ڪھاڻيون

سپنن جو پڌر

هن ڪتاب ۾ سينيئر توڙي جونيئر ستن ڪھاڻيڪارن پير عبيد راشدي، عين سحر، ياسمين چانڊيو، سرمد عباسي، مخدوم آسيہ قريشي، شھزاد سھتو ۽ آصف ڪالرو جون ڪھاڻيون شامل ڪيون ويون آھن. سڀني تخليقڪارن پنھنجي وت آهر ڪھاڻين سان خوب نڀايو آهي. ھي ڪتاب مختلف ليکڪن جي ڪھاڻين سبب ھڪ گلدستو لڳي رھيو آھي جنھن ۾ مختلف انداز، ٻولي ۽ ٽيڪنڪ سبب ڪھاڻين جو منفرد سواد ملي ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 34
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سپنن جو پڌر

حق ۽ واسطا

ڪتاب جا حق ۽ واسطه اداري وٽ محفوظ آهن
Book No: 17

سپنن جو پڌر !
(گڏيل ڪهاڻيون)
احسان آڪاش
ڇاپو پهريون : نومبر 2019ع
ڪمپوزنگ، لي آئوٽ & ٽائيٽل :
احسان آڪاش (03013324100)
احساس پبليڪيشن ۔ حيدرآباد (03155577538)
قيمت: 250 روپيه

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
2023ع
www.sindhsalamat.com


Sapnan Jo Padhar!
Stories
Ehsaan Aakash
1st Edition 2019
Ehxaan Aakaxh
Ehsaas Publication
Hyderabad
03155577538

ارپنا

” جتي رت جا رشتا ۽ ٻيا هڙئي رشتا صرف پاڻي تي ليڪا هجن،
اُتي سنڌي ادب ۽ پنهنجي ٻوليءَ جي آبياري لاءِ
اڪيلي سر پاڻ پتوڙيندڙن جي نانءُ ...!“

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران چونڊ ڪھاڻيڪارن جي چونڊ ڪھاڻين تي مشتمل ڪتاب ”سپنن جو پڌر“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون، جنھن جو سھيڙيندڙ احسان آڪاش آھي.
هن ڪتاب ۾ سينيئر توڙي جونيئر ستن ڪھاڻيڪارن پير عبيد راشدي، عين سحر، ياسمين چانڊيو، سرمد عباسي، مخدوم آسيہ قريشي، شھزاد سھتو ۽ آصف ڪالرو جون ڪھاڻيون شامل ڪيون ويون آھن. سڀني تخليقڪارن پنھنجي وت آهر ڪھاڻين سان خوب نڀايو آهي. ھي ڪتاب مختلف ليکڪن جي ڪھاڻين سبب ھڪ گلدستو لڳي رھيو آھي جنھن ۾ مختلف انداز، ٻولي ۽ ٽيڪنڪ سبب ڪھاڻين جو منفرد سواد ملي ٿو.
ھي ڪتاب احساس پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2019ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون احسان آڪاش جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

اداري طرفان

انتهائي خوشي ۽ مسرت محسوس ڪندي اوهان سڀني پڙهندڙن سان اهيو ونڊ ڪيون ٿا ته احساس پبليڪيشن جو سفر اڪيلي سِر ۽ هٿين خالي شروع ڪيو ويو هيو، ۽ ڏسندي ڏسندي اڄ انهيءَ پليٽ فارم تان 20 ويهارو کن نه صرف ڪتاب ڇپجي چڪا آهن پر ڏيڍ سال کان ماهوار احساس مئگزين جو سفر پڻ گڏ گڏ جاري آهي.
گڏيل طور ڪتاب ڇپجڻ جو رجحان ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي. جيڪا هڪ سٺي ڳالهه آهي ڇو جو اڄ جي هن مهانگائي جي دور ۾ جتي هڪ ڪتاب تي هزارين روپيا خرچ اچيو وڃي، اتي جيڪڏهن هر ماڻهو پنهنجي ٿوري ڪنٽريبيوشن جي تحت هڪ سلسلي ۾ شامل ٿي ڪري صاحبِ ڪتاب جي حيثيت ماڻي ٿو ته انهيءَ ۾ ڪا به جهجهڪ محسوس نه ڪرڻ گهرجي. نوجوان اديب، شاعر احسان آڪاش جس لهي، جو هو چُپ ڪري ويهڻ بجاءِ مسلسل سنڌي ادب جي لاءِ ڪوششان آهي. ننڍن، توڙي وڏن شهرن جي ادبين، شاعرن، ڪهاڻيڪارن کي ڪتابي صورت ۾ هڪ هنڌ گڏ ڪندو پيو اچي. هي سندس ڇهون ڪتاب ”سپنن جو پَڌر“ به انهيءَ سلسلي جي هڪ خوبصورت ڪڙي آهي. هن ڪتاب ۾ سينيئر توڙي جونيئر ستن ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون شامل ڪيون ويون. جنهن ۾ سڀني تلخيقڪارن پنهنجي وت آهر پنهنجي لکڻين سان خوب نڀايو آهي. هاڻي اهيو پڙهندڙن تي منحصر آهي ته هو هن ڪتاب ۾ شامل ڪهڙي ڪهاڻيڪار کان وڌيڪ انسپائر ٿين ٿا....!!؟

اوهان جي راءِ جو منتظر رهندس

احساس پبليڪيشن - حيدرآباد
03013324100

پنهنجي پاران

”سپنن جو پڌر“ کان پهرين مون گڏيل طور ڪهاڻين جو ڪتاب (احساس نگر) پڌرو ڪيو هيو، جنهن ۾ سنڌي ادب جا نامور ڪهاڻيڪار ”سليم چنا، ڊاڪٽر مقبول مارو، اقبال بلوچ، عين سحر، زاهده ابڙو، نور حسين ڪلهوڙو، هدايت قريشي، مجيب اوٺو، يوسف جميل لغاري ۽ طالب ڀنڀرو“ شامل هئا. احساس نگر کي اوهان سڀني پڙهندڙ جي طرفان هڪ ڀرپور موٽ ۽ محبتون مليون جن لاءِ احساس سٿ اوهان جو دل سان ٿورائتو آهي. هي ڪتاب به احساس نگر جيان ئي گڏيل ڪهاڻين جو هڪ ٻيو مجموعو آهي، جنهن ۾ سنڌي ادب جا خوبصورت ڪهاڻيڪار ”پير عبيد راشي، عين سحر، شهزاد سهتو، ياسمين چانڊيو، سرمد عباسي، آسيه مخدوم قريشي ۽ آصف ڪالرو“ جون تخليقون، ليک، ڪهاڻيون شامل آهن. اميد آهي ته هي ڪتاب پڻ اوهان سڀني کي دل سان پسند ايندو ۽ مون ادنى بندي جي طرفان ڪيل هن ننڍڙي ڪاوش کي سنڌي ادب پنهنجي پڌر تي ضرور سجائيندو.
مولا جا اڻ ڳڻيا احسان آهن جو هن وقت تائين گڏيل طور منهنجا ڪُل 6 ڪتاب (شاعريءَ جو آڪاش، عڪسِ جانان هم، صحرا منجهه صدا، ننڊ جا نيڻ، احساس نگر ۽ سپنن جو پڌر) شايع ٿي چڪا آهن. بئڪ ٽائيٽل لکي ڏيڻ تي مان پرين پياري ضراب حيدر جو ٿورائتو آهيان، جيڪو سنڌي ادب جي ڪهاڻيڪارن ۾ هڪ محبوب ڪهاڻيڪار آهي. ڪتاب پڙهي ڪري پنهنجي قيمتي راءِ کان ضرور آگاهه ڪندا.

احسان آڪاش

حيدرآباد _ گاڏي کاتو
03013324100
اي ميل: balochahsan110@gmail.com
فيس بوڪ: Ehxaan Aakaxh

پير عبيد راشدي

---

پير عبيد راشدي

ڪھاڻيءَ لاءِ مشاهدو ۽ مطالعو ٻئي لازم ملزو شيون آهن. ڪهاڻيڪار ڪٿي ڪٿي پنهنجو پاڻ کي ڪهاڻين جي ڪردار ۾ جذب ڪندو آهي. ڪٿي وري ڪردار صرف پنهنجي ٻولي ڳالهائيندا آهن. هر ڪهاڻيڪار وٽ پنهنجي هڪ مخصوص خصوصيت هوندي آهي ته هو پنهنجي ڪهاڻين ۾ موجود ڪردارن کان ڪهڙي ريت گفتگو ڪرائي ٿو...؟؟؟ ڏٺو وڃي ته هر ليکڪ بنيادي طرح پنهنجي ئي داخليت جو اظهار ڪندو آهي. جنهن وٽ جيتري ادبي بصارت هوندي، اهو اوترو ئي ڳوڙهو ليک لکي سگهي ٿو.
پير عبيد راشدي جو نالو سنڌي ڪهاڻيڪارن ۾ ڪو نئون نالو نه آهي ۽ نه ئي پير عبيد راشدي کي هاڻي هن وهيءَ ۾ پنهنجي ادبي تعارف جي گهُرج آهي. هن گڏيل مجموعي ۾ پير عبيد راشدي جون ڪُل 4 ڪهاڻيون (ٽُڪ جي رلي تي ڪاٺ ڪُٽي جي ٽُڪ ٽُڪ، ڪئنڊل نه ٻارڻ جو ڏک، ايمان بي ايمان جي لڪير ۽ گلابن ۾ تُرڻ وارا ڏينهن )شامل آهن. هنن چئني ڪهاڻين ۾ رومانس، احساس، سماجي اونو، داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن جو اظهار ۽ معاشري جا اهي مبهم پاسا جيڪي ڪارن ڪرتوتن سان ڀريا پيا آهن انهن سڀني جو عڪس نمايا نظر ايندو. پير عبيد راشدي هنن ڪهاڻين ۾ تمام ذهانت سان، هڪ مخصوص ٽيڪنيڪي انداز سان ڪهاڻين ۾ شامل ڪردارن کان ڪم ورتو آهي. ۽ انهن ڪردارن کان پنهنجي ٻولي ڳالهرائي آهي. جيڪا هڪ ڪامياب ڪهاڻيڪار جي هڪ نمايان خصوصيت هوندي آهي. تمام ڪهاڻيون پنهنجي قد سان نروار بيٺيون آهن. ڇو ته عبيد جا ڪردار ڪي وڏا فلسفي يا ادب جا اڪابر نه آهن، بلڪه اسان توهان جي اردگرد گهمندڙ ڪردار آهن، جن کي اسان هر روز ڏسندا ۽ ڳالهائيندا رهنداآهيون.

احسان آڪاش

ٽُڪ جي رليءَ تي ڪاٺ ڪٽي جي ٽڪ ٽڪ

فارم هائوس جي چوڏسا ۾ ناريل، پام، زيتون ۽ چڪونءَ جا وڻ، پر ميان محمد ملوڪ لاءِ جهڙو مٺو بڙ جو شاهي وڻ. جڏهن هوائن تي بڙ جو وڻ پينگهو ٿيندو آهي تڏهن ميان محمد ملوڪ جي رڳن جو رت ٽهڪي ڳڙي پوندو آهي. هو بڙ جي کير کي انسان نسل جي واڌ ويجهه لاءِ ٻاڪري ۽ ماهي کير کان وڌيڪ لاڀائتو سمجهندو آهي. عام باغ، باغيچن ۽ فارم هائوسز ۾ مکڙيون ماڪ تي ٽڙنديون آهن پر ميان محمد ملوڪ جي فارم هائوس جي وشال لان جون مکڙيون ڪنهن چاڳ نخري تي ٽڙي واس ڪنديون آهن. شام ويلي جڏهن هوائون رات راڻي، چنبيلي جا هُٻڪار سان سنجوڳ گهونگهٽ ڪري هلنديون آهن تڏهن پارڪ ۾ ويٺلن ۽ سوئمنگ پول ۾ ترندڙ تڙڳندڙن جي بدن ۽ پيرن ۾ ڪتڪائي ڪڍنديون آهن تڏهن هنن جا ٿڪ لهي پوندا آهن. ڪوهستان گڏاپ جي هنج ۾ اڏيل فارم هائوسز جو ڪارج جيڪڏهن ماڻهن ورونهن وندر مهيا ڪرڻ آهي ته پوءِ عام ۽ بيوس ماڻهن کي چهچٽن کان پري ڏسيو اهو ڪارج بي معنى ۽ ڇسو محسوس ٿيندو آهي. هونئن به ڪراچي ۽ ڪراچي کان ٻاهر پهچ وارا ماڻهو تفريح جي نالي ۾ زمين تي قبضا ڪري غريب ماڻهن کي دربدر ڪندا وتن. ميان محمد ملوڪ جي مثالي فارم هائوس تي لٿل جوڙا جڏهن هيج مان مرڪندا ۽ ٽهڪندا آهن. تڏهن عام ماڻهون ڀلجيو ڪوهستان جي آسمان ۾ ڪونجن جي وڳر ۽ ڪرڪي لاءِ واجهائيندا آهن. ۽ پوءِ هنن جي نهار پدمڙين جي پيرن ۾ ڇير ڇمڪي جيان ڄمي ويندي آهي. عام ماڻهو ته ڇيڳرن ڇيڳرين جي ٽهڪن تي ڪونج ڪرڪي لاءِ آسمان ۾ واجهائيندا آهن. پر ميان محمد ملوڪ جي مٿي ۾ جونءَ به ڪا نه سرندي آهي ڇو ته هو سوئمنگ پول ۾ ماهه پارا سان تڙڳندو ورندرندو ۽ ونجهن جهڙا هٿ پير پيو هڻندو آهي. هڪ ڀيري سندس پراڻي هجائتي ملازم ۽ ماهه پارا جي عشق نامراد ڀوڳ جو ڀوڳ سچ جو سچ ٺهڪائي ڏنو هئس ته:
“ميان صاحب ! ڇهين ٻارهين مهيني تنهنجي پاکر نصيب ٿيندي آهي پر جي اها پاکر ڏئين ته قبر ۾ به دعا ڪندو سئين.”
ميان محمد ملوڪ ماهه پارا کي گهُور وجهندي وراڻيو:
“اها پاکر ناهي، پر چاٻُو حلوو آهي.”
ميان جو ڪڙو لهجو مٺو هو. اهو ملازم جڏهن ماهه پارا کي حسرت وچان گلدستو پيش ڪندو آهي ته ميان محمد ملوڪ چوندو اٿس ته: “گل ڀلي ڏينس پر گلن کي پيوند نه لڳائجان متان پرڏيهي صحافي ڊينئل پرل وانگي قتل ٿي وڃين !”
غريب بي پهچ ٿڌو ساهه جهلي ماهه پارا ۾ مٺي گهوُر وجهي ورائيندو آهي.
“پيوند لڳائڻ جي ڪهڙي ضرورت، ماڪ ڀنل گلابن ۾ خوشبوءَ سان گڏ منهنجو حسرتون پڻ آهن. اهي پرين جي حواسن ۾ ڌڌڪو ضرور ڪنديون، اها ئي منهنجي وڏي ميراث آهي.”
ميان محمد ملوڪ جڏهن ڊگهي وڏي چاڙهيءَ تان پول ۾ ترڪندو آهي ته کيس پنهنجا حواس سوڙها ۽ ٻٽيل حواسن سان گڏ جوڀن رُت موٽي ايندي اٿس. فارم هائوس جو مالڪ ته ٻارهو ئي ابو دهبي ۽ يورپ ياترائن ۾ ڪڏهن ڪنهن سال وطن ورندو آهي ته ابو دهبي جا شيخ فارم هائوس تي لايا سجايا ڪرڻ لاءِ ايندا آهن ۽ هنن جي شفاءِ سان فارم هائوس مالڪ جي خاندان جو ڪو هڪ فرد اقتدار جو مهرو ٿي پوندو آهي. عام ماڻهو ميان محمد ملوڪ کي فارم هائوس جو مالڪ ۽ ٽرپل ايم روحاني بابا آف کڏا مارڪيٽ ڪلفٽن وايه ڊفينس جا نالي سان سڏيندا آهن. ميان محمد ملوڪ نه رڳو هاٺيءَ ۾ بحري غوراب جهاز جهڙو پر سندس عرش يعني لسي ٽڪڻ تي سدائين جناح واري ڪراڪلي ڪاري ٽوپي، وڏي ڊگهي ڏاڙهي ۽ ضياء الحق واري مجلس شورائي ميمبرن واري ڪاري ڊگهي شيرواني ۽ پيرن ۾ ملتاني چهنب دار جُتي هوندي آهي. اڪثر ذهني وسوڙيل ماڻهون کانئس پنهنجن بيمارين ۽ نفسياتي محرومين جي علاج لاءِ دم ڦيڻا ۽ ورد وظيفا وٺندا آهن. ڪيترا مراد وٺندا ۽ مراديون ميان صاحب جي پيرن ۾ پيل ملتاني چهنب دار جتيءَ کي وڏي تبرڪ ۽ ڪرامت وارو سمجهندا آهن.
فارم هائوس جي ڊرائنگ روم ۾ لونگ جي ڪارپيٽ تي ميان صاحب ڄاڻي واڻي ڪرندو ٿاٻڙجندو آهي يا ڪا نئين مراد وندي ٿاٻڙجندي آهي ته ڀلو ميان محمد ملوڪ جو ٿيندو آهي ڇو ته مراد وندي ادب ۽ احترام وچان ٻانهون کولي بچائي وٺندي آهي. جڏهن ڪنهن جي مراد پوري ٿيندي آهي ته ڊفينس ۽ ڪلفٽن جي مشهور بيڪرين جا ڪيڪ ۽ پيسٽرين جا شاپر خيابانِ شهباز، خيابانِ هلال يا فارم هائوس پڄي ويندا آهن. جن جي واپرائڻ سان ميان محمد ملوڪ ذيابيطيس جو مريض ٿي پيو آهي. فارم هائوس جو مالڪ پرڏيهه مان ولايتي دوائون موڪليندو اٿس. ميان صاحب حڪمت جو وڏو پارکو، شگر جي تيماداريءَ ۽ جنسي قوت باهه وڌائڻ لاءِ فارم هائوس کان پرڀرو ٻه ٽي ماڻهو وٺي ڪوهستان جي پٻ مان جڙي ٻوٽيون ڳولهائڻ لاءِ نڪرندا آهي. جڏهن ماڻهو جڙي ٻوٽيون پيا ڳولهيندا آهن تڏهن ميان صاحب پهاڙ جي وچ مان گذرندڙ قدرتي برساتي نئين تي ٻڌرايل ڪاٺ جي پل تي ويٺل هوندو. هي جڙي ٻوٽيون نه رڳو پاڻ رهڙيندو آهي پر ٻين کي پڻ صلاحيندو آهي. جڏهن ڪو ذهني وسوڙيل نوجوان ڪميشن جو وڏو امتحان پاس ڪري وڏي ڪرسيءَ تي ويهندو آهي ته سندس رزق حلال عين عبادت جو ڪجهه حصو ميان صاحب جي شيروانيءَ جي کيسي ۾ پوندو آهي. ڪجهه سال اڳ سنڌ جي ڪنهن وزير جنهن سنڌ جي “ڀوت گهر بنيل اسڪولن ۽ ڪاليجن جي ماسترن کي چپٽي وڄائي سڌو ڪرڻ جو ڏونڪو هنيو هو سو جڏهن يورپ ياترا ڪري موٽيو ته هڪ اڌ ڏينهن سيڪريٽريٽ ۾ ويهي سپر هائي _ وي تي پنهنجا پيٽرول پمپ ۽ سي اين جي اسٽيشن ڏسي ڪوهستان فارم هائوس ڏانهن لڙندي پنهنجي گن مين کان اڇي ٽوپي مٿي ڪري انهيءَ مراد سان لٿو ته کجين واري پرڳڻي جي بادشاهه ميان محمد ملوڪ جي دعائن سان وڏي ڪرسي ماڻيندو. وزير صاحب سان رسمي کيڪار ڪري صوم صلوات، حق شراءِ ۽ پاڪائي جا مسئلا پڇڻ لڳو. ميان صاحب پهرين ته کيس ڌيرج سان سڀ مسئلا سمجهايا ۽ پوءِ بحري جهاز جهڙي جناح ڪراڪلي ٽوپي ٽڪڻ تان لاهي سائيڊ ٽيبل تي رکي ۽ پنهنجي فطرت لڪائي نه سگهيو.
“ماما مجن مجنا! يورپ جا گس تازو لتاڙي آيو آهين اڃان ته اتي جي رنگن جو خمار ڪو نه لٿو اٿئي ڪجهه قصا ڪر اتي ڪي ڪلبز، فارم هائوسز ۽ هتي جي فارم هائوسز ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ يا اڃان به چهچٽا، سونهن سرت وڌ ؟”
اوچتي غير متوقع سوال تي وزير صاحب کان ڇرڪ نڪري ويو. اهڙو ڇرڪ سنڌ تي ٿاڦيل بلدياتي ٻٽي نظام لاڳو ڪرڻ وقت ڪو نه نڪتو هئس. هو نئن به وزير صاحبن کي ڇرڪ ڪو نه پوندا آهن. وزير صاحب مٿي ڪيل اڇي ٽوپي ڄڻ ٽيبل تي اڇلائي، اڇلايل ٽوپي ڪارپيٽ تي ڪريس ها پر ڀر ۾ ويٺل سيڪريٽري جهٽي ورتي.
“ميان صاحب ! وڏو فرق !! چار راتيون اڃان به سرس وڌيڪ رنگين سنگين چهچٽا کليل پڌر روشنين ۾ اڇا ڀوروا ٿڙڪندڙ جسم جهل نه پل ....!!!”
وزير نائيڪ ڪمپني، ڪو ولايتي جاگر سوڌو ٽنگون سامهون ٽيبل تي رکندي ٻڌايو. اڃان به پراڻي وليز جيپ وانگر موشن کڻي ها پر ميان صاحب جي رڳن ۾ ڪوهستان جي جڙي ٻوٽين ۽ بڙ جو کير ٽڙڪڻ لڳو ۽ موبائيل تي ڳالهائڻ لڳو:
“صفا آسمان ۾ اڏرندڙ پکي ٿي اچ .... نه نه ڇا جو خيال رک رکاءُ.... پاڻ ماڻهو کي هڙان وڙان خوش ڪرڻ جا عالمي چئمپين آهيون. نه نه ڇا جو رک رکاءُ... هي ساڳيو مامو مجن مجنون آهي. اڳي ٻارڙن سان ناٽڪ ڪندو هو ۽ هاڻي ڪم سان ، ٻه گلاس ۽ جاني واڪر يا بليو ليبل صفا ڪوهستان ۾ اڏرندڙ ڪونج، تلور ٿي اچ.... پکين جو ڦٿڪو لامارو وزيرن کي سنڌ قربان ڪرڻ لاءِ هشي ڏيندو آهي.”
ميان صاحب جو لهجو ڌيمو هيو. ميان صاحب موبائيل آف ڪري ٽيبل تان ڪراڪري ٽوپي کڻي پنهنجي ٽڪڻ تي ڄڻ پڙ وڌو.
“چئبو ته ڏيهي جهان، پرڏيهي جهان کان گهڻو پوئتي آهي....؟ ”
ميان صاحب جي پڪي ٺٺول وزير صاحب کي سنڌ تي مڙهيل ٻٽي نظام جي رِٿ وانگر سمجهه ۾ نه آئي. يا نرڄائو هو.
“اها سوچ اجائي ....”
وزير صاحب ايترو ڳالهايو ته ڪا پدمڻي پکيءَ وانگر قدرتي لباس ۾ ٻچڪ ٻچڪان ڪندي ٽري ۾ آئيس ڪيوب گلاس ۽ بوتل ٽيبل تي رکي.
“ماڻهو جي لچڪ، ماڻهوءَ جي من ۾ خوشي ولاس وکيري ڇڏيندي آهي.” ميان صاحب ڳالهايو.
“دور ٻيو آهي، پر نصاب ساڳيو آهي.” وزير صاحب پدمڻي جو اڀياس ٿي ڪيو.
وزير صاحب کي ڏندي آڱريون نه آيون. ڏندي آڱريون اچنس ته به ڇا لاءِ ؟ ڏند ته ڪيترن سالن کان لٻاڙي اتحادين جي مرچ مصالحي وارين دعوتن ۾ کٽا ٿيل هيس. ٻانهون ته ڪيترا سال اڳ داو _ مورو پل جي افتتاح وقت ايشياءَ جي ماڊل ڊڪٽيٽر ضياءِ کي هار پارائڻ وقت وڃائي ڇڏيون هيائين. پدمڻي ساڳي لک برابر لوڏ سان سامهون بيٺل هئي.
“وائيگرا ۽ رف ٽائيگر آنديون اٿم. پي آئي بي اچو ته کنيو وڃجو !” وزير جو لهجو وکريل هو.
“پي آئي بي ڇو ؟ ميان صاحب مختصر پڇيو.
“ماڻهو ٻالڪجتيءَ ۾ ماڻيل رنگن جا ماڳ ٿاڪ ڪٿي ٿو وساري سگهي؟”
پدمڻي گهڙي کن بيهي پرتي هلي وئي. ساڳي گهڙي لک برابر لوڏ سان ڄڻ ڪيٽ واڪ ڪندي ڊراءِ فروٽ ۽ نمڪو جي ٽري سان موٽي آئي. ميان صاحب ڪراڪلي ٽوپي لاهي گنجي ٽڪڻ تي آڱريون ڦيرائڻ لڳو ۽ اکيون پوري ڇڏيائين. ڄڻ خيالن ۾ ڪوهستان جي جڙي ٻوٽين جا ماڻيل لمحا ياد ٿي پيس. ڊرائينگ ۽ لونگ جون تيز روشنيون سندس ٽڪڻ ۽ پدمڻي جي بدن تي ترڪيون پئي. “اقتدار جو هماءُ پکي سدائين ڪونه هوندو آهي. سانجهي اچي وئي، اٿو ڪجهه ڌرتي تي پرک جي اک رکو.....” ميان صاحب جون اکيون ڪوهستان جي پهاڙ جي ڪنهن بند چُر وانگر هيون. هن گهڙي لاءِ اکيون پٽي وري بند ڪري ڳالهايو:
“سنڌ جو ڪوهستان سپر هائي _ وي کان هليو ته وڃي چانڊڪا پرڳڻي کي ڀاڪر ۾ ڪندو آهي، پهاڙ ته جنم ڀومي کان سڏ پنڌ تي اٿو ؟”
“جي ءُ .....!” وزير صاحب وائڙپ مان جي ڪئي.
ميان صاحب کيس سمجهايو: “جنهن سون ورني ڌرتيءَ جي ڪُک ۾ منڍيري پتاشو ۽ بڙ جو کير هجي، اتي وائيگرا ۽ رف ٽائيگر جي ڪهڙي ضرورت ....!؟ ڳالهه آهي پرک جي ....”
ميان صاحب اکيون پٽيندي سامهون بيٺل پدمڙي کي ڏٺو.
ميان صاحب جڏهن فور ويل ڊبل ڪئبن ۾ جن واٺن سان ڊفينس هائوسنگ سوسائٽي واري کڏا مارڪيٽ يا ڪلفٽن پارڪ ٽاور ويندو آهي ته ڪيترا ماڻهو سندس ظاهري گيٽ اپ ڏسي ادب ۽ احترام وچان مٿس ڳاهٽ اچي ٿيندا آهن. عام خاص ته ڇڏيو پر خواجه سراءِ فقير تاڙيون وڄائيندا نچندا ترڪندا وٽس اچي دعائون وٺندا آهن. هڪ خواجه سراءِ فقير ته کيس لڙڪ وهائيندي ٻڌايو هئس ته ڪي ڇورا ڪار ۾ کنڀي کڻي ڪيترا ڏينهن تشدد ڪري زخمي ڪري وڌائون ۽ ڌنڌو ٺپ ٿي ويو آهي. ميان صاحب همدردي ڪري وڏي شيرواني مان کيس پنجين جو سڪو ڏيئي دعا لاءِ چيس. “هيڏي وڏي جيپ، اڃان ڪهڙي دعا ٿيندي، شيدي ڊرائيور ته گڏ اٿئي ؟” فقير جي ڀوڳ تي ميان صاحب ۽ سندس وانٺا هڪا ٻڪا ٿي ويا. پوءِ اهو فقير ميان صاحب جو مرادوندو پانڌڙو ٿي پيو. خيابانِ شهباز، خيابانِ هلال ۽ فارم هائوس تي وڃڻ لڳو ۽ ميان صاحب کي ور ور ڪري دعوت ڪرڻ جو چوندو هو.
“فقير ! دعوتون ته روز آهن، تون ڪا خاص ڪندي ڇا ؟”
“بلڪل خاص نرالي، ڪڪڙ، مڇيون، تلور، آڙيون ۽ ڀُڳل تتر ته روز ٿو رهڙين، آئون جليبين جي دعوت ڪنديس.” فقير وراڻيو.
“جليبين جي دعوت...!؟”
ميان صاحب جو لهجو حيرت جو پراسرار ڪوهستان بنيل هو.
“ميان صاحب! تون هوندي گرم ٽڙڪندڙ ڪڻڇي، آئون تو مٿان جليبين جهڙا وٽ ڏينديس !”
فقير چيلهه کي لوڏي تاڙي وڄائي، هٿن کي جليبين ٺاهيندڙ وانگر ڦيرو ٿي ڏنو. ميان صاحب جڏهن پنهنجي روايتي گيٽ اپ ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ ۽ شهباز بلڊنگ ويندو آهي ته وزير، سيڪريٽري متاثر ٿي کيس وڏي عزت ۽ مان ڏيندا آهن. پر پوءِ ٻن ٽن ملاقاتن ۾ جڏهن پنهنجي فطرت جو ڀانڊو پاڻ وائکو ڪندو آهي ته هو کيس پاڻ کان وڌيڪ رنگين سنگين سمجهي هاضمي ۽ قوت باهه وڌائڻ جون ڦڪيون ۽ ٽڪيون وٺڻ لاءِ فارم هائوس تي لامارو ڏيندا آهن. ۽ فارم هائوس جي واٽر بيڊن ۽ عام پلنگن جا ٽڙڪا ۽ لوڏا وڌي ويندا آهن. هونئن ته سپر هائي _ وي گڏاپ ڪوهستان جي فارم هائوسز لاءِ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ چوٻول مشهوري پر ميان صاحب پنهنجي فارم هائوس جو پاڻ وات وڪيل ۽ وڄندڙ دهل آهي. انهيءَ ڏينهن ڪوهستان جي ميدانن ۽ پهاڙن تي مينهوڳي هوائن ۾ وڻ پينگهو ٿيل هئا ۽ وڻن جا پن ڪنهن سار جيان اڏامي وکريا پئي ، تڏهن ماهه پارا ڇيڳرن، ڇيڳيرين سان ڪوسٽر سجائي اچي فارم هائوس تي لٿي. ماهه پارا زندگي جي ڇهين ڏاڪي ۾ هئي. پر وقت جي خزان سندس سونهن تي پيلاڻ وکيري نه سگهي هئي. هوءَ ڪيترن ورهين کان شهر جي ماڻهن کي فطرت جا رنگ ڏيکارڻ لاءِ فارم هائوس تي ڏتاري وٺي ايندي هئي. ميان محمد ملوڪ تي الائجي ڪهڙو جادو ڪيو هيائين جو سندس چاهه چلولائي ۾ ٻيءَ ڏانهن اتفاقي نگاهه کي حرام سمجهندو آهي. ميان صاحب الائي ڪيترن ماڻهن کي ٻڌايو آهي ته ابو دهبي جي شيخن ۽ ماهه پارا جي هڪ “يا حبيبي حيا حيا” سان ماڻهن جي ڪلهي تي اقتدار جو سايو پوندو آهي. ماهه پارا جڏهن به ڊبل چال سان فارم هائوس تي لهندي آهي تڏهن ميان صاحب جي پيرن مان ڏانوڻ نڪري ماهه پارا جي غريب پراڻي عاشق بيوس ملازم جي پيرن ۾ پئجي ويندا آهن. ميان صاحب اڪثر ماهه پارا کي فارم هائوس کان ٻاهر پهاڙن جي وچ مان گذرندڙ نئين تي ٻڌرايل پل تي ڳرلاءِ ڳالهيون ڪندو آهي. هو اڪثر ساڳيو جملو ورجائيندو آهي.
“تنهنجو حُسن هن قدرتي نئين وانگر آهي، جو نه رڳو قدرتي نظارن کي معنى ٿو بخشي پر جابلو ٻوٽين کي اندر ۾ اوتڻ جو اُتساهه ٿو ڏئي...”
“سدائين ساڳيون ڳالهيون، ساڳيو جملو ؟” ماهه پارا چاڳ نخري وچان وراڻيو.
“ماکيءَ جي مک جي ڀونءَ ڀونءَ ڪڏهن پراڻي ٿي ؟”
موٽ ۾ ماهه پارا جا چپ پهاڙ تي پسندڙ بارش جهڙي وسڪار لائي ڏيندا آهن ۽ ميان صاحب جو پهاڙ جهڙو گرم وجود ڳري پوندو آهي. فارم هائوس تي لٿل جوڙن مان ڪي نوان آيل هئا ته ڪي هڪ ٻه ڀيرا اڳ ۾ به آيل هئا. هو سڀ ميان صاحب جو ظاهري گيٽ اپ ڏسي پنهنجي محرومين ۽ مرادن لاءِ ورد وظيفا وٺڻ لڳا. ماهه پارا ڪنهن ڇيڳري لاءِ ليلائيندي چيو:
“هن جي عمر چوويهه سال اچي ٿي آهي، ڪيترا رشتا ڪريو موٽيو وڃن ”
ميان ملوڪ ڪنڌ ڌوڻي ها ته ڪئي پر اکين جي بي قرار اسرارن مان وراڻيو:
“جي سڀ گهر تڙيون ٿينديون ته پوءِ تنهنجي مسند تي ڪير ويهي پکي چڳرائي ٻولرائيندو ؟”
ڇيڳرا، ڇيڳريون باغ باغيچا، مور، ڊيل وانگر ٽلندا ٽهڪو ڪندا سوئمنگ پول تي وڃي بئنچن تي ويٺا. ماهه پارا ۽ ميان محمد ملوڪ ٿورو پرڀرو پينگهي ۾ ويٺل هئا. آسمان تي بادلن ستارن سان لڪ لڪوٽي ٿي ڪئي. سرچ لائيٽ جي روشني پول جي ڇليل پاڻي سان ڳجهه ٿي ڪيا.
“ستارا تنهنجي ٽڪڻ مان وار ڳولهڻ لاءِ اُڀريا آهن.” ماهه پارا خماريل چاڳ سان سرٻاٽ ڪيو.
“ستارا توڙي چوڏهين جو چنڊ هميشه ٻاهران وار ڏسندا آهن، لڪيل ڳجها وار هميشه پارکو اک ڏسندي آهي، اهڙا وار جي ريزر ۽ ڪريم کان رهجيو وڃن.”
ميان محمد ملوڪ جو لهجو پاڻي مان نڪتل پلي ۽ گانگٽ جد دم جهڙو هو. هن لسي ٽڪڻ تي هٿ ڦيريو.
“پارکو اک غريب جي حسرت ته ڳولهي !”
ميان صاحب جي پراڻي هجائتي ملازم حسرت وچان ڳالهايو، جو وڻ جي اوٽ ۾ ويٺل هو. ميان صاحب غريب نامراد ملازم کي هڪ دفعي ماهه پارا جي ڪنهن پرائيوٽ بس سروس ۾ ملازمت ڪرڻ جو ٻڌايو هو. تڏهن ملازم ٿڌو ساهه کڻي چيو هو:
“تڏهن آئون ڪٿي هوس، ڪهڙن رستن تي ڌوڙ پاتم، خبر هجين ها ته انهي سروس جون ته ڇا پر ٽائر به چمان ها ۽ بس جي شيشن ۾ پنهنجي حسرت لهان ها ”
ماهه پارا مرڪي پينگهي کي ڌوڏيو ۽ غريب نامراد عاشق جي دل کي جهٻو اچي ويو. ميان صاحب ڪو جواب ڏي ان کان اڳ ڪوهستان جي ڪونجن جهڙو ڪرڪو ڪنن ۾ پيس
“آ ..... ن ....... ٽي ...... آنٽي ! ڇورا پاڻي ۾ ٻوڙيندا ....!؟”
ماهه پارا جو الڪو ڪجلين اکڙين ۾ ميگهه جهڙي ريکا ٺاهي ويو. ڳل جي لالاڻ تي راڪيٽ جي دونهين جهڙيون ڳار ٺاهي ويو. ميان محمد ملوڪ ڏوهيڙي جي انداز ۾ کيس دلاسو ڏنو.
“وهاڻا ٽپنديون، پٿراڻيون ماڙين تي پسار ڪنديون، ڪبوتر جهٽينديون !”
ماهه پارا هئي ته لنڊيون لتاڙيل ستن سمنڊن جو کارو پاڻي پيتل، “وهاڻو ٿيڻ” وارو محاورو هن لاءِ ڄڻ ڪوهستان جو اڻانگو پٻ هو. ميان محمد ملوڪ سندس پريشاني ۽ الڪو پرکيندي چيو:
“تون به ڪڏهين وهاڻا ٽپي هئين، پٿراني ٿئين ۽ ماڙيون ٽپي ماڳ ماڻيو هو.”
مينهوڳي هوائن تي وڻ ٽڻ ٿيل هئا. ٿوهر جا ننڍڙا ننڍڙا ڳاڙها گل پتنگن جيان اڏريا پئي. بڙ جي قديم وڻ تاڙين جهڙو کڙڪو ٿي ڪيو. بڙ جي وڻ مان لير گوها ڪري ڳڙيو ٿي يا نه پر ميان صاحب جي رڳن ۾ ٽاهڙ گهوڙي جهڙو سهڪو هو.
“آن ....... ٽي...... آنٽي ! ڇورا پاڻي ۾ ٻوڙيندا، ٻڏي مرنديوسين !”
سوئمنگ پول تان ڇورين جو ڪرڪو عطر ٻڙي وانگر سندس حواسن ۾ حواسجي ويو. ڇيڳرا آسمان جي وشالتا ماڻڻ ۾ هئا. هنن جي رڳن ۾ آسمان جهڙيون جهڙاليون لٿل هيون. آسمان جي وشالتا ماڻڻ جو موهه خمار گهڻو ڪري جوڀن رت ۾ آرس ڀڃندو آهي. مور ڊيلن جهڙو ٽهوڪو ڪندو آهي. وجود جي هڪ ديوار کي ٻي ديوار تي اڏري چپن جي پڌر تي ٽڙندو نچندو آهي، پر ائين به ناهي ته وشالتا جو خمار ڳو جوڀن رت ۾ آرس ڀڃي اهو موهه عمر جي لڪيرن جو قيدي ڀيدي نه ٿيندو آهي. ڪا نهار ، ڪو چاڳ آسماني وشالتا کي ڀاڪر ۾ ڪري وٺندو آهي. انهي ويلي زندگي تي لٿل سانجهي بسنت جي پرڀات محسوس ٿيندي آهي.
“ڌڪو نه ڏجانءِ ٻڏي مرندس” ڪونج ڪرڪي جهڙو سڏ وراڪو ۽ پاڻي ۾ جهڙو شپڪو (O Bloody ! Rascal) چوڏس پڙاڏو پئجي ويو.
ميان محمد ملوڪ مٿن کان بيٺل زيتون، چڪونءَ، ناريل ۽ پام جي وڻن کي حسرت وچان ڏٺو ۽ پوءِ ڊگهو ساهه کڻندي زيتون جي ٽاري نڪ تي رکي ڇڏي.
“عام باغ باغيچن ۾ ٻارهين مهيني ميوو ۽ عدن ۾ سدائين ميوو ”
ماهه پارا جي مُک تي گهڙي کن لاءِ مرڪ ڊوڙي آئي ۽ پينگهي ۾ لڳل آرسي ۾ پنهنجو پاڻ پسايو. ڌڏڪيل پينگهو کيس مڙي ويل زندگي ڏانهن کڻي ويو.
چاليهارو سال اڳ ڪنهن آڙيڪاپ آنٽيءَ سان ميان محمد ملوڪ وٽ طارق روڊ تي اڄ وارو چلڪو نه هو. البته لبرٽي مارڪيٽ ۽ لبرٽي هوٽل هوندو هو. ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ مارڪيٽون هيون اڪثر پلاٽ خالي پيل هوندا هئا. سوسائيٽي محدود هئي. ٿورو پرڀرو جهيل پارڪ ڪوٺي هوندي هئي. جتي انساني نفس سِرڻ ، ڳِجهن PECHS جهڙو ٺونگو هڻندي هئي.
“مراد پوري ٿيڻ ۾ وقت لڳندو !” پهرين نهار ۾ ميان صاحب جي اندر مان گند نڪتو. سندس جسم تي سرِڻيون ۽ ڳجهون لٿل هيون.
“ڪيترو وقت لڳندو ؟؟” آڙيڪاپ آنٽي پڇيو.
”مراد اک ڇنڀ ۾ کنڀ نڪرڻ وقت ماڻي وٺبي آهي يا پوءِ پوياڙي جي پاڇن تائين پوري نه ٿيندي آهي”
تنهن وقت ميان صاحب جي سونهاري ۽ مٿي جا ڪجهه وار ماهه پارا کي اوڍيل ڪاري چادريءَ جهڙا نڀور هئا. آڙيڪاپ آنٽي ماهه پارا کي ميان صاحب جي گس لاءِ ڪنهن ڪنڊ ۾ وڃي ڪوڙڪي هنئي. ماهه پارا اڪيلي سر مراد ماڻڻ لاءِ ميان صاحب وٽ ايندي هئي ۽ هو کيس ڌتاري چيل ڪوٺي جهيل پارڪ پسار ڪرڻ لاءِ وٺي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ايلفي صدر ، ايڪلسيسلر ۽ رانا شبانه ڪلبز ۾ روزگار ڪنهن پرائيوٽ سروس ۾ هئس. جتي ڪيترن ئي مسافرن سان واسطا ٿيس. جن کيس واٽ وندر سمجهي پنهنجن پنهنجن منزلن تي لهي ويا. گهر واري پرچائڻ لاءِ وڏا وس ڪيا پر ميان صاحب جي دولاب ڪورٽ مان آزاد ڪرائي ڇڏيس. ميان صاحب کيس فلاحي ادارو قائم ڪري ڏنو. ڀلائي جي نالي ۾ ڪيترا انڌ ڌنڌ ٿيا.
“آن ....ٽي .... آنٽي ! ڇورا پاڻي ۾ ٻوڙيندا، ٻڏي مرنديونسين،.... سين ..... سين !”
پول تان پڙاڏيل ڪرڪي ماهه پارا جي زندگي جو اولڙو پينگهي جي آرسيءَ تان هٽائي ڇڏيو. پينگهي جي ننڍڙي آرسيءَ ۾ سندس زندگي جو ڊگهو پنڌ ڪٿي پئي اڀري سگهيو. ماهه پارا الڪي وچان ڪوهستان جي اگهميل آسمان ۾ وڄ جهڙي نهار وڌي.
“ڇوريون ڪڏهن پاڻي ۾ ڪو نه لٿيون آهن، ٻُڏي نه مرن !”ماهه پارا جي ڪجلين اکڙين کان الڪو الڪو نه ٿيو.
“ڪڏهن ڪو نه لٿيون ...!؟” ميان صاحب ٺٺول وچان ماهه پارا جا لفظ ورجايا. ظاهر ۾ سندس لهجو ٿيو. Damn It
ماهه پارا خاموش پراسرار پٻ بنيل هئي. ڪٿي دور پهاڙن تي کنوڻ کنوين ميان صاحب ماهه پارا کي خاموش ڏسي ڳالهايو:
“ڪراچي جي ساحل ۽ رستن تي ڏور به اوڏا سپرين ويجهي ۽ پري کان ڪپڙا آلا ٿيو وڃن. هوائن ۾ لوهه سان گڏ جسم زنگجيو وڃن. پاڻي کان اڳ بڪني لهيو وڃي .”
ميان صاحب جي مُک تي مرڪ جو واس وکريل هو. ماهه پارا هئنڊ بئگ مان برش ڪڍي پنهنجا اڌ ڪٽيل وار سنوارڻ لڳي.
“منهنجي آڱرين کان برش ڪنگي جو ڪم وٺ !” ماهه پارا مرڪي گهور وڌس. گهوريندي ميان صاحب شوخ ٿي پيو اکين ۾ جهمپير جي تاڙيءَ جو خمار لهي آيس.
“هل ته سُک جو ساهه کڻون !”
ماهه پارا پينگهي جهڙو ليٽ ڪار جهڙو ڌڏڪو ٻه وکون کڻي الڪي وچان پول ڏانهن نهار وڌي. پينگهي جهڙو ڌڏڪو ڪنهن ڪنهن جو هوندو آهي. ڌڏڪي ۽ چاڳ مان ته گهڻيون ٿيون هلن پر اهو ڪارب ئي لڏي ويو. ميان صاحب جو احساس ڳالهايو.
“ڪو نه ٿيون ٻڏن پاڻ مرادو ڪنهن ڪناري وڃي رسنديون، ڇورن جا هٿ ٻانهون ونجهن جهڙا مضبوط آهن”
ميان صاحب جون ٻانهون گهوڙي جي لغام وانگر مٿس وريل هنيون. زيتون، ناريل ۽ پام جي وڏين لامن هيٺ مثالي عاليشاني ڇٻر هيٺ تي ٽُڪ جي رلي ۽ ٽڪ ٽڪ جا وهاڻا سجايل هئا. آسمان تي ستارن بادلن سن لڪ لڪوٽي ٿي ڪئي.
“بلب اجهائي ڇڏ، اکيون کيريون پيون ٿين ...!” ماهه پارا اڌ ڪٽيل وارن لي لٽ مک تان هٽائي ٻانهن ۾ جرڪندڙ سونين چوڙين کي ڏسي چپ چوريا. بلب ته اجهامي ويا پر جهڙالي آسمان تي ڪجهه نظر ايندڙ ستارن ليئا پائي رام ڪهاڻي ٿي ورجائي. ماهه پارا جي اکڙين ۾ ڪوهستان جون جهڙاليون لٿل هيون. توڻي جو ڪوهستان جو سنسار سندس لاءِ نئون نه هو. ستارن جي لاٽ هن لاءِ رستو ٺاهي ڇڏيو هو. جهڙاليون سرهي سيج ٿي پيس هوءَ فارم هائوس کان ٻاهر پهاڙن جي وچ مان گذرندڙ نئين واري پل تي ويٺل هئي. ميان صاحب ڪامين کان جابلو ٻوٽيون ٿي ڳولهرايون. ڪوهستان جي غريب مالوندن پاڻ جهڙا ڏٻرا ڍور ٿي چاريا.
“ڪوهستان جون نيون ورلي وهنديون آهن. باقي ساهه واري جو موهه سدائين تار ڇليل !”
تڏهن ميان صاحب پريان مست پاڏي کي رنڀيندي ڏسي چيو هيو:
“تلور وانگي رات جي جهڙالين ڪٿي پئي اڏرين؟”
ميان صاحب جي سرٻاٽ ۽ پري کان کنوندڙ کنوڻ کيس عرش تان کٽ تي موٽائي آندو.
“نئين وهي آئي هوندي، کنڀيون ڦٽنديون، ماڻهو گاهه ، ٻاجهر ۽ مڪائي ٺاهيندا...؟”
“نئين ورلي وهندي آهي، باقي سرير جو ڌڌڪو سدائين تار ٻوڙ ٻوڙان ....!”
“نه نا... وسڪاري جي ؟” ماه پارا مرڪندي پڇيو.
“ڪجلين اکين تي ماڻهو درياءَ جهڙو پلٽو هڻندو آهي.” ساهن جي وکريل سرهاڻ ۾ ميان صاحب رکي ڳالهايو.
“کنڀين سان گڏ جڙي ٻوٽيون موڪ ٿينديون آهن ۽ پهاڙ جهڙا پوڙها ماڻهو جواني ڏانهن موٽ کائيندا آهن. ڪوهستان مڪئي ۽ ٻاجهر جا سنگ وڏا ٿيندا آهن.”
“ڪيترا وڏا ؟”
“تنهنجن هٿن جي آڱرين کان وڏا.” ميان صاحب ماهه پارا جي هٿن جون آڱريون پنهنجن آڱرين ۾ ڦٻائيندي وراڻيو.
“منهنجي قد کان وڏا...”؟ ماهه پارا کي ڀوڳ لڳو.
“سُونهن جو قدم مد ڪٿ ڪرڻ جو ماپو اڃان ته ڪير جوڙي نه سگهيو آهي.”

ڪئنڊل نه ٻارڻ جو ڏُک

احساس زبان کان وڌيڪ ڳالهائيندا آهن. انهي شام بيبيءَ جي سالگرهه هئي ۽ ڪيڪ کيس ڪٽڻو هو. گهر ۾ مهمان اچي چڪا هئا. پر گهر دير سان موٽيو. بيبي کيس ڏسندي چنبڙي پئي. بيبي کي مٺيون ڏئي ٻانهن ۾ ڪري ڪيڪ ڪٽڻ لاءِ ٽيبل تي وڃي بيٺو. ڪيڪ ته موجود هو پر ڪئنڊل نه هئي. پڇاءُ تي کيس ٻڌايو ويو ته ڪو شرير ٻار کڻي ويو آهي. هو مطمئن نه ٿيو اندر ۾ وهم خيال کٽڪندار هيس. ... ڪٿي ڪيڪ اڳ ۾ ته نه ڪٽيو ويو آهي ....!؟ هاڻ رسم پوري ڪرڻ لاءِ ڪٽرائين ٿا.... نه نه ائين نه به هجي ؟ منهنجو وهم کٽڪو ڪير پڌرو ڪندو؟ گهر واري ورلي ڪو راز ڳُجهه ڪري نه ته گهڻو ڪري خاموش. بختاور وڏو پُٽ پنهنجي گهرواري آڏو ميان مٺو. گهر ڀاتي ٿورا هوندا آهن ته گهر ڪنهن براڊ ڪاسٽنگ اسٽيشن جيان هڪ آواز پر جڏهن ڀاتي وڌيو وڃن ته ساڳيو گهر ڄڻ ننڍيون ننڍيون FM Stations هر ڪنهن جو پنهنجو آواز لُڙ پڙاڏو !
“ابو ڪيڪ ڪٽيو !” بيبي جي مٺن طوطن سندن کيس خيالن مان ڪڍيو. بيبي جي دل رکڻ لاءِ ڪيڪ ڪٽي گهر ڀاتين ۽ مهمانن کان پرتي نويڪلي ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. ٻارڙن هيپي برٿ ڊي جو الاپ ٿي ڪيو ۽ ڦوڪڻا ئي ڦاڙيا ڪئنڊل ٻارڻ سواءِ ڪيڪ ڪٽڻ ! پڪ ڪيڪ منهنجي موٽڻ کان اڳ ڪٽيو ويو آهي. احساسن ۾ لڙهندي ٿي ويو. کيس ياد پيو ته سالگره لاءِ چار وڏا ڪيڪ ۽ هڪ 4 عدد واري ڪئنڊل ورتي وئي هئي.
“حد ڪري ڇڏيئي، گهر جو وڏو ٿي ڪري اوپرن وانگر پرتي ويٺو آهين ڪيڪ کڻ !”
گهر واري جي آواز تي خيال ٽٽي پيس. گهر واري سهپ ، ڌيرج واري ڪيتريون ڳالهيون درگذر ڪريو کيس نه ٻڌائيندي آهي.
“ڪيڪ کڻ !” گهر واري پليٽ ڏنس ۽ پوءِ مهمانن ڏانهن موٽي وئي. ڪئنڊل نه ٻارڻ ۽ ڪيڪ اڳي ڪٽجڻ جي احساس ۾ ڪيڪ بي سواد لڳس. ڪئنڊل ڪنهن نه ٻاري هوندي، پهرين ڪنهن نه ڪنهن ضرور ڪيڪ ڪٽيو هوندو !؟ موٽڻ ۾ دير ٿي ته ڇا ٿيو؟ ٿورو ته انتظار ڪن ها !؟ احساسن ۾ ويو ٿي لڙهندو. گهر ڀاتين کي هونئن به منهنجو ڪهڙو خيال احساس ؟ ڪيڏانهن وڃڻ لاءِ پئسا ۽ ڪار جي چاٻي گهرندا ۽ پوءِ دير سان موٽندا الڪي ۾ ننڊ وِهه ٿيو وڃي...! ماڻهو ته گهر کان وڌ دوستن ۾ خوش، پر دوست !؟ مڙئي ڪنهن چاهه ۾ گاڏو پيو گهلجي. دوست هجن يا گهر ڀاتي نڀائڻو ٿو پوي.
“ابو ڪيڪ کائو !” بيبي ويجهو ايندي وات ۾ ڪيڪ وڌس. بيبي جي حجت کيس وڻي ۽ هن سوچيو... عمر نه آهي اها بي فڪري واري ، وڏو ٿيڻ به هڪ قسمت جو عذاب آهي. ننڍن سان ننڍو ئي هلجي نه ته زندگي ڏاڍي ڏکي.
“ابو ڪيڪ سٺو آهي نه !؟” بيبي پڇيس
“ڪيڪ کان وڌيڪ تون مٺي سُٺي” هن وراڻيو.
“ابو منهنجا ٻه ڪيڪ ڪٽيا ويا !” بيبي سمجهي وچان راز تان پردو کنيو. هونئن به چوري جا پير نه هوندا آهن.
“ٻه ڪيڪ ....!” پهرين ڪئنڊل ڪنهن ٻاري ڪيڪ ڪٽيو.؟”
بيبي کي مٺيون ڏيندي پڇائين.
“بابا سائين !”
“ڪهڙو بابا سائين ؟”
“هلو ته توهان کي ڏيکاريان .” بيبي کيس هٿ مان ورتو. ٻارڙن جي گوڙ ۽ مهمانن جي وچ مان وٺي کيس ماءُ پيءُ جي بيڊروم وٺي وئي. بيڊ جي ديوارن تي بيبي، بيبي جي ماءُ پيءُ ۽ ناناڻي آڪهه جا فوٽو فريم ٿيل هئا. بيڊ جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي گهر واريءَ جو فوٽو نه ڏسي کيس ڏک ٿيو.
“ابو مون کي کوڙ گفٽس مليون آهن. وڏو بال ۽ باربي گُڏي .” بيبي کيس ٻڌايو.
“بيبي سالگره جي ڪئنڊل ڪنهن ٻاري ڪيڪ ڪٽيو ؟”
بيبي الماڙي کولي تاڪ جي اندرين پاسي فوٽو ڏانهن آڱريون کنيون.
”تنهنجي ان بابا سائين ته رڻ ٻاري ڇڏيا آهن.”
هن ڄڻ پنهنجي ليکي ڳالهايو. اکين ۾ اڻ لکي پاڻي لهي آيس.
“ابو رڻ ....! ڇا هوندو آهي؟ ڇا اهو به ڪئنڊل وانگر ٻرندو آهي؟ بيبي معصوميت وچان پڇيس.
“بيبي ! زندگي جي رڻ ۾ جڏهن منافقون ۽ سازشون ٿينديون آهن. تڏهن احساسن جي ڪئنڊل زندگي کي ڀنڀٽ ڪريو ڇڏي. !”
اکين ۾ پاڻياٺ ڪجهه وڌيڪ لهي آيس. ديوارن تي فريم ٿيل فوٽو ۽ خود بيبي کيس ڌنڌلي نظر آئي.
“ابو توهان رئو پيا؟ توهان جي اکين ۾ لُڙڪ ڄڻ ٻرندڙ ، ڳرندڙ ڪئنڊل !”
بيبي ٽشو سان سندس لُڙڪ اگهيا ۽ مس پتڪڙين ٻانهن جون پنکڙيون ورائي ڇڏيون.

ايمان بي ايمان جي لڪير !

درياهه، واهه ۽ سمنڊ گدلا نه ٿيندا آهن، پر ماڻهو انهن کي گدلو ڪري ڇڏيندا آهن. پاڻي ته ازل کان پاڪ پويتر ٿيندو آهي، پکين جي اُڏار ۽ پاڻي جي وهڪري جي ڪا به سرحد نه ٿيندي آهي. واڌو واهه نالي ۾ واهه باقي آهي گند جو ڍير. واڌو واهه مين نسيم نگر چوڪ ويجهو جهڳين ۾ رهندڙ جمعدار ٻالي شاهي، باگڙي ۽ ڪولهي قبيلي جي انهن بي سمجهه ٻارڙن وانگر آهي. جن کي خبر نه هوندي آهي ته سردگرم موسم ۾ خيرات لاءِ هٿ ڊگهو ڪرڻ ۽ جبري پورهيو ڪرڻ عذاب ٿيندو آهي. انهن قبيلي جي بي سمجهه ٻارڙن کي اهيا به خبر ناهي هوندي ته نسيم نگر چوڪ تي هر ڏينهن سياسي تنظيمن جا ڪارنده ڀتا وٺي ڌرڻو هڻين لفظن جا ڦوڪڻا ڦوڪي ڇو بي اونا ٿي سمهي رهندا آهن؟ گندگي نه رڳو وچ شهر مان گذرندڙ واڌو واهه ۾ پر ٻنهي پاسي جي آبادين ۾ مينهن وسي نه وسي پر گهرن ۽ اپارٽمينٽس آڏو اٿليل گٽرن جي ڪري رستا پاڻي هيٺ جو ماڻهن کي ساهه کڻڻ وقت اٻڪارا پيا ايندا آهن. سٽي گورنمينٽ جا جمعدار صفائي جي بهاني گند ڪچرو ۽ شاپرز گٽر ۾ اڇلائي ويندا آهن. اوڙي پاڙي وارا چندو ڪري جمعدارن کي صفائي لاءِ گهرائيندا آهن پر گٽر پوڍائي ماڻهو ۽ رولو جانور وانگر آڦري جو شڪار، ڪنهن هڪ ڏينهن هڪ عورت گهر مان منهن ڪڍيو نڪ تي ٽشو پيپر هئس هن پهرين هيڏان هوڏان لوڻو هنيو ۽ پوءِ پاڙي جي گهر جي ٽيرس ۾ بيٺل عورت کي کيڪار ڪري ۽ ساڳي شڪايت ڪئي.
“ماريا نپٽا حرام خور جمعدار سرڪاري پگهارون به کڻن ۽ خرچون اوبر سوبر پڻ تڏهن به گٽرن جو پاڻي رستن تي؟”
ٽيرس ۾ بيٺل عورت ڪو جواب ڏي، چپ ماهوٽن جي شهر جي ٽڪيل زيتونن جهڙا ٻه اڌ ڪري انهي کان اڳ روڊ تان مٽندڙ ڪار جي ڦرندڙ ٽائرن گندي پاڻي جون ڦينگون گهرن جي ديوارن ۽ ماڻهن جي ڪپڙن تي ايبسٽريڪ ۽ ريئل ازم آرٽ جا چٽ ٺاهي ورتا.
“انهن بي ايمان بي دين جمعدارن جو ڪهڙو ايمان باقي خرچي ۽ لٿو پٿو وٺڻ لاءِ هر در تي بيٺل هوندا آهن.”
ٽيرس تي بيٺل عورت جو ڪڙڪو اوڙي پاڙي ٻڌو.
“ميڊم صاحبه ! توهان ڌرمي، ايماندار، اسان اڌرمين جو ڪهڙو ويساهه ايمان ؟”
جمعدار گٽر ۾ لٿل هو، هن جو سوال ڄڻ پاڻي جو ڇٻڙڪو . جمعدار منهن ڪڍڻ کان اڳ فرينچ ليدر جو مچڪو فوٽ پاٿ تي اڇلايو. عورتون هڪيون ٻڪيون ٿي گهرن ۾ موٽي ويون ڪنهن گهر جي ٽيرس ۾ مرد پڪائي سان مرڪي پنهنجي پيٽ تي هٿ ڦيرائي پيٽ سور جا بهانا ڪيا.

گلابن ۾ تُرڻ وارا ڏينهن

”جي تو واري مامي اسلي، اسلو سيٺ جي هٽ تان ڦيرو ڪري اچين ته ديڳڙي جهڙو مُک ٻهڪي پونئي ؟“
حاجي صاحب پڪائي سان مرڪي ڀاڳي کان پڇيو.
حاجي صاحب جو مطلب هو ته جي ڀاڳو پنهنجي پراڻي عاشق نامراد سيٺ اسلي، اسلو وٽ وڃي ته هن جون اکيون مٿيس وسيل سرن جي بٺي جي ڪارنهن لاهي ڇڏين.
“ڪالهه مزدورن لاءِ چانهه جي پتي ۽ سگريٽ وٺڻ لاءِ هٽ تي ويو. هئس پر ماما سيٺ به رخو ۽ تڪڙو ڳالهايو.”
ڀاڳي ڪچهري ۾ ويٺلن کي ڏسي حاجي صاحب کي وراڻي ڏني.
“ڪهڙي دل سان توسان مٺو ڳالهائي ها، جڏهن الهڙ ڳاڙهه گٽول هنين ته تو کنگهيس به ڪو نه ؟”
رمضان ملاح پڇندي پن ٻيڙي جو سوٽو هنيو ته کنگهه وٺي ويس. ڀاڳو دولت پور جي ڪچي جي علائقي جو وهي چڙهيل ڇوڪر، اڃان مڇڻ جي ساوڪ نه هوندي هئس جو سائين جي اوطاق تي سار سنڀال ڪندو هو. سودي سڙي، يا پنهنجي لاءِ ريوڙيون، کٽ مٺڙا وٺڻ لاءِ هٽ تي ويندو هو. هٽ سامهون رستي تي رنگ برنگي لاٽون يا بلور راند ڪندڙ ٻارن کي ڏسي بيهي رهندو هو. معصوم ٻار بلور کي ڌڪ هڻڻ لاءِ ٿورو جهڪندا هئا ته تڏهن سيٺ اسلو، اسلي جي هٿن ۾ ترندڙ ساهمي کي ڪجهه وڌيڪ لوڏو اچي ويندو هو ۽ سندس آسروند اکڙين ۾ ڀاڳو، گلاب وانگر ترندو هو. سيٺ ٿڌو ساهه کڻي سوچيندو هو. هوند ڀاڳو سندس من تي رنگ برنگي لاٽون وانگر ڦري ! ساهمي جي پُڙن کي هڪ هنڌ بيهارڻ لاءِ هٿ کي ڪجهه ڊگهو ڪندو هو. اسلي سيٺ کان ڪير هٿ ڊگهي ڪرڻ جو پڇندو هو ته وراڻيندو هو ته: “جيئن ڪانٽو هڪ هنڌ بيهي” پر هٽ تي ويٺل قاسم ڪاٺير ۽ ڪانڊيرو کودو هڪ ٻئي کي ٺونٺيون هڻي چوندا هئا ڪانٽو هميشه سيٺ تي ! ساهمي کي لوڏي اچڻ جي ڪري وکر ڪري وڃي سامهون قاسم ڪاٺير ۽ ڪانڊيري کودي اڳيان وڃي ڪرندو هو ۽ ڪرندڙ وکر کي ڪانڊيرو کودو بين الاقوامي ڪريڪٽر جيان ڪيچ ڪري وٺندو هو. قاسم ڪاٺير پورهيت ماڻهو هو. ملان جي ٻانگ کان اڳ ڪچي مان گڏهن تي ڪاٺين جي لڏ ڪري گوڏ ۾ بي اونو ٿي سمهي رهندو هو. سمهمي ٿڪبو هو ته اوباسيون ڏيندو هٽ تي اچي ويهندو هو. پر ڪانڊيرو کودو اٽي تي چٽي ڪم ڪرڻ پڄندو ڪون هئس. رات جو بي بي سي لنڊن ۽ اوڙي پاڙي جون ڪوڙيون سچيون خبرون هن هن سان ڪري هٽ تي ڏينهن پورو ڪندو هو ۽ سندس دڪيءَ تي ويهڻ جو انداز واندي رن وانگر هوندو هو جو مانڊڙي ڏسڻ ۾ پئي ايندي هئس. شام جو سيٺ کان ٻه ٽي ڏينهن جي سڙيل ڀاڄي وٺي پوتڙي ۾ ڪري گهر ورندو هو. انهن خبرن جي ڪري ماڻهن کيس مارڪ ٽلي سڏڻ شروع ڪيو.
“ڀاڳا هاڻ وهي چڙهي وئي، گلابن ۾ ترڻ وارا ڏينهن کائي وئين ؟”
رمضان ملاح پڻ ٻيڙي جي ڦوڪ ڀري ورتي ۽ پوتڙي سان وات ۽ نڪ سنڪي ورتو ۽ سوال وات مان ٿاڦڙجي نڪتس، ڀاڳئي جي اندر مان هڪ رات جي واردات ٻوڏ جي پاڻي وانگر پلٽو هنيو. سائين وارن سان رات واري ڪچهري ۾ ويٺو هئس. انهي وقت اڃان ڊش ڪيبل وارو رنگهٽ شروع نه ٿيو هو. اوچتو اوطاق جو ٻاهريون باغ وارو گيٽ کڙڪيو. در کوليم مامون سيٺ اسلي، اسلو نرڄائي مان ڳل تي هٿ ڦيري اڱڻ لتاڙي ٽي وي تي اچي ويٺو. سائين وارن کيس بي اونهائي تي بور ڪندڙ هو. ڪير ذولفي کي پيءُ سان همرائي ڪرڻ جو چوندو هو ته پڪائي ڪري وراڻيندو هو.
“دل بدن تي بور ڪرڻ سان هنيئون ٺرندو آهي، پر لوهه جو پائپ نل زنگجو ڳريو وڃي پر حسرتن جو نل نه ڳري نه وري، واري ڪري !”
ذولفي مال چارڻ جي سانگي ۾ نه ڄاڻ ڪيترا سانگ ڪيا نه ڄاڻ ڪيترا سانگ ڪيا نه ڄاڻ ڪيترن رڍن، ڍڳين ۽ ٻڪرين کي ڏهي ورتو.
“مائٽ، تون وري ڪهڙو ستو جتو جاويد سيد جيلاني کي موٽائي ڇڏيئي ! سيد کان هڏ پاڪ ڪرائين ها ته اڄ اهڙا حال نه هجنئي ها نه وري ڏڦيرن جا ڪتا ڀونڪ ڪنئي ها؟”
ڀاڳي ٽهڪ ڏيندي چيس ته هن جا هيڊا ڏند ڏسڻ ۾ آيا. وهي چڙهڻ جي ڪري ڀاڳئي جو ماسيرو پت اڳي کان ڳريل هو. اصل اباڻي ڳوٺ ڍٻائي سماٽن جي علائقي جي ديهه وانگر سڪل ٺوٺ ٿي پيو هو. ڍٻائي سماٽن واري ديهه جي پڇاڙي ۽ منڍ ۾ جتوئن ۽ ڏاهري سردارن جون جاگيرون سي کين پاڻي ڦڙو به وهڻ ڪون ڏيندا هئا.
“ذولفي ڀاڳو ڇاٿو چني ڪهڙي واردات جا پيرا ٿو کڻي توسان به ڪنهن رات ۾ جنسي ڏاڍي ٿي ڇا؟”
حاجي صاحب کي اهڙي واردات جي کُڙڪ ته هئي پر تڏهن به ڪچهري ۾ پڇاءَ جو پتو اڇلايائين:
“حاجي صاحب مونسان واردات اوندهه گگهه رات ۾ ته ڪانه ٿي پر ميان سائين جي چرچ تي جاويد جيلاني سيد ڏينهن جا تارا ڏيکارڻ ٿي چاهيا پر وٺ ڪا نه ڏني مانس. ڏاڍيون منٿيون پيو ڪري پنهنجو آڱريون ڏيکاري چئي پيو هيترو آهي ٻُڙڪ به نه پوندئي”
پوءِ ڪيترا سال گذري ويا هر ڪو ذولفي کي ڀوڳ ڪرائي چوندو هو “اڙي ذولفي ! سيد ذات کي رنجائي قيامت ڪاري ڪري ڇڏيئي.” ڏٻري تي مڇر گهڻا ڪنهن ڀيري بيمار ٿي پيو. ڪنهن وڃي جاويد جيلاني کي ٻڌايو. هن في سبيل الله يا اڻ پوري آس ۾ دُکندي وڃي ڊاڪٽر شريف وٽ ڇڏيس. ڊاڪٽر شريف هو ته ڪمپائونڊر ڊگهي سونهاري وارو ۽ نماڻي پر ٻهراڙي وارن لاءِ ڊاڪٽر جنهن جي سُئي عزرائيل سڳوري جي اچڻ کان اڳيئي ماڻهن جا ساهه کنڀي وٺڻ واري سندس اهڙن تڪڙن ڪارنامن جي ڪري راڄ جي چڱي مڙس کي چوڻو پئجي ويو ته بي نمازي فوتي لاءِ قبرستان ۾ جاءِ ڪانهي. قبرستان اڳي ئي ڪراچي جي رستن وانگر لاشن سان اڀاميل.
“ڀاڳا اٿي هل ته توکي سڪ وندي مامي سيٺ اسلي، اسلو جي هٽ تان ريوڙيون کٽ مٺڙا وٺي ڏيان؟”
ذولفي ڀوڳ ڪرايس: “هان مفت ۾ ته ڇا پر ٿورو ڦاٽل پراڻو نوٽ نه وٺندس، ڏهه پندرهن سال اڳي ماڻو ڪري وڃيس ها ته سيٺ اکين جي پنبڙين تي ريوڙيون کٽ مٺڙا رکي کارائينس ها.”
ڪرسي تي ويٺل حاجي صاحب چيو جنهن چوپائي مال جي نئين اڏجندڙ وٿاڻ لاءِ ڪم ڪندڙ اوستي ۽ مزدورن جو ڪم ٿي ڏٺو. ڪنهن مزدور بيلچي سان ريتي سيمينٽ ٿي گڏيو ته ڪنهن ڪوازي تي بيٺل اوستي کي سرون ٿي ڏنيون. ڪيتري وقت کان وٿاڻ ڪچو هو. ڪچيون مٽي هاڻيون جڳهيون ڊهي پڪيون ٿيو وڃن پر انهن ۾ ٿيل وارتائون پيون ڳائجن. انهي وٿاڻ ڀر ڪڏهن ڪڻڪ، سرنهن جي ٻج جو گودام هوندو هو. ننڍڙي هوندي جڏهن حاجي صاحب مڪتب کان ڀڄي ويندو هو ته پي ان ۾ پوري ڇڏيندو هئس ۽ هڪ جيڏا ٻار کلندا هئس.
“ڀاڳي کي سرگس ڪرائڻ لاءِ وٺي ٿو وڃين ڇا؟”
غلام حسين هوريان جهيڻين لهجي ۾ ڳالهايو. جنهن جي ٽي چار مهينا اڳي دل جي باءِ پاس ڪرايل هئي. غلام حسين سڄي زندگي ڏينهن رات ڪچي پڪي جي زمينن تي گذاريو هو. هن جو من سدائين سرنهن ڦولار ۾ پوپٽ وانگر اڏامندو هو. جڏي ٿيڻ کان پوءِ ڪڏهن ديهه واري اوطاق تي وڃي ويهندو هو ته ڪڏهن ننڍي پٽ مجاهد واري اوطاق ۾ اچي ويهندو هو.
“ٿڪل گهوڙي جي ڪهڙي هڻڪار، ڪهڙا سرگس، پر پوءِ به ٻڏل ٻيڙي جون هريڙون ڀليون سيٺ اسلي حسرت ڀلي ڇڏي؟”
رمضان ملاح کي الائجي سنڌو جي سير ۾ هاڪاريل ٻيڙيون ، بيتلا ياد پيا يا ڦليلي واهه ۾ مڇي لاءِ اڇلايل رڇ. حاجي صاحب ماٺ ميٺ ۾ ذولفي کي ڀاڳي کي هٽ تي وٺي وڃڻ جو اشارو ڪيو. ذولفي کيس ٻانهن مان ڇڪيو پر ڀاڳو چريو به نه ڄڻ ڪوٽڙي پل کان هيٺ فتح مبارڪ اسٽيمر وانگر واري ۾ ڄميل هو.
“حاجي صاحب، ڀاڳو، ملان پادري وانگر ڌرڻو هينو ويٺو آهي، چُري به نه ٿو.”
ذولفي ائين چئي پريان سيمينٽ جي ٻورين وٽ وڃي بيٺو.
“ها پوءِ انهي رات ڪوئٽه ٽي وي اسٽيشن وارو ڊرامو ڏٺئي، ڊرامي جو ڊراپ سين توتي هلي پورو ٿيو.”
“سچ ڊرامي مان حقيقت ٿي وئي. اهڙو ڊرامو ٿيو جو سرڪاري نشريات تي سينسر ٿي وڃي.”
ڀاڳو ڪچي ۾ ڪاهي آيل ٻوڏ وانگر واري اٿلي پيو. سائين وارا ڪلاڪ اڌ ويهي حويلي ڪوٽ ڏانهن هليا ويا. اڃان گس تي هئا جو مامو اسلي، اسلو ڪرسي تان لهي رومال ۾ ويڙهيل کٽمٺڙا ۽ ريوڙيون ڪڍي غم تي مون سان گوڏا ملائي ويهي رهيو. آئون اڳتي رڙهڻ کسڪڻ ۾ ۽ مامو گڏوگڏ سرندو اچي پگهر ڳڙي پيم. ساهه منجهڻ لڳو. اوچتو انهي خيال کان اٽڪل سمجهي آيم. ٽي وي بند ڪري ڇڏيم ته جيئن رڙين تي سينفل واري هٽ تي ويٺل اترادي ۽ هدايت الله مڇر واهر اچي ڪن بخار اچي ويم. ڀاڳو ڳالهه ڪري چپ ٿي ويو. رمضان ملاح ٽهڪ ڏيندي چيس:
“هدايت الله سيٺ اسلي، جو اتر انيه جي هٿن ۾ ۽ ڦاسي هان جيئن ڪوڙڪي ۾ ڪارڙو تتر.”
“ڀاڳا اٿ سيٺ اسلي، اسلو هٽ تان ڦيرو ڪري اچون؟”
ذولفي سيمينٽ جي سٿيل ٻورين وٽان انهي ڏينهن سيٺ جي پڇڻ تي ٻڌايو ته:
“ هاڻ ارمان، حسرتون رهيون آهن. نولو ۽ گانگهٽن جو خفت لهي ويو آهي. تڏهن به ڪو ٻار وکر يا شي وٺڻ لاءِ ويندس ته اک ٻار جي پٺ ۾ هوندس.”
رمضان ملاح ڳالهايو. سيٺ اسلي هاڻ هڏا ٿي ويو آهي. حافظو ڪمزور ٿي ويو اٿس. ٽڪڻ جا وار ڄڻ ٻوڏاريل پاڻي ۾ ڇڊي ڪڻڪ جا سلا، گراهڪ قرض لاهي ويندا تڏهن به بل ڪڍندو. گراهڪ سو جو نوٽ ڏيندس ته هزار سمجهي وڌيڪ ڏئي ڇڏيندو ڪيترن ٻارن ته ڪوڙا نوٽ ڏيئي شي وٺي ويس. انهي ويسر جي ڪري ماستر چراغ دين جي صلاح سان ٻه ٽي ڇوڪرا رکيائين پر اهي سندس هٿ ڊگهي ڪرڻ جي عادت ۽ ڪڙي ڳالهائڻ جي ڪري ڇڏي ويس.
“ڀاڳو ٿيو يا مينهن مينهڻ کي به جيسيتائين ڇوهارو نه کارائيندا آهن تيسيتائين سانّ ۽ پاڏي لاءِ تانگهيندي ناهي. ڀاڳا هل ته هل نه ته وڃان مينهن کي چارو ڏيڻ؟”
ذولفي کير جو ڊرم هٿ ۾ کڻندي چيو.
“هاڻ سيٺ سُڃاڻي سگهندس؟” اوستي ڪوازي تان لهندي پڇيو.
“سڪ وندين اکڙين کان خواب وسرندو ناهي، من جي نيساري مان حسرتن جو گلابي پاڻي پيو وسندو آهي. سيٺ جي چنجهين اکين ۾ ڀاڳي جي صورت ائين ڄميل آهي جيئن ورهيه پراڻي واڻڪي عمارت تي سن ۽ سال”
رمضان ملاح وراڻيو:
“جيئن ٽيڪسي ڊرائيور ۽ حجام گراهڪ کي پري کان پرکيندا آهن. ائين هر دڪاندار وانگر سيٺ اسلي جي پرک، به تيز جهڙو گراهڪ تهڙو گفتگو ۽ لهجو. گراهڪ سڻڀو ته پاڻ اڳئي گيهه جو دٻو، ڪنتر يا کنڊ جي ٻوري پر جي گراهڪ مسڪين هاري مزدور ته ڳاڙهي تيز مرچ جون سڪون پيو لاهيندو. ڌنڌي مان ايڏو ڪمايو اٿائين جو سندس ويهه آڱريون گيهه ۾ ٻُڏل هوندي آهي. اوچتو اوطاق جي ٻاهرين باغ طرف واري در مان الهڙ ڇوڪر منهن ڪڍي ذولفي وٽ وڃي بيٺو ۽ گهڙي کن ۾ موٽي ويو. ڪو پڇي انهي کان اڳ ذولفي ٻڌايو
“غريب سيٺ اسلي، اسلو جي عادتن کان بيزار ٿي مال وٿاڻ تي بيهارڻ لاءِ آيو آهي.”

عين سحر

---

عين سحر

عين سحر جي هونئن ته سُڃاڻپ هڪ شاعره طور آهي. پر هو ڪهاڻيون به لکندي آهي ان جو انڪشاف اڄ کان ٻه سال اڳ هُن پاڻ ئي ڪيو هيو. اهيو ٻُڌي ڪري خوشي ٿي پاڻ هڪ ڪهاڻيڪاره به آهي. جڏهن هُن منهنجي اسرار تي احساس مئگزين لاءِ پنهنجي ڪهاڻي موڪلي هئي ته ان ڪهاڻي ۾ جيڪي احساس هئا ۽ ڪهاڻي جو جيڪو ڊڪشن هيو اهو نمايان پئي نظر آيو. ان مان اندازو ٿيو ته عين سحر وٽ واقعي ڏات مهربان آهي. ان بعد جڏهن هُن ٻي ڪهاڻي ”ثابتي“ موڪلي ته سچ ته ان ڪهاڻي مون کي دنگ ڪري ڇڏيو ته ڇا واقعي عين سحر اهڙيون ڪهاڻيون به لکي سگهي ٿي....!؟ ان کان پوءِ ڇا هيو؟ عين سحر تي ڏات پهريان مهربان هئي ۽ هوءَ پنهنجي قلم سان سنڌي ادب جي ڪهاڻين جي سرزمين کي سيراب ڪندي رهي. اهڙي ريت هڪ ڪمال جي تخليق ڪهاڻي ”ماءُ“ جڏهن ڇپجي ته سڀني ڪهاڻي ذوق رکندڙن جي وات واه واه هئي ته عين سحر ڇا ته ڪهاڻي لکي آهي....!!؟
هن ڪتاب ۾ عين سحر جون ٻه ڪهاڻيون ”نرلڄو، بي غيرت ۽ بئڪ ٽو پويلين“ شامل آهن. جن کي پڙهي ڪري اهيو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته عين سحر ڪهاڻي جي ٽيڪنيڪ کي سمجهڻ لاءِ بلڪل ميچوئر آهي. ڪهاڻي جي دڳ کي هوءَ هاڻي ڀلي ڀيد ڄاڻي چڪي آهي. ٿوري وقت ۾ ڪهاڻي جي صنف ۾ منفرد نالو ڪمائيندڙ عين سحر پنهنجي ذات ۾ به هڪ منفرد شخصيت جي مالڪ آهي. هوءَ جنس جي متڀيد کان مٿي سوچ رکي چوي ٿي ته: ”ڪهاڻيڪار صرف ڪهاڻيڪار ئي هوندو آهي، ان لاءِ جنس جي حد ڪا معنى نه ٿي رکي. هو بس ڪهاڻيڪار آهي.“ اهڙي ريت شاعره جي حيثيت ۾ هُن جي شاعريءَ پڻ اوهان کي جنس جي فرق کان هٽي ڪري ملندي. کوڙ ساريون دعائون ۽ نيڪ تمنائون عين سحر لاءِ !

احسان آڪاش

نِرلڄو، بي غيرت !

”هل ڙي هل، هل ڪر گڏهه گاڏي وارا، لوسي ڀڻيان ڏسين نٿو گاڏي ٿي اچي، وچ رستي تي ائينءَ ٿا هلو ڄڻ پيءُ جو روڊ هجيوَ...“
منهنجو اندر ته ڪڙهي ويو، پر زهر جو ڍڪ ڀري ويس گڏهه گاڏو هڪ پاسي تي ڪري جڏهن لوڻو هڻي ڏٺم ته وات پٽجي ويو.
”اڙي هي موٽرڪار وارو ته منھنجو يار اقبال آهي...“
منهنجي اکين ۾ ڄڻ پاڻي تري آيو جڏهن اقبال جي مون تي نظر پئي ته ان به تپرس ۾ ڏٺو ۽ سڃاڻڻ کان پوءِ گاڏي پاسي ڪري يڪدم لهي اچي ٻکُ وڌائين.
”يار معاف ڪجانءِ، مون کي اندازو ئي ڪونه هو ته تون يارڙو ضمير آهين!؟ پر هي ڇا؟ تون گڏھه گاڏو پيو هلائين، چاچي وارو ڪرياني جو دڪان ڪاڏي ويو؟“
”هي سامان دڪان لاءِ ئي کنيون ٿو وڃان، ڪِرياني جو دڪان آهي پر وڏن شاپنگ مالن نڪرڻ ڪري ڌندو اُهو ڪونھي، سو ڪمائي ايڏي ناهي جو هول سيل تان سامان گهرائڻ جا ڀاڙا ڀريان. سو پنھنجو گڏهه گاڏو آهي مھل تي ڪم ٿو اچي وڃي. پر تون هتي ڪيئن، سالن کان پوءِ توکي ڏٺو اٿم.
”هل گهر ته ڪچھري ڪريون ۽ ماني ٽِڪي به کائون.“
”نه يار هينرته نه، جو تڪڙو آهيان، اين جي او جي پراجيڪٽ جي سلسلي ۾ آيو هوس، سو ضروري ميٽنگ آهي، اُتان واندو ٿي اچان ٿو. تون ڀلي هلي دڪان جو سامان لاھه. مان شام تائين اچان ٿو ، گهر ته ساڳيو اٿئي نه؟“
”هائو هائو ساڳيو آهي، پنھنجو اُهو پراڻو گهر.“
آءٌ دُڪان تي پھتس، سامان لاٿم ۽ اقبال جو سوچيندي ماضيءَ ۾ هليو ويس.
”جيڪر مان پڙھان ها ته اڄ اقبال جيان ٺٺ ۾ هُجان ها...! منھنجو ماضي جيڪو بنياد هو منھنجي زندگيءَ جو ، الائي ڪھڙن حالتن جي ڪري ڪمزور پئجي ويو.“ خيالن جي سيلاب ۾ وهندو ويس.
مان ۽ اقبال ساڳئي اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين اقبال مون کان هڪ درجو مٿي هو، پر اسانجي دوستي پڪي هئي. مان پڙهڻ ۾ ڏاڍو هوشيار هئس، جھڙو هوشيار هئس تھڙو وري سُھڻو به هئس. سنهڙو، چهبڪ جهڙو جسم، ريس ۽ ڊُڪڻ ۾ اهڙو هوندو هئس جو ڪوئي مونکان گوءِ کٽي ئي نه سگهندو هو، استادن نالو ئي هرڻي رکيو هيو. پڙهائي ۾ به ڪو مقابلو ڪري نه سگهندو هئم. مان اسڪول به چاهه سان ويندو هيس پر هڪ دل ڏاريندڙ حادثي منهنجي زندگيءَ ۾ جهالت ۽ غربت جي اذيت لکي ڇڏي..
”ڇورا اُٿي اسڪول وڃ.... ڇڏ گِيھُه، ڏسان پيو ٻن ڏينهَن کان تون ڪروڌ سان ٿو اسڪول وڃين، پڙهائيءَ کان تپ ٿو چڙهئي. سڌو ٿي اسڪول وڃ نه ته رکانءِ نه لِتر... سُڌر سُڌر....! سگهو ٿي هل اسڪول.“
”اڄوڪو ڏينهن ڇڏيس هڏ ۾ بخار اٿس موڳو لڳو پيو آ، اڄ طبيب کي ڏيکاريس، سڀاڻي کان اسڪول ويندو.“ امڙ جي اِن جملي تي بابي کي تئين باهه وٺي وئي.
”سڄو ڏينهن تتي ۾ اِهي ڏيٽي ڏڪر، چِدا کيڏندو ۽ لغڙ اُڏائيندو ٿو وتي، تپ نه چڙهندس ته ڇا ٿيندس!؟ رن تو ئي مٿي تي چاڙهيو اٿس.“ بابو مون کي ڇڏي امان تي تپي ويو هو ۽ مان چپ چاپ مُنهن کي ڇنڊو هڻي ٿيلهو ڪنڌ ۾ وجهي اسڪول بدران واھه تي آيو هئس. جو اسڪول مقتل گاهه ٿي لڳو، ڇو ته ٽيون ڏينهن سائينءَ منظور منھنجي روح کي رتورت ڪري ڇڏيو هو.
سائين منظور گذريل سال کان منھنجي پويان پيل هو پر تڏهن ڪلاس ٽيچر نه هو، پنجين درجي ۾ ڪلاس ٽيچر ٿي ويو هو. ٽيون ڏينھن موڪل مھل مون کي ڪجهه دير ڪلاس ۾ ترسڻ لاءِ چيائين. مان ڊڄندي ڊڄندي ويھي ته رهيس پر ساھه مُٺ ۾ هئم. سائين اڪثر ڪري ڳلن تي ٿڦڪي هڻندو يا آڳوٺي ۽ اشهد آڱر سان چمٽي جيان زور ڏئي ڇڪيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن پٺيان هلڪي ٿڦڪي هڻي ڇڏيندو. ٻين شاگردن کي دڙڪا ڏيندو مگر مون سان سدائين کِلي ڳالهائيندو . اڪثر ٻيا ٻار ڊيسڪ تي سبق پڙهندا هئا، پر سائين مون کي ڀرسان بيھاري ليسن ٻڌندو هو. شاباشي جي بھاني ڳِٽن تي ٿڦڪي هڻي سنهڙي چُھنڊي هڻندو هو. رسيس ۾ ڪا شيءِ گهرائڻ جي بھاني موڪليندو هو جيڪا جڏهن آڻي کيس ڏيندو هوس ته خالي ڪلاس ۾ چمي وٺي ڇڏيندو هو.
سائين جي ائين اڪيلي ڪلاس ۾ چُمي وٺڻ جو مون کي اڻڄاتل خوف هو، پر اِها خبر نه هئم ته سائين ايڏي وڏي ڪمينگيري ڪري مون کي خود کان نفرت ڏياري ڇڏيندو، ڪرڀ جھڙو عمل مون کي منھنجي معصوميت ۽ ٻاراڻي بي خودي مستيءَ کان بي نياز ڪري ڇڏيندو. ٽي ڏينهن اڳ سليم ۽ راجوءَ جو ليسن ڪچو هو انهن سان گڏ مون کي به ويھڻ لاءِ چيائين انهن کي ليسن پڪو ڪرايائين. مون کان بار بار ليسن ٻڌائين جيڪو روان پڪو هو. مون کي بک به زورن جي لڳي هئي پر سائين اڳيان ڪُڇي به نه ٿي سگهيس، سو چُپ ڪري ويٺو رهيس. پٽيوالو پڇڻ آيو.
”سائين آءٌ ويھان، ڪي وڃان؟“
”نه نه تون ڀلي وڃ، ٻيا ڪلاس، آفيس اسٽاف روم سڀ بند ڪر، هِن ڪلاس جو رڳو تالو کولي وڃ. مان هنن ٻارن کي سبق پڪو ڪرائي ڪلاس بند ڪري نڪران ٿو.“
پٽيوالي جي وڃڻ کان پوءِ ٿوري دير ۾ سائين سليم ۽ راجوءَ کي به موڪل ڏئي روانو ڪيو. منهنجو ساهه لُڪيءَ ۾ ڦاسي پيو هو. سليم ۽ راجو جي وڃڻ کانپوءِ سائين جڏهن ڪلاس جو در بند ڪيو ته ساهه بند ٿيڻ لڳُم، مغز بک ۽ خوف کان چڪرائجڻ ڦرڻ لڳو. مون ڊڪڻ جي ڪئي ته سائينءَ ڪلهي تي هٿ رکيو. مون کي بابا ۽ امان استاد جي عزت جو هميشه تاڪيد ڪندا هئا. مون کي آفيسر ٿيڻو هو، مون کي پڙهڻو هو، مان سائينءَ کي ڌڪو ڏيڻ جي همٿ نه پئي ڪري سگهيس.
”سائين مونکي ڇڏيو ته مان گهر وڃان، بُک لڳي اٿم ڏاڍي..“ سائين مُرڪندي مونکي چُمي ڏيندي کڻي ڀاڪر ڀريو. سندس ساهن مان ايندڙ ڌپ تي هنيانءَ ڪچو ٿيڻ لڳو، ويتر خوف ۽ بک ۾ مان روئڻ لڳُس. مون کي پڙهڻو هو، پر اُن جي اِها قيمت، نه نه هرگز نه... ڳٽن تي ڌپ گاڏڙ ٿُڪن جي احساس ۾ ساهه منجهڻ لڳو.
”نه سائين نه، مونکي ڇڏيو.“ مون روئڻھارڪي انداز ۾ ڀڻڪيو.
”ٻارڙا ضد نه ڪر، ڏس پنجن منٽن جو ڪم آ، پو هليا ٿا هلون، هروڀرو وقت نه وڃاءِ...“ سائين جا جملا مونتي ڇِت جي ڪِرڻ جيان هئا.
”نه سائين نه، مان اهڙو ناهيان.“
”اڙي توکي اهڙو ڪير ٿو چئي، تون سُٺو ۽ ڏاهو آهين.“ ائين چئي سائين چمين مٿان چميون ڏيڻ لڳو. سندس مُڇن ۽ ڏاڙهي جا وار سوئن جيان ڳٽن ۾ چڀڻ لڳا، مان زاروقطار روئڻ لڳس.
”اڙي روءِ نه، ٿورو دل وندرايون ٿا گڏجي. جوان ته ڪيڏو آن.“ ائينءَ چئي سائين ڪائنچ ۾ هٿ وڌو. منهنجي جسم تي ڪِوِليون ڦرڻ لڳيون ڳلن مان رت نڪرڻ واري سُرسُر ٿيڻ لڳي، سائين ڀاڪر ۾ ڀِڪوڙي هيٺ ڪيرائڻ جي ڪئي ته، مون ڏٺو سائين صفا نه مُڙندو، سو اوچتو خيال اچي ويم، مون نماڻو ٿي کيس چيو.
”سائين ڀلي جيئنءَ وڻيوَ تيئن ڪريو، پر ٻه ڪري اچان، صفا بيهي ئي نٿو.“ سائين اڃان هٿ ڍرا ئي مس ڪيا ته مون در ڏانھن لُوءَ ڪئي، ڊڪندي ڪنڊي کولي ته سائين گار ڏئي مون ڏانھن ڀڳو پر مان ڪنڊي کولي وٺي ڀڳُس ۽ ڊڪندي ڊڪندي گهر پھچي ساھه کنيم. ڪتاب به ڪلاس ۾ رهجي ويا. گهر پھتس ته بخار نڪري پيو ٻه ڏينهن اسڪول ڪونه ويس.
سائين جي اُن وحشي پڻي جو سوچيندي ئي ڪِرڀ ٿي آئي. سائينءَ انسانيت جي مُنھن تي ڄڻ تيزاب هاريو هو، اُستاد جو اُهو دل ڏاڙيندڙ عمل، ڄڻ فطرت جي خلاف وڏو بد سنوَڻ هو. پيغمبري پيشي تي اُڇلايل ڪو ميزائل هو. مون آدم کي آدميت مان نڪرندي ڏٺو هو، جانور ٿيندي ڏٺو هو. هڪ اُستاد جو وحشياڻو عمل قابل نفرت هو. مون کي ڄڻ خود کان نفرت ٿيڻ لڳي هئي.
گهر اچي وهنتو هئس ۽ ڳٽن (ڳلن) کي مِھٽي مِھٽي ڌوتو هئم، پوءِ به ڌپ جو احساس ٿي رهيو هو. اُستاد جي اُن روپ جي ڪري اُستادن ۽ اسڪول کان شديد نفرت ٿي وئي هئي. اُن رات روئيندي ڪنن کان ٺونٺ تائين ٻانهن آلي ٿي وئي هئي. ٻن ڏينهِن کان پوءِ ڀر واري واهه تي ويھي ويھي وقت گذاري منجهند مھل گهر موٽيو هيس. پر اسڪول نه وڃڻ جو پڪو پھه ڪري ڇڏيو هئم. عزت کان وڌيڪ اسڪول نه آهي. ٻيو ته جيڪڏهن بابي سان ڳالهه ڪريان ها ته اُبتو موچڙا لڳن ها ته نيڪ نمازي اُستاد تي ٿو بُھتان هڻين. منجهند جو اونڌي ڪنڌ سمھيو هئس.
”ڇوري کي ماني ڏيس“ بابي امان کي چيو هو، ايترو ٻڌو هئم. شام جو اک کُلي ته تپ ۾ ورتو پيو هئس. رات جو سوير ٻه گرهه کائي سمھي رهيس، جيئن ڪو سوال نه ڪري، ڪتاب منھنجو دوست شاهد کڻي ٻئي ڏينهن تي ڏئي ويو هو، پر حرام جو دل ڪتابن کي هٿ لڳائڻ لاءِ چيو هو، پڙهڻ کان دل ٽھي وئي هئي. بابا زوريءَ صبح جو دڪان تي وڃڻ کان اڳ اٿاريو.
”ڇورا رات سنجهي کان سمھيو آهين، اڃان سستيءَ مان جان نٿي ڇٽه!؟ اُٿي گڏهه وانگر پيو آهين، سج چڙهي آيو آ، اسڪول وڃ...“
مان تيار ٿي اسڪول لاءِ ته نڪتس پر ڀيٽوءَ واريون ڦيريون. رستي تي ڪجهه ڇوڪرن سان چِدن راند کيڏڻ بيھي رهيس. خبر ئي نه پئي اسڪول جي موڪل ٿي وئي هئي. موڪل مھل سائين به اُن ئي رستي تان اچي گذريو. منھنجي سندس مُنھن تي نظر پئي تي وٺي ڀڳُس، ته ڄڻ ڪو بگهڙ هجي ڪو خوني جانور هُجي اُستاد، جنھن جي وات مان ڄڻ گِڦ وهندي هجي، خون سان ڀريل هجيس ڄڻ وات. سائين مونکي ڊوڙندي ڏٺو ته هڪل ڪري بجو ڏيندي چيائين.
”ٿڪ ٿئي ڇورا! رُل رُل، تو جهڙا ڪڃر ڄٽ ئي ٿيندا آهن، پڙهندا ٿورئي آهن.“ مان ڪنڌ هيٺ ڪري گهر آيس، ٻئي ڏينھن تي بابي ڏاڍو ماريو..
”اڙي پڙهه پڙهي ڪو آفيسر ٿيءُ نه ته تون مون وانگر ٻن سودن وارو هٽڙو هلائيندين؟ آفيسر ٿيندين ته ڪرسي ملندئي.“ منھنجو خواب هو ته پڙهان، بابو مري ويو پنج درجا به پورا نه ڪيم. هئه ڙي قسمت.. وري دل ۾ سوچيم، قسمت ته اُستاد ٺاهيندو آ، منهنجي به قسمت هڪ اُستاد ٺاهي. مسيحا موت ڏي ته ڇا ڪجي، اُستاد علم بدران جَھل ۽ بڇڙائي ڏي ته ڇا ڪجي؟ هو اُستاد نه قاتل هو. منهنجي آئندي جو، منھنجي خواب جو، بابي جي خواب جو. مان اِهو ڪنھن کي ٻُڌائي نٿي سگهيس شايد غيرت عزت جي احساس جي ڪري. بابي به نيٺ مون مان هٿ ڪڍي ڇڏيو، آخر مارون به ڪيتريون ڏي ها. مان پڙهائي کان صفا پِڙ ڪڍي بيھي رهيس، سو نه وڃي نه ويس اسڪول.
شام ڌاري اقبال به وعدي موجب ميٽنگ مان واندو ٿي اچي گهر نڪتو. سو ماضي جا احوال نِڪتا. اُن به اِهو ئي چيو ته:
”يار، تون ڪيڏو هوشيار هئين، نڀاڳو نه ٿئين ها ته اڄ مون وانگي ٺٺن ۾ هُجين ها.“ اُن جي جواب ۾ مون کان به رهيو نه ٿيو، مون به کڻي اقبال کي سڄي حقيقت ٻڌائي ڇڏي. اقبال کي ڪو خاص اچرج نه ٿيو، نه ئي وري ڪو ڇِرڪيو ، الٽو ٽھڪ ڏئي کِلڻ لڳو ۽ چيائين؛
”اِها به ڪا ڳالھه آهي، اسان سان سائين منظور الائي ڪيتراڀيرا ائين ڪيو، اسان ته اسڪول نه ڇڏيو.“ منھنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي. اقبال اِن ڳالهه کي معمولي سمجهي رهيو هو.
”توکي خراب نٿي لڳو اُهو عمل، ڪٿي هئي تنھنجي غيرت؟“
”يار غيرت جي اُن عمر ڪھڙي خبر هئي اسان کي، جڏهن غيرت جي خبر پئي ته اِن ڳالھه تي صفا هِري ويس؟“ اقبال وري ٽھڪ ڏئي کِلڻ لڳو.
” اسڪول ۾ سائين منظور سدائين ائين ڪندو رهيو وري مٿان هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر به ڪيترن سالن تائين ائين ڪندو رهيو. پڙهڻو هو ابا سو سَھَڻو پيو. وقت گذري ويو پڙهي پياسين، اڄ آفيسر آهيون، ٺٺ آهن.“
مون کي اقبال کان ڪرڀ اچڻ لڳي، پر پوءِ مون به وڌيڪ بحث نه ڪيو، هر ڪنهن جي پنھنجي زندگي آ سوچ آ، اِهو سوچي اقبال جي ڳالھه جو وڌيڪ اثر نه ورتم.
سائين منظور جي تپائڻ ڪري، مون اسڪول ڇڏي بابا جي هٽ تي ويھڻ شروع ڪيو. جڏهن ته اقبال مئٽرڪ ڪئي ته، اقبال جي پيءُ جي ٻي شهر بدلي ٿي وئي. پوءِ ٻه چار دفعا اقبال اسانجي شھر پنھنجي پيءُ سان ڪنھن شاديءَ وهانءُ تي آيو جنھن کان پوءِ ورهيه گذري ويا ته نه مليو. ورهين کانپوءِ اڄ راھه ويندي مليو هو. اسين گهر سان گڏ واري اوطاق تي ڪچھري ڪري رهيا هئاسين ته، منھنجو پُٽ آفتاب چانھه کڻي آيو، جيڪا مون گهر چئي هئي. آفتاب چانهه رکي اقبال سان هٿ ملايو ته اقبال کيس ڳِل تي ٿڦڪي هنئي ۽ خرچي ۾ پنجن سون جو نوٽ ڪڍي ڌنائينس.
ڪجهه عرصي کان پوءِ اقبال وري مون سان مِلڻ آيو. وڏي اُڪير سان مليو. مون لاءِ سوکڙون پاکڙيون ۽ ٻارن لاءِ فروٽ به وٺي آيو. حالي احوالي ٿيندي پُڇيائين:
”ڏي خبر دڪان ڪيئنءَ ٿو هلئي..؟“
”بس ڪهڙو آ دڪان، ننڍڙو دڪان آ سو مڙئي ٿو هلي. اڄ سڀڪو پئسي وارو ٿي پيو آ، نوڪرين وارا وڃي شاپنگ مالن مان ٿا سودو سڙهو وٺن... بيماري بڙي ٻار خير سان پنج، زال کي به گلي جي بيماري رهي ٿي. گلي ۾ غدود ڀرجي ويو اٿس. ٽي ٻارڙا اسڪول ٿا وڃن، پورت صفا ڪونهي، پر هلون پيا. ٿورو گهڻو دڪان هلي ٿو، يا وري ڪو گڏھه جو ڪرايو لڳيو وڃي، نه ته بس خير آهي. سو پيو ٿو گهر جو گاڏو هلي الله جي آسري. تعليم نه رُلي ها ته ڪا اآڀري سَڀري، جهڙي تهڙي، نوڪري پڇاڙيءَ پٽيوالي ئي ملي ها، اڄ ته پٽيوالو به مئٽرڪ پاس ٿو گهرجي.“
”بس يار تنھنجو حال ڏسي ڏاڍو ڏک ٿو ٿيم، آخر ته ننڍپڻ جو دوست آهين. يار مان ڏيانءِ ٿو ڪجهه ڏوڪڙ دڪان ۾ سيڌو وجهه. ڪمائين ته پوءِ موٽائجان، ٻيو ته آفتاب جي پڙهائيءَ جو خرچ مان ڏيانءِ ٿو پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙهائيس. پڙهي پوندو ته سور لھي پوندءِ....“
”نه... نه... اقبال اهو بار نه رکندس، باقي اُڌارا دڪان لاءِ ڏين ٿو ڪافي آ.“
”چڱو ڪجهه ڏينهن هتي آهيان وري ايندس.“ اُٿندي هزار جو نوٽ ڪڍي آفتاب کي ڏنائين ٻار خوش ٿي ويو، مون کي به گهڻو خراب نه لڳو. ڀلا پئسي وارو ماڻهو آ، ٻار کي خرچي ڏنائين ته ڇا ٿيو. ائينءَ مھيني کان اقبال ٻئي ٽئين ڏينهن پيو ايندو هو، گهڙي ساهي ويھي ڪچھري ڪري چانهه پي هليو ويندو هو.
هڪ ڏينھن اوچتو اقبال اويلي ٽائيم تي رات جو آيو، مون کيس اوطاق واري ڪمري ۾ ئي ترسڻ لاءِ چيو. هو به راضي ٿي رهي پيو. ماني ته کائي آيو هو، مون چانهه پڇي، آفتاب کي چانهه کڻي اچڻ لاءِ چيو. تيستائين اقبال کيسي ۾ هٿ هڻندي چيو؛
”يار منھنجا سگريٽ ختم ٿي ويا آهن، هتان ملي ويندا؟“
”ها ها ڇو نه، مان اِجهو ٿو پنھنجي دڪان تان کڻي اچان.“ مان دڪان کي بند ڪري آيو هوس، سو گهران دُڪان جون چاٻيون کڻي دڪان تي آيس دڪان کوليم ته ٻه چار گراهڪ ٻيا به اچي ويا، تن سودو سڙهو ڏيڻ ۾ ويهه منٽ لڳي ويا.
دُڪان بند ڪري اوطاق ۾ داخل ٿيس ته منھنجي اکين اڳيان اوندهه اچي وئي، اقبال سائين منظور وانگر آفتاب کي ڀاڪر ۾ ڀري چُميون ڏئي رهيو هو ۽ آفتاب ڪِرڀ وچان روئيندي چئي رهيو هو.
”ڇڏ چاچا مونکي، ڇڏ چاچا مونکي.“ ۽ اقبال کيس چئي رهيو هو،
”ٻارڙا ضد نه ڪر، ڏس پنجن منٽن جو ڪم آ، ڇڏيانءِ ٿو، خرچي به کوڙ ٿو ڏيانءِ ٿو.“ منھنجو مٿو ڦرڻ لڳو، ڌرتي ڄڻ ڌڏڻ لڳي، هوش حواس ختم ٿي ويا، اقبال جي حرڪت ۽ لفظن تي منھنجو وجود ڪنھن ڌماڪي سان ڄڻ پرزا پرزا ٿي اُڏڻ لڳو......!!!

بئڪ ٽُو پويلين !

’رک رمز دل ۾ راڻل ھلندو آءُ.... او رک رمز.....‘ سھري جو آواز، دھل جو ڌڌڪو، راحت جي دل کي عجيب احساس ڏياري رھيو ھو. خوف ۽ خوشيءَ گاڏڙ احساس، نئون نڪور احساس دل جي ڌڙڪڻ کي تيز ڪري رھيو ھيس. سندس ھٿن جي ميندي ۽ اُن جي خوشبوءِ ساھن ۾ سمائجي رھي ھيس، مينديءَ جو زور ڳاڙھو رنگ اکين ۾ خوشيءَ جي چمڪ پيدا ڪري رھيو ھيس ۽ مينديءَ جي خوشبو ساھن کي معطر ڪري رھي ھيس، بار بار ھٿ نڪ تي رکي سنگهيائين ٿي ۽ دعا جي صورت ھٿ جڏھن نڪ تائين ٿي آندائين ته دل مان دعا ٿي نڪتس، ’شڪر الحمد الله‘. ھونئنءَ ته کڻي اِمداد ڏٺل ھيس به، پر اڄ نئون ٿي لڳو. اُن ڪري به شايد جو ڪڏھن ويجهڙائي کان ڏٺو ئي ڪونه ھئائين. اڄ ان سان شادي ٿي رھي ھئس جيڪو سندس دِل وٽان هو. ، ھي پرڻو ڀل پيار جو نه ھو، پر راحت جي اندر ۾ سمنڊ جيڏو ڇوليون ھڻندڙ پيار اِمداد جي آجيان لاءِ منتظر ھو.
منتظر ھجي به ڇو نه!؟ راحت پيءُ ماءُ ۽ ڀاءُ کان سواءِ انھن جي پيار جي احساس ۾ تڙپي ھڪ ڀيڻ ۽ ڏاڏيءَ سان وقت گذاريو ھو. ڏاڏي جيڪا کيس شروع کان نه وڻندي هئي، رَت جو رشتو هجڻ ڪري هوءَ ڏاڏايءَ سان وقت ته گهاريندي رهي جو ماءُ پيءُ ۽ ڀاءُ جي مرڻ کانپوءِ ڏاڏيءَ ئي کين سنڀاليو ھو. راحت کي بدصورت ماڻهو نه وڻندا هئا، خاص ڪري ماتا وارا چھرا. سندس ڏاڏي جَنا جيڪا وصفن ۾ سُھڻي ۽ اخلاق جي من مُھڻي هئي سا پنھنجي چھري تي ماتا جا بدنما داغ کڻي زندھه ھئي ماتا جي وبا ۾ مرڻ کان بچي وئي هئي. راحت جا ٻيا گهر ڀاتي ٻھراڙي جي ماحول غريباڻي حال ۾ وقت کان اڳ بيمارين جو شِڪار ٿي موت جي مُنھن ۾ هليا ويا هئا کيس ۽ سندس ڀيڻ کي هِن دنيا جي دوزخ ۾ اڪيلو اُڇلائي ويا هئا. راحت لاءِ سڀ کان وڏو دوزخ جھڙوڪر پنھنجي ڏاڏيءَ جو چھرو هو جنھن کي ڏسي بس دهلجي ويندي هئي. ننڍپڻ ۾ جڏهن کيس ڏاڏي جھوليءَ ۾ کڻندي هئي ته راحت هانءَ ڦاڙ دانھون ڪري روئيندي هئي، ڏاڏيھنس جڏهن کيس چُميءَ لاءِ ويجهو ٿيندي هئي ته راحت پنھنجي پِتڪڙن هٿن سان سندس مُنھن پري ڪندي رانڀاٽ ڪندي هئي. راحت جڏهن سامائي به نه هئي ته سندس ڏاڏي سندس رُخ ۽ نمونو ڏسي سھي ڪري ويندي هئي ته راحت ساڻس نفرت ڪري ٿي پر ڪُڇي ڪونه سگهندي هئي، جو راحت سندس مرحيات پٽ جي نشاني جو هئي. سامائجڻ کان پوءِ به راحت جو ڏاڏيءَ سان ساڳيو روَيو رھيو، ايتري قدر جو ڏاڏيءَ جي ھٿ جي ڪا شيءَ نه وٺندي ھئي نه وري کائيندي ھئي، نه ساڻس ويھندي ھئي نه وري ساڻس ڳالھائيندي ھئي. جنھن تي ماڻھس کيس سمجھائيندي چوندي ھئي.
”امڙ! هر صورت ۾ سبحان آهي، سو ڪڏهن به ڪنھن صورت کان نفرت نه ڪجي، نفرت جي بيماري ٻين هڙني مرضن کان وڏي بيماري آهي جيڪا دنيا وڃائي ڇڏيندي آهي. سو امڙ ڏاڏيءَ سان به اهڙو واهپو نه رکندي ڪر. الله کان پئي خير گُهر امڙ.“
راحت کي اُن وقت ماءُ جي ڳالھه ذرو به پلئه نه پئي هئي.
راحت ۽ ڀيڻس جو سنڱ ٿيو ته راحت سورنھن ورهين جي ۽ سندس ڀيڻ تيرنھن ورهين جي هئي. اُن وقت راحت کي وهم ورائي ويو هو ته سندس منڱينتر الائجي ته ڪھڙو هوندو. جو مذاق مذاق ۾ سندس ننڍي ڀڻس چيو هيس،
”ٻُڌو اٿم ته تنھنجو منڱيندو ماتا وارو آهي.“
راحت حال فلحال ته صفا ٻُڏي وئي هئي ۽ ڪي ئي ڏينھن روئيندي رهي هئي ۽ دل ۾ پڪو پھه ڪيو ھيائين تھ امداد سان پرڻو نھ ڪندي ۽ جيڪڏھن کيس امداد سان پرڻايو ويو ته ھوءَ زھر کائي پاڻ ماري ڇڏيندي. پوءِ کيس سھيلين سرتين ٻُڌايو هو ته سندس مڱيندو اِمداد ته شھزادو آهي صفا. تڏهن وڃي ڪو اندر ۾ ساھ پيو هيس. لانوَن جي وقت ساٽن جي ڳاڙھي وڳي ۾ راحت پاڻ کي ڪنھن راجڪماريءَ جيان محسوس ڪري رھي ھئي، اِمداد نڪاح کان پوءِ کيس پنھنجي ڪُل ڪائنات لڳو ھو، کيس وڏو سھارو محسوس ٿيو هو، ورُ به ته مجازي خُدا هوندو آهي سو اِمدادڄڻ کيس خدا جيان وڏو ڀرجهلو محسوس ٿيو ھو. پوءِ به سندس دل ۾ خوف ته الائي ڪيئن ھوندو! الائي مان اِمدادکي وڻنديس به الائي نه ؟آخري لانوَن کان پوءِ سڀ ڄاڃي ڪکين پنين ٿيا. اِمداد ۽ راحت اڪيلا ٿيا ته اِمداد پنھنجي ئي لکيل ۽ چيل شعرن سان سندس گهونگهٽ کنيو ته راحت جو پورو وجود واقعي راحت بڻجي ويو. راحت کي اِھا خبر ھئي ته اِمداد ماستر به آهي ته شاعر به، پر ھو ايڏو پيار ڪندڙ چاهيندر به آهي، اِھا راحت کي خبر ئي نه هئي، اُن احساس راحت کي پنھنجي ئي نظرن ۾ معتبر بڻائي ڇڏيو ھو. ھوءَ آسمان ۾ اُڏامڻ لڳي ھئي، ڄڻ وڇڙيل پريتم جي آغوش ۽ پناھ ۾ اچي وئي ھئي، جنھن جي صدين کان کيس ڳولھا هئي. راحت گُل جيان ٽِڙي پئي ھئي. راحت جون سڀ سھيليون راحت جي خوشيءَ ۽ مُرڪ کي ڏسي حيرت ۽ رشڪ ۾ پئجي ويون هيون، جيڪا اِمداد جي خيالن ۽ تصورن ۾ سندس چھري تي تري ٿي آئي. راحت، امداد سان پرڻجي ڏاڍو خوش ھئي، ھڪ خوشي ته اِھا ھيس جو کيس پيار ڪندڙ مُڙس مليو ھو، ٻيو شاديءَ جي چوٿين ڏينھن ڏاڏي جَنا به گُذاري وئي، جنھن ڪري راحت پنھنجي جيون ۽ اڱڻ ۾ بس خوبصورتيون ئي محسوس ڪندي ھئي.
امداد ۽ راحت جو پيار ايڏو ته گِھرو ٿيندو ويو جو ھڪ پل به جدائي سندن لاءِ تڪليف جو سبب ھئي، اِمداد اڪثر اڪيلائي جي لمحن ۾ شاعريءَ ڪندو رهندو هو ۽ شاعري ۾ راحت جي حُسن جي تعريف ڪندو هو. سندس شاعريءُ جي هر بند ۾ راحت جي حُسن ۽ حياءُ جا اولڙا پيا پسبا ها. ڪمري ۾ جڏهن اِمداد ويٺو ڏاڍيان پنھنجي شاعريءَ جا بند ورجائيندو هو ته اُهي راحت جي ڪنن تي به پوندا هئا، جيڪا گهر جي ڪم ۾ رُڌل هوندي هئي. راحت اِمداد جي آواز ۽ شاعريءَ کان علاوه پيار ڀرين ۽ مزاح وارين ڳالهين تي ساھرين گهر جي ڀاتين جي حياءَ کان وڏا ٽھڪ ته نه ڏئي سگهندي ھئي، پر پوءِ به چپن تي مُسڪراھٽ اچي ويندي هيس، جيڪا سڀئي گهر ڀاتي ڏِسي سھي ڪري وٺندا هئا ۽ سندسن محبت پيار تي ڄڻ رشڪ ڪندا هئا.
ڏينھن گذرندا ويا خيرن سان کين نياڻيءَ ۽ ھڪ پٽ به ڄائو، ٻارن جي ڄمڻ سان نه اِمداد جي محبت گهٽي نه وري راحت جي محبت ورهائي پر وڌ کان وڌ ۽ اڳ کان اڳري ٿيندي وئي. سياري جي رات ھئي، پنھنجي ڪمري ۾ رکيل ڏيئي جي روشنيءَ ۾ راحت پنھنجو ئي پاڇو ڏسندي پنھنجي شاعر مڙس جي شاعري دِل ئي دِل ۾ ورجائي رھي ھئي. ٻارن کي ننڊ وٺي وئي ھئي. شاديءَ جي پھرين ڏينھن کان اڄ ڏينھن تائين، معمول مطابق سومھڻيءَ جي نماز تي ويندڙ اِمداد کي ھوءَ ايترو ته تصرف ۾ رکندي ھئي جو خيال ۽ تصور ۾ سوچيندي هئي ته، اِمداد هاڻي نماز پڙهي مسجد مان نڪتو هوندو، گِهٽين مان هلندو اچي هاڻي چوواٽي تي رسيو هوندو ۽ هاڻي گهر واري سِڌي گِهٽي ورتي هوندائين، او اِجهو! اِهو در کوليائين. هوءِ دِل ۾ اڃا ايترو چوندي مس هئي ته، اِمداد دروازي کان اندر داخل ٿيندو هو. راحت پنھنجي پيار ۽ چاھت ۾ اِمداد جي اچڻ جو وقت ۽ ڪانٽو اهڙو ته سيٽ ڪري ڇڏيو هو جو رَتيءَ جو به فرق نه پوندو هو. پھريون دفعو راحت جڏهن ائين ڪيو هو ۽ اِمداد کي ٻُڌايو هيائين ته اِمداد صفا حيران ٿي ويو ھو ۽ کيس ڀاڪر ۾ ڀري ھڪ ڊگهو ساھه کنيو ھئائين. اِھو ٿڌو ساھه ٻين لفظن ۾ خدا جو شڪر ادا ڪرڻ ھو. خوشيءَ ۽ اطمينان جو اظھار ھو.
ھوءَ پھرين دفعي واري اُن حيرت انگيز واقعي جي ياد ڪندي اِمداد جي شاعري ورجائي رهي هئي. اُن لمحي هڪڙي عجيب روشن مُرڪ سندس مُنھن تي تري آئي، ڏيئي جي مٺي روشنيءَ وانگر تجلا سندس مُنھن تي به بَکي رهيا هئا. ھو، مٺن خيالن ۾ ھلي وئي. اُن رات اِمداد جڏهن اڱڻ ۾ راحت کي بيٺل ڏٺو هو ته حيران ٿي ويو هو ۽ راحت به اِمداد کي ڏسي پنھنجي ئي تصور تي حيران ٿي وئي هئي. اِمداد کيس ڀاڪر ۾ ڀري زور ڏنو ھو ۽ ان پل ٻنھي کان ٿڌو ساھه نڪري ويو ھو.
”تون ھتي ڇو بيٺي آن؟“ اِمداد حيرت ۽ خوشيءَ گاڏڙ احساس سان پڇيو تڏھن راحت کان ھلڪو ڇرڪ نڪري ويو ھوء خيالن مان نڪري آئي ۽ شرمائيندي چيائين:
”تنھنجي انتظار ۾ سائين.“ راحت معصوميت سان وراڻيو.
”الا ڪيڏي چري آھين مان ڪو ٻاھرين شھر ويو ھيس پنھنجي ئي شھر ۾ ھيس.“
”پر توکي خبر آ ته تون جڏهن به گهر کان ٻاهر ويندو آهين ته مان تصور ۾ توکي ڏسندي آهيان. هر پل توسان گڏ هوندي آھيان، توسان گڏ گڏ هلندي گُهمندي آھيان. هاڻي به مون شھر کان تنھنجو تصور ڪيو توسان گڏ گڏ، بلڪل ھم قدم تنھنجي پيرن سان پير ملائيندي هلندي آيس ۽ سوچ ۾ توکي آڻي در تي بيھاريم ۽ تون واقعي در تي ھئين، سچي سائين!“
ٻنھي ھڪ ٻئي کي ائينءَ ڀاڪر پاتو جھڙوڪر ٻنھي مان ڪو هڪ ڄڻو ڪوئي کسي ڇني رھيو ھجي يا وري سندن آخري ملاقات ھجي. ننڍڙو ٽن سالن جو ٿيو ته راحت وري اميد سان ٿي ھئي. سو ڪجهه ڏينھن کان اِمداد سومھڻي جي نماز کان پوءِ جلدي ئي گهر موٽندو ھو، ڏيئي جي روشنيءَ ۾ لکندو به ھو ته راحت سان روح رھاڻ به ڪندو رھندو ھو. اميد واري هُجڻ ڪري اِمداد کيس وڌيڪ ٽائيم ڏيندو هو . هو ٻئي ڄڻا نئين ايندڙ ٻار متعلق ڳالهائيندا هئا. راحت چوندي هئي پُٽ ڄمندو ۽ اِمداد چوندو هو مونکي تو جھڙي ڌيءَ گُهرجي . خير سان راحت جا ڳورهاري ھجڻ وارا ڏينھن پورا ٿيا ۽ کيس ڌيءَ ڄائي، اِمدادکي ٻئي نياڻي ڄائي ته خوشي ۾ صفا ماپيو ئي نه پئي. ڌيءَ جي ڄمڻ سان سندن گهر ڄڻ اڃا به جنت بڻجي ويو. راحت ۽ امداد ٻچڙن سان ڏاڍو خوش خوش ھئا.
ڪجهه وقت ئي نه گذريو ته مُلڪ ۾ اوچتو ماتا جي وبا پکڙجي وئي، شھر ڳوٺ اُن وبائي بيماري جي لپيٽ ۾ اچي ويا. سندن ڇھن مھينن جي نياڻي بختاور کي به ماتا ٿي وئي. راحت ۽ اِمداد جو ته ڄڻ ساهه نِڪري ويو. ڏاڍا پريشان ٿيا پر ڇا ڪن بي وس هئا. ننڍڙي اُبھم سان جيڪو آزار هو سو ته بس راحت ئي پئي محسوس ڪيو، ڪچڙي لڱن تي ماتا جو مرض پوري جسم ئي داڻا داڻا ٿي رھيو ھو. معصوم نينگر جو سمورو جسم تتل لوھه وانگر ٿي ٻريو، راحت جون ھيٺيون ھيٺ مٿيون مٿي رھجي ويون. اُن حالت ۾ راحت ننڍڙيء کي سيني سان لڳائي ائين ڪڙهندي هئي ڄڻ ته کيس ماتا ٿي وئي هُجي. راحت بي وسيءَ وچان ڌيء کي ڏسندي رھندي ھئي. ھر گهڙي قيامت جهڙي ھئي. ماتا لاءِ ڪا خاص دوا ته ڪونه ھئي جي ھجي ھا ته راحت ھر قيمت تي خريد ڪري ھا، سو رڳو الله جو آسرو ھئن، دعائن جو سھارو ھئن. هاڻي راحت جي اکين اڳيان اوندھه ھئي، گهر ۾ ماتم جھڙو ماحول ھو، سڄي ڳوٺ ۾ آهستي آهستي ماتا جو ديو ڪاھي پيو ھو جيڪو هڪ نه ٻي فرد کي پنھنجي قبضي ۾ آڻيندو ويو. حالت وڃي اِها بيٺي جو ھر ٻئي گهٽيءَ ۾ ڪو نه ڪو اِن وبا جو شڪار هو، ته هر ٽئين گھِٽي مان جنازو ٿي نڪتو. راحت خوف ۾ حواس باخته ھئي، درود ۽ صلواتون پڙھندي رهندي هئي، جڏهن ڪا ڳالھه سمجهه ۾ نه ايندي هيس ته غشي طاري ٿي ويندي هيس، راحت اڻڄاڻي خوف ۾ ڳري ڪنڊا ٿي وئي ھئي، کيس گرھه به اندر نه ٿي ھليو، پاڻي به جھڙوڪر وِھُه ٿي پئي لڳس. ھوءَ بيوس جهُڄندي پئي وتي.
اوچتو اِمداد به کٽ تي بيوس بي حال ٿي ڪِري پيو، ننڍڙي بختاور جي ناچاقائي سوچ ۽ وهم ۾ صفا بخار ۾ ٻري پيو. اِها خبر ته وڃي چوٿين ڏينھن پئي ته اِمداد کي وري مليريا جڪڙي ورتو آهي جو اُن زماني ۾ مليريا به موت مار بيماري ھئي. پوءِ ته ويتر راحت جي جنت دوزخ جھڙي بڻجي پئي، صفا ساھه ئي نِڪري ويس. بختاور جي بيماري کانپوءِ کيس لڳو هو ته ڄڻ کيس اُها وبا وڪوڙي وئي آهي پر امداد جي حالت ڏسڻ کانپوءِ سندس اکيون تاريڪ بڻجي پيون ڄڻ ته کيس ڪو وڏو مرض ٿي پيو آھي. اوڙي پاڙي ۾ اڪثر ماڻھن کي ماتا جي مرض ۾ وڪوڙيل ٻُڌي کيس ائين محسوس ٿيندو ھو ڄڻ ماتا جا داڻا راحت جي اکين ۾ لھي آيا آهن. اُنڪري هوءَ هر هر نلڪي تي وڃي پاڻي جا ڇنڊا پنھنجي اکين تي هڻندي هئي پر جيڪو خوف ۽ عذاب سندس دل ۽ روح ۾ گهر ڪري ويو هو سو پاڻيءَ جي ڇنڊن سان لھڻ جو ڪٿي هو. ھُن کي بس خيالن توڙي تصور ۾ رڳو ماتا پئي نظر آئي جنھن صفا ساھه ئي سُڪائي ڇڏيو ھيس.
ٽن ڏينھن کان اوجاڳي، انتظار صوم صلوات ۽ ذڪر جو لک ڪڍرائڻ کان پوءِ به سڀ ڪجهه ساڳيو ھو، ڪجهه نه بدليو ھو، راحت اوجاڳن ۽ بکن کان بي نياز ورد وظيفا ڪري ڪري ھر وقت الله الله ڪندي ٿي رهي. سندس چپ خشڪ سڪل، منھن ڪاراٽيل، اُجريل وار ۽ وچڙندڙ لفظ ثابت ڪري رھيا ھئا ته ھوءَ ڪيتري تڪليف ۽ پيڙا جو شڪار هئي جو سندس دنيا بدلجي وئي ھئي ۽ وھمن جي ڪُن ۾ ڦاسي پئي ھئي. اُن ڪُن جي ڦيرن ۾ ۽ اندر جي دٻايل ريھن ۾ عجيب ڪيفيت ۾ ھر پل آسمان ڏانھن نھاري دعائون گُهري رھي ھئي، راحت جي اکين جا بند ضبط سان روڪيل ھئا، سراپيل وجود سان ٿڙندي ٿاٻڙندي سيني سان لڳل ڌيءُ کي کڻي اِمداد جي کٽ ڀرسان اچي ويٺي، اِمداد کيس ڏٺو ۽ ڳوڙھن کي روڪيندي زھر جھڙي ڳيت ڏنائين، ڄڻ بي جان اکين سان بيوسيءَ ۽ لاچاريءَ سان کيس گهوري رھيو ھجي، سندس گهُور راحت کي ڪوري ڪپي رھي ھئي. اکين ۾ ايندڙ ڳوڙھن کي روڪڻ مشڪل ھيس، سو اِمداد جي مٿان واري چادر سولي ڪري ٻاھر نڪري آئي.
اڱڻ ۾ چنڊ ساڳيو ئي بيٺو ھو، نه بدليو ھو، اڱڻ ساڳيو ٻير جو وڻ ساڳيو ۽ ساڳي زمين آسمان ھو، پر ھن جو آسمان ٽُٽي ٽنگ ٽنگ ٿي ڇڄي رھيو ھو، ننڍڙي کي سيني سان لڳائي بيوس ضبط جا بند ٽوڙي وڌائين ۽ ورانڊي ۾ موڙيءَ تي ويھي رھي. الائي ته ڪھڙا ڪھڙا خيال ۽ وسوسا کيس کائي رھيا ھئا. ايتري ۾ امداد کيس رڙ ڪري سڏيو، ھوءَ بختاور کي اُتي کٽ تي ليٽائي وٺي ڪمري ڏانھن ڀڳي. چادر پري ڪيائين ته اِمداد جون اڌ کُليل اکيون راحت جي وجود کي ڪُن جي تَري ۾ اُڇلائي ويون جِن کي سندس ڏيرياڻيءَ اچي ھٿ رکي بند ڪيو ۽ مُنھن تي ڪپڙو ورائي ڇڏيائين. راحت ڳالھه سمجهي وئي ته قصو ختم ٿي ويو. راحت بي وسيءَ وچان دانھون ڪيون پنھنجون چوڙيون ڀڳائين ۽ رانڀاٽ ڪندي ڪمري کان ٻاھر ڀڳي، ٻاھر اچڻ سان کَٽَ تي پيل پنھنجي بختاور کي ڏٺائين، جيڪا پُرسڪون حالت ۾ مُرڪي رھي ھئي، سندس مُنھن تي ماتا جا داڻا پڪل شِڪل ۾ اُڀري پنھنجا نشان ڇڏڻ لاءِ مِڙي رھيا ھئا. راحت غور سان ڏٺو ته بختاور جي مُنھن ۾ کيس ڏاڏي جَنا نظر آئي، ھوءَ پار ڪڍي روئڻ بدران ڄڻ سڪتي ۾ وٺجي وئي، جو بختاور ڏاڏي جنا جي روپ ۾ زندھه رھڻي ھئي.

سرمد عباسي

---

سرمد عباسي

عالم ارواح ۾ ڪٿي ته مليا هونداسين، جو اڻ ڏٺي، اڻ ملي ئي ايتري قربت ۽ هڪ ٻئي لاءِ مان ڏينهون ڏينهن پيو وڌندو وڃي.. بس، آس آهي ته سرمد سائين سان هڪ وڏو ڀاڪر پائي کيس چوان: ”بابل سائين! اوهان جون لکڻيون ڄڻ برق(کنوڻ) جي سواري ٿيون ڪرائين، پل جهپ ۾ الائي ڪٿان کان ڪٿي وڃيو ڇڏين...!؟“
سرمد جي ڪهاڻين جو پهريون جملو قاريءَ کي مٿي اوچائيءَ ڏانهن ڌڪي ٿو وڃي، ۽ پوءِ اوچتو سڌو هيٺ زمين تي سَٽڪي سان ٿو اڇلائي هيٺ ڪِرڻ مهل وڇايل زمين آئينو ٿي بڻجي پوي ۽ پڙهندڙ پنهنجو اندر چِٽي نموني انَ ۾ ڏسي ٿو وٺي.
سندس ڪهڙين ڪهڙين ڪهاڻين جو ذڪر ڪريان...؟ سڀ اک ٽيٽ ڪري پيون نهارين ۽ آئون انهن کان ڊڄان پيو. سرمد عباسي هڪ نيڪ صورت ۽ مٺڙو ٻوليندڙ ڪهاڻيڪار آهي.
مولاءِ ڪُل شلَ، پاڻ کان سواءِ ڪنهنجو به محتاج نه ڪريس.

آخوند عباس

شادِي ھال

پياري دوست جو وھانءُ ھو. بس ٺيڪ صبح اٺين وڳي نيشنل ھائي وي تي لاٿو. سامھون ئي دوست جي ڳوٺَ ڏانھن ويندڙ لنڪ روڊ ھو. روڊ جي پاسي کان بيھي چانهه پيئڻ لاءِ پئي سوچيم جو ڪنن ۾ آواز پيم.
”ماستر! ھيڏانھن ھليو اچ.“
نھاريم ته سائين گلزار احمد تي نظر پئي. ھو منھنجي ان ئي دوست جو ڀاءُ ھيو، جنھن جي وھانءَ ۾ ويس پئي.کيس ڏسي خوشي ته ٿي پر ھن جي طبيعت جو سوچي ڳڻتي ورائي وئي. سائين گلزار احمد تعليم کاتي ۾ ٽِي اِي او ھيو ۽ منھنجي نوڪري به سندس، مون تي ڪيل ٿورو ھئي.ھونءَ ته ڀلوڙ انسان ھيو پر استادن تي ٽوڪَ ۽ چٿر ڪرڻ جي ڏاڍي عادت ھيس. جڏھن به دوستَ سندس ڀاءُ اياز سان ملڻ ويندو ھيم ۽ ھن جي ور چڙھندو ھيس ته ڏاڍي جُٺِ ڪندو ھو.کيس ڪيترو به مطمئن ڪرڻَ جي ڪوشش ڪندو ھيس پر ھو ڳالهه کي ويندو ھو وڪوڙيندو. وٺُ ئي نه ڏيندو ھو. مان روڊ ٽپي ھائي وي جي اولھندي پاسي کان سائينءَ جي اڇي ڪرولا وٽ پھتس.
”ماستر دلاور صاحب ڪاڏي تياري آھي؟“ سندس مُکَ تي مرڪَ ھئي.
مان کيس سلام ڪري، گاڏيءَ ۾ ويٺس.
”سائين توھان جي شھزادي جي وھانءَ ۾ “ مان به مرڪندي وراڻيو.
ھھههه ... سائينءَ ٽھڪ ڏنو ۽ گاڏي اڳتي وڌائي ڇڏيائين.
”ڪم ھيو ڪجهه ان ڪري سوير ڀرو نڪري آيو ھيس. موٽان پيو جو تو تي نظر پئي. ڏي خبر رات نه پھتين؟“
سائينءَ گاڏي لنڪ روڊ تي لاھيندي پڇيو.
ھونءَ ته سائينءَ کي ادا ئي ڪوٺيندو ھيم، پر ٻه ورهيه اڳ جڏھن نوڪري وٺي ڏني ھئائين تڏھن کان پاڻَ مرادو سائين چوڻ لڳو ھو مانس. واسطو پنھنجي جاءِ تي ھو پر ساڳي کاتي ۾ وڏي پوسٽ تي ھيو ، سو ادا چوڻ صحيح نه لڳندو هو. ھُن به ڪڏھن جھليو نه ھو. ان کان اڳ جو مان کيس وراڻي ڏيان ھا، ھن ڳالهه جو پاسو پنھنجي پسند جي موضوع ڏانھن موڙي ڇڏيو.
”موڪل ڪري آيو آھين ماستر يا اڃان ساڳيا پير اٿئي...؟“
”سائين موڪل لکي ڏئي آيو آھيان. اڳي به ٻڌائي پوءِ موڪل تي ويندو ھيم.“ دل تي پٿر رکي مرڪندي چيم.
”چئبو ته بايو ميٽرڪ سڌاري ڇڏيئي.“ ٽھڪُ ڏئي چيائين.
مان مرڪڻ جي ئي حدن ۾ رھيس.
”گھڻا ئي سُڌري ويا.اڳي ھوٽلن تي ويٺا ھوندا ھيا، بايو ميٽرڪ اسڪولن ۾ پھچائي ڇڏين. وڏو فرق آيو آھي.ھيلَ به ..“
ٽھڪُ ڏئي چيائين.
دل ۾ آيو ته چئي ڏيانس ته ”جي سڌارو آيو آهي ته پوءِ رڙيون ڇو ٿا ڪيو ته سنڌُ جي تعليم وڃي ٿي تباهه ٿيندي.“ پر چوڻ جي ھمت ساري نه سگھيس.
”سائين مان بايو ميٽرڪ نظام کان پھريان به ڊيوٽي ڪندو ھيس، ھاڻ به ڪيان پيو. بايو ميٽرڪ جي ڪري مون کي ڪا پريشاني ناھي. باقي گسائيندڙن جي توھان کي خبر.“ مان چيو.
ھن پھرين کان به وڏو ٽھڪُ ڏنو. جنھن ۾ ٽوڪَ چِٽي محسوس ٿي.
پرَ مان وڌيڪَ ڪجهه نه ڳالھايو. سائين به شايد وھانءَ جي ڳڻتيءَ ۾ ھو، سو وڌيڪَ ڪجهه نه ڳالھايائين. مان به دل ۾ شڪر ادا ڪيا. سائين جي ڳالھين کان وڌيڪ، ڳالھائڻ جو نمونو پيڙا ڏيندو ھو. ھائي وي کان ڳوٺ گھڻو پري نه ھو.ستت ئي مورِي ٽپي گاڏي کاٻي پاسي مڙي ته شاخَ جي ڪپَ تي ھنن جي اوطاق نظر اچڻَ لڳي. جمعي جو ڏينھن ھو. اڄ شام نڪاح ھو .ڇنڇر تي برادري ۽ آچر تي ٻاھرين ماڻھن جي دعوتَ ھئي. نڪاح به ڳوٺَ ۾ ئي ھو.
گاڏي جڏھن رستي کان ھيٺ گھرن ڏانھن رُخُ رکيو ته مون چيو:
”مونکي ھتي ئي لاھيو ھا. اوطاقَ تي ڪمُ ڪار ھوندو.“
”اوطاقَ تي مھمانن جي رھڻ جو بندوبست آھي. نڪاح لاءِ ھيڏي بندوبست ڪرڻو آھي.تون آيو آھين ته ھاڻ اھو بندوبست تنھنجو ذمو.“
سائينءَ جي ڳالهه ٻڌي مون ھائوڪار ۾ ڪنڌُ لوڏيو. گاڏي ڪجهه ئي اڳيان گھرن جي سامھون ھڪ ھنڌ بيھي رھي. مان اچرج ۾ وٺجي ويس.
”تون اندر ھلي ڪم ڪار سنڀال، سيٽنگ ڪراءِ، مان اياز کي موڪليان ٿو“.
”نڪاح ھتي ٿيندو سائين؟“ مان سائينءَ ڏي چتائي نھاريندي پڇيو.
سائينءَ ھڪ پل لاءِ مون ڏانھن نھاريو ۽ ٻي گھڙي، تڪڙ ۾ اکيون ٻي پاسي ڪري ڇڏيائين.
”ٻيو باقي...؟ ٻڌايو جو مانءِ ته اوطاق واندي ناھي. ھاڻي لڳ ڪم ڪار سان، ايازَ کي به چوان ٿو...“
سائينءَ جي وراڻي ٻُڌي، گاڏيءَ مان لٿس ۽ گھرن جي سامھون ان عمارتَ جي اڱڻ ۾ ھليو آيس، جنھن ڏانھن سائينءَ اشارو ڪيو ھو. ڳوٺَ جا ڪيترائي ماڻھو ڪم ڪارَ ۾ لڳا پيا هئا. ڳوٺَ جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول عرف شادي ھال ۾ تعليمي عمل معطل ۽ ٽي اِي او صاحب جي ڀاءُ جي وھانءَ جي دعوتَ جا انتظام اوجَ تي ھئا.

سبق پهريون

گهر ۾ ڪريم بخش لاءِ امن نه هو. جِهڪ جِهڪ صبح سوير هن جي اٿڻ سان ئي شروع ٿي وئي هئي. جوڻس ۽ ٻه پٽ، هن کي رٽائرمنٽ کان پوءِ مليل ڳري رقم ۾ اکيون کپايون ويٺا هئا. ان رقم جي طلب، رشتن کي پاسيرو ڪري، اکيون نرڙ تي رکڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هئن. نيٺ يڪي ويڙهاند کان پوءِ هن توائيءَ ۾ آخري جملا چيا ۽ گهران نڪري آيو.
”پئسا منهنجا آهن، ڪاڏي به ڪيان تنهن ۾ اوهان جو ڇا؟ جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو، مون کي پرواھ ڪانهي...”
سندس جملن سان لوڀ جي باھ جهڪي ٿيڻ بدران مچي، مچ ٿي وئي. پوءِ هو ترسيو ڪون گهران نڪري آيو. سندس رخ پرائمري اسڪول ڏانهن هو ٻه ٽي ڏينهن پهريان هن کي خبر پئي هئي ته اسڪول ۾ نئين ڀرتي ٿي آيل استاد جي پوسٽنگ ٿي آهي، سو ان کان حال احوال وٺڻ جو خيال ڪري اسڪول ڏانهن منهن ڪيائين. هونءَ به رٽائرمينٽ کان پوءِ هو ڪڏهن ڪڏهن استادن سان ڪچهري ڪرڻ ويندو هو. اسڪول پهچڻ تائين پٽن جا پاراتا پاڙي وارن سان گڏ هو پاڻ به ٻڌندو رهيو پر اسڪول وڃڻ جو ارادو رد نه ڪيائين. اسڪول جو گيٽ ٽپيو ته روز جيان استادن کي اڱڻ ۾ نم جي وڻ هيٺان ڪچهريءَ ۾ رڌل ڏٺائين. ان وقت صبح جا ڏھ کن ٿيا هئا. اڄ نئين استاد جو واڌارو هو. نئين استاد سوڌو ٽئي استاد ڪرسين تي ويٺا هئا. جڏهن ته شاگردن مان ڪي ٻار ڪلاسن ۾ ته ڪي وري اڱڻ ۾ ڌمچر مچايون ڪڏي رهيا هئا. استاد انهن کان ڪن لاٽار ڪيون ڪچهري ۾ مست هئا. نئون استاد چڱي گهراڻي جو پئي لڳو. ڪاٽن جو جوڙو، پالش ٿيل چمڪدار بوٽ ۽ سليقي سان ڦڻي ڏنل وار کيس وڻندڙ شخصيت ٻڌائي رهيا هئا. سندس هٿ ۾ اخبار هئي.توڙي جو اڃان رسيس جو وقت نه هو پر استاد ڪلاس کان ٻاهر خبرن تي تبصرا ڪري رهيا هئا. هو اڃان سندن ويجهو مس پهتو ته پويان هن جو پٽ حق نواز گڦ وهائيندو اچي پهتو.
”بابا اڄ ڪو فيصلو ڪندي يا نه؟“ حق نواز وڏي رڙ ڪندي پڇيو.
هن سان گڏ استادن کان به ڇرڪ نڪري ويو.نرڙ تي گهنج وڌي ويس.
”گهر هل نڀاڳا، اچان ٿو ته ڳالهايون ٿا. ٻه ٽي منٽ استادن سان ويهڻ ڏي.“
هن ڪوشش ڪئي ته نرميء کان ڪم وٺي پر ڳالهائڻ ۾ تئو وري به اچي ويس.
”چڱو ٿيو جو هتي آئين ، استاد اوهان ئي فيصلو ڪيو ته هن عمر ۾ رٽائرمنٽ جا پئسا ڪاڏي ڪندو. ڪهڙي آس اڌوري اٿس جا لکين رپين سان پوري ڪندو. توهان ئي سمجهايوس ته ان مان پتي اسان اولاد کي به ڏي ته پنهنجو ڪو بلو ڪريون.“
پٽهنس استادن ڏانهن منهن ڪندي ڄڻ فرياد ڪيو. استاد ڪرسين تان اٿي، هنن ڏانهن نهارڻ لڳا. ماحول کان اڻ واقف نئون استاد وائڙو ٿي ويو.
”تون ميلائي ڪهڙو بلو ڪندي پنهنجو. ٺڳ تون وڃي لٽائيندي ميلن ۾ ناچڻين ۽ نشي پتي تي ٻيو ڇا ڪندي؟“
هن گرم ٿيندي وراڻيس.
”تون وري ڪهڙو سڄي زندگي سجدا ڪندي گذاري آ؟ تنهنجا شوق ڏسيان ڇا استادن کي؟“ پٽهنس بي حيائيءَ سان چيو.
هن کي لڳو ته ڄڻ اڀ مٿس اچي ڪريو هجي، ڏسڻ ۾ پنڊ پهڻ ٿي ويو پر اندر ۾ آنڌمانڌ مچي ويس. لڳس ته اجهو ٿو ڪران. نئين استاد اچي سنڀاريس. پٽهنس حق نواز ڄڻ ته اڄ پيءَ تي هٿ به کڻي ها پر ٻيا استاد کيس سمجهائيندا اسڪول کان ٻاهر گهلي ويا.هو سخت صدمي ۾ وٺجي ويو. کيس پٽ مان اها اميد نه هئي ته ڪو ايئن سامهون ٿيندو. نئين استاد کيس ڪرسيءَ تي ويهاريو.سندن وچ ۾ ماٺ هئي. هو ڪنڌ هيٺ ڪيون ويٺو رهيو. جڏهن ته نئون استاد ڪجهه گهڙيون ڏانهنس منتظر نظرن سان ڏسندو رهيو پوءِ وري اخبار سنڀاري ورتائين.هن ڪنڌ کڻي چوڦير نهاريو. ٻارن جي پاڻ ۾ وٺ وٺان لڳي پئي هئي. ڪي پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا ته ڪي راند کيڏڻ ۾ لڳا پيا هئا. بينچون ۽ ٻيو سامان ڌوڙ لڳو پيو هو.ٻارن جا ڪتاب ڪاپيون هيٺ مٿي وکريا پيا هئا. اسڪول ڄڻ ته ڀوت بنگلو لڳو پيو هو. هن جون نظرون ڦري اچي نئين استاد ۾ کتيون.
”استاد...!“ هن جهيڻي آواز ۾ پڇيو.
نئون استاد اخبار مان منهن ڪڍي ڏانهنس نهارڻ لڳو.
”مان به استاد هيس. سال کن ٿيندو جو رٽائرڊ ٿيو آهيان.“ هن. چيو.
”اڇا... !!!“ نئين استاد سخت اچرج مان وراڻيو.
”ٻٽيهه ورهيه سروس ڪيم پر چڱيء طرح ياد آهي ته انهن ٻٽيهه ورھين ۾ شايد سال کن مس پڙهايو هوندم. ڊيوٽي چور هيس ،سڄو وقت گهمندي ڦرندي، اخبارون پڙهندي ۽ ڪچهريون ڪندي گذاريو اٿم.“
هن ڪجه گهڙيون ساھ پٽيو ۽ وري چوڻ شروع ڪيو.
” ٻين جي ٻارڙن جو احساس نه ڪيم، سو نتيجو سامهون آيو اٿم ته منهنجا پنهنجا ٻار سڌرڻ کان رهجي ويا. هڪ ميلائي ٿي ويو ته ٻيو وري جواري ۽ ڦڏائي. انهن جون چٽيون ڀريندي ڀريندي سڪون سان جيئڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. ڪو پل چين جو اطمينان جو ناهي گذريو.“
هن جي اکين ۾لڙڪ تري آيا.
نئون استاد الف جيان سڌو ٿي ويهي رهيو.
”ضمير سان جنگ ۾ نقصان هميشه اسان جو ئي ٿيندو آهي پر خبر ڏاڍي دير سان پوندي آهي .مون جيڪو پوکيو هو سوئي لڻيو اٿم.“ هن انتهائي افسوس سان چيو ۽ وڃڻ لاءِ اٿيو.
”سائين ڪجهه چانهن پاڻي؟“ استاد کيس رسمي صلاح ڪئي.
”مان هلان ٿو. هونءَ به رسيس ۾اڃان اڌ ڪلاڪ پيو آهي.“
هن نئين استاد کي ڪجهه اهڙي نموني چيو ڄڻ ڪي سال پهرين ڪنهن شاگرد کي سبق سمجهايو هجائين.
هو ڪجهه دير نئين استاد ڏانهن نهاريندو رهيو پوءِ جهيڻيون وکون کڻندو اسڪول جي گيٽ ڏانهن وڌي ويو. گيٽ وٽ پهچي هن ڪنڌ ورائي نم واري پاسي ڏانهن نهاريو. ڪرسيءَ تي اخبار رهجي وئي هئي. استاد شاگردن سوڌو ڪلاس ۾ وڃي چڪو هو. نئين استاد، پراڻي استاد جو ڏنل ”سبق پهريون“ ياد ڪري ڇڏيو هو.

روزو

نياڻيءَ جي وھي ڇهه ست ورهيه کن ھئي. ھٿن ۾ ميرانجھڙي ڪپڙي سان ڍڪيل ٿانوَ ۾ روزيدارن لاءِ آندل ماني کڻي، ھيسيلَ نِھارَ سان مولوي محمد حسن جي آڏو بيٺلَ ھئي. ھن جا ڪپڙا ميرا ۽ گھنجَ پيل ھئا.پوتيءَ کان آجي مٿي تي اڻڀا وارَ ڪيترن ڏينھن کان تيلَ ڦُليلَ لاءِ سِڪندي محسوس ٿيا.ڌوڙ ھاڻا پيرَ،جُتيءَ جي اَڻ ھُوند جو اعلان ڪري رھيا ھئا.
”سائين ماني...!“ ھِنَ مُنجھيل آوازَ ۾ مولوي محمد حسن کي چيو.
روزي کُلڻَ( افطاريءَ) ۾ اڃان اَڌُ ڪلاڪ ھيو. مسجد ۾ روزيدارن لاءِ دسترخوان وِڇائجي چڪو ھو. مسجد جي ويڪري اڱڻَ جي ھڪَ ڪنڊَ ۾ لڳل نلڪي تي پاڙي جا ننڍڙا وڏا ٻارَ ڪولرَ ۾ پاڻي ڀري،خيرَ ۾ آيل برفَ سان ٿڌو ڪري رھيا ھئا. مولوي محمد حسن پاڻَ ورانڊي جي ٺُلَ وٽ مٿي کي آلي وڏي رومالَ سان ويڙھي، پاڙي مان آيل ماني جدا جدا ٿانونِ ۾ ونڊي رھيو ھو. ٻي ٽي ڏينھن ٿيندا جو ھُو ڪنھن ڄاڻَ سُڃاڻَ واري جي معرفت الله جي ھن گھرَ ۾ پيش امام ٿي آيو ھو.
اڄُ ته گرميءَ ڪانوَ جي اکِ پئي ڪڍي. تائِي ۽ ٻوسٽَ ڪارڻ ساھُ پئي ويو. نِڙيون ٿر ٿي چڪيون ھيون.
”اَمان تون ڪنھن جي ڌِيءُ آھين...؟ “ مولوي محمد حسن نياڻيءَ کان پڇيو.
”رَشوءَ جي سائين...“ ھن جواب ڏنو.
”ڪنھن جي....؟؟؟“ مولوي محمد حسن جي سمجهه ۾ ھن جو جواب نه ماپيو.
”سائين ھيءَ رشيد جي ڌيءُ آھي، ڪنول...! پَرِين گھٽيءَ ۾ ڪنڊَ تي لوڙھي وارو گھر ھنن جو ئي آھي.“
مولوي محمد حسن لاءِ ماني کڻي پُھتل جَماعِتي اظھارَ وچَ ۾ ڳالھائيندي چيو.
”اڇا!!!“ مولوي محمد حسن وراڻيو.
”ھي توھان جي لاءِ آھي سائين.“
اظھار ساڻُ آندل ھڪُ ڊيشُ ورانڊي ۾ ٺُلَ جي پاسي ۾ رکندي چيو ۽ ٻي ھٿَ ۾ جھليل ٿانو مولوي محمد حسن ڏي وڌايائين.
”گرمي ڪيئن آهي ادا؟“ مولوي محمد حسن،اظھارَ کان ٿانو وٺندي چيو.
”توبهه زاري آھي سائين! پارو لڳي ٿو پنجاھَ کي وڃي رَسيو آھي. اھڙي باھِ سِجَ ۾ روزو رکڻُ به جھاد سمجھو“
اظھارَ، اشھدُ آڱر نَڪَ تي گسائيندي وراڻيو.
”جيتري سَرسُ تڪليفَ، اوترو سرس اَجر... روزو ته نانءُ ئي سَھپَ ۽ شُڪرَ جو آھي. “
مولوي محمد حسن جي سُڪلَ زمينَ جھڙن چپنِ تي به مُرڪَ ڦُٽي آئي.
”بيشڪ سائين...سُبحانَ الله...“ اظھارَ عقيدتَ وِچان چيو.
اظھارَ جا ٿانوَ واندا ڪري مولوي محمد حسن ڪنول ڏانھن نھاريو.
ڪنول انھيءَ مھل ڄڻُ ته کانئن اڻ ڄاڻ، ٿانونِ ۾ ونڊيلَ کاڌي ڏانھن نھاري رھي ھئي. سندس نھارَ ۾ جيءُ جھوريندڙ حسرتَ ھئي.
”امان ڏي ته توکي به ٿانوَ واندا ڪري ڏيان. يڪو بيٺي آھين.“
مولوي محمد حسن کانئس ٿانوَ وٺندي چيو.
ڪنول نماڻائيءَ سان کيس ٿانوَ ڏنا ۽ سندس ڌيان ٻيھر روزيدارن لاءِ آيل کاڌي ڏانھن ٿي ويو. مولوي محمد حسن ھن جي ڏنل ٿانونِ تان ڪپڙو لاٿو ۽ ٻي گھڙي ھنَ پاڻَ کي پنڊُپھڻُ ٿيندي ڀانئيو.کيس پنھنجي اَکين تي يقين نه ٿي آيو. پِنڊيءَ ۾ ٻه اَڻُ مَکيَلَ مانيون ۽ پلاسٽڪ جِي پليٽ ۾ ذري گھٽ ڪارو ٿي ويل رَحو(رسُ/ شوربو) ھيو. اُنَ ۾ نه ٻوٽي ھئي، نه ئي وري ڪو پٽاٽو. رڳو ٻِجَ نموني جي ڪا شئي منجھس تَري رھي ھئي. شايد اھو ڪنھن سادي مِرچن ۾ ڪَڙھيلُ پاڻيءَ جو رَحو ھو. مولوي محمد حسن جي نِھارَ ڄڻُ ته ايلفيءَ سان اُنَ کاڌي تي چَھٽي وئي ھجي. ھنَ جي اندرَ ۾ دردَ جي ھڪَ لھرَ اُٿي.
”يا الله سائين...!!!“ ھنَ جي واتَ مان پاڻَ مُرادو نڪتو.
ھنَ سامھون نھاريو. ٿانونِ ۾ گوشت، سايون ڀاڄيون ۽ ميوا پيلَ ھئا. جيڪي پاڙي وارن موڪليا ھيا ۽ اُنَ ساڳئي پاڙي جي ھيءَ نياڻي ڪنول... جنھن جي گھرَ ۾ ھيءَ حالتَ ھئي. مولوي محمد حسن جي اکين ۾ نيرَ ڀَرِجي آيا. ھن مسجد جي اَڱڻَ ڏانھن نھاريو.اکين ۾ آيل نيرنِ جي اوٽَ مان به ھِنَ چڱيءَ ريت سڃاتو ته دسترخوان آڏو ٺَھي سنبري ويٺلن مان ڪيترائي اُھي ھئا جن جي گھرن مان روزيدارن لاءِ کاڌو آيو ھو ۽ ٻيا گھڻا اھڙا به ھئا جيڪي مَڇي مانيءَ وارا ھُئا.پرَ پوءِ به روزو کولڻَ لاءِ مسجد ۾ آيا ھئا. مولوي محمد حسن ڪنول ڏانھن نھاريو. ھن جي اَکين ۾ لاڳيتو حسرتَ ھئي.جنھن جو نه مُنڍُ ھو نه ئي شايد ڪو اَنتُ. مولوي محمد حسن، ٺُلَ جي پاسي ۾ رکيل، پنھنجي لاءِ آيل ڊيشُ کنيو ۽ انَ تان ڪپڙو کنيائين. ڪُڪڙ جو ٻوڙُ، چار مانيون، چانورَ، تريلَ پٽاٽا ۽ ٻه انبَ ھيا. مولوي محمد حسنَ کي قلبَ ۾ قرارُ لھندي محسوس ٿيو. ڪنول جا آندل ٿانوَ واندا ڪري ھَنَ ڊيشُ به کنيو.
”امان ڪنول... ھي تنھنجا ٿانوَ بابلا... ٻيو مسجد جي طرفان خيرَ جو گِرھ به اَٿئي... اھي ٿانوَ پراوا آھن سو سُتتِ واندا ڪري ڏئي وڃجان ۽ صبح جو قرآن پاڪَ جو سبقُ وٺڻَ به ايندي ڪر.“
مولوي محمد حسن ڏاڍي ٻاپوهه منجھان چيو.
ڪنول اچرجَ مان مولوي محمد حسن ڏانھن نھاريو، ڪي گھڙيون گذري ويون نيٺِ سندس ڦڪيون ٿي ويلَ اَکين ۾ ڪا لاٽَ ٻري پئي. ھِنَ ڪنبدڙ ھٿن سان سڀُ ٿانوَ ورتا ۽ ھوريان ھوريان وکون کڻندي مسجد جي مُک درَ ڏانھن وڌي وئي.
مولوي محمد حسن،ڪنول جو آندل کاڌو سوري پنھنجي آڏو ڪيو. اُنَ سان گڏُ ئي مسجد جي مؤذن ”الله اڪبر“ جِي صدا بُلند ڪئي. مولوي محمد حسن اکيون ٻُوٽي مُنھن آسمان ڏانھن ڪري ڇڏيو. ايترو سڪونَ وارو روزو ھيڏي ساري حياتيءَ ۾ پھريون ڀيرو نصيب ٿيو ھيس.

نه رھندي تون، نه رھندس مان !

پڦيءَ جي قبرَ تي نظرَ پوندي ئي چپن تي ھلڪي مرڪَ تَري آئي. سجَ اولهه ۾ الوپ ٿيڻ واري پئي ڪئي. سوجھري ڄڻُ ته آخري پَساھَ پئي کنيا. قبرستان ۾، آکيرن ڏانھن موٽي ايندڙ پکين جو گوڙُ حياتيءَ جو احساس ڏياري رھيو ھو.
منھنجي پويان ئي ايندڙ، قبرستان جي پيرسن مجاور جي ھٿن ۾ ٽارچ به ھئي.
منھنجن چپن تي آيل مرڪَ جو ڪارڻ نه ئي ٺٺولَ ھئي نه ئي وري ڪنھن به قسم جي سوڀَ جو ڪو احساس بس سامھون جيڪو منظر ڏٺم، اُنَ ڪري پنھنجي ڪيفيت سنڀاري نه سگھيس.
”شاھ صاحب مان ٻه ٽي منٽَ ترسندس.“
مون پڦيءَ جي قبر جي پيراندي وٽ بيھندي چيو.
”ٿورو تڪڙ ڪجان ابا...ھيءَ مھلَ نانگَ بلائن جي نڪرڻ جي آھي.“
مجاور سائين اختيار علي شاھ چيو ۽ منھنجي جھلڻ کان پوءِ به ٽارچ اتي ڇڏي قبرستان کان ٻاھر نڪري ويو.
مان پيراندي وٽ ئي ھڪ ڪجهه صاف جاءِ تي اوڪڙون ويھي رھيس. ڀرسان ئي بچيل تازو گارو، ڪجهه ڪچيون سِرون ۽ مٽيءَ جو ڍيرُ تازي ٿيلَ تدفينَ جو احوال ڏئي رھيا ھئا. اگربتين جي تيز سڳنڌ ۽ اُٿندڙ دُونھين ماحولَ کي ھڪَ اداس ڪري ڇڏيندڙ چتر جو ڏيکُ پئي ڏنو. اڄُ صبح ئي پڦيءَ جي گذاري وڃڻ جو اطلاع آفيس پڦاٽ صديق ڏنو ھو. ساڻس ڳالھائي بس ئي ڪئي ھيم جو اديءَ جي نمبر تان امان جي ڪال به اچي وئي ھيم.
”ابا نڪتو آھين...“ اَمان جو روئڻھارڪو آواز ٻڌم.
”امان...توھان وڃو...مان ڪو ن ٿو اچان...“
مان الائي ڪيئن اھو جملو چئي سگھيس.نه چاھيندي به.
”ائين نه چئه سارنگ، تنھنجي پڦي آھي ابا...“
امان اھو چئي روئي ڏنو. اوڇنگارون ڏئي، ٻارن جيان منھنجي اکين ۾ به نيرَ ڀرجي آيا. پوءِ وڌيڪَ نه امان ڳالھايو نه ئي مان.
بس پوءِ اديءَ ڳالهايو: ”سارنگ ڪجهه شرم ڪر...“
۽ فون بند ٿي وئي.
مان ڪيتريون ئي گھڙيون سوچن جي ٻوڏ ۾ ترندو، لُڙھندو رھيس. پنھنجي ھٺُ کي دليل ڏئي سوڀارو ڪرڻَ لاءِ جکَ کائيندو رھيس پرَ نيٺ مان ھارائي ويس. منھنجي ھوڏ، امان جي سڏڪن آڏو سِرُ نِوائي ڇڏيو.آفيس کان موڪل وٺي نڪري پيس.ڪراچيءَ کان ڳوٺ پُڄندي پڄندي دير ٿي وئي.ڳوٺان خبر پئي ته تدفينَ ٿي چڪي آھي سو مان تڏي تي وڃڻَ بدران سڌو قبرستان ھليو آيو ھيس. ھاڻ پڦيءَ جي قبرَ منھنجي آڏو ھئي.
پڦي سموري حياتي،منھنجي پيءُ(پنھنجي ڀاءُ) سان ڪا نه ٺھي ھئي. مسئلو وڏن جي ڇڏيل ملڪيتَ تي ڪيو ھئائين. بابا کيس سندس حصو پوري ايمانداري سان ڏنو ھو پرَ پوءِ به گھرَ تان ڦَڏو رکيو پئي آئِي. سندن ۽ اسان جي گھرَ جي ڀتِ، ڀتِ سان گڏيلَ ھئي. پاڙيسري ھياسي.وڏن جي ڇڏيلَ ملڪيت مان سندس حصي آڌار، بابا کيس ٻَني ۽ چڱي ڀلي روڪَ رقمَ ڏني ھئي. منھنجو پڦڙ چاچو غلام حسين به ان ونڊَ سان سھمت ھو پرَ الائجي ڪنھن جي چوڻَ ۾ اچي پڦي بابا تي اچي ڪاوڙي ۽ بابا تي حصو کائڻَ جا الزامَ ھڻڻ شروع ڪيائين. سڀني مٽن مائٽن کيس گھڻو ئي سمجھايو ھيو پرَ پڦيءَ ڪنھن کي وٺُ ئي نه پئي ڏنو. بابا سمورا ڪاڳر پٽَ کڻي،ڪيترا ئي ڀيرا وٽس لنگھي ويو پَرَ پڦيءَ جي ساڳي ھوڏ ته اھو گھر به منھنجي حصي جو آھي سو خالي ڪر. بابا پھريان ته کيس پيارَ سان سمجھائيندو رھيو نيٺ ھڪ ڏينھن ڪاوڙجي کيس ست سريون ٻڌائي موٽي آيو. ان ڏينھن بابا ڏاڍو رُنو ھو. بابا کي بس اھا ھڪَ ڀيڻَ ئي ھئي. ٻيو ڪو ڀاءُ ڀيڻ نه ھو.
”سارنگَ جي ماءُ ڏينھن قيام جي تون شاھدي ڏجان ته مان پنھنجي ڀيڻ کي ان جي حصي کان به وڌيڪ ڏنو آھي. ھڪ روپيو به ڪو نه کاڌو اٿم.“
مان ۽ منھنجي ڀيڻ ثمرين تڏھن اڃان ننڍا ھئاسين. اسان کي ڀليءَ ريت خبر ھئي ته اسان جو پيءُ ھڪ سٺو انسان آھي ۽ ھُو پنھنجن جو ته ڇا پراون جو به حق ناھي کائيندو. پڦيءَ کي اھا ڳالهه ڪير سمجھائي.؟ اسان سڀ پاڻ ۾ گھڻو ته نه پر ڪنھن نه ڪنھن حدَ تائين واسطو رکندا آياسين پرَ پڦي بابا جي شڪل به ڏسڻ پسند ڪو نه ڪندي ھئي. حدَ ته انَ مھلَ ڪري ڇڏيائين جو ھڪ ڏينھن پنھنجو گھر ڪرائي تي ڏئي، ڪنھن ٻي پاڙي لڏي وئي ته ”مان اھڙي ڀاءُ جي پاڙي ۾ به نه رھندس، جنھن منھنجي حصي تي ڌاڙو ھنيو ھجي.“ بابا کي ڏاڍو ڏک ٿيو ھو.
”مان پنھنجي سموري ملڪيت ڏئي ڇڏيانس.پرَ مون کي به اولاد آھي. انھن جو به مون تي حق آھي.پنھنجي ڀيڻ جي ڪري مان پنھنجي اولاد کي دربدر نه ڪندس.“ بابا چيو ھو.
وقت گذرندو ويو. ادي ثمرين پرڻجي وئي ۽ مون کي به ڪراچيءَ ۾ سٺي نوڪري ملي وئي. اھي بارَ لاھي ھڪ رات بابا امان کي ملڪيت جا ڪاڳر ڏيکاريا. سڀ ڪجهه سمجھايائينس ۽ ٻِي صبحَ جو خبرَ پئي ته بابا ھاڻ ڪڏھن به نه جاڳندو. بابا گذاري ويو ھو. اسان جي گھرَ لاءِ اھي قيامتَ جون گھڙيون ھيون. اسان جا جيءَ جُھرِي پيا ھئا. پڦي ان موقعي تي به ڪو نه آئي. سندس ٻيا گھرَ ڀاتي آيا پر پاڻ بابا جو مُنھن ڏسڻَ به ڪو نه آئي. اسان جو ڏُک ٻِيڻو ٿي ويو ھو پرَ ڇا پئي ڪري سگھياسين. جنھن جِيئري قدر نه ڪيو انَ مان مُئي پڄاڻان اميد رکڻ اجائي ڳالهه ھئي.
مجاور سائين اختيار علي شاھ جي ٻيھر اچڻَ تي مون کي احساس ٿيو ته گھڻي دير ٿي چڪي ھئي. قبرستان، رات جي ڀاڪرَ ۾ ڀرجي ويو ھو. پکين جي لات،ماٺِ جي روپَ ۾ ننڊاکڙي ٿي رھي ھئي.
”ابا اڃان ويھندي؟“ مجاور پڇيو.
”نه سائين دعا گھرو ته ھلون ٿا“ مون اٿي بيھندي وراڻيو.
”ٻاھر موٽرسائيڪل واري کي بيھاريو اٿم. توکي ڳوٺ پھچائي ايندو.“
مجاور چيو.
مون ھاڪار ۾ ڪنڌُ لوڏيو ۽ دعا لاءِ ھٿَ کنيا. دعا گھري مون ٽارچ کڻي مجاور کي ڏني ۽ اسان ٻاھر طرف ھلڻ لڳاسين.
”مان قبرستانَ ۾ ٻارھين ھڪ تائين ويھندو آھيان. اڄُ ڪجهه وڌيڪ ويھندس تازي قبر آھي، متان ڪو جانور نه پَٽڻَ جي ڪري...“
مجاور ھلندي ھلندي چوڻ لڳو.
مان چپ رھيس. مجاور بيھي رھيو ۽ پنھنجي ٽارچ پڦيءَ جي قبر ڏانھن ڪيائين.
”وڻَ جي ھيٺان سٺي جاءِ نصيب ٿي آھي مرڻ واريءَ کي. مان به پيرسن ٿي ويو آھيان ابا، ٿورو ٻڌائجان اھا ڀِڪَ ۾ ڪنھن جي قبرَ اٿس. ذھنَ تان لھي ويو اٿم.“
مان مُڙي پڦيءَ جي قبرَ ڏانھن نھاريو ۽ منھنجي چپن تي مُرڪَ تَرِي آئي. سائين منھنجي پيءُ يعني پنھنجي ڀاءُ جي پاڙي ۾ جاءِ ملي اٿس.

ياسمين چانڊيو

---

ياسمين چانڊيو

منهنجو نالو ياسمين چانڊيو آهي. مان لاڙڪاڻي جي علائقي لاھوري محلا ۾ ھڪ نھايت ئي غريب گھراڻي ۾ پيدا ٿيس . مون کي شروع کان پڙهائي سان ڏاڍو چاهه هيو، جڏهن ٽيئن ڪلاس ۾ پھتس ته، مونکي سنڌي ۽ اردو پڙهڻ تي عبور حاصل ڪري ورتو هو. ڪلاس ۾ سڀني ٻارن کان وڌيڪ ھوشيار ھوندي ھئس. منهنجو وڏو ادا ارباب چانڊيو پڻ پڙھائيءَ ۾ ھوشيار ھوندو ھو ۽ منهنجي هر قدم تي رهنمائي ڪندو هو. هو اڪثر ٻين ڪمن جهڙوڪ سياست، سماج ۾ نابرابري، غربت وغيره ۾ مصروف هوندو هو.
انھن ئي ڏينهن ۾ ادا مونکي لينن جو ھڪ ڪتاب ”اسان غريب ڇو آهيون؟“ پڙهڻ لاءِ ڏنو، جيڪو مونکي ان وقت ڪجهه ڪجهه سمجهه ۾ آيو، ۽ ان ڪتاب پڙهڻ سان منهنجي سماج ۾ اڻبرابري واري سوچ ۾ اضافو ٿيو، تڏهن ضياء جي حڪومت ھئي، ۽ ادا ارباب تن ڏينهن ۾ ڪميونسٽ پارٽي جو حصو ھو. پوءِ ڪجهه عرصي کان پوءِ اسان قمبر شهر ۾ لڏي آيا سون. قمبر ۾ ادا ارباب عوامي تحريڪ رسول بخش پليجي صاحب جي پارٽي ۾ شامل ٿيو ۽ مان ڪلاس فور پاس ڪري چڪي ھئس ۽ گڏوگڏ ڪتابن جو مطالعو به ڪندي ھئس. مونکي جنون جي حد تائين ڪتاب پڙهڻ جو شوق هو. ان دوران امرجليل جون ڪافي ڪھاڻيون، نجم عباسي جون، خليل جبران جا ڪتاب، الطاف شيخ جا سفرناما ۽ لينن فلسفي جا ڪتاب پڙهي چڪي ھئس.
ادا ارباب مونکي ادي زاھده شيخ جي گهر وٺي ويو، جتي پھرين دفعو منهنجي پليجي صاحب سان ملاقات ٿي ۽ ان ڏينهن کان پوءِ منهنجي زندگيءَ جي سياسي، سماجي ۽ بھترين سوچ جي شروعات ٿي. مونکي جنهن مثبت رستي جي تلاش ھئي ۽ جيڪو گھڻا ڪتاب پڙهڻ ڪري منهنجي دماغ ۾ لفظن جو طوفان ھو، اهو ماٺيڻو ٿي ويو. تڏهن منهنجي لفظن کي حقيقي زبان ملي.

مسلط ٿيل محبت ۽ گم ٿي ويل احساس !

اڄ ھن جا لڱ لڱ ٺري پيا ھئا، ھن جي اندر مان صدين جو غبار لھي ويو هو، ڪيڏو نه خوبصورت احساس ھوندو آھي، جنهن جي ھن کي اڄ خبر پئي ته زندگي ايتري خوبصورت به ھوندي آھي. جيڪا ڪجهه ڏينھن اڳ صرف آڙاھ ھئي، جنهن ۾ ھي ھر روز سڙندي ھئي، ھر روز مرندي ھئي. جتي ھر روز ھن جي احساسن ۽ جذبن جو قتل ٿيندو هو. ڪيڏو نه ڪربناڪ منظر ھوندو آھي. جڏهن ھن جي جسم سان گڏ ھن جي روح ۽ جذبن جو ريپ ٿيندو آهي. جيڪو ھن نام نهاد سماج طرفان مسلط ٿيل نالو جنهن کي سماج ھن جي مڙس جو نالو ڏنو ھو. ھن ھڪ ٿڌو ساهه ڀريو ۽ اٿي ڀت تي لڳل آرسيءَ ۾ پنهنجو پاڻ کي ڏٺو. ڪيترن سالن کان پوءِ اڄ پھريون دفعو ھن کي پنھنجو پاڻ وڻڻ لڳو. ھن ايترن سالن کان پوءِ پاڻ کي ايترو غور سان ڏٺو ھن کي اڄ پنهنجي وجود سان عشق ٿي ويو هو. جنهن وجود سان ھي نفرت ڪندي ھئي، جنهن کي ھر رات گِد نما ھن جو مڙس نوچيندي ايھو چوندو هو ته
”تون منهنجي ملڪيت آھين، تنهنجي عيوض پنجاھ ھزار ۽ سڱُ ڏنو آهي.“
افففف...! ڪيترن سالن کان ھي ايھو جملو ٻڌندي جيئندي ۽ مرندي پئي اچي. ھن کي نفرت ٿي وئي هئي مرد جي نالي کان ئي. دنيا جو ھر مرد ھن کي گِدُ لڳندو هو. جيڪو صرف عورت جي جسم کي نوچي نوچي کائڻ جي خواهش ۾ رڌل ھوندو آھي. پر ان ڏينهن مرد جي باري ۾ ھن جي سوچ پاسو مٽايو. تنهن ڏينهن نورل ۽ ٻيا گهر ڀاتي ڪٿي ويل ھئا. هوءَ گھر ۾ اڪيلي ھئي.
” نورل... او نورل...!“
ايتري ۾ وري زور سان در تي کڙڪو ٿيو. ھن ڊوڙ پائي در جو پردو مٿي کنيو. سامھون بيٺل ساجن تي نظر پوندي ئي ھن جي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي. ساجن ھڪدم حيران ٿيندي چيو.
” رضي تون ڪٿي ھلي وئين ھئينءَ...!؟“
ھن اتاولو ٿي رضي کان سوال ڪيو. ھيءَ ڇا جوا، ڏي، بت بڻجي بيھي رهي. ساجن ھن جو ننڍ پڻ جو پاڙيسري ھو. جنهن کي ھي دل جان سان چاھيندي ھئي پر ھن جي پيءُ ٽڪن عيوض ھن جي شادي نورل سان ڪرائي ھئي. تڏهن ڪنهن مجبوريءَ سبب ساجن وارا لڏي ويا ھئا. پر اڄ ايترن سالن کان پوءِ ساجن کي پنهنجي ايڏو ويجهو ڏسي ھوءَ حيران ٿي وئي هئي. آرسيءَ جي اڳيان بيھندي ھن کي ڪافي دير ٿي وئي هئي. اڄ ھن جو وجود ڪنهن گد نه پر ھن جي محبوب جي خوبصورت ٻانهن جو ھار بڻيو هو. ھن پنھنجي ڳلن تي ھٿ ڦيريو جن تي ساجن جي چپن جو ڇھاءُ ھو. ھن پنھنجي ڇاتيءَ مان پنهنجي محبوب جي پگھر جي خوشبو محسوس پئي ڪئي. زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ھن جي دل وھنجڻ نه پئي چاهيو. متان ھن جي جسم مان پنهنجي محبوب جي پگھر جي خوشبو نه نڪري وڃي. اڄ ڪترن سالن کان پوءِ ھن جا محبت ڀريل احساس لڀي ويا جيڪي ڪٿي گم ٿي ويا ھئا.

صرف حاصل ڪرڻ جي تمنا

ھن پنھنجا وار کولي سامھون ٻيٺل ساحل کي چيو:
”سائين، ٻڌايو مان ڪئين ٿي لڳان؟“
ساحل ھن ڏي کن پل لاءِ نھار ڪندي چيو: ”واھ... واھ ...!“
ھِن چيس: ”بس واھ واھ ... ڪجهه ته چوندا ڪريو منهنجي پڇڻ کان بغير منهنجي زلفن جي تعريف صرف ٻه لفظ واھ واھ ...!؟“
ساحل وراڻيو: ” بابا پوءِ ڇا چوان...!؟“
اھو ٻڌي ھِن جي چھري تي اداسيءَ جون لھرون نمودار ٿيڻ لڳيون. سڄو چھرو ڏک وچان سرخي مائل ٿي ويس. جنهن اڃان به ھن جي سونهن کي وڌائي ڇڏيو. سوچڻ لڳي ته ھوءَ جتي به ويندي آهي، سڀ ھن جي وارن جي، ھن جي حُسن جي تمام گهڻي تعريف ڪندا آهن پر ھوءَ ايترو خوش ناهي ٿيندي. ھن کي صرف ئي صرف ساحل جي تعريف جي ضرورت آهي. انڪري جو ھُو ھِن جو محبوب آهي. ھيءَ دل جان سان اُن کي چاهي ٿي. ان سان بي پناهه عشق ٿي ڪري پر ان عشق ۾ اظهار جي اڳرائي هميشه ھن ئي ڪئي آهي جو سچي عشق جو انحصار اظهار تي مشتمل ھوندو آھي، عشق جي زبان ئي پنهنجي محبوب جي ھر شئي جي تعريف جو اظهار ڪرڻ آهي. ھِن ڏکياري آواز ۾ ساحل کي مخاطب ٿيندي چيو:
” منھنجا محبوب مونکي توهان کي حاصل ڪرڻ جي تمنا کان وڌيڪ توهان کي وڃائڻ جو خوف ٿيندو آهي.“
ساحل ورندي ڏيندي چيس ته: ”حاصل ڪرڻ ئي سڀ ڪجهه ھوندو آھي. اجايا دل ۾ وڃائڻ وارا وھم نه پال.“
ھن ساحل کان پڇيو: ”توهان الله جي اڳيان ڇو جھڪندا آھيون، نمازن ۾، سجدن ۾، دعائن ۾، انڪري جو توهان کي الله سان عشق آهي.“
ساحل جواب ڏنو: ” بيشڪ...!!!“
ھِن ساحل کي گھورندي چيو.
”ته پوءِ ان عشق ۾ حاصل ڪرڻ جي تمنا ۽ وڃائڻ جو خوف ھوندو اٿئي ۽ ان کي قائم رکڻ لاءِ، ھٿ مٿي کڻي پنهنجي عشق جي التجا جو اظهار ڪندا آهيو؟ ڇو....؟؟؟“
ساحل وراڻيو ته: ”رب کي راضي ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪھڙو طريقو اختيار ڪيون...!!؟؟“
ھِن چيس: ”بلڪل صحيح ٿا چئو عشق الھامي ھجي يا انساني ان کي قائم رکڻ لاءِ اظهار تمام ضروري آهي. عشق جي رسي تمام وسيع ھوندي آھي ۽ اظهار ان کي ڳنڍيون ڏيندو آهي. ايئن اھا رسي ويجهو ايندي ويندي آهي.“
ساحل ھن ڏي ھڪ نھار ڪئي ۽ چيائيس:
”مان تنهنجو آهيان، تون منهنجي آھين، بس اھو ڪافي آهي ۽ روز روز ويٺو پنھنجي محبت جو اظهار ڪيان.“
اھو ٻڌي ھِن وراڻيو: ”نماز به روزانو ڇو پڙھندا آھيون؟ بس ھڪ ڏينھن پڙهي ڇڏيو ڪافي آهي، انڪري جو عشق کي حاصل ته ڪيو پر ان کي برقرار رکڻ لاءِ، هميشه قائم رکڻ لاءِ بار بار اظهار جي ضرورت ھوندي آھي.“
ھن ڪنڌ مٿي کڻي ساحل جي اکين ۾ غور سان ڏٺو جتي حاصل ڪرڻ جي تمنا ته ھئي، پر وڃائڻ جو، خوف نه ھو. اھو احساس ھن جي اندر کي جھوري رهيو هو.

اماوس جي رات

اڄ جي رات جيتري ڪاري اداس ۽ خاموش ھئي. ھن جي من اندر اوتري ئي مونجهه ھئي. ھن جي زندگيءَ ۾ اھڙيون ھزارين راتيون آيون آهن،
يا ھن جي ھر رات ڪاري ۽ دل ٻوڙيندڙ ھوندي آھي پوءِ اڄ ڇو ھوءَ ايتري اداس ھئي ؟ انڪري جو ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ جي اداس راتين سان وڙهي وڙهي ھوءَ ٿڪجي پوندي هئي يا شايد جڏهن سور حدون ٽپي ويندا ھئس ته پنهنجي ئي منھن انهن کي ميارون ڏيندي ھئي ۽ ويھي ڪلاڪن جا ڪلاڪ آسمان کي گھوريندي ھئي ته متان ڪٿي چنڊ نظر اچي ڪيترن سالن کان ھن چوڏهين جي چنڊ جي روشني ڪان ڏٺي هئي. ھن جڏهن چوڏهين جو چنڊ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي يا بادل چنڊ کي گھيرو ڪري ويندا هئا يا ڪڏهن چنڊ کي گرھڻ لڳي ويندو هو ۽ ايئن ھن جي زندگي اماوس جي رات جيان انڌيري ئي انڌيري ھن ھڪ نظر ڦيرائي پنهنجي پاسي ۾ ستل مڙس کي ڏٺو. جنهن ھر روز جيان اڄ به ھن جي رات کي اماوس بڻايو ھو. آخر گھڻي دير کان پوءِ ھن جي اک لڳي ۽ خواب ۾ ھي چوڏهين جي چنڊ سان ملي. ھن جي خوشيءَ جي حد نه رهي ته چنڊ بلڪل ھڪ خوبصورت انسان جيان ھن اڳيان اچي بيٺو ۽ ھن کي پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀري ھن جي نراڙ تان چمي ورتي. ۽ چوڻ لڳس:
” اچ منهنجي محبوبه! اڄ تنهنجو صدين جو انتظار ختم ٿي ويو آهي. مان تنهنجو ئي چوڏهين جو چنڊ آھيان، جنهن کي ڏسڻ لاءِ تون ڪيترائي سال تڙپي آهين. مان تنهنجي صدين جي تڙپ ختم ڪرڻ لاءِ آيو آهيان منهنجي مٺي...!“
خوشيءَ وچان ھوءَ جھومي رهي هئي. ھن جي دل اندر ئي اندر رقص ڪري رھي ھئي. چنڊ ھن جي اکين ۾ نھاريو جن ۾ ھن لاءِ صدين جي رکيل محبت ڀريل پئي ھئي. چند ھن جي وڏن ۽ خوبصورت وارن ۾ آڱريون ڦيري، ھن جا وار پنهنجي منهن تي اوڍي ڇڏيا. ايتري ۾ ھِن رڙ ڪري چنڊ کي چيو:
” نه نه پنهنجي منهن تي منھنجا وار نه اوڍ، مونکي تنهنجي چهري تي ڪجهه به اچڻ پسند ناهي. مونکي تنهنجي روشنيءَ ۾ زندگيءَ جي جوت نظر ايندي آهي.“
ايتري ۾ سج پنهنجون ڪرڻون نمودار ڪيون ۽ چنڊ جي روشني مڌھم ٿي وئي. چند ھن کي الوداع چيو. ھِن رڙ ڪري چيس:
” مونکان الوداع نه ٿي مان توسان گڏ رهڻ چاھيان ٿي، مان زندگيءَ جي انڌرن کان اڪتائجي پئي آھيان.“
چند وراڻيس: ”پنھنجو ميلاپ بس، ان ئي حد تائين آهي. مان آسمان جو چنڊ آھيان، ۽ تون زمين جي.“
” پر منهنجو ڇا ٿيندو ...؟“ ھن چنڊ کان سوال ڪيو.
”مان ھر اماوس جي رات تنھنجي زندگيءَ ۾ روشني ٿي ايندس.“
ھن کان رڙ نڪري وئي ڇرڪي اٿي ڏسي ته صبح جي آذان ٿي رھي ھئي. آسمان ٿورو ٿورو صاف ٿيڻ لڳو. اڄ پھريون دفعو ھن جي چپن تي مرڪ تري آئي ۽ ھي اماوس جي رات جو انتظار ڪرڻ لڳي.

من اندر مانڌاڻ

اڄ ھن جي اندر ۾ آنڌ مانڌ لڳل ھئي. من ۾ ڪجهه مونجهه ۽ ڪجھه خوشي، ڪجهه خوف. ھن منافق معاشري جو جتي عورت کي انسان نه پر صرف عورت سمجهيو وڃي ٿو، ھن جي ڪنن ۾ اھو مڌر ۽ مڌم آواز گونجي رھيو ھو ۽ ان آواز جي مڌرتا ھن جي من اندر ڪيئي سُر اڀاري ڇڏيا. اڄ زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ھن ڪنهن لاءِ ڪجهه محسوس پئي ڪيو. ھن خيالن ئي خيالن ۾ ان جي وجود جي گرمائش پنهنجي اندر محسوس پئي ڪئي. ھن کي ائين لڳي رھيو ھو ڄڻ ھو ھن جي پاسي ۾ ويٺل آهي ۽ پھنجا گرم چپ ھن جي نرم چپن سان ملائي ڇڏيا ھجن. ھن جو ساھ نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو. ھن کي محسوس پئي ٿيو ته پورو جسم پگھر سان آلو ٿي ويو. ھن پاڻ کان سوال ڪيو ته: ”ڇا ھي عشق آهي..؟“ ھن جي لڱن مان سيسراٽيون نڪري ويون سوچڻ لڳي ته: ”ھي سماج ھي منافق معاشرو، ان عشق کي قبول ڪندو؟ نه بلڪل نه...“ پوءِ مان ڇا ڪريان ھن دل جو، جنهن ۾ ھُن جي عشق جون مَڌُر ڌُھنون وڄي رھيو ھيون. ۽ ھوءَ انھن ڌنن تي جھومڻ پئي چاهي، ان نئين محسوسات کي پاڻ اندر ھميشه لاءِ رھڻ پئي چاهي. کن پل لاءِ وري ڇرڪجي وئي، ھن کي اھي لذتون کسجڻ محسوس ٿي رهيو ھيون. جڏھن ھن جي ڪن تي سندس مڙس جو آواز پيو.
” ٻڌين ٿي، پاڻي پيار... ڪڏهن کان سڏيان پيو، ٻوڙي ٿي وئي آهين ڇا؟“
ھن ڊوڙي وڃي پاڻيءَ جو گلاس ڀري سندس کي ڏنو.
ھن جي من اندر مڌرتا جا گيت مڌم ٿيڻ لڳا. اھو ڏينهن ياد آيس پئي جڏهن ھن وڏيءَ عمر واري سان سندس نڪاح ٿيو. ڪيڏو نه رُني ۽ تڙپي ھئي پر ڪنهن ھن جي ڳالهه نه ٻڌي. ڪيتري ته ڪِرڀ ايندي ھئس ھن مان. پر زھر جو ڍڪ ڀري زندگيءَ کي گھلندي رهي پنھنجي مئل وجود سان. ڪيترا سال ان مرد سان سمھندي رهي، جنهن کي ھن ڪڏهن دل سان تسليم ئي نه ڪيو ھو. ھڪ ڏينھن ھن پاڙي جي ملياڻي کان پڇيو ھو ته:
” نڪاح جو مطلب ڇا آهي؟“
ھُن ٻڌايس ته: ”اسلامي طريقي سان مرد ۽ عورت جي رضامنديءَ سان ھڪ ٿيڻ.“
” پر منهنجي ته شادي ۾ منهنجي رضامندي ڪون ھئي ته ڇا اھو نڪاح قبول ٿيو...!؟“
ھن ملياڻي جيجي کان سوال پڇيو. تڏهن جيجيءَ ڪنڌ مٿي کڻي ھن جي اُداس نگاھن ۾ نھاري، وري ڪنڌ ھيٺ ڪيو ھو. هوءَ چپ چاپ اتان ھلي آئي هئي. پر اڄ ھن پاڻ ۾ ڪنهن جي وجود جي خوشبو محسوس ڪئي. ھيءَ ان مڌر ڌنن تي جھومڻ پئي چاهي، جيڪي ھن جي من اندر وڄي رھيون ھيون.

يادن جي رُڃ ۾ بي وفائيءَ جي بوُءِ

اڄ وري ھن جا لڙُڪ لارو ڪري وھي پيا. جڏهن بادلن پنھنجا پر کولي زمين کي باغ بھار ڪري ڇڏيو. ھن کي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ بادل زمين سان جبر ڪري ان جي مرضيءَ خلاف ان تي حاوي ٿي، ان کي آلو ڪري ان ھٻڪار مان پنهنجو وجود قائم رکيو اچن ۽ ڌرتي بي وس لاچار پُسجندي ۽ ٻڏندي ٿي رھي، انڪري جو ان جي مقدر ۾ ئي پُسڻ ۽ ٻڏڻ لکيل آهي.
ھن کي اھو ڏينهن ڪڏهن ناهي وسرندو جڏهن ڌرتيءَ جيان ھن جي وجود کي به ڪنهن بادل زبردستي آلو ڪيو ھو. اھو ڪير ٻيو نه پر ان جو پنهنجو مڙس ھيو. اُھا رات به اڄ جي رات جيان ڪاري خوفناڪ گجگوڙن واري رات ھئي. جنهن رات مڙسئيس چيو ھيس ته:
”پنھنجي شاديءَ کي ھفتو گذري چڪو آهي، اڃان تائين تون مونکي، ويجھو اچڻ نٿي ڏين، تون منهنجي زال آهين، منهنجي نڪاح ۾ آھين، امان ۽ سڀ مائٽ ٽوڪون ٿا ڪن ته شايد مان نامرد آھيان“
۽ بيڊ تي وڇيل اڇي چادر ڏانهن اِشارو ڪندي چيو ھئائين ته:
” روز امان پڇي ٿي ته الائجي ڇوڪري پھرين کان ئي ڪنهن سان کريل ته ڪانه ھئي جو چادر تي ڪو داغ ئي ناهي لڳو.“
تڏهن ڪيڏو نه ھيسجي وئي هئي بلڪل ڌرتيءَ جيان ٻڏڻ جي خوفَ کان. جڏهن مڙسئيس ھِنَ جي وجود کي اُگھاڙو ڪري، ھِنَ جي وات تي رَئو ٻڌيو ھو، متان ڪير منهنجي رڙ نه ٻڌي، تڏهن بي رحم بادلن خوشيءَ وچان گجگوڙن ڪرڻ شروع ڪري وڏَ ڦڙا وسايا ھئا. ھو پنھنجي فتح تي ڪاميابي جا گيت جھونگاريندي کنوڻين سان کيچل ڪري مٽيءَ جي مھڪ تي جھومي پيا، جيڪا ھنن جي جياپي جي جوُتِ ھُئي. تنهن ڏينهن کان ھِنَ کي بادلن کان نفرت ٿي وئي هئي. جڏهن بارش پوندي هئي، تڏهن ڌرتيءَ سان گڏ ھن کي پنھنجو وجود به آلو ٿيندي محسوس ٿيندو هو. صبح جو سوير جڏهن ھِنَ جي سس ڪمري ۾ داخل ٿي ۽ پھرين نظر وڇايل چادر تي پيس جنهن تي رات ھن جي وجود کي قتل ڪيل داغن جا چٽا نشان ھئا. ھِنَ جي قتل ڪيل وجود کي سس سوريندي چادر کسڪائيندي پُٽ کي خوشيء وچان چيو هو:
” مبارڪون هجن پُٽ توکي....“
۽ ان وقت سندس مڙس جي منھن تي فاتحانه مرُڪ تري آئي ھئي. ٿوري دير کان پوءِ ھن جي ڪنن تي سندس سَسُ جو آواز پيو جيڪا سڀني گهر ڀاتين کي چئي رهي هئي:
”مبارڪون هجن ڇوڪري صحيح آهي، ھي ڏِسُو چادر تي داغُ...“
اھي جملا ھِنَ جي قتل ٿيل وجود کي ڪوري ماس الڳ ڪري رھيا ھئا. ھِنَ کي ايئن لڳي رهيو هو ڄَڻُ ھِنَ جي اُگھاڙي جسم کي ڳجھون نوچي رهيو ھيون. تنھن ڏينهن ھيءَ بستر تان ڪون اُٿي ھئي ۽ ان ڏينهن ھيءَ مري چُڪي ھئي. ھِنَ جي وجود سان گڏ ھِنَ جي روح جو به قتل ٿي چُڪو ھو.
اوچتو وري ھن جي ڪنن تي بادلن جون گجگوڙن ھن جي وجود کي ھلائي ڇڏيو ۽ لڙڪن جي برسات ھن ڳلن تان ٿيندي ھِنَ جي وجود کي آلو ڪري رھي ھئي.

اُڃايل آشائون

اڄ وري منهنجي مٿي ۾ سور جي شدت وڌي وئي هئي. بيڊ تي ليٽي به ڪان پئي سگهيس ائين لڳي رهيو هو، ڄڻ مٿو ٺڪاءُ سان ڦاٽي پوندو. ڇت تي لڳل پکي جا پر ھڪ ٻئي پويان ڊوڙ لڳايو ھلندا پيا وڃن بلڪل منهنجي زندگيءَ جيان انھن جي ھوا جي زور تي، ٽيبل تي رکيل ڪتاب جا پنا ڪر ڪر ڪرڻ لڳا ھڪ ھڪ پنو آواز ڪري اٿلڻ لڳو ڄڻ منهنجي زندگيءَ جا سمورا ورڪ ڏيکاري رھيا ھجن. جنهن تي منهنجي زندگيءَ جي داستان اُڪريل ھجي ۽ چئي رھيا ھجن:
” چري شڪست زنده ٿي تنهنجي داستان ۾ شڪست ناهي لکيل، تون اڏول آھين پنهنجي جذبن جيان. تون حوصلو نه ھار انڪري جو تون کٽڻ وارن مان آھين، جيڪي ڪڏهن ھار نه مڃيندا آهن انڪري جو ھارائڻ، وڌيڪ کٽڻ جي جستجوءِ جو نالو آهي، تون جستجو آھين جيت جي.“
ڏسندي ئي ڏسندي ڪتاب جا ورق بند ٿيڻ لڳا. ڇَتِ تي لڳل پکي جا پَرَ آھستي آھستي ھِڪَ ٻئي پويان ھلي ھلي رُڪجي ويا. مان سڄي پگھر ۾ شَلُ ٿي ويس. لائيٽ ھلي وئي هئي. مشڪل سان اُٿي جارج واري لائيٽ ٻاريم، جنهن جي ھلڪي ۽ ٿڌي روشنيءَ ۾ گھر جي ھر شئي خوبصورتيءَ جو منظر پيش ڪري رھي ھئي. بلڪل منهنجي مَنَ اندر جي جي ڪيفيت جيان، جنهن کي مان ڄاڻي واڻي، ڌنڌلو ڪيو ھو. جئين ڏکن پيڙاھن جا پاڇا چٽا ٿي منهنجي زندگيءَ تي نروار نه ٿين. ۽ منهنجي اڳتي وڌڻ جي آشائن تي حاوي نه ٿين مان پنهنجي اُڃايل آشائن کي ايئن مرڻ نه ڏيندس مان ھِنَ سماج جي سڀني ناانصافين جو انت آڻيندس.
اھو سوچيندي سوچيندي، فرج جي مٿان رکيل دٻي مان ٻه گوريو ڪڍي تريءَ تي رکي انهن کي غور سان ڏسڻ لڳس. پنھنجو پاڻ کان سوال ڪرڻ لڳس ته: ”ڇا ھي ننڍڙيون گوريون منهنجي تڪليف کي ختم ڪنديون؟“
نه نه... ايئن ناهي ھي ته وقتي طور تي منهنجي دماغ کي منهنجي سوچ کي سمھاري ڇڏينديون. ۽ وري منهنجي ڪيفيت ساڳي ٿي ويندي.“
”نه نه... مان پاڻ کي چيو، ڇا مان انهن پتڪرين گورين کان به وڌيڪ ڪمزور آھيان...!؟“
نه ته مان اٽل آھيان، منهنجو نالو اُميدَ آهي، آشا آهي، جيت آهي. ايتري ۾ لائيٽ اچي وئي. ٿوري دير پهرين گھر جون شيون ھلڪي روشنيءَ ۾ خوبصورت منظر پيش ڪري رھيون ھون سي تيز روشنيءَ ۾ بدنما لڳي رھيون ھون. ۽ اُن تيز روشنيءَ سان گڏ مون پنهنجي اندر به اُجالا محسوس ڪيا جنهن ۾ مونکي ھن سماج جا داغَ چٽا نظر اچڻ لڳا. ۽ مان پنهنجي اندر جي اُڃايل آشائن کي نئين جذبن سان سيراب ڪري ھڪ ٿڌو ساهه ڀريو جنهن سان منهنجي اندر جي اُميد وري اُجاگر ٿي.

ھڪ طرف محبت ۽ ٻي طرف حوس

اڄ پورو ھفتو گذري چڪو هو پر زينت جي ڳلن تي ڳوڙھن جي لارن بس نه ڪئي. ھوءَ اندر مان اڌ ٿي چڪي ھئي. ھن جنھن سان زندگيءَ ۾ پھريون دفعو سچي محبت ڪئي. جنھن جي پوجا ڪئي، جنھن کي پنهنجي سِرَ جو سائين ڪيو ھئائين، جنهن سندس مرڻ تائين گڏ رھڻ جا واعدا ڪيا ھئا، سو بي وفا ھو، صرف حوس ھيس ھن کي حاصل ڪرڻ جي، بس جڏهن پيٽ ڀرجي ويس ته، افففف ...ڪيڏو نه قرب ناڪ لمحو ھو، جڏھن ھن سارنگ کي ڪنهن وڏي عمر واري عورت سان رنگ رليون ڪندي ڏٺو ھو. تڏهن زينت جو اندر اڌ ٿي چُڪو ھو. پيٽ ۾ وڍَ پئجي رھيا ھيس، دماغ جون نسون فاٺڻ تي ھيس. ھِنَ کي اھو ڏينهن ياد اچي ويو جڏهن سارنگ جي باري ۾ ھن پنھنجي ڀائرن کان پڇيو ھو ته : ”سارنگ ڪھڙو ماڻهو آهي...؟“
تڏهن انهن ٻڌايو ھيس ته: ”تمام بي ڪار، عياش ۽ ڪوڙو ماڻهو آهي.“
پر گھڻي دير ٿي چڪي ھئي ھي ته سارنگ کي پنهنجو خدا مڃي چڪي ھئي. پنھنجو تن من ان کي سونپي چُڪي ھئي. جڏهن سارنگ سان ملي ھئي ۽ پنهنجي ڀائرن جي ان جي باري ۾ ڳالھيون ٻڌايائين تڏهن سارنگ ڪلمي جو قسم کنيو هو ته ھو اھڙو ناهي ۽ ھِنَ کي يقين ڏياريائين ته: ”ھي آذان جو قسم آهي، منهنجي زندگيءَ ۾ صرف تون آهين“ ۽ ھِنَ کي ڪيڏي نه ڦڪائي ٿي ھئي ته اجايون ويچاري تي شڪ ٿي ڪريان، منهنجي ڀائرن کي ڪا غلط فھمي ٿي ھوندي ۽ سارنگ جي من موھيندڙ معصوم شڪل تي ھي ته اڳي ئي دل ھاري چڪي ھئي، پر ان ڏينهن ھن جي دنيا انڌير ٿي وئي ھن جيڪي محبت جا ديپ سارنگ جي نالي پنهنجي اندر جلايا ھئا، پنهنجي محبت کي روشن ڪرڻ لاءِ تن ھن جو اندر ساڙي رکُ ڪيو. ھن سارنگ کي فون ڪري چيو:
” اڄ مون توهان کي پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي.“
تڏهن سارنگ مڪرجي ويو ۽ ھن کي ڪنھن به ڳالهه جو کولي جواب نه ڏنائين ۽ فون بند ڪري ڇڏيائين. ھن ته سارنگ کي پنهنجي چپن جو امرت پياري اھو سمجهيو ھو ته ھاڻي سارنگ جي پيار جي اڃَ ھِنَ اُجھائي آهي، پر ھِنَ کي ڪھڙي خبر ته ھو بادلن جيان اُڃايل آهي، جنهن جي اُڃ ڪڏهن ختم نٿي ٿي سگهي. ھن پنھنجي جسم جو سڳند ڏيئي ان جي پيار جي بک مٽائڻ چاھي ھئي، پر سارنگ جي بک بگھيڙن کان به وڌيڪ ھئي. جيڪي پيٽ خالي ٿيڻ کان پوءِ وري نئين شڪار جي تلاش ۾ ھلندا آهن. انهن ۾ محبت ڪٿي به ناهي ھوندي. ھو ھوس جا پوڄاري ٿي چُڪا ھوندا آهن
اڄُ ان ڳالهه کي پورو ھفتو ٿي چڪو هو. ان ڏينهن کان پوءِ سارنگ ھِنَ سان ڪو رابطو نه ڪيو، ھي ڀڄي ڀورا ٿي چُڪي ھئي، ھِنَ بي وفائيء جي باھِ ۾ سڙي ھن جو تن من خاڪ ٿي چُڪو ھو. ھِنَ کي ھر طرف انڌيرو ئي انڌيرو نظر اچي رهيو هو. ھِنَ اکيون عرش ڏي ڪيون ۽ مسلسل آسمان کي تڪي رهي ھئي . جتي ڪھڙي وقت اڇا بادل ۽ ڪھڙي وقت انهن جي جگهه تي ڪارا بادل، تڏهن ھِنَ دل ۾ سوچيو، ”ڪاش ھن کي بادلن جو صرف ڪارو پن ئي نظر اچي ھا... جيڪي وسڻ کانپوءِ وري اُڃارا ٿي ويندا آهن، ڪاش اسان جي معاشري ۾ انسان،، انسان ٿي پوي، محبت جي پاڪ ۽ صاف جذبي سان سرشار ٿي وڃي، نه ڪي حيوان. پر حيوانن ۾ به ڪجهه رحم ايندو ھوندو، ته پوءِ سارنگ جھڙن مردن کي ڪھڙو نالو ڏجي. جيڪي معصوم دلين کي پنهنجي حوس جي نظر ڪري، پوءِ به خوش آھن.“
اھو سوچي زينت جي دل۾ سارنگ لاء نفرتن جون نديون ھِنَ جي اکين مان لار ڪري وھي پيون . ھِنَ کي ايئن لڳي رهيو هو ڄڻ سارنگ ھن تي ڇترو ڪري ٽھڪ. ڏيئي رهيو ھجي ۽ ايھو چئي رهيو ھجي ته
”ڏس منهنجي رچيل راند ۾ تون به بازي ھارجي وئينءَ...!“
۽ اڄ اھو ڏينهن شدت سان ياد پيو اچيس جڏهن ھن جي ننڍڙي ڀاءُ سارنگ جي گندي ۽ حوس ڀريل ڪارنامن جون ڪھاڻيون ٻڌايون ھيون. جنهن جو شڪار ھيءَ به ٿي چڪي ھئي.

شهزاد سهتو

---

شهزاد سهتو

نالو: پرويز حسين سهتو
والد جو نالو: محمد يونس سهتو
ادبي نالو: شهزاد سهتو
ڄم جي تاريخ: 4 مئي 1982ع
اولاد: ڌِيءَ: امرتا سنڌو - پُٽ: هالار پرويز
ڳوٺ: مڱڻا پوٽا، هنڱورجا - تعلقو: سوڀو ديرو- ضلع خيرپور
ڪِرت / ڪم : استاد) ( Junior School Teacher
تعليم: اي- ايم (انگريزي) ايم- ايس- سي (سماجيات)، ايم- ايڊ (ايجيوڪيشن)، پي- ايڇ- ڊي اسڪالر- پڙهندڙ
رابطو: موبائيل: 03337590995 ، 03018125995
اِي ميل: parwaizsahito@gmail.com
شهزاد سهتو، پنهنجي تعليم مڪمل ڪندي، ڪجھه وقت مختلف اين جي اوز ۾ نوڪري ڪرڻ کانپوءِ پڙهائڻ جهڙي مقدس پيشي سان لاڳاپو جوڙيو آهي. هي اسان جو سجاڳ ذهن آهي. هن پنهنجي تخليقي ڪم جي شروعات اِجهو هاڻ ئِي، ويجهڙي عرصي کان ڪئي آهي. هي سٺيون ڪهاڻيون لکي ٿو، تحقيقي مضمون لکي ٿو ۽ ترجما پڻ سٺا ڪري ٿو. هن وٽ لکڻ جي ڏات آهي ته ڏانءُ به اٿس. پاڻ سٺو جذبو ۽ شوق رکي ٿو. مون کي اميد آهي ته اڳيان هلي هي سٺو لِکاري ثابت ٿيندو ۽ پنهنجي سنڌ وطن جو نالو روشن ڪندو.

محمد يوسف جويو

مان استاد آهيان

اسان جي شهر جو هڪ استاد آهي، ڏاڍو ذهين ۽ هوشيار آهي، پنهنجي سبجيڪٽ تي تمام گھڻي مهارت اٿس. اها حقييقت آهي ته هن جا پڙاهيل اڪثر شاگرد انٽري ٽيسٽ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن. ان ڪري هر والدين جي خواهش هوندي آهي ته هو سندن ٻارن کي پڙهائي ته جئين هو به ساڳي طرح ڪامياب ٿي وڃن. نوڪري ته سرڪاري اسڪول ۾ اٿس پر ڪجهه خانگي ادارن کي به وقت ڏيندو آهي، ان سان گڏوگڏ ٽيوشن به پڙهائيندو آهي. هن وٽ وقت بلڪل به ناهي هوندو، ان ڪري هن سان ملاقات صرف آچر واري ڏينهن ٿي سگھندي آهي. وقت ته جيڪر هو ان ڏينهن به نه ڏئي پر پاڻ گڏ پڙهيا آهيون، ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن وقت ڏئي وٺندو آهي. رهڻ لاءِ عالي شان گھر ۽ گھمڻ لاءِ سٺي گاڏي اٿس. سندس ٻه وڏا ٻار ڪراچي جي ڪنهن بهترين اداري ۾ پڙهندا آهن.
آچر جو ئي ڏينهن هو، فون ڪري صبح جو نَوَ بجي ملڻ جو وقت ورتومانس. هن سان ملڻ ضروري هو جو هڪ دوست جي ٻار لاءِ هن کان وقت کپندو هو. هو اڳ ۾ ئي منهنجي انتظار ۾ ويٺو هو، ڇوته هو وقت جو صفا پابند آهي. اوطاق واري ڪمري ۾ داخل ٿي، سلام ڪري چيومانس:
”ماستر ڪهڙا حال اٿئي؟“
سلام جو جواب ڏئي چيائين: ”يار! هاڻي تو به اسان کي ماستر ٿو چئين؟ ڀائو! مان استاد آهيان، ماستر نه.“
پڇيومانس: ”استاد ڇو؟ ماستر ڇو نه ۽ ٻنهي ڪو فرق؟“
چوڻ لڳو: ”ماستر ان ڪري نه جو مان پڙهائيندڙ استاد آهيان، ماستر ، يا ته اسڪول نه ويندا آهن يا پڙهائيندا نه آهن. ڪن کان ته ٻئي ڪم نه پڄندا آهن. پر مان اسڪول به ويندو آهيان ۽ پڙهائيندو به آهيان. ۽ اهم ڳالهه ته مون وٽ ٻين جي سرگرمين تي ڌيان ڏيڻ جيترو وقت ئي ناهي. منهنجي دوست اشرف صاحب جو چوڻ آهي: ماستر اهو آهي جنهنکي پڙهائڻ کانسواءِ ٻيو سڀ ڪجهه اچي. سو هاڻ تون پاڻ فيصلو ڪر ته مان استاد آهيان يا ماستر؟“
چيومانس: ”ڇڏ يار! جتي ڊيوٽي اٿئي اتي ته پڙهائين ڪونه ٿو.“
چوڻ لڳو: ”ها دوست! اهو سچ آهي ته مان جنهن سرڪاري اسڪول جو استاد آهيان، ان ۾ ٿورو وقت ڏيندو آهيان. گھڻو وقت ان ڪري نه ڏيندو آهيان جو اتي شاگرد ايندا ناهن ۽ جيڪي ٿورا گھڻا ايندا آهن، انهن کي پڙهڻ جو شوق ناهي هوندو، تنهنڪري اهڙن ڏُڏ شاگردن کي وقت ڏيڻ وقت جو ذيان سمجھان ٿو. ڀلا سندن والدين کي ئي پنهنجن ٻارن لاءِ وقت ناهي ته پوءِ مان ڇا لاءِ پنهنجو وقت ذيان ڪريان. ٻيو ته منهنجي حصي ۾ هڪ ڪلاڪ جا صرف ٻه پيرڊ اچن ٿا، باقي سڄو سارو وقت اسڪول جي ٻين استادن سان گڏ چانهه پي، اخباري سرخين تي تبصرو ڪرڻ ۽ هيڏانهن هوڏانهن جون اجايون ڳالھيون ڪرڻ پاڻ کي ڪونه اچي، ان ڪري وڌيڪ وقت وڃائڻ بدران پرائيويٽ اسڪولن کي اوليت ڏيندو آهيان“
چيومانس: ”توکي ايترو وقت ڪئين ٿو ملي وڃي جو پنهنجي اسڪول سان گڏ خانگي اسڪول کي به وقت ڏئين ٿو؟“
وڏو ٽهڪ ڏيندي چيائين: ”هڪ اسڪول نه، ٽن خانگي اسڪولن کي وقت ڏيندو آهيان.“
”ٽي....!“
”ها ها ٽي... نه رڳو مان، پر سنڌ جي اڪثر خانگي اسڪولن ۾ اسان جھڙا استاد اٿئي، اسان جھڙن استادن جي وڏي گھر آهي. ٻيو ته پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهائڻ جو مزوئي الڳ آهي.“
”ڇا جو مزو....؟“
”ادا ....! اتي هوشيار شاگرد هوندا آهن، انهن کي پڙهائڻ ۾ مزو ايندو آهي. مزو صرف انڪري نه ايندو آهي ته هو هوشيار آهن. مزو انڪري به ايندو آهي جو پرائيويٽ اسڪولن کي وڌيڪ وقت ڏيڻ سان معاوضو به ججهو ملندو آهي.“
احساس ڏياريندي پڇيومانس:
”يار! توکي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ سنڌي قوم جو احساس ڪونهي؟“
چوڻ لڳو: ”ڪهڙي سنڌي قوم؟ جنهن کي اها خبر ناهي ته سندن ٻار ڪهڙي اسڪول ۾ ۽ ڪهڙي جماعت ۾ ٿو پڙهي، اسڪول وڃي به ٿو يا اسڪول جي بهاني هوٽل ۾ وڃي ٿو فلمون ڏسي. ان کان علاوه سڄو ڏينهن گھر ۾ جھيڙو پيو پوندو اٿن، اهو به نه سوچيندا ته ٻار جي نفسيات تي ان ڳالهه جا ڪهڙا منفي اثر پوندا. اسڪول کانپوءِ ٻارن کان درزين جي دڪانن، گئراجن. هوٽلن تي مزدوري ڪرائيندا، شام جو کائن مال متاءَ جو ڪم الڳ ڪرائين پوءَ اهڙو ٿڪل ٽٽل ٻار ڇا پڙهندو؟“
ڳالهه ته سندس برابر هئي، ان کان اڳ جو مان ڪجهه چوان، هن پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو:
”مونکي پنهنجي قوم جو ڪافي فڪر آهي، جنهن جي ڀَلي لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي اٿم، ان ڪري ئي ته ڪافي اسڪولن ۾ وڃي پڙهايان ٿو.“
چيومانس: ”سنڌي قوم صرف خانگي اسڪولن ۾ ناهي هوندي منهنجا دوست!“
چيائين: ”تون منهنجي قوم مان غلط مطلب ورتو آهي، منهنجو مطلب سنڌي قوم بلڪل به نه آهي، مان جنهن قوم جي ڳالھه ڪري رهيو آهيان، ان ۾ صرف پنج فرد شامل آهن يعني منهنجا چار ٻار ۽ هڪ عدد گھرواري، جن جي آئيندي جو ڪافي الڪو اٿم. اهو ئي سبب آهي، جو هنن لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي اٿم، مان آچر کانسواءِ ڪنهن ٻئي ڏينهن تي پنهنجي ٻارن کي راند ڪندي نه ڏسي سگھندو آهيان، انڪري جو جنهن وقت گھر ۾ داخل ٿيندو آهيان يا گھر مان نڪرندو آهيان ته انهن کي ستل ئي ڏسندو آهيان.“
مذاق ڪندي چيومانس: ”پوءِ ته تو وارا ٻار ته توکي سڃاڻندا به نه هوندا؟“
کلندي مذاق ۾ ئي جواب ڏنائين: ”هاهاهاها ...... هر آچر تي منهنجي گھرواري ٻارن کي منهنجو تعارف ڪرائندي ياد ڏياريندي آهي ته مان سندن پيءُ آهيان.............!!! يار! ڪم ايترو آهي جو وقت ئي نه ٿو ملي، اوهان جھڙن ٻن ٽن دوستن کانسواءِ ڪنهن کي به وقت ڏئي نه سگھندو آهيان، ۽ انهن وٽ به ايترو وقت ڪونهي، ڇاڪاڻ ته انهن جا ڪم به مون جھڙا آهن. مائٽن سان ته سال ۾ هڪ دفعو سو به جيڪڏهن عيد نه هجي ته ملاقات جو ڪوبه سوال پيدا نه ٿو ٿي سگھي.“
سمجھائيندي چيومانس: ”هڪ انسان جي لاءِ سماجي زندگي بسر ڪرڻ ضروري هوندو آهي. مطلب دوستن، مٽن مائٽن کي وقت ڏيڻ سيرو تفريح ڪرڻ وغيره. اضافي روزي ڪمائڻ لاءِ ٻيو ڪو ڌندو ڪر جنهن سان ڪمائي ۾ به اضافو ٿئي ته دوستن، مائٽن ۽ پنهنجي ٻارن کي به وقت ڏئي سگھين.“
وراڻيائين: ”ٻڌو اٿم ته ماستر پارٽ ٽائيم جاب ڪندا آهن. ڪي مال جو واپار ڪن ٿا، ڪي دڪانداري ڪن ٿا، ڪي ٽيڪسي هلائين ٿا. اهڙا ڌندا اهي ڪندا هوندا آهن، جن کي پڙهائڻ نه ايندو هوندو. ان ڪري ئي ته شايد ماستر ٿا سڏجن. اسان به پارٽ ٽائيم جاب ڪندا آهيون. پر اها نوڪري به پڙهائي سان لاڳاپيل آهي. مانجھاندو ڪري ٻه ڪلاڪ جون ٻه هوم ٽيوشنس، ان کان پوءِ ٽيوشن سينٽر، وري ٻه ٻيون هوم ٽيوشنس، ماستر کڻي ٽي پارٽ ٽائيم جاب به ڪن پوءِ به اسان جيترو نه ڪمائي سگھندا.“
رازداريءَ مان چيائين: ”خبر اٿئي ته رڳو انٽري ٽيسٽ جي تياري جي ڪلاسن جي ٽن مهينن جي عرصي ۾ ڪيتري مال ٺهندو آهي؟“
اندازو لڳائيندي وراڻيم: ”شايد لک سوا لک.“
مسڪرائيندي ٻڌايائين: ”گھٽ ۾ گھٽ به ڏھ ملي ويندا آهن. باقي هوم ٽيوشنس، ۽ ٽيوشن ڪلاسز ته سڄو سال پيا هلندا آهن. ان کان علاوه مان ڪجهه هينڊ بوڪ به لکيا آهن، جيڪي سال ۾ هڪ دفعو بوڪ اسٽالن ۽ امتحاني مرڪزن تي شاگردن جي هٿن ۾ نظر اچي سگھبا آهن.“
پڇيومانس: ”معياري به هوندا آهن يا..........!؟“
ٽهڪ ڏيندي وراڻيائين: ”هاهاهاهاها.......هاڻي اهي معياري هجن يا نه ان سان ڪهڙو فرق ٿو پئي. هڪ شاگرد هينڊ بوڪ وٺي ئي امتحان واري ڏينهن ته ان کي معيار سان ڪهڙو واسطو.“
ڳالهه جاري رکندي ٻڌايائين: ”امتحان سان ڳالهه ياد آئي امتحانن جي وقت ۾ ته اصل مزا هوندا اٿئي، وڏي عزت ٿيندي آهي. هرڪو پيو چاهيندو آهي ته مان ان جي ٻار جو پيپر حل ڪريان. پر مان صرف ڏهن امير ماڻهن جي ٻارن جا پيپر ڪنهن هڪ جي اوطاق ۾ ويهي ڪلاڪ ۾ حل ڪري وٺندو آهيان. ان هڪ ڏينهن ۾ هڪ مهيني جيترو ڌندو ٿيندو آهي. امتحانن کان پوءِ وري پيپر چيڪ ڪرڻ جو وقت ايندو آهي. بورڊ ۾ ڄاڻ سڃاڻ آهي، انڪري ايڪسٽرنل ٿيڻ ۽ پيپر چيڪ ڪرڻ، جي ڊيوٽي به حاصل ڪري وٺندو آهيان. پيپر چڪاسڻ جو معاوضو في ڪاپيءَ جي حساب سان جو ملندو آهي، ان ڪري ٻار پيپر ۾ ڇا لکيو آهي ان سان منهنجو ڪوبه واسطو ناهي، بس پنن تي ليڪا پائيندو ويندو آهيان ۽ جوابي ڪاپين جا ڍير لڳائيندو ويندو آهيان، ساڻ پئسن جو حساب لڳائيندو ويندو آهيان. جوابي ڪاپين ۾ ڪڏهن ڪجهه منفرد سٽن تي نظر پئجي ويندي آهي، جن ۾ پيپر چيڪ ڪرڻ واري کي پاس ڪرڻ جا قَسم ڏنل هوندا آهن، اهي قَسم اڪثر سرڪاري اسڪولن جي سينٽرن تان آيل ڪاپين تي لکيل هوندا آهن. ڪنهن جي فيل يا پاس ٿيڻ سان اسان جو ڪو تعلق ناهي، اسان جو واسطو آهي ته ڪمائيءَ سان، امتحانن جي حوالي سان ٻيا به ڪمائي جا ذريعا آهي.....پر ڇڏ انهن کي، هاڻي ڏي احوال، پڄندو ماسترن جو ڪو ڪاروبار اسان استادن کي؟“
سوچڻ لڳس ماستر هجي يا استاد ڪمائي ته هن پيشي ۾ آهي. هڪ ئي وقت ٻه ٽي ڌندا ڪري سگھجن ٿا. ياد آيو جنهن ڪم سان آيو هئس اهو ته وسري ويو. چيومانس:
”يار عابد! هڪ ٻار آهي ان کي ٽيوشن ڏيڻي اٿئي، سندس والد کي خبر پئي ته تون منهنجو دوست آهين، ان ڪري مون وٽ آيو هو، غريب اٿئي ثواب ملندئي.“
چيائين: ”ٽيوشن لاءِ مونکان وقت صرف اهي ئي وٺي سگھندا آهن، جيڪي سرنديءَ وارا هوندا آهن، باقي غريبن لاءِ مون وٽ وقت ناهي. ڀائو! ثواب سان پيٽ نه ڀربو آهي. پيٽ کي مانيءَ جي ضرورت هوندي آهي. هڪ سنڌي شاعر ته ڄڻ مون جھڙن لاءِ ئي هي شعر چيو هجي:
”هر وقت آهي ساھ کي ڳڀي جي ڳولا،
ڍَوَ بــنا ڍولا ناهي ساڃاھ سونهن جي.“
ان شعر منهنجو ڪم آسان ڪري ڇڏيو آهي. بس هر وقت ڳڀي جي تلاش جاري آ. باقي جيڪي مفت ۾ پڙهائي ثواب حاصل ڪرڻ جي صلاح ڏيندا آهن، انهن کي هڪ ئي جواب هوندو آهي ته سرڪاري اسڪول ۾ باقي ڇا لاءِ ٿو پڙهايان اتي جو غريبن جا ٻار ايندا آهن.“
چيومانس ته: ”مطلب جواب سمجھان...!؟“
چيائين: ”موڪلينس، رعايت ڪندوسانِ.“
وراڻيم: ”پئسا وري به وٺيندين، سڌرندين ڪونه...“
کلي چوڻ لڳو: ”جيستائين اسان جي سنڌ جي تعليم ۽ تعلمي پاليسيون ٺيڪ نه ٿيديون مون جهڙا استاد ۽ ٻي ڌر وارا ماسترن جا ٺٺ هوندئي.“
چانهه پي معذرت سان گڏ موڪلائڻ جي ڪيائين، چوڻ لڳو:
”يار! آچر جي به ٽيوشن ملي آهي، جيڪا صرف آچر واري ڏينهن پڙهائڻي هوندي. انڪري ڪنهن ٻئي دفعي ملنداسين.“
مون به دل ۾ ڪونه ڪيم. سڌي ڳالهه ڪرڻ وارو ۽ دوست ماڻهو آهي، انڪري پنهنجو ڪم پڪو ڪري هليو آيس.

ڪتا ڪانفرنس

انڌيري رات ۾ جڏهن سڀ انسان ننڊي جي هنج ۾ مدهوش ٿي سمهي پيا. تڏهن شهر کان ٿورو پر ڀرو سنسان رستي جي پاسي غيرآباد علائقي جي وسيع ميدان ۾ وڻن جي جھڪر هيٺان ڪجھه ڪتا پاڻ ۾ گڏيا. ائيڻ پئي لڳو ڄڻ ته ڪا سندن ميٽنگ هجي. شايد تعداد ۾ پنج کن هئا. انهن مان هڪ ڪتي گروھ جي سردار ڪتي کي ٻڌايو:
”سائين! مان اوهان جي حڪم موجب گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان هر گھر جي هر ان ڪتي سان سان مليم جيڪو زنجير سان ٻڌل هو ۽ ان سان به مليم جيڪو زنجير سان ٻڌل نه هو، پر اهو هئو وري به غلام ڪتو. کين گھڻو ئي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي پر کين منهنجي ڳالھه سمجھه ۾ نه ٿي آئي ته هو ڪو غلاميءَ واري زندگي گذاري رهيا آهن، سچ چيو آهي ڪنهن ته دنيا جو سڀ کان ڏکيو ڪم ڪنهن غلام کي اهيو يقين ڏيارڻ آهي ته هو ڪو سچ ۾ به غلام آهي. ان ڪري اهڙي گروھ کي سمجھائڻ جو ڪم منهنجي وس کان ٻاهر ٿو نظر اچي.“
سردار ڪتو سوچ ۾ پئجي ويو، پڇڻ لڳو: ”پوءِ تو ڇا ڪيو ؟“
وراڻيائين: ”سائين مان ڇا ڪريان؟ هو پنهنجي آقا جي خلاف هڪ لفظ به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهن، بلڪل انڌا ٻوڙا ۽ گونگا لڳا پيا آهن، هنن کي ته بس پيٽ ڀريل هجڻ جي پرواھ آهي، باقي مالڪ جي نفرت، گارگند، ڌتڪار جو انهن مٿان ڪوبه اثر ڪونه ٿو ٿئي، هو ته ٻن وقتن جي مانيءَ عيوض پنهنجو سڀ ڪجھه مالڪن مٿان واريون ويٺا آهن، اسان جھڙن ٻين ڪتن جي رسائي پنهنجي مالڪن وٽ بلڪل بند ڪرايون ويٺا آهن. جڏهن مان انهن کي اهيو احساس ڏياريو ته هو غلام آهن ۽ غلامي، چاپلوسي ۽ چمچاگيريءَ واري زندگي ڇڏي اسان جو ساٿ ڏين، آزاد فضا ۾ ساھ کڻن، ڀلي جي اها آزاد فضا گھڙي پلڪ جي ڇو نه هجي، ورهين جي غلاميءَ کان اتم ۽ اعليٰ آهي.“
سردار ڪتي پڇيس: ”ته پوءِ هنن تي تنهنجي ڳالھه جو ڪو اثر پيو ؟“
وراڻيائين: ”اثر وري ڪهڙو سائين! ابتو هنن اها ڌمڪي ڏني ته هو اسان جي شڪايت وحشي ڪتن تائين پهچائي اسان کي نقصان رسائيندا ۽ جي ضرورت پئي ته مارائي به سگھن ٿا.“
گروھ جو سردار ڪتو سنجيده ٿي هڪ دفعو ٻيهر سوچ ۾ پئجي ويو. ٿوري دير ترسي هن ٻئي ڪتي کان پڇيو:
”تون ڪر خبر تنهنجي ڇا رپورٽ آهي؟“
ٻئي ڪتي وراڻيو: ”سائين مان اوهان جي نشاندهي ڪرائڻ تي، پهرئين ڪتي وانگر انهن سڀني ڪتن سان مليس جيڪو گھرن ۾ رسن سان ٻڌل ته نه هئا پر عام رستن تي رلي رهيا هئا، جڏهن ته سندن ڪو به ٺڪاڻو ناهي هوندو، انڪري انهن سان ملڻ ۾ ڏکيائي پيش آئي، هنن جو به حال غلام ڪتن وارو آهي، بس فرق اهيو آهي ته هو رسن سان ٻڌل ناهن هوندا. انهن کي به احساس محرومي بلڪل ناهي، ٿوري گھڻي ملڻ، ذلت ۽ خواري ۾ خوش آهن، ڇا مليو ڇا کسيو ويو کين ان ڳالھه جي نه سُڌ آهي نه ئي ڪا پرواح آهي، وس وارن ڪتن جي حڪم تي هڪ کان ٻئي هنڌ تڙبا رهن ٿا. سو مان به پهرئين ڪتي وانگر انهن مان مايوس آهيان.“
سردار ڪتي پڇيس: ”ڀلا ڪنهن اسان جي ساٿ ڏڻ جي حامي ڀري؟“
وراڻيائين: ”ها سائين! هڪ ٻن ها ڪئي آهي، پر لڳي نه ٿو ته هو ساٿ ڏئي سگھندا.“
سردار ڪتي پچيس: ”ڇو..... ۽ تو کي ائين ڇو ٿو لڳي؟“
وراڻيائين: ”ڇو جو انهن کي وحشي ڪتن جو ڊڄ آهي، ۽ جان هر ڪنهن کي پيار ٿيندي آهي.“
سردارڪتي سندن ڳالھيون ٻڌي باقي ٻن ڪتن ڏانهن نهاريو، پر اهي ڪنڌ نوائي ويهي رهيا، سردار ڪتو سندن خاموشي ڏسي سمجھي ويو ته هنن وٽ ٻڌائڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي، تنهنڪري ٿوري دير خاموش رهڻ کان پوءِ کين مخاتب ٿيو:
”دوستو !جئين ته مان اوهان کي هر دفعي جي ملاقات ۾ ان ڳالھه تي زور ڏيندو آهيان ته پنهنجو ڪم نهايت چالاڪيءَ سان ڪندا ڪريو، اهڙو ڪوبه رد عمل نه ڏيکاريندا ڪريو جنهن مان پتو پئجي سگھي ته اسان جو مشن ڪهڙو آهي؟ جئين ته اوهان کي خبر آهي ته ڪجھه جاسوس ڪتا جيڪي لومڙ جي نسل مان ٿين ٿا، انڪري وڌيڪ چالاڪ هوندا آهن، جيڪي اسان جي گروھ ۾ ملي ڪري اسان جي هر ڳالھه وحشي ڪتن تائين پهچائين ٿا. وحشي ڪتا خود بگھڙ جي نسل مان ٿيندا آهن ۽ تمام گھڻا خونخوار ٿيندا آهن. هو سڄي نسل مٿان پنهنجو تسلط رکڻ چاهين ٿا ۽ هو هرگز به نه ٿا چاهين ته اسان آزادي سان هڪ منظم معاشري ۾ رهون، جتي هر هڪ کي پنهنجو حق حاصل هجي. ياد رکو ته هو اوهان کي پنهنجي گروھ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ هر قسم جو وس هلائي سگھن ٿا. پر اسان کي پاڻ ۾ اتحاد ۽ ايڪو پيدا ڪرڻو آهي. محنت ڪري پنهنجي گروھ کي وسيع ڪرڻو آهي، جيڪو پوري نسل جي بقاءَ لاءِ بهتر آهي.... هاڻي پاڻ موڪلايون ٿا...ڪن ٻين هنڌ به اهڙيون ملاقاتون رکيل آهن.“
جيئن ئي سندن ميٽنگ پڄاڻي تي پهتي ته سندن مٿان وحشي ڪتن جي هڪ وڏي گروھ حملو ڪري ڏنو. ٽن ڪتن کي چيري ڦاڙي ڇڏيائون باقي ٻن کي ساڻ ڪري ائين وٺي ويا ڄڻ ته هو سندن ئي ساٿي هجن جيڪي جاسوسي خاطر ان گروھ ۾ شامل ٿيا هئا.

مراد

وليداد عمر جي پنجاهين ڏاڪي تي اچي رَسيو هو، پر کيس ڪوبه اولاد نه پئي ٿيو. وليداد کي ولي عهد جي ضرورت هئي، ان ڪري هو ٽي شاديون ڪري چڪو هو. پهرئين گھر واريءَ کي شاديءَ جي پنجين سال اهيو ڪارڻ ڄاڻائي طلاق ڏئي ڇڏيائين جو هوءَ اولاد ڄڻڻ جي لائق ناهي. پهرئين گھرواريءَ جي طلاق ۾ سندس گھر ڀاتين جو به ڪافي حد تائين هٿ هيو. هر وقت طعنه ”نڀاڳي آهي، ڪنهن جو پاراتو لڳل اٿس، هن جي قسمت ۾ اولاد لکيل ئي ناهي بيماري اٿس ان ڪري سنڍ آهي وغيره ...!!!“
وليداد سرنديءَ وارو هو ۽ ان وقت عمر به اڃا گھڻي ڪونه ٿي هيس انڪري ٻي شادي لاءِ کيس گھڻو انتظار ڪرڻو ڪونه پيو. ٻي شادي کي به ٻه سال گذري ويا پر حال وري به ساڳيا هئا. گھر وارن جا نئين ڪنوار کي ساڳيائي طعنه ۽ پِٽ پاراتا. پر هن دفعي لوڪ جي لڄ کان طلاق ڏيڻ بدران هُن پيرن مرشدن ڏانهن رخ ڪيو، ڪِن کان ڌاڳا ڦيڻا ڪرايائين ته ڪن کان تعويذ لکرايائين ته وري ڪجھه مزارن تي باسون الڳ باسيائين. پر سڀ ڪوششون بيڪار ويون ڪو به اثر ڪونه ٿيو. ان ڪوششن ۾ ست سال کن ٻيا به گذري ويا. نيٺ بيزار ٿي هن ٽئين شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پهرئين کان ٽئين شادي تائين جي سفر دوران سندس عمر پنجاھ سالن جي لڳ ڀڳ اچي پهتي.
ٽئين شاديءَ لاءِ کيس ڪافي هٿ پير هڻڻا پيا، ڇوته سندس عمر وڏي هئي ۽ کيس ننڍي عمر واري ڪنوار گھربل هئي. ڪو به سياڻو ماڻهو ڏسي وائسي اهڙي رشتي کان انڪار ئي ڪري پئي سگھيو. انڪري هن پنهنجي شهر کان ٻاهر اهڙي ڪنهن غريب ۽ ضرورتمند خاندان جي تلاش ڪئي، جيڪو پئسن جي عيوض کيس پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ ڏئي. پئسن عيوض سڱ ڏيڻ جي رسم گھڻي ڀاڱي ختم ٿي پر ان هوندي به ڪن ٻهراڙين ۾ هيءَ ڪڌي رسم اڃا به جاري آهي. وليداد کي به هڪ ٻن سالن جي ڳولا کانپوءِ ويھن سالن جي ڪنوار ملي وئي، جيڪا هُن ٽِن لکن ۾ خريد ڪئي هئي.
نئين ڪنوار عمر ۾ گل جي مکڙيءَ جيان بلڪل نئين، جواني جي چائونٺ تي قدم رکڻ واري، چنبليءَ جي گل جيان خوبصورت هئي، سندس جسم جو جوڀن گلابن جي خوشبوءِ سان واسيل هو، جنهن ڪري وليداد کيس وڌيڪ اهميت ڏيڻ لڳو. اهميت ڏيڻ جو خاص سبب اهيو به هيو ته هاڻي وليداد ۾ اهو جوش ۽ جذبو به نه رهيو هو، جو پنهنجي نئين ۽ ننڍي عمر واري ڪنوار جي ڦوھ جوانيءَ ۽ مست خواهشن کي پنهنجي لهندڙ سج جھڙن جذبن سان خوش رکي سگھي، نئين ڪنوار ۽ سندس عمر جي وچ ۾ عمر جي وٿي نه پر هڪ نسل جي وٿي هئي، جيڪڏهن کيس پهرئين گھرواريءَ مان اولاد ٿئي ها ته هُن جيتري سندس ڏوهٽي نه به ته ڌيءُ ته ضرور هجي ها. وڏي عمر وارا مرد پنهنجي ننڍي عمر واري گھرواريءَ کي جڏهن خوش ڪري نه سگھندا آهن ته پنهنجي گھر واريءَ لاءِ سندن پيار ويتر وڌي ويندو آهي، سندن خيال اڃا به وڌيڪ ڪرڻ شروع ڪندا آهن ته جيئن گھڻي گھرڻ ڀائڻ سان سندن ڌيان ڪنهن ٻئي پاسي نه وڃي، ۽ متان ڪنهن ٻئي هنڌ ڪا اڻ وڻندڙ حرڪت نه ڪري ويھن، پر حقيقت ان جي ابتڙ هوندي آهي. ڇوته بک، اڃ ۽ جسماني ضروت فطرتي آهن جن جو ضرورت جي وقت انسان هر طرح سان پورائو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
وليداد جو نئين ڪنوار لاءِ لاڏ پيار کي سال کان مٿي عرصو گذري ويو هو، پر اولاد وري به نه ٿيو هو... ڌاڳن ڦيڻ، تعويذن ۽ مزارن جي باسن جو ساٿ هاڻي ڊاڪٽر جي دوائن به ڏيڻ شروع ڪيو، پر اهيو سڀ ڪجھه وليداد لاءِ نه پر نئين ڪنوار لاءِ هيو. سڪينه کي هڪ ڊاڪٽر مشورو ڏنو:
”اوهان ٻئي زال مڙس چيڪ اپ ڪرايو ته جيئن خبر پئي سگھي ته نقص ڪنهن ۾ آهي؟“
سڪينه ڊاڪٽر کي چيو: ”ميڊم! منهنجي مڙس کي يقين آهي ته خرابي مون ۾ آهي، ان ڪري هو چيڪ اپ ڪونه ڪرائيندو، اوهان منهنجو چيڪ اپ ڪريو.“
ڊاڪٽر صاحبه کيس ضروري ٽيسٽون لکي ڏيندي چيو:
”ٽيسٽن جو رزلٽ کڻي اچڻ وقت پنهنجي مڙس کي لازمي وٺي اچجو.“
ڊاڪٽر جي مشوري مطابق نئين ڪنوار ڪجھه ضروري ٽيسٽون ڪرائي ورتيون، هن وليداد تي زور ڀريو ته هو کيس ڊاڪٽر ڏانهن وٺي هلي نه ته هوءَ نه ويندي، وليداد جيڪو کيس خوش رکڻ لاءِ سندس تقريبن هر ڳالھه مڃيندو هو، کيس ڊاڪٽر ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويو. ڊاڪٽر صاحبه پنهنجي ڪلئنڪ جي آفيس ۾ وڏي ڪرسيءَ تي ويٺي هئي، سندس سامهون ڪشادي ٽئبل جي اڳيان پيل ڪرسين تي وليدا ۽ سندس نئين ڪنوار سڪينه جيڪا هاڻي نئين نه رهي هئي، اچي ويٺا. سڪينه ٽيسٽن وارو فائيل ڊاڪٽر صاحبه کي هٿ ۾ ڏيندي وليداد ڏانهن اشارو ڪندي چيو:
”ميڊم هي منهنجو مڙس وليداد آهي.“
ڊاڪٽر صاحبه وليداد تي هڪ نّظر وجھي پنهنجي نظر وارو چشمو اکين تي چاڙهيندي ٽيسٽن جو مشاهدو ڪرڻ لڳي. ٽيسٽون ڏسي ڊاڪٽر صاحبه وليداد کي مخاطب ٿيندي چيو:
”سڪينه، مطلب توهان جي گھر واري هنن ٽيسٽن مطابق بلڪل نارمل آهي، اولاد ڄڻڻ جي به ڀرپور سگھه رکي ٿي، پر توهان کي ڪجھه ٽيسٽون لکي ٿي ڏيان، جيڪي جلد ڪرائي وٺو ته جئين اوهان جو علاج ٿي سگھي. ان ۾ ڪا لڄ يا شرم جي ڳالهه ناهي، هي هڪ عام مسئلو آهي.ان ڪري اوهان کي به شرم جهڙي فضول ڳالهه تي توجه ڏيڻ جي ضرورت ناهي.“
ان وقت ڊاڪٽر صاحبه جي اڳيان هو ڪجھه ڪين ڪڇي سگھيو، پر گھر اچي ڏمرجي پيو، چوڻ لڳو:
”ڄٽ ڊاڪٽر، ڀلا مرد کي به علاج جي ضرورت هوندي آهي ڇا؟ مرد ۾ هميشه سگھه هوندي آهي ته ٻار ڄڻڻ ۾ عورت جي مدد ڪري، باقي ٻار ڄڻڻ جي سگھه عورت ۾ گھٽ هوندي آهي.“
سڪينه چيس: ”ٿي سگھي ٿو ڊاڪٽر صحيح هجي، ڀلا ٽيسٽ ڪرائڻ ۾ ڪهڙو هرج آهي؟“
وراڻيائينس: ”لڳي ٿو ته مونکي چوٿين شادي ڪرڻي پوندي، هوئين به مذهب اسان مردن کي چار شادين جي اجازت ڏئي ٿو... هل ته سڀاڻي مرشد کان تعويذ وٺي اچون ۽ سائين جي درگاھ تان به ٿي اچون، ڏسان ته ڪيئن نه ٿو اولاد ٿئي.“
سڪينه وراڻيس: ”ڏس وليداد! مونکي تنهنجي هڪ دفعو وري شادي ڪرڻ يا مرشد ڏانهن ڌاڳي ڦيڻي لاءِ هلڻ ۾ ڪو اعتراض ڪونهي، پر تون اڳ ۾ به شاديون ڪيون آهن پر انهن مان به ڪو نتيجو ڪونه نڪتو آهي، اسان ٻين بيمارين جو به ته علاج ڪرائيندا آهيون، ته پوءِ هن مسئلي لاءِ دوا ڇونه ٿا وٺي سگھون؟“
وليداد جنهن کي پنهنجي جوان مردي تي ناز هو ۽ اهو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه هو ته مرد سان به ڪو اهڙو مسئلو ٿي سگھي ٿو. سڪينه کي حڪم ڪيائين ته:
”مان ڪجھه نه ٿو ٻڌان بس تون سڀاڻي مرشد ڏانهن هلڻ لاءِ تيارٿي.“
اڳئين ڏينهن وليداد سڪينه کي ساڻ ڪري پنهنجي مرشد وٽ وٺي ويو، جتان تعويذ وٺي سائين وڏي جي درگاھ جي حاضري ڀري واپس گھر موٽي آيا.
وليداد جو ننڍو ڀاءُ طاهر تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ ڪراچي ۾ ڪاروبار ڪندو هو، ڪجھه ڏينهن لاءِ ڪم سانگي پنهنجي ڀاءُ جي گھر ۾ ترسيل هو. هو قداور ۽ خوبصورت هجڻ سان گڏ وڏو عياش پرست نوجوان هو ۽ ان سبب ڪري ئي هن اڃا تائين شادي ڪانه ڪئي هئي، پيسي جي زور تي ڪنهن به ڇوڪريءَ کي پنهنجو ڪرڻ ۾ دير نه لڳائيندو. گھر ۾ طاهر جي ماني ٽڪي ڏيڻ وٺڻ جو جو ڪم سڪينه ڪندي هئي. جيڪا طاهر جي چالاڪيءَ واري خوش اخلاقي جي سبب ساڻس جلدئي گَھِري ٿي وئي هئي.
انهن ئي ڏينهن ۾ سائين وڏي جي درگاھ تي ميلو لڳل هو، سنڌ جي پيرن فقرن جي درگاهن تي جيڪي ميلا لڳندا آهن انهن ۾ شام جو ملاکڙن ٿيندا آهن ته رات جو اهي ميلا راڳ جي محفل سان سَجيل هوندا آهن، پراڻي دؤر انهن ۾ ميلن ۾ ديسي فنڪار راڳ ڳائيندا هئا ۽ پنجاب جون ناچڻيون پنهنجي فن جو مظاهرو ڪنديون هيون، راڳين کي ورلي ڪو داد ملندو هو ۽ مشڪل سان پنهنجو خرچ پکو ڪڍي سگهندا هئا، پر ناچڻين وٽ وڏيرا، زميندار ۽ ڪجھه ٻيا سرنديءَ وارا پنهنجو الھه تلھه ڦرايو ويندا هئا ۽ گادي نشين مفت ۾ پيا مزا ماڻيندا هئا، پر هاڻ منافع بخش ڪاروبار ڏسي پرديسي پکيئڙن جي جاءِ گھڻي ڀاڱي ديسي ڪونجن ولاري ورتي آهي. وليداد به ٻين چڱن مڙسن وانگر سڄي رات ميلي ۾ ناچڻين جي رقص مان پيو محو ٿيندو رهيو.
گرمين جا ڏانهن هئا، منجھند جو وقت هو، گھر جو هر هڪ ڀاتي پنهنجي ڪمري ۾ آرامي هو. هر طرف آڌيءَ رات جيان خاموشي لڳي پئي هئي. ميلي ۾ سڄي رات جي گذارڻ، اوجاڳي ۽ وري صبح جو ضروري ڪم ڪار مان واندو ٿي وليداد به پنهنجي ڪمري ۾ گھري ننڊ ستل هو. طاهر شهر ۾ پنهنجي دوستن سان ملاقات ڪري واپس آيو هو. سڪينه سندس انتظار ۾ هئي ته هو اچي ته کيس ماني ڏئي هوءَ به ڪجھه گھڙيون آرامي ٿئي. طاهر پنهنجي ڪمري ۾ داخل ٿي ويٺو ئي مس ته سڪينه ماني کڻي سندس ڪمري ۾ صوفي جي ڀرسان پيل ٽئبل تي اچي رکندي چيائينس:
”ايتري دير نه ڪبي آهي، سڀ پيا آرام ڪن ۽ مان ويٺي تنهنجو انتظار ڪريان.“
طاهر منهن تي مرڪ آڻي وراڻيس:
”واقعي ايتري دير ناهي ڪبي، ڪنهن کي ايترو انتظار ناهي ڪرائبو.“
”اهو ته مان چوان ٿي“
”ها ها، مان به ته اهو توکي سمجھائي رهيو آهيان.“
طاهر، سڪينه کي پنهنجين ٻانهن ۾ قابو ڪندي چيو. سڪينه جو جسم جيڪو ٿر جي ريگستان ٿي چڪو هو جتي ورلي ڪي مينهن ڪڻيون پونديون هيون ۽ جنهن کي شديد برسات جي ضرورت هئي، ڇاڪاڻ سندس جسم جي وراياسي پٽ تي ڪافي عرصي کان ڪو وسڪارو نه ٿيو هو ۽ نه وري ترت ڪنهن اُٺي جي اميد هئي. طاهر جي سيني سان لڳي کيس مينهن جي پهرين ڪڻين جي وسڻ ڪري مٽيءَ مان نڪرندڙ هٻڪار محسوس ٿي. ڊڄ ۽ گھٻراهٽ جي احساس مان کيس چيائين:
”ڇا مطلب....!“
”مطلب سڀ ننڊ پيا آهن، موقعو سٺو آهي. دل ڪري پئي سانوڻ جي مينهن وانگر تنهنجي سرزمين تي وسي پوان.“
”پوءِ ڪنهن روڪيو اٿئي، وسي پئو....“
پوءِ ڪافي دير تائين ريگستان تي تيز بارش ٿي ۽ وارياسو پٽ جرٿر ٿي ويو جنهن جي آلاڻ سڪينه جي رڳ رڳ ۾ رَلجي وئي. ٻئي ڏينهن ئي طاهر هوا جي ڪلهن تي سوار ڪڪرن جيان ڪراچي روانو ٿي ويو. پر سندس وسڪاري سبب سڪينه جي سڪل ٺوٽ جسم مان ساوا گونچ ڦٽڻ لڳا، هوءَ جيڪا پهريان ان خوف ۾ ورتل هوندي هئي ته وليداد چوٿين شادي نه ڪري، هاڻي سندس جسم جي زرخيزيءَ کيس اهڙي خوف واري ڪيفيت مان آجو ڪري ڇڏيو هو. ٿوري ئي وقت ۾ سندس جسم جو ورياسي پٽ مان سرسبز ۽ شاداب ٿي ويو جيڪو ڪنهن گلستان کان گھٽ ڪين پئي نظر آيو.
سانوڻ جو مينهن بهار جي موسم ۾ پنهنجو آخري جوهر ڏيکاريو، سڪينه جي جسم مان گلاب جو گل ڦٽي نڪتو هو، جنهن پوري گھر کي واسي ڇڏيو هو. هر طرف خوشيون هيون. گھر ۾ نئين آيل مهمان کي ڏسڻ لاءِ ڪافي ساريون عورتون آيل هيون، حاجرا پئي چيو:
”پيءُ جھڙو آهي.... پر وات ۽ نڪ پنهنجي چاچي طاهر جهڙو اٿس....“
ساران چيو: ”نه ادي! صفا چاچي جھڙو آهي.“
ڪراڙي ماسي هدايت چيو: ”طاهر جھڙو آهي به ته ڇا ٿي پيو، هو به ته سندس چاچو آهي، آخر پنهنجي خاندن تي ئي ويندو.“
وليداد سڪينه کي چيو: ”نڀاڳي ڊاڪٽرياڻي، چئي پئي ته تون علاج ڪراءِ، چيو نه هيومانءَ اولاد ٿيندو، آخر مرشد سائين جي دعائن ۽ سائين وڏي جي ڪرامتن جي اڳيان انگريزي دوائن جي ڪا ڀيٽ آهي ڇا؟“
وليداد جي ٻئي گھر واري ڀاڳل چيو: ”توهان کڻي ڇا به چئو پر وليداد جي مراد مرشد جي دعا ۽ سائين وڏي جي ڪرامت جي ڪري ٿي آهي.“

غيرت

بئنڪ ۾ بينظير انڪم سپورٽ جا پئسا اچي ويا هئا، تمام گھڻي رش جي ڪري واحد بخش کي انتظار ڪندي شام جا چار ٿي ويا هئا. بئنڪ جي اي ٽي ايم (ATM) مشين تي عورتن ۽ مردن جي تمام گھڻي پيھه هئي، مردن ۽ عورتون جي وچ ۾ صرف ڪپڙن جي وٿي هئي.
عورتن کي جلد وارو ملي رهيو هو. ان ڪري واحد بخش پنهنجي ڀيڻ رحمت کي وٺي آيو هو، جيڪا ان رش ۾ مردن سان گڏ انهن جي وچ ۾ بيٺي هئي. سنڌي عورتون اڪثر اڻپڙهيل هونديو آهن، انڪري رحمت پنهنجي واري اچڻ تي، هڪ مرد کي مشين مان پئسا ڪڍڻ لاءِ ڪارڊ ڏنو جيڪو ٻه سؤ روپين جي عيوض سڀني کي ATM مان پئسا ڪڍي ڏئي رهيو هو. پئسا ڪڍرائي ٻئي گھر پهتا.
سج لٿي ڌاري سندس ڀيڻ پنهنجي سؤٽ کي ATM مان پئسا ڪڍرائڻ جو احوال ڏئي رهي هئي. واحد بخش پري کان سندن بي تڪلفي سان ڳالھائڻ ڏسي رهيو هو.
واحد بخش صبح جو ٿاڻي تي پيش پئي پوليس کي ٻڌايو ته هن غيرت جي نالي تي پنهنجي ڀيڻ ۽ سوٽ کي قتل ڪيو آهي.

آسيہ مخدوم قريشي

---

آسيہ مخدوم قريشي

قلمي نالو: مخدوم آسيا نعمت الله قريشي٠
ولد : مخدوم نعمت الله قريشي٠
جنم هنڌ: ديهه گهيڙ گجو، ڳوٺ متل خان آريجو٠
جنم تاريخ: 1 آگسٽ 1997ع
تعليمي لياقت: فرسٽ ايئر، (ڪاش اسين به ايئن پڙهي سگهؤن هان جيئن
دنيا جون ٻيون نياڻيون پڙهن ٿيون)
حفظِ قرآن: مدرسه عربيه مصباح الهدي خالد بن وليد مخدوم آباد ۽
جامعه بنوريه للبنات ڪراچي٠
هاڻوڪو پتو: سيال محله گچيرو روڊ مورو٠


ڪهاڻي ادب جي ظالم صنف آهي. ڪهاڻي دردناڪ سچ آهي. پير جي کُڙي ۾ ٻير جو ڪنڊو ۽ لهندڙ سج سان گڏ مري ويل گُل جي ٻيهر نئين جنم جي آس جو نئون نالو به ڪهاڻي آهي. اهو ويساهه شعور لاءِ جاڳندڙ ڏيئي جهڙو ڪافي آهي ته سنڌي جديد ڪهاڻي ٻڪرال مينهن جهڙي مزاج کان ڪڏھن به لاتعلق ناهي ٿي. ايڪهين صدي جي ڪهاڻي جو چھرو قبول ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي.
اسان جي باشعور، بيباڪ، باصلاحيت ليکڪا مخدوم آسيه قريشي جون سنجيده ڪاوشون ساراهه لائق آهن. هن جي چند ڪهاڻين جي مطالعي مان پروڙ پوي ٿي ته هن وٽ شعور ۽ وجدان جو سنگم آهي. خاص ڳالهه اها آهي ته هن لفظن سان ڳالهائيندڙ ڪهاڻيون لکيون آهن. هن جون ڪجهه ڪهاڻيون نثري نظمن جهڙو مزاج رکن ٿيون ته ڪي مڪمل اصل ڪهاڻي جو اسلوب رکن ٿيون، پر خصوصيت اها آهي ته اهي مقصد سان ڀرپور آهن. (پيش امام) ڪهاڻي جي موضوعيت ڇرڪائيندڙ آهي ته ليکڪا جي شعوري ائپروچ ۽ بيباڪي به داد لائق آهي. (ديوارن کان اڳتي) ڪهاڻي انتهائي بامقصد ۽ دلڪش آهي، جيڪا گهڻو متاثر ڪري ٿي. اها ڪهاڻي انساني دانهن آهي، جنھن جي دائميت رهڻي آهي. (دريءَ ٿوري کليل ڇڏجو!) ڪهاڻي واقعي شاندار ۽ جاندار سان گڏ انتهائي روح رهڙيندڙ ۽ دردناڪ آهي، درد کي محسوس ڪرائڻ جي شاهڪار آرٽسٽ نگاري هن ليکڪا جي زبردست ڪاميابي سمجهان ٿو. مجموعي طور اهو چوندس ته هڪ نئين ليکڪا هئڻ باوجود هن ۾ جيڪو ڪهاڻي لکڻ جو روپهرو اتساهه ۽ پٿريلو حوصلو موجود آهي اهو بيمثال آهي.

ايوب کوسو

دري ٿوري کليل ڇڏجو !

هن کي لڳو هو ته هر ديوار ڄڻ اناپرستيءَ جي سيمينٽ مان جڙيل آهي .
”۽ ڇت...!!!“ هن ڇت ڏي نهاري ڀڻڪيو: ”ڇت ته ڄڻ غيرت جي نالي تي قتل ٿيل بي گناھ ناريءَ جو وجود پئي لڳي“
هيء پٿر جون ديوارون جن سان منهنجي هر دعا ٽڪرائجي موٽي اچي ٿي . ٽڪرائجي ڪڏهن ٿي ؟؟؟؟ بد دعا ٿي منهنجي جهوليءَ ۾ ڪري ٿي. هوءَ سوچيندي رهي، سواءِ سوچڻ جي مون وٽ بچيو به ڇاهي“؟؟؟ هوءَ ڪنهن منجهيل سوال جيان پنهنجي اڳيان بيٺي رهي٠ هڪ سوال جنهن جو جواب نه سج ڏئي سگهيو هو، نه رات جي جوڀن تي اڀرندڙ چنڊ٠ هن هر موسم کان اهو هڪڙو ئي سوال ڪيو هو،اداس هوائون هن جي لاش جهڙي وجود سان ٽڪريئجي موٽي ويون هون، پر هوءَ تن موسمن جي اکين ۾ پنهنجي سوال جو جواب ڳولهي نه سگهي هئي. هو پڇڻ پئي چاهي ته: ”آخر ڇو اسان هنن چئن ڀتين جي ٺهيل قبر اندر ٻوساٽجي مري ويندا آهيون...؟؟“ ماءُ جي پيٽ واري قبر مان نڪري، هي قبر وري ٻي ۽ آخري قبر ! ڇا قبر کان شروع ٿي قبر جي گهگھ اونداهين تي ختم ٿيل جيون کي جيون چئجي....؟ زندگي ڪيڏي وڏي راند کيڏي آهي اسان سان ! اسان ته مرده آهيون بس لاشا، انا ۽ غيرت تي قتل ٿيل لاشا جيڪي جيون جي جيئندان لاءِ پاڻ پتوڙين ٿا، جيڪي بي گناھ قتل ٿيل ارمانن ۽ احساسن جي لاء انصاف جي گهر ڪن ٿا٠ هو جيڪي اسان تي ڪوٽ اڏين ٿا، تن کي هٿ جي اشارن سان ايلاز ڪيون ٿا ته:
”دري ٿوري کليل ڇڏجو“
هو ڪيڏي ته ڪن لاٽار ڪن ٿا٠
”هو ڇو اسان کي روشن سڄ ڏسڻ کان روڪين ٿا ؟؟؟ هو اسان کي گهپ اوندهين ۾ ڌڪي آخر ڪهڙو پنهنجي لاء سڪون ۽ ڪهڙو روشن صبح تلاش ڪن ٿا“؟؟؟
هن جي کاٻي اک مان ڳوڙهو وهي ڇڳل کٽ جي ٻانهنينء تي ڪِرِيو !
مون گهڻو رنو آهي پر ڪجهه به ته نه وريو !!! ڳوڙها اسان جا ايئن ڌرتي پي وئي ٿر جي پياسي واريء جيان٠ ڪنهن در جو ڪڙو کوليو ٻاهران هوءَ واپس موٽي اداسين جي جهان مان عاليشان بوٽ پاتل ٻه پير اڳتي وڌيا هن کي لڳو ته هو ڪو ٻيو آهي ڇو ته سوٽ بوٽ ٻيا ها پر نه ... هو ساڳيو هو، هن جي اکين ۾ اهائي اناپرستي جرڪي پئي، هن جي هلڻ ۾ اهوئي هوڏ ۽ هٺ هو٠
”ڪجهه کپئي ته نه“؟؟؟؟
رعب ۽ ڪروڌ مان چيل لفظ ڀتين جي ڪنن سان ٽڪرايو۔
هن سوچيو هي هيترن سالن ۾ ڪجھ نه ڏئي سگهيو آهي، سِوائي خيرات جي ٻن ٽڪرن ۽ ٽن لَٽن جي، سو هاڻ ڇا ڏيندو؟؟؟ ڇو جو هن وٽ ڏيڻ لاء اگر ڪجھ هيو ته بس ٻه ٽڪر خيرات جا ۽ اوگهڙ ڍڪڻ لاء ٽي وال ڪپڙو !! هو اگر ڏئي به سگهيو هو ته بس غيرت، انا، نفرت، ڪِروڌ جون نظرون ۽ حاڪميت ! ڇو نه ڪري حڪم ڀلا ؟؟؟ هو پاڻ کي هر حڪم ڏيڻ جي قابل جو سمجهي ٿو. هي معاشرو هن جو ٺهيل آهي٠
”ڪاٿي گم ٿي وئينءَ توکان ڪجهه پڇيم“
حاڪم جو منهن ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو،
محڪوم بي جان بت جان اڳيان بيٺي رهي٠
” مون کي .... م .....“ مون کي هن چپ چوريا۔
(ڇا اڄ به هميشه جيان ساڳي خيرات گهران؟؟ اهو ته ٻٻرن کان ٻير گهرڻ ڪيڏي بيوقوفي آهي) ضمير هن کي ملامت ڪئي٠
”مون کي ڪجهه نه کپي بس ... ويندي ويندي دري ٿوري کولي وڃجان ! ته جيئن آئون آڪاش جي ستارن سان ڳالهائي سگهان، پرھ جو سورج پسي سگهان، ڪئي سال ٿيا آهن هوا سان ملاقات ناهي ٿي٠ بس مهرباني ڪري دري ٿوري کليل ڇڏجو٠“
هن جون اداسيون ويراڳ بڻجي هن جي اکين ۾ لهي آيون !
”نه .... نه اهو ناممڪن آهي “
حاڪم جا لفظ هن جي تنهائين کي وڌائي ويا ۽ دروازو زور سان بند ٿيو. اونداهي ڪمري ۾ سرٻاٽ ڪرڻ لڳي، هوءَ ڇنل کٽ تي پاڻ ڪيرائي ڇڏي ٿي٠ هي ساٿي جيڪي جيئري ئي هن جي قبر ۾ رکيا ويا ها، ڇنل کٽ اونداهي ۽ ڳوڙها !! پَرِين ڀت جي جارَي ۾ رکيل هڪ پراڻو ڏيئو، جيڪو صدين کان انداهين سان وڙهي وڙهي ٿڪجي پيو هو٠ تنهن ڀڙڪا پي کاڌا، ڏيئي جا سڏڪا هن دل کي ميڻ جيان ڳاري رهيا هئا ! هن جون اکيون ڏيئي ۾ کپي ويون هون جيڪو آخري پساهن ۾ هو٠ سوچ هن جو ساٿ نه ڇڏيو.
”اڄ به دري نه کلي هئي “
هن جي نيڻن جا بند ڀڄي پيا٠ هن اکيون بند ڪري ڳوڙهن کي ڳلن تي ڪرڻ ڏنو٠ وري اکيون کوليون ۔۔۔ وري بند !
”ڇا ڏيئي جي تقدير ۾ فقط جلڻ ۽ ٻين کي روشني ڏيڻ آهي؟؟؟“
گلابي جوڀن کان وٺي چمڙيءَ جي ڪومائجڻ تائين هن کي ڪنهن به سوال جو جواب نه ملي سگهيو هو. هو ڪيڏي ته ڪن لاٽار ڪ ڪن ٿا، هو ڇو اسان کي روشن سڄ ڏسڻ کان روڪين ٿا.
اسان...ک ... ي... اونداهين ... ۾ ڌڪي ....
هن جون اکيون بند ٿيون، ڏيئون وسامي ويو .
لَڙيو سِج لَڪن۾ راسيون رَتائين،
مون کي ماريائين اديون اونداهي ڪري٠

ديوارن کان اڳتي

”هن کان وڌيڪ سٺو موقعو ڪون ملندئي مومل ! هو سڀ وڏيري ستار سان گڏ ورڪ تي ويا آهن، هميشه جيان اڄ به دير سان ايندا۔ تون هلي وڃ ! مومل هلي وڃ“
سومل ننڍي ڀيڻ کي ايلاز ۽ ڪجهه جوش ۾ اچي چيو.
”ادي آئون هلي وڃان ته پويان توهان جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيندا٠ هن جهنم ۾ اڃا به داروغا وڌائي ڇڏيندا٠ ڀتون وڌائيندا، هي هر وقت اذيتن جي عذاب مان توهان کي گذاريندا۔ منهنجي نه ڪيل گناهن جي سزا توهان ڀوڳينديون، مان نٿي وڃي سگهان ايئن، ادي نه٠“
مومل جون اکيون ڀِڄي ويون.
”تون اسان جو فڪر نه ڪر مومل هو عذاب ڪري ڪري هري ويا آهن٠
هو ڪمزور آهن بس اهوئي ڪري سگهن ٿا! اسان سَهي سَهي پٿرن جا ٿي ويا آهيون... پر اسان جي ڪا گذري آ ڪا ويندي گذري۔ توکي مان هنن ديوارن جي اندر گهٽجي گهٽجي مرڻ نه ڏينديس، هتان هن جهنم مان توکي آزاد ڪرڻ ٿي گهران مان“
سومل ڀيڻ ڳوڙهن کي هٿن سان اڳهندي چيو۔
”ادي اسان کان هر هٿيار کسي هوندي سوندي معذور ڪري ويهاريو ويو آهي اسان ڪنهن به قسم جي بغاوت نٿا ڪري سگهؤن، سچ ته اهو آهي هن معاشري ۾ عورت جي لاء ڪا به ڇانو ناهي، نورالهدي شاھ لکيو هو ڪاٿي (آيل جي پيٽ کان قبر جي گهور اونداهين تائين اسان ان محڪوم قوم وانگر آهيون جيڪا بغاوت ته جيڪا بغاوت ته ڪرڻ چاهي پر هن وٽ هٿيار ناهن)“
مومل جي اکين مان وري نار وهڻ لڳا۔
”ڏس مومل اسان کان سمورا حوصلا کسي اسان کي هٿ سان محڪوم بڻايو ويو آهي اسان کي انهيء جي ڪري تعليم جي زيور کان محروم رکيو ويو ته جيئن حق گهري نه سگهؤن۔ پر تو وٽ تعليم آهي مومل ڀل ته ڪا ڊگري نه اٿئي پر تو وٽ قلم آهي قلم ۽ قلم کان وڏو ڪو هٿيار ناهي هوندو،تون انهيءَ قلم سان جنگ جوٽي سگهين ٿي، هنن دجالن سان تون گهڻو ڪجهه ڪري سگهين ٿي٠ نورالهدي پاڻ به هڪ سيدياڻي آهي، پر هن انهن ڪڌين رسمن کي ڪين مڃيو هن ميرن پيرن شاهن سيدن ۽ وڏيرين جي پت وائکي ڪئي، ۽ ڪوڙن انا پرست بيغيرت بي شعور مردن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاريا ڇا جي زور تي مومل ٻڌائي ڇا جي زور تي؟؟ قلم جي زور تي علم جي زور تي٠ ۽ مومل تو ۾ اهو حوصلو ۽ همت آهي، تون وڏي وڏي واڪي سچ چئي سگهين ٿي٠ تون ئي ته پڙهندي آهين جوش ۾ هو سٽون ڪنهن شاعر جون٠
”هيء عزم نه ٿيندو قيد ڪڏهن،
زنجيرون ڀل کڙڪائي ڏس۔
پر سچ وڏي واڪي چئبو،
تون سوليء تي لڙڪائي ڏس٠“
ڪنهن باغي ليڊر جيان تقريري انداز ۾ سومل ڀيڻ کي حوصلو ڏيندي چيو۔
”پر ادي توهان سڀن کي هن آسمان جيڏين ديوارن ۾ ڇڏي ڪيئن وڃان
توهان سڀني کي جن قيد ۽ عذاب ۾ وجهي مان آزادي ۽ خوشيون ڪيئن ٿي ماڻي سگهان؟“
”مومل چري نٿي، هنن وڏين ديوارن کان اڳتي سوچ...صرف سوچ نه لوچ به، ۽ تون لوچي هنن ديوارن اندر نٿي سگهين٠ هنن ڀتين اندر بس سوچي ۽ چريو ٿي سگهجي ٿو! اهڙي سوچ ، لوچ جو فائدو ناهي مومل! اهڙو سوچن ۾ انقلاب اسان به آڻڻ چاهيو هو، پر اسان جون زبانون ڪَپي، ڪنڌ وڍي، پيرن ۾ زنجير وڌا ويا، اسان جي لو...چ کي اسان ... ج...ي... سامهون بيدرديء سان ڪهيو ويو هو۔ توکي خبر آهي نه مومل ِ اسان جون دعائون به هنن ديوارن سان ٽڪرائجي پرزا پرزا ٿي ويون هون٠هيء ديوارون اسان سان گڏ اسان جي بيوسيء تي لڙڪ لاڙينديون آهن٠ تون پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي خوابن کي هن قبرستان ۾ دفن نه ڪر ... مومل نه٠“
سومل جي لفظن ۾ صدين جودرد لهي آيو، هوء گهنجيل اکين جا لڙڪ لڪائي نه سگهي۔ وڏي ڀيڻ جي وڏين ۽ ٺوٺ اکين مان وهيل لڙڪ ڏسي مومل جهري پئي، هو اکيون جيڏيون وڏيون هون روئي روئي سڄي سڄي اوتريون ئي ننڍيون ٿي ويون آهن. هوءَ سوچڻ لڳي، پشپا ولڀ جون سٽون ياد پيس ”وڏين ڪارين اکين مان ڳوڙها پاسن کان وهي ڪڏهونڪو سجي ويا“ ۽ ڀيڻ سان گڏ رني منهن ملائي منهن سان.
”ادي تون منهنجو حوصلو آهين، تون ئي ائين روئندينء ته آئون ڪجهه نه ڪري سگهنديس“
مومل ڀيڻ جا ڳوڙها اگهندي وري روئي ڏنو۔
”سومل صحيح ٿي چوئي ڌيء !هن جديد دور ۾ به اسان توکي هنن ديوارن جي قبرستان ۾ ڏانهن رات ٿيندڙ هيء عذاب سهڻ ڪون ڏينداسين۔“
”اسان سڀ متفق آهيون سومل سان، تون هتان هلي وڃ مومل!“
”تو وٽ قلم جهڙو هٿيار آهي، تون بغاوت ڪري سگهين ٿي جٿي ٻه رستا بند ڪيا وڃن اتان ٽيون رستو اختيار ڪجي “
هيء جهريل ۽ حوصلي سان ڀرپور آواز مومل جي ٽنهي پڦين جا هئا.
جن جون اکيون سر ڪيڏاري جهڙيون هيون ۽ هٿ هاڻ جوان نه رهيا ها،
انهن گهنجيل هٿن تي سهاڳ جي مهندي نه لڳي سگهي هئي! هنن جا ڪارا وار هاڻ اڇي چادر اوڍي اگهور ننڊ جي ور چڙهي چڪا هئا۔
”جيڪي پر تنهنجا انائن ۽ ڪوڙين غيرتن ڪٽي ڇڏيا هئا اهي پر توکي واپس ڏيڻ آيا آهيون، تون هنن ديوارن کان مٿي گهڻو مٿي اڏامي وڃ مومل“
وڏي پڦيءَ ويجهو اچي مومل جي جوان ڪنوارن معصوم ڳلن تي ماءُ جيان هٿ رکي چيو.
”هيءَ سوکڙي مومل مون پاران“
”هن ۾ ڇاهي پڦي“ ؟؟
مومل تعجب مان پڇيو ۔
”هن ۾ ڪجهه زيور ۽ پئسا آهن جيڪي توکي ڪم ايندا“
”پر پڦي ....!!!؟“
”نه پر ٻر کي ڇڏ ۔ هوئن به اهڙو سون گهوريو جيڪو ڪن ڇني سون سهاڳڻيون پائينديون آهن مومل ۽ جن لاء سهاڳ ڄائو ئي نه هجي اهي سون پائي اڏامنديون ته ڪون... هي ته بس دولت آهي جيڪا اسان کان وڌيڪ توکي ڪم ايندي ۔ ياد رکج ٻاهر رهڻ به سولو ناهي“
پڦيءَ جي اکين ۾ وساڻيل خواب جاڳي پيا ڄڻ۔
”ڳالهه ٻڌ مومل! تبديليءَ لاءِ هڪ ماڻهو ئي ڪافي هوندو آهي، عظيم انقلابي مائوزيتنگ چيو هو ته (هزار ميلن جو فاصلو طي ڪرڻ لاء به پهرين هڪ قدم کان شروعات ٿيندي آهي.) ۽ تون اهو هڪ قدم کڻ ته سهي هزارها فاصلا پاڻهئين طي ٿي ويندا، هن ڌرتيء جون سڀ مظلوم نياڻيون تنهنجي سڏ کي ورنائينديون، کوڙ ماڻهو تنهنجو آواز بڻجي توڏانهن ايندا پر انهيءَ لاءِ توکي جتان نڪرڻو پوندو، هنن ڀتين کان اڳتي آواز ڪيڏانهن به ناهي ويندو ڀلي ڪيڏيون به رڙيون ڪر، هتي ڪير نه ٻڌندو ڦٽل کوھ ۾ مظلوم نياڻين جي حقن لاءِ علم کوڙڻو اٿئي ته توکي اڳڀرو ٿيڻو پوندو باقي هوت ڪاميابيءَ جي صورت ۾ تنهنجي سامهون ضرور ايندو. ياد رکجان هيءَ آواز هڪ تنهنجو آواز ناهي، هن ڌرتيء جي مظلوم نياڻين جو آواز آهي“
سومل ڀيڻ جي ٻنهي ڪلهن تي زور سان جوش جذبي سان هٿ رکندي چيو۔
”ادي امان هجي ها اڄ ڪاش“
مومل ماءُ کي ياد ڪري روئي پئي۔
”ادي آئون آئون بابا کي ڪڏهن به معاف نه ڪنديس هن امان کي بنا ڏوھ بيدرديءَ سان اسان جي اکين اڳيان ماري ڇڏيو هو، اهو ڳاڙهو رت اڄ به نظر ايندو اٿم، هن جو ڏوھ اهو جو هوء تنهنجي شاديء لاء ضد ڪري رهي هئي...“
”چري پراڻين ڳالهين تي روڄ نه ڪر بس هنن راڪاسن کي ڇڏ هيءَ ته سڀ قيامت جي ڏينهن انهيءَ مردن جي ٽوليء مان اٿاريا ويندا جن کان ڏمرجي رب پاڪ پڇندو: (۽ ڪهڙي ڏوھ جي ڪري نياڻيون ماريون ويون؟؟؟) القرآن .... تون ڏسجان مومل اسان جون آهون، هنن ڪوٽن کي ضرور ڪيرائينديون، منهنجي آه اها ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي.
مومل اجرڪ ويڙهيو پاڻ کي ۽ ٿيلهو کنيائين۔
”۽ هو ادي جيڪي حويليءَ جي حفاظت لاء ويٺل آهن ٻاهر چمچا تن کي خبر ڪون پوندي؟“
مومل پريشان ٿي وئي۔
”انهن کي تون ڇڏ هو اڄ گهري ننڊ ۾ آهن“
ٻيو نمبر پڦيءَ ڳالهايو۔
گهڻو ئي ڳوڙهن کي جهليو هئائين پر وڏي پڦيء جي پيرن تي هٿ رکي روئي پئي ۔
”تون بهادر ڌيءُ آهين... تون ... تون نه رو“
ڀاڪر ڀريندي پڦي روئي پئي ته وري سڀ سڏڪڻ لڳيون. ٽنهي پڦين کان واري سان روئي موڪلايائين، رڳو لڙڪ ها جو اجرڪ ئي آلو ٿي ويس۔
”تون حوصلو نه هارجان هن ڌرتيء جون سڀ مظلوم عورتون تنهنجون مائرون ڀينرون ۽ پڦيون آهن تون انهن جو آواز ٿيجان، اهڙي طرح ڪامياب ٿيجان جو جو اسان سڀ عورتون هن معاشري جي ڪوڙين انائن ۽ بي شعورين کي ٿڏي هڪ آواز ٿي الااعلان چئي سگهؤن،
انڌي دستور کي بي تڪي تور کي
اسن نٿا مڃون.... ٿا مڃون
سومل جا لفظ چپن ۾ ساھ ڇڏڻ لڳا
”هيء راڪاس تنهنجي بغاوت کي ڀتون نٿا ڏئي سگهن“
سومل وري ڳالهايو۔
”الاهي دير ٿي وئي آهي ۔ انهيء اڳي جو اڃا گهڻي دير ٿي وڃي... هاڻ جهٽ ڪر دير نه ڪر مومل“
پڦيءَ ڳوڙها پنهنجا اگهندي چيو۔
هوءَ سمورا در لتاڙي آخري در وڏي وٽ اچي پهتي. ساڄي پاسي کان خانداني قبرستان جو اجڙيل در کليل ڏسي اوڏانهن وڃڻ چاهيائين جٿان هن جي شهيد امڙ هن کي حوصلي ۽ جرئت سان گهوري رهي هئي. ماءُ جو ناحق خون ياد ڪندي هوءَ وري اکين جا بند ڀڃي ويٺي ته سومل ڀيڻ جو درد سمجهي ورتو ۔
”امان جي روح کي هاڻ شانتي پهچندي ڏسجان مومل هاڻ اسان جي نسل جون ايندڙ مائرون نياڻيون ائن ناحق نه مرنديون٠ پر هو هاڻ آزاد فضا ۾ جيئنديون ايندڙ نياڻين جا خواب هنن ديوارن جي قبرن ۾ دفن نه ٿيندا، الاهي جلدي آزاديء جو سڄ اڀرندو۔ “ سومل چيو ۔
مومل اهڙي وڏي حوصلي واري وڏي اديءَ کي ڀاڪر پاتو ۽ هن دفعي جي ڳوڙهن ۾ حوصلو هو۔ نه ڪي شڪست جا سڏڪا۔ هوءَ وڌي آئي وري پڦيءَ کي ڳراٽڙي پاتائين
”جرئت سان مقابلو ڪجان مومل پنهنجي عزت جي پاڻ حفاظت ڪجان هن مرد پرست معاشري ۾ ٻاهر رهڻ به سؤلو ناهي تون مضبوط رهجان ڪو به بگهڙ تنهنجو وار ونگو نٿو ڪري سگهي“
وڏي پڦيء جو حوصلو به وڏو هو ۽ مومل وڏو در ٽپي ٻئي پير در کان ٻاهر رکيا۔
”پوئتي مڙي نه نهارجان مومل“!!
ان کان پهرين جو مومل نهاري سومل داٻو ڏنس ۽ هوءَ ديوارن کان اڳتي گهڻو اڳتي نڪري وئي ته سمورا مظلوم ڳائڻ لڳا.
باغي آهيان باغي آهيان تنهنجو آئون سماج،
توسان وڙهندي رهندي منهنجي هرهڪ رت ڦڙي٠

پيش امام

ٻاهر ڪاڙھو گرم جھولا لڳا ٿي، ھر ڪو گهرن اندر گرميءَ جي گھري ۽ سست ننڊ ۾ پيل هيو. موسم ۾ ويراني گهڻي هئي. نمون اداسين مان ھوا سان سور سلڻ لڳيون، پاڙي جي مسجد جو نھايت شريف پيش امام جيڪو پنج ئي وقت پابنديءَ ٻانگ به ڏيندو ھيو ۽ نماز به پڙھائيندو هو. انهيءَ سان ملڻ مسجد اندر ھر روز ھڪ ٻيو انهيءَ جھڙو مولانا ايندو ھيو سو به انهيءَ اڪيلي ۽ ويران وقت ويل... جڏهن ڳوٺ سڄو ٿڪ ۽ جھولن ڪاڙھي جي ڪري ڪچن ڪمرن توڙي پڪين ماڙين وارن گھرن ۾ منجهند جي ننڊ ۾ ھوندو ھو!! ھي پيش امام مسجد جي در وٽ انتظار ڪندو ھو ٻي پيش امام جو.
ھو گسائيندو ڪون ھو. ھر روز پابنديءَ سان انهيَ ويران وقت ۾ ايندو ضرور ھو ! ماڻهن کي خبر ڪون پئي، مسجد جون ڀتون شاھد ھيون.
ھي آيو.... ٻئي اندر ويا ..... مسجد جا در بند ٿيا .... مون اڱڻ مسجد جي تي لڳل ڪوسن جھولن کان پڇيو. ھنن ڪنن تي ھٿ رکي اکين مان ڳوڙھا ڪڍي ڏيکاريا. مان سمجهي ويس. گهڻي دير اڪيلائي ۾ اندر رھيا ۽ پري پري کان ٻانگون آيون ٻپھريءَ جون پئي آيون. در کليا .... کنھنڪر ٿي. آيل مھمان مولانا ڪپڙا صحيح ڪندو غسل خاني ڏانهن ويو. اندر ويٺل پيش امام نھايت شريف ، سلوار صحيح ڪري اٿيو ٻپھريءَ جي آذان ڏيڻ!
قرآن ويڙھيل شفاف ڪپڙن ۾ پيا رھيا، نکون وڇايل ھيون ۽ پھرين صف ۾ وڇايل نک جا گھنج ڪبيري گناھ جا شاھد ھيا. ماڻهن کي خبر ڪون پئي
مسجد جون ڀتون، در، دريون، مقدس ڪتاب شاھد ٿيا. ۽ مونکي ڪنهن جي ياد آيا ڪنهن جا ڏکوئيندڙ لفظ:
”اڪثر ملا تقريبن لوط جي قوم مان آهن“

مند

جنهن مند ۾، جنهن راھ تي ڪيڏي درد سان هوء وڇڙي هئس٠ اڄ به انهيء مند ۾ هو جيئي ٿو، جدائيء جو زهر پِي، ڪا اونداهي سَحر ٿي، هن مَجنونء کي خبر ئي ناهي ته مندون موٽي نه اينديون هِن٠ مندون رڳو بس سور ڏئي وينديون هِن٠ پر پوء به هو! نيڻ ٻاري۔ ننڊ ٺاري۔ پاڻ ڳاري۔ سِگريٽ پيئندي۔ لڙڪ ڳِيهندي۔ ڪيڏيء اڪير مان هن لاءِ نظم ڳائي رهيو آهي، مرشد اياز جو۔
ائن مند مٿان ٻي مند اچي،
تو لاءِ سدا سيڏايان ٿو۔
۽ ڪک پن ٻيهر ميڙي مان،
ڪو رين بسيرو ٺاهيان ٿو٠

تون اچڻي آهين تون ايندينءَ،
مان سَلرو تنهنجو سپنو هان۔
تون ڪيسين ائن ننڊ ڪندينءَ،
مان ڪيڏو تو لاءِ جاڳيو هان٠

ڪارا منهن

سومل سڄو ڏينهن مومل کي، لکندي ڏسي، ڏسي بيزار ٿي هئي. نيٺ اڄ چيائينس:
”مومِي تون به سڄو ڏينهن ڪتابن ۾ گم آھين پئي ٿي پنا ڪارا ڪرين.“
مومل ڪتابن مان نظرون کڻي۔ سومل ڏانهن ڪيون، چيايئنس:
”شڪر ڪر ته رڳو پنا ڪارا ڪيا اٿم، ھن سَماج ۾ رھندڙ راڪاسن جا منهن ڪارا نه ٿم ڪيا اڃا “
”ملان انهيَ مڌ جو چڪو جي چکين
ته ڪارنھن کڻي ڪنڊ ۾ ويٺو منهن مکين “.

سيد ...!

”اھي پير پوٽا جيڪي پنهنجو در ٽپڻ ڪون ڏين ڪنهن ٻي ذات واري کي ڏينهون ڏينهن ڪوٽ وڌائن انائن جا۔ ۽ پاڻ پراوا در لتاڙيندا وتن.“
”ھا انهن ئي سيد زادن جا پنهنجي ذات کان ھيٺ سمجھندڙ ٻين ذاتين وارين وٽ (حالانڪه ذات پات ڪجهه ناهي ھوندو پر سيد پاڻ کي آسمان تان لٿل فرشتو سمجھن ٿا).“
”ھا انهن پاڻ کان ھيٺ ذاتين وارين وٽ ھنن جا ناجائز ٻار پلجندا آهن... اڙي وقت جي ڌوڙ ۾ لَٽجي ويل سادا ماڻهو ! ڪڏهن ھنن جي منهن تان شرافت وارو ڪپڙو ڇِڪي لاھي ته ڏس ! دنيا جي ھر بر ائي توکي سيدن ـ ميرن ـ پيرن ـ شاھن ـ ۽ وڏيرن ـ ڀوتارن ۾ نظر ايندي !!“

آصف ڪالرو

---

آصف ڪالرو

عشق جي عمر کي محبتن سان ئي ماپي سگھبو آهي٠ پيار جا پلَ ڪيڏا حَسين ٿين ٿا، اهو احساس وَصل جي واٽن تي رلندڙ وفائن کان وڌيڪ ٻيو ڪير ٻڌائي به نٿو سگھي! پيار جي چونڊ ڪرڻ ئي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي٠ پيار جي پناھ ۾ رهڻ کانپوءِ ماڻهو ماڻهو نظر اچڻ لڳندو آهي٠ مون ڪيترائي مٽيءَ ۾ دفن ٿي ويل ماڻھو ڏٺا آهن، جن جي مٿان سندن سڃاڻپ جي تختي به ناهي لڳل هوندي، جيڪي اجنبين جيان جيئندا آهن ۽ اجنبي ٿي مري ويندا آهن٠ اجنبي ٿي مري وڃڻ به هڪ وڏو الميو آهي٠ پر هي چنڊ جهڙيون رولاڪيون رلندڙ، رولاڪ روح! اڄ به ڪردارن جي ڪک مان وڌي ويجھي وڏو ٿي رهيو آهي٠ سندس ڪهاڻيون سندس عمر کان الاهي وڏيون آهن٠ مونکي سندس ڪهاڻين جي ڪردارن ۾، هڪ الڳ آسمان نظر اچڻ لڳو آهي٠ هن سنڌ جي ڪلا جي ڪهاڻيڪار وٽ، مختلف موضوعن سان گڏ خيالن جي کوٽ نظر نٿي اچي، ”رولاڪ آصف ڪالرو“ جون ادبي وِکون ڌرتيءَ تي ائين کپيل آهن، جيئن وڻن جا پير پاتالن ۾ کپيل هوندا آهن٠ ۽ ”رولاڪ آصف ڪالرو“ جي ڪھاڻين ”گودڙو فقير، نظر جي فريب، ٿڪ، پٿرن سان تشبيهه ۽ سندس ٻيون ڪهاڻيون مختصر هئڻ سان گڏ مقصد مان ڀريل آهن٠ مقصد ئي ماڻهو کي منزل ڏي وٺي ويندو آهي! ”رولاڪ آصف ڪالرو“ جي ڪهاڻين کي هڪ ڏينهن ضرور پنهنجي منزل ملڻي آهي، جيڪا سندس ڪهاڻين مان اوچي ڳاٽ سان گڏ نظر اچي رهي آهي٠ شال سندس ڪهاڻين جا ڪردار مٽيءَ جي ماڻھن لاءِ سدائين ساھ کڻندا رهن٠
(آمين)

اياز امر شيخ

ٿَڪ

چيائين: ”سردار! ھڪ ڳالهه پڇان؟“
چيم: ”پڇو“
چيائين: ”ھاڻ لکڻ ڇڏي ڏنو اٿئي، توکي ڪا منزل ملي وئي آھي ڇا؟“
مسڪرائندي چيم: ” نه ! مونکي ڪا به منزل ناھي ملي، نه ئي منھنجو ازيتن وارو ڪو سفر پورو ٿيو آھي. بس منھنجو دل ڀرجي وئي آھي“
چيائين: ”ڇا کان دل ڀرجي وئي آھي؟ ان عورت کان جنھن سان محبت ڪئي؟ يا ان سفر کان جنھن جي ڪا به منزل نه ھئي!؟“
چيم: ”ھا مان گُھٽ ۽ ٻوسٽ واري زندگي کان تنگ ٿي ويو آھيان، ھا، زندگيءَ جي مئخاني ۾ ڀڳل گلاس جي شيشن تي ھلي ٿڪجي پيو آھيان٠ زندگي ۾ روز پنھنجا خواب ٽٽندي ڏسان ٿو، تڏھن مجبور ٿي پنھنجي اکين مان عذابن جا ڪنڊا کڻي پنھنجي پنبڻين ۾ ٽنبي ڇڏيندو آھيان٠“

آئون هيڪلو صدين کان

اڄ دل اداس آھي، دل چوي ٿي اڄ پنھنجي ڊائريءَ ۾ ڪجهه حقيقت لکان اڄ عيد جو آخري ڏينھن آھي. آئون پنھنجي اندر جي قبرن مان پنھنجي جسم جا ھڏا ڳولهي رھيو آھيان! منھنجي ميري رت ۾ تنھنجي يادن جي ٻيڙي ترندي نظر اچي ٿي، آئون پاڻ کي موئن جي دڙي جو لقب به نٿو ڏئي سگھان! ڇو ته موئن جي دڙي جي ھڪ عظيم تاريخ آھي! منھنجي نه، مان گمنام آھيان ازل کان، مان مڪليءَ جو پراڻو زبون قبرستان آھيان٠ ھا، اھُو به سچ آھي ته منھنجي اندر ڪن عظيم وڏن ليکڪن ۽ بادشاھن جون قبرون ناھن،
پر منھنجي اندر ۾ احساس محبت پيار جون ننڍيون ننڍيون قبرون آھن٠
انھن شمشان گھاٽن تان لھندڙ سج جڏھن ڌرتيء جي ھنج ۾ لڪي ويندو آھي، تڏھن رات جا پَھر به گذري ويندا آھن، پوري ڪائنات ماٺ جي قبر ۾ غرق ٿي ويندي آھي. تڏھن منھنجي من جي قبرستان ۾ عجيب آواز ايندا آھن! ھا ڪڏھن ڪا رات ڏائڻ جھڙي به ايندي آھي، رات جي خاموشي جسم جو ماس کائي ويندي آھي، ڏات جي ديويء تي ڪاريھر نانگ ڦڻ ڪڍي ويھي رھندا آھن٠ تڏھن منھنجي اندر مان تنھنجي ھڪ ھڪ سڏ لاءِ لبيڪ جا ورد وري ايندا آھن٠ منھنجون ھڙئي راتيون عذاب جھڙيون گذرنديون آهن! مان کلڻ چاھيندو آھيان پر کلي ناھيان سگھندو٠
مان مرڻ چاھيندو آھيان پر مري ناھيان سگھندو٠ ڇو جو مان ناستڪ آھيان! مان ڪافر آھيان ، مونکان موت به منھن مٽيو آھي، منھنجي لاءِ شايد زمين به جاءِ ناھي رکي، منھنجي ذھن ۾ اھڙا وھم ۽ ھزارين خيال اڀري ايندا آھن! آئون رولاڪ اٿندي، ويھندي ،گھمندي، ڦرندي پنھنجي وھمن کي پرچائندو پيو آھيان ! مان ڇا لکڻ چاھيان ٿو ڇا لکي وڃان ٿو؟ لفظ مونکي درد لکڻ تي مجبور ڪن ٿا، احساس منھنجا احساس ڪمتريءَ جو شڪار ٿيل آھن٠ احساس لاوارث ٻار جيان سڀ ڪجهه وڃائي ويٺا آھن! آئون گرم صحرا جو اڪيلو مسافر آھيان! آئون ان جھنم جو رهواسي آھيان جنھن کي دوزخ جي باھ ۾ سڙڻ کان سواء ڪجهه نه ملندو! آئون پلن ۾ جيئندس ۽ پلن ۾ مري ويندس٠

مڪليءَ جي مُردن سان

اڄ به ھُو مڪلي گھمڻ ويا ھُئا. ذاڪر شادي کان پوءِ ڏاڍو خوش ھُو پر عامر جي دل مڪليءَ جي قبرستان جيان ويران ھُئي٠ جنھن جي زندگي مان سڀ خوشيون سارو جوڀن لٽجي چڪو ھُو٠ ھن جي اندر ۾ خوابن جا قبرستان ۽ محبت جو مزارون ھيون ذاڪر ھن سان پنھنجي خوشحال زندگي جون ڳالھيون ڪندي نه ٿڪبو ھُو، پر عامر ڪنھن خاموش ڏيئي جيان ھن جو ڳالھيون پيو ٻڌندو ھو، عامر جي اکين مان لڙڪ ڪري پوندا ھئا ڄڻ مڪليءَ جي قبرستان مان مُردا نڪري عامر سان ڳراٺڙيون پائي پيا روئندا ھُجن٠
ذاڪر تسلي ڏيندي پڇندو هوس:
”عامر تنھنجي زندگي ۾ اھڙو ڇا آھي، جو تون اڪيلائين ۾ ويھي مڪلي جي قبرستان مان نڪري آيل مُردن کي ڳراٺڙيون پائي پھرن جا پھر روئندو آھين؟“
عامر پنھنجي اکين جا لڙڪ اُگھندي چوندو هو:
”ذاڪر منھنجي ويران زندگيءَ ۾ رڳو سُڃ ئي سُڃ آھي، منھنجي دل جي اُڃاري ڌرتيءَ تي ڪڏھن به ڪو بادل اوھيرا ڪري ناھي وسيو، نه وري منھنجي دل جي بنجر زمين تي احساسن جو ڪو ريج ٿيو آھي.“
عامر جو آواز ڀرجي آيو وري ماٺ ٿي ويو۔ ذاڪر ھن جي اکين ۾ درد ڏسڻ لڳو پر عامر جي اندر جو راز سمجھي نه سگھيو! ذاڪر جڏھن عامر کي زور ڀريو ۽ دل جي حالت ٻڌائڻ لاء التجا ڪئي ته عامر اٿي بيٺو منھن ٻئي پاسي ڪندي چيائين:
”ذاڪر انسان زندگي ۾ ڪڏھن ڪڏھن پنھنجن جي ھٿان ئي ھارائيندو آھي “.
ذاڪر ڪلھي تي ھٿ رکندي چيس:
”عامر تون مرد آھين مرد جبل جيان مضبوط ھُوندا آھن، انھن کي ڇڄڻ جو خوف ناھي ھُوندو“
عامر چھري تي ڦِڪي مرڪ آڻي چيو:
”ھا ذاڪر! سچ ٿو چوين جبلن کي ڇڄڻ جو خوف ناھي ھُوندو ڇو جو جبلن جا اولاد ناھن ھُوندا، جبلن جا احساس ناھن ھُوندا، پر آئون رت جي رشتن کان وٺي محبت جي رشتن تائين بس محبت پيار لکي ڏيڻ تائين ھارائيندو رھيو آھيان٠ منھنجي جنھن ڇوڪري سان شادي ٿي ان کي آئون ڪڏھن پسند نه آيس نه وري ڪڏھن ھن مون سان محبت ڪئي. ڇو جو ھُو شادي کان اڳ ڪنھن ٻئي شخص سان محبت ڪندي ھُئي ان مونکي ڪڏھن به نه چاھيو پر دنيا جي ڏيکاءُ لاءِ ھڪ سمجھوتو ڪيو ھو. پوءِ ھن منھنجي عزت نه رکي ۽ مون تي ڪيترائي الزام ھڻي مونکي ڇڏي پنھنجي ماء جي گُھر وڃي رھڻ لڳي، مون تي دنيا جي اڳيان وحشي تشدد ڪري گھران ڪڍڻ جو الزام ھڻي ھميشه جي لاء آزاديءَ جي حام ھنيائين٠ ھاڻ ھُو آزاد آھي“.
ذاڪر ڪلهي تي ھٿ رکندي چيو:
”عامر! تون ٻئي شادي نٿو ڪري ڇڏين؟“
عامر جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا چيائين:
”ذاڪر آئون جنھن ڇوڪريءَ سان محبت ڪيان ٿو ان کي ھاڻ مون تي اعتبار ناھي رھيو ھُو مونکي بيغيرت ٿي سمجھي مان ھن جي نظر ۾ غيرتون ڇڏڻ وارو مرد آھيان، ھُو روز مونکي طعنن جي تلوارن سان روۡح تائين زخمي ڪندي آھي، ھا ھُو نڪاح کان اڳ مونکان سڀ لکرائي وٺندي مون ھن کي زندگي حق مھر ۾ ڏيڻ جو سوچيو آهي پر ھُو ڪجهه ٻيو لکرائڻ ٿي چاھي ڇو جو آئون ھاڻ ھن جي اعتبار جي لائق به ناھيان ھن جي انھن لکرائڻ واري سوال منھنجي دل جي مٿان ارغونن جي گھُوڙن جيان ھڻڪاريندا اچي نيٺ سارو وجود اونداھين ۾ غرق ٿي ويو“
ذاڪر آسمانن جي وسعتن ڏانھن ڏسندي چيو:
”عامر اھُو سچ آھي ته جوڙا آسمانن تي ٺھندا آھن...؟“
عامر اکيون صاف ڪندي چيو:
”ھا ذاڪر! جوڙا ٺھندا آسمانن تي آھن پر ذليل وري زمينن تي ٿيندا آھن“
ايئن چئي عامر مڪليءَ جي مُردن سان ڀاڪر پائي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو وري ھن جي چھري تي مرڪ نه آئي، نه وري ھن جي اڱڻ تي ڪڏھن ڪنھن به خوشين جنم ورتو...!!!“

ڇڻي ويل گلاب

پورنماسي جي رات ھن مونسان گڏ ھلندي ڪڏھن انھن وڇون تي نه سوچيو هو جيڪي منھنجي راھن ۾ پنھنجي زھر جي سبيل لڳائي ويٺا ھئا! ھا ھُن ھڪ ڏينھن مونکي چيو ھُو:
”رولاڪ! تنھنجي خاطر آئون ھر صليب کي لبيڪ چونديس“
آئون خاموش رھيس، ھوءَ منھنجي خاموشيءَ واري طوفان کي سمجھي وئي ھئي٠ چيائين:
”رولاڪ! ڇا ٿو سوچين؟“
اکيون چورائندي چيم:
”آئون پنھنجي زندگي حق مھر ۾ ڏيڻ جي ڊگھي سازش سوچي رھيو آھيان! آئون زندگي حق مھر انهيءَ کي ڏيندس، جنھن کي مون تصورن جي دنيا کان وٺي خوابن تائين چاھيو آھي پر تعبيرن ۾ رڳو وڃايو آھي٠ آئون پنھنجي جيون جا سڀ ساھ ھن جي نالي ڪرڻ چاھيان ٿو، ھا آئون تنھنجا سڀ درد سمجھي سگھان ٿو تڏھن خاموش آھيان ! آئون آسمان جي وستعن ۾ گم ٿي ويل پنھنجي نصيب جي تحرير ڳولي رھيو آھيان“
ھن جون اکيون ڳاڙھيون ٿي ويون ڪجهه چئي نه سگھي٠ شايد ھن جي ڳلي ۾ لڙڪ اٽڪي پيا، مونکان اکيون چورائندي چيائين:
”رولاڪ! آئون سمجھان ٿي تون ڇا سوچي رھيو آھين!“
چيم: ”ڇا سوچي رھيو آھيان؟“
اکين ۾ سوين لڙڪ تري آيس چيائين:
”رولاڪ! تنھنجي محبت ڪوٽن ۾ قيد آھي، ھُو زندان جي قيدياڻي آھي، جيڪڏھن تنھنجي ٿي...“

چپن تي ھٿ رکندي چيم:
”نه سائنڻ! نه، مان تنھنجي لاءِ وڙھندس، تنھنجي لاءِ مرندس، آئون توکي پنھنجو ڪندس، ھا اھُو سچ آھي ته تاريخ جي ھر دور ۾ تون مونکان جدا ٿيندي رھي آھين ! تون بَرحق منھنجي آھين! تون ازل کان ابد تائين صرف منھنجي آھين! توکي چاھڻ جي سزا ۾ مونکي انيڪ سزائون مليون آھن، ڪڏھن پلصراط جو سفر، ڪڏھن پنھنجي ئي ڪلھن ٿي صليب کڻي سسئي! توکان بنا رڻ ۾ رلندو رھيو آھيان! تون منھنجي زندگي آھين! تون ئي منھنجي بندگي آھين! تون ئي منھنجي من جو ڀڳوان آھين! مون تنھنجي تصورن سان پنھنجي دل جي دنيا آباد رکي آھي! تون منھنجي رڳن ۾ رت وانگر ڊوڙندي آھين! تون منھنجي ساھ جي تند مثل آھين. آئون توکان جدا ٿيڻ جو سوچندو آھيان ته اٻاڻڪو ٿي سوچن جي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويندو آھيان٠ روح ڪروڌ جي ور چڙھي ويندو آھي! دل وري غفائن ۾ دفن ٿي ويندي آھي.“
ھن آآڱرين ۾ رئو وٽيندين ٽيبل تي پيل گلدان جي گل ڏانھن اشارو ڪندي چيائين:
”رولاڪ! ھن گل کي مون ڪڏھن ڪومائجندي ناھي ڏٺو نه وري ڪڏھن ٽاريء کان جدا ٿيندي“
چپن تي مبھم مرڪ تري آئي چيم:
”اھُو گل وڻ جي ٽاري تي ناھي ٽڙيو اھُو گل ڪاغذ جو گل آھي!“
ٿوري اداس ٿي وئي چيائين:
”رولاڪ! تون پاڻ کي گودڙو فقير ڇو چوندو آھين؟“
ھن جي سوال تي ٿوري مرڪ تري آئي چيم:
” منھنجي ھٿ ۾ خالي ڪشتو آھي !مونکي تنھنجي دنيا وارا جيڪو دان ڏيندا آھن سو مان وري رولاڪين ۾ موٽائندو آھيان! مان ماڻھن کان پِنا نٿو،
مونکي پوءِ به ڪجهه نه ڪجهه ملي ويندو آھي! ڇو جو آئون رولاڪ زندگي جي ٽاريء تان ڇڻي ويل گلاب آھيان...“

عورتن جو عالمي ڏينهن

نماڻين نظرن سان گھوريندي چيائين:
”آصف ڪائنات ڪيڏي نه خوبصورت آھي...!؟“
چيم: ”ھا پر ڪائنات جو سڀ کان خوبصورت حصو به عورت آھي، جنھن جو اڄ عالمي ڏينھن مھلايو پو وڃي،“
چيائين:
”ڇا عورتن کي حق ملندا يا وري ھو ڪڏھن پنھنجي مرضيءَ زندگي گذاري سگھنديون ؟؟؟“
ھن جي سوال منھنجي ھنيانء ۾ ھٿ وڌو، چيم:
”نه، ھن معاشري ۾ عورت کي غيرت، دوکي، ڪوڙي انا، پيسي عيوض.، يا وري سنڱ چٽيء ۾ ڏيڻ واري ڄار ۾ ڦاسايو ٿو ويو آهي، اتي عورت کي ڪٿي حق ملندا؟؟ جنھن سنڌ ۾ عورت کي پڙھائڻ عَيب سمجھندا ھجن، انھن بي زبان نياڻين کي ڪھڙو حق ملندو؟ ھي ته اڀاڳيون، ڄڻ دنيا ۾ ڪارو ڪاري ،بدڪردار ،طوائف، جھڙا لفظ ٻڌڻ لاءِ ڄايون ھجن٠ ان دنيا ۾ نياڻين کي ڪھڙو انصاف ملندو؟ ٻڌائي ... جٿي سورنھن ورھينءَ جي خوبصورت معصوم رابيل جي ڪليءَ جھڙي ڇوڪري عزت لٽائي رھزنن ھٿان، اڌ موت مري چڪي ھجي، اتي ٽيھه مڻ ڪڻڪ تي وڏيرا جرڳو ڪري فيصلا ٻڌائن،
اتي نياڻين سان ڪھڙو انصاف ٿيندو؟ انھن کي ڪھڙا حق ملندا؟ جڏھن به مون سنڌ جي بي سھارا عورتن تي لکڻ شروع ڪيو. تڏھن منھنجا لفظ، گذري ويل وقت، يا مري ويل عورتن جا عڪس منھنجي سامھون بيٺا آھن٠ ننڍن ڪنوارن جسمن جي ننگي ذلت ۽ ھنن جي اکين مان رت جا ڳوڙھا وھندي ڏٺا آھن٠ اکين ۾ درد تري آيو! زندگيء جي ھٿن مان پين ڪري پئي٠ سڏڪن ۾ صدابلند ٿيڻ لڳي! اکين مان لڙڪ لارون ڪري وھڻ لڳا٠“
چيائين: ”ڏس تنھنجا لفظن دل تائين لڳا آھن، ۽ منھنجو دل ٽٽي ٽڪرا ٿي پيو آھي، ڏس منھنجي ھٿ تي ٺھيل دل به ٻن حصن م ورھائجي وئي آھي“

نظر جو فريب

چيائين: ”فقيرن جھڙا حال ڪيا اٿئي ڇو ڀلا؟“
مرڪندي چيم:
” بس وري دل ضد ٿي ڪري“
حيرت ۾ اچي چيائين:
”ضد وري ڪھڙو“؟؟
چيم: ”بس وري تنهنجي در تي جھڪڻ ٿي گھري دل“
چيائين:
” ڪيڏو نه معصوم آھين تون! “
چيم: ”نه مونکي گاريون نه ڏي“
چيائين: ”گاريون ڪھڙيون ڏنم؟“
چيم: ”جيڪا ھاڻ ڏني سا “
ھن جي چھري تي مرڪن جا مينھن وسڻ لڳا٠
ھن جا ٽھڪ منُھنجي ڪنن ۾ ڀٽائيءَ جي سرن وانگر گونجڻ لڳا ۽ صبح جي سھڻي لات ۾ سيوهڻ جي ڌمال جيان وڄندا رھيا۔
ٿورو کلندي چيائين:
” چئو ڀلا ڇا ٿو چوين؟“
چيم: ”مان توکان درد جي خيرات گھرڻ آيو آھيان، مان توکان دردن ۽ لڙڪن جا تحفا وٺڻ آيو آھيان! مان توکان اڄ خيرات نه گھرندس، بس پنھنجو حق وٺڻ آيو آھيان٠ مان تنھنجي در تان پنھنجو دامن غمن سان ڀري کڻي ويندس ! مون محسوس ڪيو آھي ته تون ھڪ حسين دوکو آھين! تون ھڪ نظر جو فريب آھين! اسان نه دنيا داري سِکي سگھياسين،
نه دنيا سان گڏ ھلڻ سکياسين، اسان جڏھن به راھِ وفا ۾ نڪتا آھيون، تڏھن تون جھڙين ڇڙواڳ ڇوڪرين جي ور ڇڙھيا آھيون٠ يا وري شھر جي گھٽين ۾ مٽيءَ جا بت بڻيا آھيون٠ اڄ جي دور ۾ پٿرن جي کوٽ ڪونھي، پر شايد گل ھوائن ۾ ڇڻي ويا آھن....!!!

پٿرن سان تشبيهه

اڄ دماغ جي خَلا ۾ پراڻيون يادگيريون تري آيون آھن! جڏھن آئون ٽيوشن پڙھي پنھنجي گھر ڏانھن وڃي رھيو ھيس، مونسان گڏ منھنجي ڪلاس جا دوست به ھُئا اسان شھر جي رونقن ۾ پنھنجا ٽھڪ وڃائيندا اچي مندر وٽ پھتاسين ھر ڪو پنھنجي گھر جي طرف وڃڻ لڳو، ۽ آئون مندر جي سامھُون اچي بيٺس مونسان گڏ منھنجي ھڪ دوست ھئي، آئون ھن سونھن جي ديوي کي پيار مان ڪماري چوندو ھيس، ھوءَ پنھنجي ماءُ پيءُ جي ھڪ ئي شھزادي ھُئي٠ ھن جو چھرو چوڏھينءَ جي چنڊ جيان پيو چمڪندو ھُو باھ جي اُلي وانگر پڙڪو ڏئي پئي ٻرندي ھئي، سون جھڙو ڀوريون ڪاريون ننڍيون اکيون جسم تي جواني جا گؤنچ ڦٽي رھيا ھئس ھُو مونکي ڏسي شرم ٻوٽڙيءَ وانگر پئي شرمائندي ھئي! منھنجي من جي مندر ۾ طوفان اٿندو ھُو،
دل چوندو ھُئي ڪجهه چوان پر نڙيء ۾ ڪنڊا چڀڻ لڳندا ھئا، دل خاموش ڏيئي وانگر وسامڻ شروع ٿي ويندي ھئي٠ اسان مندر جي اڳيان پھتاسين جتي ھُو ٽيوشن کان پوء مندر تي ويندي ھئي مان به ھن سان گڏ مندر اندر بيھي اتان جون اپسرائون پيو تڪيندو ھيس! ڪماري وري مونکان ھڪ ئي سوال ڪندي ھئي.
”رولاڪ تون مندر ته اچين ٿو پر تون مسلمان آھين، تنھنجو ايمان توکي روڪيندو ناھي؟ تون مونسان ڪرڀ ته ناھين ڪندو نه؟“
دل جي سمنڊ ۾ ھل چل مچي ڪنڌ ورائي اکين ۾َ ڏسندي چيم:
”مان ناستڪ آھيان! مان تصور جي پٿرن جو پوڄاري آھيان! مان ازل کان رولاڪ ٿي رليو آھيان٠ تڏھن آئون پنھنجي رولاڪين ۾ سڀني کي ھڪ ئي نظر سان ڏسندو آھيان، مونکي خبر آھي ڪنھن پٿر کي پوڄڻ ڪنھن جي تصور ۾ پاڻ کي رولاڪين جي پلصراط تي رلائڻ محبوب کي خدا ڪري مڃڻ وارو گناھ مون جھڙا رولاڪ ئي ڪري سگھن ٿا“
کلندي چيائين: ”رولاڪ توکي خدا کان ڊپ ناھي لڳندو؟“
مونکي ھن جي سوال تي کلَ آئي پر کلي نه سگھيس!
چيم: ”ڪماري! خدا ڪنھن جو؟ مسلمانن جو؟ يا ھندن جو؟ يا وري عيسائين جو؟“
ھن جي چھري تي اداسي ليئو پاتو۔ ڪجهه چئي نه سگھي خاموش رھي شايد ھن کي منھنجي جواب جي خبر ھُئي ھن ھلڻ لاءِ قدم اڳڀرو ڪيو۔
چيائين: ”رولاڪ! تنھنجون ڳالھيون تصور جي باز مثل آھن، جيڪي منھنجي روۡح واري چوزي کي جھٽي کڻي وڃن ٿيون،“
مون عجيب حيرت ۽ تجسس وچان ڏسندي چيم:
”ڪماري ! مونکي تنھنجي ان جملي جو مفھوم سمجهه ۾ نه آيو!!!“
ھوءَ تِکا قدم کڻي پنھنجي گھر ڏانھن وڌڻ لڳي، مان رولاڪين جي شھر ۾ روح جو قيدي ٿي ھلڻ لڳس، تڏھن مون پاڻ کي راھن جي پٿر سان تشبيهه ڏني٠ ڇو جو پٿر مضبوط ھُوندا آھن! ھنن کي ٺوڪر کائڻ جي عادت ٿي ويندي آھي! پٿرن کي زميني ۽ آسماني آفتن سان ڪوبه فرق ناھي پوندو.