سفرناما

خوابن جو سفر (سنڌ جو سفرنامو)

سلطانہ وقاصيءَ جو سنڌ جي سفر نامي تي آڌاريل ڪتاب ”خوابن جو سفر“ منفرد حيثيت رکي ٿو. سگا سال 1989ع ۾ سچل ڪانگريس جي پروگرام جي سلسلي ۾ سنڌ جو سير ڪرايو هو. اُهو سڄو قصو هن پنهنجي انداز ۾ لکيو ۽ اُن وقت اخبار ۾ قسطوار ڇپرائي بہ ڇڏيو هو. هيءُ سفر نامو سچل بين الاقوامي ڪانگريس جي وفدن جو سفر آهي جيڪو 3 نومبر 1989 کان 2 ڊسمبر 1989ع تائين ڪيو ويو. هن مختصر سفر ۾ ملڪ جي مختلف يونيورسٽين جا دانشور- سنڌ ۽ هند جا دانشور، اديب، شاعر، فنڪار۽ سياسي سماجي ڪارڪن گڏ هئا.

  • 4.5/5.0
  • 32
  • 6
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book خوابن جو سفر (سنڌ جو سفرنامو)

حق ۽ واسطا

Book No: 70

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ آهن
خوابن جو سفر
(سفرنامو)
سلطانه وقاصي
ڪمپوزنگ: سعيد مرتضيٰ
لي آئوٽ: زين ڪمپيوٽرس ڪراچي
اشاعت جو سال: 2020ع
ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com
ڇپيندڙ:


Office: Room No 305 3rd Flor Sabir manzil 98
Near Gul Plaza M. A Jinnah Road Karachi
murk.publication@gmail.com
murtaza.laghari9@gmail.com
03005182494

مُلهه : 200

ڪتاب ملـڻ جـا هـنـڌ:

مرڪ پبليڪيشن ڪراچي، ڪاٺياواڙ بوڪ شاپ اردو بازار ڪراچي
ڪنول سمبارا ڪتاب گهر حيدرآباد، ڀٽائي ڪتاب گهر حيدرآباد
عزيز ڪتاب گهر سکر، سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر
پيڪاڪ ڪتاب گهر لاڙڪاڻو، رابيل گھر لاڙڪاڻو
مدني بوڪ اسٽوردادو، سوچ ڪتاب گهر دادو،
تهذيب بڪ اسٽور خيرپورميرس، ٿر ڪتاب گهر مٺي
پريتم قاضي نواب شاهه، عاجز منگي سانگهڙ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌي ادب جي مانائتي ليکڪا سلطانہ وقاصيءَ جو سنڌ جو لکيل سفرنامو ”خوابن جو سفر“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
سلطانہ وقاصيءَ جو سنڌ جي سفر نامي تي آڌاريل ڪتاب ”خوابن جو سفر“ منفرد حيثيت رکي ٿو. سگا سال 1989ع ۾ سچل ڪانگريس جي پروگرام جي سلسلي ۾ سنڌ جو سير ڪرايو هو. اُهو سڄو قصو هن پنهنجي انداز ۾ لکيو ۽ اُن وقت اخبار ۾ قسطوار ڇپرائي بہ ڇڏيو هو. هيءُ سفر نامو سچل بين الاقوامي ڪانگريس جي وفدن جو سفر آهي جيڪو 3 نومبر 1989 کان 2 ڊسمبر 1989ع تائين ڪيو ويو. هن مختصر سفر ۾ ملڪ جي مختلف يونيورسٽين جا دانشور- سنڌ ۽ هند جا دانشور، اديب، شاعر، فنڪار۽ سياسي سماجي ڪارڪن گڏ هئا.
ھي ڪتاب مُرڪ پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران 2020ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون سلطانہ وقاصي ۽ مرتضيٰ لغاريءَ جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پبلشر نوٽ

سلطانه وقاصي 1970ع کان لکڻ شروع ڪيو. هن چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو ادب کي ڏنو آهي. سندس ڇهه ڪتاب پهرين ڇپجي چڪا آهن. 1984ع ۾ ”دونھاٽيل درشن“ جي عنوان سان پھريو شعري مجموعو ڇپيو.
90 19ع ۾ روزاني عوامي آواز اخبار ۾”ڳالھيون پيٽ ورن“ جي عنوان هيٺ ڪالم لکڻ شروع ڪيائين. ان عنوان سان سندس ٻه ڪالمن جا ڪتاب به ڇپجي چڪا آھن. جنهن بعد شاعريءَ جو ڪتاب ”سوال“ ڪھاڻين جو ڪتاب ”جانور“۽ مختلف اديبن تي لکيل خاڪن جو ڪتاب ”پنھوارن پاٻوھيو“ پڻ ڇپيا آھن.
سنڌي ادب ۾ عورتن جي حوالي سان اهڙا جاکوڙي ڪردار آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ملن ٿا. جن ۾ سندس نالو اهم ڳڻيو وڃي ٿو. هوءَ پنهنجي هم عمر عورتن لاءِ اتساهه جو سبب رهي آهي، ڪيتريون ئي سينيئر توڙي جونيئر ليکڪائون سندس نقش قدم تي هلندي ادبي زندگيءَ ۾ اڳتي وڌيون.
سلطانه وقاصي نه رڳو ادب سان چاهه رکي ٿي بلڪه هوءَ سنڌي ادب جي استاد به رهي آهي، هن مختلف گرلس ڪاليجن ۾ پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏيندي رٽائرڊ ڪيو. پر ادبي ۽ سماجي سرگرميون جيئن جو تيئن جاري رکيائين. اڄ به ڪراچي جي هر ننڍي وڏي ادبي، ثقافتي ۽ سماجي ميڙاڪي ۾ مردن کان پهريان پهچي وڃي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو سندس قلم ڪٿي به ٿڪ نه ڀڳو آهي. هوءَ ادب جي مختلف صنفن ۾ لکي ٿي، کيس نثر يا نظم ۾ ڪنهن به هڪ پاسي نه ٿو بيهاري سگهجي.
سلطانه وقاصي نثر توڙي نظم ۾ تمام سُٺو ۽ وقتائتو ڪم ڪري ٿي، هوءَ نه رڳو سُٺي شاعر آهي، پر ڪهاڻيون، ڪالم، مضمون، مقالا به ججها لکي چڪي آهي. سندس لکڻيون چئن ڏهاڪن کان مختلف اخبارن توڙي رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون آهن، موجوده دؤر جي وڏي ۾ وڏي انفارميشن ٽيڪنالوجي سوشل ميڊيا تي سندس لکڻيون پڙهيون وڃن ٿيون ۽ اديبن جي تجزين هيٺ رهيون آهن.
سلطانه وقاصي جو هي ستون سنڌ جي سفر نامي تي آڌاريل ڪتاب ”خوابن جو سفر“ منفرد حيثيت رکي ٿو. سگا سال 1989ع ۾ سچل ڪانگريس جي پروگرام جي سلسلي ۾ سنڌ جو سير ڪرايو هو. اُهو سڄو قصو هن پنهنجي انداز ۾ لکيو ۽ اُن وقت اخبار ۾ قسط وار ڇپرائي به ڇڏيو هو.
سندس چواڻي ته: ’هي سفرنامو ڪتابي صورت ۾ اچڻ کان ڪيئن رهجي ويو آهي اِها خبر نه آهي‘ ڇو ته کيس اُن وقت ڪنهن ماڻهو ايئن لي آئوٽ ٿيل پرنٽ ڪاپي موڪلي هئي. جنهن ۾ 1991ع جو لکيل نامياري ليکڪ ڊاڪٽر سليمان شيخ جو مهاڳ به موجود آهي. يقينن اهو سهيڙيل ڪتاب ڪنهن به اداري پاران ڇپائي لاءِ تيار هو پر ڇپجندي ڇپجندي رهجي ويو. هن اهو سفرنامو ٻيهر پڙهي نئين انداز سان ڇپائڻ جو فيصلو ڪيو.
سلطانه وقاصي جي سليس سنڌي ٻولي، لهجو سڌو سادو، جيئن ڳالهائڻ جو انداز کرو ۽ انوکو تيئن لکڻ جو انداز به عام ليکڪن کان منفرد آهي. هن پنهنجي هن سنڌ جي سفرنامي ۾ يادون اهڙي نموني بيان ڪيون آهن، ڄڻ پڙهندڙ اُن سفر ۾ ساڻس گڏ هلندو هجي.
سلطانه وقاصي جو هي سفرنامو توڙي جو لڳ ڀڳ ٽيهه سال پراڻو آهي پر سندس تحرير ۾ اڄ به نواڻ ساڳي آهي. هن سڄي سنگت سان گهاريل گهڙين جو بيان تمام خوبصورت انداز ۾ ڪيو آهي. هن جي هي لکڻي رڳو لکڻي نه آهي پر پڙهندڙ سندس ليک مان ڪيترائي تصويري عڪس ڪڍي سگهي ٿو. هونئن به سفرنامي ۾ اهڙين خوبين جو هجڻ ضروري آهي.
سلطانه وقاصي ادب سان ڪميٽيڊ رهي آهي، سندس لکڻيءَ ۾ پنهنجو رنگ آهي. هوءَ جنهن سچائيءَ سان لکي رهي آهي، اُن ۾ قوم ۽ قومي ٻوليءَ جي بقا جي ثابتي آهي. هوءَ اڄ به اُنهي ساڳي جذبي سان اڳتي وڌي رهي آهي. هوءَ سکڻي واهه واهه نه پر عملي ڪم جي قائل آهي.
مرڪ پبليڪيشن ڪراچي پاران سنڌ جي سفرنامي تي آڌاريل هي ڪتاب ”خوابن جو سفر“ ڇپائي پراڻيون يادگيريون تازي رنگ ڍنگ سان پڙهندڙ اڳيان پيش ڪيون ٿا. ان اميد سان ته پڙهندڙن کي ضرور لاڀ حاصل ٿيندو.

مرتضيٰ لغاري
03005182494

مهاڳ

سفرنامو ادب جي اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ ادبي چاشنيءَ سان گڏ هڪ دؤر جي تاريخ سماجي مطالعه جاگرافيءَ جو احوال ۽ واقعاتي رپورٽ اچي وڃن ٿا.
قديم زماني جي گهڻي تاريخ سفرنامن جي صورت ۾ اڄ به مستند سمجهي وڃي ٿي. سفر ڪندڙ اديب هڪ اهڙي ماحول ۽ معاشري متعلق لکندو آهي، جنهن سان هن جو واسطو صرف هڪ سَير ڪندڙ وارو هوندو آهي، هو ان معاشري سان لاڳاپيل نه هوندو آهي ان ڪري سندس راءِ ڪنهن به تعصب/جذبي کان پاڪ هوندي آهي. پڙهندڙن لاءِ معاشرو تاريخي ۽ معاشراتي علوم جي سنجيدن ڪتاب جي مقابلي ۾ وڌيڪ مزيدار ۽ دل لڀائيندڙ هوندو آهي شايد ان ڪري ئي ويجهي دور ۾ سنڌي ادب ۾ سفرنامن گهڻي ترقي ڪئي آهي.
اٽڪل 25 سال کن اڳ الطاف شيخ جڏهن سامونڊي سفر تي روانو ٿيو ته هن مختلف جاين تان مونکي خط لکيا . انهن خطن ۾ ڏاڍو دلچسپ مواد هو. الطاف جي صلاح سان اهي خط ڪتابي صورت ۾ ”منھنجو ساگر منهنجو ساحل“ جي سري هيٺ ڇپيا.
ان وقت سنڌي ڪتاب پڙهندڙ ماڻهو گهٽ هئا. اسان جا نوجوان به اردو جي جاسوسي ناولن ۽ رومانوي ڪتابن جا شوقين هئا. اِها حيرت انگيز ڳالهه آهي ته سنڌي سفرنامن ان لاڙي کي بدلايو اڄ سفرنامو سنڌي ادب جي سڀ کان وڌيڪ پسنديدهه صنف آهي.
اڪرم سلطانه وقاصيءَ جو هي سفرنامو ”خوابن جو سفر“ مختلف قسم جو سفرنامو آهي. هيءُ سفر هڪ حساس ادبيه پنهنجي ملڪ ۾ ڪيو آهي، جتي جي مٽيءَ جي مهڪ هن جي ساهن ۾ سنواريل آهي. هو هن ماحول جي پيداوار آهي ۽ هوءَ پاڻ کان ان کي الڳ نٿي سمجهي، ان ڪري هن جي هر سٽ مان سنڌ جي سڪ ۽ محبت جو هڳاءُ اچي ٿو.
هيءُ سفر نامو سچل بين الاقوامي ڪانگريس جي وفدن جو سفر آهي جيڪو 3 نومبر 1989 کان 2 ڊسمبر 1989ع تائين ڪيو ويو. هن مختصر سفر ۾ ملڪ جي مختلف يونيورسٽين جا دانشور- سنڌ ۽ هند جا دانشور، اديب، شاعر، فنڪار۽ سياسي سماجي ڪارڪن گڏ هئا.
هن کان اڳ سيپٽمبر 1978ع ۾ لطيفي قافلو پاڪستان جي دؤري تي ويو هو. پر ان کي ڪو ابنِ بطوطه نه ملي سگهيو، جو ان سفر کي تاريخ لاءِ قلمبند ڪري سگهي.
اها به خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته هند جي اديب وينا شرنگيءَ پڻ سچل ڪانگريس جي حوالي سان پنهنجو سفر نامو لکيو آهي، جيڪو پڻ ڇپائيءَ جي مرحلن ۾ آهي.
اسان جي پياري سنڌ جا ڪيئي روپ آهن. هن ڌرتي ۾ سوين اسرار آهن. پر اسان ان کي پرکيو ڪونهي.اسان اڃان سنڌ به گهمي نه ڏٺي آهي ته زماني کي ڪيئن سڃاڻنداسون؟ سنڌ جي ماڳ مقانن متعلق تفصيلي سفرنامن جي ضرورت آهي. سلطانه وقاصيءَ هڪ ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. سندس هيءُ دلچسپ ڪتاب اٽڪل ٻن ڪلاڪن ۾ پڙهجيو وڃي.
مون کي يقين آهي ته پڙهندڙ هن ڪتاب پڙهڻ سان پنهنجي پياري سنڌ سان وڌيڪ پيار ڪرڻ لڳندا.آئون پنهنجي لاءِ وڏو اعزاز ٿو سمجهان جو مون کي هن ڪتاب جي مهاڳ لکڻ لاءِ حڪم ڪيو ويو آهي. هڪ سماجي ڪارڪن لاءِ هڪ ادبي شاهڪار متعلق راءِ ڏيڻ ڏکيو ڪم آهي. منهنجي راءِ ۾ هڪ تاثراتي سفر نامو آهي، جيڪو هرهڪ پڙهندڙ کي چوڻ تي مجبور ڪندو ته:
”سنڌ سان اهڙي جند جڙي جو، ٻيا دل وارا وسري ويا“

ڊاڪٽر سليمان شيخ
ڪراچي.
7 جون 1991ع

ليکڪ پاران: روح رچنديون

انسان فاني، دُنيا درگزر، وقت جي ڦير گهير ۽ ويڙهاند، اُن چوسول ۾ چرندڙ پُرندڙ انسان هن زندگي ۾ گذاريل وقت جي پيمائش ۾ ماپا نه ٿو ڪري سگهي، ها پر اُن گذاريل وقت جون پيمائشون ورهين کان پوءِ اوهان جي سامهون اچي وڃن ٿيون ۽ اوهان کي حيران ڪري ڇڏين ٿيون!!!
اڄ ورهين کان پوءِ هڪ منهنجي لکڻي زوريءَ مون کي پاڻ ڏي ڇڪي ورتو آهي، سالن کان وٺي هڪ لفافي ۾ پيل هي لکڻي مان ڏسندي هئس. هاڻ جو مان پنهنجيون لکڻيون گڏ ڪيان پئي ته وري اُهو لفافو ڏٺم، دل چاهيو ته اُن کي پڙهان اُن لکڻيءَ کي پڙهڻ سان ئي مان اُن دور ۾ پهچي ويس ۽ اُهي وساريل ورق منهنجي سامهون اچي ايئن بيهي رهيا ڄڻ ته اُها ڪالهه جي ڳالهه هئي.
سچ پڇو ڪالهه جي ئي ڳالهه ته آهي، جڏهن سگا جي طرفان سال 1989ع ۾ سچل ڪانگريس جي پروگرام جي سلسلي ۾ سنڌ جو سير ڪرايو هو. اُها ياترا مون هلال پاڪستان جي صفحي ۾ لکي ڪري هفتيوار ڇپائي هئي. اُهو عورتن جو صفحو سورمي هو. جنهن جي مان انچارج هئس. اُهو اکين ڏٺو احوال جنهن جو عنوان هو ”خوابن جو سفر“. الائي هو ڪير هئا جن هن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپائڻ چاهيو، اُنهن ڊاڪٽر سُليمان شيخ کان اُن جو مهاڳ به لکرايو. هي سڄو سفرنامو اُنهن ڪمپوز به ڪرايو. خبر ناهي ڇو هِن خوابن جي سفر کي هو ڪتابي صورت ۾ ڇپائي نه سگهيا. پر هڪ سُٺو ڪم اُنهن اهو ڪيو جو مسودو مون ڏانهن ڏياري موڪليائون. اڄ هيڏن سالن کان پوءِ اُن مسودي کي پڙهيم ته مان حيران ٿي ويس.
ڪيترو نه معصوم وقت ۽ اسان جا احساس هئا. اُن گذاريل وقت کي جهڙي طرح مون لکيو آهي ته منهنجي ذهن ۾ به هڪ فلم هلڻ شروع ٿي ويئي. مان پيرين پنڌ اُن دور ۾ پهچي ويس، سهڻو دور، سچا ۽ ڪميٽيڊ ماڻهو، دنياوي ڏيکاءُ کان پري صرف ڪم ڪرڻ وارا ماڻهو، پنهنجائپ تمام گهڻي، ڪم ڪرڻ وارن جو قدر، واهه واهه جي ضرورت به ڪنهن کي ڪو نه هئي، سڀ ڪو ڄڻ ته پنهنجو فرض پيو پورو ڪري.
خواب ڏسڻ گهرجن، هر خواب جي تعبير سُٺي ڪجي، خواب اکيون پورڻ کان پوءِ ڏسبا آهن، پر هي خوابن جو سفر جيڪو مون لکيو آهي اُهو اکيون پوري نه پر اکيون کولي هوش حواس سان لکي، پيار جي تسبيءَ ۾ پيار سان پويو اٿم. هن خواب جي سفر ۾ مون جيڪو ڪجهه ڏٺو، ٻڌو جيئن جو تيئن لکي ڇڏيم.
سالن جي وقفي کان پوءِ هِن خواب جي سفر کي ڇپايان پئي. ڇپائڻ اُن ڪري به ضروري سمجهيم ته هيءَ اُن دور جي هڪ حقيقت آهي، اُن دور جون سچايون آهن. مون کي يقين آهي جڏهن توهان هي خوابن جو سفر پڙهندا ته توهان کي ايئن لڳندو ته توهان به اسان سان گڏ هئا ۽ خوابن جو هي سفر توهان کي پنهنجو خواب لڳندو. توهان جي دل به چاهيندي ته اهڙا پيار ڀريا سفر توهان به ڪيو.
هن خوابن جي سفر ۾ ڪيتريون نه وسارڻ جهڙيون ڳالهيون آهن، جن کي ياد ڪري مون کي خوشي پئي ملي پر هن ڳالهه ته مون کي کلائي وڌو ۽ مان اکيون بند ڪري اُن وقت ۾ وڃي پهتس، جڏهن سچل سرمست جي مزار تي سگا گمبٽ طرفان جيڪو اهتمام ڪيو ويو هو. اُن وقت مان فهميده، سليم ميمڻ ۽ هدايت بلوچ اُت زمين تي ويهي ديڳ ۾ پچايل ڪافي پيتي هئي. ڇا ته مزو هو اُن ڪافي ۾. سوچيو ته سهي ڪاڏي ديڳ ڪاڏي ڪافي!!!
خوابن جو سفر پڙهڻ کان پوءِ توهان به جتي گڏجي سفر لاءِ وڃو ته ضرور ديڳ ۾ ڪافي پچرائي پيئڻ جو مزو وٺجو. هاهاهاها.
مان ٻيهر شڪرگذار آهيان، اُنهن پيارن جي جن منهنجو هي لکيل پورهيو سنڀالي مون کي ڏنو. هو ڪير آهن؟ مون کي ياد نه آهي.
بس زندگي هڪ سفر آهي، هن سفر ۾ انسان جو وجود سفر ڪندو ٿو رهي، مختلف روپن ۾. ڪي زميني سفر هوندا آهن ڪي وجود جا سفر هوندا آهن. وجود جي سفر ۾ پير پنڌ نه ڪندا آهن، انسان جون سوچون پرواز جو پنڌ ڪنديون آهن.
ڪي سفر (ڏُک) وارا به هوندا آهن، بس زندگيءَ جي اها حقيقت آهي. بس انسان جيئرو هجي، جيئڻ جي اهميت آهي. هن جيئري جهان ۾ توهان به منهنجو خوابن جو سفر پڙهو ۽ مون کي ياد رکجو. مان هجان نه هجان، مون کي ڪڏهن به نه وسارجو.

توهان جي

سلطانه وقاصي

سفرنامو

1

ويل وقت جي واڳ ورائڻ ڏاڍي مشڪل آهي، پر ويل وقت جا پڙاڏا ذهن جي پولاران ۾ گونجندا آهن. وقت تي وس هلي ته هوند ان کي اُت روڪي ڇڏجي، بيهاري ڇڏجي. وقت روڪڻ سان ناهي رُڪڻو ۽ وقت جا ساٿي به ڇڙوڇڙ ٿي وڃي پنهنجن مهاڳن تي پهچندا آهن. ياد رهجي ويندي آهي، ساروڻيون ۽ سپنا ...
سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن جڏهن هي ميلو مچايو ته ان جا وڏا پروگرام هئا، وڏا انتظام هئا، ڪم ۽ جذبي جي لهر هئي، جڏهن به آفيسن ۾ وڃ سڀڪو ڪم ۾ رُڌل، ڪو فون تي پيو ڳالهائي. ڪو وري ڪارڊن کي پيو سيٽ ڪري، ٽائيپ جو آواز ۽ مظهر ميمڻ جي ڪارڊ گهرڻ وارن کي دڙڪا .... ڊاڪٽر سليمان شيخ جون پروگرام جو سيٽ اپ لاءِ سمجهاڻيون. اها سڄي گهما گهمي هئي، سچل ڪانگريس لاءِ سنڌ گريجوئيٽ وارن سال 1989ع سچل سال ملهائڻ جو ارادو ڪيو. ان سلسلي ۾ هنن ابتدائي ننڍا وڏا پروگرام مختلف شهرن ۾ ڪيا. آخري وڏو پروگرام ڪراچي ۾ رٿيل هو نومبر جي 26،27،28،29، تاريخن تي اهو سڄو پروگرام ترتيب وار رٿيل هو. انهن سڀني پرگرامن ۾ هڪ پروگرام هو سچل قافلي جو سنڌ جو سير. پروگرام پڙهيم دل چاهيو هوند مان به وڃا پر گهرولي مصروفيتن، ٻار ۽ طبيعت جو ٺيڪ نه هجڻ ڪري مان اُن قافلي سان گڏ وڃڻ جو سوچي به نه ٿي سگهيس. پرل ڪانٽينيٽل هوٽل ۾ مقالن جي دوران جيڪا به هڪ جيڏي ملي ته اهوئي پڇائين ته سلطانه تون قافلي سان گڏ هلين پئي؟ مان جهٽ ۾ ناڪار پئي ڪئي ۽ چيم پئي مان ڪيئن ٿي وڃي سگهان، ڪن همٿ ڏياري، ڪن زور رکيو، بحث به ڪيو پر مان بلڪل ناڪار پئي ڪئي.. اوڻٽيهين تاريخ آخري مقالن جي نشت کان پوءِ ماني کائي مان جڏهن آئس ڪريم پئي کاڌي، اُن ويل مون کي هڪ ڄاتل سڃاتل چهرو نظر آيو، اُن ادي ارشاد قمر سان پئي ڳالهايو.
منهنجي دل کي ڇڪ ٿي، وڌي ويجهو ٿيس. اها منهنجي پراڻي عادت آهي، مان جڏهن به اهڙي ڄاتل سڃاتل چهري کي ڏسندي آهيان، جنهن مان ڪا پنهنجائپ محسوس ٿئي ته، يا بي اختيار ٿي اُن کان وڃي پڇندي آهيان تون ڪير آهين؟ ڪٿان پڙهائي مڪمل ڪئي اٿئي؟ ڪٿان جي آهين؟ نالو ڇا اٿئي؟ انهيءَ عادت جي ڪري مون کي اڪثر نراسائي ملندي آهي. ڇو ته مان اُن چهري کي سڃاڻي وٺندي آهيان پر اُهو چهرو مون کي سڃاڻي نه سگهندو آهي ۽ مون کي پنهنجو تعارف پاڻ ڪرائڻو پوندو آهي. ڪاوڙ سان اُن ويل مان سوچيندي آهيان. مان ڀلا اهڙي ڇو آهيان؟ مان ته سڀ ڪنهن کي سڃاڻي وٺان ٿي، پر مونکي پنهنجي سڃاڻپ پاڻ ڪرائڻي پوي ٿي. اهڙي قسم جو ويڌنيون مون سان گهڻا ئي دفعا ٿي چڪيون آهن. ياد اٿم اُهو ڏينهن جڏهن منهنجي امان پتي جي آپريشن لاءِ ڪراچي نيشنل اسپتال ۾ داخل ٿي هئي. اُت خبر پئي ته هٿ آپريشن ڪرڻ ۾ بيهوش ڪرڻ واري ڊاڪٽر جو نالو ڊاڪٽر سليمان شيخ آهي.
منهنجي امان ٿوري نه پر گهڻي ڊڄڻي هئي. دل جي به ننڍڙي هئي. يڪدم پريشان ٿي ويندي هئي. مان کيس گهڻي آٿت ڏني کيس چيم هت سڀ ڊاڪٽر پنهنجا آهن، وڏي ڳالهه ته اها آهي ته ڊاڪٽر سليمان شيخ به هتي آهي. هي ته پنهنجو ڊاڪٽر آهي. هاڻ ته ڪا پريشانيءَ جي ڳالهه ئي نه آهي، جنهن ڏينهن امان اسپتال ۾ داخل ٿي (اڄ کان ٽي چار سال اڳ جي ڳالهه آ) ان ڏينهن شام جو ڊاڪٽر سليمان شيخ کي ڏٺم مان تڪڙي تڪڙي ان ڏي ويس، کيس سلام ڪيم. ان مون کي سلام جو جواب ڏنو هڪ اجنبي وانگر. مان کيس ٻيهر سلام ڪيو ۽ کيس ٻڌايم ته مان سلطانه آهيان، وري به ڊاڪٽر سليمان جي چهري تي اهائي اجنبيت، مان ادي سلميٰ جو پچيو ياسمين جو پڇيو. ڊاڪٽر صاحب ڏاڍي اخلاق سان ڳالهايو پر کيس اها ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي ته مان ڪير آهيان؟ مان سمجهي ويس ته ڊاڪٽر صاحب مون کي سُڃاڻي نه سگهيو آهي، ڏاڍو ڏک ٿيم خاموشيءَ سان هلي آيس، امان کي جو خبر پئي ان ڳالهه جي ته چوڻ لڳي. پاڻ کي ته الائجي ڇا ٿي سمجهين ۽ هت ڪير توکي سڃاڻي به نه ٿو. وڏيون ڳالهيون پئي ڪيئي ته ڊاڪٽر سليمان ته پنهنجو آهي ڪا پريشاني جي ڳالهه نه آهي، مان خاموشيءَ سان سڀ ڪجهه ٻڌو پئي ڀلا آءٌ ڪري به ڇا ٿي سگهيس.
مان ته ڪا ايڏي وڏي شاعر يا اديب نه آهيان پر ڄاڻ سڃاڻ جي به ته ڪا اهميت هوندي آهي. ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه ته ڃاتل سڃاتل ماڻهو ۽ اهي ئي مون کي نٿا سڃاڻن (ڪجهه عرصي کان پوءِ هڪ فنڪشن ۾ ڊاڪٽر صاحب اچي مون کي سلام ڪيو ۽ چيائين سلطانه ڇا حال آ) مان پڇيو ته توهان مونکي سڃاڻو ٿا چيائين ها ڇو نه اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي، جو مان توهان کي نه سڃاڻان .
مان ياد ڏياريومانس ته ڪهڙي طرح ان مون کي نه سڃاتو هو، ڊاڪٽر صاحب جواب ڏنو ته ان وقت تون سلطانه ڪونه پئي لڳين ۽ اڄ سلطانه لڳين پئي). پرل ڪانٽينيٽل هوٽل ۾ ماني جي دوران اهڙي قسم جي ويڌن مون سان ان وقت به ٿي. ان چهري کي مون غور سان ڏٺو. پر يادن جي پڙاڏي ۾ ڪو نالو نه پيو اُڀري. ائين محسوس پئي ٿيو ته تمام قريبي ساٿ وارو چهرو آهي، پر آهي ڪير؟ نالو ڇا اٿس؟ آخر مون کان رهيو نه ٿيو ادي ارشاد قمر کان پڇيم هيءَ ڪير آهي؟ ادي ارشاد ٻڌايو ته هيءَ ڊاڪٽر ليليٰ خواجه آهي، سول هاسپيٽل ۾ ڊاڪٽر آهي. نالي وٺڻ سان ئي منهنجي ذهن ۾ سڀ تصويرون روشن ٿي ويون. رڙ ڪري چيم اڙي ها تون ته ليليٰ آهين، ڀلا مون کي سڃاڻ ته مان ڪير آهيان؟ ليليٰ جو اجنبي ۽ حيران اکيون منهنجي چهري تي ڄمي ويون. هن مون کي هيٺان کان وٺي مٿان تائين ڏٺو۽ پوءِ کلي چيائين مان ته توهان کي نٿي سڃاڻان. دل ۾ ڄڻ وڍ پئجي ويم. هيءَ عادت مونکي هر هنڌ ڏکوئي ٿي ڀلا ائين ڇو؟ ليليٰ ۽ مان ان دور ۾ زبيدهه ڪاليج (گورنمينٽ گرلس ڪاليج حيدرآباد )جي هاسٽل ۾ رهنداهئاسين، جڏهن ون يونٽ نئون نئون ٽٽو هو. سياست پنهنجي عروج تي هئي. اسان پاڻ ۾ اٿندي ويهندي سياسي بحث مباحثا ڪندا هئاسين. سنڌ جي حالتن تي پنهنجي عقل ۽ سمجهه آهر تنقيدون ڪندا هئاسين، هاڻ اهائي ليليٰ آهي جيڪا مونکي نه ٿي سڃاڻي. اها ته مونکي ڄاڻ هئي ته مان پنهنجو نالو ٻدائيندس ته هو مونکي ضرور سڃاڻيندي. آخر مان چيو مانس ته ليليٰ مان اڪرم سلطانه آهيان، هاڻ ته مونکي سڃاڻ، هاڻ ته مون کي ياد ڪر. ليليٰ جي اکين ۾ چمڪ ڦهلجي ويئي ۽ حيرانيءَ وچان چيائين اڙي تون اڪرم سلطانه آهين، ڪيتري بدلجي ويئي آهين، تو کي ڇا ٿيو آهي؟ ڪيتري نه ڪمزور ٿي ويئي آهين. سچ پچ مان توکي بلڪل ڪونه سڃاڻي سگهيس، تون ڏاڍي بدلجي ويئي آهين. مان کلي چيو مانس ته اها تبديلي سٺي آهي يا خراب.... پوءِ ته ڏاڍي اڪير ۽ سڪ سان پاڻ ۾ ملياسين. مان ادي ارشاد، ليليٰ ۽ نجمه جوڻيجو پاڻ ۾ ڪچهري ڪندارهياسين.
ڳالهين ڪندي ادي ارشاد چيو سڀاڻي پاڻ هلون قافلي سان گڏ. حيدرآباد تائين وڃي پوءِ موٽي اينداسين. ليليٰ هڪدم اُڪير مان چيو، الا منهنجي دل ڏاڍي چوي ٿي وڃڻ لاءِ، اڳو پوءِ پروگرام ٺاهيو ته گڏجي هلون. پنهنجون گاڏيون کڻون ۽ ٽيئي ڏينهن گهمي اچون. ڏاڍو مزو ايندو. ادي ارشاد چيو ته سڄي پرگرام ۾ وڃڻ ته ڏکيو آهي مان ته چاهيو پئي ته حيدرآباد تائين هلون. مان ته ماٺ ڪيو ويٺي هيس سوچيم وڌ ۾ وڌ حيدرآباد تائين آءٌ وڃي سگهان ٿي اهو به اگر ادي ارشاد زور ڀريو.... ليليٰ ڏاڍي بي چين هئي اُن چاهيو پئي ته هوءَ قافلي سان گڏ ٽيئي ڏينهن وڃي ۽ خوب گهمي اچي. آخر هن مون تي زور رکيو ۽ چيائين تون ڇو نٿي هلين؟ هل ته گڏجي هلون مان پنهنجي گاڏي کڻڻ لاءِ تيار آهيان. مون کي صرف ڪمپني کپي. ڏس مان ٽن ڏينهن کان سيمينار ۾ اچان پئي. هاسپيٽل به ڪو نه ٿي وڃان پر هت مون کي ڪير به ڪونه ٿو سڃاڻي. قافلي سان گڏ جيڪي به عورتون ۽ ڇوڪريون وڃن پيون مان انهن کي بلڪل ڪو نه سڃاڻان سڀ ڪنهن جو پنهنجو گروپ هوندو، هاڻ تون جو مونکي ملي ويئي آهين ته هاڻ کڻي پروگرام ٺاهه ته گڏجي هلون. مان حيراني وچان چيو مانس ليليٰ مان هلان؟ اهو ڪيئن ممڪن آ...
مان ليليٰ کي چيو توکي خبر نه آهي ته مونتي گهر جون ذميواريون آهن. وڏي ڳالهه ته اها آهي ته منهنجي طبيعت به ٺيڪ نه ٿي رهي. مان ته سوچي به نه ٿي سگهان ته ڪو مان ايڏو وڏو سفر ڪري سگهندس. پر ڇا ڪجي ليليٰ ته ليليٰ ٿي پئي. مونکي سمجهائيندي رهي ته توکي ڇا ٿيو آ ٺيڪ ٺاڪ ته آهين. هروڀرو ٿي پاڻ لاءِ ائين چوين ڏس مان ڊاڪٽر آهيان سڀ ڪجهه سنڀالي وٺندس. بس توکي هلڻو آ هر صورت ۾ هلڻو. مان هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳس، ڳالهه کي لنوائڻ لڳس پيار مان پنهنجون مجبوريون ٻڌائي ليليٰ کي سمجهائيندي رهيس پر ليليٰ ڪو منهنجو ٻڌي. مان ڀڄي جان ڇڏائڻ چاهي. ان دوران ڇا ٿيو جو سگا وارن پنهنجن مهمانن کي سچل سرمست جي مقبري جو ماڊل تحفي ۾ ڏنو هو. اتفاق سان اهو مونکي به مليو. ان کي پاسي تي رکي مان ماني پئي کاڌي. ڇا ٿيو جو آغا سليم کي مليل ماڊل غلطيءَ وچان ڪير کڻي ويو يا گم ٿي ويو. ان دوران عبدالرحيم سمي جي نظر مون واري ماڊل تي پئي ۽ اهو ان کڻي سمي شيخ کي ڏنو اتان اهو وڃي آغا سليم کي مليو ۽ آغا سليم ان کي کڻي گهر روانو ٿي ويو.... اسان آرام سان ڪچهري پئي ڪئي. ڪافي دير کان پوءِ مونکي خيال آيو ته منهنجو تحفو ڪاڏي ويو، مان ڳولهڻ لڳس ان وقت مونکي ڪنهن ٻڌايو ته هتان ته عبدالرحيم سمون کڻي ويو. مان هجوم مان عبدالرحيم سمي کي ڳولهيو ان مونکي چيو ادي اهو ماڊل توهان جو هو... آغا سليم پئي ڳولهيو مان سمجهيو ان جو آهي، سو ان کي ڏئي ڇڏيو. توهان کي ائين نه ڇڏڻ کپي ها. منهنجو منهن صفا لهي ويو، خبر پئي ته آغا سليم به وڃي چڪوآهي. هاڻ مان ڇا ڪريان؟ بس مونکي پنهنجو ماڊل کپي مان عبدالرحيم سمي ۽ سمي شيخ کي چيو. انهن ٻڌايو ته رات نثار حافظ جي دعوت آهي، ميٽروپول هوٽل ۾ اُت آغا سليم ضرور ايندو.اسان ان کان توهان جو تحفو وٺي ڏينداسين جي نه مليو ته توهان کي ٻيو ڏينداسين، اسان وٽ جام پيا آهن. مان ڏک مان چيو مان ٻيو ڇا ڪندس. مونکي منهنجو پنهجو ماڊل ملي ته هوند چڱو .
مونکي پنهنجي پريشاني ۽ ليليٰ جي منهنجي پٺيان وٺ لڳي پئي هئي. چري ٿي آهين، تون پاڳل آهين. ڪهڙو اهم تحفو هو،گم ٿي ويو يا ڪير کڻي ويو ته ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي، ڦوٽو ته تنهنجو نڪتو آهي، اهو کڻي سنڀالي رکجان. ڇڏ انهن سڀني ڳالهين کي. سڀاڻي جو پرگرام ٺاهه تو کي هلڻو آهي، تون ضرورو هلندينءَ مان ليليٰ کي سمجهايو ته ڏس راڻي جت ماڻهو ويندو آ ڪمپني ملي ويندي آ. سچ ٿي چوان تون اڪيلي ڪانه ٿيندينءَ. تون منهنجون مجبوريون نه ته سمجهي سگهين. ليليءِ چيو آخر توکي پريشاني ڇاجي آهي، آءٌ پنهنجي گاڏي کڻندس اطمينان سان هلنداسين. ڇپيل پرگرام مان خبر پئي ٿي ته انتظام شاندار آهي، پوءِ مونکي ڇڪي ڊاڪٽر سليمان شيخ وٽ وٺي ويئي، ڊاڪٽر صاحب اسان کي سمجهائيندي چيو ته مان ته سلطانه کي چوان ٿو ته هل ڏاڍو سٺو انتظام آهي. هر ڀرو اهڙي سٺي پروگرام کي ڇڏڻ چڱي ڳالهه نه آهي. باقي توهان پنهنجي الڳ گاڏي نٿا کڻي سگهو. هڪ ته اسان تي ذهني بار پوندو ۽ ٻيو توهان کي به اڪيلائپ ٿيندي. اصل مزو ته قافلي سان گڏ آهي. توهان اسان سان گڏ بس ۾ هلو. هاڻ ته ليليٰ کي وڌيڪ موقعو مليو ڏاڍي پيار سان هجتون ڪرڻ لڳي. مونکي ته پريشاني لڳي پئي هئي پنهنجي تحفي جي، ادي ارشاد قمر ته ائين چئي گهر رواني ٿي ويئي ته فون تي پروگرام ٺاهينداسين. هنن پريشانين ۾ بيٺي هيس ته قاضي منظر حيات مونکي اچي اهو ماڊل ڏنو ۽ چيائين هي هت فالتو پيو آهي، ممڪن آهي ته آغا سليم جو هجي جنهن جي عيوض هو توهان جو ماڊل کڻي ويو آهي. هاڻ ائين ڪيو جو هن کي توهان کڻي وڃو. مان سک جو ساهه کنيو، پر ڏٺم ته ماڊل جون ٻه ڪنڊون ڀڳيون پيون آهن. مان قاضي منظر کي چيو هاڻ ته مونکي يقين آ ته آغا سليم ڄاڻي ٻجهي هن کي ڇڏي مون وارو ماڊل کڻي ويو آهي. زندگيءَ ۾ ڪٿي به آغا سليم سان ملاقات ٿي ته مان پاڻ وارو ماڊل ضرورو وٺندي سانس.... ليليٰ جيڪا ڀر ۾ بيٺي هئي ان چيو چڱو ٿيو هاڻ مليئه اهو ماڊل جنهن لاءِ ساهه پئي نڪتئي هاڻ ٻڌاءِ ڇا ٿي پروگرام ٺاهين، مان ليليٰ کي سمجهائيندي چيو، ڏس ليليٰ تون مونسان ورهين کانپوءِ ملي آهين. توسان مان ڪيترو سٺو وقت گذاريو آهي. اسان جو ساٿ زبيده ڪاليج ۾ ڏينهن رات جو رهيو آهي. مان ته وري به توکي سڃاڻي ويس پر تون مونکي سڃاڻي نه سگهينءَ، ڏس اها تبديلي ڪا معمولي تبديلي نه آهي. منهنجي اهڙي حالت بيمار رهڻ جي ڪري ٿي آهي، سچ پچ مون ۾ ٿوري به همٿ نه آهي جو مان ايڏو وڏو سفر ڪري سگهان. منهنجا ٻار آهن، تن کي ڪنهن جي حوالي ڪيان. منهنجون هزارين مجبوريون آهن، تن کي سمجهي نه سگهندئين جڏهن ڪار ۾ ليليٰ مون کي گهر ڇڏڻ ويئي تڏهن به اها ئي ڳالهه هل ڀلا اڪرم ڇو ڪين ٿي هلين...
ليليٰ جي ايتري هجت ۽ بيچيني مونکي موهي وڌو، دل ۾ چيم سلطانه تون به هاڻي ماڻا ڇڏ همت ڪري نڪري پئو، ڏس ڪيترو نه هوءَ چوي پيئي ۽ تون نخرا پئي ٿي ڪرين. اڄ تائين ڪنهن به توسان ايڏو پيار ۽ هجت نه ڪئي آهي. تڪليف ته ايندي پوءِ ليليٰ جي ڪري برداشت ڪجان. ليليٰ جيڪا ڪار ۾ به مسلسل ڳالهائيندي پئي هلي. مون ان کي غور سان ڏٺو ۽ پوءِ آخري ۽ مڪمل فيصلو ڪري چيومانس چڱو ليليٰ مان هلان ٿي. هاڻ مونکي وڌيڪ شرمندو نه ڪر. ليليٰ چيو پڪو فيصلو نه ته ائين مونکي رولي ڇڏين چيم ته ليليٰ مان فيصلو ڪيو ته هلندس ته پوءِ ضرور هلندس .... پوءِ اسان پاڻ ۾ پروگرام ٺاهيو ته صبح جو ستين بجي ليليٰ مون وٽ ايندي ۽ پوءِ گڏجي پرڪانٽينٽل هلنداسين جتان قافلو روانو ٿيندو .

2

گهر اچڻ کان پوءِ منهنجي اندر ۾ آنڌ مانڌ ٿي پئي. سمجهه ۾ نه پئي آيم ته ڇا ڪريان!! واعدو ڪري ويٺي هيس، هاڻ وڃڻو به ضرور هو. پنهنجي ڀاڀي شاهده کي فون ڪيم کيس چيم ته صلاح ڏي ته ڇا ڪريان. ٻارن کي وٺي وڃان يا ڇڏي وڃان. اگر ڇڏيان ته ڪنهن وٽ ڇڏيان. ڀاڀي شاهده مونکي سمجهايو ته تون ڀلي وڃ پر ٻار نه وٺي وڃجان، موسم بدلجي چڪو آهي، ٻيو ته ٻار به توکي سک سان گهمڻ نه ڏيندا، تون به انهن پويان وتندينءَ پريشان ٿيندي. هاڻ ائين ڪر جو ٻار اسان وٽ ڇڏي وڃ. آءٌ خوب گهمائيندي سان. علي ۽ المير! به خوش ٿي ويندا. توکي موقعو مليو آ تون وڃي گهمي ڦري آ. ڀاڀي سان ڳالهائي، مان فهميده حسين سان ڳالهايو ان به مونکي چيو ته سلطانه ٻارن کي وٺي هلڻ جي غلطي ڪڏهن به نه ڪجان، اسان جا ٻار ايڏو وڏو سفر ڪري نه سگهندا. مان به پنهنجا ٻار انيس وٺ ٿي ڇڏيون هلان ....
هاڻ مان سامان ٻڌڻ شروع ڪيو. ان وقت شام جا ست ٿي چڪا هئا. مان نثار حافظ جي دعوت تي وڃڻ جو پرگرام ڪينسل ڪيو. منهنجا ٻئي ٻار منهن سڄايون بيٺا هئا. هو مون کان ڪڏهن به جدا نه ٿيا هئا. مان انهن کي سمجهايو ته توهان مونسان گڏ بلڪل نٿا هلي سگهو. توهان صرف اهو سوچيو ته هي پهريون موقعو مون کي مليو آهي ائين گهمڻ جو، جنهن ۾ خرچ به ناهي ڪرڻو ۽ نه وري رهائش جو بندوبست. وڏي ڳالهه اها آهي ته گڏجي سفر ڪرڻ ۾ جيڪو مزو آهي سو وري نه ملندو . بهرحال سوين واعدا پيار فرمائشون سڀ قبول ڪري مان ٻارن کي راضي ڪيو....
ٻئي ڏينهن صبح جو ساڍي چئين بجي مان اٿيس. باقي رهيل سامان پيڪ ڪيم. ائين اچي ڇهه ٿيا. روماسه ۽ امر کي ننڊ مان اُٿاريم کين اسڪول لاءِ تيار ڪيم، ناشتو ڪري ستين بجي تائين مان بلڪل تيار ويٺي هيس. ان دوران ٻارن کي سمجهائيندي رهيس، هو ٻئي ڏاڍا منجهيل هيا، اُداس هئا، منهنجي پٽ امر کي ته اندر ۾ ڇا به هجي پر ٻاهران بولڊ لڳو پيو هو. مونکي پئي چيائين، امي توهان ڀلي وڃو اسان به خوب مزا ڪنداسين، علي ۽ الميرا سان گڏ بوٽ بيسن وينداسين، ريڊ ڪارپيٽ وٽ وڊيو گيم جي دڪان تي خوب وڊيو گيم کيڏنداسين. مون واري ڌيءُ روماسه چپ چاپ سڏڪا پئي ڀريا، اکين ۾ ڳوڙها پيا ڀرجيو اچنس، جيڪي گهڙي گهڙي ان اگهيا پئي. مان کيس ڀاڪر پاتو پيار ڪيو، خوب سمجهايو پر هو سمجهڻ جي ڪاٿي، جيئن پيار ڪيانس تيئن پئي وڌيڪ ڳوڙها ڳاڙي، مون کي ليليٰ جو انتظار هو جيڪا اڃان تائين ڪانه آئي هئي، ان ويل وري منهنجي دل ڊاما ڊول ٿي ويئي، سوچيم اگر ليليٰ نه آئي ته پاڻ چڱو منهنجي جان ڇٽي آءٌ به ڪونه ويندس... وري ٻيو خيال دل تي تري آيو، هاڻ ته پروگرام به ٺهي چڪو آهي، تياري به مڪمل آهي، هاڻ وڃڻ ۾ ڇا آهي؟ مون کي ضرور وڃڻ کپي جڏهن سوا ست ٿيا ته پاڙي وارن جو در کڙڪائي زبير کي سڏڪيم ته مون کي پرل ڪانٽينيٽل هوٽل ڇڏي آ.. اهڙي طرح سان مان ٻارن کي خوب پيار ڪيو ۽ کين خدا حافظ چئي رواني ٿيس.
هوٽل تي پهچڻ تي ڏٺم ته ڪي ٻاهر ڪي اندر قافلي وارا پنهنجو سامان کنيون انتظار ۾ بيٺا هئا. مان سک جو ساهه کنيو ، ڇو ته مان سمجهيو پئي ته ٽائيم مطابق قافلو روانو ٿي چڪو هوندو. هوٽل جي اندر جڏهن پالر ۾ پُهتس ته سامهون فهميده نظر آئي. ان سان گڏ شاهده گهانگهرو، نسيم حيدري ۽ جيجي زرينه بلوچ بيٺي هئي، مان وڌي وڃي فهميده سان مليس، اُن ٻڌايو ته سڀ قافلي وارا اچي چڪا آهن پر بسون اڃان نه آيون آهن، ٿوري دير اسان اُت بيٺا رهياسين، گهڙيءَ کانپوءِ هڪ ڪوسٽر آئي اسان سڀ عورتون ۽ ڇوڪريون وڃي ڪوسٽر ۾ ويٺاسين، عورتن جو تعداد ايترو گهڻو هو جو ڪوسٽر ننڍي ٿي پئي، مان هيڏانهن هوڏانهن پئي نهاريو. ان مهل اچي اٺ ٿيا هئا. ليليٰ جو ڪو اتو پتو ڪونه هو، مونکي سندس ان ويساه گهاتيءَ تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، مون کي تيار ڪري هوءَ پاڻ نه آئي هئي، مونکي رکي رکي پنهنجن ٻارن جو خيال به پئي آيو، ڪوسٽر ۾ مان ۽ فهميده هڪ سيٽ تي ويٺا هئاسين. اسان جي سامهون واري سيٽ تي جيجي زرينه بلوچ ويٺي هئي، ڀرسان واري سيٽ تي نذير ناز پنهنجي پٽ سان ويٺهي هئي. بس ۾ ڪا به سيٽ خالي نه هئي، اڃان به ڪجهه ڀينرون بيٺيون هيون. ان وقت مظهر ميمڻ ۽ سليم ميمڻ اچي ڪوسٽر جي درين سان جهاتي پاتي، ڏٺائون ته ڪافي ڀينرون بيٺيون آهن، انهن اطمينان ڏياريو ته توهان پريشان نه ٿيو، اسان توهان کي ٻئي بس ۾ شفٽ ڪنداسين جيڪا وڏي هوندي توهان ات آرام سان ويهجو، ان وقت ليليٰ به اچي پهتي، ڪوسٽر جي در مان گهڙندي ئي مونکي چيائين منهنجو ٻه منٽ به انتظار نه ڪيئي، مان تنهنجي گهر ويئي هيس، چوٿين منزل تي چڙهي ويس ڏٺم ته هيڏو سارو تالو لڳو پيو هو، سمجهه ۾ نه پئي آيم ته تون هوٽل ويئي آهين يا ڪاليج، آخر مان هوٽل آيس سڀني کان پڇان پئي ته اڪرم ڪٿي آهي. توکي هت اڪرم جي نالي سان ڪوبه ڪونه سڃاڻي... ڪنهن ٻڌايو سامهون ڪوسٽر ۾ سڀ عورتون ويٺيون آهن، سو مان هيڏانهن هلي آيس، مان ليليٰ کي چيو ڏس ليليٰ ستين بجي جو ٽائيم هو مان سوا ستين بجي تائين تنهنجو انتظار ڪيو، مونکي پاڻ تنهنجو فڪر هو ته مونکي تيار ڪري پاڻ ڇو ڪين آئي آهي. تقريبن ساڍي نوين بجي ٻيون بسون آيون سڀ قافلي وارا بسن ۾ سوار ٿيڻ لڳا. ان وقت مظهر ميمڻ اچي چيو اهي عورتون جن کي سيٽ نه ملي آهي اهي ٻئي بسن ۾ اچن، باقي جيڪي سيٽن تي ويٺل آهن سي ويٺيون هجن.
بسن جي هلڻ ۾ ٿوري دير هئي. مان ۽ ڪجهه، ٻيون ڀينرون ڪوسٽر مان لهي اندر هوٽل ۾ وياسين ڇو ته هاڻي سفر شروع ٿيڻ وارو هو، اسان سوچو اندران واندا ٿي اچون ته چڱو، اسان جڏهن هوٽل مان ٻاهر نڪتاسين ته خبر پئي ته ٻيون بسون هلي ويون آهن، باقي اسان واري ڪوسٽر اسان جي انتظار ۾ بيٺي هئي. مظهر ميمڻ، نثار حافظ ٻين پري کان ئي اسان کي تڪڙو اچڻ لاءِ اشارو ڪيو، مان جيئن تڪڙي هليس تئين ڌو وڃي زمين تي ڪريس، کڙي جو هيڏي وڏي هئي مٿان وري هوٽل جي زمين ترڪڻي، مظهر ميمڻ هٿ مٿي کڻي رڙ ڪئي، ادي، ادي سنڀاليو، نثار حافظ ٿورو مشڪي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو. ٻين بيٺلن تي ماڳهين رخ ڦيرائي ڇڏيو شايد تمام گهڻي کل پئي آين. مان به ڪرڻ سان ئي يڪدم ٽپ ڏئي اٿي کڙي ٿيس. ڌڪ ته ڏاڍو آيم پر برداشت ڪري ويس، جڏهن ڪوسٽر جي ويجهو ويس ته کل ۽ تاڙين جو ڦهڪو ڪن تي پيو. پڪ سمجهيم هي سڀ مونتي پيون کلن، مون کي شرم ته ڏاڍو پئي آيو پر ڇا ڪجي ڪوسٽر ۾ چڙهڻو ته هيم سو چڙهي ويس. فهميده کي چيم ڏٺئي آءٌ ڪيئن ڪريس ڏاڍو ڌڪ آيو اٿم ۽ توهان سڀ پيون تاڙيون وڄايو ۽ کلو فهميده چيو چري اسان کي ته خبر ئي ڪانهي ته تو ڪو ڌڪ کاڌو آهي اسان ته هت جيجي زرينه بلوچ کان سگهڙين سٿ رسالي مان شاعري پيا پڙهايون اهو نظم ڏاڍو سٺو هو ۽ زرينه به ڏاڍي سٺي انداز ۾ پڙهيو. ان تي اسان تاڙيون وڄايون اسان جو ته ٻاهر ڌيان ئي ڪونه هو. هاڻ مان تفصيل سان فهميده کي ٻڌائڻ لڳيس ته مان ڪيئن ڪريس. فهميده مون کي دڙڪو ڏئي چيو. ٺهيو هاڻ پنهنجي ذهن تي هر ڳالهه سوار نه ڪندي ڪر. چپ ڪري ويهه. هت ڪنهن کي به خبر نه آهي ته تون ڪري آهين. ڀلا ڇا ٿي پيو اگر ڌڪ کاڌئي تون ڳالهه ڪندينءَ ته جن کي ناهه خبر انهن کي به خبر پئجي ويندي. مان به کڻي ماٺ ڪئي، پر ذهن تي بار هيم، مان ڀلا هروڀرو ڇو ڪريس؟ مون سان ائين ڇو ٿيندو آهي؟
هاڻ بس هلڻ شروع ڪيو. ان کان اڳ ۾ مظهر ميمڻ آيو ان چيو ته فهميده ۽ سلطانه توهان ٻئي هن بس جو انتظام سنڀاليو، حساب ڪتاب رکو ته ڪيتريون عورتون هن بس ۾ آهن. سڀني جي نالا ائڊريسون ۽ فون نمبر لکو. اهو رڪارڊ رکڻ ضروري آهي. مان پين ۽ پنو سنڀاليو ۽ نالا لکڻ شروع ڪيا. ڪوسٽر هلڻ لڳي. جيجي زرينه آهستي آهستي سر ڪڍڻ لڳي. سڀ ڇوڪريون ۽ عورتون تاڙيون وڄائڻ لڳيون. اسان جي ڪوسٽر ۾ جيڪي ڀينرون هيون تن جا نالا هي آهن. سلمه شيخ، (ڊاڪٽر سليمان جي گهر واري) سعيده شيخ، ياسمين شيخ، (ڊاڪٽر سليمان شيخ جي نياڻي) فهميده حسين، جيجي زرينه بلوچ، ساجده شيخ، ڊاڪٽر ليليٰ، عفت جعفري، نسيم حيدري، انيس حيدري، شيرين جعفري، نزهت جعفري، شاهده گهانگهرو، فوزيه ميمڻ، پروين سومرو، زرين افشان قادر، دانشمند فاروقي، نورالنساءِ فاروقي نرگس لطيف، شمع ڪبير، شاهين قريشي، خورشيد عباسي، حميده قاضي، نور جهان قاضي وغيره...
بس جڏهن ڪراچيءَ کان ٻاهر ٽول پلازه وٽ پهتي، اُت بسن جي اڳيان سچل ڪانگريس قافلي جو بينر لڳايو ويو. اسان جي ڪوسٽر ۾ صرف عوتون هيون. ڀلا جت ايتريون عورتون جمع ٿين اُت ماٺ ڪرڻ ته مشڪل آ، سڀن ڇوڪرين ڳيچ پئي ڳاتا، تاڙيون پئي وڄايون جيجي زرينه به ساٿ پئي ڏنو. هڪ ٻئي جي سرن تي کلون ڪرڻ، بس رنگ لڳا پيا هئا، جو خبر ئي نه پئي ته ڄام شورو اچي ويو.
ڄام شوري جون ٿڌيون هوائون پري کان ئي محسوس ٿيون جيئن ته قافلي کي ڪراچيءَ مان نڪرڻ ۾ دير ٿي هئي، ان ڪري ڄام شوري ۾ به دير سان پهتو. اتي پهچڻ سان ئي سڄو قافلو علامه آءِ آءِ قاضي ۽ محترم ايلسا قاضي جي مزار طرف روانو ٿيو. اتي پهچي ٻاهران آيل مهمانن ۽ مختلف صوبن مان آيل مهمانن گلن جون چادرون چاڙهايون دعا گهري. علامه آءِ آءِ قاضي جن جو پورو نالو امداد علي، امام علي قاضي آهي. پاڻ 1886ع ۾ پيدا ٿيا. ۽ 19 اپريل 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جا وائيس چانسلر مقرر ٿيا.
علامه صاحب گهڻن ئي علمن جو ماهر هو، جئين فلسفو، آرٽ، علم ڪيميا، نباتات، علم نجوم، موسيقي، فن تعمير ۽ شعر وغيره. سندس زال محترمه ايلسا قاضي جرمن هئي. اها به شاه جي شيدائي هئي، هڪ بهترين آرٽسٽ هئي. سهڻيون تصويرون ٺاهيندي هئي. سنڌ يونيورسٽي جو قيام 3 اپريل 1947ع ۾ پيو هو، ان ڪري علامه صاحب جڏهن هن يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ٿيو، اهو ابتدائي زمانو هو يونيورسٽي جو. علامه صاحب جن سنڌ يونيورسٽي جي تمام گهڻي خدمت ڪئي. انهن خدمتن جي عيوض ۾ جڏهن علامه صاحب 31 اپريل 1968ع ۾ وفات ڪئي ته کين سنڌ يونيورسٽي جي ڪيئمپس ۾ دفن ڪيو ويو. اُت مزار تي علامه صاحب جي سوانح عمري ۽ ادبي خدمتن جي باري ۾ ڪتابن جا تحفا مهمانن کي پيش ڪيا ويا. اتان قافلو واپس سنڌالاجي پهتو. سنڌالاجي ۾ قافلي جو پرتپاڪ خير مقدم ڪيو ويو. خوبصورت سرسبز لان ۾ قافلي جي ماڻهن لاءِ پر تڪلف چانهن پاڻي جو بندوبست هو. کائي پي واندا ٿي سڀڪو گروپ ٺاهيو اندر گهمڻ ويو. مان فهميده ۽ ليليٰ به اندر وياسين. سنڌالاجي ان جي جيڪا تعريف ڪجي سا گهٽ آهي، جهڙي خوبصورت بلڊنگ آهي، اوڙهو ئي اندر سنڌ جي ثقافت جي خوبصورت ۽ ڀرپور عقاسي ٿيل آهي. ميوزم جي هڪ پاسي سنڌ جي مشهور، ادبي ۽ علمي ۽ سياسي شخصيتن جا پورٽريٽ، انهن جي زندگيءَ جو احوال ۽ انهن جي ذاتي استعمال جون شيون رکيل آهن ميوزيم جي ٻئي حصي ۾ سنڌ ۾ آباد مختلف ذاتين، قومن ۽ قبيلن جي طرز زندگي ۽ انهن جو ڪرتون باقاعده شيشي جي شوڪيسن ۾ مجسمن کي روايتي لباس پهرائي ڏيکاريون ويون آهن. مُجسما اهڙا ته خُوبصورت ٺهيل آهن جو حقيقت جو گُمان پئي ٿيو. سنڌ جي هٿ جي ڪم جو به مُڪمل نماءُ ٿيل هو. لائبريري ۽ مُيوزڪ وارو حصو سڀ شيون قابل ديد هيون گهمندي ڏسندي مان فهميده کي چيو ته ان حقيقت کان ڪوبه انڪار ڪونه ڪندو ته هن سڄي ڪم جو اصل مهندار ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جن آهن. محنت، جاکوڙ ۽ ريسرچ ورڪ جيڪو ڊاڪٽر صاحب جي زماني ۾ ٿيو، ان ڪري ئي اڄ سنڌالاجي جو مان مٿانهون آهي. ڪٿان کان ڪهي ماڻهو اچن ٿا ڏسڻ لاءِ. هاڻ اسان ان جاءِ تي اچي بيٺاسين جت هڪ سنڌي هندوءَ جو گهر ڏيکاريو ويو هو، جنهن ۾ هڪ طرف مرد مخصوص صندليءَ تي ويهي بنديءَ ۾ حساب ڪتاب ڪري رهيو هو ۽ عورت ويلڻ چڪري تي پاپڙ ويلي رهي هئي. ان ويل ڪنهن چيو واڻيو هتي به بندي کنيو ويٺو ليکا ڪري، اهو ٻڌي وينا شرنگي ترت چيو عورت ويچاريءَ کي ڏاڍا پاپڙ ويلڻا ٿا پون. ٿورو اڳتي هلي سنڌ جو ميمڻ گهراڻو پنهنجي آڏاڻن ۽ ائٽ سان پنهنجي ڪوريءَ واري ڪرت کي لڳو پيو هو. اسان جي پويان ٻين مهمانن سان گڏ سحر امداد ۽ هدايت بلوچ به پئي آيا، هدايت بلوچ جي وات مان بي اختيار هي لفظ نڪتا ميمڻ ڇو لکيو اٿن ڪوري لکن ها. هدايت بلوچ چوڻ ۾ ته چئي ويو، پوءِ ڪجهه سوچي ماٺ ٿي ويو. سحر امداد (بلوچ) مشڪي ڏنو پر جواب نه ڏنائين. نثار ميمڻ جنهن هدايت جو هي جملو ٻڌو هو تنهن هي شعر پڙهڻ شروع ڪيو.

هلو هلو ڪورئين، نازڪ جن جو نينهن
ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا.

ان وقت ماحول ڪجهه ائين ٿي ويو جو فهميده سمجهيو ته جيئن ته هوءَ ميمڻ آهي تنهن ڪري هدايت بلوچ ان تي طنز ڪري ويو آهي، فهميده مون ڏي منهن ڪري ٿورو وڏي آواز ۾ چوڻ، بلڪل ٺيڪ آ ڪوري لکڻ کپي ها، ڇو ته پورهئي جو مان هوندو آهي، ڪرت جي اهمت هوندي آهي، هدايت بلوچ جنهن کي اُ ن جواب جي توقع نه هئي ۽ نه ئي هن ويچاري جو مقصد ڪنهن کي ڏکوئڻ جو هو. هن ته غير ارادي طور هڪ ڳالهه چئي هئي، سو هو چپ ٿي ويو. سحر امداد ۽ هدايت بلوچ مهمانن سان گڏ ٿورو اڳتي نڪري ويا ته ڪنهن چيو ٻروچ ڪٿي ٿا ڪنهن جي ڳالهه ٻڌن، ته نثار ميمڻ وري رڙ ڪري چيو :
واڪا ڪرڻ مون وس، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.

3

ٻاهران آيل مهمان ڏاڍي اتساهه ۽ دلچسپي سان هر شيءَ کي ڏسندا پئي ويا. مان هڪ نظر سڀني آيل مهمانن ۽ ميزبانن تي وڌي سڀڪو مصروف لڳو پيو هو ميزبان وڌ ۾ وڌ ٽائيم ڏئي آيل مهمانن کي هر شي جو تفصيل ٻڌايو. فوٽو گرافر فوٽو ڪڍڻ ۾ مصروف لڳا پيا هئا. هو سڀني مهمانن کي خاص ڪري وينا شرنگي ۽ گوبند مالهي جو ڪلوزاپ وٺڻ ۾ لڳا پيا هئا، جڏهن ميوزڪ واري حصي ۾ پهتاسين ته مان ماڪا جي پڇا ڪئي. ماڪا وٽ منهنجون ٻه وڊيو ڪيسٽ آهن، جيڪي مون ان کي ڪراچي ۾ ٿيل لطيف ڪانفرنس ڀرڻ لاءِ ڏنيون هيون، اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن سال گذري ويا نه پروگرام ڀرجي مليو ۽ نه وري ڪيسٽون واپس مليون آهن، ماڪا ات موجود نه هو. هو پاڻ ميوزڪ جي حصي جو انچارج آهي، اصولن اُن کي اتي موجود هجڻ کپي ها. جڏهن مان پنهنجن ڪيسٽن جي ڳالهه ڪئي ته اتي بيٺلن ڪيترن کلي چيو ادي سلطانه توهان به انهن ۾ شامل آهيو جن جون وڊيون ڪيسٽون ماڪا ڦٻايون آهن. اڄ هو هتي ان ڪري ته موجود ڪونهي ته سڀڪو هن کان ڪيسٽون گهرندو ائين ڳالهيون ڪندا، ڏسندا واسندا رهياسين ته سليم ميمڻ، مظهر ميمڻ ۽ ٻين ساٿين جا آواز آيا هلو جلدي هلو بسن ۾ چڙهو دير پئي ٿئي. هر ڪو تڪڙو تڪڙو بس ۾ چڙهڻ لڳو. هر ڪنهن کي اهو احساس هو ته قافلو اڳيئي ليٽ ٿي ويو آهي. سنڌالاجي کان پوءِ قافلي کي حيدرآباد جي ميوزم ۾ پهچڻو هو. هاڻ هي امن ۽ محبت جو قافلو حيدرآباد روانو ٿيو.
حيدرآباد منهنجو شهر اسان سڀني جو شهر جتي هاڻ راڪاس گهمي ويو آهي. اڳ ڪهاڻين ۾ پڙهندا هئاسين ته راڪاس اماوس جي رات ٻاهر نڪرندو هو. جهڙو ڪارو پاڻ تهڙي ڪاري رات، چنڊ ستارا به لڪل، هٿ کي نه ڏسي هٿ، هو ڪنهن به ويجهي انسانن جي گهرن تي حملا آور ٿيندو هو. ڪيترن کي ماري کائي ويندو هو. باقي بچيل ان ڳوٺ جا رهواسي اهو ڳوٺ ئي خالي ڪري هليا ويندا هئا. ڪجهه وقت کان پوءِ ڪنهن ملڪ جو بهادر شهزادو اتان اچي لانگهائو ٿيندو آ، ڇا ڏسي ته مار ڀيڻان گهر سامانن سان ڀريا پيا آهن. ڪلن ۽ رسين تي ٽپڙ ٽنگيا پيا آهن. سڀ ڪجهه جيئن جوتيئن آ پر نه آهي ته اُت انساني مخلوق نه آهي. جڏهن ٻئي ڳوٺ ۾ وڃي ٿو ته پڇا ڪرڻ تي خبر پويس ٿي ته ڪو راڪاس آهي، جنهن جي ڪري هي ڳوٺ ويران آهي. هو بهادر شهزادو پوئتي وري ٿو. ڳوٺاڻن جي مدد ۽ پنهنجي بهادري سان ان راڪاس جو انت ٿو آڻي.....
پر حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ته ڳالهه ئي ابتي آهي. راڪا س هڪ نه پر سوين هزارين آهن. هو ڏينهن جي روشني ۾ حمله آور ٿين ٿا. هو انسانن کي مارين ٿا. گهرن گهاٽن جو سمورو سامان ٻهاري ٿا وڃن، جيڪا شيءِ نٿا کڻي سگهن، ان کي ٽوڙي ٽڪر ڪري ٿا ڇڏين. هو جيڪي رهزن ظالم ۽ خوني آهن سي ڪنهن کان به ڪونه ٿا ڊڄن. اسان کي توهان کي ۽ ”هُن کي“ سڀني کي خبر آهي ته هو ڪير آهن؟ هو ڇا ٿا ڪرڻ چاهين؟ سڀڪو چپ آهي. ٻڌي ڪونهي، ساٿ سمر ڪونهي. عام ماڻهو ڊنل ۽ پريشان آهي. ڄڻ ته واري جي انتظار ۾ آهي، ڪڏهن ٿو ڪات انهن جو ڪنڌ ڪوري..... هي منهنجو حيدرآباد جنهن جي گهٽين ۾ بي خوفي سان سڀڪو گهمندو هو اڄ ات گهر مان نڪرڻ محال آهي. ٽوپي اجرڪ پائڻ پنهنجي ٻولي ڳالهائڻ ڄڻ گناهه آهي. هو راڪاس ٽوپي اجرڪ پايو رت جي راند کيڏندا پيا وتن، ڊنل لاوارث ماڻهو شايد انتظار ۾ آهن، ڪنهن شهزادي جي جيڪو ايندو اچي سڀ سور لاهي ويندو. ڪڏهن ايندو اُهو شهزادو؟ ايندو به الائجي نه؟ شهزادا به ته واندا ڪونهن هو به ماڻهو ڏسي موٽ کائيندا آهن.
شهزادا به اچي ڇا ڪندا. اسان ته، پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙي هنئي آهي. پنهنجي لاءِ کڏ پاڻ کوٽي اٿئون. پنهنجن گهرن ۾ پاڻ کهاٽ هنيا اٿئون. اسان جا شاعر اديب چون ٿا جاڳ ڀٽائي جاڳ وري ٿا چون جاڳيا آهن، دودا، دريا خان ۽ بلاول سڀ سور لاهيندا. اسان جا ماڻهو ٻانهن سيرائيندا ڪيو ستا پيا آهن. هو انتظار ۾ آهن ته ڀٽائي، دودو، دريا خان ۽ بلاول قبر مان نڪري اچي هنن جي واهر ڪندا. پاڻ انهن کي ڪجهه به ناهي ڪرڻو. نوان سورما انهن مان پيدا ئي ناهن ٿيڻا. وري چوي ڪو اديب سڌي سنئين ڳالهه ته چون اديب امن جو پيامبر آهي هو ماڻهن کي نفرت جو سبق نه ڏئي. مان سمجهان ٿي ته اديب جي لکڻين ۾ ايتري سگهه هجي جو پڙهندڙ کي اهو پيغام ڏئي سگهي ته پنهنجي تحفظ لاءِ هٿيار کڻڻ يا جنگ جوٽڻ ۾ ڪا به خرابي نه آهي. اڳرائي نه ڪجي پر جي ڪير حمله آور ٿئي ته مقابلي ڪرڻ جي قوت ۽ همٿ هئڻ کپي. قوم جي بقا ۽ امن لاءِ وڏا وڏا فيصلا ڪرڻا پوندا آهن. اهي فيصلا ڪير ڪندو؟ آهي ڪو جو هن ڏتڙيل قوم جي مٿي تي هٿ رکي؟ اهڙا ڪيترائي بي ترتيب ۽ ڇڙو ڇڙ خيال منهنجي ذهن ۾ ايندا رهيا. تان جو خبر پئي ته ميوزم اچي ويو آهي.
سنڌ ميوزم ۾ ڀاءُ ظفر ڪاظمي قافلي جو آڌر ڀاءُ ڪيو. سنڌ ميوزم ۾ به سنڌالاجيءَ وانگر سنڌ جي ثقافت جو نماءُ ٿيل آهي. هڪ سنڌي گهر جو مڪمل ماڊل اُت ٺهيل آهي. سامان اهڙي ته ترتيب سان رکيل آهي جو ڏسندڙ کي سٺو پئي لڳو. کٽ تي ويٺل سنڌي ماڻهو، پينگهي ۾ ويٺل سنڌي عورت، ٻار ۽ ڪم ڪرڻ واري مائي، خوبصورت ترتيب سان ڪمرو سجايل هو .گهر جي سامهون زنجيرون لڳل هيون جيئن عام ماڻهو ان ڪمري کي ٻاهران ڏسن پر اندر نه وڃن ان وقت خبر نه آهي ڇو منهنجي دل چاهيو ته مان ان ڪمري ۾ اندر وڃان ۽ انهن مجسمن سان وڃي تصويرون ڪڍرايان مان جڏهن ان خيال جو اظهار ڪيو ته ات بيٺل سرتين به ها ۾ ها ملائي. مان به همت ڪري زنجير مٿي ڪري وڃي کٽ تي ويٺل ماڻهو (مجسمي) سان گڏ ويهي رهيس. ات شمع کيبر منهنجا فوٽو ڪڍيا. مونکي ڏسي نسرين، پروين سومرو، نسرين حيدري ۽ ٻيون ڀينرو ۽ ڀائر اندر هليا آيا. انهن به اتي ويهي تصويرون ڪڍرايون. مان پينگهي ۾ ويٺل عورت سان گڏ تصوير ڪڍرائي. ان وقت ڪنهن ڀاءُ چيو هي سڀ مجسما آهن، تڏهن ته سڀ عورتون ويٺيون انهن سان تصويرون ڪڍرائين. اگر اصل ۾ هي مرد ۽ عورتون هجن ها ته اهي سڀ انهن جي ويجهو ئي نه وڃن جا، اُت بيٺل هڪ ٻئي ڀاءُ چيو هي به ته ويجهو ئي نه وڃن ها پر کٽ تي ويٺل ماڻهو به هنن کي گڏ ويهڻ نه ڏي ها. اهڙي طرح سان کل ڀوڳ ٿيندي رهي، اُتان نڪري اسان سڄو ميوزم گهميو.گهمندي گهمندي شمع خيبر ٻڌايو ته هن ميوزم جي پٺئين طرف سنڌ جي هڪ ڳوٺ جو مڪمل ماڊل ٺاهيو ويو آهي ۽ مونکي چيو ويو آهي ته مان سڀني مهمانن کي هت وٺي وڃان ۽ ڳوٺ گهمايان مان شاهده گهانگهرو، خورشيد عباسي شمع سان گڏ وياسين. اڃان ٿورو اڳتي ٿياسين ته سامهون ڪيترائي گروپ ڳوٺ گهميو موٽيو پيا اچن. شمع کيبر يڪدم رڙ ڪري چيو اڙي هي سڀ ته اسان کان پهريان پهچي ويا ۽ گهمي به آيا. ڏس مونکي هروڀرو چيو اٿائون ته مان سڀني کي گهمايان. اڄ ڪلهه ڪنهن کي به ڪنهن جي ضرورت نه آهي اسان ڏي منهن ڪري چيائين توهان سان گڏ مان هلان؟ اسان چيوس ها ها ڇو نه اسان کي ته تنهنجي جي ضرورت آهي، توکان سوا اسان به ڪو نه وينداسين. اسان ميوزم جي پٺيان ٺهيل ڳوٺ جو ماڊل گهميو. هڪ طرف ننڍڙي ڍنڍ نار، گهاڻو ۽ اوطاق هئي ته ٻئي طرف هڪ اميراڻو، باقي ٻيا غريباڻا گهر ٺهيل هئا. چو طرف هرڻين پئي ڇانگون ڏنيون. ڪڪڙيون ۽ هڪ عدد ڪتو به نظر آيو، ڪچا گهر، منهه ٺهيل، سڪل وڻ بنڊيون هڪ مڪمل تصوير هئي سنڌ جي ڳوٺن جي غربت جي ... مان سوچيندي رهيس، اسان جي سنڌ ۾ هزارين اهڙا ڳوٺ آهن، جتي جا رهواسي زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن کان محروم آهن، سنڌ جي ڳوٺ معنيٰ غربت بک... هزارين ماڻهو انگ اگهاڙا ۽ پيٽ بکيا آهن. انهن جي گهرن ۾ اگر سڪو اٽو به آهي ته شڪر ڪن ٿا ته ان اٽي مان ڍوڍو پچائي هو رکو يا لسيءَ لپ سان کائي پيٽ ڀريندا. باقي رهيا وڏا شهرته ات هر قسم جا مزا آهن. نوڪريون به آهن ته مزدوري به جام آهي. هڪ مزدور به ڏهاڙيءَ سو ڏيڍ سو ٿو ڪمائي، منجهند جي مانيءَ ۾ برياني ٿو کائي چڱو گهر اٿس. ڳوٺاڻو سنڌي ويچارو پيٽ بکيو ۽ انگ اگهاڙو، پنهنجي اولاد کي ڪشالن سان ڪجهه تعليم ڏياري ٿو. اهو سنڌي نوجوان جڏهن شهرن ۾ اچي ٿو ۽ روزگار سان لڳي ٿو، چاهي اها ڪلارڪي آهي يا وري آفيسري شهري ماڻهو جي اک جو ڪنڊو ٿي ٿو پوي. اُهو شهري نفرت جي نگاهه سان اُن ڳوٺاڻي کي ڏسي ٿو. اهو شهري ماڻهو جنهن جو پيٽ به ڀريل آهي ۽ کيسا به ڀريل آهن اُن ڳوٺاڻي جي هٿ مان اُهو اڻڀو سڻڀو ٽڪر به کسڻ چاهي ٿو. ڪڏهن ڪهڙي روپ ۾ مختلف قسم جون هلائون ڪندو رهي ٿو. حرفتون هلائيندو رهي ٿو. اسان سنڌ جا رهواسي ائين ته ڪونه هئاسين. سنڌين جو اصل نسل ته موهن جو دڙو آهي، جتي نقشي مطابق پڪا گهر هئا، يونيورسٽيون ڪاليج سڀ ڪجهه هو پڙهيل لکيل محنت ڪش سنڌي هن حيثيت ۾ ڪيئن پڳا؟ ٿورو ڏوهه ٻين جو پر گهڻيون ڪوتاهيون سنڌين جون پنهنجون آهن. منهنجي ذهن ۾ خيالن جي پٺيان خيال ايندا رهيا . زهريلا ۽ ڏکوئيندڙ، بس سنڌين کي کپي ته هو اِن ئي حال ۾ رهن اهڙن ئي ڳوٺن رهن. هن ايٽمي ۽ ڪمپيوٽرائيزڊ دور ۾ انهن کي ڪا به چڱائي نه ملڻ گهرجي. دنيا جي سڀني خوشين جا دروازا انهن لاءِ بند هجڻ گهرجن اِِهو سڀ ڪجهه سوچي منهنجي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا مان نڪري ٻاهر بيٺل بس م اچي ويهي رهيس مان نه پئي چاهيو ته ان حالت ۾ مونکي ڪير ڏسي. ٿوري دير کان پوءِ ڪجهه ڀينرون آيون ۽ اچي بس ۾ ويٺيون ۽ پنهنجو سامان هٿيڪو ڪرڻ لڳيون. منهنجو ذهن ٿورو هلڪو ٿيو ۽ انهن سان ڳالهيون ڪرڻ لڳس. گهڙيءَ ۾ سڀ بسون ڀرجي ويون ۽ هي قافلو پنهنجي اڳيئن منزل ڏانهن روانو ٿي ويو. قافلي کي هاڻي ڀٽ ڌڻي۽ تي حاضري ڏيڻي هئي. ڀٽائيءَ سان سنڌين جي ذهني وابستگي آهي. بس ڪجهه آهي جيڪو شاهه سائين سان اسان کي ڳنڍيون ويٺو آهي. شاهه عظيم شاعر آهي، شاهه دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر آهي، بس خبر نه آهي ته شاهه ڇا ڇا آهي. سچ پچ وڏو سچ اهو آهي ته شاهه سائين سنڌين جوسرواڻ آهي. ڏکن سکن جو ساٿي آهي. هر واٽ جو رهبر آهي. سنڌي اديبن جي ته شاهه سائين سان ايتري وابستگي آهي جو ڪوبه ذڪر ٿيندو ڪا به ڳالهه ٿيندي شاهه سائين جو حوالو ضرور ڏنو ويندو آهي، شاهه لطيف هن ڀٽ جو ڌڻي جت حاضري ڏيڻ سان روح ڌڪيو وڃي. اندر ۾ عجيب قسم جي پنهنجائپ ۽ بيچيني جي لهر اچيو وڃي. مان شاهه سائين وٽ ننڍپڻ کان وٺي تمام گهڻيون حاضريون ڏنيو آهن. هاڻ به جڏهن اسان کي پري کان مزار جو قبو نظر آيو ۽ تاڙين جي آواز ۾ سڀني گڏجي زرينه بلوچ سان ڳائڻ شروع ڪيو آهي ”ڀٽ جا ڀٽائي ڀٽ تي وسئي نور منهنجون تو پڄايون“ نه پڇيو ان وقت اندر جو ڇا حال هو. جيئن جيئن پئي مزار ويجهو اچي تيئن تيئن آوازن ۾ جوش ۽ جذبو وڌندو پئي ويو. شاهه لطيف اُن زماني ۾ پئدا ٿيو. جڏهن سنڌ ۾ اڄ جي دور وانگر ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ هيو. لڳي ائين ٿو ته سنڌ جي ڌرتيءَ ڪڏهن به سک جو ساهه نه کنيو آهي. سنڌ جو هي عظيم شاعر 1689ع ۾ پيدا ٿيو. سندن جاءِ پيدائش ڀٽ شاهه جي ڀرسان هڪ ننڍو ڳوٺ هالا حويلي آهي. جت هاڻ ٿورڙا گهڻا کنڊر وڃي بچيا آهن. چئني طرف زمينون پوکيل آهن. ڪجهه سال اڳ اُهي کنڊر مون ڏٺا هئا. اڄ آهن به الائجي نه؟ منهنجي گذارش آهي، سنڌ جي ثقافت ۽ ڪلچر جي کاتي کي ته اُن جاءِ کي هو قبضي ۾ وٺي ان جي مرمت ڪرائين. اُن تاريخي ورثي کي بچائڻ اُنهن جو فرض آهي. اُن وقت برصغير ۾ اورنگزيب عالمگير جي حڪومت هئي. شاهه لطيف پنهنجي شاعري جي حوالي سان هڪ تاريخ لکي آهي، هڪ پيغام ڏنوآهي. هو پاڻ موسيقيءَ جي فن جا ماهر هئا. اُنهن ڪيترائي ساز ايجاد ڪيا، جن ۾ تنبورو به شامل آهي. شاهه لطيف سڄي سنڌ پيرين پنڌ گهميو. سنڌ جا سور پنهنجين اکين سان ڏٺائين، تڌهن ته سندس شاعريءَ ۾ ايڏو جولان آهي. 1752ع ۾ سندن وصال ٿيو ۽ کين ڀٽ تي ڪراڙ جي ڪپ وٽ دفن ڪيو ويو. سندن مزار جي تعمير ان وقت جي حڪمران غلام شاهه ڪلهوڙي ڪرائي_ لطيف سائين جي مزار تي قافلي وارن حاضري ڏني. اتان وري مان ۽ فهميده لطيف سائين جي والد شاهه حبيب جي مزار تي وياسين. اتان ٿي جو ٻاهر نڪتا سين ته سامهون هڪ مائي اسان کي سڏ ڪري چيو: ”امان پاڪن وٽ به پير ڀري وڃون“، فهميده پڇيو ان پاسي ڇا آهي؟ مان ٻڌايومانس ته بيبين جو قبرستان پٺين پاسي کان آهي ۽ عورتن کانسواءِ اوڏانهن ڪير نه ويندو آهي. جڏهن اسان ان مائيءَ جي ويجهو وياسين ته فهميده منهنجو هٿ پڪڙيندي چيو ٻيون سڀ اچن ته پوءِ ٿا هلون. هن مائيءَ به بيٺي ڳالهايو ۽ بيبين جي قبرستان بابت پئي ٻڌايائين. جهٽ گذري ته مان فهميده کي چيو ته ٻين جو انتظار ڇو ڪيون اچ ته اندرا ٿي اچون. فهميده منهنجو هٿ اڃان به وڌيڪ زور سان پڪڙيو ۽ چيائين ترس ٻين کي اچڻ ڏي. اچانڪ اسان کي ڪنهن سڏ ڪيو. فهميده چيو هل ته واپس هلون. مان جواب ۾ چيو ته هل ته اندران تڪڙا ٿي پوءِ ٿا هلون. آخر فهميده کان رهيو نه ٿيو. مونکي چيائين هن عورت جي چهري کي غور سان ڏس هاڻ جو مان غور سان ڏٺو، هئي ته اسان جهڙي عورت مگر چهري تي ايتري وحشت ۽ سختي هئس منهنجي اک اُن جي چهري تي بيٺي ئي ڪانه فهميده مونکي ٻانهن کان ڇڪيو ۽ اسان تڪڙا تڪڙا واپس ٿياسين. پٺيان ان عورت الائجي ڇا ڇا پئي چيو. ويچاريءَ کي ڪجهه پئسن جي اُميد هئي، ٿورو اڳتي هلي فهميده مونکي چيو، مان ته شروع ۾ ئي اُن عورت جي چهري کي ڏسي ڊڄي ويس تڏهن ته توکي پئي چيم ته ترس ته ٻيون اچن. دراصل مان اندر وڃڻ ئي نه پئي چاهيو، مان فهميده کي چيو غربت، بک مٿان وري ڏينهن رات قبرن جي وچ ۾ رهڻ پوءِ ڀلا شڪليون اهڙيون نه ٿينديون ته ڪهڙيون ٿينديون. مان ۽ فهميده عمر بن دائود پوٽو ۽ عبدالحسين سانگيءَ جي مزارن تان ٿيندا وڃي شاهه لطيف جي هجري طرف نڪتاسين ننڍڙين ڇتين ۽ ننڍڙن دروازن وارو هجرو جت شاهه لطيف جو استعمال ٿيل پلنگ به رکيل آهي. اِهو سڀ ڪجهه ڏسندا اسان موٽ کاڌي وڃي بسن ۾ ويٺاسين. اهڙيءَ طرح سان ڀٽ ڌڻيءَ تي حاضري ڏئي قافلو پنهنجي اڳئين منزل ڏانهن روانو ٿيو.
هاڻ قافلي جي منزل هالا شهر هو. هالا شهر جيڪو علم و ادب وارن جو، پيرن ۽ مريدن جو شاعرن، اديبن جو شهر اڄ به پنهنجي اوج جا آثار کنيو بيٺو آهي. هالا۾ قافلي وارن کي منجهند جي ماني کائڻي هئي. پر جيئن ته قافلو ڪراچيءَ مان ئي دير سان نڪتو هو، ان ڪري ان کي هالا پهچندي تقريبن ساڍا چار ٿي ويا هئا، روشن تارا اسڪول جيڪو سنڌ گريجويٽ ايسوسيئيشن جو ئي قائم ڪيل آهي. ات سڄي قافلي جي ماني ۽ ويهڻ جو انتظام هو. قافلي جي پهچڻ تي انهن وڏي اڪير سان آڌر ڀاءُ ڪيو، مردن جو الڳ انتظام هو عورتن جو الڳ. اسڪول جي هيڊ ماسترياڻين قافلي جي سڀني عورتن کي وٺي ڪلاس رومس ۾ ترتيب ڏنل ڪرسين تي ويهاريو. هو ويچاريون به ڏاڍيون ٿڪل پئي لڳيون، انتظار کان وڌيڪ ڪو عذاب ڪونهي، شابس آ انهن ويچارين کي جيڪي صبح کان وٺي انتظام ڪرڻ ۽ پوءِ اسان جي انتظار ۾ ويٺيون هيون. هڪدم گرم گرم ماني ٽيبلن تي لڳائي وئي. ماني کائي اسان سڀ آرام سان ٽنگون ڊگهيري ڪرسين ۽ صوفن تي ويهي ڪچهري ڪرڻ لڳاسين. اڃان سفر وڏو هو منزل گهڻي هئي. فهميده ته اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي سان ڳالهائڻ ۾ پوري هئي. منهنجا ڪن به ان پاسي هئا. ان هيڊ ماسترياڻي جيڪا پاڻ به نوجوان هئي تنهن ٻڌايو ته گذريل سال تائين هالا شهر جون نياڻيون ڇوڪرن جي ڪاليج ۾ پڙهنديون هيون، ڳوٺاڻو ماحول هئڻ جي باوجود به ٻن سون کان وڌيڪ نياڻيون اُت پڙهنديون هيون. هن سال کان گرلس ڪاليج قائم ٿيو آهي، پر افسوس اُت ٻاهريون اسٽاف رکيو ٿو وڃي، جيڪو ٿورن ڏينهن کان پوءِ بدلي ڪرايو وڃي. ائين ڇوڪرين جي تعليم رُلي ويئي آهي. هن ٻڌايو ته شهر ۾ ٻه چار نه پر پنج ڇهه سئو ايم اي پاس ڇوڪريون ويٺيون آهن. جيڪڏهن حڪومت هن ڪاليج کي واقعي هلائڻ چاهي ٿي ته مقامي ڇوڪرين کي نوڪريون ڏئي. فهميده جي پڇڻ تي ان ٻڌايو: هن وقت ملڪ جي مختلف ميڊيڪل ڪاليجن ۾ هالا شهر جون سٺ کان وڌيڪ ڇوڪريون پڙهي رهيون آهن، ٿوري دير کانپوءِ مان ادي سلميٰ (ڊاڪٽر سليمان جي گهر واري) ادي فوزيه، ادي فوزيه جي ڀيڻ اڱڻ ۾ پيل ڪرسين تي وڃي ويٺاسين. عورتن جون تنظيمون ۽ انهن ۾ عورتون ڪهڙو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. اِهي سڀ ڳالهيون اسان جو موضوع هئا. ادي سلميٰ ڏاڍي بيچين هئي. هن چاهيو پئي ته هوءَ پنهنجي گهر وڃي ۽ وڃي پنهنجن مائٽن سان ملي اچي. سندس ڪجهه مائٽ اُت به بيٺا هئا. مون کي ٻڌايائين پئي فلاڻو منهنجو مامو آهي، هو منهنجو سوٽ آهي، هو منهنجو ماروٽ آهي، ياسمين پنهنجي والده کي پئي چيو توهان وڃڻ چاهيو ٿا ته وڃو، وڃي ٿي اچو، پوءِ دير ٿي ويندي. ادي سلميٰ دل من پئي هڻي، اسان کي ڇڏي وڃڻ به نه پئي چاهي. اِهو به پئي چوي الا امان بابا ڇا چوندا ته هالا آئي به ۽ منهن به ڪونه ڏيکاري وئي. اُن وقت گرم گرم چانهه ٺهي آئي ان وقت چانهه جي سخت ضرورت محسوس ٿي رهي هئي. چانهن ايترو ته مزو ڏنو جو اسان چانهه جا ٻه ٻه ڪوپ پي وياسين. پيئندي ۽ ڪچهري ڪندي وقت جو احساس ئي نه رهيو ته سڏ شروع ٿي ويا. هلو هلو هاڻي بسن ۾ هلي ويهو. اسان سڀني اُٿڻ جي ڪئي، سامان سنڀاليو. اڃان در تائين مس پهتاسين ته خبر پئي ته هڪ بس ۾ ڪا خرابي ٿي پئي آهي، اها اسٽارٽ ئي ڪانه پئي ٿئي. اسان کي حڪم مليو ته واپس هلي ويهو. اسان جڏهن واپس آياسين ته فهميده چيو ته سلطانه هلو ته هالا بازار مان ڪجهه خريدار ڪريون هاڻ ته ڪافي وقت آهي. خبر نه آهي ڪيڏي مهل بس ٺهي اسان وڃي ادي سلميٰ کي پروگرام ٻڌايو ۽ هوءَ به هلڻ لاءِ تيار ٿي. اهڙي طرح سان ليليٰ، وينا شرنگي، فوزيه، نسرين، پروين سومرو ۽ ٻيون ڪيتريون ڀيڻون هلڻ لاءِ تيار ٿيون. ات ادي سلميٰ وري پريشانيءِ مان چيو هالا ۾ ته مان برقعو پائيندي آهيان. ٻاهر ڪيئن هلان، ياسمين (سندس نياڻي) چيو هتان جي ماسترياڻين مان ڪنهن جو برقعو وٺي ڏيانءِ. ادي سلميٰ هڪدم چيو ڀلا ڇا ٿي پيو سڀ گڏجي پيو هلون. ڀلا مان ٺهندس جو وچ ۾ برقعو پائي پئي هلان. وڏيون چادرون ته هونئن اسان کي اوڍيل آهن. مان مذاق ۾ کلي چيو مانس، نه نه توهان کي برقعو پائڻ کپي توهان تمام سٺا لڳندا. اهڙي طرح سا ن اسان کلندا ڳالهائيندا ٻاهر نڪتاسين. مان ۽ فهميده هڪ گاڏي ۾ ويٺاسين. ادي سلميٰ، وينا شرنگي، ليليٰ ۽ ٻيون ڀينرون هڪ وين ۾ وڃي ويٺيون. اسان نڪتا جو الڳ هئاسين ته مختلف دڪانن تي وڃي پڳاسين. فهميده پنهنجن ڌين لاءِ سوسيءَ جا جوڙا ۽ پنهنجي گهرواري لاءِ کاڌيءَ جا ڪپڙا ورتا. ٿوري گهڻي خريداري ڪري اسان واپس آياسين. واپس اچڻ کانپوءِ خبر پئي ته مون واري ليليٰ ته اڄ الله ڏي پئي وئي. ٿيو ائين جو ليليٰ جيڪا جسم ۾ ٿوري صحتمند آهي. ٻيا ته سڀ وين ۾ تڪڙا تڪڙا چڙهي ويا، ۽ هو آخر ۾ چڙهي. وين واري سمجهو ته شايد سڀ ويهي رهيا آهن، سو ان کڻي وين هلائي، ان وقت ليليٰ جو هڪ پير اندر هڪ پير ٻاهرهو. بس قدرت هئي جو ليليٰ کي عقل اچي ويو هن مضبوطيءَ سان وين کي جهلي ورتو. وين ۾ به ويٺلن هن کي پڪڙي ورتو ۽ وٺي رڙيون ڪيون، جنهن تي وين واري وين کي بيهاريو. ليليٰ هن واقعي کان پوءِ ماٺ ٿي ويئي. هوءَ ويچاري منهنجي ڪري آئي هئي. هن جي چهري تي ڪاوڙ ۽ منهن تي ڳنڊ پيو هو. ڪجهه ڪڇي ته نه پئي پر اهو محسوس ٿيو پئي ته هوءَ پاڻ کي اڪيلو محسوس پئي ڪري. ڀلا مان به ڇا ڪريان. مان به ته هن سان گڏ ويهي نه پئي سگهان. هت قافلي ۾ هلندڙ کوڙ ساريون منهنجون ساٿياڻيون هيون. مان سڀني سان ڪچهري پئي ڪئي. مان پنهنجي طبيعت کان مجبور هئس ۽ هوءَ پنهنجي طبيعت کان مجبور هئي. هاڻ بس به تيار ٿي چڪي هئي. قافلو پنهنجي نئين منزل ڏانهن روانو پئي ٿيو. قافلي کي هاڻ موري پهچندي رات جا ساڍا نوَ ٿي چڪا هئا. هاڻ ٿڌ به وڌي وئي هئي. سڀني سوئيٽر ۽ شالون ڪڍيون ۽ پاتيون. موري ۾ قافلي جو آڌر ڀاءُ اتان جي سگا جي ميمبرن ۽ روشن تارا اسڪول وارن ڪيو. هالا روشن تارا اسڪول جي عمارت ڪافي وڏي هئي. موري واري اسڪول جي عمارت به ڪافي ڪشادي هئي. اها ڳالهه ته واضح آهي ته سگا هڪ سماجي ادارو آهي. خاص طرح انهن جيڪي اسڪول کوليا آهن اها ڏاڍي سٺي ڳالهه آهي. سچ به ته اهو آهي ته ڪنهن به قوم ۾ اگر خوشحالي آڻڻي آهي، يا سجاڳي آڻڻي آهي ته ان لاءِ پهريون قدم علم آهي. علم شعور پيدا ڪري ٿو. علم سان انسان کي حق ۽ ناحق جي خبر پوي ٿي. ائين کڻي چئجي ته علم اهو سنڌو آهي، جنهن سان قومون پنهنجا طرف ۽ لاڙا مقرر ڪنديون آهن. اسان جي سنڌ ۾ اڃان به تعليم جي کوٽ آهي. خاص ڪري نياڻين جي تعليم جي. سگا وارن جا هي اسڪول ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي. هي ته اڃا ابتدائي قدم آهن. اهڙا ڪيترائي قدم اڃا به کڻڻا آهن، منزلون ماڻڻ لاءِ پنهنجي قوم کي سڌارڻ لاءِ، جاڳرتا جي جوت لاءِ اڃا به گهڻيون علم جون روشنيون ڦهلائڻيون آهن....... روشن تارا اسڪول ۾ اندر کليل ميدان ۾ ويهڻ جو انتظام هو. سچل سرمست جي شعر سان سجايل خوبصورت آجيان وارا بينر لڳا پيا هئا ات قافلي وارن لاءِ چانهه جو انتظام هو. اها چانهه قافلي وارن کي شام جو پيئڻي هئي، جيڪا اسان رات جو ڏهين وڳي پيتي، وقت جو ته ڪو احساس ئي نه رهيو هو، قافلي وارن لاءِ رات ۽ ڏينهن هڪ ٿي پيا. جيئن ته ڪافي گهڻو سيءُ هو ۽ ميدان به کليل هو، ان ڪري ڪيتريون عورتون ڪرسيون سيري وڃي ويرانڊي ۾ ويٺيون. سگا جي موري جي ميمبرن، ڊاڪٽر سليمان شيخ، گوبند مالهي، قيمت راءَ، وينا شرنگي، ننڍڙو ڊاڪٽر اعظم ٻگهيو، انهن سڀني پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. تقريرون ٻڌي هاڻ قافلو ڀريا روڊ روانو ٿيو. موري مان جڏهن بسون روانيون ٿيون ان وقت ڊاڪٽر سليمان شيخ، سليم ميمڻ، برڪت علي چوهاڻ، ممتاز علي ڪلهوڙي ٻين اهو فيصلو ڪيو ته هاڻ عورتن جي الڳ بس نه هجي رات جو پهر آهي، حالتون به صحيح نه آهن، اُن ڪري هاڻ عورتن جي بس ۾ ڪجهه ڀائرن جو هجڻ ضروري آهي، فهميده خورشيد عباسي، فوزيه ميمڻ، شاهده گهانگهرو، نسيم ۽ انيس حيدري مونکي ۽ ٻين ڪجهه ڀينرن کي لاهي ٻي بس ۾ ويهاريو ويو ۽ اسان جي جاءِ وڃي ڪن ڀائرن ورتي. هاڻ اسان ان بس ۾ هئاسين، جنهن ۾ سڀ خاص مهمان هئا. رات جو وقت هو چئني طرف خاموشي ڦهليل هئي. بسون پنهنجي سفر تي روانه هيون. مان ۽ فهميده ڪچهري ڪرڻ ۾ مشغول هئاسين، اهو سڄو ڏينهن مان ۽ فهميده گڏ ويٺا هئاسين. سفر جي دوران اسان ٻنهي ڏاڍي سٺي ڪچهري ڪئي.اندر جا حال اورياسين پنهنجون ڳالهيون ٻچڙن جو ڳالهيون، بس اسان پنهنجو اندر ڪڍي هڪ ٻئي جي سامهون رکيو هو. زندگيءَ جي انيڪ خوبصورتين، بدصورتين ڏکن سکن جو ڳالهيون اسان پاڻ ۾ ويهي ڪيون. هونئن به فهميده مان پاڻ ۾ گهڻا ٺهندا آهيون. اڪثر جڏهن فون تي ڳالهائيندا آهيون ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڇٽو. اڄ به اسان کي موقعو مليو هو حال اورڻ جو. انيڪ ڳالهيون ڪندي ڄڻ ته هانو ئي هلڪو ٿي پيو هو. ڪن ڳالهين ڪندي اسان جا ٽهڪ پئي نڪتا ته ڪي ڳالهيون ڪندي اسان جا پبڻ پئي ڀڳا، وقت ۽ حالتون انسان کي ڪيترن ئي موڙن تي وٺي ٿيون وڃن. ڪيتريون ڳالهيون نه ڪرڻ جهڙيون نه سلهڻ جهڙيون، پر جي ملي وڃي ڪو پنهنجو ته پوءِ دفتر کليو وڃن. سچ پچ لکندڙ سان هڪ وڏي ويڌن اها به آهي ته هو دنيا جا سور سنڀالي يا پنهنجا، لکندڙ به ته هن معاشري ۾ رهندڙ هڪ فرد آهي، هڪ حساس ۽ ڏات رکندڙ فرد جي حوالي سان هو ٻٽيون ڀوڳنائون ٿو ڀوڳي، پاڻ تي ٿيندڙ ڀوڳنائون هو هڪ ته لکي نه ٿو سگهي. اگر لکي به ٿو ته حوالا ٻين جا ٿو ڏئي ۽ ڪردارن جا نالا ٿو مٽائي ايترو ڪجهه ڪرڻ جي باوجود به اگر ڪير ان لکت کي سمجهي وڃي ته هي ڪنهنجي لاءِ لکي ويئي آهي ته پوءِ سائين بس مصيبت، لکندڙ جو بُج بُج پٽيو ٿو وڃي. اهو ڪيڏو نه ظلم آهي ته دنيا جون ڳالهيون لکو، پرايا سور پٽيو پر پنهنجي ڳالهه نه ڪيو پنهنجا سور نه سليو، پنهنجو هانءُ کولي ڪنهن کي نه ڏيکاريو.
ڀريا ڏانهن ويندي واٽ تي قافلي وارن کي هڪ وڏو ايڪسيڊنٽ نظر آيو. ڪجهه پوليس وارا ۽ ڳوٺاڻا اُتي بيٺا هئا. اسان مان هر ڪنهن جي دل ۾ اهو هٽڪو هو ته الائي ڪير هئا؟ الائجي ڪهڙي حالت ۾ هوندا؟ اسان مان ڪيترن بس جي درين مان جهاتي پاتي ٻاهر ڏٺو ٻاهر انڌوڪار لڳي پئي هئي، حادثو ٿيل گاڏي بيٺي هئي ۽ اسان جو قافلو پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿيو هو. دنيا جي هن وهندڙ وهڪري ۾ جيڪو بيهي ويو بس اُهو بيٺو ئي رهيو. وقت جا قافلا پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان هوندا آهن. ڪير به ڪنهن جو انتظار نٿو ڪري. قافلي وارن کي سڄي ڏينهن جو ٿڪ، ننڊ جوغلبو، سڀڪو ماٺ ڪيو پنهنجي سيٽن تي ويٺو هو، آخر ڀريا روڊ به اچي ويو. وسيع ڪشادي بنگلي جي چوڌيوار اسان جون بسون اندر هليون آيون. پري کان ئي شاميانه نظر آيا. ويجهو اچڻ تي ڏٺو سي ته چئني طرف صاف سٿرا کٽن تي هنڌ وڇايا پيا هئا. بنگلي جي اندر عورتن جي لاءِ انتظام هو. ڀريا ۾ قافلي جو ميزبان مراد علي شاهه هو. رات جو وقت، ٿڌ جو زور، ٿڪ ۽ ننڊ، رات جا ٻارنهن ٿي چڪا هئا. دل پئي چاهيو سوڙن ۾ گهڙي خاموشيءَ سان سمهي پئجي. ان ويل حڪم ٿيو ماني تيار آهي، اها اچي کائو هاڻ ڀلا ڇا ڪجي؟ پيٽ ۾ ته گنجائش ئي ڪانه هئي، پر اخلاقن ساٿ ڏيڻو هو. ٻاهر هڪ وڏي شامياني ۾ مانيءَ جو انتظام هو. مان السر جي مريض هلڪي کاڌي کائڻ واري. ڏسندي ويس کاڌي کي ته من منهنجي کائڻ جي ڪا شيءِ هجي. کاڌي ۾ طعامن جو تعداد ايترو ته گهڻو هو، جو سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ڇا کائجي. اهو ڪهڙو طعام هو جيڪو موجود نه هو. مان به ڪڪڙ جو اڇو ٻوڙ ۽ ٿورا چانور کڻي وڃي ڪنڊ ورتي. ڏٺم هر ڪنهن پئي چيو بک ڪانهي پر کائڻ ۾ سڀ پورا هئا. ماني به ڏاڍي لذيذ هئي. سفر ۾ هونئن به هروڀرو کائڻ لاءِ دل چوندي آهي ۽ جت هجن اهڙا طعام ۽ بندوبست ته پوءِ ڪير ٿو چپ ڪري ويهي. ات ڪن ڀائرن ائين چيو ته اسان جي کائڻ جي رفتار اها رهي ته پوءِ اسان جي هاضمن جو ڇا حال ٿيندو؟ڪن ائين به پئي چيو هاڻ ته کائي وٺون پوءِ جي ڳالهه پوءِ ڏٺي ويندي. وينا شرنگي ۽ سندس ڀيڻ ته رڳو ڀاڄيون پئي کاڌيون. ماني کائي اسان اندر وڏي هال ۾ ڪرسين ۽ صوفن تي اچي ويٺاسين، اسان ته هئاسين حڪم جا بندا ۽ اسان تي حڪم هلائڻ وارا هئا مظهرميمڻ ۽ سليم ميمڻ. سڀ کان پهريون مهمانن لاءِ بندو بست ڪيو ويو. وينا شرنگي ۽ سندس ڀيڻ کي ڪمرو ڏنو ويو. هو پنهنجا ٽپڙ کڻي ڪمري ڏانهن روانيون ٿيون. اسان به پنهنجي واري جو انتظار پئي ڪيو، جهٽ کان پوءِ سليم ميمڻ مونکي سڏ ڪيو ۽ چيائين ويناشرنگيءَ واري ڪمري ۾ توهان وڃو. اندر ڪمري ۾ ٽي پلنگ هئا مان به وڃي خالي پلنگ تي قبضو ڪيو. سامان هٿيڪو هڪ جاءِ تي رکي ٽوال کڻي مان باٿ روم ۾ منهن ڌوئڻ ويس، منهن ڌوئي جڏهن ٻاهر نڪتس ته ڏٺم خورشيد عباسي پنهنجي ڀاڻيجي عرفان سان گڏ منهنجي پلنگ تي قبضو ڄمائي ويٺي آهي، توهان هتي ڪئين؟ خورشيد چيو مونکي به هيڏانهن موڪليو ويو آهي. مان خورشيد کي چيو مهرباني ڪري مونتي ظلم نه ڪر، هي ته منهنجو پلنگ آهي. ائين چئي مان تڪڙي ٽپ ڏئي پلنگ تي چڙهي، سوڙ متان ويجهي سمهي پيس. هاڻ خورشيد ويچاري ڇا ڪري. مان به سوڙ مان ليئو پائي سڀ لڪاءُ پئي ڏٺو. ان وقت نسيم حيدري، شاهده گهانگرو ۽ انهن سان گڏ ٻيون به ڄڻيون آيون ات وڇايل قالين تي هنڌ وڇائڻ شروع ڪيا. خورشيد وينا شرنگي جي ڀيڻ کي چيو ته مان توهان سان گڏ سمهان ڇو ته اهو پلنگ ڪافي موڪرو هو. هن خوشيءَ سان هائوڪار ڪئي. خورشيد منهنجي پلنگ ڏي آئي ۽ منهنجي منهن تان سوڙ لاهيندي چيائين. ادي سلطانه مونکي خبر آهي توهان جاڳو پيا. عرفان کي توهان پاڻ سان گڏ سمهاريو ائين کڻي سمجهو ته توهان جو پٽ امر توهان سان گڏ ستو پيو آهي. عرفان اچي منهنجي پاسي ۾ ستو ۽ منهنجو ذهن وڃي ڪراچي پڳو. مان پهريون دفعو پنهنجن ٻارن کان جدا ٿي هئس. منهنجو پٽ امر ته مون کان سواءِ سمهندو ئي نه آهي. ان کي ننڊ ئي نه ايندي آهي. جيستائين مان ان جي ڀر ۾ نه وڃي سمهان. منهنجي ڌيءُ روماسه به مون کي ياد اچڻ لڳي. اهي سڀ ڳالهيون سوچيندي سوچيندي مونکي ننڊ کڻي ويئي. جڏهن منهنجي اک کلي ۽ ٽائيم ڏٺم ساڍا ڇهه ٿيا هئا. ڪمري ۾ سڀ ستا پيا هئا، صرف خورشيد ڪانه هئي. سمجهيم ته باٿ روم هوندي. گهڙيءَ کان پوءِ خورشيد باٿ روم مان بلڪل تيار ٿي نڪتي. مونکي جاڳيل ڏسي چيائين توهان به اٿي جلدي تيار ٿي وڃو پوءِ وارو نه ملندو ڇو ته باٿ روم گهٽ آهن. مان به تيار ٿيڻ لڳيس تيار ٿي ڪمري مان نڪري وڏي هال ڏي آيس ته فهميده تيار ٿيو، هڪ تول وهاڻي کي ٽيڪ ڏيو اکيون بند ڪيون ويٺي آهي. مان سمجهيو ته ويٺي ويٺي ننڊ کڄي وئي اٿس. اتي ئي فهميده ڇڪون ڏيڻ شروع ڪيون. ڏٺم ته فهميده جي هٿ ۾ ڪافي ٽشو پيپر هئا، مان فهميده کان پوڇيو هي ڇا؟ فهميده ٻڌايو ته کيس سائنس آهي. خاص ڪري صبح جي وقت ذري گهٽ پنجاه سٺ ڇڪون ڏيندي آهي. روزانو هڪ دٻو ٽشو پيپرن جو خراب ڪندي آهي. مان وڃي فهميده جي ڀر ۾ ويٺس. آهستي آهستي سڀڪو اٿڻ لڳو پوءِ سائين قطارون لڳي ويون. هر ڪو پيو چاهي ته هو باٿ روم وڃي ۽ تيار ٿيئي ۽ باٿ روم ۾ اندر ويندڙ وري ٻاهر اچڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي. ان ويل مان شڪر ڪيو ته اسان ته تيار ٿي وياسين. چانهه ٺهي آئي. فهميده چانهه سان گڏ دوائون پئي کاڌيون. ان کان پوءِ فهميده جيجي زرينه ۽ ٻيون ڪجهه ڀينرون ٻاهر نڪري ويون هاڻ مان فون جي پڇا ڪئي. خبر پئي ته هٿ ڊائريڪٽ ڊائل فون آهي. جيڪو قافلي جي ميزبان پنهنجي خرچ تي لڳرايو آهي. مان بنگلي جي مينيجر کي چيو ته مونکي ڪراچي ڳالهائڻو آهي. ان ويچاري چيو حاضر امان توهان آفيس ۾ هلي فون تي ڳالهائيندا يا مان هت فون کڻي اچان. مان چيو مانس ٿوري دير ترسو مان سوچيو اڃان سويل آهي. ڀل ٻار ننڊ مان اٿن ته پوءِ فون ڪندس. وڏي ڳالهه ته فهميده به پئي اچي ڇو ته ان کي به پنهنجن ٻارن سان ڳالهائڻو هو. خاص طرح سان سندس ڌيءَ ارونا سان ڳالهائڻو هو، جنهن جي ان ڏينهن سالگرهه هئي. فهميده مونکي ٻڌائي چڪي هئي ته ارونا ڏاڍي اداس هئي، ڇو ته فهميده جو گهر وارو به ملڪ کان ٻاهر ويل هو ۽ هوءَ پاڻ قافلي سان گڏ هلي آئي هئي. ان ارونا سان واعدو ڪيو هو ته مان تنهنجي لاءِ تحفو وٺي ايندس ۽ جت به هوندس فون ڪري توکي سالگرهه جي مبارڪ ضرور ڏيندس. فهميده جڏهن گهمي فري واپس آئي ته سندس هٿ ۾ ڪڻڪ جي سنگ ۽ ڪپهه جا ٻوٽا هئا. ان ٻڌايو ته هي شيون اسانجا ٻار شهرن ۾ ڏسن ئي ڪونه. انهن کي ڏيکارڻ لاءِ مان کڻي آئي آهيان. مان کيس چيو هت فون جو انتظام آهي. هل ته هلي فون تي ڳالهايون.

4

پهريون مان فون ته ڳالهايو. ڀاڀي شاهده مونکي ٻڌايو ته ٻار بلڪل خوش آهن. اُٿي تيار ٿي حلوو پوري وٺڻ ويا آهن. مان ڀاڀي کان پڇيو مونکي ياد ڪن ٿا؟ ڀاڀي ٻڌايو بلڪل ياد ڪونه ٿا ڪن. مس مس ته ويچارن جي توهان مان جان ڇٽي آهي. هو آزاد ٿيا آهن. ڏاڍا خوش آهن. تون ڀلي اٺ ڏينهن نه اچ اسان کي تنهنجي ضرورت ئي ناهي. ڀاڀيءَ سان فون تي ڳالهائي دل کي سڪون ملي ويو. اندر ۾ جيڪا بيچيني هئي سا ختم ٿي ويئي. هاڻ فهميده پنهنجي ڌيءَ ارونا سان فون تي ڳالهايو. کيس ساگرهه جي مبارڪ ڏني، ٻين ٻارن جي خيريت معلوم ڪئي. فون تي ڳالهائي ٻاهر نڪتاسين ته خبر پئي ته ناشتو تيار آهي. ناشتي جو وڏو اهتمام هو، ڇا ڳالهه ڪجي. ناشتو ڪري مان ٻاهر بنگلو گهمڻ نڪتس. چئني طرف وڻ ۽ ساوڪ هئي. خوبصورت رنگن جا گلاب جا ٻوٽا به پوکيل هئا. جن ۾ گلاب ٽڙيا پيا هئا. ادا نثار حافظ ات ٻڌايو ته، هتان روزانه گلاب جا تازا گل صبح جو سوير پٽي هڪ ماڻهو ڀٽ شاهه تي لطيف سائين جي مزار تي کڻي ويندو آهي. اهو سلسلو مراد علي شاهه صاحب جي ابن ڏاڏن کان وٺي جاري آهي. هڪ دفعي ڇا ٿيو جو برسات پئجي ويئي ۽ موسم به ڪجهه اهڙو هو جو گلاب جا گل هئا ڪونه. صرف هڪ ٻه گلاب جا گل مليا، گلاب چونڊڻ واري مراد علي شاهه جي والد (جيڪو ان وقت حيات هو) ان وٽ آيو ۽ چيائين سائين اڄ ته گلاب جا گُل آهن ئي ڪو نه صرف هڪ ٻه مليا آهن. ان صاحب حڪم ڪيو ته جيترا به گل هجن کڻي وڃو پر ڀٽ ڌڻيءَ تي ناغو نه پوڻ گهرجي.
”جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پرينءَ جي“

ناشتو ڪري سڀ واندا ٿيا. مان سمجهيو ته بس هاڻي روانه ٿينداسين، اڃا تائين اسان کي ڪوبه حڪم نه مليو هو. پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته قيمت راءِ سنگهاڻي صاحب جو ڳوٺ ڀريا جي ڀرسان آهي. سو هو پنهنجو اباڻو گهر ڏسڻ ويو آهي. هو صبح جو سوير نڪري ويو آهي. ڄاڻ ڪي آيو. جڏهن قيمت صاحب موٽي آيو ته ٻڌايائين ته سندس اباڻي گهر ۾ ڪي هندو رهن ٿا. اُنهن جو هن صاحب کي ڏٺو ته سمجهائون متان هي واپس آيو آهي. يا گهر تي قبضو ڪرڻ آيو آهي. سو اُهي ويچارا پريشان ٿي ويا. جڏهن قيمت صاحب کين ٻڌايو ته مان صرف پنهنجا اباڻا ڪک ڏسڻ آيو آهيان مون کان ڊڄو نه. قيمت صاحب جي اُن ويل ڏُک ۽ خوشيءَ واري عجيب ڪيفيت هئي، جيڪا بيان نه ٿي ڪري سگهجي. قافلي وارا سامان کڻي بسن ۾ چڙهڻ لڳا ۽ هي قافلو هاڻ پنهنجي نئين منزل ڏانهن روانو ٿي ويو.
قافلو هاڻ ڪوٽڙي ڪبير روانو ٿيو. اتي قافلي جي آڌر ڀاءُ ميان غوث محمد پيرزادي ڪيو، ميان صاحب جن زميندار آهن، پر کين علم ادب سان چاهه گهڻو آهي، ڪوٽڙي ڪبير ۾ سوين ايڪڙ زمين انهي اسڪول ۽ ڪاليج ٺاهڻ لاءِ وقف ڪر ڇڏي آهي. هڪ وڏي لائبريري به قائم ڪئي آهي، جتي عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ جا هزارين ڪتاب موجود آهن، ڪيترائي تاريخي ۽ قيمتي ڪتاب اُتي موجود آهن. لائبريري سان گڏ هڪ ننڍو ميوزم به آهي، اُن ميوزم ۾ سوين سال پراڻا نوادرات موجود آهن، قبل مسيح جا قديم خط، کلن تي لکيل خط، قديم ۽ تاريخي ڪتاب جا نسخا، پراڻا سڪا، ٿانو زيور، سنڌي ۽ فارسي جي قديم رسم الخط جا نمونا ڪجهه اهڙيون شيون به هيون جيڪي وقت پوڻ سان پٿر ٿي ويون آهن. اهڙي قسم جو شيون اُتي موجود هيون. خاص ڪري وڻ جا ٿڙ جيڪي پٿر ٿي چڪا هئا، انهن کي ڏسي ڏاڍي حيرت ٿي، هن ميوزم ۾ شاهه لطيف جي ذاتي استعمال جا ٿانو به رکيل آهن، اِهو سڀ ڪجهه ڏسي محترم غوث بخش پيرزادي کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي، هڪ ڪمي جيڪا مون محسوس ڪئي انجو پورائو ضرور ٿيڻ گهرجي لائبريري تي ريسرچ ورڪ ٿيڻ گهرجي. دورن جي حساب سان هتان جي ڪتابن ۽ مختلف خطن کي ورهائجي.
ڪتابن ۽ پراڻن قيمتي نسخن جي باري ۾ اهاڄاڻ ضروري آهي ته اهي ڪهڙي دور ۾ ڪهڙين حالتن ۾ ۽ ڪنهن لکيا، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اها لائبريري انهن ماڻهن جي اُڃ وسائي سگهي ٿي جيڪي علم ادب جا اُڃايل آهن.
سڀ ڪجهه ڏسي گهمي ڦري، چانهه پاڻي پي هاڻ سڀ ڪو اچي شاميانن ۾ ڪُرسين تي ويٺو، اُن وقت ڊاڪٽر سليمان شيخ اخبار پڙهي اداس ٿي ويو. هو پاڻ اُٿي مائيڪ ٿي آيو ۽ چيائين ته رات اسان جي قافلي کي رستي ۾ جيڪو ايڪسيڊنٽ نظر آيو اُن ايڪسيڊنٽ ۾ اسان جو پيارو ساٿي ڊاڪٽر رسول بخش ميمڻ صاحب انتقال ڪري ويو آهي. اڃان ٽيون ڏينهن هو اسان جي پرل ڪانٽينٽل هوٽل ۾ سيمينار ۾ آيو هو، اسان سڀني سان مليو هو ۽ ڪچهري ڪئي هئائين، ڪالهه رات اتان لنگهڻ وقت اسان کي ڪهڙي خبر ته هي حادثو اسانجي پياري ساٿيءَ سان ٿيو آهي ۽ هو اسان کي وڇوڙو ڏئي ويو آهي، ڊاڪٽر صاحب سان گڏ سڄي قافلي وارن مرحوم ڊاڪٽر رسول بخش ميمڻ جي لاءِ دعا گهري.
ڪوٽڙي ڪبير ۾ بلوچستان پنجاب، سرحد ۽ هندستان مان آيل مهمانن پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. انهن سڀني جي اها راءِ هئي ته اهڙا قافلا جن ۾ پڙهيل لکيل ۽ سمجهو ماڻهو آهن هرسال گڏ ٿيڻ کپن ڇو ته ٽٽل دلين کي جوڙڻ جو تعلق صرف ۽ صرف خلوص ۽ محبت آهي. اسان کي غفلت جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي. جڏهن انسان محبت جا رشتا وساري ٿو ڇڏي ته پوءِ هو خود غرضيءَ جي ضد ۾ اچي نفرتن جي بار هيٺيان دٻجي ٿو وڃي. اڄ اَسان هڪ ٻئي جي ڪنڌ ۾ هٿ ويجهو ويٺا آهيون، اُهي سڀ نفرتون اسان وٽ الائجي ڪٿان آيون آهن، اُنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ علم سان دوستي، علم سان با خبر هجڻ ضروري آهي. انهن سڀني ڳالهين جو ذميوار اَسانجو سماج آهي. اگر سگا جهڙا ادارا اڳتي وڌي ههڙا محبتن جا قافلا ترتيب ڏين ٿا ته اسان کي به گهرجي ته اسان پنهنجي ليکي انفرادي ڪوششون ڪيون. انهن اِهو به چيو ته علم ادب ۾ سنڌ جو مان مٿانهون آهي. ماڻهن ۾ سمجهه ۽ عقل آهي تڏهن ته هيڏو پري اسان کي ڪوٽڙي ڪبير جهڙيون لائبريون نظر اچن ٿيون. اسان کي تاريخ کي محض لائبريري ۽ آثار قديم تائين محدود نه ڪرڻ گهرجي. بلڪ تاريخ کي پنهنجي خون ۾ شامل ڪري اڳتي وڌڻ گهرجي. هي سڀ تقريرون ٻڌي قافلو سچل جي نگري ڏانهن روانو ٿيو.
سچل جي نگري قافلي جي اهم منزل هئي. سگا وارن سال 1989ع کي سچل جو سال قرار ڏنو. هن محبت ۽ امن جي قافلي جو نالو به سچل قافلو هو. سچل سائين 1739ع ۾ پيدا ٿيو، سندن اصل نالو عبدالوهاب هو. سچل ۽ سچوءَ جي نالي سان شاعري ڪئي اٿائين. هن شاعري جي سڀ کان وڏي خوبي سچ جي صدا ۽ ڪوڙ کان بغاوت جو نالو آهي، هي اهو شاعر آهي جنهن جي لاءِ شاهه لطيف چيو هو ته مون جيڪو ڪُنو چاڙهيو آهي، اُنجو ڍڪڻ هي ٻار لاهيندو. سچل سائين ڪيترين ئي ٻولين ۾ شاعري ڪئي، سندس شاعري سماج جي ٺاهيل هٿ ٺوڪيل روايتن ۽ مذهب جي نالي تي ماڻهن کي ڦريندڙن لاءِ هڪ جنگ آهي.
سچل سرمست جي مزار تي قافلي جو جهڙي طرح پُرجوش نموني سان آڌرڀاءُ ڪيو ويو سو لکڻ کان مٿي آهي.... زرينه بلوچ سان گڏ سڀ سرتيون بسن مان ڳائينديون لٿيون:
”ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي آءٌ جو ئي آهيان سو ئي آهيان“
سگا جي گمبٽ شاخ طرفان نهايت ئي خوبصورت انتظام ٿيل هو. رستي کي ٻنهي پاسن کان خوبصورت جهنڊين سان سينگاريو ويو هو. قافلي وارا لهندا ويا ۽ انهن مٿان گلن جي ورکا ٿيندي وئي. اُت گيڙوءَ رتي لباس ۾ سچل جا فقير موتين جون مالاهون پايو، تنبورا ۽ دهل وڃائيندا، ڳائيندا نچندا قافلي وارن کي سچل سائين جي مزار ڏانهن وٺي وڃڻ لڳا. اتي مان سائين تنوير عباسي ۽ مصطفيٰ قريشي کي به ڏٺو. سڄي رستي تي ڳاڙها غلم وڇايا پيا هئا. مان لکي نٿي سگهان ۽ پڙهندڙ به تصور نٿا ڪري سگهن ته اُت ڪيڏو مزو هو. دلين جو ڇا حال هو، جذبن جو سمنڊ هو. اسان سڀ قدم سان قدم ملائي اڳتي وڌندا پيا وياسين. سچل سائين جي مقبري ۾ اندر ٻيون به ڪافي مزارون آهن جيڪي سندن جانشينن جون آهن. ماڻهن جا انبوه جاءِ ٿوري. سڀ آهستي آهستي اندر حاضري ڏيڻ لڳا. حاضري کانپوءِ مزار سان گڏ هڪ کليل ميدان ۾ مهمانن جي ويهارڻ جو بندوبست ٿيل هو.
گمبٽ شاخ وارن اتي قافلي وارن لاءِ آڌر ڀائي تقريرون ڪيون. ان کانپوءِ فقيرن جو ڳائڻ شروع ٿيو. فقيرن جي ڳائڻ سان ايڏو ته وجدتاري ٿي ويو جو پنڊال مان ڪيترن بي اختيار ٿي ڌمال هنئي. ڌمال هڻدڙن ۾ ڊاڪٽر سليمان، ناصر مورائي، ننڍڙو ڊاڪٽر اعظم ٻگهيو، (ڊاڪٽر اعظم ٻگهيو ڊاڪٽر الله رکئي ٻگهئي جو ڀاءُ هو. ڏاڍو ايڪٽو ميمبر هو سگا جو، نوجوانيءَ ۾ ئي وفات ڪري ويو.) ماستر غلام حيدر کان علاوه ٻيا مقامي ماڻهو به هئا. ماستر غلام حيدر ته صفا مدهوش ٿي ويو. جلد ئي ڳائڻ وڄائڻ جو پروگرام ختم ڪيو ويو ڇو ته منجهند جي نماز جو ٽائيم هو نماز کانپوءِ سگا شاخ طرفان کاڌي پيتي جو انتظام هو. کاڌي ۾ بادام، پستا، اخروٽ نيزا، اوٻاريل بيدا، روسٽ، ڪڪڙيون، ڪيڪ، چانهه، ڪافي ۽ ڪوڪو ڪولا شامل هئي، هن عجيب ۽ منفرد کاڌي، سڀني کي ڏاڍو مزو ڏنو. قافلي وارن ته ٻوڙ پلاءُ ته ڪالهه کان وٺي پئي کاڌا، هنن شين کي کائڻ ۾ سڀني کي ڏاڍو مزو آيو. ميزبانن جي ميزباني جو ته هي حال هو جوڪن جي هٿن ۾ ڪوڪ جو ڪريٽون هيون ته ڪن جي هٿن ۾ ڪافي ۽ چانهه جا ٿرماس هئا. جيڪا شئي جنهن گهر پئي ڪئي ان لاءِ حاضر هئي... مان ۽ فهميده پاڻي ڳولهيندا ٿورو اڳتي وياسين ته ڪي ماڻهو ديڳيون چاڙهيون ويٺا هئا. معلوم پوڻ تي خبر ته هڪ ديڳ ۾ چانهه آهي ته ٻئي ديڳ ۾ ڪافي... مان ۽ فهميده اُتي بيٺاسين ته سليم ميمڻ، هدايت بلوچ به اچي اُتي نڪتا، اسان چئني ڄڻن اُتي زمين تي ويهي، ديڳ مان ڪافي ڪوپن ۾ وجهرائي پيتي. ڇا ته مزو هو اُن ڪافي ۾، حيران ته ان ۾ هئاسين ته ڪاڏي ديڳ ڪاڏي ڪافي....
ڪافي پيئندي هڪ ڀيڻ اچي مونکي چيو ته سرتين مان هڪ سرتي نظر نه ٿي اچي خبر نه آهي هوءَ ڪٿي آهي. مون کانئس نالو پڇيو پر کيس ياد نه پيو اچي. پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته نرگس لطيف ڪافي دير کان نظر نه پئي اچي. ڪن ڀينرن ته اهو وهم دل ۾ ويهاريو ته شايد هوءَ ڪوٽڙي ڪبير ۾ رهجي وئي. ان پريشاني ۾ ڊاڪٽر صاحب ۽ مظهر ميمڻ ڏي ويس کين ٻڌايو ته نرگس لطيف نظر نه ٿي اچي. هو ويچارا به پريشان ٿي ويا. اسان هڪ هڪ ڀيڻ کان پڇا ڪئي. ڪير چوي پيو ته بس مان لهڻ وقت موجود هئي. ڪير چوي پيو ته ماڳين بس ۾ ئي ڪانه هئي. هاڻ ته ويل ٿي ويو ڇا ڪجي. ڳولها ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته نرگس لطيف سچل سائين جي مزار جي اندر ويٺي دعائن گهرڻ ۾ مشغول آهي. پنهنجي وجود ۾ گم لڳي ويٺي آهي. عجيب قسم جي ڪيفيت هئس، لڳي پيو ته هن دنيا ۾ ئي ڪانهي. مان کيس چيو ته نرگس تو ته اسان کي پريشان ڪري ڇڏيو. قافلي جي عورتن سان گڏ رهندي ڪر گهٽ ۾ گهٽ مونکي ٻڌائي ڇڏيندي ڪر ته تون ڪٿي ويٺل آهين. ائين نه ٿئي جو قافلو روانو ٿي وڃي ۽ تون رهجي وڃين. هاڻ جيستائين قافلو درازن مان روانو ٿيو، تيسائين منهنجون اکيون نرگس تي پهرو ڏينديون رهيون. هاڻ خيريت عافيت سان هي قافلو سچل جي نگريءَ مان نڪري نئين منزل ڏانهن روانو ٿيو.
سکر پهچندي قافلي کي شام جا ڇهه ٿي ويا، سکر جي پُل ڪراس ڪري اَسان جون بسون سکر شهر ۾ پُڳيون. سکر بيراج جي ڀرسان سکر ۽ روهڙي کي ملائڻ واري ايوبيه پل هئي. ان کي ڏسي محسوس پئي ٿيو ته سنڌوءَ تي ڪنهن وڏي ڪمان رکي ڇڏي آهي. هاڻ قافلي کي ساڌ ٻيلي ڏانهن وڃڻو هو. ساڌ ٻيلي ڏانهن اسان ٻيڙين ۾ چڙهي وياسين. ٻيڙيون پراڻي طرز جون مگر مضبوط ٺهيل هيون. قافلي ۾ شامل ماڻهن جو تعداد گهڻو هو ۽ ٻيڙيون رڳو ٻه هيون ان ڪري ٻيڙين کي ڪافي چڪر ڪاٽڻا پيا. ڇو ته اڄ ڪلهه ساڌ ٻيلو عام ماڻهن لاءِ بند آهي. ڀارت ۾ بابري مسجد جي مسئلي کانپوءِ سنڌ جي هندن جي مندرن ۽ ٺڪاڻن تي به حملا ٿيا هئا. ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ انتها پسند مذهبي پارٽي جي مولوين اعلان ڪيو هو ته اگر ڀارت ۾ بابري مسجد جي جاءِ تي مندر ٺاهيو ويو ته هو ساڌ ٻيلي جو مندر ڊاهي ۽ اُت مسجد ٺاهي ڇڏيندا. ان ڪري ساڌ ٻيلو پوليس جي پهري ۾ هو. انتظاميه جي خاص اجازت سان قافلي وارا ساڌ ٻيلو گهمڻ ويا. ساڌ ٻيلي مندر جو بنياد 1863ع ۾ پانڊي پوراج رکيو. ان صاحب ديوتائن کان ڪا من جي مراد گهري هئي جيڪا پوري ٿي هئي، ان ڪري ان صاحب هي مندر ٺهرايو. مندر جي تعمير وقت هت دريا وچ ۾ ننڍيون ننڍيون ٽڪريون هيون، جن کي سنڌو ڪري محنت ۽ جاکوڙ سان هن مندر ٺاهيو. مندر کي وڌيڪ وسيع ۽ هاڻ ڪشادو ڪري ٺهرايو ويو آهي. هن وقت تائين هت اٺ پروهت گذري چڪا آهن. مندر ۾ مختلف قسم جو مورتيون رکيل آهن. مندر جي هڪ پاسي لائبريري به آهي جنهن جو انچارج باب هنومان يشو آهي. ان لائبريري جو نالو شري ساڌ ٻيلو تيرٿ مک لائبريري آهي، اتي سنڌي، فارسي ۽ اردو جا تقريبن پنج هزار ڪتاب موجود آهن. مندر جي وچ ۾ هڪ وڏي وڻ هيٺان باهه پئي ٻري. هن باهه کي مقدس باهه ڪري ليکيو ويندو آهي، ان باهه کي وسائبو نه آهي مندر جي پنڊت ٻڌايو ته ڪيترن ڏينهن کانپوءِ اڄ وري هن باهه کي ٻاريو ويو آهي. فوج ۽ پوليس هت ڪنهن کي به اچڻ نٿي ڏي. مندر جي کليل ميدان ۾ قافلي وارن لاءِ چانهه پاڻي جو انتظام هو. اسان چانهه پيئندي سنڌوءَ جو نظارو پسڻ لڳاسين. ڏاڍا خوبصورت منظر هئا. اکين کي ۽ روح کي راحت پئي آئي. ان ويل مونکي شيخ اياز جو هي شعر ياد آيو:
گهاٽ گهاٽ ٿو توکي ساري، سکر نه ايندين يار،
ڪڏهن پتڻ تي پريت ڪنداسين، ڪڏهن دريا جي پار.

مندر جي ايوان ۾ غلم ۽ غاليچن کي وڇائي ويهڻ جو انتظام ڪيو ويو هو. مندر وارن قافلي وارن لاءِ آڌرڀائي جملا چيا. اهو به چيائون ته هنن قافلي وارن جو صحيح طريقي سان تواضع نه ڪري سگهيا آهن. جيجي زرينه بلوچ ”ٻيڙيءَ وارا ٻيڙي هلاءِ لال تي ٿي وڃان“ ٻڌائي سڀني جو دليون موهي ورتيو. زرينه بلوچ جو مڌر آلاپ مندر جي گهنڊڻن جو آواز، سنڌو جي لهرن جو شور، عجيب قسم جو پراسرار ماحول ٺهي ويو. اُت قافلي وارن کي سج لهي ويو. اڃان اسان منجهند جي ماني نه کاڌي هئي، منجهند جي مانيءَ جو انتظام سکر جي اي. ڊي. ايم غلام رسول ڪلهوڙي جي طرفان هو.
قافلو جڏهن ساڌ ٻيلي مان روانو ٿيو ته سڀني کي کارڪن جون ٿيلهيون به پيش ڪيون ويون. قافلو ساڌ ٻيلي کان سڌو تاج ريسٽورينٽ پڳو. اُت دهلن شرنائن سان گڏ قافلي جو آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. ان هوٽل ۾ قافلي وارن منجهند جي ماني رات جو ساڍي ستين وڳي کاڌي. جهٽ نه گذري ته قافلي وارا هٿ منهن ڌوئي خيرپور روانا ٿيا. خيرپور يونيورسٽي ۾ رات جي ماني ۽ راڳ رهاڻ جو بندوبست ٿيل هو. مانيءَ جو بندوبست خيرپور يونيورسٽي ۾ ٿيل هو. راڳ رهاڻ جو بندو بست سچل چيئرجي آڊيٽوريم ۾ هو، جت قافلي جو ميزبان ڊاڪٽر تنوير عباسي هو، سکر مان ماني کائي قافلو جڏهن خيرپور پهتو ته رات جا نوَ ٿي چڪا هئا، خيرپور يونيورسٽي جي عمارت ڏاڍي شاندار پئي لڳي. صاف سٿرا ويڪرا رستا، چئني طرف باغ باغيچا، ڏينهن جو وقت هجي ها ته يونيورسٽي کي چڱي طرح گهمي ڏسجي ها. لان ۾ شاميانا لڳائي انتظام ڪيل هو. ٿوري دير ملڻ ملائڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ گّذري ته خبر پئي ته هاڻ اٿو هلي ماني کائو. هاڻ ته اسان سڀني جو دماغ ئي جواب ڏئي ويو. اڃا هڪ ڪلاڪ کن اڳ سکر ۾ اسان ماني کاڌي هئي. هاڻ ماني ڪير کائيندو؟ سڀ ڪنهن جي چهري تي اهو ئي سوال هو. سگا جي ڪن منتظمين اها صلاح پيش ڪئي ته پهريون هلي سچل چيئر طرفان ملهايل راڳ رنگ جي محفل ٻڌجي پوءِ واپس اچي ماني کائجي. ميزبان ان ڳالهه تي راضي نه ٿيا. انهن جو چوڻ هو ته شام جي پنجين بجي کان هت ننڍا وڏا قافلي وارن جي انتظار ۾ ويٺا آهن. انهن کي بکيو رکڻ چڱي ڳالهه نه آهي. ڊاڪٽر سليمان حيران پريشان ٿي ويو، چوڻ لڳو مان قافلي وارن کي ڪيئن چوان ته هلو هلي ماني کائو !! اُت عادل سخيراڻي چيو. سائين ڏسندا وڃجو سڀني جي پيٽ ۾ جاءِ ڪانهي پر ماني اڳيان ويندا ته ڪجهه نه پڇندو لڳي شرط... ڊاڪٽر سليمان اها ڳالهه ٻُڌي کل ۾ کيرو ٿي ويو چيائين هن قافلي سان گڏ ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون ٻڌڻيون پون ۽ ڪهڙا تجربا ٿا ٿين، سچ ته اُهي ڳالهيون لکڻ جون آهن. مان جو ڊاڪٽر صاحب جي پوئين واري سيٽ تي ويٺي هئس، کيس چيم توهان پرواهه نه ڪيو لکڻ لاءِ مان ويٺي آهيان. ڊاڪٽر صاحب ڪنڌ ورائي چيو متان سلطانه ڪجهه لکيو اٿئي. اصل سڀني کي ناراض ڪندينءَ ڇا؟ چيم ان ۾ ناراض ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي. فطري ڳالهين تي ڪنهن کي به ناراض ٿيڻ نه گهرجي. بهرحال عادل سخيراڻي جي دعويٰ سچ ثابت نه ٿي قافلي وارن ساٿ ته ڏنو پر ٿورو گهڻو فروٽ ۽ مٺو کائي ماٺ ٿي ويا. ميزبانن کي به ناراض نه هو ڪرڻو، انهن ويچارن ته وڏي حب ۽ چاهه مان اهتمام ڪيا هئا. هاڻ قافلو بسن ۾ سوار ٿي سچل چيئر جي آڊريٽوريم ڏانهن روانو ٿيو. آڊيٽوريم ڪشادو ۽ خوبصورت ٺهيل هو. مونکي، فهميده ۽ ٻين ڪجهه ڀينرن کي چيو ويو ته توهان هيٺ هال ۾ ويهو باقي ٻيون سڀ عورتون وڃي مٿي گيلريءَ ۾ ويهن مان فهميده ۽ ويناشرنگي اڳيئن سيٽ تي وڃي ويٺاسين، اُ ت اسان سان گڏ هڪ ڀيڻ به اچي ويٺي. اياز گل ان جو تعارف به ڪرايو پر هن مهل مونکي ان جو نالو ياد نٿو اچي. ان وقت رات جا يارنهن ٿي چڪا هئا. هت آڊيٽوريم ۾ شام جو پنجين بجي کان قافلي وارن جو انتظار هو. ميزبانن جن ۾ خواتين ۽ ٻار به شامل هئا سي هاڻ ٿڪجي پيا هئا. هر ڪنهن چاهيو ته جلد از جلد پرگرام شروع ٿئي ۽ جان ڇُٽي، مائيڪ اياز گل سنڀاليو. ان سگا جو پس منظر ٻڌايو، ڳالهائيندي ان ڊاڪٽر سليمان جو نالو هڪ دفعو به صحيح نه ورتو. پهريائين چيائين ڊاڪٽر سليمان شاهه، پوءِ چيائين شيخ سليمان شاهه، پوءِ چيائين شيخ سليمان وري چيائين سيد سليمان آخر ائين ٿيو جو ان صرف ڊاڪٽر صاحب چوڻ شروع ڪيو. دراصل اياز گل جو ڏوهه به نه هو، هت ذهني توڙي جسماني طور سڀ ٿڪيل هئا. سچل چيئر جو پروگرام هلندي خبر نه آهي ته فهميده کي ڇا ٿي ويو. ٿوري دير لاءِ ته مان به پريشان ٿي ويس. جيڪڏهن جنن ڀوتن تي منهنجو اعتقاد هجي ها ته پڪ سمجهو ته منهنجو پهريون ۽ آخري فيصلو اهو هجي ها ته فهميده تي جن اچي ويو آهي. ياد نه اٿم ٿي ڪهڙي ڳالهه تي اُن کلڻ شروع ڪيو. کلڻ جو شروع ڪيائين هاڻ ڪٿي ٿي ماٺ ڪري. مٿان وري مونکي حڪم ته هيڏانهن نه ڏس، چپ ڪري ويهه، ڳالهاءِ نه..... منهنجي دل ۾ وهم ۽ وس وسا اچڻ لڳا. آخر برداشت جي به ته ڪا حد هوندي آهي. آهستي ڪنڌ ڦيرائي فهميده کي ڏسان ۽ پڇان ته ڇو ٿي کلين ته هوءَ وري ٽهڪن ۾ اونڌي، جيئن ته اسان کي اياز گل پهريون ئي ٻڌائي ويو هو ته توهان ٻنهي کي اسٽيج تي گهرائي ڊاڪٽر ابراهيم بخاري ٻين مهمانن سان گڏ توهان کي به ڪتابن جا تحفا ڏيندو. هاڻ انتظار هو ته ڪڏهن ٿو اسان کي سڏ ٿئي ڇو ته خاص تقريرون ٿي چڪيون هيون ۽ هاڻ مهمانن کي تحفا ملڻ شروع ٿي ويا. ان ويل مان ڏٺو ته ڊائيس اهڙي طريقي سان رکيل هو جو مائيڪ جي تار اُن پاسي کان اُڀي ٿي پئي وئي جنهن پاسي کان مهمان مٿي چڙهيو پيا وڃن. هر مهمان کي تار اورانگهي پوءِ وڃڻو پيو پوي. مونکي اچي پريشاني ٿي سو فهميده کي آهستي چيم توکي ته منهنجي خبر آهي. خيرين سلي سڌن رستن تي به هلندي آءٌ ٿيڙ ٿي کانوان. هرو ڀرون به ٿي ڪريو پوان. اڃان ڪلهه هوٽل پرل ڪانٽينيٽل ۾ ڪري پيس، هاڻ جو مونکي سڏ ٿئي ۽ مان مٿي وڃان ۽ ان تار ۾ وچڙي وڃي هيٺ ڪران ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ فهميده جيڪا اڳ ۾ ئي کلڻ ۾ کيري لڳي پئي هئي. منهنجي ڳالهه ٻڌي ايترو نه گهڻو کلي جو ٻُڏي وئي. مونکي اچي ڊپ لڳو ته وسن جهڙي فهميده هاڻ هٿن مان نه نڪري وڃي، کلندي کلندي دل بيهجي وڃيس ته پوءِ ڇا ڪنداسين. فهميده کي چيم ان ۾ کلڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي هاڻ منهنجو ذهن فهميده جي کلڻ هٿان هٽي اچي هن مسئلي تي اٽڪيو. منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه اٽڪي ويئي ته اگر اها تار اتان ته هٽي ته پوءِ مان ضرور ان تار ۾ وچڙي ڪري پوندس. اسان جي پٺيان واري سيٽ تي ڊاڪٽر تنوير عباسي ويٺو هو. مان کيس چيو ته ادا هو سامهون ڏسو تار ڪيئن پئي آهي، ممڪن آ ڪو مهمان اتان ڪري پوي توهان ان تار کي اتان هٽرائي ڇڏيو ته چڱو. ڊاڪٽر تنوير عباسي غور سان تار کي ڏٺو ۽ چيائين ته تار سهي آهي اهڙو ڪو مسئلو ڪونه ٿيندو.
هاڻ مان ڇا ڪريان؟ منهنجي ذهن تي بار وڌندو ويو، تصور ۾ ڏسان پئي ته مان مٿي چڙهي آهيان ان تار ۾ وچڙي ڌو وڃي پٽ تي ڪري آهيان. سڀني ماڻهن جا ٽهڪ تاڙيون ۽ کلون...... مان انهن سوچن ۾ئي گم هئس ته ڏٺم ته ڊاڪٽر تنوير عباسي مٿي اسٽيج تي چڙهي آيو ۽ ان ڇڪي تار کي ڍرو ڪري قالين جي هيٺان ڏئي واپس آيو ۽ مونکي چيائين. سلطانه هاڻ ته ٺيڪ آهي نه. منهنجي مٿان جيل جيڏو بار لهي پيو. هاڻ فهميده ڏي ڌيان ڪيم جيڪا هاڻ کلي ڪانه پئي چپ ڪيو ويٺي هئي. سندس اکيون ۽ نڪ ڳاڙهو لڳو پيو هو. هاڻ مان به خاموشيءَ سان پروگرام ڏسڻ لڳيس.

5

روبينه قريشي جي ڳائڻ دوران سليم ميمڻ آيو ۽ آهستي فهميده کي ڪجهه چئي ويو. ان وقت رات جو هڪ ٿي چڪو هو. فهميده ٻڌايو ته سليم ميمڻ چئي ويو آهي ته توهان سڀ عورتو هلو ڇو ته دير ٿي وئي آهي. اُتي هلي هوٽل ۾ سڀني کي ڪمرا ڏيڻا آهن. سڀ بندوبست ڪرڻو آهي. مان فهميده کي چيو ته اسان اڳئين سيٽ تي ويٺا آهيون. روبينه هاڻ ڳائڻ آئي آهي سٺو ڪونه ٿو لڳي، فهميده چيو سليم ميمڻ چئي ويو آهي اُن ڪري اُٿ ته هلون. مان ۽ فهميده اُٿي آڊيٽوريم مان ٻاهر نڪري آياسين. ٻاهر اچڻ تي ڪلهوڙي صاحب اسان کان پڇيو ته توهان ٻئي ڇو اٿي آيون آهيو. اسان ٻڌايس ته اسان کي انهن سڀني عورتن سان گڏ وڃڻو آهي. ڪلهوڙي صاحب اُتي چيو توهان ٻنهي جي وڃڻ جي ضروروت نه آهي. دراصل هت ٻن هوٽلن ۾ بندوبست ٿيل آهي. هڪ هوٽل ۾ هي سڀ عورتون وڃي رهنديون ات سڀ ڪمرا پورا ٿي ويا آهن. توهان ٻئي وينا شرنگي ۽ ان جي ڀيڻ ڊاڪٽر صاحب جي فيملي ۽ ڪجهه ٻيون عورتون ٻي هوٽل ڏي وينديون. هاڻ توهان کي وڃڻ جي ضرورت نه آهي. جڏهن اسان سڀ وڃون ته پوءِ اسان سان گڏجي هلجو. مان ۽ فهميده منجهي بيهي رهياسين. اهو خيال به اچي پيو ته سليم ميمڻ آهي ڪاوڙ جو تيز ڪٿ ڪاوڙجي نه پوي، سو اسان ات بيهي رهياسين اندر ڪونه وياسين. سليم ميمڻ جڏهن آيو ۽ فهميده کيس ٻڌايو ته ڪلهوڙو صاحب هيئن ٿو چوي. هن خاموشيءَ سان ڪنڌ لوڏيو ۽ ٻين سرتين کي بس ۾ چاڙهي روانو ٿي ويو. هاڻ مان ۽ فهميده وڃي مٿي گئلري ۾ ويٺاسين. جت ٻيون عورتون ۽ ٻار ويٺا هئا. اسان روبينه جو سڄو پرگرام ٻڌو ننڍ ۾ الوٽ وڃي اسان هوٽل ۾ پهتاسين. ٻين قافلي وارن سان گڏ مون کي فهميده کي هڪ ڪمرو ڏنو ويو ڀر واري ڪمري ۾ وينا شرنگي ۽ سندس ڀيڻ رهيل هئي. رات جا ٻه لڳي چڪا هئا. صاف سٿري ڪمري ۾ صاف هنڌن ۾ اسان آرام سان سمهي پياسين.
صبح جو اک کلي ڏٺم صاف شفاف روشني ڦهليل آهي. فهميده تيار ٿيڻ ۾ مشغول آهي. مون کي جاڳيل ڏسي چيائين هاڻ جلدي اُٿي تيار ٿي. دل نه چاهيندي اُٿڻو پيو. تيار ٿي ناشتو ڪري اسان ٻاهر نڪتاسين، اتان بس ۾ ٻين ساٿين سان گڏ وري وڃي تاج ريسٽورنٽ پڳاسين. اسان ٻئي ڄڻيون جنهن بس ۾ ويٺيون سين اها جاءِ ڪنهن ٻئي جي هئي. سامهون واري بيٺل بس ۾ اسان شروع کان ئي سفر ڪيو هو. فهميده مون کي چيو هل ته پاڻ واري بس ۾ هلي ويهون. اسان ٻنهي پنهنجو ٿيلو کنيو اڃا در تي پهتاسين اڳيان مان هئس. اسان کي لهندي ڏسي هيٺ بيٺل سليم ميمڻ زور سان ٻين قافلي وارن ڏي منهن ڪري چيو ڀلا هي ڇا آهي؟ هاڻ بس مان لهڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي؟ جيڪو جت ويٺو آهي اُت ويٺو هجي. مان پوئتي منهن ڪري فهميده کي چيو ته هل ته ماٺڙي ڪري هلي ويهون. هن مهل اِن ڊئريڪٽ دڙڪا پيا آهن متان پوءِ ڊئريڪٽ دڙڪا کائون مان ۽ فهميده واپس اچي سيٽن تي ويهي رهياسين، فهميده چوڻ لڳي، لڳي ٿو ته سليم ميمڻ اسان تي ڪاوڙيل آهي. جنهن تي ذميداري هوندي آهي ان کي ڪم جو احساس هوندو آهي. ڀلا اسان جو ڪهڙو ڏوهه اسان کي ته ڪلهوڙي صاحب منع ڪئي نه ته هوند اسان هليا وڃون ها.
سکر مان نڪري هاڻ قافلو پنهنجي نئين منزل ڏانهن روانو ٿيو. اسان جنهن بس ۾ سوار هئاسين ان ۾ سڀ خاص مهمان ۽ ڪافي ڀينرون ويٺيون هيون. هاڻ قافلي وارن کي لاڙڪاڻي پهچڻو هو. لاڙڪاڻي جو ذڪر ڪندي سڀن کي بهه ۽ لوڙهه ياد اچڻ لڳا. ڏڌڙي جيڪا گهورڙيا ٿالن ۾ کڻي وڪڻندا آهن. ان جو ذڪر ڪندي سڀني جي وات ۾ پاڻي اچڻ لڳو. مان چيو ته منهنجي دل ته اوٻاريل بهه جيڪي گهورڙيا مٽن ۾ کڻي وڪڻندا آهن ۽ وٺڻ مهل انهن بهن جي مٿان لوڻ مرچ ٻرڪي ڏيندا آهن مان ته اهي کائيندس. فهميده چيو ته بهه ۽ لوڙهه ته مان ٻارن لاءِ به وٺيو ويندس، سچي بهن ۽ لوڙهن کي اوون ۾ سيڪي پچائي کائڻ ۾ ڏاڍو مزو آهي. فهميده ڊاڪٽر سليمان کي چيو ادا لاڙڪاڻي ۾ بس کي ضرور بيهارجو اسان اتان بهه ۽ لوڙهه وٺنداسين. ڊاڪٽر صاحب جنهن وٽ ها جي کوٽ ئي ڪا نه هئي، تنهن خوشيءَ سان ڪنڌ لوڏي ها ڪئي.
هن بس ۾ اسان کي سهي معنيٰ ۾ مزو آيو. ڇو ته مختلف صوبن جا دانشور ۽ تعليمي ماهر هندستان کان آيل اسان جا اديب هن ئي بس ۾ ويٺا هئا. ڏاڍيون ڳالهيون ٿيون ڏاڍا بحث مباحثا ٿيا. پشاور مان آيل ڀاءُ چيو ته مونکي ته ائين ٿو لڳي ته هت سنڌ ۾ ماحول رهڻي ڪهڻي ۽ غربت اوڙهي آهي جيڪا اسان جي صوبي جي رهواسين جي آهي. بلوچستان مان آيل ڀاءُ چيو ته مونکي ان ڳالهه کي ڏسي خوشي ٿي رهي آهي. ته سنڌ جون عورتون ڪيتريون نه بولڊ ۽ همت واريون آهن. اها تبديلي ته سڀ کان سٺي آهي ته چاليهه کن سنڌي عورتون ۽ نياڻيون هن قافلي سان گڏ آهن، پنهنجائپ جو احساس ايترو گهڻو آهي جو اهو احساس ئي نه رهيو آهي ته هت ڪير مرد آهي، ڪير عورت، هڪ خاندان جي فردن وانگر اسان گڏ پيا هلون. سفر جي دوران ياسمين (ڊاڪٽر سليمان جي نياڻي) ڪا ڳالهه ڊاڪٽر صاحب کي چئي جنهن ۾ هن بابا جو لفظ استعمال ڪيو. اُت قيمت هريسگاڻي چيو بابا امان، پڦي، چاچي، ماسي، ڪيترا نه پيارا لفظ آهن. ڪيتري نه محبت ڀريل آهي هنن لفظن ۾ اسان وٽ هندستان جي سنڌين وٽ هي لفظ اوپرا ٿي پيا آهن. هرڪو ممي، ڊيڊي، پپا ۽ آنٽي جا لفظ استعمال ڪندو آهي. اسلام آباد يونيورسٽي مان آيل ڀاءُ سنڌ جي غربت ڏسي حيران پريشان هو. رستي تي هڪ ٻڪرار نظر آيو جيڪو ٻڪرين کي هڪلي پيو پر وٽس ڪا ڏنڊي به هٿ ۾ نه هئي، وات مان آواز ڪڍيائين. ات ويٺل ٻه ڀينرون جن جو تعلق اردو پريس سان هو انهن کي مان چيو ته توهان جي پريس سنڌ جو ماحول اهڙو پيش ڪندي آهي جو لڳندو آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ هر شخص وڏو جاگيردار ۽ زميندار آهي ۽ ڳوٺن ۾ رهندڙ باقي سڀ ڌاڙيل آهن هر هڪ جي هٿ ۾ ڪلاشن ڪوف آهي. هاڻ توهان به سڄي سنڌ گهمو پيا. هن ٻڪرار کي ئي کڻي ڏسو هن جي هٿ ۾ لٺ ئي ڪانهي، جيڪا اصولن هن کي کڻڻ کپي ها. توهان سڀني جي واويلا آهي ته ڪوٽا سسٽم ختم ڪيو، توهان کي سڄي سنڌ ۾ ڪو اهڙو اسڪول ڪاليج نظر ۾ آيو، جنهن جو مقابلو ڪراچي جي اسڪولن ۽ ڪاليجن سان ڪري سگهجي، تعليمي معيار جيڪو وڏن شهرن ۾ آهي ان جو ته هي ڳوٺاڻا تصور به نٿا ڪري سگهن. توهان کي حق جي ڳالهه يا برابري جي دعويٰ تڏهن ڪرڻ گهرجي جڏهن سامهون وارا به ان پوزيشن ۾ هجن، ها جڏهن سڄي سنڌ ۾ هڪ جهڙو ماحول، هڪ جهڙا تعليمي ادارا ۽ هڪ جهڙيون بنيادي ضرورتون ميسر ٿي پون ته پوءِ ڀلي برابري جي ڳالهه ڪجي. هت ته زمين آسمان جو فرق لڳو پيو آهي. وڏن شهرن جو رهندڙ خوشحال ماڻهو ته اهو چاهين ٿا ته هن ڳوٺاڻي اٻوجهه ماڻهوءَ جي وات جو سڪل ٽڪر به کسي وٺن، چئي اهو به اسان جو حق آهي.
قافلو جڏهن لاڙڪاڻي جي ٻاهران پهتو ته تمام خوبصورت نموني سان گلن جون ورکائون ڪري قافلي جو آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. هر هڪ مهمان جي هٿ ۾ ننڍڙا گلن جا گلدستا به پيش ڪيا ويا. سگا جي لاڙڪاڻي شاخ جو صدر غلام سرور عباسي پنهنجي ساٿين سان گڏ موجود هو. هت لاڙڪاڻي ۾ قافلي وارن جو ميزبان ڪمشنر لاڙڪاڻو ڪي- بي رند صاحب جن هئا. پر ان وقت اهي ڪاٿي ٻاهر ويل هئا. ان جاءِ تي ڊپٽي ڪمشنر جن قافلي وارن جو آڌر ڀاءُ ڪيو. جڏهن لاڙڪاڻي شهر ۾ داخل ٿياسين ان ويل فهميده وڏي آواز سان چيو هي اٿو لاڙڪاڻو جنهن جي لاءِ ماڻهن اها پروپگيڊا ڪئي هئي ته لاڙڪاڻو هاڻ پيرس ٿي ويو آهي. سڄي ملڪ جي آمدني لاڙڪاڻي تي خرچ ڪئي وئي آهي. هاڻ ڏسو هي اٿو غريباڻو سريباڻو لاڙڪاڻو. لاڙڪاڻو ضلعو آهي، جنهن حساب سان لاڙڪاڻي کي ترقي ڪرڻ کپي ها اها به ڪونه ٿي آهي. ٻن اردو پريس وارين ڇوڪرين کي خاص طرح اشارو ڪري فهميده چيو . ڏٺو!! هي لاڙڪاڻو هاڻ سچ لکڻ جي همت اٿو ته لکو ۽ دنيا کي ٻڌايو ته حقيقت ڇا آهي.
تلخيون، زندگي جون حقيقتون چوندي لهجو به ٿورو ڏکائتو ٿيو وڃي. ڪنهن کي ٻڌائجي؟ ڇا ٻڌائجي. حالتون ته اهڙيون ٿي ويون آهن جو سچ ڪوڙ ۽ ڪوڙ سچ ٿي پيو آهي. ظالم ظلم ڪري به هاءِ گهوڙا ٿو ڪري ته مان ئي مظلوم ته مظلوم ويچارو ڪاڏي وڃي؟ ان جو آواز ڪير ٻڌي؟ ڪير آهي ان اندر ٻاهر جي ڏکن کي ٻڌڻ وارو...... قافلي ۾ گڏ هلندڙ مختلف سوچن جا دانشور اديب ۽ تعليمي ماهر، هر هڪ شهر ڳوٺ ۽ واهڻ جو تجزيو ڪندا پئي هليا. هڪ ڳالهه جيڪا مون محسوس ڪئي ته جن ماڻهن جو پيڙهيون هڪ ئي هنڌ دفن آهن. جن ماڻهن جو پاڙون زمين جي پاتال تائين پکڙيل آهن، اُهي ٻين جو ڏک سک سمجهي سگهن ٿا. سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي باري ۾ غلط قسم جو ڳالهيون. سچ ۽ حقيقت جو فرق انهن ماڻهن کي ڏاڍو عجيب پئي لڳو . انهن مان ڪيترن ئي اهو به چيو ته اسان پنهنجن صوبن ۾ وڃي هن قسم جو ڪانگريسون ڪوٺائينداسون توهان سڀني کي ات گهرائينداسين. اسان جو پاڻ ۾ گڏجڻ سان ۽ گڏ ويهي ڏکن سکن جو ڳالهيون ڪرڻ سان ئي وچ ۾ پيل هي وڇوٽيون ختم ٿينديون. اسان جي وچ ۾ پيل وڇوٽين جي ڪري غلط پروپيگندا ۽ نفرت جو پرچار ٿئي ٿو. جڏهن اسان سڀ گڏ ٿي پونداسين ته پوءِ ڪنهن کي به همت نه پوندي.
بسون لاڙڪاڻي مان نڪري موهن جي دڙي واري رستي تي تيزيءَ سان هليون پئي ۽ مون دريءَ مان ٻاهر ڏسندي سوچيو پئي ته اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو جو ظالم جي ظلم جو خاتمو ٿيندو ۽ هن ڌرتي جي رهواسين جي دانهن سڀني ڪنن وٽ پهچندي. اُهي سڀ جن جو هن ڌرتي ۽ ڌرتي واسين سان صدين جو لاڳاپو آهي، اُهي ٻين صوبن جا ماڻهو جن جو واسطو هن ڌرتي واسين سان ثقافتي ۽ جذباتي طور هميشه رهيو آهي. ڇا انهن کي اسان وساري ٻيهر اهو ٻڌايون ته اسان ڇا آهيون؟ ڇا هو اسان کي نٿا سڃاڻن؟ ڇا هي انهن جو ڏوهه نه آهي ته هو صدين جو وابستگيون وساري ويٺا آهن؟
هاڻ قافلو جي منزل موهن جو دڙو هئي. موهن جو دڙو يا وري موئن جو دڙو ڳالهه مڙيئي برابر. جت بسون اچي بيٺيون ات هڪ وڏو دروازو هو جنهن تي موهن جي دڙي واري لکت جي نموني ۾ موهن جو دڙو لکيل هو. اندر وڃڻ کانپوءِ ڏٺوسين ته هر هنڌ اهڙوئي لکت جو نمونو استعمال ٿيل آهي ۽ ڏاڍو سٺو پئي لڳو. چئني طرف ساوڪ ڦهليل هئي، گلن جون ٻاريو ۽ وڏاوڻ به هئا هڪ وڏي خوبصورت لان ۾ شاميانا لڳائي قافلي وارن جي ويهڻ جو بندوبست ٿيل هو. ريسٽ هائوس جي عمارت ٻاهران چڱي پئي لڳي. هڪ وڏي ديوار تي موهن جي دڙي جي مخصوص نشاني ڍڳو اڪريل هو. قافلي وارن لاءِ اُت آڌرڀائي جملا چيا ويا. اهڙن قافلن جي منعقد ڪرڻ کي ساراهيو ويو. اتان اُٿي قافلي وارن کي چانهه پياري ويئي.
هاڻ وقت ٿورو هو، ۽ گهمڻو گهڻو هو. سڀڪو ٽوليون ٺاهي پئي هليو. ماڻهن جي هڪ گروپ دهل ۽ ڏنڊين وارن ناچ سان قافلي وارن جي آڌر ڀاءُ ڪيو هو. هو مسلسل وڃائڻ ۽ نچڻ ۾ پورا هئا. اتي قاضي منظر حيات پنهنجي ڀاءَ مقصود گل جو تعارف ڪرايو، جيڪو پاڻ شاعر هو. ان مونکي پنهنجا ڇپيل ڪتاب ڏنا اتي ڏٺم ته هڪ ڀاءَ منهنجي تصوير پيو ڪڍي غور سان ڏٺم ته هو هدايت منگي هو. هو ڀاءَ اچي مليو ۽ حيران هو ته مان هتي ڪيئن! کلي چيو مانس بس زماني جا ڦيرا آهن نه ته اسان جي قسمت ۾ ائين گهر مان نڪرڻ ۽ گهمڻ ممڪن ڪٿي آهي. هاڻ ته ڪيترين ڀينرن سان گڏجي ميوزم طرف روانا ٿياسين ات هدايت منگي چيو جيئن ته توهان وٽ وقت گهٽ آهي، ان ڪري مان چاهيان ٿو ته مان توهان کي هلي اُهي اهم هنڌ ڏيکاريان جن جو ڏسڻ تمام ضروري آهي. ميوزم ۾ گهڙڻ سان ئي ديوار تي موهن جي دڙي جي ماڻهن انهن جي رهائش، انهن جي ڪِرتن بابت هڪ خيالي تصوير لڳل آهي. ان تصوير کي ڏسي فهميده سوچ ۾ پئجي وئي. ٿوري دير کان پوءِ چيائين ته هن تصوير ۾ موهن جي دڙي جي رهواسين کي مختصر ڪپڙن ۾ ڏيکاريو ويو آهي، مردن کي گوڏ يا وري ننڍي لنگوٽي ٻڌل آهي. عورتن جو به لباس صحيح ڪونه ڏيکاريو ويو آهي. اِها ڳالهه ته سمجهه کان ٻاهر آهي ته جڏهن موهن جي دڙي مان ڪپهه جي پيدائش ۽ ڪپڙي اُڻڻ جي خبر پئي آهي ته پوءِ ان ڪپڙي کي پائڻ جو نمونو ۽ طريقو به انهن کي ايندو هوندو. وڏي اهم ڳالهه ته اها آهي ته موسم جي لحاظ کان هي حصو گرمين ۾ گرم ۽ سردين ۾ ڪافي سرد آهي. انهن ٻنهي موسمن ۾ بچاءَ جو طريقو ڪپڙا آهن. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هڪ مزدور ۽ بار کڻندڙ ماڻهو کان ويندي امير ماڻهو تائين هڪ جهڙو مختصر لباس هجي.... مان فهميده کي چيو سچ ٿي چوين موهن جي دڙي جي عورت جڏهن اُن دؤر ۾ رلهي ٺاهي سگهي پئي ته ان کي ڪپڙي پائڻ جو ڍنگ ڇو ڪين هوندو. هونئن به موهن جي دڙي کان وٺي اڄ تائين سنڌ جو لباس اُهو عورت جو هجي چاهي مرد جو هجي کليل وڏو ۽ ويڪرو آهي. جنهن مان ستر پوشيءَ جي خبر ملي ٿي. هاڻ اهو احساس شدت سان ٿيڻ لڳو ته هت اهڙي غلط قسم جي تصوير سالن کان وٺي لڳي پئي آهي. جنهن کي لکين ماڻهن ڏٺو آهي. مان سمجهان ٿي ته اسان سنڌين کي گهٽ ۾ گهٽ اهڙين ڳالهين تي توجه ضرور ڏيڻ کپي. جنهن مان اسان جي ثقافت کي ضرب لڳندي هجي، ڇا اهڙي غلط تصوير جو هتي هجڻ ضروري آهي.

6

الاهي سال اڳ جڏهن مان ننڍي هئس ته هڪ دفعو موهن جي دڙي تي آئي هئس. ان وقت ايترو عقل ۽ سمجهه نه هئي جو ڪنهن شئي کي غور سان ڏسجي ۽ ڪجهه سوچجي. هاڻ ته وقت ۽ ماحول سڀ ڪجهه بدلجي چڪو آهي. هاڻ ته موهن جي دڙي سان ذهني ۽ جذباتي وابستگي آهي، موهن جو دڙو سنڌين جي سڀ کان وڏي دولت آهي، جنهن سڄي دنيا ۾ هن خطي جو مان مٿانهون ڪيو آهي...... موهن جي دڙي جا رهواسي علم وارا، عقل وارا ۽ محنت ڪش هئا.کوٽائي مان نڪتل هڪ هڪ شي هڪ تارخ ٿي ٻُڌائي، زندگيءَ جي ضرورت جا ٿانو، جيڪي ننڍي کان ننڍي ۽ وڏي کان وڏي سائيز ۾ موجود آهن، زيورن جا انيڪ نمونا، جن ۾ سون چاندي، پٿر، موتي جا ٺهيل زيور رکيل آهن، پيرن جي آڱرين کان وٺي مٿي جي وارن تائين سينگار جا سڀ زيور ڦڻيءَ سوڌو ات موجود آهن. ڪڻڪ جيڪا موهن جي دڙي مان ملي آهي. اها به هڪ ٿانو ۾ ات رکي آهي، شطرنج جا مهرا ۽ مختلف رانديڪا، هٿيارن جا مختلف نمونا ۽ لوهي اوزار به اُت موجود آهن. گهمندي ڦرندي ڏسندي وائسندي اهو احساس شدت سان وڌندو پئي ويو ته هن تصوير ۾ سنڌين کي ائين ڇو ڏيکاريو ويو آهي؟
ڪنهن ٺاهي آهي اها تصوير؟ هاڻ ڀلا هن تصوير جو ڇا ٿيندو؟ آهي ڪنهن کي همٿ جو هن تصوير کي ڪڍي ٻاهر ڪري... ميوزم مان نڪري هاڻ اسان موهن جي دڙي جي کنڊرن ڏانهن روانا ٿياسين.
هدايت منگي اسان کي ڏيکاريندو ۽ ٻڌائيندو پئي هليو. ڪن ڀينرن ايئن به چيو ڪيترو ته سٺو گائيڊ اسان کي ملي ويو آهي. ان جي هٿ ۾ ڪئميرا ڏسي ڪيترن ڀينرن تصويرون ڪڍرايون ۽ مون تي اهو ڪم رکيائون ته اهي تصويرون هٿيڪيون ڪري مان انهن کي پهچائيندس (اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن تصويرن جو نالو نشان به ڪونهي) ڪيتري نه حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته ان دؤر ۾ موهن جي دڙي جو نقشو ٺاهڻ وارا ڪيترا نه عقلمند ۽ انساني فطرت ۽ ضرورت جا ڄاڻو هئا. نقشو ڪجهه اهڙي طرح ٺاهيو ويو آهي جو هڪ طرف رهائشي علائقو ته ٻئي طرف بازار. اسڪول ڪاليج ۽ يونيورسٽي شهر کان ٿورو پاسيرو ٺهيل هيون، عبادت گاهون مختلف جاين تي هيون ۽ هڪ وڏي عبادتگاهه اهڙي جاءِ تي ٺهيل آهي جو ننڍيون عبادت گاهون عبادت ڪرڻ مهل ڪنهن کي تڪليف نه ٿئي. اڪثر گهرن جي ڪمرن ۽ باٿ رومن ۾ ننڍڙا جارا ٺهيل آهن، جيڪي اڃان تائين به اسان جي ٻهراڙيءَ جي گهرن ۾ نظر ايندا آهن، جت هٿ بتي يا چمني ٻاري رکبي آهي.
باٿ رومن ۾ دڪيون ٺهيل آهن. اهڙي قسم جون دڪيون اڄ به اسان جي گهرن ۾ هونديون آهن، جت صابڻ دانيون، بالٽيو ۽ ٻيو وهجڻ جو سامان رکيو ويندو آهي.
ڪاليج ۽ يونيورسٽي سان گڏ هاسٽل به ٺهيل آهي، هاسٽل جي ڪمري جي آخر ۾ هڪ وڏي لائين باٿ روم جي آهي، جيڪي هاسٽل جي رهواسين لاءِ هوندا هئا، ان مان لڳي ٿو ته موهن جي دڙي جو تعليمي ماحول ۽ معيار ايترو ته اعليٰ هو جو پري پري کان ماڻهن هت اچي تعليم حاصل ڪندا هئا.
هي سڀ ڪجهه لکندي مونکي هڪ روايت ياد پئي اچي جيڪا ڀاءَ ارشد انڊڙ ڪنهن فنڪشن ۾ ٻڌائي هئي، ته هڪ دفعو حضور صلي الله عليه وسلم جي محفل ۾ اهڙا ماڻهو آيا، جيڪي پنهنجي لباس، اٿڻي ويهڻي جي ڪري ٻين سڀن کان مختلف هئا. ان ڪري هو هر ڪنهن جي نظرن جو مرڪز هئا. ڪن ماڻهن جڏهن اها پڇا ڪئي ته هي ڪير آهن ته حضور جن فرمايو هي سنڌ جا ماڻهو آهن، سنڌي ڳالهائيندا آهن ۽ علم ۽ عقل وارا آهن!! موهن جي دڙي جا گهر ڪشادا، هوادار بورچي خانن ۾ چمنيون ٺهيل، ڪشادا رستا، پاڻي جا کوهه جن ۾ گول ۽ بيضوي نموني جا کوهه موجود آهن. لڳي ٿو ته موهن دڙي جا ماڻهو عقلمند هئڻ سان گڏو گڏ حسن پرست به هئا. ايجادون ڪرڻ ۽ نواڻ پيدا ڪرڻ جا ماهر هئا... پاڻ کي ٺاهڻ جوڙڻ لاءِ مختلف زيور جيڪي الائجي ڪيترن قسمن جا آهن. اهي زيور جڏهن اتان حسينون پائي هلنديون هنديون ته ڪهڙا نه رنگ وکرجي ويندا هوندا. هلندي ڏسندي، گهمندي ائين پيو لڳي ته اسان ئي هن وستي جا رهواسي هئاسين هيءِ وستي جنهن اوج جا آثار ڏٺا شايد اسان سڀ هن وستي جا اهي ڀٽڪندڙ روح آهيون جيڪي ڪنهن وقتي هاج جي ڪري هتان ٻاهر نڪري وياسين جو پٺيان هي وستي تباهه ٿي ويئي. اڄ تائين هي روح سک جو ساهه نه کڻي سگهيا آهن. بيچين آهن ڪنهن سان ملڻ لاءِ ڪنهن سان کلڻ لاءِ ڪنڌ جو ٽي ڪنهن سان ڏک سک جون ڳالهيون ڪرڻ لاءِ اهو به ممڪن آهي ته هن وستي ۾ ننڍي هوندي اسان انهن ڪڏاڻن سان ڪڏيا هونداسين جيڪي اڄ ميوزم ۾ سجايا پيا آهن، هن روڊن ۽ رستن تي رانديون ڪُڏيون هجن ڊوڙون پاتيون هجن.
دُهل ۽ ڏنڊين وارا مسلسل نچندا وڃائيندا پئي هليا ان آواز ۾ مونکي ائين پئي لڳو ته چانڊوڪيءَ رات آهي ۽ هوءَ موهن جي دڙي واري ناچڻي نچڻ ۾ مشغول آهي ٿڌي ٿڌي چانڊوڪيءَ ۾ ان ناچڻي جو لڏڻ لمڻ، منهنجو ذهن الائجي ڪٿان جو ڪٿي وڃي پڳو ته فهميده جي رڙ ٻڌم. سلطانه تون ڇو پوئتي رهجي ويئي آهين تڪڙي آ دير پئي ٿئي.
مان اکين ۾ آيل لڙڪن کي اگهيو ۽ سوچيم ها دير ٿي ويئي آهي، تمام گهڻي دير ٿي ويئي آهي.
موهن جي دڙي تي گهمندي ڦرندي مختلف ڀائرن سان ملاقاتون ٿيون جن مونکي ڪافي ڪتاب ڏنا. هاڻ مان ڪتاب پاڻ سان هڏ کنيو هلندي پئي وتيس. منهنجي هٿ ۾ ايترا ڪتاب ڏسي شمع خيبر چيو اهي ڪتاب ڪجهه دير لاءِ مونکي ڏي مان به ڏسان ڪهڙا ڪتاب آهن. مان ڪتاب ان جي حوالي ڪري وري هدايت منگي جون ڳالهيون جيڪي موهن جي دڙي جي کوٽائي متعلق هيون ٻڌڻ لڳس. هاڻ اسان سان گڏ پشاور بلوچستان ۽ پنجاب جا ڀائر اچي گڏيا. هو علم جا ڄاڻو ۽ دانشور هئا. انهن جا رايا ۽ سوچون پنهنجي جاءِ تي اهميت رکن ٿيون. شايد انسان زندگي ۾ ايترو حاصل نٿو ڪري سگهي جيڪو ڪن چڱن ماڻهن جي ڪجهه ڪلاڪن جي صحبت ۾ حاصل ڪري سگهيجي ٿو. اُت هڪ مهمان جنهن جو تعلق پشاور سان آهي. تنهن موهن جي دڙي ۽ سنڌ جي شان تي هڪ نظم پڙهيو، جيڪو ان انهيءَ ئي وقت لکيو هو. اتفاق سان اسان سڀ ان جاءِ اُت بيٺا هئاسين جيڪو اتان جو مکيه وڏو هال هو پنهنجي محبت ۽ جذبن جو اظهار ڪري رهيو هو. اسان خاموشي سان ان جو نظم ٻڌو پئي افسوس اٿم جو اهو نظم مون وٽ موجود ڪونهي نه ته پڙهندڙ اندازو لڳائي سگهن ها ته ان نظم ۾ سنڌ جي عظمت کي ڪيترو نه خلوص محبت سان بيان ڪيو ويو هو هو دُهل ۽ ڌنڊين وارا اڃا تائين وڄائڻ ۽ ڳائڻ ۾ مشغول هئا. مون کي ٿورو جوش اچي ويو سو مان انهن کي ٻڌائڻ لڳس ته ڪو وقت اڳ جڏهن مان فرسٽ ييئر ۾ پڙهندي هئس ان وقت مان موهن جي دڙي تي آئي هئس ۽ مون به هڪ ننڍڙو شعر لکيو. هو سڀ حيران ٿي ويا چوڻ لڳا ته توهان شاعر آهيو. چيو مان مڙوئي اڏوهي کاڌل لٺ جا ٻه ٽڪر ڪيا اٿم ڪي ڦاڙها ڪونه ماريا اٿم. انهن ٻڌايو ته اسان سان توهان جو ڪو تعارف صرف اهو ڪرايو ويو آهي ته توهان هڪ عورت جي تنظيم جي حوالي سان آيا آهيو بحرحال مان انهن کي اهو شعر ٻڌايو جيڪو هن ريت هو.
مان موهن جي دڙي جو کوهه،
هر آيل
ڏول ڀري، هٿن کي ڌوئي،

مان ان شعر جو اردو ترجمو به ٻڌايو پهريان ته واه واه ڪيائون پوءِ يڪدم پڇيائون ان شعر جو حاصل ڇا آهي ۽ توهان ڇو لکيو هي شعر ڇو ته پاڻ کي کوهه سان تشبيه ڏيڻ ۽ ڏول ڀري هٿ ڌوئڻ ڇا مطلب آهي؟ هاڻ مان منجهي پيس ڇا جواب ڏيان هنن جو اصرار ته هر شعر جو جذباتي ۽ بنيادي ڪارڻ هوندو آهي. مان هنن کي ڪوبه جواب نه ڏئي سگهيس. جيڪا ڳالهه اڄ تائين مان نه سمجهي سگهي آهيان انهن کي ڇا سمجهايان. ڪو زمانو هو منهنجو لکيل هي شعر جيڪو سوجهرو رسالي ۾ ڇپيو هو ان تي ڪافي بحث مباحثا ٿيا هئا.
اُهي قبرون،
جن تي ڪوبه نالو نه آهي،
اُهي سڀ منهنجون آهن.
اُن وقت ياد اٿم نصير مرزا ته فون تي بحث ڪري بيهي رهيو ته توهان اسان کي ٻڌايو ته هي شعر توهان ڪهڙي سوچ رکي پوءِ لکيو آهي. امداد حُسيني کي به هن شعر بي حد متاثر ڪيو هو. مظهر ميمڻ (ادي زرينه ميمڻ ۽ سيمي جو ڀاءُ) کي جڏهن مون وٽان ڪو واضع جواب نه مليو ته پاڻ ئي مونکي ٻڌائڻ ۽ سمجهائڻ لڳو ته ڪهڙن سببن جي ڪري مون اهو شعر لکيو هوندو. ڪيترا ته سهڻا ۽ پنهنجا وقت هئا، جيڪي گذري ويا. رهجي ويون آهين يادون ۽ انهن ماڻهن جو ڳالهيون.
ها ته سائين مان موهن جي دڙي تي وري حاضر ٿي آهيان پنهنجيون ساررڻيون کڻي وچ ۾ وڏو ويڇو آهي وقت جي تجربن جو ۽ مشاهدن جو فهميده ته موهن جي دڙي جي مٽي کڻي اکين تي رکي ۽ چيائين ته مان به ته هڪ دراوڙ آهيان هڪ ڀٽڪيل روح آهيان. پنهنجي اصل نسل ڏانهن ورڻ چاهيان ٿي. هاڻ اسان موهن جي دڙي جي مٿاهين حصي تي وڃي بيٺاسين. حد نظر تائين کنڊر ۽ کنڊر نظر پئي آيا مان هٿ وڌائي اتان مٽي کڻي کائي ڇڏي. ياسمين(ڊاڪٽر ياسمين ڊاڪٽر سليمان جي نياڻي) مون کي مٽي کائيندو ڏسي وٺي رڙ ڪئي توهان مٽي ڇو کاڌي خبر اٿو هن ۾ ڪيترا جراثيم هوندا. هو پنهنجي ڊاڪٽري پئي هلائي ۽ مون ته پئي حيران ٿي. مان کيس ٻڌايو ته مان مٽي کائڻ جي شوقين آهيان هن وقت تائين الائجي ڪيترا سير مٽي کائي چڪي هوندس. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته مان هت اچان ۽ هتان جي مٽي نه کاوان پر مان مٽي زمين تان نه پر مٿان ڀت سان پٽي کاڌي آهي. ياسمين چوڻ لڳي هاڻ مان سمجهي ويس توهان جي بيمار رهڻ جو ڪارڻ. ان کانپوءِ هن هڪ ڊاڪٽري ليڪچر ڏنو جيڪو مون خاموشي سان ٻڌو ۽ دل پئي سوچيم جڏهن پَڪل گهڙي ۾ ڪَنا پوندا تڏهن مان به سُڌري پوندس.
اتان کان هيٺ جت اسان بيٺا هئا سائين سوڀو گيانچنداڻي جن بيٺا هئا. مون فهميده ۽ ٻين کي سائين جي باري م ٻڌايو ۽ پڇيو ته سائين سان ملاقات آهي. فهميده چيو ته ڪيترن فنڪشنن ۾ ڏسڻ جي باوجود به مان اڃان تائين سوڀي گيانچنداڻي سان ملي نه سگهي آهيان. ان ويل مون فخر سان سڀني کي ٻڌايو ته مان صرف سائين سوڀي گيانچنداڻي سان ملي چڪي آهيان پر ڪلاڪن جا ڪلاڪ ان سان ڪچهري به ڪئي اٿم. سندس گهر ۾ چانهن پيتي اٿم. کاڌو به کاڌو اٿم. وسارڻ جهڙيون ئي نه آهين. اهي ڪچهريون سوڀي گيانچنداني سان ڪيون اٿم. ٻين قافلي جي ساٿين کي ته اها به خبر نه هئي ته هي شخص جنهن جو نالو سو ڀو گيانچنداڻي آهي اُهو ڪير آهي؟ اسان هيٺ لهي وڃي ان سان ملياسين. اسان سڀني کي ڏسي ۽ اسان سان ملي هو ڏاڍو خوش ٿيو. هاڻ اسان وري اڳتي وياسين ته پريان قافلي جي ساٿين سڀني کي سڏڻ شروع ڪيو. جلدي واپس اچو دير پئي ٿي. مجبورن اسان کي واپس اچڻو پيو. ڏٺم پئي ته سڀ قافلي وارا واپس هلڻ لاءِ تيار نه هئا ڇو ته اڃا ڏٺو ئي ڇا هو. پر ڇا ڪجي. ان وقت کي جيڪو اسان وٽ ٿورو هو. ڪاش اهو وقت اسان جي قبضي ۾ هجي ها ته هوند ان کي هڪ هنڌ بيهاري ڇڏجي ها. ٽيئي بسون ڀرجڻ شروع ٿي ويون سڀ ڪنهن پنهنجي پنهنجي جاءِ وڃي ورتي اسان جي بس ۾ سڀني ڄڻن زيتون پئي کاڌا. اُهي زيتون موهن جي دڙي ۾ اُنهن پوکيل وڻن مان پٽيا هئا. قيمت هريسنگاڻي ۽ گوبند مالهي ته هڪ ٻئي کي زيتون ڏيکاريندي چون پيا. ڏسو ته سهي هنن زيتون جي اندر ڪو داڻوئي ڪونهي هيءَ خاص نشاني آهي لاڙڪاڻي جي زيتونن جي منهنجي ۽ فهميده جي دل به چاهيو ته اسان به زيتون کائون. اسان کي رهيو نه ٿيو ويٺل ڀائرن کي چيوسين واهه واهه توهان زيتون پيا کائو اسان جي پُڇائي ڪونهي. يڪدم ڊاڪٽر خادم سنڌي اسان کي زيتون ڏنا. هاڻ ٻين ڀائرن به اسان کي زيتون ڏيڻ شروع ڪيا. هاڻ ته اسان وٽ ڪافي زيتون گڏ ٿي ويا هئا.
بس ۾ ويهڻ کانپوءِ مون کي پنهنجا ڪتاب ياد آيا جيڪي شمع خيبر وٽ رهجي ويا هئا. مون کي پنهنجن ڪتابن جو فڪر اچي لڳ. بسون پنهنجي منزل ڏانهن هاڻ روان دوان هيون. لاڙڪاڻي کان ٻاهران ئي ٻاهران بسون وڃي ميهڙ روڊ کان نڪتيون هاڻ بس جي ويٺل سڀني کي لاڙڪاڻي جا بهه ۽ لوڙهه ياد اچڻ لڳا الا نه ڪو بسون لاڙڪاڻي ۾ بيٺيون نه ئي اسان ڪجهه وٺي سگهياسين. هاڻ خيرپور ناٿن شاه ايندو ميهڙ ايندي دادو ايندو اتان ته اسان ضرور ڪجهه نه ڪجهه وٺنداسين.سڀني هڪ ٻئي کي پئي آٿت ڏني.

7

موهن جي دڙي مان هاڻ قافلو پنهنجي نئين منزل ڏانهن روانو ٿيو. هاڻ بس ۾ وري ڪن ڀينرن اِهو ياد ڏياريو ته اُنهن کي لاڙڪاڻي مان بهه ۽ لوڙهه وٺڻا هئا. مگر خبر اُن ويل پئي جو قافلي جون بسون ٻاهران ئي ٻاهراين وڃي ميهڙ جي رستي تي نڪتيو ۽ لاڙڪاڻو شهر رستي ۾ آيو ئي ڪين. فهميده پريشان ٿيندي چيو ته هي اسان ڪاڏي پيا وڃون اسان کي ته لاڙڪاڻي مان بهه ۽ لوڙهه وٺڻا هئا. مان چيو ته مٽ ۾ پڪل بهه اسان هاڻ وري الائجي ڪڏهن کائون.فهميده ڪجهه سوچي وري چيو دادو ۾ سبحان ميمڻ اُتان جو ڊپٽي ڪمشنر ته منهنجو مائٽ آهي اُتي اُن کي چوندس ته سڀ ڪجهه وٺي ڏيندو. پروين سومرو چوڻ لڳي ته موٽي جڏهن گهر وڃون ته ڪجهه نشانيون اسان وٽ هجن جو سڀني کي يقين ڏياريون ته اسان ڪاڏي ڪاڏي وياهئاسين ۽ ڪٿي ڪٿي گهمياهئاسين وِينا شرنگي ۽ اُن جي ڀيڻ خاموشيءَ سان زيتون کائڻ ۾ مشغول هيون. بسون تيزيءَ سان پنهنجي منزل ڏي روان دوان هيون. ڪجهه دير لاءِ خاموشي ڦهلجي ويئي. چپ چاپ سڀ ڪو پنهن جن سيٽن تي ويٺو هو. اُن دوران رستي تي هڪ وڏي گاڏين موٽرن جو جلوس نظر آيو، اُها ٻي نومبر جي تاريخ هئي. جمهوري حڪومت کي هڪ سال پورو ٿيو هو. اُن سلسلي ۾ ئي جلوس هو. اُن جلوس ۾ ڪافي گاڏيون ۽ سوين ماڻهو شامل هئا. نعرا هڻندا پنهنجن جذبن جو اظهار پئي ڪندا پئي ويا. هاڻ ٻي نومبر تاريخ بحث هيٺ اچي ويئي. يارهن سالن جي آمريت جو دور ۽ پوءِ اليڪشنون ۽ موجود حڪومت اُهي سڀ ڳالهيون هاڻ بحث ۾ اچي ويون. سياست به هڪ عجيب دلچسپ موضوع آهي. هر عمر ۽ هر سوچ جوانسان اُن ۾ کُلي دل ۽ کُلي ذهن سان حصو وٺندو آهي هِت قافلي م ته هئا سڀ عالم ۽ عقل جا اڪابر اُن بحث دوران قيمت هريسنگهاڻي اوچتو چيو اڙي ها اڄ ٻي نومبر آهي منهنجي جنم جو ڏينهن!! اُن جو ائين چوڻ سڄي بسن مان مبارڪون اُن کي ملڻ شروع ٿي ويون. گهڻن ته اُٿي ڀاڪر پائي کيس جنم ڏينهن جون مبارڪون ڏنيون. ڊاڪٽر نواز علي شوق ته خوشيِ مان پنهنجي خوبصورت سنڌي ٽوپي لاهي قيمت هريسنگاڻي کي پارائي ۽ چيائين ته هي منهنجي طرفان توهان کي تحفو آهي هاڻ هن کي لاهجو نه. ڪن قافلي وارن اهو به چيو ته اسان کي پهرين خبر هجي ها ته لاڙڪاڻي شهرمان ڪيڪ به وٺي ڇڏيون ها. هن قافلي سان گڏ هن هلندڙ بس ۾ ڪيڪ ڪاٽيو وڃي ها ته ڪيترو نه مزو اچي ها. اُت قيمت هريسنگاڻي ڏاڍي اطمينان سان چيو ته فڪر نه ڪيو ميهڙ ۾ هلي مان توهان کي ميهڙ جو مائو کارائيندس اُت ڪن ساٿين چيو ڇو سائين توهان ڇو کارائيندا اسين توهان کي کارائينداسين. اهڙي طرح سان کل ڀوڳ ڪندا ڳالهيون ٻولهيون ڪندا رهيا ۽ قافلو پنهجون منزلون مٽائيندو رهيو.
هاڻ رستي تي جيڪو شهر آيو اُهو هو خيرپورناٿن شاهه ......خيرپور ناٿن شاهه وٽان جڏهن قافلو لنگهيو ته سڀني کي ايم آر ڊي تحريڪ جي دوران هن شهر جي رهواسين جي جدو جهد ياد اچي ويئي. ٻين صوبي جي مهمانن کي اسان جا سنڌي اُن دور جون ڳالهيون ظلم ۽ زيادتيون ٻڌائڻ لڳا اهڙيون ظلم جون ڪهاڻيون ٻڌي سڀن جا وات ڦاٽي ويا. هي شهر جت ايڪڙ ٻيڪڙ ڪو چڱو گهر هو. بازار به معمولي هئي سادڙا سٻاجهڙا ماڻهو نه اُنهن ۾ ٺاهه ٺوهه ۽ نه وري ڪا وڏائي. ڪير تصور به نه پئي ڪري سگهيو ته ڪو هنن سٻاجهن ماڻهن ڏاڍي ڏونگر جو مقابلو ايڏي مردانگيءَ سان ڪيو هو بسون هڪ منٽ ۾ شهر کان ٻاهر پهچي ويون پر هتان جا قصا کٽائي نه پئي. داستان ظلم جا داستان جن جو ڪو انت ئي نه آهي.
اُن ويل مان سوچيندي رهيس ته سنڌي قوم جي عجيب نرالي طبيعت آهي
ظلم سهندي به آهي ته ظالم سان مقابلو به ڪندي آهي. گذريل يارنهن سالن ۾ سنڌجي رهواسين مٿان جيڪي ڏاڍ جا ظلم جا ڏونگر ڪريا سي ڳڻپ کان مٿي آهن. ڌاڙيلن جو بهانو وٺي امن پسند غريب سنڌين کي تنگ ڪيو ويو. انهن جي گهرن جا مال متاع ٽرڪون ڀري ڍويو ويو. غريب عزت وارن جي گهرن ۾ گهڙي عورتن ۽ نياڻن جو بيعزتيون ڪيون ويون.
شهرن جي مٿان بمباري ڪئي ويئي. هالا شهر جي ٻاهران جيڪا سنڌين ناڪا بند ڪئي آهي ۽ ماڻهون ڌرڻو ماري ويهي رهيا هئا اُنهن کي ڪيتري بي درديءَ سان اُتان هٽايو ويو. ڳوٺ ايوب ٿهيم کي باهه ڏيئي ساڙيو ويو. اُن ويل عورتون نياڻيون قرآن کڻي گهرن مان ٻاهر نڪري آيون ته به ظالم ظلم کان باز نه آيا. ٺوڙهي ڦاٽڪ وارو واقعو اُهو ڪنهن کان وسريو هوندو؟ هن واقعي ۾ ظالن پنهنجي وحشت ۽ بربريت جو مڪمل نمونو پيش ڪيو هو. الائجي ڪيترا اهڙا واقعا جن جو ڪو انت ئي نه آهي ٿيندا رهيا آهن ڌرتي واسين مٿان قهر ۽ ظلم جا پهاڙ ڪرندا رهيا هنن اٻوجهن لاوارثن مٿان . ها پر ان وقت پريس به چپ، سياستدان به چپ ڪنهن کي خبر ئي نه ته ڇا پيو ٿئي. سياستدان جن کي سڀ خبر سي به ماٺ. اهي ماٺ ڪرڻ وارا هئا سنڌي سياسي ليڊر عجيب نفرت انگيز ڪردار رهيو آهي اسان جي سنڌي سياسي ليڊر جو. قرباني ڏي عوام، مري ڪٽجي عوام، جيلن ۾ اذيتون سهي عوام، ۽ هنڀوڇيون هڻي، ڄور وانگر رت پيئي اسان جو سنڌي سياستدان. اسان جا سنڌي سياسي ليڊر رت پياڪ آدم خور ٿي ويا آهن. اُنهن مان شُناس نڪري چڪي آهي. ها اوسيتائين ان وقت تائين هن ڌرتي کي آجپو نه ملندو سک ۽ شانتي نه ملندي جيستائين هن مدي خارج سياسي ليڊرن مان جان نه ڇٽندي. هڪ ٻيو به وڏو ظلم جيڪو سنڌين سان آهي اُهو ته سنڌي راهه گناه مارجي وڃي يا رستي ويندي پڪڙيجي پوي ۽ ان وقت جو ڪو هٿيار هجي. چاهي ان هٿيار جو لائسنس به ان وٽ موجود هجي. اُن سنڌيءَ اُهو هٿيار پنهنجي تحفظ لاءِ ئي ڇو نه رکيو هجي اخبار ۾ خبر اچي ويندي ته هڪ وڏو دهشتگرد گرفتار ٿيو آهي هندستان جو ايجنٽ ۽ را تنظيم جو نمائندو گرفتار ٿيو آهي. اڄ ڪلهه سنڌي لفظ جي معنيٰ ئي آهي ڌاڙيل، غدار، ڪافر ۽ را جو ايجنٽ......
ٽنهي صوبن مان ڪوبه صوبو سنڌين سان همدردي نه ٿو رکي ۽ نه وري ساٿ ٿو ڏئي. ٻيا ته ٺهيو شڪايت ته بلوچستان وارن سان آهي. سنڌين ڪڏهن به بلوچن کي پاڻ کان الڳ نه سمجهيو آهي. بلوچستان وارن سان سنڌين جي محبت جا رشتا آهن. خبر نه آهي ڇو اتان جا ليڊر نالي وارا قبائلي سردار هن ڏکئي وقت ۾ سنڌين کي وساري چُڪا آهن. محبت جا رشتا ٽوڙي چُڪا آهن. اُنهن سان گڏجي وڃي ويٺا آهن جيڪي سنڌين جا ازلي ويري ۽ انسانيت جا قاتل آهين هي سڀ ڏک هي سڀ ڳالهيون اُن ويل ياد اينديون آهن. ڏوراپا به ان وقت ڏبا آهن جڏهن پنهنجن کي ڪمزور ۽ دوستن کي لاپرواهه ۽ دشمن جابر ۽ سفاڪ ڏسبو آهي. خيرپورناٿن شاهه ۽ ٻيا سڀ سنڌ جي علائقن جا ماڻهو باهمت نڊر ۽ بيباڪ آهن. سلام آهي، هنن سڀني کي جن جي ڪري اڃا تائين سنڌ جي ڌرتي قائم دائم آهي.
هاڻ سائين قافلي وارا ميهڙ شهر ۾ داخل ٿيا. بسون اڃان ٿورو اڳتي هليون ته ڪنهن رڙ ڪيئي اڙي هوڏي ڏسو بِهن وارو ڏسو. ڪنهن ڀيڻ چيو اڙي هو مٽ وارو ڏسو پڪ ئي پڪ ان وٽ اوٻاريل بهه هوندا. گهڻن ڄڻن ته اهو پئي چيو ته ميهڙ جو مائو ميهڙ جي ميندي وٺڻ کانسواءِ اسين هتان ڪيئن ٿا وڃي سگهون؟ آخر سائين سڀ بسون بيهاريون ويون تقريبن بس جو هر ماڻهو هيٺ لٿو ڪجهه نه ڪجهه وٺڻ خاص طرح ميهڙ جو مائو ميندي. اسان عورتن مان ڪوبه هيٺ ڪونه لٿو. هاڻ پروين سومرو کي ڪا ياد گيري ئي اُن بس جي دريءَ مان سامهون واري دڪاندار کي سڏيو چيو ان فلاڻي جو دڪان ڪٿي آهي؟ اُن دڪاندار ٻڌايو ته سامهون گهٽيءَ ۾ آهي پروين ان کي چيو ته ڊڪ پائي ان کي وٺي آ. ان کي چئجان تنهنجي ماسي ٿي توکي سڏي. اُن ويل پروين سڀني کي ٻڌايو ته سندس ڀاڻيجو هت ٿو رهي. هاڻ موقعو مليو آهي ته اُن سان به ملي وٺان هڪ منٽ به نه گذريو ته اهو ڇوڪرو به اچي ويو. پروين ڏاڍي پيار سان ان سان ملي ۽ خبرون چارون وٺڻ لڳي. ان پروين تي زور رکيو ته گهر هلو. چانهه پاڻي پيئو. مانيءَ جو ٽائيم آهي ماني هلي کائو. پروين ان کي سمجهائڻ لڳي ته مان هنن قافلي وارن سان گڏ آئي آهيان ۽ اسان جلديءَ ۾ آهيون اُن ڪري ڪٿ به اسان کي لهڻو نه آهي. هو جوان اصل ضد ڪري بيٺو اُن تي ڊاڪٽر سليمان جيڪو پريان ويٺو هو اُن نوجوان کي چيو ته ته ڀلا سڄي قافلي کي کي به چانهه پياريندي ڇا؟ اُن جوان وڏي دل سان ۽ يقين سان چيو “ڇو نه سائين ڇڙي چانهن ڇو مان اوهان کي ماني به کارائيندس. بهرحال وڏي بحث مباحثيءَ کانپوءِ اُن اها ڳالهه سمجهائي ويئي ته وقت گهٽ آهي ۽ هن قافلي وارن کي ڪٿي به لهڻو يا بيهڻو نه آهي، اگر ائين ٿيندو رهيو ته پوءِ هر ڪنهن جو ڪٿي نه ڪٿي ڪو نه ڪو مائٽ عزيز آهي ئي آهي پوءِ جو هو سڀ پنهنجن مائٽن ۽ عزيزن سان ملندا رهندا ته قافلي جو اصل مقصد ته فوت ٿي ويندو ........... ميهڙ شهر منهن جي ابن ڏاڏن جو شهر آهي ميهڙ شهر جي ڀرسان ٿيٻن جي ڳوٺ ۾ منهنجا ڏاڏاڻا آهن. بابا سائين هت پلجي جوان ٿيو. مان لاڙڪاڻي شهر ۾ ڄايس ٽنڊو آدم جي گهٽين ۾ بلور، اٽي ڌڪر، ۽ اک ٻوٽ کيڏي عام رواجي سنڌي اسڪول ۾ فرحي ۽ سليٽ تي پڙهي وڃِي حيدرآباد نڪتس ڪاليج يونيورسٽي ٽپي اچي نوڪري سانگي ڪراچي ويٺس. هت ئي منهنجو گهر ٺهيو. منهنجا ٻار ڪراچي جي بهترين تعليم ادارن سينيٽ جوزف ڪانوينٽ ۽ سينٽ پيٽرڪ اسڪول ۾ پڙهندا آهن. ننڍڙي عمر ۾ ايترا ته بولڊ ۽ هوشيار آهن. جو مونکي ته انهن جيترو عقل ڪاليج جي دور ۾ به ڪونه هو. پنهنجو ننڍپڻ جو ڳالهيون جن ياد ڪري کل ايندي آهي. جڏهن منهنجا ٻار اهو مونکان پڇندا آهن ته امي توهان ننڍپڻ ۾ ڪهڙن رانديڪن سان کيڏندا هئا يا وري توهان وٽ ننڍپڻ ۾ ڪهڙا ڪهڙا رانديڪا هونداهئا. مان انهن کي ڪوبه جواب ڏيئي نه سگهندي آهيان. اِن جو مطلب اهو نه آهي ته مون پنهنجي ننڍپڻ ۾ کيڏيو ڪڏيو نه هو. پنهنجي وقت جي حساب سان اسان به زندگي جا سڀ مزا ورتا کڏ تي لغڙ اُڏائڻ ڀائرن سان گڏجي رسيءَ تي جمپ ڏيڻ، ڊڪ ڊوڙ وغيرهه ۽ ٻيون ڪيتريون ئي رانديون اسان کيڏيون. پر اڄ جا ٻار جيڪي بند ۽ ننڍڙن گهرن ۾ پلجن پيا سائنس ڏاڍي ترقي ڪئي اوچتو ئي اوچتو ايتريون ته سهولتون گذريل ڏهن پندرنهن سالن ۾ ميسر ٿي ويون آهن جيڪي اسان جي ننڍپڻ ۾ ڪين هونديون هيون. صفا ننڍڙا هئاسين ته ريڊيو ٻڌندا هئاسين، اُن کان پوءِ ٽي وي اُها به بلڪ اينڊ وائيٽ ڇا ته مزو هو اُن کي ڏسڻ ۾ اصل اک ئي ڪونه هٽندي هئي. هر پروگرام ڏٺو ويندو هو. پر اڄ جا ٻار جيڪي باربي ڊال، سينڊي ڊال، رموڊ ڪنٽرول جي گاڏين ويڊيو گيم ۽ ڪمپيوٽر سان کيڏڻ وارن ٻارن کي مان ڇا ٻڌايان ته اسان جون خوشيون اسان جو ضرورتون ڪيتريون نه محدود هيون. هڪ معمولي رانديڪي ملڻ سا ئي خوش ٿي ويندا هئاسين. ساهه سان سانڍي رکندا هئاسين انهن رانديڪن کي، گڏيون ته اسان کي گهر جون مايون هٿ سان ڪپڙي جون ٺاهي ڏينديون هيون، اُنهن گڏين کي موتين جا زيور پارايا ويندا هئا. اُهي گُڏيون اسان کي ڏاڍيون وڻنديون هيون. امان شاهل جي ڌيءَ امان کتان جنهن وٽ مان ڪجهه عرصي وڃي رهي هئس اُ ن ڪجهه سال اڳ منهنجي ڌيءَ لاءِ اهڙي ڪپڙي جي گُڏي ٺاهي موڪلي. منهنجي ڌيءَ جيڪا پنجن،ڇهن سالن جي مس هئي، گُڏيءَ کي ڏسي ڊڄي ويئي اکيون ٻاهر نڪري آيس ڊپ مان چوڻ لڳي. امي هيءَ گُڏي ته ڪونه آهي ڊرا ڪولا آهي. مجبورن مونکي ان گُڏيءَ کي لڪائي رکڻو پيو، ڇو ته منهنجي ڌيءَ اُن کان گهڻو ڊڄي رهي هئي.
ميهڙ شهر جو ذڪر ڪندي اهي سڀ ڳالهيون ياد اچي ويون. ميهڙ مان قافلي وارن گهڻو ڪري مائو ۽ ميندي ورتي. مان ڏٺو ته ميندي سيل پيڪ ٿيل پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ بند هئي. مٿان وري ٽپو لڳل هو ۽ لکيل ته ميهڙ جي مشهور ميندي معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته هاڻ اُها ميندي سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ ملندي آهي.
هاڻ قافلي جي منزل سکر شهر هو. سکر ۾ هي فيصلو ڪيو ويو ته رستي تي مخدوم بلاول رضه جي مزار ايندي اهو ڪيئن ممڪن آهي جو اُتان مخدوم بلاول جي مزار کي پُٺي ڏئي هليو وڃجي. قافلي وارن به ان ڳالهه ۾ دلچسپي ڏيکاري ته اُت ضرور لهڻ گهرجي. اهو سڀ ڪجهه سوچي محترم عبدالمجيد جمالي جيڪي سگا جي دادو ضلعي جا صدر آهن اڳ ۾ ئي روانا ٿي ويا. قافلي جي پروگرام اُت وڃڻ شامل ڪونه هو، اُن ڪري انهن کي هڪ ڏينهن ۾ ئي سڀ انتظام ڪرڻو هو جڏهن قافلو مخدوم بلاول جي مزار تي پهتو ته بس رنگ لڳا پيا هئا اهڙو ته سٺو انتظام ڪيل هو جو يقين ئي نه پيو اچي ته ڪو اڄوڪي ڏينهن ۾ اهو سڀ ڪجهه ڪيو ويو آهي قافلي وارا سڀ کان پهريان مخدوم بلاول جي مزار تي زيارت ڪرڻ ويا. سادي مزار ڪٽهڙي جي اندر ٻاهران هاڻ ڪم پئي هليو. هڪ وڏي گنبد جي تعمير هلي پئي. معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته اڳ ته هڪ ننڍڙي سادڙي ڪوٺي هوندي هئي مختلف وقتن ۾ مختلف حڪمرانن ۽ سرنديءَ وارن هت مزار تي ٺهرائڻ چاهيو پر جڏهن به تعمير جو ڪم شروع ٿيو ته اُهو رات وچ ۾ ڊهي ويندو هو. ڪافي ڪوشش جي باوجود به هت مقبري جو گنبذ يا ڪا ٻئي تعمير ٿي نه سگهي. هاڻ سون سالن کان پوءِ تعمير شروع ٿي آهي ڪنهن اُت اِهو به ذڪر ڪيو ته مخدوم بلاول هڪ ڇوڪري کي خواب ۾ آيو هو، اُن کي چيائين هاڻ منهنجي مزار تي مقبرو اڏايو وڃي اُن ڪري اهو مقبرو تعمير ٿيڻ شروع ٿيو آهي. اُن شخص جي باري ۾ به ٻڌايو ويو جنهن جي خواب ۾ مخدوم بلاول جن آيا هئا. اهو ڇوڪرو پرائمري ماستر هو ان هي خواب ۾ مخدوم بلاول آيو هو. جڏهن مخدوم صاحب پاڻ اجازت ڏني ته تعمير جو ڪم زور شور سان چالو ٿيو. عجب ته اهو آ ته هاڻ ائين ڪو نه ٿيو آهي جيئن اڳ ٿيندو هو. جو اڃا تعمير جو ڪم شروع ٿئي ته کنيل گنبذ ڪريو پوي. بحرحال هڪ ٻُڌل ڳالهه جڏهن تحرير ٿي ويندي آهي ته اها تاريخ جو حصو ٿي ويندي آهي اُن ڪري اُت ٻڌل ڳالهيون سڀ ڇڏي ٿي ڏيان........
مخدوم بلاول جي مزار سان گڏ هڪ خوبصورت مسجد اڏيل هئي اُن مسجد کي ڏسي قافلي وارا ٻاهر ميدان تي جت ويهڻ جو انتظام ٿيل هو اچي گڏ ٿيا. مخدوم بلاول جنهن جي مزار تي اڄ سڀ قافلي وارا اچي گڏ ٿيا هئا عقيدت،محبت ته پنهنجي جاءِ تي پر مخدوم بلاول تاريخ جي هڪ وڏي هستي آهن مخدوم بلاول ذات جو سمون هو ۽ سندس تعلق ٺٽي جي شاهي خاندان سان هو.مخدوم صاحب ديني علم حاصل ڪرڻ جي نيت سان بادشاهي ڇڏي فقيري اختيار ڪئي. سندن ڄم جي تاريخ صحيح طرح معلوم نه ٿي سگهي آهي پراندازن نائين صدي عيسوي جي آخر ڌارا ڄائو هو. ابتدائي تعليم ٺٽي مان حاصل ڪيائين شادي به اتي ڪيائين ۽ آخر عمر تائين اُت ئي رهيو. علم حديث ۽ تفسير جو ماهر هو. سندس مشهوري چئني طرف پکڙيل هئي، جنهن ڪري پري پنڌ کان ماڻهو وٽس علم پرائڻ لاءِ ايندا هئا (ڄام فيروز جي زماني ۾ جڏهن شاهه بيگ ارغون سنڌ تي ڪاهه ڪئي ۽ باغبان وٽان اچي لنگهيو. تڏهن قومي غيرت جي ڪري مخدوم بلاول جي مريدن ۽ جماعت زبردست مقابلو ڪيو. پر شاهه بيگ ارغون ڪاميابيون حاصل ڪندو وڃي ٺٽي پهتو. ٺٽي ۾ مرزا شاهه بيگ ارغون ڄام فيروز سان معاهدو ڪري اڌ ملڪ سندس حوالي ڪري ۽ اڌ پنهنجي قبضي ۾ رکي جڏهن ٻيهرسيوهڻ جي رستي کان موٽيو تڏهن ٽلٽي ۾ منزل انداز ٿيو انهي علائقي جي معزز مهمانن کي گهرايائين. انهن کيس ٻڌايو ته هتي جا ماڻهو اوهان جي اطاعت ۽ فرمانبرداري لاءِ تيار آهن مگر مخدوم بلاول جو هن حد جو وڏو عالم ۽ شيخ آهي سو ماڻهن کي روڪي رهيو آهي. بلڪ هو جنگ ۽ مقابلي لاءِ ماڻهن کي تيار ڪري رهيو آهي. هي بنيادي سبب آهي جو شاهه بيگ مخدوم بلاول کان وير وٺڻ جو ارادو ڪيو(معصومي) انهي سڄي منصوبي ۾ ميران محمد شاهه فريق رهيو. اُن هڪ موچيءَ کي گهرائي حڪم ڪيو ته هڪ جُتي تيار ڪري جنهن جي وچ ۾ قرآن شريف جو آيتون وجهي ۽ اُها مخدوم بلاول ڏانهن کڻي وڃي. موچيءَ کي زبردستي مڃرائي اها جتي مخدوم بلاول ڏي تحفو ڪري موڪلي ويئي چون ٿا ته مخدوم بلاول ان موچيءَ کان پڇيو اِها جتي آهي؟ اُن جواب ڏنو هائو سائين مخدوم صاحب ان وقت پنهنجي خليفي مخدوم ساهڙ جن سان گڏ ويٺا هئا فرمايائون ته ابا هن کي تون هٿ ۾ جهلي ويهه ۽ هيٺ رکڻ نه ڏنائون. پوءِ هڪ موچيءَ کي گهرائي جوتي جي ٻنهي حصن کي جوڙائي هڪ ٽوپي ٺهرايائو ۽ مخدوم ساهڙ کي گهرائي پارائي چيائون ته هيءَ ٽوپي تنهنجي مٿي تي پئي هجي. موچي وڃي سمورو قصو ميران محمد شاهه کي ٻڌايو اُن ڇا ڪيو جو موچي طرفان هڪ فرياد اُتان جي قاضي وٽ داخل ڪرايو ته مخدوم بلاول قرآن شريف جو آيتون جُتي ۾ سبرائي اُها جتي استعمال ڪئي آهي. هي خبر اُتان جي قاضين کي به ٻڌائي ويئي هاڻ. مخدوم بلاول کي گهرايو ويو اُن وقت مخدوم بلاول صاحب موچيءَ کان صرف هڪ سوال پڇيو ابا اها جُتي مون پيرن ۾ پاتي هئي؟ موچي چيو هائو سائين، ان کان پوءِ مخدوم صاحب ڪو به سوال نه ڪيو قاضي صاحب شاهديون وٺڻ کان پوءِ فيصلو ڏنو ته مخدوم صاحب کي جيئري ئي لوهه جي گهاڻي ۾ پيڙهايو وڃي. مخدوم صاحب نهايت صبر سان فيصلو ٻڌو، اُت مخدوم صاحب اهو چيو ته مونکي گهاڻي ۾ پيرن کان وڌو وڃي ته جيستائين ساهه هوندم پنهنجي هن ڌرتي کي ڏسندو رهندس 969 هجري مطابق 1522ع مخدوم صاحب شهادت حاصل ڪيئي. سندس وجود کي مٽ ۾ وجهي انهي هنڌ دفنايو ويو. هاڻ اُت هر مهيني جي پهرين جمع تي عاليشان اجتماع ٿيندو آهي.

مرڻا اڳي جي مئا. مري نه ٿين سي مات،
هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيا.

8

هاڻ باقاعدگي سان محفل جي شروعات ٿي، عادل سخيراڻي مائيڪ سنڀاليو اُن سڀ کا پهرين هي شعر پڙهيو
هر سج جي سلامي نه ڪئي نه ڪبي،
سنڌ ته امر آهه، ان سان حساب ڪونهي،
ٻئي ڪنهن جي غلامي نه ڪئي آ نه ڪبي.

عادل سخيراڻي سگا يونٽ ضلعو دادو طرفان سڀني جو آڌر ڀاءُ ڪيو. اُن کان پوءِ اُن مختصر طور مخدوم بلاول جي زندگي جو احوال پيش ڪيو. اُن کام پوءِ عادل سخيراڻي برڪت علي چوهاڻ، ڊاڪٽر سليمان شيخ گوبند مالهي، ۽ وينا شرنگي کي مان ڏيئي سڏي خاص ڪرسين تي ويهاريو. محترم عبدالحميد جمالي جن ٻاهران آيل مهمانن کي هار پرايا.
عبدالله مگسي صاحب جن پنهنجو ڪتاب، ”عالمي امن ۾ سنڌي ادبين جو حصو“ به عادل سخيراڻي جي هٿان آيل مهمانن کي ڏياريو اڻ وقت عادل سخيراڻي چوڻ لڳو ته هت وڏا وڏا اديب شاعر ويٺا آهن مگر ليکڪ جو چوڻ آهي ته مان سندس ننڍڙو دوست آهيان ان ڪري مان پنهنجن هٿن سان هي ڪتاب سڀني کي پيش ڪري رهيو آهيان اها جيڪا عزت مون جهڙي ننڍڙي شاعر ۽ صحافي کي ڏني آهي. مان سندس ٿورائتو آهيان.استاد بخاري جن به اُت موجود هئا. سندس صحت ٺيڪ نه پئي لڳي.مگر جذبا جوان هئا. مون سندس خيريت پڇي پنهنجي طبيعت ٻڌائيندي چيائون هاڻ اسان ۾ ڇا رهيو آهي کين چيم سائين ڪي سٺا شعر گيت ٻڌايو ته مزو اچي وڃي. اُت محسوس ڪيم ته استاد بخاري جن طبيعت ٺيڪ نه هئڻ ڪري پاڻ مزي ۾ نه هئا. حالانڪ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ گهٽتائي ڪانه هئس پر سندس ڳالهين ۾ مايوسي ۽ پريشانيءَ جو عنصر ضرور موجود هو. اُستاد بخاري سنڌ جو هڪ قدرآور شاعر ۽ سنڌ جي تاريخ جي هڪ حصو آهي. سندس شاعريءَ ۾ قوميت جا جذبا ۽ قوم جي سڌاري لاءِ جيڪي جولان آهن سي ڪنهن کان ڳجها ڪين آهن. هڪ حساس شاعر سڀ پيڙائون پنهنجي وجود ۾ ڀوڳي پوءِ ٻاهر ڪڍندو آهي پهرين شاعر جو وجود ڀورا ڀورا ٿي وکرجندو آهي، اُن کان پوءِ ڪو شعر تخليق ٿيندو آهي اُهو شعر انهن ڀوڳنائن جو ثمر هوندو آهي. جيڪو شاعر پنهنجي وجود ۾ ڀوڳي ٿو يا آس پاس جي ماحول مان حاصل ڪري ٿو. پوءِ ڀلا اهڙا شاعر ڪيئن صحت مند ۽ سکي ستابي زندگي گذاري سگهندا؟ اُهي سڀ بيماريون ۽ اُهي سوچون شاعرن اديبن کي ورثي ۾ مليل آهن، اُنهن جي وجود سان ڳنڍيل آهن، پنهنجي وجود ۾ مليل آهن. وڏو ظُلم ته اهو آهي ته شاعرن اديبن وٽ پئسي جو کوٽ چڱي طرح پنهنجو علاج به نه ڪرائي سگهن. مهانگيون دوائون، مهانگيون رپوٽون. اُهو ليکڪ جيڪو مشڪل سان پيٽ ٿو پالي هُو ايترا ڏوڪڙ آڻي ڪٿان؟ مزي جي ڳالهه ته اها ته آديبن کي بيماريون به ڪي معمولي قسم جو نه ٿينديون آهن، اُنهن کي اُهي بيماريون ٿينديون آهن، جن جي نالي وٺڻ سان ئي رت سڪيو وڃي. موت کان اڳ ئي انسان مريو وڃي.
هن مخدوم بلاول جي مزار تي مچايل محفل ۾ استاد بخاري صاحب جن ٻڌايو ته سندن سڀ ڪتاب آئوٽ آف مارڪيٽ آهن آخري ڪتاب جو ڪجهه ڪاپيون موجود آهن جيڪي سنڌي ادب سان دلچسپي رکندڙ ٻاهران آيل مهمانن کي اِهي تحفا طور پيش ڪيون ويون هي ڪتاب استاد بخاري پنهنجن هٿن سان سڀني کي ڏنا. عبدالمجيد جمالي طرفان ٻاهران آيل مهمانن کي تحفا ڏنا. اُنهن جا نالا هي آهن جاويد احسن جيڪو پاڻ ڊيره غازي خان مان آيو هو. بلوچستان جي صوبي مان آيل سيد عابد شاهه عابد. پنجاب مان آيل ملڪ فتح محمد اُن کان علاوه ڊاڪٽر محمد شاهه بخاري لوڪ فنڪاره جيجي زرينه ڪوئٽه مان آيل مهمان عبدالرزاق صابر جن هئا. هنن مهمانن کي مختلف ماڻهن جي هٿان تحفه ڏياريا ويا.
محترمه صبحان ميمڻ جن جيڪي دادو ضلعي جا ڊپٽي ڪمشنر هئا ۽ هن قافلي جا ميزبان هئا. ڪنهن اوچتي ڪم سبب صبحان ميمڻ جن اُت موجود نه هئا اسسٽنٽ ڪمشنر ضلعو دادو رميش ڪمار جن اُت موجود هئا. انهن اُت ٻه ٽي منٽ ڳالهايو ۽ قافلي وارن کي خوش آمديد چيو. رميش ڪمار صاحب جي هتان. گوبند مالهي، ڊاڪٽر مرلي ڌر جيٽلي، وينا شرنگي نارائڻ ڀارتي، ڪرشن ڪثوواڻي ۽ قيمت هريسنگاڻي جن کي رلهي ۽ اجرڪ جا تحفا ڏنا ويا.
هاڻ محترم عبدالمجيد جمالي طرفان قافلي سان گڏ آيل سڀني عورتن ۽ نياڻين کي اجرڪون پيش ڪيون ويون. اها سنڌي عام روايت آهي آجيان ڪرڻ ۽ مان ڏيڻ جي. عبدالمجيد جمالي جي ان قدم جي سڀني ساراهه ڪئي.ايتريون ته اجرڪون هيون جو لڳي پيو ته سڄو دڪان ئي خريد ڪري آيو آهي. عبدالمجيد جمالي صاحب جن هڪ ڏينهن اڳ ئي قافلي وارن کان الڳ ٿي هيڏانهن هليا آيا هئا. ڇو ته ڇپيل پروگرام ۾ مخدوم بلاول جي مزار جو پروگرام نه هو. قافلي وارن جي راءِ سان اهو پروگرام ٺهيو هو. ٿوري ئي وقت ۾ ايترو سٺو انتظام ڪيل هو. جنهن ۾ ويهارڻ جو کارائڻ کان سواءِ سڀني نياڻين ڀيڻن کي مان ڏيڻ به شامل هو .
ڊاڪٽر سليمان صاحب جن سگا شاخ دادو ضلعي وارن جا ٿورا مڃيا گوبند مالهي جن ٿورا مڃيندي چيو ته توهان سڀني اسان کي مان ڏنو عزت ڏني. توهان اسان کي سوکڙيون ڏنيون آهن. ۽ اُن هنڌ ڏنيون آهن جت مخدوم بلاول جي مزار آهي. مان ته اهو چوندس ۽ چوندو آهيان ته جيڪڏهن داراشڪوه هندستان جي تخت تي ويهي ها ته هندستان جي ۽ سنڌ جي تاريخ بدلجي وڃي ها داراشڪوه ته مخدوم بلاو جو گهڻو اثر هو. مخدوم بلاول سنڌ لاءِ ئي شهيد ٿيو.
وينا شرنگي ڳالهائيندي چيو سڄڻ توهان کي خبر ڪهڙي ته مان هت ڇا محسوس ڪري رهي آهيان. مان ته صرف اهو چوندس ته توهان جيڪو قرب ڏنو اهي سو تا زندگي ياد رکندس. هتان اوهان جون يادون دل ۾ کڻي وينداسين
اسان توهان کي نينڍ ٿا ڏيون ته توهان اسان وٽ ڀارت اچو ۽ اچي شاهه ۽ سچل جا ڪلام ٻڌو.
برڪت علي چوهاڻ صاحب جن چيو ته دادو ضلعي جي صدر ۽ جنرل سيڪريٽي ۽ ٻين عهديدارن جو احساس مند آهيان قافلي وارن سان گڏ هلندي گهمندي دل جيڪا بهار بهار ٿي آهي اُن کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي.
هاڻ کاڌي پيتي جو انتظام ٿيل هو ويناشرنگي ۽ ان جي ڀيڻ ته پڇا پيون ڪن ته ڪا ويجيٽيبل آهي اُت کائڻ جون شيون جام هيون پر اُت جيڪا بهن جي ڀاڄي مصالي ۾ ٺهيل هئي اُها اهڙي ته لاجواب ۽ ذائقي واري هئي جو جن پئي کاڌي ته انهن پئي چيو ته اهڙا مزيدار بهه انهن زندگي ۾ نه کاڌا آهن.
مخدوم بلاول جي مزار تان قافلو سيوهڻ شريف روانو ٿيو. هت قافلي وارن کي قلندر شهباز جي مزار جي زيارت ڪري منجهند جي ماني کائڻي هئي. جئين ته مخدوم بلاول تي ئي قافلي وارن کي شام ٿي ويئي هئي. اُن ڪري قافلو جڏهن سيوهڻ پهتو ته رات جا تقريبن نو ٿي چڪا هئا. سيوهڻ ۾ قافلي جو ميزبان محمد صديق ميمڻ اسٽنٽ ڪمشنر سيوهڻ هئا. سيوهڻ جي قلعي ۾ قافلي وارن جي لاءِ انتظام ٿيل هو سڀ کان پهريان قافلي وارا قلندر شهباز جي مزار تي حاضر ٿيا. اُن وقت قلندر شهباز جي مزار تي خاموشي ڦهليل هئي. ايڪڙ ٻيڪڙ دڪان کان سواءِ ٻيا سڀ دڪان بند هئا زائرين به ڪنڊ پاسي ۾ هنڌ وڇائي ستا پيا هئا. آرام ۽ سڪون سان قافلي وارن زيارت ڪئي. ڏينهن جي ٽائيم ته ماشاالله فقير ايترا هوندا آهن جو چڱي طرح گهمڻ ۽ ڏسڻ به نه ڏيندا آهن. هو ويچارا فقير به ڇا ڪن. اُنهن جو روز زرق به ته هتان جي زائرين جي اچڻ جي ڪري آهي . قلندر شهباز جي مزار تي جيڪو سون جو دروازو آهي اُن جي ڀرسان بيهي ڪيترن قافلي وارن ڦوٽو ڪڍرايا سڄي قافلي وارن جي اهاحالت هئي جو ٿڪل ٽٽل ننڍ ۾ چور........ مزار تان زيارت ڪري قافلو سوهڻ جي قلعي ڏانهن روانو ٿيو رات جو گهپ اندهيرو ۾ قلعو ته نظر ئي ڪونه پئي آيو. قلعي جي اندر ٺهيل ريسٽ هائوس ۾ قافلي وارن کي ويهارڻ ۽ کارائڻ جو بندوبست ڪيل هو. اُت ميزبان محمد صديق ميمڻ اسسٽنٽ ڪمشنر جن قافلي جو آڌر ڀاءَ ڪندي سگا جي تعريف ڪئي ۽ ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ ٻين جي خدمتن کي ساراهيو ات محترم ڊاڪٽر يعقوب مغل جن پنهنجا ڪتاب مهمانن کي ڏنا. سيوهڻ جو ريسٽ هائوس ڏاڍو سٺو ٺهيل ۽سينگاريل هو. ماني کائي قافلي وارا ٿوري دير لاءِ ٿڪ ڀڄڻ لاءِ اُت ويهي رهيا اُن دوران ڇا ٿيو جو مظهر ميمڻ سڀني قافلي وارن کان اهو پڇي رهيو هو ته ڪير ڪهڙي علائقي ۾ رهي ان حساب سان سڀني کي بسن ۾ ويهارجي هندستان مان آيل مهمانن کي حيدرآباد ۾ لهڻو هو. ان ڪري حيدرآباد ويندڙ بس کي الڳ ڪيو ويو. جڏهن مظهر ميمڻ مونکان پڇيو ته مان چيومانس ته مونکي ته توهان منهنجي گهر لاهيندو ظاهر آ رات جي وقت مان اڪيلي ڪاڏي ويندس. مظهر ميمڻ چوڻ لڳو ته توهان تين هٽي وٽ لهي وڃجو. ٻيا به ڪجهه اتي لهندا. اتان رڪشا ڪري گهر هليا وڃجو هاڻ ته منهنجا هوش ئي خطا ٿي ويا. مظهر ميمڻ کي چيم توهان چريا ته ڪو نه ٿيا آهيو. هي ڇا پيا چئو اسان الائجي ڪيڏي مهل رات جو ڪراچي پهچنداسين ۽ توهان مونکي تين هٽي وٽ لاهي ڇڏينديو توهان کي شابس هجي. اهڙي ڳالهه پهرين ڪيو ها ته مان توهان سان اچان ئي نه ها. ات مظهر ميمڻ وري چيو اهو اسان لاءِ ممڪن ئي ڪونهي ته هڪ هڪ ڄڻي کي گهر تي ڇڏيون هاڻ ته مان صفا پريشان ٿي ويس. اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيم . اُت بيٺل مونکي هڪ ٻئي ڀاءُ پريشان ٿيندي ڏسي چوڻ لڳو. ادي سلطانه توهان ته سمجهو ئي ڪونه ٿا. مظهر ميمڻ ته توهان سان مذاق پيو ڪري. توهان جئين ٿا چڙو ته هي وڌيڪ ٿو اوهان کي چيڙائي مان چيو منهنجو ٿو ساهه نڪري اها ڳالهه ٻڌي ۽ مظهر ميمڻ کي مذاق سمجهي آيو آهي.
رات جو تقريبن ٻاهرين بجي بسون سيوهڻ مان روانيو ٿيون. سڀني جي حالت ٿڪ جي ڪري خراب هئي ذهن ته ٿڪل هو پر جسم جو سنڌ سنڌ پئي سور ڪيو. مان ۽ ياسمين گڏ ويٺا هئا سين مظهر ميمڻ جي ڳالهه منهنجي ذهن ۾ سوار هئي چاهي ان مذاق ئي ڪيو هجي پر مونکي فڪر ٿي پيو. ڊاڪٽر سليمان ۽ ٻين سان ان ڳالهه جو ذڪر ڪيم سڀني کلي ڏنو. ڊاڪٽر سليمان چيو سلطانه تون به صفا چري آهين، ڀلا اهو ڪيئن ممڪن آهي جو رات جي ويلي ۾ اسان توهان کي اڪيلو بس مان لاهي ڇڏينداسين توهان سڀ اسان جي ذميداري آهيو. توهان سڀني کي گهرن جي درن تي لاهينداسين. بسون تيزيءَ سان پنهنجي منزل ڏي روانيو هيون. واپسي جي منزل رات جي تاريڪيءَ ۾ خاموشي ڦهليل هئي. اگر ڪنهن ڳالهايو پئي ته آهستي آهستي بسن جي ڊرائيور پراڻا انڊين گانا ٽيپ رڪارڊ تي هلائي ڇڏيا هئا. رات جي هن خاموشيءَ هنن گانن ڏاڍو مزو پئي ڏنو. ٿوري دير گذري ته مظهر ميمڻ مون ڏي اُٿي آيو ۽ چيائين اڄ خبر پئي ته توهان جي دل ڪيتري ڪمزور آهي مون توهان سان مذاق ڪيو ۽ توهان سنجيده ٿي ويا مان مظهر ميمن کي ڪوبه جواب نه ڏنو پر منهن جي ذهن ۾ دل تي بوجهه ضرورهو. ننڍ به نه پئي آئي. هن واپسي جي سفر م فهميده مونسان گڏ ويٺل هجي ها ته اندر جي باهه ۽ ٻوجهه ان سان ڪڍي ڇڏيان ها. ڪجهه ڪاوڙ ڪجهه پيار سان دهيمي لهجي ۾ هوءَ مونکي سمجهائي ها. ٿڪ جي ڪري يا وري ٻارن کي ياد ڪري خبر نه آهي ڇو ڪهڙي سبب جي ڪري منهنجي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا هاڻ ته حالت اها ٿي جو سچ پچ روئڻ شروع ڪري ڏنم خاموش روئڻ جنهن ۾ صرف ڳوڙها پئي وهيا مان ڪوشش ڪئي ته ڳوڙها بيهيجي وڃڻ ۽ مونکي ڪير به ان حالت ۾ نه ڏسي. روئڻ تي ته ڪنٽرول نه ڪري سگهيس ته ٽيڪ ڏئي رئو منهن تي وجهي ويهي رهيس. ڄڻ ته ڪير سمجهي ته مان ننڍ ۾ آهيان.
ٿوري دير کان پوءِ جڏهن هانو هلڪو ٿيم ته ننڍ کڻي ويم. اها ننڍ ۽ جاڳ ڪراچي تائين جاري رهي. ڪراچي پهچڻ تي سڀ ڪو پنهنجي گهرن وٽ يا گهرن جي ڀرسان واري گهٽيءِ ۾ لهندو پئي ويو. آخر صبح جو هلڪي روشني ۾ تقريبن پنجين وڳي مان به پنهنجي گهر پهچي ويس.
***