ ۽ هندي سمنڊ لتاڙي، ملائيشيا ۽ سنگاپور بعد ڏکڻ چيني سمنڊ لتاڙي، هانگ ڪانگ يا جپان پھچي، اوڀر جو رخ ڪرڻو پوندو هو، جتان کان پئسفڪ سمنڊ شروع ٿئي ٿو ته وڃيو آمريڪا ۽ ڪئناڊا دنگ ڪري. پئسفڪ سمنڊ کڻي ڪجهه ماٺو آهي پر اسان کي ٽوڪيو کان لاس اينجلس (ڪئليفورنيا) يا وئنڪوئر (ڪئناڊا) پھچڻ ۾ ٻارهن تيرهن ڏينھن لڳي ويا ٿَي، جو ٽوڪيو کان لاس اينجلس 9000 کن ڪلوميٽر فاصلو ٿيندو.
هُونءَ ته ڪنھن به بندرگاهه تي بيٺل فائيو اسٽار هوٽل جھڙي اسان جي خوبصورت پاڻيءَ جي جھاز کي اسان جا ڪناري جا آيل مھمان ڏسي ڏاڍي حسرت ڪن ٿا ته ڇا ته جھاز جون خوبصورت ڪئبنون (ڪمرا)، ڊائننگ هال ۽ انهن جا فرنيچر آهن! جھاز هلائڻ وارن جي خذمت چاڪريءَ لاءِ نوڪر چاڪر (بئرا، اسٽيوورڊ)، کائڻ پيئڻ لاءِ ست رڇيون ۽ موسم جي لحاظ کان جھاز هر وقت ايئر ڪنڊيشنڊ يا سينٽرلي هيٽيڊ، ڪمري جي فرج ولايتي چاڪليٽن، ڪيڪ پيسٽرين ۽ مختلف شربتن سان ڀريل... ان کان سواءِ وڏن پگهارن ۽ وڏين سھولتن جو ٻڌي جهاز تي ايندڙ هر مھمان، جھاز تي نوڪري ڪرڻ وارن کي خوش نصيب سمجهي ٿو ۽ هُو پاڻ به جھاز جو مئرين انجنير يا نيويگيشن آفيسر ٿيڻ جو شوق ڪري ٿو. اسان به اسڪول / ڪاليج جي ڏينھن ۾ ڪياماڙي ۽ منھوڙي جي ٽوئرن دوران مختلف ملڪن کان ڪراچيءَ ۾ لنگر انداز مرچنٽ نيويءَ جا جھاز گهمي ۽ انهن تي سفيد يونيفارم ۾ سمارٽ آفيسرن کي ڏسي اهڙو ته متاثر ٿياسين جو اکيون پوري هن فيلڊ ۾ هليا آياسين. پر پوءِ تعليم مڪمل ڪري جيئن ئي سامونڊي نوڪريءَ جي شروعات ڪئيسين ته يڪدم احساس ٿيو ته اهو ضروري ناهي ته All that glitters is gold يعني هر چمڪندڙ شئي سون ناهي.
ماڊرن ٽيڪنالاجي ۽ سائنس جي ڪري جھاز، انجڻيون ويندي بندرگاهه آرامده، خوبصورت ۽ State of Art ته بڻجي ويا آهن، پر سمنڊ ۽ قدرتي آفتون ته ساڳيون آهن! سمنڊ جڏهن سانت آهي ته ان جي خوبصورتي ۽ سونھن کي پَسڻ مان ڪو ٿڪجي ئي نٿو، پر اڄ به سمنڊ بگڙي ٿو، جوش کائي ٿو ته هيڏو وڏو طاقتور لوهي جھاز هڪ ڇوڏو لڳي ٿو، آنڊي جي مريضن وانگر ڦٿڪندو رهي ٿو، اُڀاميل ڇوليون کيس مٿي کڻي ائين سَٽين ٿيون جو جھاز جيHull (ٻاهرين جسم) ۾ ڊينٽ (گِهٻَ) پئجيو وڃن. جھاز جي هيٺان وچ تي ڪا ڇولي اچڻ تي جھاز چيڪاٽ ڪري ٿو ۽ بيد جي لڪڻ وانگر چٻو ٿي، ڪڏهن ڪڏهن ته واقعي ٽڙڪيو به پوي. خراب موسم ۾ چڱي صحت وارا به ’سِي سڪنيس‘ بيماريءَ جو شڪار ٿيو پون، جنھن لاءِ اڄ به خبر نه پئجي سگهي آهي ته اها بيماري ذهني آهي يا جسماني. هڪ طرف ته اٻڙاڪ ۽ الٽيون جھاز ۾ سوار کي بيحال ڪريو وجهن ته ٻئي طرف ڪجهه کائڻ تي دل نٿي چوي. مايوسي اهڙي جو دل چوندي آهي ته جھاز ٻڏي ته جان ڇُٽي. ڪا شئي نه وڻندي آهي. اهڙي صورت ۾ هڪ مسافر ته غشيءَ جي حالت محسوس ڪري سمهي رهي ٿو، پر جھاز هلائڻ واري کي ته نه رڳو رات ۽ ڏينھن واري واچ (ڊيوٽي) ۾ جھاز هلائڻو پوي ٿو پر جھاز جي خرابين کي به منھن ڏيڻ لاءِ وڌيڪ ڊيوٽي به ڪرڻي پوي ٿي، جيئن اهو جلد صحيح ٿي هلڻ لائق ٿي وڃي، ڇو جو جھاز جي حالت ويتر ان وقت وڌيڪ بگڙيو وڃي جڏهن ان جي انجڻ بند ٿيو وڃي ۽ اهو لھرن جي رحم ۽ ڪرم ۾ هليو وڃي ۽ گڏهه وانگر ڪُڏڻ شروع ڪري ٿو.

سمنڊ تي جهاز هلائڻ واري جي حالت

سمنڊ تي جهاز هلائڻ واري جي حالت

خراب موسم يا سمنڊ جي خرابيءَ ۾ ته جھاز هلائڻ وارو پريشان رهي ٿو پر عام طرح بھتر حالتن ۾ به ان سان ويڌن رهي ٿي. ان جو سبب اهو آهي ته سمنڊ تي جھاز هلائڻ واري ڊيوٽي، ڪناري جي نوڪرين وانگر ناهي، جن ۾ سڄو ڏينھن ڊيوٽي ڪرڻ بعد ننڊ لاءِ سڄي رات مليو وڃي ۽ هر ڪو دل وٽان ننڊ ڪري صبح جو تازو ٿي اٿي ٿو. سمنڊ تي اسان جي چار ڪلاڪ ڏينھن جو ۽ چار ڪلاڪ رات جو ڊيوٽي بعد اٺ اٺ ڪلاڪ موڪل ٿئي ٿي، پر اٺ ڪلاڪ موڪل جي باوجود ننڊ پوري نٿي ٿئي. ڪنارو ڇڏڻ بعد ٻه يا ٽي ڏينھن ته ننڊ يڪدم اچيو وڃي، پر ان بعد ڪلاڪن جا ڪلاڪ جاڳڻ بعد مس مس ننڊ اچي ٿي ۽ اڃا گهاٽي ننڊ شروع ٿئي ٿي ته سُکاني يا انجڻ روم جو تيل وارو اچيو در کڙڪائي ته، ”صاحب ’ڪوارٽر‘ يعني ڊيوٽيءَ ۾ باقي ’چوٿو ڪلاڪ‘ (15 منٽ) بچيا آهن، اٿي کڙو ٿي.“
ياد رهي ته جھاز هلائڻ جي ڊيوٽي ڪناري جي ڊيوٽيءَ وانگر نه آهي، جنھن ۾ ڪو صاحب پندرهن ويھه منٽ ڇا ڪلاڪ دير سان پھچي ٿو ته به ڪو فرق نٿو پوي. جھاز هلائڻ واري ڊيوٽي هڪ قسم جي ’چوڪيداري نمونو‘ آهي يعني جيڪو چوڪيدار ڊيوٽي ڪري رهيو آهي، اهو تيستائين موڪل نٿو ڪري سگهي، جيسين ان کي ڇڏڻ لاءِ ان جي جاءِ تي ٻيو اچي. ۽ جيڪو ڊيوٽي ڪري رهيو آهي يعني جھاز هلائي رهيو آهي، اهو ان چئن ڪلاڪن جي ڊيوٽيءَ ۾ ذهني ۽ جسماني طرح اهڙو ٿڪجيو پوي، جو آخري اڌ ڪلاڪ ۾ هن جون اکيون داخل ٿيڻ واري در ۾ هونديون آهن ته مون بعد جھاز هلائڻ وارو اچي ته منھنجي جان ڇٽي. اهڙي حالت ۾ ڪو پنج منٽ به ڊيوٽيءَ تي دير سان پھچي ٿو ته هن جي اها ڳالهه خراب ۽ اعتراض جوڳي سمجهي وڃي ٿي. ان ڪري ’ڪوارٽر‘ جو اطلاع ملڻ تي ڊيوٽيءَ چڙهڻ وارو يڪدم اٿيو کڙو ٿئي، ڀلي کڻي ڪچي ننڊ ۾ هجي يا پڪي ننڊ ۾. ننڊ پوري نه ٿيڻ ڪري ڪڏهن ته دماغ پيو چڪرائيندو آهي، ته ڪٿي آهيون! خوابن ۾ ڪناري تي هجبو آهي ته اٿارڻ تي 25 هزار هارس پاور جي انجڻ جي طاقتور آوازن ۽ طوفاني هوائن جي سيسراٽ ٻڌڻ تي احساس ٿيندو آهي ته اڃا سامونڊي سفر کُٽو نه آهي. ننڊ جو مزو اڌ ۾ ڇڏي جھاز هلائڻ لاءِ اٿي کڙو ٿبو آهي ته ’چڙهه جا سُولِي پر، رام ڀلِي ڪريگا!‘ ننڊ پوري نه ٿيڻ ڪري ۽ جھاز دنيا جي خط استواءِ پٽي وٽان لنگهڻ دوران گرميءَ سبب اکيون، جھڙوڪر پوسرائينديون آهن. نرم ۽ ٿڌو بسترو ڇڏي منھن تي ڇنڊا هڻڻ لاءِ واش روم ۾ گهڙبو آهي. پنھنجي ٽُٿ پيسٽ جي ٽيوب کي ڏسي آئون اندازو لڳائيندو آهيان ته جھاز ڪيترو سفر ڪيو آهي ۽ اڃا ڪيترا ڏينھن هلائڻ بعد ڪنارو ايندو.
دراصل هڪ دفعي ايئن ٿيو جو ڪراچيءَ مان لنگر کڻڻ وقت مون کي ياد آيو ته مون وٽ ٽُٿ پيسٽ ته آهي ڪانه. سمنڊ تي ڇا ڪندس! سمنڊ تي جهاز هلائڻ جا هر هڪ آفيسر جا پنھنجا ڊيوٽي ٽائيم ٿين ٿا، ان ڪري هُو ان مطابق سمهن ۽ اٿن ٿا. ڪناري جي ڪنھن هاسٽل ۾ ته رهيل نه هوس، جتي سڀ اٿي هڪ ئي وقت برش ڪن ۽ توهان ڪنھن کان به ٽُٿ پيسٽ پنين سگهو ٿا. مون جھاز جي ڏاڪڻ هيٺ بيٺل پنھنجي ڪناري واري آفيس جي ڪلارڪ کي پئسا ڏنا، جيڪو ڪياماڙيءَ جي ڪنھن دڪان تان ٽُٿ پيسٽ وٺي مون کي ڏئي ويو. ٿوري دير کان پوءِ جھاز ڪراچي ڇڏيو ۽ کُلئي سمنڊ ۾ پھچڻ تي خبر پئي ته جھاز جي روٽ ’ڏور اوڀر‘ بدران هاڻ ’يو ايس اي - ڪئناڊا‘ ٿي وئي آهي ۽ هي جھاز هاڻ آفريڪا کنڊ کي ڦيرو ڪري آمريڪا ويندو. دل ۾ چيم ته چڱو جو ٽُٿ پيسٽ ورتم، ڇو جو فار ايسٽ روٽ تي ته هر ٻئي ٽئي ڏينھن بندرگاهه اچيو وڃي، جيئن ته ممبئي، ڪولمبو، پينانگ، سنگاپور، منيلا، هانگ ڪانگ، ٽوڪيو وغيره، جن بندرگاهن مان ڪنھن هڪ تي تيل پاڻي لاءِ جھاز جي ترسڻ تي ان بندرگاهه مان ٽُٿ پيسٽ جھڙيون شيون وٺي سگهجن ٿيون. باقي اولھه ڏي ته ڪراچي ڇڏڻ بعد جھاز پيو هندي وڏو سمنڊ لتاڙي، جيسين آفريڪا جو ڪنارو نظر اچي ۽ ممباسا، دارالسلام يا ماپُوتَو جھڙي بندرگاھه ۾ ڏينھن اڌ لاءِ تيل خريد ڪرڻ لاءِ ترسي. تن ڏينھن ۾ يعني 1960ع واري ڏهاڪي تائين اڃان جھازن جون تيل ۽ پاڻي کڻڻ واريون ٽانڪيون وڏيون نٿيون هيون ۽ ڏهه ٻارنهن ڏينھن بعد رستي تان ڪنھن بندرگاهه مان تيل خريد ڪرڻو پيو ٿي. ڪراچيءَ مان نڪرڻ مھل آفريڪا جي ڪناري واري بندرگاهه ممباسا پھچڻ ۾ ست اٺ ڏينھن لڳي ويندا هئا، جو ممباسا ڪراچيءَ کان 4400 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي يا ممباسا بدران موزمبق ملڪ جي بندرگاهه ماپُوتو (Maputo) مان تيل وٺندا هئاسين، جيڪو ڪراچيءَ کان 6800 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي، جتي پھچڻ ۾ ڏھه ٻارنهن ڏينھن لڳي ويا ٿي. ان بعد ڪيپ آف گڊ هوپ وارو سمنڊ لنگهي، آفريڪا جي اولھه ڪناري واري ڪنھن بندرگاهه مان خاص ڪري سينيگال ملڪ جي ڊڪار بندرگاهه مان جھاز جون تيل ۽ پاڻيءَ جون ٽانڪيون فل ڪرائي پوءِ يورپ جو رخ ڪندا هئاسين يا آمريڪا کنڊ ڏي روانا ٿيندا هئاسين.
ڏور اوڀر جي بندرگاهه ڏي ته هر شئي ملي وئي ٿي، پر آفريڪا پاسي جا بندرگاهه اڄ به ويران نظر اچن ٿا ۽ شاپنگ يا ٻين سھولتن کان خالي رهن ٿا. آمريڪا جي ان پھرين سفر ۾، ڪراچيءَ مان نڪرڻ بعد اسان اڌ ڏينھن کن ممباسا ترسي، جھاز جي انجڻ لاءِ تيل ورتوسين ۽ جھاز تي موجود ماڻهن لاءِ راشن پاڻي... ان بعد اڳتي جي سفر لاءِ نڪتاسين.
’ڪيپ آف گڊ هوپ‘ ٽپي آفريڪا جي اولھه ڪناري واري هڪ بندرگاهه تان آمريڪا لاءِ ڪچو مال کڻڻ لاءِ ٻه ڏينھن کن ترسي آمريڪا کنڊ جو رخ رکيوسين. سڌو اچي ڪيُوبا کان نڪتاسين، جتان پوءِ نيويارڪ بندرگاهه لاءِ اتر ڏي رخ ڪيوسين. آمريڪا جون اوڀر ڪناري واريون رياستون: فلوريڊا، جارجيا، سائوٿ ۽ نارٿ ڪئرولينا، ورجينيا، ميري لئنڊ ۽ نيو جرسي وغيره لتاڙي اچي نيويارڪ جي مئن هٽن علائقي ۾ لنگر ڪيرايوسين. مون ڏٺو ته هاڻ ٽُٿ برش ڪرڻ لاءِ ڪا ٽن چئن ڏينھن جي ٽُٿ پيسٽ مس بچي هئي. ڪراچيءَ کان نيويارڪ پھچڻ ۾ اسان کي ڪي 24 ڏينھن لڳي ويا هئا. انهن ۾ ٻه ڏينھن کن پينسلوانيا جي بندرگاهه فلڊلفيا ۾ پڻ ترسيا هئاسين، جتي آفريڪا مان کنيل سامان لاٿو هئوسين. آمريڪا جي ان پھرئين ٽرپ ۾ ئي مون کي آئيڊيا ٿي وئي ته ٽُٿ پيسٽ جو اهو ٽيوب 50 ڏينھن کن هلي ٿو. پنجاهه ڏينھن ان ڪري ٿو چوان ته ڪناري تي رهڻ وارن لاءِ ته ايترن ڏينھن ۾ اوترا ئي صبوح ٿيا ۽ جيترا ڏينهن هُو چوويھه پنجويھه دفعا ٽٿ برش ڪن ٿا، پر جھاز هلائڻ وارن لاءِ ڊبل صبوح ٿيا. اهو ان ڪري جو جھاز هلائڻ وارن کي چار ڪلاڪ ڊيوٽي ڪري باقي اٺ ڪلاڪن جي ساهيءَ ۾ وهنجي سھنجي، ماني کائي سمهڻو پوي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان ۾ گهاٽي ننڊ ڪا ٽي چار ڪلاڪ مس اچي ٿي ته چئن ڪلاڪن جي ڊيوٽيءَ لاءِ وري اٿجي ٿو. هٿ منھن ڌوئي، ڏندن کي برش ڪري، چانھه جو ڪوپ پي ڊيوٽيءَ لاءِ ڊوڙجي ٿو. ڪڏهن ته اها چانھه ۽ سئنڊوچ ڊيوٽي دوران گهرائڻي پوي ٿي. سو ڏينهن ۾ ٻه دفعا برش ڪرڻو پيو.
دنيا جي هر جھاز تي جھاز هلائڻ وارا ڊيڪ آفيسر (Navigators) توڙي مئرين انجنير ٽن حصن ۾ ورهايل هوندا آهن. هُو چار ڪلاڪ جيڪا ڏينھن جي ڊيوٽي ڪندا آهن، اها ئي هنن کي رات جي ڪرڻي پوندي آهي، جيڪي صبح جو اٺين وڳي کان منجهند جو ٻارهين وڳي تائين ڊيوٽي ڪندا آهن، انهن کي شام جو به اٺين کان آڌيءَ رات ٻارهين تائين ڊيوٽي ڪرڻي پوندي آهي. اهڙي طرح ٻئي گروپ کي ٻارهين کان چار تائين ڏينھن جو ۽ رات جو ڊيوٽي ڪرڻي پوي ٿي ۽ ٽئين ٽولي کي چار کان اَٺ تائين. هُونءَ ته ظاهري طرح چئن ڪلاڪن بعد اٺ اٺ ڪلاڪ مليو وڃن پر ٻن ٽن ڏينھن بعد سڀني جي ننڊ ڊسٽرب رهي ٿي ۽ اڪثر ٻه ٽي ڪلاڪ پاسا ورائيندي يا ڪتاب پڙهندي پڙهندي مس مس ننڊ اچي ٿي ۽ پوءِ جيئن ئي گهاٽي ننڊ اچي ٿي ته ڊيوٽيءَ جو سڏ ٿيو وڃي. دل چوندي آهي ته ڪناري جي نوڪري هجي ها يا جھاز بندرگاهه ۾ پھچي وڃي ته نارمل ماڻهن وانگر دل وٽان ننڊ ڪري تازا توانا ٿيون. جيئن مٿي لکيو اٿم ته ڪڏهن ڪڏهن ڪچيءَ ننڊ مان اٿندي دماغ پيو چڪرائيندو آهي ته مون کي ڇو اٿاريو ويو ۽ پوءِ سمنڊ جي لھرن کي جھاز جي جسم سان ٽڪرائيندو ۽ طوفاني هوائن جو درين جي سِيرن مان سيسڙاٽ جو آواز ٻڌي احساس ٿيندو آهي ته اڃان منزل ڏور آهي... هلي جھاز هلاءِ. اکيون پيون پوسارائينديون آهن. منھن تي ڇنڊا هڻي ڏندن کي برش ڪرڻ لاءِ ٽُٿ پيسٽ کي ڏسڻ سان چَڪرايل دماغ کي ڏڍ ملندو آهي ته اها هاڻ اچي ختم ٿيڻ تي ٿي آهي. منزل تي پھچڻ ۾ ڪو هفتو مس لڳي، پر جي ڀريل نظر ايندي آهي ته دل ٻُڏي ويندي آهي. ”ابوه! اڃا ته هاڻ سفر شروع ٿيو آهي... منزل آهي ڏور.“
ائٽلانٽڪ يا پئسفڪ ڪراس ڪرڻ وقت اڪثر رب سان شڪايت ڪندو آهيان ته منھنجا مولا هيڏا وڏا سمنڊ نه ٺاهين ها يا آفريڪا ۽ آمريڪا کنڊن جي وچ ۾ ٻيو به ڪو کنڊ ٺاهين ها، جتي اسان ساهي پٽيندا وڃون ها. يا سمنڊ ننڍا هجن ها ۽ زمين هڪ ٻئي جي ويجهو هجڻ ڪري اسان جو جھاز ٻن يا ٽن ڏينھن ۾ پھچي وڃي ها، پر پوءِ سوچيندو آهيان ته اهڙي صورت ۾ اسان مئرين انجنيئرس ۽ نيويگيٽرس جي ڪھڙي ضرورت هجي ها، جيڪي سمنڊ تي کريل انجڻ کي ٺيڪ ڪن ٿا ۽ سمنڊ تي رستا ٺاهين ٿا.
بھرحال ڪچي ننڊ مان اٿڻ توڙي اٿارڻ واري همراهه جو آواز ڪنهن کي پسند آهي، جيڪو در کي ڌڪ هڻندو رهي ٿو، جيسين صاحب بيڊ تان نه اٿي. آئون ته ٿرڊ انجنيئر هوس ته جھاز جو سيڪنڊ آفيسر جيڪو مون وانگر ’ٻارهين کان چار‘ واري ڊيوٽي ڪندو هو، اهو ان ننڊ ڦٽڻ مان ڏاڍو بيزار هو. هڪ ڏينھن مون کي چوي ٿو ته، ”يار مون کي حسرت آهي ته هڪ ڏينھن اهو سکاڻي (ڪوارٽر ماسٽر) در کڙڪائي ”اُٺو صاحب! ڪوارٽر هو گيا“ چوڻ بدران چوي ته ”اُٺو صاحب! آج ڪپتان مر گيا!“
”ان مان ڪھڙو فائدو؟ تنھنجي ڪپتان يا منھنجي چيف انجنيئر مري وڃڻ تي جھاز کي بيھاري ته نه ڇڏبو. ماڳھين انهن جي ڊيوٽي به پاڻ کي ڪرڻي پوندي!“ آئون کيس چوندو هوس.

آمريڪا جي ٻولي ۽ نديون نالا

آمريڪا جي ٻولي ۽ نديون نالا

بھرحال هي سڀ ڳالهيون ان تان نڪتيون ته ڏور ولايت جا ٻيا ملڪ به آهن: سعودي، ڪويت، ويٽنام، ترڪي، برما وغيره پر يارو آمريڪا واقعي ڏور آهي ۽ ان ڏي سفر ٿڪائي ٿو. پاڻيءَ جو جھاز هلائڻ مھل ائٽلانٽڪ سمنڊ مٿان ڪنھن هوائي جھاز کي اڏامندو ڏسندو هوس ته چوندو هوس ته هوائي جھاز هلائڻ وارا توڙي ان ۾ سوار مسافر خوش نصيب آهن جو جلد ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي آمريڪا پھچيو وڃن. پر پوءِ نوڪري ڇڏڻ بعد هوائي جھاز ۾ آمريڪا يا ويندي جپان وڃڻ ٿيو ته احساس ٿيو ته هوائي سفر به کائي ٿو. پاڻي واري جھاز ۾ ته وري به گهر وانگر هلجي چلجي ٿو، ۽ وقت پاس ٿيو وڃي، پر هوائي جھاز ۾ جيڪو ٻارهن ڪلاڪ ڪلفيءَ وانگر ان جي سيٽ جي سانچي ۾ سُڪ ٿي وهڻو پوي ٿو، سو توبنھن ڪرايو ڇڏي!
آمريڪا مان هتي منھنجو مطلب فقط USA يا ڪئناڊا نه آهي پر سڄو اتر ۽ ڏکڻ کنڊ آهي، جنھن ۾ برازيل، ڪولمبيا، چلي، وئنزوئلا، اِڪئيڊار جھڙا ڏکڻ آمريڪا جا ملڪ به اچن. ٿا، ته گئاٽمالا، پاناما، ميڪسيڪو، نڪراگئا، جھڙا وچ آمريڪا جا ملڪ به اچي وڃن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته هتي اسان اتر آمريڪا کنڊ جي فقط هڪ ملڪ USA (يونائٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا) جي ئي ڳالهه ڪري رهيا آهيون ۽ هتي آمريڪا لکڻ مان منھنجو مطلب فقط USA (متحده رياستھاءِ آمريڪا) آهي، جنھن جون 50 رياستون آهن، جيئن ته :فلوريڊا، ٽيڪساز، نيو ميڪسيڪو، جارجيا، مِشيگان، ڪولوراڊو، ڪئليفورنيا وغيره. سچ ته اهو آهي ته اهي رياستون خيرپور ميرس جيڏيون نه آهن، پر هرهڪ سنڌ صوبي کان به وڏي آهي. هوائي (Hawaii)، ٽيڪساز ۽ ڪئليفورنيا جھڙيون رياستون ته تقريبن اسان جي ملڪ پاڪستان جيڏيون آهن.
روس ۽ ڪئناڊا بعد آمريڪا (USA) دنيا ۾ ٽيون نمبر وڏو ملڪ آهي. سندس پکيڙ 37,94,080 چورس ميل يعني 98,26,630 چورس ڪلوميٽر آهي. اسان جو ملڪ پاڪستان ته ڇا پر ان جو ننڍو صوبو سنڌ به هُونءَ ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن: جارڊن، آسٽريا، ڊئنمارڪ، اسرائيل، بيلجم، لبنان، البانيا ۽ سئٽزرلئنڊ وغيره کان گهڻو وڏو آهي، پر آمريڪا سان ٿو ڀيٽجي ته پاڪستان جي ايراضي 8،82،000 چورس ڪلوميٽر هجڻ جي باوجود اهو يارهن ملڪن برابر آهي ۽ سنڌ جي پکيڙ 1،41،000 چورس ڪلوميٽر هجڻ ڪري آمريڪا (USA) مان سنڌ صوبي جيڏا 70 صوبا ٺھي سگهن. سو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته USA ڪيڏو وڏو ملڪ آهي. نه رڳو وڏو آهي پر پاڪستان وانگر منجهس جبل، ماٿريون، سڌا پٽ، ريگستان، نديون، ڍنڍون، سامونڊي ڪنارا ۽ مختلف موسمون هجڻ ڪري هتي هر قسم جو اناج ۽ ميوا ڀاڄيون ٿيون ٿيون. سندس زمين معدني ڌاتن سان مالامال آهي. سندس بھترين سياسي ۽ انتظاميا گورننس، تعليمي نظام، صحت جون سھولتون ۽ عدل انصاف ۽ مذهب جي آزادي هجڻ ڪري دنيا جي هر ملڪ جو ماڻهو هتي رهڻ چاهي ٿو. ويندي اسان جي ملڪ جا مُلان ۽ ڪٽر ايراني جيڪي ڏينھن رات آمريڪا کي گاريون ڏين ٿا، اهي به پنھنجي اولاد جي تعليم، روزگار، پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ۽ پنھنجي علاج لاءِ لاٽري سسٽم ذريعي يا ٻين طريقن سان آمريڪا ۾ اچن ٿا.
آمريڪا، ايراضيءَ ۾ اسان جي ملڪ کان يارهن دفعا وڏو آهي، پر آدمشماري اسان جي ملڪ جي لڳ ڀڳ اٿس. پاڪستان جي آدمشماري 227 ملين آهي ۽ آمريڪا جي 330 ملين آهي.
آمريڪا (يو ايس اي) جي سرڪاري طرح قومي ٻولي انگريزي ۽ ٻئي نمبر تي اسپيني آهي. اسڪولن ۾ انگريزيءَ سان گڏ هسپانوي (Spanish) به پڙهائي وڃي ٿي، جيئن ڪئناڊا ۾ انگريزيءَ سان گڏ فرينچ آهي. باقي آمريڪا، وچ ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن ۾، سرڪاري زبان هسپانوي آهي سواءِ برازيل جي، جتي پورچوگالي آهي ۽ سرينام ۾ انگريزي ۽ ڊَچ آهي.
هر ملڪ ۾ ندين کي وڏي اهميت ٿئي ٿي. آمريڪا ندين سان ڀريو پيو آهي. ڪي ته ايڏيون ڊگهيون ۽ تار وهن ٿيون جو انهن مان اڄ جا وڏا جھاز لنگهيو وڃن، جيئن ’نِيُواورلِيَنس‘ جھڙن بندرگاهن ۾ پھچڻ لاءِ اسان کي هڪ سؤ کن ڪلوميٽر ’مسِيسِپي نديءَ‘ ۾ اندر داخل ٿيڻو پوي ٿو، سمجهو ته جيئن اسان جي سنڌو نديءَ ۾ جڏهن پاڻي هو ۽ بئراجون ۽ پليون نه ٺھيون هيون ته ولايت کان ايندڙ ٻيڙا عربي سمنڊ لتاڙي ڪوٽڙي ۽ سکر جھڙن بندرگاهن ۾ پھچڻ لاءِ هنن کي سنڌو نديءَ ۾ داخل ٿيڻو پيو ٿي.
سنڌو ندي 3180 ڪلوميٽر يعني 1980 ميل ڊگهي آهي، جيڪا تبت مان شروع ٿي، ڪشمير جي لداخ ۽ گلگت، بلتستان صوبن مان ٿيندي، ننگا پربت (ديامير) جيڪو دنيا ۾ نائين نمبر تي وڏو جبل آهي، ان وٽان ڦيرو کائيندي پاڪستان ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ سڄو ملڪ لتاڙي ڪراچيءَ جي ويجهو عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
آمريڪا جي ننڍين ندين کي ڇڏي ڏجي ته به چاليھه کن وڏيون نديون آهن، جن مان ست نديون بين الاقوامي بارڊر ٽپن ٿيون، جيئن ته ’يوڪان‘ ۽ ’ڪولمبيا‘ نديون ڪئناڊا مان شروع ٿي، آمريڪا ۾ داخل ٿين ٿيون. يوڪان ندي ڊيگهه ۾ 3190 ڪلوميٽر ٿيندي يعني اسان جي سنڌو نديءَ جيڏي ٿئي، جيڪا ڪئناڊا کان آمريڪا جي الاسڪا رياست ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ برنگ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ڪولمبيا ندي 2000 ڪلوميٽر (1243 ميل) ڊگهي ٿيندي، جيڪا ڪئناڊا جي راڪي جبلن جي سلسلي مان نڪري آمريڪا جي واشنگٽن رياست ۾ داخل ٿئي ٿي، جتان پوءِ اوريگان رياست مان لنگهي پئسفڪ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
اهڙي طرح ٽي اهڙيون نديون آهن، جيڪي USA مان شروع ٿي ڪئناڊا ۾ داخل ٿين ٿيون، جيئن ته ’مِلڪ ندي‘ (آمريڪا جي مونٽانا رياست مان شروع ٿي ڪئناڊا جي صوبي البرٽا ۾ اچي ٿي)، ’سينٽ لارينس ندي‘ ۽ ’ڳاڙهي (Red) ندي‘.
ٻه اهڙيون نديون آهن جيڪي آمريڪا مان شروع ٿين ٿيون ۽ ميڪسيڪو وٽ ڇوڙ ڪن ٿيون ۽ بارڊر به ٺاهين ٿيون. انهن مان هڪ 2330 ڪلوميٽر (1450 ميل) ڊگهي ’ڪولوراڊو ندي‘ آهي، جيڪا ڪولوراڊو رياست جي راڪي جبلن مان شروع ٿي، آمريڪا جي ستن رياستن مان گذري، وچ آمريڪا جي ميڪسيڪو وٽ پھچي ٿي. ٻي ’رِيَوگرانده‘ (Rio Grandee) آهي، جيڪا 3051 ڪلوميٽر (1896 ميل) ٿيندي. هيءَ ندي ڪولوراڊو رياست مان شروع ٿي ’ميڪسيڪو نار‘ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. اهڙي طرح ’مسِيسِپي‘ ۽ ’مسوري‘ نديون آهن، جن جي ڊيلٽا جو ڪجهه حصو ڪئناڊا ۾ پڻ آهي ۽ ’گيلا‘ (Gila) ندي جيڪا پڻ آمريڪا ۾ وهي ٿي پر هن جي ڊيلٽا جو ڪجهه حصو وري ميڪسيڪو ۾ اچي ٿو.
مسِيسِپي ندي 3770 ڪلوميٽر (2340 ميل) ڊگهي ندي آهي، جيڪا آمريڪا جي اتراهين رياست منيسوٽا مان شروع ٿي، ڪيترين ئي رياستن مان لنگهي ڏکڻ ۾ گلف آف ميڪسيڪو (ميڪسيو نار) سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. نيو اورلينس، بئٽن روگ، وڪسبرگ، گرين وائيل جھڙن شھرن لاءِ اسان کي جھاز هن نديءَ اندر وٺي اچڻو پوي ٿو.
آمريڪا جي مسوري ندي اتر آمريڪا کنڊ ۾ ڊگهي ۾ ڊگهي ندي آهي ۽ 3767 ڪلوميٽر (2341 ميل) ٿيندي، هيءَ ندي مسوري رياست جي شھر سينٽ لوئيس وٽ مسي سپي نديءَ سان ملي ٿي، جيئن الھه آباد وٽ جمنا ندي گنگا سان ملي ٿي.
اهڙي طرح آمريڪا جي ’هڊسن ندي‘ آهي، خاص ڪري اسان جھاز هلائڻ وارن جي دلپسند ندي. نيويارڪ يا نيوجرسي رياست جي ڪنھن بندرگاهه ۾ وڃڻو هوندو آهي ته ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي هن نديءَ جي منھن وٽ يعني جتي اها ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ اچي ڇوڙ ڪري ٿي، اسان پنھنجي جھاز جو لنگر اچي اتي ڪيرائيندا آهيون، جنھن جي هڪ پاسي نيويارڪ آهي ته ٻئي پاسي نيوجرسيءَ جو بندرگاهه نيوارڪ. هڊسن نديءَ ۾ داخل ٿيڻ سان نيويارڪ رياست جا ٻيا بندرگاهه اچن ٿا. هڊسن ندي 510 کن ڪلوميٽر يعني 315 ميل ڊگهي آهي.
1609ع ۾ ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ هينري هڊسن نالي هڪ انگريز ناکئي (Navigator) کي آمريڪا جي نون علائقن جي کوجنائن ۽ قبضي ڪرڻ لاءِ موڪليو هو. هو هن نديءَ اندر جھاز کي وٺي ويو، جنھن تي بعد ۾ هن جو نالو هڊسن پيو. هڊسن نديءَ جي ڇوڙ وٽ جيڪي ٻيٽ هئا، ان جو هن ڊَچن جي يورپ واري شھر ائمبسٽرڊام تان ’نيو ائمسٽرڊام‘ نالو رکيو، جيڪو پوءِ نيو يارڪ سڏجڻ لڳو. مٿين وڏين ندين کان علاوه آمريڪا ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون نديون آهن، جن جو تعداد 25 هزارن جي لڳ ڀڳ آهي، جيئن اسان وٽ سنڌو نديءَ کان علاوه ٻيون به ڪيتريون نديون آهن، جيئن ته پنجند، ستلج، جھلم، پونڇ، ڪنهڙ، نيلم، تاوي، گومل، ذهوب، قنڌار، ڪرم، ٽوچي، سون، سوات، پنجڪورا، بارا، ڪنار، هنزه وغيره وغيره. ڪي ته بارش جي موسم ۾ وهن ٿيون. جيئن ته دشت، ڪيچ، هنگول، حب، اورنگي جو نالو، لياري وغيره.

جبلن جي سُونهن ۾ آمريڪا گهٽ ڪونهي

جبلن جي سُونهن ۾ آمريڪا گهٽ ڪونهي

جبلن ۽ جبلن جي سونھن ۾ به، آمريڪا گهٽ ناهي. آمريڪا جون ٻه جبلن جون اهم قطارون آهن: راڪي ۽ اپالا چيان. ان کان علاوه سيريا نيوادا جبلن جي قطار پڻ اهم سمجهي وڃي ٿي.
’اپلاچيان‘ جبلن جون قطارون آمريڪا جي اوڀر واري ڪناري ڏي، ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ويجهو آهن. هي جبلن جون قطارون جيڪي 1500 ميل ٿينديون، الاباما رياست جي اتراهين حصي کان شروع ٿي مائين (Maine) رياست تائين پھچن ٿيون. وچ ۾ ٽينينسي، ڪينٽڪي، نارٿ ڪئرولينيا، ورجينيا، اوهيو، پينسلوانيا جھڙيون رياستون به اچيو وڃن. هنن جبلن (اپلاچيان) جي وڏي ۾ وڏي چوٽي 6684 فوٽ نارٿ ڪئرولينيا ۾ آهي. اپلاچيان جبلن جي آسپاس جبلن جون ڪجهه ننڍيون قطارون به آهن، جيئن ته گرين، سموڪي، بِلورِج، وائيٽ، لانگ فيلو جبل وغيره.
’راڪي‘ جبلن جي قطار اتر آمريڪا ۾ ڊگهي کان ڊگهي ۽ دنيا ۾ ٻيو نمبر تي آهي، جيڪا اتر کان ڏکڻ 3000 ميل ٿيندي. اها نيو ميڪسيڪو رياست کان اتر ۾ مونٽانا تائين پھچي ڪئناڊا جي به ڪجهه حصي ۾ آهي. راڪي جبلن جي قطار ۾ سڀ کان اتاهين چوٽي البرٽ جبل آهي، جيڪو ڪولوراڊو رياست ۾ اچي ٿو ۽ هيءَ چوٽي سطح سمنڊ کان 14440 فٽ اتاهين آهي.
ياد رهي ته سنڌ جي کيرٿر جبلن جي قطار (Kirthar Mountains) جيڪا بلوچستان ۽ سنڌ جي وچ ۾ بائونڊري ٺاهي ٿي، انهن جبلن جي اتاهين چوٽي زرداڪ آهي، جيڪا 7430 فٽ آهي. جبلن جي هيءَ قطار 310 ڪلوميٽر (150 ميل) ڊگهي ٿيندي. هنن جبلن تي وسندڙ بارش گاج ۽ حب نديءَ ۾ داخل ٿئي ٿي. هنن جبلن جي هڪ چوٽي 8135 فوٽ بارغ (Barugh) سڏجي ٿي، جيڪا گورک هل جي ويجهو آهي. هڪ ٻي جبلن جي چوٽي جيڪا 6880 فوٽ آهي ’ڪتي جي قبر‘ سڏجي ٿي ۽ بروهڪي ٻوليءَ ۾ ’ڪوچاڪ نا قبر‘ چون ٿا. هن جابلو علائقن ۾ بروهي رهن ٿا. اصل لفظ براهوئي (Brahui يا Brahvi) آهي، جنھن جي معنيٰ آهي با ۽ روهي يعني ’جبلن جا رهاڪو.‘
چون ٿا ته هتي جي هڪ بروهي رهاڪوءَ ڪنھن هندو واپاريءَ وٽ اوڌر جي حساب ۾ پنھنجو ڪتو گرويءَ طور رکيو. ڪجهه ڏينھن بعد واپاريءَ جي گهر ۾ چور ڪاهي آيا، جن کي هن ڪتي ڀڄائي ڪڍيو ۽ مالڪ نقصان کان بچي ويو. ڪتي جي اهڙي عمل ڪري واپاريءَ خوش ٿي ڪتي کي آزادي ڏئي ڇڏي ته ڀلي پنھنجي مالڪ ڏي هليو وڃي.
ڪتو مالڪ وٽ پھتو ته بروهيءَ کي ڏاڍو ڏک ٿيو ته هن جي زبان مطابق ڪتو ان وٽ ڇو نه رهيو، يعني هندو واپاريءَ سان دوکو ٿيو. ان ڪري بروهيءَ پنھنجي ڪتي کي گهر اچڻ نه ڏنو، جو هو ان ڳالهه کان اڻ واقف هو ته هندو واپاريءَ هن جي ڪتي کي ان جي دليري ۽ چورن کان بچائڻ ڪري انعام طور آزاد ڪيو آهي. ڪتو ٻنهي گهرن مان تڙجڻ ڪري ڏاڍو مايوس ٿيو ۽ ڪجهه ڏينھن اندر مري ويو. ان دوران بروهي مالڪ کي به حقيقت جي خبر پئي ۽ ڏاڍو ڏک ٿيس ۽ پنھنجي مري ويل ڪتي کي ان جبل جي چوٽي تي کڻي وڃي دفن ڪيو. ان کان پوءِ جبل جي هن چوٽيءَ جو نالو ’ڪتي جي قبر‘ پئجي ويو.
مٿين ڪھاڻي مون هڪ انگريزي ڪتاب“Folk Tales of Sind & Gujrat” ۾ پڙهي هئي. 112 صفحن جو هي ڪتاب 1925ع ۾ ڇپيو هو، جنھن جو ليکڪ ’سي. اي. ڪينڪيڊ‘ آهي. ڪين ڪيڊ_سڄو نالو ’چارلس آگسٽس ڪينڪيڊ‘ 1870ع ۾ ڄائو. هن ڪتاب کان علاوه سندس هڪ ٻيو تواريخي ڪتاب: ’History of Maratha People in British Raj‘ ٽن جلدن تي مشتمل آهي، جيڪو هُن هڪ ٻئي ليکڪ سان گڏجي لکيو هو. مسٽر ڪينڪيڊ برٽش راڄ ۾ هاءِ ڪورٽ جو جج هو. سندس پٽ ڊينس به برٽش راڄ ۾ سرڪاري ڪامورو ٿي رهيو. هو پڻ مشھور ليکڪ آهي، جنھن جا ٻه ناول ۽ هڪ تواريخي تحقيق جو ڪتاب ’British Social Life in India 1608-1937‘ آهي.
آمريڪا ۾ جيڪي ٽي وڏي ۾ وڏيون ۽ اهم جبلن جون قطارون آهن، انهن مان ٻن ’اپلاچيان‘ ۽ ’راڪي‘ جبلن بابت مٿي ذڪر ڪيوسين. ٽي جبلن جي قطار ’سيرا نيواڊا‘ (Sierra Nevada) آهي، جيڪا USA جي اولھه واري حصي ۾ آهي، جنھن جو گهڻو ڀاڱو ڪئليفورنيا ۽ نيواڊا رياستن ۾ آهي. هيءَ اٽڪل 640 ڪلوميٽر ڊگهي ۽ 130 ڪلوميٽر ويڪري ٿيندي. اتاهين چوٽي مائونٽ وٽني 14500 فوٽ آهي. جبلن جي هن قطار مان پڻ ڪيتريون ئي نديون وهن ٿيون، جيئن ته سوسن ندي، ٽروڪي ندي، ڪارسن ندي، واڪر ندي، اوونس ندي وغيره.

يورپي ماڻهو، مذهبي ظلمن کان ڀڄي به آمريڪا آيا

يورپي ماڻهو، مذهبي ظلمن کان ڀڄي به آمريڪا آيا

آمريڪا (USA) جي گادي جو شھر ’واشنگٽن‘ آهي. آمريڪا جي 50 رياستن ۾ هڪ واشنگٽن نالي رياست پڻ آهي، پر هي گادي وارو شھر ’واشنگٽن D.C‘ سڏجي ٿو، يعني ’ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا‘. هي شهر ’پوٽو مئڪ نديءَ‘ جي ڪناري تي ورجينيا ۽ مئري لئنڊ رياستن ڀرسان آهي. آمريڪا جي پھرين صدر جارج واشنگٽن نالي هي شھر آهي ۽ فيڊرل ضلعو ڪولمبيا نالي آهي.
آمريڪا جي سڄي تواريخ ۾ هي ملڪ ٻاهران آيل ماڻهن جو گهر سمجهيو وڃي ٿو جتي دنيا جي مختلف ملڪن جا ماڻهو سٺي روزگار ۽ خوشحال زندگيءَ جي آسري ۾ اچن ٿا.
آمريڪا_يعني يو ايس اي ڇھن حصن (Regions) ۾ ورهايل آهي: ’نيو انگلينڊ‘، ’مڊ ائٽلانٽڪ‘، ’سائوٿ‘، ’مڊويسٽ‘، ’سائوٿ ويسٽ‘ ۽ ’ويسٽ.‘
يورپي ماڻهو مذهبي آزاديءَ خاطر نيو انگلنڊ وارين رياستن: ڪنيڪٽيڪٽ، مائين، ماساچوسيٽس، نيو همپشائر، رهوڊي آئلنڊ ۽ ورمانٽ ۾ اچي رهيا. پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ لکندو هلان ته آمريڪا کنڊ جي ڳولا بعد يورپ جي ماڻهن آمريڪا جو رخ ڪيو هو پوءِ ڪن نئين دنيا جي معلومات (Exploration) ته ڪن زمينن تي قبضو ڪري ڳني (ڪماند)، ڪپهه ۽ تماڪ جھڙين پوکن خاطر ته ڪن معدني شيون خاص ڪري سونَ ۽ چاندي حاصل ڪرڻ لاءِ. آمريڪا لڏي اچڻ وارن ۾ ڪي اهڙا به هئا خاص ڪري انگلنڊ پاسي جا جيڪي پنھنجي مذهب جي بچاءَ خاطر پنھنجو وطن ڇڏي آمريڪا آيا، جيئن هُو آزاديءَ سان پنھنجي مذهب جي پيروي ڪري سگهن. انهن ۾ توهان پيوريٽن جو نالو اڪثر ٻڌندا. هُو آمريڪا جي نيو انگلنڊ وارين رياستن ۾ اچي رهائش پذير ٿيا.
دراصل عيسائي مذهب جي ٻن وڏن فرقن ’پروٽيسٽنٽ‘ ۽ ’رومن ڪئٿولڪ‘ کان علاوه ٻيون به انهن جون ڪيتريون ئي شاخون آهن، جيئن ته ’سيونٿ ڊي ايڊوينٽسٽ‘، ’ائنگليڪن‘، ’پريسبائيٽيريا‘، ’ڪُئيڪرس‘ (جيڪي فلاڊلفيا ۾ رهن ٿا)، ’سيڪرس‘، ’ڪئلونسٽ‘، ’رئنٽرس‘، ’ليولرس‘ وغيره. اهڙي طرح هڪڙا ’پورينٽس‘ به آهن. 1500ع ۾ انگلنڊ وارن رومن ڪئٿولڪ چرچ (ڪليسا گهر) کان علحدگي اختيار ڪئي ۽ پنھنجو گرجا گهر ”چرچ آف انگلنڊ“ قائم ڪيو. ان وقت جي بادشاهه جي حڪم موجب انگلنڊ جي هر رهاڪو کي هن چرچ جو ميمبر ٿيڻ ضروري قرار ڏنو ويو. انهن ۾ اهڙو ٽولو به هو جن چرچ آف انگلنڊ کان علحدگي اختيار ڪئي. اهي ’عليحدگي پسند‘ (Separatists) سڏجڻ لڳا. هنن انگلينڊ ڇڏي آمريڪا لڏڻ ٿي چاهيو، جنھن لاءِ ورجينيا ڪمپنيءَ هنن کي 1620ع ۾ مي فلور (May Flower) جھاز تي موڪلڻ جو بندوبست ڪيو.
1630ع ۾ پيوريٽن (Puritans) جو ٻيو ٽولو ان وقت جي بادشاهه چارلس اول جي ظلم کان ڀڄي آمريڪا آيو. پيوريٽنس دراصل پروٽيسٽنٽ هئا. هنن چرچ آف انگلنڊ کي رومن ڪئٿولڪ رسمن رواجن کان آجو ڏسڻ ٿي چاهيو، پر انهن ڏينھن ۾ ان قسم جي مذهبي ڳالهه کي به ملڪي بغاوت يعني بادشاهه خلاف بغاوت سمجهي وئي ٿي، ڇو جو ملڪ ۽ ڪليسا جو هيڊ بادشاهه کي تسليم ڪيو ويو ٿي. يعني چرچ (مذهب) ۽ رياست (انگلنڊ) کي هڪ سمجهيو ويو ٿي. بھرحال مذهب جي آزاديءَ ڪارڻ ۽ انگلنڊ جي حاڪمن جي ظلمن کان بچڻ خاطر هي پيوريٽن آمريڪا جي ان حصي ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي، جنھن لاءِ مٿي لکي آيو آهيان ته اهو ’نيو انگلئنڊ‘ سڏيو ويو ٿَي. آمريڪا ۾ ايندڙ ٻين ماڻهن وانگر هي اڻ پڙهيل ۽ بي هنر نه هئا. يورپ کان ٻيا جيڪي آيا ٿي اهي غريب هوندا هئا ۽ ڇڙا پڻ، پر هي پئسي وارا ۽ فئملين سان هئا.
پنھنجي پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ، خاص ڪري اهي جيڪي آمريڪا ۾ رهن ٿا يا آمريڪا وڃڻ جو ارادو رکن ٿا، هتي ٻه ڳالهيون لکڻ ضروري سمجهان ٿو. هڪ سترهين صديءَ جي شروعات واري انگلنڊ جي بادشاهه ’چارلس اول‘ بابت، جنھن جي ڏينھن ۾ انگلنڊ جھڙي ملڪ جا ماڻهو مذهب جي معاملي ۾ رياستي ڏاڍ ۽ ظلم کان بچڻ لاءِ پنھنجو وطن ڇڏي هڪ ڏورانھين ۽ ڌارئين ملڪ جو رخ رکيائون، جيئن هُو آزاديءَ سان پنھنجي مذهب ۽ عقيدي موجب عبادت ڪري سگهن. ساڳي وقت اسان لاءِ عبرت جو مقام آهي ته انگلنڊ جھڙي ملڪ جو طاقتور بادشاهه، جيڪو نه فقط رياست جو سربراهه هو پر انهن ڏينھن ۾ بادشاهه سلامت مذهب جو به سرپرست سمجهيو ويو ٿَي يعني بادشاهه چارلس اول ڪو جھڙو تھڙو بادشاهه نه پر هڪ طاقتور بادشاهه هو، جنھن کان هر هڪ ڊنو ٿَي پر پوءِ جڏهن عوام بگڙي ۽ هن جي ظلمن جي حد پوري ٿي ته اهڙي بادشاهه کي به ٽنگيو ويو، نيست نابود ڪيو ويو. ان قسم جي طاقتور هستين جا توهان کي تاريخ ۾ ڪيترائي مثال نظر ايندا. فرانس جي حاڪم کان عباسي گهراڻي جي آخري حاڪم تائين. مطلب ته وڏائي ۽ گهمنڊ ڪنھن بادشاهه ۽ حاڪم کي به نٿو جڳائي ۽ اسان جي اڄ جي حاڪمن کي تواريخ مان سبق حاصل ڪرڻ کپي.
مَي فلاور (May Flower)، جيڪو هڪ مشھور ۽ تواريخي جھاز جو نالو آهي ۽ جنھن انگلنڊ کان آمريڪا مسافر ڍوئيا ٿي ۽ هن جھاز جي نالي تان آمريڪا ۾ ٿيندڙ معاهدن تي پڻ نالا رکيا ويا ۽ توهان کي آمريڪا ۾ جتي ڪٿي مي فلارو، مي فلاور لفظ ٻڌڻ ۾ ايندو. سمنڊن ۽ جھازن سان واسطو هجڻ ڪري هتي May Flower جھاز جو احوال پڻ لکان ٿو.

انگلنڊ جو بادشاهه، جنهن جو سِرُ قلم ڪيو ويو

انگلنڊ جو بادشاهه، جنهن جو سِرُ قلم ڪيو ويو

’چارلس اول‘ 1625ع کان 1649ع تائين (يعني سندس سر قلم ٿيڻ تائين)، انگلنڊ، اسڪاٽلنڊ ۽ آئرلينڊ جو بادشاهه ٿي رهيو. پاڻ، کانئس اڳ انگلنڊ جي بادشاهه ’جيمس اول‘ (جيڪو 1566ع کان 1625ع تائين 60 سال کن تخت تي ويٺو) جو پٽ ۽ ’ايلزبيٿ اول‘ جو پوٽو هو. اها ’ايلزبيٿ اول‘ اڄ واري راڻي ’ايلزبيٿ‘ جي ته ڇا پر مھاراڻي وڪٽوريا جي به ڏاڏي پڙڏاڏي ٿي، جو هيءَ 1533ع ۾ ڄائي هئي. مھاراڻي وڪٽوريا ايلزبيٿ اول کان ٽي صديون پوءِ 1819ع ۾ ڄائي، جڏهن ننڍي کنڊ تي انگريزن جو راڄ هو. هينئر واري راڻي ايلزبيٿ اڃا به هڪ صدي پوءِ 1926ع ۾ ڄائي ۽ سندس سڄو نالو ’ايلزبيٿ اليگزنڊرا مئري‘ آهي. ائين ته اڄ واري هن راڻي ايلزبيٿ جي ماءُ جو نالو به ايلزبيٿ هو، پر ان جو سڄو نالو ’ايلزبيٿ ائنجيلا مارگريٽ باوزلين‘ هو، جيڪا 102 ورهن جي ڄمار ۾ 20 سال کن اڳ 2002ع ۾ فوت ٿي وئي. بھرحال انگلنڊ جو هي بادشاهه چارلس اول ان ايلزبيٿ جو پوٽو هو، جيڪا اڄ کان 5 صديون اڳ 1533ع ۾ ڄائي هئي يعني مغل بادشاهه ظھيرالدين بابر جي 1526ع ۾ هندستان تي فتح حاصل ڪرڻ کان 7 سال پوءِ... هاءِ ڙي هاءِ! ان وقت جي طاقتور مغل بادشاهه بابر کي ڪھڙي خبر ته سوا ٽي کن صدين بعد هن انگريز مائيءَ جي تڙ پوٽي مھاراڻي وڪٽوريا سندس تڙپوٽي کڙ پوٽي بھادر شاهه ظفر کان هندوستان جو تاج و تخت کسرائي کيس ڏيھه نيڪالي ڏيندي ۽ هندوستان جهڙي هيڏي وڏي ملڪ تي مغل سلطنت جو خاتمو ٿي ويندو، جنھن جو مٿيون آخري بادشاهه ’بھادر شاهه ظفر‘ قبر جي ڪجهه گز زمين لاءِ به ليلڙائيندو وتندو ته:
ڪتنا هي بدنصيب ’ظفر‘، دفن ڪي لئي،
دو گز زمين ڀي نه ملي ڪُوءِ يار ۾.
گهٽ بدنصيب ته هن مائي ايلزبيٿ جو پوٽو ’چارلس اول‘ به نه هو، جنھن جي بدڪارين ڪري ملڪ جي فوج سندس سر قلم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هتي اهو به لکندو هلان ته هن ايلزبيٿ شادي نه ڪئي. ان ڪري تواريخ ۾ هيءَ ڪنواري پوَتَر راڻي (The Virgin Queen) سڏي وڃي ٿي. هتي اهو به لکندو هلان ته سندس وفات بعد جيمس جيڪو بادشاهه ٿيو، اهو هن راڻيءَ جو ڀائٽيو هو. اهڙي طرح چارلس اول سندس ڀائٽي جو پٽ ٿيو، جنهن پنھنجو پاڻ کي ’مطلق العنان‘ خودمختيار يعني (Absolute Monarch) بادشاهه ٿي سمجهيو. هن کي دماغ ۾ اهو ئي اُٺُ هو ته قدرت طرفان هن کي هر عيش جي اجازت مليل آهي. هن جي عوام تي لڳايل ٽئڪسن ۽ ظالماڻن حڪمن ڪري عوام منجهائس بيزار ٿي پئي. سڀ کان وڏي ڳالهه جيڪا هن جي خلاف ٿي، اهو مذهب هو. انهن ڏينھن ۾ ملڪ جو بادشاهه نه فقط رياست جو مالڪ هو، پر مذهب جو به وڏو پادري هو. انگلنڊ جي عوام مسيحي فرقي پروٽيسٽنٽ کي قبول ڪيو ٿي. هُو رومن ڪئٿولڪ فرقي جي بلڪل خلاف هئا، پر چارلس جو لاڙو سندس زال جي ڪري رومن ڪئٿولڪ فرقي ڏي هو. انگلنڊ جا ڪيترائي ماڻهو هن دور ۾ هن بادشاهه جي ظلمن ڪري ۽ مذهب جي آزاديءَ خاطر آمريڪا ڀڄي آيا. اهي Puritans سڏجن ٿا.
بھرحال انگلنڊ ۾ سندس ظلمن ۽ مذهبي وڳوڙن بعد کيس تخت تان لاهي مٿس ڪيس هلايو ويو. پھريان ٽي ڏينھن بادشاهه چارلس کي جڏهن سندس ڏوهه قبول ڪرڻ لاءِ چيو ويو ته ’Plead Guilty‘ ته هن انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اهو ئي چوندو رهيو ته:“I would know by what power I am called hither, by what lawful authority?”
هن دعوا ڪئي ته ڪنھن به ڪورٽ جي اختيار ۾ ناهي ته اها انگلنڊ جي بادشاهه تي ڪو ڏوهه مڙهي. هن چيو ته ملڪ تي حڪومت ڪرڻ لاءِ هن کي خدا ۽ ملڪ جي روايتي قانونن طرفان اٿارٽي ڏني وئي آهي ۽ ملڪ ۾ ڪوبه هن کان مٿاهون ناهي جو هن کان سوال ڪري. پراڻي توڙي نئين لکيل بائيبل (Testament) ۾ ملڪ جي حاڪم کي اها گئرنٽي مليل آهي ته عوام کي هن جي هر ڳالهه مڃڻ کپي ۽ اها چوڻي ڏنل آهي ته، “King can do no wrong”
ڪورٽ چارلس بادشاهه جي ڪا ڳالهه نه مڃي ۽ ٽئين ڏينھن کيس ڪورٽ مان هٽائي، هن جي غير حاضريءَ ۾ 30 کن شاهدن جا ٻه ڏينھن بيان رڪارڊ ڪندي رهي. ان بعد بادشاهه کي سزا يافته قيدي قرار ڏنو ويو ۽ سندس موت جي وارنٽ تي 59 ڪمشنرن صحيحون ڪيون.
چارلس بادشاهه جو سر ڌڙ کان ڪپي ڌار ڪرڻ واري ڏينھن کان هڪ ڏينھن اڳ سندس ٻن ٻارن کي پيءُ سان ملڻ جي اجازت ڏني وئي، جن روئي پيءَ کان موڪلايو. ٻئي ڏينھن صبح جو هن ٻن قميصن جي گھُر ڪئي، جو موسم ٿڌي هجڻ ڪري هن کي ڏڪڻي ٿي رهي هئي ۽ هن نٿي چاهيو ته سر قلم ٿيڻ مھل ڏسڻ وارا ماڻهو ان غلط فھميءَ ۾ متبلا ٿين ته هو ٿڌڪار ڪري نه پر سر ڪپجڻ جي خوف کان ڏڪي رهيو آهي.
سپاهين جي نظرداريءَ ۾ چارلس بادشاهه کي ڦاهيءَ واري جاءِ تي وٺي آيا، جتي ڪات واري هيءَ گِهرڪڻ (Gallows) لڳل هئي. پنھنجي هن سزا جي ڏوهه لاءِ هن ان ڳالهه جو اظھار ڪيو ته هن هڪ دفعي پنھنجي وفادار آفيسر کي ڦاهيءَ کان نه بچائڻ جي ڪري قدرت طرفان اڄ کيس موت نصيب ٿي رهيو آهي.
ٻي بجي صبح جو چارلس بادشاهه مختصر عبادت بعد، پنھنجو سر اڏيءَ تي رکيو ۽ هٿ سڌا ڪرڻ سان ڪورٽ طرفان سگنل ملڻ تي جلاد ڪات جا رسا ڍرا ڪيا ۽ هڪ ئي جهٽڪي سان سندس سر ڌڙ کان ڌار ٿي اڇلجي وڃي پري ڦھڪو ڪيو.
انهن ڏينھن ۾ اهو رواج عام هو ته سر قلم ٿيڻ بعد غدار جي سر کي ڊگهي ڏنڊي سان ٻڌي ماڻهن جي ميڙ ۾ گهمائي اعلان ڪيو ويندو هو ته غدار جو سر ڏسو!
“Behold the head of a traitor”
ٻئي ڏينھن بادشاهه جو سر واپس ڌڙ سان سبيو ويو ۽ جسم کي مسالا بام هڻي دفن لاءِ لوهي ڪفن ۾ بند ڪيو ويو.
هن واقعي کان پورن ڏهن ڏينھن بعد چارلس بادشاهه جي لکيل آتم ڪٿا The Royal Portrait ڇپجي آئي. هي ڪتاب هڪ ڊائري نموني جو لکيل آهي. ڪن کي شڪ ضرور آهي ته ٿي سگهي ٿو هي ڪتاب بادشاهه پاڻ نه لکيو هجي. پر جيڪڏهن ڪنھن ٻئي لکيو آهي ته به اهو ضرور آهي ته هو بادشاهه جي تمام ويجهو رهيو آهي ۽ هو بادشاهه جي هر راز کان واقف رهيو آهي.

’مَي فلاور‘ هڪ تاريخي جهاز

’مَي فلاور‘ هڪ تاريخي جهاز

پاڻي واري جھاز May Flower (مَي فلاور) بابت: سال 1620ع جي مھيني سيپٽمبر ۾ ’مي فلاور‘ نالي جھاز انگلنڊ جي بندرگاهه مان لنگر کڻي نئين دنيا آمريڪا پھچڻ لاءِ ائٽلانٽڪ سمنڊ ٽپڻ شروع ڪيو. هونءَ مرچنٽ نيويءَ جو هي جھاز May Flower مال بردار هجڻ ڪري فقط ڪارگو کنيو ٿَي، خاص ڪري شراب ۽ خشڪ مال پر هن ٽرپ ۾ هن تي 102 کن مسافر سوار ٿيا، جيڪي سندن وطن انگلنڊ ۾ مذهب جي آزادي نه هجڻ ڪري، هو ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ٻي پار فقط نئين زندگي گذارڻ جي اميد ۾ وڃي رهيا هئا. آمريڪا جي ورجينيا ڪمپنيءَ هنن مسافرن کي آمريڪا جي اوڀر ڪناري تي ’ خليجِ چيز پيڪ‘ ۽ ’هڊسن نديءَ‘ جي وچ واري علائقي ۾ رهائش جو اختيار وٺرائي ڏنو هو، جتي هو ٻني ٻارو ۽ ٻيو روزگار ڪري سگهيا ٿي.
66 ڏينھن جي ڏکئي سامونڊي سفر بعد مَي فلاور جھاز آمريڪا جي ڪناري تي پھتو. ياد رهي ته انهن ڏينھن ۾ نه لوهي جھاز هئا ۽ نه انهن کي هلائڻ واريون انجڻيون. ڪاٺ جا ٻيڙا هئا، جيڪي سڙهن تي هليا ٿي. هي جھاز May Flower پڻ ڪاٺ جي تختن مان ٺھيل، ان وقت جي حساب سان جيتوڻيڪ هڪ وڏو جھاز هو، پر وڏو وڏو به فقط 80 فوٽ ڊگهو ۽ 24 فوٽ ويڪرو هو، جنھن 180 ٽن وزن سامان کنيو ٿي يعني اڄ جي لوهي جهازن سان ڀيٽ ڪجي ته اهي ننڍا ننڍا به 30 هزار لک ٽن کڻن ٿا، نه ته وڏا ته هڪ لک ٽن کان به مٿي ٿين ٿا. هي جهاز ’ڪئپٽن ڪرسٽافر جونس‘ جي ڪمانڊ ۾، سمنڊ تي طوفاني هوائن ۽ ڇتين ڇولين جو مقابلو ڪندي، جڏهن ڪناري تي پھتو ته جھاز وارن کي احساس ٿيو ته هُو هڪ غلط ۽ ڏکئي هنڌ تي لٿا آهن، جتي ويراني آهي.
آمريڪا جي پھرين سخت ٿڌي سياري جي سَٽَ نه جهلي، هنن مسافرن مان اڌ ته خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين ڪري مري ويا. باقي بچيل پوءِ آهستي آهستي وڃي سيٽ ٿيا. هنن ان علائقي جو نالو پنھنجي ملڪ انگلنڊ جي شھر Plymouth تان ’پلاءِ مائوٿ‘ ئي رکيو. ان وقت جي رهائش اختيار ڪندڙ مي فلاور جھاز جي هنن مسافرن جو اولاد جيڪو آمريڪا ۾ رهي ٿو، ان جو اڄ ڪلهه تعداد هڪ ڪروڙ کان مٿي آهي.
هن جھاز ’مَي فلاور‘ جي مسافرن ۾ هڪ وليم براڊ فورڊ نالي همراهه به هو، جنھن May Flower جھاز ذريعي آمريڪا پھچڻ جو سفرنامو ۽ پلاءِ مائوٿ جاگير جو احوال پنھنجي ڪتاب ۾ تفصيل سان لکيو آهي. ان ڪتاب جو نالو آهي: ’Of Plymouth Plantation‘.
آمريڪا پھچڻ جي ٻئي سال جھاز جو ڪئپٽن ’ڪرسٽافر جونس‘، جيڪو ان جھاز جو مالڪ به هو، گذاري ويو. ورثي ۾ هي جهاز سندس بيوه زال ’جَوسيان‘ (Josian) کي مليو. ڏيڍ سال بعد هُن جھاز جو ملهه ڪٿرايو ته ٽياڪڙن کيس ٻڌايو ته هي ته بلڪل ختم آهي. نتيجي ۾ هن مائيءَ هن جھاز کي ڀڃرائي ان جو مختلف سامان ڪٻاڙين (رديءَ جو سامان وٺڻ وارن) کي ڀُڳڻن مُٺ وڪڻي ڇڏيو.

اسان جهاز وارن لاءِ

اسان جهاز وارن لاءِ
’يُو ايس اَي‘ معنيٰ اِيسٽ يا ويسٽ ڪوسٽ

پاڻ اها ڳالهه پئي ڪئي ته جاگرافيائي سھوليت خاطر آمريڪا کي ڇھن علائقن ۾ ورهايو ويو آهي. اهو ائين آهي جيئن اسان چئون ته سنڌ صوبي جا ٽي حصا آهن: اتر، وچولو ۽ لاڙ. ان سان اها سھوليت ٿي ٿئي ته مثال طور ڪو معلوم ڪري ته، ’ڪَڙيو گنھور‘ شھر ڪٿي آهي ته هن کي لاڙ ٻڌائڻ سان هُو سمجهي ويندو ته اهو ڪو ڪشمور يا جيڪب آباد پاسي ناهي. سچي ڳالهه اها آهي ته اسان جھاز هلائڻ وارن لاءِ هيڏو وڏو آمريڪا (USA) فقط ٻن حصن ۾ آهي: هڪ ’ايسٽ ڪوسٽ‘ (مشرقي ڪنارو) جنھن کي ائٽلانٽڪ سمنڊ ڇھي ٿو يعني نيويارڪ، بالٽيمور، سوانا، چارلسٽن، فلڊلفيا، ڪئمبڊن، ميامي، هيوسٽن ۽ نيو اورلينس جھڙا بندرگاهه. ٻيو ’ويسٽ ڪوسٽ‘ (مغربي ڪنارو) جنھن کي پئسفڪ سمنڊ ڇھي ٿو يعني سيئٽل، ٽاڪوما، اوڪلنڊ، لاس اينجلس، سئن فرانسسڪو، لانگ بيچ ۽ سئن ڊياگو جھڙا بندرگاهه.
آفريڪا يا يورپ جو کنڊ ڇڏڻ مھل ڪراچي هيڊ آفيس مان جيڪڏهن اسان کي چيو وڃي ته جھاز کي لاس اينجلس بندرگاهه وٺي هلو جتي ڪارگو انتظار ڪري رهيو آهي ته، معنيٰ اسان کي آمريڪا جي اولھه واري ڪناري ڏي وڃڻو آهي، جنھن کي پئسفڪ سمنڊ ڇُھي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن جپان جي ڪنھن بندرگاهه ۾ هجبو آهي ته ان ساڳي بندرگاهه لاس اينجلس يا ڪئناڊا جي بندرگاهه وئنڪوئر ڏي وڃڻ لاءِ چيو ويندو آهي. جپان کان آمريڪا جي اولھه واري ڪناري جي ڪنھن به بندرگاهه ۾ پھچڻ سولو آهي، جو جپان کي ۽ آمريڪا جي ويسٽ ڪوسٽ کي پئسفڪ سمنڊ ڇُھي ٿو، پر يورپ جي ڪنھن بندرگاهه بارسلونا، لسبن يا لنڊن کان لاس اينجلس پھچڻ لاءِ چيو وڃي ته پھرين سڄو ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي نيويارڪ ۽ ميامي ڏي اچڻو پوي ٿو ۽ پوءِ وڌيڪ هيٺ ڏکڻ ڏي پاناما وڃڻو پوي ٿو، جتي پاناما ڪئنال آهي. اهو ائٽلانٽڪ ۽ پئسفڪ سمنڊن کي ڳنڍي ٿو.
پاناما ڪئنال جي ڳري في ڏئي جهاز کي ائٽلانٽڪ سمنڊ کان پئسفڪ وٺي اچڻو پوي ٿو پوءِ پئسفڪ سمنڊ ۾ پھچي مٿي اتر طرف جو رخ رکڻو پوي ٿو، جو لاس اينجلس ۽ وئنڪوئر جھڙا بندرگاهه بلڪل مٿي اتر ۾ آهن. سو اسان جھاز وارن لاءِ آمريڪا (USA) معنيٰ رڳو اوڀر ۽ اولهه ڪناري وارا بندرگاهه. اسان کي آمريڪا جي وچ واري حصي جي ڪا خبر نه هوندي آهي. اهو به ٿوري گهڻي مون کي ڄاڻ ان ڪري آهي جو منھنجو باءِ ايئر وڃڻ ٿيو آهي ۽ ٽرين ۽ بسين ذريعي رليو آهيان. هاڻ ته دنيا جا بندرگاهه جھاز تان سامان لاهڻ ۽ چاڙهڻ ۾ ايڏو ماڊرن ۽ تيز ٿي ويا آهن، جو ڪنھن به بندرگاهه ۾ جھاز ٻن ٽن ڏينھن کان مٿي نٿو ترسي. ان جو هڪ سبب ڪنٽينر سروس ۽ اناج کي Bulk ۾ کڻڻ به آهي. اڳ ۾ ڪنھن به قسم جو اناج: ڪڻڪ، چانور، تيلي ٻج ڳوڻين ۾ کنيا ويا ٿي. پوءِ ٽرڪون اهي ڳوڻيون کڻي جھاز ڀرسان آيون ٿَي ۽ پوءِ رسن جي ڄار ذريعي ٿوريون ٿوريون ڪري جھاز تي چڙهايون ويون ٿَي. ڪڏهن ڪڏهن شھر ۾ ٽرئفڪ ڪري ٽرڪون دير سان پھتيون ٿي. سمجهو ته جھاز کي ڀرڻ ۾ هفتي ڏيڍ کان ٻه هفتا لڳي ويا ٿي، پر هاڻ اهو ڪم (ويندي اسان جي پورٽ قاسم جھڙن بندر گاهن ۾) ٻن ڏينھن ۾ مڪمل ٿيو وڃي. جھاز جي پھچڻ کان اڳ ڪڻڪ يا چانور جيٽيءَ تي ڍير ڪيا وڃن ٿا. جھاز جيئن ئي جيٽيءَ سان ٻڌجي ٿو ته طاقتور پمپ ان اناج کي ڦوهاري ذريعي جيٽيءَ تان ڇڪي جھازن جي گدامن (Hatches) ۾ داخل ڪريو ڇڏين.
ان اناج کي لاهڻ ۾ به ڪي ٻه ڏينھن مس ٿا لڳن. جھاز مقرر بندرگاهه ۾ پھچي پمپن ذريعي سڀ اناج جيٽيءَ تي ڦٽو ڪري روانو ٿيو وڃي. پٺيان بندرگاهه وارن جي مرضي آهي ته ڀلي ٻه يا ٽي هفتا ويٺا ان اناج کي ڦوهاري ذريعي ڳوڻين ۾ ڀرين يا ٽرڪن ۾ چاڙهين. بھرحال اهو هاڻ جو طريقو آهي، جنھن ۾ جھاز هلائڻ وارن کي بندرگاهن ۾ ساهي پٽڻ جو نه برابر وقت ٿو ملي. اسان جي ڏينھن ۾ يعني 1960ع ۽ 70ع وارن ڏهاڪن تائين اڃا ڪنٽينر به عام نه ٿيا هئا ۽ اسان جو جھاز جنھن به بندرگاهه ۾ ويندو هو ته بيٺو رهيو ٿي. مھينو مھينو ته ڇا ٻه ٻه مھينا به ترسيو ٿي پوءِ اهڙي حالت ۾ اسان جھاز وارن جو هڪڙو گروپ بس يا ٽرين ذريعي اوسي پاسي جا شھر گهمڻ لاءِ هليو ويو ٿَي. ان ملڪ جا ٻيا شھر ته ڇا ڀر وارن ملڪن ڏي هليا وياسين ٿَي.
انگلنڊ جي ڪنھن بندرگاهه ۾ جھاز بيٺل هوندو هو ته فيريءَ ذريعي انگلش چئنل ٽپي فرانس ۽ جرمني هليا ويندا هئاسين. انهن ڏينھن ۾ ويزا ۽ پاسپورٽ جي ڪا نالي ماتر چڪاس ٿيندي هئي. اسان جھاز وارا ته جھاز جي ڪاغذن (CDC) تي سفر ڪندا هئاسين. اسان جي ملڪ ۾ جيتوڻيڪ ڊڪٽيٽرشپ هئي، ايوب خان جي حڪومت هئي، پر دنيا ۾ اسان جي ملڪ ۽ ماڻهوءَ جو قدر هو. هاڻ ته يورپ ۽ آمريڪا ڇا سريلنڪا، برما ۽ ويٽنام جھڙن ملڪن ۾ ويزا سان گهمڻ وڃ ته به اتي جي پوليس اسان تي شڪ ٿي ڪري ته هي ماڻهو صحيح نه آهن. هاڻ اسان جي ماڻهوءَ ۽ ناڻي جو قدر صفا ڪِري پيو آهي. پر 1960ع کان 1980ع تائين واري دور ۾، جڏهن مون جھاز هلايا، گهمڻ ڦرڻ ۽ شي شڪل وٺڻ جا خوب مزا هئا. پر اهو آهي ته انهن ڏينھن ۾ وري جھاز اهڙا ماڊرن نه هئا. سمنڊ توڙي ڪناري تي جھاز ۽ ان جي انجڻ کي صحيح رکڻ لاءِ سخت پورهيو ڪرڻو پيو ٿَي.

آمريڪا جا ڇهه ريجن...

آمريڪا جا ڇهه ريجن...

پاڻ اچون آمريڪا (USA) جي ڇھن حصن تي، جن مان هڪ ’نيو انگلنڊ‘ سڏيو وڃي ٿو، جنھن جو احوال مٿي لکيو اٿم ته ان ۾ آمريڪا جون ڪنيڪٽيڪٽ، مائين، مئساچوسيٽس، ورمانٽ، رهوڊي جھڙيون رياستون اچيو وڃن. نيو انگلنڊ واري ريجن ۾ انگلنڊ جي بادشاهه چارلس ۽ ان وقت جي مشھور تواريخي ۽ مشھور بحري جھاز ’مَي فلاور‘ جو احوال پڻ لکي چڪو آهيان. يورپ جا رهاڪو، جيڪي هن ريجن ۾ رهيل آهن، انهن مان گهڻا پئسو ڏوڪڙ حاصل ڪرڻ لاءِ نه پر مذهبي آزاديءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا آيا.
مٿئين ريجن کان علاوه آمريڪا جا باقي پنج ريجن آهن: ’مڊ ائٽلانٽڪ‘، ’سائوٿ‘، ’مڊويسٽ‘، ’سائوٿ ويسٽ‘ ۽ ’ويسٽ‘.
آمريڪا جو ’مڊ ائٽلانٽڪ‘ وارو ريجن فئڪٽرين ۽ ڪارخانن کان مشھور ٿيو ۽ يورپ کان آيل لکين اميگرنٽن نيويارڪ، بالٽيمور ۽ فلڊلفيا جھڙن اوڀر ڪناري وارن شھرن کي وڌايو ويجهايو. هن ريجن ۾ USA جون ’ڊيل ويئر‘، ’ميري لئنڊ‘، ’نيوجرسي‘، ’نيويارڪ‘ ۽ ’پينسلوانيا‘ جھڙيون رياستون اچيو وڃن.
آمريڪا جي سائوٿ ريجن ۾ ’الاباما‘، ’ارڪنساس‘، ’ٽيڪساس‘، ’فلورِيڊا‘، ’جارجِيا‘، ’ڪينٽَڪي‘، ’لوئِيزِيانا‘، ’مسيسپي‘، ’اتر ڪئرولينا‘ ’ڏکڻ ڪئرولينا‘، ’ٽينِيسِي‘ ۽ ’وِرجينيا‘ جھڙيون رياستون اچن ٿيون. هنن سڀني رياستن آمريڪا جي خانه جنگي (Civil War) ۾ حصو ورتو هو، جيڪا 1860ع کان 1865ع تائين هلي.
آمريڪا کنڊ جي مختلف ملڪن ۽ مختلف رياستن گڏجي هڪ USA ملڪ ٺاهڻ بدران، آمريڪا ۾ رهندڙ توڙي ڪجهه عرصي لاءِ آمريڪا ويندڙن لاءِ هيٺين مختصر ڄاڻ ڪارآمد رهندي.
آمريڪا کنڊ جا اصلي رهاڪو جن کي اسان ’ريڊ اِنڊين‘ سڏيون ٿا، اهي آمريڪا ۾ صدين کان رهيا ٿَي. سورهين صديءَ ۾ يورپين ۽ ٻين پاسن جي ماڻهن جو آمريڪا ۾ تڏهن پھچن ٿيو، جڏهن 1492ع ۾ ’ڪرسٽافر ڪولمبس‘ ائٽلانٽڪ سمنڊ ٽپي آمريڪا پھتو. ان بعد يورپين آمريڪا جي ڌرتيءَ تي قبضو (Colonization) شروع ڪري ڏنو. بعد ۾ پوک ۽ کاڻين جي ڪم لاءِ هنن آفريڪا کنڊ مان شيدي غلام به گهرايا. يورپين جون آمريڪا ۾ ڪيتريون ئي ڪالونيون 1600ع کان پوءِ ٺھيون. 1760ع ڌاري آمريڪا ۾ 13 برطانوي ڪالونيون ٺھي ويون، جن ۾ 25 لک ماڻهو، گهڻو ڪري انگريز آباد هئا. انهن تي ڪنٽرول ۽ قاعدو قانون برطانيا سلطنت انگلنڊ کان هلايو ٿي. ڪجهه سالن بعد 1776ع ۾ هنن تيرهن رياستن برطانيه جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو ۽ پنھنجو پاڻ کي خود مختيار رياستون سڏائڻ جو اعلان ڪيو يعني هاڻ هنن انگلنڊ سان ڪنھن به واسطي رکڻ کان لاتعلقيءَ جو اظھار ڪيو ۽ هنن رياستن هڪ ٿي هڪ نئون ملڪ USA (آمريڪا جون گڏيل رياستون) نالي ٺاهيو.
هنن رياستن (USA) کي آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ ڏسي، وچ آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جا ملڪ جيڪي مختلف يورپي ملڪن جون ڪالونيون هئا، انهن ۾ اتساهه پيدا ٿيو ۽ انهن به هڪ ٻئي پٺيان خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو، جيئن ته 1804ع ۾ انقلاب دوران ’هائتيءَ‘ خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو، ’ڪاسٽاريڪا‘ 1821ع ۾، ’هونڊراس‘، ’ميڪسيڪو‘ ۽ ’بولِيوِيا‘ پڻ 1821ع ۾، ’اڪئيڊار‘ 1830ع ۾، ’ڪولمبيا‘ 1831ع ۾ وغيره.
آمريڪا کنڊ جي مختلف پَٽن کي يورپي ملڪن پنھنجي قبضي ۾ آڻي، انهن کي ڪيترائي سال پنھنجي ڪنٽرول ۾ رکيو، پر پوءِ آخرڪار اتي جي رهاڪو يورپين جي اولاد پنھنجي پنھنجي مادري ملڪ سان تعلقات ختم ڪري، نوَن ملڪن کي خودمختيار بڻايو. مثال طور ڪرسٽافر ڪولمبس کان پوءِ ’پورچوگال‘ جي بادشاهه ’مئنيوئل اول‘ طرفان 1500ع ۾ اتي جو مليٽري ڪمانڊر، نيويگيٽر ۽ Explorer پيڊرو ايلواريس ڪيبرل هن نئين دنيا ڏي موڪليو ويو. سندس جھاز اڄ واري برازيل ملڪ جي ڪناري سان اچي لڳو. ان وقت جي دستور موجب جنھن يورپي جھازران آمريڪا کنڊَ جي ڌرتيءَ جي جنھن حصي تي پير ٿي رکيو، اهو سڄو علائقو / رياست / ملڪ ان جي ملڪيت ٿي ويو ٿي. ’ڪئپٽن ڪيبرل‘ هن ڌرتيءَ تي پھچي ان جو نالو ’برازيل‘ رکيو ۽ پورچوگالي سلطنت جي ملڪيت ٿيڻ جو اعلان ڪيو. اڳتي هلي برازيل 1822ع ۾ پنھنجا تعلق پورچوگال سان ختم ڪري، پنھنجي خودمختيار حڪومت ٺاهي.

آمريڪا جي خانه جنگي (Civil War)

آمريڪا جي خانه جنگي (Civil War)

آمريڪا ۾ رهندڙ اڪثر آمريڪي خانه جنگيءَ(American Civil War) جي ڳالهه ڪندا رهن ٿا. هيءَ لڙائي ڪڏهن لڳي، ڇو لڳي ۽ ڪنھن جي وچ ۾ لڳي، ان جي تفصيل کي ڇڏي هتي فقط خلاصو لکڻ ضروري سمجهان ٿو.
1776ع ۾ جڏهن ’رياستھاءِ متحده آمريڪا‘ يعني آمريڪا جي گڏيل رياستن جو ملڪ (USA) اتر آمريڪا کنڊ ۾ ٺھيو ته ان وقت ڪيترين ئي رياستن ۾ غلامي (Slavery) عام هئي يعني آفريڪا کنڊ جي مختلف ملڪن مان شيدين کي سوگهو ڪري، جھازن ۾ ٻڌي وهاري آمريڪا کنڊ جي مختلف بندرگاهن ڏي موڪليو ويو ٿي، جتي انهن جو نيلام ٿيو ٿَي ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ يورپين، پورچوگالين، انگريزن، فرانسسين، اسپانين اهي شيدي غلام پنھنجي جاگيرن تي پوک لاءِ، کاڻين مان قيمتي ڌاتو کوٽڻ لاءِ ۽ ٻين ڏکين ڪمن لاءِ خريد ڪيا ٿي. ان جو تفصيلي احوال آئون پنھنجي ڪتاب ’زنجبار جھنگٻار‘ ۾ ڪري چڪو آهيان ته ڪيئن آفريڪا جي شيدي غلامن جو ڪاروبار اتي جي شيدي سردارن، عربن ۽ يورپ جي قومن ڪيو ٿَي. يورپ جي سيٺين کي نئين دنيا (آمريڪا) ۾ ڀليون زمينون، ڌاتن سان ڀريل جبل ۽ کاڻيون ملي ويون، جن لاءِ هنن پھرين ته يورپ کان ئي پنھنجا غريب پورهيت گهرايا پر گهڻي ڪاروبار ڪري هنن کي هر روز وڌيڪ ماڻهن جي ضرروت پوڻ لڳي، جنھن جو حل، آفريڪا کنڊ مان سگهارن شيدين کي غلام بڻائي آڻڻ ۾ هو. اهو سلسلو آمريڪا جي ڪجهه رياستن ۾ USA ملڪ جي جنم وٺڻ تي به قائم هو، پر پوءِ 84 ورهين دوران USA جي اتراهن رياستن اهو فيصلو ڪيو ته غلامي هڪ خراب شيءِ آهي، جنھن تي بندش هجڻ کپي. ڏکڻ وارين رياستن ۾ رهندڙ جاگيردارن ۽ سيٺين جي سوچ ان جي ابتڙ هئي. هنن غلاميءَ کي قانونيءَ طرح قائم رکڻ ٿي چاهيو.
اتر وارين رياستن ۾ ته ڪارخانا ۽ فيڪٽريون جام کلي ويون هيون، پر ڏکڻ وارين رياستن جي ڪمائيءَ جو سڄو دارومدار پوک تي هو. ان ڪم لاءِ خاص ڪري ڪپھه، ڳَنَي ۽ اناج جي پوک لاءِ شيدي غلامن جي سخت ضرورت هئي. سو USA جون رياستون ٻن حصن ۾ ورهائجي ويون. هڪڙيون اهي جن غلامي قائم رکڻ چاهي ٿي ۽ ٻيون غلاميءَ جي سخت خلاف ٿي بيٺيون.
غلاميءَ بابت بحث مباحثا ۽ زباني جهيڙا وڌندا ويا. 1850ع واري ڏهاڪي ۾ ڪنساس رياست جي ماڻهن ۾ غلاميءَ جي ڳالهه تان ماڳھين مار موچڙو شروع ٿي ويو. هڪڙا چوَن ته غلامن جي خريد و فروخت جاري رکڻ کپي ته ٻيا چوَن ته اها بند ڪئي وڃي.
انهن ڏينھن ۾ يعني 1860ع ۾ آمريڪا جي صدارتي چونڊ ٿي، جنھن ۾ ريپبلڪن پارٽيءَ جو ’ابراهام لنڪن‘ ملڪ جو سورهون صدر چونڊيو ويو. لنڪن غلاميءَ تي اڃان بندش نٿي هڻڻ چاهي. هن سمجهيو ٿي ته ايئن ڪرڻ سان آمريڪا جي ڏاکڻين رياستن کي نقصان رسندو. پر اها ڳالهه آهي ته لنڪن ۽ هن جي ريپبلڪن پارٽيءَ ’غلاميءَ‘ کي سٺي ڳالهه نٿي سمجهيو. مارچ 1861ع ۾ لنڪن هن ملڪ جي صدارت جي چارج ورتي. لنڪن يعني ريپبليڪن پارٽيءَ جي کٽڻ جو ٻڌي، ڏاکڻين رياستن جا ماڻهو سمجهي ويا ته لنڪن جي حڪومت پڪ غلاميءَ تي بندش هڻي اسان جي پوک ۽ ٻئي ڪاروبار کي ڇيھو رسائي. سو ان چڪر ۾ ڏاکڻين رياستن پنھنجو پاڻ کي هن گڏيل رياستن جي ملڪ USA کان پاڻ کي الڳ ۽ خودمختيار رکڻ جو اعلان ڪيو. لنڪن ۽ ان جي پارٽيءَ ڏاکڻين رياستن جي هن عمل کي بغاوت قرار ڏنو. ڏکڻ وارين هنن رياستن الڳ ملڪ جو اعلان ڪيو پر دنيا جي ڪنھن به ملڪ کين تسليم نه ڪيو. يورپ جا به سمورا ملڪ غلاميءَ جي خلاف هئا. ڏکڻ وارين رياستن ۾ جملي يارهن رياستون شامل هيون، جيئن ته :سائوٿ ڪئرولينيا، مسي سپي، فلوريڊا، الاباما، جارجيا، لوئيزيانا، ٽيڪساز، ورجينيا، ارڪنساس، نارٿ ڪئرولينا ۽ ٽينيسي. اهي رياستون پاڻ کي ’ڪانفيڊريسي‘ (Confederacy) سڏائڻ لڳيون ۽ اتر واريون 25 رياستون ’يونين‘ (Union) سڏائڻ لڳيون، جنھن نالي سان هنن جو مطلب اهو هو ته هنن پنھنجو ملڪUSA ئي سمجهيو ٿي.
بھرحال لنڪن جي صدر ٿيڻ تي هنن ٻن حصن ۾ لڙائي شروع ٿي وئي، جيڪا پورا چار سال 1865ع تائين هلي. آمريڪا جي تاريخ ۾ هيءَ هڪ خونخوار لڙائي چئي سگهجي ٿي، جيڪا سمجهو ته هڪ قسم جي گهرو اڻ بڻت تان شروع ٿي. هڪڙن چاهيو ٿي ته غلامي قائم رکي وڃي ته ٻيا ان جي سخت خلاف ٿي بيٺا. هن لڙائيءَ بعد يونين يعني اتر وارين رياستن جي سوڀ ٿي. سڄي آمريڪا ۾ غلاميءَ (Slavery) کي غيرقانوني قرار ڏنو ويو. سو جيئن ته پاڻ آمريڪا (USA) کي ڇھن ريجن ۾ ورهائڻ جي ڳالهه پئي ڪئي ته ’سائوٿ‘ ريجن اهو آهي، جنھن ۾ مٿيون رياستون آهن جن ۾ غلاميءَ کي قائم رکڻ لاءِ USA کان ڌار ٿي پنھنجو ملڪ Confederacy الڳ ٿي ٺاهيو، جنھن تان خانه جنگي شروع ٿي ۽ هارايائون.

آمريڪا جو مِڊوَيسٽ ريجن

آمريڪا جو مِڊوَيسٽ ريجن

آمريڪا جو چوٿون ريجن ’مڊ ويسٽ‘ سڏجي ٿو، جنھن ۾ ’اليناءِ‘، ’انڊيانا‘، ’آيووا‘، ’ڪنساس‘، ’مِشيگان‘، ’منيسوٽا‘، ’مسوري‘، ’نيبراسڪا‘، ’نارٿ ڊڪوٽا‘، ’اوهائيو‘، ’سائوٿ ڊڪوٽا‘ ۽ ’وسڪنسن‘ رياستون اچن ٿيون. هي ريجن ائگريڪلچر ۽ انڊسٽريءَ ڪري بيحد خوش حال آهي ۽ جيئن انڊيا ۾ پنجاب صوبي کي ’Bread Basket‘ سڏجي ٿو، تيئن آمريڪا ۾ هن ريجن کي ’Nation’s Breadbasket‘ ۽ ’America’s Heart land‘ چيو وڃي ٿو. هي ريجن کاڻين ۽ معدنيات خاص ڪري لوهه کان تمام گهڻو امير آهي.
آمريڪا جون مشھور جابلو قطارون ’راڪي جبل‘ ۽ ’اپالاچين جبل‘ هن ريجن جي ڪيترين ئي رياستن مان لنگهن ٿا. آمريڪا جون مشھور ۽ ڊگهيون نديون ’مسيسپي‘ ۽ ’مسوري‘ به هن ريجن مان شروع ٿين ٿيون. ياد رهي ته اهي ٻئي نالا مِسوري ۽ مِسيسِپي ندين جا آهن ته هتي جي رياستن جا به. جيئن سمجهو ته اسان وٽ ’جھلم‘ نديءَ جو نالو آهي ته شھر جو به. اهڙي طرح ملائيشيا ۾ ’ملاڪا‘ نديءَ جو نالو آهي ته اتي جي رياست ۽ ان رياست جي گادي واري شھر جو نالو پڻ ملاڪا آهي. هن ريجن (Midwest) ۾ سڀ کان وڏو شھر ’شڪاگو‘ آهي، جيڪو آمريڪا (USA) جو ’نيويارڪ‘ ۽ ’لاس اينجلس‘ بعد ٽيون نمبر وڏو شھر آهي. جيڪڏهن ڪو ان بعد وڏو شھر معلوم ڪرڻ چاهي ته چوٿين نمبر تي ٽيڪساس رياست جو شھر ’هِيُوسٽن‘ آهي ۽ پنجين نمبر تي اريزونا رياست جو ’فونيڪس‘ ۽ ڇھين نمبر تي پين سلوانيا رياست جو ’فلاڊيلفيا‘ آهي.
مِسيسپِي ندي هن ’مڊويسٽ‘ ريجن جي رياست ’منيسوٽا‘ مان شروع ٿي ڏکڻ ۾ ’ميڪسيڪونار‘ سمنڊ ۾ وڃيو ڇوڙ ڪري. اهو پهرين به لکي چڪو آهيان ته هيءَ ندي 3900 کن ڪلوميٽر ڊگهي آهي ۽ آمريڪا جي ڏهن رياستن مان گذري ٿي. مسوري ندي ان کان به وڏي 3770 ڪلوميٽر آهي، جيڪا راڪي جبلن جي قطار مان نڪري ٿي ۽ مونٽانا، نارٿ ڊڪوٽا، سائوٿ ڊڪوٽا، نيبراسڪا، آئووا، ڪنساس ۽ مسوري رياستن مان لنگهي ٿي.
دنيا جي گولي تي پنج وڏيون مٺي پاڻيءَ جون ڍنڍون به هِن مڊويسٽ ريجن ۾ آهن. اهي پنج ئي ڍنڍون ڪئنالن ذريعي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن ۽ منجهن جھازراني ٿئي ٿي. هي ڪافي وڏيون ڍنڍون آهن، جن ۾ سمنڊ واريون وڏيون ڇوليون ۽ طوفان لڳندا رهن ٿا ۽ هڪ اندازي مطابق هنن ڍنڍن ۾ هيستائين 6000 کان مٿي جھاز ٻڏي چڪا آهن يا ٽڪرائڻ ڪري حادثي جو شڪار ٿيا آهن. ڪيترائي ٻڏل جھاز ٻاهر نه نڪري سگهيا آهن، جو هي ڍنڍون ڪافي اونهيون آهن. 500 فٽ ته عام طرح اونهائي اٿن، پر ڪن هنڌن تي اهي 1300 فٽن کان به وڌيڪ اونهيون آهن.
ستر هزار کان وڌيڪ مئنو فئڪچرنگ ڪمپنيون هن ريجن ۾ آهن، جن ۾ ’فورڊ موٽر ڪمپني‘ ۽ ’جنرل موٽر ڪمپني‘ ڊٽرائٽ شھر ۾ آهن، پروڪٽرائينڊ ائنڊ گئمبل، ڪئٽرپلر وغيره پڻ انهن مان آهن.
رشمَور جبل وارو قومي يادگار به هن ريجن ۾ آهي، جتي ماضي جي صدرن ’جارج واشنگٽن‘، ’ابراهام لنڪن‘، ’ٿامس جيفرسن‘ ۽ ’ٿوڊور روز ويلٽ‘ جا چھرا جبل جي چوٽيءَ تي ٽُڪيل آهن، جنھن کي ڏسڻ لاءِ ملڪي توڙي غير ملڪي سياح اچن ٿا. دنيا جو اتاهون ترين دروازو / محراب (Arch) به هن ريجن جي رياست مسوري ۾ آهي. مسوري جي شھر سينٽ لوئيس ۾ هي محراب (وَنگ) جيڪو ’گيٽ وي آرچ‘ سڏجي ٿو، دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڪمان (محراب) آهي جيڪا 190 ميٽر اتاهين ٿيندي، جنھن کي پڻ ڏسڻ لاءِ دنيا جا ٽوئرسٽ اچن ٿا.
بلومنگٽن (منيسوٽا) جو ’دي مال آف آمريڪا‘ هڪ وڏو ڊپارٽمينٽل اسٽور آهي، جنھن اندر 500 کان مٿي مختلف شين جا دڪان آهن. دنيا جي وڏي مڇيءَ جو فائبر گلاس جو مجسمو پڻ هن ريجن جي رياست وسڪنسن ۾ آهي. هيءَ مڇي بوئنگ 757 هوائي جھاز جيڏي چار ماڙ عمارت کان به اتاهين آهي.
آمريڪا جو پنجون ريجن ’سائوٿ ويسٽ‘ سڏجي ٿو، جنھن ۾ اريزونيا، نيوميڪسيڪو، اوڪلاهوما ۽ ٽيڪساز جھڙيون رياستون اچن ٿيون. هي ريجن گرانڊ ڪئنان ۽ ڪارلسباد ڪئورن جھڙن قدرتي نظارن کان مشھور آهي. هنن غارن (Carlsbad Caverns) بابت پنھنجن شروع جي ٻن آمريڪي سفرنامن ’نيو هالا کان نيويارڪ‘ ۽ ’ڳوٺ بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور‘ ۾ تفصيل سان لکي چڪو آهيان.
آمريڪا (USA) جو ڇھون ۽ آخري ريجن ’آمريڪن ويسٽ‘ آهي، جيڪو مارڌاڙ جي فلمن، گهوڙن ۽ Cowboys کان مشھور آهي. هن ريجن ۾ هي رياستون اچن ٿيون: ’الاسڪا‘، ’ڪولوراڊو‘، ’هوائي‘، ’اداهو‘، ’موٽانا‘، ’نيوادا‘، ’اوريگان‘، ’واشنگٽن‘ ۽ ’وائومنگ‘.

آمريڪا جون ڪجهه وڌيڪ ڳالهيون...

آمريڪا جون ڪجهه وڌيڪ ڳالهيون...

• آمريڪا جو ٺوڙهو عقاب (Bald Eagle) يو ايس اي جو قومي پکي آهي. اڻاٺ ۾ هجڻ ڪري هن پکيءَ جي جنس کي سرڪار طرفان حفاظت مليل آهي يعني ’Protected Species‘ مان آهي ۽ هن کي مارڻ ڏوهه جو ڪم آهي.
• مَينھِن جھڙو هڪ جانور جيڪو آمريڪا ۾ ئي نظر اچي ٿو. جهنگلن ۽ ميدانن ۾ نه ته توهان کي ويسٽرن فلمن، ٻارن جي ڪھاڻين ۽ ڪارٽُونن جي ڪتابن ۾ ضرور نظر ايندو. اهو آهي ’بائسن‘ (Bison). يورپي، جڏهن هن کنڊ ۾ آيا ته پاڏي جھڙو هي جانور ڌڻن جي صورت ۾ گهمندو نظر آيو ٿَي. هتي جي اصلي رهاڪن ريڊ اِنڊين جو هن جانور تي گذارو رهيو ٿَي، پوءِ يورپ کان آيل ماڻهن هن جي خوب مار مارا ڪئي، ويندي ان خيال کان به ته جيئن ان جو انگ گهٽجي وڃي ۽ ريڊ اِنڊين بکيا مرن. آخرڪار بائسن جو تعداد ختم ٿيڻ واري حد تي وڃي پھتو. ان ڪري هاڻ هن کي پالڻ شروع ڪيو آهي. هاڻ هي جانور سرڪار پاران مقرر زمين يا خانگي وٿاڻن ۾ ئي نظر اچي ٿو.
• 18 سالن کان وڏي عمر جا آمريڪي شھري، ووٽ ذريعي سنئون سڌو ملڪ جو چئن سالن لاءِ صدر ۽ نائب صدر چونڊين ٿا. ملڪ جو صدر آمريڪا جي گاديءَ واري شھر واشنگٽن ڊي سي ۾ ٺھيل ’وائيٽ هائوس‘ نالي گهر ۾ رهي ٿو.
• آمريڪا جي صدر جي رهائش ۽ آفيس ’وائيٽ هائوس‘ نالي جنهن عمارت ۾ آهي، اها واشنگٽن ڊي سي جي پين سلوانيا روڊ تي آهي. هن ۾ جان آدم کان وٺي يعني 1800ع کان ملڪ جا صدر رهندا اچن. جان آدم 1797ع کان 1801ع تائين آمريڪا جو ٻيو صدر هو. ان کان اڳ آمريڪا جي پھرئين صدر جارج واشنگٽن جي رهائش ۽ آفيس فلاڊيليفيا ۾ رهي. ان کان اڳ آمريڪا جي گاديءَ جو شھر ۽ صدر جي رهائش نيويارڪ ۾ به ڪجهه عرصو رهي.
• آمريڪا (USA) جي وفاقي پارليمان کي ’ڪانگريس‘ سڏجي ٿو، جنھن جا ٻه قانون ساز ايوان آهن: ’ايوانِ نمائندگان‘ (House of Representatives) جيئن اسان وٽ قومي اسيمبلي آهي ۽ ٻيو ’ايوانِ بالا‘ جيڪو Senate سڏجي ٿو. نمائندا ۽ سينيٽر اليڪشن ذريعي چونڊيا وڃن ٿا. هر رياست مان ٻه سينيٽر يعني 50 رياستن مان جملي 100 سينيٽر چونڊيا وڃن ٿا، جيڪي 6 سالن جو ٽرم پورو ڪن ٿا ۽ سڄي ملڪ مان 435 نمائندا چونڊيا وڃن ٿا.
• سپريم ڪورٽ کي هلائڻ لاءِ 9 جج ٿين ٿا، جن کي ملڪ جو صدر چونڊي ٿو ۽ جنھن جي اجازت هن کي ڪانگريس کان وٺڻي پوي ٿي.
• آمريڪا جي تاريخ ۾ پھريون دفعو هڪ آفريڪن آمريڪن يعني ڪارو ماڻهو ’باراڪ اوباما‘ 2008ع ۾ صدر چونڊيو ويو. 2012ع ۾ هُو ٻيو دفعو پڻ ملڪ جو صدر ٿيو.

آمريڪا جي ماضيءَ ۽ حال تي هڪ نظر

آمريڪا جي ماضيءَ ۽ حال تي هڪ نظر

مٿي لکي آيو آهيان ته آمريڪا يعني آمريڪا کنڊ جو ملڪ USA جنھن جو هتي ذڪر ڪري رهيا آهيون، اتي صدين کان ماڻهو رهيا ٿَي، جيئن اسان پاسي چين، هند، سنڌ، مصر ۽ يورپ پاسي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان جي پاسي جا ماڻهو دماغ کان ڪم وٺي تيز ٿي ويا هئا. هو اڄ جھڙا ماڊرن ۽ ٽيڪنالاجي جا ماهر کڻي نه ٿيا هئا، اڃان هوائي جھاز ۽ ريل گاڏيون ته کڻي ايجاد نه ڪيون هئائون ۽ نه راڪيٽ ميزائل... لوهي جھاز ۽ انجڻيون ئي اڃان ايجاد نه ٿيون هيون، پر هنن کي ايترو دماغ هو جو بندوقون، بارود ۽ سڙهن تي هلندڙ ڪاٺ جا ٻيڙا ٺاهي، جڏهن نئين دنيا يعني آمريڪا پھتا ته اتي جا رهاڪو ايڏا سڌريل نه هئا ۽ هي يورپي کين سندن انهن معمولي هٿيارن جي زور تي ڊيڄاري، ڌمڪائي هنن جي ڌرتيءَ تي قبضو ڪري ويا.
جيتوڻيڪ گهٽ پھلوان ته آمريڪا جا اصلي باشندا به نه هئا، پر هٿيارن ۽ اٽڪل بازين ۾ هي يورپي پنھنجي گهر ۾ به مقابلو ڪري نه سگهيا. ٿورو سوچڻ جي ڳالهه آهي ته جيڪڏهن آمريڪا جا اصلي باشندا، جيڪي ريڊ انڊين سڏجن ٿا، هُونءَ ته زمين ۽ معدنيات ۾ ته امير هئا پر جي آرگنائيزڊ هجن ها، ماڊرن هجن ها، هنن جا وڌيڪ خوفناڪ هٿيار ۽ ڪَلَ جا جھاز ايجاد ڪيل هجن ها ته پوءِ ڪرسٽافر ڪولمبس ائنڊ ڪمپنيءَ کي ته ڇا پر اسپين جي بادشاهه ’مئنيوئل اول‘ ۽ سندس راڻي ’آئيسابيلا‘ کي به اٽي جي اگهه جي خبر پئجي وڃي ها. هو پنھنجيون زمينون ۽ وهٽ هنن ٺڳ يورپين کي ڏيڻ بدران انهن کي هٿ ڪڙيون هڻي چوَن ها ته جتان آيا آهيو اوڏانھن موٽو ۽ ان سان گڏ اسان کي به وٺي هلو ته اهو يورپ کنڊ ڪٿي آهي. پوءِ اهي ساڳيا ريڊ انڊين پنھنجي فوج وٺي يورپ تي ائين اچي قبضو ڪن ها جيئن واسڪوڊاگاما ۽ انگريزن پنھنجن بھتر جھازن، هٿيارن ۽ دماغ ذريعي گوا ۽ سڄي انڊيا تي قبضو ڪيو، ملايا، انڊونيشيا ويٽنام ۽ آفريڪا کنڊ جي ملڪن تي قبضو ڪيو!
عرب مسلمانن ۾ ته جڏهن عقل هو، هو آرگنائيزڊ هئا، هنن جھاز ۽ هٿيار اڳواٽ يجاد ڪري ورتا ته ڏسو هڪ ڏورانھين ڏيھه آئيبيريا اپٻيٽ (اسپين، پورچوگال ۽ فرانس جي حصي) تي قبضو ڪري ورتو ۽ ست صديون کن حڪومت ڪئي، پر پوءِ اهي ماڻهو، اسپين ۽ پورچوگال جا ماڻهو جيڪي عربن جي قبضي ۾ هئا، انهن نه فقط هنن عرب حاڪمن کي تڙي ڪڍيو، پر آمريڪا جي نئين دنيا تي به قبضو ڪري ورتو. جيتوڻيڪ اهو ڪم عربن کي ڪرڻ کَتَو ٿَي، پر عرب حاڪم عياشيءَ ۾ ئي تباهه ٿي ويا. جيئن اڄ ڪلهه نظر اچي رهيو آهي ته اسان جي ڪيترن پئسي وارن جا اولاد سؤ سکن هوندي به ڪو ٻوٽو نه پيا ٻارين، بلڪ غريب هارين، اسڪول ماسترن، ڪلارڪن ۽ پورهيتن جا ٻار اعليٰ کان اعليٰ تعليم حاصل ڪري وڏا ڊاڪٽر، سرجن، انجنير، فوجي آفيسر، جج، سائنسدان ٿي رهيا آهن. بھرحال آمريڪا کنڊ جي ڳولا بعد سورهين صديءَ کان يورپي قومن، ان تي قبضو ڪرڻ لاءِ پھچڻ شروع ڪيو ۽ پنھنجيون پنھنجيون ڪالونيون ٺاهڻ لڳا. قبضي ڪرڻ ۾ هنن لاءِ مقامي ريڊ انڊين وڏي رنڊڪ هئا جن کي هٽائڻ لاءِ يورپي هنن کي مارڻ لڳا يا هنن سان ڪوڙا سچا معاهدا ڪري کين جهنگلن ۽ ويران هنڌن ڏي ڀڄائڻ لڳا.
نئين دنيا تي قبضو ڪرڻ لاءِ اسپين کان 1565ع ڌاري قبضيگير اڄ واري فلوريڊا رياست جي ’سينٽ آگسٽن‘ واري علائقي ۾ آيا ۽ انگريز (برٽش) وارن 1587ع ۾ هن کنڊ تي پھچي ’ورجينيا‘ واري رياست تي قبضو ڪيو. 1606ع ۾ برطانيا وارن جي هڪ ٻي ٽولي آمريڪا اچي ورجينيا جي هڪ ٻئي علائقي ’جيمس ٽائون‘ ۾ هڪ ٻي ڪالوني ٺاهي. 1608ع ۾ ’فرينچن ڪيوبيڪ‘ نالي ڪالوني ٺاهي ۽ ڊچن 1609ع ۾ اڄ واري علائقي ’نيويارڪ‘ کي ڪالوني ٺاهيو. بھرحال يورپي ايندڙ چند صديون نئين دنيا (آمريڪا) ۾ ايندا رهيا ۽ قبضا ڪندا ويا.
آمريڪا جا اصلي باشندا يورپين جي هن قبضي خلاف احتجاج ۽ جستجو ڪندا رهيا، پر هُو ايترو نه منظم هئا ۽ نه سندن تعداد گهڻو هو. وڏي ڳالهه ته هنن وٽ اهي آٽوميٽڪ هٿيار نه هئا، جن سان يورپين جو مقابلو ڪري سگهن. يورپ جا ماڻهو جيڪي قبضي لاءِ آمريڪا اچي رهيا هئا، انهن پاڻ سان هٿيارن سان گڏ بيماريون به آنديون، جيڪي آمريڪا ۾ نه هيون ۽ اتي جي اصلي ماڻهن کي اهي بيماريون لڳڻ سان هنن جو موت ٿي رهيو هو، ڇو جو هنن جو جسم انهن بيمارين جو مقابلو نٿي ڪري سگهيو. 1616ع ۾ آمريڪا ۾ جيڪا وبا شروع ٿي، ان ۾ آمريڪا جي اصلي باشندن جو 75 سيڪڙو ختم ٿي ويو.
ان دوران آيل يورپي ماڻهن ۽ آمريڪا جي اصلي ماڻهن وچ ۾ جهڙپون ٿينديون رهيون. آمريڪا جي حڪومت ارڙهين ۽ اوڻھينءَ صديءِ جي وچ ۾ مڪاني ريڊ انڊين سان 400 کن امن معاهدا ڪيا ۽ هو اصلوڪي رهاڪن کي اهو ئي دوکو ڏيندا رهيا ته هو امن چاهين ٿا. پر حڪومت گهڻي ڀاڱي هنن معاهدن تي عمل ئي نه ڪيو، بلڪ فوجي جٿا موڪلي هنن اصلي رهاڪن جي مار مارا شروع ڪئي ٿي ۽ کين سندن علائقن مان ڀڄائي ڪڍيو ٿي. اوڻھين صديءَ جي اڌ تائين يعني 1850ع تائين، گهڻي ڀاڱي آمريڪا ۾ رهندڙ اصلي باشندا مري کپي ويا يا يورپين جي ڪالونين کان گهڻو پري ڪُنڊن پاسن ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي.
1776ع ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ يورپين، جيڪي آمريڪا جي ’نيو انگلينڊ‘ واري ريجن ۾ رهيا ٿي ۽ جن تي برطانيا جي سلطنت لنڊن کان حڪومت ڪئي ٿي، انهن پنھنجي خودمختيار هجڻ جو اعلان ڪيو. سندن سوڀ ٿي ۽ هُنن رياستن جو گڏيل ملڪ ’Union of States‘ ٺاهيو ۽ پنھنجو نئون آئين تيار ڪيو.
نئين آئين ۾ جيتوڻيڪ اهو لکيو ويو ته، ’سڀ ماڻهو برابر خلقيا ويا آهن‘ پر حقيقت اها ئي هئي ته نئين جنم وٺندڙ ملڪ ۾، لکھا غلام رهيا ٿَي، جن غلاميءَ جي زندگي بسر ڪئي ٿَي.

آمريڪا ۾ هلندڙ غلاميءَ جي زندگي...

آمريڪا ۾ هلندڙ غلاميءَ جي زندگي...

غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙجي جيڪي آفريڪا جا شيدي، وهٽن وانگر اتان پاڻيءَ جي جھازن ۾ چاڙهي، وڪري لاءِ آمريڪا کنڊ ڏي موڪليا ويا ٿي، ان جو سلسلو 1619ع کان شروع ٿي ويو هو. آفريڪا کان ائٽلانٽڪ سمنڊ ٽپي، ڍور ڍڳن جيان وڪري لاءِ آمريڪا کنڊ جي ڌرتي تي جيڪي پھتا، انهن ۾ ڏيڍ ڪروڙ اهي انسان هئا جن کي مڪاني سردارن ذريعي اغوا ڪري هتي پھچايو ويو هو. اهو سلسلو ٻه اڍائي صديون هلندو رهيو. ان جو تفصيلي احوال پنھنجي آفريڪي سفرنامي ’زنجبار جھنگٻار‘ ۾ ڏئي چڪو آهيان.
1860ع تائين آمريڪا ۾ شيدي غلامن جو تعداد چاليھه لکن جي لڳ ڀڳ هو، جن مان گهڻا تڻا آمريڪا جي ڏاکڻين رياستن ۾ هئا، جن کان يورپي جاگيردارن ۽ ڪارخانيدارن ڳَنَي، ڪپھه ۽ تماڪ جي پوک جو ڪم مفت ۾ ورتو ٿي. انهن شيدي غلامن ئي آمريڪا جي گاديءَ وارو شھر واشنگٽن ۽ وائيٽ هائوس ٺاهيو.
جڏهن ابراهام لنڪن 1861ع ۾ آمريڪا جو صدر ٿيو ته قوم کي اهو بحث ڪندي وڏو عرصو ٿي چڪو هو ته آيا آمريڪا ۾ غلامي قائم رکجي يا ان تي بندش لڳائڻ کپي. لنڪن غلاميءَ کي ٻنجو ڏيڻ چاهيو ٿي. اتراهن رياستن ۾ رهندڙ ماڻهن جي وڏي انگ لنڪن جي راءِ کي مڃيو ٿي ته غلامي بند ٿيڻ کپي. پر ڏاکڻين رياستن جي ڪيترن ماڻهن ان جي مخالفت ڪئي، جو هنن جي پوک ۽ ان سان وابسته ڪارخانن جو دارومدار انهن مفت جو پورهيو ڪندڙ غلامن تي هو. آخرڪار جيئن مٿي لکي چڪو آهيان ته يارهن ڏاکڻين رياستن جن ’ڪنفيڊريشن اسٽيٽس آف آمريڪا‘ نالي الڳ ملڪ ٺاهيو، انهن اتراهن 23 رياستن جي مخالفت ڪئي، جن Union ۾ قائم رهڻ چاهيو ٿي. نتيجي ۾ 12 اپريل 1861ع تي خانه جنگي ’آمريڪن سول وار‘ شروع ٿي. هن لڙائيءَ ۾ اتر وارين رياستن جي سوڀ ٿي ۽ 250 سالن کان قائم ٿيل غلاميءَ جو خاتمو ٿيو.
غلاميءَ جو خاتمو ته ضرور ٿيو، پر اڄ تائين نسل پرستيءَ (Racism) جو خاتمو ٿي نه سگهيو آهي. اڄ به ڪارو ماڻهو احساس ڪمتريءَ ۾ رهي ٿو ۽ هن کي اهي سھولتون نٿيون ملن، جيڪي گَورَن کي ملن ٿيون. ڪالهه جي غلامن جو اولاد اڄ به برابريءَ جا حق حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪندو رهي ٿو.
آمريڪا جي خانه جنگيءَ بعد، يو ايس اي اولھه وارين رياستن ڏي وڌڻ شروع ڪيو ۽ 1890ع تائين مغربي حصي جون سڀئي رياستون USA ۾ اچي ويون. آمريڪا جي هن وڌڻ واري دور ۾ آمريڪا (USA) جي آدمشماري 1800ع ۾ پنج ملين (يعني اڌ ڪروڙ) مان وڌي 1900ع ۾ 80 ملين يعني 8 ڪروڙ ٿي وئي. 1900ع وارا شروع جا سال آمريڪا جي ترقي جا ساريا وڃن ٿا. 1900ع ۽ 1915ع جي وچ ۾ اٽلي، روس ۽ پولينڊ کان اٽڪل 15 ملين اميگرنٽ مختلف پورهين ۽ ڌنڌن ذريعي روزگار ڪمائڻ لاءِ آمريڪا کنڊ جي هن ملڪ USA ۾ رهائش لاءِ آيا. هي جيڪي نوان شھري ٿيا انهن گهڻو تڻو سون جي کاڻين ۽ گارمينٽ (ڪپڙن ٺاهڻ جي فئڪٽرين) ۾ ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏني ٿي. ان کان علاوه يورپ کان آيل ڪيترن اميگرنٽن هن نئين ملڪ جي ريلوي ۽ ڪئنالن تي پڻ ڪم ڪيو ٿي. ان کان علاوه يورپ جي مختلف ملڪن کان آيل نوجوان اميگرنٽ هن نئين ملڪ ۾ نيون Ideas ۽ ثقافت آندي.
ويھين صدي انڊسٽريءَ جي واڌاري جي به ضامن آهي. موٽرڪارن ۽ هوائي جھازن جي ٺھڻ تي ماڻهن کي انهن جي ڪارخانن ۾ نوڪريون مليون. انهن کي ڏسي يورپ کان ٻيا به اچڻ لڳا ۽ ڪيترا اڳ جا آيل جيڪي پوک جي ڪم پٺيان ٻھراڙيءَ ۾ رهيل هئا، انهن شھرن ڏي رخ رکيو، جتي فئڪٽريون ۽ ڪارخانا هئا.
ترقيءَ سان گڏ گڏ آمريڪا ۾ ڏکيا ڏينھن به آيا. يو ايس اي برطانيا، فرانس، روس، اٽلي، رومانيا ۽ جپان سان گڏجي جرمني، آسٽريا، هنگاري، بلغاريا ۽ سلطنتِ عثمانيا (ترڪي) وارن سان جنگِ عظيم اول ۾ مقابلو ڪيو. ان بعد آمريڪا کي گريٽ ڊپريشن جي شڪل ۾ ڇيھو رسيو ۽ 1930ع ۾ سندس ايڪانامي وڃي تري سان لڳي.
1940ع ۾، ان وقت جي صدر ’فرئنڪلن روزويلٽ‘ ملڪ کي معاشي مشڪل مان ڪڍي مٿڀرو ڪيو، ته ٻي جنگ عظيم شروع ٿي وئي. آمريڪا پاڻ کي هن جنگ کان پري رکڻ ٿي چاهيو، پر جپانين جي ’پرل هاربر‘ تي حملي ڪرڻ تي، آمريڪا به هن لڙائيءَ ۾ ٽپي پيو. ناگاساڪي ۽ هيروشيما تي بم ڪيرائڻ تي نه رڳو جنگ ختم ٿي وئي پر دنيا آمريڪا جي طاقت ۽ ٽيڪنالاجيءَ تي حيرت کائڻ لڳي!

پرل نديءَ جي ڪناري تي ڪئنٽين

پرل نديءَ جي ڪناري تي ڪئنٽين
ڪامارو شريف کان ڪئليفورنيا ۽ مشيگن...

هُو ڇا چوندا آهن انگريزيءَ ۾ ته، ’This world is very small‘ يعني هيءَ دنيا جيڪا هُونءَ ته کڻي تمام وڏي آهي، جنھن ۾ انيڪ ملڪ آهن ۽ هر ملڪ تمام وڏو آهي پر ان متل ميلي ۾ ڪڏهن وڏو عرصو گم ٿي ويل ماڻھن سان ملاقات ٿيو وڃي يا ڪي اهڙيون ڳالھيون رونما ٿيو پون جو حيرت ٿئي ٿي.
مون کي 1960ع واري ڏهاڪي جا آخري سال ياد ٿا اچن، جڏهن مون تعليم ختم ڪري سامونڊي نوڪريءَ جي شروعات ڪئي. جنھن پھرين جھاز تي مون کي رکيو ويو اهو ڏور اوڀر جي ملڪن جي ڪجهه بندرگاهن مان ٿي وري هوم پورٽ يعني ڪراچيءَ موٽي آيو. انھن ڏينھن ۾ اڄ وارو بنگلاديش پاڪستان جو اوڀر وارو حصو هو ۽ اتي جو بندرگاهه چٽاگانگ ۽ مغربي پاڪستان جو بندرگاهه ڪراچي اسان جي جھاز لاءِ هوم پورٽ هئا. ڪنھن به پاسي ويندا هئاسين ته اسان جي جھازران ڪمپنيءَ جي اها ڪوشش هوندي هئي ته واپسيءَ تي گهٽ ۾ گهٽ هڪ هوم پورٽ لاءِ ڪارگو (سامان) ملي، جيئن هوم پورٽ ۾ پھچڻ يا موڪلن تي وڃڻ وارا گهر وڃي سگهن. پھرين جهاز جي ننڍڙي ۽ ويجهن بندرگاهن واري سامونڊي سفرن بعد منھنجي جنھن جھاز تي بدلي ٿي، اهو يورپ روٽ تي هليو ٿي يا آمريڪا ۽ ڪئناڊا واري روٽ تي.
گهر کان پري ٻاهرن ملڪن ۾ پنھنجي هم وطنين سان ملڻ تي ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي. ويتر جي ڪو سنڌي ڳالھائڻ وارو ملي ويندو هو ته مون کي اڃا به وڌيڪ خوشي ٿيندي هئي، جو سڄي جھاز تي سنڌي ڳالھائڻ وارو آئون اڪيلو هوندو هوس. انگلنڊ جا ئي بندرگاهه هوندا هئا، جتي اردو ۽ پنجابي ڳالھائڻ وارن سان گڏ ڪو ڪو سنڌي ڳالھائڻ وارو به ملي ويندو هو. هي اهو زمانو هو جو عام طور اسان جي ملڪ جا سنڌي ته بنهه نظر نه ايندا هئا، البت پنجاب جا ماڻھو ۽ ڪجهه پٺاڻ پڻ، انگلنڊ کان علاوه يورپ جي ملڪن ۾ نظر ايندا هئا سي به ڏکڻ يورپ جي ملڪن فرانس، جرمني، اٽلي، بيلجم ۽ اسپين جهڙن ملڪن ۾. اتراهن ملڪن سئيڊن، فنلينڊ، ناروي جھڙن ٿڌن ملڪن ۾ ته ڄڻ ’ڪُڪڙون ڪُون‘ لڳي پئي هوندي هئي. اتي هجن به ڇو؟ جڏهن انگلنڊ ۽ ٻين ڏاکڻن ملڪن ۾ آسانيءَ سان نوڪريون ۽ شھريت (پاسپورٽ) ملي ويو ٿي ته ناروي ۽ سئيڊن جھڙن برفاني ٿڌن ملڪن ڏي ڪهڙو چريو ويندو؟
اهڙي طرح آمريڪا جي بندرگاهن، نِيُواورليَنس، بالٽِيمور، فلاڊلفيا، هيُوسٽن، پورٽ آرٿر ۾ ڳولڻ سان ڪو سنڌي ته نه، پر پاڪستان جي ڪنھن ٻئي صوبي جو به ورلي ڪو نظر آيو ٿَي. مون کي ٽي چار سال انھن جھازن تي رهڻو پيو جيڪي ڪئناڊا جي ’سينٽ جان‘ کان هيٺ ڪيوبا، ٽباگو، ٽرنيڊاڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي ٻين ٻيٽن ڏي ويا ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ڏکڻ آمريڪا جي برازيل، ڪولمبيا، وينزوئلا جھڙن ملڪن جي بندر گاهن ڏي پڻ ويا ٿي.
آمريڪا کنڊ جي اوڀر واري سڄي ڪناري تي هڪ نيويارڪ اهڙو بندرگاهه هو جتي اسان جا پاڪستاني مليا ٿي ۽ ڪجهه سنڌي پڻ جن ۾ منھنجو پيٽارو جو دوست، ٽنڊو قيصر جو نُور احمد نظاماڻي پڻ هو، جنھن جي معرفت ٻين سان به ڄاڻ سڃاڻ ٿي. نظاماڻي وارا هڪ فلئٽ ۾ رهندا هئا. ساڻس گڏ جُهڏي جو مير مبارڪ ٽالپر، سنڌ يونيورسٽيءَ جي وي سي نذير مغل جو ڀاءُ بشير مغل پڻ رهيا ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ٽنڊو جان محمد جو يوسف ڏاهري ۽ بابو ڏاهري به اتي ايندا هئا. اڄ ڪلهه ٽنڊو جان محمد جي ڏاهرين جو اولاد ۽ ٻيا ڪيترائي سنڌي ٽيڪساس رياست جي شھر هيُوسٽن ۾ رهن ٿا، پر انھن ڏينھن ۾ يعني 1960ع ۽ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ايڏانھن ٽيڪساس، فلوريڊا، ليوزيانا پاسي ڪو نظر نٿي آيو. مون کي نيويارڪ گهمڻ کان وڌيڪ پنھنجي هم زبان وارن سان ڪچھري ڪرڻ ۽ حال احوال وٺڻ ۾ مزو ايندو هو.
انھن ڏينھن ۾ آمريڪا ۾ اڄ وانگر پاڪستاني کاڌن جون هوٽلون نه هيون. ان ڪري جيترا ڏينھن اسان جو جھاز نيويارڪ يا ڀرواري بندرگاهه ’نيوارڪ‘ (نيوجرسي) ۾ لنگر انداز هوندو هو ته سڀني يارن جي مانيءَ جو بندوبست اسان جي جھاز تي هوندو هو. اسان جي جھاز تي پاڪستاني بورچي هجڻ ڪري، هر وقت پنھنجي ملڪ جا کاڌا ويندي چپاتيون ۽ نانَ به ٺھندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن آئون، نُور احمد نظاماڻيءَ وارن جي فلئٽ ۾ رهي پوندو هوس ته نُور احمد پاڻ يا اسان وارو مائٽ (منھنجي نانيءَ جو ڀائٽيو بشير مغل) ڪنھن يھوديءَ جي دڪان تان گوشت وٺي ٻوڙ يا قيمون ٺاهيندو هو. انھن ڏينھن ۾ عرب، ايراني، اسان ۽ ٻيا مسلمان يھودين جي ذبح ڪيل ڍڳي، ٻڪري جي گوشت کي حلال سمجهندا هئاسين، جيڪو ’ڪوشر‘ سڏجي ٿو. ان وقت جي مقامي مُلن توڙي مصر جي مولوين کان مليل فتوائن موجب يھودين جي دڪانن تي ملندڙ ڪوشر گوشت حلال سمجهيو ويو ٿي، پر پوءِ اختلافِ راءِ ٿي پئي ۽ هاڻ ته مسلمانن جا دنيا جي هر شھر ۾ ايترا حلال گوشت جا دڪان ٿي پيا آهن جو ’ڪوشر‘ جي ڪو ڳالھ نٿو ڪري.
اتي ئي نيويارڪ ۾ حيدرآباد جي ’عبدالرزاق شيخ‘ جو ’شالامار‘ نالي دڪان هو. ’مير مبارڪ ٽالپر‘ ۽ بعد ۾ حيدرآباد کان آيل ’سھڻي‘ رسالي جي ايڊيٽر ’طارق اشرف‘ جي هڪ مائٽ ’سليم شاهه‘ ۽ ان جي گهرواري پروين شاهه، ان دڪان تي ڪم ڪيو ٿَي. شالامار دڪان ڀرسان ڪولمبيا يونيورسٽي هئي ۽ هن دڪان تان گهڻو ڪري يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻين خريداري ڪئي ٿي خاص ڪري سنڌي ۽ بلوچي ڊريسون. وچ ۾ پاڪستاني فلم ائڪٽر ڪمال جون موڪليل جئڪيٽون به رکيون ويون هيون ۽ پاڻ به چڪر تي ايندو هو. ان کان علاوه 1970ع واري ڏهاڪي ۾ هالا جو وڪيل عبداللطيف انصاري به نيويارڪ ۾ اچي رهيو ۽ شالامار دڪان تي مچيل ڪچھريءَ ۾ شامل هوندو هو. هُو نوڪري ڪنھن عطر جي ڪمپنيءَ ۾ ڪندو هو.
نور احمد نظاماڻيءَ وارن جو فلئٽ نه فقط سھڻو هو پر نيويارڪ جي اُوچي علائقي ۾ هو، جتي گهمڻ لاءِ ايندڙ ڪيتريون ئي سنڌ جون وڏيون شخصيتون مھمان طور اچي رهيون ٿي. پير جهنڊي جي پير فضل الحق راشدي، مخدوم امين فھيم ۽ ٻين ڪيترن سان منھنجيون اتي ملاقاتون ٿيون. مھمان نوازيءَ جا فرض گهڻو ڪري شالامار دڪان جو مالڪ عبدالرزاق شيخ ادا ڪندو هو. هڪ شخص جنھن جي مون سڀني واتان تعريف ٻڌي پر ان وقت ملاقات نه ٿي سگهي، اهو ڪامارو شريف جو پير عبدالحميد قريشي هو. بس اتفاق اهڙو ٿيو جو هن جي نيويارڪ ۾ هجڻ وارن ڏينھن ۾ منھنجو جھاز ڪئناڊا پاسي يا ويسٽ انڊيز هليو ويندو هو يا ته وري يورپ کان وڃي نڪرندو هو. نه فقط نُور احمد نظاماڻي ۽ مير مبارڪ ٽالپر پر انھن کان به وڌيڪ عبدالرزاق شيخ، پير عبدالحميد قرشي ۽ پير فضل الحق راشدي جي تعريف ڪندو هو. مون کي پير عبدالحميد صاحب سندن ڳوٺ ’ڪامارو شريف‘ جي ڪري اڄ به ياد رهندو اچي.
جيسين ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي عمارت ٺھي راس ٿئي، تيسين اسان شروع جي ٻن بئچن ميرپورخاص جي هڪ ڪاليج جي عمارت جي هڪ حصي ۾ تعليم حاصل ڪئي. حيدرآباد کان ميرپورخاص ويندي ٽنڊوالھيار بعد ڪامارو شريف ريلوي اسٽيشن اڄ به ياد آهي. ٽنڊوالھيار ۾ رهندڙ منھنجي ڪئڊٽ ڪاليج جي دوستن محمد عالم هاليپوٽي ۽ عبداللطيف دائودپوٽي وارن سان ڪامارو شريف ۾ هنن پيرن جي درگاهه تي به گهمڻ لاءِ آيا هئاسين. هتي اهو به لکندو هلان ته سنڌ جي پيرن ۾ ڪجهه اهڙا به آهن جن پنھنجي اولاد پٽن توڙي ڌيئرن کي تعليم ڏياري، جيئن مٽيارن جا ڄاموٽ آهن جن مان ڪيترا ته ڪئڊٽ ڪاليج مان به پڙهيا، بلڪ ’ڪئڊٽ ڪاليج‘ پيٽارو ۽ حسن ابدال نه ٺھيو هو ته ان کان اڳ هُو لاهور جي ’ايچيسن ڪاليج‘ مان پڙهيا. اهڙي طرح هي ڪامارو شريف جا پير آهن، جن اڄ جي دستور موجب اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ جھڙي تھڙي بي اي سا به ٻين جي معرفت ڊگري حاصل نه ڪئي، پر علم خاطر صحيح طرح تعليم حاصل ڪئي. ڪامارو شريف جي پيرن ۾ توهان کي ڪيترائي ڊاڪٽر، انجنيئر، پروفيسر، پوليس آفيسر ۽ اعليٰ تعليم يافته ملندا. اها اهڙي شئي آهي، جيڪا اسان جي ٻين پيرن، ميرن، وڏيرن، سردارن کي فالو ڪرڻ کپي... بلڪ ڪوشش ڪري هنن کي فوج ۾ وڃڻ لاءِ به ترغيب ڏيڻ کپي، جيئن هُو سخت جان ۽ ڊسيپلينڊ ٿين. جيئن پنجاب ۽ سرحد ۾ آهي، جيئن انگلنڊ ۽ فرانس ۾ شاهي خاندان پنھنجي ٻارن تي ان معاملي ۾ ڌيان ڏين ٿا.
ڪامارو شريف جي پيرن مان پڙهيل ڳڙهيل نوجوانن مان ڪجهه جا نالا جيڪي هن وقت ڌيان ۾ اٿم، سي آهن: ڊاڪٽر پير محمد علي قريشي، ڊاڪٽر محمد غوث قريشي، ڊاڪٽر پير عبدالحفيظ قريشي، ڊاڪٽر پير عبداللطيف قريشي جيڪو اسريٰ يونيورسٽي ۾ هڏن جو ماھر ڊاڪٽر آھي، سندن والد مرحوم ڊاڪٽر پير عبدالجليل قريشي صاحب وڏو نالو ڇڏي ويو، جڏهن ته سندن هڪ ڀيڻ ڊاڪٽر مصباح بِيبِي، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آهي ۽ ’وومين اسٽڊيز ڊولپمينٽ سينٽر‘ جي ڊائريڪٽر پڻ آهي. ڊاڪٽر پير عبدالحي قريشي، ڊاڪٽر پير اويس ۽ ڊاڪٽر پير معروف قريشي... ايڊيوڪيشن ۾ ڪم ڪندڙ پير محمد بشير، پوليس کاتي ۾ پير عبدالوحيد قريشي ۽ سندس ننڍو ڀاءُ پير عبدالمجيد قريشي، ويندي عبدالرزاق شيخ جو دوست ۽ 1960ع جي ڏهاڪي ۾ هن وٽ نيويارڪ ايندڙ پير عبدالحميد قريشي، جنهن بعد ۾ پوليس مان ائڊيشنل آءِ جي ٿي رٽائرڊ ڪيو. هُو اڄ ڪلهه 87 کن ورهين جو ٿيندو ۽ حيدرآباد جي حسين آباد واري علائقي ۾ رهي ٿو. بھرحال جتي اسان جي ڪيترن ئي پيرن جا ٻار تعليم ۾ دلچسپي نٿا وٺن، اتي ڪامارو شريف جا پير انھن چند گادين مان آهن، جن وٽ تعليم کي اهميت ڏني وڃي ٿِي ۽ نه فقط مرد پر عورتون به تعليم يافته ۽ وڏين نوڪرين ۾ آهن. اسان جي ڳوٺ جو اديب و شاعر، سوشل ورڪر ’نظام ڪاڪا‘ جي، جنھن جو مرحوم ڀاءُ لکمير ڪاڪا صاحب ٽنڊو الھيار ۾ 22 سال ٽيچر ٿي رهيو ۽ نظام ڪاڪا جو به تقريبن هر هفتي ٽنڊو الهيار وڃڻ ٿئي ٿو، ڪامارو شريف جي پيرن بابت ڳالھائيندي چيو ته، ”هي اهي پير آهن جيڪي سياست کان پري آهن. ڪامارو شريف جا پير شرافت جا مڪمل مجسما آهن. هنن کي هر وقت پنھنجي اوڙي پاڙي جي ماڻھن جو خيال رهي ٿو... هُو نيڪ ۽ پرهيزگار آهن.“
اهي ئي ڳالھيون مون 50 سال اڳ نيويارڪ ۾ سائين عبدالرزاق شيخ، جهڏي جي مير مبارڪ ٽالپر، ٽنڊو جان محمد جي ڏاهري ڀائرن ۽ ٽنڊو قيصر جي نُور احمد نظاماڻي، جيڪي آمريڪا ۾ رهيل هئا، انھن کان ٻُڌيون ۽ منھنجي هميشه اها حسرت رهي ٿي ته پڙهندڙن جي اتساهه ۽ ڄاڻ لاءِ ’ڪامارو شريف‘ جي پيرن بابت ڪجهه سِٽُون لکان. مٿي لکي آيو آهيان ته هيءَ دنيا مختصر آهي، جتي ميلي ۾ گم ٿيل وري مليو وڃن... جتي هڪ عرصي بعد ڌيان ۾ آيل ڳالھيون وري اچيو وڃن. ٿورو سوچيو ته مٿين ڳالهه مون اڌ صدي اڳ نيويارڪ ۽ ان جي اوسي پاسي ۾ جھاز هلائيندي سوچي هئي. وقت جي کٽراڳن ۽ مشغولين ۾ ان قسم جي ڳالهه وسري به وئي. ڪامارو شريف جي پير عبدالحميد قريشيءَ جي دوست پير جهنڊي واري پير فضل الحق شاهه راشديءَ تي ته ڪنھن ڪتاب ۾ لکي ڇڏيم، پر ڪامارو شريف جو پير عبدالحميد قريشي ڌيان تان لھي ويو.
مون کي حيرت ٿي ٿئي ته اڄ اڌ صديءَ بعد مون کي هڪ سفرنامو ’پيش لفظ‘ لکڻ لاءِ ٿو ملي، جنھن جو مصنف ٻيو ڪو نه پر ’پير عبدالحميد قريشي‘ صاحب جو ڀائٽيو ۽ ناٺي ’پير تاج محمد قريشي‘ آهي. ڪتاب پڙهان ٿو ته ان جي پھرين ئي چئپٽر ۾ هن پنھنجي چاچي پير عبدالحميد قريشيءَ جو آمريڪا ۾ رهڻ ۽ 1963ع ۾ واپسيءَ تي اتان ڪار وٺي موٽڻ جو ذڪر لکيو آهي. سائينءَ جو نالو پڙهي مون کي حيرت ٿي ان سان گڏ خوشي پڻ. مون يڪدم هن سفرنامي جي ليکڪ پير تاج محمد قريشيءَ کي فون ڪري سائين جو نيويارڪ ۾ رهڻ جي حوالي کان پڇيو. مون کي سائينءَ بابت ائين ٻڌائڻ لڳو ڄڻ هُو منھنجي سائينءَ سان پھريون ڀيرو واقفيت ڪرائي رهيو هجي. پير تاج محمد قريشي (ليکڪ) جو ڄم جو سال 1966ع آهي. مون کيس کِلندي چيو ته، ”توهان ٻن سالن جا هئا ته مون توهان جي چاچي بابت ٻڌو ۽ دوستن کان ايڏي تعريف ٻڌي، جو هن تي مون write up لکڻ چاهيو ٿَي. ان وقت نيويارڪ جي دوستن جي ٽولي جا نالا ورتم ته هُو وائڙو ٿي ويو.“ افسوس جو عبدالرزاق شيخ ٻه سال اڳ، نُور احمد نظاماڻي ٽي سال اڳ ۽ انھن کان اڳ مير مبارڪ ٽالپر، يوسف ڏاهري ۽ بابو ڏاهري، پير فضل الحق، ويندي مخدوم امين فھيم هي جھان ڇڏي ويا آهن. نيويارڪ واري ٽولي مان هڪ پير صاحب حيدرآباد ۾ ۽ ٻيو آئون ڪراچيءَ ۾ زندگيءَ جا آخري ڏينھن گذاري رهيا آهيون. مون ۾ هاڻ لکڻ جي به اها همت نه رهي آهي، پر خبر ناهي ڪيئن سائين تاج محمد جي پھرئين فون جي پھرئين جملي تي هائوڪار ڪري ويٺس ۽ سفرنامو پڙهي پراڻا ڏينھن ياد ڪرڻ ۾ لڳي ويو آهيان.
شروع جي ڏينھن ۾ ائين هوندو هو يعني گذريل صديءَ ۾ اسان ٻاهرين ملڪن مان ٿي، پوءِ اتي جو حال احوال سفرنامي جي صورت ۾ لکندا هئاسين. ڪنھن ڏورانھين ملڪ ۾ ڪو هم وطني ڏسندا هئاسين ته حيرت مان هن بابت لکندا هئاسين. اسان جا هم زبان سنڌي ته بلڪل نه برابر ملندا هئا، جيڪي هئا سي سنڌي هندو واپاري نظر ايندا هئا، جن لاءِ آئون هميشه چوندو آهيان ته وڏا مھم جُو(adventurous) هئا، جيڪي ننڍي کنڊَ جي ورهاڱي کان به گهڻو گهڻو اڳ نه فقط خشڪي رستي بَصري، بَلخ ۽ بُخارا کان وڃي نڪتا پر ڏورانھن ٻيٽن ۽ ملڪن برمودا، بھاما، برازيل ان وقت جي ڪمزور ٻيڙين ۾ پھچي ويا. ڪئناڊا، آئسلينڊ، ناروي ۽ چلي جھڙن قُطبي ۽ ٿڌن ملڪن ۾ ته ڪو سنڌي ڇا پاڪستان جي ڪنھن ٻئي صوبي جو به نظر نٿي آيو، جيتوڻيڪ پنجابي مسلمان، سک ۽ هندو ۽ پٺاڻ انگريزن جي فوج ۽ پوليس ۾ هجڻ ڪري ملايا، هانگ ڪانگ، سري لنڪا، برما، ڪينيا، يوگنڊا جھڙن ايشيائي ۽ آفريڪي ملڪن ۾ جام نظر آيا ٿي.
1970ع واري ڏهاڪي کان پوءِ آهستي آهستي پنجابي ۽ پٺاڻن کان علاوه عرب، ايراني، عراقي، سومالي، چيني، ويٽنامي، اٿوپين، ٿائي ۽ فلپينو دنيا جي مختلف بندرگاهن ۾ نظر اچڻ لڳا ۽ گذريل صديءَ جي آخري ڏهاڪي 1990ع کان اسان جا سنڌي مسلمان نه فقط ويجهن ملڪن ملائئشيا، سعودي عرب، ٿائلنڊ، مالديپ، سري لنڪا ۽ انگلنڊ ۽ فرانس تائين پر آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ به جام نظر اچڻ لڳا. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ به ڪئناڊا اسان جي ماڻھن کان خالي خالي هوندو هو. اسان چوندا هئاسين ته هھڙن ويران، سنسان، ٿڌن ۽ ٿر جھڙن خاموش ملڪن ۾ ڪير رهندو؟ اسان پنھنجي ملڪ ۾ خوش هئاسين، جتي هر قسم جي ڀاڄي ۽ ميوو ٿي مليو. اناج ۽ ڪپڙو لَٽو سستو هو، امن امان هو... رات جو ٻارهين بجي جھاز ڪراچيءَ ۾ لنگر ڪيرائيندو هو ته به نه فقط اسين پر ڌارين ملڪن جا جھازران به صدر، کارادر ۽ ڪياماڙي ڏي نڪري پوندا هئا. رات جو ٽين بجي تائين هوٽلون کُليل هونديون هيون، امن امان هوندو هو ۽ جڏهن امن امان هجي، صفائي سٿرائي هجي، دوا درمل ۽ اسپتالون هجن، تعليمي درسگاهه اهڙا سٺا هجن جو ڌارين ملڪن جا شاگرد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ جي NED ۽ DOW ڪاليجن ۾ ڇا سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اچن. کاڌي پيتي جون شيون بنا ملاوٽ جي ۽ سستيون هجن.
1960ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن مون سامونڊي نوڪري شروع ڪئي ته ڊالر جي قيمت 4 روپيه يعني اسان جو روپيو مضبوط هو. اسان جي روپئي سان گڏ اسان جي ماڻھوءَ جو مانُ به مٿاهون هو، پر پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي اسان جي ملڪ جي ترقيءَ جو گراف ويو هيٺ ڪرندو... تعليم توڙي روزگار لاءِ ماڻھن کي مجبورن پنھنجو ملڪ ڇڏڻو پيو. هُونءَ اسان سنڌي خاص ڪري مسلمان، ٻاهر نڪرڻ جي معاملي ۾ سست ثابت ٿيا آهيون پر اسان به اهو ئي ڏٺو ته ’ڦول وه سر چڙها، جو چمن سي نڪل گيا‘، يا کڻي چئجي ته اهو محسوس ڪيو ته حرڪت ۾ برڪت آهي. اڄ ڪئناڊا جھڙن ڏکين ملڪن ۾ به اسان جا ماڻھو نظر اچن ٿا ۽ فقط اهو چوڻ ته سنڌي رهن ٿا ڪافي نه ٿيندو... ڪير آهي جيڪي نٿا رهن؟ توهان کي ڏيپلي جي ميمڻن ۽ پاٽ ۽ بوبڪن جي قريشين، جوڻيجن، انصارين ۽ قاضين کان وٺي ڏاهري، نظاماڻي، ٽالپر، جتوئي، خاصخيلي، ڳاهوٺي، عباسي ۽ چنا ملندا. هاڻ اسان وٽان ٻاهر وڃي اتي جو سفرنامو لکڻ بدران اتي رهندڙ اسان جا سنڌي، اتي رهي اتي جو سفرنامو لکي رهيا آهن. جيڪي سنڌي اتي رهيل آهن تن جي لکيل سفرنامن ۽ هتان جي چند ڏينھن لاءِ ويندڙن جي سفرنامن ۾ اهو فرق ٿئي ٿو، جو اتي جا رهاڪو وڌيڪ ڄاڻ رکن ٿا، هُو وڌيڪ تفصيل سان لکن ٿا. بھرحال هتي پاڻ ڪامارو شريف جي پير تاج محمد قريشي جي سفرنامي بابت ڳالھائينداسين، هُو اٽڪل ستاويهه سالن کان ٻارن سان آمريڪا ۾ رهي ٿو.
پير تاج محمد 1966ع ۾ حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر پير عبدالجليل قريشيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ڊاڪٽر پير عبدالجليل قريشي صاحب 1961ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان MBBS ڪري ميرپورخاص ۾ پرئڪٽس ڪئي. ڊاڪٽر صاحب جي وڏي پٽ پير غلام محمد قريشي زولاجيءَ ۾ ماسٽرس ڪرڻ کان علاوه وڪالت به پڙهي ۽ ھاڻ مائٽاڻيُون زمينون سنڀالي ٿو. ڊاڪٽر پيرعبدالجليل جا ٽي ٻيا پٽ ڊاڪٽر آهن، جن مان ھڪ ڊاڪٽر پير عبدالحفيظ قريشي، آمريڪا جي رياست ’وِسڪِنسن‘ ۾ نوڪري ڪري ٿو، ڊاڪٽر پير عبداللطيف قريشي، اسريٰ يونيورسٽي ۾ ھڏين جو اسپيشلسٽ آھي. پير عبدالجليل جو ننڍو پٽ ’ڊاڪٽر پير عبدالحي قريشي‘ ميرپورخاص جي ’محمدي ميڊيڪل ڪاليج‘ ۾ آهي. مٿي لکي آيو آهيان ته ڪامارو شريف جي پيرن ۾ تعليم عام آهي ۽ نه فقط مرد پر عورتون به اعليٰ تعليم يافته آهن. پير عبدالجليل جي نه فقط فرزندن يعني اسان جي ليکڪ پير تاج محمد جا نه فقط ڀائر پر ڀينرون به پڙهيل ڳڙهيل آهن، جن مان ٻه ماشاءَالله ڊاڪٽر آهن. هڪ گائناڪالاجسٽ آهي ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ پروفيسر جي عھدي تي ريٽائر ٿي آهي ۽ ٻي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وومين ڊيولمپينٽ سينٽر جي ڊائريڪٽر آهي.
هن سفرنامي جو ليکڪ پير تاج محمد قريشي، پرائمري تائين پنھنجي ڳوٺ ڪاماروشريف ۾ پڙھيو. ھن ’ماڊل اسڪول اولڊ ڪئمپس‘ مان 1983ع ۾ مئٽرڪ ۽ 1985ع ۾ انٽر ڪئي. ان بعد ’سنڌ ڪامرس ڪاليج حيدرآباد‘ مان 1987 ۾ بي ڪام ڪرڻ کان پوءِ ’سنڌ يونيورسٽيءَ‘ مان M.A (ماسٽرس آف آرٽس ان ايڪنامڪس) ۽ MPA (ماسٽرس ان پبلڪ ايڊمنسٽريشن) ڪئي.
پبلڪ ائڊمنسٽريشن ۾ ماسٽرس ڪرڻ بعد پير تاج محمد قريشي ھڪ ٻه سال سنڌ يونيورسٽيءَ جي ’پبلڪ ائڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ‘ ۾ ريسرچ فيلو طور پڙھائڻ کان پوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ 1994ع ۾ پنھنجي خرچ تي بنا ڪنھن سرڪاري يا غيرسڪاري اسڪالرشپ وغيره جي آسري آمريڪا هليو آيو ۽ ڪئليفورنيا رياست جي شھر برڪلي جي يونيورسٽيءَ مان MBA فائننس ۾ ڪئي. جنھن کان پوءِ بزنس ائڊمنسٽريشن جي فيلڊ مارڪيٽينگ ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما ڪيو. ڪجھ سال مختليف ادارن ۾ نوڪري ڪرڻ کان پوءِ 2004ع کان بزنس ٽئڪس ۽ اڪائونٽنگ جي ڪنسلٽينگ جو پنھنجو ڪاروبار ’مشيگن‘ ۾ ڪيو ۽ اڄ تائين هُو ٻارن سان هن رياست (Michigan) جي هڪ شھر ’وارن‘ (Warren) ۾ رهي ٿو. ’وارن‘ ڪو وڏو شھر ناهي. ان جي آدمشماري ٻه لک مس آهي، پر بيحد خوبصورت آهي. هُونءَ به مِشيگن، وِسڪنسن، الينوئس وچ مغربي آمريڪن رياستن جي سونھن پنھنجي نموني جي آهي. هي رياستون اتر ۾ ڪئناڊا جي بارڊر وٽ آهن، جنھن ڪري هتي ڪافي ٿڌ رهي ٿي. ٿڌ کان ڀڄڻ وارا گهڻو ڪري ٽيڪساس جھڙين ڏاکڻين رياستن ۾ رهن ٿا، جتي جي موسم ملتان ۽ بھاولپور جھڙي آهي يا وري اسان جي ملڪ جا گهڻا ماڻھو توهان کي نيويارڪ ۽ ان جي ڀر وارين رياستن ۾ ملندا، ڇو جو شروع جي ڏينھن ۾ ڪراچيءَ کان هوائي جهاز جون اڏامون نيويارڪ ئي آيون ٿي يا ڪئليفورنيا. ان ڪري توهان کي ڪيترائي پاڪستاني، انھن ڏينھن ۾ ڪئليفورنيا رياست جي وڏي شھر لاس اينجلس ۽ گادي واري شھر ’ساڪرامينٽو‘ (Sacramento) ۾ ملندا. ڪيترا ته نيويارڪ پاسي جا رهندڙ بشير مغل جھڙا بعد ۾ ساڪرامينٽو (ڪئليفورنيا) لڏي ويا، جو هنن کي روزگار لاءِ اتي بھتر حالتون لڳيون. هاڻ ته اسان جي ملڪ جا آمريڪا جي هر رياست ۾ نظر اچن ٿا، پر شروع ۾ نيويارڪ ۽ لاس اينجلس جو PIA جو ساڳيو ڀاڙو ۽ پاڪستان سان ملندڙ موسم هجڻ ڪري، اسان جي ماڻھن جو رخ ان طرف وڌيڪ رهيو ٿي. هُونءَ ڪو نيويارڪ ۽ لاس اينجلس، شھدداپور ۽ ٽنڊو آدم وانگر ويجها شھر يا ريلوي اسٽيشنون نه آهن. نيويارڪ کان لاس اينجلس 2800 ميل يعني 4000 کن ڪلوميٽر آهي ۽ باءِ ڪار 50 ڪلاڪ لڳن ٿا. نيويارڪ آمريڪا (USA) جو اوڀر وارو شھر ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي آهي ته لاس اينجلس بلڪل اولهه طرف پئسفڪ سمنڊ جي ڪناري تي آهي.
اسان پاڻيءَ واري جھاز ذريعي آفريڪا يا يورپ کان آمريڪا ايندا هئاسين ته اسان کي نيويارڪ، بالٽيمور، فلاڊلفيا، نِيُواورلينس، ميامي جھڙا شھر ويجها لڳا ٿَي، جيڪي ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي آهن. باقي جپان جيڪو پئسفڪ سمنڊ ۾ آهي، اتان آمريڪا لاءِ سامان کڻندا هئاسين ته پوءِ لاس اينجلس، وئنڪوئر، ٽاڪوما، سيئٽل، اوڪ لئنڊ، سان ڊياگو، سان فرانسسڪو ۽ پرنس روپرٽ جھڙا آمريڪي ۽ ڪئناڊين بندرگاهه ويجها پيا ٿَي، جو اسان کي ٻيا سمنڊ لتاڙڻ بدران هڪ ئي سمنڊ پئسفڪ اُڪرڻو پيو ٿَي، جنھن جي هڪ ڇيڙي تي جپان جا بندرگاهه آهن ته ٻئي تي آمريڪا ۽ ڪئناڊا جا مٿيان بندرگاهه.
جپان کان آمريڪا جي مٿئين ڪنھن بندرگاهه تي پھچڻ جو ٻيو به رستو آهي. اهو آهي جپان کان پاڪستان ڏي اچي ’ڪيپ آف گُڊ هوپ‘ وٽ پھچي، هندي وڏي سمنڊ مان ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ. آمريڪا کنڊ جي پاناما ملڪ وٽ پھچي ان ملڪ ۾ کوٽايل پاناما ڪئنال مان آمريڪا جي ٻئي پاسي يعني پئسفڪ وڏي سمنڊ ۾ پھچي، اسان لاس اينجلس يا وَئنڪُوئر وغيره پھچي سگهون ٿا، پر ظاهر آهي اهو وڏو رستو ٿيندو ۽ رستي تي ڏکڻ چيني سمنڊ، هندي سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ پنھنجي بگڙيل فطرت ڪري جھازن ۽ انھن کي هلائڻ وارن جي بَيخَ ڪڍيو ڇڏين.
اسان جي ليکڪ پير تاج محمد قريشيءَ جو هي آمريڪا (USA) ۽ ڪئناڊا بابت احوال وڌيڪ Enjoy ڪرڻ لاءِ پڙهندڙن لاءِ آمريڪا کنڊَ جي ٿوري گهڻي ڄاڻ رکڻ ضروري سمجهان ٿو، جيڪي ماڻھو آمريڪا ۾ رهن ٿا اهي ته ڀلي ڀت واقف آهن پر آمريڪا کان اڻ واقف ان بابت مونجهاري جو شڪار رهن ٿا. ان ڪري هتي آئون مختصر طور آمريڪا بابت ڪجهه لکڻ چاهيان ٿو.
دراصل اسان جي ملڪ ۾ جڏهن اسان آمريڪا جي ڳالهه ڪريون ٿا ته هڪ عام ماڻھو ان جو مطلب USA سمجهي ٿو، پر ائين ناهي! آمريڪا يڪي کنڊَ جو نالو آهي، جنھن ۾ اتر آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا کنڊَ اچي وڃن ٿا، جيڪي وچ تي ڌرتيءَ جي هڪ سنھي پٽيءَ ذريعي ملن ٿا. اها زمين جي پٽي وچ آمريڪا سڏجي ٿي. ان پٽيءَ ۾ به ڪيترائي ملڪ اچيو وڃن، جيئن ته ميڪسيڪو، گئاٽمالا، هونڊرس، نڪراگئا، ايلسَلواڊور، ڪاسٽاريڪا، بيليز ۽ پاناما. انھن سڀني ملڪن جي پکيڙ 5,22,000 چورس ڪلوميٽر آهي.
آمريڪا کنڊ جو هيٺيون حصو يعني ڏکڻ آمريڪا 18 کن ملين چورس ڪلوميٽر آهي جنھن ۾ برازيل، ڪولمبيا، ارجنٽائنا، پيرو، وينزوئلا، چلي، اڪئڊار، بوليويا وغيره ملڪ اچي وڃن ٿا. اسان وٽ جڏهن آمريڪا جي ڳالهه نڪري ٿي ته اسان جو مطلب هميشه اتر آمريڪا سان رهي ٿو جنھن ۾ يو ايس اي ۽ ڪئناڊا ملڪ آهن. جيئن سنڌين جي ائسوسيئيشن SANA جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ان ۾ نه فقط USA پر ڪئناڊا جا سنڌي به اچي وڃن ٿا يا پانا پيٽارين ائسوسئيشن آهي. هُونءَ ڪئناڊا ۽ USA اهڙا ملڪ آهن جن ۾ ڪافي هڪجھڙايون آهن ۽ انھن ملڪن جي رهاڪن جو هڪ ٻئي ڏي اچڻ وڃڻ گهڻو آهي. ڏکڻ ۽ وچ آمريڪا جي ملڪن ۾ گهڻي ڀاڱي اسپيني ۽ پورچوگالي ٻوليون ڳالھايون وڃن ٿيو ۽ نارٿ آمريڪا (يو ايس اي ۽ ڪئناڊا) ۾ انگريزيءَ کان علاوه ڪجهه هنڌن تي اسپيني ۽ فرينچ به هلي ٿي.
پڙهندڙن کي اها ڳالهه سمجهڻ کپي ته يو ايس اي جنھن ۾ 50 رياستون آهن ڪو ننڍو ملڪ ناهي. ڪڏهن آمريڪا جي ڪنھن شھر ۾ ٻوڏ يا باهه لڳندي آهي يا قتل جي واردات ٿيندي آهي ته اسان جون پوڙهيون اڪثر چونديون آهن ته، ”نه فقط اسان جي ملڪ ۾ پر آمريڪا ۾ به اهي مصيبتون لڳيون پيون آهن.“ پر نه اها سوچ غلط آهي. آمريڪا ان هوندي به بھتر ملڪ سمجهيو وڃي ٿو. آمريڪا کي ان جي ڪا پرواهه ناهي. ڇو؟ اهو ان ڪري جو اسان جي ملڪ ۾ ان قسم جون مصيبتون عام لڳيون رهن ٿين ۽ ملڪ جي ايڪانامي اهڙي خراب آهي جو ٻوڏ يا زلزلو اچڻ تي آمريڪا جھڙن ملڪن کان پنڻو پوي ٿو ۽ جيڪا ڪجهه مدد ملي ٿي، اها غريبن کي ملڻ بدران اسان جا ڪرپٽ حاڪم ۽ بيوروڪرئيٽ کايو وڃن. هوڏانھن آمريڪا جي ڪنھن رياست ۾ ڪا مصيبت اچي ٿي ته حڪومت ماڻھن کي ٿيل سندن نقصان يڪدم ڀريو ڏئي. ٻي ڳالهه ته اسان وٽ مثال جي ڳالهه سال ۾ هڪ دفعو ٻوڏ آئي آهي ته اهو نقصان ان وقت آمريڪا USA جي برابر سمجهڻ کپي، جڏهن اتي اها ٻوڏ يو ايس اي (USA) ۾ پنجاهه دفعا اچي. ڇو جو USA جي هر رياست سمجهو ته هڪ ملڪ آهي. بلڪ ڪي ڪي رياستون ته پاڪستان کان به وڏيون آهن. مثال طور پاڪستان جي ايراضي (پکيڙ) 8,82,000 چورس ڪلوميٽر آهي، پر يو ايس اي جون ڪئليفورنيا، مونٽانا، نيوميڪسيڪو جھڙيون رياستون اڌ پاڪستان جيڏيون آهن ۽ ٽيڪساس ته ذري گهٽ پاڪستان جيڏي آهي ۽ الاسڪا، پاڪستان کان به ٻيڻ جيڏي رياست آهي. سڄي USA جي ايراضي 98 لک چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ڪئناڊا جي ايراضي ته ان کان به وڌيڪ 99 لک چورس ڪلوميٽر آهي، پر ڪئناڊا جي آدمشماري گهٽ آهي، جو سندس اتراهون وڏو حصو اونھاري ۾ به برف ٿيو پيو آهي. بھرحال USA ۽ ڪئناڊا کي ملائجي ته اسان جھڙا 22 ملڪ ٿين.
پڙهندڙن کي هڪ ٻي ڳالهه سمجهڻ کپي ته آمريڪا کنڊَ جا ٻئي حصا اتر آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا يعني ڪئناڊا کان وٺي چليءَ تائين ڌرتيءَ جو هڪ ئي يڪو ٽڪرو آهي ۽ اهو ايڏو وڏو آهي جو اتر ۾ ته تقريبن اتر قطب سان وڃيو لڳي، پر ڏکڻ ۾ به ڏکڻ قطب جي ويجهو آهي. آفريڪا کنڊَ وڏو آهي پر ايڏو وڏو ناهي سندس پاسن کان ته هندي وڏو سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي، پر مٿان ۽ هيٺان ميڊِيٽِرَينِيَن ۽ ڪيپ آف گڊ هوپ وارو سمنڊ آهي، جنھن مان پاڻيءَ جا جھاز اونھاري توڙي سياري ۾ پيا هلن.
آمريڪا کنڊَ جو مٿيون حصو يعني ڪئناڊا کان مٿي جيتوڻيڪ سمنڊ آهي پر اتر قطب جي ويجهو هجڻ ڪري اونھاري ۾ به اهو برف ٿيو پيو آهي ۽ مٿانئس برفاني ڀُورا رڇ پيا هلن. بھرحال پاڻيءَ جو جھاز نيويارڪ (ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪناري) کان ٻئي پاسي لاس اينجلس يا وئنڪوئر ڪيئن پهچي؟ مٿان اتر کان ته برف ڄمي پئي آهي. ان لاءِ هن کي ڏکڻ آمريڪا جي آخري ملڪ چليءَ جي پوڇڙ تي پھچي، ٻئي پاسي پئسفڪ سمنڊ ۾ داخل ٿي، لاس اينجلس لاءِ وري اتر طرف ساڳيو فاصلو ڪري پھچڻو پوي ٿو، پر اهو سفر به فقط اونھاري جي ٻن اڍائي مھينن لاءِ ممڪن رهي ٿو، جو پوءِ ڏکڻ طرف به برف ڄمڻ شروع ٿئي ٿي. اهي ٻه مھينا کن جنھن ۾ ڏکڻ آمريڪا هيٺان جھاز هلي سگهي ٿو، سمنڊ هڪ طرف بگڙيل رهي ٿو ته طوفان ۽ سائڪلون ٻئي طرف لڳا رهن ٿا ۽ هر وقت جھاز جي ٻڏڻ جو خطرو رهي ٿو. چڱو جو انجنيئرن کي اها ڳالهه دماغ ۾ اچي وئي ته وچ آمريڪا جي ملڪ پاناما جي ويڪر گهٽ آهي، جتي کوٽائي ڪري پاناما ڪئنال ٺاهيو ويو، جيڪو هاڻ آمريڪا جي ٻنھي پاسن وارن سمنڊن ’ائٽلانٽڪ‘ ۽ ’پئسفڪ‘ کي ملائي ٿو يعني نيويارڪ کان لاس اينجلس پھچڻ آسان ڪم ٿي پيو آهي. هاڻ سائوٿ آمريڪا جي ڇيڙي تائين ڊگهو سفر ڪري خطرناڪ سمنڊ جي حصي مان ڦيرو ڪرڻ بدران پاناما ڪئنال ذريعي ٻئي پاسي پھچي سگهجي ٿو. ڪارگو (سامان) کان علاوه سياح به مسافر جھازن ذريعي پاناما ڪئنال جو لطف هڪ طرف وٺن ٿا ته آمريڪا جي مغربي ڪناري جي شھرن ڪئليفورنيا جھڙين رياستن جي سونھن الڳ پسن ٿا.
آمريڪا جي پئسفڪ سمنڊ واري پاسي بنا شڪ جي ڪئليفورنيا رياست بيحد خوبصورت آهي، جنھن جا لاس اينجلس، سَئِن ڊِياگو، سئن جوز، سئن فرانسسڪو، لانگ بيچ، اوڪ لئنڊ، ساڪرامينٽو جھڙا شھر ڏسڻ وٽان آهن. انھن انيڪ شھرن مان هڪ ننڍڙو ڳوٺ نما ’برڪلي‘ شھر به آهي، جتي يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا آهي، جنھن مان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسان جو ليکڪ پير تاج محمد قريشي 1994ع ۾ پنھنجي ڳوٺ ڪامارو شريف کان پھتو ۽ پوءِ نوڪري روزگار خاطر آمريڪا ۾ ئي ٽِڪي پيو... سٺو ڪيائين.
اڄ ڪلهه سڄي دنيا هڪ ڳوٺ آهي. ٻاهر جي ملڪن ۾ نوڪري ملڻ ڪو آسان ڪم ناهي. ان کان ڏکيو ڪم نوڪري ڪرڻ آهي. پير تاج محمد يا ان جو ڊاڪٽر ڀاءُ پير حفيظ وسڪنسن رياست ۾ نوڪري ڪري رهيا آهن... خوشيءَ جي ڳالھ آهي. اسان جي سرندي وارن وڏن ماڻهن پيرن، ميرن، سردارن کي کپي ته هُو پنھنجي ٻارن کي سٺي تعليم لاءِ ٻاهر موڪلين ۽ کين ٻاهر نوڪري ڪري انھن ملڪن جي شھريت حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏين. هنن کي پير تاج محمد يا ميرپور خاص جي ڊاڪٽر مير عطا ٽالپر جي نقش قدم تي هلڻ کپي جيڪي پنھنجي ڳوٺ ۾ رهي آرام جي زندگي گذارڻ بدران ٻاهر ولايت ۾ پورهيو ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا، دراصل Quality of Life ان ۾ آهي. اهو ئي سبب آهي جو آئون پنھنجي وطن جي پئسي وارن کي اها نصيحت ڪندو رهان ٿو ته ٻين ڳالھين ۽ اجاين شوبازين تي پئسو وڃائڻ بدران پنھنجن ٻارن کي پنھنجي خرچ تي ئي ولايت موڪليو، جيئن هُو به سڌري وڃن ته توهان جو به نالو ٿئي.
هتي پير تاج محمد جي تعليمي اداري ’يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا‘ جي ڳالھ نڪتي آهي ته ان بابت ٻه ٽي سِٽُون لکندو هلان.
هيءَ يونيورسٽي 1868ع ۾ پهرين ڪئليفورنيا رياست جي بندرگاهه ’اوڪ لئنڊ‘ ۾ کولي وئي. هي اهي ڏينھن هئا، 1850ع واري ڏهاڪي جي شروعات وارا جڏهن ڪئليفورنيا ۾ سونُ لڌو ويو هو. هن علائقي ۾ سونُ ملڻ ڪري زمين جا اگهه چڙهي ويا هئا ۽ خوشحالي صاف نظر اچي رهي هئي. هوڏانھن چين ۾ پھرين ۽ ٻي آفيمي لڙائي ڪري ماڻھن جي معاشي حالت خراب ٿي وئي هئي. اهو ئي سبب آهي جو روزگار خاطر چينين، اوڪ لئنڊ جو رخ رکيو ۽ هتي ريل جي ڪم ۾ لڳي ويا. سو هن پاسي جيڪي چائنا ٽائون ڏسو ٿا، انھن جا رهواسي چيني يعني انھن جا وڏا ان وقت جا آيل آهن.
اوڪلئنڊ ۾ يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا کلڻ بعد پنج سال رکي، 1873ع ۾ اها برڪلي شفٽ ڪئي وئي. اڄ ڪلهه هن يونيورسٽيءَ جا ڏهه ڪئمپس آهن، جن ۾ ٽوٽل ٽي لک کن شاگرد پڙهن ٿا ۽ پنجويهه هزار فئڪلٽي ميمبر ۽ ڏيڍ لک کن اسٽاف ميمبر آهن. توهان کي حيرت ٿيندي ته هن يونيورسٽيءَ جي مختلف ڪئمپسن جي فئڪلٽي ۽ ريسرچرن مان ايڪهتر ڄڻن کي ’نوبل پرائيز‘ ملي چڪا آهن. پير تاج محمد جي هن يونيورسٽي ۽ برڪلي شھر سان واسطو رکندڙن ۾ هڪ پاڪستاني اهم شخصيت ’محمد وصي الله خان‘ به آهي، جنهن کي ’الينوئس‘ رياست جي شھر شڪاگو ۾ 1980ع ۾ ’ايسٽ ويسٽ يونيورسٽي‘ نالي هڪ پرائيويٽ يونيورسٽي کُلي ته هن کي ان جو پھريون چانسلر مقرر ڪيو ويو هو. هي صاحب 1950ع واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ ’گورنمينٽ ڪاليج سکر‘ ۾ تعليمدان هو. هن M.A ۽ M.Ed. ’پنجاب يونيورسٽيءَ‘ مان ڪئي. 1970ع ۾ پاڪستان ڇڏڻ بعد، هُو هتي برڪلي ۾ رهي پيو.
دنيا جي مشھور Chef (بورچياڻي) ۽ کاڌن تي ڪتاب لکندڙ ’ثمين نصرت‘ به برڪلي جي رهاڪو آهي. هن جا والدين جن جو واسطو ’بَھائي مذهب‘ سان هو، اهي 1976ع ۾ ايران کان لڏي، هتي برڪلي ۾ اچي رهيا هئا. هُونءِ به سڄي آمريڪا ۾ توهان کي جتي ڪٿي ايراني جام نظر ايندا، جن جون عورتون سھڻيون ٿين ٿيون ۽ توهان کي اهي بنا پڙدي جي ميڪ اپ ۽ مغربي ڪپڙن ۾ ڏسي حيرت ٿيندي. اهي شھنشاهه ايران جي ڏينھن جون آهن يا بَھَائي ۽ زرتشت (آتش پرست) مذهب جون، جن کي پاڻ پارسي سڏيون ٿا. بَھائي مذهب جا اهي ايراني آهن، جن جون ڪراچي توڙي ممبئيءَ ۾ ڪنڊ واريون چانهه جون هوٽلون آهن. صدر ۾ بَهائين جي ’پرشين بيڪري‘ اڄ به ان حالت ۾ آهي، جنھن ۾ سٺ سال اڳ ڏٺوسين. حڪيم سعيد جي ڪلينڪ واري گهٽي جيڪا ڊائو ميڊيڪل (سول اسپتال) ڏي وڃي ٿي ۽ لائٽ هائوس سئنيما جي سامھون واري ڪنڊ واري چانهه، بسڪيٽ ۽ مَسڪا بَن واريون ريسٽورنٽون ’بَھائي‘ ايرانين جون آهن.
منھنجي خيال ۾ برڪلي ۽ اوڪ لئنڊ جي خاص ماڻھن جو ذڪر ڪرڻ دوران هڪ وڌيڪ عورت بابت ٻه ٽي سِٽُون پڻ لکندو هلان، جنھن کان نه فقط توهان، پر سڄي دنيا واقف آهي. اها آهي آمريڪا جي اڄ ڪلهه نائب صدر ’ڪاملا ديوي هيرس‘. هُوءَ آمريڪا جي تاريخ ۾ پھرين عورت نائب صدر آهي. ان کان اڳ هُوءَ رياست ڪئليفورنيا جي ڇهه سال اٽارني جنرل رهي هئي. ڪاملا ديوي 1964ع ۾ اوڪ لئنڊ ۾ ڄائي. هتي جي يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا مان قانون جي ڊگري حاصل ڪري وڪيل ٿي. هن جي ماءُ ’شيامالا گوپلان‘ هندستان جي تامل (سائوٿ انڊين) هئي، جيڪا 19 سالن جي ڄمار ۾ 1958ع ۾ آئي ۽ برڪلي جي يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا مان ’Endocrinology‘ ۾ گرئجوئيشن ڪئي ۽ بعد ۾ 1964ع ۾ Ph.D ڪئي. ڪاملا ديوي جو پيءُ ’ڊونالڊ هيرس‘ 1961ع ۾ ’جئميڪا‘ کان آمريڪا آيو ۽ ساڳي يونيورسٽي مان ’ايڪنامڪس‘ ۾ Ph.D ڪري پروفيسر ٿيو. ڪاملا جي ڀيڻ ’مايا لڪشمي‘ به هتان ئي پڙهي ۽ وڪالت ڪري ٿي. ڪاملا ديوي، ليکڪ به آهي. سندس ڇپيل ٽن ڪتابن مان ٻه گهڻا مشھور آهن:
• Superheroes Are Everywhere.
• The Truths we Hold: An American Journey.
هُونءَ پير تاج محمد قريشيءَ جو يا ڪنھن ٻئي جو آمريڪا يعني USA ۽ ڪئناڊا جو سفرنامو يا انھن ملڪن جو احوال پڙهڻو هجي ته هنن ملڪن بابت هي ٻه چار جاگرافيءَ جون ڳالھيون ضرور ڌيان ۾ رکڻ کپن. ان بعد پڙهندڙ کي وڌيڪ مزو ايندو ۽ سندس دماغ ۾ ڳالهه وهندي ته مسافر يو ايس اي ۽ ڪئناڊا جي ڪھڙن هنڌن تي گهمي ڦري پيو. ڪي ملڪ آهن مثال طور مالديپ، مالٽا، بارباڊوس، سنگاپور، برونائي، لبنان، ڪويت، اسرائيل، جبوتي وغيره جيڪي تمام ننڍا آهن. ٻئي طرف انھن جي مقابلي ۾ اسان جو ملڪ پاڪستان يا ايران، افغانستان، ٿائلنڊ، برما، فلپين وغيره وڏا ملڪ سمجهيا وڃن ٿا. ايتري قدر جو اسان جي ملڪ جو ننڍو صوبو سنڌ به مٿين ملڪن کان وڏو آهي، پر اسان جي ماڻھن کي اهو ڌيان ۾ رکڻ کپي ته اسان جڏهن USA ۽ ڪئناڊا جي ڳالهه ٿا ڪريون ته اهي اسان جي وڏن ملڪن کان به گهڻو وڏا آهن. ڪو ماڻھو ڪراچي جي علائقي ملير ۾ ايندو هجي ان کي ڪو دوست سامان ڏئي ته يار هي منھنجي مائٽ کي ڏجانءِ جيڪو پڻ ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو، جنھن علائقي جو نالو ’سچل ڳوٺ‘ يا ’ماڙيپور‘ آهي ته هن لاءِ اهو ڪم ڪو اهڙو ڏکيو ناهي، ويندي ٺٽي يا حيدرآباد تائين به هُو پھچائي اچي سگهي ٿو، جو اهي هنڌ وڌ ۾ وڌ کڻي ٻه سئو ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هوندا، پر USA هڪ وڏو ملڪ آهي. تمام گهڻو وڏو ملڪ. مثال طور ڪو نيويارڪ پيو وڃي ۽ ان جو دوست هن جي آمريڪا وڃڻ جو ٻڌي چوي ته يار ان ملڪ ۾ منھنجو هڪ دوست لاس اينجلس شھر ۾ رهي ٿو... هي آچار جون ٻه شيشيون ته هن کي پھچائجانءِ ته اهو ٻڌي هن جو ته سِرُ هليو ويندو، جو نيويارڪ کان لاس اينجلس يا هيوسٽن يا لاس ويگاس ڪو سئو يا ٻه سئو ڪلوميٽرن جي نه پر هزارين ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهن. نيويارڪ کان لاس اينجلس کان ته ڪوالالمپور کان ٽوڪيو ويجهو آهي. ان ڪري ته آئون چوندو آهيان ته آمريڪا يعني USA جون 50 رياستون اسان جي بھاولپور، خيرپور، ڪڇ، گجرات يا بھار، بنگال، يُو پِي نه پر سڄا سڄا ملڪ سمجهڻ کپن.
آمريڪا کنڊ جي ساڄي پاسي کان يعني اوڀر ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي ۽ کاٻي پاسي کان پئسفڪ آهي. هوائي جھاز ۽ ٽرين رستي هڪ ٽوئرسٽ جي حيثيت ۾ منھنجو آمريڪا جي اندرين رياستن ۾ به وڃڻ ٿيو آهي، پر سامونڊي نوڪري دوران جنھن به جھاز تي بدلي ٿِي ٿَي ۽ اهو آمريڪا آيو ٿَي ته ان آمريڪا جي ڪناري وارين رياستن جي بندرگاهن ۾ لنگر ڪيرايو ٿَي. آمريڪا ويندڙ جھازران کان جڏهن پڇندائو ته هُو توهان کي اهو ئي چوندو ته ايسٽ ڪوسٽ پيو وڃان يا ويسٽ ڪوسٽ. ايسٽ ڪوسٽ معنيٰ آمريڪا جو اوڀر وارو ڪنارو جنھن کي ائٽلانٽڪ سمنڊ ڇھي ٿو ۽ ان جا مشھور بندرگاهه آهن: بوسٽن (ميساچوسيٽس)، نيويارڪ، نيوارڪ (نيوجرسي)، فلاڊلفيا (پينسلوانيا)، بالٽيمور (ميري لئنڊ)، نورفوڪ (ورجينيا)، رچمنڊ، چارلسٽن (سائوٿ ڪئرولينا)، سواناهه (جارجيا)، جئڪسن وائيل (فلوريڊا) ۽ هيوسٽن (ٽيڪساز) وغيره ۽ هوڏانھن جپان کان پئسفڪ سمنڊ لتاڙي آمريڪا جي ڪناري کي ڇھبو هو ته جن بندرگاهن ۾ اسان جو گهڻو اچڻ وڃڻ ٿيندو هو يعني اسان جو جھاز سامان لاهيندو هو يا کڻندو هو ته انھي پاسي جا بندرگاهه هوندا هئا: لاس اينجلس، سان ڊياگو، سان هوزي، سئن فرانسسڪو، پورٽ لئنڊ (اوريگان)، ٽاڪوما، اوڪلئنڊ ۽ سيئٽل وغيره. ڪئناڊا جا بندرگاهه هوندا هئا: وئنڪوئر ۽ پرنس رُوپرٽ. اهي سڀ بندرگاهه پئسفڪ سمنڊ جي ڪناري تي آهن. ڪئناڊا جا بندرگاهه جيڪي اوڀر ڪناري تي آهن، جن کي ائٽلانٽڪ سمنڊ ڇھي ٿو اهي هئا: هئليفيڪس، سينٽ جان، مانٽريل وغيره.
جيئن ڪراچي وڏو هجڻ ڪري ستن ضلعن ۾ ورهايل آهي، جهڙوڪ سينٽرل، ايسٽ، ويسٽ، سائوٿ، ڪياماڙي، ڪورنگي ۽ ملير وغيره يا سنڌ صوبو اتر، لاڙ ۽ وچولي حصي ۾ ورهايل آهي، تيئن آمريڪا (USA) کي به سھوليت موجب مختلف حصن ۾ ورهايو ويو آهي. بلڪ هيٺين حصي جا ٻه ڀاڱا ڪيا ويا آهن. جيڪي سائوٿ ايسٽ ۽ سائوٿ ويسٽ سڏجن ٿا جو اهي ڏکڻ ۾ آهن ۽ هڪ اوڀر طرف آهي ته ٻيو اولھه طرف جيئن ٽيڪساس، نيوميڪسيڪو ۽ اريزونا رياستون ’سائوٿ ويسٽ‘ ريجن جون رياستون سڏجن ٿيون. هتي اها ڳالهه به لکندو هلان جيڪا پڙهندڙن لاءِ يا هن پاسي ايندڙ نوَن ماڻھن لاءِ اڪثر مونجهاري جو سبب ٿئي ٿي، اها هي ته نيوميڪسيڪو، آمريڪا جي ڏاکڻي رياست جو نالو آهي جنھن جي مٿان ڪولوراڊو رياست آهي. نيوميڪسيڪو رياست جي هيٺان ئي وچ آمريڪا جا ملڪ شروع ٿين ٿا ۽ پھرئين ملڪ جو نالو ڪو ٻيو هجڻ بدران ان جو نالو به ميڪسيڪو آهي. آمريڪي رياست نيوميڪسيڪو، افغانستان وانگر لئنڊ لاڪڊ رياست آهي يعني هن کي سمنڊ نٿو ڇھي. باقي هن جي ڀر واريون رياستون ٽيڪساس، لوزيانا، مسيسپي، الباما ۽ فلوريڊا جن جي بندرگاهن ۾ منھنجو اڪثر وڃڻ ٿيو ٿَي، انھن جي چوڌاري جيڪو سمنڊ آهي اهو خليجِ ميڪسيڪو (Gulf of Mexico) سڏجي ٿو. فلوريڊا رياست جتي ڏکڻ ۾ ختم ٿئي ٿي، اتي ڪيوبا ٻيٽ آهي. ڪيوبا ۽ فلوريڊا جي وچ ۾ جيڪا سمنڊ جي پٽي آهي، اها ’اسٽرئٽ آف فلوريڊا‘ (فلوريڊا ڳچي سمنڊ) سڏجي ٿو. ڳچي سمنڊ اهو مختصر سامونڊي درياهه ٿئي ٿو، جيڪو ٻن وڏن سمنڊن کي ملائي، جيئن ملاڪا ڳچي سمنڊ ’هندي وڏي سمنڊ‘ ۽ ’ڏکڻ چيني سمنڊ‘ کي ملائي ٿو، جبرالٽر ڳچي سمنڊ ’ائٽلانٽڪ‘ ۽ ’ميڊيٽرينين‘ سمنڊ کي ملائي ٿو، تيئن فلوريڊا ڳچي سمنڊ ’خليج ميڪسيڪو‘ ۽ ’ائٽلانٽڪ سمنڊ‘ کي ملائي ٿو. اسان جڏهن آفريڪا يا يورپ کنڊ کي ڪنھن بندرگاهه کان هيوسٽن يا نيواورلينس جھڙي آمريڪي بندرگاهه ڏي روانا ٿيندا آهيون ته سڄو ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي، بھاما ٻيٽن جو رخ ڪندا آهيون، جتان فلوريڊا ڳچي سمنڊ شروع ٿئي ٿو، جنھن مان لنگهي خليجِ ميڪسيڪو سمنڊ ۾ داخل ٿيندا آهيون، جنھن ۾ تمپا، هيوسٽن ۽ نيو اورلينس جھڙا بندر گاھ آهن.
هُونءَ هي ڳچي سمنڊَ سوڙهيون سامونڊي گهٽيون آهن، پر سوڙهيون هجڻ جي باوجود به ڪافي ويڪريون ٿين ٿيون. هي فلوريڊا ڳچي سمنڊ، جيڪو عربيءَ ۾ ’مضيق فلوريڊا‘ ۽ فارسيءَ ۾ ’تنگه فلوريڊا‘ سڏجي ٿو، سوڙهائيءَ واري هنڌ تي به 150 ڪلوميٽر ويڪرو آهي ۽ 1800 ميٽر يعني تقريبن پوڻا ٻه ڪلوميٽر اونھو آهي.
بھرحال پاڻ ڳالهه پئي ڪئي ته USA جنھن کي پاڻ آمريڪا ٿا سڏيون، جيتوڻيڪ آمريڪا سڄي کنڊ جو نالو آهي، جنھن ۾ ڪئناڊا کان وٺي ڏکڻ آمريڪا جا ملڪ برازيل، چلي ۽ ارجنٽائن اچي وڃن ٿا، پر هتي پاڻ USA لاءِ ئي آمريڪا ٿا استعمال ڪريون. اهو USA ايڏو وڏو آهي جو ضروري ناهي ته آمريڪا جي هر باشندي کي اتي جي هر رياست جي لوڪيشن جي ڄاڻ هجي. ان ڪري آمريڪا کي ڇهن ستن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، جيئن ڪو نئون ماڻھو پنھنجي رهائش واري رياست ٻڌائي ۽ توهان کي سمجهه ۾ نه اچي ته هُو توهان کي اهو ريجن ٻڌائي سگهي ۽ توهان سمجهي سگهو. مثال طور اسلام آباد ۾ توهان کي ڪو همراهه ملي ۽ ٻڌائي ته هُو ٽنڊو مستي کان يا پيارو لنڊ کان آيو آهي ۽ توهان کي ان شھر جي خبر نه هوندي ته هُو اهو ئي چوندو ته اهو شھر سنڌ ۾ آهي ته توهان يڪدم سمجهي ويندائو ته هي پاڪستان جي ڏاکڻي حصي کان آيو آهي.
اسان جي جھاز جي آمريڪا وڃڻ جو ٻڌي، جھاز وارا دوست اهو ئي پڇندا هئا ته ايسٽ ڪوسٽ يا ويسٽ ڪوسٽ؟ ايسٽ ڪوسٽ ٻڌائڻ تي هُو سمجهي ويندا هئا ته اسان جو جھاز نيويارڪ، بالٽيمور يا هيوسٽن، نيو اورلينس پيو وڃي. ڪڏهن ڪڏهن اسان جي جھازران ڪمپنيءَ جو ٻيو جھاز به آمريڪا ڏي روانو ٿي رهيو هوندو. پڇڻ تي جي هُو ٻڌائيندو ته هُو ويسٽ ڪوسٽ (آمريڪا جي مغربي ڪناري) ڏي پيو وڃي، معنيٰ اهو پاناما تائين اسان سان گڏ ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪندو، ان بعد اسان ته مٿي اتر طرف نيويارڪ يا فلاڊلفيا هليا وينداسين، پر اهو ٻيو جھاز پاناما ملڪ جي پاناما ڪئنال مان لنگهي، آمريڪا کنڊ جي ٻئي پاسي پئسفڪ سمنڊ ڏي هليو ويندو، جتان وڻيس ته لاس اينجلس، اوڪلينڊ يا ٽاڪوما وڃي يا اڃا مٿي ڪئناڊا اچي بندرگاهه وئنڪوئر يا پرنس روپرٽ بندرگاهه ڏي وڃي. سو جھازين لاءِ ته آمريڪا جا اهي ئي ٻه حصا آهن: ايسٽ ڪوسٽ ۽ ويسٽ ڪوسٽ، جتي هنن جو وڃڻ اچڻ ٿئي ٿو، پر آمريڪا جي رهاڪن لاءِ آمريڪا (USA) ڪجهه وڌيڪ حصن ۾ ئي ورهايو ويو آهي. جيئن ڏکڻ وارا ٻه حصا ’سائوٿ ايسٽ‘ ۽ ’سائوٿ ويسٽ‘ جنھن جو مٿي ذڪر ڪيوسين. ان کان علاوه USA جا مٿاهان (اتراهان) حصا نارٿ ايسٽ، جنھن ۾ مائين، ڪنيڪٽيڪٽ، ورجينيا ۽ نيويارڪ جھڙيون رياستون اچن ٿيون ۽ کاٻي پاسي يعني اولهه ۾ اتراهون حصو ’نارٿ ويسٽ‘ ريجن سڏيو وڃي ٿو، جنھن ۾ واشنگٽن، اوريگان، اداهو ۽ مونٽانا جھڙيون رياستون اچن ٿيون.
هتي اهو به لکندو هلان ته هي واشنگٽن ’رياست‘ جو نالو آهي، جنھن جي گاديءَ جو شھر ’اولمپيا‘ آهي. سڄي آمريڪا (USA) جي گاديءَ جي شھر جو نالو به ’واشنگٽن‘ آهي، جيڪو شھر ’واشنگٽن ڊي سي‘ سڏجي ٿو ۽ ورجينيا ۽ مئري لئنڊ رياستن جي وچ ۾ آهي. جارج واشنگٽن 1789ع ۾ جڏهن آمريڪا جو صدر ٿيو ته ان وقت آمريڪا جي گاديءَ جو شھر نيويارڪ هو، پر پوءِ ٻئي سال واشنگٽن مقرر ڪيو ويو جيئن ملڪ جي وچ ۾ هجي. انھن ڏينھن ۾ آمريڪا (USA) فقط اوڀر ڪناري وارين رياستن تي مشتمل هو. هن شھر جو نالو صدر جارج واشنگٽن پويان آهي ۽ DC معنيٰ ’ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا‘ جيڪو هن کنڊ کي ڳولڻ واري ڪرسٽافر ڪولمبس پٺيان آهي. هڪ ٻي ڳالهه ڌيان ۾ پئي اچي، هت پورن هڪ سئو سالن بعد 1888ع ۾ هن شھر ۾، نئشنل جاگرافڪ سوسائٽيءَ جو بنياد رکيو ويو، جنھن جي آفيس اڄ تائين اتي آهي. بھرحال مٿين اتراهيِن رياستن: نارٿ ايسٽ ۽ نارٿ ويسٽ ريجن جي وچ وارو حصو ’مڊويسٽ ريجن‘ سڏجي ٿو، جنھن ۾ نارٿ ڊڪوٽا، سائوٿ ڊڪوٽا، منيسوٽا، ڪنساس ۽ ميسوري جھڙين رياستن کان علاوه اهي رياستون جن ۾ هن سفرنامي جو مصنف ’پير تاج محمد قريشي‘ رهي ٿو يعني مِشيگن رياست ۽ وسڪنسن رياست پڻ اچي وڃي ٿي، جنھن ۾ پير تاج محمد جو ڊاڪٽر ڀاءُ پير عبدالحفيظ قريشي رهي ٿو، جنھن ميڊيڪل جي فيلڊ ’Intensive Care‘ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪئي آهي.
مٿين علائقن (Regions) کان علاوه هڪ علائقو مِڊ ائٽلانٽڪ سڏجي ٿو، جيڪو ’نارٿ ايسٽ‘ ۽ ’سائوٿ ايسٽ‘ جي وچ وارو آهي. مِڊ ائٽلانٽڪ ريجن ۾ پينسلوانيا، ويسٽ ورجينيا ۽ ورجينيا جھڙيون رياستون اچيو وڃن. اهڙي طرح ستون علائقو بلڪل اوڀر ۾ آمريڪا (USA) جون هيٺيون حصو آهي، جيڪو فقط ’ويسٽ‘ سڏجي ٿو. هن ريجن ۾ فقط ٻه رياستون: ڪئليفورنيا ۽ نيواڊا اچن ٿيون، جيڪي ايراضيءَ ۾ ڪافي وڏيون آهن. ڪئليفورنيا آمريڪا جي رياستن ۾ ٽيون نمبر وڏي آهي. پھرين نمبر تي الاسڪا آهي ۽ ٻئي نمبر تي ٽيڪساس آهي. آمريڪا جي اوڀر واري ڪناري تي جيئن نيويارڪ رياست وڌيڪ پسند ڪئي وڃي ٿي، تيئن اولهه واري ڪناري تي ڪئليفورنيا رياست آمريڪن توڙي ڌارين لاءِ دلپسند رياست سمجهي وڃي ٿي. ڪئليفورنيا، خاص ڪري ان جي شھر لاس اينجلس کي فلمي دنيا ڪري به مشھوري ملي آهي. اسان جي زندگيءَ ۾ آمريڪن فلمون ئي وڏي وندر هونديون هيون ۽ اسان کي خبر هئي ته انھن جي ٺھڻ جو گهر لاس اينجلس (ڪئليفورنيا) آهي. ان ڪري ان شھر کان اسان ننڍي هوندي کان واقف هئاسين.
هالي ووڊ وارو علائقو ۽ باقي لاس اينجلس دنيا لاءِ ميوزڪ ۽ وندر جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. آمريڪا جا پنج وڏا فلم اسٽوڊيو هن شھر ۾ آهن جهڙوڪ ’ڪولمبيا‘، ’ڊزني‘، ’پيرامائونٽ‘، ’يونيورسل‘ ۽ ’وارنر برادرس‘. چئن وڏن ٽي وي چينلن: ABC، CBS، فاڪس ۽ NBC جا براڊ ڪاسٽنگ نيٽ ورڪ ۽ انھن جون آفيسون هن رياست (ڪئليفورنيا) ۾ آهن. ان کان علاوه هسپانوي ٻوليءَ جا ٻه وڏا نيٽ ورڪ Telemundo ۽ Univision پڻ هتي آهن.
دنيا جون ڪيتريون ئي انٽرنيٽ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا هن رياست جي ’خليجِ سان فرانسسڪو‘ واري علائقي ۾ آهن، جهڙوڪ ’ائپل‘، ’فيسبڪ‘، ’گوگل‘، ’نيٽفلسڪ‘، ’پئنڊورا ريڊيو‘، ’Twitter‘، ’Yahoo‘ ۽ ’يوٽيوب‘ وغيره. ڊزني لئنڊ ۽ هالي ووڊ کان علاوه ڪئليفورنيا رياست ’گولڊن گيٽ برج‘ کان به مشھور آهي، جنھن کي پڻ ڏسڻ لاءِ دنيا جا سياح اچن ٿا. ڪئليفورنيا رياست کي لاڏ مان ’گولڊن اسٽيٽ‘ به سڏيو وڃي ٿو، جنھن جو سبب مٿي لکي آيو آهيان ته اوڻھين صديءَ ۾ هتي سونَ جي هلندڙ ڳولا ۾ ڪاميابي حاصل ٿي هئي ۽ هن رياست جي خوشحالي اچڻ تي ڏورانھن ڏيھن کان ماڻھن جي روزگار ڪمائڻ ڪارڻ لڏ پلاڻ ٿي هئي، خاص ڪري چين ۽ جپان کان به. اها ٻي ڳالهه آهي ته ٻي جنگِ عظيم ۾ هتي درپيش آيل هنگامن ۽ فسادن ڪري گهڻا تڻا جپاني موٽي ويا هئا.
اسان جي ننڍي کنڊ جا ماڻھو، سکن کان علاوه، گهڻو گهڻو پوءِ آيا. منھنجو جڏهن 1960ع واري ڏهاڪي کان هن پاسي اچڻ ٿيو ته سنڌي مسلمان ته ڇا پر پنجابي ۽ پٺاڻن مان به ڪو ورلي ٿَي نظر آيو. اسان جي ماڻھن جو گهڻو زور انگلنڊ طرف هو يا ملايا، سنگاپور، هانگ ڪانگ ڏي. جيڪي ٿورا گهڻا سنڌ جا ماڻھو مون کي نظر آيا اهي نيويارڪ ۾. پوءِ 1970ع ۽ 1980ع وارن ڏهاڪن ۾ ڪئليفورنيا رياست ڏي اچڻ لڳا. خاص ڪري لاس اينجلس ۾ جيڪو هن رياست جو وڏو شھر آهي ۽ ساڪرامينٽو ۾، جيڪو ڪئليفورنيا جي گاديءَ جو شھر آهي. هاڻ ته ان کي پنجاهه سال ٿي ويا آهن ۽ اسان جا ماڻھو جتي ڪٿي نظر اچن ٿا. ٻه چار جيڪي هن وقت ذهن تي اچي رهيا آهن انھن ۾ اسان جي ناناڻي خاندان جو بشير مغل ۽ سندس زال روبينا آهي، جيڪي نيويارڪ کان لڏي آيا، منھنجي ناني جون ڀاڻيجيون آپا تاج صديقي ۽ آپا افروز چانڊيو ۽ انھن جو اولاد ڊاڪٽر فھيما قلباڻي ۽ شفيق صديقي وارا، SANA جا سينئر ميمبر مالڪ ڏنو ۽ سَني پنوهر... ان کان علاوه نثار مھر، عليم بروهي ۽ مھراڻ يونيورسٽي جو گرئجوئيٽ نثار شاهه آهي. شڪارپور جو سليم سومرو جيڪو انفارميشن ٽيڪنالوجيءَ ۾ اڄ ڪلهه ٽيڪساس ۾ رهي ٿو، اهو به ڪئليفورنيا جي شھر ’اوڪ لئنڊ‘ ۾ اٺ سال کن رهي ويو آهي. نديم جوڻيجو صاحب جيڪو گذريل دفعي USA ويو هوس ته نيوجرسيءَ ۾ هو، هاڻ ڏهن سالن کان ڪئليفورنيا رياست ۾ آهي. ان کان علاوه نذير ڀرڳڙي، عبدالرحمان لغاري ۽ اعجاز ميمڻ جن به ڪئليفورنيا رياست جي مختلف شھرن ۾ آهن. ’مھراڻ يونيورسٽيءَ‘ جو پروفيسر شوڪت انصاري به منھنجي خيال ۾ ڪئليفورنيا ۾ آهي. ٻيا به انيڪ هوندا، جن کان آئون اڻ واقف هجان، جو مون کي ان پاسي وئي هاڻ وڏو عرصو ٿي ويو آهي.
هن وقت ڪامارو شريف جي پير تاج محمد قريشيءَ جي هن رياست مان تعليم حاصل ڪرڻ جي ڳالهه نڪتي ته مٿيان پراڻا ماڻھو به ياد اچي ويا. پير تاج محمد قريشي صاحب ٻڌايو ته ڪليفورنيا جي رھائش دوران اعجاز ميمڻ ۽ شوڪت انصاري سان سندس ملاقت سندس مامي جي پٽ شاھ فاروق قريشي جي گھر ٿيندي رھي ھئي. پير تاج محمد قريشيءَ مطابق سندس ماروٽ شاھ فاروق قريشي ڪليفورنيا جي شھر سينٽا ڪالارا شھر ۾ رھي ٿو، جيڪو پڻ 1971 يا 1972 ڌاري پاڪستان کان آمريڪا ’ايروناٽيڪل انجنيئرنگ‘ جي شعبي ۾ پڙھڻ لاءِ آيو ھو. شاھ فاروق قريشي صاحب ايروناٽيڪل جي شعبي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ آمريڪا جي ھڪ مشھور ايئرلائين ’يونائٽيڊ ايئر‘ ۾ ڪم ڪري ريٽائر ٿيو آھي.
جوانيءَ جي ڏينھن ۾ ڪئليفورنيا رياست مون کي ڏاڍو Fascinate ڪندي هئي. جھاز ڦرِي گهرِي نيويارڪ ايندو هو ته اتي رهندڙ سنڌين، نُور احمد نظاماڻي، مبارڪ ٽالپر، عبدالرزاق شيخ، ڏاهري ڀائرن... ويندي بعد ۾ آيل سليم شاهه ۽ هالا جي وڪيل عبداللطيف انصاريءَ جن کي چوندو هوس ته لاس اينجلس، سان ڊياگو، اوڪ لئنڊ، ساڪر يعني ڪئليفورنيا رياست ڏي ڇو نٿا شفٽ ٿيو، ته سڀ اهو ئي چوندا هئا ته هتي نيويارڪ ۾ پنھنجي سنڌين جي ميلي ۾ بھتر آهيون يعني ان وقت 1970ع ۾ نيويارڪ ۾ رهندڙ ڏهن کان به گهٽ سنڌي هڪ ميلو هو... واقعي ڪئليفورنيا يا ڪئناڊا جي بندرگاهن ۾ ته ڪو هڪڙو سنڌي به نه ملندو هو. اڄ اڌ صديءَ بعد ٿر جھڙي سنسان ۽ ويران ڪئناڊا ۾ به جتي ڪٿي ڏيپلائين، شڪارپورين، ميمڻن، ڏاهرين، سومرن، شيخن، ناريجن، هاليپوٽن ۽ ڳاهوٽين جا هڪ ٻن کان وڌيڪ گهر ملن ٿا. اڌ صدي گذرڻ بعد توهان کي ڏيپلائين يا شڪارپورين جو جيڪو مخصوص ٽون آهي، اهو ئي تبديل ٿيندي ٻڌڻ ۾ ايندو. هوسٽن (ڏکڻ) ۾ رهندڙ شڪارپورين جو ٽون ٽورنٽو ۾ رهندڙ اترادي شڪارپورين يا ڏيپلائين جو لھجو مختلف لڳندو.
پيش لفظ لکڻ لاءِ ڪامارو شريف جي پير تاج محمد قريشيءَ جڏهن سندس لکيل سفرنامي جي ڊمي ڪاپي ڏني ته چيومانس، ”پير صاحب! برڪلي مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد نوڪري ۽ رهائش ڪئليفورنيا ۾ اختيار ڪئي هوندانوَ؟“
”نه سائين“ پير تاج محمد وراڻيو.
”سائين ڪمال ٿا ڪريو. هھڙي سھڻي رياست ڇڏي ڪيڏانهن ويائو؟“
جواب ڏنائين ته، ”سائين هن سفرنامي ۾ لکيو اٿم.“
”پر تڏهن به جيسين پڙهان، تيسين تصور ڪري سگهان ته توهان ڪھڙي تر ۾ رهو ٿا؟“ دل ۾ مون سوچيو ته ڪئليفورنيا کان اڳتي ٻئي ڪنھن علائقي ۾ رهڻ اُوڻٽيھين جي اونداهي آهي.
”سائين آئون وارن (Warren) شھر ۾ رهان ٿو.“
”وارن؟ يعني ڪھڙي رياست ۾؟“ مون پڇيو.
”مِشيگن رياست ۾ ڊيٽرائٽ شھر ڀرسان.“ پير تاج محمد جواب ڏنو.
مِشيگن رياست جو ٻڌي پاڻيءَ سان پيار ڪندڙ هڪ جھازيءَ وانگر مون به واهه واهه ڪئي. ”پير صاحب واهه جو هنڌ چونڊيو اٿانوَ. اسان جا جھازران چوندا آهن ته مِشيگن هن ڌرتيءَ تي جنت جو ٽڪرو آهي ۽ جَي توهان وارو شھر وارن (Warren)، ڊيٽرائٽ (Detroit) ڀرسان آهي ته معنيٰ هڪ ئي وقت تي توهان آمريڪا ۾ به آهيو، ته ڪئناڊا ۾ به. ناگرا آبشار ۽ دنيا جي خوبصورت ڍنڍن جا پاڙيسري آهيو.“
دل ۾ چيم ته، پير صاحب رهڻ لاءِ سٺو هنڌ چونڊيو. اسان وارن ڏينھن ۾ يعني اڄ کان اڌ صدي اڳ اسان جي نيويارڪ وارن سنڌين کي ڪئليفورنيا جھڙي ڏورانھين رياست ته ڇا پر هن پاڙيسري رياست مشيگن ۾ به رهڻ جو نه خيال ٿي آيو نه همت!
”ڀلا توهان ئي اڪيلا سنڌي مشيگن ۾ آهيو يا ٻيا به ڪي؟“ مون پير صاحب کان پڇيو.
”نه سائين. آئون اڪيلو ته نه آهيان. ٻيا به ڪيترائي سنڌي مشيگن جي مختلف شھرن ۾ نظر اچن ٿا جيئن ته سرفراز ڳاهوٺي، اعجاز ترڪ، پير مڪرم، جيڪو پي پي واري منسٽر پير مظھر جو ڀاءُ آھي، نثار صديقي، ڊاڪٽر ستار شيخ وغيره به مشيگن ۾ رھن ٿا.“
پير صاحب جي نالن کڻڻ تي سرفراز ڳاهوٽي ۽ مشيگن جي شھر ڪالامازو ۾ رهندڙ اعجاز ترڪ ياد آيا، جيڪي آمريڪا جا پراڻا رهاڪو آهن. پير تاج صاحب ٻڌايو ته ڪجھ سنڌي جن ۾ نصرپور وارو سبحان دائودپوٽو پڻ آھي، جيڪي جيتوڻيڪ رهن ڪئناڊا جي شھر ونڊسر ۾ ٿا پر نوڪريءَ لاءِ هُو روزانو مشيگن اچن ٿا، جيئن راولپنڊيءَ جا رهاڪو اسلام آباد ويندا آهن يا روهڙيءَ ۽ سکر جا خيرپور ايندا ويندا رهن ٿا.
هُونءَ ته پير صاحب پنھنجي سفرنامي ۾ پنھنجي رياست، ناگرافالز، ڍنڍن ۽ تعليمي ادارن جو دلچسپ نموني بيان ڪيو آهي. هتي آئون انھن بابت فقط مختصر تاريخي ۽ جاگرافيائي ڄاڻ لکان ٿو، جيڪا پڻ پڙهندڙن لاءِ ڪارآمد ثابت ٿيندي.
آمريڪا (USA) لاءِ لکي چڪو آهيان ته هڪ تمام وڏو ملڪ آهي، جنھن جون پنجاهه رياستون سمجهو ته پنجاهه ملڪ آهن. جنھن جي هڪ شھر اولمپيا (واشنگٽن) کان ميامي (فلوريڊا) يا بئٽن روگ (لوزيانا) وڃڻ ائين آهي، جيئن ڪراچيءَ کان ڪوالالمپور وڃڻ... ٻنھي جي وچ ۾ فاصلو 5400 ڪلوميٽر آهي ۽ هوائي جھاز ڇهه ڪلاڪ ٿو وٺي. سنگاپور کان ٽوڪيو پھچڻ ۾ به جھاز ڇهه ڪلاڪ ٿو وٺي ۽ فاصلو تقريبن اوترو ئي 5300 ڪلوميٽر آهي. ڪراچيءَ کان جدو 2900 ڪلوميٽر آهي ۽ ڪراچيءَ کان ڍاڪا 2400 ڪلوميٽر آهي. ان مان اندازو لڳايو ته USA ڪيڏو وڏو ملڪ آهي، جنھن جي هڪ ڪنڊ واري شھر کان ٻي ڪنڊ تي پھچڻ ائين آهي، ڄڻ هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ۾ پيو وڃجي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته آمريڪا جا پڪا رستا لاجواب آهن. اهڙا هاڻ ايران، سعودي عرب ۽ ملائيشيا ۾ به نظر اچن ٿا. بارش هجي يا برفباري، ماڻھو فل رفتار سان پيو وڃي. آمريڪا ۾ ماڻھن وٽ گاڏيون به وڏيون ۽ طاقتور آهن، پر فاصلا به وڏا آهن. مٿيون فاصلو، اولمپيا کان ميامي وارو ڪار ذريعي 51 ڪلاڪ وٺي ٿو.
آمريڪا (USA) پنجاهه رياستن ۾ ورهايل هجڻ کان علاوه ست ريجنن ۾ ورهايل آهي، جيئن مٿي لکي چڪو آهيان. ان حساب سان اسان وارو ليکڪ ڪاماري وارو پير تاج محمد قريشي تعليم دورانwest ريجن ۾ رهيو. پير صاحب هاڻ نوڪري ۽ رهائش لاءِ مشيگن رياست ۾ رهي ٿو، جيڪو مڊويسٽ (Mid west) ريجن سڏجي ٿو. هُونءَ مشيگن رياست نيويارڪ رياست کان پري ناهي. نيويارڪ، مشيگن، منيسوٽا، نارٿ ڊڪوٽا، مونٽانا، اڊاهو ۽ واشنگٽن اهي رياستون آهن، جيڪي قطار ۾ اتر ۾ آهن ۽ ڪئناڊا سان بارڊر ٺاهين ٿيون. انھن رياستن ۾ رهندڙن لاءِ ڪئناڊا اچڻ وڃڻ ڪو پري ناهي. ان معاملي ۾ ته مشيگن رياست ته اڃا به سڻائي آهي، جنھن ۾ موجود وڏين ڍنڍن جو ڪجهه حصو مشيگن (USA) ۾ اچي ٿو ته ڪجهه حصو ڪئناڊا جي صوبي اونٽاريو ۾ آهي. ان معاملي ۾ هن پاسي جا ماڻھو خوش نصيب آهن، جو هنن وٽ پاڻيءَ جي کوٽ جو تصور ئي ناهي، جو اهي ڍنڍون مٺي پاڻيءَ جون آهن ۽ اهي ڍنڍون ايڏيون وڏيون آهن، جو انھن ۾ جھاز هلن ٿا. اهي ڍنڍون، درياهن رستي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن ته کُلئي سمنڊ سان به.
هن پاسي جي پنجن وڏين ڍنڍن مان فقط هڪڙي ’اونٽاريو ڍنڍ‘ بارڊر جي ٻئي پاسي ڪئناڊا ۾ آهي، باقي چار ’مشيگن ڍنڍ‘، ’ايري ڍنڍ‘، ’سپيريئر ڍنڍ‘ ۽ ’هوران (Huron) ڍنڍ‘، ’مشيگن رياست‘ اندر اچن ٿيون. ان ريت مشيگن رياست جو ڪنارو 5210 ڪلوميٽر ٿئي ٿو ۽ ٻئي نمبر تي آهي، پر جي مٺي پاڻيءَ جو ڪنارو ڏٺو وڃي ته مشيگن دنيا ۾ پھرئين نمبر تي آهي. مٿين وڏين ڍنڍن کان علاوه مشيگن رياست ۾ ننڍيون ننڍيون ته هزارين (11000) ڍنڍون آهن. اهي درياهه ۽ شاخون جيڪي هنن ڍنڍن تائين پاڻي پھچائين ٿيون يا ٻين ڍنڍن کي ڳنڍين ٿيون، انھن جي جملي ڊيگهه ڇهه هزار ڪلوميٽر ٿئي ٿي. دنيا جي مٿان جيڪو مٺو پاڻي موجود آهي، ان جو پنجون حصو 20 سيڪڙو، هنن پنج ڍنڍن ۾ آهي، جيڪي ’The Great Lakes‘ سڏجن ٿيو. مشيگن ۾ اهو مشھور آهي ته ڪنھن جو به گهر، دڪان، آفيس وڏين ڍنڍن کان 85 ميل (141 ڪلوميٽر) پري ناهي ۽ هزارين ڍنڍون ته سڄي رياست ۾ ائين پکڙيل آهن، جو مشيگن ۾ ڪا به جاءِ ڪنھن ننڍي ڍنڍ کان 6 ميل يعني 10 ڪلوميٽر پري ناهي. مشيگن رياست جي ڍنڍن ۾ هلندڙ جھازن ۽ ٻيڙين جي سلامتي ۽ سھولت لاءِ 116 لائيٽ هائوس ۽ نيويگيشن جون بتيون لڳل آهن. هن رياست جو نالو هتي جي اصلوڪي رهاڪن جي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنھن جي معني ئي آهي ’گهڻو پاڻي‘ يا ’وڏي ڍنڍ‘.
هُونءَ به مشيگن رياست ۾ پھريون دفعو اچڻ وارن کي هوائي جھاز مان يا هن رياست جي نقشي مان ٻين رياستن وانگر هيءَ رياست ڌرتي بدران چوڌاري پاڻي نظر ايندو ۽ توهان کي هتي جا رهاڪو اهو ئي چوندا ته مشيگن رياست ٻن Peninsulasتي مشتمل آهي يعني ٻن ٻيٽ نما زمين جي ٽڪرن تي آهي. جنھن لاءِ اردو، عربي ۽ فارسيءَ ۾ ڪو به الڳ لفظ ناهي. ان کي ’جزيره نما‘ يعني ٻيٽ جھڙي ڌرتي چون ٿا، پر مون کي حيرت آهي ته اسان وٽ ان لاءِ الڳ لفظ ’اپ ٻيٽ‘ آهي، جيئن ميڊيٽرينين سمنڊ لاءِ ’ڀونچ سمنڊ‘ يعني ڀونءَ (ڌرتي) جي وچ تي سمنڊ. مون به هالا جي اسڪول ۾ محمد صديق ’مسافر‘ زنجبار واري جي جاگرافيءَ جي ڪتاب ۾ پڙهيو. محمد صديق جو والد بلال (گلاب) ڇھن سالن جو هو ته هن کي زنجبار (Zanzibar) ٻيٽ تان اغوا ڪري ٺٽي ۾ وڪرو ڪيو ويو هو، بعد ۾ هُو ٽنڊي باگي ۾ وڪرو ٿيو هو.
ٻيٽ، زمين جو اهو ٽڪرو آهي، جنھن جي چوڌاري پاڻي هجي، جيئن اسان وٽ ڪراچي ۽ ٿورو پرٻھرو ’بابا ڀٽ‘، ’شمس پير‘، ’چرنا‘، ’بنڊل‘ ۽ ’ٻڍو ٻيٽ‘ آهن يا سنگاپور، هانگ ڪانگ، مالديپ وغيره ٻيٽ آهن. اُپَ ٻيٽ، زمين جو اهو ٽڪرو آهي جنھن جي ٽن پاسن کان پاڻي هجي ۽ هڪ پاسي کان زمين. يعني هن جي چوڌاري پاڻي هجي، پر هڪ پاسي کان ڪنھن سنھي يا ويڪري پٽيءَ ذريعي مرڪزي ڌرتيءَ سان ڳنڍيل هجي. ’منھوڙي‘ کي اسان ٻيٽ چئون ٿا، پر اهو ٻيٽ ناهي. اهو هڪ پاسي کان ڪراچي شھر سان ڳنڍيل آهي ۽ توهان منھوڙي تي نه رڳو ڪياماڙي ۽ ٻين هنڌن تان لانچ ذريعي پھچي سگهو ٿا، پر باءِ روڊ گل ٻائي واري چوواٽي وٽان ماڙيپور ۽ سئنڊس پِٽ وارو رستو ڏئي منھوڙي پھچي سگهو ٿا. ان ڪري حقيقت ۾ منھوڙو اُپ ٻيٽ (Peninsula) آهي جيئن اسپين ۽ پورچوگال ’آئبيريا پيننشولا‘ سڏجي ٿو، جنھن جي چوڌاري ائٽلانٽڪ ۽ ميڊيٽرينين سمنڊن جو پاڻي آهي. فقط هڪ طرف کان اهو يورپ کنڊ جي ملڪ فرانس سان ڳنڍيل آهي. پورچوگال ۽ اسپين هڪ ئي ملڪ (Iberia) سمجهڻ کپي، جو اتي جو ڪلچر توڙي ٻولي، تقريبن ساڳي آهي ۽ ڀرواري ملڪ فرانس کان گهڻي ڀاڱي مختلف. پورچوگالي ۽ هسپانوي ٻوليون ائين آهن جيئن پنجابي ۽ سرائڪي.
ٻيٽ ۽ اُپ ٻيٽ سان ملندڙ هڪ ٻيو لفظ، جيڪو اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ عام آهي، اهو آهي ٿُٻيٽ. ڪنھن چيو ته ٿُٻيٽ ڌرتيءَ جو اهو ٽڪرو آهي، جنھن جي ٻن پاسن کان سمنڊ هجي. ٿُٻيٽ دراصل تبت جو آڳاٽو نالو آهي جيئن ٿائلينڊ جو سيام آهي. اسان جي سنڌو ندي، ٿُٻيٽ ملڪ جي ’سِنگي ڪباب‘ وٽان نڪري ٿي، جنھن نالي جي معنيٰ آهي ’شينھن جو منھن‘. ان ڪري ٿٻيٽ (تبت) جا ماڻھو سنڌو درياه کي ’سنگي درياهه‘ يعني ’شينھن درياهه‘ سڏين ٿا. جيئن سنگاپور شينھن جو شھر سڏيو وڃي ٿو ۽ سنگاپور جي نشاني ’Merlion‘ (مڇيءَ جي ڌڙ وارو شينھن) آهي. هي جانور به ائين خيالي آهي، جيئن ’Mermaid‘ مڇيءَ جي ڌڙ واري ڇوڪري يعني ’جل پري‘.
بھرحال آمريڪا (USA) جي 50 رياستن ۾ مِشيگن جنهن ۾ اسان جو ڪامارو شريف جو ليکڪ، پير تاج محمد رهي ٿو. هڪ نرالي رياست آهي، جنھن جي نقشي ۾ توهان کي گهڻي ڀاڱي پاڻي ئي نظر ايندو، جنھن ۾ زمين جا ٻه ٽڪرا اپ ٻيٽ (Peninsula) هڪ اتر ۾ ته ٻيو ڏکڻ ۾ آهن. اپٻيٽ لاءِ لکي چڪو آهيان ته زمين جي باقي حصي کان ته پاڻي ٿئي، پر هڪ پاسي کان اهو زمين جو ٽڪرو (اپ ٻيٽ) مرڪزي ڌرتيءَ سان ڳنڍيل رهي ٿو. مشيگن جو ڏکڻ وارو اپ ٻيٽ يعني هيٺيون اپ ٻيٽ ھٿ جي دستاني(Mitten) جي شڪل جو آهي، جيڪو مشيگن کان هيٺ وارين رياستن اوهايو ۽ انڊيانا سان ڳنڍيل آهي، جيئن اسان وارو ’منھوڙو‘ سئنڊس پٽ ۽ ماڙيپور سان ڳنڍيل آهي. مشيگن جو مٿيون اپ ٻيٽ اولهه ۾ وسڪنسن رياست سان ڳنڍيل آهي. انھن ٻنھي اپ ٻيٽن جي وچ ۾ اَٺ ڪلوميٽر ويڪرو ’Straits of Mackinac‘ (مئڪيناڪ جو ڳچي سمنڊ) آهي، جيڪو ٻن وڏن پاڻيءَ جي حصن (ڍنڍن): هورون ۽ مشيگان ڍنڍ کي ملائي ٿو.
مٿين ٻن اپ ٻيٽن جي وچ ۾ فيري به هلي ٿي ته مئڪنڪ برج نالي دنيا جي وڏي ۾ وڏيSuspension پل به آهي، جيڪا هنن ٻن اپ ٻيٽن کي ڳنڍي ٿي. اها اَٺ کن ڪلوميٽر ٿيندي. 1957ع ۾ هن پل ٺھي راس ٿيڻ تي مٿانس ٽرئفڪ هلڻ شروع ٿي هئي. منھنجا جھاز هلائڻ وارا دوستَ ۽ شاگردَ، جن جو هن پاسي اچڻ نه ٿيو آهي، تن کي مشيگن رياست کي سمجهڻ لاءِ هانگ ڪانگ جو مثال ڏيندو آهيان. هانگ ڪانگ ملڪ دراصل هڪ ٻيٽ ۽ هڪ اپ ٻيٽ تي مشتمل آهي. ٻيٽ جو نالو ’وڪٽوريا‘ آهي، جنھن تي رهڻ وارا ٽوئرسٽ هن وڪٽوريا ٻيٽ کي ئي هانگ ڪانگ سمجهن ٿا. دراصل وڪٽوريا ٻيٽ سان گڏ ’ڪولون‘ به آهي، جيڪو پڻ ٻيٽ وانگر سمجهيو وڃي ٿو، پر ٻيٽ نه پر اپ ٻيٽ آهي، جنھن جو هڪ پاسو چين جي سرزمين سان مليل آهي جتي چين جو شھر ’ڪئنٽن‘ آهي. ڪولون کان باءِ روڊ يا ٽرين ڪئنٽن (چين) وڃي سگهجي ٿو.
مِشيگن رياست، آمريڪا جي يارهون نمبر وڏي رياست آهي، جنھن جي جملي پکيڙ 2,50,000 چورس ڪلوميٽر آهي. سڄي سنڌ جي 1,41,000 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ پنجاب جي 2,05,344 چورس ڪلوميٽر. آدمشماري سنڌ جي پنج ڪروڙ آهي ۽ پنجاب جي يارنهن ڪروڙ، پر مشيگن رياست جي فقط هڪ ڪروڙ. مشيگن رياست جو وڏي ۾ وڏو شھر ڊيٽرائٽ (Detroit) آهي ۽ ٻئي نمبر تي ’گرانڊ رئپڊس‘ آهي، ٽئي نمبر تي پير تاج وارو شھر ’وارن‘ آھي. مشيگن جي گاديءَ جو شھر لانسنگ(Lansing) آهي.
ڪئناڊا جي بارڊر تي جيڪي آمريڪي رياستون آهن، تن ۾ وچ اوڀر ۾ اڊاهو، مونٽانا، نارٿ ڊڪوٽا، منيسوٽا ۽ مشيگن وغيره. انھن جي شھرن ۾ سڀ کان وڏو شھر ڊيٽرائٽ آهي. اهو گاڏين (آٽو موبائلن) جي ڪارخانن کان پڻ مشھور آهي ۽ آمريڪا جي ٽن وڏين ڪمپنين: جنرل موٽرس، فورڊ ۽ Stellantis جو گهر آهي. ڊيٽرائٽ هن پاسي جو وڏو بندرگاهه پڻ آهي، جيڪو ڊيٽرائٽ نديءَ تي آهي. ڊيٽرائٽ ندي، انھن چئن ڳچي سمنڊن مان هڪ آهي، جيڪي هن پاسي جي وڏين ڍنڍن(Great Lakes) کي ’سينٽ لارينس سي وي‘ سان ڳنڍين ٿا، جيڪو اڳيان وڃي ائٽلانٽڪ سمنڊ سان ملي ٿو. يورپ کان يا USA جي بندرگاهن فلاڊلفيا يا نيويارڪ کان اسان ڊيٽرائٽ روانا ٿيندا آهيون ته جھاز کي اتر ائٽلانٽڪ سمند ۾ بوسٽن وٽان ئي ’گلف آف سينٽ لارينس‘ ۾ اچي لنگر ڪيرائيندا آهيون. پوءِ اتان مقامي پائليٽ (پاڻيءَ جي جھازن جو ڪئپٽن) اسان جي جھاز کي سينٽ لارينس نديءَ مان وٺي هيٺ ڏکڻ ڏي ايندو آهي. هي سامونڊي رستو St.Lawrence Sea way به سڏجي ٿو. رستي تي ڪئناڊا جا مشھور شھر ڪيوبيڪ، Bacancour، سوريل، مانٽريل اچن ٿا، پوءِ نيويارڪ، پينسلوانيا ۽ اوهيو آمريڪي رياستن جي شھرن، بفئلو، Erie، ڪليو لئنڊ، لورين ۽ توليدو وٽان ٿيندا ايري (Erie) ڍنڍ ۾ پھچون ٿا، جتي ڊيٽرائٽ نديءَ جي هڪ پاسي مشيگن رياست جو شھر ’ڊيٽرائٽ‘ آهي ته ٻئي طرف ڪئناڊا جي اونٽاريو صوبي جو شھر ’ونڊسر‘ آهي. بس سمجهو ته ونڊسر ۽ ڊيٽرائٽ شھر ائين آهن جيئن مورو دادو، بلڪ ان کان به ويجها سکر - روهڙي، يا حيدرآباد - ڪوٽڙي. اسان جي ڪامارو شريف جي ليکڪ جي مشيگن رياست جي جنھن شھر ’وارن‘ ۾ رهائش آهي، اهو ڊيٽرائٽ شھر کان ائين آهي، جيئن موري کان نوشھرو فيروز.
جيڪي آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ رهن ٿا خاص ڪري مِشيگن رياست ۽ اونٽاريو صوبي ۾، انھن جي يادداشت لاءِ لکندو هلان ته ڊيٽرائٽ ندي چوئيتاليهه ڪلوميٽر آهي، جيڪا سينٽ ڪلئر (St. Clair) ڍنڍ مان شروع ٿي ايري (Erie) ۾ داخل ٿئي ٿي. هن نديءَ جي خاص ڳالهه اها آهي ته اها مشيگن رياست جي ڊيٽرائٽ شھر کي ڪئناڊا جي صوبي اونٽاريو جي شھر ونڊسر کي الڳ ڪري ٿي. ٻين لفظن ۾ USA ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ بارڊر ٺاهي ٿي. مٿين ملڪن جي ٻن شھرن کي ڳنڍڻ لاءِ يعني انھن شھرن ۾ اچڻ وڃڻ لاءِ ڊيٽرائٽ نديءَ جي مٿان ائمبيسڊر پل آهي، جيڪا Suspension قسم جي پل آهي ۽ 2300 ميٽر يعني سوا ٻه ڪلوميٽر کن ڊگهي آهي ۽ ڇائيتاليهه ڪلوميٽر اتاهين آهي يعني ان کان ننڍي اوچائي وارا جھاز پل هيٺان لنگهي سگهن ٿا. هن پل کي ٻيانوي سال ٿي ويا آهن. بارڊر ڪراس ڪرڻ لا هن پل تي وڏي رش رهي ٿي. اسان جي ماڻھن کي حيرت ٿيندي ته ٻين ڪيترين شين (پڪن رستن، ريل گاڏين، بندرگاهن) وانگر هيءَ پل به هتي خانگي آهي يعني سرڪار جي ملڪيت ناهي، پر هتي جي امير ماڻھن ٺھرائي آهي ۽ هاڻ ٽول ٽئڪس ذريعي ڪمائي رهيا آهن.
ائمبيسڊر پل کان علاوه هيءَ ندي ٽپڻ لاءِ ’ڊيٽرائٽ- ونڊسر سرنگهه‘ استعمال ڪئي وڃي ٿي. Detroit-windsor Tunnel’ڊيٽرائٽ ڪئناڊا ٽنل‘ به سڏجي ٿو، جيڪو بين الاقوامي هاءِ وي آهي ۽ ٻن ملڪن جي شھرن ڊيٽرائٽ ۽ ونڊسر کي ملائي ٿو. ايمبيسيڊر پل بعد هي رستو (ٽنل) بارڊر ڪراس ڪرڻ جو مشغول رستو آهي. هيءَ سرنگهه به 1930ع کان استعمال ۾ آهي. هن ٽنل مان لنگهڻ جي في ساڍا چار آمريڪن ڊالر آهن ۽ روزانو 12000 کن ڪارون بسون ڪراس ڪن ٿيون.
مٿين ٻن بين الاقوامي رستن کان علاوه ’مشيگن سينٽرل ريلوي ٽنل‘ آهي، جيڪو هنن ٻن شھرن ڊيٽرائٽ ۽ ونڊسر کي ڳنڍي ٿو. هي ٽنل 1910ع ۾ شروع ٿيو هو ۽ هن جي ڊيگهه اڍائي ڪلوميٽر آهي يعني هي سرنگ ڊيٽرائٽ نديءَ جي هيٺان کوٽائي ڪري ٺاهي وئي آهي. آئون اهو ئي سوچيندو آهيان ته پير تاج محمد جو شھر ’وارن‘ ڊيٽرائٽ جي ويجهو هجڻ ڪري هن لاءِ ’آمريڪا ۽ ڪئناڊا‘ بارڊر ڪراس ڪرڻ ڪو مسئلو ئي ناهي. لاهور کان امرتسر پھچڻ ۾ به اڌ ڪلاڪ لڳيو وڃي، پر ڊيٽرائٽ کان ونڊسر پھچڻ ۾ ته ڏهه منٽ به نٿا لڳن. هُو پنھنجن مھمانن کي نه فقط مشيگن رياست جون مٺي پاڻيءَ جون ڍنڍون گهمائيندو هوندو پر نياگرا آبشار به، سو به آمريڪا (USA) واري پاسي کان به ته ڪئناڊا واري پاسي کان به.
مشيگن رياست ۾ رهڻ وارن خاص ڪري ڊيٽرائٽ، وارن، لانسنگ شھرن جي رهاڪن لاءِ نه فقط ڪئناڊا جو بارڊر ڪراس ڪري نديءَ جي ٻئي پاسي وارو شھر ونڊسر سڏ پنڌ تي آهي، پر اوشاوا، هئملٽن، ٽورنٽو، اوٽاوا يعني ڪئناڊا جي اونٽاريو صوبي جا شھر، ويندي ڀر واري ڪيوبيڪ صوبي جا شھر ’مانٽريل‘ ۽ ’ڪيوبيڪ‘ وغيره به ويجها آهن. ڪئناڊا جي انھن شھرن ۾ اسان جا پاڪستاني جام رهن ٿا، جو هڪ ته اهي ڪئناڊا جي ڏکڻ ۾ هجڻ ڪري، اتي وري به سيءُ گهٽ پوي ٿي ۽ ٻيو ته ڪئناڊا جا هي ٻه صوبا ڪيوبيڪ ۽ اونٽاريو ڏکڻ ۾ USA جي نيويارڪ رياست سان ڳنڍيا پيا آهن، جتي پڻ اسان جي ملڪ جا گهڻا رهن ٿا ۽ ٻنھي پاسي جي ڌرين جو هڪ ٻئي ڏي اچڻ وڃڻ لڳو رهي ٿو. نيويارڪ جو شھر بُفئلو ته بلڪل ڪئناڊا جي بارڊر وٽ، ڪئناڊا جي صوبي اونٽاريو جي شھر نياگرافالس وٽ آهي، جيڪو نِياگرا نديءَ جي اولهه واري ڪَپ تي آهي. نائيگرا فالز شھر جو نالو آهي ته آبشار جو به، جيڪو اونٽاريو (ڪئنيڊا) ۽ نيويارڪ (USA) جي بارڊر تي آهي.
پير تاج محمد قريشيءَ جو سفرنامو شروع ڪرڻ کان اڳ پڙهندڙن لاءِ ڪجهه وڌيڪ شيون جاگرافيءَ جون پڻ يعني USA ۽ ڪئناڊا جي بيھڪ جون سمجهائڻ ضروري سمجهان ٿو.
آمريڪا (USA) پنجاهه حصن ۾ ورهايل آهي، جيڪي رياستون سڏجن ٿيون. اسان جڏهن يورپ يا آفريڪا کنڊَ کان آمريڪا کنڊَ ڏي اچون ٿاته اسان کي اهي رياستون منھن ۾ اچن ٿيون، جيڪي آمريڪا جي اوڀر ڪناري تي آهن يعني جن کي ائٽلانٽڪ سمنڊ ڇھي ٿو. اسان جو يورپ يا آفريڪا کان جڏهن به آمريڪا وڃڻ ٿيو ته اسان پورچوگال، جبرالٽر يا ڪيپ آف گڊ هوپ ڪراس ڪرڻ بعد هميشه ويسٽ انڊيز ڏي رخ رکيو ٿي يعني ڪيوبا، ٽرنيڊاڊ، ٽُوباگو، بھاما ٻيٽن ڏي. اتي پهچي، اتي جو سامان لاهي، پوءِ اتر طرف روانا ٿياسين ٿَي يعني USA ۽ ڪئناڊا جي بندرگاهن ڏانھن. ڪيوبا بعد يڪدمUSA جي فلوريڊا رياست اچي ٿي. اتي جي ڪنھن بندرگاهه ۾ ترسي پوءِ ڪڏهن اولهه طرف USA جي ڏاکڻن بندرگاهن نيو اورلينس ۽ هيوسٽن ڏي ويندا هئاسين، نه ته فلوريڊا پھچي اتر جو رخ ڪندا هئاسين جو ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي اٽڪل پندرهن کن آمريڪا جون رياستون آهن، جن بعد ڪئناڊا شروع ٿئي ٿو. آمريڪا جون اهي رياستون اتر طرف وڌڻ سان هڪ ٻئي پويان هن ريت آهن: فلوريڊا جارجيا، سائوٿ ڪئرولينا، نارٿ ڪئرولينا، ورجينيا، ميري لئنڊ، نيوجرسي، ديلاور، پينسلوانيا، نيويارڪ، ڪنيڪٽيڪٽ، رهوڊ آئلنڊ، مساچوسيٽس، نيو همسفائر، ۽ آخر ۾، بلڪل اتر ۾ مائين (Maine) آهي.
هڪ ٻي ڳالهه ته ڏکڻ کان توهان اتر طرف ويندائو ته سِيءُ وڌي ٿو. ان ڪري اسان جي ملڪ جا ماڻھو فلوريڊا، ٽڪساز، ميڪسيڪو ۽ لوزيانا جھڙين ڏاکڻين رياستن ۾ رهڻ کي ترجيح ڏين ٿا. هُو اتراهين رياستن ۾ گهٽ رهن ٿا. بھرحال اڄ ڪلهه ته روزگار خاطر هر هڪ کي هر هنڌ رهڻو پوي ٿو. آمريڪا کان مٿي ڪئناڊا جي ٿڌ ۾ به اسان جا ماڻھو هاڻ سڪون سان رهيا پيا آهن. هُونءَ جيترو اتر ۾ وڃبو اوترو سيءُ وڌندو. ڪراچيءَ کان سکر فقط 470 ڪلوميٽر مٿي يعني اتر ۾ آهي ته اتي ڪيترو وڌيڪ سيءُ ٿئي ٿو؟ لاهور ۾ ته اڃا به گهڻو، جو لاهور ڪراچيءَ کان 1200 ڪلوميٽر اتر ۾ آهي. اهو ئي حال مياميءَ (فلوريڊا) جي مقابلي ۾ نيويارڪ جو آهي، جيڪو مياميءَ کان 1250 ڪلوميٽر اتر ۾ آهي. آمريڪا جي اتر واري رياست مائين (Maine) جو آخري شھر يعني ڪئناڊا جي بارڊر وارو ’ڪئريبو‘ (Caribou) ته نيويارڪ کان اڃا به ڇهه سئو ڪلوميٽر پري اتر ۾ آهي. ڪئناڊا اتان شروع ٿئي ٿو.
آمريڪا جي هن اتراهين رياست ’مائِين‘ جي ساڄي پاسي ڪئناڊا جو پرڳڻو / صوبو ’نيوبرنسوِڪ‘ آهي جنھن جي بندرگاهه سينٽ جان ۾ اسان جو 1960ع ۽ 1970ع وارن ڏهاڪن ۾ ڏاڍو وڃڻ ٿيندو هو ۽ انھن ڏينھن ۾ اسان کي اتي ورلي ڪو پاڪستاني نظر ايندو هو. مقامي ماڻھو به ٿورا هئا. سياري ۾ ته سنسان ۽ ويران ماحول جو احساس ٿيندو هو. اڃان به مائين رياست سان ڳنڍيل ڪئناڊا جو کاٻي پاسي وارو صوبو ڪيوبيڪ ڪجهه رونق وارو لڳو ٿي جنھن جا مانٽريل، ڪيوبيڪ، اوٽاوا ۽ شربروڪ اهم شھر آهن.
آمريڪا USA جي اتراهين رياستن ڏي ويندڙن کي (جيئن پير تاج محمد ان رياست مشيگن ۾ رهي ٿو، جيڪا ڪئناڊا جي بلڪل بارڊر تي آهي ۽ٻئي پاسي ڪئناڊا شروع ٿئي ٿو). ڪئناڊا جي بارڊر واريون اتراهون آمريڪي رياستون ڌيان ۾ رکڻ کپن جتان اڪثر بارڊر ٽپي ماڻھو ڪئناڊا وڃن اچن ٿا ائٽلانٽڪ سمنڊ واري پاسي کان. اولهه طرف پئسفڪ سمنڊ ڏي ڏسبو ته آمريڪا جون رياستون هن ريت آهن: مائين، نيويارڪ (ياد رکڻ کپي ته نيويارڪ شھر جو نالو به آهي ته رياست جو به)، مِشيگن (جنھن ۾ اسان جو ڪامارو جو پير تاج محمد رهي ٿو)، منيسوٽا، نارٿ ڊڪوٽا، مونٽانا، اڊاهو ۽ آخر ۾ واشنگٽن رياست آهي.
اهڙي طرح ڌارئين مسافر يا آمريڪا جي رهاڪوءَ کي ’USA ڪئناڊا‘ بارڊر وارا ڪئناڊا جا صوبا ڌيان ۾ رکڻ کپن.
ائٽلانٽڪ سمنڊ کان اولهه ڏي هلجي ته ڪئناڊا جا صوبا هن ريت آهن: نوواسڪوشا، نيوبرنسوڪ، (انھن ٻن صوبن جي وچ ۾ پرنس ايڊورڊ ٻيٽ به اچي ٿو)، ان بعد ڪيوبيڪ، اونٽاريو، مانيتوبا، Saskatchewan، البرٽا ۽ آخر ۾ پئسفڪ سمنڊ جي ڪناري وٽ برٽش ڪولمبيا صوبو آهي. جپان کان اسان جو جھاز جڏهن به ڪئناڊا يا آمريڪا ڏي ايندو هوته برٽش ڪولمبيا جي وڏي بندرگاهه وئنڪوئر ۾ اچي لنگر انداز ٿيندو هو. انبعد لاس اينجلس به ويندو هو.اهي بندرگاهه پئسفڪ سمنڊ ۾ آهن. باقي ائٽلانٽڪ سمنڊ پاسي بالٽيمور يا نيويارڪ يا اڃا مٿي اتر طرف ڪئناڊا وڃڻو هوندو هو ته ڪئناڊا جي اڪثر سينٽ جان، هئليفئڪس، پرنس روپرٽ ۽ مانٽريل جھڙن بندرگاهن ۾ ويندا هئاسين.
ڪئناڊا جي مٿين صوبن کان علاوه ڪئناڊا جا ڪجهه وڌيڪ علائقا اڃا به اتر ۾ آهن. جيڪي Territoriesسڏجن ٿيون، هن ريت آهن: پئسفڪ سمنڊ پاسي يوڪان آهي، ان بعد اڀرندي پاسي نارٿ ويسٽ ۽ ان بعد Naunavut. ان پاسي ايڏو سيءُ ۽ سمنڊ ڄميل رهي ٿو جو اسان جو ڪڏهن وڃڻ نه ٿيو. ان کان مٿي اڃان به ڪئناڊا جا علائقا آهن جيڪي ويران آهن ۽ اتر قطب سان وڃيو ملن. ڪئناڊا جي اتر ۾ بئفن بي، beaufortSea ۽ برنگ نالي سمنڊ آهي. اهي سمنڊ سال جو وڏو حصو ڄميل رهن ٿا. ڪئناڊا جي اتر ۾ ساڄي پاسي گرين لئنڊ ۽ آئسلينڊ آهي.
ٻين ڳالھين سان گڏ نيويارڪ رياست جي هڪ شھر بفئلو (Buffalo) بابت لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جيڪڏهن توهان نِياگرا فالس آبشار جي ڳالهه ٿا ڪريو. منھنجي خيال ۾ ته انشھر (بُفئلو) جو نالو ۽ ان سان گڏ پوني، اٿاڪا (نيو يارڪ جو هڪ ٻيو شھر) ۽ ڪارنيل يونيورسٽيءَ جا نالا اسان سکر، روهڙي ۽ ڊوميڊيڪل ڪاليج جي نالن کان اڳ پنھنجي اڻ پڙهيل ڏاڏيءَ کان تڏهن ٻڌا هئا جڏهن آئون پرائمري اسڪول ۾ هوس. اسان جيئن ئي هوش سنڀاليو ته پوني جو نالو ٻڌوسين، جتي جي ائگريڪلچر ڪاليج (هاڻي يونيورسٽيءَ) مان منھنجو والد گل محمد شيخ ائگريڪلچر سائنس ۾ B.Sc. ڪري آيو هو. ان بعد نيويارڪ رياست جي شھر اٿاڪا (Ithaka)جو ٻڌوسين جتي جي ’ڪارنيل يونيورسٽيءَ‘ ۾ منھنجي والد ساڳئي سبجيڪٽ ۾ ماسٽرس ڪئي ٿي. بفئلو شھر اِٿاڪا ۽ نيويارڪ کان پري آهي پر شايد منھنجي والد جو اتي گهڻو رهڻ ٿيو، جو سندس هر خط جڏهن اسان جي ڏاڏيءَ جو پرائمري اسڪول جو ماستر ڀاءُ پڙهي ٻڌائيندو هو ته، هُو اهو ئي چوندو هو ته هي خط بفئلو مان لکيل آهي.
بھرحال اٿيڪا شھر اڄ به ڪارنيل يونيورسٽيءَ کان مشھور آهي جيڪا ’عذرا ڪارنيل‘ نالي هڪ شخص 1865ع ۾ ٺھرائي، جنھن ۾ اڄ ڪلهه 26 هزار شاگرد تعليم وٺن ٿا ۽ 4800 ايڪڙن تي آهي. هن يونيورسٽيءَ جا ٻه ٻيا به ڪئمپس آهن: هڪ نيويارڪ شھر ۾ ۽ ٻيو قطر جي ’ايڊيوڪيشن سٽي‘ ۾. ڪئناڊا وڃڻ وارن لاءِ خاص ڪري ’نياگرا آبشار‘ ڏسڻ وارن لاءِ نيويارڪ رياست جي هن شھر بفئلو (Buffalo) جي بيھڪ سمجهائڻ تمام ضروري سمجهان ٿو. بفئلو نيويارڪ رياست جو ٻيو نمبر وڏو شھر آهي. پھرين نمبر تي نيويارڪ سٽي آهي جنھن جا مئن هٽن، برانڪس، بروڪلن، ڪئينس ۽ اسٽيٽن ٻيٽ پنج ضلعا (Boroughs) آهن. بئفلو شھر نياگرا نديءَ جي بلڪل منھن وٽ ڪئناڊا جي بارڊر وٽ آهي. نياگرا ندي ’ايري (Erie) ڍنڍ‘ کان اتر طرف ’اونٽاريو ڍنڍ‘ ڏي وهي ٿي. نيا گرانڊي ڪئناڊا جي اونٽاريو صوبي ۽ نيويارڪ رياست (USA) جي وچ ۾ بارڊر ٺاهي ٿي يعني نياگرا نديءَ جي هڪ پاسي ڪئناڊا آهي ته ٻئي پاسي USA. هي ائين آهي جيئن سنڌو نديءَ جي هڪ پاسي دادو ضلعو آهي ته ٻئي پاسي نوشھرو فيروز ضلعو.
ڪئناڊا توڙي آمريڪا ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون نديون آهن. ننڍي هوندي يعني 1960ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن سامونڊي نوڪريءَ ۾ آيس ته مون کي جاگرافي يا تاريخ جي ايتري ڄاڻ نه هئي ۽ نه ڪو اسان جو ان سان ڪو واسطو هو. اسان مئرين انجنيئرن جو ڪم ته جھاز هلائڻ ۽ انجڻ جي وقت سر ٺاهه جوڙ ڪرڻ، خراب ٿي پوڻ يا ڀڄي پوڻ تي ان جي مرمت ڪرڻ يا نوَن پرزن سان تبديل ڪرڻ آهي. بھرحال اسان جو ڏاکڻن بندرگاهن ۾ اچڻ وڃڻ گهڻو هو. خاص ڪري ’لوئيزيانا رياست‘ جي ’نيو اورلينس‘ بندرگاهه ۾ جنھن لاءِ اسان کي مِسِيسِپي نديءَ ۾ سئو ميل کن اندر وڃڻو پوندو هو يعني ڪراچيءَ بعد جھاز کي سنڌو نديءَ اندر ڪوٽڙي وٺي وڃڻو پيو ٿي. مون سمجهيو ته هيءَ ندي وڌ ۾ وڌ هڪ ٻن رياستن تائين آهي. بعد ۾ پير تاج محمد جي رياست مِشيگن ۽ ان جي ڀر واري ڪئناڊا بارڊر واري رياست ’منيسوٽا‘ ۾ باءِ روڊ وڃڻ ٿيو ته اتي مِسِيسِپي نديءَ جي هجڻ جو ٻڌي، يقين ئي نه پيو اچي ته آيا اها ساڳي نيو اورلينس واري آهي يا هيءَ ٻي ڪا مِسِيسِپي ندي آهي. آخرڪار آمريڪا جو ڏاکڻو شھر نيو اورلينس ۽ اتراهون ميناپولوس (Minneapolis) جيڪو پڻ مِسِيسِپي جي ٻنھي ڪنارن تي آهي، هڪ ٻئي جي ويجها شھر ته نه آهن! سندن وچ ۾ ٻه هزار ڪلوميٽرن جو فاصلو آهي ۽ ڪار رستي 18 ڪلاڪ لڳن ٿا.
ان بعد خبر پئي ته اميزان بعد مِسِيسِپي آمريڪا جي ڊگهي ندي آهي، جنھن جي ڊيگهه 6300 کن ڪلوميٽر آهي. (سنڌو ندي ته 3610 ڪلوميٽر آهي يعني وولگا کان ٿوري ننڍي). مِسِيسِپي ندي ڪئناڊا واري بارڊر جي آمريڪي رياست منيسوٽا کان شروع ٿئي ٿي ۽ وسڪنسن، آيووا، اليناس، مسوري، ڪينٽڪي، ٽيننسي، ارڪانساس، مِسِيسِپي ۽ لوئيزيانا رياست مان ٿيندي خليجِ ميڪسيڪو (Gulf of Mexico) ۾ ڇوڙ ڪري ٿي، جتان هن جو پاڻي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ خارج ٿئي ٿو.
سو آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ ڪي ڊگهيون نديون آهن، ته ڪي نائيگرا نديءَ جھڙيون ننڍيون، جيڪا ڊيگهه ۾ 60 ڪلوميٽر مس آهي ۽ ايري ڍنڍ مان نڪري اونٽاريو ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هي ٻئي ڍنڍون ڪئناڊا ۽ آمريڪن بارڊر تي آهن يعني هنن ڍنڍن جي هڪ پاسي ڪئناڊا آهي ته ٻئي پاسي آمريڪا (USA). هنن ڍنڍن جي وچ ۾ جيڪا هيءَ نياگرا ندي وهي ٿي اها ڪا خاص ڊگهي ناهي. هالا کان حيدرآباد تائين مس آهي يا کڻي چئجي ته سکر کان گمبٽ تائين آهي، پر هن جي اهميت ان ڪري آهي ته اها ڪئناڊا ۽ USA جي وچ ۾ بارڊر ٺاهي ٿي. نديءَ جي هڪ ڪناري تي آمريڪي سپاهي ۽ اميگريشن وارا آهن ته ٻئي پاسي ڪئناڊا جا رائفلون تاڻيو بيٺا آهن، ته متان ڪا سھڻي ٻئي پاسي ميھار ڏي هلي وڃي.
پڙهندڙن لاءِ هڪ ٻي ڳالھه به لکندو هلان متان انھن کي يا هن پاسي ايندڙ شاگردن يا ٽورسٽن کي مونجهارو ٿئي. اها هيءَ ته ساڳيا نالا مختلف شين جا به آهن. جيئن ’اونٽاريو‘، ڪئناڊا جي صوبي جو نالو آهي ته شھر جو پڻ. ساڳئي وقت ڪئناڊا ۽ USA جي وچ ۾ اونٽاريو نالي ڍنڍ به آهي. اهڙي طرح نياگرا نديءَ جو، شھر جو ۽ آبشار جو نالو آهي.
هتي اهو به لکندو هلان ته آمريڪا جي مِيشگن جي کاٻي پاسي واري رياست وسڪنسن جيتوڻيڪ ڪئناڊا جي بارڊر وارين ٻين آمريڪي رياستن کان ٿورو هيٺ ڀري آهي، پر ڏٺو وڃي ته اها رياست به ڪئناڊا سان ملي پئي آهي جو ٻنهي جي وچ ۾ سپيريئر ڍنڍ آهي. وسڪنسن رياست جي گاديءَ جو شھر مئڊيسن آهي، پر ان کان وڏا شھر ’مِلِواڪي‘، ’گرين بي‘ ۽ ’ڪينوشا‘ آهي. هتي وسڪنسن رياست جو ذڪر ان ڪري کنيو اٿم ته اسان جي ليکڪ پير تاج محمد قريشيءَ جو هڪ ڀاءُ پير عبدالحفيظ قريشي سندس هڪ پاڙي واري رياست ۾ ڊاڪٽر آهي. وسڪنسن رياست جي جنھن شھر ۾ ڊاڪٽر صاحب رهي ٿو اليانوس رياست جو شھر شڪاگو به اتي ئي ڀر ۾ آهي. پير تاج محمد جو هڪ دوست سُھيل جروار به شڪاگو ۾ رهي ٿو. هُو ڪمپيوٽر امپورٽ ايڪسپورٽ جو ڪم ڪري ٿو. پير تاج محمد جا ٻه ٻيا دوست، هن جي ئي رياست مشيگن ۾ رهن ٿا. هڪ خالد ڏيپلائي ميمڻ، جنھن کي اتي گئس اسٽيشن يعني ’پيٽرول پمپ‘ ۽ ’سيون اليون‘ جا دڪان آهن ۽ ٻيو جان محمد رند ٻروچ، جيڪو حيدرآباد جي ٽيو نمبر تلاءُ تي رهيو ٿي، اهو پڻ مِشيگن ۾ ’سيون اليون‘ دڪان جو مالڪ آهي.
اليناس (Illinois) رياست جي وڏي شھر شڪاگو ۾ اسان جي ننڍي کنڊ جا ڪيترائي رهن ٿا. سنڌ جا مسلمان شاگرد، نوڪريون ۽ واپار ڪرڻ وارا به ڪافي آهن. جهڙوڪ اسحاق تنيو، منور جتوئي، رفيق ميمڻ ۽ ٻيا به ڪيترائي. پير تاج محمد قريشي جي ڳوٺ Warren کان سندس ڀاءُ ڊاڪٽر پير عبدالحفيظ جو وسڪنسن ۾ ڳوٺ يا الينئاس جو شڪاگو جيتوڻيڪ پنج سئو ڪلوميٽر آهي، شڪاگو کان فلڊالفيا چارسئو ڪلوميٽر ۽ شڪاگو کان نيويارڪ اَٺ سئو ڪلوميٽر آهي پر آمريڪا ۾ اهي فاصلا وڏا نٿا سمجهيا وڃن.
وسڪنسن رياست ۾ پنھل سنجراڻي ۽ سريش لوهاڻي به رهن ٿا ۽ اليناس رياست ۾ سعيد عباسي، ارشد انصاري، فيروز، سھيل انصاري ۽ ظھور شاهه وارا به رهن ٿا. اليوناس جي ڀر واري رياست مسوريءَ ۾ ڪاشف ڀٽو، اعجازالحق شيخ، حيدر قلباڻي، اسد ۽ مھدي وارا به رهن ٿا. هُونءَ پير تاج محمد جي شھر Warren کان نيويارڪ رياست جو شھر بفئلو چار سئو ڪلوميٽر مس آهي، جتان نياگرا فالس واري شھر ۾ پھچڻ سڀ کان سوَلو آهي. ٽوئرزم، گهمڻ ۽ قدرتي نظارا ڏسڻ کان اها روٽ سڀني ۾ بھترين آهي. بفئلو شھر ايري (Erie) ڍنڍ جي ڪناري تي آهي. بُفئلو کان نِياگرا فالس پنجٽيهه ڪلوميٽر آهي يعني باءِ ڪار اڌ ڪلاڪ جو رستو آهي. بُفئلو کان نياگرا فالس توهان ٽرين ۽ بس ذريعي به وڃي سگهو ٿا. ٽرين جو ڀاڙو ٽيهه کن ڊالر آهي ۽ بس فقط ٻه ڊالر وٺي ٿي.
پير تاج محمد قريشي جنھن شھر ’وارن‘ ۾ رهي ٿو، ان جي ڀٽ شاهه يا بائو ديري جيتري ڏيڍ لک آدمشماريءَ جو ٻُڌي اسان ان کي کڻي ڳوٺ سمجهون، پر اهو هڪ خوبصورت شھر آهي ۽ مشيگن رياست جو ٽيون نمبر وڏو شھر چئي سگهون ٿا. ڌنڌي ڌاڙي جو مرڪز آهي خاص ڪري ’جنرل موٽرس‘ جو ٽيڪنيڪل سينٽر آهي. ان کان علاوه ’بگ بُئاءِ ريسٽورنٽس‘ جو هيڊڪوارٽر آهي. هُونءَ به سڌريل ملڪن جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ صحت توڙي تعليم جون سھولتون جام آهن. اڄ ڪلھه ته آمريڪا توڙي يورپ ۽ جپان ۾ نه فقط مسجدون ۽ حلال کاڌن جا دڪان آهن، پر اسلامي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ’اسلامڪ سينٽر‘ به آهن. هُونءَ به اسان مسلمان اتي رهڻ کي ترجيح ڏيون ٿا، جتي مسجد ۽ مسلم ڪميونٽي هجي.
منھنجي خيال ۾ ٽي ويءَ جو مزاحيه اداڪار ’انور مقصود‘ چرچي طور چوندو آهي ته، ”اسان مسلمان به عجيب آهيون. پاڪستان ۾ هونداسين ته آمريڪن اسڪولن جي ڳولا ڪنداسين. آمريڪا ۾ هونداسين ته مدرسن ۽ اسلامڪ سينٽرن جي.“ ڏٺو وڃي ته اهو سڀ ڪجهه ضروري آهي. معاشي حالتون بھتر بڻائڻ لاءِ نوڪريءَ جي ضرورت آهي، جنھن لاءِ بين الاقوامي ٻولي انگريزيءَ ۾ ڀڙ هجڻ ضروري آهي. اسان جي مقابلي ۾ سري لنڪا، فلپينو، بنگلاديش ۽ انڊيا وغيره جا انجنيئر ڊاڪٽر ولايتن ۾ جلدي نوڪري حاصل ڪريو وڃن، جو هنن جي انگريزي سٺي آهي. هُو پنھنجو پاڻ ۾ به انگريزي ڳالھائيندا رهن ٿا. هنن کي هَٻَڪَ يا شرم محسوس نٿو ٿئي. هنن کي ڦَر ڦَر انگريزي ڳالھائيندو ٻُڌي عرب، ملئي يا ٻين امير ملڪن جا ماڻھو سمجهن ٿا، ته هُو ڪي وڏا قابل آهن. هاڻ اسان وٽ به ماڻھن ۾ اهو احساس جاڳيو آهي ته ڪو زمانو هو جو ’فارسي گهوڙي چاڙهسي‘ هئي، پر هاڻ انگريزي آهي. ويندي ايران، جپان ۽ عرب ملڪن ۾ به انگريزيءَ تي زور ڏنو پيو وڃي. سو اسان جا ماڻھو به چاهين ٿا ته سندن ٻار انگريزي سٺي سکن ۽ ڳالھائين، جو انگريزي ڳالھائڻ واري جو جرمني فرانس ته ڇا ناروي سئيڊن ۾ به گذارو ٿيو وڃي.
ساڳئي وقت، جيڪي اسان جا هم وطن ولايت ۾ رهن ٿا، اهي اهو پڻ ضروري سمجهن ٿا ته ٻار کي پنھنجي ڪلچر ۽ ثقافت جي ته ڄاڻ ڏجي پر مذهب ۽ اخلاق به سيکارجي، جيئن هُو وڏا ٿي پنھنجي زندگي بهتر نموني سان گذاري سگهن ۽ وڏي عمر ۾ پنھنجي والدين جو خيال رکن ۽ عزت سان پيش اچن.
مشيگن ۾ رهندڙ اسان جي ليکڪ پير تاج محمد قريشيءَ جي شادي 1993ع سندس چاچي پير عبدالحميد قريشيءَ جي نياڻي سان ٿي. پير عبدالحميد صاحب، جيڪو ڪامارو شريف جي درگاهه جو گادي نشين به آهي، سنڌ پوليس ۾ AIG جي پوسٽ تان رٽائرڊ ٿيو. پير عبدالحميد صاحب نيويارڪ مان آٽو انجنيئرنگ ڪئي. هي 1960ع واري ڏهاڪي جا اهي سال آهن جڏهن عبدالرزاق شيخ، مبارڪ ٽالپر، ڏاهري ڀائر، بشير مغل ۽ اسان جو پيٽارين رئيس نُور احمد نظاماڻي پڻ اتي رهيا ٿي، جيڪي ڪامارو شريف جي هن پير جي ڏاڍي تعريف ڪندا هئا، ته هي پِيرَ اسان جي روايتي پِيرن کان بلڪل مختلف آهي. اڄ مٿيان يارَ حيات نه آهن، نه ته هُو مون کي پير صاحب بابت لکڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڳالھيون ٻڌائين ها. پير عبدالحميد صاحب هن وقت 87 سالن جا ٿيندا ۽ حيدرآباد جي حسين آباد واري علائقي ۾ رهن ٿا.
اسان واري پير تاج محمد جو نالو سندس ڏاڏي تان رکيو ويو، جنھن کي پُٽن ۾ پير مرتضيٰ حسن ۽ پير غلام مصطفيٰ کان علاوه پير حميد قريشي AIG صاحب ۽ اسان واري پير تاج محمد جو والد پير عبدالجليل به هئا. ڏاڏي جي نالي هجڻ ڪري پير تاج محمد کي ’ڏاڏا سائين‘ به سڏين ٿا. پير تاج محمد قريشيءَ کي ست ڀاءُ آھن. وڏي ڀاءُ پير غلام محمد، زولاجيءَ ۾ ماسٽرس ڪرڻ سان گڏ وڪالت به پڙهي ۽ ھاڻ زمينون سنڀالي ٿو. سندن ٻيو ڀاءُ پير منظورقادر زمينداري ڪري ٿو. ٽئين نمبر تي پاڻ آهن ۽ چوٿون نمبر ڀاءُ ڊاڪٽر پير عبدالحفيظ لاءِ لکي چڪو آهيان ته هُو مشيگن رياست جي ڀر واري رياست وسڪنسن ۾ ڊاڪٽري ڪري ٿو. سندس ھڪ ڀاءُ پير عبداللطيف ھڏين جو ماھر آرٿوپيڊڪ سرجن ۽ حيدرآباد جي اسريٰ يونيورسٽيءَ ۾ ٽيچنگ پروفيسر پڻ آھي. جنھن کان پوءِ سندن ڀاءُ پير عبدالسميع ھو، جيڪو نومبر 2020ع ۾ ڪرونا جي وبا ۾ گذاري ويو. سندس ڀاءُ پير عبدالبديع قريشي ڀائرن سان گڏ زمينداريءَ ۾ ھٿ ونڊائي ٿو. پير عبدالبديع قريشي ھڪ يار ويس، سادو سودو ۽ کِلڻو مِلڻو انسان آھي. پير تاج محمد جو سڀ کان ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر پير عبدالحي ميرپورخاص جي ’محمدي ميڊيڪل ڪاليج‘ سان وابسته آهي ۽ ان سان گڏ پنھنجون زمينون پڻ سنڀالي ٿو.
هن سفرنامي جي مصنف پير تاج محمد ٻڌايو ته هن جي ڌيءَ State Wayneيونورسٽي مان ميڊيڪل جي برانچ پبلڪ ھيلٿ ۾B.Sc. ڪري رهي آهي. اها يونيورسٽي مشيگن رياست جي هڪ اهم ۽ مشھور يونيورسٽي آهي، جنھن جو بنيادي طرح واسطو ميڊيڪل سان آهي. هيءَ يونيورسٽي 1868ع ۾ ٺھي ۽ ڊيٽرائٽ شھر جي وچ ۾ آهي. مشيگن يونيورسٽيءَ ۾ هيءَ ٽيون نمبر وڏي يونيورسٽي آهي، جنھن ۾ ڇويهه هزار شاگرد تعليم حاصل ڪن ٿا. ڪيترائي شاگرد اسان جي پاسي (ايشيا ۽ آفريڪا) جا به آهن. هن يونيورسٽي وين (Wayne State University) جا ٻه گرئجوئيٽ ٿا ياد اچن. هڪ عبدي محمد کوسو. هي کوسو صاحب اسان جي ٻروچن مان ناهي، پر صوماليا جو شيدي مسلمان آهي. هن 1998ع ۾ Wayne يونيورسٽيءَ مان Ph.D ڪئي. هن ڪيترائي ڪتاب ۽ پنھنجي ملڪ جي ماڻھن پاران روزگار خاطر يورپ ڏي لڏپلاڻ تي مضمون پڻ لکيا آهن. هن جي مون سان سُئيڊن ۾ رهندڙ صوماليه جي ماڻهن بابت ڳالھه ٻولھه ٿي هئي. عبدي کوسي جي ڊائسرٽيشن جو عنوان هو:“Migration & Identity Process Among Somali Immigrants in Canada”. کوسو (Kusow) صاحب اڄ ڪلهه آمريڪا جي آيووا(Iowa) رياست ۾ سوشالاجي جو پروفيسر آهي.
هنState Wayneيونيورسٽيءَ جي هڪ بنگلاديشي سائنسدان ’سلطانه نورن نھار‘ به ڌيان ۾ اچي رهي آهي، جنھن ڍاڪا يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد مِشيگن رياست جي هن يونيورسٽي Wayne مان پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ هاڻ ’اوهايو يونيورسٽيءَ‘ جي ائسٽرانامي ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪري ٿي. اميد آهي ته پير تاج محمد جي ڌيءَ به هن يونيورسٽيءَ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري بنگلاديش جي سلطانه وانگر نالو روشن ڪندي.
”ھئيثم کي ته مون قرآن حفظ ڪرڻ تي لڳايو آهي.“ پير تاج محمد ٻڌايو.
”تمام سٺو“، جواب ڏنومانس، ”ان جھڙو ته ٻيو بھتر ڪم آهي ئي ڪونه.“
ھئيثم، پير تاج محمد جو ننڍو پٽ آهي. اسان سان گڏ هڪ ٻيو به دوست هو تنھن مون کان يڪدم پڇيو ته آئون اها ڳالهه ڪھڙي خيال کان ٿو ڪريان؟... ڇا ثواب جي خيال کان؟
”ثواب پنھنجي جاءِ تي. اهو ته ضرور آهي“، مون هنن کي پنھنجو تجربو ٻڌايو، ”هڪ ٽيچر جي حيثيت ۾ مون ڏٺو آهي ته اهي شاگرد جيڪي قرآن جا حافظ آهن، انھن جو يادگيرو وڌيڪ تيز رهي ٿو ۽ هُو اڪيڊمڪس ۾ به نمبر کڻن ٿا.“
ڪراچيءَ جي جنھن علائقي ۾ آئون رهان ٿو، اتي گجراتي بزنيس مين رهن ٿا. هنن کي مون ڏٺو آهي ته پنھنجن ٻارن کي پھرين قرآن حفظ ڪرائين ٿا، ان بعد اسڪول ۾ داخل ڪرائين ٿا يا اسڪول سان گڏ قرآن به حفظ ڪرائين ٿا، پوءِ اهي ٻار ڏکئي کان ڏکيا امتحان پاس ڪريو وڃن ۽ هاڻ ته جڏهن کان اسان جي پاڙي فيز 4 ۾ ’بيت السلام مسجد‘ ٺھي آهي ۽ جتي قرآن حفظ ڪرڻ جو بندوبست رکيو ويو آهي ته تقريبن هر گهر جو ٻار قرآن حفظ ڪري ٿو. اسان جي گهر جي سامھون وارو حافظ ڇوڪرو محمد اڪبر زبيري، آغا خان مان نه فقط سٺي پوزيشن ۾ ڊاڪٽر ٿيو پر آرٿو پيڊڪس ۾ پوسٽ گرئجوئيشن ڪئي ۽ هاڻ فقط ڪرنگهي جي سرجريءَ ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ انگلنڊ مان اسڪالر ملي اٿس.
دادو جو منير شيخ به اسان جي پاڙي ۾ رهي ٿو. هن جي پٽ به قرآن حفظ ڪيو. ان بعد ڊاڪٽري پڙهيو. بھرحال ان بابت ضرور بحث هلندو آهي ته ٻار کي قرآن حفظ ڪرائجي يا معنيٰ ۽ تفسير سان پڙهائجي، جيئن هُو ٻين کي به سمجهائي سگهي. بھرحال ٻار جي يادداشت وڌائڻ لاءِ هن کي قرآن جون ننڍيون صُورون، شاهه جا بيت يا ٻيون ڳالھيون طوطي وانگر ياد ڪرائڻ ۾ به فائدو آهي. ان ڳالهه جي فئور ۾ سنگاپور جو سابق وزير اعظم ’لي ڪُئان يُو‘ پڻ هوندو هو. جپاني يا چيني پڙهڻ وارن کي ڏسو ته هُو پنهنجي الفابيٽ تي ڪيڏو رَٽَو هڻن ٿا. هُونءَ جو ٻار خالي دماغ ويٺو هجي ۽ اوٽ پٽانگ جون گاريون ۽ ڊائلاگ ويٺو ٻڌي، ان کان بھتر آهي ته هن کي ڪا ڪم جي شئي ياد ڪرڻ ۾ لڳائجي جيئن هندو، ٻُڌ يا چيني پنھنجن ٻارن کي پنھنجي ڌرم جون شيون ياد ڪرائين ٿا.
هُونءَ مشيگن رياست ۾ رهندڙ مسلمان خوش نصيب آهن جو اتي ’مشيگن اسلامڪ انسٽيٽيوٽ‘ نالي ادارو آهي، جيڪو ان شھر Warren ۾ آهي، جتي ڪامارو شريف جو پير تاج محمد فئمليءَ سان رهي ٿو. وارن شھر جي هن اداريMichigan Islamic Institute ۾ هيٺيان پروگرام آهن:
• فل ٽائيم حفظ القرآن.
• فل ٽائيم عالم ڪورس.
• ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ ضروري علم.
• 5 کان 12 درجي تائين تعليم.
هن اسلامي اداري ۾ سومر کان جمعي تائين صبح جو اَٺين کان شام جو ساڍي چئين تائين ڪلاس ٿين ٿا. اهي ٻار جيڪي قرآن حفظ ڪن ٿا يا عالم مفتي ٿيڻ چاھين ٿا، انھن جا ڪلاس اَٺين کان ٻارهين تائين رهن ٿا. ٻارن کي چئن سالن جي عرصي ۾ قرآن حفظ ڪرايو وڃي ٿو. پھرين سال ۾ هنن کي ناظره ۽ تجويد ۽ قرآن پاڪ جا ٻه سيپارا ياد ڪرايا وڃن ٿا. ٻئي ۽ ٽئين سال ۾ قرآن جا ستاويهه سيپارا ياد ڪرايا وڃن ٿا. آخري سال ۾ مڪمل قرآن شريف ۽ قرآن جو ٽي دفعا دَور ڪرايو وڃي ٿو. ڪورس ختم ٿيڻ تي شاگردن کي اسلامڪ مشيگن انسٽيٽيوٽ طرفان ’حفظ القرآن‘ جو سرٽيفڪيٽ ڏنو وڃي ٿو. جنھن بعد هُو ٻين کي قرآن پڙهائي سگهن ٿا ۽ امامت به ڪري سگهن ٿا. شاگردن کي ڏهه ڏهه ڄڻن جي گروپ ۾ وهاريو وڃي ٿو، جنھن لاءِ الڳ الڳ ٽيچر رکيو وڃي ٿو. اسلامي اداري کي هاسٽل به آهي. پير تاج محمد اهو ٻڌائي رهيو هو ته، ”هن جو پٽ ھئيثم قريشي، جيڪو قرآن حفظ ڪرڻ سان گڏ انگريزي تعليم به حاصل ڪري رهيو آهي ۽ يارهين گريڊ ۾ آهي، اتي ھاسٽل ۾ رهي ٿو. ھئيثم قريشي، قرآن حفظ ڪرڻ کان پوءِ اڳتي مڪينيڪل انجنيئر ٿيڻ چاھي ٿو.“
’مشيگن اسلامڪ انسٽيٽيوٽ‘ جي نالي سان هي ادارو مشيگن جي ’مسجد عثمان بن عفان‘ سان لاڳاپيل آهي. ان کان علاوه يعني مشيگن اسلامڪ انسٽيٽيوٽ کان علاوه ڪجهه ٻيا اسلامي ادارا پڻ مسجد عثمان بن عفان سان Affiliated آهن، جتي اسلامي تعليم سان گڏ قرآن پڻ حفظ ڪرايو وڃي ٿو، جهڙوڪ:
• مفتاح انسٽيٽيوٽ ۽
• منير اڪيڊمي.
هتي اهو به لکندو هلان ته آمريڪا جي مشيگن رياست ۾ فقط مٿين مسجد عثمان بن عفان ناهي. مشيگن جي رڳو ڊيٽرائٽ شھر ۾ ٽيٽيهه کن مسجدون آهن. هڪ مسجد ’ڊيربورن‘ ته 1937ع ۾ ٺھي هئي. جيڪا آمريڪا جي ٻيو نمبر پراڻي مسجد آهي. هيءَ مسجد لبنان کان لڏي آيل مسلمانن ٺھرائي هئي. مون کي ياد آهي ته ڪنھن زماني ۾ 1980ع ۾ هن مسجد جي پاڙي وارن ٻانگ جي آواز تي اعتراض ڪيو هو. پوءِ ڪيس هليو. جج، مسلمانن جي حق ۾ فيصلو ڏنو ۽ چيو ته، ”ٻانگ ائين آهي، جيئن گرجا گهر جا گهنڊ. ان ڪري هتي جي ماڻھن کي اعتراض نه هئڻ کپي.“
آمريڪا جي پھرين مسجد به هن رياست مشيگن جي شھر ھائيلينڊ پارڪ ۾ آهي ۽ 1921ع ۾ ٺھي هئي. هيءَ مسجد دمشق کان آيل هڪ سخي عرب واپاريءَ ٺھرائي هئي. مِشيگن جي هڪ ٻي مشھور مسجد ’الاصلاح مسجد‘ آهي، جيڪا بنگلاديش کان لڏي آيل بنگالين 2000ع ۾ ٺھرائي.
بھرحال هن ڪتاب جي ليکڪ پير تاج محمد قريشي، جنھن جي خاندان جو واسطو ڪامارو شريف جي پيرن سان آهي، جيڪي وڏيرا، داداگير يا سياستدان نه پر مذهب جي ڄاڻ رکندڙ، انسان ذات جو ڀلو چاهيندڙ ۽ تعليم جي حيثيت سمجهندڙ آهن، انھن لاءِ مون کي پڪ آهي ته آمريڪا جي هيءَ رياست مشيگن بيسٽ آهي. هن خاندان جي پِيرن کي آئون سنڌ جي ڪيترن پيرن کان مختلف ۽ مثالي ٿو ڏسان. آئون به اڌ صديءَ کان جڏهن کان 1968ع ۽ 1969ع کان آمريڪا وڃڻ ٿيو، آئون پنھنجن سنڌي آمريڪن دوستن کان ڪاماري وارن پِيرن بابت ٻڌندو اچان، خاص ڪري پير عبدالحميد قريشي بابت، جيڪو انھن ڏينھن ۾ يعني 1960ع واري ڏهاڪي ۾ نيويارڪ ۾ هو. سندس ڀائٽي پير تاج محمد جي ڪتاب جي پيش لفظ لکڻ جي بھاني مون کي هن فئمليءَ بابت ڪجهه لکڻ جو موقعو ملي ويو آهي، جيئن اسان جي ماڻهن جي ڄاڻ ۾ اچي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ ۾ خانقاهن جو وجود عام و خاص ماڻھن جي ديني رهنمائيءَ جو وسيلو رهيو آهي. خانقاهن جي سرپرستن عوام الناس جي اخلاق ۽ معاشري جي اصلاح جو ڪم ڪيو آهي. ’درگاهه پير اشرف شاهه رح ڪامارو شريف‘ جو سرپرست پير محمد اشرف قريشي ڪاماري وارو به اهڙن عظيم روحاني رهنمائن مان هو، جنھن خدا جي عشق ۽ ماڻھن جي محبت ۾ پنھنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي هئي. پير صاحب ٽالپرن جي حڪومت ڌاري ’ڳوٺ ڪرم خان جمالي ٽنڊي باگي‘ کان ھجرت ڪري ’ڪامارو تعلقو ٽنڊوالهيار‘ ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي. سندن خاندان ’شيخ بھاءُ الدين ذڪريا ملتاني‘ جي نسب مان هو ۽ سنڌ ۾ هن خاندان جي اڳ ۾ ئي ڪافي اچ وڃ هوندي هئي.
پير محمد اشرف جي ولادت 1799ع ۾ ڳوٺ ڪرم خان جمالي تعلقي ٽنڊي باگي ۾ ٿي هئي. ڪاماري شريف ۾ سندس آمد آسپاس جي عام و خاص ماڻھن لاءِ رحمت ۽ برڪت جو باعث ٿي ۽ هي ننڍڙو ڳوٺ شھرت ماڻڻ لڳو. هُونءَ به هي ڳوٺ صديون اڳ آباد هو، جيئن شاهه لطيف هن کي سر سارنگ ۾ ڄاڻايو آهي:
ڍٽ ڍري پٽ پيئون، آيون ڪاهي ڪاماري،
وٺا پٽ پراڻ جا، وٺيون ساماري،
ڪڪر ۾ ڪري، وڄڙين پسو ويس ڪيا.
اها ئي سِڪائتي ڇڪ هئي، جنھن پير محمد اشرف جھڙي عظيم شخصيت کي ڪاماري ڪَھِي اچڻ لاءِ مائل ڪيو. پاڻ به انھيءَ سڪ سان ۽ ساڳئي سر سارنگ ۾ ڪاماري جي سار سنڀال لھي رهيو آهي.
جمعي ڏينھن جوڙ، ڪي مانڊاڻا مينھن جا،
قادر ڪاماري جا، اچي ٻنا ٻوڙ،
صاحب سنڌو سائين، ڇڏ گسر ڪر گوڙ،
اوهيرا آب جا، مٿي ڇنن ڇوڙ،
پکا پراڻ ڪنڌئين، آڻي کٿيرن جا کوڙ،
پکا تن جا ٽوڙ، جن سانڍيون اشرف چوي.
ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:
ڪر کڻي ڪاماري تي، ڪر وسڻ سان وس
جي ڏوگاهي ڏٻريون ڪيون، تن جو ڪر ترس.
پير صاحب جي توڪل بابت ڪيئي روايتون ماڻھن ۾ مشھور آهن. پاڻ صاحب طب جي علم ۽ فن ۾ به صاحب ڪمال هو. ڪيئي لاعلاج مريض وٽانئس شفاياب ٿيندا رهيا ٿي.
پير محمد اشرف قريشي 1860ع ۾ وفات ڪئي. سندس مقبري جي ڪتبي تي هيٺيون فارسيءَ جو قطعو ڪاشيءَ جي سِرُن تي نقش ٿيل آهي:
فغان از وفات ولي خدا،
که مثلث نبوده دارين شش جھات.
محمد علم اشرف اثر شد خطاب،
چو اسم و خطابش برابر صفات.
نبايد به تحرير و صفش اگر،
شود خانه اشجار و دريا دوات.
خلف ماند زو در جھان نام نيک،
که نيڪي ز نيڪان جود باقيات.
کلامش جود عاشقان را چو قوت،
بيانش جود طالبان را برات.
دلم گفت سال و صالش بحق،
محمد جود اشرف ڪائنات.
(1277هه)
پير تاج محمد جي سفرنامي تي پيش لفظ لکڻ بھاني مون کي سندس ڪتاب ۽ فئمليءَ تي لکڻ جو هڪ سٺو موقعو ملي ويو آهي ۽ مضمون ڪجهه وڏو ٿي ويو آهي، جيتوڻيڪ اڃا ڪيتريون ڳالھيون لکڻ تي دل چوي پئي. هن فئملي، ڪاماري شريف جي پيرن جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جستجو، طبيعت جي سادگي، ضرورتمند جي ڪم اچڻ، هر وقت ٻئي جي ڀلي جو سوچڻ... سندن وڏن کان هلندو اچي. هنن روايتي پيري مريدي ۽ پئسي ڏوڪڙ جي لالچ کان هٽي ڪري ماڻھن جي خدمت ڪئي آهي. سڀ کان وڏي ڳالھه ته هنن پاڻ به تعليم حاصل ڪرڻ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ وارن جي مدد ڪئي ۽ هنن جي خوشحال زندگي بڻائي ۽ اهو ئي ميسيج هن ’پيش لفظ‘ ذريعي پنھنجي سرندي وارن سردارن، اميرن، پيرن، وڏيرن، وزيرن، سياستدانن کي ڏيڻ ٿو چاهيان ته هُو نه رڳو پنھنجي ٻارن تي سختي ڪن ته هُو صحيح طرح تعليم حاصل ڪن، پر پنھنجي تر جي غريب ذهين ٻارن جي مالي ۽ اخلاقي مدد ڪن ته هُو ڪنھن منزل تي پھچي پنھنجي خاندان ۽ پنھنجي ملڪ جي خذمت ڪن. جنھن جي مدد ڪندائو اهو ۽ ان جو اولاد توهان کي سڄي زندگي دعائون ڏيندو رهندو. ان جو فقط هڪ ننڍڙو مثال هتي ڏيان ٿو... ٿي سگهي ٿو ڪنھن کي منھنجي ڳالھه سمجهه ۾ اچي وڃي ۽ هُو محسوس ڪري سگهي ته اصل خوشي ڇا ۾ آهي. اڄ کان ٽيھارو سال کن اڳ ورجينيا آمريڪا ۾ رهندڙ لاڙڪاڻي جي علي نواز ميمڻ کان موڪلائڻ وقت هن مون کي چيو ته مقبول هاليپوٽو، ڊاڪٽر اعجاز ترڪ، حنيف سانگي ۽ ٻه ٽي ٻيا دوست چندو گڏ ڪري انھن غريب ڇوڪرين کي تعليم ڏيڻ چاهين ٿا، جيڪي هوشيار هوندي پڙهي نٿيون سگهن. اسان مختلف شھرن جي استادن معرفت هر سال چار پنج لائق ڇوڪريون ڳولي انھن جي مالي مدد شروع ڪئي. مون کي حيرت ٿي ته اسان جي ڳوٺن ۾ سخت غربت جي باوجود ڪيتريون ئي ڇوڪريون اهڙيون مليون جن بورڊ ۾ پھريون، ٻيو يا ٽيو نمبر کنيو ٿي. هُو غربت ڪري هاڻ بِي اَي به نٿي ڪري سگهيون. هنن کي ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ خرچ ڏنو ويو. جيتوڻيڪ اهو ڪو گهڻو پئسو نه هو. هنن جو في کان علاوه مانيءَ جو هڪ ويلو مس ٿَي ٿيو. هنن ڏاڍي محنت ڪئي ۽ هر سال سٺي پوزيشن سان پاس ٿينديون رهيون ۽ هي سلسلو هلندو رهيو. منھنجو ڪم انھن تائين پئسو موڪلڻ ۽ هنن جي پروفيسرن کان هنن جي تعليمي پروگريس جي معلومات حاصل ڪري علي نواز ميمڻ صاحب کيUSA رپورٽ موڪلڻ هو، جيئن پئسا ڏيڻ وارن کي خبر پوي ته هنن جو پئسو صحيح استعمال ٿي رهيو آهي. پنج سال اڳ تائين اها ڊيوٽي منھنجي حوالي هئي ۽ پوءِ طبيعت صحيح نه رهڻ ڪري مون معذرت ڪئي ۽ هاڻ اهو ڪم ’سھارو‘ وارا ڪري رهيا آهن. بھرحال منھنجي هوندي هڪ سئو کن ڇوڪريون ڊاڪٽرياڻيون ٿيون، جيڪي هُونءَ غربت جي ڪري پڙهائي قائم نه رکي سگهن ها. ساڳئي وقت اسان جي آمريڪن سنڌي دوستن لاءِ اهو پئسو ڪو وڏي ڳالهه نه هو، پر ڏسو هنن ڪيڏو وڏو خير جو ڪم ڪيو ۽ اڃان ڪندا اچن ۽ غريبن جا ٻار اڄ خوشحال زندگي گذاري رهيا آهن.
هڪ دعوت ۾ روينيو جو آفيسر زال سان گڏ مليو. هُو منھنجو نالو ٻڌي مون کي ۽ منھنجي آمريڪن دوستن کي دعائون ڏيڻ لڳا. خبر پئي ته هن جي زال نه فقط ڊاڪٽر آهي پر گائناڪالاجسٽ پڻ، جنھن جي ننڍپڻ ۾ ماءُ پيءُ گذاري وڃڻ ڪري، هن جي ڀيڻ جيڪا ڳوٺ جي اسپتال ۾ هڪ نرس هئي، جيڪا پاڻ به غريب ۽ ٻچڙيوال هئي تنھن نپايو. هن لاءِ انٽر بعد پڙهڻ ناممڪن هو، جيتوڻيڪ هُوءَ بيحد هوشيار ۽ محنتي هئي، پر اسان جي پيٽارو جي اقبال جماڻيءَ جي ڏنل اسڪالر مان هُوءَ نه فقط ڊاڪٽر ٿي وئي، پر ماهر امراضِ زنانه پڻ. ڪنھن ٿي سوچيو ته ڏورانهين ڳوٺ جي هڪ يتيم ۽ غريب ڇوڪري پڙهي سگهندي. اقبال جماڻي ۽ سندس گهرواري ادي فھميده چوندي آهي ته اسان جي ٻي ڪا انويسٽمينٽ ناهي سواءِ غريب ڇوڪرين کي پڙهائڻ ۽ مالي مدد ڪرڻ جي.
اهڙي طرح هڪ دفعي سول اسپتال ۾ پرهه نالي لاڙڪاڻي جي هڪ ڊاڪٽرياڻي اچي ملي. هن منھنجي صحت جو پڇي چيو ته، ”سر! تڪلف نه ڪريو، آئون هتي ڪافي سينئر ڊاڪٽرياڻي آهيان، منھنجي لائق خذمت هجي ته ٻڌايو. آئون توهان ۽ توهان جي دوستن جي ٿورائتي آهيان.“
منھنجي نه سڃاڻڻ تي هن ٻڌايو ته ڏهه سال اڳ هن ۽ هن جي سؤٽِ بورڊ ۾ پوزيشن کنئي هئي، پوءِ آمريڪا ۾ رهندڙ علي نواز ۽ ان جي ڪزن سرفراز ميمڻ کي چئي، مون هنن کي پنجن سالن لاءِ اسڪالر وٺرائي ڏني هئي ۽ هُو ٻئي چانڊڪا مان نه فقط سٺي پوزيشن ۾ ڊاڪٽر ٿيون، پر ڪراچيءَ ۾ وڌيڪ پڙهي اڄ وڏيون ڊاڪٽرياڻيون آهن. مون کي ياد آيو ته هُو هڪ اهڙي ڳوٺ جون هيون، جن جي گهر ۾ بلب به نه هو. رات جو پڙهڻ لاءِ هنن کي موڪل جي ڏينھن ۾ به هاسٽل ۾ رهڻو پيو ٿَي ۽ هڪ ويلي تي گذارو ڪرڻو پيو ٿَي. آئون پنھنجي خاندان جي ڇوڪرين کي هميشه هن پرهه ۽ سندس ڪزن سان فون تي ڳالھائڻ لاءِ چوندو هوس، ته هُو ڪيئن ڏکين حالتن ۾ رهي تعليم حاصل ڪري رهيون آهن. اڄ انھن مان هڪ کي اعليٰ پوسٽ تي ڏسي ۽ هن کي آمريڪا جي دوستن کي دل سان دعائون ڏيندو ڏسي خوشي ٿي.
ان ڏينھن هڪ ٻئي ڊاڪٽر سان ملاقات ٿي. مون کي SIUT ۾ ’ڊاڪٽر اديب رضويءَ‘ سان ملي فوٽو ڪڍرائڻو هو. ان لاءِ مون کي پيٽارو جي شھيد دوست ’ڊاڪٽر سرفراز شاهه‘ ENT جي ماهر، جو پٽ آرٿوپيڊڪ ’سرجن غضنفر شاهه‘ وٺي آيو. ڊاڪٽر اديب رضويءَ کي ڪير نه سڃاڻي. هُو نه فقط پنھنجي فيلڊ جو ماهر ڊاڪٽر آهي، پر سخي مرد پڻ. هن پنھنجي زندگي انسان ذات جي ڀلي لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي ۽ هن جي اداري جي ڪارڪردگي دنيا ۾ مشھور آهي. 83 ورهن جي ڄمار جي ڊاڪٽر اديب الحسن رضويءَ جو چوڻ آهي ته هن جي مري وڃڻ بعد به هي ادارو اهڙو ئي بھتر رهندو، جو هن ڊاڪٽرن کي ان يورولاجي ۽ ٽرانسپلانٽيشن جي ڪم ۾ ماهر ڪري ڇڏيو آهي ۽ انھن مان بھترين ڊاڪٽر هن سان گڏ ڪم ڪن ٿا.
اسان جي ملاقات وقت ڊاڪٽر اديب سان گڏ جيڪو نمبر ون يعني بھترين ۽ ماهر ترين ڊاڪٽر هو، ان سان هن ملائيندي چيو ته، ”ڊاڪٽر مبارڪ، سنڌ جي ٿر واري علائقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جو آهي. ڪيترن ئي سالن کان هي مون سان ڪم ڪري رهيو آهي. سندس بھترين ڪم، ڄاڻ، محنت ۽ ايمانداريءَ جي ڪري آئون هن کي ڇڏي نٿو سگهان. آئون ۽ هڏن جو ماهر نوجوان ڊاڪٽر غضنفر ڪي لمحا ٿورائتين نظرن سان ڊاڪٽر اديب رضويءَ کي ڏسندا رهياسين ته هي ڪيڏو عظيم انسان آهي، جيڪو مذهب، ذات پات، زبان، فرقي، غريب امير جو فرق نه ڪندي انسان ذات جي خذمت ڪندو رهي ٿو.
ڊاڪٽر محمد مبارڪ نوهڙيءَ سان ملڻ جو مون کي به شوق هو. مون هن بابت ٻڌو هو پر ڏٺو نه هو. ڊاڪٽر غضنفر شاهه کي هن بابت ڪا خبر نه هئي. ڊاڪٽر مبارڪ سنڌيءَ ۾ اسان کي کيڪاريو ته کِلي چيومانس ته، ”سائين مون ته توهان کي آمريڪا جي رياستن مِشيگن ۽ وِسڪنسن ۾ پئي ڳولھيو.“ پاڻ سمجهي ويو ۽ کيس اطلاع به ٿيل لڳو ٿي ته آئون ڪنھن جو حوالو ڏئي رهيو آهيان. يڪدم چيائين، ”آئون ڪاماري شريف جي پِيرن جو ٿورائتو آهيان، جن جي ڪري آئون هن منزل تي آهيان نه ته اسان ٿر جي ڳوٺ جي غريب ڀائرن کي ڪٿي هئي ڄاڻ! ڪٿي هو پئسو جو ڊاڪٽر ٿيون. آئون ۽ منھنجا ٻار ٻچا اهڙن پِيرن لاءِ هر وقت دعائون گهرندا رهون ٿا. هُو عظيم انسان آهن.“
مون ڏٺو ته مون سان گڏ ڊاڪٽر غضنفر، ڊاڪٽر مبارڪ جون ڳالھيون حيرت سان ٻڌندو رهيو ته ڊاڪٽر اديب رضويءَ جي ڳالھه مان هيءَ ڪاماري شريف جي پِيرن جي ڳالھه ڪيئن نڪتي! ۽ مبارڪ جو مطلب ڇا آهي؟ غضنفر کي چيم ته، ”ٻاهر نڪري توکي سڄي ڪھاڻي ٿو ٻڌايان.“
ڊاڪٽر اديب ۽ ڊاڪٽر مبارڪ نوھڙي سان گڏ چانھه پي، ڪتاب لاءِ فوٽو ڪڍي موڪلايوسين. ٻاهر نڪري غضنفر کي چيم ته، ”مون سان به موجوده ڪامارو شريف جي پڳ واري سائين پير عبدالحميد قريشي جي فرزند پير عبدالمجيد، ڊاڪٽر مبارڪ ۽ سندس ڀاءُ اکين جي ماهر ڊاڪٽر محمد سالم جي ڳالھه ڪئي هئي. سائين پير عبدالحميد کان اڳ پير ابراهيم خليل ولد پير خان محمد گادي نشين هو. پير ابراهيم خليل 1922ع ۾ مڪي شريف ۾ ڄائو هو. هُو وڏو پڙهيل ڳڙهيل هو. ممبئيءَ مان مئٽرڪ ڪيائين ۽ پوءِ 1947ع ۾ ممبئيءَ مان ئي مڪينيڪل انجنيئرنگ ڪيائين. ان بعد هن کي ڊاڪٽريءَ جو شوق ٿيو ۽ انٽر پري ميڊيڪل ۾ ڪري 1967ع ۾ ’ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل ڪاليج‘ مان ڊاڪٽري پڙهي. ان کان علاوه B.Sc. انگريزي سبجيڪٽ ۾ به ڪئي هئائين. هُو واپس ڪاماري آيو. سروس نه ڪيائون. پنھنجي گاديءَ جو خيال رکيائين ۽ ماڻھن جو مفت علاج ڪندا رهيا. سندن والد جون زمينون مسڻ وڏي ۾ جيڪي هيون، انھن کي سندن ڀاءُ پير اسماعيل صادق سنڀالڻ لڳو. هتي هڪ دفعو وري ياد ڏياريندو هلان ته پير خليل ۽ پير اسماعيل اسان جي ليکڪ پير تاج محمد قريشيءَ جا ماما ٿيا. بھرحال ڳالھه ٿا ڪن ته ڳوٺ جي اسڪول ۾ پير اسماعيل صادق جي ڪمدار جو پٽ به پڙهيو ٿي، جيڪو امتحان ۾ هر سال ٽيون نمبر آيو ٿي.
”ڇو ڀلا پھريون نمبر نٿو اچي؟“ پير صاحب، ڪمدار کان پڇيو.
ڪمدار ٻڌايو ته زمينن تي جيڪي ٿري هاري ڪم ڪن ٿا، انھن مان هڪ جا ٻه پٽ هر سال پھريون ۽ ٻيو نمبر کڻيو وڃن. پير صاحب کي حيرت به ٿي ته خوشي به. هن انھن ٻنھي ڀائرن کي گهرائي پڇيو ته، ”توهان وڌيڪ پڙهڻ چاهيو ٿا؟“ هنن جي هائوڪار تي پِير صاحب سندن رهائش ۽ کاڌي پيتي جي خرچ جو حيدرآباد بندوبست ڪيو. هنن مئٽرڪ ۽ انٽر ڪئي، ان بعد MBBS ڪري ڊاڪٽر ٿيا ۽ انگلنڊ مان وڌيڪ تعليم حاصل ڪري ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر محمد سالم اکين جو ماهر ڊاڪٽر ٿيو ۽ وڏو ڊاڪٽر محمد مبارڪ جنھن سان پاڻ هاڻ ملياسين نه فقط بورڊ جي امتحان ۾ پھريون نمبر آيو، پر ڊاڪٽريءَ جي امتحانن ۾ به. اڄ هُو ڊاڪٽر اديب رضويءَ سان ڪم ڪري ٿو ۽ يورولاجيءَ جو ماهر ڊاڪٽر آهي.“
ڊاڪٽر مبارڪ تي ڪنھن ٻئي هنڌ تفصيل سان لکڻ چاهيان ٿو. هتي هن لاءِ فقط ايترو لکندس ته لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي آخري سال جي ڪانووڪيشن ۾ کيس اٺ گولڊ ميڊل ۽ يارنهن ميرٽ سرٽيفڪيٽ مليا ۽ هُو ’بيسٽ گرئجوئيٽ‘ مڃيو ويو. اهڙي طرح هن کي FCPS جي امتحان ۾ به ٽي گولڊ ميڊل مليا. ڊاڪٽر صاحب کي شروع کان ريسرچ سان شوق رهيو آهي ۽ سندس تقريبن ٽي سئو پيپر ڇپيل آهن.
بھرحال مٿيون ڳالھيون لکڻ مان منھنجو مقصد يا کڻي چئجي ته انھن ڳالھين جي باٽم لائين اها آهي ته سنڌ جي ٻھراڙي توڙي شھرن ۾ هر قسم جو Talent تمام گهڻو آهي، بس هنن کي موقعو نٿو ڏنو وڃي... توهان موقعو ڏئي ڏسو ته ڪيترائي بھترين ڳائڻا، ڪرڪيٽر ۽ هاڪي پليئر، ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان ۽ جھاز هلائڻ وارا ملندا... مرد توڙي عورتون. منھنجا آمريڪا جا سنڌي دوست، جيڪي اسڪالرون ڏيندا هئا اهي سڀ ڳوٺن جون ڇوڪريون هيون. سڀني MBBS ۽ پوسٽ گرئجوئيشن ڪئي ۽ اڄ هُو ملڪ جون ناليريون ڊاڪٽرياڻيون آهن، جيڪي غربت ۽ سھوليت نه ملڻ جي حالت ۾ هرگز پڙهي نه سگهن ها. ٻي ڳالھه اها ته توهان پنھنجي اوسي پاسي ڪو ذهين ۽ محنتي شاگرد ڏسو ٿا ته هن جي تعليم جو بندوبست ڪري، خير جو ڪم ڪريو ۽ دعا کٽيو. ٻيو نه ته ذوالفقار هاليپوٽي ۽ ذوالفقار قادريءَ وانگر هنن کي ريڙهو ٺھرائي ڏيو ته هُو ڀاڄي يا ميوو وڪڻي روزگار کي لڳي سگهي. آخري ڳالھه اها ته توهان جنھن به ضرورتمند جي مدد ڪندائو، هُو سڄي عمر توهان کي ياد رکندو. ڊاڪٽر مبارڪ (۽ هاڻ هن جو پٽ بلاول به هيڏو وڏو ڊاڪٽر ٿي ويو آهي پر ان هوندي به) اهو ٻڌائيندي پنھنجي بي عزتي نٿو محسوس ڪري ته هُو مسڪين هاريءَ جو ٻار هو. هُو ٻھراڙيءَ ۾ رهيو ٿي. اڄ هُو جيڪي ڪجهه آهي، اهو ڪاماري شريف جي پِيرن جي ڪري آهي، جيڪي غريب شاگردن جي مدد ڪندا رهن ٿا. هُو پاڻ به تعليم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته غريب غربي لاءِ به تعليم عام ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙين ٿا. توهان کي ميڊيڪل فيلڊ ۾ ئي ڪاماري شريف جي پِيرن جون ڪيتريون ئي عورتون ۽ مرد نظرايندا. جن محنت ڪري اعليٰ رتبا حاصل ڪيا آهن، نه ته اسان وٽ اهڙن وڏن ماڻھن جا ٻار B.A جي ڊگري به پاڻ پڙهي حاصل ڪرڻ بدران ٻين ذريعي حاصل ڪن ٿا.

الطاف شيخ
16 ڊسمبر 2021ع
ڪراچي

هڪ ٻئي آمريڪيءَ جو سنڌي سفرنامو...

هڪ ٻئي آمريڪيءَ جو سنڌي سفرنامو...
آڏيءَ کان البني تائين (مهاڳ)

اڄ ڪلھه ڏسجي ته سنڌي ادب ۾ سفرنامن جو تعداد ناولن کان به گهڻو نظر اچي ٿو. منھنجو پھريون سفرنامو ’منھنجو ساگر منھنجو ساحل‘ 1969ع ۾ ڇپيو. هي انھن سفرن جو احوال هو، جيڪي مون سال 1968ع ۾ مختلف سامونڊي ۽ هوائي جھازن ۾ ڪيا. ان وقت سنڌيءَ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا سفرناما هئا. اڄ منھنجي سؤ کن سفرنامن کي مائينس ڪجي ته به مختلف ليکڪن جا انيڪ سفرناما موجود آهن، جيڪي گهمڻ جي شوقين، ولايت ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن، نوڪريون ڪندڙن، ڊاڪٽرن، انجنيئرن، پروفيسرن، ڪانفرنسون ۽ سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ولايت ويندڙ مردن توڙي عورتن جا آهن. اهي آتم ڪٿائن (آٽو بايوگرافين) بعد ٻئي نمبر تي شوق سان پڙهيا وڃن ٿا.
شروع جي ڏينھن ۾ يعني 1960ع واري ڏهاڪي ۾، مون جڏهن اڄ واري بنگلاديش ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران ’دريائن جي ديس مان‘ جي عنوان سان ان وقت جي ’بادل‘، ’نئين زندگي‘، ’ڳوٺ سڌار‘ ۽ ’هلالِ پاڪستان‘ رسالي لاءِ لکڻ شروع ڪيا ته ان وقت نه هئي انٽرنيٽ يعني ڪمپيوٽر ۽ نه اڄ وارا سمارٽ فون، جن ذريعي دنيا جي هر معلومات پل کن ۾ مليو وڃي. وڌ ۾ وڌ انسئڪلوپيڊيا برٽانيڪا جا 30 کن ٿلھا واليوم هئا، جيڪي ڪن خاص ۽ وڏين لئبررين ۾ نظر ايندا هئا. انھن ۾ محدود ڄاڻ هئي ۽ ڪا ڪم جي ڳالهه حاصل ڪرڻ لاءِ وقت جي وڏي سيڙپ ٿيندي هئي. مون کي ياد آهي ته 1970ع واري ڏهاڪي ۾ به پنھنجي سفرنامي ۾ ڪنھن ملڪ جي ڪا معمولي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ به مون کي موڪل جو اڌ اڌ ڏينھن ٽوڪيو ۽ راٽرڊم جھڙن بندرگاهن ۾ سير و تفريح ڪرڻ بدران اتي جي ڪنھن وڏي لئبريريءَ ۾ وڃي وِهڻو پيو ٿي، پوءِ به ڪا معلومات ملي ٿي ته ڪا نه. ايتري قدر جو 1980ع ۾ مون کي ملائيشيا جي شھر ’ملاڪا‘ ۽ ايران جي بندرگاهه ’ڇابھار‘ ۾ اتي جي ’مئرين اڪيڊمين‘ ۾ پڙهائڻ جو شور جاب (يعني ڪناري واري نوڪري) ملي ته مون کي ڪير ڪو نه پيو ٻڌائي ته اهي شھر ڪيئن آهن؟ ۽ اتي ڪيئن پھچجي؟ انسئڪلوپيڊيا ۾ بس ايترو ئي هو ته اهي آڳاٽا بندرگاهه آهن، جيڪي مھاڻن جون بستيون هيون. ڪو اهڙو سفرنامو نه پئي مليو، جنھن ۾ انھن شھرن بابت لکيل هجي ۽ آئون پڙهي ٻنھي شھرن مان هڪ جي سوَلائيءَ سان چُونڊ ڪري سگهان. پنھنجين تڪليفن کي ڌيان ۾ رکي، ملاڪا پھچي مون پھريون ڪم ’ملير کان ملاڪا‘ ۽ ’ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه‘ لکيو ته اهي شھر ڪٿي آهن؟ ڪيئن آهن؟ انھن ۾ ڇا ڇا آهي؟ اتي ڪئين پھچي سگهجي ٿو؟ وغيره وغيره.
ڏٺو وڃي ته شروع جا سفرناما گذريل صديءَ جي آخر تائين، فقط مختلف ملڪن جون ويزائون حاصل ڪرڻ جي طريقي بابت، هوائي سفر جي احوال، هوٽل جي مسواڙ ۽ رهائش بابت هوندا هئا. ته به ماڻھن وڏي شوق سان پڙهيا ٿي. اها ٻي ڳالھه آهي ته اڄ ان قسم جو سفرنامو بور ثابت ٿئي ٿو، جو ان قسم جي معلومات هاڻ انٽرنيٽ تي تمام تفصيل سان، آسانيءَ سان مليو وڃي. شروع ۾ منھنجي سفرنامن ۾ رڳو ڊڪار، ممباسا ۽ ماپوتو جھڙن بندرگاهن جا ۽ برمودا، ٽرنيڊاڊ ۽ ٽباگو جھڙن ٻيٽن جا نالا پڙهي، پڙهندڙ حيرت ۾ پيا ٿَي.
ڏٺو وڃي ته اڄ ڪلھ مارڪيٽ ۾ جيڪي سفرناما آهن، اهي ٽن قسمن يا ٽن دورن جا آهن. هڪڙا اهي آهن جيڪي شروع وارا آهن، جن جي لکندڙن هفتي ڏيڍ لاءِ ڪنھن هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ملڪن جو چڪر هڻي سفرناما لکيا ٿَي. جن مان ٿوري گهڻي اها ڄاڻ پئي ٿي ته انھن نالن وارن ملڪن جي انھن شھرن ۾ ڪيئن پھچجي؟ هوائي جھاز جو سفر ڪيئن ٿو ٿئي؟ ولايتن جي هوٽلن ۾ رهائش ڪيئن آهي؟ باقي ملڪ جي مختلف حالتن جي ڄاڻ چڱي طرح نٿي پئي. ظاهر آهي هفتي يا ڏهه ڏينھن جي ٽوئر ۾ ڪو فرانس، انگلنڊ ۽ جرمنيءَ جي شھرن مان ٿي ايندو يا ٽوڪيو، اوساڪا، هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور مان گهمي ايندو، اهو مختصر وقت ۾ تفصيل سان ڇا ڏسي يا گهمي ڦري سگهندو؟ مقامي ماڻھن جي حالتن بابت ڇا لکي سگهندو!؟ اهڙن سفرنامن ۾ پوءِ ڪڏهن اهڙيون ئي ڳالھيون هونديون آهن، جنھن جو مثال هن چرچي مان لڳائي سگهو ٿا ته ڪنھن ليکڪ پنھنجي آمريڪا جي سفرنامي ۾ لکيو ته، ’برازيل جا ماڻھو منڊا ٿين ٿا يعني هڪ ٽنگ وارا.‘
اهو پڙهي ڪنھن پڇيس ته، ”اهو ڪئين ٿو چوين، تون ته برازيل وئين به ڪونه؟“
هن چيو ته، ”نيويارڪ ايئرپورٽ تي هڪ منڊو مليو، هن ٻڌايو ته هُو برازيل جو رهاڪو آهي.“
سو اهڙن سفرنامن ۾ ان قسم جون سطحي ڳالھيون ئي ٿينديون ۽ هُونءَ به ڪنھن ملڪ جي ماڻھن جو مزاج، رسم و رواج ۽ عادتون پرکڻ لاءِ وقت ٿو لڳي. مون کي ياد آهي ته ملائيشيا ۾ نوڪريءَ دوران هڪ رانا نسيم خان سفير ٿي آيو. هڪ ڏينھن ڪوالالمپور ۾ ان جي آفيس ۾ هن سان ڪچھري ڪرڻ دوران هُن، هِن ملڪ جي ملئي مسلمانن بابت خبرون ڪندي چيو: ”مون کي هن ملڪ ۾ آئي ٻه مھينا ٿي ويا آهن، پر هتي جي ماڻھن جي مزاج کي سمجهي نه سگهيو آهيان.“ مون کي کِل اچي وئي. ان ڪري جو هن جي پريشاني واقعي حقيقت تي مبني هئي، جو ملئي ماڻھن کي پرکڻ سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. وراڻيومانس ته، ”سائين! مون کي ته هنن پٽن تي ايندي ۽ رهندي ويھه سال ٿي ويا آهن، ان هوندي به کين سمجهي نه سگهيو آهيان.“
سو ڳالھه اها آهي ته ڪنھن ملڪ ۽ اتي جي موسم، ماڻھن ۽ ماحول جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ وقت ٿو گهرجي. سفرنامو لکڻ جي شوقينن کي آئون هميشه اها صلاح ڏيندو آهيان ته هُو گهڻن ملڪن ۾ وڃڻ بدران گهڻن ڏينھن جو سوچين ۽ ڪوشش ڪري پنھنجو سفر هڪ ملڪ تائين محدود رکن. مون کي کِل ايندي آهي انھن ٽوئرسٽن تان جيڪي خوشيءَ ۾ پيا ٻھڪندا آهن ته هُو هفتي ۾ پنج ملڪ گهمي آيا آهن. اهڙن جي سوچ کي ڌيان ۾ رکي اڄ به ڪيترائي ’ٽريول ايجنٽ‘ ان قسم جي ٽوئرن جو شوقينن لاءِ بندوبست ڪن ٿا. هينئر به هڪ اخبار ۾ اشتھار هلي رهيو آهي ته هُو هيترن پئسن ۾ ٻن هفتن اندر ڏهن ملڪن؛ آذربائيجان، ترڪي، ايران ۽ سريلنڪا جي شھرن جو سير ڪرائيندا. منھنجي هڪ سڃاڻوءَ کي به شوق ٿيو ۽ مون کان صلاح وٺڻ آيو. چيومانس ته، ”متان ويو آهين، بيمار ٿي موٽندين.“
”ڇو؟“ هن حيرت مان پڇيو.
”ان ڪري جو اهڙي سفر ۾ تنھنجو سمورو وقت ايئرپورٽن ۽ هوائي جھازن ۾ بسر ٿيندو. نه چڱي طرح شھر گهمي سگهندين، نه چڱي طرح ننڊ ڪري سگهندين. هر وقت سامان پئڪ ڪري ايئرپورٽ ڏي روانگيءَ ۾ رهندين.“
بھرحال! اهڙا به سفرناما آهن، جن ۾ ليکڪ هفتي ڏيڍ ۾ ٽي چار ملڪ گهميا... پوءِ اها ٻي ڳالھه آهي ته انھن ۾ گهڻو احوال هوٽلن جي ڪمرن ۾ وڇايل سھڻن غاليچن ۽ پڙدن جو هوندو آهي. مفت ۾ نيرن تي ملندڙ وِيهن ڊشن ۽ ڪمرو صاف ڪرڻ وارين گورين ڇوڪرين جو هوندو آهي يا هوائي جھازن ۾ ويٺل سھڻن مسافرن ۽ ايئرهوسٽسن جو هوندو آهي، پر سچي ڳالھه اها آهي ته انھن ڏينھن ۾ اهي سفرناما به پڙهندڙن پسند ڪيا ٿَي جو اسان جي ٽي وي ته رڳو بليڪ ۽ وائيٽ ’پي ٽي وي‘ هئي. نه هو ’نئشنل جاگرافڪ‘ جو چئنل نه ’ائنيمل ورلڊ‘ جھڙا رنگين چئنل. انٽرنيٽ به اڃا عام نه ٿيو هو.
ان دور کان پوءِ انھن ليکڪن جا سفرناما آيا ۽ وڌيڪ پسند ڪيا ويا، جيڪي نوڪري يا تعليم خاطر هڪ ڌارئين ملڪ ۾ ٻه ٽي سال رهيا ٿَي. هنن جو سفرنامي ۾ هڪ ملڪ جو صحيح پر ان بابت تفصيلي احوال ڏنو ويو ۽ ان ملڪ ڏي ويندڙ همراهه کي اهڙو سفرنامو ڪارآمد لڳو ٿي. هي اهو وقت هو جڏهن اسان جا ڪيترا ماڻھو نه فقط انگلنڊ ۽ يورپ جي شھرن ۾ پر آمريڪا ۽ ڪئناڊا جھڙن ڏورانھن ڏيھن ۾ هميشه رهڻ لڳا يعني اسان جي سنڌ جا مسلمان به! سنڌ جا هندو ته ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان به گهڻو گهڻو اڳ جپان، ملايا، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ته ڇا پر برمودا، ڪيپ ورڊي، ٽرنيڊاڊ ۽ ڪوروسائو جھڙن ننڍن ٻيٽن تي به رهيا ٿَي. دراصل انھن ماڻھن جي لکڻ پڙهڻ جھڙن ڪمن سان دلچسپي نه هئي، جو اهي سڀ واپاري طبيعت جا هئا. نه ته انھن جون لکڻيون دلچسپ ثابت ٿين ها. بعد ۾ يعني گذريل ٽيھن چاليھن سالن ۾ جيڪي سنڌ جا مسلمان ٻاهر رهڻ شروع ٿيا ته هُو هر وقت روزگار خاطر پريشان رهيا ٿَي، ان ڪري هنن کي لکڻ پڙهڻ جو شوق يا توفيق نه رهي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان جي مسلمانن توڙي هندن جن پنھنجو وطن ڇڏي، ولايتن ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي، مشغوليت ڪري ادب سان دلچسپي نه رکي، ان ڪري هنن مان ڪنھن سفرنامي لکڻ جي اميد نٿي رکي وئي. پر ڏهه ٻارنهن سالن کان ڏسي رهيو آهيان بلڪه مون لاءِ ۽ ٻين لاءِ اها حيرت انگيز خوشخبري چئي سگهجي ٿي ته ولايت ۾ مستقل طور رهندڙن مان ڪجهه سنڌي پنھنجو ۽ پنھنجي آس پاس جو احوال ڪالمن ۽ سفرنامن جي شڪل ۾ ڏئي رهيا آهن، جهڙوڪ؛ سئيڊن ۾ رهندڙ عبدالرحيم نظاماڻي، عبدالله مورائي، قادر جتوئي، ڪئناڊا ۾ رهندڙ فياض سومرو ۽ خير محمد ڪولاچي، آمريڪا ۾ رهندڙ منور لغاري ۽ رعنا صديقي... ۽ ويجهڙائيءَ ۾ مِشيگن رياست جي رهاڪو، ڪاماري شريف جي پير تاج محمد قريشيءَ جو سفرنامو آيو آهي. ظاهر آهي اهي ماڻھو جيڪي هميشه لاءِ اتي رهيل آهن ۽ کين اتي رهندي، ڪافي سال ٿي ويا آهن، انھن جو انھن ملڪن، شھرن، ماڻھن بابت وڌيڪ دلچسپ ۽ حقيقت تي مبني احوال هوندو. پڙهندڙ هنن جون ڳالھيون وڌيڪ دلچسپي سان پڙهن ٿا ۽ اهي هنن لاءِ يا هنن جي اولاد لاءِ وڌيڪ ڪارآمد ثابت ٿين ٿيون. اڄ ڪلهه اها ڄاڻ ته گوگل ۽ وڪيپيڊيا جھڙن ڳولا کاتن(Search Machines) کان مليو وڃن ته فلاڻو يا فلاڻو ملڪ يا شھر ڪٿي آهي؟ اتي ڪيئن پھچجي؟ اتي جي موسم ۽ مھانگائي ڪيئن آهي؟ پر اهو هنڌ، شھر يا ملڪ اسان سنڌ جي ماڻھن لاءِ ڪيئن آهي؟ جياپي لاءِ جتن ڪرڻ آسان آهن يا مشڪل ۽ ليکڪ انھن کي ڪيئن منھن ڏيو ويٺو آهي؟ ان جو سربستو احوال ولايت ۾ رهندڙ ليکڪن جي لکڻين مان ئي پئجي سگهي ٿو ته هُو گذر سفر لاءِ ڇا ڪري رهيا آهن؟ سندن ٻار ٻچا ڪيئن ٿا رهن؟ تعليم ۽ صحت جون ڪھڙيون سھوليتون آهن؟ موڪلن ۾ هُو ڪيڏانھن گهمڻ ٿا وڃن؟ وغيره وغيره. جيئن پير تاج محمد جي سفرنامي مان ڄاڻ پوي ٿي ته مشيگن جھڙي آمريڪي رياست، جتي هُو رهي ٿو، اتي انگريزي اسڪول ته آهن، پر ديني تعليم جو به بندوبست آهي ۽ مسجدون توڙي مدرسا عام آهن. جن مان هڪ ۾ سندس پٽ قرآن مجيد به حفظ ڪري پيو. سئيڊن جھڙن ٿڌن ملڪن ۾ جتي هر وقت برفباري لڳي رهي ٿي اتي عبدالرحيم نظاماڻيءَ جون ننڍڙيون ڌيئر گرم ڪپڙا پائي نه رڳو اسڪول وڃن ٿيون، پر شام جي شفٽ ۾ پارڪ ۾ راند به کيڏن ٿيون.
مٿيون ڳالھيون اهڙيون آهن، جيڪي اسان جا ماڻھو ڄاڻڻ چاهين ٿا، ڇو جو اڄ ڪلھه هُونءَ به هڪ ته سڄي دنيا هڪ ننڍڙو ڳوٺ ٿي وئي آهي ۽ اسان جو ماڻھو جيڪو ٽنڊو باگو کان بدين وڃڻ تي به پرديسي ٿي ويو ٿَي، سو ڪيوٽو جپان کان به وڃيو نڪري، جو تعليم ۽ روزگار خاطر هن کي ٻاهر نڪرڻو پوي ٿو. 1960ع ۽ 1970ع واري ڏهاڪي تائين به، ولايت ۾ رهائش آسانيءَ سان ملڻ جي باوجود اسان رهڻ نٿي چاهيو، جو ان وقت پنھنجي ملڪ ۾ روزگار ۽ امن امان هو. ولايت جا ڌڪا ڇو کائجن پر اڄ ڪلھه ڪو مون کان صلاح وٺندو آهي ته آئون هن کي چوندو آهيان ته ٻاهر نوڪري يا رهائش جو موقعو ملي ٿو ته ضرور حاصل ڪجي. ڇوڪرا ته ڇا ڇوڪرين کي به نوڪريءَ لاءِ وڃڻ کپي. ملائيشيا، جپان توڙي ناروي ڊئنمارڪ يا آمريڪا جي شھرن ۾ اڪيلين سنڌي ڇوڪرين کي نوڪري ڪندو يا تعليم حاصل ڪندو ڏسان ٿو ته حيرت ئي ٿئي ٿي ته هُو ايڏو پُراعتماد ۽ سڪون ۾ آهن ۽ هيڏانھن اسان وٽ خيرپور يا ڄام شوري جا تعليمگاهه هجن يا ڪراچيءَ ۽ لاڙڪاڻي جا ڪيڏي بدامني چوڌاري آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ هر ڪو ٻاهر وڃڻ جي خواهش رکي ٿو. جيتوڻيڪ ٻاهر جي نوڪري سخت ٿئي ٿي. اهو اسان جو ملڪ آهي، جتيNo work culture (ڪم کان ڀڄڻ جي عادت) آهي، پر ان هوندي به ولايت ۾ آئون جنھن کان به پڇان ٿو ته، هُو اهو ئي چوي ٿو ته پورهيو سخت آهي پر ذهني طرح سڪون آهي يعني انسان کي فزيڪل ڪم پريشان نٿو ڪري، پر ذهني ڏکيائيون گهڻو مُنجهائين ٿيون. اهو ئي سبب آهي جو سنڌين جھڙي ٻاهر نه نڪرندڙ قوم جا ماڻھو به آفريڪا جي گرم توڙي آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي سرد ملڪن ۾ روزگار خاطر هميشه لاءِ رهيا پيا آهن. انھن مان ڪيترن جو احوال اسان اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ۾ پڙهي رهيا آهيون. هُنن پنھنجين لکڻين ذريعي روايتي سفرنامن جو ٽرينڊ ئي بدلائي ڇڏيو آهي. هنن کي جس هجي جو مشغول هوندي به، موسم جي سخت هجڻ جي باوجود، آرام ۽ گهمڻ ڦرڻ جھڙا شوق ڇڏي، پنھنجي وطن جي ماڻھن لاءِ ڄاڻ مھيا ڪرڻ لاءِ لکڻ پڙهڻ کي وقت ڏنو اٿن. اهڙن ئي ماڻھن مان هڪ ڊاڪٽر منصور ٿلھو آهي، جنھن جو سفر نامو ’آڏيءَ کان البني تائين‘ پيش لفظ لکڻ لاءِ منھنجي اڳيان رکيل آهي.
هي سفرنامو عام سفرنامن کان بلڪل مختلف نوعيت جو آهي، جيڪو منصور صاحب وڏي محنت ۽ جاکوڙ بعد لکيو آهي. هُونءَ به ڊاڪٽر صاحب جون لکڻيون ته حقيقت تي مبني هونديون آهن. دراصل هن سفرنامي لاءِ پيش لفظ لکڻ لاءِ اڃا به ميڊيڪل جي ڪنھن ڊاڪٽر جي سفرنامي تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ سولو ڪم آهي. ڊاڪٽر منصور ٿلهو ميڊيڪل وارو نه پر Ph.D وارو ڊاڪٽر آهي سو به سنڌي ٻوليءَ جو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي به خاص ۽ ڏکئي سبجيڪٽ جو. هن سبجيڪٽ ۾ هن ڊاڪٽوريٽ ڪرڻ ۾ جيڪا محنت ڪئي هوندي، ان کان ڪوبه انڪاري نه هوندو. ڊاڪٽر صاحب جو سنڌ جي پڙهيل ڳڙهيل فئملي سان تعلق آهي. سندن ايم فل ۾ مقالي جو عنوان آهي: ’سنڌي ۽ سرائڪي ناول نگاريءَ ۾ موضوعي ۽ فني هڪجھڙائي.‘ جيڪو هن ڊاڪٽر محمد علي مانجهي صاحب، هينئر چيئرمئن لئنگئيج اٿارٽي سنڌ، حيدرآباد جي نگرانيءَ ۾ مڪمل ڪيو آهي.
منصور ٿلھو صاحب جي هن سفرنامي ’آڏيءَ کان البنيءَ تائين‘ کان اڳ به هن جا پندرنهن کن ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. تازو هن مھيني حيدرآباد جي ’سمبارا پبليڪيشن‘ وارن سائينءَ جو ناول ’ناوَ ۽ ناکُئا‘ ڇپيو آهي، جيڪو سندن اونھي مطالعي ۽ تحقيق جو نتيجو آهي. اهڙي طرح ڊاڪٽر منصور جا ٻيا ڪتاب به تحقيق ۽ ڳوڙهي مطالعي جو نتيجو آهن، جهڙوڪ:
• سنڌو ماٿريءَ جون لکت واريون نشانيون، جنھن جا ٻه ڇاپا شايع ٿي چڪا آهن.
• گڏاپ جا گل (لغت) 2018ع
• سنڌي، سرائڪي ۽ اسپيني ٻولين جا هڪجھڙا آواز ۽ لفظ (تحقيق) 2019ع.
• اکر پٽي (لغت) 2014ع.
هُونءَ ڊاڪٽر صاحب جي ڪريڊٽ تي اها ڳالھه نمايان طور لکڻ کپي ته هن گهڻو ڪجهه هتي ولايت ۾ آمريڪا جھڙي رونقن جي ملڪ ۾ ويھي لکيو آهي. نه فقط لکيو آهي پر ڪيترين شين جي ريسرچ ڪرڻ لاءِ ڍير ڪتاب پڙهيا آهن ۽ مختلف قومن ۽ ٻوليون ڳالھائڻ وارن کان انٽرويو ورتا آهن. منصور ڪيترائي ناول پڻ لکيا آهن. ٻن ٽن جا نالا مون کي به ياد آهن، جهڙوڪ:
• زندگي ڀوڳ. 2002ع.
• مِٽي ۽ مُھاڻا. 2008ع.
• جِيوَن ليکا 2005ع ۽ ريڙهي مياڻ - ٻه ڇاپا.
• جي هانءُ نه هارين (ڪھاڻيون). 2005ع.
منصور ٿلھو جو هن کان اڳ به هڪ سفرنامو 2017ع ۾ ڇپجي چڪو آهي، نالو اٿس: ’سوکي بندر ۽ سامونڊي سُور.‘
هن ڪتاب تي سنڌالاجي وارن طرفان مصنف انعام يافته قرار ڏنو ويو هو. سندس ڪتاب The Sons of Soil انگريزيءَ ۾ پڻ ڇپيو آهي.
منصور جو هي سفرنامو ’آڏيءَ کان البني تائين‘، جيڪو مون وٽ پيش لفظ لکڻ لاءِ پھتو آهي، اهو هڪ نرالي قسم جو آهي، جنھن ۾ ليکڪ پنھنجي آسپاس رهندڙ سنڌي توڻي ٻين ٻولين، خاص ڪري هسپانوي ڳالھائڻ وارن جو احوال ۽ حالتن بابت بيحد دلچسپ احوال لکيو آهي. هن سفرنامي جو هر چئپٽر پڙهڻ جوڳو ۽ سمجهه ۾ ايندڙ آهي. هتي مڙيئي ڪجهه ڪجهه ڳالھين جي Input آئون ڏيندس، جيئن پڙهندڙ کي ليکڪ ۽ هن جي سفرنامي کي سمجهڻ ۾ وڌيڪ آساني رهي. خاص ڪري انھن پڙهندڙن لاءِ جيڪي هن پاسي يعني آمريڪا ڏي نه آيا آهن ۽ نه هن پاسي جي جاگرافي ۽ تاريخ کان واقف آهن.
سفرنامي جي عنوان ۾ ٻن شھرن ’آڏي‘ ۽ ’البني‘ جا نالا آهن، جن ۾ ليکڪ جي رهائش ٿي آهي. سنڌ جو شھر ’آڏي‘ ليکڪ جي جنم ڀومي آهي، جتي هن جو دُر محمد ٿلھو جي گهر ۾ 15 جنوري 1959ع تي جنم ٿيو، جيڪو اڄ ڪلھه ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي تعلقي نصيرآباد ۾ آهي. سندس ڏاڏو سرائي بخشل خان ٿلهو تر جو وڏو زميندار هو. منصور صاحب جو والد صاحب انگريزيءَ جو ٽيچر هو. ان سان گڏ تاريخ جاگرافيءَ جو به ماهر هو. پاڻ هاءِ اسڪول باڊهه، نصيرآباد، وڳڻ ۽ ميروخان ۾ پڙهايو ۽ پنھنجي ٻارن جي تعليم تي به ڌيان ڏنو.
منصور وارا پاڻ ۾ ڇھه ڀائر آهن. منصور سڀني ۾ وڏو آهي ۽ گذريل ٻارنهن سالن کان آمريڪا ۾ رهي ٿو. ڊاڪٽر منير ٿلهو ٻيو نمبر ڀاءُ آهي، جنھن ويجهڙائيءَ ۾ ريٽائرمينٽ حاصل ڪئي آهي. ٽيو نمبر ڀاءُ آفتاب ٿلھو، ڪوئيٽا ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر آهي. ان بعد ڊاڪٽر بخشل ٿلهو آهي، جنھن جو سياست ۽ سوشل ڪمن سان واسطو هجڻ ڪري هن کان سنڌ جا اڪثر ماڻھو واقف آهن ۽ پاڻ ليکڪ آهن. سندس ڇپيل ڪتابن مان ڪجهه آهن:
1. ٿڪيائي ٿر ٿيلهه (عالمي انقلاب ۽ عوامي جدوجهد) آدرش پبليڪيشن
2. تبديليءَ جو فلسفو (جديد ڪيٽيگورين جي ا ب ت) روشني پبليڪيشن
3. نٽشي (ترجمو) پيڪاڪ پبليڪيشن.
ان بعد سجاد ٿلھو، نصيرآباد ۾ زمينداري ڪري ٿو ۽ ننڍو ڀاءُ صغير ٿلھو ڪراچيءَ ۾ ’بئنڪ الفلاح‘ جي مين بلڊنگ ۾ نوڪري ڪري ٿو. سو منھنجي لاءِ اها اهم ڳالھه آهي ته سائين دُر محمد ٿلھو صاحب ٽيچر ٿي ڪري پنھنجي سڀني ٻارن کي پڙهايو، جيتوڻيڪ هُو آڏي (نصيرآباد) جھڙي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهيا ٿي، جتي بنيادي سهوليتون به ناپيد آهن.
اسان واري آمريڪي مصنف ’منصور ٿلھي‘ پرائمري تعليم نصيرآباد جي پرائمري اسڪول مان ورتي ۽ مئٽرڪ به هن شھر جي هاءِ اسڪول مان 1974ع ۾ ڪئي. اهو آهي ته منصور کي ننڍي هوندي کان ادب لاءِ چاهه هو. ضرور هن جي والد صاحب، جيڪو ٽيچر هو تنھن منصور کي اخبارون ۽ رسالا پڙهڻ لاءِ شوق ڏياريو هوندو. ايتري قدر جو پاڻ مئٽرڪ واري عرصي ۾ نصيرآباد شھر ۾ ’لطيف پبليڪيشن‘ جي انچارج جي حيثيت سان ٻه ٻاراڻا ڪتاب ’روشني‘ ۽ ’لاٽ‘ ڇپرايا. منصور لکڻ جي شروعات شاعري ۽ ننڍڙيون ڪھاڻيون لکڻ سان ڪئي، جيڪي ان دؤر جي سنڌي ٻاراڻن رسالن ۽ سنڌي اخبارن ۾ شايع ٿينديون هيون.
منصور 1976ع ۾ انٽر ۽ 1979ع ۾ بي. اي. ڪئي. 1985ع ۾ ايم. اي. ڪئي. ان کان اڳ 1983ع ۾ اديب سنڌي (جنھن ۾ پھرين پوزيشن حاصل ڪئي)، 1984ع ۾ اديب عالم سنڌي (ٻي پوزيشن) ۽ 1985ع ۾ اديب فاضل سنڌي پھرين پوزيشن سان پاس ڪيائون.
مون کي ياد ٿو اچي ته اسان جڏهن اسڪول جي ڏينھن ۾ هوندا هئاسين ته اڪثر ڇوڪرا، جن جي ڊرائنگ سٺي هوندي هئي، اهي ڊرائنگ جا بنيادي امتحان ’ايليمينٽري‘ ۽ ’انٽر‘ پاس ڪندا هئا. اهو ان خيال کان ته جيئن ’ڊرائنگ ٽيچر‘ ٿي سگهجي. اسان جي منصور صاحب ته ’آرٽ ٽيچر ڪورس‘ (ATC) به ڄامشورو مان ڪيو ۽ ڪجهه عرصي لاءِ ’ڊرائنگ ٽيچر‘ ٿي رهيو، ان بعد کين ’ڪوآپريٽو بئنڪ‘ ۾ نوڪري ملي، جتي هن جي مختلف ضلعن ۾ بدلي ٿيندي رهي. بدلي ٿيڻ تي اسان جا ماڻھو اڪثر رنج ۽ مايوسيءَ جو اظھار ڪندا آهن، پر منصور ۾ اها ننڍي هوندي کان عادت آهي ته هُو هر حال ۾ خوش رهي ٿو. اها عادت اڄ به هن ۾ آهي. هُو آمريڪا ۾ اڪيلو رهيو پيو آهي، صحت جي خيال کان به هُو چئجي ته معذور رهي ٿو. هُو گهر ۾ رهي سرڪار کان سوشل وٺي سگهي ٿو، پر هُو ان کي خراب سمجهي ٿو ۽ پنھنجي هٿن جو پورهيو ڪري ٿو. هڪ دفعي خبر ناهي ڪھڙي ڳالھ تي چيومانس ته، ”منصور توکي ڏک ٿيو هوندو.‘ ته هن يڪدم وراڻيو، ”سائين ڏک، مايوسي ۽ پريشانيءَ جھڙيون شيون منھنجي لغت ۾ ئي نه آهن. آئون هر وقت خوش گذارڻ وارن ماڻھن مان آهيان. حالتون ڪيڏو به مخالفت ۾ هجن.“
بھرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان جو ليکڪ منصور ٿلھو وڏو همت وارو ۽ توڪلي مڙس آهي. هن جون ڪيترين ئي بيمارين کان آپريشنون ٿيل آهن، جن مان هڪ Prostate Gland جي ڪئنسر جي به آهي. هن کي اڄ به اٿڻ وهڻ ۽ هلڻ ۾ رنڊڪ ۽ تڪليف ٿئي ٿي، پر هُو ڏکين حالتن ۾ به پنھنجو ادب سان شوق قائم رکندو اچي. هُو جتي وڃي ٿو جنھن جنهن سان ملي ٿو، ان کان حاصل ڪيل لاڀائتي ڄاڻ بابت لکي ٿو، جيئن سندس وطن جا ماڻھو اها حاصل ڪري سگهن. تڏهن ته چوان ٿو ته منصور جون لکڻيون ڪي اسان وانگر سطحي ۽ عام رواجي نه آهن، پر هن انھن تي وڏي کوجنا ڪئي آهي.
مٿي لکي چڪو آهيان ته منصور، بئنڪ جي نوڪريءَ ڪري مختلف ضلعن ۾ بدلي ٿيندو رهيو ۽ جتي ٻيا بدليءَ جو ٻڌي ناراض ٿيندا هئا، اتي منصور خوش ٿيندو هو. ان خوشيءَ جو واحد سبب اهو ئي هوندو هو ته هن کي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ماڻھن جي رهڻي ڪھڻي، ڳالھه ٻولھه جو انداز ۽ اتان جي ماڻھن جي زندگيءَ جو مشاهدو ڪرڻ جو موقعو مليو ٿَي. منصور سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ رهيو، جن مان گهڻو عرصو ٺٽي ۾ گذاريائين. هن کي ٺٽي ضلعي جي ماڻھن جي زندگيءَ جو ڏيک، رهڻي ڪھڻي ٻين ضلعن جي ماڻھن کان مختلف ڏسڻ ۾ آئي. هن پاسي جا ماڻھو منصور کي بلڪل سادي طبعيت جا ۽ ڏيک ڏيکاءَ کان پري، پاڻ کي پڏائڻ ۽ شوبازيءَ کان اڻ واقف لڳا. اهي ڳالھيون منصور جي ناولن ۾ لاڙ جي ڪردارن ۾ نظر اچن ٿيون.
بقول محمد حسين ’دلشاد‘ جي لاڙ جي علائقي ۾، خاص طور سامونڊي علائقا ۽ انھن جي پاسن ۾ ٻيٽن ۽ درياءَ جي ڇاڙن تي رهندڙ ماڻهن جي حياتيات کي ڏسي اسان جو ليکڪ جهُري پوي ٿو. جڏهن ته سنڌ تاريخي ڪتابن ۾ خاص طور سامونڊي پٽي ماضيءَ جي شاهوڪار شھرن ۽ بندرگاهن جي سونھن سان جرڪندي نظر اچي ٿي. ڇو ته سنڌ جو هي خطو بھترين سامونڊي بندرگاهن ۽ درياءَ جي بندرگاهن وارو حصو هو. ليکڪ اهي ڳالھيون ماضيءَ وارن ڪتابن ۾ پڙهيون هيون، پر جڏهن پاڻ وڃي انھن پٽن تي پنڌ هلندي، راتين جون راتيون مقامي ماڻهن سان گڏ رهندي، مشاهدا ڪيا. انھن جي حياتي گذارڻ جي انداز کي ڏٺو ته پوءِ کيس وڌيڪ لکڻ جو شوق جاڳيو. انهن ماڻھن يعني ملاحن، مُھاڻن ۽ ناکئن جي حياتين ۽ رهڻي ڪھڻي کي ڏسندي پاڻ به جهُري پوندو هو. چوندو هو ته، ”سنڌي ماڻھن جو درد ۽ لاڙ جي مھاڻن جو ڏک تاريخ جو الميو آهي، جيڪو ڪتابن، ڪھاڻين ۽ ناولن جي پنن تي لکي نٿو سگهجي، ڇو ته صدين جو درد هنن پٽن ۾ پلٽجي پيو آهي...“
منصور ٿلھي صاحب جي پندرنهن ڪتابن مان ڇھه کن لاڙ علائقي جي ماڻھن جي رهڻي ڪھڻي جي حوالي سان آهن، جهڙوڪ؛ ’مٽي ۽ مھاڻا‘ (ناول)، منصور هڪ سرد رات جو جڏهن کارو ڇاڻ ويو ته اتان جي مھاڻن جي حالت ڏسي هن هي ناول لکي ورتو. سندس هي ناول ’مٽي ۽ مھاڻا‘ سنڌ ساحل پبليڪيشن کارو ڇاڻ پاران 2008ع ۾ ڇپايو ويو.
’ريڙهي مياڻ‘ (ناول) پڻ سنڌ ساحل پبليڪيشن کارو ڇاڻ، سال 2015ع ۾ شايع ڪيو.
ريڙهي مياڻ، سنڌ جي قديم بندرگاهه مان هڪ آهي ۽ اڄ به اهو وسندڙ ۽ آباد بندرگاهه آهي. ليکڪ سامونڊي پٽيءَ جي اجڙيل ماڳن، بندرگاهن، ڪنڌين جي درد کي پنھنجو درد سمجهي ناول جي ڪردارن ۾ ڏيکاريو آهي. سنڌ جي ڇوڙ وارو علائقو سدائين آباد ۽ خوشحال رهيو آهي، پر دريائن تي ڊئم ۽ بند ٻڌي انھن علائقن کي ويران ڪيو ويو آهي. هي ناول ’ريڙهي مياڻ‘ اهڙي ئي علائقي جي ڪٿا آهي. هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ آهي، جنھن ۾ بلوچستان جو مڪران وارو علائقو ۽ پنجاب جو ملتان سنڌ ۾ ڏيکاريا ويا آهن.
• ’اکر پٽي‘ (لغت) هن ڪتاب ۾ سامونڊي پٽيءَ جا لفظَ آهن. هي ڪتاب ڀاڱو پھريون آهي، جيڪو ’الف کان و‘ تائين آهي.
• ’لاڙي لفظن جي موتين مالھا‘ (لغت).
• ’سوکي بندر ۽ سامونڊي سور‘ هي هڪ سفرنامو آهي، جيڪو 2017ع ۾ سمبارا پبليڪيشن شايع ڪيو هو. سمنڊ ويجهو سنڌو درياهه جي مک وهڪري تي سوکي بندرگاهه توڙي جو آڳاٽي زماني ۾ هڪ پتڻ رهيو هو، پر انگريزن جي دور ۾ هڪ بندرگاهه جي شڪل اختيار ڪيائين. مختلف سارين/چانورن جي ڀلين ٻنين جي وچ ۾ سوکي وارو علائقو گهڻي زماني کان زرعي لحاظ کان تمام گهڻو خوشحال هو. سنڌوءَ جي جنھن وهڪري تي سوکي بندر هو، سو اهو ئي وهڪرو آهي، جنھن جي اوڀر ۾ ويجهو ئي شاهه بندر آباد هو. سنڌو درياءُ ڪجهه ڪوهن تي اڳتي اولھ طرف هلي، کاري ۾ ڇڻي ’کارو ڇاڻ‘ سڏبو هو/آهي.
مختلف لکتن ۽ روايتن مان لڳي ٿو ته شاهه بندر جو اوج گهٽ ٿيڻ کان پوءِ ’سوکي‘ اسريو ۽ اوج تي پھتو. ان تان ئي اها چوڻي مشھور ٿي ته ’شاهه (بندرگاهه) ڦِٽو سوکي وٺو.‘
جاگرافيائي لحاظ کان سوکي بندر اهڙي علائقي ۾ موجود هو، جتان سمنڊ وسيلي مختلف ملڪن ڏانھن مال متاع به وڃي سگهندا هئا. مليل انگن اکرن موجب هزارين آباديءَ تي مشتمل هن بندرگاهه ۾ ٽي سئو هَٽَ ۽ ڪجهه ٺيلھا وغيره موجود هوندا هئا. سوکي بندرگاهه تي هر وقت ننڍيون وڏيون ٻيڙيون اينديون وينديون هيون، جنھن ڪري هر وقت ماڻھن جي گهڻا ئي هوندي هئي. شھر ۾ وڏا واپاري ۽ شاهوڪار به رهندا هئا ته آسپاس وڏا زميندار به آباد هئا. ٺٽي ڪاليج جو سائين ڊاڪٽر محمد علي ’مانجهي‘ لکي ٿو ته 1982ع ۾، ”هن بندرگاهه جا اسان جيڪي آثار ڏٺا، انھن کي ڏسي حيرت ٿي هئي ته هيڏو وڏو شھر اجڙي ويو. سوين ڊٺل دڪان، ٻه وڏيون رائيس ملون، ٻيڙين ٺھڻ جا ڪارخانا ۽ سوين اجڙيل گهر وغيره اجڙيل صورت ۾ موجود هئا. 1980ع واري ڏهاڪي کان پوءِ لڳاتار رڪاوٽون وجهڻ ڪري، درياهه جي گهٽجڻ ڪري ۽ ٻئي پاسي سمنڊ جي خشڪيءَ طرف وڌڻ جي ڪري، سوکي بندرگاهه ٻين بندرگاهن وانگر ساڻو ٿيندو، نيٺ اجهامي ويو.
نه سي ونئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون
پسيو بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.
(شاهه لطيف)
اسان جو آمريڪا ۾ رهندڙ ليکڪ ’ڊاڪٽر منصور ٿلھو‘ ٺٽي ۾ بئنڪ جي نوڪري دوران سامونڊي ڇوڙ واري علائقي تي گهڻو عرصو ڪم ڪندو رهيو. هن ڪڏهن لفظن جا موتي ٿي هٿ ڪيا ته ڪڏهن ڪن داستانن جا هيرا لعل ته ڪڏهن وري ڪن منظرن جا احوال ۽ حقيقتون ڳولي هٿ ڪيون ٿي. هن سامونڊي ڪناري واري علائقي جي پسمنظر ۾ ڪھاڻيون ۽ ناول به لکيا آهن. سندس ڪتابن ۾ اتي جي ماڻھن جا تلخ تجربا ۽ مشاهدا موجود آهن، جيڪي تاريخ جو حصو آهن.
منصور ٿلھي صاحب جو هيءُ ڪتاب ’سوکيءَ بندر ۽ سامونڊي سور‘ سفرنامو سچ ته پڙهڻ وٽان آهي، ڇو جو هن بندر ’سوکيءَ‘ تي تمام گهٽ لکيو ويو آهي. منصور اتي وڃي ڏينھن جا ڏينھن رهي، احوال محفوظ ڪيا آهن. بندر جي آسپاس کي ووڙيو آهي، هتان لڏي مختلف هنڌن وڃي ويٺل ماڻھن سان اتي وڃي ملي، ساڻن رهاڻيون ڪري، سمورا احوال حاصل ڪيا آهن. اهڙي طرح منصور هن بندر جي تاريخي حقيقت کي اسان آڏو آندو آهي.
ان تحقيق ۽ ماڻهن سان ملڻ جلڻ جي عادت اڄ به منصور ۾ موجود آهي. هُو اڄ به اوسي پاسي جي ماڻھن سان ملي، انھن جون رسمون، رواج، ٻوليءَ جو لھجو ۽ ٻيا واقعا درج ڪري، اسان اڳيان پيش ڪري ٿو. منصور سان فون تي ڳالھ ٻولهه ٿي ته مون کيس چيو ته، ”تو پنهنجي سفرنامي ’آڏيءَ کان البني تائين‘ سفرنامي ۾ تو ايترو ريسرچ ورڪ ڪيو آهي ۽ ٻين ماڻھن جي ٻولين بابت لکيو آهي جو هن قسم جي ڪتاب جا پيش لفظ توهان کي مرحوم عبدالجبار جوڻيجي يا سراج ميمڻ جھڙي کان لکائڻ کَتا ٿي، جو توهان پاڻ به سنڌي ٻوليءَ جا ماهر آهيو ۽ عالم فاضل کان پي ايڇ ڊي ڪئي اٿانوَ.“
”نه سائين،“ ڊاڪٽر منصور ٿلھي پنھنجي روايتي نوِڙت جو اظھار ڪندي چيو، ”اسان توهان جھڙن اديبن جا ڪتاب پڙهي علم پرايو آهي.“
ٽھڪ ڏيندي چيومانس ته، ”ڊاڪٽر صاحب! ڳالھه ٻڌو. مون ڪتاب ضرور لکيا آهن پر جيئن ته آئون هڪ جھازي(Seafarer) ماڻھو آهيان، منھنجو واسطو جھازن ۽ بندرگاهن تي ڪم ڪندڙ مھاڻن، ماڇين، ساٽين ۽ ڪڇي مڪرانين جھڙي جينٽريءَ سان آهي، جتي ادب جون ڳالھيون نه پر گاريون ئي ٻڌون ٿا.“
ان تي البني (آمريڪا) ۾ رهندڙ منصور چيو، ”سائين! آئون جنھن علائقي ۽ محلي ۾ رهان ٿو، اتي اسپيني ڳالھائڻ وارا آهن ۽ توهان کي ته خبر آهي ته اسپيني ماڇين ساٽين کان به وڌيڪ گاريانڊا آهن.“
”اها ڳالھه صحيح ٿو ڪرين ۽ شاباس هجي تنھنجي Observation کي.“ مون چيو.
”سائين آبزرويشن ڇا... جتي ڪم ڪريان ٿو، جنھن بس ۾ سفر ڪريان ٿو، اتي اسپيني مرد ته ڇا عورتون به اهڙي زبان ڳالھائين ٿيون، جو توبنھ زاري... ڀريل بس ۾ هُو زور زور سان هڪ ٻئي کي ڪچيون گاريون ڏينديون ۽ اهي اهي ولگر لطيفا ٻڌائينديون، جيڪي مرد به ٻڌائڻ کان اڳ ٻه دفعا سوچين.“ منصور چيو.
بھرحال منصور، اسپيني ٻوليءَ کان به واقف آهي ۽ هن ان بابت پڻ ڪتاب لکيا آهي. ”سنڌي، سرائيڪي ۽ اسپيني ٻولين جا هڪجھڙا آواز ۽ لفظ.“
باٽم لائن اها آهي ته ڊاڪٽر منصور صاحب، جتي به رهي ٿو اتي هو پنھنجي تحقيق جو ڪم قائم رکي ٿو، هُو سخت محنتي مڙس آهي ۽ ايمانداريءَ سان هر شئي قلمبند ڪري، ڪتابي صورت ۾ آڻي ٿو. هئڻ ته ائين کپي ته هن جھڙا ريسرچ ۽ ادب وارا ڪتاب اسان جا سرڪاري ادارا ڇپرائي، شاگردن کي سستي اگهه تي ڏيارين، پر في الحال شاباس هجي منصور کي، هُو پنھنجا ڪتاب پنھنجي خرچ تي ڇپرائي نه رڳو بنا فائدي جي پر ڪيترن ئي قدردانن کي تحفي ۾ ڏئي ٿو.
پاڻ سنڌ جي لاڙ علائقي جي ماڻھن جي رهڻي ڪھڻي جي حوالي سان منصور ٿلھي جي لکيل ڪتابن جو ذڪر ڪري رهيا هئاسين. مٿين ڪتابن کان علاوه سندن هڪ ٻيو ڪتاب، جيڪو هن مھيني ڇپيو آهي، اهو آهي ’ناوَ ۽ ناکُئا‘. هي ڪتاب لاڙ جي مھاڻن ۽ ناکئن جي زندگين تي تحقيق ٿيل آهي. سندس انھن ڪتابن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هُو لاڙ جي پٽيءَ سان ڪيترو چاهه رکي ٿو. هُو لاڙ جي پٽي جي سگهڙن، شاعرن، ناکئن، خلاصين ۽ سنگهارن سان سڪ پريت جو رشتو اڄ به قائم رکندو اچي. هُو سال ڏيڍ بعد آمريڪا کان جڏهن به پنھنجي وطن چڪر تي ايندو آهي ته لاڙ جي انھن دوستن سان ضرور ملندو آهي ۽ نئون ڪتاب لکندو آهي.
منصور ٿلھو صاحب جي ناول ’مٽي ۽ مھاڻا‘ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ’The Sons of Soil‘ ڊاڪٽر شير مھراڻي ۽ رشيدالله زهراڻي صاحبن ڪيو آهي ۽ هن ناول جو اردو ۾ ترجمو ٿي رهيو آهي.
مٿي اسپيني ٻولي ڳالھائڻ وارن لاءِ اسان جي ليکڪ منصور ٿلھي ۽ ان کي وارو وٺرائيندي، مون پڻ ٽيڪو ڏنو آهي ته اهي گاريون ڏين ٿا. ويندي عورتون ڀريل بس ۾ زور زور سان هڪ ٻئي کي اگهاڙا لطيفا ٻڌائيندي شرم نٿيون محسوس ڪن. هتي هڪ ڳالھه صاف ڪندو هلان، جو اسان جا ماڻھو جيڪي اسپين جي شھر ’مئڊرڊ‘ يا ’بارسلونا‘ ۾ رهن ٿا يا اتي جي ڪنھن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهن ٿا، اهي منھنجيون مٿيون سِٽُون پڙهي چوندا ته اهو غلط آهي، اسپين جا ماڻھو اهڙا بدافعالا نه آهن.
ڳالھ اها آهي ته هتي اسپيني ڳالھائڻ وارن سان منھنجو يا اسان جي ليکڪ منصور ٿلھي صاحب جو مطلب اسپين جا ماڻھو نه آهن، پر وچ آمريڪا، ڏکڻ آمريڪا ۽ اوسي پاسي جي مختلف ملڪن ۽ علائقن جا ماڻھو آهن، جيڪي اسپيني ٻولي ڳالھائين ٿا ۽ هسپانوي يعني هسپانڪ آمريڪا يا لئٽن آمريڪا جا يا آئيبيرين آمريڪا جا سڏجن ٿا، جن تي اسپين وارن جي ڪلچر جو اثر آهي، هُو اسپين جي ٻولي ’اسپيني‘ ڳالھائين ٿا ۽ اهي ملڪ اسپين جي قبضي ۾ رهيا. اهي ماڻھو نه فقط ڏکڻ ۽ وچ آمريڪا جي ملڪن ۾ رهن ٿا، پر اتان لڏپلاڻ ڪري اتر آمريڪا يعني ڪئناڊا ۽ USA ۾ آيا. USA جي ڏاکڻين رياستن ’ٽيڪساس‘، ’لوزيانا‘ وغيره ۾ ته تمام اسپيني ڳالھائڻ وارا رهن ٿا، جيڪي مختلف رنگن، قد بت ۽ نمونن جا ٿين ٿا.
اسان جا ماڻھو جيڪي ڪئناڊا يا USA ۾ نوڪري، روزگار يا تعليم خاطر رهن ٿا، اهي لاطيني (Latin)، هسپانوي (Hispanic) يا آبيرن (Ibero) ٻڌي مونجهاري ۾ پوَن ٿا. انھن لاءِ هيٺ ڪجهه سِٽُون لکڻ ضروري سمجهان ٿو. اسپين جيڪو سعودي عرب ۽ ٿائِلينڊ وانگر ’Kingdom of Spain‘ سڏجي ٿو، اتي ’پارليامينٽري مونارڪي‘ آهي يعني چونڊن ذريعي وزيراعظم ۽ اسيمبلين جا ميمبر ضرور چونڊجن ٿا، پر بادشاهت به آهي ۽ ملڪ جي بادشاهه کي پارليامينٽ طرفان ڪجهه محدود اختيار مليل آهن، جيئن انگلينڊ جي راڻي ايلزبيٿ صاحبه کي! اسپين ملڪ فرانس، جرمني، اٽلي، بيلجم وانگر يورپي ملڪ آهي ۽ يورپ کنڊ جي بلڪل ڏکڻ ۾، پکيڙ ۾ اسان جي صوبي سنڌ کان چئوڻ تي وڏو ٿيندو. سنڌ جي پکيڙ 1,41,000 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ اسپين جي 5,06,000 چورس ڪلوميٽر. اسپين جي آدمشماري اڄ ڪلهه پنجاهه ملين آهي. اڪثريت جو مذهب رومن ڪئٿولڪ آهي. اسپين يورپ جي ملڪن ۾ چوٿون نمبر وڏو ملڪ آهي. يورپ ۾ سڀ کان وڏو ملڪ روس آهي، ٻئي نمبر تي يوڪرين، ٽئين نمبر تي فرانس... دراصل ڏٺو وڃي ته روس ته تمام وڏو ملڪ آهي ۽ پکيڙ ۾ يورپ کنڊ جو 70 سيڪڙو ٿيندو، باقي يوڪرين، فرانس، اسپين ۽ ويندي سُئيڊن، جيڪو پنجون نمبر ملڪ آهي تقريبن هڪ جيڏا آهن. ان بعد ٻيا ملڪ بيلجيم، هالينڊ، پولينڊ وغيره ننڍا ننڍا ملڪ آهن، ويندي انگلنڊ به، جيڪو اسپين جي اڌ جيڏو آهي.
اسپين جي گاديءَ جو هنڌ مئڊرڊ (Madrid) آهي، جيڪو هوائي جھاز رستي لنڊن کان اڍائي ڪلاڪن جي فاصلي تي آهي ۽ مئڊرڊ کان نيويارڪ ستن ڪلاڪن جو فاصلو آهي. اسپيني قوم 17 خودمختيار ڪمونيٽين ۾ ورهايل آهي، جن جي هر علائقي (Region) ۾ پنھنجي پنھنجي صوبائي حڪومت آهي. اسپين جي اتر ۾ پائرينيز (Pyrenees) جبلن جي قطار آهي، جيڪا فرانس ۽ هڪ ننڍڙي ملڪ انڊورا (Andorra) جي وچ ۾ قدرتي بارڊر ٿي ٺاهي.
جيئن انڊيا جي سرزمين کان عربي سمنڊ جو ’لکديپ‘ ٻيٽ ۽ خليج بنگال سمنڊ جو ’انڊامان‘ ۽ ’نڪوبار‘ ٻيٽ انڊيا جي قبضي ۾ آهن، تيئن اڄ جي اسپين ۾ ڪجهه علائقا ۽ ٻيٽ آهن، جيڪي ڏورانھان هجڻ جي باوجود اسپين جي قبضي ۾ آهن، جن هنڌن تي اسپين جي فوج ۽ اسپين جو سڪو ’پسيتو‘ (Peseta) هلي ٿو. اهي علائقا ’سُوٽا‘ (Ceuta) ۽ ’ميليلا‘ (Melilla) آهن، جيڪي آفريڪا کنڊ جي موراڪو ملڪ اندر اچن ٿا. ان کان علاوه ڀونچ سمنڊ جا چار ٻيٽ: ’فارمينٽريا‘ ۽ ’ابزيز‘، ’مايورڪا‘ ۽ ’مينورڪا‘ جيڪي ’باليبار‘ ٻيٽ (Baleric Islands) سڏجن ٿا، ان کان هي ’سَت ڪَناري‘ ٻيٽ (Canay Islands) جيڪي آفريڪا کنڊ کان سؤ کن ڪلوميٽر پري آهن، جن مان لاس پاماس ٻيٽ تي اسان جو جھاز ويو هو ۽ جنهن جو احوال منھنجي پھرئين سفرنامي ’منھنجو ساگر منھنجو ساحل‘ ۾ تفصيل سان آهي.
اسپين جون ٻه اهم نديون آهن. هڪڙي نوَ سؤ ڏهه ڪلوميٽر ڊگهي ’ريو ايبرو‘ ۽ ٻي ايڪهتر ڪلوميٽر ڊگهي ’تاگوس ندي‘ آهي. اسپين فليمنگو ناچ، ٽوماٽينا (ٽماٽن هڻڻ جي جشن)، سانن اڳيان ڊوڙڻ ۽ بُل فائٽنگ کان مشھور آهي.
اسپين سان، اسان مسلمانن جو ويجهو واسطو رهيو آهي، جو اميه گهراڻي جي اسپين تي ست سؤ کن سال حڪومت رهي. هنن 711ع کان 1492ع تائين هن علائقي تي حڪومت ڪئي. ٿورو تاريخ جو جائزو وٺجي ته هن ريت ٿيندو: مغربي رومن سلطنت جي ختم ٿيڻ تائين اسپين، رومن حڪومت جي ماتحت رهيو. 476ع ۾ جرمان بادشاه اوڊاسر (Odoacer) مغربي رومن سلطنت جي آخري حاڪم رومولس اگسٽولس (Romulus Augustulus) کي اٽليءَ ۾ شڪست ڏني. رومن سلطنت جي مشرقي حصي جو بچاءُ ٿي ويو، جيڪا بازنطيني سلطنت(Byzantine Empire) سڏجڻ لڳي، جنھن جي گاديءَ جو شهر قسطنطنيه (Constantinople) رکيو ويو. هيءَ سلطنت ترڪيءَ جي سلطنتِ عثمانيه جي 1453ع ۾ طاقت ۾ اچڻ تي ختم ٿي. ترڪيءَ جي سلطنتِ عثمانيه (Ottoman Empire) قسطنطنيه جو نالو بدلائي ’استنبول‘ رکيو.
بھرحال 476ع ۾ مغربي رومن سلطنت جي ختم ٿيڻ تي يورپ جي ’ويزگوٿا قبيلي‘ فرانس جي ڏاکڻي حصي ۽ آئيبيريا اپ ٻيٽ (اڄ جي اسپين ۽ پورچوگال) تي قبضو ڪيو ۽ ويزيگوٿا سلطنت قائم ڪيائون. اسپين تي سندن حڪومت 711ع تائين قائم رهي، ان بعد اسپين کي اميه گهراڻي فتح ڪيو ۽ سڄي آئيبيريا اپ ٻيٽ تي مسلمانن جي ست سؤ کن سال 1492ع تائين حڪومت رهي.
مسلمانن جي دورِ حڪومت ۾ الاندلس معاشي ۽ علمي حساب سان وڏو مرڪز رهيو. سندس شھر قرطبه (Cordoba) دنيا جي وڏن ۽ امير شھرن مان هڪ مڃيو ويو ٿي. آخرڪار آئيبيريا يعني اسپين ۽ پورچوگال جو ڪنٽرول عيسائي سلطنتن حوالي ٿيو ۽ 1492ع ۾ هنن مڙني مسلمان حاڪمن کي اسپين مان ڀڄائي ڪڍيو. ان ساڳئي سال ڪرسٽافر ڪولمبس آمريڪا کنڊ جي نئين دنيا ڳولي لڌي. هي مهم جُو همراهه ’ڪولمبس‘ اسپين جي حاڪم طرفان موڪليو ويو هو. اها ڄاڻ پوڻ تي ته ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ٻئي پاسي نه فقط هڪ وڏي دنيا آهي، پر اها ڌاتُن ۽ زرعي پوک لاءِ بھترين زمين آهي... پوءِ اسپيني ماڻھن جي قبضي خاطر ڊوڙ لڳي وئي. ڏسندي ئي ڏسندي سڄو ڏکڻ آمريڪا ۽ سينٽرل آمريڪا اسپين جي حوالي ٿي ويو. ٿورو گهڻو جيئن ته برازيل تي پورچوگالين جو قبضو ٿيو. تمام ننڍڙا حصا فرانس ۽ ٻين يورپي ملڪن جي به نصيب ۾ آيا. ڏسندي ئي ڏسندي اسپين جيڪو ستن صدين کان مسلمانن جي قبضي ۾ هو، اهو يورپ جو امير ترين ملڪ ٿي ويو. هڪ طرف هنن مسلمان حاڪمن جي غلاميءَ مان جان ڇڏرائي، ٻئي پاسي نئين دنيا جون زمينون ۽ ڌاتو وغيره هنن کي ملي ويا. ٽئين طرف آئيبيريا اپ ٻيٽ جي ٻئي حصي پورچوگال جي رهاڪن (واسڪوڊاگاما وغيره) ڪيپ آف گڊ هوپ ڪراس ڪري انڊيا ۽ ملايا پھچڻ ۽ اتي جي ملڪن تي قبضو ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.
آمريڪا کنڊ تي اسپيني ۽ پورچوگالين جو قبضو ته ٿي ويو، پر اتي زمينن تي پوک جي ڪم لاءِ ۽ کاڻين مان ڌاتو ڪڍڻ لاءِ هنن آفريڪا مان شيدين کي غلام طور آندو. ڪجهه ڀر وارن ڪئريبين ٻيٽن جي ماڻھن جو اچڻ ٿيو. نتيجي ۾ اڄ جيڪي آمريڪا ۾ شيدي ڏسو ٿا اهي ان وقت جي آفريڪي شيدي غلامن جو اولاد آهن. اهڙي طرح گورن ۾ به پورچوگالين کان علاوه يورپ جي مختلف ملڪن جا ماڻھو آهن، جيڪي آمريڪا جي خوشحاليءَ جو ٻڌي پنھنجا وطن ڇڏي، هتي هميشه لاءِ رهائش پذير ٿي ويا. ويندي پورچوگالي ڪالوني، برازيل ۾ توهان کي لکين جپاني ملندا، جيڪي هڪ يا ڏيڍ صدي اڳ جاپان ۾ غربت ڪري برازيل ۾ پوک لاءِ آيا ۽ هتي ئي ترسي پيا. هُو پنھنجي مادري زبان جپانيءَ کان علاوه ملڪ جي قومي ٻولي ’پورچوگالي‘ ڳالھائين ٿا. اهڙي طرح آمريڪا جو وڏو حصو اسپيني ڳالھائي ٿو ۽ هنن تي اسپيني تھذيب، تمدن، رسم و رواج جو وڏو اثر آهي. بعد ۾ اسپين ۽ پورچوگال حڪومتن جا آمريڪي ملڪ آزاد ٿي ويا. سورهين صديءَ کان اوڻيھين صديءَ جي شروعات تائين اسپين دنيا جي هڪ وڏي سلطنت تي حڪومت ڪئي ٿي. اڄ اهي ملڪ اسپين يا پورچوگال جي قبضي ۾ نه آهن پر اتي اسپيني ۽ پورچوگالي ٻوليون ڳالھايون وڃن ٿيون، جيئن اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾، انگريزن جي وڃڻ بعد به انگريزي عام هلي پئي. دنيا ۾ انگريزيءَ بعد ٻئي نمبر تي اسپيني ڳالھائي وڃي ٿي. اٽڪل چار سؤ ملين کان مٿي ماڻھو اسپيني ڳالھائين ٿا. اسپيني ٻوليءَ کي ’ايسپاڃول‘ ۽ ’هسپانوي‘ به سڏيو وڃي ٿو. نموني خاطر اسپيني ٻوليءَ جا ڪجهه بنيادي لفظ هيٺ لکان ٿو:
• Hola - Hello
• Adios - Good Bye
• Si - Yes
• No - No
• Senora - Mrs
• Senorita - Miss
• Por Favor - Please
• Gracias - Thank you
• Lo Siento - Sorry
• Salud - Bless you
• Yono comprendo - I do not understand.
• Bella - Beautiful.
اسپين جا رهاڪو Spanish ماڻھو به سڏجن ٿا تهSpaniards به. ڏکڻ آمريڪا جا اسپيني ڳالهائڻ وارا ماڻھو عام طرحHispanic يا Latino (هسپانوي) سڏجن ٿا. وچ آمريڪا جي ملڪ ميڪسيڪو کان ڏکڻ آمريڪا جي ڇيڙي واري ملڪ چلي ۽ ارجنٽائين تائين وارو علائقو ’لئٽن آمريڪا‘ سڏجي ٿو. لئٽن آمريڪا ۾ جيتوڻيڪ مختلف ملڪ ۽ ماڻھو اچي وڃن ٿا، پر منجهن ڪامن ڳالھ اها آهي ته هڪ ته هُو گهڻي ڀاڱي رومن ڪئٿولڪ آهن ۽ ٻيو ته عام ٻولي اسپيني ڳالھائي وڃي ٿي.
مٿيون ڳالھيون سمجهه ۾ اچڻ بعد هاڻ اسان جا ماڻھو لئٽن آمريڪا، هسپانڪ آمريڪا ۽ آئبيرو آمريڪا جو مطلب سمجهي سگهن ٿا. ’لئٽن آمريڪا‘، آمريڪا کنڊ جو اهو حصو آهي، جنھن ۾ اهي ملڪ ۽ علائقا اچيو وڃن ٿا، جتي اسپيني، پورچوگالي ۽ فرينچ ٻوليون ڳالھايون وڃن ٿيون. اتي جا ماڻھو ’لئٽينو‘ سڏجن ٿا. ’لئٽن آمريڪا‘ ٽرم انھن ملڪن لاءِ به استعمال ٿئي ٿو، جتي پورچوگال، اسپين ۽ فرانس وارن جي حڪومت هئي. ڏکڻ آمريڪا ۾ پورچوگالي ڪالوني برازيل هو. فرانس جي قبضي ۾ هائتي، ڊومنيڪن، ريپبلڪ، فرينچ گائنا هو. اسپين وارن جي هٿ ۾ ڪيترائي ملڪ رهيا جتي هينئر اسپيني ٻولي ڳالھائي وڃي ٿي.
هڪ ٽرم ’هسپانڪ آمريڪا‘ به توهان کي ٻڌڻ ۾ ايندو. اهو لفظ انھن ملڪن لاءِ استعمال ٿئي ٿو، جتي اسپين جو اثر رسوخ رهيو ۽ اسپيني ٻولي ڳالھائي وڃي ٿي. انھن ملڪن جا ماڻھو چلي، ارجنٽائنا، وينزوئلا وغيره کان لڏي USA اچن ٿا ته انھن کي ’هسپانوي‘ سڏجي ٿو.
اهڙي طرح ’آئيبيرو آمريڪا‘ ٽرم آهي، جنھن ۾ اهي ملڪ اچن ٿا جيڪي آئيبيريا اپ ٻيٽ ’پيننشولا‘ جي ملڪن اسپين ۽ پورچوگال جي راڄ ۾ هئا ۽ جتي اسپيني ۽ پورچوگالي ڳالھائي وڃي ٿي. سو اهي ڳالھيون ڌيان ۾ رکڻ بعد توهان هاڻ سمجهي ويا هوندائو ته اسان جو ليکڪ جڏهن اسپيني ڳالھائڻ وارن جي ڳالھ ڪري ٿو ته هن جو مطلب اسپين ملڪ جي شھرن مئڊرڊ، قرطبا، غرناتا يا بارسلونا کان آيل ماڻھن جي نه، پر لئٽن آمريڪا کان لڏي آيل مڪسچر جي ڳالھ ڪري ٿو، جيڪي گئاٽمالا، نڪراگئا، اڪيڊار، چلي جھڙن ملڪن کان لڏي آيا ۽ جيڪي اسپيني ڳالھائين ٿا.
آخر ۾ ٻه اکر هاڻوڪي اسپين بابت:
اسپين بابت ڄاڻ رکڻ جو اهو به سبب آهي ته اسان مسلمانن جو ماضيءَ ۾ اسپين سان وڏو واسطو رهيو آهي. اسپين ۽ سنڌ تي تقريبن هڪ ئي سال 711ع ۾ عربن فتح حاصل ڪئي. اسپين ٿو وڃجي ته اتي جي ڪيترن شھرن جا نالا ٻڌي، عرب مسلمانن جي حڪومت ياد اچي ٿي، جن اهي شھر ٻڌرايا ۽ انھن جي دؤرِ حڪومت ۾ اهي شھر ’بَلَي بَلَي‘ هئا. اتي جي شھرن جون مسجدون، مدرسا، انھن ۾ جنم وٺندڙ يا انھن ۾ اچي رهندڙ دين جا عالم، سائنسدان، تاريخدان، جاگرافر، اديب، شاعر ۽ انھن جون لکڻيون مسلمانن جي خوشحالي، ترقي ۽ بھتر واپار جي ياد ڏيارين ٿا.
پندرهين صديءَ جي آخر ۾ اسپين وارن، مسلمانن کي ڀڄائي ڪڍڻ بعد نه فقط پنھنجي ملڪ اسپين جو ڪنٽرول سنڀاليو، بلڪِ آمريڪا ۾ نوان ملڪ هٿ ڪيا، پر سورهين صديءَ ۾ ڪيترن ئي يورپي ملڪن تي به حڪومت ڪئي، جهڙوڪ؛ پورچوگال، نيدر لئنڊ ۽ ڪجهه حصا فرانس، جرمني ۽ اٽلي ۽ آسٽريا جا.
اسپيني سِول لڙائي 1936ع کان 1939ع تائين اسپين ۾ ڪافي تباهي آندي. ان بعد 1939ع کان 1975ع تائين هتي جو فوجي ’جنرل فرئنڪو‘ ملڪ جو ڊڪٽيٽر ٿي رهيو. 1975ع ۾ جنرل فرئنڪو جي مرڻ بعد جان ڪارلوس (Jaun Corlos) اسپين جو بادشاهه ٿيو. پاڻ اسپيني سِول لڙائيءَ جي ڏينھن واري بادشاهه ’الفنسو تيرهين‘ جو پوٽو هو.
جان ڪارلوس 2014ع ۾ تخت تان لاٿو ويو ۽ ان جي جاءِ تي هاڻ فيليپي ڇھون (Felipe VI) اسپين جو بادشاهه آهي. اولاد ۾ کيس ٻه ڌيئرون ’ليونور‘ ۽ ’صوفيا‘ آهن.
پاڻ ليکڪ منصور ٿلھي جي تعليم بابت لکي رهيا هئاسين ته هُو سنڌي ادب ۾ هڪ قابل شخص آهي. هن عالم فاضل کان وٺي پي ايڇ ڊي تائين سنڌيءَ جي ڄاڻ حاصل ڪئي. سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ ۾ گرئجوئيشن ڪرڻ بعد، ايم فل علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. گذريل سال 2021ع ۾ کيس Ph.D جي به ڊگري ڏني وئي. سندس ايم فِل ٿيسز جو ڪتاب جلد اچڻ وارو آهي، جنھن جو خوبصورت ٽائيٽل اڄ ڪلھه فيسبُڪ تي نظر اچي ٿو. ڪتاب جو نالو ٿيسز وارو آهي، ’سنڌي ۽ سرائيڪي ناول نگاريءَ ۾ موضوعي ۽ فني هڪجھڙايون.‘
منصور جي ٻين گهڻ ڪتابن وانگر، هي ڪتاب به سنڌ جو مشھور پبلشر ساجد سنڌي، سمبارا پبليڪيشن طرفان ڇپي رهيو آهي.
منصور صاحب جا پندرنهن کن ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، ٻيا ڇپائي هيٺ آهن، جن مان گهڻا تڻا تحقيق ۽ ادب تي آهن. ٽي کن سفرناما به آهن. ڪالم نويس محمد حسين ’دلشاد‘، منصور جي ادبي خذمتن بعد پنھنجي مضمون ’سونھان سُڌيون ڏين...‘ ۾ لکي ٿو ته، ”منصور صاحب کان هڪ ڏينھن هن سوال پڇيو ته، ”سائين! آتم ڪٿا لکڻ جو ارادو نه آهي ڇا؟“
ٺھه پھه وراڻيائين، ”نه.“
ٻيو سوال ڪيم، ”نه جو سبب ٻڌايو؟“
جواب ڏنائين، ”سچ لکڻ ۽ پنھنجين ڪمزورين کي لکڻ ۾ همت گهرجي. ماڻھو پنھنجي ڪمزورين کي اوڻيھه ويھه يعني بيان ڪونه ڪندا آهن، باقي ڪارنامن کي وڏي واڪي پيش ڪندا. دنيا ۾ ڪيترن ماڻھن پنھنجيون آتم ڪٿائون لکيون، ان ۾ ايڏو سچ لکيو اٿن، جو اهو هر ماڻھوءَ کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته اهو سچ ڪيئن لکيو اٿن.“
دلشاد صاحب، هن مضمون ۾ هڪ ٻئي هنڌ لکي ٿو ته، ”مون خيرپور، سکر ۽ حيدرآباد جي بُڪ اسٽالن تان منصور ٿلھو صاحب جا ڪتاب پڇايا، پر ڪنھن به اسٽال تان ڪتاب ڪونه مليا.“ ان باري ۾ ڪچھري ڪندي، هن کائنس سوال ڪيو ته، ”اوهان جا ڪتاب مارڪيٽ ۾ بُڪ اسٽالن تان نٿا ملن، تنھن جو ڪھڙو سبب آهي؟“
ٻڌايائين ته، ”مان ڪتاب وڪري لاءِ نه ڇپرائيندو آهيان. ها هڪ ٻن دوستن جا بڪ اسٽال آهن، انھن کي مفت ۾ ڏيندو آهيان. ڪجهه ڪتاب ادب دوستن، اديبن ۽ لائبريرين ۾ ورهائي ڇڏيندو آهيان.“
منصور ٿلھو، مولائي دين محمد (زاهد حسين ابڙو جو ڏاڏو)، ڪلياڻ داس ۽ منصور جي ڏاڏي بخشل خان ۽ جسٽس راڻا ڀڳوان داس ۽ علي اڪبر ڍڪڻ جو ڳوٺ نصيرآباد آهي. منصور ٿلهو، نصيرآباد کي ڇڏي 2010ع ۾ مائيڪل ٽائسن، ائلي ماسرو، پريا آنند، حامدي الوڪايا، عمر ياغي، عبدالرحمان جي آمريڪي ڳوٺ البني (Albany) ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. هُن هِن سفرنامي جو نالو به پنھنجي پراڻي ۽ نئين ڳوٺ ’آڏي‘ ۽ ’البني‘ نالي وقف ڪيو آهي. دراصل آڏي ڳوٺ، نصير آباد جو ئي حصو آهي، جيڪو نصيرآباد کان ٽن چئن ڪلوميٽرن تي آهي. جتي منصور جي ڏاڏي بخشل خان جون جاگيرون آهن. اسڪول ۽ ٻين سهوليتن جي ڪري ۽ منصور جي والد جي نوڪريءَ جي ڪري هنن کي نصيرآباد ۾ رهڻو پيو ۽ هاڻ ته منصور جا ڀائر ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رهن ٿا، سواءِ هڪ ڀاءُ سجاد ٿلھي جي، جيڪو زمينن جي ديک ڀال لاءِ نصيرآباد ۾ رهي ٿو. سندن والد ’در محمد ٿلھو‘، جيڪو هن وقت نوَي کن سالن جو ٿيندو، اڄ به نصيرآباد ۾ خوش گذاري ٿو، جتي بقول منصور جي آڏي ڳوٺ مان گهڻا ماڻهو لڏي ويا آهن. فقط چند ذاتين وارا ’کوکر‘، ’ڪوري‘، ’ڪنڀر‘ ۽ ’بروهي‘ ذات جي ماڻھن جا گهر وڃي بچيا آهن.
مٿي نصيرآباد ۽ البني جي ڪجهه ماڻھن جا نالا لکيا اٿم. منھنجي نظر ۾ اهي بيحد اهم شخصيتون آهن، جن کان منھنجا پڙهندڙ ضرور واقف هئڻ گهرجن. مزي جي ڳالھه اها ته راڻا ڀڳوانداس ۽ علي اڪبر ڍڪڻ صاحب جن سان منھنجي سڃاڻپ چاليهه سال کن اڳ ٿي، پر اها خبر مون کي به نه هئي. هي ’پيش لفظ‘ لکندي ٿي ته اهي سڀئي يار منصور ٿلھي جي ڳوٺ نصيرآباد جا هئا.
’علي اڪبر ڍڪڻ‘، مون کان چار سال وڏو آهي يعني 1940ع ۾ ڄائو. منھنجي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ڪلاس ميٽ ’شوڪت جماڻيءَ‘ مون کي ڍڪڻ صاحب سان ملايو هو. سندس ڪھاڻي محنت ۽ جفاڪشيءَ جي آهي. سندس والد محمد رمضان ڍڪڻ هڪ پورهيت هو، جنھن رازڪو ڪم ڪيو ٿَي. ننڍڙو علي اڪبر، ٽي ميل پنڌ ڪري اسڪول ويندو هو. انھن ڏينھن ۾ ڪوبه ڳوٺاڻو ٻار اسڪول نه ويندو هو. 1958ع ۾ هن نصيرآباد مان مئٽرڪ ڪئي. وٽس وڌيڪ پڙهڻ لاءِ پئسو نه هو. علي اڪبر ٻڌائي ٿو ته، ”ان زماني ۾ هن جي والد صاحب کي رازڪي جي مزدوري فقط ٻه روپيه ملي ٿي. ان دوران شادي به ٿي ۽ ڪنھن همدرد هن کي ڪلارڪي وٺرائي ڏني. ان بعد ٽنڊوڄام ۾ ’ڳوٺ سڌار‘ ۾ به ڪم ڪيائين. ان بعد 1961ع کان بدين، ميھڙ، ڏوڪري، وارهه، ڄامشورو ۽ حيدرآباد جي هاءِ اسڪولن ۾ پڙهايو. ان دوران بيچلر، ماسٽرس ۽ ايڪانامڪس ۾ Ph.D ڪئي. جنهن کان پوءِ سنڌ حڪومت ۾ اسسٽنٽ چيف پلاننگ آفيسر ٿيو ۽ پوءِ 1975ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر اسٽيٽ بئنڪ ٿيو. رٽائرڊ ٿيڻ بعد هن سنڌ جي سڀني يونيورسٽين ۾ پڙهايو. ڪراچي جي ’زئبسٽ‘، ’انڊس‘، ’ڪئسبٽ‘ ۽ ’بزٽيڪ‘ يونيورسٽين ۾ ڊين فئڪلٽيز ۽ پروفيسر ٿيو. پاڻ ڪيترن ئي انگريزي ۽ سنڌي ڪتابن جو مصنف آهي. خاص ڪري هن جو شاهه جي رسالي تي وڏو ڪم ٿيل آهي.“
نصيرآباد جي جسٽس راڻا ڀڳوان داس کان ته هر ڪو واقف هوندو. هُو 1942ع ۾ ڄائو ۽ 73 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. هُو هڪ باعزت جج سمجهيو وڃي ٿو. پاڻ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو ’ائڪٽنگ چيف جسٽس‘ به رهيو. پاڻ ’فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن آف پاڪستان‘ جو چيئرمين به رهيو. هن ماسٽرس ڊگري ’اسلامڪ اسٽڊيز‘ ۾ ڪئي.
راڻا ڀڳوانداس، پھريون هندو جج ٿي گذريو آهي. هُونءَ مزي جي ڳالھه اها ته پھرين هندو عورت جج به راڻا ڀڳوانداس جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ’سُمن پاوَن بوداني‘ آهي. سُمن قانون ۾ ماسٽرس ڪرڻ بعد وڪالت شروع ڪئي ۽ وڌيڪ امتحانن بعد جج مقرر ٿي. سندس پتا ’ڊاڪٽر پاون ڪمار‘ اکين جو ماهر ڊاڪٽر آهي ۽ هن جي وڏي ڀيڻ سافٽ ويئر انجنيئر آهي ۽ ٻي ڀيڻ ’چارٽرڊ اڪائونٽنٽ‘ آهي.
مولائي دين محمد جو پوٽو زاهد حسين ابڙو پڻ نصيرآباد جو آهي، جنھن 1977ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايڪانامڪس فائننس ۾ تعليم حاصل ڪئي. پاڪستان ۾ مختلف وڏن عهدن تي رهڻ بعد اڄ ڪلهه هُو نيويارڪ ۾ رهي ٿو. هُو دنيا جي 150 ويسٽرن يونين جو آفيسر آهي ۽ هُو هڪ هنڌ ويهي 24 ئي ڪلاڪ ڪم جو ذميوار رهي ٿو. زاهد ابڙو صاحب 1964ع ۾ نصيرآباد ۾ جنم ورتو.
زاهد ابڙو صاحب ۽ منصور ٿلھي صاحب جي ڏاڏن جو هڪ همعمر ڪلياڻ داس به هن ڌرتي نصير آباد جو نيڪ فرزند ٿي گذريو آهي، جيڪو سخاوت جي ڪمن کان هن علائقي ۾ مشھور هو. افسوس جي ڳالھه اها آهي ته هھڙي مخيّر انسان کي اسان جي ڌاڙيلن قتل ڪري ڇڏيو. ان بعد سندس اولاد نصيرآباد ڇڏي ويو. سندس ڪجهه اولاد هاڻ شايد ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.
اهي ته ٿيا منصور ٿلھي جي اصلي ڳوٺ آڏيءَ (نصيرآباد) جا ڪجهه ماڻھو. اهڙي طرح سندس هاڻوڪي ڳوٺ ’البني‘ جا ڪجهه ماڻھو جن بابت پاڻ ٻڌايائين هن ريت آهن:
”هي اهي ماڻھو آهن، جيڪي اسان جا ماڻھو به سڃاڻن ٿا يا پڙهي حيرت ٿيندي ته نصيرآباد جيڏي شھر البنيءَ ۾ اهڙا ماڻھو رهيا يا زندگيءَ جو وڏو عرصو ان ۾ گذاريو. جهڙوڪ باڪسر مائيڪ ٽائيسن، جيڪو 1987ع کان 1990ع تائين دنيا جو هڪ عظيم هيوي ويٽ باڪسر ٿي رهيو. 1992ع ۾ ٽائيسن زنا جي ڪيس ۾ گرفتار ٿيو ۽ ڇھه سال جيل آيو هوس. باڪسنگ کان رٽائرڊ ٿيڻ بعد هن 350 ڪبوتر پالڻ جو شوق ڪيو. 2007ع ۾ نشي واري حالت ۾ گاڏي هلائڻ ڪري هن کي چويهه ڪلاڪ وري جيل ۾ رکيو ويو. هن فلمن ۾ به ڪم ڪيو، جن مان سال 2009ع جي فلم ’The Hangover‘ مشھور آهي.
استنبول (ترڪي) جي مشھور يونيورسٽي ’استنبول ٽيڪنيڪل يونيورسٽي‘ جي جيولاجيڪل ڊپارٽمينٽ جي هيڊ ’پروفيسر علي محمد جلال شنگور‘ (Celal Sengor) پڻ البني (آمريڪا) جا ڪجهه اهم ماڻھو ٻڌايا هئا. جلال شنگور، ترڪيءَ ۾ 1955ع ۾ ڄائو ۽ جيالاجسٽ آهي. سندس وڏو عرصو منصور ٿلھي جي هاڻوڪي آمريڪي ڳوٺ البني ۾ گذريو ۽ هن جيالوجيءَ ۾ البني جي يونيورسٽي ’سني يونيورسٽي‘ مان 1982ع ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي هئي.
آمريڪا جي نيويارڪ رياست جو البني ڳوٺ، جنھن جي آدمشماري پاڪستان جي سنڌ صوبي جي ڳوٺ نصيرآباد جيتري ضرور آهي، پر دنيا ۾ عمارتسازي، ڪامرس، ڪلچر، اعليٰ تعليمي درسگاهن ۽ اعليٰ تاريخ کان مشھور آهي. مٿين يونيورسٽي سني (SUNY) ’اسٽيٽ يونيورسٽي آف نيويارڪ، البني‘ هڪ ٽاپ جي يونيورسٽي آهي، جنھن جا ڪيترائي آمريڪن ۽ ٻين کنڊن جا گرئجوئيٽ دنيا ۾ مشھور آهن. نصيرآباد جيڏي البني شھر ۾ هن يونيورسٽي (SUNY) کان علاوه ٻه ٽي ٻيا به مشھور تعليمي درسگاهه آهن:
• البني ميڊيڪل ڪاليج
• ڪاليج آف سينٽ روز
• ايڪسيلسر ڪاليج
• البني ڪاليج آف فارميسي ائنڊ هيلٿ سائنسز
• البني لا اسڪول وغيره.
اڄ ڪلھه جي مشھور فلمي اداڪاره، ڪاميڊي، ليکڪ ۽ ٽي وي هوسٽ ’آڪوافينا‘ (Awkwafina) پڻ البنيءَ جي آهي، جتي هن 1988ع ۾ جنم ورتو. هڪ ٻيو فلمي ائڪٽر، پروڊويسر ۽ ليکڪ ’ايڊورڊ برن‘ جو واسطو پڻ البني سان آهي.
عورتن جي پروفيشنل ملھه ۽ ماڊل، چاليھه سالن جي ’ائشلي ماسارو‘ پڻ هتي جي آهي. کيس اسان مان ڪيترن ئي ٽي وي تي WWE (ورلڊ ريسلنگ انٽرٽينمينٽ) ڪُشتي پروگرامن ۾ ڏٺو هوندو. هُوءَ 39 سالن جي ڄمار ۾ 2019ع ۾ اوچتو گذاري وئي.
انڊيا جي هڪ فلم ائڪٽريس ۽ ماڊل ’پريا آنند‘ به البني جي مشھور شخصيت آهي. هُوءَ 1986ع ۾ ڏکڻ انڊيا جي شھر چنائيءَ ۾ ڄائي. کيس مائٽن اعليٰ تعليم لاءِ ننڍي هوندي ئي آمريڪا موڪليو هو، جتي هن البني جي SUNY يونيورسٽيءَ مان ڪميونيڪيشن ۽ جرنلزم ۾ تعليم حاصل ڪئي. سال 2008ع ۾ هن وطن موٽي ماڊلنگ ۽ فلمن ۾ ڪم شروع ڪيو. پھرين تامل فلمن ۾ ان بعد مليالم هندي، تيلگو ۽ ڪنھڙ فلمن ۾ ڪم ڪيو. هندي فلمن ۾ هن جون ٽي فلمون مشھور آهن، ’انگلش ونگلش‘، ’رنگريز‘ ۽ ’فقري‘. 2013ع جي فلم ’فقري‘ هڪ ڪميڊين فلم آهي، جيڪا سنڌي پروڊيوسر ’رتيش سڌواڻيءَ‘، چندن ٽوٽا رام جي پٽ ٺاهي، جنھن کي سندس پھرين فلم ’دل چاهتا هي‘ تي 2001ع ۾ نئشنل ايوارڊ مليو هو.
پريا آنند اڄ به هنديءَ کان وڌيڪ سائوٿ انڊين ٻولين، تامل، تيلگو، مليالم ۽ ڪنھڙ فلمن ۾ ڪم ڪري ٿي، جيڪي سري لنڪا، سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ پڻ عام ڏٺيون وڃن ٿيون ۽ اهو ئي سبب آهي جو پريا، انڊيا کان علاوه مٿين ملڪن ۾ به مشھور آهي.
هڪ ٻيو مشھور ترڪ همراهه ’حمدي اولوڪايا‘ جيڪو ڪُرد نسل جو آهي، ان جو واسطو پڻ هن شھر البنيءَ سان آهي. توهان جو جيڪڏهن آمريڪا ۾ رهڻ ٿيو آهي ته اتي جي مشھور ۽ اعليٰ درجي جي ’چوباني يوگرٽ‘ (ڌؤنرو) ضرور ٻُڌو هوندانوَ. حمدي (Hamdi Ulukaya) هڪ امير، وڏو واپاري، سخي مرد (Philanthropist) ۽ انساني حقن جو علمبردار (Activist) آهي، جيڪو آمريڪا جي هڪ اعليٰ فوڊ ڪمپني ’Chobani‘ جو مالڪ ۽ چيئرمين آهي. حمديءَ 1972ع ۾ ترڪيءَ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ جنم ورتو. هن جي فئمليءَ ’فرات نديءَ‘ جي ڪناري تي رڍون پاليون ٿي ۽ کير مان پنير ٺاهي وڪيو ٿي. هُونءَ ڪيترا اهو سمجهن ٿا ته ’فرات‘ ۽ ’دجله‘ نديون فقط عراق مان وهن ٿيون. بلڪل صحيح آهي، پر ’فرات ندي‘ جيڪا 2800 ڪلوميٽر ڊگهي آهي، شروع ترڪيءَ کان ٿئي ٿي ۽ شام ملڪ مان گذري، عراق ۾ ’شط العرب‘ وٽ ’دجله نديءَ‘ سان ملي، ايراني نار ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
’انقره يونيورسٽي‘ ترڪيءَ مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد حمدي انگريزي ۽ بزنيس جي تعليم لاءِ 1994ع ۾ آمريڪا آيو ۽ يونيورسٽي آف البني مان گرئجوئيشن ڪيائين. ان بعد هن ڌؤنرو (Yogurt) ٺاهڻ ۽ وڪڻڻ جو ڪم شروع ڪيو. پنھنجي ڌؤنري (دهيءَ) جو نالو ’چوباني‘ رکيو، جيڪو ترڪ ٻولي جي لفظ ’چوبان‘ مان آهي، جنھن جي معنيٰ آهي ’ريڍار.‘ حمدي پنھنجي بھترين ڌؤنري مان ايڏو ڪمايو آهي، جو اڄ ڪلھه دنيا جي سئو ملڪن جي امير ترين ماڻھن مان هڪ آهي، پر يارو حمديءَ جو خير خيرات جي ڪمن ۾ به دنيا ۾ نالو آهي. هُو وڏو سخي مرد آهي، جنھن خاص ڪري پنھنجي ڪُردن ۽ عراق توڙي شام جي ڏتڙيلن جي وڏي مدد ڪئي آهي.
منصور ٿلھي صاحب جي هن نئين ڳوٺ البني جا مشھور ماڻھو ته گهڻا ئي آهن، پر هتي آخر ۾ ٻه ٻين جا نالا لکان ٿو، جن جو توهان هتي البني توڙي ڪئليفورنيا جي شھر ’برڪلي‘ ۾ نالو ٻڌندانوَ. هڪ ته پروفيسر ’عمر مونس ياغي‘، جيڪو اردن جي شھر عمان ۾ 1965ع ۾ ڄائو. 15 سالن جي ننڍي عمر ۾ هُو تعليم لاءِ آمريڪا پھتو ۽ البني جي يونيورسٽيءَ مان ڪيمسٽري ۾ پي ايڇ ڊي ڪيائين. اڄ ڪلھه هُو ڪئليفورنيا جي شھر برڪلي جي ’يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا‘ ۾ ڪيمسٽريءَ جو پروفيسر آهي. هيءَ اها يونيورسٽي آهي، جتان ’ڪامارو شريف‘ جي ’پير تاج محمد قريشيءَ‘ گرئجيوئيشن ڪئي، جنھن بابت هن کان اڳ پير تاج محمد جي سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان. البني ۾ سنڌ جا هندو به گهڻي تعداد ۾ رهن ٿا، جيڪي سنڌ کان لڏي هندوستان ويا، پوءِ آمريڪا ۾ اچي سيٽل ٿيا. ڪيترائي سنڌي هندو خاندان، آمريڪا جي هن شهر البني ۾ رهن ٿا. اُهي ڪاروباري آهن، ڪي وڏن عهدن تي پڻ آهن. دادو ضلعي جي ميهڙ شهر جو ’ڊاڪٽر ڪاڪا لعلچند سوبچا‘ جي فئملي نيويارڪ ۽ البني ۾ رهي ٿي. ’ڊاڪٽر دليپ سوبچا‘ به البني ۾ رهي ٿو.
صوماليا جي گورنر ۽ هاڻ وزيرِ خزانه جو نالو ’عبدالرحمان فئرول‘ به هن لسٽ ۾ ڏيندو هلان، جنھن جو پڻ هن ڳوٺ البني ۾ رهڻ ٿيو ۽ هتان تعليم حاصل ڪئي. هن شخص عبدالرحمان فئرول کي مون جھڙا جھازران، خلاصي، Seafarer ياد ڪندا هوندا، جنھن جي سخت قدم ۽ سزائن جي ڪري غواردافوي (Guardafui) چئنل ۾ قزاقن جي حملن ۾ گهٽتائي آئي، نه ته صوماليا جي ان هنڌ تان لنگهڻ وقت، پاڻيءَ جا جھاز هلائڻ وارن جون ننڊون حرام ٿِي ويون ٿَي.
منصور ٿلھي صاحب جي هن سفرنامي جو نالو ’آڏي کان البني‘ آهي. البني آمريڪا جو اهو شھر آهي، جتي هاڻ هُو رهي ٿو بلڪه ٻارنهن سالن کان رهي ٿو. جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته جيتوڻيڪ منصور جي هن نئين ڳوٺ البني شھر جي آدمشماري اٽڪل ميهڙ شهر جيتري آهي، پر يارو آمريڪا جو هي شھر البني تمام گهڻي اهميت ان ڪري رکي ٿو، جو اهو آمريڪا جي مشھور ۽ امير رياست ’نيويارڪ‘ جي گاديءَ جو هنڌ آهي. اها ڳالھه توهان لاءِ حيرت انگيز هوندي. شروع شروع ۾ معلوم ڪري مون کي به تعجب ٿيو هو. مون ته اهو ئي ٿي سمجهيو ته ’نيويارڪ رياست‘ جي گاديءَ جو شھر ’نيويارڪ سٽي‘ هوندو. بلڪه مون ته سڄي آمريڪا ملڪ جي گاديءَ جو شھر نيويارڪ ٿي سمجهيو... پوءِ خبر پئي ته اهو ’واشنگٽن‘ آهي ۽ نيويارڪ رياست جو ’البني‘ آهي. جيتوڻيڪ نيويارڪ رياست ۾ نيويارڪ کان علاوه ٻيا به شھر آهن، جيڪي البنيءَ کان وڏا آهن، جيئن ’بفئلو‘، ’بنگهامٽن‘، ’روچيسٽر‘ ويندي ’سائراڪوز‘ (Syracuse) وغيره، پر اهو مون ڏٺو آهي ته آمريڪا (USA) جي اها ڳالھ سٺي آهي ته هنن ڪيترين ئي رياستن جا گاديءَ جا شھر وڏن شھرن بدران ننڍا رکيا آهن. جيئن ڪئليفورنيا رياست جي گاديءَ جو شھر ڪنھن کان پڇندائو ته هُو يڪدم چوندو ’لاس اينجلس‘ آهي، جو لاس اينجلس تمام وڏو ۽ امير شھر آهي، جيئن اسان وٽ سنڌ صوبي جي گاديءَ جو شھر ’ڪراچي‘ آهي، پنجاب جو ’لاهور‘ يا انڊيا ۾ مھاراشٽرا جو ’ممبئي‘ ۽ بنگال جو ’ڪولڪتا‘ وغيره پر هتي آمريڪا ۾ نيويارڪ رياست وانگر ڪئليفورنيا جي گاديءَ جو هنڌ ساڪرومينٽو (Sacramento) آهي، جيڪو ڏٺو وڃي ته رياست جو ڇھون نمبر وڏو شھر آهي. ان کان وڏا شھر ته لاس اينجلس کان علاوه سان ڊياگو پورٽ،San Jose، سان فرانسسڪو، پورٽ رچمنڊ ۽ Frenso آهي. اهڙي طرح ٽيڪساس رياست جي گاديءَ جو شھر آسٽن به رياست جو چوٿون نمبر وڏو شھر آهي، جنھن کان هوسٽن، سان ائنٽونيو، ڊالاس، پورٽ آرٿر وڏا شھر آهن.
اهو ائين آهي، جيئن اسان وٽ سنڌ جي گاديءَ جو شھر صوبي جي ڇيڙي واري شھر ڪراچي، حيدرآباد، سکر بدران قمبر شھدادڪوٽ ضلعي جو نصيرآباد هجي يا باڊهه، راڌڻ، مديجي هجي ها... يا سڪرنڊ، قاضي احمد، گمبٽ هجي ها! سڄي صوبي جي سرڪار جون آفيسون ننڍي ڳوٺ/شھر ۾ هجڻ ڪري سڄي صوبي کان آيل ڪم ڪارين وارن کي رهائش سستي پوي ها ۽ سواريءَ جو به ايڏو وڏو مسئلو نه ٿئي ها. وڏي ڳالهه ته اسان جا وزير، مشير، اسيمبلي ميمبر اچي، هنن ننڍن ڳوٺن ۾ رهن ها ۽ کين خبر پئجي سگهي ها ته سنڌ جي ڳوٺن ۾ تعليم يا صحت وغيره جو ڇا بندوبست آهي؟! ۽ هُو ٻين يعني عوام لاءِ کڻي نه پر پنھنجي ٻارن خاطر ته سٺن اسڪولن جو بندوبست ڪن ها يا پنھنجي صحت لاءِ سُٺين اسپتالن جو... پوءِ نصيرآباد، باڊهه يا قاضي احمد به البني جھڙي اهميت حاصل ڪري وٺي ها ۽ اسان جا ڳوٺ به جپان ۽ ملائيشيا جي ڳوٺن وانگر هر سهوليت سان ٽمٽار رهن ها.
جنھن رياست نيويارڪ ۾ اسان جو ليکڪ ٿلھو صاحب رهي ٿو، ان بابت ڪجههInput ڏيندو هلان، جيئن اهي پڙهندڙ جن جو آمريڪا ۾ رهڻ يا اچڻ نه ٿيو آهي، انھن کي سفرنامو پڙهڻ دوران هن پاسي جي علائقن جي جاگرافيءَ جي Clarity رهي ۽ هُو منصور ٿلھي جي لکيل ڳالھين مان لطف حاصل ڪري سگهن. هُونءَ به آئون اهو چاهيان ٿو ته آمريڪا، ڪئناڊا، انگلنڊ، آسٽريليا ۽ نيوزيلنڊ جھڙن ملڪن جي ڄاڻ وڌيڪ ڏني وڃي. اڄ ڪلھ ولايت ۾ نوڪريون ڪرڻ وارن جو اهو ئي چوڻ آهي ته عرب ملڪن ۾ يا ملائيشيا، برونائي جھڙن مسلمان ملڪن ۾ نوڪري ڪرڻ کان بھتر آهي ته گهٽ پگهار تي ئي سھي، پر آسٽريليا، ڪئناڊا جھڙن يا اسڪينڊينيوين ملڪن (ناروي، ڊئنمارڪ، سئيڊن وغيره) ۾ نوڪري ڪجي، جيڪي ڪجهه سالن بعد ملڪ جي شھريت (پاسپورٽ) ڏيو ڇڏين، باقي اسان جي عرب يا مسلمان ملڪن جو ڪو حال ناهي، ويهه سال نوڪري ڪرڻ بعد به سعودي عرب، ڪويت يا برونائيءَ جھڙو ملڪ توھان کي پنھنجو نه سمجهندو. بلڪِ اهي اسلامي ملڪ اهڙا ملڪ آهن، جن جو مٿو ڦرڻ تي توهان کي ڪنھن وقت به، بنا ڪنھن سبب جي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيندا. اها ٻي ڳالھه آهي ته جي توهان کي انگلنڊ، آمريڪا، ڪئناڊا جھڙي ملڪ جو پاسپورٽ آهي ته پوءِ توهان جو نالو وٺندي ساهه ويندو اٿن پوءِ اصل ۾ توهان کڻي پاڪستان، بنگلاديش جا هجو يا سري لنڪا نيپال جا. اهو ئي سبب آهي جو آئون به پنھنجي دوستن/سُڃاڻن جي ٻارن يا پڙهندڙن کي اها ئي صلاح ڏيندو آهيان ته ڪوشش ڪري آمريڪا، ڪئناڊا، نيوزيلينڊ، آسٽريليا جھڙن ملڪن ۾ نوڪري حاصل ڪري شھريت حاصل ڪريو. انھن ملڪن ۾ به مسلمان آهن. انھن ملڪن ۾ به مسجدون آهن. اتي رهندڙ اسان جي هم وطنين جو اهو ئي چوڻ آهي ته اتي جا رهاڪو عيسائي/يھودي ٿي ڪري به وڌيڪ انصاف پسند آهن ۽ همدرديءَ جو اظھار ڪن ٿا.
آمريڪا واري سفرنامي ’نيوهالا کان نيويارڪ‘ ۾ يا ’بخشو لغاري کان بالٽيمور‘ ۾ هڪ فلسطينيءَ جو احوال لکي چڪو آهيان، جنھن جي فئملي آمريڪن سٽيزن آهي ۽ هن جھڙا ٻيا به انيڪ فلسطيني آمريڪا ۾ رهن ٿا. هن کي جڏهن چيم ته فلسطين ڇڏڻ بعد هُو هيڏو پري ڇو آيو. ان کان ته ڪنھن ڀر واري مسلمان ملڪ سعودي عرب ۾ رهي پوي ها. ان تي هن اهو ئي ڏک جو اظھار ڪيو ته عرب ملڪ هيڏا امير آهن، سعودي عرب جھڙي ملڪ کي ته زمين جي به کوٽ ناهي، پر هنن کي اسان مسلمانن ۽ ساڳي زبان ڳالھائڻ وارن سان ڪو پيار ناهي. اسرائيل اسان جا اهڙا حال ڪيا جو دربدر ٿي وياسين. ماني ڳڀي لاءِ پريشان ٿي وياسين، پر سعودي عرب جھڙن حاڪمن به اسان کي پنھنجو نه ڪيو ۽ وڃڻ تي لوڌي ڪڍيو. وري به آمريڪن کي شابس هجي، جن مٿو ڍڪڻ لاءِ ڇت ڏني ۽ روزگار مھيا ڪيو. اڄ اسان غير مسلمانن جي ملڪ ۾ رهندي به خوشحال آهيون. ٻچا ٻار پڙهي وڏين نوڪرين ۾ اچي ويا آهن. هر ڳالھ جي آزادي اٿئون.
در اصل ڪو زمانو هو يعني 1960ع ۽ 1970ع واري ڏهاڪي جو ٿو سوچجي ته اسان جي ملڪ ۾ سک، چين، سڪون ۽ سستائي هئي. تعليم ۽ صحت جون بھتر سھوليتون هيون. غريب غربي لاءِ روزگار جا موقعا هئا. انھن ڏينھن ۾ ولايتن ۾ شھريت (Citizenship) ملڻ جيتوڻيڪ آسان ڪم هو، پر اسان چوندا هئاسين ته ولايت ۾ ڇو رهون، جتان مائٽن کي وطن فون ڪرڻ به مشڪل ٿو ٿئي، جتي ڪو ٻيو هم وطن يا هم زبان نٿو رهي، پر هاڻ هڪ ته دنيا هڪ ’گلوبل وليج‘ ٿي ويو آهي ۽ ٻيو ته اسان جي ملڪ جون معاشي ۽ امن امان جون حالتون خراب ٿي ويون آهن. اهڙين حالتن ۾ ڪنھن کي ٻاهرئين ملڪ ۾ روزگار ۽ رهائش ٿي ملي ته هُو ڇو نه وڃي. آئون ته ڏسان پيو ته اسان جي فوجين، سرڪاري ڪامورن، سياستدانن، وزيرن، پيرن ميرن جا ٻار به ٻاهر رهيا پيا آهن ته پوءِ اسان جي غريب ماڻھوءَ ڪھڙو ڏوهه ڪيو! هن کي جي ٻاهر وڃڻ جو موقعو ملي ٿو ته هُو ڇو نه Avail ڪري. بقول ٻاهر رهندڙن جي ”ولايت ۾ سيءُ آهي، مشيني زندگي آهي، سخت پورهيو ڪرڻو پوي ٿو پر ٻارن جو مستقبل ته محفوظ آهي ۽ آمريڪا ۽ ڪئناڊا جھڙين ولايتن ۾ ته مدرسا ۽ مسجدون به موجود آهن، جتي هنن جا ٻار دين جي تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا. دنيا ۾ جتي ڪٿي گوشت ۽ ٻيون حلال شيون ملن ٿيون. ايتري قدر جو ’ڪوشر‘ جي به ضرورت ناهي. ڪوشر، اهو گوشت آهي جيڪو يھودي ذبح ڪن ٿا ۽ يھودين جي دڪانن تان ملي ٿو. اڄ کان مُنو صدي اڳ جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ مسلمان آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ رهيا ٿي اهي ’ڪوشر گوشت‘ وٺندا هئا، جنھن لاءِ هنن ٻڌايو ٿي ته مصر جي ملائن فتوا ڏني آهي ته يھودين جو ذبح ڪيل گوشت مسلمان کائي سگهن ٿا، پر پوءِ جتي ڪٿي مسلمانن جو تعداد ايترو وڌي ويو جو نيويارڪ، لاس اينجلس ته ڇا پر ٽوڪيو، سيول ۽ تائيوان ۾ به حلال گوشت جا دڪان کلي ويا. انگلنڊ جي شھرن ۾ ته ڪڏهوڪا انيڪ دڪان هئا. آمريڪا ۽ ڪئناڊا پاسي البت اسان جا پاڪستاني دير سان آيا. ڪئناڊا جي بندرگاهن ۾ ٿڌ ۽ برف باري ڏسي آئون چوندو هوس ته اسان جا پنجابي، جيڪي دنيا جي هر ملڪ ۾ نظر اچن ٿا، پر هتي ڪير ايندو جيڪو هيڏو ڏور آهي ۽ جتي جي موسم هيڏي ظالم آهي. اڄ اڌ صديءَ بعد ڏسان ٿو ته ڪئناڊا جي شھرن ۾ رهڻ ۽ رهائش جون ايڏيون سهوليتون ٿي ويون آهن ۽ ساڳئي وقت اسان جي پياري وطن ۾ بيروزگاري، بدامني، ناانصافي ايڏي وڌي آهي، جو اسان جي ملڪ جا پٺاڻ ۽ پنجابي ته ڇا پر سنڌ جي ڳوٺن جا مسلمان به جتي ڪٿي نظر اچن ٿا ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ گهر نه پر پاڙن جا پاڙا! ڏيپلائي ميمڻن، شڪارپوري شيخن، ابڙن، ڏاهرين، ناريجن، قاضين، ڪلمتين، سومرن ۽ صديقين جا نظر اچن ٿا. ولايت ۾ رهڻ ڪو سَوَلو ناهي. جيڪي رهن ٿا، انھن کي روزگار خاطر سخت محنت ڪرڻي پوي ٿي، پر هنن وٽ ذهني سڪون آهي ۽ هُو بھتر زندگي (Quality of Life) بسر ڪن ٿا... هُو اسان جي رشوت خور ۽ ظالم ڪامورن کان بھتر آهن، جيڪي غريبن جي زندگين سان راڱا ڪن ٿا ۽ حرام کائين ٿا ۽ اهي ماڻھو اسان وٽ نه فقط پوليس ۽ PWD کاتي ۾ آهن، جيئن اڳ ۾ انھن کاتن لاءِ چيو ويندو هو پر هاڻ ته توهان کي قوم جا ڦورُو، صحت کاتي ۽ تعليم کاتي ۾ به ملندا، جيڪي غريبن جي دوائن ۽ مريضن جي کاڌي جا پئسا به کايو وڃن... سنڌي ادبي بورڊ ۽ يونيورسٽين جي صاحبن ۾ به ملندا... نتيجو اهو آهي ته اسان جي ادبي ۽ ثقافتي ادارن کان وڌيڪ ڪتابَ اسان جا ساجد سنڌي، هوش محمد ڀٽي، انعام عباسي، قمر ابڙو، موهن مدهوش، فقير محمد ڍول، محمد علي ماجد ۽ قربان منگيءَ جھڙا بي پھچ پروانا پڌرا ٿا ڪن.
هُونءَ پنج ئي آڱريون برابر به نه آهن. آمريڪا جھڙن ملڪن ۾ اسان جا ماڻھو، گهڻي ڀاڱي محنت ۽ پورهيو ڪري زندگي گذارين ٿا، جن ۾ پير تاج محمد جھڙا وڏن خاندانن جا ٻار به آهن ته اسان جي ليکڪ منصور ٿلھي جھڙا معذور Handicapped به آهن، جيڪي معذوريءَ جي حالت ۾ هوندي به سرڪار طرفان ملندڙ ’سوشل مَني‘ (خيرات) وٺڻ عيب ٿا سمجهن، جيئن سئيڊن جي سفرنامي ۾ اسان جي گهرن جي ڇٻر ڪٽي گذر بسر ڪرڻ واري سِکَ لاءِ لکيو اٿم ته، هُو اتي جي شپ يارڊ ۾ ويلڊر هو ته ڪرنٽ لڳڻ سبب معذور ٿي پيو ۽ ميڊيڪل بورڊ هن کي رٽائرمينٽ ڏئي ’سوشل‘ حاصل ڪرڻ جو مستحق قرار ڏنو، پر هن اهو مفت جي گهر ويٺي مليل پئسي کي خيرات سمجهي وٺڻ کان انڪار ڪيو. هن اهو ئي چيو ته، ”اکين جي خرابيءَ جي ڪري آئون ويلڊنگ نٿو ڪري سگهان، پر منھنجا هٿ پير ته سلامت آهن. آئون گهرن ۽ آفيسن جي ڇٻر ڪتري روزگار ڪمائيندس.“ ۽ پوءِ هن سالن جا سال اهو ڪم جاري رکيو. سندس اڪيلو پٽ، جيڪو اسان واري شھر مالمو (سُئيڊن) ۾ چوٿين ڪلاس ۾ هو ان گرئجوئيشن ڪئي. ان بعد هن انگلنڊ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي ۽ هاڻ مانچسٽر ۾ وڏي پگهار تي انجنيئر آهي. اسان جو پاڙيسري هي سِکَ سرڪار طرفان هر مھيني ملندڙ Social جي پئسن کي خيرات چوندو هو، جيڪو واقعي اسان جي ٻوليءَ ۾ خيرات ئي ٿئي ٿو، جيڪو سُئيڊن، ناروي يا ڪئناڊا جھڙن ملڪن جا امير ماڻھو ٽئڪس ذريعي ان خيال کان ڏين ٿا، جيئن سندن ملڪن جا غريب ماڻھو جن کي ٻار ٻچا آهن ۽ روزگار ناهي يا روزگار سٺو نه آهي ته اهو پنھنجو نالو درج ڪرائي سرڪار کان حاصل ڪري سگهن. افسوس جي ڳالھه اها آهي ته اسان جا ڪجهه مسلمان هڪ ته ايئرپورٽ تي اميگريشن پوليس کي پئسو کارائي پنھنجي پاسپورٽ تي Enter جو ٺپو نه هڻائي، پنھنجي موجودگي ڪئناڊا ۾ ڏيکاري، ٽائيم پورو ڪري اتي جي شھريت وٺي هاڻي ويٺا پنھنجي ملڪ ۾ آهن ۽ اهڙي طرح پنھنجي بيروزگاري ۽ ٻچن لاءِ ڪئناڊا جھڙن ملڪن کان سوشل (خيرات) حاصل ڪري، گد گد پيا ٿين. اهڙين ڳالھين ۽ ڪمن بابت مختلف ملڪن جي مولوين، مفتين ٺڳيءَ جي فتويٰ ڏني آهي. جيئن پنھنجي هڪ هم وطن بابت پنھنجي شروع جي سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان ته، هُو لنڊن جي هڪ اسٽور مان هميشه ڊبل روٽي چوري ڪري Justification اها ڏيندو هو ته، ”انگريزن اسان جي ننڍي کنڊ کي ٻه سئو سال لُٽيو ڦريو، مون جي انگريزن جي ملڪ مان ڊبل روٽي چورائي ته ڪھڙي وڏي ڳالھه ٿي.“
بھرحال مقامي مولوين اها ئي فتويٰ ڏني ته، ”اهو ڪم غلط آهي. هڪ غلط ڪم جو جواب غلط ڪم سان ڪيئن ٿو ڏئي سگهجي. انگريز راڄ ۾ سندن غلط ڪمن جي بدلي ۾ پاڙي جي غريب دوڪاندار جي ڊبل روٽي ۽ بيضا چورائڻ ڪھڙي شرافت آهي.“ پر ڳالھه اها آهي ته ان قسم جي غلط ڪمن ۽ ناجائز فائدا حاصل ڪرڻ سان هڪ طرف اسان جي ملڪ جي بدنامي ٿئي ٿي ۽ ساڳئي وقت مجبور ۽ ضرورتمند ماڻھو ان فائدي کان رهجيو وڃن.
سُئيڊن ۾ تعليم دوران مون ڏٺو ته اتي جي حڪومت عوام جي ڀلي لاءِ اهو قانون ڪڍيو، ته نه فقط ٻارَ پر ان سان گڏ جيڪو وڏو هوندو، ان لاءِ به بس جو سفر مفت ٿيندو. ان جو نتيجو اهو نڪتو، جو اسان جي ماڻھن ننڍي ٻار کي ڄڻ ’بس جي پاس‘ کڻي سمجهيو. ماءُ کي شاپنگ لاءِ يا پنھنجي ساهيڙيءَ سان ملڻو آهي ته اڪيلو وڃڻ بدران معصوم ٻار کي گاڏي ۾ گھليندي وتي، جو ان ڪري هن جو سفر بس ۾ مفت ٿو ٿئي ۽ هُو ٽڪيٽ وٺڻ کان بچيو وڃي. ماءُ شھر جا چڪرَ هڻي گهر موٽي ته پيءُ ٻار جي گاڏي ۾ هٿ وجهي گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪري! چند هفتن ۾ نتيجو اهو نڪتو جو هڪ ته هر بس ۾ ٻارن جي گاڏن جو نمبر وڌي ويو ۽ ٽڪيٽ وٺي مسافرن جي چڙهڻ لاءِ جاءِ ٿوري بچڻ ڪري بس وارن جي ڪمائي گهٽجڻ لڳي، ٻئي طرف حڪومت ڏٺو ته ٻارن ۾ ٿڌ ۽ نمونيا جي بيماري وڌندي پئي وڃي، پوءِ کوجنا ڪرڻ تي هنن کي معلوم ٿيو ته سُئيڊن ۾ رهندڙ ’اميگرنٽ ايشين‘ بس ۾ مفت سواري ڪرڻ لاءِ ٻارن کي ٿڌ ۾ رلائيندا وتن. بعد ۾ هڪ ڏينھن سُئيڊن سرڪار اها سھوليت ختم ڪري ڇڏي. اهڙي طرح ٻيون به ڪيتريون ئي سھوليتون اسان جي ماڻھن جي غلط حرڪتن ڪري سُئيڊن ۽ ناروي جھڙن بھتر سوشل ملڪن ۾ بند ٿي ويون. جن جو تفصيل مون ان وقت جي سفرنامن ’ملير کان مالمو‘، ’جِت برف پئي ٿي جامَ‘ ۽ ’اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا‘ وغيره ۾ لکي چڪو آهيان. اهڙي طرح ڪئناڊا ۾ رهائش پذير اسان جي ماڻھن کي حڪومت طرفان جيڪي سھوليتون ملنديون رهن ٿيون، چند ماڻهن جي ٺڳين جي ڪري، هڪ ڏينھن ٻين شريف ماڻھن جون به بند ٿي وينديون، جيڪي ڪئناڊا جي ٿڌ ۾ رهي محنت مزوري ڪري رهيا آهن.
ڪئناڊا يا آمريڪا جھڙن ملڪن جو پاسپورٽ حاصل ڪري، پوءِ پنھنجي ملڪ ۾ موٽي هڪ طرف مٿين ملڪن جون سھوليتون حاصل ڪرڻ جھڙو پنھنجي ۽ ٻارن لاءِ سوشل (خيرات) حاصل ڪرڻ ته ٻئي طرف پنھنجي ملڪ ۾ رهي، پنھنجي ماڻھن تي ڌؤنس ڄمائڻ ته اسان آمريڪين يا ڪئناڊين آهيون يعني اسان وٽ هڪڙا وڏيرا سردار اڳھين هئا ته مٿان وري هي پيدا ٿيا آهن. مھينو ڏيڍ اڳ تائين حيدرآباد ۾ رهندڙ هڪ اهڙي آمريڪن شھريت واري جون خبرون ته سڀني پڙهيون هونديون، جيڪو شراب پي اوڙي پاڙي وارن کي گاريون ڏيندو هو. پوليس جي اچڻ تي هُو ان کي به اهي ئي دڙڪا ڏيندو هو ته، ”خبردار جو منھنجو نالو ورتو اٿانوَ. آءِ ايم ائن آمريڪن سٽيزن.“ ته جتي اسان جا ماڻھو آمريڪا، ڪئناڊا، آسٽريليا وغيره جھڙن ملڪن ۾ رهي، محنت مزوري ڪري پنھنجو ۽ پنھنجي ٻچن جو سٺو گذر سفر ڪري رهيا آهن، اتي چند ماڻھو اهڙا به آهن، جيڪي پاسپورٽ حاصل ڪري اتي يا پنھنجي ملڪ ۾ پورهيو ڪرڻ بدران ٻئي لاءِ مٿي جو سُور پيدا ڪن ٿا. ان ڳالھ جو اتي رهندڙ اسان جي ٻين ماڻھن ۽ انھن ملڪن جي هتي سفارتڪارن کي به افسوس ٿيندو هوندو. آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ پنھنجي وطن جي همراهه کان پڇيم ته آمريڪا ۾ پورهيو يا محنت ڪرڻ بدران، هُو پنھنجي وطن اچي غلط حرڪتون ڪرڻ تي، هن کي پوليس جو به خوف نٿو ٿئي؟ هن وراڻيو ته هُو ڪرپٽ پوليس آفيسرن سان دوستي رکي، هنن کي اهي ئي ڏٽا ڏئي ٿو ته نوڪريءَ مان نڪرڻ بعد يا رٽائرڊ ٿيڻ ته هُو جيئن ته آمريڪن سٽيزن آهي، سو هُو هنن کي آمريڪا ۾ Set ڪندو. اهڙي طرح پوليس ذريعي مفت جو شراب به حاصل ڪيو وٺي. بھرحال منھنجي گهٽ ۾ گهٽ پنھنجي وطن جي ماڻھن کي اها ئي التجا آهي ته هُو آمريڪا ۽ ڪئناڊا يا ناروي ۽ ڊئنمارڪ جھڙن ملڪن جي شھريت ضرور حاصل ڪن پر اتي جي مقامي گورن (عيسائين، يهودي ۽ ڪارن) وانگر دل لڳائي پورهيو ڪن ۽ نوڪري ڪري ان ملڪ جي ايڪانامي کي فائدو رسائين. رڳو اتي جي سھوليتن مان فائدو نه وٺن ۽ نه ٻيا سردار، پير، مير، وڏيرا بڻجي پنھنجي ملڪ ۾ عوام لاءِ مٿي جو سُور بڻجن.
هتي هڪ ڪئناڊا جي شاگرد تان ڳالھ ياد ٿي اچي. هُو اسان وٽ شيڊول ڪاسٽ جي ماڻھن تي ريسرچ ڪري رهيو هو يعني باگڙي قسم جي ماڻھن تي جيڪي اسان جا وڏا زميندار ٻني ٻاري، چونڊي وغيره جي ڪم لاءِ هنن کي پنھنجي زمين تي جهوپڙيون اڏي رهڻ لاءِ اجازت ڏين ٿا. مون هن ڪئناڊين کي چيو ته، ”توهان هر هڪ کي پنھنجي ملڪ ۾ رهڻ جي اجازت ڏيڻ بدران، چونڊي چونڊي ڪم وارا ماڻھو رکو ٿا، جيئن اسان وٽ هي باگڙي يا ڪولھي وغيره آهن.“ ان تي هُن کلندي چيو ته، ”ايئن هرگز ناهي. توهان وٽ هي ماڻھو هميشه ڪم ۾ رهن ٿا. ڪم نه ڪرڻ تي توهان هنن کي ٽڪو به نٿا ڏيو، پر اسان کين هر صورت ۾ پئسو ڏيون ٿا، چاهي روزگار ۾ نه هجن پر اسان وٽ توهان وٽان جيڪي ماڻھو اچن ٿا اهي اسان وٽ رهي ملڪ لا ڪارائتو ڪم ڪرڻ بدران، پاسپورٽ وٺي هليا وڃن ۽ حڪومت کان باقاعدي سوشل وٺندا رهن ٿا.“
هن سڄي پٽاڙ جو مطلب اهو آهي ته اسان کي ڌارين ملڪن ۾ رهڻ جو موقعو (پاسپورٽ) ملي ٿو ته اسان کي کپي ته بھتر طريقي سان رهون، جيئن اسان جي ملڪ ۽ مذهب جو نالو ٿئي ۽ بدنامي نه ٿئي. ڏٺو وڃي ته اسان جي ماڻھن جو تعداد جيڪي ٻاهر رهن ٿا پوءِ اهي چاهي آمريڪا، ڪئناڊا ۾ هجن يا نيوزيلينڊ، آسٽريليا ۾، جپان، ملائيشيا ۾ يا انگلنڊ ۽ جرمني ۾... پنھنجي ڪم سان ڪم رکن ٿا ۽ محنت مزدوريءَ ۾ لڳا رهن ٿا. جيتوڻيڪ هُو ٺڳين، غلط حرڪتن ۽ بداخلاقين کان پاسو ڪن ٿا پر ان هوندي به اسان جا ڪجهه ماڻھو ٿورائي سهي، غلط ڪمن ڪري سڀني کي بدنام ڪن ٿا. ملڪ ۽ مذهب جو مانُ هيٺاهون ڪن ٿا. منھنجو مطلب صرف پنھنجي صوبي سنڌ سان ناهي، پر سڄي ملڪ جي ماڻھن سان آهي، جن ۾ موجود چند ڪارين رڍن جي ڪري بدنامي ٿئي ٿي ۽ ڪيترا دفعا ته مون ايئن به ڏٺو، خاص ڪري ملائيشيا، ٿائلنڊ، سنگاپور جھڙن ملڪن ۾ ته قتل، چوري يا فراڊ جي معاملي ۾ گرفتار ٿيل پاڪستانيءَ جو اخبارن ۽ ٽي ويءَ تي نالو اچڻ بعد اهو ثابت ٿيندو آهي ته هُو دراصل پاڪستاني نه پر افغاني، بنگالي، برمي يا ٻئي ملڪ جو آهي، پر ڪنھن طريقي سان پاڪستان جو پاسپورٽ ٺھرائي، هُو هن ڌارئين ملڪ ۾ رهيل هو ۽ ڏوهه ڪري رهيو هو.
بھرحال جتي به رهجي ان ملڪ جي قانون جي عزت ڪجي، پنھنجي پاڙي اوڙي جي ماڻھن سان سٺو هلجي بقول مٿي ذڪر ڪيل فلسطينيءَ جي، ڪجهه به آهي، پر هنن گورن جي ملڪن توهان کي پنهنجن ملڪن ۾ رهڻ ڏنو آهي، جتي توهان سڪون سان پنھنجو روزگار ڪمائي سگهو ٿا. پنھنجي ٻچن کي بھتر تعليم ڏئي سگهو ٿا، جيڪو ملڪ توهان جو ۽ توهان جي فئمليءَ جي صحت جو به خيال رکي ٿو، توهان کي پنھنجي دين ڌرم ۽ عبادت ڪرڻ کان منع نٿو ڪري ته توهان تي به فرض ٿو ٿئي ته ان نئين ملڪ ۽ اتي جي ماڻھن جو توهان به خيال رکو. هُو ڇا چوندا آهن ته جنھن ٿانوَ ۾ کائجي ان ۾ سوراخ نه ڪجي.
هُونءَ هتي هڪ ڳالھ لکندو هلان، جيڪا جيتوڻيڪ اسان جي گهڻن ماڻھن کي اعتبار نه اچي يا پسند نه اچي، اها هيءَ ته ڌارين ملڪن ۾ اسان کان وڌيڪ انڊين لاءِ چيو وڃي ٿو ته هُو فضيلت سان رهن ٿا ۽ هنن جي ڏوهن ۾ Involvement به گهٽ آهي ۽ مقامي ماڻھو هنن کي اسان کان وڌيڪ پسند ڪن ٿا، پوءِ اهي ڌاريا ماڻھو عرب هجن يا ملئي، انگريز هجن يا آمريڪن.
سئيڊن واري سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان، جتي تعليم دوران مون ٻه سال مالمو شھر ۾ گذاريا، ته ڪيئن اتي عربن ۽ ايشين جي پاڙن ۾ هر وقت پوليس جي گاڏي پئي هلندي هئي. اسان وٽ چيو وڃي ٿو ته سڀ کان بھتر ۽ ڏوهن کان پري رهندڙ آغا خاني/ اسماعيلي آهن، هيءَ ڪميونٽي بھتر سمجهي وڃي ٿي ۽ هنن جي پاڙي ۾ رهڻ جي هر هڪ کي خواهش رهي ٿي، جو هُو سِول سوسائٽي جو خيال رکن ٿا.
ڳالھ اها آهي ته اسان سٺا ٿي هلنداسين ته ڌارين ملڪن کي اسان جي وڌيڪ ماڻھن کي رکندي عار نه ٿيندو. خراب هلڻ سان ڌاريان ملڪ اسان جي ماڻھن کي پنھنجي ويجهو آڻڻ کان گريز ڪندا. ولايت ۾ ڪو به اهو نٿو ڏسي ته ڪو پنج وقت نمازي مسلمان آهي يا عيسائي يا يھودي... ۽ نه اهو ٿو ڏسي ته پاڙي وارو اڙدو ٿو ڳالھائي يا سنڌي، پنجابي. هُو توهان جون فضيلتون ٿو ڏسي ته توهان جي حرڪتن سان ٻئي کي تڪليف ته نٿي رسي.
ٻي ڳالھه ته قدرت توهان جو شوق پورو ڪري، توهان کي آمريڪا، ڪئناڊا يا انگلنڊ، آسٽريليا جھڙن امير يا طاقتور ملڪن جو پاسپورٽ ڏياريو آهي ته پوءِ پنھنجي مٽن مائٽن ۽ دوستن جي به مدد ڪريو ته هُو به فيض حاصل ڪري سگهن ۽ نه انھن تي رعب رکو ۽ ظالم سرڪاري ڪاموري، جاھل وڏيري يا سردار وانگر هنن جي زندگي عذاب ڪريو. اسان وٽ ڪيترا سرڪاري نوڪرين جي ڪري يا ڪنھن سياستدان سان مٽي مائٽي هجڻ ڪري، پنھنجي لَئي ڏيکارڻ خاطر، نه فقط ٽرئفڪ جي سگنلن کي فالو نه ڪندا، پر هر هڪ جي چُرچ ڪندا رهندا ۽ هاڻ انھن ۾ هڪ ٻي جنس شامل ٿي آهي، جيڪي آمريڪا جو پاسپورٽ رکڻ وارا آهن. بقول هڪ سلجهيل همراهه جي، هنن کي آمريڪا جي ٿڌي موسم ۾ رهي، ڪو پورهيو ڪِرت ته نٿي پڄي، پر هتي اباڻي وطن ۾ وتن ڏوهه ڪندا ۽ پاڙي اوڙي وارن لاءِ جنجال ڪندا. سال ٻه اڳ سکر ۾ هڪ نوجوان فرانس جو پاسپورٽ هجڻ ڪري، شراب پي نشي ۾ محلي جي گاڏين جا شيشا ڀڃندو رهيو، جنھن جو پوءِ فرانس جي مقامي قونصلخاني نوٽيس ورتو. ظاهر آهي فرانس وارن به اهو ئي سوچيو هوندو ته هھڙن ماڻھن کي سٽيزن شپ ڏئي، پنھنجي خواري ڪرڻي ٿي پوي.
ان ڪري آئون هڪ ليکڪ ۽ ٽريولر جي حيثيت ۾ پنھنجي ماڻھن کي اها ئي نصيحت ڪندس ته هُو جتي به رهن، اتي پورهيو ۽ محنت ڪري ايمانداريءَ جو مثال قائم ڪن... آخرڪار مشيگن ۾ رهندڙ پير تاج محمد قريشي ۽ نيويارڪ رياست جي شھر البني ۾ رهندڙ ڊاڪٽر منصور ٿلھي جهڙا به ته آهن، جيڪي جاگيردارن، اميرن ۽ باعزت خاندانن جا ٻار ٿي، ايمانداريءَ سان ولايت ۾ رهي روزگار ڪمائي رهيا آهن ۽ اهڙي طرح ٻيا به هزارين غريبن ۽ اميرن جي گهرن جا ٻار آهن، جيڪي ولايت ۾ رهن ٿا توڙي پنھنجي وطن ۾، ته هُو سڪون ۽ شرافت جي مثالي زندگي گذارين ٿا، هُو نه پنھنجي پاڙي وارن لاءِ عذاب بنجن ٿا ۽ نه سفارتخانن/قونصلخانن لاءِ مٿي جو سُور.
پاڻ موٽي ڊاڪٽر منصور ٿلھي صاحب جي سفرنامي ’آڏيءَ کان البني تائين‘ تي اچون ٿا ته البني ڪٿي آهي، جتي اسان جو ليکڪ گذريل ٻارنهن سالن کان رهي ٿو.
البني(Albany) آمريڪا جي اوڀر واري ڪناري جي رياست نيويارڪ جو شھر آهي بلڪه هن رياست جي گاديءَ جو شھر آهي. پھريون دفعو جڏهن اسان جو جھاز نيويارڪ رياست جي نيويارڪ هاربر ۾ آيو هو جنھن کي اڄ 50 سالن کان مٿي عرصو ٿي ويو، ته ان دفعي ئي اسٽيمر ذريعي جھاز جي ٻين آفيسرن سان گڏ البني وڃڻ ٿيو هو. شايدLake George Steamboat جو فيري نما اسٽيمر هو. هاڻ ته نيويارڪ ۽ البنيءَ جي وچ ۾ ’هڊسن نديءَ‘ ۾ مختلف ڪمپنين جون آرامده ۽ خوبصورت فيريون ۽ ڪروزشپ (پئسنجر جھاز) هلن ٿا، جيئن ’ڊچ ائپل ڪروز ائنڊ ٽوئرس‘ ڪمپني ۽ ’ڪئپٽن JP ڪروز ڪمپني‘، جن جي ٽڪيٽ پنجاهه کان ستر ڊالر آهي ۽ هر فيريءَ ۾ ڇهه سؤ کان مٿي مسافر ويھي سگهن ٿا. نيويارڪ کان جھاز رستي يعني هڊسن درياهه ذريعي 250 ڪلوميٽرن جو فاصلو ٿئي ٿو. سمجهو ته سنڌو نديءَ ذريعي ڪراچيءَ کان هالا پراڻا/ ڄامشورو پيا وڃو.
نيويارڪ کان البني ريل گاڏيون به هلن ٿيون خاص ڪري Amtrak ڪمپنيءَ جون آرامده ريل گاڏيون. ريل جو سفر به فيري جھڙو ئي خوبصورت رهي ٿو، جو ريل گاڏي هڊسن درياهه جو ڪنارو وٺي 216 ڪلوميٽرن جو سفر طئه ڪري ٿي. ريل جي اڄ ڪلھه ٽڪيٽ ڇٽيهه ڊالر آهي ۽ اڍائي ڪلاڪ وٺي ٿي. نيويارڪ کان البني هوائي جھاز ۾ به سفر ڪري سگهجي ٿو، جيڪو پنجٽيهن منٽن جو سفر آهي ۽ جھاز جي سڌو اڏامڻ ڪري فاصلو 216 ڪلوميٽر ٿئي ٿو.
البني شھر ڪٿي آهي؟
هن پاسي کان اڻ واقف لاءِ اهو لکندس ته آفريڪا کنڊ جي اولھه وارو ڪنارو يا يورپ کنڊ ڇڏجي ٿو، جيئن ڪولمبس ڪيو ته ڪجهه ڏينھن ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙڻ بعد آمريڪا کنڊ جي ڌرتي اچي وئي، جيڪا اتر قُطب کان ڏکڻ قُطب تائين آهي. هن ڌرتيءَ جو مٿيون حصو اتر آمريڪا سڏجي ٿو، جنھن ۾ ڪئناڊا ۽ يونائٽيڊ اسٽيٽس (USA) ملڪ اچي ٿو ۽ هيٺيون حصو ڏکڻ آمريڪا سڏجي ٿو، جنھن ۾ ڪولمبيا، برازيل، اڪيڊار، وينزوئلا، چلي ۽ ارجنٽائنا جھڙا ملڪ آهن، جن ۾ اسپيني ۽ پورچوگالي ٻوليون ڳالھايون وڃن ٿيون، جو انھن ملڪن تي يورپ جي اسپين ۽ پورچوگال قبضو ڪيو هو.
اتر آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي وچ ۾ جيڪا ڌرتيءَ جي سنھي پٽي آهي، اها وچ آمريڪا (سينٽرل آمريڪا) سڏجي ٿي، جنھن ۾ ميڪسيڪو، نڪراگئا، گئاٽامال ۽ پاناما جھڙا ست کن ملڪ اچن ٿا. پاناما ملڪ هڪ هنڌ تمام سوڙهو آهي، ان ڪري ان هنڌ تي کوٽائي ڪري ڪئنال ٺاهيو ويو آهي، جيڪو اوڀر پاسي واري ائٽلانٽڪ سمنڊ کي ٻئي پاسي جي پئسفڪ سمنڊ سان ملائي ٿو، جيڪو سمنڊ، اڳيان وڃيو جپان ۽ چين جا ڪنارا کڻي. پاناما ڪئنال جي ڪري جھازن کي هڪ سمنڊ کان ٻئي ۾ پھچڻ ۾ آساني رهي ٿي.
هاڻ آمريڪا جي اتراهين کنڊ ۾ نالي ۾ ته فقط ٻه ملڪ آهن: ڪئناڊا ۽ USA، پر اهي ملڪ آهن تمام وڏا. اها ٻي ڳالھه آهي جو اتي ٿڌ گهڻي آهي ۽ ان جا اتراهان حصا اونھاري ۾ به برف سان ڍڪيل رهن ٿا. USA ملڪ ڪنھن زماني ۾ مختلف حصن ۾ ورهايل هو، جيڪي هاڻ رياستون سڏجن ٿيون. USA يعني ’متحده رياست هاءِ آمريڪا‘ پنجاهه رياستن جو مجموعو آهي ۽ هر رياست ڪافي وڏي آهي. ننڍي کان ننڍي رياست به نيپال، ڪويت، سريلنڪا، مالديپ، مالٽا، سنگاپور، بحرين، هانگ ڪانگ جھڙن ملڪن کان گهڻي وڏي آهي. USA جون ڪي رياستون ته تقريبن اسان جي ملڪ جيڏيون آهن، جيئن ٽيڪساس، ڪئليفورنيا، مونٽانا، نيوميڪسيڪو وغيره... بلڪه الاساڪا رياست ته پاڪستان کان به گهڻي وڏي آهي. اهڙي طرح آمريڪا جي اوڀر ڪناري واري پاسي يعني ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي اتر ۾ نيويارڪ نالي جيڪا رياست آهي، اها 1,41,300 چورس ڪلوميٽر آهي.
هتي اهو به لکندو هلان ته جيئن ’خيرپور رياست‘ ۾ راڻيپور، گمبٽ ۽ ڪوٽ ڏيجي شھرن کان علاوه هڪ شھر خيرپور به آهي، تيئن نيويارڪ رياست ۾ به بفئلو (Buffalo)، البني (Albany)، روچيسٽر ۽ اٿاڪا (Ithaca) جھڙن شھرن کان علاوه هڪ شھر سمجهو ته هڊسن نديءَ جي ڇوڙ وٽ ’نيويارڪ‘ نالي به آهي جيڪو ’نيويارڪ سٽي‘ يا ’NYC‘ به سڏجي ٿو. اها به هڪ عام شئي آهي ته ندين جي ڇوڙ وٽ اڪثر ٻيٽارا ٺھن ٿا، جيئن اسان جي سنڌو نديءَ جي ڇوڙ وٽ ٺھيل ٻيٽن تي ’ديبل بندرگاهه‘ جھڙا شھر هئا ۽ اهڙو ئي هڪ شهر سڪندرِاعظم، سنڌو ٽڪور (Delta) جي ٻيٽ تي اڏرايو هو، پر وقت سان گڏ اهي ويران ۽ غير آباد ٿي ويا آهن. دراصل سامونڊي طاقتور ڇولين(Wave energy) به انھن بندرگاهن کي کائي ڇڏيو... Erode ڪري ڇڏيو. ديبل بندرگاهه، جيڪو سامونڊي ڦورن (قزاقن) جي به مشھور رهائشگاهه هو، جن اميه گهراڻي جي راڄ ۾ عربن جي لنگهندڙ جھازن تي به ڦرون ڪيون ٿي، جنھن کي سبب بڻائي 710ع ۾ محمد بن قاسم سنڌ تي حملو ڪيو. بھرحال ديبل بندرگاهه جو سن 1223ع تائين به لکت ۾ رڪارڊ ملي ٿو ته اهو هن علائقي جو مشھور بندرگاهه هو، پر جڏهن ’ابنِ بطوطا‘ هن پاسي آيو يعني 1340ع ڌاري ته ديبل بندرگاهه ڊهي چڪو هو. البت هن ’سنڌو ٽڪور‘ وٽ هلندڙ گينڊن (Rhinoceros)جو ذڪر ضرور ڪيو آهي. هڊسن نديءَ جي ڇوڙ وٽ نيويارڪ شھر ڪنھن هڪ هنڌ، هڪ ٻيٽ يا ڌرتيءَ جي هڪ حصي تي هجڻ بدران مختلف ٽڪرن ۾ آهي، جتي هڊسن ندي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. نيويارڪ شھر جا هي حصا پنج بورو (Boroughs) يعني علائقا سڏجن ٿا. سڀ کان گهڻو مشغول ۽ مرڪزي حصو مئن هٽن آهي ۽ ٻيا آهن: برونڪس، ڪُئنس، بروڪلن ۽ اسٽيٽن آئلنڊ. نيويارڪ رياست جي ڀرواري رياست ’نيوجرسيءَ‘ مان توهان پنھنجي ڪنھن دوست کي چوندائو ته نيويارڪ شھر ٿو وڃان ته هُو توهان کان ضرور پڇندو ته مئن هٽن وڃين ٿو، برونڪس، بروڪلن يا ڪنھن ٻئي بورو ڏي. جيئن حيدرآباد کان ڪو چوي ته ڪراچيءَ وڃان پيو ته ٿي سگهي ٿو ته هن جا دوست يار يا مائٽ پڇن ته ڪراچيءَ جي ڪھڙي حصي ۾ وڃي رهيو آهي، صدر، ڪياماڙي، ماڙيپور، ملير يا سرجاڻي يا سچل ڳوٺ ڏي.
هڊسن ندي، پنھنجي ڇوڙ وٽ يعني جتي اها ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ داخل ٿئي ٿي، نيويارڪ رياست ۽ نيوجرسي رياست جي وچ ۾ بارڊر ٺاهي ٿي يعني هڊسن نديءَ جي هڪ پاسي نيو جرسي رياست آهي ته ٻئي پاسي نيويارڪ رياست. ٻنھي رياستن جو پاڻ ۾ ايترو ويجهو تعلق، ڪاروبار ۽ اچ وڃ آهي، جيئن سنڌو نديءَ جا ٻئي پاسي هڪ ئي سنڌ جو حصو آهن ۽ ماڻھو سڄو ڏينهن پيا ڪوٽڙي حيدرآباد، ڄامشورو هالا پراڻا، دادو مورو، يا سکر روهڙي اچن وڃن يعني جتان به درياهه ٽپڻ لاءِ پليون آهن. سو هيڏانھن به نيوجرسي ۽ نيويارڪ جا ماڻھو درياهه هڊسن تي ٺھيل پلين يا درياهه جي هيٺان سرنگهن (Tunnels) ذريعي پيا اچن وڃن.
لوئيزيانا رياست جي نيواورلينس يا بئٽن روگ بندرگاهن ۾ جھاز کي وٺي ويندا آهيون ته اسان کي سمنڊ پار ڪري مِسِيسِپي نديءَ جي ڇوڙ وٽ پھچي، پوءِ نديءَ ۾ ڪافي اندر وڃڻو پوي ٿو، جو اهي بندرگاهه ڪوٽڙي، هالا پراڻا، مانجهند ۽ سن وانگر ڪافي اندر آهن. اسان وٽ ته هاڻ ڪو ننڍو جھاز به سنڌو نديءِ ۾ اندر نٿو وڃي سگهي، جو هڪ ته اسان جي نديءَ ۾ پاڻيءَ جو وهڪرو نه رهيو آهي ۽ ٻيو ته برجن (پلين) ۽ بئراجن ڪري جھاز کي اڳتي وڌڻ لاءِ رستو ناهي. مِسِيسِپي يا هڊسن ندي ته تار ٿيو پيون وهن ۽ ٻي ڳالھه ته اهي نديون ٽپڻ لاءِ يعني دادو کان مورو وڃڻ لاءِ درياهه جي گهڻو هيٺان سرنگهون (tunnels) آهن، جن مان ڪارون لاريون ته ڇا ٽرينون پيون هلن. سرنگهن کان علاوه جيڪي پليون آهن، اهي ايتريون اتاهيون آهن جو هيٺان وڏا وڏا جھاز لنگهيو وڃن. توهان جيڪڏهن نيويارڪ يا نيوجرسي رياستن ۾ رهو ٿا ته پنھنجي سھوليت ۽ ويجهڙائي واري هنڌ تان ڪنھن سرنگهه اندران يا پل مٿان هڊسن ندي ٽپي ٻئي پاسي پھچي سگهو ٿا يا نيويارڪ جي هڪ بورو مئن هٽن کان ٻئي بروڪلن يا اسٽيٽن آئلنڊ وڃي سگهو ٿا. اسان ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي نيويارڪ ۽ نيوجرسي رياستن اڳيان جنھن خليج ۾ اچي لنگر ڪيرائيندا آهيون، اهو اپر بي (Upper Bay) سڏجي ٿو، جنھن ۾ هڊسن ندي ڇوڙ ڪري ٿي. اپر بي وارو علائقو نيوجرسي جي ڪنھن بندرگاهه نيويارڪ وغيره ۾ داخل ٿيڻ يا نيويارڪ جي ڪنهن بندرگاهه برانڪس وغيره ڏي وڃڻ لاءِ انتظارگاهه وارو سمنڊ آهي. هي سمنڊ جو حصو Upper Bay ائين آهي جيئن خليج بنگال، جتي هر جھاز کي پھچي لنگر ڪيرائڻو پوندو آهي، جتان پوءِ چٽگانگ، کلنا يا ڪولڪتا بندرگاهه سامھون ئي هوندا آهن. ’نيويارڪ اپر بَي‘ ۾ لنگر انداز ٿيڻ تي، سامھون آزاديءَ جو مجسمو به نظر پيو ايندو آهي.
نيويارڪ رياست ۽ نيوجرسي رياست جي شھرن ڏي اچ وڃ دوران هڊسن ندي ٽپڻ لاءِ ٻه ٽي ٽنل (سرنگهون) ۽ پليون عام طرح ٽپڻيون پوَن ٿيون، اهي آهن:
هالنڊ ٽَنِل
هي ٽنل، نيويارڪ جي مَئِن هِٽن ٻيٽ کي نيوجرسي رياست جي شھر ’جرسي سٽي‘ کي ملائي ٿو. نيو جرسي کان مئن هٽن وڃڻ لاءِ هڊسن درياهه ٽپڻ لاءِ ٻه ٻيا به رستا آهن. هڪ ’لِنڪن ٽَنِل‘ ۽ ٻيو ’جارج واشنگٽن پل‘. هالنڊ ٽنل، 1920ع ۾ ٺھڻ شروع ٿيو ۽ 1927ع کان ماڻھن هن سرنگهه ذريعي هڊسن ندي ٽپڻ شروع ڪئي. انھن ڏينھن ۾ جڏهن هالنڊ ٽنل کليو، هيءَ سرنگهه پاڻي هيٺان دنيا جي سڀ کان وڏي سرنگهه هئي. سرنگهه مان جڏهن گاڏيون هلن ٿيون، ته انھن جي دونھين ڪري تمام گهڻي Pollution ٿئي ٿي. هي پھريون ٽنل آهي، جنھن جي اندرئين حصي کي صاف رکڻ لاءِ ’مڪينيڪل وينٽيليشن‘ جو بندوبست ڪيو ويو هو. هيءَ سرنگهه نَوَ ميٽرن جي ٽيوبن تي مشتمل آهي، جيڪي هڪ ٻئي کان پندرنهن فٽن (يعني ساڍن چئن ميٽرن) جي فاصلي تي هڊسن نديءَ جي هيٺ آهن. سمجهو ته درياهه جي تري کان پنجويهه ميٽر هيٺان لنگهن ٿا. هن ٽنل ذريعي هڊسن ندي ٽپڻ جي اڄ ڪلهه في (ٽال) سورنهن ڊالر آهي ۽ هي ٽنل اڍائي ڪلوميٽر ڊگهو آهي.
لِنڪِن ٽَنِل
نيوجرسي ۽ نيويارڪ رياستن جي وچ ۾ وهندڙ هڊسن ندي ٽپڻ لاءِ ’لنڪن ٽنل‘ به مشھور سرنگهه آهي، جيڪا پڻ اڍائي ڪلوميٽر جي لڳ ڀڳ ٿيندي. هي ٽنل نيوجرسي پاسي ويھاڪِن (Weehawken) علائقي کي نيويارڪ پاسي جي مڊ ٽائون مئن هٽن سان ملائي ٿو. هي ٽنل اڄ کان 84 سال کن اڳ 1937ع ۾ ٺھيو هو. هن سرنگهه ذريعي هڊسن ندي ٽپڻ جو ٽال (Toll) سورهن ڊالر آهي، ۽ چون ٿا هن ٽنل مان روزانو هڪ لک ويهه هزار گاڏيون لنگهن ٿيون.
پل ذريعي هڊسن ندي ٽپڻ لاءِ، ’جارج واشنگٽن برج‘ سڀني ۾ مشھور ۽ مشغول آهي، جيڪا آمريڪا جي پھرئين صدر ’جارج واشنگٽن‘ جي نالي آهي. هيءَ پل ڪافي اتاهين ۽ ڊبل ڊيڪر آهي. ڪڏهن ڪڏهن اسان جو جھاز بلڪل هن پُل هيٺان لنگر ڪيرائي نيويارڪ يا نيوجرسيءَ جي ڪنھن بندرگاهه ۾ وڃڻ لاءِ برٿ (ڌڪو) خالي ٿيڻ جو انتظار ڪندو هو. بعد ۾ نيوجرسيءَ ۾ رهڻ دوران جڏهن هن پل ذريعي نيويارڪ وڃڻ ٿيندو هو ته هيٺ جھازن کي لنگهندو ڏسي پراڻا ڏينھن ياد اچي ويندا هئا. ’ڊبل ڊيڪر‘ برج جو مطلب آهي ته پل تان ٻه روڊ وڃن ٿا. هڪ تمام مٿي ۽ ٻيو ٿورو هيٺڀرو. ٽرئفڪ جون چوڏنهن قطاورن آهن. اَٺ مٿين ڊيڪ تي ۽ ڇهه هيٺين ڊيڪ تي. مٿين ڊيڪ تي پنڌ ۽ سائيڪل تي هلڻ وارن لاءِ سائيڊ واڪ آهي. هن پل جي مالڪ نيويارڪ ۽ نيوجرسي رياستن جي پورٽ اٿارٽي آهي، جيئن اسان وٽ ڪا پل يا پارڪ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (KPT) جي ملڪيت سمجهيو وڃي ٿو. انجنيئرنگ جي شاگردن لاءِ لکندو هلان ته هيءَ پل Suspension ٽائيپ جي برج آهي. يعني پل جا ڊيڪ، جن تان گاڏيون هلن ٿيون، لوهي زنجيرن (Cebles) ذريعي ڇڪيل رهن ٿا. دنيا ۾ هن قسم جون ڪيتريون ئي پليون آهن، جيئن ڀر ۾ مئن هٽن ۽ بروڪلن بورو کي ڳنڍڻ لاءِ ’بروڪلن برج‘ آهي، ’فرئنڪلن برج‘، ’سئن فرانسسڪو اوڪلنڊ برج‘، ’گولڊن گيٽ برج‘ يا انگلينڊ ۽ اسڪاٽلنڊ کي ڳنڍڻ واري ’يونين برج‘، چين جي ’سر ڊُو رِور برج‘ (Sir Du River Bridge) جيڪا دنيا ۾ سڀ کان اتاهين (پاڻيءَ جي سطح کان پنج سؤ ميٽر مٿاهين) Suspension برج آهي، جپان جي ’اڪاشي ڪائيڪيو برج‘ جيڪا دنيا ۾ سڀ کان ڊگهي ونگ (Span) واري پل آهي، يا مصر ۾ نيل ندي ٽپڻ لاءِ سڀ کان ماڊرن پل 2019ع ۾ ٺاهي وئي آهي ۽ دنيا ۾ ويڪري ترين هجڻ ڪري ان جو ذڪر گنيس بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ به اچي چڪو آهي، اها آهي ’روض الفرج‘ (Rod El Forag) پل.
بھرحال هن جارج واشنگٽن پل تان چون ٿا ته روزانو ٻه لک نَوي هزار گاڏيون ڪراس ڪن ٿيون. هڪ ڳالھه آهي ته هيءَ پل اسان مان ڪيترن پنھنجي ملڪ ۾ رهي تصويرن ۾ ضرور ڏٺي هوندي، جو هيءَ پل نيويارڪ جي پسمنظر ۾ ٺھيل ڪيترين ئي فلمن ۾ نظر اچي ٿي، جهڙوڪ 1941ع جي فلم ’Ball of Fire‘ ۽ ٻي 1948ع جي فلم ’Force of Evil‘. اهي ٻئي فلمون ڏسڻ وارن ۾ سنڌ ۾ هاڻ توهان کي مون کان علاوه امداد حسيني، غلام نبي مغل، نعيم بروهي، وليرام ولڀ، ادي ماهتاب محبوب ۽ پروفيسر قاضي خادم جھڙا ڪي چند ماڻھو ملندا. ان بعد 1953ع جي فلم ’How to marry a Millionaire‘، 1976ع جي ’Network‘ ۽ تازو ويجهڙائي واري 2016ع جي فلم ’Sully‘ ۾ پڻ هيءَ هڊسن نديءَ واري پُل ’جارج واشنگٽن برج‘ ڏيکاري وئي آهي. ٻه فلمون جيڪي اسان مان ڪيترن ئي ڏٺيون هونديون، جن ۾ پڻ هيءَ پل آهي، هن ريت آهن: ’دي گاڊ فادر‘ ۽ ’ڪاپ لئنڊ.‘
بھرحال هڊسن ندي ڪيترن ئي هنڌن تان پلين (Bridges) ۽ سرنگهن(Tunnels) ذريعي ٽپي سگهجي ٿي. نيويارڪ کان هڊسن درياءَ رستي منصور ٿلھو صاحب جي ڳوٺ (شھر) البني تائين ڪيتريون ئي پليون نظر اينديون، جن جي هيٺان فيري يا اسٽيمر مسافر کڻي لنگهي ٿو. ’لِونگسٽن ايوينيو برج‘، جيڪا ريل روڊ برج آهي، اها البني شھر کي هڊسن نديءَ جي ٻئي پاسي ’رين سير‘ شھر سان ڳنڍي ٿي ۽ مشھور پل آهي. اسان جي ليکڪ منصور صاحب کي گهر کان آفيس يا مارڪيٽ ويندي هڊسن ندي مٿان هيءَ پل پري کان ضرور نظر ايندي هوندي. خريد و فروخت واري علائقي يعني ’بزنيس ڊسٽرڪٽ‘ ۾ ايندي ’پرل اسٽريٽ‘، ’براڊوي‘، ’مونٽگمري اسٽريٽ‘ تان لنگهندي هُو هڊسن نديءَ کي وهندو ڏسي سگهندو هوندو. ’Quay اسٽريٽ‘ ته بس سمجهو ته هڊسن نديءَ جو ڪنارو آهي. هڊسن نديءَ لاءِ جيتوڻيڪ چون ٿا ته ايڏي صاف ناهي پر آئون جڏهن پنھنجي پاسي وارين ندين، ’سنڌو‘، ’گنگا‘، ’برهمپترا‘ يا ’برما‘ (ميانمار) جي ’اراوادي نديءَ‘ سان ڀيٽيان ٿو ته هڊسن هڪ صاف سٿري ۽ رونق واري ندي نظر اچي ٿي، جيڪا هر وقت پاڻيءَ سان تار ڏسي مون کي پيٽارو وارن ڏينھن (1960ع) جي انڊس ياد اچي ٿي، جنھن جي لھرن ۽ ڪُنن کان خوف ٿيندو هو. پڪ اٿم ته اسان جو محترم ليکڪ ڊاڪٽر منصور ٿلھو، هڊسن درياءَ کي ڏسي پنھنجو سنڌو درياهه ياد ڪندو هوندو، جنھن کي ننڍي هوندي ڏسڻ لاءِ هن کي پنھنجي ڳوٺ نصيرآباد/ آڏيءَ کان ويهه کن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ’محسن شاهه‘ يا ’ٻلھڙيجي‘ پتڻ تي وڃڻو پوندو هو.
باقي يارو! هڊسن ندي ڏسي منھنجو اندر سڙي وڃي ٿو. شروع جي سالن يعني 1960ع واري ڏهاڪي جي سالن ۾ نه پر هاڻ، نيويارڪ جھاز کي پھچائڻ لاءِ اسان کي ائٽلانٽڪ سمنڊ جهاڳي نيويارڪ جي ’مٿين خليج‘ ۾ اچي لنگر ڪيرائڻو پوي ٿو، جنھن ۾ هڊسن ندي ڇنڍ جي اڳيان ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ خارج ٿئي ٿو. هي هنڌ بيحد خوبصورت لڳي ٿو. سامھون مئن هٽن جون اوچيون عمارتون، ساڄي پاسي بروڪلن جي اڳيان لبرٽي آئلنڊ جنھن تي آزاديءَ جو مجسمو آهي. اسان پنھنجي جھاز کي هڊسن نديءَ جي ڇوڙ وٽ لنگر انداز ڪرائيندا آهيون، جنھن جي هڪ پاسي نيويارڪ رياست هوندي آهي ته ٻئي پاسي نيوجرسي. مئن هٽن يا برونڪس ۾ جيٽي خالي نه هوندي آهي ته اسان کي نيوجرسي جي ’نيو ارڪ‘ بندرگاهه ۾ داخل ٿي سامان لاهڻ لاءِ چيو ويندو آهي. جتان سامان بارجن يا مال گاڏين ذريعي نيويارڪ پھچايو ويندو آهي. هڊسن نديءَ جي منھن وٽ هر وقت خوبصورت فيريون يعني مسافر جھاز ۽ اسٽيمر نظر ايندا آهن، جيڪي هڊسن نديءَ ۾ اڳيان مختلف بندرگاهن ڏي مسافر کڻي پيا ويندا آهن. انڊس جھڙي هيءَ هڊسن ندي ۽ ان جو نظارو ڏسي، اڄ ڪلهه منھنجو اندر سڙندو آهي، جو هاڻ اسان جي سنڌو پاڻيءَ کان خالي هوندي آهي. سامونڊي وير چڙهڻ تي سمنڊ جو کارو پاڻي ترجي مھاڻن ۽ انهن جي آباديءَ کي تباهه ڪندو آهي. سنڌو نديءَ جا بچيل بندر ۽ بازاريون ويران ٿي ويون آهن! ڪنھن جي هن ڌرتي ۽ درياهه کي نظر لڳي جو سنڌو نديءَ جو حال ’نرمادا‘، ’ماهي‘، ’سبرا متي‘، ’ميگهنا‘، ’پدما‘، ’سورما‘، ’هوگلي‘، ’گهاگهرا‘، ’ڀاڳڙاٿي‘ جھڙين ڪوچڙين ندين جھڙو به نه رهيو آهي! سنڌو نديءَ جو ڇوڙ وارو يعني ڊيلٽا (ٽڪور) وارو علائقو ته ڇا پر گهڻو اندر تائين ماڻھو مٺي پاڻي پيئڻ لاءِ پيا سِڪن. ان بعد درياهه سُڪو پيو آهي، جنھن جي پيٽ تي ٻار پيا ڪرڪيٽ کيڏن يا سائيڪلون هلائين. نه ته 1960ع واري ڏهاڪي تائين به اسان جي انڊس، هڊسن وانگر تارو تار وهي ٿي، پر هاڻي جڏهن ماڻھن ۽ وهٽن جي پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونھي ته هڊسن نديءَ وانگر ڪھڙا اسٽيمر ۽ فيري جھاز هلي سگهندا، پر هيڏانھن هڊسن ندي جنھن ۾ اسٽيمر ذريعي منصور ٿلھي جي ڳوٺ البني ءَ تائين وڃبو هو، اڄ به اها ٽرانسپورٽ ۽ تڙ پتڻ قائم آهن، بلڪ پھرين کان به خوبصورت.
هي سفرنامو پڙهڻ وارن جو نيويارڪ وڃڻ ٿئي ته منھنجي هنن کي اها ئي صلاح آهي ته هو منصور ٿلھو جو هي نئون شھر البني ضرور گهمڻ وڃن ۽ البني ٽرين يا ڪار ذريعي نه پر هڊسن نديءَ ذريعي ڪنھن مسافر جھاز ۾ وڃن. توهان کي اها ڳالھه يعني سفر ضرور وڻندو.
نيويارڪ کان البني هوائي جھاز جي سڌو وڃڻ ڪري ٻه سؤ سورنهن ڪلوميٽر فاصلو آهي، پر باءِ روڊ يا هڊسن ندي ذريعي سفر ڪرڻ ۾ ٻه سؤ پنجاهه ڪلوميٽر فاصلو آهي ۽ مختلف ڪمپنين جا فيري جھاز ۽ اسٽيمر هڊسن نديءَ ۾ هلن ٿا، جن جي ٽڪيٽ پنجاهه کان ستر ڊالر آهي. سفر جو ٽائيم اڍائي ٽي ڪلاڪ ٿين ٿا. اڄ ڪلھه هنن ڪمپنين جا جھاز هلن ٿا:
• ڊچ ائپل ڪروزا ۽ ٽوئرس ڪمپني
• ليڪ جارج اسٽيم بوٽ ڪمپني
• ڪئپٽن JP ڪروزا ڪمپني.
هڊسن ندي ڪٿي ڏيڍ ڪلوميٽر ته ڪٿي پنج ڪلوميٽر به ويڪري آهي. گذريل دفعي مون فيري جھاز ذريعي نيويارڪ کان البني سفر ڪيو هو. نيويارڪ وٽ جارج واشنگٽن برج ٽپڻ بعد البنيءَ تائين ڪيتريون ئي پليون اچن ٿيون، جهڙوڪ:
• گورنر ماريو ڪومو برج
• بيئر مائونٽين برج
• نيوبرگ بيڪن برج
• مڊ هڊسن برج
• ڪنگسٽن رائين ڪِلف برج
• رپ وان ونڪل برج
• البني وٽ البني رين سيلر برج
نيويارڪ کان البني تائين، هڊسن نديءَ جو سفر نھايت خوبصورت نظارن جو سفر آهي ۽ رستي تي جيڪي بندرگاهه اچن ٿا اهي ڊچ ۽ انگريز راڄ جي تاريخ ۽ عمارت سازيءَ بابت ٻڌائين ٿا. ڪئپٽن JP ڪمپنيءَ جا جھاز بيحد خوبصورت ۽ چئن ڊيڪن وارا آهن. نيويارڪ شھر ڇڏڻ بعد ’Sleepy Hallow‘ نالي شھر اچي ٿو، جنھن کي هن پاسي جي ليکڪ ’واشنگٽن ارونگ‘ امر بڻايو آهي. ليکڪ کي هيءَ هڊسن نديءَ واري ماٿريءَ اهڙو موهت ڪيو هو، جو هن پنھنجي زندگي هن شھر ’سليپي هالو‘ ۾ گذاري ڇڏي. هُن، هِن علائقي جو ذڪر پنھنجي ٻن ناولن ۾ ڪيو آهي:
• The Legend of Sleepy
• Rip Van Winkle
ان بعد ’West Point‘ ۽ ’Hyde Park‘ شھر اچن ٿا. انھن کان پوءِ ’ڪنگسٽن‘ شھر اچي ٿو، جيڪو ’مئريٽائيم ميوزيم‘ کان مشھور آهي ۽ پوءِ البني اچي ٿو. هڪ ڳالھه لکندو هلان ته هڊسن نديءَ جي منھن وٽ هڪ پاسي نيويارڪ رياست آهي ته ٻئي پاسي نيوجرسي رياست، پر پوءِ هڊسن ندي نيويارڪ رياست مان ئي گذري ٿي ۽ نديءَ جي ٻنھي ڪنارن وارا شھر نيويارڪ رياست ۾ اچن ٿا، جيئن سنڌو ندي، سنڌ صوبي جي وچ مان لنگهي ٿي ۽ نديءَ جي ٻنھي پاسن وارا شھر ڪوٽڙي، حيدرآباد، ڄامشورو، هالا، مورو، دادو يا سکر ۽ روهڙي سنڌ جا ئي شھر آهن. ڪن ملڪن ۾ ڪي نديون ٻن صوبن يا ٻن ملڪن جي وچ ۾ بارڊر ٺاهين ٿيون، جيئن ’برهمپترا ندي‘ انڊيا ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ بارڊر ٺاهي ٿي، ’گولو ڪندي‘، ٿائلنڊ ۽ ملائيشيا جي وچ ۾، ’هيرمند ندي‘ افغانستان ۽ ايران جي وچ ۾، ’آرديلا ندي‘ پوروچوگال ۽ اسپين جي وچ ۾ بارڊر ٺاهي ٿي. پوءِ اهڙين ندين جي هڪ پاسي هڪ ملڪ جا پتڻ هوندا آهن ته ٻئي پاسي ٻئي ملڪ جا. جيئن ملاڪا ڳچي سمنڊ مان لنگهڻ مھل هڪ پاسي ملائيشيا جا بندرگاهه: پينانگ، پورٽ ڪلانگ (ڪوالالمپور)، ملاڪا، جوهوربارو وغيره آهن ته ٻئي پاسي انڊونيشيا جي سماترا ٻيٽ جا پتڻ اچن ٿا.
هتي ٻه ٽي سٽون هتي جي سنڌو ندي يعني ’هڊسن نديءَ‘ بابت لکندو هلان. هڊسن ندي پنج سؤ ڪلوميٽر ڊگهي آهي، جيڪا نيويارڪ رياست جي اتراهين شھر ’نيوڪومب‘ وٽ جبلن ۾ ’هينڊرسن ڍنڍ‘ کان شروع ٿي نيويارڪ شھر وٽ ’اپر نيويارڪ خليج‘ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي، جتي اسان بندرگاهه ۾ اندر داخل ٿيڻ کان اڳ لنگر ڪيرائي انتظار ڪندا آهيون. هڊسن نديءَ جو پاڻي اپر خليج بعد ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ داخل ٿئي ٿو. هيءَ ندي، هڊسن ندي هڪ انگريز ’Explorer‘ ۽ ’نيويگيٽر هينري هڊسن‘ جي نالي آهي، جنھن کي ’ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپني‘ لاءِ هن پاسي جھاز هلائيندي 1609ع ۾ هيءَ ندي نظر آئي هئي. ان بعد ڪئناڊا وارو خليج هڊسن Hudson Bay به هن نالي ٿيو. 1807ع ۾ پھريون اسٽيمر نيويارڪ شھر مان مسافر کڻي البني آيو هو.
آمريڪا جي 50 رياستن مان هڪ ’نيويارڪ رياست‘ جنھن جي اڀرندي ڪناري کي ائٽلانٽڪ سمنڊ ٿو ڇھي، ان جي منھن وٽ نيويارڪ سٽي يعني نيويارڪ نالي شھر آهي، جنھن کان ٻه سؤ پنجاهه ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اتر ۾ اسان جي سنڌ ڄائي، آمريڪن ليکڪ ڊاڪٽر منصور ٿلھي جو ڳوٺ البني (Albany) آهي، جنھن جو مٿي ذڪر ڪيوسين. البني کان وري وڌيڪ اتر اولهه ۾ اڍائي سؤ ڪلوميٽرن تي نيويارڪ رياست جو هڪ ٻيو مشھور شھر ’اِٿاڪا‘ (Ithaca) آهي، جنھن ۾ 1969ع يا 1970ع ۾ منھنجو وڃڻ ٿيو هو. ان بعد وڏي عرصي کان پوءِ جڏهن آئون باءِ ايئر نيو جرسي ويو هوس، ته هڪ دفعو وري ويو هوس. منھنجو هن شھر سان ننڍپڻ جو ناتو رهيو آهي. اسان ننڍا هئاسين ته آمريڪا جي هن شھر اٿاڪا جو نالو ٻڌوسين. منھنجي والد ’گل محمد شيخ‘ هن شھر جي ’ڪارنيل يونيورسٽيءَ‘ مان ’ائگريڪلچر‘ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪئي هئي ۽ اتان هُو جيڪو خط ’ايئروگرام‘ لکندو هو، ان تي اِٿاڪا لکيل هوندو. بعد ۾ اسان جي ڳوٺ جي هڪ نوجوان ’سائين عبدالقدوس علويءَ‘ کي ’سول انجيئرنگ‘ جي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ’ڪارنيل يونيورسٽي‘ جي اسڪالرشپ ملي هئي. اوڏ فئملين سان آئون انڊيا ويو هوس ته ’دادا وسواڻي سنڌي اسڪول‘ دهليءَ ۾ اتي جي ائڊوائيزر ’پروفيسر چندر ڏاسواڻيءَ‘ سان ملاقات ٿي هئي، ته هن به اهو ئي ٻڌايو ته هو ڪارنيل يونيورسٽيءَ جو گرئجوئيٽ آهي. ان ڪري ٻيو دفعو جڏهن اٿاڪا جي ڪارنيل يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيس ته اهو ئي سوچيندو رهيس ته هن ڌرتيءَ تي نه فقط منھنجو والد پر NED يونيورسٽيءَ جو سابق وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقدوس علوي ۽ پروفيسر چندر ڏاسواڻي جهڙا انسان هليا چليا. هي لکڻ دوران خبر ملي اٿم ته گذريل هفتي اسان جو پيارو ڳوٺائي ۽ محنتي سائين عبدالقدوس علوي گذاري ويو.
اٿاڪا، ڪاليجن جو شھر سڏجي ٿو. اهو ’ڪارنيل يونيورسٽي‘، ’اٿاڪا ڪاليج‘ ۽ ’ٽومپڪنس ڪارٽلنڊ ڪاليج‘ جھڙن تعليمي ادارن جو گهر سڏيو وڃي ٿو. ڪارنيل يونيورسٽي جو 1865ع ۾ مسٽر ’عذرا ڪارنيل‘ نالي هڪ آمريڪي بزنيس مئن، سياستدان ۽ سخي مرد بنياد رکيو. هي ئي شخص آهي جنھن ويسٽرن مرد بنياد رکيو. هي ئي شخص آهي جنھن ’ويسٽرن يونين ڪمپني‘ ٺاهي، جنھن لاءِ مٿي نصيرآباد جي زاهد ابڙو صاحب لاءِ لکي چڪو آهيان ته آمريڪا جي هڪ سؤ کان مٿي ’ويسٽرن يونين آفيسن‘ جو انچارج آهي.
هن شھر اٿاڪا سان ڪيترن ئي اهم ماڻھن جو واسطو رهيو آهي، جهڙوڪ:
• ’الونزو ڪارنيل‘، جيڪو 1880ع ۾ نيويارڪ جو گورنر هو، هو عذرا ڪارنيل جو پٽ هو.
• ’اليڪس هيلي‘. غلام شيدين بابت ڪتابThe Roots-The Saga of American Family جو مصنف.
• ’ولادمير نابوڪوو‘، ڪارنيل يونيورسٽيءَ جو پروفيسر ۽ مشھور ليکڪ، لوليتا ۽ ٻين ڪتابن جو مصنف.
• ’بينجمن نيتن ياهُو‘ اسرائيل جو وزيراعظم.
هتي اهو به لکندو هلان ته ڪارنيل يونيورسٽي، دنيا جي پھرين يونيورسٽي آهي، جنھن ’Veterinary Medicine‘ جي ڊگري جاري ڪئي.
مون کي لڳي ٿو ته منصور ٿلھو صاحب طرفان مون کي آزادي ڏيڻ ڪري آئون ڪجهه وڌيڪ ئي لکي ويو آهيان ۽ هاڻ پنھنجي قلم کي پاسيرو رکي پڙهندڙن کي ڊاڪٽر صاحب جي هن نرالي ۽ دلچسپ سفرنامي کي غور سان پڙهڻ لاءِ چوندس. آئون شروع ۾ لکي چڪو آهيان هي سفر نامو ٻين سفرنامن کان نرالو آهي. اهو ان خيال کان ته هڪڙا هوائي سفرناما هوندا آهن، جيڪي مختلف گهمڻ وارا مخلتف ملڪن ۾ مختصر وقت گذاري لکندا آهن. ٻيا ملائيشيا، جپان يا سمنڊ تي ڪجهه وقت رهي لکندا آهن، پر هي سفرنامو ڪاماري شريف جي پير تاج محمد قريشيءَ جي سفرنامي وانگر هڪ آمريڪن جو پنھنجي نئين ملڪ آمريڪا بابت آهي.
پڙهندڙ شايد اهو چون ته هي ته آمريڪن نه پر سنڌي آهن. هرگز نه. هر اهو ماڻھو جنھن کي آمريڪن پاسپورٽ آهي، اهو آمريڪن به ٿيو. جيڪڏهن هي آمريڪن ناهي ته پوءِ آمريڪا ۾ توهان کي ڪوبه آمريڪن نه ملندو. ائين ته پوءِ اصلي آمريڪي فقط ريڊ انڊين ئي ٿيندا. ٻيا سڀ ماڻھو آفريڪا، يورپ، ايشيا کان آيل آهن. ان سلسلي ۾ ڪنھن هنڌ آئون لکي آيو آهيان ته اسان جا ماڻھو، جڏهن آمريڪن کي ڪافر ٿا سڏين يا گهٽ وڌ ٿا ڳالھائين ته اهو غلط آهي. ڇو جو آمريڪن ۾ اسان جا مسلمان به آهن، ڏيپلائي ميمڻ به ته شڪارپور جا صديقي ۽ سومرا به آهن، ملائيشيا جا ملئي مسلمان آهن ته فلسطين، عراق ۽ شام جا عرب به آهن، ايران ۽ ترڪي جا مسلمان به آهن، جن جي ڪري يورپي گورن نو مسلم جي ڪري آمريڪا ۽ ڪئناڊا جون مسجدون آباد آهن. اڄ کان پنجاهه سالن بعد آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ رهندڙ شڪارپور جا شيخ ۽ ميمڻ پاڻ کي آمريڪن ئي سڏائيندا ۽ شڪارپوري ٽون ۾ ڳالھائڻ بدران هُو آمريڪن ٽون ۾ ڳالهائيندي ٻُڌبا. شايد ڪيترن کي ته اهو به ياد نه رهي ته هنن جا ڏاڏا پڙڏاڏا سنڌ جي ڪھڙي شھر مان آيا! هُو شايد جهڏو ۽ سنجهورو يا ميهڙ ۽ مانجهند به صحيح طرح اُچاري نه سگهن ۽ انڊين ڇوڪريءَ وانگر ’شڪارپور‘ بدران چون ته سنڌ جي شھر ’شڪاگو‘ کان آيا.
ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر دوران هڪ شاگردياڻيءَ کان جڏهن پڇيو ويو ته، ”تنھنجو ڏاڏو يا پڙڏاڏو سنڌ جي ڪھڙي شھر کان آيا؟“ ته هن چيو ته ”اٽليءَ کان“.
”بيبي، اٽلي ته سنڌ ۾ نه پر يورپ ۾ آهي!“
بھرحال بعد ۾ خبر پئي ته اهي اٽليءَ کان نه، پر ’ٽلٽيءَ‘ کان آيا هئا. اهڙي طرح هڪ ٻي ڇوڪري پنھنجي وڏن لاءِ جيڪي ’ڦلجيءَ‘ کان آيا، ٻڌايو ته ’فجيءَ‘ کان ممبئي آيا هئا! سو اهو حال اڄ جي ولايت ۾ رهندڙن جي پوٽاڻ ڏوهٽاڻ جو وڃي ٿيندو.
هن سفرنامي جي ليکڪ سائين منصور ٿلھي جي هڪ ٻي ڳالھه قابلِ داد آهي ته هُو انگريزيءَ کان علاوه اسپيني ٻوليءَ کان به چڱي طرح واقف آهي، جيڪا هن جي شھر البنيءَ ۾ ڪيترائي ماڻھو ڳالھائين ٿا ۽ هو هنن سان خبر چار ڪري احوال وٺندو رهي ٿو. آئون هميشه ان ڳالھه جي وڪالت ڪندو رهان ٿو ته ولايت ۾ رهڻ واري کي اتي جي مڪاني يا ٻي زبان: ملئي، جپاني، عربي، فارسي، اسپيني يا پورچوگالي وغيره سکڻ کپي. ان سان توهان جي ولايت ۾ نه رڳو زندگي سوَلي ٿيندي پر مقامي ماڻھن ۾ توهان پنھنجائپ جو احساس به محسوس ڪندائو.
منصور ٿلھو صاحب، هي سفرنامو مختلف بابن ۾ لکيو آهي، جن ۾ هن نه فقط پنھنجي شھر البني بابت لکيو آهي، پر اتي جي رهندڙ پراڻن سنڌي هندو ماڻهن ۽ اسپيني ماڻھن بابت، هنن جي ڪلچر ۽ ثقافت جون ڳالھيون پڻ لکيون آهن. ادب جو شاگرد هجڻ جي ناتي هن سنڌي ۽ اسپيني لفظن ۾ هڪ جھڙائي بابت لکيو آهي. البني ۾ رهندڙ پراڻن سنڌي آمريڪن جون دلچسپ ڪھاڻيون به لکيون آهن، جيڪي پڙهڻ سان تعلق رکن ٿيون. مون کي پڪ آهي ته پڙهندڙ منصور ٿلھو صاحب جو جڳ کان نرالو هي سفرنامو پڙهي حِظ حاصل ڪندا. ان سان گڏ اها به اميد رکان ٿو ته منصور صاحب پنھنجي پڙهندڙن کي ٻيا به سفرناما ۽ تحقيق جا ڪتاب ڏيندو رهندو.

الطاف شيخ
18 جنوري 2022ع
ڪراچي