شخصيتون ۽ خاڪا

شھيد نظير عباسي: جنھن ساھہ ڏئي ويساھہ ڏنو

شھيد نذير عباسي ھڪ آدرشي انسان ۽ جدوجھد جي علامت ھيو جيڪو رات جي رھزنن ھٿان جيل جي ٽارچر سيل ۾ ماريو ويو.  شھيد نذير عباسي تمام وڏي ڪمٽمينٽ وارو نظرياتي ڪارڪن ھو، جيڪو رياست کان برداشت ڪونہ ٿيو. ھن ڪتاب ۾ شھيد نذير عباسيءَ جي شخصيت، جدوجھد ۽ شھادت تي لکيل مضمون، ڪالم، تاثر ۽ خط ۽ شاعراڻي ڀيٽا شامل آھن.

Title Cover of book شھيد نظير عباسي: جنھن ساھہ ڏئي ويساھہ ڏنو

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ جي بھادر سياستدان شھيد نذير عباسيءَ بابت سھيڙيل ڪتاب ”شھيد نذير عباسي جنھن ساھہ ڏئي ويساھہ ڏنو“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو، جنھن جي سھيڙ سندس نياڻي زرقا عباسيءَ ڪئي آھي.
شھيد نذير عباسي ھڪ آدرشي انسان ۽ جدوجھد جي علامت ھيو جيڪو رات جي رھزنن ھٿان جيل جي ٽارچر سيل ۾ ماريو ويو.  شھيد نذير عباسي تمام وڏي ڪمٽمينٽ وارو نظرياتي ڪارڪن ھو، جيڪو رياست کان برداشت ڪونہ ٿيو. ھن ڪتاب ۾ شھيد نذير عباسيءَ جي شخصيت، جدوجھد ۽ شھادت تي لکيل مضمون، ڪالم، تاثر ۽ خط ۽ شاعراڻي ڀيٽا شامل آھن.
ھي ڪتاب 2002ع ۾ روزاني سنڌ، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان شيئر ڪجي ٿي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.