شاعري

هانءُ هاريو مَتان

شاهده کوکر سماج جي مدي خارج  رسمن کي ڌوڙ وجهي پنھنجو تخليقي سفر جاري رکيو، اهو ئي سبب آهي جو سندس شاعراڻي سڃاڻپ کيس اهڙي مقام تي آڻي بيھاريو جو نہ چاهيندي بہ نئين ٽھيءَ جا شاعر توڙي جهونا جوڳي سندس ان مسلسل شاعراڻي رياضت کي داد ڏيڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا. اهڙا ڪردار سماج ۾ ڪڏهن بہ نہ مرندا آهن، جيڪي نفرت، حسد ۽ ڪينو هڪ پاسي رکي پنھنجي تخليقي، فني ۽ فڪري جستجو سان سلھاڙيل رهن ٿا.. ھن مجموعي ۾ سندس غزل ۽ وايون شامل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 20
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book هانءُ هاريو مَتان

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعرہ شاھدہ کوکر جي شاعريءَ جو مجموعو ”ھانءُ ھاريو متان“ اوهان اڳيان حاضر آهي.
شاهده کوکر سماج جي مدي خارج رسمن کي ڌوڙ وجهي پنھنجو تخليقي سفر جاري رکيو، اهو ئي سبب آهي جو سندس شاعراڻي سڃاڻپ کيس اهڙي مقام تي آڻي بيھاريو جو نہ چاهيندي بہ نئين ٽھيءَ جا شاعر توڙي جهونا جوڳي سندس ان مسلسل شاعراڻي رياضت کي داد ڏيڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا. اهڙا ڪردار سماج ۾ ڪڏهن بہ نہ مرندا آهن، جيڪي نفرت، حسد ۽ ڪينو هڪ پاسي رکي پنھنجي تخليقي، فني ۽ فڪري جستجو سان سلھاڙيل رهن ٿا.. ھن مجموعي ۾ سندس غزل ۽ وايون شامل آھن.
ھي ڪتاب 2017ع ۾ مرڪ پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو، ٿورائتا آھيون مرڪ پبليڪيشن جي سرواڻ مرتضيَ لغاريءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت لاءِ موڪلي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

حق ۽ واسطا

هانءُ هاريو مَتان
(شاعري)
شاهده کوکر
مئي 2017ع
ڪمپوزنگ: زبير سومرو
0333-7594302
ڇپيندڙ: مرڪ پبليڪيشن
Office: Room No 403 4th Flor Sabir manzil 98
Near Gul Plaza Morston Road Karachi

murtaza.laghari9@gmail.com
murtaza.laghari@ymail.com
03005182494

تعارفي مهاڳ: ”خدا جي نگر ۾ اڪيلا اڪيلا“

هڪ شاعر ٻئي شاعر جي شعرن کي پڙهي ۽ سمجهي اِهو به آسان آهي پر هڪ شاعر ٻئي شاعر جي شعرن تي نروارُ ٿي پنهنجو رايو رکي سچ ته اهو ڏاڍو مشڪل ڪم آهي. اهڙو ئي امتحان اڄ منهنجي سِرَ تي آهي، منهنجي پياري سهيلي شاهده کوکر جڏهن فون ڪري چيو ته ڀيڻ شبانه! منهنجي هِن ايندڙ ڪتاب ”هانءُ هاريو مَتان“ تي توکي لِکڻو آهي پر اُهو به سڄو سارو مهاڳ، ڄڻ ان وقت آئون مُنجهي پئي هُيس پوءِ به محبت جو دڳ مٿيرو آهي، زندگيءَ جي هر واٽ ۽ وڪڙ کان، مون جيءُ جيءُ چئي ڀيڻ شاهده کي ڪيل ماڻي جو جواب ڏنو هو.
شاهده کوکر سنڌي ادب ۾ ڪو نئون نويلو نالو بنهه ڪونه آهي اسان جي ڀيڻ پراڻن پلن کان پانڌياڻي آهي هِنَ اوکيءَ جي رستن جي، جڏهن شهيد رحمان مغل (سرمد سنڌي) جي ڳائڻ جو ماحول جوڀن جي جهول ۾ ٿي ڪُڏيو تڏهن کان شاهده کوکر جو عوامي انداز ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ زور شور سان روان دوان رهندو پيو اچي. سرمد سنڌيءَ جي آواز ۾ سندس مشهور غزل آهي ”ڪري ڏُور مون کي تون رَڙندو ته هوندين“ ان کان علاوه پڻ سنڌ جي مختلف فنڪارن سندس شاعري ڳائي ٻڌندڙن تائين رسائڻ ۾ ڪائي ڪسر ڪونه ڇڏي آهي. شاهده کوکر ذاتي طور تي به هڪ سُٺي سوچ رکندڙ ليکڪه آهي، هوءَ ذات پات جي قصيدن کان تمام گهڻو پاسي ٿي گذاريندڙ هڪ سُٺي جندڙي آهي. سندس اِن خوبيءَ مون کي بيحد موهي وڌو آهي جو ڪڏهن نه ڪنهن جي گِلا ڪري نه گِلا غيبت ٻڌڻ پسند ڪري، صبح جو معمول مطابق مئسيج ڪري پڇندي آهي ته شبانه! راڻي طبيعت ڪيئن آهي؟ جواب ۾ چوڻو پوندو اٿم ڀيڻ دعائون تنهنجون خوش آهيان. اهو عمل يقين ڏيندو رهندو آهي ته شاهده کوکر منهنجي سڳي ڀيڻ آهي. اِهو ئي حسن سندس شعرن ۾ منور پسجي پيو. هُن جي اکين منجهه فطرتي ڏات جون ڏياٽيون ٻرنديون رهيون آهن، جيڪي وقت جي اونداهه سان جهيڙينديون رهن ٿيون. انهن اکين ۾ قسمت جون هڙئي هارون به آهن، ته همت جي هٿن ۾ اميدون علم کڻي سُرندي به محسوس ٿين پيون، شاهده ڌرتيءَ جي دردن جون دانهون به ورنائي پئي ته عورت جي بيحسيءَ تي ڏُکي به پوي ٿي. هِنَ جي قلم ۽ قلب ۾ ازلي ضبط آهي جيڪو رسمي ديوَن آڏو نڍر بڻيو بيٺو رهي ٿو. سندس غزل، بيت توڙي وايون پنهنجي اصلي شناس ۾ موجود آهن. محبوب جي مُرڪَ ۽ لوڪن جا لُڙڪ سندس شعرن ۾ چِٽا پِٽا نظر اچن پيا ۽ ان ميارَ کان پاڻ کي بچائڻ جي جتن ۾ رُڌل رهندي محسوس ڪريان پئي ته:
حيف تنين تي هوءِ، وطن جن وساريو.
محبوب جي ميارن کان مٽيءَ جون مياريون ڳوريون ڀائيندي نظر اچي پئي، ڪڏهن به اُهو شاعر / شاعره بقا جي ڏيهه ۾ نه ٿو تَڳي ۽ ترسي جنهن جي طبيعت ۽ شعرن ۾ مٽيءَ جي مهڪ ڪونه آئي هجي پر شاهده کوکر خوشبخت آهي، سندس ڏات ڏيهي ڏنجهن کان آجي ڪونه آهي.
محبت به انسان کي فطرتي سوغات آهي محبت ئي انسان کي احساسن جي مالها بخشي ٿي شاهده جي هِنَ شعر ۾ محبت جو معيار ۽ نماڻپ بيحد وڻي اٿم.
روحَ منهنجي اُٿي رات توکي سڏيو،
شعر منهنجا مگر توڏي پُهتا نه ها!
وقت ڪيڏو مَٽائي ڇڏيو ٿئي مِٺا!
شاهده لاءِ تو وٽ ڇو دڙڪا نه ها!؟
سچ ته ڪنهن جا ڪڏهن ڪڏهن دلاسا به دڙڪن جيان محسوس ٿيندا آهن ته قربت ۾ پنهنجن جا ڏنل دڙڪا به دلاسا ٿي پوندا آهن، ۽ اِهو احساس تڏهن ئي جيءَ جو جهوراڻو بڻجي پوندو آهي جڏهن ڪوئي پنهنجو پري ٿي پوندو آهي ۽ ڪوئي سهارو نه سُجهندو آهي ته انسان پاڻ ئي پاڻ ۾ ٻانهن ٻيلي ووڙيندو وتندو آهي جيئن شاهده جي هِنَ شعر کي محسوس ڪري سگهجي ٿو.
موت مِٺو ڀي اچڻو آهي،
ڪو دم آهين ڳاءِ حياتي!
رنج رُساما ڪنهن سان ڪهڙا!؟
رُوحَ رُٺا پرچاءِ حياتي!
شاهده جڏهن روح رٺل کي پرچائڻ جي ڳالهه ڪئي ته مون کي لطيف سرڪار جي ڪيفيت سامهون مُرڪندي محسوس ٿي ته:

سَري نه جِن ريءَ ساءِ، رتي م رسج تن کان.
شاهده کوکر زندگيءَ جي هر ڪيفيت مان گذرندي لُڇو ۽ لکيو آهي، ڪڏهن پاڻ مايوسيءَ جي اونداهي رات ۾ رهي ٿي پوي ته ڪڏهن هن ڏيهه جي سُڏڪندڙ ساهَن لاءِ ڏڍ ٿي بڻجي پوي. ذاتي طور شاهده جو مايوس رهڻ ڪو گناهه ڪونه آهي، آئون ڀلي ڀت ڄاڻان پئي ته عورت لاءِ ڪيڏو نه عذاب آهي جڏهن هوءَ محسوس ڪري ٿي ته آئون تعذير جي زندان ۾ جڪڙيل آهيان پر جڏهن اندر منجهان ڏات ڏَڍَ ڏهڪاءَ کي للڪاريندي بي ساختا اظهارڻ تي مجبور ڪري ٿي ته شاهده کان هينئن چَوِرائي پئي:
هانءُ هارڻ جون ڳالهيون نه ڪيو،
زندگي ۽ زمان آ جاني!
آ پرائي پچار ۾ ماڻهو!
وقت جو هيءُ زيان آ جاني!
يا وري:
هانءُ هاريو مَتان مشڪلاتون ڏسي،
چار باقي وِکون چينُ آ ماڳ ۾.
اهو ته سچي ۽ دانش ذهن جو ڪمال هوندو آهي جو هو پنهنجي اندر منجهه اوکيءَ جي انبار کي وساري سڄڻ ۽ ساڻيهه لاءِ هماليه جهڙو حوصلو کڻي جيئندو آهي، ڏکن ۾ ڏڍ ٿيندو آهي ۽ پنهنجي ڪلڪ سان قوم جا ڀاڳ لکندو آهي پاڻ انڌيرن ۾ ترسي به لکين ڏيئا ڏات جا ٻاري ٻَرندو آهي، سرد جذبن کي اُڇلي تخيل تپائي ماحول ۾ جُونِ جهڙا جذبا جرڪائي جيئندو ۽ جيئاريندو آهي، شاهده کوکر پنهنجي ساهَن کان قومي هيرا به ڪڏهن پري ناهِن رکيا، قومي ۽ انقلابي راڳي سرمد سنڌيءَ کي پنهنجي بيتن ۾ ڀُونءِ جيان ڀانئيو آهي:
ٻُرندا آهن جهنگ جهر سرمد! تنهنجا ٻولَ،
هر دل جا او ڍولَ، مرڻو آهين ڪينڪي!
........
مارن جي هر درد جو، تون ئي آن دارون،
اوکيءَ ۾ سارون، سرمد! تنهنجون ساهَه سان.
ڇا جيڪي اسان جي سٿ مان اجلي اوٽ ٿي وڃن ٿا تن کي وسارڻ وقت جو مياري ٿيڻ ڪونه آهي!؟ پر هِتي ته جيئرو ئي جيئري کي سهي ڪونه ٿو سگهي خير ”جو وڙ جڙي جن سين“ اهو قول ئي گواهه آهي هر ڪردار جو! شاهده جي وائيءَ منجهه به وقت جو ويڻ آهي هِن وائيءَ سان به خوب کان خوب نڀايو آهي، اميدن جا اَجها انسان جوڙيندو آهي اميدون ئي انسان کي جستجو ۽ جياپو ڏينديون آهن پر حقيقت جو سڏ به ڪوئي لنوائي ڪونه سگهيو آهي آخر انسان کي فَنا جي پيٽ ۾ دائمي ترسڻو پوي ٿو. اهڙي نِراسائيءَ جي ڪيفيت ۾ شاهده وائي لکي آهي:
ڇڏيون سڀ کي هاڻ،
آنءُ هَلان ٿي هوتَ ڏي!
سانڍي جيڏيون جيءَ ۾،
موتين جو مهراڻ.
آنءُ هَلان ٿي هوتَ ڏي!
اُڇلي آسُن جون هِتي،
پوشاڪون پهراڻ.
آنءُ هَلان ٿي هوتَ ڏي!
يا وري:
آخر ٿي ويندا،
خالي هَٿَ حيات جا!
پار پرينءَ جي شاهده،
ويچارا ويندا.
خالي هَٿَ حيات جا!
هن وائيءَ ۾ شاهده جيڪو استعارو ڏنو آهي، سو سچ ته ڪمال جو آهي ۽ وراڻي ڪوهَن جي ڪاڪ جڏهن ته ڪاڪ مومل ۽ راڻي جي رهي آهي تاريخ ۾ پر پيڙائن جا پُور شاهده کي سسئي جهڙي سِڪَ ۽ اَهنج ڪاڪ ۾ به جبل جهڙو جهوراڻو ڏئي چورائي ٿو ته:

سَڏُ سُڻي ڪوئي،
ڪوهَن جي هِنَ ڪاڪ ۾!
سُور جهليندي ڪيترا؟
لڱن جي لوئي،
ڪوهَن جي هِنَ ڪاڪ ۾!
سنڌوءَ جهڙا لُڙڪ ها،
ڇڏيا ڳَلَ ڌوئي.
ڪوهَن جي هِنَ ڪاڪ ۾!
شاهده سنڌي شاعريءَ جي اهم صنف سان ڀرپور نڀاءُ ڪيو آهي اهو سندس اندر جي اهنجن جو علم آهي جو پَچي پَچي پُڪار بڻجي پئي آهي.
هِنَ تيز تر دؤر ۾ هر ماڻهو پنهنجي پيچرن ۽ پيرن کي ئي پَسي جيئي ٿو. ٻين جي ڏکن تي ته ڇا پر سکن کي به نه ٿو سمجهي سگهي اهڙي ٻوساٽيل پلن ۾ محسوس ڪري ٿي شاهده ۽ بيوسيءَ منجهان پُڇاڻو پئي ڪري ته:
نه ٿو حال ڪوئي جو ڄاڻي مٽيءَ جو،
مٽيءَ کي رهيو خوف آ ڇو مٽيءَ جو!؟
مٽيءَ کان سِوا ڪجهه نه سوچي ۽ سمجهي،
وٺي ڀيدُ ڄاڻي اگر ڪو مٽيءَ جو!
پنهنجي ديس جي مٽيءَ جي ثنا اهم ڳڻ آهي شعرن ۾ جيڪو پڻ ڳڻ شاهده ڳائيندي نظر اچي پئي:
سنڌ جهڙي مِٽي ٻي نه ٿيندي مِٺا!
سنڌ جي آ مٽي قرب ڏيندي مِٺا!
سنڌ خاطر جيئڻ ڀي سِکي ڏس سچي،
سنڌ توکي نه تنها ڇڏيندي مِٺا!
ذات جي فڪر ۾ مگن ماڻهوءَ کان ڌرتيءَ ڌڻين جا درد وسري ويا آهن ۽ سڄي ڀونءِ اچي غيرن گهيري آهي پر لاشعور جي اُڏامَ هيٺ لهڻ ئي نه ٿي ڏي بيحسن کي تڏهن شاهده جو قومي جذبو ڀُڻڪو بڻجي پوي ٿو:
پاڻ لئه ڇو ٿا جيئو ڌرتي ڇڏي!؟
ڪَن ڏِيو ٿي دير کان ڌرتي سَڏي!
ڪونه مايوسي ڪڏهن ايندئي اڳيان،
جيءَ ۾ ڇڏجانءِ تون ڌرتي اَڏي!
..........
اُگهاڙي مَٿي لاءِ پوتي اسان،
اُماوَس اکين منجهه جوتي اسان!
ته شعرن تي وهوا زماني ڪئي،
زبان سان حقيقت جو اوتي اسان.
..........
ڀوڳ دنيا سڄي زندگيءَ جي اڳيان،
ٿي خوشي هارجي هر غميءَ جي اڳيان.
ڪم خدا کان مليو ڏاتِ ڏک، جو سدا،
ڇا الائي مِلي شاعريءَ جي اڳيان!؟
..........
ازل کان اندر ۾ اڪيلا اڪيلا،
اسان دل جي گهر ۾ اڪيلا اڪيلا.
رهون شاهده ٿا پيا ماٺ مٺڙا،
خدا جي نگر ۾ اڪيلا اڪيلا.
..........
زنده ضمير جَرڪي انسان جي عمل سان،
پئسو ۽ لوهه، لوڀي زنگجي وڃي ٿو باقي.

آئون ڪيترا شعر مثال طور پيش ڪريان هر اک جي پنهنجي روشنائي آهي. شاهده کوکر فني توڙي فڪري حوالي سان پختي شاعره آهي آئون کيس ههڙو خوبصورت ڪتاب ”هانءُ هاريو مَتان“ آڻڻ تي کوڙ ساريون واڌايون ڏيان پئي ۽ اميد پئي ڪريان ته ان ئي تسلسل سان شعرن جو پورهيو ڪندي رهي، مايوسي ۽ مڪاريءَ کي جوتيءَ سان جلائي جڳ جيئاري، جيئي.

شبانه عالماڻي - مورو
2017-03-15

اُگهاڙي مَٿي لاءِ پوتي اسان

شاعري جيڪڏهن عوامي پيغام آهي ته ان جو استعمال به عوامي اسلوب سان هجڻ شرط آهي. شاهده کوکر جو ڪتاب ڪمپوزنگ ڪرڻ دوران آئون پڙهندو به رهيو آهيان. سندس سادا لفظ پر اجرن احساسن جي مالها من موهيندڙ آهي، اڄڪلهه رڳو وزن بحر تي مارا ماري آهي فڪر کان مَٿي فني ڊکاڻڪيءَ کي اهم سمجهو ٿو وڃي جيڪو سراسر غلط آهي. عام پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ اسان کان وزن بحر جو پڇاڻو ڪونه ڪندو آهي پر هو پيغام کي پسند ڪندو آهي. مان محترمه شبانه عالماڻيءَ جي هن شعر سان سئو سيڪڙو سهمت آهيان:
رڳو بحر وزن آهي،
فڪر بن فن به فن آهي!؟
نه ٿس جو ويس خيالن جو،
ننگو شعري بدن آهي.
شاهده کوکر چارئي رُخ دنيا جا پنهنجن شعرن ۾ سمايا آهن. جڏهن مون هن جو هڪ شعر پڙهيو ته مون کي شيخ اياز جي احساس جو تسلسل لڳو پڪ ٿي ته وقت ئي وقت کان ٽٽي ڪونه ٿو سگهي گهڙين جو گاڏو ڦري گهري وري واٽن جون واڳون پاڻ جهلي ٿو. شيخ اياز چوي ٿو:
ڪڪريون منهنجو ويس ميان!
آ اگهاڙو ڪير چوي؟
ڀُونءِ واسين جي ساڳي بدحالي ڏسي شاهده جو جيءُ جُهري پوي ٿو اُگهاڙي مٿي مٿان پنهنجو وجود واري ٿي:
اُگهاڙي مَٿي لاءِ پوتي اسان!
شاهده کوکر جي شاعري پڙهڻ دوران اها آساني ضرور آهي ته لفظن جي معنيٰ ڄاڻڻ لاءِ (ڊڪشنري) جي سلامي ڪونه ڪرڻي پوندي، سندس جذبن جي جوتي هميشه جيوَ سان جرڪندي رهي. مان انتظار ڪونه ڪندس ته وقت ثابت ڪندو پر اهو ئي چوان ٿو ته وقت ثابت ڪيو آهي ته شاهده اهو ئي سُور، ساڃاهه سلهاڙيو آهي. آڱرين ۽ امنگن ۾ “هانءُ هاريو مَتان” سندس ڪتاب هر هارايل هينئڙي لاءِ حبيب آهي.

زبير سومرو - خيرپور
21-03-2017

پنهنجي پاران: هانءُ هاريو مَتان!

اڻ کٽ زندگيءَ جا رستا ۽ اڻ ٿڪ اميدن جون اکيون جڏهن هن سنسار ۾ وقت سان ڊوڙنديون آهن ته ماڳ جهڙو محبوب ملي ئي پوندو آهي، زندگيءَ جي هٿن تي جيتريون لڪيرون لکيل هونديون آهن ايتريون ئي ڪيفيتون ۽ ڪم انسان اڳيان انوار ٿي پوندا آهن.
مايوسيءَ جي مهڻن اڳيان حوصلن جي هل هلان ئي زندگيءَ جي سڦلتا آهي، ڪالهه ڇا وڃايو؟ اڄ ڇا مليو؟ انهن پلن کي ساري سواءِ سڏڪن جي ڪجهه به نه ٿو ملي، بس ڪجهه ملي ڪجهه ڪجي واري واٽ ورتيون وڌڻ سان ئي ڪجهه ملي ٿو پوي. منهنجو پهريون ڪتاب “ريشمي خواب ۽ تنهائي” به منهنجي جذبن جو پورهيو آهي ان منجهان ڇا وريو؟ ڇا ورڻو هو؟ ڇا ورندو؟ اهو ڪونه سوچو آهي بس لوچو ۽ لکيو آهي وقت جي بارگاهه منجهه محفوظ رهندو.
هي منهنجو ٻيو شاعريءَ جو ڳٽڪو آهي “هانءُ هاريو مَتان” مون جڏهن شيخ اياز جو بيت پڙهيو هو ته ڪجهه به سمجهي نه سگهي هيس ته ڇا واقعي به ايتري لاچاري لُڏي ۽ لمي پئي هر جيءَ جي لڇڻ ويل واٽ تي!؟
جيجل! هاريان آنءُ، هنجون ڪنهن جي هنجَ ۾!؟
دُکي سارو ديس آ هر ڪنهن هيڻو هانءُ،
جنهن کي ڏڍ نه ڏانءُ، سا ڪيئن ڪاٽي ڏينهڙا!؟
(شيخ اياز)
پر اڄ جڏهن اهو حال اکين ڏٺو ته اياز جو تڙپڻ سجايو لڳو اٿم لاشڪ انسان حالتن جي هٿن منجهه سوگهو آهي.
منهنجو پهريون ڪتاب به منهنجي مشاهدن تي قائم آهي. منهنجو ٻيو ڪتاب به ساڳي سڻڪ جو سفر ڀاسي ٿو، شاعر اهو ڪجهه ئي لکي ٿو جيڪو هُن کي وقت جو ڏاتار ڏيندو رهي ٿو. شاعري ڏسجي، پڙهجي ۽ ٻڌجي ته سوکيءَ جي ساراهه آهي پر ايذائن ۽ انيائن سان جهيڙيندي جڏهن هڪ سِٽَ به سِٽجي ٿي ته تمام اوکيءَ جو عالم جهاڳڻو پوي ٿو. دنيا جي آرسيءَ ۾ جڏهن پنهنجي زندگيءَ جي صورت ڏسجي ٿي ته انسان سواءِ ارمانن جي ڪجهه به ڪمائي ڪونه سگهيو آهي پر جڏهن اميدن ڀريا خماريل نيڻ پوري خوابن سان دم پرواز ڪري ٿو ته سکن کان سواءِ ڪجهه به عمر جي پاند ۾ ناهي رهيو.
بهرحال منهنجو هيءُ ڪتاب “هانءُ هاريو مَتان” اوهان پڙهندڙن جي اکين سان سرِ گفتگو آهي ۽ اوهان ئي عادل آهيو هن جيءَ جي جذبن جا مون ڇا ڪيو؟ ڇو ڪيو؟ ڇالاءِ ڪيو!؟ اوهان کان بهتر ڪونه ٿو ڄاڻي بسگهي.
آئون بيحد ٿورائتي آهيان انهن سڀني جي جن منهنجي ڪتاب منجهه لکيو. انتهائي ٿورائتي سرتي شبانه عالماڻيءَ جي جنهن منهنجي ڪتاب جو مهاڳ لکيو، محترم آسي زميني، نندلال، زبير سومري، فرزانا شاهين، ڊاڪٽر خادم منگي ۽ جواد جعفري جي پڻ شڪرگذار آهيان جن تاثر لکيا. ان کان علاوه خاص ٿورا رضوان گل جا جنهن ڪتاب جو سهڻو ٽائيٽل ٺاهيو ۽ تاثر پڻ لکيو. آئون مُرڪَ پبليڪيشن جي سرواڻ مرتضيٰ لغاري جي ٿورائتي آهيان جنهن منهنجو هي ڪتاب سهڻي نموني ڇپائي پڙهندڙن تائين رسايو.

سِڪَ سلامت، سات سلامت
سونهن سلامت، سنڌ سلامت!

شاهده کوکر
17-03-2017

قصيدو

(مولا علي عليه سلام جي شان ۾)

ناطقِ قُرآن آهي ياعلي،
قلب جو ايمان آهي ياعلي.

هارجي مُنڪر مُنافق ويا هڙئي،
جيت جو ميدان آهي ياعلي.

بعد مُحمد جي علي اڳواڻ آ،
هر قدم عمران آهي ياعلي.

ٿو پسي جلوا خدا جا مست من،
عشق هي سلمان آهي ياعلي.

سنڌ کي لوڏو لهر خطرو نه ڪو،
پاڻ جو نگران آهي ياعلي.

مُشڪلاتن کي ڏسي ڊڄڻو نه آ،
ساڻ دل! سلطان آهي ياعلي.

”شاهده“ امبر زمين آهي گواهه،
دين تي احسان آهي ياعلي.

غزل

---

وري سمنڊ تان اڄ اُڃارا وَڃون پيا

وري سمنڊ تان اڄ اُڃارا وَڃون پيا،
اوهان جي بزم مان ڏُکارا وڃون پيا.

وري ڪونه وربو اوهان ڏانهن واپس،
اکين ۾ سمايون ستارا وَڃون پيا.

اوهان بي رُخيءَ جي نه سوغات سونپيو،
ڪري ماٺ مُرڪي خدارا! وڃون پيا.

جيئڻ پوءِ ڪهڙو اسان جو دنيا ۾؟
ڪيو قرب ۾ ٿا ڪنارا، وڃون پيا!

اجل جو سنيهو پُنو پاڻ تائين،
هئا ساهه بت کي اڌارا وڃون پيا!

ڪري ياد ڪو يا وساري اسان کي،
ڇڏي “شاهده” سڀ سهارا وڃون پيا.

سُور ها ساهَه ۾ پوءِ به سُڏڪا نه ها،

سُور ها ساهَه ۾ پوءِ به سُڏڪا نه ها،
ماٺ هُئي من اندر پارَ پِٽڪا نه ها!

دردَ ڳوڙها اکين ۾ بڻيا شاهِدي،
پيارَ ۾ تو ڏنا ڇا هي تحفا نه ها!؟

رات ڀَر ساهَه ۾ آهي چُڀندي رهي،
سارَ تنهنجي هئي لوهه، ڪوڪا نه ها!

روحَ منهنجي اُٿي رات توکي سڏيو،
شعر منهنجا مگر توڏي پُهتا نه ها!

سانت جذبا ڪري سرد سارا ڇڏيا،
نيڻ ساڳيا هُئا تن ۾ اُلڪا نه ها!

وقت جا پيرَ ۽ پنڌ ساڳيو مگر،
جستجو جيءَ سان هيل کُٽڪا نه ها.

وقت ڪيڏو مَٽائي ڇڏيو ٿئي مٺا!
“شاهده” لاءِ تو وٽ ڇو دڙڪا نه ها!؟

وري سمنڊ تان اڄ اُڃارا وَڃون پيا

وري سمنڊ تان اڄ اُڃارا وَڃون پيا،
اوهان جي بزم مان ڏُکارا وڃون پيا.

وري ڪونه وربو اوهان ڏانهن واپس،
اکين ۾ سمايون ستارا وَڃون پيا.

اوهان بي رُخيءَ جي نه سوغات سونپيو،
ڪري ماٺ مُرڪي خدارا! وڃون پيا.

جيئڻ پوءِ ڪهڙو اسان جو دنيا ۾؟
ڪيو قرب ۾ ٿا ڪنارا، وڃون پيا!

اجل جو سنيهو پُنو پاڻ تائين،
هئا ساهه بت کي اڌارا وڃون پيا!

ڪري ياد ڪو يا وساري اسان کي،
ڇڏي “شاهده” سڀ سهارا وڃون پيا.

سُور ها ساهَه ۾ پوءِ به سُڏڪا نه ها،

سُور ها ساهَه ۾ پوءِ به سُڏڪا نه ها،
ماٺ هُئي من اندر پارَ پِٽڪا نه ها!

دردَ ڳوڙها اکين ۾ بڻيا شاهِدي،
پيارَ ۾ تو ڏنا ڇا هي تحفا نه ها!؟

رات ڀَر ساهَه ۾ آهي چُڀندي رهي،
سارَ تنهنجي هئي لوهه، ڪوڪا نه ها!

روحَ منهنجي اُٿي رات توکي سڏيو،
شعر منهنجا مگر توڏي پُهتا نه ها!

سانت جذبا ڪري سرد سارا ڇڏيا،
نيڻ ساڳيا هُئا تن ۾ اُلڪا نه ها!

وقت جا پيرَ ۽ پنڌ ساڳيو مگر،
جستجو جيءَ سان هيل کُٽڪا نه ها.

وقت ڪيڏو مَٽائي ڇڏيو ٿئي مٺا!
“شاهده” لاءِ تو وٽ ڇو دڙڪا نه ها!؟

ساهُه توکي جڏهن به ساري ٿو!

ساهُه توکي جڏهن به ساري ٿو!
چينُ سارو اندر جو ماري ٿو!

تو ڪَنن ۾ ڪَپهه وِڌي آهي،
روح توکي پيو پُڪاري ٿو!

ڏيل سارو ڏکن ورايو آ،
هانءُ توريءَ لڙڪ هاري ٿو!

او پهيڙا! اڃان نه تون آئين،
آسرو روز ديپ ٻاري ٿو!

“شاهده” ڪُنَ ڪدورتن مان ڀي،
پيار ٻيڙو عمر جو تاري ٿو!

آئون ته تنهنجي ٻانهي آهيان،

آئون ته تنهنجي ٻانهي آهيان،
توسان ڪهڙو سينو ساهيان!؟

مند مينهوَڳيءَ ۾ او سائين،
توسان آنءُ ملڻ ٿي چاهيان.

تنهنجي پيارَ ۾ منهنجا پيارا،
گيت غزل مان ويٺي ٺاهيان.

توکي آئون وساري ڇڏيان،
آئون ته اهڙي پيارا ناهيان.

تنهنجي ڳڻتين ۾ او ساجن،
ڳاراڻن جو ڳاهُه ٿي ڳاهيان.

هيءَ اڪيلي هاءِ حياتي،

هيءَ اڪيلي هاءِ حياتي،
تڙپي تنهنجي لاءِ حياتي!

موت مِٺو ڀي اچڻو آهي،
ڪو دم آهين ڳاءِ حياتي!

رنج رساما ڪنهن سان ڪهڙا!؟
روحَ رُٺا پرچاءِ حياتي!

وات ٻَڌي ڇو ويٺي آهين!؟
جذبن کي جُهوماءِ حياتي!

روليندئي هي رڻ پو ڇا ٿيو!؟
پيچُ پُنهونءَ سان پاءِ حياتي!

توبِن تنهنجون ڳالهيون رهنديون،
جيءُ نه ڪو ايذاءِ حياتي!

نينهن نچائي رڳ رڳ پنهنجي،
تن من کي گرماءِ حياتي!

ڳولڻ ۾ ئي سڀ ڪجهه آهي،
مفت نه ويل وڃاءِ حياتي!

آگم آگم اکڙيون تنهنجون
ٿر بر خوب وساءِ حياتي!

سونهن بحر ۾ تر تر تر تر،
مُور نه ساهه سڪاءِ حياتي!

سهڻل کان سوغات ملي آ،
سڀ کان سُور لڪاءِ حياتي!

“شاهده” پيار سوا ڪجهه ڪونهي،
لوڪن کي سمجهاءِ حياتي!

نگاهون سڏن ٿيون نظارا سڏن ٿا،

نگاهون سڏن ٿيون نظارا سڏن ٿا،
گهڻي دير کان پيار، پيارا سڏن ٿا!

نه ٿو جيءُ ڌرتي ڇڏي ويلَ ڪائي،
انبر تان اکين کي ستارا سڏن ٿا!

مُٺي ماٺ آهي، زبان سانت پنهنجي،
اکين کي اکين جا اشارا سڏن ٿا!

وڃي ڏور ڏاڍو، وَسايو اَجهو ٿي،
مگر توکي هي پوهَه پارا سڏن ٿا!

اوهان سونهن جو سمنڊ آهيو او سائين،
اوهان کي سڪايل اُڃارا سڏن ٿا!

ٻڌي دانهن تو ڪونه ڪنهن جي به دل جي،
خدا، ساهه توکي ڏکارا سڏن ٿا!

وڃي تو وسايو شهر شور وارو،
وري وَرُ توکي ڳوٺ وارا سڏن ٿا!

ڇڏي ڪيئن فطرت وڃان “شاهده” مان؟
سنڌوءَ جا سڀاڳا ڪِنارا سڏن ٿا!

حياتيءَ جي هوندي وساريا ويا هُون،

حياتيءَ جي هوندي وساريا ويا هُون،
اوهان جي دلين مان ڌڪاريا ويا هُون!

اسان پَن وڻ جو هئاسين دنيا ۾،
وريو واءُ پل سان ٻهاريا ويا هُون.

وساري ڇڏيو لوڪ آهي ته ڇاهي!؟
مٽيءَ ماءُ کان پر سنڀاريا ويا هُون!

اسان هيٺ پنهنجا وِڇاڻا وِڇايا،
وري ڀي اڱڻ تان اٿاريا ويا هُون.

اڃان ساهَه آهن نه ساريو اوهان ٿا،
اڳي موت کان ڄڻ ته ماريا ويا هُون.

وري “شاهده” وهم دل ۾ اٿيو آ،
لڳي ٿو اوهان کان پُڪاريا ويا هُون!

عشق پنهنجو جوان آ جاني!

عشق پنهنجو جوان آ جاني!
هر قدم ٿيو آسان آ جاني!

شعر منهنجن ۾ لفظ ٿو تورين،
هي اندر جو بيان آ جاني!

عشق ۾ ٻيو جُڳت نه ٿو گهرجي!
ڀُونءِ گڏ آسمان آ جاني!

آءُ تو لاءِ منتظر آ دل،
پنهنجو هي آستان آ جاني!
ڏيهَه ساري کي گهر عطا ٿو ڪري،
پاڻ سو لامڪان آ جاني!

هانءُ هارڻ جون ڳالهيون نه ڪيو،
زندگي ۽ زمان آ جاني!

ڇو ٻڌائي روئارجي توکي،
درد جو داستان آ جاني!

آ پرائي پچار ۾ ماڻهو،
وقت جو هيءُ زيان آ جاني!

پير هلندا هلن اڳي پنهنجا،
ڇا خبر ڪِٿِ مڪان آ جاني!؟

نيڻ منهنجا سجود ۾ آهن،
سونهن تنهنجي سبحان آ جاني!

“شاهده” دل نه جو ڏکائي ٿو،
شخص سوئي مَهان آ جاني!

توکان گُهران ٿي پاڻي ناياب ڏي مٺا!

توکان گُهران ٿي پاڻي ناياب ڏي مٺا!
جيڪو کسي حياتي سو آب ڏي مٺا!

تون روپ پنهنجو آڻي دلدار اڳيان ڏي،
توکي ڪِٿي چوان ٿي مهتاب ڏي مٺا!

توکي ڏسن نگاهون هر هر جُهڪيو پوَن،
اهڙو عمر سموري آداب ڏي مٺا!

توکان شهر خوشين جو طلبيان نه ٿي پرين،
مون کي سدا ڏکن جو تون باب ڏي مٺا!

ويساهَه جي اکين کي پوندو نه ڪو پَتو،
ڀل پيارَ جي دڳن تي دولاب ڏي مٺا!

هر ويل آئون اُجڙي جيئنديس ته ڇا ٿيو،
محبت ۾ ڀل نه ڪو پل شاداب ڏي مٺا!

رڳ رڳ رِجي پوي ٿي احساس جي اَلا،
ڏي ڪين تلخين جو او تاب تون مٺا!

هر رات “شاهده” ڀي بي چين ٿي رَهي،
جيڪو نه ساءُ بخشي سو خواب ڏي مٺا!

نيڻن ۾ نَمي آهي مَنَ تنهنجي ڪَمي آهي،

نيڻن ۾ نَمي آهي مَنَ تنهنجي ڪَمي آهي،
دوريءَ جي گهڙي هرڪا ٿي جند جان ڊاهي.

سنسار ۾ گهڻا ئي سرواڻ سونهن وارا،
هيءَ دل فقط نماڻا! هر ويل توکي چاهي.

هر ساهَه ۾ تون آهين مون سان تنوارَ وانگي،
توريءَ تات دل کي دلدار ڪنهن جي ناهي.

هي وقت ڀي قهر آ، توريءَ جو پهر آ،
وِکَ وِکَ حيات منهنجي ڳڻتين ۾ ڳاهه ڳاهي.

ڪاڏي وڃين پيو ٿو، توکي نه ڄاڻ تنهنجي،
ڀٽڪي ڀُلي ويو آن، انسانَ، توکي ڇاهي!؟

سچ لئه هزار سوليون هر دؤر ۾ رهيون هِن،
ڪنهن دؤرَ ۾ نه ڪوڙو ڪنهن ويل چڙهيو ڦاهي.

احساس توکي ناهي ڪنهن ريت “شاهده” جو،
تو لاءِ جند تڙپي توکي لَکا ڇو ناهي!؟

ستم سُور تنهنجا سهون ٿا اڃان،

ستم سُور تنهنجا سهون ٿا اڃان،
الا من اندر ۾ ڊهون ٿا اڃان!

اوهان کان پري زندگي ٿي ڦِڪي،
اڪيلا اڪيلا ٺهون ٿا اڃان!؟

اسان ڪونه ٿڪجي رُناسين ڪِٿي،
پَيا وقت وانگي وَهون ٿا اڃان!

اسان کي اسان جو پتو ڪونه آ،
الائي ته ڪاٿي رهون ٿا اڃان!

پَيا “شاهده” پاڻ ڏوريون ڏُکي،
مٽيءَ هنج ۾ ڪِٿ لهون ٿا اڃان!؟

روح آهي رڙيو روهَه جي راڳ ۾،

روح آهي رڙيو روهَه جي راڳ ۾،
چين هوندو نه آ آڳ سان جاڳ ۾!

هانءُ هاريو متان مشڪلاتون ڏسي،
چار باقي وِکون چينُ آ ماڳَ ۾!

ساهه سنتوش ماڻيندو پنهنجو مِٺا،
وڃ نه هتڙان اُٿي ويهه، ويراڳ ۾!

ڦول پيلا لڳا زندگيءَ وانگيان،
سوچ اٽڪي پئي اڄ سرنهن ساڳ ۾!

تو زمانا! پچارون اجايون ڪيون،
عمر هن جي وئي هارجي ڌاڳ ۾!

کوڙ اُلڪا هئا سُور سڏڪا هئا،
آهي سڀڪي سَٺو زندگيءَ جهاڳ ۾!

“شاهده” سُور جا ساهَه کڻندي رهي،
اهنج آهون مليون جيءَ کي ڀاڳَ ۾!

دوست! توکان جو ڌارَ آهيان مان،

دوست! توکان جو ڌارَ آهيان مان،
ڄڻ ته جيئري مزار آهيان مان!

ساڙ جي باهه ڪونه آ مون ۾،
نينهن واري نهارَ آهيان مان!

هانءُ آڪاش جو پئي ڦاڙيان،
دل دکيءَ جي پڪار آهيان مان!

موت ماري نه ٿو سگهي مون کي،
ڇوته سانگين جي سارَ آهيان مان!

ڇو پيو ويجهڙو اچين منهنجي،
هر قدم هار هار آهيان مان!

ٿي ٻُران واءُ ۾ ازل کان ئي،
شاعريءَ جي اُڏار آهيان مان!

ڪونه ميهر وري مليو ڪوئي،
اڄ جي سهڻي ميهار! آهيان مان.

سورن واري فضا پري آهي،
ها دلين جي بهارَ آهيان مان!

ساهه ساري ڪڏهن ٿَڪي پوندئي،
نيٺ ٿيڻي ويسار آهيان مان!

جاچ مون کي نه تون زماني ۾،
ڪُل عجب جا آثار آهيان مان!

عمر تنهنجي سڄي وهي ويندي،
تيز سنڌوءَ جي تارَ آهيان مان!

ڪو ڪدورت سان ڪين ڀيٽي جو،
پيار ئي پيار آهيان مان!

مان دلين کي سدا پئي جوڙيان،
قرب واري ترار آهيان مان!

“شاهده” کي تون ساهَه ۾ رکجانءِ،
قولَ تنهنجا قرارَ آهيان مان!

ساٿَ سارا ڇِني سارَ ڇو ٿو ڏئين!؟

ساٿَ سارا ڇِني سارَ ڇو ٿو ڏئين!؟
عمر کي هر قدم هارَ ڇو ٿو ڏئين!؟

بي ستي زندگي تو سِوا آ بَڻي،
فرقتن جا مٿان بار ڇو ٿو ڏئين!؟

درد دلبر! ڏنئي مون صبر سان سَٺا،
بي رخيءَ جي سزا ڌار ڇو ٿو ڏئين!؟

جنهن ۾ احسان آهن سمايا ويا،
موهه مهڻن ڀريا پيارَ ڇو ٿو ڏئين!؟

اُلجهندي روز ٿي زندگاني وڃي،
هجر جا دلربا، ڄار ڇو ٿو ڏئين!؟

“شاهده” قلب جو آهي گهرڙو ڪچو،
دورين جي هَٿان ڏار ڇو ٿو ڏئين!؟

سڄڻ! سڀ ساٿ ساري آ،

سڄڻ! سڀ ساٿ ساري آ،
وري ويساهه لاري آ!

سکن هِت گؤنچ هَن ڪڍيا،
ڏکن کي هيل ماري آ!

اِجهو ساڀيان ٿيا سارا،
اکين ۾ خواب تاري آ!

ڪدورت کي وڃي هڻ کَڏ،
نه هرگز هيج ٽاري آ!

اسان منصور ماڻهو هُون،
ڀلي سولي سنواري آ!

نه ڪر چُپ “شاهده” ايڏي،
نوان اڄ شعر ٻاري آ!

سونهن سيما سچو آر تون پار تون،

سونهن سيما سچو آر تون پار تون،
هانءُ هِردي سندو ٺارُ تون هارُ تون.

هانوَ جي تون هِندوري ۾ لُڏندو رهين،
ڪونه ٿيندين ڪڏهن ٻوجُهه تون بارُ تون.

نيڻ تو ۾ ٽِڪائي رکان عمر ڀر،
قلب جي ڪاڪ جو قرب تون پيار تون.

آسَ تون پياسَ تون سارَ وشواسَ تون،
عشق آڪاس تون منهنجو سنسار تون.
سُور ڏي پُور ڏي گهاءَ، ايذاءَ ڏي،
دل ڇو دانهون ڪري ڏات ڏاتارُ تون!؟

خوش ٻين کي ڏسي تون سڙين ٿو پيو،
توکي چونديس اِهو ذهني بيمار تون.

سونهن ساڃاهه تون عشق جي راهَه تون،
تون چِٽو آن چٽو عين انوار تون.

ماٺ تون مونجهه تون دانهن تون گونجَ تون،
هر قدم تي مٺا! منهنجو ڪم ڪار تون.

تو ۾ تهذيب آهي سڄي سنڌ جي،
ورق تاريخ جا تو ۾ آثار تون.

پيارَ جي پيچرن کي ڇڏين ئي نه ٿي،
“شاهده”! پيئي سڏجين گنهگار تون.

ڏات ۽ حوصلو آ کُٽي ئي نه ٿو،

ڏات ۽ حوصلو آ کُٽي ئي نه ٿو،
ساهَه جو سلسلو آ کُٽي ئي نه ٿو.

راهه رڳ رڳ جي ورتيون وڃي ٿو پيو،
درد جو قافلو آ کُٽي ئي نه ٿو.

چار ڳوڙها ڏيئي چار مُرڪون ڏيئي،
عشق جو معاملو آ کُٽي ئي نه ٿو.

ذهن ٿڪجي پيو خيال سارا مُٺا،
ماٺ جو مرحلو آ کُٽي ئي نه ٿو.

هر گهڙي ساهه اُلڪا ورائي ويا،
عمر جو ولولو آ کُٽي ئي نه ٿو.

ياد تنهنجي اچي جيءَ جهوري پئي،
“شاهده” زلزلو آ کُٽي ئي نه ٿو.

هي جهانُ تُنهنجو پرين ۽ هُو جهان تنهنجو پرين!

هي جهانُ تُنهنجو پرين ۽ هُو جهان تنهنجو پرين!
خيال جو دل ۾ رهي ٿو ڪاروان تنهنجو پرين!

آهي نيڻن ۾ سمايو زندگيءَ هر جاءِ تي،
لوڪ ٿو پڙهندو رهي دک داستان تنهنجو پرين!

هي رکي جايون نه ڏيندو غير کي ڪنهن جاءِ تي،
هانءُ هردو آ، ازل کان آستان تنهنجو پرين!

ڀونءِ دردن جي رهي آهيان سدائين آنءُ ٿي،
ساءُ سک جو ٿو رهي هو آسمان تنهنجو پرين!

“شاهده” ڪنهن ساڻ اوريان ڳالهيون هي سُورَ جون؟
جيءَ ۾ قائم رهيو غم بي زبان تنهنجو پرين!

هلي آ دلربا مون ڏي حياتي ڪو پهر آهي،

هلي آ دلربا مون ڏي حياتي ڪو پهر آهي،
سِوا تنهنجي گهڙي هرڪا الا گذري زهر آهي.

نه ڪاٿو ڪو ڪري سگهندو مٺا هن سور منهنجن جو،
کڻان ٿي ساهه سڀ سوڳي عجب اوکو بحر آهي.

سڏي دل سُور ۾ سُڏڪي ڪنائي ڪونه ٿو ڪوئي،
هزارين حيرتون آهن پٿر جهڙو شهر آهي!

اداسين سان اڪيلي مان ڪيان ڳالهيون پئي مٺڙا،
سکن جون ساوَڪون ناهِن ڏکن جو هي شجر آهي.

مسافت “شاهده” پنهنجي پُني ناهي اڃان پيارا،
رهيو سِرَ ساڻ جو گوندر سدا سڪ جو ثمر آهي.

با وفا يا بي وفا ليکا نه ڪِيا،

با وفا يا بي وفا ليکا نه ڪِيا،
پاڻ توسان دلربا! ليکا نه ڪِيا.

ڏنجهه آيا ڏات وانگي ساهَه ڏي،
قلب سان قربن ڪٺا ليکا نه ڪِيا.

نعمتون هِن اڻڳڻيون تو ئي ڏنيون،
خلق سان تو هِن خدا! ليکا نه ڪِيا.

تو ڏنا ڏکڙا کِلي خوش ٿي کنيا،
قرب ۾ توسان مٺا! ليکا نه ڪِيا.

جيءَ کي جذبا رهيو ڏيندو سَدا،
سونهن واري ديوِتا ليکا نه ڪِيا.

زندگي! تو جو ڏِنو ڀانيو نصيب،
ڇو ته توسان “شاهده” ليکا نه ڪِيا.

دُکي دل جي جڳ ۾ صدا ڪو پهر آ،

دُکي دل جي جڳ ۾ صدا ڪو پهر آ،
جفا ڪو پهر آ وَفا ڪو پهر آ.

وَڃي نيٺ اَگهندي اها عرش ڏي ئي،
رَڙي فرش تي جا دعا ڪو پهر آ.

پَيا سُورَ ارپيو سدائين اسان کي،
اوهان جي هي سڀاڳي سخا ڪو پهر آ.

اوهان رنج ڇو ٿا رهو قرب ۾ ڀي،
ڪئي پيار واري خطا ڪو پهر آ.

وري ٻُٽَ ٿيندي وَري ساهه گُهٽبو،
ميان! پيارَ واري هَوا ڪو پهر آ.

ٻڌو “شاهده” کي سُڻو “شاهده” کي،
ڏکن ۽ سکن جي ڪَٿا ڪو پهر آ.

نه هي ساهه آ تو سڃاتو اوهان،

نه هي ساهه آ تو سڃاتو اوهان،
ڳنڍيو ڪونه هو نينهن ناتو اوهان.

ته نيڻن مان ڇڻڪار وسندا رهيا،
اچي من اڱڻ پير پاتو اوهان.

اسين اڄ اوهان کان پري هُون پري،
اسان لاءِ ڇو گيت ڳاتو اوهان!؟

رڳو درد دل هي خريدي پئي،
مٺا! پاڻ کولي ويا کاتو اوهان.

ته پوءِ “شاهده” دوريون ڇو رهيون،
اسان جو اگر سُور ڄاتو اوهان!؟

دلربا دلربا ڳار ڳارا نه ڏي،

دلربا دلربا ڳار ڳارا نه ڏي،
او مٺا او مٺا! ڳار ڳارا نه ڏي.

چين مون کان کَسي جاڳ تو آ ڏني،
هي وڇوڙا اَلا ڳار ڳارا نه ڏي.

آهَه نڪري پئي اهنج ۾ اوکَ ۾،
قلب جي سُڻ صَدا ڳار ڳارا نه ڏي.

هيءُ سنسار هاڻي وڻي ئي نه ٿو،
زندگي ٿي خفا ڳار ڳارا نه ڏي.

ڪير توکان گهري ٿو کڻي چين ڏي،
ڏِجُ نه ڏک جي دوا ڳار ڳارا نه ڏي.

تو سوا هر پهر ويلُ محشر هئو،
سُو ڇا ڇا سَٺا ڳار ڳارا نه ڏي.

نور ۽ آب ناهي اکين ۾ رهيو،
نيڻ روئي ٿَڪا ڳار ڳارا نه ڏي.

حال هن جو ڏسي وڃ پرين پاڻ تون،
ٿي مري “شاهده” ڳار ڳارا نه ڏي.

اوهان جي لبن تي اسان جون پچارون،

اوهان جي لبن تي اسان جون پچارون،
ڪڏهن هِن سنڀارون ڪڏهن هِن مَيارون.

وئي عمر گذري اميدن جي لاري،
ڏسن ٿيون اوهان لئه نهارون اسان جون.

سڏن ٿيون اوهان کي رکي چپ جا تالا،
عجب جهڙيون گونگيون اکين جون پُڪارون.

زمانو سمورو اوهان جيتيو ڀل،
اسان لاءِ رکجو هڙئي هيج هارون.

اوهان جون سنڀارون اُٺيون رات ساري،
رُنو جيءُ جيڏا! ڏئي اوڇنگارون.

اها شاعري “شاهده” جيڪي آهي،
انهيءَ ۾ بهارون اندر جون تنوارون.

پَيا پيار مان اڄ پڪاريو پرين!

پَيا پيار مان اڄ پڪاريو پرين!
نه ويندن کي دڳ ۾ بيهاريو پرين!

وري ڇو سنڀارون اسان لاءِ هِن!؟
اوهان جو اسان کي وساريو پرين!

اسان هو اوهان ڏي اچڻ جي گهريو،
اوهان دل جي در تان ڌڪاريو پرين!

ويو وقت گذري ويو سُور ڀي،
اوهان ريءَ جيڪو گذاريو پرين!

وئي آس هر “شاهده” جي مَري،
مُئن کي نه ٻيهر جيئاريو پرين!

جاءِ ان تي اسانجو بسيرو نه هو،

جاءِ ان تي اسانجو بسيرو نه هو،
جِت به اٽڪيو اکين سان انڌيرو نه هو!

لوڪ الزام ڏيندو رهيو هر گهڙي،
سُور اهڙو سَٺو هڪڙو ڀيرو نه هو!

هيءَ ادب جي دنيا آ غضب جي دنيا،
شخص ڪو ڪو اندر منجهه ميرو نه هو!

آسَ جا آسرا جيءَ ۾ پئي پَليا،
اوڏڙو پر اکين جي سويرو نه هو!

باغ ۾ هُل هو ڪانوَ ڪان ڪان رُڳو،
ڪُوڪَ ڪوئل هئي ورد ڳيرو نه هو!

“شاهده” جِندُ سسئي سڏيندي رهي،
پر پنهونءَ جو نظر آيو پيرو نه هو!

پيارَ جي آهي صدوري هر گهڙي،

پيارَ جي آهي صدوري هر گهڙي،
پيار ۾ آهي اسان جي بندگي!

مرڪ ٿورو آنءُ موتي ميڙيان،
ٿي نه تون مايوس مٺڙي زندگي!

سُور ٿيا سنجيدگي هن ساهه لئه،
ٿي پيا احساس دل جا شاعري.

“شاهده” ڪو ڀروسو ڇا ساهَه جو؟
اوچتو دم ويندو اُڏري آ پَکي!

پنڌ برهه جا اوکا ناهِن،

پنڌ برهه جا اوکا ناهِن،
درد هزارين دوکا ناهن!

سارون آهن چُڀنديون مَنَ ۾،
ڪاتيون ناهِن ڪوڪا ناهِن!

دانهون آهن منهنجي دل جون،
بازرِ وارا هوڪا ناهِن!

شعرن ۾ آ جذبن جوتي،
اونداهيءَ جا اُلڪا ناهِن!

“شاهده” سُور ڏئي خوشيون کڻ،
توسان پنهنجا ليکا ناهِن!

سنڌ جهڙي مٽي ٻي نه ٿيندي مٺا!

سنڌ جهڙي مٽي ٻي نه ٿيندي مٺا!
سنڌ جي آ مٽي قرب ڏيندي مٺا!

سنڌ خاطر جيئڻ ڀي سِکي ڏس سچي،
سنڌ توکي نه تنها ڇڏيندي مٺا!

ڪجهه ڪري وٺ اڃان دم سهارو اٿئي،
چار پل عمر پو ڏُورُ ويندي مٺا!

قلب جو پاڻ کولي ته دروازو رک،
سنڌ جهوپا انهيءَ ۾ اڏيندي مٺا!

ساهُه سِرُ سنڌ ڏي نيٺ سُرندا سڀئي،
سنڌ سُڏڪي جڏهن خود سڏيندي مٺا!

“شاهده” کي قسم سنڌ جو ڏيئي سڏ،
ٿي پوي ڇا کڻي توڏي ايندي مٺا!

نه ٿو حال ڪوئي جو ڄاڻي مٽيءَ جو!؟

نه ٿو حال ڪوئي جو ڄاڻي مٽيءَ جو!؟
مٽيءَ کي رهيو خوف آ ڇو مٽيءَ جو!؟

مٽيءَ کان سواءِ ڪجهه نه سوچي ۽ سمجهي،
وٺي ڀيد ڄاڻي اگر ڪو مٽيءَ جو!

بڻايو سمورو اهو پاڻ راڻل،
ازل کان جڳت آهي لوڪو! مٽيءَ جو!

اُٿي روح مان رات آواز آيو.
مٽي ٿي ڪنائي او هوڪو مٽيءَ جو!

ويو ساهه ڳيرو اڏاڻو اکين مان،
مٽيءَ منجهه پوريو ويو بوتو مٽيءَ جو!

رکي “شاهده”! نياز من ۾ سدورا!
پو ميزان ووڙي سگهين ٿو مٽيءَ جو!

پاڻ لئه ڇوٿا جيئو ڌرتي ڇڏي!؟

پاڻ لئه ڇوٿا جيئو ڌرتي ڇڏي!؟
ڪَنُ ڏيو ٿي دير کان ڌرتي سڏي!

ڇو پيا هجرت ڪيو هِن شهر مان،
ڪونه ٿي ڪاڏي ڪڏهن ڌرتي لَڏي!

ڪونه مايوسي ڪڏهن ايندئي اڳيان،
جيءَ ۾ ڇڏجانءِ تون ڌرتي اڏي!

ڇو وٿيون انسان! تنهنجي سوچ ۾؟
روز ٿي انسان سڀ ڌرتي گَڏي!

جن ڏِنا سِرَ “شاهده” ڌرتيءَ مٿان،
سِرَ کڻي تن جا پئي ڌرتي پَڏي!

اگهاڙي مٿي لاءِ پوتي اسان،

اگهاڙي مٿي لاءِ پوتي اسان،
اماوس اکين منجهه جوتي اسان!

کڻي چار احساس روئي ڏنو،
سندي دل ايئين روز ڌوتي اسان!

ته شعرن تي وهوا زماني ڪئي،
زبان سان حقيقت جو اوتي اسان!

سدا “شاهده” سُور لکبا پيا،
گُهري ڪونه آهي مَڃوتي اسان!

ناهي ڪو هي دوکو جاني؟

ناهي ڪو هي دوکو جاني؟
عشق ڏنو اُٿ هوڪو جاني!

نيرَ اکين ۾ سُور اندر ۾،
ارپيو تو هي تحفو جاني!

جذبا ناهِن جيءَ مُٺي سان،
ماڻهو خالي کوکو جاني!

اجرا ميرا جيءَ مٽيءَ ۾،
پوءِ وڏائي ڇو ڇو جاني!؟

“شاهده” ڏور وڃان ٿي ڏاڍو،
وقت پُنو آ پنهنجو جاني!

نه ٿي جهليانءِ او پرين! مَران ته پوءِ وسارجان،

نه ٿي جهليانءِ او پرين! مَران ته پوءِ وسارجان،
اڃان ته ساهه ٿي کَڻان، اڃان پيو سنڀارجان!

اماس جيءَ سان ڏسين اکيون نِراس جي ٿين،
ته ديپ پيارَ جا کڻي گهڙيءَ گهڙيءَ ۾ ٻارجان.

جهانَ ۾ سڄڻ! ڪِٿي سڙن جي توتي ساڙَ ۾،
حيات هر قدم مگر کِلي پيو گذارجان!

نه “شاهده” پري رهي سگهان ٿي قرب کان ڪڏهن،
ڪري اکيون مان پيرڙا سِگهي اينديس پُڪارجان!

الفت ۾ اقرار نه ڄاتي،

الفت ۾ اقرار نه ڄاتي،
اکڙين جو اظهار نه ڄاتي.

تو بن دم دم گذري غم سان،
ويل ورهه جو بار نه ڄاتي.

لفظن کي مون جوڙيو تولئه،
جذبن جو پر هار نه ڄاتي.

دوريون ويل ملڻ جي آيون،
قربن جو سنسار نه ڄاتي.

“شاهده” ويسَ ڪيا هِن ڪارا،
سُور ٿيو سينگار نه ڄاتي.

آهي پنهنجو پيار پرين!

آهي پنهنجو پيار پرين!
ويري ٿيو سنسار پرين!

توبن حالَ وڃايا هِن،
تون ئي آن غمخوار پرين!

توبن جيوَن تنها هي،
ڏک جو دل تي بار پرين!

آءُ، ڪري ٿو دائم پيو،
موت ازل کان وار پرين!

“شاهده” جو ڏس حال اچي،
برهه ڪيو بيمار پرين!

تو سِوا دلربا آسرا آسرا،

تو سِوا دلربا آسرا آسرا،
هر قدم ڀرجهلا آسرا آسرا.

نيڻ اُلڪا بڻيا، ساهه سڏڪا بڻيا،
مشڪلون معاملا، آسرا آسرا.

وقت آندو ڪِٿي دوست! توکي کڻي،
ڪونه ٿيا معجزا آسرا آسرا.

هي دلاسا ڏئي ڄڻ جيئارن پيا،
عمر کي پل مٺا! آسرا آسرا.

ڪاش تقدير منهنجي مٽائين کڻي،

ڪاش تقدير منهنجي مٽائين کڻي،
دل ۾ تنهنجا خدا! آسرا آسرا.

قلب جي راهه تان ٿا لنگهيندا وڃن،
هي وَڏا قافلا آسرا آسرا.

عمر گهٽجي پئي ڪونه گهٽجن پيا،
فرقتون فاصلا آسرا آسرا.

دل کي ڏيندا ڪروڙين دلاسا رهيا،
درد هِن دادلا آسرا آسرا.

وصل واڻين نه ٿو هن ڏکي ڏيل کي،
هجر! ڏي “شاهده” آسرا آسرا.

پرين جي ڀرجهلا آهن،

پرين جي ڀرجهلا آهن،
ويا وڇڙي الا آهن.

اوهان جي مرڪ ۾ جانان!
هزارين آسرا آهن.

رهو ٿا روحَ ۾ راڻا،
اکين جا فاصلا آهن.

ڏکن ۾ ٽهڪ سڀ تنهنجا،
اسان لئه حوصلا آهن.

ڏکن کي “شاهده” پاليان،
اِهي دُکَ دادلا آهن.

ڀوڳ دنيا سڄي زندگيءَ جي اڳيان،

ڀوڳ دنيا سڄي زندگيءَ جي اڳيان،
ٿي خوشي هارجي هر غميءَ جي اڳيان!

ناوَ ويساهَه جي! تون اڪارج اڳي،
پار آهي پرينءَ جو نديءَ جي اڳيان!

ڪم خدا کان مليو ڏات ڏک جو سدا،
ڇا الائي ملي شاعريءَ جي اڳيان!؟

سال صدين جو سارو سفر ٿو کُٽي،
موت جي مامري اُف گهڙيءَ جي اڳيان!

آهي اونداهه ۾ سُور سان ڪيو سفر،
روشني شل هجي غم گهٽيءَ جي اڳيان!

“شاهده”! پير سوچي کڻين ڪونه ٿي،
دشمني ٿي اچئي دوستيءَ جي اڳيان!

* ڀلوڙ شاعر پنهل جي غزل کان متاثر ٿي لکيل
اَک ۾ سُرهائي اندر ۾ سوڳ آ،
زندگي انمول دنيا ڀوڳ آ!
(پنهل))

اسان جي پُکي ۾ ڪَسيري دنيا،

اسان جي پُکي ۾ ڪَسيري دنيا،
اوهان کي مبارڪ ڀليري دنيا!

اوهان روشنيءَ ۾ وَسو پِيا وَسو،
اسان کي اکين تي انڌيري دنيا!

اسان پيارَ پاسو ڇڏيون ڪونه ٿا،
ازل کان اسان لاءِ ويري دنيا!

رُڳو ساڙ سانڍيون وَتي جيءَ سان،
نه ڪنهن ڪاڻ ٿيندي هي خيري دنيا!

مَري سارا احساس هُنَ جا ويا،
چَوَن ٿا وَري ڀي آ جيري دنيا!

انهيءَ ۾ اُميدون به ڪهڙيون رکان؟
جَلي آهي ٿي ڇار ڪيري دنيا!

ڏِسي “شاهده” خواب اُجرا پئي،
حقيقت هٿن منجهه ميري دنيا!

لوڪ سارو دغا ٿو ڪري،

لوڪ سارو دغا ٿو ڪري،
ڪير ڪنهن سان وفا ٿو ڪري!؟

آدمي پاڻ سان ٿو ڪري،
ڪونه ڪنهن سان خدا ٿو ڪري!

ڏيهه ۾ ڏس هو پاپي ڀلي،
پاپ ڪيڏا مٺا ٿو ڪري!

قرب سوري پيو پاڻ ڏي،
ساڙ جڳ لئه ڪَٺا ٿو ڪري!

بيوفائي ڪري ٿو عمل،
وقت سڀ سان وفا ٿو ڪري!

هي اداسي اکين کي پيو،
ڪير ويٺو عطا ٿو ڪري!؟

سُور چونڊي پيو هر قدم،
جيئڙو هاءِ ڇا ٿو ڪري!؟

“شاهده” لوڪ جذبات جي،
جڳ اياڻو بها ٿو ڪري!

رڻ ۾ روح رَڙي ٿو راڻا! موٽي آءُ،

رڻ ۾ روح رَڙي ٿو راڻا! موٽي آءُ،
دل جو ديپ ٻَري ٿو راڻا! موٽي آءُ.

توکي ڪوئي پنهنجو ساري آڌيءَ رات،
توکي ياد ڪري ٿو راڻا! موٽي آءُ.

ايڏا ويڇا! ڇا جا ويڇا؟ ڇوهي ويڇا؟
ڪوئي مفت مري ٿو راڻا! موٽي آءُ.

اک جي اُڀَ تي گھُوري ڏسجان گهور ٿيانءِ،
ڪوسو لڙڪ تري ٿو راڻا! موٽي آءُ.

تنهنجي خاطر ڪوئي ويٺو ٿڌڙا ساهَه ڀَري،
مَنَ جو چين مري ٿو راڻا! موٽي آءُ.

مشڪلاتن ۾ ڪير ڪونهي ڪو،

مشڪلاتن ۾ ڪير ڪونهي ڪو،
خوف ۾ پو ڀي پير ڪونهي ڪو!

پاڻ سان پاڻ جنگ آ جاري،
ڪنهن ٻئي ساڻ وير ڪونهي ڪو!

آءُ هاڻي پنهون! مِلون مُرڪي،
پاڻ وچ ۾ ڪو ڏير ڪونهي ڪو!

زور سان ٿيون وِڄُون وَسن مون تي،
دل دُکيءَ ڏانهن خير ڪونهي ڪو!

ڇونه ٻارين ٿو ڏات ڏاتر جي؟
ديسَ ۾ ڇا انڌير ڪونهي ڪو!؟

هي وڏائي فنا فنا ٿيندي،
ڪو مٽيءَ کان مٿير ڪونهي ڪو!

“شاهده” هيڪڙو آن تون مَنَ ۾،
خيالَ منهنجي ۾ غير ڪونهي ڪو!

نينهن هڻي ويو نيل او آيل!

نينهن هڻي ويو نيل او آيل!
هيلَ وڌي ويا ويلَ او آيل!

ڪو دم مُرڪان ڪو دم سُڏڪان،
جيوَن جا سڀ کيلَ او آيل!

اوسيئڙا هِنَ جيءَ جڏي سان،
مارون ايندا هيلَ او آيل!

سک جو ڪونهي تيلو مَنَ ۾،
سُور ڪري ويو ڀيلَ او آيل!

سُکَ ڦُري ويا سارا دل جا،
درد ٿيا ڌاڙيل او آيل!

باندي منهنجا جذبا آهن،
جيوَن ڪاٽي جيل او آيل!

“شاهده” نيڻ وڇايا آهن،
راهُن ۾ رابيل او آيل!

ڏنجهه سموري ڏات اسان جي،

ڏنجهه سموري ڏات اسان جي،
مٺڙي مٺڙا! بات اسان جي.

ايندي هوندي پار اوهان جي،
ڪاش سڃاڻو تات اسان جي.

چين اوهان کي پل پل ڏي جا،
سمجهو سا سوغات اسان جي.

جهڙو تهڙو گهاريون جيوَن،
ڪين ڪيو فڪرات اسان جي.

ڏينهن سکن جا دوست! اوهان لئه،
لڇ پڇ واري رات اسان جي.

پاڻ وساريل جيءَ جڳت کان،
ڪير ڪري ذڪرات اسان جي.

“شاهده” پيار پکيئڙن وانگي،
ڌرتيءَ تي آ ذات اسان جي.

خدا ڄاڻي وري ملبو نه ملبو،

خدا ڄاڻي وري ملبو نه ملبو،
مگر مُرڪي ڪيون اڄ موڪلاڻي.

زماني ۾ سدائين ڳالهه رهندي،
محبت جي نه ٿيندي من پڄاڻي.

سڀيتا تو وساري ڇو ڇڏي آ،
وتي تو واٽ ڪهڙي آ سنڌياڻي!؟

وري تولئه ڀريون اکڙيون الاڙي،
وري تولئه آ تن من تانگهه تاڻي.

ٻِيائيءَ جي نه ٿا ٻولي سڃاڻون،
طبيعت آهي پنهنجي عارفاڻي.

نه آيو چين جو پل زندگيءَ ۾،
سدائين جندڙي پنهنجي سڪاڻي.

اهي هر روز جا تڪرار ڇالاءِ؟
ڪيون ٿا پيار ۾ اڄ هڪ هڪاڻي.

وري ڀوتار بنگلي تي ٻڌون ٿا،
وري ڪا ڌيئڙي آهي وِڪاڻي.

اُٿي هُن پار ڏي ٿا پير سوريون،
رکيو هِت “شاهده” ڇاهي نِماڻي!؟

تنهنجي آهن شهر ۾ پيا پيرڙا،

تنهنجي آهن شهر ۾ پيا پيرڙا،
ياد جي پل پهر ۾ پيا پيرڙا.

تاس تپندي وئي جند ڏکندي وئي،
ڄڻ ڏڪاريل ها ٿر ۾ پيا پيرڙا.

ڪا وسئنءَ ڪونه آ منهنجي نيڻن اڳيان،
اوچتو ڪيئن بر ۾ پيا پيرڙا؟

آس تڙپي پئي ڪاش اڏري وڃان،
هاءِ ڏک جي ڏهر ۾ پيا پيرڙا.

زندگيءَ ۾ وري زندگي وئي اچي،
پنهنجا سڪ جي سحر ۾ پيا پيرڙا.

تون نه آئين نظر جيءُ جهرندو رهيو،
“شاهده” جيئن گهر ۾ پيا پيرڙا.

سُورَ تي سُور سُور ٿينداسين،

سُورَ تي سُور سُور ٿينداسين،
دوست کان دور دور ٿينداسين.

ويڄ ڀي بي وَسا بڻي پوندا،
جنهن گهڙيءَ چُور چُور ٿينداسين.

پوءِ ڇاڻي هَوا هلي ويندي،
عمر وڻ، ٻُور ٻُور ٿينداسين.

ڪوئي ويجهو ٿيڻ به چاهيندو،
پاڻ پر ڏُور ڏُور ٿينداسين.

“شاهده” ٻاجَهه نينهن جي ٿيندي،
جا بَجا نُور نُور ٿينداسين.

ڪو خاصي آ ڪو عامي آ،

ڪو خاصي آ ڪو عامي آ،
پنهنجي سوچ عوامي آ.

ڌرتيءَ لئه ٿو جو نه ڪري،
تِنهن جي سوچ حرامي آ.

پنهنجا جذبا آجا هِن،
نا منظور غلامي آ.

سگريون سگريون هَئه انياءَ،
ڌرتي ٽامو ٽامي آ.

ڏند چٻاڙي سگهندا ڪيئن؟
ڌرتي ڪِٿ بادامي آ.

شاعر تنهنجو وهم اِهو،
شعر نه ڪو الهامي آ.

“شاهده” ڪهڙو حال ڏسيان،
جيون ڀر ناڪامي آ.

خواهشن سان سچو پيار ٿيندو نه آ،

خواهشن سان سچو پيار ٿيندو نه آ،
پيار ليڪن سچو بار ٿيندو نه آ.

عشق جي جو سَٽُن مان سبق ٿو سِکي،
مرد مانجهي اهو ٻار ٿيندو نه آ.

سو نه رولاڪين سان رُلي ٿو سَدا،
روح جنهن جي جو هڪ پار ٿيندو نه آ.

“شاهده” جيءُ جنهن کي ٿي دلڙي چوي،
پوءِ اُن ساڻ تڪرار ٿيندو نه آ.

حيات هڪڙي هزار اُلڪا،

حيات هڪڙي هزار اُلڪا،
مليا سموري ڄمار اُلڪا.

اسان جي خاموش مَنَ کي ڏيئي،
وئي پرينءَ جي پُڪار اُلڪا.

جهانَ جي جهنجهٽن سان جهيڙيون،
اوهان جا آهن هي ڌار اُلڪا.

ٿڪائي ساڻو بدن ڪري ويا،
اسان لئه بڻيا خمار اُلڪا.

بچي بچي ٿا وڃون الئه ڪيئن!؟
حيات ڪنڌ تي ترار اُلڪا،

سُڪون سارو کڻي وِيا هِن،
ڪِٿي ٿا آڇِن قرار اُلڪا!؟

ته دُور دُکَ “شاهده” وڃن ٿي،
اوهان جي هڪڙي نهار اُلڪا.

ايذائيندڙ ساهَه وَڌي ويا،

ايذائيندڙ ساهَه وَڌي ويا،
پير وڏيرا شاهه وڌي ويا.

لُڙهندا پنهنجا خواب وڃن ٿا،
دردن جا درياهَه وڌي ويا.

پير اگهاڙا ڏينهن تَتو آ،
اوکا رستا آهه وڌي ويا.

ماڻهو ماڻهوءَ لاءِ حقارت،
مايا! توسان چاهه وڌي ويا.

تنهنجي سارُن پير جهليا هِن،
پيارا! آءُ پساهه وڌي ويا.

“شاهده” جيوَن ٿڪجي پوندو،
ڳڻتيون ڳارا ڳاهه وڌي ويا.

ڊڄي ڪونه ڪنهن کان حياتي گهري،

ڊڄي ڪونه ڪنهن کان حياتي گهري،
کنيا ساهَه پنهنجا سدائين سُري.

ڏني ننڊ پنهنجي اوهان کي پرين،
اوهان کان ڪِٿي ننڊ آهي ڦُري!؟

گُمانن اچي جو وسايا پٿر،
جُهڳي ميڻُ جهڙي سندم دل جُهري.

وري ساهه سوڳي سڄڻ ٿي پيو!
وري تات تنهنجي اندر ۾ هُري.

گهڙي هر گهڙي لئه سٺا گهاوَ مُون،
جدائي اوهان جي وڍي ڄڻ ڇُري،

اوهان جو شهر شان شانائتو.
اسان جي آ نگري اوهان لئه بُري،

رڳو ذات ۽ تات ڇرڪي پئي،
ڪٿي سنڌ لئه شاعري ڪا ٻُري!

اوهان جو ٻڌي نانءُ تڙپڻ لڳي،
وري اڌ مُئي جندڙي آ چَري.

اوهان کي ڏنجهن منجهه ڏکندو ڏسي،
اوهان لاءِ دل “شاهده” جي ڪُري.

آڪاش تي پُنيون هِن ارمان جون صدائون،

آڪاش تي پُنيون هِن ارمان جون صدائون،
انسان ٿو لنوائي انسان جون صدائون.

بيڏوهه ڪنهن جلايون هڏڙيون غريب جيءَ سان،
ڌرتي ڌڏي آ ٻڌندي شمشان جون صدائون!

چالاڪ ڏيهه ڪاٿي سمجهي سُڻي پيو ٿو،
هِنَ ويڻ ڪو ته سمجهي نادان جون صدائون!

انسان جي لبن تي انسان جا ها ڏکڙا،
محسوس ڄڻ ٿيون سي يزدان جون صدائون!

بيچين “شاهده” ٿيون ڪَن هانوَ ۾ ٻُرن جي،
بيڏوهه قيد آ ڪو زندان جون صدائون!

ٻيون ساعتون سڀ وساريون ڪراچي،

ٻيون ساعتون سڀ وساريون ڪراچي،
گهڙيون چار توسان جو گهاريون ڪراچي!

سُکن ساڻ سانگي وسن ها سمورا،
اچن ڪينَ قومون ها ڌاريون ڪراچي!

وري مورڙو ڪو ڦٽي پئي اسان مان،
وري ڪو ته ٻارڻ به ٻاريون ڪراچي!

خوشبوءِ ڪلاچيءَ جي تومان اچي ٿي،
اڃان ٿورو گڏ گذاريون ڪراچي!

کسي روشنيون ڪير توکان ويو آ!؟
رهيون راتيون توسان ڪاريون ڪراچي!

سُڻي سڏ ڪوئي متان “شاهده”! اڄ،
اُٿي پاڻ پنهنجا پُڪاريون ڪراچي!

وڏي بات آهي مٺن ۽ مٽيءَ جي،

وڏي بات آهي مٺن ۽ مٽيءَ جي،
ڏکي ڏات آهي مٺن ۽ مٽيءَ جي.

رهي تات منهنجي اکين ۽ اندر ۾،
ڏينهان رات آهي مٺن ۽ مٽيءَ جي.

مٽيءَ منجهه قدرت مٽيءَ منجهه جيوَت،
هي ڪائنات آهي مٺن ۽ مٽيءَ جي.

مٽيءَ کي مٽيءَ ئي حياتي ڏني آ،
نه ٿي ماتِ آهي مٺن ۽ مٽيءَ جي.

مِٽي “شاهده” ٿي نمائي سڀن کي،
مِٽي ذات آهي مٺن ۽ مٽيءَ جي.

ازل کان اندر ۾ اڪيلا اڪيلا،

ازل کان اندر ۾ اڪيلا اڪيلا،
اسان دل جي گهر ۾ اڪيلا اڪيلا!

هڙئي شور آواز تولاءِ آهن،
اسان پر شهر ۾ اڪيلا اڪيلا!

نه ٿو ڪو ڪَنائي دُکي دل جون دانهون،
رڙون روز بر ۾ اڪيلا اڪيلا!

خيالن جي واري کُٽي شال زاري،
ڏکن ساڻ ٿر ۾ اڪيلا اڪيلا!

نه احساس آهي نه ئي سُور سُڏڪو،
پيا هون قبر ۾ اڪيلا اڪيلا!

رهون “شاهده” ٿا پيا ماٺ مٺڙا،
خدا جي نگر ۾ اڪيلا اڪيلا!

يادگيرين سان دل آهي ٻکجي وئي،

يادگيرين سان دل آهي ٻکجي وئي،
زندگي سُورَ ۾ هاڻ ٿڪجي پئي.

سوچ جا هٿ ڊِگها منهنجي دل تي پُڳا،
دل ۾ نماڻي انهيءَ کان ته جهٽجي پئي.

بدگمانيون وڌائي ڇڏيون تو جڏهن،
سڪ به سُورن هٿان آهي سَٽجي پئي.

دل اڪيلي ته ڇا اک اڪيلي ته ڇا،
واٽ ۾ واٽ جو تنهنجي مٽجي پئي.

“شاهده” سُورَ کي ٿي سلامي ڏيان،
منهنجي دل جي خوشي کوڙ گهٽجي پئي.

دوستَ! منهنجو پتو پڇ نه تون چنڊ کان،

دوستَ! منهنجو پتو پڇ نه تون چنڊ کان،
مان الائي ڪِٿي پارُ ڄاڻان نه ٿي.

پيار جا تون ٿَها رک ڀلي سِرَ مٿان،
پيار جي ڪوهه جو بار ڄاڻان نه ٿي.

عمر جا پير ٿو موت کڻندو اچي،
ڪيئن ڪاٿي ڪري وار ڄاڻان نه ٿي.

هو بکايل اکين سان تڪي ٿو پيو،
ڪير آهي الئه ٻار ڄاڻان نه ٿي.

پيار جا پل گلابن جيان ٿا لڳن،
ڪنهن ڳچيءَ ۾ وڌو هار ڄاڻان نه ٿي.

سُور تن جا اکين تي رکيا “شاهده”،
قرب وارن سان تڪرار ڄاڻان نه ٿي.

قدرت قديم قائم مٽجي وڃي ٿو باقي،

قدرت قديم قائم مٽجي وڃي ٿو باقي،
ٻِيو وقت سان مِٽيءَ ۾ لٽجي وڃي ٿو باقي.

هڪ سُور جو هي رستو آهي ڊگهو ازل کان،
دم دانهن ويل ويلو ڪٽجي وڃي ٿو باقي.

ويساهه ئي سدائين سائو رهي سفر ۾،
هر ساهه ڏيهه ڏک ۾ ٿڪجي وڃي ٿو باقي.

زنده ضمير جرڪي انسان جي عمل سان،
پئيسو ۽ لوهه لوڀي زنگجي وڃي ٿو باقي.

ڪردار “شاهده” هڪ دائم رهي دنيا ۾،
هر پير عارضي سو پٽجي وڃي ٿو باقي.

سُور پٽيندي رات گذاري،

سُور پٽيندي رات گذاري،
ساعت ساعت زاري زاري!

هيڻا آهيون هاريل آهيون،
رهڻي آهين سونهن! سوڀاري.

نيڻ نظارا ڪيڏانهن ڏسندا!؟
اکڙين آڏو اوندهه ڪاري!

سُرت نه پياريل! توکي آهي،
سُورن وس ٿئي تنهنجي پياري!

حاصل هٿ ۾ ساڳيون سارون،
عمر سموري هڻ هڻ هاري!

ڇت ڇپر جو سِرَ تي ناهي،
ٻچڙن سان آ ولهه ويچاري!

پردن پويان ڪيسين رهندين،
هيل به ڪاٿي پاڻ ڏيکاري،

اوکي سوکي “شاهده”! جڳ ۾،
نيٺ ڪٽي وئي ويلَ ڏکاري.

جَلي ڪوئي جَلي، خوش گهارِيون ٿا!

جَلي ڪوئي جَلي، خوش گهارِيون ٿا!
چراغ - چاهتن کي ٻارِيون ٿا!

اسان جي سوچ ۾ ڀي نُور آهي،
سڄڻ ۽ سنڌ کي جو سارِيون ٿا!

اسان جي ساهه ۾ ڀي سَلَ آهن،
مگر مُرڪي حياتي گهارِيون ٿا!

اسان جا حوصلا هيڻا نه ٿيندا،
پٿر جا قلب ڪوڙا ڏارِيون ٿا!

نوح - انسان جو ٻيڙو ٻُڏي ٿو،
محبت جي هٿن سان تارِيون ٿا!

اسان هڪ “شاهده” ٿا پيار پاليون،
اڀاڳين نفرتن کي مارِيون ٿا.

رات تارا ڏٺا مون پئي،

رات تارا ڏٺا مون پئي،
دور پيارا ڏٺا مون پئي.

امن ناهي رهيو جُوءِ ۾،
خوف سارا ڏٺا مون پئي.

پير پنهنجا نه تن سان رهيا،
ڀينگ چارا ڏٺا مون پئي.

سُور انبار سُک ويا لُٽي،
سڀ ڏکارا ڏٺا مون پئي.

ويا ڦري شهر جا ٺَڳَ چُپ،
ڳوٺ وارا ڏٺا مون پئي.

روپ انسان جو من اندر جانور،

روپ انسان جو من اندر جانور،
قياس ڪهڪاءَ کان بد نظر بي خبر.

ڌيءَ لوڙي جيئي وِهَه وَٽيون ٿي پيئي،
آهي واندو مگر پٽ وري معتبر.

قلب جنهن جو انڌو نور جنهن جو گندو،
ڪيئن ڄاڻي سگهي سو ادب جو اکر.

لار ڪنهن جي لڳون آس ڪنهن ۾ رکون.
ڪونه آهي سچو راهه جو رهبر.

رنجَ جو سِجُ ٿو سُور ڏي تاءَ ڏي،
پيار جو آ ڪِٿي ڇانورو ڪو ڇپر!؟

ٻاٽ آهي اڃان واٽ ڪهڙي وڃان،
ٿو نه رستو سُجهي معتبر مانور.

“شاهده” شاهه! تنهنجو رسالو رُنو،
ڪونه سمجهي بڻيو ڏيهه ۾ معتبر.

تون وڇوڙا وري واري آ،

تون وڇوڙا وري واري آ،
ساٿ سهڻا سڀئي ساري آ.

محبتن جي وسايون دنيا،
نفرتن کي اَلا ماري آ.

جي اُداسيءَ انڌيرو ڪيو،
آس اکڙيون کڻي ٻاري آ.

دشمنيءَ ۾ رکيو ڪين ڪجهه،
دوستيءَ جي مٺا لاري آ.

“شاهده” وقت خود ڀي مڃي،
ريت ڏونگر هڙئي ڏاري آ.

چور چپڙا ٽوڙ تالا زندگي!

چور چپڙا ٽوڙ تالا زندگي!
جوت جا گُهرجن اُجالا زندگي!

ڪٿ فضائل ڪٿ مصائب ٿي رهين،
هر قدم تنهنجا حوالا زندگي!

تون پرينءَ تان پاڻ ٿي گهورڻ گُهرين،
رنج ناهي او مشالا زندگي!

چين تِن ۾ ڳولجي هان “شاهده”،
جي هجن ٻيا تنهنجا نالا زندگي!

ڏُور جڏهن کان ناتا ٿي ويا،

ڏُور جڏهن کان ناتا ٿي ويا،
پيار پرين! پاراتا ٿي ويا!

ڪيئن وِڇوڙا وقت وِڇايا؟
نيڻ ملڻ لئه آتا ٿي ويا!

مِهرَ ڪرم ٿو تِن جو ڏسجي،
درد دلين جا داتا ٿي ويا!

لوليون تنهنجون ڪيئن رُٺيون هِن؟
ڀاڳ اڀاڳا ماتا! ٿي ويا.

“شاهده” هانءُ هجر ٿو هاري،
راحت جا پل راتا ٿي ويا.

پرين! راند ڪائي رچائي ڇڏيون

پرين! راند ڪائي رچائي ڇڏيون،
محبت جو مچ ڪو مچائي ڇڏيون.

رکي هٿ هٿن تي ڏسون چنڊَ کي،
محبت جي محفل سَجائي ڇڏيون.

هَلي آ وصل کي ڪيون ويجهڙو،
جدائيءَ جا لمحا جلائي ڇڏيون.

متان ٻئي سفر ۾ هلئون “شاهده”،
مٺو روٽ ڪوئي پچائي ڇڏيون.

جڳمڳ جيئي منهنجو جاني،

جڳمڳ جيئي منهنجو جاني،
مان قرباني مان قرباني.

پيار بنا ٻيو آهي سڀ ڪجهه،
فاني فاني فاني فاني.

کيس ڏيان مان لاهي اُڀَ تان،
تارا تارا چنڊ نشاني.

سرگم سرگم ٺاٺ بکيڙو،
ساري گاما پاڌا ڌاني.

ساري جڳ ۾ ناهي جنهن جو،
ڪوئي ثاني ڪوئي ثاني.

جنهن جي خاطر آهي منهنجي،
دل ديواني دل ديواني.

جيئي جيئي منهنجو جاني،
مان قرباني مان قرباني.

تون ته ساگرَ جيان،

تون ته ساگرَ جيان،
آئون ساحلَ جيان.

موٽ منهنجا مٺا!
آئون منزل جيان.

آئون روئان پئي،
جيءَ پاڳل جيان.

اڄ ته آئين ائين،
ڄڻ ته قاتل جيان.

تو بِنا “شاهده”،
سُورَ جي پلَ جيان.

ڪيڏو توکي چاهيان ٿي،

ڪيڏو توکي چاهيان ٿي،
پيارَ ۾ پاڳل آهيان ٿي.

تولئه گيت، غزل ۽ وايون،
روئي روئي ٺاهيان ٿي.

جاتي تنهنجو ديرو آهي،
لڱ اُتي ئي لاهيان ٿي.

توکي منٿون روز ڪيان ٿي،
توسان سينو ساهيان ٿي.

توکان مُنهَڙو موڙي ڇڏيان،
اهڙي آئون ناهِيان ٿي.

وايون

---

هُو جو مون کي سَڏي،

هُو جو مون کي سَڏي،
ڇونه وڃان تَڏي.
الا ڇونه وڃان تَڏي.

جنهن جي ڪئي پُوڄا،
ويا ڪالهه ڇَڏي.
الا ڇونه وڃان تَڏي.

گذريا ڪيئي ڏينهڙا،
آيا ڪينَ اَڏي.
الا ڇونه وڃان تَڏي.

واڪا ڪندي واءُ سان،
ٿي مون کي سُڃَ سَڏي.
الا ڇونه وڃان تَڏي.

هاءِ ڪري ويا هيکلو،
وئي وَفا لَڏي.
الا ڇونه وڃان تَڏي.

راهُن ۾ آهي.

راهُن ۾ آهي.
سرتيون! سِجُ لهي ويو.

اکين آندي روشني،
ڪائي ڀي ناهي.
سرتيون! سِجُ لهي ويو.

مون کي سڏ ڏيئي نه ٿو،
پنهل کي ڇاهي.
سرتيون! سِجُ لهي ويو.

روهن جي هِن رند تي،
جيءُ ٿڪيو ناهي.
سرتيون! سِجُ لهي ويو.

ويلو هرڪو ڳاهه جان،
ويٺو ٿو ڳاهي.
سرتيون! سِجُ لهي ويو.

ساهيون ساهيان واٽَ ۾،
منڙو ٿو چاهي.
سرتيون! سِجُ لهي ويو.

“شاهده” سرت نه وقت جي،
ڪاڏي ٿو راهي.
سرتيون! سِجُ لهي ويو.

تو جو چيو عيد تي،

تو جو چيو عيد تي،
ايندس آئون وري.
پر نه پهتين تون اڃان.

منهنجي سَري ڪا نه ڪا،
تنهنجي وئي سري.
پر نه پهتين تون اڃان.

تنهنجي درد فراق ۾،
وينديس آئون مَري.
پر نه پهتين تون اڃان.

منهنجي دل جي ديس ۾،
کولي درد دري.
پر نه پهتين تون اڃان.

اوسيئڙي جي آسَ ۾،
وئي عمر ڳَري.
پر نه پهتين تون اڃان.

تنها تنها پاڻ سان،

تنها تنها پاڻ سان،
روئي ويٺي شاهده.

روز انهيءَ کي رات جو،
ائين ٿو روز ڏسان.
روئي ويٺي شاهده.

چنڊ تارا ياد جا،
تنها اُڀ هيٺان.
روئي ويٺي شاهده.

پوپٽ پنهنجي پيارَ جا،
اغوا ڪنهن هٿان،
روئي ويٺي شاهده.

ساريم ساري رات،

ساريم ساري رات،
ڪَهي آئين ڪينڪي.

وڌي ويا فاصلا،
توکي ڪا به نه تات.
ڪَهي آئين ڪينڪي.

ڏولاوَن جي ڏيهَه ۾،
ڏکڙن جي آ ڏات.
ڪَهي آئين ڪينڪي.

ڏنگي ڏينهان رات ٿي،
مون کي منهنجي ذات.
ڪَهي آئين ڪينڪي.

مينديءَ رَتا هٿڙا،
ويجهي ٿي بارات.
ڪَهي آئين ڪينڪي.

دل جي درد دوار تي،

دل جي درد دوار تي،
پاتو مون ليئڙو.
اِجهو ساجن ٿو اچي.

منهنجي مَنَ جي ماڳَ تي،
مُرڪيو اوسيئڙو.
اِجهو ساجن ٿو اچي.

جَرڪي پيو جَڳَ ۾،
جيوَن جوڳيئڙو.
اِجهو ساجن ٿو اچي.

دُکَ جي ڪاري ڌُنڌ مان،
اُڀريو اوچيئڙو.
اِجهو ساجن ٿو اچي.

منهنجي سوچن ۾،

منهنجي سوچن ۾،
تنهنجي اچڻ سان.
جيوَن آ جَرڪي پيو.

چوڏس ٿي چانڊاڻ،
روشني پسڻ سان.
جيوَن آ جَرڪي پيو.

زندگي، هو ۽ مان،
گڏجي گهمڻ سان.
جيوَن آ جَرڪي پيو.

تولئه نيڻ نماڻا،
راهون تَڪِڻ سان.
جيوَن آ جَرڪي پيو.

مُند ۾ مهڪارون،
تنهنجي مُرڪڻ سان.
جيوَن آ جَرڪي پيو.

ڪانءُ لَنويو اڱڻ تي،

ڪانءُ لَنويو اڱڻ تي،
پاتو مون ليئڙو.
اِجهو ساجن پيو اچي.

روح مَنَ سِڪيو،
سالن کان اوسيئڙو.
اِجهو ساجن پيو اچي.

درد ۾ ٽمڪي ٿو،
رات کان ڏيئڙو.
اِجهو ساجن پيو اچي.

سنيهو کڻي آيو،
مون لئه جوڳيئڙو.
اِجهو ساجن پيو اچي.

وائيءَ جا ورلاپ،
جُهري پيو جيئڙو.
اِجهو ساجن پيو اچي.

پُورَ پيا اڌ رات.

پُورَ پيا اڌ رات.
منهنجو هينئنُ اڌ ٿيو.

ڦٿڪي تڙپي ٿا هرن،
اندر ۾ جذبات.
منهنجو هينئنُ اڌ ٿيو.

من اندر اُجڙي وئي،
قربن جي ڪائنات.
منهنجو هينئنُ اڌ ٿيو.

رات رڙهي ئي ڪونه ٿي،
ڏور اڃان پرڀات.
منهنجو هينئنُ اڌ ٿيو.

مون کي ماري ٿي پئي،
درد ونديءَ جي لات.
منهنجو هينئنُ اڌ ٿيو.

مون کي ڏيئي “شاهده”،
ڏنجهه رُسي وئي ڏات.
منهنجو هينئنُ اڌ ٿيو.

پل پل پنهنجي پيارَ ۾.

پل پل پنهنجي پيارَ ۾.
گذري پيئي زندگي.

ويڳاڻن وانگي سدا،
وک وک تي سنسار ۾.
گذري پيئي زندگي.

وئرٿ ڇو هي لوڪ جي؟
تڪبر ۽ تڪرار ۾.
گذري پيئي زندگي.

کٽيو جڳ کٽيو اوهان،
ڇا ٿيو پنهنجي هارَ ۾.
گذري پيئي زندگي.

آٿت ناهي ڪنهن ڏني،
ماٺيڻي مونجهارَ ۾.
گذري پيئي زندگي.

ڌرتيءَ جو سنهن سرتيون،
هردم ٿي گونجار ۾.
گذري پيئي زندگي.

آجي ناهيان “شاهده”،
احساسن جي ڄارَ ۾.
گذري پيئي زندگي.

منهنجو جيءُ ڳريو.

منهنجو جيءُ ڳريو.
پسيو هيڏا پاپ هئه.

رڳ رڳ ٿي روئي رَڙي،
آهي روح ڀريو.
پسيو هيڏا پاپ هئه.

سوچون سگريون ساهَه ۾،
ناهي ڏيل ٺريو.
پسيو هيڏا پاپ هئه.

اکيون ڏک آليون ڪيون،
دل ۾ درد تريو.
پسيو هيڏا پاپ هئه.

احساسن جو من اندر،
آهي ديپ ٻريو.
پسيو هيڏا پاپ هئه.

ڇونه پيا راڙا ڪَيو،
مُور نه چپ ڪريو.
پسيو هيڏا پاپ هئه.

ناهي پوءِ به “شاهده”،
ڪنهن ڇو ڌيانُ ڌريو.
پسيو هيڏا پاپ هئه.

ڏينهڙا آهيان ڏُون.

ڏينهڙا آهيان ڏُون.
دردن دوريون ڪينَ ڏي.

مون کي ساهَه سيبائتا،
سڀ کان پيارو تون.
دردن دوريون ڪينَ ڏي.

وينديس ورنديس ڪينڪي،
ڄاڻ سڏيو هِن ڀُون.
دردن دوريون ڪينَ ڏي.

انبر رسنديون “شاهده”،
اندر جون آهون.
دردن دوريون ڪينَ ڏي.

ننگا پير نه هل.

ننگا پير نه هل.
واسينگن جي واٽَ تي.

وڇيل آهن خوف ئي،
جانيئڙا! پل پل.
واسينگن جي واٽَ تي.

نڪري ويو آهي اديون،
منهنجو رات ادل.
واسينگن جي واٽَ تي.

ساڻي ٿي منهنجا پرين،
جيڪر مون سان رَلُ.
واسينگن جي واٽَ تي.

چيخون پارَ ۽ پيچرا،
هيڏو هاڃو هُلُ.
واسينگن جي واٽَ تي.

ساهَنِ جيڏا سُورَ هِن،
مون سين وک وک تل.
واسينگن جي واٽَ تي.

خيري ٿي پئه پاڻ جو،
راڻا ايئن مَ رُل.
واسينگن جي واٽَ تي.

ٺوٺ نه ٿيا هِن “شاهده”،
نيڻ سدائين جَلُ.
واسينگن جي واٽَ تي.

ڇڏيون سڀ کي هاڻ.

ڇڏيون سڀ کي هاڻ.
آنءُ هَلان ٿي هوتَ ڏي.

سانڍي جيڏيون جيءَ ۾،
موتين جو مهراڻ.
آنءُ هَلان ٿي هوتَ ڏي.

اُڇليون آسن جون هتي،
پوشاڪون پهراڻ.
آنءُ هَلان ٿي هوتَ ڏي.

نينڍي ٿو پيو “شاهده”،
ڀاڳ ونديءَ جو ڀاڻ.
آنءُ هَلان ٿي هوتَ ڏي.

ڪنهن سان مان اوريان!؟

ڪنهن سان مان اوريان!؟
سرتيون! سُورَ هزار هِن.

سانڍي نيڻن ۾ سڀئي،
ڏوريان ٿي ڏوريان.
سرتيون! سُورَ هزار هِن.

سکڙن تان ڇا لاءِ هي،
گهورَ ڪري گهوريان!؟
سرتيون! سُورَ هزار هِن.

دل جي ڌرتيءَ تي پئي،
وڻ وڻ جيئن موريان.
سرتيون! سُورَ هزار هِن.

تَن سان پيئي “شاهده”،
ساهَه اڳي سوريان.
سرتيون! سُورَ هزار هِن.

پسيو ڪيس ڪلور.

پسيو ڪيس ڪلور.
ڇا ٿي سوچين شاهده!؟

جهيڙي جيوَن سان پيو،
هو جو ماڻهو جهور.
ڇا ٿي سوچين شاهده!؟

دلين ۾ آهي رهيو،
روز نئون عاشور.
ڇا ٿي سوچين شاهده!؟

ڌرتيءَ پاپن سان ڪئي،
ماڻهوءَ ڄڻ تندور.
ڇا ٿي سوچين شاهده!؟

ٿيڻو آهي ڏيهَه ۾،
ٻارهين جو به ظهور.
ڇا ٿي سوچين شاهده!؟

سور ٿيو هر جيءَ جو،
آهي هِت ناسور.
ڇا ٿي سوچين شاهده!؟

هنجون ايئن مَ هار.

هنجون ايئن مَ هار.
ناهي سِجُ لَٿو اڃان.

ڏوريندي هَلُ تون اڳي،
سارا وهم وِسار.
ناهي سِجُ لَٿو اڃان.

تيز وکون کڻ پنڌ ۾،
پنهل آ هُنَ پار.
ناهي سِجُ لَٿو اڃان.

ڇو ٿي سارين واٽَ ۾،
پيرن لئه پيزار.
ناهي سِجُ لَٿو اڃان.

آسُن سان دل “شاهده”،
ساري تون سينگار.
ناهي سِجُ لَٿو اڃان.

آئي اجلي ويل.

آئي اجلي ويل.
جذبا جنازا ٿيا.

ماري ويئي ماٺ ۾،
سرتيون ڪاري ليل.
جذبا جنازا ٿيا.

جيوَن جا کٽندا ويا،
ڏسندي سارا کيل.
جذبا جنازا ٿيا.

پَرُ به ويو اُلڪا کڻي،
ڪونه تون آئين هيل.
جذبا جنازا ٿيا.

ڳاڙهي کٽ ٿي “شاهده”،
ڇٽيا جڳ رابيل.
جذبا جنازا ٿيا.

هٿڙن مان هر سُور.

هٿڙن مان هر سُور.
آخر ويندو هارجي.

ڪيسين پالينديس پئي،
پيڙا هيڏو پُور.
آخر ويندو هارجي.

ڪيسين جهيڙي جيئڙو،
لوڙيندي مزدور.
آخر ويندو هارجي.

بي ساکن جي ساک ڇا،
ڌوڪي جو دستور.
آخر ويندو هارجي.

سرت سوا هي “شاهده”،
ماڻهو ٿي بي نُور.
آخر ويندو هارجي.

آخر ٿي ويندا،

آخر ٿي ويندا،
خالي هٿ حيات جا.

ڪير اميدون ڇو رکي،
ڪنهن کي ڇا ڏيندا؟
خالي هٿ حيات جا.

درد ڏجان تون دانَ ۾،
تنهنجي در ايندا؛
خالي هٿ حيات جا.

سوچون وڌنديون ويل سان،
اُلڪن ڏي نيندا؛
خالي هٿ حيات جا.

پار پرينءَ جي “شاهده”،
ويچارا ويندا.
خالي هٿ حيات جا.

سوچي ڏيل ڏکائتي،

سوچي ڏيل ڏکائتي،
ڳوڙها اُگهندو ڪير.
هيڏي هِن سنسار ۾.

ڪنهن لئه ڪنهن جي جيءَ ۾،
ڇالئه ڪونهي خير.
هيڏي هِن سنسار ۾.

پنهنجو صوفي ساهه آ،
ڪونهي ڪنهن سان وير.
هيڏي هِن سنسار ۾.

لوچي سوچي ڪونه ٿو،
ڪيڏو انڌ انڌير.
هيڏي هِن سنسار ۾.

ماڻهوءَ ماڻهوءَ سان رکيو،
نانگن جهڙو وير.
هيڏي هِن سنسار ۾.

پنهنجي دل ۾ ٿو رهي،
هڪڙو درد دلير.
هيڏي هِن سنسار ۾.

ناهي بات پريت جي،
نفرت ئي چؤڦير.
هيڏي هِن سنسار ۾.

بي اُلڪي ڇو “شاهده”،
ڪونهئي اير ۽ ڀير
هيڏي هِن سنسار ۾.

پيا ٿا ويڙهه وڙهون،

پيا ٿا ويڙهه وڙهون،
سوڀ اسان جو خواب آ.

ڏسندي ڪانئر ڪان کي،
ڇا جي لاءِ جُهڪون؟
سوڀ اسان جو خواب آ.

رهندا اوچا ڳاٽ پيا،
جنهن به جاءِ هُجون.
سوڀ اسان جو خواب آ.

تيز هلن ٿيون وقت سان،
پنهنجون واءُ وِکون.
سوڀ اسان جو خواب آ.

دل جو ڪاڳر “شاهده”،
پيا ٿا سنڌ لکون.
سوڀ اسان جو خواب آ.

توکي ٿو ساري،

توکي ٿو ساري،
جهرندڙ جوڀن جيئڙو!

تارن ۾ پنهنجون رکي،
اکڙيون ٿو ٻاري.
جهرندڙ جوڀن جيئڙو!

ڳوڙهن ۾ هي برف جان،
ڳڻتيون ٿو ڳاري.
جهرندڙ جوڀن جيئڙو!

اوکا سوکا ساهَه سان،
ڏينهڙا ٿو گهاري.
جهرندڙ جوڀن جيئڙو!

نيڻَ نديءَ ۾ درد جو،
ٻيڙو ٿو تاري.
جهرندڙ جوڀن جيئڙو!

ڳوڙهن اوٽي ڏيهَه ۾،
اُلڪا ٿو هاري.
جهرندڙ جوڀن جيئڙو!

پنهنجو آهي “شاهده”،
لالڻ جي لاري.
جهرندڙ جوڀن جيئڙو!

ٿي تون ڪينَ نراس،

ٿي تون ڪينَ نراس،
لهندي سج چئي ويو.

ساءُ صبح توکي ڏيندو،
ويڙهه نه تون وشواس.
لهندي سج چئي ويو.

ڌرتيءَ جهڙو ٿي رکين،
اندر ۾ احساس.
لهندي سج چئي ويو.

سانڍي رکجانءِ ساهَه ۾،
قرب سدائين قياس.
لهندي سج چئي ويو.

سوريتي لکجانءِ نئون،
اڀرن جو اتهاس.
لهندي سج چئي ويو.

ماڻهو ماڻهوءَ جو ڏسان،
ڪيئن پٽيندي ماس.
لهندي سج چئي ويو.

ويري ٿيندا سنڌ جا،
جڳ ۾ ڏسندينءَ ناس.
لهندي سج چئي ويو.

ڏاتر بخشئي ڏات ٿو،
ڇو هي هانءُ نراس.
لهندي سج چئي ويو.

منهنجي هستي ڀونءِ سان،
۽ تنهنجو آڪاس.
لهندي سج چئي ويو.

ڀوڳيندينءَ تون “شاهده”،
ڪيسين هي بنواس.
لهندي سج چئي ويو.

ڏينهن تَتو آهي،

ڏينهن تَتو آهي،
پانڌيئڙا هِن پنڌَ ۾.

سرت اِها ڪنهن کي نه ڪا،
ڇا ٿو پل چاهي.
پانڌيئڙا هِن پنڌَ ۾.

رات ويا رمندا هتان،
اُلڪا سڀ لاهي.
پانڌيئڙا هِن پنڌَ ۾.

ڪير چوي هان وقت کي،
گهڙين کي ساهي؟
پانڌيئڙا هِن پنڌَ ۾.

رَسندا ماڳهين “شاهده”،
سج لٿو ناهي.
پانڌيئڙا هِن پنڌَ ۾.

تو بِن منهنجو دم،

تو بِن منهنجو دم،
راتيان ڏينهان پيو ڏکي.

مون سان منهنجي جيءَ ۾،
جبل جيڏو غم.
راتيان ڏينهان پيو ڏکي.

نيڻ ته آلا جڳ ڏٺا،
ساهه به منهنجو نم.
راتيان ڏينهان پيو ڏکي.

سوچون جوتون وِيون رُسي،
اندر جو عالم.
راتيان ڏينهان پيو ڏکي.

تڙپي ٿو مَنُ “شاهده”،
اکين ۾ آگم.
راتيان ڏينهان پيو ڏکي.

تو جو ساٿ ڇڏيو،

تو جو ساٿ ڇڏيو،
سُڏڪا ترسيا ساهَه ۾.

خوشيون کِسڪي هِن ويون،
گُوندر گهر اڏيو.
سُڏڪا ترسيا ساهَه ۾.

توبن ڪونهي سا گهڙي،
جنهن ۾ پاڻ پڏيو.
سُڏڪا ترسيا ساهَه ۾.

آهي سکڙن “شاهده”،
لونءَ لونءَ مان به لڏيو.
سُڏڪا ترسيا ساهَه ۾.

سڏ سُڻي ڪوئي،

سڏ سُڻي ڪوئي،
ڪوهن جي هن ڪاڪ ۾!

سُور جهليندي ڪيترا،
لڱن جي لوئي.
ڪوهن جي هن ڪاڪ ۾!

سنڌوءَ جهڙا لڙڪ ها،
ڇڏيا ڳَلَ ڌوئي.
ڪوهن جي هن ڪاڪ ۾!

گذري ويندي “شاهده”،
عمر اديون! روئي.
ڪوهن جي هن ڪاڪ ۾!

جيجل جهڙو قياس.

جيجل جهڙو قياس.
ڪاٿي چين ڏيئي پيو!

سُڏڪي تارن کي تڪيو،
اکين کي آڪاس.
ڪاٿي چين ڏيئي پيو!

سُور ڏنئي سنجيدگي،
تن من کي احساس.
ڪاٿي چين ڏيئي پيو!

سڏڪي ٿي پئي سُڃَ ڄڻ،
راهن ۾ راڪاس.
ڪاٿي چين ڏيئي پيو!

ڀوڳي وينديس آنءُ پر،
ڀينر هي بنواس.
ڪاٿي چين ڏيئي پيو!

لکيو جيڪو “شاهده”،
ڪوڙن سو اتهاس.
ڪاٿي چين ڏيئي پيو!

ناهي چانڊوڪي،

ناهي چانڊوڪي،
رات ڇڏي وئي رات ۾!

پيالي وِهُه عذاب جي،
ڏُونگر! مون ڏُوڪي.
رات ڇڏي وئي رات ۾!

ڪونه غمن کي ٿي اچي،
گُگهَه هٿان گوگهي.
رات ڇڏي وئي رات ۾!

آس اٿَم سُورج متان،
کولي تِکَ تاڪي.
رات ڇڏي وئي رات ۾!

آهي رهي دل “شاهده”،
اديون! ڙي آتي.
رات ڇڏي وئي رات ۾!

ناهيان نڪتي ماءُ!

ناهيان نڪتي ماءُ!
سُورن جي هِن هنجَ مان.

آهِه پرايو هر گهڙي،
اوکيءَ جو ايذاءُ.
سُورن جي هِن هنجَ مان.

ڪين مليو مون ڳوليو،
ساهه ستي لئه ساءُ.
سُورن جي هِن هنجَ مان.

ويڙهه وري آنڊا امان!
مون کي ڪڍ تون آءُ.
سُورن جي هِن هنجَ مان.

سڏيان سُڏڪان “شاهده”،
ڪونه ٿئي پڙلاءُ.
سُورن جي هِن هنجَ مان.

بيتَ (سرمد سنڌيءَ جي ياد ۾)

بيتَ (سرمد سنڌيءَ جي ياد ۾)

ٻرندا آهن جهنگ جهر، سرمد! تنهنجا ٻول،
هر دل جا او ڍول، مرڻو آهين ڪينڪي.

مارن جي هر درد جو، تون ئي آن دارون،
اوکيءَ ۾ سارون، سرمد! تنهنجون ساهَه سان.

تنهنجو اڄ آهي بدن، خاڪ سنڀاليون پاڻ،
تولئه من مهراڻ، تاريا فوٽا ياد جا.

جُهومائن هر جيءَ کي، سرمد! تنهنجا گيت،
توکي بخشي جيت، جذبا ويٺا جا بَجا!

تو جهڙو فنڪار ٻيو، ٿيڻو ڪونهي ڪو،
تو وٽ سنڌڙيءَ جو، نينهن رهيو نروار ٿي.