مختلف موضوع

شيخ المشائخ

جڏھن پير ابراهيم خليل سرهنديءَ پاران جي. ايم سيد ۽ ٻين ترقي پسند اديبن تي لکيل نازيبا تنقيد تي مشتمل ڪتاب ‘سنڌ سونهاري’ ڇپيو تہ ان جي جواب ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ پاران ”سنڌ ٽائيمس“ ۾ مختلف مضمون لکيا ويا، جنھن کي سنواري ۽ سھيڙي ڪتابي صورت ۾ ڇپايو ويو. بعد ۾ سنڌ سرڪار ھنن ٻنھي ڪتابن تي بندش وڌي ۽ ٻئي ڪتاب ضبط ڪيا ويا. ڏيپلائي صاحب کي ان ڪتاب لکڻ جي ڏوھ ۾ گرفتار ڪري پھرين حيدرآباد ۽ پوءِ سکر جي جيل ۾ قيد ڪيو ويو. 

Title Cover of book شيخ المشائخ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري اديب محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو لکيل ڪتاب ”شيخ المشائخ“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو.
جڏھن پير ابراهيم خليل سرهنديءَ پاران جي. ايم سيد ۽ ٻين ترقي پسند اديبن تي لکيل نازيبا تنقيد تي مشتمل ڪتاب ‘سنڌ سونهاري’ ڇپيو تہ ان جي جواب ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ پاران ”سنڌ ٽائيمس“ ۾ مختلف مضمون لکيا ويا، جنھن کي سنواري ۽ سھيڙي ڪتابي صورت ۾ ڇپايو ويو. بعد ۾ سنڌ سرڪار ھنن ٻنھي ڪتابن تي بندش وڌي ۽ ٻئي ڪتاب ضبط ڪيا ويا. ڏيپلائي صاحب کي ان ڪتاب لکڻ جي ڏوھ ۾ گرفتار ڪري پھرين حيدرآباد ۽ پوءِ سکر جي جيل ۾ قيد ڪيو ويو. 
ھي ڪتاب 1975ع ۾ اسلاميہ پريس، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.