شاعري

زندگي

نرمل جيوتاڻيءَ ھن ڪتاب ۾ نرمل زندگي جا ساري قدرت ۾ ڏٺي، ان جو اظھار قلمبند ڪيو آھي. پنھنجي سفر ۾ اسانکي ڏيکاري ٿو تہ سچي زندگي ڇا آھي ۽ انساني حياتي ڪھڙي فرض ادائي پوري ڪري جنم مرڻ کان ڇُٽي سگهي ٿي.

  • 4.5/5.0
  • 2
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book زندگي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نرمل جيوتاڻيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”زندگي“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو. 
نرمل جيوتاڻيءَ ھن ڪتاب ۾ نرمل زندگي جا ساري قدرت ۾ ڏٺي، ان جو اظھار قلمبند ڪيو آھي. پنھنجي سفر ۾ اسانکي ڏيکاري ٿو تہ سچي زندگي ڇا آھي ۽ انساني حياتي ڪھڙي فرض ادائي پوري ڪري جنم مرڻ کان ڇُٽي سگهي ٿي.
ھي ڪتاب 1947ع ۾ هيرو ڪي جڳتياڻي پاران ڇپايو ويو جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان شيئر ڪجي ٿي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

زندگي

( منهنجي نظر ۾ زندگيءَ جي معنى رڳو ”اِنساني حياتي“ نه آهي، پر اها زندگي – اُها هڪ ۽ جهڳ مڳ جا مون کي جت ڪٿ نظر اچيٿي ۽ جنهن جو اِنساني حياتي پڻ هڪ حصو آهي!)

نرمل جيوتاڻي

ارپنا

اَرپيم اُنکي
جنهن جي جوت
جوت سان ملي
هڪ ٿِي ويئي!

(نرمل)

مهاڳ

نرمل جيوتاڻي هو هڪ بيتاب مکڙي جا تڙڦي ٿي ٽڙيل گل جي صورت اختيار ڪرڻ لاءِ، پر قدرت ڪي ٻي طرح چاهيو ۽ مـؤت روپي خزان جي بگڙيل هوا کيس بي وقتائتو سڪائي ڇڏيو. نرمل جو سرير غائب ٿيو ليڪن سندس جوت جو جلوو اڃا پرسڌ آهي. نرمل زندگيءَ جو راز پرکي زندگيءَ جو مڌر گيت ڳايو. هن کي ساري جات ۾ جوت ڏسڻ ۾ آئي. هن جي نظر ۾ وڻ ٽڻ، پکي پسون، سڀ هڪ جانب جو جنسار هئا. نرمل جي اندر تڙڦ هئي برهه هو ۽ هنجي تن ۾ پرينءَ جي تونس هئي. هن پريم جو پيالو پيتو پر پئندي به ڍءُ ڪين ٿيس. هن آئينده جا سپنا ڏٺا پر سندس اوچتي موت سبب اهي اڌورا رهجي ويا. شال سندس سپني جي اڌوري تصوير جا هن پستڪ ۾ چٽيل آهي، سا ٻيو ڪو لعل جاڳي جو رهيل خال کي ڀري تصوير کي مڪمل بنائي! ”امر رهي ’نرمل‘“ اها آهي منهنجي نماڻي پرارٿنا پرڀوءَ جي چرنن ۾.



شيوا ۾

لڌارام موهنداس

گرداسمل هندو هاءِ اسڪول
26 جولاءِ 1947ع

ديباچو

جڏهن ٻار پيدا ٿو ٿئي تڏهن ڪجهه عرصو هو رڳو پيو چوڌاري نهاري کلي ۽ ٽڙي. چوڌاري جيڪي ڏسي ٿو تنهن ڏسڻ ۾ ئي هو اهڙو محو آهي جو انهي تي سوچي ئي نٿو ته آهي ڇا؟ رڳو ڏسي هو راحت وٺي ٿو. جڏهن وڏو ٿئيٿو تڏهن ٻالڪ اوستا ۾ جيڪي ڏٺائين ۽ ٻڌائين تنهن تي ويچار ڪرڻ شروع ڪري ٿو. سرشٽي ۽ قدرت کي ڏسي عجب کائي ٿو ۽ ڪنهن وقت اهو ضرور ويچار اچيس ٿو آخر هي سڀ آهي ڇا؟ ان ويچار بعد ان ۾ سمايل ٻيو ويچار اچيس ٿو ته مان ڪير آهيان، ڪٿان آيس، ڪيئن آيس ۽ ڪيڏاهن ويندس وغيره. مان دنيا ۾ سڀ شيون زنده ڏسان ٿو، پر زندگي آهي ڇا؟ زندگي کي سمجهڻ جو مسئلو اڄ ڪلهه جو ڪونهي پر آد جگاد جو. سٿول، جڙ ۽ چيتن وستن جي زندگي نرالي آهي. انسان، جو جيو، پراڻ ۽ آڪاس جو جڙيل آهي؛ سو ڪهڙي مقصد سان هتي آيو آهي ۽ انهي مقصد تي پهچي سگهي ٿو يا نه؛ اهي سڀاويڪ سوال اٿن ٿا. قبول ٿو ڪجي ته انهنجا پورا جواب ملڻ جي مشڪل نه آهن ته انهن جوابن کي سمجهڻ گهڻو مشڪل آهي. زندگي سچ پچ، جيئن نرمل لکيو آهي، رڳو انساني حياتي ناهي. پرڪرتيءَ ۾ عام هر ڪا وستو زنده آهي. هر هڪ وستوءَ کي پنهنجو مقصد آهي. هر هڪ وستوءَ کي پنهنجو فرض پالڻو آهي. جيئن سج، چنڊ ۽ تارا، ڏينهن ۽ رات وغيره پنهنجي فرض ادائي ٿڌ گرمي ۽ دکه سکه ۾ ڪن ٿيون. اهڙيءَ طرح قدرت ۾ وڻ ٽڻ، نديون ساگر، جبل پهاڙ، پسون پکي ۽ جيت وغيره پنهنجي فرض جي پوري پالنا ڪن ٿا. توهان کي شايد اهو سمجهڻ مشڪل لڳي ته قدرت ۾ زندگي آهي ڇاڪاڻ ته قدرت زنده آهي ۽ ڇاڪاڻ ته قدرت ۾ روح آهي ۽ روح ئي زندگي آهي!
گيتا ۽ ٻين ڌرمي پستڪن موجب به روح امر آهي، ڪڏهن مري نٿو ۽ نڪي ڄمي ٿو. پر قادر قدرت اهڙي خلقي جنهن ۾ انسان کي ٻڌي عطا ڪيائين جيئن مخصوص ڪري ته آتما امر آهي ۽ جنهن لوڪ مان اُها آئي آهي نيٺ اُتي ئي سمائجي. جيسين دنيا جي هر هڪ وستو انهي لوڪ ۾ نه پهتي آهي تيسين اسين انهيءَ وستوءَ کي ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ ڏسي سگهنداسين. انسان جي ديه به يڪدم ڪونه ٿي حاصل ٿئي. انسان – غير انسانن کان اوچ آهي جو هو پنهنجي ٻڌيءَ جي شڪتيءَ سان پاڻکي مڪت ڪري سگهي ٿو.
هن پستڪ ۾ نرمل زندگي جا ساري قدرت ۾ ڏٺي ان جو اظهار قلمبند ڪيو آهي. پنهنجي سفر ۾ اسان کي ڏيکاري ٿو ته سچي زندگي ڇا آهي ۽ انساني حياتي ڪهڙي فرض ادائي پوري ڪري جنم مرڻ کان ڇٽي سگهي ٿي.
انسان جي حياتيءَ ۾ گهڻيئي لاهيون چاڙهيون اچن ٿيون. نرمل سيکاري ٿو ته انهن کي مڙس ٿي منهن ڏيون ڇاڪاڻ ته حياتي ڪشمڪش آهي. هو دنيا کي هڪ عجب جنگه جو ميدان سمجهي. چويٿو:

”اٿيئي لاه چاڙهيون الاهي هتي –
پٽڻ ڪين آئين تون ساهي هتي

جڳائي تو بڻجڻ سپاهي هتي –
اگر نا لڙين آ تباهي هتي.“

هو دنيا کي رڳو هڪ خواب ڪونه ٿو سمجهي.

”امرتا اندر پئي بکي سڀ دنيا –
م چو تون ته آهي دنيا هيءَ فنا.“

جڏهن انسان ڪڏهن سوچي ٿو ته دنيا نيٺ فنا ٿيندي تڏهن اهو محصوص نٿو ڪري ته زنديءَ جي ڪشمڪش ۽ حياتيءَ جو ڪشمڪش ۾ تفاوت آهي. هو موت ڏسي ۽ ٻڌي دهلجي ٿو ۽ جڏهن خيال ٿو ڪري ته نيٺ موت مون وٽ به ايندو. تڏهن نراس ٿئي ٿو ۽ نراسائيءَ ۾ پنهنجي فرض ادائي ڀلجي وڃيٿو. نرمل اسانکي قدرت کي پيار ڪرڻ سيکاريٿو.
نرمل ڏيکاري ٿو ته آخر انسان جو مقصد ڪهڙو آهي ۽ ان تي ڪيئن نيٺ رسي سگهي ٿو. ڪامل انسان جيڪو نئون نياپو دنيا کي ڏئي ٿو سو هنڊائڻ يوگيه آهي. پڙهڻ سان پتو ٿو پوي ته پوتر ڪير آهي، غريبي ڇا آهي، پاڻ ۾ وشواس رکي شير ٿي ڪيئن رکجي، سچو پچو ماڻهپو ڇا آهي، همدردي ڪري ڪيئن خوشي حاصل ڪجي ۽ سؤ مان جو قدر ڪهڙو آهي وغيره. دکي دنيا پڙهڻ سان پتو ٿو پوي ته دنيا ۾ دکه ڪيئن ٿو حاصل ڪجي، ڇو ٿو حاصل ڪجي ۽ آخر ڪيئن دکه کي ڦيرائي سکه ڪري سگهجي ٿو. اهڙيءَ طرح هر هڪ ڀاڳه ۾ ڏيکاريو اٿس ته دنيا پيار تي بيٺل آهي ۽ اهو پيار تڏهن ئي ڪري سگهونٿا جڏهن سچائي، وفاداري، قرباني ۽ پوترتائي سان شيوا جي شاهراه تي هلنداسين. تڏهن ئي اسين پاڻ کي زنده سڏي سگهون ٿا ۽ دائما رهي سگهون ٿا. اها آهي زندگي!
مان سمجهان ٿو جنهن به قوم ۾ نرمل جهڙا شاعر پيدا ٿين ٿا ۽ زندگيءَ جو راز ڏيکارين ٿا. اها قوم هميش زنده رهندي. انهيءَ قوم جي تهذيب ۽ سڀيتا امر آهي پر جي انهيءَ راز کي پروڙي ان موجب عمل ڪريون. ڀارت ورش ۾ اڳه به اهڙا شاعر ۽ فيلسوف پيدا ٿيا آهن جن زندگيءَ جو راز سمجهايو آهي ۽ انهيءَ ئي ڪري يونان، مصر ۽ روم وغيره ملڪن جي سڀيتا ناس ٿي پر ڀارت ورش جي نه ٿي سگهي. ان سکيا جو تاثير اڄ گهٽبو وڃي ٿو ۽ مان سمجهان ٿو جي جلد انهن آدرشن کي وري پاڻ وٽ نه سانڍبو ته ڪهڙو شڪ ڪجهه سالن نه ته صدين بعد ڀارت ورس به مرده ٿي ويندو. اهڙو زندگيءَ جو راز هن پستڪ مان ملي سگهي ٿو.
شعر جو قدر هونءَ به گهٽ آهي پر سنڌي ساهتيه ۾ تهائين وڌيڪ، نه ته ڇو نه هن جهڙا پستڪ جلد ڇپايا وڃن. اُچي پني جي تنگيءَ ۽ ان جي ڇپائڻ ۾ بندش سبب ڪتاب نيوز پرنٽ پيپر ئي ڇپايو وڃي ٿو ۽ جئن ڪجهه سستو به ٿئي ۽ گهڻا پڙهن. نرمل جي شعر جو قدر اڃا پور نٿو ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته ان کي پوريءَ طرح سمجهيو نٿو وڃي. پڙهندڙ هن پستڪ مان سندس شعر جو تخمينو ڪري سگهن ٿا. جي سندس شعر لاءِ اتساه ڏٺو ويو ته جلدي باقي به سندس شعر ڇپايا ويندا.
پڇاڙيءَ ۾ مان ڀاءُ لڌارام جو شڪر گذار آهيان جنهن پنهنجو قيمتي وقت ڏيئي مهاڳه لکيو آهي ۽ جيون ڪلا رسالو ڪڍندڙن جو، جن هن ڪتاب سوسائٽيءَ پاران پنهنجو خاص پرچو ڪڍي پڌرو ڪيو آهي.

شيوا ۾
نند گدواڻي

سيڪريٽري
نرمل پبليڪيشن سوسائٽي

لَهر

اِلاهي اَمَرُ لهر آ زندگي!

(2)

گلن ۾ به ان لهر جو آب آ
ڏئي ۾ به ان کان رهيو تاب آ

مٽي گل پٺيان پنهنجي خوشبوءِ ڇڏي
ذرِي سوز جي ڏِيو دنيا سان گڏي!

(3)

الاهي سندرتا دنيا ۾ بکي،
مٺو نور آغوش ۾ تنهن لَکي
مگر کوج وارو مچي سو چکي!

سدا وهڪ جاري اچي ٿي نظر
مٺي موج ساري اچي ٿي نظر
نڪا ڪا انڌاري اچي ٿي نظر!

مگر غافلن کي نه ڪَل ٿي رهي
نڪا اندر واري اُڇل ٿي رهي
سندر راه تن جي منجهيل ٿي رهي!

(4)

دنيا هڪ عجيب آه ميدان جنگ
جتي دل ڪرڻ تو جڳائي مَ تنگ
رکي هوش محبت سان ميدان رنگ
گهڻو ڏي ٻين کي ڪڻو تون مَ منگ!

اَٿئي لاه چاڙهيو الاهي هتي
پَٽڻ ڪين آئين تون ساهي هتي
جڳائي تو بڻجڻ سپاهي هتي!
انگر نا لڙين – آ تباهي هتي!

دنيا ڪيئن هوندي رڳو خواب ڪو؟
بکي جت الاهي پيو تاب ٿو
سُتل جت رهي نت کلڻ هاب ٿو
عمل بن نه پورهيو پوي ساب ٿو!

امر اندر پئي بکي سڀ دنيا
مَ چؤ تون نه آهي دنيا هيءَ فنا

جتي سالڪن جي ڪمي نا اڃا
اُتي تون ڪمر ڪڇ ڇڏي واسنا!

(5)

هئي زنگي هيءَ اصل ماڻڻي
تکي يا ڍلي تند هئي تاڻڻي
مٺي موج دنيا اندر آڻڻي
ملي مرڪ سان ڪا پلڪ گهارڻي

پرينءَ پار ڊونڊي هئي تارڻي!
اٽل طاقتن هو اُچاريو جيئن
دنيا چڪر غيبي هلايو تيئن
ٿيو ٻار پيدا اِجهو پوءِ ائين!

مڪائين سندس نعمتون پڻ ڪَئين
ڪئين دوس ڀائر ۽ ساٿي سئين!
اثارن جڏهن پاڻ مظاهر ڪيو
دنيا ان جو آدر به ٻاهر ڪيو

ڪنهين پرورش لاءِ ماهر ڪيو
سندس لاءِ موجود آهر ڪيو
سندس راز بانڪو يا ڪانئر ڪيو!

ڪنهي سڏ هتي ٿيو گلستان مان
ڪنهي قهر واري ته طوفان مان
ڪنهي محل سندر جي دالان مان
وري ڪن مُٺن کي ٿيو شمسان مان!

صفا ڀيد هو سفر سامان کان!
جڏهن ٿو ٿئي ٻار پيدا هِتي
سڀان سندس اُپجي ٿو شيدا هُتي!
مچي ڪيئي ماڻي ٿو عهدا هِتي؛
اچي ٿو ڪيل ڀاڙي واعدا هتي
رکي اوچ پنهنجا عقيدا هتي!


(6)


پيو ٻار هاڻي ڦَلي ۽ ڦُلي

سندس راڳ غئبي بَلي آ بَلي!

صفا نور مستڪ تي جنهن جي جهُلي

مٺي مرڪ ٿي نت لَبن تي ٽلي

اها مرڪ پوتر سدا شل هجي

نه مکڙي ڪڏهن سا جدا شل هجي!


اٽل طاقتن کي آ ان جو فڪر

نڪا تات تن ٻي نڪو ٻيو ذڪر

مٽائڻ سندن ڪم سندس بد اثر

ڪري موج سان زندگي جيئن بَسر


بَدِين ۽ گڻن ۾ لڙائي مچي

فتحه ڀاڳ کان پوءِ جنهن کي اچي!

اجهو ٻار ٻولي ٿو ٻوليون مٺيون

سڻي گود ۾ ٿو نت لوليون مٺيون

مچائي ڪئين مرڪي هوليون مٺيون!

اندر مان اُٿاري ٿو ڇوليون مٺيون!


سندس صاف مکڙو اچي ڪو ڏسي

بکي نور هڪڙو اچي ڪو پسي!

 


سندس آ بهاريءَ سندو هي سمو

نه پرواه ڪائي – سدا بي غمو

نڪا وسوسائي – نڪو ڪو تمو

نڪا تات ڪنهنجي اگر بي ڪمو

پياري سندو مکه سندس تي دَهو

انهيءَ کان سدا آه سو بي ڀئو!


 وٺي چيچ کان ماءُ تنهن کي هلي

ڪئين راز بي غم ٿي تنهنکي سلي

ٿڪڻ کان اڳي گود ۾ تنهن جهلي

چُمي چاه سان ٿي لڳائي گلي!


سندس ڀاڳه ۾ جو هئو سو جگر

ته تنهنکي اُپائي رهي بي فڪر!

حياتي مثل هڪ عجيب باغ آ

جتي پهريون بلبل جو هي راڳه آ؛

بني بشر ڪنهن کي نه جت ماڳه آ

اُتي موج ماڻڻ سندس ڀاڳه آ

اهو شل سمو ٿئي نه ڪنهن کان جدا

ته پيو موج ماڻي اصل سو سدا!


(7)


پنجن ۾ جڏهن هاڻ آ پير پيو

پڇي سوال ڪيئي ”ڪڏهن“؟”ڪير؟“ پيو

گلن ۽ ڦلن سان اٿس وير پيو؛

کڻي چال ۾ ڪي قدر ڦير پيو

مگر خوشدليءَ ۾ فرق خير پيو؛


دنيا کيس ڀاسي نياري پئي

وندر واه ڪا وَهڪ واري پئي!


 ملي ڇوڪرا ڪي خوشيءَ ۾ کلن

مڙن بار ڪيئي پيا ته به ٽڙن

هميشہ پيا هيج سان راند ڪن

وٽن نا وڏائي – نه ڪنهن کان ڏڪن

ملهائن مٺا ڏِڻ ٽپن ۽ ڪڏن

وٽن ڪو اڳياڙيءَ سندو نا فڪر

نڪو پُٺِ سندو ئي گهڻو ڪو ذِڪر!


 

ڏهن جي اندر ڪا به عادت سکي

سکي ڪوڙ يا ڪا صداقت سکي

فضيلت ادب ۽ عبادت سکي

ٿئي موم دل يا شهادت سکي

خيانت ڪفايت حفاظت سکي

سندس نرڙ تي سڀ اشارا بکن

عمل صاف ايندڙ به سارا لَکن!


جهالت جڏهن هاڻ باقي رهي

سندس خواب ۾ راز ساٿي رهي

حياتيءَ سندو غور جهاتي رهي

سِڌِي پرک ذاتي صفاتي رهي

سدا دل امنگن ۾ ڦاٿي رهي!

وٺي راه جا سونهن واري بکي

سندس زندگي هاڻ نياري بکي!


سندس پوئتان هاڻ پروار آ

ڪڍي نام دنيا ۾ نروار آ

ڪٿي آه تانگهو ڪٿي تار آ

ڪڏهن آه پينُو يا سردار آ

سکن ۽ دکن جو سدا وار آ


مٿس هن حياتيءَ سندو بار ٿئي

نه مکڙي بڻِي گل ٿي بيڪار ٿئي!


جڏهن نفس جو روح باندي ٿئي

وٺي موج دل هاڻ ماندي ٿئي

اکين جي اندر صاف آنڌي ٿئي

دُکي باه دک جي ٿي ٽانڊي ٿئي

ڪري تڏهن پڇتاءُ پانڌي ٿئي!

سچن جي وٺي راه سالڪ ٿئي

الاهي خزانن جو مالڪ ٿئي!


 گهڻو وقت گهارڻ اي جاني هتي

عجب بدبدو زندگاني هتي

اگر نا ڇڏي ڪا نشاني هتي

عمل سوز سڪ تنهن نه فاني هتي

وٺي راه هر هڪ رباني هتي

جنهين سمنڊ مان لهر جاڳي اٿي

سمائي تنهين ۾ سدا ٿي سکي!

قدرت!

(1)

بهار آيو

بهاري سمو ڏس اچي آ ويو
سڀن ۾ نئون روح آهي پيو.
پکي شاد پسجن پيا پاڻ ۾
ٿيو راڳ جاري آ بُستان ۾

اچن ۽ وڃن پيا ڪڏن ٺينگ ڏين
مٿي هيٺ هر هر پيا سڀ نچن!
پَرن ۾ ڀري آب ڀيٽا ڏين
اٽل راز جو پيا ٿا اظهار ڪن!

(2)

قدرت جا ساز!

مٺو ساز قدرت لبن تي ڌري
مڌر راڳه ڳائي پئي ٿي ڦري!

کلي پوش مکڙين جا ان کان پيا
گلن سُر ٻڌڻ لي مٿي نيڻ ڪيا!
وڻن مان ڌڪي ٻور ٻاهر ٿيو
سلي پاڻ کي سبز ظاهر ڪيو
سڪل پن ڇڻي پڻ اچي پَٽِ پيا
نوان پور تنهن دم ئي پرگهٽ ٿيا!

(3)

پورهيا ساب پيا!
ڪڏهين هير هت پيئي هوريان لڳي
ڪنهن نهر ۾ ٻوڙ ٻوڙان لڳي!
مٿان جام بارش پئي پڻ ٽمي
سندر سبز ساوڪ ٿي جت ڪٿ ڄمي
مٿان مينگهه مان سج ٿو پائي لئا
ٻِرن مان ڦٽي جيت نروار ٿيا
هتي هيٺ ساوڪ مٿي آب آ
سڀن جو پيو پورهيو اڄ ساب آ!

(4)

گلن جي اُٿل!

گلن ۾ اچي ٻوڙ ٻوڙان پئي
نڪا دم پٽڻ جي ئي ساعت رهي!
سڄي رات لهرن ۾ لڙهندو رهيس
پئي ڪل نه ٿي ڪا ته ڪٿڙي سُيس!
صبحه جو اچي سَم ۾ جو اک پٽيان
هِتي هُت رهيل ڪي پيو گل پسان
وڻن، ماٿرين ۾ ڪي اٽڪي پيا
ڪي ڪن جي گلي سينڌ ۾ پڻ هئا!

(5)

وري اچن!

اچن کوه تي ٿيون کڻي سڀ دلا
ملي سڪ منجهان گيت ڳائن ڀلا!
دلو هڪ وڄائي ٻه پهريانءِ ڳائن
سڀئي پوءِ گڏجي سندن سر وٺائن!
منجهائن رسيءَ سان ڪا پاڻي ڇڪي
وري هڪ وٺي سو گهڙن ۾ وجهي
جڏهن سڀ گهڙا ائين ڀري ٿيون چڪن
ڇڏي پُور سي شل وري ”ور“ اچن!

(6)

حق کي رسن!

ٻه نديون اچي هت ٿيون ميلاپ ڪن
مٺو سوز سڪ جو ٿيون آلاپ ڪن!
وڇڙي ڪڏهن کان ڦڙا جي ويا
وٺي گود ۾ هڪ ٻئي خوش ٿيا.

اجلتا جون آنسون اچي هت مليون

سنواٽو وٺي راه پِرَ ڏي هليون

اجهو شل وڃي پنهنجي حق کي رسن

حياتيءَ ڪشمڪش جي راحت پسن!



(7)

گل ۽ ڪنڊا

جهنگل ۾ ٿيو رات هو غلغلو

سڄِي رات هڪ هنڌ جو هو حوسلو

اَسُر جو وٺي راه راهي ٿيس

جهنگل جو ڏسي حال کِل ۾ پيس

هئي جنگه گلن ۽ ڪنڊن جي جڳي

گلن کي هئي دشمن تڙڻ جي لڳي!

چيم ”يار ڇو پيا اجايو ڦٽو

سکن ۽ دکن جو دنيا چهچٽو!“

(8)

پهاڙن مٿي!

پهاڙن مٿي سانت ساري هئي

ڪشش روح لي تت نياري هئي

لطف پئي لٽيم آبشارن منجهان

هئو سج به نزديڪ منهنجي مٿان!

پلڪ ۾ ٿي گذريا ورهيه موج ۾

مگر دور توکي ڏٺم روڄ ۾

سندءِ سور پڻ آءُ سگهيس نا سهي

سڏڻ لاءِ تو وٽ پوءِ آيس لهي!

نئون نياپو!

ڪري سج رهيو هاڻ هو الوداع

نرالو هئو بادلن جو لقاءَ،

هئي آبشارن ۾ جهرمر عجيب

پکين ۽ پتين ۾ به ڦر ڦر عجيب

ڪري هو رهيو راڄ چوڌر امن

رهاڻين سان بعضي ٿي گونجيو چمن!

چمن ۾ ڏٺو ڪن ته پاٻوه سان

لهي هو رهيو ڪو جبل کان مٿان؛

جڏهن سو اچي پهتو تن جي قريب

ڏٺائون ته هو مرد ڪامل عجيب!

ادب سان اُٿي سر جهڪايو سڀن

رهيو مرد بيهي ڏسي دل سندن

چيائين کڻي نيڻ پوءِ مرڪ مان

”اوهان لئه ڪري هاڻ ڇا ٿو سگهان؟،

پوتر ڪير؟

تڏهين سر نوائي ڪنهن ساڌوءَ پڇيو:

”ٿيون ڪيئن پوتر اسان کي ڏَسيو؟“

گهڙيءَ لئه کڻي نيڻ تنهن بند ڪيا

ٻٽي غور سان لفظ پوءِ هي چيا:-

نه پوتر اهو آ، جو سڀ کان ٽهي

وٺي ڪنڊ سدا غار ۾ جو وهي

سچائي نه ڏيکاءَ جي بات آ

مگر اڄ حقيقت جو ٿيو گهات آ

اگر تون برو ڪنهن سندو نا ڪرين

نڪا ڀاونا بد ٿو ڪنهن لئه ڌرين

ڪري خوش ٻين کي ۽ تون پڻ ٽڙين؛

ته توکان مٿي صاف ناڪو ٻيو

سوين ڏيکه ڀل ڪو ڪري نت پيو!

غريبي

چيو ڪنهن غريبيءَ لئه پڻ ڪڇه چئو“

انهيءَ تي پوءِ ڪامل شروع هيئن ڪيو:-

غريبي اگر جي نه ٿيو ڏوه آ

نه ڪنهن کي وري تنهن سندو موه آ

وڏو ڪنهن سان قدرت ڪيو ڊوه آ

ڦٽيل ته به ملامت کان آجو نه ڄاڻ

ڦٽيو ڀل هجي پوءِ تازو نه پاڻ!

غريبيءَ ۾ گر جي قنايت هجي

صداقت هجي ۽ ڪفايت هجي

اها خود به خود آه زندگي سکي

اگر ٿي ملي روز روٽي رُکي!





ڌن ۽ آگ

چيو ڪنهن ڌنيءَ ”هاڻ ڌن لي ٻڌاءِ“

تڏهن مرد هيئن چيو بنا ڪنهن سٽاءَ

اگر ڌن سندا ڍڳه ڪٺا ڪنهن ڪيا

سوين پيڙجِي هٿ اندر جنهن رهيا

غريبن لي پڻ دل رهي نا ڀِني

اهو ڪيئن چئبو ته آ آدمي؟

سند ڌن مثل ٿيو انهيءَ باغ آ

دکي جنهن جي چوڌر اچي آگ آ

بکايل مسافر جي ايندو نه ڪم

ڏسي ڇرڪندو باه سا بي رحم

پئي پاڻ جلندي ٻين کي به جم!

وشواس رک!

”وُهي ڪيئن ماڻيان؟“ چيو هڪ جوان

شروع تنهن تي ڪامل ڪيو هي بيان:-

وڏائي نه ڪنهن جو ٿي ورثو رهي

نٿو نت جوانيءَ جو عرصو رهي؛

اگر عرش لي ڪنهن جي ڪوشش رهي

صبر هوش سان سڀ سگهي ٿو لهي؛

مگر ياد جنهنکي سدا سيج آ

نه تنهنجي حوالي ڪڏهن هيج آ!

سدا پاڻ ۾ شير! وشواس رک

وڏي ڪم ڪرڻ جي نئين آس رک

رهج هيٺ – مقصد تون آڪاس رک!

ماڻهپو

ادب لاءِ استاد هڪڙي پڇيو

انهيءَ تي نمي هيئن ڪامل ڏسيو:-

ادب هر بشر جي لي سينگار آ

ادب هڪ قسم جو سچو پيار آ

ادب گل حياتيءَ جي هٻڪار آ

نه جنهن کي رهيو ماڻپي جو قدر

فضيلت نه جنهن ۾ نه آهي صبر

اهو گر عمل ۾ اڪابر بڻي

تڏهن پڻ ڪڏهن ڪين ڪنهن کي وڻي

ادب آه انسان جو اوچ ڇٽ

انهي بن مِرن کان به آهي سو گهٽ!

همدردي!

وري حال اورڻ لاءِ مائيءَ پڇيو

ٻڍي چاه سان هيئن تنهن کي ڏسيو:-

کڻي درد اڪثر ٿو خيالي رهي

نه ته به دل وهم کان ٿي خالي رهي

ڪڏهن محل ۾ ڪڏهن سوالي رهي!

جڏهن ڪنهن پوي بار گردن مٿان

اميدون ٿين ناس غفلت وچان

تڏهن توتي واجب ته تنهن وٽ وڃين

سندس دل سندو حال سارو سڻين؛

اُجهائي ڇڏين باه تنهن دل منجهان

مدد هٿ ڏيڻ يا مٺي ٻول سان!

سومان!

وري جلد سومان لئي ڪنهن پڇيو

بلند ٿي تڏهن هيئن ڪامل ڏسيو:-

اگر ڪنهن کي سوَمان جو نه آ قدر

اٿس پنهنجي اصليت تي نا ڪو فخر

اهو ڇا دنيا ۾ ڪري ٿو سگهي؟

سندس آرزو اوچ ڪيئن هت اگهي!

شمع تنهنجي روشن جهلي ٿي رهي

سدا موت سان سا ملي ٿي رهي!

نمرتا رکي پڻ تون سومان سک

رکي هوش سالم قدم اڳتي رک

جيئن تنگ دنيا جو وڃي ٿي نه بکه!

حياتي – ڊگهي مشڪ!

”کلڻ لي.....“ چئي ٻارڙي ڪيو حجاب

کڻي گو وڃه تنهن ڏنو هي جواب:-

اگر شوخ منهن ڪوئي توکي ملي

ته سمجهج ته هو من سگهيو نا پلي

دک جان جنهن ۾ سدا ٿي جلي!

کلڻ ۽ ڪڏڻ جو نه جنهن کي قدر

ڪري تنهن سندو سنگه نه ٿيو ڪو سٻر.

حياتي ڊگهي مشڪ آهي بڻي

نه کوهي اها پوءِ هٿڙا هڻين!

اگر جي نه پائي سندءِ ’ور‘ رهي،

کلي ٽهڪ سان ڇڏ سڀن کي ڍئي!

مقصد!

پڇيو نيٺ ڪنهن ”ڪيئن آيا هتي؟

رکيو ڪهڙو مقصد وڃو ٿا ڪٿي؟“

کلي مرد هئن پوا منگ مان چيو

سڻي جنهن کي هر هڪ پو راهي ٿيو:-

ڊگهي راهه منهنجي نظر ٿي رهي

سندم صاف تمنا سفر ٿي رهي!

هجي خشڪ کائڻ لي مانيءَ ٽڪر

ملي جل چڪو مان سندا بي فڪر!

مصيبت ڀلي مون تي غالب پوي

نه ته به دل سفر جي مخالت رهي.

لياريءَ سندس جوڙ کي مان ڏسان

سدا جوت مالڪ جي تنهن ۾ پسان

ائين ئي وڃي پنهنجي حق کي رسان!

دکي دنيا!

انهيءَ ڏينهن طوفان جڏهن لڳو

سڄو ڏينهن غصب سان پئي ٿي وڳو

ٽٽي پيا ها گلشن ۾ درخت گهڻا

هزارين پکي پڻ ها بي گهر بڻيا!

انڌاريءَ جا قاصد جڏهن پئي ڦريا

پکي هڪڙي بڙ تي اچي ها مڙيا؛

مصيبت ۾ وسري وئي هئن لات

رهاڻين ۾ گهارڻ گهريائون ٿي رات؛

سندن ڌيان طوطي ڏي تڏهين ڇڪيو

عمر ۾ جو سڀ کان ٿي ڪهنو بکيو

ڪيو جنهن دنيا جو چڱو هو اڀياس

دنيا ٻيءَ ۾ خياليءَ ڪيائين ٿي واس!

سندس نور پڻ تنگ ٿي ڪنهن کي ڪيو

انهيءَ سوز مان پوءِ شروع ڪيئن ڪيو:-

غلام ڏيہ

”اوهان پيا سمجهو دنيا آ سکي

مگر سچ پڇيو آ دنيا هيءَ دکي؛

انهيءَ تي نه جيڪي به وشواس ڪن

اهي غور سان ويهي مونکي ٻڌن:

مثل سرڳ ڪو ديس سائو هجي

دنيا جو اصل پيل پائو هجي،

جبل جهنگ جت جام اوچا هجن

پکي ڪن توارون ۽ سالڪ تڳن

جتي جام نهرن ۾ پاڻي نچي

هوا ٿمي جتي هير هرام اچي

هزارين هجن نعمتون نت مدام

مگر سو اڀاڳو هجي جي غلام

اتي ڪنهن به دل ۾ ڇا هوندو صبر،

اتي ڪين ڪيئن نيڻ هوندا ڪڪر!

منجهيل مسافر

جهنگل هڪ ڀيانڪ وچان راه آ

مرن جو به مٺ ۾ جتي ساه آ!

اتي هڪ پيرسن مسافر هجي

جنهين راه پوري به نا ٿي سجهي؛

ڏکڻ کان اچي تت مرن ٿا ڪڪر

مٿي ۾ اچي تنهن پون ٿا چڪر؛

پلڪ ۾ شروع زور سان مِينهن ٿئي

وري سامهون تت اچي شينهن ٿئي!

دنيا کيس پو باسندي ڇا سکي؟

پٽيندو ۽ چوندو دنيا آ دکي!

دکي پيغام!

عجب ٻيٽ آ ۽ منجهس هڪ منار

جتي قيد ۾ بند ڪيل آه نار

پري گر پريتم تي آهي فدا

اٽل پنهنجي ست تي سا آهي سدا.

اميدن کي سانڍي سدا پئي جئي؛

اتي ڪونج تنهن کي هي پيغام ڏئي:

ته ”ور آه تنهنجو ڪري ويو گذر

مرڻ ويل جنهن کي هو تنهنجو فڪر!“

تڏهن ڪيئن سگهندي رهي سا اٽل

سندس دکه ونڊيندو نه ٻيو پراجل!

سِڪايل!

ٻڍو هڪ ڌني هت ڪري پيو گذر

سندس مال ملڪيت جو ڪونهي ذڪر؛

سوين نت سلاميءَ تي جنهن جي اچن

لکين جيو جنهن جي ٿا تاريءَ تڳن!

اٿس سڀ مگر ڪين اولاد ٿس

سدا تنهن لي تڙڦي نه ٿس ڪو به وس!

سندر نيٺ تنهن کي ملي هڪ جگر

ورن لکه واڌايون – مڃن سڀ شڪر!

مگر اوچتو نانگه جي تنهن ڪکي

اُتي ڪيئن خوش هيءَ دنيا بکي؟

اڀاڳو نينگر!

سندر ٻار هڪ آه پيدا ٿيو

اثارن ۾ ساڻس نه ڪو مٽ ٻيو!

مٺي ماءُ تنهن جي ڪري ٿي گذر

مٿانئس دکن جو وجهي ٿو ڇپر؛

ٻين جي هٿن ۾ سو پلجي سدا

رهي ٿو چڪر ۾ وطن کان جدا،

دنيا جي دکن ۾ اچي ٿو اڙي

جگر ۽ جسم جنهن جو سارو سڙي.

ڪري ياد ماتا ڪندو ڇا نه دانهن:

”ڪري امڙ پيدا وئينءَ تون ڪڏانهن؟،

بند ۾ شير!

اچي رڻ اندر شير سوگهو ٿئي

سندس دشمنن ڪم اجوڳو ٿئي

نه تنهن سان لڙن سي نه تنهنکي ڇڏن

سندس دکه مٿان دکه پيا ٿا اَڏن

سندس ساڻ گهر ٻار پڻ ٿو رلي

نه ماني ملي تن نه پاڻي ملي!

جڏهن ٻار ننڍڙي لي پاڻي مڱي

هڻي تير تنهن کي ڇڏن ٿا رڱي!

ائين ٿي وڃي ناس جي خاندان

نه پو قهري چئبو ٻڌايو، جهان؟

بي روزگار

رهي روز ڦرندو ٿو بي روزگار

نه ٿس حال ڀائي – نه ڪو مددگار

نه ڪو سو لياقت ۾ آهي ڪو ڪم

اٿس اجلتا پڻ صداقت فهم

صبح جو وڃي بيهي چوسول ۾

ڏسي شام جو ڪين ڪڇه جهول ۾!

سدا بکه اندر سو پيو پاه ٿئي

سندس ناس سڀ ڪڇه فخر جاه ٿئي!

اگر جي نه هوندو سو صابر اپار

ته ڇا خودڪشيءَ ليءِ نه ٿيندو تيار؟

شرابي ور

سندر وڏ گهراڻي ڪا نينگر هجي

مثل جنهن جي پوتر نه ٻي ڪا سجهي

وڏي ٿي وڃي گهوٽ جي گهر رهي

جتي پڻ سندس نيڪنامي ٿئي؛

ڪسنگه ۾ سندس ور شرابي بڻي

انڌو ٿي اچي سڀ تان آهو کڻي!

نٿو سو فقط گهر لهي نا سنڀار

ڪڍي پر ڇڏي ٿو گهران زال ٻار؛

تڏهن موهڻي دل نه ڇا ڦٿڪندي؟

لڇڻ کان ڪڏهن ڪيئن سان هٻڪندي؟

گلا!

صفا صاف ساڌو ٿو گهاري هتي

کڻي نيڻ شل پيو نهاري هتي!

سندس خواب ۾ ڳل ٿا ڳاڙها ٿين

سندس سر سندي ساکه سهڻي ڏين!

وٽس نا وڏائي نه آهي غرور

نه ڪنهن کي ستائڻ جو ٿس ڪو ضرور؛

مگر ڪن تڏهن پڻ سندس ڪي گلا

پيا هڪ نه ٻي ڪا بڇن جي بلا

تڏهن ڇا دنيا کي هو تصور ڪندو

دنيا ڪيئن مڪمل تڏهن سمجهندو؟

بدنصيب هاري!

هتي هاڻ ڀر ۾ ٿو هاري رهي

سڄو ڏينهن ڪم ۾ پيو ٿو ڳهي

اٿس هڪ ٻني ۽ منجهس جهوپڙي

ڪٽنب پڻ وڏو ته به رهن ٿا مِڙي.

ڪڏهن تنهن ستارو به روشن هيو

مگر هاڻ قسمت ۾ ٿس ڦير پيو

جڏهن پوکه ان جي اچي ڦوه ۾

اچي ٿا پون مڪڙ تنهن روح ۾

اگر ٻوڏ يا سوڪ سانده ٿين

ٻڌايو اهي ڪيئن نه ماندا رهن؟

جيون سان!

نرمل لات!

نديءَ جي ڪناري هم رات پئي

مٿان چنڊ جي واه چمڪاٽ هئي!

صفا رات تان سان ڀرپور هئي

سدا صاف لهرن جي ٿي دؤر پئي؛

چندرما تي مشتاق هو ٿيو چڪور

سندس لات ۾ سوز هو صاف زور؛

نڪا اڳه پڇاڙي ڪا تنهن کي هئي

گهڻو ئي ٻڌم دل نه ڍاپي پئي!

جڏهن هاڻ آڪاس ۾ چنڊ ڏسان

چڪور ۽ ڪنارو پيو آءٌ پسان

پڙاڏو نرمل لات جو پيو ٻڌان!

ڪوئل!

رهي ساز ڪوئل جو وڄندو سدا

ڪڏهن هت ڪڏهن هُت سو رمندو سدا!

اچي هن طرف سڀ نظر هاڻ ڪيو

ته ڪيئن آ نه آڪاس گونجي اٿيو!

ڪري هاڻ سيارو رهيو آ پسار

اجهو جلدئي پاڻ ايندو بهار.

گلن کي اچن لي ٿي سڏڙا ڪري

ڏسو ڪيئن نه ٿي ناز مٺڙا ڪري!

مٿس ڪين پروار جو بار آ

سندس ماڳ سارو هي سنسار آ

اٽل صاف قدرت سان پڻ پيار آ!

وفادار ڪير؟

ٻڌائيم دل آ وفادار ڪير؟

سڀن ساه وارن جو سردار ڪير؟

جڏهن توکي بيوس ڪري ٿو خمار

تڏهن ڪير تو لي رهي ٿو هوشيار؟

دنيا گرچ توکي ڇڏي جي به ڏئي

تڏهن پڻ سندءِ ڪير ساٿي ٿئي؟

ڪُتي کي رهي ياد هردم ڌڻي

غليظن ۾ ته به پيو انهيءَ کي ڳڻين!

جڏهن تنهنجو هت ڪو رهي نا نشان

رهي تو مٺن وٽ نه تنهنجو بيان

تڏهن روز ايندو هي تنهنجي مساڻ!

گل ۽ ڀؤنئر

گلن جي مٿان ڀؤنئر ڀيرو ڪري

سڄو ڏينهن خوشيءَ ۾ پيو ٿو ٺري.

سندس وات ۾ هڪ مٺي لات آ

رهي تنهنجي دل ۾ نه ڪا تات آ.

جڏهن گل مٿان سو ڀلارو وِهي

تڏهن ڪيئن نه ٿو خوش نظارو ٿئي!

گلن جي مٿان نت رهي ٿو فدا

نٿو سرڳ ۾ ڇا رهي سو سدا؟

اگر وِسوسا تنهنجي نابود ٿئي

هٽي سرڳ تو لي ئي موجود ٿئي

پري پو اڏامڻ ٿو بي سود ٿئي!

گلن کي!

ملي گل وري هاڻ سڀ تيار ٿيو

کڙي خوشدليءَ جو ڪو اظهار ڪيو

اچڻ جي آ بلبل سندي مهل ٿي

اوهان ۾ رهي ڇونه ڪا ڪهل ٿي؟

ائين ڪين ٿئي – هوءَ اوهان کي ڏسي

وڃي خون آنسن ۾ ساري پُسي!

وندرگاه هي جيئن نه ٿئي پو تباه

پوي پڻ سنوارڻ کلڻ جي بجاءِ.

اجهو هاڻ بلبل اچي آ رهي،

ڪٿان کان نه آئي هتي آ ڪهي؟

وري ماڳ تي شال سالم سهي!

کڙکٻيتو

جڏهن سج دنيا ٻيءَ ڏي راهي ٿئي

هتي روشنيءَ جي تباهي ٿئي،

تڏهن کڙکٻيتو ڪري پاڻ ظاهر

کڻي سو گهڻي ٿو ڪري ڪين واهر

مگر جو اٿس سو اسان کي ڏئي

انهيءَ ئي خوشيءَ ۾ سدا پيو جئي!

جهنگل ۾ وڃي ڏينهن جو ٿو لڪي

نماڻو نٿو ڪا وڏائي رکي.

نماڻا ڪڏهن تون به ويندين لڏي

مٿان دور دل تنهنجي ڇو ٿي پڏي

ڏنل مان ٻين کي به تون ڪڇه ته ڏي!

عجيب راند!

هٽي باغ ڏس آ وڻن جي مٿان

رهيو جهرڪ مٽجي چنبن جي هٿان؛

وري آءُ هيڏانهن ويٺو جهرڪ

چڳي جيت ڪيئي ڪري پيو غرق!

اها ڪهڙي قدرت رچي راند آ،

هِتي آ جو آزاد هُت باند آ!

ڪٿان هي دنيا کي مليو آ سراپ

ڪڏهن ٿو دنيا ۾ اچي انقلاب؟

مگر تنهن سمي تانءِ شهباز

نه تون ڪانئرن جو ڪيو سرتاج

انهي اوچ گردش سندو راز!



ٻئي سمر!

جڏهن ڪڪڙ ٿو ڏئي صبوح ويل ٻانگ

تڏهن دل خوشيءَ ۾ ٿي ماري ڇلانگ

اگر سو کڻي آه ننڍڙو پکي

تڏهن پڻ اٿس دل پرينءَ ۾ رکي!

وري شام جو ڏس ته ميدان ۾

لڙي ڪيئن نه ٿو مڙس ٿي دام ۾!

اٿس ڪو مرڻ جو نه ڪوئي فڪر

جهانن ٻنهي جو وٽس آ سمر!

اها زندگي آه بهتر بڻي

رهي ٿي اگر جا دنيا ۾ کڻي

تڏهن پڻ رک ياد هردم ڌڻي!



سپ ۽ موتي

ڪڪر مان ورائي ڦڙو هيٺ ڪنڌ

عجب ۾ پوي ٿو ڏسي سو سمنڊ؛

جڏهن پنهنجي هستيءَ مٿان ٿو کلي

چمي کيس پو گود ۾ سڀ پلي.

اهو نيٺ هڪ ڏينهن ٿو موتي ٿئي

انڌاريءَ اندر سو به جوتي ٿئي!

انهيءَ زندگيءَ جهڙي راحت ڪٿي؟

سندس راز جي پر حفاظت ڪٿي؟

دنيا سمنڊ ان جي مثل آ اجهاڳ

جتي جام گهارن سپون ٿيون سجاڳ

مگر سڪ صبر سان لهي ڪا به ڀاڳه!

ماکيءَ جي مکه

اجهو هيءَ ماکيءَ جو ته مانار ڏس

ٻَڌي جو آ ظاهر جتي جام جس

بناوت به ڪهڙي نه آهي عجيب!

سدا ڪيئن نه قدرت جي آهن قريب!

سويرو وڃي ٿيون گلن تي وهن

سڄو ڏينهن رس تن چوسي کڻن.

ذريءَ تي به تن جو رهي ٿو صبر

اٿن پار سياري جو ڪرڻو سفر!

حياتي نه سانڍڻ لي آهي بڻي

مگر جيڪڏهن تون به ميڙين کڻي

پٽي تنهن ۾ رک تون ٻين جي گهڻي!

بادل ۽ مور

سڄو آه آڪاس گونجڻ لڳو

اچي موج ۾ مور جهولڻ لڳو

سندر جسم پنهنجو ٿو ٽيڙي ڇڏي

مٺي لات پنهنجي پکيڙي ڇڏي!

اچي مست هن جو نچڻ ڪو ڏسي

الاهي رنگن ۾ اچڻ ڪو ڏسي!

کڻي ڪڇ سمي کان ٿي ڪومل بکيو

مگر اڄ پرين کي وڃي آ رسيو!

اجهو غم سندءِ پڻ ڪندا الوداع

جڏهن پاڻ ايندا تون جن تي فدا

رهي موج شل تنهنجي قائم سدا!

نرمل نيهن!

هماليه جي هڪ هئي سندر ماٿري

جتي نهر پئي جهلڪ مان نت ڪري؛

مڙي آب بڻجي پيو هو اٿاه

جتي جام جاري هو موجي لقاءُ!

پکيئڙا جتي جام مڙندا هئا

لئين لات هردم پيا ٽڙندا هئا.

جڏهن پهريان رت جا ها گلڙا کڙيا

اچي هنس سانگي سان تت ڪي مڙيا

سندرتا جا سڀ ها نرالا بيان

منجهائن مڙيئي ها ڳڀڙو جوان

تجربو پريتيءَ جو سڀ کي هئو

وندر لاءِ هڪڙي شروع ڪيئن ڪيو؛-

ڪپر لڳ!

هتي سمجهو هڪڙو ٿو جوڙو رهي

رهي هڪ پرينءَ ڀر ٻيو هت وهي!

اٿن سڪ سندي سرڪي پيتي صفا

سدا هڪ ٻئي سان رهن ٿا وفا

دنيا جو وٽن خير ڪي آهي غم

نه پرواه ڪنهن جي نه ڪو ڳجهه وهم!

گهڙو ٿو رهي آسرو ٿي سندن

وڃي تنهن کي ٽوڙي ڪو ويري سندن

ڏسي يار ٻڏندو پوي ٻيو گهڙي

ملي گود ۾ ٻئي وڃن جي لڙهي

نه ته به چئبو ”جل تن کي ٻوڙي سگهيو

سندن پريت پاڻي نهوڙي سگهيو!“

ساڻيہ!

ٻئي چيو:-

ڪيو قوم هڪ کي ڪنهن حاڪم غلام

غلامن ۾ هڪڙو هو جگري جوان

سندس دل سگهي درد هيءَ نا سهي

ويو محل حاڪم اندريو پهي.

خنجر هوس هٿ ۾ اکين ۾ خمار

وٺي وير ان کان ڪري جيئن قرار!

مگر ڪنهن سپاهيءَ جي ويو وَر چڙهي

وڃي قيد سارو وڃي ٿو ٺري!

وديسي نٿو جو هنڊائي جوان

وطن جي ڪفن ليءِ وٺي پڻ انجام!

جتي حب وطن جي رهي ٿي مدام

اهو ديس هرگز نه رهندو غلام!



غيرت!

ٽئين چيو:-

ٻه نينگر هتي پيا گڏوگڏ تڳن

سدا خوش گذارن نه غم ڪو وٽن؛

ٻه جن کي چوڻ باسجي ٿو گناه

وٽن روح ساڳيو ۽ ساڳيا پساه!

منجهن هڪ غريبيءَ ۾ آهي تباه

ٻئي وٽ وري آه دولت اٿاه.

زماني جي گردش ۾ وڇڙي وڃن

اباڻن ڌنڌن کي وڃي جي لڳن؛

منجهانئن وڃي هڪ پو عرشين لڳي

دکي ٿي اچي ٻيو جي تنهنجي پکي

مگر جي ڪري هو نه ان ڏي نظر

تڏهن ڪين غيرت کان ٽپندس جگر؟

عجيب سنياسڻ!

چوٿين چيو:-

سندءِ دل جڏهن کان پرينءَ ۾ کتي

چُڪي پريت جي اٿس پيتي مٺي

اکين ۾ سندس جوت ٿي پئي جڳي

نڪا دل وري ٿي دنيا ۾ لڳي!

کٽا ٿي گهران تنهن ڪڍي ٿا ڇڏن

تڏهن پڻ پرينءَ سان رهي ٿي مگن،

سنياسڻ بڻي سور سڀ ٿي سهي

مٺي سر سان موهي ٿي رمندي رهي!

ڪري سيڻ پڇتاءُ جي تنهن کي لهن

تڏهن ڇو نه ڪي پريت جي پٺ وٺن؟

وڃي پنهنجي مالڪ کي سالڪ رسن

سندن نيڻ آخر ٿڌا ٿا لڳن!

نماڻي راڻي!

پنجين چيو:-

ڪٿي ڪنهن نماڻيءَ ڪيو پئي گذر

هئي سونهن سڪ ۾ سٻاجهي سٻر!

کڻي هو غريباڻو انجو نسل

مٿس ته به پرينءَ جو اهو ٿي فصل.

ڏسي ڏيہ راڻو مٿس ٿيو فدا

وٺي هٿ سندس ٿي رهيو خوش سندا.

ڪڍي کيس پرکڻ لي پڻ نه هن ڇڏيو

تڏهن پڻ انهيءَ نينهن ور سان گڏيو.

اگر هئي اها راڄ راڻي بڻي

تڏهن پڻ رهي پير جي ٿي پڻي.

نماڻي اگر دل ڪو پنهنجي رکي،

وٿي پاڻ پريتم پو پنهن کي پکي!



سکه جي کسس!

ڇهينءَ چيو:-

ڏٺم راه ۾ هڪڙو سهڻو سوار

هئس مرڪ زردي ڇڙيل ڌار وار!

پڇيم: اي نماڻا ڇا توسان ٿيو

ظلم ڪهڙو قدرت آ توسان ڪيو؟“

چيائين: اٿم بات هن دل ڦٽي:

هئم هڪ سويمبر ۾ ديوي کٽي،

سندس پيار جو جڏهن پاڻي چکيم

تڏهن بخت عالى ٿي پنهنجو بکيم!

مگر ڪو نندورو ويو تنهن کي کڻي

سندم سکه سندو ويڙو ڌاڙو هڻي!

سند جي پٺيان نت ٿو ڦرندو رهان

انهيءَ سوز سڪ ۾ ٿو سڙندو رهان!“

”بي قدر“ ڪير؟

ستينءَ چيو:-

ٻه ساٿي هتي پيا ڪندا ها گذر

منجهن اوچ هڪ هو ٻيو ”بي قدر“!

نه پيو اوچ دل تنهن سان آخر گڏي

گلا کان ڏنائين پو ان کي ڇڏي.

گهڻو ئي سمو پوءِ گذري چڪو

چڱي جي لڳي باه گهر اوچتو،

ٻيا سڀ بچي هئا پٽڻ کي لڳل

مگر اوچ ماڙيءَ ۾ هو ڪو ستل!

نه ٻيو جوان پر هڪ اچي ٿو نظر

چڙهي، ماءُ پيءُ کي ٿو ارپي جگر

مگر پاڻ ٿي ٿو وڃي تن ڀسم

ڏٺائون اهو ”نيچ“ جو هو جسم!

حرص جي پڇاڙي

اٺين چيو:-

ٻه مشتقاق جڏهين ٿا هڪ تي ٿين

چڪي ماس کائڻ لي سنڀري بهن

تڏهن پيار ڀڙڀانگ دينا ڪري

اُلن ۾ سدا تنهن جي دنيا سڙي!

اِهو ساڙ پٽ ٿو رڱي خون سان

انڌو ٿي ڪپي ڪنڌڙا ڪاپار کان

رهي جنهن جي تمنا گهڻو سا سهي

نه هن جي رهي ۽ نه هن جي رهي!

ڦٽي هڪ ٻئي کي ٻئي ناس ٿين

گنوائي غنيمت ٿا او باش ٿين!

ڌڻي شال نه ڪنهن سان ڪا اهڙي ڪري

رهي من سدا حرس کان شل پري!



جتي پيار ناهي!

نائين چيو:-

وسي جن دلين ۾ نٿو پيار ڪو

پيارن جي جت نا لهي سار ڪو

انهيءَ هنڌ اگر گل کڻي پوکجن

اتي گل اهي پڻ ڪنڊا ٿي چڀن!

جتي پيار جو ڪين آهي اثر

اتي زندگي ڪيئن ٿيندي بسر؟

اتي واه واهڙ سڪي ٿا وڃن

هوا جو اتي بند ٿئي ٿو وهڻ!

اتي مشڪ ۾ ڪيئن تاثير ٿئي؟

ٻچي لي ٿڻن ۾ نٿو کير ٿئي

اتي باغ دنيا ٿو ويران ٿئي

اتي هر ڪو جيڪر پريشان ٿئي!

پيار ۽ طاقت

ڏهين چيو:-

بهاري سمي جي سندر شام آ

گلستان ۾ موج پڻ جام آ،

اُتي ٻن ڪمارن جو آ ٿيو وصل

پٿر مثل هڪ آ ٻيو موم دل؛

اچي تن مٿان مور سهڻو اُڏيو

پٿر دل ڪڇي تير تنهن کي چٽيو!

وجهي تنهن مٿان جل کنيو موم دل

گهڻي مالڪيءَ تان مٿي ردبدل

سياڻن مڙي فيصلو هي ڪيو:

’وڃي مور جنهن وٽ سو تنهن جو ٿيو.‘

ڇڏڻ سان اُڏي ويو ڪنول سر مٿي

ٿيو پيار طاقت کان بهتر هتي!

پريمي

يارهين چيو:-

پريمي سدا پريم ۾ ٿو پڇي

اٽل جوت ٿي نرڙ تي نت نچي!

کڻي پو پريتم نه تنهن کي ملي

مزو پريت جو آ سدا تنهن بلي!

پرين کي پڪاري سدا ٿو ٽلي

سندس دل ڇڏي پيار آهي پلي!

پرين پيار لي دلڙي پيدا ڪئي

وري پاڻ ئي پاڻ شيدا ڪئي!

هتي پيار ڪڏهين نه آهي فنا

امر ڪونه انسان ٿئي تنهن بنا

دنيا پيار کي نا سمائي سگهي

مگر سو ننڍي دل سهائي اگهي!



ڳڀروءَ کي!

پڇاڙيءَ ۾ ٻارهين شرع هيئن ڪيو

اجهو مون ڳيروءَ کي هيئن هو چيو:-

اٿئي آرزو ساٿ جي ڇا رکي؟

اڃا ڪين پڃري ۾ آيو پکي؟!

ته پوءِ آه ڪهڙو سندي دل خيال

سندي دل گهري ٿي ڇا ماڻڻ جمال؟

اگر ها ته پوڪر دکين کي پيار

ڦري هن پٺيان ٿي نه ناحق خوار!

ٿئي موج دل درد وارن کي ڏين

وڃي ڪنهن به مسڪين سان سڪ سلين

سندس دل دکايل کي پنهنجو سڏين

نه ڪڏهين پڏين پاڻ کي پڻ اڏين

ڪيهءِ پيار لقاقت کي – ڇا ٿي- پيو؟

رکيهءِ نا صداقت ته ڇا ٿي پيوءِ.

نرالا آواز!

چمن ۾ ٿيو هوم هڪ ڏينهن وڃڻ

جهڪي غور سان ڦولڙن مان لنگهن،

سندر پئي لڳي ماڪ چوڌر سنهي

ڪڍي ٺيڪ تنهن ويل سج پڻ ڪني!

نرالا شروع سانت ۾ ساز ٿيا

جهڪا تن ڪنن ۾ هي آواز ٿيا:-

پيريءَ جا پيرا

جتي پير جواني ۾ هيڙو اٽل

اتي آه پيريءَ ڪيو اڄ دخل

ڪڏهن جنهن مٿي ۾ قرامت هئي

اڇن جي مٿان اُت ملامت پئي!

گلابي ڳلا پڻ سڪي هن ويا

سوين ور وڪڙ تت اچي هن پيا!

ڪڏهن جوش سيني اندر هو تمام

اهو آه اڄ ٽيڪ جو ٿيو غلام!

نڪو دوس ساٿي ڪو آهي رهيو

رهي موت جو پڻ مٿان پيو دهو!

ڪڏهن ڪين آندءِ، ٿي ڪنهن تي فلڪ

کلي اڄ رهي آ مٿانئس خلق

سندءِ ور به دائم نه رهندي جهلڪ

ذرن ۾ زور!

ڦڙو ٿو ڦڙي سان ملي ٿئي تلاءُ

ڦٽي جنهن منجهان ٿو هلي واه واه!

ملي زلف ڪارا ٿا پسجن عجيب

ٿئي مير، ميڙي ٿو ڪوڏيون غريب!

هزارين ملي مکڙيون بستان ۾

خوشيءَ ۾ ٽٻائڻ ٿيون مهران ۾!

ستارا ملي جڏهن مرڪن مٿي!

رهي راه سالڪ جو روشن هتي!

عنبر جا اڻا جڏهن اڏري اٿن

تڏهن ڪيئن نه دلڙيون ٿيون معطر ٿين!

ذرن کي به تون گهٽ ڪڏهن ڪين ڄاڻ

مٿان جن بزرگيءَ جو آهي نشان

رهي جوت مالڪ جي سڀ ۾ سمان.

سچي پوڄا!

مندر جو وٺي راه راهي ٿيو

آلو پاند ۾ آب هٿ ۾ هيو،

گلن سان ڀريل هوس سارو پلاند

اندر ۾ پرينءَ لي رهي آنڌ مانڌ!

مليس راه ۾ ڪوئي ٻڍڙو فقير

پيل پاه بکه ۾ - نه هو سو سڌير؛

ويو تڙڦندي گهٽي هو تنهن دم

پسي کيس سالڪ نه چوريو قدم،

وڌي تنهن گدڙن جو وسڪار ڪيو!

ڏئي آب سيما مٿس پيار ڪيو!

وٺي راه پنهنجي پوءِ هرڪو هليو

اُنهيءَ ڏينهن محبوب ان کي مليو

هئو قرب هن جو ڦٽيل سان سليو.

پيار: طاقت: سياڻپ

اگر ڪنهن مٿان دل ٿو مشتاق ٿئي

سڙي سوز سڪ ۾ صفا خاڪ ٿئي؛

وڃن پوءِ يتيم جي توکان کسي

ته بيشڪ انهيءَ لي تو لوڙڻ کپي!

اگر مال ملڪيت مٿان ٿي فدا

رهي تات طاقت جي توکي سدا؛

لٽي پوءِ قدرت ڪري جي تمام

جڳائي ته تو ۾ رهي تڙڦ جام!

مگر جي سياڻپ سندي دل رکين

نئين نيت جي نت نمرتا سکين

ته اُلڪي ڪرڻ جو نه آيو ضرور

کسي سي سگهن نا ڪري ڪو غرور

سندءِ راڄ راحت تي آيو ظهور!

جوڳيءَ کي!

اِها ڪين مونکي کپي ٿي دعا

ته ڪو ڍاپجي مان ليٽان ڪي ٻيا!

نڪو شان شونقت ٿي مونکي کپي

نڪو موه ملڪيت ٿي مونکي!

اگر ڪو کڻي هاڻ والي ٿئي

پري وقت نه آ جڏهن حالي ٿئي

اچڻ ۽ وڃن روح جو آه ڪم

رکي موه ڪنهن ۾ پرايان ڇو غم

نه پرواه آ گر نه طاقت رهي

سندم دل اندر گر صداقت رهي!

اها ڀل دعا ڪر ته اِنسان ٿيان

نه پيدا سڌن جو ڪو طوفان ڪيا.

ڪٺن جي هٿان ڪين قربان ٿيان!

اميد!

اميدن سندو ڦول ڪومل ٿئي

سدا نرم لهرن ۾ لٽڪي رهي،

جنهين طرف ڏي هير ٿي تنهن ڪري

انهيءَ طرف پنهنجو پيو سرڙو ڌري!

پتيون ڦول جنهن جون ٿيون جلدي کڙن

اهي جلد هڪ ٻئي پٺيان ٿيون ڪرن!

ڪنول جي پتين جيان اميدون رکي

اجايو ڪڏهن ڪين ٿي من دکي

سدا حال ۾ ڪر پيو تون گذر

نه گذريل نه ايندڙ جو ڪر ڪو فڪر

هتان تون به سورج مکي ڙي بڻين

رکي دور تمنا ملامت کڻين

نظر پاڻ کان تيز ۾ ڇو هڻين!

لڪل لعل پڻ!

ڏسين ڪين ٿو سڀ ۾ هڪ ئي وسي

سڀن ۾ سندس راز ئي پيو بکي!

پيا هڪ منجهان ٿي گهڻيئي حصا

اها ئي سندس جوڙ آهي صفا

مٿي آسماني ستارا ته ڏس

لنگهن ڪين ڏيئي ڪڏهن ڪنهن جو گس،

تڏهن پڻ سدا موج ۾ پيا ٽڙن

ڪري رات روشن خوشيءَ ۾ کڙن!

نه ٿو ڇو نه پرندن جيئن آزاد ٿين؟

نه پرواه ڪر گر نه ڪنهن ياد ٿين!

اجايو مٿان ڌوڙ تان تون تڙڦ

لڪل لعل جيان زندگي ڪر صرف

اهو پڻ سندءِ ڪين آ گهٽ شرف!

سڀني لاءِ!

نديءَ تيز لهرن اندر هيئن چيو:

”سندم جل نه ڪنهن خاص لي آ رهيو

پياسين سڀني لي سدا پئي وهان

تڏهن پڻ وڃي پنهنجو پيارو لهان!“

ستارن اندر هيءَ چر پر هئي:

”جهلڪ آ اسان جي سڀن ليءِ رهي

اگر ڪو به وڇڙيل مسافر هجي

لڳائڻ سنئين دڳ اسان کي سجهي“!

صبح جو مٺي هير مرڪي چيو:

”رڳو آ نه هارين سان سنگ مون ڪيو

مگر هر ڪنهن تي رهان مان فدا

هجي مير، عالم يا جاهل، گدا“

ڪڏهن تو به دل ڪا ڪئي سا صدا؟

تنهنجون خاميون!

اهو آه ڏس ڪهڙي توکي ڏنو

ته تون رهجه ڳڻتين اندر نت ڀنو!

اجايو ٿو خامين جو سمرڻ ڪرين

هٿان دل گناهن سان پيو ٿو ڀرين!

حقيقت دنيا ۾ نه آ ڪو خراب

نڪا آ برائي نڪو آ ثواب

چڱو ۽ برو جيئن زمانو چئي!

سدا پاڻ لي پاڻ اهي خيال ڪر

ڇڏي لوڪ کي پاڻ لي راه گهڙ!

ڳرڻ آه سالڪ سندو نا مرڪ

پياري جي پورن ۾ ره تون غرق

ڪري ڇڏ چڱايون مدايون ترڪ!

متان ستو ئي سمهين!

پري وقت نا من جڏهن تون هلين

تڏهن پڻ نه ٿو ننڊ کان دل پلين!

ستارن سندي رات جا هئي غفا

اها آه هاڻي ٿيڻ تي صفا،

رهي رات سان ڇو سندءِ نينهن ٿو

نئين موت کان پوءِ اجهو ڏينهن ٿيو

اچي پاڻ پريتم ڪندو هت سفر

تڏهن ڪين کلندو ڏسي ٿو سمر؟

اڙي اُٿ! رهي رات آهي رمي

متان اي مسافر ستو ئي سمهين!

مٿان تنهنجي آيا ها ٽيڙو اُڀا

ڪڪڙ جي به جاري رهي هئي صدا

اجهو پئي لڳي هاڻ باد صفا!

فرق ڇا لاءِ؟

رکين ڇو ٻين سان اجايو فرق

جڏهن سڀ پريتم ۾ آهن غرق!

سدا سونهن ساڳي ٿي سڀ ۾ وسي

سگهي ڪين ڪو ڪنهن هٿان سا کسي.

ڪٿي پن ڄميو – ڪٿ آ مکڙي کڙي

ڪٿي گل ڪنڊا نت رهن پيا مڙي؛

مگر آب ساڳيو رهي ٿو منجهن

نيارو کڻي ڏيک آهي سندن!

فرق ئي دنيا کي گهڻو چُور ڪيو

پرين جي دنيا کان گهڻو دور ڪيو!

ڀلارا – سڀن سان اچي دل گڏج

سنواٽو پرينءَ ڏي اچي ره اڏج

اگر ”مون“ ۽ ”تون“ پڻ وساري ڇڏج!

دنيا – پڃرو؟

پکي آه ڦاٿو جو پڃري اندر

کڻي پوءِ پڃرو هجي پڻ سندر

نٿو آرزو ته به رهڻ جي رکي

سدا تڙپ ٿي تن ڇٽڻ جو بکي!

سندس ماڳ جو آ سڄو آسمان

سندس آرزو آ پرين سان رهاڻ!

هئي هن دنيا ۾ اي ڦاٿل پکي

اٿئي دل اندر آرزو ڇا رکي؟

ائين ڪين ٿئي من ته پڃري اندر

اجائي حياتي ڪرين پيو سبر!

خوديءَ جو ڀڃي ڪوٽ جلد ئي اڏام

ملي خوش پرين سان رهجه تون مدام

ڪڏهن ڪم انهيءَ جو ڪندين من انجام؟

اندر جون اُڇلون!

عرش مان آواز!

مٿان آه عرشن مان آواز ٿيو

اندر مان کلي اڄ اهو راز پيو:

دنيا هاڻ ٿي ڪين رهندي عذاب

مٽي جلد ويندو سڀن جو حجاب!

غلامن کي اڄ ملندي آزادي

ڪڪر بڻجي وسندي مٿان شادگي!

نڪو حاڪمن جو ڪو رهندو حڪم

مگر فرض سمجهي ڪندو هر ڪو ڪم؛

دنيا ۾ نه ڪوئي به رهندو وهم

سڀيئي شاد ٿيندا ڏسي هت رحم

سچائيءَ جو رهندو هتي راڄ ٿي

نه ڪو رهندو ڪو ڪنهن جو محتاج ٿي،

اٽل پيار جو ٿيندو جلد ئي سڪر

شروع سونهن سڪ جو پوءِ ٿيندو سفر!

الاهي جوڙ!

جڏهن آبشارن ۾ پاڻي ٽپي

تڏهن دل وڃي بر برن سان نچي؛

الاهي رنگن جو ٿيون لهرون اٿن

اندر مون مٺيون جن جي طوطيون اچن!

ٿڌي هير هنج ۾ وڪوڙي ڇڏي

سندر صاف سهڻن ۾ ٻوڙي ڇڏي!

پرين سان ڪڏهن تت وڃون پيا چڙهي

ڏسي خوش نظارا پئون ٿا ٺري!

اچڻ ۽ وڃڻ مرڪ سان پيو ملڻ

پسي راز جڳت جا خوشيءَ ۾ کلڻ

اهو آه اسان جو وڙ ٿيو

اُنهيءَ جو نه حقدار آ ڪو ٻيو!

پسي صاف قدرت پرين پيو پسان

سندس تيج شل مان ته دائم ڏسان!

ڦٽي ڪيل ٻار!

اچي ڀاڳ ڪنهن مير جو ٿيو جڏو

کڻي ملڪ ٻئي ڏي هليو سڀ لڏو،

هئس پار ڪرڻو اڻانگو سفر

سندس زال ساڻس هئي ڪا سڀر

پهاڙن مان لنگهندي ڪڪي تنهن ڄڻي

ڏسي حال، اکڙيون پون ٿيون ڇڻي!

وڌن ٿا ڪري ٻار کي ات ڦٽو،

سڀان تت لنگهي قافلو اوچتو،

وڌي هڪ مسافر ٿو انکي کڻي

اها نيٺ ملڪن جي راڻي بڻي!

جتي هڪ جهنگل ۾ ڦٽي ڪيل ٻار

وڃي ٿو جهلي قوم ساريءَ جو بار

اُتي تون هندورن خوشين ۾ پليل

بڻائي سگهين زندگي ٿو اٽل.

رڻ تي فتح!

بيابان ۾ آ لڳي سڃ پيئي

منجهائي ڇڏي مرد پيئي رڃ ڪئي!

اتان هڪ مسافر جو آوراه ٿيو.

پريشان ٿي ٿو پڪارڻ لڳي

صدائن کان رڻ جنهن جي گونجي اٿي!

خيابان آخر چڙهي ٿو نظر

عجيبن سندو آه جت ٿيو گذر

وڃن کيس ٿا جهوپڙيءَ ۾ وٺي

ٿڌي تنهن ليءِ آڻن لسيءَ جي وٽي

مکڻ روٽ کائي پري آ هٽي

ٻڍيون گيت حب جا ٿيون ڳائن ملي،

پسي نيٺ منزل جي بالم ٿئي

تڏهن ڪيئن تنگ هي ٿو عالم ٿئي؟

ميلاپ ڪنهن لي؟

سندم لي جڏهن تنهنجو فرمان ٿيو

دنيا مون لي موجود سامان ڪيو،

جڏهن نار سان هتڙي آيس لهي

سگهيس ڪين توکي ڪري مان سهي،

نماڻو بڻي آءٌ رلندو رهيس

سندءِ يڪوجوديءَ لي ڦرندو رهيس!

اياڻن سدا حال منهنجا ڪيءِ،

اصل ۾ ئي ڇو ڪين هي ڏس ڏنيءِ

ڪري آب لي ڪيئن ڳولها مڇي

بنا جنهن مري جلد تڙڦي لڇي!

پکيءَ ڪيئن هوا لي لڳائي چڪر

سدا جنهن سمائي ڪري ٿو گذر!

سدا تو نئين مان رهي ڪيئن سگهان؟

نه تڙڦان يا تڙڦان تڏهن پڻ اگهان!

سندم آرزو

جتي ٿي نه تنهنجي پڄاڻي ٿئي

نڪا پريت تنهنجي پراڻي ٿئي

سندي موج تي پڻ رهي نت حڪم

رهين تون اٽل ۽ سدا پيو اگم،

اُتي پاند منهنجي ۾ تو ڇا وڌو

سندم ڀاڳ ۾ ٿو هئو ڇا لڌو؟

بڻائي ڇا بتليون ٿو رانديون رچين؟

نرالا ڪري روپ ڇو ٿو اچين؟

سندم لي هتي آرزو ڇا رکيهءِ

اجايو هتي مون کڻي ڇو پٺيهءِ؟

اڙي ڪين دائم تي رهندس غلام

ڪڏهن پاڻهي من ڪندين تون سلام!

هتي دم پلڪ لاءِ پيدا نه ٿيس

اصل کان مٿان تو جو شيدا ٿيس!

سندءِ بي لقاءُ!

جڏهن سڪ سان پيالو ڀري ٿو ڇڏين

سندم دل دنيا جي دلين سان گڏين

تڏهن توکي لئه ۾ مٺو پيو سڏيان

سندءِ شان شونقت وساري ڇڏيان!

وري دل جي ڏوري ڪرين ڪڇ ڍلي

لڄي ٿي رهان پاڻ تي تو کلي!

اُنهيءَ پيار لي ڪيئن لائق ڪيئه

جڏو پاڻ تي ڪيئن شائق ڪيئه؟

جڏهن دل سندم سڪ سان ٻوڙي ڇڏين

جدائيءَ جا بندڙا ٿو ٽوڙي ڇڏين

سمائي ڇڏي دل دنيا هيءَ سڄي

سندم سر مڱيندڙ ٿئي پڻ لڄي!

سندم پاپ کي ٿئي نه هاڻي جٽاءُ

نيارا سندءِ ئي ٿيا هي لقاءُ!

پريتم ساڻ!

جڏهن تولي لوڪن کي رڙندو ڏسان

سنديءَ سالن کي پسرندو پسان

اندر مون سندم آه نڪري وڃي

سندم موج ساري ٿي وسري وڃي!

الڳه پاڻ کان ڇو ٿا توکي پسن

جڏهن تون سدائين ٿو گهارين وٽن!

سدا بنسري تنهنجي وڄندي رهي

دنيا ۾ نئون روح وجهندي رهي!

رهي اندر جمنا اٿل ۽ پٿل

سندءِ صاف لهرن ۾ آهي اُڇل!

ڦرن کان رهي ڪيئن سگهندين جدا

جڏهن تون بڻين مون لي ساگر صفا!

”مچُو اي نماڻا آ پريم پري

تڳان جنهن جي چرڻن ۾ سررو ڌري!“

سوز ۾ سک!

سندءِ صاف مکڙو سڪي ڇو ويو

سلو خوشدليءَ جو مٽي ڇو ٿيو؟

نظر ڇو سنديءَ ڀاسجي پئي رکي

ائين ڪيئن جڳائي رهڻ تو دکي!

هتي غم ڪرڻ آه ڀاري گناه؛

ٻين جي به راحت ٿئي ٿي تباه!

اگر آ نه محبوب توکي مليو

دلي راز توکي نه ٿس ڪو سليو

سدا خون سان نيڻ تنهنجا ٽمن

ڪڏهن ڪين خوش ٿي ٿا آرام ڪن

جڳائي ته غم اِن کي نا تون سڏين

هٿان جو پرينءَ جي ٿو اوڏو اُڏين!

سدا سوز سڪ ۾ صفا سڙڻ سک

مگر موج تنهن مان جمع ڪرڻ سک!

خوشي – دل جي رهائي

نڪا آه دولت ۾ راحت سمائي

خوشي آه پنهنجي اندر جي اهائي

اگر توکي ناڻي جا آهن انبار

مگر جي وٽنء ڪونه آهي قرار

اُتي ڪيئن ڪم جو اهو ڌن ٿئيئ

وڌائي هٿان سوز ٻيڻو ڏئي!

سندءِ ڀر ۾ مسڪين پڻ جي رهي

سڄو ڏينهن ڪم ۾ اگر ٿو ڳهي

تڏهن پڻ صحت جو ٿو مالڪ رهي

سدا ياد پڻ تنهن کي خالق رهي

ته صدبار بهتر اها زندگي

رهي وسوسن جي نه جت گندگي!

هوا باه پاڻي سڀن لي رهيا

اهي ئي سندءِ ڪافي نعمت ٿيا!

اُلٽي اَک

سندءِ دل اندر آرزو گر رهي

دنيا جا نه توکي ڪرڻ ئي سهي

ڏسين پڻ اها واٽ آ حق سندي

نڪا دل اندر تو رهي ٿي مندي

پوءِ آرزو تون دٻائي نه رک

مگر مڙس ٿي منهن ڏيڻ تنهن کي سک!

سڄي مختلف ٿئي دنيا پو کڻي

فتح آه تنهنجي – آ توسان ڌڻي!

کڻي ”پاڻ“ تو آه ماري ڇڏيو

تَمن کي اصل لي وساري ڇڏيو

تڏهن پڻ سندءِ حق وويڪي لغام

جڳائي ٻين جو ٿيڻ نا غلام!

دٻائڻ اندر آرزو آ گناه

انهيءَ زندگيءَ کي نه آهي جٽاءُ!

وطن ويندي!

سندس آه دل اڄ خوشيءَ ۾ ڀري

رهيو آ سڪايل وطن جو وري!

هوا هيج سان ٿيءَ هيڪڙ شروع

وڄايو مٺا ساز تنهن روبرو

رهيو آ اجهايل وطن جو وري!

ملامت متان ڪا مٿانئس مڙهيو

مصيبت متان ڪا مٿانئس جڙيو

رهيو آ دکايل وطن جو وري!

مٿانئس گلن جو آ وسڪار ڪيو

مڌر گيت ڳائي مٿس پيار ڪيو

رهيو آ بکايل وطن جو وري!

اٿل کاءُ اي جل اٿي سير ڪير

اچي صاف ڪومل سندس پير ڪر

رهيو آ اڃايل وطن جو وري!

اڃا به تنگ؟

وڃي آه منزل تي سورج رسيو

پٽي دل خوشيءَ ۾ ٿي تنهن کي پسيو

پکي پڻ گهرن ڏي ورڻ هن لڳا؛

رهاڻيون ٻچن سان ڪرڻ هن لڳا؛

جهنگل مان اچي مال ورندو نظر

وٿاڻن ۾ ٿڪ پنهنجو ڀڃندو نظر!

اچي هن ويا ڦوه ۾ سڀ ڪڪر

اچي رات ڀر کان ٽلندي نظر!

چندرما نئين ويس ۾ آ بکيو

اجهو پاڻ ظاهر ڪندو پڻ تڪيو!

ستارا اجهو ڄاڻ ٽمڪڻ لڳا

سندن نيڻ دعائن سان مرڪڻ لڳا!

وٺي موج سڀ سان ٿئي دل اٿاه

رهڻ ڪين گهرجي تتي تنگ پساهه

زندگي – هڪ لهر!

دنيا آه ساگر اٽل بي ڪنار

جتي جام جهڳ مڳ ٿي پسجي اپار!

اٽل جت هوائون سدا ٿيون لڳن

جنبش ۾ اچي ڪيئي موجون مچن!

وٺي راه پنهنجو ٿي هرڪا هلي

رهي روز وڌندي – رلي ۽ ملي!

شروع ۾ هئس ڪين تيزي گهڻي

مگر هاڻ اجگر سا آهي بڻي؛

اجهو ماڳ تي سا وراڻي ڪندي

ملي آب سان موڪلاڻي ڪندي!

اتاهان ڪري ٻاڦ بڻجي سفر

سندس لي ختم ڪين آهي چڪر!

مگر آب ۽ موج ساڳي رهي

نئين زندگي ٿي سڀاڳي رهي!

”شرڌا جا ڦول“

بهاريءَ ۾ ٿيو پيدا گلستان ۾ گلابي گل

طراوت، تازگي، خوشبوءِ ۾ ٻيو هو نه انجو تل

بنائي مست ڀونئري کي، ڪئي جنهن بانولي بلبل

الا! اُن تي ذرو جي ترس کائي ها خزان قاتل

بنائي ها ته جلد ئي هو سڳنڌ سان پرفضا نرمل

کسيو قهري قضا ليڪن اسان کان دلربا نرمل!

(2)

ڀريل اُتساه اُمنگن سان سچو هو هي شيواڌاري

اندر ۾ آگ آزادي لئه هئي هن جي سدا جاري

مٺي هن ماتر ڀومي جو هيو تن من سان پوڄاري

اُنهي جي ڪاڻ جيلن ۾ وڃڻ لئه هو نه انڪاري

ڀري ها ديس ڀارت جا گهڻائي هي گهڙا نرمل!

کسيو قهري قضا ليڪن اسان کان دلربا نرمل!

(3)

اسان جي لاءِ فخر هڪ هو اهو شاعر ڪلا وارو

ڪيو ڪاليج ۾ هن پاڻ کي هو خاص ناميارو

سلڇڻن جي سبب هي هو پروفيسرن ۾ پڻ پيارو

سندس اعليٰ! گڻن تان هو فدا ڪاليج هي سارو

”ڪلا ٽئگور ٽولي“ جي سچي هو آتما نرمل

کسيو قهري قضا ليڪن اسان کان دلربا نرمل!



(4)

سندس ڪوتا بلند خيالي، رواني ساڻ آهي پر

منجهس مضمون نت آهي ”ڪلا، قدرت ۽ پڻ قادر“

ملي شانتي ته هن جي آتما کي شل سرڳ اندر

صبر سان شل سندس مائٽ اها صدمو ته ڪن برسر

”اُداسي“ نور پنهنجي سان نوازيو هو خدا نرمل

کسيو قهري قضا ليڪن اسان کان دلربا نرمل!

رچيتا:- آسناڻي ”اُداسي“