شاعري

چنڊ مان ۽ رولاڪيون

آصف ڪالرو پنھنجي  پاڻ  کي”رولاڪ“ سڏي ٿو. آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنھن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇھيل  موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب  ۾ ”ڊائريءَ جا ورق“ جو  الڳ سان هڪ باب رکيو ويو  آهي، جنھن ۾ ليکڪ نظم ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي ۽ شاعراڻي نثر جي Pattern تي پنھنجا احساس  تخليق ڪيا  آهن.

  • 4.5/5.0
  • 45
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book چنڊ مان ۽ رولاڪيون

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران رولاڪ آصف ڪالرو جي شاعريءَ جو مجموعو ”چنڊ مان ۽ رولاڪيون“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
آصف ڪالرو پنھنجي  پاڻ  کي”رولاڪ“ ڪوٺيو آهي، ۽ آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنھن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇھيل  موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب  ۾ ”ڊائريءَ جا ورق“ جو  الڳ سان هڪ باب رکيو ويو  آهي، جنھن ۾ ليکڪ نظم ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي ۽ شاعراڻي نثر جي Pattern تي پنھنجا احساس  تخليق ڪيا  آهن.
ھي ڪتاب احساس پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2019ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون احسان آڪاش جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو. 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com

ارپن

مرحوم امڙ جي نانءُ 

۽

اپسرا  جي نانءُ !

پبلشر نوٽ

شاعريءَ جي صنف ۾ نظم، اها واحد صنف آهي جنهن  ۾ اوهان پنهنجي سموري ڳالهه بيان ڪري سگهو ٿا. نظم ۾ جيڪا قصا گوئي جي رواني آهي اها شاعري جي ٻي  ڪنهن صنف ۾ نه ٿي ملي. اسان جي سنڌي ادب ۾ انهيءَ صنف کي نثري  نظم، نئين ڪويتا،نظم ڪهاڻي ۽ نظم جي مختلف نالن  سان لکيو وڃي ٿو. هتر صنف لاءِ ان جي مزاج مطابق شاعراڻو Touch تمام ضروري هوندو آهي، جيڪڏهن  اوهان ان تي دسترس نه ٿا رکو ته پوءِ اوهان جا لکيل نظم ٻيو ڪجهه نه هوندو صرف لفظن جو وڌاءُ هوندو....! 

آصف ڪالرو جنهن پنهنجي  پاڻ  کي هڪ “رولاڪ” ڪوٺيو آهي، ۽ آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنهن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇهيل  موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب  ۾ “ڊائري جا ورق” جو  الڳ سان هڪ باب رکيو ويو  آهي، جنهن ۾ ليکڪ نظم ڪهاڻي، ڪالم ڪهاڻي، شاعراڻو نثر جي Pattern تي پنهنجا احساس  سرجيا آهن. هاڻي پڙهندڙ ان  باب کي ڪيئن  ٿا ڏسن؟ اهو اوهان  پڙهندڙن تي  ڇڏيو آهي. 

  احساس پبليڪيشن حيدرآباد طرفان نوجوان  شاعر آصف ڪالرو جي نظمن جو ڪتاب  “چنڊ مان ۽ رولاڪيون”  يقيناً سنڌي ادب جي نظمن جي تاريخ ۾ هڪ خوبصورت  اضافو  ٿيندو.  هن موقعي تي ادارو سرهائي محسوس  ڪندي اميد ٿو ڪري ته اڳ جيان هن ڀيري به اسان  جي هي ڪاوش پڻ اوهان سڀني کي دل سان پسند ايندي. پڙهي ڪري پنهنجي راءِ کان آگاهه  ڪندا.


خيرانديش

احساس پبليڪيشن حيدرآباد  
  Cell # 03013324100 
magazineehsaas@gmail.com 

مهاڳ: آصف درد جو ليکڪ!

اڄ پڻ ڪنجھو ڪنجهه واڍوڙڪيءَ منھن

جڏهن کان ليکڪن جي لاءِ من ۾ محبتون سانڍي رکيون اٿم، تڏهن کان وٺي اڄ تائين ھر درديلي تخليقڪار تي لکڻ چاھيو اٿم .  پر لکڻ مونکي ناهي ايندو. 

اندز بیان کر کہ بہت شوخ نہیں ہے، 
شاید کہ اترجائے تیرے دل میں میری بات۔

مان ھميشه اديبن کي ڀيٽا ڏيڻ لاء لکڻ جو سوچيو آهي ۽ فقط سوچيو آهي،  اڄ تائين  عمل نه ڪيو اٿم انهيءَ سوچ تي، ڇو ته ڏات ڌڻين تي لکڻ ڪا سولي ڳالهه   ناهي. ھنن سان انصاف تڏهن ٿئي ٿو. جڏهن ھنن جي سٽن سان ھنن کي ڀيٽا ڏني وڃي، ڪيترا ته ڏينهن ٿياآهن، جو آصف مونکي پنهنجو ڪتاب ڏنو، مهاڳ لکڻ لاءِ ـ ۽ ھيءَ ڪتاب مان ھڪ ڏينهن ۾ ھر روز ٻه  دفعا پڙھيوآهي.  سٽون پڙھندي ضرور ڏھ دفعا آھيان ۽ ليکڪ سان گڏ گڏ ڀوڳيندي به آھيان پر ياد ڪجهه ناهي رھندو، جيڪا بيماري مون ۾ گهڻي پراڻي آهي. ھي فقط لفظ ناهن،  ھي دردناڪ سچ آهي جيڪو آصف جي سٽن منجھان ليئا پائي ٿو ۽ لڪي وڃي ٿو، وري اچي جھوراي ٿو وري گم سچ سھڻ ۽ سچ جي صليب تي ٽنگجڻ آهي. مان سچ ۽ سچار کي شھر جي چوراھن تي بيدردي سان شھيد ٿيندي ڏٺو آهي. مان ھي ڪتاب پڙھندي پاڻ کي پلصراط تي بيٺل ڏٺو آهي ۔ پلصراط تان لنگھندي ڏٺو آهي.  مان ھي تحريرون پڙھندي زندگي جي جھنم مان ڪيئي ٿوھر کاڌا آهن ۽ گرم پاڻي پيتو آهي. مونکي ائين لڳي لڳو ڄڻ ڌرتيءَ جي خدائن جا جواب مان ليکڪ سان گڏ ڏنا ھجن. ھي اکر ناهن ـ پيڙا آهي، ڀوڳنا آهي .  پھرين  صفحي کان وٺي آخري صفحي تائين رت جو ھڪ ڳاڙهو درياه آهي جنهن ۾ ٽٻي ھڻ ته سڄو سور سور ٿي وڃي.  رت ھاڻي ڳاڙهي درياه جو ڪو به ڪنارو ناهي، ڪو به نه... ڇو ته اڪيلي سر کنيل صليب رڳو جسم ۽ روح زخمي ڪندو آهي جيئن آصف هن سٽ  ۾ چوي ٿو : 

“مان ماضيءَ کان وٺي حال تائين دردن جي صليب، سدائين اڪيلي پنهنجي ڪلھن تي کڻي نڪتو آھيان، تنهنجي ھر تحرير ايتري سڌي آهي ـ سادي ۽ خوبصورت آهي جو ھر احساس وارو آرام سان سٽن ۾ لھي وڃي ٿو ۽ توسان گڏ تنهنجي محبوبا کي سڏڪرڻ لڳي ٿو.”

ـ محبوب تنهنجون خوبصورت اکيون  
جڏهن ھنن جي گھررائي ۾ ويندو آھيان  
ته ھن دنيا کان ڪٽجي ويندو آھيان، 

ھي سمورو نظم لکڻ جھڙو آهي پر گهڻي طوالت ٿي ويندي، وڌيڪ پڙھندڙن تي ڇڏجي ٿو. سچ ته آصف جون سٽون روح جي گھرائي ۾ لھي ھڪ عجيب پراسرار ۽ خوبصورت شام جو سير ڪرائين ٿيون ۽ وري موٽائي ڪارين اونداهين راتين ۾ ڦٽو جٿي گُھگهه اونداھي،  ويراني آهي، ۽ اڪيلائي ـ آصف جي نظمن ۾  عنوان تير ڀالا آهن،  روح کي رھڙي وڃن ٿا ۽ پير يادن جي اڀن ڪاون تي هلن ٿا. 

اذيتن جا ساز...! 
دردن جون ڇوليون  
اکين ۾ لٿيون  
ازيت جا ساز وڄندا رھيا  
آسمان جي ڪاراس واري ڪشڪول ۾  
ڪنهن ستاري جون اکيون ٻرنديون رھيون 
روح جا خانه بدوش پرين 
تنهنجي يادن جا بادل اکين ۾ لٿا  
چنڊ ۾ چمڪندڙ چھرو  تنهنجو ڏسي  
بار بادل ڪو ھلڪو ٿي ويو  
جاڳ جي گھاٽ تي  
ھڪڙو رولاڪ  يادن جي ڦاهيء تي چڙھندو رھيو .

مونکي خبر ناهي ته ھڪ ٽٽل انسان جي زخمن تي پھا ڪئين رکبا آهن ملم ڪئين ھڻبو آهي؟ مونکي اھا به ناهي خبر ته ڀيٽا ۾ آئون ڇا لکان...؟ آصف جا زخم مرھم کان وڏا آهن،  انجا ۽ انجي ماضيءَ جا درد جيترا گھرا آهن، ايترا  ئي دلڪش آهن،  تنهنجي سٽن سان گڏ جڏهن اڪيلي ۾ ويھي اوڇنگارون ڏجن ٿيون ته اکيون لڙڪ نه رت ڏين ٿيون ۽ فرشتا آڪاش تان لھي اچي ڌرتيءَ تي مون سان گڏ تنهنجو ھيءَ نظم پڙهڻ لڳن ٿا. 

جڏهن به راتين جو رلي ڏسان ٿو  
دل آئون ۽ اڪيلائي آهي  
ڪنڊن جي رستن تان گذري اڪيلو  
پنهنجي اجڙي ويل  
عبادتاگاھ ڏي وڃان ٿو  
زندگيَ ۾ رکيو ڇاھي 
آئون ازيتن جو زھر روز پي ڏسان ٿو  
ھوءَ وڇڙي وئي مونکان زندگيَ جي سفر ۾ 
ھڪڙو رولاڪ ٿي ھاڻ جي نه سگھان ٿو.

آصف جي سٽن ۾ درد رڳو ذاتي ناهي، درد ڌرتيءَ جو به آهي، ڌرتي جيڪا ذات پات ۽ ڏات کان آتم ھجي ٿي. ڌرتيءَ سان محبت جو ذڪر سائين پنهنجي نظم (امان تون منهنجي سنڌ آھين) ۾ ڪيو آهي. جنهن نظم کي پڙھندي ھڪ وقت جي آمرن کان ۽ ڪوڙ کان نفرت ڪندڙ شخص ھڪ اڏول تخليقڪار بغاوت ڪندي نظر اچي ٿو. جيڪو ڌرتيءَ کي پنهنجو رت ست ڏئي آزاد ۽ آباد ڏسڻ چاھي ٿو.  بيشڪ ڌرتيءَ جو درد اھي ڄاڻن جيڪي تھجد جي سجدن ۾ سنڌ لاءِ روئين  ۽ لڇن ٿا. 

تڙپي تڙپي  لکن ٿا ـ ۽ لکڻ جھڙي ڄڻ ته ڪا اذيت ئي ناهي.  
مونکي ڇو ايڏي آزمائش ۾ وڌو اٿئي 
ايتري آزمائش ته پيغمبرن کي به ناهي ھوندي  
مان ته سنڌ ماءُ جو اڻٿاڪو رولاڪ پٽ آھيان 
مان ڪو پيغمبر ناھيان 
مان ڪو ديوتا ناھيان 
مان ڀري پوندس  
مان ٽٽي پوندس.

ڪيتري نه پيڙا ۾ لکيل آهن، اھي لفظ جيڪي نڙيءَ کي خشڪ ڪري ڇڏين ٿا، ھو ھن ڌرتيءَ جي رٺل بھارن کي موٽائي آڻڻ لاءِ پالڻھار سان به بغاوت ڪري ٿو ۽ ڪرڻ چاھي ٿو،  ڇو جو پالڻھار سان  جھيڙو ڪرڻ عشق ۽ عقل جي علامت آهي. منهنجي نظر ۾ خدا سان جھيڙو (هُجت) ڪرڻ جو حق انسان رکي ٿو، ڇو ته وٽ زبان آهي،  دل آهي ـ احساس آهي ۽ احساس نه ڪيل ڏوھن جي سزا ۾ شھيد ٿين ته وڏي تڪليف ٿيندي آهي ـ ٽيگور چيو ھو ته: “مونکي خدا جي وجود سان انهيءَ ڪري محبت آهي جو ھن مون کي اھو اختيار ڏنو آهي ته مان ھن جي وجود کان انڪار ڪري سگھان.”

آصف جون سٽون آهن ته:

آئون پنهنجي پالڻھار سان 
 بغاوت تي لھي ايندس  
آئون نئي تاريخ لکندس  
آئون پنهنجي ماء جي 
 ٿڃ جي ڦڙي ڦڙي جو حساب ڏيندس.

آئون دعوىٰ سان چئي سگھان ٿي ته ھي لفظ ھي تحريرون، آصف جي جيون جي لکيل رت ھاڻي نئي تاريخ آهن . امر جليل صحيح فرمائيندو آهي ته:  “سنڌي اديب غيرتمند ھوندا آهن” ۽ اهو سچ آهي ڇو ته حلالي پٽ ڪڏهن به ماءُ جي ڇاتيءَ وار ناهي سھندو ۽ اگر اھو تخليقڪار ھجي پوءِ ته ٽيڻو جوکم کڻي ٿو.  ھو لفظن جي تلوارن جا سڌا نشان دشمنن ڏانهن رکندو آهي ۽ ھڻندو آهي  ۽ ھن کي سچ لکڻ تي اگر اذيت سان قيد تنھائي ۾ رکيو وڃي ته به ھو قبولي ٿو .ڇو جو غيرتمندي جھڪندي ناهي.  پر سچار ھميشا پنهنجي ضمير جو قيدي ھوندو آهي جئين سينٽ جان پرسيءچيو: And it is enough for a poet to be the guilty onscience of his time" (اھو شاعر /تخليقڪار لاءِ ڪافي آهي ته ھو پنهنجي دور جو مجرمِ ضمير ٿئي.) آصف جي تخليقن ۾ واضع آهي ته هو عورت جي تقدس جي به خوبصورتي سمجهي ٿو، ھو عورت کي ڌرتيءَ جيان مقدس لکي ٿو.  ھو جڏهن به پنهنجي امر محبوبا کي سڏي ٿو ته کيس روح ۽ دل سان ھن کي ڌرتي سان تشبيهه ڏئي ٿو. جيڪا هڪ تمام گهري ۽ وڏي تشبيهه آهي.  (تون مقدس آھين سنڌ جيان...!) عورت کي جڏهن ماءُ جي روپ ۾ ڏسي ٿو ته ڪمال پاڪائي اٿس جذبن ۾، جو ماءُ تصوير پنهنجي سيني جي دل واري پاسي لڳل کيسي جي ٻٽونء ۾ رکي ٿو، ۽ اڪيلي ۾ ويھي پنهنجي ماءُ سان ڪنهن ننڍڙي معصوم ٻار جيان تال ڪري ٿو ـ کلي ٿو روئي ٿو. ڇو ته ھن ماءُ کي پنهنجي ھٿن ۾ روح پرواز ٿيندي آخري سفر جو راھي ٿيندي ڏٺو آهي.  ۽ اھو درد آسمانن کان به وڏو آهي. ماءُ جون اکيون جڏهن ھميشه لاءِ بند ٿين ته دعا جو دروازو بند ٿي ويندو آهي.  ھڪ خوبصورت زندگي ڇوري ڇني ٿي ويندي آهي ـ ھو جڏهن پنهنجي ڪنهن نظم ۾  ماءُ جي پيرانديءَ کان ويھي ھن جي سرد ٿي ويل پيرن/جنت کي چمي ٿو، ھر فرمانبردار پٽ ۽ ڌيءَ جي اکين ۾ اذيتون ۽ مستقبل جون اونداهيون اچي لھن ٿيون ! ۽ ھو جڏهن ڀيڻن جو ذڪر ڪري ٿو عظمت سان ھنن کي پنهنجي گهر جي رحمت ۽ سونهن سڏي ٿو. 

آصف پنهنجي محبوبا کي ديوي مڃي ٿو ۽ ھن کي ڪنهن مقدس ڪتاب وانگر سيني سان لاءِ چمي ٿو. ھا محبوبا جيڪا نه چاھيندي به ھن کي ازيتن جي آوڙاھ ۾ ڇڏي پاڻ ڏور آسمان جو ستارو ٿي وئي. ھي پاڻ کيس رڻن ۾ رُلي سڏيندي رڙندي ۽ تڙپندي نظر اچي ٿو.   ھن جي پوتر سنڌ جھڙي محبوبا جنهن کي ھو ھڪ نظم ۾  ائين  مخاطب ٿئي ٿو. ڪيڏي ته پيار سان ۽ پيڙا منجهان جو پڙھندي ڪي لڙڪ نڙيءَ  ۾ اٽڪي پون ٿا. 

تنهنجي مرڻ کان پوءِ

 منهنجي محبت مري ويندي  
منهنجي دل مري ويندي 
منهنجا ننڍڙا ارمان مري ويندا 
منهنجا سمورا خواب مري ويندا  
منهنجا لفظ يتيم ٿي ويندا...

لفظن جي يتيمي واري تصوير آصف جي لفظن ۾ ڪيڏي چٽي آهي!  ۽ انهيءَ تحرير ۾ اڳتي لکي ٿو. 

توکان پوءِ منهنجي ڪائنات  
موھن جي دڙي ۾ دفن ٿي ويندي.

ھونئن ته آصف سڄو  ئي درد جو تخليقڪار آهي پر ھو ٿورو گهڻو رومانس تي به لکي ٿو.  ۽ جڏهن جنهن شيءَ تي به لکي ٿو انهي کي امر ڪري ڇڏي ٿو.  اھو قلم يقيناً خوشنصيب آهي. اگر ڳالهه ررومانس جي ڪئي وڃي ته آصف جو نظم (خواب، جواني ۽ الفت) ھڪ بي حد خوبصورت ۽ ڦوھ جوانيء ۾ سرجيل نظم آهي. ۽ ٻيو نظم (قبر جا گل ) ۾ ھڪ جاءِ، ھن جي معصوم محبوبا ھن کان ڪيترو نه پيار سان سوال ڪري ٿي نماڻين اکين سان پڇي ٿي. 

سياري ۾ چپ ايترا  
ڪوسا ڪئين ھوندا آهن...!

آصف چوي ٿو:  “مان ڏات ڌڻي ناھيان، مان ڏسان ٿو ته ادب ھڪ وسيع درياه آهي جنهن ۾ منهنجي فقط ننڍڙي چيچ آلي ٿي آهي. ”  اھا هيٺائين، عاجزي ھن جي سٽن مان پسي سگھجي ٿي. حالانڪي اگر انصاف سان ڏٺو وڃي ته آصف جون لکڻيون تاريخ آهن. ھن ھميشا گمنام ٿي لکيو آهي،  ۽ جڏهن به لکيو جيڪو به لکيو ڪمال لکيو اٿس. پوءِ  به چوي ٿو:  

مونکي خبر آهي ته  
منهنجو ڪنهن داستان ۾ 
 نالو نه وڌو ويندو  
گمناميءَ جي اونداھي گھٽيءَ ۾  
پنهنجي محبت وانگر 
آئون زماني  کان وسرڻ لاءِ 
 وري ھڪڙو رولاڪ ٿي پيدا ٿيو آھيان.

ھو شھرت نٿو چاھي نه ته جيترو درد منجھان لکي ٿو ۽ حسين لکي ٿو ته ھن مھل تائين ھڪ نه ته ٻن ڪتابن جو خالق سڏجي ھا.  ھن کي بک ڪونهي شھرت جي،  ھو نيڪ نيتيءَ ۽ صاف دليءَ سان لکي ٿو، جيڪو  به لکي ٿو سچ لکي ٿو ـ  ۽ سچ  ئي لکيو ويندو آهي.  اديب اگر وڌائي به لکي ٿو ته تڏهن جڏهن درد شدت اختيار ڪري وڃي.  ھي  پوءِ  به چوي ٿو مان ڪجهه به ناھيان،  بس (ڪچي مٽيءَ جو ڏيئو آھيان،  سانئڻ آئون ڪچي مٽيءَ جو ڏيئو  آھيان، جيڪو آھستي آھستي  ڀڄي ڀري ۽ وسامي رھيو آهي) ڄڻ ته ھو حسن درس جيان چوي ٿو:  “شھرت ڪين گھرجي، ڇو پئي ڊڪي پٺيان.”

آصف پاڻ پنهنجي لاءِ چوي ٿو ته:  “مان ھڪ گودڙو فقير آھيان. مان دنيا جي سڀني خوبصورت نالن کان ھٽي ڪري پاڻ کي ھڪ ئي نالو ڏنو آھي، رولاڪ...! ڇو جو منھنجو وجود زمين کان آسمان تائين، آسمان کان  عالمي ارواح تائين جي رولاڪين ۾ مڳن رھندو آھي، ۽ مان قلعي جي ھنج ۾ ويھي پنھنجن رولاڪين جو سفر شروع ڪندو آھيان. ڪڏھن مونسان ڏات جي ديوي پرچي رولاڪين ۾ اچي ھلڻ شروع ڪندي آھي ته وري ڪڏھن دردن جا پکي دل جي سر زمين تي لھي سڏڪن جي ڌمالن تي  رقص ڪندا آھن،  پوء مان زندگي جي پلصراط واري سفر ڏانھن روانو ٿي ويندو آھيان.” 

مان سڏڪا ۽ سڪرات گهڻي ويجھي کان ڏٺي آهي پر آصف جي تحريرن ته اڪيلائي ۾ ڄڻ روئڻ جو عادي ڪري ڇڏيو آهي.  مان جڏهن پھريون دفعو آصف کي پڙھيو ھو ته مان ماضيءَ جي گھپ اونداهين ۾ ھٿوراڙيون ھنيون ھيون.  جٿي منهنجا معصوم ھٿ زخمي ٿيا هئا. مان چوان ٿي ته ڪو چريو ئي ھوندو جيڪو توکي پڙهي سڪرات ۾ نه ايندو.  باقي احساس ۽ سياڻپ وارو ماڻهو تنهنجا لفظ پڙهي في الحال ته درد جي صليب تي ٽنگجي پوندو ـ يا توسان گڏ رولاڪ ٿي رڻن ۾ رلندو. 

اڃا به ھيءَ ڪاريون راتيون 
يادن جا خنجر ھڻي وڃن ٿيون  
اڃا به مون تي اگھاڙي موسم  
درد جون خزائون ڇڏي وڃي ٿي...

ڪير چوندو ته ھي فقط کوکلا لفظ آهن. ھي ته نسورو سچ آهي، جنهن جون گواھ سٽون پاڻ آهن.  سچي سڪرات آهي، جيڪا قلم جي گھايل چپن سان لکي وئي آهي ـ ھي اگھاڙيون ترارون آهن ، جيڪي سڌيون سيني جي آر پار ٿي وڃن ٿيون. 

اڄ وري تنهنجي ٽھڪن ٻڌايو  
ته غم ڪنهن جلاد جيان  
مرڪن کي ڦاھيءَ چاڙهي ڇڏيو آهي...

ڪنهن ڏات ڌڻي جي لکڻ ڪو  آسان  ڪم ته هرگز ناهي، پر مان هڪ  تمام ننڍي ڪوشش ڪئي آهي ته آصف جهڙي درد جي ليکڪ لاءِ مان پنهنجي هن مهاڳ ۾ انصاف ڪري سگهان.... اسان جو ھي گمنام پر ڪمال ڏات ڌڻي  آصف پاڻ کي اڄ هڪ  وڏو نام  ڏئي ويو آهي.  ھن جون تحريرون پڙهي محسوس ڪري سگهجي ٿو ته ھن پاڇن پويان جيون گھاريون آهي ـھن عظمت جي ھڪ پراسرار ڏاڪڻ جو سفر گذاريو آهي.  ۽ مونکي اميد آهي ته ھي ڪتاب آصف جي انهيءَ ڏاڪڻ  جي منزل ثابت ٿيندو.  انهي ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اسان جھڙا گمنام ۽ ننڍڙا ماڻهو وڏن اديبن جي پيرن ھيٺان اچي لتاڙجي ويندا آھيون، حالانڪه اسان کي ڪو به گولڊ ميڊل يا ايوارڊ ناهي گھرجندو.  اسان ته چاھيندا آهيون فقط ايترو ته اکر قوم جي امانت آهن ۽ امانت مالڪن تائين پھچڻ گھرجي،  ڇو ته زندگيءَ تي ڀروسو ناهي،  ساھ ڀي پنهنجي ھٿن ۾ ناهي، نه ڄاڻ ڪڏهن ڀڙڪو ڏئي اڏامي وڃي ٿو.  ھي ساھ وارو ڪبوتر

نظم (تون زنده آھين)

ڪڏهن ڪڏهن انسان چاھيندي  به  
ڪجهه ناهي لکي سگھندو  
منهنجي اندر ۾ اوچتو ئي اوچتو خاموشي 
جنم وٺي ڇڏيو آهي  
منهنجي اتاوَلي روح پنهنجي چپن تي  
ماٺ جا تالا ھڻي ڇڏيا آهن...

اھا تحرير پڙھي مان اکين اڳيان لڙڪن جي ڌنڌ محسوس ڪئي آهي،  سچ ته مونکي ھن جي محبوبا ڏاڍي وڻي ٿي،  ڪيتري ته دلڪش ۽ خوبصورت آهي جنهن کي پيار مان ٽُٻٽار ٿي چوي ٿو:  

ڪائنات جو ڪُل حسن رکندڙ ڇوڪري 
منهنجي خيالي دنيا جي شھزادي  
جيڪا بس منهنجي خيالي دنيا جي حور آهي 
جيڪا بس منهنجي ئي خيالي دنيا آهي 
مونکي ھميشه ھن جي بي پناھ چاھت تي رشڪ ايندو آهي.

فخر ٿيندو آهي ته ھڪ مرد به ھڪ ئي عورت کي بي پناھ ۽ حد کان وڌيڪ چاھي سگهي ٿو. منهنجون اکيون حيران تڏهن ٿيون جڏهن مان ھن جو نظم حق مھر پڙھيو ھيو.  ۽ ڪيڏو ته تعجب ٿيو ھو... ڏندن ۾ آڱريون وجھي آڪاس ڏانهن نھاري سوچيان پئي ته ڇا ھڪ مرد حق مھر ۾ زندگي ڏئي سگهي ٿو... جڏهن جڏهن به اھو نظم پڙھيو اٿم، ھن معصوم محبوبا تي ريس آئي آهي. جنهن لاءِ  لکيو ويو آهي دل ته چوندي اٿم اگر ڏات پئسن تي خريدي ڪري سگھجي ھا ته مان آصف کان اھو نظم اڌارو وٺي پاڻ وٽ رکان ھان.. پنهنجي ڪمري جي ڪنهن حسين جڳهه تي ۽ فخر سان وڏي واڪي چوان ها ته  “ڏسو مرد به محبت ڪري ڪمال ڪري ٿو، ايترو جو جيون حق مھر ۾ لکي ڏئي ٿو” 

ھڪ دوست پڇيو  
شادي ڪڏھن ٿو ڪرين؟ 
چيم:  منهنجي شادي ٿيل آهي .  
چيائين ڪنهن سان ...؟ 
چيم:  ھن جي اڻ ڳڻين يادن سان ! 
ٿورو مرڪندي چيائين زندگي ڪيئن پئي گذري؟ 
مان ڪو به جواب ڏيان انهيءَ کان اڳ ۾  
ٻه  لڙڪ اکين مان وھي آيا،  
ھڪ پل لاءِ اداس ٿي ويس  
چيائين:  رولاڪ  تون ھن کي  
وساري ڇو نٿو ڇڏين؟ 
چيم:   زندگي حق مھر ۾ ڏنل آهي...!

آصف پنهنجي نظم “وڇڙي ويل پکيءَ” ۾ شام جي سج جي ڪيتري نه حسين تصوير ڪڍي آهي؟  پنهنجي ڏات جي ڪئميرا سان... ھا شام جيڪا مونکي ڏاڍي وڻندي آهي، جيڪا مونکي شرابي اکيون ياد ڏياريندي آهي. مونکي  شام تي لکيل  نظم غزل، وايون، گيت ، ڪھاڻيون ڏاڍيون وڻنديون آهن، مان اھي تحريرون ساھ ۾ سانڍي رکندي آھيان. آصف جي ھي ڪڍيل شام جي تصوير اکرن ۾،  ساهه   ۾ سانڍي رکڻ جھڙي آهي  ۽ گهڻي ڏکاري به.

سج جڏهن شام جا پاڇا کڻي اچي  
سمنڊ جي آخري سلامي ڀريندو آهي  
تڏهن  سمنڊ بلڪل ڳاڙهو ٿي ويندو آهي...

ھي تصوير شام کي ڏيکارجي ته شام کي به پاڻ تي پيار اچي وڃي، آصف جون تحريرون رنگين آهن،  ھا رنگ شھيد ضرور ٿيا آهن.  ڇو ته درد  ئي درد  لکيل آهي،  ايترو جو ڪاغذن جو سينو به جھري پيو آهي،  ۽ ڪاغذن جي اکين ۾ مان جيان ڳاڙهاڻ لھي آئي آهي. ھو ھڪ اديب ھجڻ جو فرض چڱي طرح نڀائي ٿو، ھو مرد ٿي به عورت جي طبيعت کي ويجھي کان پسي ٿو، محسوس ڪري ٿو.  ڇو ته ھو حقيقتن منجھان صليب ڪلھي تي رکي لنگھيو آهي. ھو عورت جي عاشقي کي سمجهي ٿو ، ھو عورت جي پويتر لفظن کي ساراھي ٿو ، عورت جي محبت ھڪ پاڪ جذبو آهي. سانئڻ !

مرد جسم جي بازار ۾  
واڇون ھڻندڙ ھڪ  ڪتو آهي  
پر عورت وفا ۽ محبت جي بازار ۾  
خوبصورت جھرڪي آهي،  
جيڪا محبت کان سواءِ ڪجهه نٿي چاھي...

ھو سمجهي ٿو ته عورت نھائين جيان درد سھي ٿي ۽ فقط سھي ٿي، ھر قدم تي ھر ساھ جي قيمت ڀري ٿي. هڪ نظم (آلين اکين جو اظهار) ۾ پڙهي ڏسو ته ھو ڪيتري نه ويجهي کان ديس جي عورتن کي پرکي ٿو. 

ڪونج ڇا ڳالهه آهي  
مونکي نه ٻڌائيندي 
ھن ڪنڌ ڦيرائي چيو  
نه رولاڪ  ڪجهه به ناهي  
مان سمجهي ويو ھيس ته 
ھُو سچي سنڌياڻي آهي  
اڌمن کي ٻاهر اچڻ کان روڪي ٿي...

نظم (خانه بدوش عورت) حوس پرست مردن جي منهن تي چماٽ آهي ۽ ڪيتري نه سور منجھان ھڪ مظلوم عورت جي ايف آءِ آر داخل ڪئي اٿائين ڏات جي قلم سان ھا،  ڏات جو قلم جنهن جو ڪو به نمبر ناهي ھوندو.   جڏهن ھڪ حوس پرست اڪيلي ۽ غريب عورت جي ھنج ۾ رکيل ٻار ڏانهن ڏسي چوي ٿو. ھي ته مونکي حرامي ٻار ٿو لڳي. تڏهن ھڪ ما ءُ  ھن معاشري جي مظلوم عورت تڙپي اٿي ٿي ـ ڇو ته ڪنهن ماءُ لاءِ ٻچا حلالي ۽ حرامي ناھن ٿيندا ۽ جواب ۾ چوي ٿي. 

صاحب! 
گھڙيءَ جي گھات ۾  
پل پل جي پڇتاوَ لاءِ  
تو جھڙي ڪراڙي گدڙن ۽ جوانن  
مونکي بستر تي سمھارڻ جو سوچيو 
پر زندگيَ جي سفر ۾ ھميشه گڏ رھڻ لاءِ  
ڪير به تيار نه ھو  
مونکي دنيا ۾ مردن ڪئي نالا ڏنا  
پر پنهنجي ھجڻ جو احساس ڪنهن به نه ڏنو 
اسان کي چاھيو ويو جسم جي حد تائين  
اھڙين عورتن جي وجود مان 
 بس حرامي ٻارئي جنم وٺندا آهن...

ايتري ڪمال ۽ ڳوڙھن سان عورت جو درد لکڻ ڪا مذاق ناهي. ھي محسوس ڪيل سور آهي، دنيا جو ڏکي ۾ ڏکيو  ڪم مونکي لکڻ لڳندو آهي ۽ لکڻ سڪرات آهي، جيڪا ھڪ  تخليقڪار ھر دفعي محسوس ڪري ٿو. تڏهن جڏهن ھن تي لفظن ۽ خيالن  جو نزول ٿئي ٿو ۽ نزول تڪليف ڏئي ٿو،  ۽ زندگيءَ ۾ مان پھريون دفعو ڪنهن تخليقڪار لاءِ ڀيٽا لکي رهي آهيان، جيڪو مون لاءِ اعزاز پڻ آهي. ھڪ طرف کان مان پاڻ کي خوشنصيب لڳان ٿي، جو مان ناچيز کان ۽ ڏات ڌڻين جي خادما کان آصف ڪجهه لکرايو آهي.  مان پاڻ هڪ معمولي ۽ ادنى آهيان. مهاڳ اهي  لکن جيڪي نامور ھجن، اھي جيڪي ايوارڊ  يافتا ھجن، آئون  ڪجهه به ناھيان ڪجهه به نه...... نظم (ھارايل جواري) پڙهي ڏسو: 

آئون ھڪ ھارايل جواري جيان  
سڀڪجهه ھارائي ويٺو آھيان  
منهنجي دل موھن جو دڙو آهي  
جنهن ۾ سڪ ۽ ڇڪ جي سچائي جا سڪا  دفن آهن 
جن کي تون ئي کوٽي ڪڍي سگھين ٿي 
۽ مونکي لڳي ٿو نه ڄاڻ ڇو 
ته اھا آئون ئي آھيان  
جيڪا تنهنجي موھن جي دڙي جھڙي 
 دل مان سچائي جا سڪا کوٽي ڪڍڻ واري.

آڪاش جي وسيع گھرائين ۾ ٻڏندي سج  مونکي چيو ته رولاڪ اُھو شخص آهي جيڪو روشنائين کي قيد ناهي ڪري رکندو.مان ڪنڌ ڌوڻي ھاڪاري ڪئي ته سج  ٿڪل شرابي نيڻن سان هن جي نظم جون ڪجهه سٽون پڙهي ٻڌايون مونکي.

شب برات ۾ منهنجي اڌوري رھجي ويل ڪھاڻي

انهيَ رات چانڊوڪي کي 
 ڏسندي چيو ھيم ته  
روشني ازل کان آزاد آهي  
ھن کي  قيد نٿو ڪري سگهي

ھنن سٽن مان ثابت ٿئي  ٿو ته سائين جگنو جو قاتل ناهي ۽ ھو ڪڏهن به ٻريل ڏيئن کي ڦوڪ ڏيئي وسائي نٿو  پر ھو طوفانن ۾ پنهنجي ھٿن جي ڇت ٺاهي رکي ٿو ته جئين اميدن جا ڏيئا نه وسامن. 

مان پنهنجو مجسمو  ٺاھيو آهي  
مان ٿورو مسڪرائي ھن مجسمي کي  
مختلف جائين تان بليڊ سان جھير ڏنا  
تڏهن مون کي محسوس ٿيو ته  
ھا ھاڻ وڃي مڪمل ٿيو آهيان.

تنهنجي خاموشي به سنڌ ڌرتيءِ کي اُداس ڪري ڇڏيندي ھوندي ـ خاموش ڇو نه رھجي، ڇو ته درد ڪاغذن تي لکجي نه ٿو  ۽ ماڻهو ٻڌڻ لاء تيار ناھن ھوندا، تڏهن لڙڪ لاڙي (ڀتين سان ڳالهيون) ڪرڻ جھڙيون تحريرون جنم وٺنديون آهن. ياد رھي مھربانو  ته درد اکرن جو روپ تڏهن وٺندو آهي، جڏهن اھو سڀڪجهه روح تائين ھڪ تخليقڪارمحسوس ڪندو آهي ۽ ھڪ ڳالهه دعويٰ سان چئي سگھان ٿي ته ھنن خوبصورت ۽ ازيتناڪ تشبيھن استعارن تحريرن کي اگر انگريزي ۽ اردو ۾ ڪو ڄاڻو اديب ترجمو ڪري ته ھي لفظ بين الاقوامي ٿي سگھن ٿا، مان ڏٺو آهي، پڙهيو آهي  ته اسان جا نوجوان ايترو ته خوبصورتي ۽ سچائين سان لکن ٿا.ايتريون عجيب ۽ حيرت انگيزتشبيھون ڪتب آڻن ٿا، جو عقل دنگ رھجي وڃي ٿو.  شيخ اياز ڪتاب ڏيئا ڏيئا  لاٽ اسان جي مھاڳ ۾ لکي ٿو  ته : “اسان وٽ به معياري ۽ بين الاقوامي ادب سرجي ٿو پر ترجمو نٿو ٿئي ٻين ٻولين ۾”  بيشڪ اھو به سچ آهي ته احساس ماءُ ٻولي ۾  ئي ٺھڪي بيھن ٿا پر دنيا سان ڪلھو ملائڻ لاءِ اسان کي پنهنجو معياري ادب ترجمو ڪرڻو پوندو. جيڪي معياري لکن ٿا، انهن جو حوصلو ٿيڻو پوندو،  ھا انهن جو جيڪي آصف رولاڪ جھڙو درد لکن ٿا، جن وٽ نج پنهنجا اکر آهن. ٻي ڳالهه ته وڏا ننڍن جو حوصلو ٿين. اسان ننڍا آھيون ۽ ھن ماتر ڀومي جا نوجوان خواب آھيون اسان ڦوهه  جواني ۾ سنڌ ڌرتيءِ کي سنوارڻ جا خواب ڏسون ٿا ساڀيان چاھيون ٿا، جڳھه چاھيون ٿا مارن جي من ۾ دلين ۾،  روحن ۾  تڏهن ته لڪي ۽ ظاھر ٿي جڏهن به ڳالھايون ٿا، پنهنجي ٻولي ۾ ڳالھايون ٿا  ته جئين  سادن لفظن ۾ درد ھنيان ۾ لھي وڃي.  شيخ اياز جيان ته : “ھر لفظ کي روح آهي جو صدين جي ارتقا مان گذريو آهي ۽ اھو روح فقط مادري زبان ۾ ئي گرفت ۾ اچي سگهي ٿو” آصف جي درديلن ٽھڪن  ڏسڻ لاءِ ھن جون تحريرون  (دنيا سرڪس) ۽ (جوڪر) پڙھي محسوس ڪري سگھجن ٿا.  

سڄي زندگي جوڪر ڇا بڻجي رھيس  
تنهنجي پويان هي  
زندگي سرڪس ٿي وئي...! 
آصف انهي ساڳي نظم ۾ اڳتي لکي ٿو ته:   
ھا مان ھر موڙ تي توکي جوڪر ٿي ملندس 
جيڪو ٻين جي چھرن تي مرڪون وکيري ٿو  
پر پاڻ رات جي پھرن ۾ دردن جو تاج پائي  
ڪارين راتين ۾ آسمان تي بيٺل اڌ چنڊ وانگر 
دردن جي ڪارن ڪڪرن ۾ لڪي وڃي ٿو...

مونکي ھنيئرمشهور مسخري چارلي جون سٽون ٿيون ياد اچن  ٿيون جنهن چيو ھيو ته : “مان وسندڙ مينهن ۾ روئيندو آھيان ته جئين منهنجي وھندڙ ڳوڙھن کي  جڳ نه سڃاڻي”  اھڙو ڪمال درد به ھڪ جوڪر  ئي  ڳالھائي سگهي ٿو.  آصف ھن دنيا کي سرڪس جو نالو ڏئي ٿو، جئين ڪئي  زمانا اڳ شيڪسپيئرچيو ھو ته: “ هي دنيا ھڪ اسٽيج آهي، جنهن تي اسان سڀ پنهنجي پنهنجي حصي جي اداڪاري ڪري گذري وڃون ٿا” ۽ آصف  چوي ٿو. 

آئون ھن دنيا کي سرڪس سمجهندو آھيان  
۽ سڀ ھن دنيا جا جوڪر آھيون 
ڪي ننڍا جوڪر ڪي وڏا  
ڪي بندرا ته ڪي وري ٿلھا، گينڊي جي شڪل جھڙا جوڪر   
اسين پنهنجي زندگيَ جي 
 روز وار قسط ۾ کلندا به آھيون ته  روئندا  به آھيون...

مان پاڻ ادب جي وسيع درياه کان گهڻو پري بيٺل آھيان ، آصف ته انهيَ درياه مان آڱر ٻوڙي آهي،  مان ته رڳو حسرت ڀرين اکين سان وڏن اديبن ڏانهن ڏٺو آهي، بس ڇو ته مونکي خبر آهي منهنجي لفظن ۾ ايترو دم ناهي جو وڏن اديبن سان ڪلھو ملائي بيھي سگھان،   حالانڪه مان ڪٿي لکيو ھيو انهي ڏينھن ته  “ڀلي ته منهنجي خيالن جي اڏام ، الڳ آهي ۽ توھان جي خيالن جي الڳ ، پر ادب جو آسمان ته ساڳيو آهي ...!” منهنجي دعا آهي ۽ نيڪ تمنا آهي ته آصف جي  درد (چنڊ، مان ۽ رولاڪيون) کي نئي  اُڏام ملي . سنڌي ادب جي درديلي آسمان جو تارو ٿي چمڪي پوي. ۽ ڇو نه چمڪي ڀلا،  هو چمڪڻ واري ميرٽ تي پورو لھي ٿو،  ڏات ڌڻين وٽ سورن جا پر ھوندا آهن ، جن کي کولي ھو جڏھن  به اڏامڻ چاھيندا آهن ته ستارا  روئي پوندا آهن، ۽ سج جي روشني جھڪي ٿي ويندي آهي، ھڪ سچو ۽ حلالي ڏات ڌڻي چاھيندو به ڇاھي، ھو ته بس خوشحاليون ھن ڌرتيءَ کي ڏئي غمن کي پنهنجي پلڪن تي سجائيرکندو آهي. ھو ڌرتيءَ جي پٽن کي چوڪن ۽ چوارھن تي بيدردي سان شھيد ٿيندي ڏسندو آهي ته روح تائين وڍجي ـ جھڄي مرشد اياز جيان ڪوڪ ڪندو آهي: 

آهي ڪوئي جو قابيل جي ھٿن مان ڇرو کسي سگهي 
۽ ھابيل جي زخمن تي مرھم رکي...!

ذھن چوي ٿو ته ھاڻ بس ڪر لکڻ پر دل چوي ٿي آصف جي ھر ھڪ نظم تي الڳ ڪتاب لکجي،  ڪتاب به اھڙو جيڪو تاريخ ٿي وڃي. آصف جو هي  نظم پڙهو: 

توکي ڪير وساري 
اڄ به منهنجي دل اھو منظر نٿو وساري سگهي  
جڏهن تو پنهنجي دل تي پٿر رکي  
چيو ھيو ته  
ھاڻ مونکي وساري ڇڏ 
۽ تون منهنجو شھر ڇڏي  
ڪنهن نئين سفر تي رواني ٿي وئي هئين 
تڏهن منهنجي دل تي ڄڻ  
قيامت گذري وئي هئي...

آصف جي تحريرن  پڙھي  پڙهي مون کي پوڙھي ڪري ڇڏيو آهي،  مان اوهان جي چاھيندڙن مان ادني چاھيندڙ آھيان،  اوهان جي ڏات ۽ ڏان خيالن جي فين آھيان ۽ مان چاھيان ٿي اوهان جا لفظ گهڻين اکين تائين، گهڻن چپن تائين ۽ تنهنجي ڪتاب جي توسط سان منهنجي تحرير گهڻن جي نظرن مان لنگھي ، مونکي خبر آهي مان به گمنام آھيان اڃان... ڇا ڪجي ڪن ماڻهن کي گمناميون راس اچي وينديون آهن، ڇو ته شھرت ۽ واهه واهه  جو شور به ڪي ڪي برداشت ڪن ٿا. مونکي خبر آهي مونکي لکڻ ناهي ايندو ۽ ڪنهن وٽ به ايترو وقت ناهي جو سيڙجي ويھي مون جھڙن چرين جي اونڌن ابتن ليڪن کي ويھي غور سان پڙهن ۽ سمجھن.  مان فقط ايترو چونديس ته آصف جون تحريرون ڄڻ ڪنهن خوبصورت معصوم اپسرا جو روپ آهن،  ھا اپسرا جنهن جو ذڪر تو ڏاڍي پاٻوھه  سان پنهنجي تحريرن ۾ ڪيو آهي ، انهيءَ اپسرا جي جيتري تعريف ڪجي سا گھٽ آهي ـ ٿوري آهي... آصف جي لاءِ پنهنجي طرفان چند سٽون: “تنهنجي ڏات کي ذات کي جھڪي سلام ۽ ھا اڃا به ڪي لکڻ ويھان ته گهڻو لکي سگھان ٿي،  پر ھي ساھ آهن نه نڙي ۾ اٽڪي پيا آهن ٿوھرن جيان. منهنجو ڪمزور جسم ايتري ديرتائين تنهنجي تحريرن جا وڍ برداشت نٿو ڪري سگهي، وڌيڪ لکيم ته روح پرواز ٿيڻ جو خدشو آهي ۽ مان في الحال  مرڻ نٿي چاھيان ڇو ته اڃا کوڙ وچن پاڙڻا آهن، ھن ڌرتي سان ڪيل سچ ته منهنجا ھٿ سن ٿي ويا آهن ـ ۽ ويھي ويھي گوڏا ڄڻ ته ڪا مم چٽي و ئي ھجي ،ھي لکڻي منهنجي لاءِ يادگار آهي ۽ اميد اٿم ته ھي درد کوڙ دلين ۾ گهر ڪري ويندو تنهنجي سٽن جيان....!!!” 

آصف جي کوڙ چاھيندڙن مان هڪ ادنى چاھيندڙ ۽ خادم الشعراءُ...!  

مخدوم آسيا نعمت الله قريشي

مورو -  سنڌ 
13 اپريل 2019ع   

نيئر منهنجي نينهن، اجاري اڇو ڪيو

صابر ڪيريو


دنيا ۾ ھزارين ماڻھن شاعريَ جون اڻ ڳڻيون وصفون بيان ڪيون آھن پر شاعريَ جي ڪا چٽي وصف اڄ تائين ڪو به بيان نه ڪري سگھيو آھي ۽ شايد اھا ڪڏهن پوري ريت بيان ٿي به نه سگھندي, جماليات فلسفي جي علم جي پوري شاخ آھي ۽ ان وٽ حسن بينيَ جي پرک جو مڪمل علمي ۽ منطقي نظام آھي پر جڏهن حسن ۽ حسناڪين جي ڪا حد نه آھي ته پوِ ان جي پرک جي آخري حد کي ڪير ٿو رسي سگھي.

معصوميت جي ڀلا وصف ڪير ڇا بيان ڪري سگھندو, سرھاڻ اندر جي اونهائين ۾ ڪيترو لھي ويندي آھي ان جو انت ڪير ٿو لھي سگھي؟ محبت ڇا آھي؟ ان جي واچوڙن ۾ ماڻهن جو من ڪئين ٿو ويڙھجي وڃي؟ ان سوال جا پيرا صدين کان ماڻھن کنيا آھن پر ڳجھارت ته پنهنجي جاء تي اڄ به موجود آھي.

محسوسات جي پاتال ۾ ڪير ٿو لھي سگھي اھو ئي انت بحر آھي جنهن جي صوفين کي به خبر نٿي پوي سو شاعري به ائين آھي.

انسان پنهنجي تفڪر تخيل ۽ محسوسات جو حسين اظھار جن تخليقي شعبن ۾ ڪيو آھي انھن ۾ شاعري به ھڪ آھي مون کي سنڌ جي شاعرن جي شاعري ۾ حسن او جمال ۽ دردن کي لفظن ۾ سموئڻ جو فن ۽ اظھار جو طريقو بيان ڪري سگھن ٿا,

انھن مان آصف ڪالرو به ھڪ آھي 

سنڌ جي جن گمنام ۽ حقيقي طور وڏن شاعرن جي قطار ۾ ھڪ شخص جيڪو اسان کي پنهنجي ڪردار علميت ۽ ذھانت سبب قدآور نظر اچي ٿو اھو آصف آھي.

آصف جي ڪتاب بابت لکڻ مون لاِ اوترو ئي اوکو آھي جيترو ڪنهن آڙاھ مان پچي نڪرڻ,

سو بھرحال وڇوڙي جو رولاپ اسان جي ڪلاسيڪي شاعريَ جو اھم جز آھي آصف به ان جي احساسن ۽ ڪيفيتن جو نھايتي ڀرپور انداز ۾ ذڪر ڪيو آھي. آصف جي لکيل ڪتاب جو ھر شعر رڳو قلم سان نه پر روح سان لکيل آھي، آصف جي شاعري ۽ سندس شخصيت جي ڇا ڳالھ ڪجي عام رواجي زندگيَ ۾ ھڪ سادو انسان ۽ وري پنهنجي اندر ۾ انيڪ درد سمائي ھلندڙ شخص آھي اھڙن لاءِ لطيف فرمايو آھي:

"جڳ سين جھڙو جڳ هيئين  سين ھت چري"

مونکي اڄ جي دور ۾ ڪو به اھڙو شاعر اديب نٿو سجھي جنهن جو ڪردار ڏاھو به ھجي شاعر به ھجي عاشق به ھجي اندر ۾ آزاد ۽ بي نياز به ھجي جيڪو منزل جو محتاج نه ھجي جيڪو حاصل ڪري نه پر وڃائي خوش ٿئي.

مطلب ته آصف انھن سڀني شين جو مھور آھي ڌڻي َ در دعا آھي شال سدائين آباد ھجي.

پنهنجي پاران: مان هڪ گودڙو فقير آهيان !

مان ھڪ گودڙو فقير آھيان، مون دنيا جي سڀني خوبصورت نالن کان ھٽي ڪري پاڻ کي ھڪ ئي نالو ڏنو آھي . ( رولاڪ آصف ) ڇو جو منھنجو وجود زمين کان آسمان تائين، آسمان کان عالم ارواح تائين جي رولاڪين ۾ مڳن رھندو آھي ۽ مان قلعي (عمرڪوٽ) جي ھنج ۾  ويھي پنھنجن رولاڪين جو سفر شروع ڪندو آھيان.

 ڪڏھن مون سان ڏات جي ديوي پرچي رولاڪين ۾ اچي ھلڻ شروع ڪندي آھي، يا وري ڪڏھن دردن جا پکي دل جي سر زمين تي لھي سڏڪن جي ڌمالن تي پيرن اڳھاڙي رقص ڪندا آھن،  پوءِ  مان زندگي جي پلصراط واري سفر ڏانھن روانو ٿي ويندو آھيان .آئون رولاڪ ڏکن جو قيدي لمحن ۾ جيئندو آھيان. لمحن ۾ مري ويندو آھيان، منھنجي اڳلي جنم جو روئڻ اڃان باقي آھي٠ ڇو جو آئون سسئي کان بنا رڻ ۾ رلڻ وارو رولاڪ آھيان٠  منھنجو سرڪش روح زمين کان آسمان تائين سانئڻ کي پڪاريندو رھندو آھي.  ھا اھا سانئڻ جنھن جي سڏ کان پوءِ  مون خدا جا سڏ به لنوايا آھن.  مونکي قيامت ڏھاڙي فرشتا به اٿاري نه سگھندا، مونکي صرف تون ئي اٿارجان  ! مون توکان پوءِ خدا جو ھر سڏ لنوايو آھي٠ مان تنھنجي سڏ تي لبيڪ چئي اٿندس. مونکي خبر آھي منھنجا ٽٽل بي ادب لفظ ڪڏھن به ادب جي دنيا ۾ ليکيا نه ويندا، نه وري منھنجي ٽٽل لفظن تي ڪو وڏو شاعر يا ليکڪ شفقت جو ڪو ھٿ رکندو٠ ڇو جو منھنجا لفظ تير ڀالا سنگينن جو ڪم ڪندا آھن٠ 

ھا مون ته سڀني ڏانھن گل اماڻيا  
پر مونکي گلن جي عيوض پٿر لڳا ! 
ڇو جو منھنجي لفظن ۾ ادب واري صنف ناھي،  
منھنجا لفظ به  ڪنھن ناچو عورت جيان پنھنجي سڏڪن تي رقص ڪن ٿا٠ 
 ھا مان واريءَ  جو اڪيلو مسافر آھيان،  منھنجي ڪا به تاريخ نه لکي ويندي٠

آئون پلن ۾ جيئندس ۽ لمحن ۾ مري ويندس. سقراط جو زھر مون رولاڪين ۾ پي ڏٺو آھي. جڏھن چنڊ آسمان تي اڪيلو سفر ڪندو آھي،  تڏھن رولاڪ ماضي واري تاريخ جي تلاش ۾ ڀٽڪندو آھي.  مونکي تاريخ ته ناھي ملندي پر  ھر پاسي ڏاڍ ڏامر خون ريزي واري راند پي ھلندي آھي٠ مونکي ملندي آھي ته سنڌ جي سُڪل مٽي ملندي آھي. سنڌ جي سڪل مٽي مون لاءِ  بھشت جي سرمي کان به وڌيڪ مقدس آھي، اھُا مٽي مان پنھنجي چپن تي رکي چمندو آھيان ! ڇو جو سنڌ جي مٽيءَ  قران جي ورقن جيان مقدس آھي... اھُو منھنجو عقيدو آھي، منھنجو اھو عقيدو منھنجي پڙھندڙن کي برو لڳندو پر منھنجو اھُو عقيدو ڪمزور ناھي، مان سڀني جي نظر ۾ گنگھار آھيان ، منھنجو اھُو گناھ ھزار ثوابن کان به وڌيڪ عزيز آھي .

مان پنھنجي بابا اعجاز علي ڪالرو  جو احسان مند آھيان جنھن چيچ پڪڙي ھن دنيا ۾ اٿڻ ويھڻ سيکاريو، ھا آئون پنھنجي بابا سائين جو سدائين قرضدار رھندس٠ جنھن غربت سان جنگ جوٽي مونکي تعليم جھڙي زيور سان نوازيو، ۽ منھنجي آڱر پڪڙي ھن دنيا جي رونقن ۾ گھمايو.

 مان سنڌ جي مھڪندڙ مٽي مان جنم وٺندڙ  تمام بھترين ”شاعره مخدوم  آسيا قريشي“ جو وڏو احسان مند آھيان، جنھن مون جھڙي سرڪش رولاڪ لاءِ  پنھنجو قيمتي وقت ڪڍي ڪري، هڪ مفصل ۽ اثرائتو مهاڳ لکيو، ۽ ڪتاب جي حوالي سان مشورا ڏئي مون تي وڏو احسان ڪيو آھي٠

 مان پنھنجي پياري ۽ تمام ويجھي دوست نھايت ئي سٻاجھڙي شاعر ادب دوست صابر ڪيريو جو به احسان مند آھيان، جنھن ٻه اکر لکي ڪري ڪتاب جي سونھن ۾ اضافو ڪيو٠

  آئون ٿورائتو آھيان سنڌ جي ڪُک مان جنم وٺندڙ ادب دوست ۽ نئين اڀرندڙ شاعره ندا علي جو جنھن منھنجي لفظن لاء قيمتي راءِ ڏئي ڪتاب جي سونھن ۾ اضافو ڪيو٠

  آئون ٿورائتو آھيان، احساس پبليڪيشن حيدرآباد جي مالڪ، سرواڻ  سھڻي شاعر ليکڪ، ادب دوست ”سائين احسان آڪاش“ جو جنھن بئڪ ٽائٽل لکيو ۽ ڪتاب جي حوالي سان ڪيتريون ئي قيمتي تجويزون  ڏنيون  ۽ ڪتاب جي سيٽنگ، لي آئوٽ، ترتيب، ٽائيٽل ۽ ڇپائي وارا سمورا مرحلا وقت سر اُڪلائي ۽ منھنجي شاعريءَ جو پھريون مجموعو بي انتها پيار سان،  خوبصورت  رنگ و ڍنگ سان هي ڪتاب “چنڊ مان ۽ رولاڪيون” اوهان پڙهندڙن تائين پهچايو،  ۽ ڪتاب جي سُونھن ۾ چوڏنھن چنڊ لڳائي ڇڏيا. 

مان پنھنجي دوست جھانگير“ جو به ٿورائتو آھيان جنھن ھر وقت منھنجو ساٿ ڏنو. ۽ مان ٿورائتو آھيان پنھنجي سڀني پنھنجن مائٽن دوستن عزيزن پڙھندڙ جو جن جي محبت ھن  پورھئي ۾ شامل آھي ۽ مان آخر ۾ اھُو چوندس (مان جوئي آھيان سو ئي آھيان). 

منھنجا  لفظ، درد، اڌمان، اوھان جي سامھُون آھن٠ اوھان پڙھندڙ اديب، شاعر، ليکڪ، ادب دوست، منهنجي تخليقن کي هن پورھئي کي ڪيترو پسند ٿا ڪيو؟ پڙهي ڪري پنهنجي راءِ ضرور ڏيندا. توھان جي پڙھڻ کان پوءِ  توھان جي راءِ جو شدت سان انتظار رھندو٠ هاڻي پنو ورايو ۽ ڪتاب پڙهو !

سنڌ سلامت، ساٿ سلامت!


رولاڪ آصف ڪالرو

عمرڪوٽ

03110137786 

نظماڻو سٽاءُ

---

يادن جي شامِ غريبان

يادن جي شامِ غريبان
ھُو مون سان
ناتو ٽوڙي
وڃي پنھنجي
حقيقي پالڻھار
سان ملي،
ھن منھنجي
برداشت جون سڀ
حدون اورانگي ڇڏيون
ڪائنات جي ھر ھڪ شئي
مونکي اوپري ويراڳي لڳي
ھُو مونکي اڪيلو ڪري
خبر ناھي ڪيڏانھن ھلي وئي
آئون رولاڪ بڻجي ڪاري راتن ۾
ھن کي تلاش ڪرڻ نڪري پيس
مان ھُن کي ڪيترا ئي سڏ ڪيا
مونسان گڏ ڌرتي ۽ آڪاش پڪاريو
سانئڻ ، سانئڻ ...
ٿر بر ۾ منھنجا سڏ گونجڻ لڳا
منھنجا پير پٿون ٿيا
منھنجي پيرن ۾ ڪنڊا به لڳا
منھنجو جسم مٽي ۾ ڀڀوت ٿي ويو
سڏ سان گڏ سڏڪا به بلند ٿي ويا
پر ڪٿي به سانئڻ نه ملي
ھن کي ڳوليندي ڳوليندي
وڃي قبرستان پھتس
جتي مان ڏٺو ته ڪيتريون ئي
قبرون دفن آھن
مونکي محسوس ٿيو ته
ھي قبر جيڪا آھي
سانئڻ جي آھي
آئون پنھنجا
گوڏا زمين ۾ کوڙي
ھٿ آسمان طرف کڻي
چيم تون ڪٿي آھين سانئڻ؟
آسمان تي چنڊ چمڪي رھيو ھو
چنڊ ڏانھن آڱر سڌي ڪري
چيم چنڊ تون مونکي اوجاڳا ڏنا آھن
چنڊ تون مونکان ننڊکسي ورتي آھي
مونکي دردن جا دريا ارپيا آھن
اوچتو مونکي احساس ٿيو ته
سانئڻ جي پاسي واري قبر
منھنجي احساسن جي قبر آھي
وري پنھنجي احساسن جي
قبر جي مٽي مٺ ۾ پڪڙي
چيم اي منھنجا رولاڪ احساس
مان توھان کي دفن ڪري ڇڏيا آھن
پوءِ آئون ڇو ماتم ڪيان ٿو
آئون توکي وري ڳولڻ نڪتو آھيان
مونکي خبر آھي تون به
سائنڻ سان گڏ دفن ٿي چڪو آھين
مونکي خبر آھي ته زندگي
جي پھرئين حقيقت ڏک ۽ رنج آھي
ھا ھا سانئڻ...!
ھي قبر تنھنجي آھي
ھي منھنجي احساس جي قبر آھي
باقي ھر طرف منھنجي ارمانن،
خوابن جون ننڍيون ننڍيون قبرون آھن
ھا سانئڻ مان چريو آھيان
مونکي خبر آھي ته تنھنجي ساھ وارو پکي
محبت جي وڻ تان اڏمي چڪو آھي
ھا تون ھن دو رنگي دنيا مان
ھميشه جي لاءِ وئي آھين
مان محبت جي ھر چوراهي تي بيھي
تنھنجي موت جو ماتم ڪندس
ڇو جو آئون روز تنھنجي يادن جي
شامِ غريبان ملهائڻ جو عادي ٿي چڪو آھيان...!
...

خاموشي جو رقص

خاموشي جو رقص
آئون اڄ پنھنجي محبت
جي عبادتگاھ تي
اڪيلو
ويٺو آھيان
ھر طرف موت جھڙي
خاموشي ڇانيل آھي
ائين ٿو لڳي ته ڄڻ
منھنجي احساسن کي
موت اچي وئي ھجي
زندگي ڄڻ ٻرندڙ جبل آھي
۽ آئون رولاڪ ان جبل جي چوٽي
تي ويٺو آھيان
آئون بس ان وقت جو انتظار
ڪري رھيو آھيان
جڏھن زندگي وارو ٻرندڙ جبل ڦاٽندو
ته منھنجو وجود ذرو ذرو ٿي ويندو
ٻاھر آسمان تي چمڪندڙ تارا
موت جھڙي خاموشي تي رقص
ڪري رھيا آھن
چنڊ منھنجي ماتم تي
نوحه چئي رھيو آھي
گُھلندڙ ھوا ملڪ الموت بڻجي
مونکي سڏ ٿي ڪري پر
آئون ڪڏھن ڪو مري چڪو آھيان
مونکي ڪڏھن ڪو توسان
گڏ دفنائي ڇڏيو آھي
چوندا آھن ته ھر جاندار شئي کي
ھڪ چڪر موت ايندو آھي
ھا آئون به ان ڏينھن توسان گڏ مري
تنھنجي ئي قبر ۾
دفن ٿي ويل لاشو آھيان
اڄ وري تاريخ پنھنجو پاڻ کي
دھرائندي اڄ وري ھڪڙو رولاڪ
پنھنجي اجڙي وڃڻ تي داستان لکندو
منھنجي جيڪا محبت مري چڪي آھي
سان منھنجي لفظن ۾ وري ڌڙڪي اٿندي...!

...

اذيتن جا ساز

اذيتن جا ساز
دردن جو ڇوليون
اکين ۾ لٿيون
اذيت جا ساز وڄندا رھيا
آسمان جي ڪاراس
واري ڪشڪول ۾
ڪنھن ستاري جون اکيون
ٻرنديون رھيون
روح جا خانه بدوش پرين
تنھنجي يادن جا
بادل اکين ۾ لٿا
چنڊ ۾ چمڪندڙ
چھرو تنھنجو ڏسي
بار دل جو ھلڪو ٿي ويو
جاڳ جي گھاٽ تي
ھڪ رولاڪ يادن جي
ڦاھي ڇڙھندو رھيو...!
...

سيني ۾ سمايل سور

سيني ۾ سمايل سور
رات ڏاڍي اونداھي ھئي
ھوا وڏي واڪي شوڪا
ڪندي ٿي گذري
تنھائي رات جو سينو
چيريندي ڊوڙندي ٿي وئي
رستن تي بيمار بلبن
جي ميري روشني پکڙيل ھئي
آئون پنھنجي محبت جي
عبادتگاھن ڏي وڃي رھيو ھيس
زوزاٽ ڪندڙ ھوا
مونسان گھڻو ڪجھ ڳالھيو
پر مان ھن سان ڪجھ به نه ڳالھيو
ڇو جو مونکي خبر ھُئي
جيڪڏھن آئون ڳالھيندس
ته سيني ۾ سمايل سورن، آسن
ازيتن جي لڙڪن جا بند ڀڄي
پوندا اکين ۾ لڙڪن ۽ سڏڪن
جو طوفان اچي ويندو
مونکي ائين محسوس ٿيو ته
آئون بارود جي ڍير تي ويٺل آھيان
منھنجي لفظن جي باھ جيڪڏھن
بارود جي ڍير تي
ڪري ته بارود ڦاٽي پوندو ۽
منھنجو وجود ذرو ذرو ٿي ويندو
منھنجي جسم مان ساھ ڇڏائجي ويو ھُو
ڄڻ آئون لاش ھيس
ڪفن وڙھي پنھنجي جسم تي
پنھنجي تابوت ۾ ويھي رھيس
بس سڄي رات چنڊ کي ڏسندو رھيس...!
...

خواب، جواني ۽ الفت

خواب، جواني ۽ الفت
مان ٿورو پاسو ورايم
ته منھنجي بستر تي
منهنجو جسم ٻئي جسم
سان ٽڪريو
جسم عورتاڻو ھو
نازڪ، ھلڪڙو
خوشبو ۾ ورتل
تون ڪير آهين ؟
مان جواني اڻ جھل عورت آھيان،
جواني جو ڪو نالو ھوندو؟
جواني جو نالو الفت آھي،
مان گھڻي وقت کان
الفت لاءِ سڪندو وتان..
ھن جي اکين ۾
محبت جو سمنڊ اٿلي پيو
چپن تي چپ رکي چمڻ لڳس ته
ھن جو انگ انگ اڀري آيو،
اسان ٻئي ھڪ ٻئي ۾ گُم ٿي وياسين
مدھُوشي جو عالم ھو
سياري جي رات ھئي
مان ڪمبل سان وڙھجي
ھيٺ ڪريس ته
ننڍ مان سجاڳ ٿي
هو ڪنهن خوبصورت خواب
ٿي پکيءَ وانگر اڏري وئي...!

اڪيلائي

اڪيلائي
دل آئون ۽ اڪيلائي
جڏھن به راتن جو
رلي ڏسان ٿو ،
ڪنڊن جي رستن تان
گذري اڪيلو
پنھنجي اجڙي ويل
عبادتگاھن ڏي وڃان ٿو
زندگي ۾ رکيو ڇاھي ؟
آئون اذيتن جو زھر
روز پي ڏسان ٿو
ھُو وڇڙي وئي مونکان.
زندگي جي سفر ۾ .
ھڪڙو رولاڪ ٿي ھاڻ جي نه سگھان ٿو...!
...

نشيلون اکيون

نشيلون اکيون
محبوب !
جڏهن تنھنجي خوبصورت اکين
جي گھرائي ۾ ويندو آھيان ته
ھن دنيا کان ڪٽجي ويندو آھيان
مونکي اڪثر ڪري تنھنجي ڪجلين
اکين ۾ وفا ۽ محبت جا
ٽڙيل گل نظر ايندا آھن
اڪثر ڪري اڪيلو ويھي
تنھنجي نشيلي اکين جي سمنڊ ۾
پنھنجي بي پناھ محبت جو
سفر تلاش ڪندو آھيان
منھنجو سمورو وجود
تنھنجي نيڻن تي اچي
انت آڻيندو آھي
تنھنجون اکيون آڪاش تي
ڪنھن چمڪندڙ
تاري جيان لڳنديون آھن
تنھنجي کلڻ جي ادا تي
سوين ڪائناتن جا گل
وکريو پَوَن
چڪور تنھنجي حسن جي
چانڊوڪي ڏسي مدھوش
ٿيو پوي
او مشڪ! امبر جھڙي ڇوڪري...
تنھنجون اکيون
سنڌو جيان مقدس آھن
اھو ڪڏھن ڪو مري چڪو
جيڪو تنھنجي پلڪن جي
ڇانوري ۾ ھو ستو
جنھن تنھنجي نيڻن جي
دلبري سان ڪُنواريون
لانئون لڌيو آھن...!!!
...

پاڇي سان پيار

پاڇي سان پيار
اڙي دل !
تنھنجا گنگھار آھيون
محبت ڪري سزا وار آھيون
آئون ڪڏھن ڪڏھن
صحرا ۽ رڃ جي طرف
نڪري پوندو آھيان
تتل واري تي جڏھن
سج جا ڪرڻا منھنجي
ميري بدن کان پار ٿي
زمين تي لڳندا آھن
تڏھن آئون به ساڻو ٿي
پوندو آھيان
ڇو جو آئون رولاڪ آھيان
آئون ڪنھن حور جو رولاڪ آھيان
آئون اڪثر ڪري پاڇن تي
اعتبار ڪرڻ جو ھيراڪ آھيان
مونکي خبر آھي ته
اڄ ڪلھ جي دور ۾ پاڇا
انسان کان به وڌيڪ تيز ڊوڙندا آھن
مان ڄاڻا ٿو ته
آئون انھن پاڇن کي
ڪونه پڄندس
بس پٺيان ڊوڙندو رھندس
مان ھر تحرير
ھن پاڇولي تي لکي آھي
جنھن سان مان
روز پيار ڪندو آھيان
ڪڏھن تصور ۾ ته
ڪڏھن حقيقت ۾
مونکي ڪڏھن ڪڏھن
پنھنجي
پاڻ تي کل ايندي آھي
يا وري ڪڏھن ڪڏھن
پاڇن سان منھنجي محبت
جي شدت ۽ سچائي ڏسي
مونکي پاڻ تي ڏک ٿيندو آھي
ته مان رولاڪ جنھن سان پيار
ڪري ويٺو آھيان
جنھن کي روشني
سمجھي ويٺو آھيان
سو ته بس پاڇولو آھي
وري پنھنجي ئي غلطين تي
ٽھڪ ڏئي سوچيندو آھيان
ھو پاڇولو آھي
۽ آئون فريب دوکو
کائڻ جو شوقين آھيان
مان ھڪ ڏينھن پنھنجي
پاڇولي کي چيو ھو
آئون وري دوکو کائڻ گھران ٿو
مونکي تون دوکو ڏيندين
مان وري توسان پيار گھران ٿو
تون ٿوري تڪليف ڪر
مونکي دوکو ڏي
منھنجي پاڇي
مونکي جواب ڏنو
توکي يقين جي نالي تي دوکو ڏيان
چيم ھا مونکي يقين جي
نالي تي دوکو ڏي
پاڇو روڊ ٿي لڳل بلب جي
روشني ۾ چرڻ لڳو
وارائي چيائين
توکي يقين جي نالي تي دوکو ڏيان
چيم ھا مونکي يقين جي
نالي تي دوکو ڏي
تنھائي جي آواز
ديوارن سان ٽڪرائجي
منھنجي وجود کي جنجھورڻ لڳي
ڪاري رات جي صدا چوڻ لڳي
رولاڪ آئون تنھنجي آھيان
تون صرف منھنجو آھين
مونکان سواءِ
ٻئي ڪنھن جو ٿي نه سگھندين
دماغ جي مقبرن ۾
ھن جي لفظن جي آواز بلند
ٿيڻ لڳو
دل موئن جي دڙي جي
آثارن وانگر زبون لڳي
وھندڙ اکين جو آب اگھندين
چيم ھا تنھائي
مان تنھنجو آھيان
ھوائن جا شوڪا تيز ٿيڻ لڳا
پاڇولو مونسان گڏ ڦرڻ لڳو
شھر جي روشناتي بلبن جي
چمڪاٽ کي ڏسندين
چيم آئون دوکو کائڻ
جو شوقين آھيان
آئون بس پاڇولن سان
پيار ڪرڻ واري
موسم تي يقين ڪندو آھيان
آئون روز نئين درد کي جنم ڏئي
ان تي لکڻ پسند ڪندو آھيان
ڇو جو مون وٽ روح جي
زخمن جي تجارت آھي
مان وٽ اڻپورن
خوابن جي ملڪيت آھي
مان پاڇولن سان پيار ڪرڻ
لاءِ نڪتل رولاڪ آھيان
مونکي محبت جي دليلن
سان نه پرچائي
مان فريب کائڻ جو
عادي ٿي چڪو آھيان.
...

منھنجا خواب سڀ ڇورا ڇنا !

منھنجا خواب سڀ ڇورا ڇنا !
دريا وانگر
وھندڙ وقت کي ته
مان روڪي نه سگھندس
بس ڪجھ وقت
دردن جي محفل مچائي
وري ساھ واري پکي کي
ڪجھ گھڙين لاءِ
سڪرات مان ڪڍي
کلي فضا ۾ ڇڏي ڏيان ٿو
يا وري ڪاري رات ۾
پنھنجي دردن جو صليب کڻي
نڪري پوندو آھيان
يا وري پين پنو کڻي
پنھنجي اجڙڻ تي نوحه لکي
ڪجھ دير لاءِ
تنھنجي يادن کي
پرسو ڏيندو آھيان
ڪڏھن ته وري
پنھنجي ٻٽون ۾
ھڪ عورت جي تصوير آھي
جيڪا مان اڪثر ڏسي
مسڪرائيندو آھيان
پنھنجي اذيتن جي لمحن ۾
ھُو عورت مونکي
گھڻو ياد ايندي آھي
شايد مان ھن اداسي جي
سفر ۾ ھلي ھلي
پٿر دل ٿي ويا آھيان
منھنجا خواب سڀ
ڇورا ڇنا ٿي ويا آھن
زندگي جي سفر ۾
ڪڏھن سوچيندي سوچيندي
پنھنجي سڀني حسرتن تي
مايوسين جو ھٿ
مليندو رھجي ويندو آھيان
يا پنھنجي محبت جي عبادتگاھن تي
ھليو ويندو آھيان
مان ڪاري رات ۾ نڪتل
رولاڪ چنڊ سان پنھنجي
دل جو حال اوري رھيو ھيس ته
اچانڪ ڪائنات جو
ڪل حسن رکندڙ
منھنجي خيالي دنيا
جي شھزادي
جيڪا منھنجي خيالي دنيا
جي حور آھي
جيڪا بس منھنجي خيالي دنيا آھي
اچي سامھون بيٺي
چيائين
اڳ ۾ ڪھڙي عورت جو
ذڪر ڪري رھيو ھئين؟
منھنجي چھري تي
ابدي مرڪ تري آئي
چيم نه نه
مان ڪنھن جو ذڪر ڪندس
چيائين نه ٻڌا هو ڪير آ؟
جنھن جي تصوير
تنھنجي ٻُٽون ۾ آھي
چيم منھنجي ٻٽُون ۾
جنھن عورت جي تصوير آھي
سا منھنجي پياري ماءُ آھي
جيڪا ھن دنيا ۾ ناھي
مان اڪثر تنھائي ۾
اڪيلي سر
پنھنجي ماءُ سان
ڳالھيون ڪندو آھيان ...!
...

ھارايل جواري

ھارايل جواري
رات پنهنجي ڪاري لباس
جا رنگ شهر مٿان اڇلائي
رهي آھي
مان آڪاش تي ڪڪرن جي
چادر پويان لڪيل
چنڊ کي ڳولھي رھيو آھيان
مان هڪ هارايل جواري جيان
سڀ ڪجھ هارائي ويٺو آھيان
منھنجي دل موهن جو دڙو آهي
جنهن ۾ سڪ ۽ ڇڪ جي
سچائي جا سڪا دفن آهن
جن کي تون ئي کوٽي
ڪڍي سگھين ٿي
محبتن جي مورتين جا مجسما
تنهنجي لاءِ اڃا تائين
انتظار جي قبر ۾ دفن آهن
۽ مان تنھنجي يادن جو
ڪشڪول کڻي
سورن جي سھيلين کي سڏو
ڏئي محبت جي محفل مچائي
پنھنجي اڌوري محبت جو
ڪتاب کڻي جڏھن
لکڻ شروع ڪندو آھيان
تڏھن دنيا کان
ڪٽجي ويندو آھيان
منھنجي سوچ جو سمنڊ
اکين ۾ اٿلي پوندو آھي
زندگي اڄ مان اداس آھيان
ڇو جو؟
منھنجي سورن جو ساٿي
آسمان تي بيٺل چنڊ آھي
جيڪو اڄ پاڻ تي ڪڪرن جي
چادر اوڍي خبر ناھي
ڪھڙي ڪنڊ ۾ سمھي رھيو آھي...!؟

...

اڌوري محبت

اڌوري محبت
پاڻ ڏانھن گھرائي
مونکي اي خدا ...
محبت ۾ ڇا آھي مليو
مرڻ لاءِ زھرھڪ چڪر
پر جئيڻ لاءِ زھر
روز پيئڻو پوندو آھي
مان مايوس ناھيان
مان جئيڻ لاءِ تنھنجي يادن
جي قبر کوٽڻ ۾ مصروف آھيان
مان اندر ئي اندر ۾
ڪچي قبر وانگر ٽٽي پيو آھيان
ھا مون تي به ڪنھن اڇي اجري
اپسرائن جي ٽولي جي راڻي
ڇوڪري ٻه ڏينھن جي محبت ڏئي
پوءِ منھنجي دل ۾
پنھنجي محبت جون سرحدو لڳائي
مونکان منھن مٽي
ھميشه جي لاءِ پنھنجون
راھون الڳ ڪري وئي
ھاڻ مان به خوابن جا تابوت کڻي
تمنائن جي رُڃ ۾ اڇلي ڇڏيا آھن
۽ مان چنڊ جي روشني سان
پنھنجي دل جي نگري آباد ڪندو آھيان.

اندر جي آس

اندر جي آس
لفظن جي ڄار ۾ ڦاٿل
ھڪڙو رولاڪ
پنھنجي چنڊ کان
وڌيڪ خوبصورت
آسمان کان وڌيڪ
وشال جذبا رکڻ
واري کلڻي ڇوڪري
جي اچڻ جا گس نھاري پيو
تنھنجي اچڻ جي آس جو ڏئيو
مان تنھنجي عطر جھڙي خوشبو ۾
جلائڻ شروع ڪيو آھي
مونکي خبر آ تون
ڪل ڪائنات جو
حسن رکندڙ ڇوڪري
کي منھنجا فضول ۽ آواره
لفظ سمجھ ۾ نه ايندا
پر منھنجي دل جي نگري ۾
تنھنجي ٽھڪن جي ڌمال
اڄ به جاري آهي
جتي منھنجا خواب
اگھاڙي پير رقص ڪرڻ ٿا لڳن
تنھنجو سمنڊ جي
گھرائي جھڙيون خوبصورت اکيون آھن
ڌرتي تنھنجي
شرمائڻ ۾ مھڪي اٿي ٿي
جڏھن به توکي
محسوس ڪرڻ لڳندو آھيان
تڏھن منھنجي دل تي
تنھنجي چاھت جا انيڪ
پوپٽ حرڪت ڪرڻ لڳندا آھن
پر لڙڪ وري ڳلڙن تان ڪِري
تنھنجي يادن کي ٿا چميون ڏين
انھن يادن کي جيڪي
منھنجي خوابن جا آھن
جڏھن تون اوچتو مون سان
اکيون اٽڪايون
تڏھن مان محسوس ڪيو ته
تنھنجو چھرو حيا ۾
شرم شار ٿي ويو ھو
تون منھنجي خوابن ۾
گم ٿي ويل ڇوڪري
ھن مهل تنھنجو چھرو
پسجي ته پڪ سان ڪنھن گلاب
جي گل کان گھٽ ته نه ٿي لڳو
تڏھن مان توکي لفظن جي
چپن سان چميو آھي
جيڪڏھن اھيو منھنجو
ڏوھ آھي ته
ھا مان ڏوھاري آھيان
ھا مان تنھنجو
جوابدار ٿي رھندس
بس منھنجي محبت جي
ضمانت کڻ
يا پنھنجي ٻانھن جي
ھٿڪڙي ھڻي
مونکي ھميشه جي لاءِ
پنھنجي محبت ۾
چالان ڪري ڇڏ
مونکي منھنجي
ھن خط جو جواب
ضرور ڏجان
يا سڀني خطن وانگر
ھن جا به چار ٽڪرا ڪري
سنڌ جي سريلي
ھوائن کي ارپي ڇڏجان
جواب مونکي پاڻي ملي ويندو...!

...

اداس راھون

اداس راھون
اداس راھون
جڏھن شام جي
پاڇن ۾ ٽوھ وانگر
ڪَڙيون لڳن
جڏھن من تان محبت جا
رنگيلا پوپٽ
رقص ڪرڻ ڇڏي ڏين
ته ڪنھن چو واٽي تي وري
منھنجي ياد جي شمع روشن ڪجان
منھنجي دل جي صحرا تي
جڏھن تنھنجي يادن جي
ھڏڪي ٿيندي
تڏھن منھنجي محبت جو
پکي اوچتو ڀڙڪو ڏئي
اڏامندي محسوس ٿيندو
زندگي ۾ ٻيهر آئون توکان
جدا ٿيڻ لاءِ
تنھنجي اميدن جي
اڱڻ تي لھندس
ورھين جي وڇوڙي
وارو دفن لاشو ڪڍي
پنھنجي مجبورين ۽ ناڪامين
تي سوين لڙڪ ھاري
پنھنجي مرڻ تي حوالو لکي
وري سڏڪن جو پرسو ڏئي
پنھنجي ئي ڪفن سان
ڳراٺڙيون پائي روئندس.

...

آخري منزل

آخري منزل
ھا ھڪ ڏينھن
تون به مون سان
محبت ڪندين
ھا ھڪ ڏينھن تون به
منھنجو چھرو
ڏسڻ لاءِ پنڌ ڪندين
ھا ھڪ ڏينھن منھنجي
لاءِ به تنھنجي اکين۾
لڙڪ ھوندا
زندگي ان ڏينھن مان
پنھنجي آخري
منزل جي بلڪل ويجھو ھوندس
جنھن ڏينھن تون
منھنجي پيراندي ويھي
مونکي سڏيندين
جڏھن مان
تنھنجو آواز ته ٻڌندس
پر توکي ڪو جواب
نه ڏئي سگھندس
ان ڏينھن مان
اڇي ڪفن ۾ گھوٽ بڻجي
پنھنجي ڌرتي ماءُ جي
پيٽ ۾ دفن ٿيندس
ان ڏينھن تون به مون سان
محبت ڪندين
جنھن ڏينھن مان
ٽٽل ستاري وانگر
ڪاري راتن ۾
گم ٿي ويندس
ھا زندگي
ھڪ ڏينھن تون به
مون سان محبت ڪندين
ھا ھڪ ڏينھن
پنھنجي ناٽڪي جي
قبر تي گلاب رکندين...!!!

...

سُڏڪن جو پُرسو

سُڏڪن جو پُرسو
جيڪي راتيون مان
تنھائي جي رُڃ ۾
گذاريون آھن
اھي راتيون ڄڻ
مان سنسان گھاٽن
۾ گمنام قبرن جي
لاوارث لاشن وانگر
بي ڪفن ۽ تنھا گذاريون آھن
مان زندگي ۾
ھميشه وڃايو آھي
ڪڏھن به حاصل ناھي ڪيو
مونکي خبر نه ھئي ته
منھنجي زندگي
۾ اھڙا بي بقا ڏينھن به ايندا
جو مان ڪاري رات جي
تنھائي ۾ ويھي
تنھنجي يادن کي
سڏڪن جو پرسو ڏيندس
پر تون منھنجي من جي
عبادتگاھ ڇڏي
خبر ناھي ڪھڙي دنيا
۾ گم آھين
آئون پنھنجي اکين ۾
تنھنجي يادين جا مرچ وجھي
زندگي جي چوواٽي تي ويھي
توکي پل پل ساري
بيوسي جا لڙڪ
ھاريان پيو
ڇو جو
ھا مان ئي
تنھنجو رولاڪ آھيان
ڏس مان ڪيڏو
بدنصيب آھيان
مونکي پنھنجي لفظن سان
ڳراٺڙي پائي
روئڻ جو به وقت نه مليو
مٿي ڏس مونکي اڪيلو ڏسي
تارا به لڪي ويا
منھنجا احساس به
لاوارث ٻار ٿي
شھر جي چانڊوڪين ۾
رلي ويا ڪاري راتن جي تنھائي
۾ سناٽا ڏئي گذرندڙ ھوا
مون سان دوستي ڪري ويٺي
ڏس ھاڻ مان رولاڪ ۽
ٿوھر ساڳي ڳالھ آھيون...!
...

خاموشي

خاموشي
رولاڪ جي خاموشي ۾
اڻ پيتي محبت جو
درد سمايل ھوندو
انھن اذيتن جو درد
جيڪو تنھنجي
جدائي جي وقت
منھنجي جھولي م وڌا ويا
انھن ٽُٽل خوابن جا ٽڪرا
ڪيئن سنڀاليان ٻڌائي
ڪٿي پنھنجن
خوابن جي تعبير ڳوليان
ڪڏھن مونکي لڳندو آھي
مان ڪو مسافر آھيان
ڪڏھن لڳندو آھي ته
مان ڪو رڻ پٽ آھيان
ڪنھن مھل لڳندو آھي ته
مان رڃ آھيان
ڪڏھن لڳندو آھي
ته پنھنجي وجود تي
تنھنجي وجود جو
احساس آھيان
ڪڏھن وري لڳندو اٿم ته
پاڻ ٻئي وڇوڙي جي
علامت آھيون
جيڪو ڪڏھن به
گڏ نه ٿي سگھنداسين
جئين ڪنھن
سُڪل ندي جي ڪنارن وانگر...!

...

ڊائري !

ڊائري !
اڄ مان پنھنجي
ڊائري جي ورقن ۾
پنھنجي اڌوري تحريرن جو
مفھوم لکي رھيو آھيان
زندگي جو سڄو درد
اڄ اوھان جي سامھون
ھن ڊائري جي صفن ۾
قيد ڪرڻ چاھيان ٿو
انھن سڀني گھڙين کي
جيڪي منھنجي دردن. ازيتن. وحشيت
جون گھڙيون رھيون آھن
مان پنھنجي زندگي جو سڄو
سچ پنھنجي اڻ پورين تحريرن ۾
بيان ڪيان ٿو
مونسان گڏ منھنجي
تحريرون به اڻپوريون رھيون آھن
مونکي خبر آھي ته زندگي ڏکي آھي
پر منھنجا لفظ به شايد زندگي جي
زھر کان به وڌيڪ ڪوڙا ھجن
ھنن لفظن جو مفھوم پنھنجي
درد جي احساس
ذريعي سمجھي سگھجي ٿو
خبر آ جڏھن
انسان اڪيلائي جي
جنگ ۾ اڪيلو لھندو آھي
تڏھن لفظ به ساٿ
ڇڏي ويندا آھن
فقط ڳوڙھا ئي ھوندا آھن
جيڪي من جي
لڳل باھ کي وسائڻ ۾
مدد ڪندا آھن
جڏھن اڪيلائي ماڻھو جو
نصيب بڻجي ويندي آھي
تڏھن ھن جي دل ڪنھن ويران
غار جي مثل ٿي ويندي آھي
۽ ويران غار ۾ اڪثر مِرون پناھ وٺندا آھن
دوست پنھنجي دل ويران غار نه ٿيڻ
ڏيو ن ته محبت جا ھرڻ
وقت جي مِرون ھٿان مارجي ويندا...!
...

اڪيلائي جا وارث

اڪيلائي جا وارث
مون کي نه سھي
پر گھٽ ۾گھٽ
منھنجي لفظن کي ته
نظر مان ڪڍ
ائين نه ٿئي
جو منھنجا لکيل لفظ به
مان وانگر رولاڪ ٿي وڃن
يا منھنجي خوابن کي وري
ڪو نانگ ڪُکي وڃي
خبر اٿئي !
اسان اڪيلائي جا وارث
ايترا معتبر ناھيون
جو پنھنجي ئي لاش تي
ھڪ نئي تاريخ لکون...!
...

امان ...

امان ...
امان تنھنجي ياد جا
ڪارا ڪڪر منھنجي
ويڻاڳي من تي
سانوڻ جي برسات جيان
اويرا ڪري وسڻ لڳا آھن
منھنجي صبر جو گھڙو
وقت جي ھٿ مان ڪِري
پَٽ تي ٽٽي پيو آھي
وحشتناڪ اسُر
اکين آڏو اچي بيهندي آهي.
امان تنھنجي وڃڻ کان پوءِ
اسان لاءِ ڄڻ ڪائنات
ذرو ذرو ٿي وئي آھي
امان تنھنجي يادن جي
شمع جلائڻ کان پوءِ
مان اڪثر ڏسندو آھيان
ته منھنجو درد اکين جي دريا
مان ٿي لفظن جون ڇوليون کڻي
پني جي ڪناري تي
پنھنجا عڪس ڇڏيندو آھي
امان مان وقت جي چيچ مان ڪري
ويل ڇلو آھيان
جيڪي دنيا جي بي رحم
بوٽن ھيٺيان لتاڙجي چڪو آھي...!!!

خانه بدوش

خانه بدوش
ڇا چوان مان
پنھنجي انھن لفظن کي
جيڪي پٿرن جي شھر ۾
احساس جي ڇانوَ ڳوليندين
رلي رھيان آھن
يا خانه بدوش جي خيمن جيان
سنڌ جي درد ڀري ھوائن ۾
پکڙي رھيا آھن
منھنجون تحريرون
اوجاڳن جي صحفن تي
لکيل ھجن يا سوڳ جي
زبان سان چئي ڏيان
پر منھنجي وجود ۾
روح جي چانڊوڪي ناھي رھي
اچ پڙھي ڏس
منھنجي لفظ لفظ کي
جنھن ۾ محبت
درد، اذيت واضح آھي
منھنجي اکين کان
ننڊ پرايو ديس ٿي وئي آھي
مان ڄاڻان ٿو
منھنجون تحريرون
رات جي ڪاري پھر ۾
اوھان سڀني جي چپن تي
اچي پناھ وٺنديون
۽ لفظ لفظ سان
ڳراٺڙيون پائي
اوڇنگارون ڏئي روئنديون
ھي جيڪي سختين جا
سفر آھن
ان تي ھلي منھنجي
اکين جون
اميدون ڪچا ٻار ڪرائينديون
۽ محبت جون مڇيون مري وينديون...!!!

...

ڪاري رات چنڊ ۽ مان

ڪاري رات چنڊ ۽ مان
گفتگو سڄي رات ڪندا ھئاسين
کٽي رات پوندي ھئي .
پر نه کٽنديون ھيون ته .
منھنجو ڳالھيون ۽ ھن جا ٽھڪ
اڄ ڪاري راتين ۾
مان تنھا آھيان
دردن جي ڪھاڻي
ڪوڙ جي لفظن سان
ناھي لکبي ھا مڃان ٿو
زمين محبت کان وڏي ناھي
نه آسمان عشق کان وڏو آھي
پر محبت ڪرڻ وارن
اسان جھڙن فقيرن جو عقيدو
پڪو آھي محبت تي اڄ
به ايمان ساڳيو آهي
مان پنھنجي ماضي کان
وٺي حال تائين جون
غلطيون سڀ ورجائڻ نٿو چاھيان
مونکي ڪڏھن پنھنجي لفظن سان
ڳراٺڙيون پائي روئڻ جو موقعو به نه مليو
ڪڏھن سوچيندو آھيان
ته منھنجي لفظن جي خوشبو
مري وئي
منھنجا خواب ٽٽي ويا
مونسان گڏ چمڪندڙ
ستارا به لڪي ويا
منھنجا احساس لاوارث ٿي
ڪنھن خانه بدوش جي
ٻارن وانگر رلي رھيا آھن
مان دردن جي
سيلاب مان نڪري
ڪجھ گھڙيون لکڻ شروع ڪندو آھيان
ڪاري راتين جا پھر
منھنجي اڳڻ تي
ڪجھ سڏڪن جي
سھلين کي سڏو ڏئي
محبت جي محفل مچائي
پاڻ سان گڏ ويٺل
تنھائي کي
درد جا نوحه ارپي
پنھنجي خوابن جا تابوت کڻي
وري دفنائڻ واري
روايت شروع ڪندو آھيان
مون کي اعتراف
آھي ته مان پنھنجي
غم پسند طبعيت
جو عڪس کڻي
اوھان دوستن جي حيات وجود تي
وجھي ڇڏيندو آھيان. ..!!!

ٻن ڏينھن جي محبت

ٻن ڏينھن جي محبت
ھا مون
تي به ڪنھن
احسان ڪيو ھو ،
ڪجھ ڏينھن جي محبت ڏئي ،
پنھنجي ٻانھن جو
ڳلي ۾ ھار وجھي
وري منھنجي وجود کي
پنھنجي يادن جي
سزا ڏني ھئي
وري محبت جي نئي،
تاريخ لکي وئي
منھنجا درد وري
تازه ٿي ويا ،
دل جيڪا مدتن کان
تمنائي ،
جي تپش کان محروم ھئي
سا وري ڦٿڪي پئي
پنھنجو پاڻ
کي پرچائڻ سرچائڻ
جي ڪوشش ڪيم
ته ھو ھڪ خواب آھي
ھن جو حقيقت
سان ڪوبه تعلق ناھي
بس منھنجي دل ٽٽي پئي
منھنجا احساس وري
زخمي ٿي پيا...!

اذيتن جي سلطنت

اذيتن جي سلطنت
مان زندگي سان
حساب چڪتو ڪري
ڇڏيو آھي
ھاڻي ڪي به ڏک سور
گناھ، ثواب، پيڙائون
پيشيمانيون نه رھيون آھن
بس آئون اذيتن جي راتين جو
رولاڪ گڏ ڪري رھيو آھيا ن
ماڻھن جا لاوارثي وارا لھجا
منھنجا قتل ٿيل خواب
اکين جي سمنڊ مان
نڪرندڙ ڳوڙھا
منھنجي احساسن جي اگھِاڙپ
سڀني جي ڪروڌ جا ڪجهه گل
شام جي اداسين ۾ تڙپندڙ وجود
سنڌ امڙ جي ٿڃ جا ڪجھ ڦڙا
ڇو جو مونکي ھڪڙو خط
لکڻو آھي
انھن جوانن ڏي
جنھن مونسان گڏجي
سنڌو ديش جا نعرا ھنيا آھن
مونکي پنھنجي تڪليفن سان گڏ
سنڌ جي سورن تي به
نئين تاريخ لکڻ کپي
مونکي انھن لاپتا سنڌي
دوستن جي
روئندڙ مائن جي ڳوڙھن سان
نئين تاريخ لکڻي آھي
ٻڌو! زمانو بدلجي چڪو آھي
مونسان پراڻا سوال ڪرڻ بند ڪيو
وقت ڪڏھن به پنھنجي آرسي ۾
پنھنجو چھرو نٿو ڏسي
پر ھو خود ماڻھن جي چھري کي
آرسيون بڻائي ڇڏيندو آھي
منھنجي چھري تي
شڪست جا تاثر ناھن
تون ڇا ٿو ڄاڻڻ چاھين ته
مان ڪير آھيان
ته ٻڌ مان ان بيوس عورت جو پٽ آھيان
جنھن سان تاريخ ۾ مائٽيلي ماءُ
وارو سلوڪ ڪيو ٿو وڃي
ھا مان به سنڌ ڌرتي جو
اڻ ٿانيڪو پٽ آھيان
جنھن پنھنجي زندگي جي
اذيتن سان گڏ
پنھنجي ماءُ جي ڏکن تي به
نوحه لکيا آھن
منھنجو نالو به ساڳيو آھي
مان به مٽي جو ھڪڙو جسم آھيان
منھنجي عمر به ڦوهه جواني جي
ڏاڪي ۾ پھتي آھي
گل ۽ انسان جي ڄمار تي
ڀروسو ڪھڙو
ھا باقي سچ ٿو چوين ته
مون وٽ ڪا وڏي ڊگري ڪونھي
منھنجي لفظن مان
ڪويتائون ٿيندو
ڇو جو مونکي پنھنجا
احساس لکڻ لاءِ
ڪنھن ڪتاب جي
ضرورت نٿي پوي
من جڏھن احساسن ۽ جذبن
جا بت تراشي ٻاھر
نڪرندو آھي
ته ڪائنات ھڪ وڏو
سچ لڳندي آھي
ڇا تون سمجھين ٿو
تنھنجي سوالن جا جواب
توکي منھنجي
ھڪڙي تحرير ۾ ملي ويا آھن
ھا مان به سردار آھيان
پنھنجي لفظن جو
پنھنجي خيالي دنيا جو
ھا ڏس آئون دردن، اذيتن
جي سلطنت پنھنجي ھٿن جي
تري تي کڻي بيٺل آھيان
ھا اچي ڏس مان به اڀ تي
ساڳيو ڪاري راتين جو
رولاڪ چنڊ آھيان...!!!

...

مري ويل انسان

مري ويل انسان
مان پنھنجي زندگي
جا سمورا پل
اڪيلا گذاريا آھن
آئون پنھنجي دنيا
جو مالڪ آھيان
آئون ھڪ مري ويل
انسان آھيان
مان روحاني خودڪشي ڪري
پنھنجي روح کي
دوزخ جي باھ ۾ اڇلي ڇڏيو آھي
آئون پنھنجي زندگي کان
محروم آھيان
رولاڪين ۾ رلندي رلندي
مان ھميشه چنڊ کي ڇُھڻ
جي تمنا ڪئي آھي
مان ھميشه تنھنجي موٽي
اچڻ جي انتظار ۾
ھر رات رولاڪين ۾ گذاري
مونکي خبر آھي
تون ڪڏھن به موٽي نه ايندي
پر آئون توکي خوابن ۾
ڳولهندو آھيان
مونکي خبر آھي
تون منھنجي ڪري
نئون جنم وٺندين
تون ڪنھن حور جي روپ ڌاري
وري موٽي ايندي
تنھنجي سڏ جا آواز
منھنجي ڪنن ۾ اڄ به گونجندا آھن
آئون قيامت ڏينھن به
تنھنجي سڏ تي اٿندس
نه ته مرڻ کان پوءِ
مونکي عزرائيل به
ننڊ مان اٿاري نه سگھندو
مان تنھنجي سڏ جي پويان
ڪيترا ئي سڏ لنوايان آھن...!
...

منھنجي دل دشمن آھي

منھنجي دل دشمن آھي
آئون قعلي جي
چوٽي تي رولاڪ بڻجي
رلي رھيو آھيان
منھنجي ٽٽل وجود جي
شيشن کي
شوڪا ڏئي گذرندڙ ھوا
چيڙائي رھي آھي
تارا منھنجي رولاڪين تي
نوحه پيا چون
دل دردن کي
ھنڌورن ۾ لوڏا پئي ڏي
مونکي خبر آھي
دل منھنجي دشمن آھي
آئون انھن جي اچڻ
جي آس ۾ ڏئيا ٻاري
ويٺو آھيان
جنھن کي اچڻو ئي ناھي
منھنجون اکيون گرم ريت تي
وڇايل ھوندو آھن
منھنجا جذبا شھيدن وانگر
سج جي تپش ھيٺ
پيا ٻرڪندا آھن
جڏھن اميدن جي شام
اچي ٿيندي آھي
تڏھن دل ڪنھن ڪٺُل پکي جيان
پئي تڙپندي آھي
آئون ڪڏھن ڪڏھن دل کي
ڪوڙن دلاسن سان پرچائيندو آھيان
مونکي خبر آھي
منھنجي دل دشمن آھي
ھڪ ڏينھن منھنجي دل
ڪنھن حور سان شادي ڪرڻ
جي ضد ڪري ويھي رھي
مونکي خبر آھي
حورون مون جھڙي گنگھار جي
نصيب ۾ ناھن ھونديون
اسين ٻئي چريا آھيون
دل وري سوچ جي سمنڊ
۾ لھي وئي سوچيم ته
آئون رولاڪ بي چئي دل جون
حسرتون ڪيئن پورو ڪندس
آئون پنھنجي بي چئي دل کي
سمنڊ جي تيخاني ۾
ڦٽي ڪري ڇڏيندس
نه ھُوندي نه ڪا وري
نئي فرمائش ڪندي....!!

...

الزامن جا جملا

الزامن جا جملا
مونکي خبر نه ھئي
ته تون مونسان
سسئي بڻجي پيار ڪندين
پنھون جو درجو ڏئي
مونکي ديوتا ڪوٺيندين
جڏھن آئون پيار جي ڪوڙڪي
۾ ڦاسي ويندس
تنھنجي بي پناھ عبادت ڪندس
ته تون نئي روايت قائم ڪري
وري ديوتا ٿي ويندين
ان کان اڳ جو مان ھميشه جي لاءِ
تنھنجي زندگي مان ھليو وڃان
مان ايترو اظھار ڪندس
ته مونکي ھاڻ
پاڻ سان به محبت ڪونھي
محبت جو رشتو جڏھن ٽٽي
ڌار ٿي ويندو آھي
تڏھن الزامن جا جملا
اظھار جي قوت وڃائي
بي معنى ٿي پوندا آھن
ھن فاني دنيا ۾ ھر ڪوئي
پنھنجي مطلب لاءِ جيئڻ
چاھي ٿو پر
مان روز پنھنجي مري ويل
محبت جو ڄاڙيون ٻڌندس
خبر آ نه جڏھن من جي منڌر ۾
اوندھ ھوندي آھي
تڏھن دنيا جو روشني ڀانئن نه پوندي آھي
يا وري مان جھڙي ڪنھن رولاڪ لاءِ
ستن سِجن جي روشني به مقصدٿي پوندي آھي.

...

خوش قسمتي

خوش قسمتي
ھو منھنجي در تائين آئي،
ھيڏانھن ھونڏانھن
ڏسي ٿورو مسڪرائيندي
چيائين
تنھنجي زندگي وانگر
تنھنجي گھر جي ھر
شئي وکريل ۽ اڻ ترتيب پيل آھي
چيومانس ته ھا
منھنجي روم ۾ ڪپڙا، پرفيوم،
ڪتاب، پراڻيو اخبارون
اڻ ڌوتل چانھ وارو ڪپ
منھنجا اڊڙيل سپنا
وکريل خواب
بي ڪفن ارمان
منھنجي رولاڪين واريون
ڊگھون راتيون سڀ
اڻ ترتيب پيل آھن
ٿورو مسڪرائي وري
اونداھين ۾ گم ٿي وئي...!!!
...

ھنج

ھنج
ڪڏھن ڪڏھن محسوس
ٿيندو اٿم ته منھنجي لاءِ
ھن دنيا ۾ ڪا اھڙي ھنج ناھي
جنھن ۾ پنھنجو منھن لڪائي
ڪجھ پل روئي وٺان
ڪڏھن ڪڏھن پنھنجو وجود
به مونکي پاڻ تي بار
لڳندو آھي
دل چوي ٿي
اڄ شراب پي پنھنجي من
جي لڳل باھ کي وسائي ڇڏيان
يا وري ڪنھن تنھائي ۾ ويھي
پنھنجي محرومين تي لڙڪ لاڙي
دل جو غبار ھلڪو ڪري ڇڏيان
مان ڄاڻان ٿو
منھنجو ھڪ نه ھڪ ڏينهن
صبر ٽٽي پوندو
ان ڏينھن آئون ايترو روئندس جو
ڪو به ٻيو رولاڪ روئي نه سگھندو
مونکان پوءِ جيڪو به ايندو
سو پنھجن اذيتن، دردن، ڏکن تي
روئي نه سگھندو
ڇو جو آئون سڀني رولاڪن جا
درد ، پيڙا، ازيتون، محروميون،
پاڻ سان گڏکڻي ويندس....!

آخري سفر

آخري سفر
دل سڪرات ۾ پئجي وئي
ذھن ۾ ملائڪن جي سوالن
جا گهنڊ پي وڳا
اکيون ڇت ۾ وڃي کتيون
ڪن سڀ ڪجھ ٻڌن پيا پر
چپ جواب ڏيڻ جي
سگھه وڃائي ويٺا
بس دنيا جي روشناتي بلبن
۽ ماڻھن جي پيرن جي آواز
تي خبر پئي ته دنيا ھاڻ
ٿوري سجاڳ ٿي آھي
جيڪا منھنجي لاءِ ازل کان
ڪنھن پياري ننڍ ۾ ستل ھئي
سڀ سنگتي ساٿي
پنھنجا پراوا
منھنجي آخري سفر جي
ڪافلي ۾ شامل ٿيا
منھنجي لاءِ ڄڻ ڪا
راھ روشن نه ھئي
ھر طرف اوندھ جو منظر ھو
بس روئڻ ۽ اوڇنگارون جو آواز
پئي آيو
دل چيو اٿان
پر اٿي نه سگهيس
منھنجي خوابن واري آخري سٺي
بستري تي کٽ کي چنبا ھڻي
روئڻ وارن مونکي ايترو احساس
ضرور ڏياريو ته آئون اڄ
پنھنجي زندگي جي آخري سفر
تي وڃي رھيو آھيان
مان اڄ خالي ھٿ آھيان
نه مان ڪنھن کان موڪلاڻي ڪئي
نه ڪنھن کي ڪجھ ٻڌائي سگھيس
نه پنھنجن سان ھينئڙو
ھنڊائي سگھيس.
منھنجي قافلي ۾ اوپرا اجنبي
شخص به ھئا
بس سڀ پنھنجي مطلب جي لاءِ
مٽائي مٽائي ڪلھو ڏئي رھياھئا
دل چيو ڪنھن پکي جيان
اڏامي وڃان
نه ڪنھن کي سڏ ڪيان
نه ڪو آواز ٻڌي
منھنجو ھي ڪھڙو سفرآھي
جو اجنبي شخص به
پنھنجي مطلب خاطر
ھر ھر ڪلھو ڏئي رھيا ھئا
زندگي جي ھر سفر ۾
ازل کان اڪيلو ھيس
هينئر سڀ مونکي
پنھنجي ڪلھن تي کڻي
ثواب ٿا حاصل ڪرڻ چاھين
نه پوئتي ڏسي سگهيس نه اڳتي
بس ماڻھو ھلندا رھيا
کٽ لڏندي رھي
آئون خاموش ۽ بيوس
ماٺ جي آخري سفر ۾
بس ڏسندو رھيس
مونکي احساس ٿيو ته
اڄ جيجل جي جھولي ڇڏي
بابا سائين جي شفقت ڇڏي
سنگتي ساٿي پنھنجا پروا ڇڏي
آئون ڪيئن چپ چاپ
نئين سفر تي روانو ٿي ويس
اڄ مونکي ڀيڻ روڪيو
پنھنجي چادر جا واسطا ڏنا
بابا بيوس ٿي بيھوش ٿي پيو
ڀائر سڏڪندا رھيا
پر ڪنھن ھڪ به نه ٻڌي
پنھجن آخري آرام گاھ ۾ لاٿو
مونکي ان سفر تي ناھي وڃڻو
پر پوءِ به مونکي سڀ ڇڏي آيا
منھنجا سڏ ڪنھن به نه ٻڌا
آئون چوندو رھجي ويس
مونکي نه ڇڏجو
مونکي ناھي وڃڻو
ڪنھن نئي سفر تي....!!!

رت جا ڳوڙھا

رت جا ڳوڙھا
ھڪ خواھش منھنجي
سيراندي کان ساھ کڻندي آھي
ھڪ درد منھنجي پيراندي کان
بيھي رت جا ڳوڙھا روئندو آھي...

سورٺ
سورٺ اڄ وري
تنھنجي ٽھڪن
چيو
غم ڪنھن جلاد جيان
مرڪن کي ڦاھي
چاڙھي ٿو...

جنت جون حورون

جنت جون حورون
چيائين
مونسان محبت ڪندو آھين
چيم
مونکي محبت ڪرڻ جو حق ناھي
چيائين
ڇو
مرڪندين چيم
سانئڻ اوھان حورون آھيو
۽جنت جون حُورون
اسان گنھگارن جي نصيب ۾ ناھن ھونديون...

دردن جي پي ايڇ ڊي

دردن جي پي ايڇ ڊي
کلندو به رھيم
روئندو به رھيم
تصوير کڻي تنھنجي
رلندو به رھيم
ڪڏھن رلندي سوچندو آھيان
ته مان احساسن جي اک ٻوٽ
خوابن جي لڪ لڪوٽي ۾ درد جي
پي ايڇ ڊي ڪئي آھي
مان ڪڏھن پاڻ کي صاف
پاڪ ھجڻ جو نه سوچو آھي
آئون گنگھار آھيان
ازل کان تون عظيم آھين
سنڌ ڌرتي جيان
تون مقدس آھين
ست قران جيان
تون جنت جي حور آھين
آئون غم جي صحرا جو
اڪيلو وارٽ رولاڪ آھيان
آئون پاڻ کي موھن جي دڙي
جو نالو نٿو ڏئي سگھان
ڇو جو ان جي عظيم تاريخ آھي
منھنجي ڪا به تاريخ ناھي
بس مڪلي جي پراڻي قبرستان جيان
منھنجي دل ۾ ڪيتريون ئي قبرون دفن آھن
منھنجي لاءِ ملائڪ به
ڪات ڪھاڙا ٺپرائي بيٺا آھن
منھنجا دوست به
منھنجو ڳالھيون ٻڌي
چوندا آھن
رولاڪ تھنجو موت ڪئين ٿيندو
ڇو جو آئون گنگھار آھيان
منھنجو سڪرات ۾ ساھ ڪيئن ٽٽندو
اڪثر سوچندا آھن
آئون ڀتن سان اڪثر ڳالھائيندو آھيان
ڇو جو مونکي خبر آھي
ڀتيون منھنجي ڳالھين تي
ناراض ناھن ٿينديون
ڪجھ دوست مونکي ديوانو
سمجھندا آھن
ڪير وري چريو ڪي ته
وري سرڪس جو جوڪر
آئون سڀني لاءِ رولاڪ آھيان
منھنجو تحريرون منھنجو ڳالھيون
ھنن لاءِ بي معني آھن
ھو مونکي پڙھڻ کان سواءِ
نظر انداز به ڪري ڇڏيندا آھن
بس ھي انھن جي جو حق آھي
آئون ھنن به پيارن جو ٿورائتو آھيان
جيڪي منھنجي لفظن جي
اڌوري تحريرن جو انت ڪڍنداآھن...!
...

حق مھر

حق مھر
ھڪ دوست پچيو
شادي ڪڏھن ٿو ڪرين
چيم
منھنجي شادي ٿيل آھي
چيائين
ڪنھن سان
چيم
ھن جي اڻ گھڻي يادن سان
ٿورو مرڪندين
چيائين
زندگي ڪئين پئي گذري
مان ڪو به جواب ڏيا
ان کان اڳ ۾
ٻه لڙڪ اکين مان وھي آيا
ھڪ پل جي لاء اداس ٿي وئيس
چيائين
تون ھن کي وساري ڇو نٿو ڇڏين
چيم
زندگي حق مھر ۾ ڏنل آھي...!
...

لڙڪن جو سيلاب

لڙڪن جو سيلاب
ڪڏھن ڪڏھن
سوچيندو آھيان ته اللهّ نھايت
رحيم وارو ۽ مون تي
ڏاڍو مھربان آھي
آئون روئڻ چاھيندو آھيان
پر روئي ناھيان سگھندو
جڏھن برداشت جو بند
ڀڄي پوندو آھي
تڏھن اکين مان لڙڪن جو سيلاب
ڦاٽ ھڻي نڪرندو آھي
ازل کان ھڪ ئي ڍُڪ سان
پيتل لڙڪ مونکي لکڻ تي
مجبور ڪري ويھندا آھن
منھنجي ويساھ جي
وستي ويران ۽
دنيا موھن جي دڙي
جيان اجڙيل آھي
تنھنجي بيوسي واريون
ڪُوڪُون ٻڌي
آئون اڪثر ڦٿڪي اٿندو آھيان
تڏھن منھنجي وجود ۾ صبر جو
ٻرندڙ بند ڦاٽي پوي ٿو
تڏھن آئون ٽڪرا ٽڪرا ٿي پوندو آھيان...!
...

نه سوال ڪجان

نه سوال ڪجان
وڇڙڻ وقت چوڻ لڳي
نه سوال ڪجان
نه جواب ملندو
مونکي وساري ڇڏجان
سڪون ملندو
چيم اوھان جو حڪم سر اکين تي
نه سوال ڪيو
نه جواب مليو
نه وساري سگھيس
نه سڪون مليو...!

تنھائي

تنھائي
بند ڪمري جي تنھائي
درين جو ديوار سان سر پٽڻ
گھڙي جي ڪانٽن جي حرڪت
ڊائري جا اُڏندڙ پنا
تنھنجا ڏنل ٽھڪ
۽ منھنجو نه گذرندڙ راتيون
توڏي لکيل خط
اذيتن ڀريا چيل تنھنجا لفظ
منھنجي خاموشي وارا سبيل چپ
مون سان جاڳن پيا اونداھين ۾...!

...

مونکي وساري ڇڏ

مونکي وساري ڇڏ
چيائين
مونکي
وساري ڇڏ
مونکي
ايترو نه سار جو
منھنجي وڃڻ کان پوءِ
جي نه سگھين اڪيلو ؛
منھنجي لاءِ عجيب
سوال ھو
چيم سانئڻ
توسان چاھت جي شدت
جو احساس مان
ھجومن مان
نڪري اڪيلائين سان
اٽڪي محسوس ڪري
ڏٺو آھي ؛
تنھنجي سار ڇڪ سڪ
بي چيني مينھن وانگر منھنجي
اندر جي گھٽي گھٽي ۾
وسي پونديون آھي ؛
ٻڌائي ڪيئن ٿو وساري سگھان توکي...!!!
...

وڇڙي ويل پکي

وڇڙي ويل پکي
سج جڏھن شام جو پاڇو کڻي
اچي سمنڊ جي
آخري سلامي ڀريندو آھي
تڏھن سمنڊ
بلڪل ڳاڙھو ٿي پوندو آھي
تڏھن منھنجا خواب
ڪنھن ولر کان وڇڙي
ويل پکي جيان
ڪنھن ڏور
آڪاش تي اڏندڙ نظر ايندو آھي
تڏھن مان ڪنھن
پينو فقيرجيان
پنھنجو ڪشڪول کڻي
پنھنجي دردن جي خيرات
وٺڻ نڪرندو آھيان
۽ مان اڪيلو تنھنجي يادن
جو ڪشڪول کڻي
دردن جي صليب تي
نڪري پوندو آھيان
پر مونکي خبر ناھي ته مان
آخر وٺڻ ڇا ٿو اچان...!!!
...

شرابن جا گلاس

شرابن جا گلاس
آئون درد کي سيراندي رکي
پنھنجي اذيتن کي پنن تي
لکڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو
مان اونداهي راتين سان
محبت ڪئي آھي
ڇو جو اونداهي راتيون
منھنجي ھيڪلي وجود کي
ڪڏھن تنھا ھجڻ نه ڏينديون
ڪمري جي تنھائي ۾
مٿي ٻرندڙ بلب
مونکي چڙائي پيو
منھنجو وجود
ڪنھن لاٽ جيان
دُکي رھيو آھي
شرابن جا گلاس
وري ماضي کي
ورجائي رھيا آھن
منھنجو نه سمھندڙ اکيون
توکي اڄ به سارين پيون...!!! …
...

اڌ چنڊ

اڌ چنڊ
ڪڏھن ڪڏھن خيال
ايندو اٿم
ته چنڊ به مون تي
وڏو مھربان آھي
ھن اڌچنڊ به مونکي ھميشه
اوجاڳا ڏنا آھن
چانڊاڻ مونکان
ڄڻ ننڊ کسي ورتي آھي
دنيا جي گوڙ گهمسان ۾
درد جي تحرير لکي خاموش ٿي
پنھنجو منھن سر
ڪي گيت ڳائيندو آھيان
منھنجو آواز سنڌ جي درديلن
ھوائن ۾ پنھنجا سُر وکيرڻ
لڳندو آھي
ڪاري رات
منھنجو آواز
تنھنجي ياد ۽ ھي نه گذرندڙ راتيون
منھنجي سڪي ويل زخمن جون
ڪَڙيون لھڻ شروع ڪنديون آھن
منھنجي اميدن جا پاڇا ھڪ ئي
حقيقت جي آس ۾ گم ٿيو وڃن...!!!
...

ھا آئون مري ويندس

ھا آئون مري ويندس
ھر انسان پنھنجو ماضي
سنڀالي رکندو آھي
پر آئون پنھنجي ماضي ۾ ڪيل
غلطين تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويھي
اکين جا پاند آلا ڪندو آھيان ،
مونکي ته پنھنجي ماضي کي
اٿلائڻ پٿلائڻ
جو ڪو خاص ٽائيم ناھي ملندو
پر جڏھن ڪاري راتين جا
نه کٽندڙ پاڇا
نه کٽندڙ ڪاريون راتيون
۽ منھنجو رولاڪيون مونکي اڪثر ڪري
ماضي ڏي وٺي وينديون آھن
آئون سرڪس جو جوڪر آھيان
آئون حوالي آھيان
ماڻھون اڪثر ڪري مونکي
چوندا آھن
ته آئون پنھنجي لفظن جي
راند ڪندو آھيان
آئون ناستڪ آھيان
منھنجو ماضي منھنجو
پيچو ڪندو ٿو اچي
تڏھن آئون پنھنجي رولاڪين
ڏانھن نڪري ويندو آھيان
جتي پھرن جا پھر
خاموش رھندو آھيان
عرش جي وسعتن ۾
گم ٿي ويل عڪس
ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان
پر مونکي تنھائي
کانسواء ڪجھ ناھي ملندو
مونکي خبر آھي ته
عرش منھنجو اڌوريون
تحريرون
منھنجي درد جا رانڀاٽ
سڏڪن جي آواز جو
پاڻ وٽ قيد ڪندو آھي
مان پاڻ کي رولاڪ جو
نئون نالو ڏنو آھي
آئون تصور جي صحرا ۾ اڪيلو
ڀٽڪندڙ مسافر آھيان
منھنجي پيرن ھيٺ ٿر جي گرم واري،
منھنجي مٿان باھ چٽندڙ سج آُھي
تنھائي جي رڃ ۾ پاڇن پٺيان
ڊوڙي رھيو آھيان
آئون رولاڪ پاڻ کي موھن جي دڙي
مثل سمجھندو ھيس
پر مونکي خبر آھي
ته موھن جي دڙي
جي عظيم تاريخ آھي
پر منھنجي ھڪ تحرير به ناھي
آئون ويتر ويران آھيان
آئون رولاڪ ڏکن جو عادي آھيان
مونکي سک ملندا ته مري ويندس .
ھا آئون مري ويندس،
ھا آئون مري ويندس...!
...

او سانئڻ !

او سانئڻ !
منھنجي ڳلي ۾
قلعو اٽڪي پيو آھي
منھنجي دل جي
پلصراط تان
ساھ لنگھي نٿا سگھن
او سانئڻ !
تون منھنجي لاءِ
انجيل، تورات
زبور، قران پاڪ
جيان مقدس آھين...!

ڏوراپو
ڪنهن کي ڏيان ڏوراپو
ڪنهن جو ڏوهه ناهي
گلابي ڪفن ۾ ويڙهيل
آ مقدر ويڳاڻو....!!!

دوکي جي ديوار

دوکي جي ديوار
دوکي جي ديوار
پاڻ ئي ڊھي پوندئي
ھوا وانگر اچي
لڳ سيني مون سان...

...

دنيا سرڪس

دنيا سرڪس
اڄ سوچان ٿو ته پنھنجي
رولاڪ وجود تي لکجي
پر آئون سنڌ ڌرتي جي
کنڊرن مان رلندو اچي پنھنجي
محبت جي ڪاڪ محل تي پھتس ته
مونکي پاڻ ته ئي تعجب ٿيو
مان سوچيو ته آخر آئون ھتي
وٺڻ ڇا ايندو آھيان
ماڻھون مان کي روئڻو سڏيندا آھن
پر مونکي اھُا ڳالھ هضم به ناھي ٿيندي
آئون پنھنجي چريائن تي
کلندو رھندو آھيان
ڇو جو آئون ھن دنيا کي
سرڪس سمجھندو آھيان
۽ اسين سڀ ھن دنيا جا جوڪر آھيون
ڪي ننڍا جوڪر ڪي وڏا جوڪر
ڪي بندرا جوڪر ته ڪي وري
ٿلها گنڊي جي شڪل جھڙاجوڪر
اسين پنھنجي زندگي جي
روز وارقسط
۾ کلندا به آھيون ته
روئندا به آھيون
اسان روز پنھنجي ارمانن جي
خودڪشي به ڪندا آھيون
۽ وري روز محبت ڪرڻ جي
روايت به پوري ڪندا آھيون
روز رات جو مري ويندا آھيون
۽ وري صبح جو جئيرا ٿي
پوندا آھيون
پر دوکو دلفريب ٿي ويو آھي
منھنجي لفظن مان
دز نڪري رھي آھي
آئون ڪنھن موالي جي ھٿ ۾
سگريٽ جيان سڙي رھيو آھيان
آئون رکي رکي سوچان ٿو ته
گذريل وقت کي
خواب سمجھي وساري ڇڏيان
پر نه آئون گذريل وقت کي
نه وساريندس
پر وقت مونکي
رولاڪين ۾ ضرور وساري ڇڏيندو...!
...

ذبح ٿيل محبت

ذبح ٿيل محبت
منھنجي ذبح ٿيل محبت
منھنجي ارمانن جو گوشت
تنھنجي جوڙي تي
ھزار جو ڀرت
منھنجي جسم تي
تنھنجي جدائي وارو ڪفن
تنھائي جا منحوس لمحا
اذيتن جو سفر
مٿي باھ چٽندڙ سج
ھيٺ تنھنجي نفرتن وارو
گرم ڪوئلو
منھنجي زندگي جو
نه کٽندڙ سفر
مونسان عيد تي تيار ٿيل
پنھنجا ٽٽل خواب
تنھنجي يادن جو پاڇو
ڪمري جي تنھائي
موبائل جي اسڪرين تي
آڱوٺي جي ٽپ ٽپ
واري گھري سوچ
گھڙي جي ڪانٽن جي حرڪت
منھنجي محبت جي اڏندڙ خاڪ
منھنجي من جو قبرستان
جنھن ۾ دفن ٿيل منھنجون
اڌوريون تحريرون
تون بن اڌوريون
عيد جون خوشيون
منھنجي محبت جو لڪيل چنڊ
منھنجي گذرندڙ عيد
وقت جا پاليل ڪتا
منھنجي لفظن تي ڀوڪن ٿا.
...

اڪيلائپ

اڪيلائپ
جڏھن يادون دل جي
سمنڊ ۾ ڇوليون
ھڻنديون آھن
تڏھن تنھائي ڀاڪرن ۾
ڀري ڇڏيندي آھي
اندر اٿلي پوندو آھي
اڪيلائپ جا درد
جيڪي ڪنھن کي ٻڌائي
ناھن سگھبا
سو وري آئون
وري ڪاغذ جي
ڪنواري جسم تي
چٽي ڇڏيو آھيان
منھنجو به عجيب عشق آھي
ھن اڪيلائي سان
ڪڏھن ته ھن سريلي
ھوائن کي خط
ڪڏھن ته پنھنجي اڪيلائي
تي ماتم
ته ڪڏھن وري پنھنجي بيوسي
تي نوحه لکي
پنھنجي ازيتن کي پرسو
پيو ڏيندو آھيان
ڇو جو موکي خبر آ
ويل محبت ۽ ميت واپس ناھن اينديون...!

قبر جا گل

قبر جا گل
توسان گڏ هوندي
مان ڪڏهن انهن
گلابن تي نه سوچيو
جيڪي هڪ ڏينهن
منهنجي قبر تي پوڻ
لاءِ ٽڙي رهيا هئا
زندگي پوپٽ جي اک
جو سپنو آهي
ٻڌائيندڙ کي خبر نه هئي
ته زندگي ٿوهر جي کير جو
قطرو به هوندي آهي
تقدير پاڻ کي الڳ
ٿيڻ جي لاءِ گڏ رهايو
هاڻ آئون ان برسات تي
اڪثر سوچيان ٿو
هڪڙيءَ ڇٽيءَ هيٺان
پنڌ جو سڪون
تون پاڻ سان گڏ
کڻي هلي وئين
يادگيرين جي ورڇ ۾
ٺڳي ڪندڙ
تون دنيا جي پهرين
عورت ڪونه هئين
پوءِ به آئون توتي سوچيندي
پنهنجي پاڻ سان
ڪاوڙجي پوندوآهيان
تو هن سال سالگرھ جو ڪيڪ
ڪنهن سان گڏجي ڪٽيو
پرفيوم ڪنهن جي لاءِ آنديون
چنڊ ڪنهن سان گڏ ڏٺئي
ڪنهن توکان پڇيو
ته سياري ۾ چپ ايترا
ڪوسا ڪيئن رهندا آهن
انهن سڀني سوالن جي ڪهڙي
لمحي ۾ توکي منهنجي ياد آئي
هاڻ زمين ۽ آسمان جي وچ ۾
اسانجي گڏيل شيءِ ڪهڙي آهي
مان وٽ ته منهنجي دل به سدائين
تنهنجي ٿي رهي
ڏک ۽ انتظار منهنجي ڪهاڻيءَ
جا پڇاڙڪا لفظ آهن
۽ آئون درياھ وانگر آهستي آهستي
پنهنجي پاڻ ۾ ريٽجندو وڃان ٿو
مونکي خبر آهي
منهنجو ڪنهن داستان ۾
نالو نه وڌو ويندو
گمناميِءَ جي اونداهيءَ گهٽيءَ ۾
پنهنجي محبت وانگر
آئون زماني کان وسرڻ لاءِ وري
ھڪڙو رولاڪ پيدا ٿيو آهيان...!
...

شراب

شراب
چيائين
ڇو اکيون ڳاڙھيون آھن ؟
تنھنجي اکين جا بند
ڇو ٽٽل آھن؟
چيم
ته آئون ھڪ بدنصيب
سمنڊ آھيان
جنھن جو توکان سواءِ
ٻيو ڪو به ڪنارو ڪونھي
پر افسوس مان ان سمنڊ جي
گھرائي ماپي نه سگھيس
بس پنھنجي زندگي ۾
غمن جو طوفان برداشت
نه ڪري سگھيس
پنھنجي اکين جي ٻوڏ ۾
پنھنجي خوشين سان
گڏ تنھنجي محبت جو
ڀريل ٻيڙيون به ٻڏي ويون
چيائين اڄ وري شراب پيتو اٿئي
چيومانس ته شراب منھنجي
مذھب ۾ حرام آھي
بس منھنجي من جي اندر
لڳل باھ کي ڪنھن
ڪڙوي پاڻي سان
وسائڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان
پر افسوس اتي به
تنھنجي يادن جو سفر
شروع ٿئي ٿو ۽
ڀٽڪندو ڀٽڪندو
دردن جي دنيا ڇڏي
پنھنجي خيالي دنيا ۾
ھليو ويندو آھيان
پر شايد مان اوھان جي
نظر ۾ موالي آھيان
پر ڪڏھن سوچيو آھي ته
مان ڇو پئيندو آھيان
مرڻ لاءِ زھر ھڪ چڪر ۽ زنده
رھڻ لاء ھر روز زھر پيئڻون پوندو آھي...!
...

ويڳي محبت

ويڳي محبت
ھو وري موٽي آئي
تصور جي دنيا ۾
ھن سڀ ڪوڙيو سوڙيون
شڪايتون ڇڏي
ميت سان گڏ رھڻ جو
سوچيو آھي
پر ھو منھنجي ڏک ۾
شريڪ ناھي بس منھنجي
خوشين جو ڀاڱي ڀائيوار آھي
ڇو جو آئون ھن جو
ويڳو ڏک آھيان
ھو دنيا جي اڳيان
ثابت ڪري چڪي آھي
ته آئون بس ھن جو
ويڳو پيار آھيان
منھنجا احساس خواب سڀ
ڪنھن يتيم ٻار مثل آھن
جنھن کي ماٽيلي ماءُ
ڪڏھن ڪڏھن ڪم ڪار
خاطر پنھنجي گھر ۾
پناھ ڏيندي آھي
ائين ھن به مونکي پنھنجي
زندگي ۾ ٿوري جگھ ڏئي
مون تي وري احسان ڪري
منھنجو وجود وري زخمي ڪري
مونکي گنگھار ڪري ڇڏيو آھي
ھينئر منھنجو پاڇو به
منھنجو ساٿ ڇڏي چڪو آھي
منھنجون حسرتون
مري چڪيو آھن
دنيا اوپري ٿي لڳي
ڇو جو مان ھن جي
ويڳي محبت آھيان.
...

مٽي جو مجسمو

مٽي جو مجسمو
اڄ صبح جو من وري
ننڍڙي ٻار جيان
ضد ڪرڻ لڳو
وري ٻاھر وڃي
مٽي تي ويھي رھيس
اتي مٽي کڻي
ان جو ھڪڙو ماڻھو
ٺاھڻ شروع ڪيو
ٿورو سوچيم
ته آئون ڪو ڪاريگر
ناھيان پر مٽي جو مجسمو
مڪمل ٺاھڻ جو
ارادو ڪري ڇڏيو
مان پھرين ھن جو بت ٺاھيو
پوءِ
ھن جو ڦڏو مٿو ٺاھيو،
پوءِ
وري ٻانھون ٺاھيون
مونکي ائين محسوس ٿيو ته
ھي سڀاڻي چو واٽي تي
بيھي سچ ڳالھائيندو
پر ائين نه ٿيو
مان جڏھن مجسمو
مڪمل ڪيو ته به
مونکي ائين محسوس
ٿيو ته ڪجھ اڃان به
رھجي ويو آھي
مان پاڻ کي ٽٽل آئيني ۾ ڏٺو
ڪو به فرق نه هو
وري جڏھن ھن ڏانھن ڏٺم
ته ھن جون اکيون نڪ چپ
سڀ آھن پوءِ به
ڇو پورو ناھي ٿيو
وري پاڻ تي
غور ڪرڻ کان پوءِ سوچيم
مان پنھنجو ئي مجسمو
ٺاھيو آھي
مان ٿورو مسڪرائي
ھن مٽي جي مجسمي کي
مختلف جاين تي
بليڊ سان جهير ڏنا
تڏھن مونکي
محسوس ٿيو ته
ھا !ھاڻ وڃي مڪمل ٿيو آھي...!!!
...

منھنجا احساس ناچو عورت جيان!

منھنجا احساس ناچو عورت جيان!
منھنجا احساس
ڪنھن ڪوٺي تي
ناچو عورت جيان آھن
جيڪا پڪوازي
دولاري جي ڌمالن تي
بي دڙڪ ٿي نچڻ
شروع ته ڪندي آھي
ڪڏھن پيرن م پاتل
گهنگهرو جيان
ٽٽي تنڪو تنڪو ٿي
وکري ويندي آھي
ته ڪڏھن وري
ان مجبور عورت جيان
پنھنجي پيرن جي
ڇالن جو اڻ گھڻو درد کڻي
پنھنجي اڪيلائي جي
صليب تي نڪري پوندي آھي
پر ان جي درد جو
ڪو به احساس ناھي
ڪري سگھندو
ائين ئي منھنجا احساس به
ڪنھن ناچو عورت جيان آھن
جنھن کي پڙھي
ڪاپي ڪري ته سگھجن ٿا
پر محسوس نٿا ڪري سگھجن
مونکي خبر نٿي پوي ته
مان آھيان يا بس احساس جو
ھڪ حسين دوکو آھيان
ڪڏھن منھنجا سوال
مونکي اڪثر منجھائيندا آھن
ته مان پنھنجي ئي وجود تي
شڪ ته نٿو ڪيان
وري پنھنجي ٽٽل آئيني جي
دنيا ۾ پنھنجي وجود جي
تلاش ڪندو آھيان
ھا منھنجو وجود عارضي آھي
مان تنھنجي ڪري آھيان
تون ئي منھنجي
وجود جو سبب آھين
خبر اٿئي جڏھن
اداس ٿي ويندو آھيان
يا رات جي ڪاري
منھنجي من تي
تنھنجي يادن جو
بسيرو کڻي ايندي آھي
تڏھن اندر جا اڌما ھوندا آھن
منھنجي سوچ جي سطح تي
ڪڙو چڙهيل ھوندو آھي
۽ مان ڪاري راتين جو
رولاڪ بڻجي دردن ،خوابن جا تابوت کڻي
دفنائڻ لاءِ نڪري پوندو آھيان..!.

ماڻھن جا ٽھڪ

ماڻھن جا ٽھڪ
…آئون پاڻ کي
ڪڏھن ڪڏھن سرڪس جو
جوڪر سمجھندو آھيان
ڇو جو آئون به دنيا جي
اڳيان ناٽڪ منڊلي
واري ڊرامي جو
ھڪ حصو آھيان
مان ڪڏھن رسن تي ٽپا ڏئي
ڪرتب ناھي ڏيکاريو
پر پاڻ کي اُڀن ڪاون تي هلائي
ماڻھن جي دل وندرائي آھي
مونکي خبر آھي
دنيا جو آئنيو مون تي کلندو
انڪري مان آئنيو ڏسڻ ڇڏي ڏنو آھي
مان پاڻ کي ڪنھن
سرڪس جو جوڪر
سمجھي پنھنجي چھري تي سوين
رنگ چٽي ڇڏيا آھن
اھي رنگ جيڪي دنيا جي
نقشي مان نڪري ويا آھن
مونکي اڳ ۾ دنيا
روئڻو چوندي ھئي
ڇو جو مونکي کلڻ ناھي ايندو
پوءِ ھڪ ڏينھن مان سرڪس ۾
جوڪر کي ماڻھو کلائندي ڏٺو
جوڪر کي ڏسي
مان آسمان جي وسعتن ڏانھن
منھن ڪري ڏسڻ لڳيس
سوچيم اسان به سڀ ھن دنيا جي
ناٽڪ منڊلي جا جوڪر آھيون
اسان به منھن تي ماسڪ چاڙھي
دنيا کي کلائڻ وارو شو ڪندا آھيون
پر ڪڏھن دل ڀرجي ويندي آھي ته
دنيا جي ڪنھن ڪنڊ ۾ پناھ وٺي
سڏڪن جي سھلين کي
سڏ ڏئي روئي پوندا آھيون
اسان جي زندگي جي
سرڪس جو شو ڏسندڙ
ماڻھن جا ٽھڪ به اوپرا لڳندا آھن
تڏھن پاڻ کان پڇندا آھيون
اسان جوڪر به عجيب آھيون
ھا ھڪ ڏينھن مونکي
ڪنھن چيو ھو
تون دنيا کان عجيب انسان آھين
مونکي تعجب ٿيو
ڇو جو ھن مونکي
عجيب صحيح پر انسان ته سمجھو
ھن مونسان ھڪ ٻيو به سوال ڪيو ھو
تنھنجي ناٽڪ منڊلي واري شو
۾ ڪردار گھڻن ماڻھن جو آھي
ڪير ڪير آھن
مان ٿڌو ساھ کڻي
چئي ڏنو ھو ته
مونسان گڏ ڪل ڇھ
ماڻھو آھن
چار ديوارون
ھڪ ڇت
ھڪ آئون...!!!
...

آخري چمي

آخري چمي
ھا منھنجي ھن جنم
جو روئڻ اڃان باقي آھي
منھنجو روئڻ پورو ٿيو ته
موت کي ڀاڪرن
۾ ڀري ڌرتي کي آخري
چمي ڏئي الوداع ڪندس
منھنجي مرڻ جو ماتم نه ڪجان
ڇو جو آئون ٻيو جنم وٺي
ڪنھن مسجد يا مندر
جي سِر بڻجي
زندگي ڀر اتي ئي روئندو رھندس...!!!
...

پتڪڙو انسان

پتڪڙو انسان
اديب ماڻھن ۽ وڏن ماڻھن
جون ڳالھيون
به وڏيون ٿينديون آھن
آئون رولاڪ پتڪڙو انسان
منھنجي ھر ڳالھ
ننڍي ھوندي آھي
آئون ھر ھڪ ڳالھ تي
ڳنڍ ٻڌي ويھي رھندو آھيان
ھر ڳالھ کي دل جي ته خاني ۾
وڃي ڦٽي ڪندو آھيان
ان ۾ منھنجو ئي ڏوھ آھي
ڇو جو مان وٽ دماغ ڪونھي
منھنجي ننڍڙي دماغ جي
ڪٻاڙخاني ۾ ڪيترائي
احساس دفن آھن
جيئن رات جو آسمان
تي تارا آھن ائين ئي
منھنجي اکين ۾ لڙڪ آھن
مان پنھنجي ھڪ ھڪ لڙڪ
کي ڳيت ڏئي پيتو آھي
مان اذيت کي اندر ئي اندر ۾
نپايو آھي
مونکي ڪڏھن ائين
لڳندو آھي ته منھنجو
ڏک ھر ھڪ انسان جو ڏک آھي
سنڌ جو ڏک آھي
پکين جو ڏک آھي
ڪنھن ڪنواري ڪُٺل
نياڻي جو ڏک آھي
منھنجو ڏک ڌرتي جو ڏک آھي
ڪڏھن ڪڏھن انسان
ڪيترو نه ڏکارو ٿي ويندو آھي
ھو مون وانگر اذيتن جو
ڪشڪول کڻي
رات جي رولاڪين واري
اونداھين ۾
گم ٿي ويندو آھي
مونکي پنھنجي لاءِ
ھي ڌرتي به ننڍڙي لڳندي آھي
ھا ھي ڌرتي ڪيتري ڏکي آھي
ڌرتي سڀني جا لڙڪ ميڙيندي آھي
پر آئون پنھجا لڙڪ سنڌ جي مقدس
مٽي ۾ ملائي سمھي رھندو آھيان...!!!
...

ناٽڪ منڊلي

ناٽڪ منڊلي
آئون اھو جوڪر آھيان
جنھن جي روئڻ تي به
دنيا جا ڪئي سفيد پوش
ماڻھو کلندا رھن ٿا
منھنجي زندگي جي
ناٽڪ منڊلي واري سرڪس ۾
ٽي موڙ اچن ٿا
ھڪ ننڍپڻ وارو
جنھن ۾ آئون
ڪڏھن ته مٽي جي ڍير تي ته
ڪڏھن وري
پنھنجي چھري تي ماسڪ
چاڙھي ٻاراڻيون حرڪتون ڪري
دنيا کي ته کلائيندو آھيان
پر اڪيلائي ۾ پنھنجي
ويراني تي ماتم ڪري
اذيت کي پرسو ڏئي
روئي پوندو آھيان
جڏھن ٻيو جواني وارو
موڙ اچي ٿو ته
چنڊ کي پنھنجي ھنج ۾
لاھڻ واري خواھش ته
ڪڏھن وري جنت جي ڪنھن
اپسرا جي عشق ۾
رڻ جو رولاڪ ٿيان ٿو
جڏھن منھنجي زندگي جو
آخري موڙ اچي ٿو ته
منھنجي ماسڪ چڙهيل
چھري جي پويان ڪيترائي سواليه
نشان ملن ٿا
تڏھن آئون رولاڪ پنھنجي اڻپور
خوابن جي قبر تي ڪنھن
معذور جيان
پنھنجي ئي احساسن واري
قبر تي خواھشن کي يادين جي
ٻھاري ڏئي
ناٽڪ منڊلي
سرڪس جا آخري پل گذاريندو آھيان...!!!
...

سستو ماڻھو

سستو ماڻھو
مان زندگي ۾ رڳو
گناھ ڪيا آھن
منھنجي ثواب واري
ساھمي اڄ به خالي آھي
منھنجو ھڪڙو گناھ به
منھنجي معافي جي لائق ناھي
مان ماضي کان وٺي حال تائين
دردن جي صليب سدائين اڪيلي سر
پنھنجي سر تي کڻي نڪتو آھيان
مونسان محبت ڪرڻ وارا
بس منھنجي لفظن جي
اھميت نظر ۾ رکي
مونکي چاھڻ جي حسرتون رکن ٿا
پر منھنجي ھر تحرير۾
درد، پيڙا ، تڪليف
سڌين لفظن ۾ لکيل آھن
مونسان محبت ڪرڻ کان اڳ ۾
منھنجي ماضي جو پيج
ضرور کولي ڏسجان
ته ڪئين مان خوشين کان
منھن موڙي ازيتن جو رستو اختيار ڪيو
ڇو جو منھنجي ماضي جون
ڪاريون راتيون مون سان گڏ
دردن جو محفلون مچائن ٿيون
مان اھو وڇون آھيان
جيڪو پنھنجي ئي
زھر سان مران ٿو
پنھنجي ئي تحريرن سان
پنھنجي ئي لفظن سان
جڏھن تنھنجو
پھريون خط مليو ته
مان محسوس ڪيم ته
ڄڻ موھن جو دڙو
وري آباد ٿي پيو
هو سسئي جو روپ ڌاري
منھنجي اڏو اچي بيٺي ته
مان به وري جئيڻ جي حسرت
ڪري ويٺس
مونکي محسوس ٿيو
وري منھنجي خوابن کي نئي تعبير ملي
وري منھنجي خوابن کي
سنڌو ندي خوبصورت حسن
رکندڙ ڇوڪري جھڙي تعبير ملي
مان وساري ڇڏيو ته
مان بدنصيب رڳو
درد اذيت جون تڪليفون کڻي
نڪتل ھڪ گودڙو فقيرآھيان
پر تنھنجي لفظن جي پنهنجائپ ۾
ايترو ڇڪجي ويس جئين
ڪو اڃارو روح عبادتگاھ
ڏانھن ڇڪجي ويندو آھي
منھنجي دل جي مندر ۾ ته
تنھنجي مورتي جي پوجا
ھلي پئي پر تون به
ديوي ٿي ويندين
ڪڏھن سوچيو نه ھو
خبر آ جڏھن تون
منھنجي دل جي مسجد ۾
قدم رکيو مان پنھنجي
لڙڪن سان وضو ڪري
تنھنجي محبت جي نماز ادا ڪئي
سانئڻ!
آئون سستو ترين ماڻھو
محبت ڪرڻ جو حق ته نٿو رکان
پر
پنھنجي خوابن کي تنھنجي
عطر جھڙي خوشبو
سان مھڪائي روز مرڻ لاءِ تيار آھيان
سانئڻ !
جڏھن تون منھنجي من جي ڪعبي ۾
پير رکيو ته مان پنھنجي
دل ۾ آباد سڀ مورتيون ڀڃين ڇڏيون آھن
بس توکي چاھڻ جو وڏو
چِلو ڪٽڻ تي تپسيا ڪري ويٺس ۽
بس تنھنجي ڪجھ ڏينھن جي
محبت تي ماتم ڪندس ۽
پنھنجي بيوسي تي نواحه لکندس....!!!

ڊائري جا ورق

---

خـــــواھـــــش

خـــــواھـــــش
ھُو مونکي ھميشه چوندي ھئي “رولاڪ منھنجي ايتري خواھش آھي، بس تنھنجي نالي سڃاتي وڃان، تنھنجي نالي جي تختي منھنجي محبت جي محل تي لڳل ھجي، منھنجا ٻار به تنھنجي نالي سڃاتا وڃن، مرڻ کان پوءِ به منھنجي قبر تي تنھنجي نالي جي تختي لڳل ھجي”
مان ساھ روڪي آسمان ڏانھن ڏٺو، مان وٽ ڪاري گُھگهه اونداھي ھئي مٿي ڏٺم ته چمڪندڙ چنڊ سان ستارن جي محفل ھئي ھيٺ ڪاري رات تنھائي پاڇو ۽ آئون ھيس مون محسوس ڪيو ته منھنجو مونکي لڳي چڪو آھي منھنجو روح گھايل ٿي اُتاولو ٿي پيو آھي. جيڪڏھن اڪيلائي بي چيني ھوندي آھي تڏھن ننڍ به دشمن ٿي پوندي آھي مان ھاڻ سمھڻ ڇڏي ڏنو آھي، مان ڪاري رات سان وفا جو وچن ڪري پاڻ کي رولاڪ ڪري ڇڏيو آھي. آئون ھميشه تنھنجي سفر جي رڻ ۾ اڪيلو رلندو رھيس سدائين رولاڪ ٿي تنھنجي خوابن ۾ ڀٽڪندو رھيس، پاڻ کي اھو چئي ڌڪاريندو رھيس ته رولو رات جا چار پھر گذري ويندا نيٺ ته صبح ٿيندي نيٺ ته منھنجي خوشين جو سج اڀرندو.
...

خبر نه ھئي تون به مٽي ٿي ويندينءَ !؟

خبر نه ھئي تون به مٽي ٿي ويندينءَ !؟
ڪاري رات گُھگهه اونداهي، گھڙي ڪانٽن سان ٽِڪ ٽِڪ، ديوار تي عڪس ڇٽيندڙ ڪاراس، در درين جو ديوارن سان سر پٽڪڻ، ڪمري جي تنھائي مون سان گڏ منھنجون نه گذريندڙ راتيون اوچتو ھن جي ڇير جو ھلڪو ڇمڪو ٿيو، ڄڻ ڪمري ۾ ٿورو سوجھرو ٿيو اٿي ڏٺم ته سامھون سانئڻ بيٺي ھئي، دل اداس ٿي وئي پاڻ کان سوال ڪيم: “ڇا اھا واقعي سانئڻ آھي يا ڪا حور سانئڻ جو روپ ڌاري آئي آھي؟” ھن جي سامھون پنھنجي سوچ ۾ بيٺو ھئس ڇير جو وري ھلڪو ڇمڪو ٿيو ، ڇير جو مٺڙو آواز اڀريو، ھُن پنھنجا چپ چوريندي چيو: “رولاڪ...!”
مان ڪو به جواب نه ڏنو بس ھن کي ڏسندو رھجي ويس
ھن وري سوال ڪيو: “ايتري اچرج وچان ڇو ٿو ڏسين؟”
چيم: “سانئڻ ڏسان ٿو ته تون سپنو آھين يا ساڀيان؟” ھن ٿورو مسڪرايو
چيم : “سانئڻ تون اھڙي ساڀيان آھين، جيڪا سپني کان به وڌيڪ سُندر آھي.”
ھن جي چپن تي مرڪ ليئو پاتو مسڪرائيندي چيائين:
“رولاڪ ڇا مان ايتري خوبصورت آھيان، جيتري تون پنھنجي لفظن ۾ مونکي سُندر لکندو آھين؟”
چيم: “ھا تون جنت جي ستر حورن مان ھڪ حور آھين، جنھن ۾ خدا ٻنھي جھانن جو حُسن ارپي ڇڏيو آھي.”
چيائين: “رولاڪ مان ته ڪڏھن آرسي به ناھي ڏٺي ته مان ايتري خوبصورت آھيان.”
چيائين: “مان تنھنجي مقدس لفظن جي قابل ناھيان.”
چيم: “سانئڻ انڪري جو تو ڪڏھن به منھنجي اکين دل سان پاڻ کي ناھي ڏٺو.”
مرڪندين چيائين: “رولاڪ چئبو ته سُونھن مان ۾ ڪانھي تنھنجي لفظن تنھنجي اکين ۾ آھي.”
چيم : “سانئڻ آئينا سڀ ڪوڙ ڳالھندا آھن، آرسي صرف ڪنھن مان جھڙي چري
عاشق جي دل ھُوندي آھي. سانئڻ تون منھنجي تحريرن ۾ ئي پنھنجو حُسن ڏس ڇو جو منھنجن لفظن ۾ ئي منھنجي دل دڙڪي ٿي.”
چيائين: “ها تون ئي مونکي ايتري سُندرتا ڏني آھي.”
چيم: “نه سانئڻ تنھنجي سونھن ئي منھنجي ڏات آھي، جنھن منھنجي اونداھي اندر ۾ سوجھرو ڪيو آھي، ھن جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا چيائين: رولاڪ تون اڃان منھنجي جدائي تي ماتم پيو ڪرين؟”
دل اداس ٿي وئي، “نه نه مان ماتم نٿو ڪيان...”
ھُو منھنجي اکين اڳيان اوجھل ٿي وئي، مان به گوڏا کوڙي پنھنجي گوڏن کي زمين ۾ کوپي ھٿ اسمان طرف کڻي رڙ ڪندي چيم:
“يا خدا! مونکي خبر نه ھُئ ته ھن کان سڄي سونھن سڄو جوڀن خدا تون کسي وٺندين ھُو به مٽي ۾ ملي مٽي ٿي ويندي ڪو به ھن کي ياد نه ڪندو مان ڪڏھن به نه سوچو ھُو منھنجي مٿي وري آسمان ڪري پوندو منھنجي محبت جو عبادتگاھون ويران ٿي ويندو سڀ ڪجهه ختم ٿي ويندو ڪجهه به نه رھندوڍ سوائي ھن جي ڪجھ گھاريل ڪجھ بھارن کان علاوه ھُو وري مونکي ڇڏي پنھنجي حقيقي خدا سان وڃي ملندي...”
...

صدين جا گم ٿي ويل ٽھڪ

صدين جا گم ٿي ويل ٽھڪ
چيائين: “ڏِس مونکي سنڌي ڳالھئڻ اچي وئي آھي، ھاڻ مان به تون سان سنڌي ۾ ڳالھيندس.”
مان مرڪندين چيم: “ڇا ڳالھيندين...!؟”
چيائين: “جيڪو اوھان سيکاريو آھي.”
چيم: “ڇا سيکاريو آھي؟”
“جيڪو سيکاريو اوھان سائين ”.
چيم: “اڇا ته پوءِ مان سوال ڪيان؟”
چيائين: “ھا مونکي سبق ياد آھي.”
چيم: “ته پوءِ ھڪ چڪر چئو نه “ڏيڏر”.
مرڪندين چيائين: “نه ان لفظ تي تون کلندين، مونکي خبر آ مان نه چونديس.”
چيم: “ڏِس منھنجي ڳالهه نٿي مڃين نه.”
چيائين: “ رولاڪ تون ضد ڇو ڪندو آھين ٻڌا...؟ ھل ڀلا ٻڌايان ٿي، کلندين نه؟”
چيم: “نه کلندس بس....”
چيائين: “ڍيڍر...”
منھنجي لبن تي انيڪ مرڪون تري آيون.
چيم: “ڪيتري نه مٺي ٻولي آھي تنھنجي...!”
ھن جي لبن تي مرڪ ليئو پاتو، پنھنجو رئو آڱرين ۾ وٽندين چيائين :
“منھنجو سبق نه ٻڌندين سائين؟”
چيم: “اڇا ڀلا ٻڌا ڇا سکيو آھي؟”
چيائين: “مان توسان بي حد محبت ڪندي آھيان، تون منھنجي سر جو سائين آھين، مان توکان بغير اڻپور اڌوري آھيان.”
کلندين چيم: “توبه توبه ڪر.... سنڌي جا ڪجھ لفظ سکيا سي به ڪوڙ.”
چيائين: “توکي ڪوڙ ٿا لڳن؟”
چيم: “جي چوان ھا ته....!؟”
چيائين: “مان پنھنجي زبان ڪٽي ڇڏيندم، پر توسان ڪوڙ ڪڏھن به نه ڳالھنديس.”
اکين ۾ لڙڪ تري آيس چيائين: “خدا جيڪڏھن منھنجي ھڪڙي دعا قبول ڪري ته مان ھر دعا جي عيوض توکي گھران.”
چيم: “ھا گھڻو ٿيو رو نه نت ڍيڍر اچي ويندا.”
ھن جي لبن تي ڦڪي مرڪ تري آئي ۽ کلندين چيائين:
“ رولاڪ توبه تائب ٿي، ڌڻي در دعا گھر.”
چيم: “سانئڻ منھنجي ثوابن واري ساهمي جو پلڙو بلڪل خالي آھي، منھنجي گناھن وارو پلڙو ڀريل آھي، منھنجي لاءِ ملائڪ به ڪات ڪھاڙا تکا ڪيون ويٺا آھن باقي مان توکي چاھڻ پوءِ مان دعا گھرڻ ڇڏي ڏني آھي.”
ڪاوڙ نڪ تي سجائيندين چيائين: “رولاڪ اھڙيون ڳالھيون نه ڪر، بس ڌڻي در توبه تائب ٿي، ڌڻي در شڪر ادا ڪر ته توکي ھن دنيا ۾ حور ملي وئي آھي.”
چيم: “جيڪڏھن نه ملي ھا ته منھنجو روح رولاڪ ٿي توکي ڳولڻ لاءِ ڀٽڪندو رھي ھا”.
...

جدائي موت آھي

جدائي موت آھي
ڪاري راتين جو پنھنجي لفظن وارو ڪشڪول کڻي وري پنھنجي گمنام منزل ڏانھن وڃڻ شروع ڪيم ته ڪاري رات ۽ شوڪا ڏئي ٿڌي گذرندڙ ھوا ۽ تنھائي کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه، پنھنجي محبت جي عبادتگاھ جو سفر جاري ھو پوئتي منھجي قدمن جا نشان نه ھئا، دل تي اداسي ليئو پاتو دل ويران قبرستان جيان لڳي ٿورو بيھي سوچيم ته ڪٿي آئون پاچو ته ناھيان، ڪٿي آئون پنھنجو ڀٽڪيل روح ته ناھيان، آئون سڄو ھن ۾ رھجي ويو آھيان. آئون ھاڻ بس اولڙو آھيان، آئون پاڇو آھيان ، پاڇي جي پيرن جا نشان ناھن ٿيندا، پنھجن اھڙين حرڪتن تي کلندين اڳتي وڌيم ته سامھون ھڪڙو پاڇو نظر ۾ آيو کلندين چيائين: “رولاڪ.... !”
ھن جو چھرو ڏسڻ ۾ نه آيو، هن جو چهرو اونداهي ۾ هو بس پاڇو محسوس ٿيو.
چيم: “تون ڪير؟ توکي منھنجي نالي جي ڪيئن خبر؟”
کلندين چيائين : “رولاڪ آئون تنھنجو پاڇو آھيان، آئون تنھنجي محبت جي عبادتگاھ تي ھلندس.”
چيم: “نه تون منھنجي محبت عبادتگاھ تي نه ھل، آئون توکي وٺي نه ھلندس.”
چيائين: “رولاڪ ھڪ سوال پڇان؟”
چيم : ”پڇو....”
چيائين: “رولاڪ جدائي جي اذيت ڇا آھي؟”
سوال سٺو ھُو پر جواب نه ڏنم: مونکي خبر ڪونھي
کلندين چيائين: “رولاڪ توکي خبر ناھي.”
چيم: “جدائي موت جو ٻيو نالو آھي”
چيائين: “پوءِ تون مري ڏٺو آھي؟”
چيم: “ھي ڪھڙو سوال آھي؟”
چيائين : “منھنجو مطلب توھان کي اھڙو موت نه مليو آھي؟”
دل اداس ٿي وئي آسمان کي ڏسندين چيم ته: “توکي ڪئين ٻڌايان ته آئون محبت جو احساس آھيان، منھنجو ھر دور ۾ موت ٿيو آھي، آئون هينئر به سڪرات جي عذاب ۾ مري ويو آھيان، آئون باربار مرڻ جي ڪشمڪش مان گذرندو آھيان، آئون محبت ڪري سڪرات ۾ رھڻ جو ھيراڪ ٿي ويو آھيان، مان جڏھن ھن کان جدا ٿيس ته مان محسوس ڪيو دل سيني ۾ گھائل پکي وانگي تڙپندو رھيو پر ھن کي ڪجهه ڪياس نه ٿيو، ھڪ ڀيرو به مڙئي نه ڏٺو، مان احساس آھيان، مان محبت آھيان، مان مرڻ کان اڳ پنھنجي روح کي ڪنھن جي تصور سان پرواز ڪندين ڏسندو آھيان، ھا مان اعتبار جي دوڙھ ۾ روز مرندو رھيو آھيان، منھنجو لاشو ھو منھنجي ارمانن جي ڪفن سان دفن ڪرائيندو رھيو آھي...”
...

تون زنده آھين

تون زنده آھين
ڪڏھن ڪڏھن انسان چاھيندين به ڪجهه ناھي لکي سگھندو، منھنجي اندر اوچتو ئي اوچتو خاموشي جنم وٺي ڇڏيو. منھنجو اتاولو روح پنھنجي چپن تي ماٺ جا تالا ھڻي ڇڏيا. جڏھن تنھنجي منھنجي وچ ۾ اسپتال جي لڳل شيشن واري ديوار اچي وئي، اسپيشل وارڊ جي ورانڊن ۾ ھلندڙ سفيد پوش ڦرندڙ نرسن، ڊاڪٽرن ۽ تنھنجي خاندان جي ڪجهه چڱن مڙسن جي پھري ڏيڻ واري سرحدن جي ديوار ھئي، تڏھن مان توکي شيشن واري مشينن ۾ ڏٺو ته منھنجي دل ڪبوتر وانگر تڙپي اٿيو ۽ توکي سڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم، درد جي شدت ايتري ھئي جو، منھنجي سڏ ڪرڻ جو آواز به نڙي ۾ اٽڪي پيو. خاموشي ذھن جي زخمن کي چيٺڻ لڳي. منھنجي اکين مان لڙڪ ڪري رھيا ھئا. ان وقت ائين محسوس ڪيم ته ڪنھن تتل رڻ جي واري سرمي وانگر منھنجي اکين ۾ وجھي ڇڏي آھي. منھنجي اکين مان وھندڙ ڳوڙا ھئا، جيڪي مان ڪنھن ننڍي ٻار جيان ٻانھن سان اُگھي ڇڏيا بس پري کان توکي ڏسي جڏھن ٻاھر اچي پارڪ جي پاسي ۾ ٺھيل پٿر جي ڪرسي ته ويٺس مونکي ان وقت تنھنجو چھرو ياد پيو جڏھن تون مونکي چيو ھو:
“رولاڪ اڄ جمعي جو ڏينھن آھي، تون نماز ۾ خدا کان ڇا گھريو آھي؟”
دل اداس ٿي وئي چيم: “توکي خبر آ ته مان خدا کان صرف ھڪڙي دعا گھرندو آھيان.”
ورائي پچيائين: “ڇا گھرندو آھين؟”
اداس ٿي چيم: “مان خدا کان ڪنھن حور جي زندگي گھري ورتي آھي، مان خدا کان آخري دعا گھري آھي، بس مونکي ھن جي زندگي خيرات ۾ ڏئي ڇڏي، جنھن کي چاھڻ کان پوءِ مان مرڻ جي تمنا ڪئي آھي، جڏھن کان مونکي خبر پئي
آ ته سڀاڻي تنھنجو آپريشن آھي، منھنجي چپن تي ھڪڙو ئي جملو آھي ته مان توکي مرڻ نه ڏيندس.”
ڪائنات جو ڪل حسن رکندڙ ڇوڪري پنھنجي چھري تي مرڪ سجائي مونکي چوڻ لڳندي آھي ته: “رولاڪ زندگي ۽ موت خدا جي وس ۾ آھي.”
يڪدم اٿندين چيم: “نه نه.... خدا اڄ تائين تون منھنجي ڪا به دعا نه ٻڌي آھي پر ھي ضرور ٻڌندو.”
ھن جي اکين ۾ انيڪ لڙڪ تري آيا چيائين: “رولاڪ تون مونسان بي پناھ محبت ڪندو آھين تڏھن مونکي وڃائڻ کان ڊڄندو آھين.”
چيم: “ھا سانئڻ تون منھنجي محبت جو معراج آھين، ھُن کي درد جي اذيت ايتري ھئي، جو ھن جي ڪومايل چھري تي ھڪ غمناڪ مرڪ ليئو پائي، ٻڏندڙ سج جي آخري ڪرڻي وانگر گم ٿي وئي. مونکي خبر نه ھئي ته مان توکي شيشن جي ديوار مان آخري ڀيرو ڏسي رھيو آھيان، تنھنجي مرڻ کان پوءِ منھنجي محبت مري ويندي، منھنجي دل مري ويندي، منھنجا ننڍڙا ارمان مري ويندا، منھنجا سمورا خواب مري ويندا، منھنجا لفظ يتيم ٿي ويندا، منھنجي دل جي ھر تمنا مري ويندي، توکان پوءِ منھنجي ڪائنات موھن جي دڙي ۾ دفن ٿي ويندي، دنيا چوي ٿي تون مان سان ناھي پر ڏس، تون اڄ به منھنجي لفظن ۾ زنده آھين، تون اڄ به منھنجي تصور ۾ آھين، مان ھاڻ رولاڪ آھيان، ھاڻ منھنجي پنھنجي دنيا آھي، جنھن ۾آئون روئڻ چاھيان ٿو پر روئي نٿو سگھان توکي وسارڻ جي عادت ته ڪيان ٿو پر توکي وساري نٿو سگھان تنھنجي موت جي خبر منھنجي لاء منھنجي موت جو پيغام کڻي آئي، منھنجي محبت منھنجي ذھن جي مقبرن ۾ قيد ٿي وئي....”
...

لوڻياٺو پاڻي

لوڻياٺو پاڻي
مان پنھنجي لفظن ۾ ڀٽائي جون سٽون چئي رھيو ھيس ته ڪائنات جو حسن رکندڙ ڇوڪري اچي بيٺي، مان ھن جي ڪڪورين ڪارين ڪجلين اکين ۾ ڏسڻ لڳس، ھن ديوي جو ته سڄو حُسن ھن جي اکين مان جھلڪي رھيو ھو.
چيم: “مون سان محبت ڪندي آهين؟”
چيائين: “نه مان توسان محبت نٿي ڪيان .”
ھن جي اکين ۾ محسوس ڪيو ته ھن جي سُونھن اندر ۾ لوساٽجي ويئي، مان محسوس ڪيو ته ھو اندر تائين ڪئين ٽٽي ٽڪرا ٿي وئي آھي ، منھنجي خيالي دنيا جي شھزادي پنھنجي خوبصورت چپن کي ھلائندي چيو ته:
“مان توسان محبت نٿي ڪيان.”
منھنجي من جي سمنڊ ۾ طوفان اٿيو، محبت جي ٻيڙي ڪناري تي اچڻ کان اڳ ۾ خوني طوفانن جي ور ڇڙھي وئي ۽ منھنجي من ۾ محبت جون مڇيون ھن جي نفرت جي زھر ۾ تڙپي مرڻ لڳيو ن، منھنجي اکين مان لوڻاٺو پاڻي اچي ، منھنجي چپن جي بند سان ٽڪرائجي ويو. دل اداس ٿي وئي ھن جي اکين ۾ ڏٺو ته نگاھون نگاھن ۾ رھجي ويون، عذاب جو احساس گلي مان نڪرندڙ لفظن جو زھر چپن تي ايندين ايندين رھجي ويو ، ھن جو ڪنڌ جھڪيل رھيو مان به ٽٽل آئيني وانگر ٽڪرا ٿي ويس ، ھن جو عڪس به مونکي ذرا ذرا لڳو .
چيم: “سانئڻ توھان لفظن ۾ ته محبت بيان نه ڪئي پر اکين سان گھڻو ڪجهه چئي ڇڏيو آھي ، تون تي وفا لاءِ پابندي ناھي، مان ڪاري راتين جو رولاڪ توتي وفا فرض ڪئين ٿو ڪري سگھان ؟ تون ته مجبورين جا ھزارين ثبوت ڏئي ، مونکي اڪيلو سر ڇڏڻ لاءِ پابند ٿي وئي آھين پر مان توکي پٺي ڏئي منڪر نٿو ٿي سگھان ، سانئڻ مان ڪارين راتين جو رولاڪ تنھنجي ڀاڪرن جي سرگوشين، چپن جي چوساٽ ۽ بي جان بستر تي ورتل، محبت جا نغمعا، منھنجو سرڪش روح زمين کان آسمان تائين ۽ آسمان کان عالم ارواح تائين منزل منزل پڪاريندو رھندو آھيان. تڏھن مايوسيون اميدون کي ڏنڀ ڏينديون آھن ، تڏھن دل تنھنجي جدائي جي ماتم ۾ ڇائنجي ويندي آھي.”

خوابن جا تابوت

خوابن جا تابوت
پنھنجي خوابن جا تابوت کڻي، اڪيلو دردن جي صليب تي نڪري پيو ھيس ته منھنجو پاڇو به مونکان ڊپ وارو رويو اختيار ڪري، منھنجي چوڌاري گھمي رھيو ھو، مان به ڪاري رات ۾ ٿاٻڙجندو اچي ڪنھن ويران جاءِ تي پھتس، اکين جا بادل اويرا ڪري وسڻ لڳا. ڪائنات جو سمورو نظام مونکي اوپرو لڳو، ٿورو اداس ٿي آسمان ڏي ڏسندي ڀٽائي جون سٽون پنھنجي منھن سان ورجائڻ لڳس، منھنجي خيالي دنيا جي حور منھنجي سامھو آئي ۽ چئي ڏنائين:
“ناٽڪي تون ھتي ڇا ٿو ڪرين آسمان تي ڇا ٿو ڏسين”
چيم: “ڪجهه نه بس پنھنجي نصيب جي تحرير کي ٿو تلاش ڪيان .”
چيائين: “ پنھنجي نصيب تي يقين ناھي.”
دل اداس ٿي وئي اکيون آسمان تي چمڪندڙ اڌ چنڊ ۾ وجھندين چيم:
“خبر اٿئي محبت منھنجي نصيب ۾ ناھي ، اذيتن جون راتيون ڏاڍيون ڀيانڪ آھن ، تنھائي جو زھر پئي جيئڻ عجيب ٿو لڳي .”
چيائين : “تقدير جي ليکي کي تون سزا ٿو سمجھين؟”
چيم: “ھا ...محبت منھنجي لاءِ سزا آھي، انتظار مونکي موت مثل ٿو لڳي ، خبر اٿئي مان محبت ۾ سزا پاڻ مقرر ڪئي آھي.”
چيائين : “نه تون محبت ۾ مرڻ جو قائل آھين.”
چيم: “نه مان ناٽڪي آھيان ، مان ھن دنيا جي سرڪس جو ھڪ جوڪر آھيان، مان پنھنجي ھر تحرير ۾ مرندو رھيو آھيان ۽ وري جيئندو رھيو آھيان ، منھنجا خواب جلاوطن آھن، مونکي پنھنجي اکين ۾ اوپرائپ درد جي ٽانڊن کان سوائي ٻيو ڪجهه ڪونھي.”
...

ھڪڙو رولاڪ ۽ چنڊ

ھڪڙو رولاڪ ۽ چنڊ
مان پنھنجي خيالي دنيا۾ ٿڙندو ٿاٻڙندو ڪنھن رولاڪ جيان رُلي رھيو ھيس ته منھنجي خيالي دنيا جي حور اچي بيٺي رات جي اونداھين ۾ ٻه دل ته نه مليا پر ڪجھ گھڙين لاءِ ٻه پاڇا ملڻ جو گناھ ڪري ويٺا مان به ڪجھ گھڙيون خاموش رھي.
پڇيم: “ڪير... ؟”
چيائين: “چڪور.”
منھنجي چپن تي مرڪ تري آئي.
چيائين: “کلين ٿو...”
چيم: “نه بس ڪوشش ڪيان ٿو کلڻ جي”
ھن پنھنجي گلابي چپن کي چوريندي چيائين:
“چڪور کي سڪون آھي ڪٿي؟ چنڊ جو خيال ختم ناھي ٿيندو چڪور کان .”
چيم: “نه مونسان مذاق نه ڪر ، مان پھريان مري چڪو آھيان.”
کلندين چيائين: “پوءِ ڪنھن روح سان رابطو پئي ٿئي ڇا؟”
چيم : “ها مان فقط پاڇو آھيان ، مان خالي جسم آھيان ، منھنجو روح منھنجو اندر مري چڪو آھي ، مان بس اولڙو آھيان.”
چيائين: “منھنجي چنڊ جي اداسي ڪئين ختم ٿيندي؟”
چيم: “چنڊ صدين کان اڪيلو آ ۽ ھن جي اڪيلائي جو فڪر نه ڪر، ھو اداس ھجي يا خوش پر ڪنھن کي به پنھنجي روشني ڏيڻ کان انڪار ناھي ڪندو.”
چيائين: “چڪور کي اختيار ناھي ڪو چنڊ تائين پھچڻ جو.”
چيم: “نه چڪور کي بس اڏرڻ جو حق آھي، بس اڏري وڃجان” .
دل اداس ٿي وئي آسمان ڏانھن نھاريندين چيم:
“چڪور توکي ڪٿي وٺي ھلان منھنجو ڪو به گھر ناھي، مان ڪاري راتن جو رولاڪ آھيان، منھنجي اڪيلائي توکي ماري ڇڏيندي ، منھنجا احساس خانه بدوش جي ٻارن جيان لاوارث ٿي رلي رھيان آھن ۽ مان چمڪندڙ چنڊ سان دوستي ڪري ڇڏي آھي، ھيٺ مان ازيتن جي رات جو نڪتل رولاڪ مٿي آسمان تي چمڪندڙ چنڊ بس ساڳي ڳالهه آھيون ھو ستارن ۾ اڪيلو مان ھزارين ۾ اڪيلو...”

...

آئيني جو تصور

آئيني جو تصور
پاڻ کي آئيني جي سامھون بيھاري ھن خوبصورت ڇوڪري جي تصور ۾ اچي سوچيم ته ڪوه ڪاف جي پري جو روپ ڌاري منھنجي سامھون مسڪرائڻ لڳي، منھنجي ڪمري جو آئينو ھن جي چمڪندڙ چھري جي عڪس ۾ ٽمٽار ٿي ويو مان به پنھنجي ماٺ جا تالا ٽوڙي پنھنجي تصور ۾ اچڻ واري حور کي چئي ڏنم:
“ڪيترا خوش نصيب آھن ، تنھنجي گھر جا آئينا جنھن ۾ تون پنھنجو عڪس ڏسي مسڪرائيندي آھين، تنھنجو چھرو چوڏھين جي چنڊ وانگر چمڪندڙ آھي ، تنھنجون ڪاريون ڪجل ريءَ اکيون ڳل ڳاڙھا لال گُلابي، ڀرون ڪارا ڪارا ڪاريھر واسينگ وار، اکيون سرمي سينگاريل، چپن تي گلابي سرخي اکين ۾ البيلائي نيڻ خماريل جنھن ۾ محبت جو سمنڊ ڇوليو ھڻندي پنبڙين جي ڪپ سان ٽڪرائجي رخسار تي وکريو وڃي ٿو”
منھنجي چپن تي ھٿ رکندين چيائين:
“ بس بس ! ناٽڪي تون حوالي آھين ، رڳو حوال ھڻندو آھين ، مان ناھيان ڪا به حور بس تون مسڪا جام ھڻندو آھين.”
چيم: “نه سانئڻ مان ڄاڻان ٿو ته تون منھنجي ھر تحرير جو مقدس لفظ آھين. منھنجي آوارا لفظن تي...”
ٽھڪ ڏيندين چيائين: “ ناٽڪي ... تون وڏو ناٽڪي آھين” ائين چوندين آئيني اڳيان اوجھل ٿي وئي .
...

پَر ڪٽيل ڪبوتر

پَر ڪٽيل ڪبوتر
اڄ رات ٿورو سيءُ آھي، منھنجا ھٿ ڪُنبي رھيا آھن، دل جي گرم باھ ھٿن تائين پهچي نه سگھي آھي، مان سمجھان ٿو، منھنجي دل مري وئي آھي، وري ٿورو سوچيم ته روح ڪڏھن ناھي مرندو. دل درد سھندي سھندي مٽي جي ڏيئي وانگر ڀڄي پوندو آھي تڏھن مان ھميشه جي لاءِ خاموش ٿي وڃڻ جي ڊگھي سوچ رکندوآھيان. آئون پنھنجي رولاڪين ۾ پورو ھيس مٿان ڪائنات جي حور سسئي جو روپ ڌاري منھنجي اڳيان اچي بيٺي، دل چاھيو ھن کي ڀاڪرن ۾ ڀري وٺان ٿورو اداس ٿيندي چيائين:
“ رولاڪ....!”
چيم : “جي سانئڻ !”
چوڻ لڳي: “اڄ مونسان ڳالھي مان اداس آھيان.”
دل ۾ دردن جي واچوڙي وارو طوفان اٿيو، ھٿ جھلندي چيائين:
“رولاڪ! ڳالھائين ڇو نٿو؟ خاموش ڇو آھين؟”
چيم: “سانئڻ تنھنجا ھٿ ڪيترا ڪوسا آھن ، ڪڏھن ڪڏھن مان وٽ ڳالھڻ لاءِ ڪجهه ناھي، ھوندو ته مان ھوائي ڳالھيون ڪري ڇڏيندو آھيان”
ڪجهه حيرت مان چوڻ لڳي: “ نه رولو ٿڌا آھن.”
چيم: “نه ڪوسا آھن.”
چيائين: “ٿڌا آھن ائين چئي مونکي پنھنجي ڀاڪرن ۾ ڀري ڇڏيائين.”
دل چاھيو ته ڪجهه پل روڪي ڇڏيان، ڇو جو ڪائنات جي حور منھنجي ڀاڪرن ۾ ھئي. دل چاھيو ته دنيا جي ھر شئي کي روڪي ڇڏيان پر ايتري ۾ اکين جي آسمان تي اويرا ڪري وسندڙ ڪڪرن وسڻ شروع ڪيو، اکين جا لڙڪ ھن جي رخسار تي ڪري پيا ڪنھن پر ڪٽيل ڪبوتر جيان ڦڙڪي اٿي چيائين:
“ رولاڪ ! ڇا تون روئين پيو؟”
چيم: “ نه بس ڪڏھن ڪڏھن اکين جي آسمان تان اويرا ڪرڻ وارا ڪڪر وسي پوندا آھن”
ڪاوڙ ڪندي چيائين: “چماٽ اھڙي لڳي جو سُڌري وڃين.”
منھنجي اکين جا لڙڪ صفا ڪندي ڳلي لڳائندي چيائين: “منھنجا سائين!”
ھن جي وکريل زلفون سنواريندين چيم: “جي! چپن تي خشڪي ليئو پاتو اکين مان شرم ٽمٽار ٿي وھڻ لڳي، مسڪرائيندي چيائين:
“سائين !ڪجهه خوبصورت پل قيد ڪري ڇڏ.”

...

سنڌ امان

سنڌ امان
ھڪ ڏينھن رولاڪين جا پنڌ پنھنجي اگھاڙي پيرن ھيٺيان لتاڙيندو اچي، پنھنجي محبت جي عبادتگاھن تي پھتس. آسمان جي وسعتن کي چتائي ڏسندي ڏسندي سوچن جي سمنڊ ۾ لٿس، پنھنجي سنڌ درتي جي سيني تي گوڏا کوڙي چيم :
“امان مونکان ماڻھو پڇن ٿا ته ڇا آئون توسان محبت ڪيان ٿو يا نه؟ منھنجي سنڌ جيجل امان ماڻھن جي انهن لفظن ڄڻ منھنجي سيني ۾ ڀالا اڇلائي ھنيا هجن.” ڪنڌ آسمان جي وسعتن ڏانھن ڪندين چيم:
“ڇا ڪنھن پٽ کان پڇن ٿا ته ھو پنھنجي ماءُ سان محبت ڪري ٿو يا نه؟ ھُو مونکان پڇن ٿا ته مان تهجد جا سجده ڪنھن کي ٿو ڪيان؟ ھُو مونکان پڇن ٿا ته منھنجو ڪھڙو مذھب آھي؟ھنن مونکي ڪڏھن مسجد مندر ۾ ناھي ڏٺو؟ امان ماڻھن جي انھن سوالن منھنجي دل تي ڄڻ قيامت برپا ڪري ڇڏي منھنجي رڳ رڳ مان ٿوھر ڦٽي نڪتو گھڙي ڪن لاءِ پنھنجو وجود دوزخ جي ته خاني ۾ غرق ڏسي سچل جو بيت منھنجي زبان تي تري آيو ،
مذھب ملڪ ۾ ماڻھو منجھايا
شيخن، پيرن، پنڊتن، بيحد ڀلايا
ڪي نمازون نِوَڙي پڙھن، ڪن مندر وسايا...
ھُا مان توھان جي سڀني سوالن جا جواب ڏيڻ جو پابند ناھيان پر ايتري وضاحت ڪندس ته ھا مان پنھنجي سنڌ امان سان محبت ڪيان ٿو، ھا مان پنھنجي سنڌ جيجل ماءُ کي تهجد جو سجدو به ڪيان ٿو، ھا سنڌ ئي منھنجو مذھب آھي ، ھا سنڌ ئي منھنجو ايمان آھي، آئون جيجل جو اڻٿاڪو پٽ آھيان ، آئون روز پنھنجي رولاڪين ۾ رلندي رلندي ائين ئي پنھنجي سنڌ ماءُ جي ھنج ۾ منھن لڪائي سمھي رھندو آھيان.
...

سوڍا تون ۾ ساھ، نه ته راڻا گھڻا راڄ ۾!

سوڍا تون ۾ ساھ، نه ته راڻا گھڻا راڄ ۾!
ھڪ ڏينھن مان ڏٺو ته ڪائنات جي حور ڪنھن اپسرا جو روپ ڌاري اڳيان اچي بيٺي ھن جو ڀورو رنگ پگھريل سون جھڙو ھو جسم تي جواني جا گئونچ ڦٽي پيا ھئا، ھو ڪنھن شرم ٻوٽي جيان پڄري رھي ھئي، مونکي سامھون ڏسي ھن جي پيشاني تي پگھر ڦڙا وھڻ لڳا، ھن جون اکيون منھنجي اکين ۾ کتيون، ھن پنھنجا ھٿ وڌائي منھنجو چھرو پنھنجي ٻنھي ھٿن ۾ وجھندي چيائين:
“رولاڪ ! تون سدائين اداس ڇو رھندو آھين؟ تون ڇو ھميشه موت جو ڳالھيون ڪندو آھين.”
منھنجي لفظن تي مٽي جي دز چڙھي وئي.
چيائين : “ھا رولاڪ آئون به توسان بي پناھ عشق ڪندي آھيان، پوءِ به تون پاڻ کي خوشنصيب نٿو سمجھين ٻڌائي مونکي... ”
دل اداس ٿي وئي آسمان کي ڏسندي چيم:
“سانئڻ! منھنجي خوشنصبي آھي، تون مونسان محبت ڪرين ٿي پر ھي دنيا ھي سماج پاڻ کي ملڻ نه ڏيندو، آئون ھر دور ۾ مرڻ لاءِ تيار آھيان ، منھنجي چپن تي ھٿ رکندين...!؟”
چيائين: “رولاڪ تنھنجو ڳالھيون مونکي اذيت ڏينديون آھن ، ڇا تون مونکي اڪيلو ڇڏي ويندي پاتالن ۾ ٻڌاءِ ...؟”
چيم: “سانئڻ ! آئون توکي اڪيلو نٿو ڇڏي سگھان، پر آئون تنھنجي عزت تي ٽِڪو ھڻي منڪر نٿو ٿي سگھان، تنھنجو پاڪ وجود تي پنھنجي نالي جي تهمت برداشت نه ڪندس، تون مقدس آھين، تون سنڌ ڌرتي جيان وشال آھين.”
چيائين: “رولاڪ ائين توسان انسانيت ۽ عشق جي بنيادن تي نڪاح ڪري چڪي آھيان، وقت سان وڙھجان مان وانگر تون به جي مان نه لکرايو توکي آسمانن تي، ته مان خودڪشي ڪري ڇڏينديس ....”
چيم: “نه سائنڻ آئون توکي مرڻ نه ڏيندس، آئون توکي خودڪشي ڪرڻ نه ڏيندس .”
پنھنجا لڙڪ صاف ڪندي چيائين: “رولاڪ ! مرد دنيا مان کُٽي ڪونه ويا آهن پر عورت جي دل الله عجب ٺاهي آهي، صاف سٿري، خوبصورت ، عشق مان ٺھيل آھي، جنهن جو نالي لکجي ته لکجي ويو تون ته بس تون.... رولاڪ!”
ھن جا لفظ ڀالا بڻجي منھنجي سيني ۾ لڳا ٿورو اڳتي وڌي چيم :
“سانئڻ آئون انھن مردن مان ناھيان جو، تنھنجو پاڪ دامن پنھنجي حوس جي ڪري داغدار ڪيان، آئون به توسان عشق ڪيان ٿو، تون منھنجي لاءِ خيالي خدا آھين، تون منھنجي تهجد جي دعا آھين پر آئون توکي وري وڃائڻ نٿو چاھيان.”
چيائين: “رولاڪ عشق نه ڏسندو آهي ذات پات، نه تقدس ۽ ٻيو ڪجهه ائين اھو ڪنديس جيڪو دل چوندي ۽ دل جو ضد آهي تون ھجين توکانسواءِ منهنجو ھمسفر ڪير به نه ٿيندو جي تون نه ته ڪيربه نه (سوڍا تو ۾ ساھ نه ته راڻا گهڻا ھن راڄ ۾) .”
ڪجهه چوڻ چاھيم پر چئي نه سگھيس منھنجا لفظ دل جي قبرستان ۾ دفن ٿي ويا.

...

اڪيلائن ۾ روئندس

اڪيلائن ۾ روئندس
چيائين: “رولاڪ منھنجو وقت پورو ٿي ويو آھي، آئون توکان اجازت وٺندس .”
دل اداس ٿي وئي، پنھنجا لڙڪ اگهندين چيائين:
“رولاڪ مونکان پوءِ تون ڪنھن سٺي ڇوڪري سان شادي ڪري ڇڏجان.”
ھن جي ان جملي ھيانوَ ۾ ھٿ وڌو باھ وانگر ڀڙڪو کائي اٿيس، پنھنجو رئو انڱر ۾ وٽيندي چيائين:
“رولاڪ منھنجي فيصلي تي افسوس ته نٿو ٿئي نه.....”
منھنجي درد ڳلي ۾ اچي اٽڪي پيو ڪجهه چئي نه سگھيس.
چيائين: “تنھنجي خاموشي کي آئون ڇا سمجھان؟”
ھن جي اکين ۾ ڏسندي چيم: “سانئڻ توکان جدا ٿي مان زندگي کي اذيت طور قبول ڪندس، خدا جي طرفان ڏنل ڪنھن سزا طور قبول ڪندس، توکان پوءِ شھر جون روشناين کي آئون ويران لکندس”
ھن جي چھري تي ڏک پنھنجون پنکڙيون کوليون، ھن پنھنجو منھن ٻئي طرف ڪري روئڻ لڳي، مان ھن جي سڏڪن جا آواز ٻڌا مان سڏ ڪيو:
“سانئڻ ! ”
ھن مان ڏانھن ڏسندي اکين جا لڙڪ صاف ڪندي چيائين: “رولاڪ خبر اٿئي مان سڪرات ۾ به توکي محسوس ڪيو وري سڏڪن ۾ ڀرجي وئي، جيڪڏھن آئون مرد نه ھجان ھا ته اتي ئي روئي پوان ھا.”
ھن جي سڏڪن جو آواز منھنجي روح ۾ لھندو ويو. دل چاھيو ته ھن کي پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيان، پنھنجو ھنج ھن کي روئڻ لاءِ ڏيان ڪجھ دير خاموش ٿي چيم:
“سانئڻ! آئون صحرا ۾ مينھن جي ڦڙي وانگر آھيان، جيڪو ڪِرڻ کان پوءِ گم ٿي ٿو وڃي، پر مان توکي وساري نه سگھندس ، سانئڻ آئون تون وانگر ڪنھن جي ڪھلي تي منھن رکي روئي نه سگھندس، توکان پوءِ لڙڪ ھوندا مون وٽ پر ڪلھو ڪونه ھوندو آئون رولاڪ پنھنجي اڪيلائن ۾ روئندس.”
...

شام جو لھندڙ سج

شام جو لھندڙ سج
جڏھن شام جولھندڙسج آخري لمحن مان گذري، پنھنجي پڄاڻي تي پھتو، تڏھن ڪاري جوڙي ۾ ڪا پري منھنجي تصور جي دنيا ۾ اچي ويٺي چيائين:
“رولاڪ اڄ ڊسمبر جي آخري شام آھي اڄ مان توکي ڪجهه ڏيڻ چاھيان ٿي.”
ڪنڌ ورائي پچيم: “ڇا ٿي ڏيڻ چاھين ، مان رولاڪ پٿرجھڙي دنيا ۾ لفظن جو ڪشڪول کڻي ھلڻ وارو ماڻھو تون مونکي ڇا ڏيندين.”
چيائين : “ڪجهه يادون، ڪجهه پل ڏيڻ آئي آھيان سائين !”
ھن جي انھن لفظن منھنجي دل ۾ ھلچل مچائي ڇڏي، منھنجو اتاولو روح آڪاش جي اونچائي ۾ ڪنھن پکي جيان اڏري رھيو ھو، منھنجي منھن تي مرڪ ليئو پاتو چيائين: “ سائين! منھنجي لاءِ ڇا آھي تنھنجي لفظن واري ڪشڪول ۾...؟ ”
چيم: “سانئڻ ڇا کپي؟ منھنجا لفظ ايترا امر، ايترا مقدس ته ناھن جو مان تنھنجي مقدس سُونھن تنھنجي حسن، تنھنجي مرڪ تي لکي سگھان، تون ڪنھن ڏور آڪاش تي چڪندڙ چوڏنھن جي چنڊ جيان آھين، مان پٿر جھڙي دنيا جو معمولي انسان توکي ڏسڻ جي ته حسرت ڪري سگھان ٿو پر توکي ڇُهڻ جي گستاخي نٿو ڪري سگھان، ھا مان توکي چاھي سگھان ٿو پر توکي حاصل ڪرڻ منھنجي وس ۾ ناھي ڇو جو تون جنت جي حور آھين، حورون مان جھڙي سرڪش رولاڪ جي نصيب ۾ ناھن ھونديون.”
ٿورو ڪاوڙ ڪندي چيائين: “رولاڪ غلط ڳالھيون نه ڪندو ڪر، آئون تنھنجي پوجا جي لائق ناھيان.”
دل ۾ طوفان اٿيو چيم: “تون منھنجي لاءِ سنڌو ندي جيان مقدس آھين ، تون منھنجي محبت جو معراج آھين.”
ھو مسڪرائڻ لڳي ھن جي مٺڙي آواز ۾ ڀٽائي جا ڪي بيت گنگنائي رهي هئي، منھنجي دل ۾ سرور جي ھلڪي لھر آئي ھر طرف خاموشي ڇائنجي وئي وري مونکي منھنجو اڻپور خواب ياد پيو اڻ ڏٺل پرين جا پور ، ڊسمبر جي آخري شام جو لھندڙ سج ھن جي ياد جا نه گذرندڙ ڪجهه پل.
...

ڪچـيءَ مـٽي جـو ڏيـئـو

ڪچـيءَ مـٽي جـو ڏيـئـو
مـان ڪڏھن ڪڏھن پنھنجن ڳوڙھن کي سمجھي ناھــيـان ســگــھـنـدو جڏھن به آئيني اڳيان اچي بيھندو آھيان ته مونکي پنھنجي اکين جا لڙڪ منجھيل ۽ پاتال ۾ پيل لڳندا آھن، تڏھن کيس دل جي ڪيفيت سمجھي ناھيان سگھندو ڪڏھن ته وري ڪنھن وقت جيان ھو سمجھيل ۽ سُڪل پپر جي پن جيان اکين جي سمنڊ ۾ ترندو نظر ايندو اٿم. تڏھن دماغ جي مقبرن ۾ ھڪ ئي ڪيفيت سمجھي سگھندوآھيان ته آئون ڪيترو اندر تائين ٽُٽُي ڇڄي پيو آھيان، ڪڏھن ڪڏھن تنھنجو ڳالھيون منھنجي سيني ۾ ڪنھن ڀالي جيان روح مان پار ٿي وينديون آھن.
سانئڻ! مان توکي رولاڪ بڻجي، چرين وانگر ھن ڪاري راتين ۾ ڳوليوآھي پر تون ڪنھن ٽٽل تاري جيان الائي ڪھڙين ئي اونداھين ۾ گم ٿي وئي آھين، مونکي اڄ به ياد آھي جڏھن تون مونکي چيو ھو:
“رولاڪ مان ٻيهر جنم وٺندس، تون لاءِ آئون وري ڪنھن اپسرا جو روپ ڌاري تنھنجي ويران اڱڻ تي خوشين جي بھار بڻجندس”
مونکي ياد آھي جڏھن مان توکي چيو ھو ته: “ آئون ڪنھن به عورت سان ايتري محبت نه ڪري سگھندس، تنھنجي اکين ۾ انيڪ لڙڪ تري آيا . جڏھن تون مونکي چيو ھو:
“رولاڪ آئون وري موٽي ايندس ڪنھن اسپرا جو روپ ڌاري آئون وري موٽي ايندس.ان اذيت ناڪ گھڙي ۾ مونکي پڪ ٿي وئي ھئي ته مان رولاڪ ڏکن جو عادي آھيان مونکي سک ملندا ته مري ويندس. سانئڻ! آئون ڪچي مٽي جو ڏئيو آھيان جيڪو آهستي آهستي ڀڄي ڀري وســامـي رھــيـو آھيــان”.
...

تـون منھـنـجـو مجازي خدا

تـون منھـنـجـو مجازي خدا
ھڪ ڏينھن سانئڻ سان گھمندي منھنجي انھن گلابن تي نظر پئي، جيڪي منھنجي قبر تي پوڻ لاءِ ٽڙي رھيا ھئا، جنھن تي پوپٽ رقص ڪري رھيا ھئا. سانئڻ جي ھٿ ۾ اجرڪ ھئي چيائين:
“ رولاڪ تون کي ياد آھي؟”
“ڇا ....؟”
چيائين: “ھي اجرڪ جيڪا مونکي تو گفٽ ڪئي ھئي.”
چيم: “ھا مونکي ياد آھي. ھي اجرڪ مان ڀٽائي جي نگري مان ورتي ھئي. ”
چيائين: “رولاڪ جڏھن تون مونکي اجرڪ جو تحفو ڏنو، تڏھن مان محسوس ڪيو ته منھنجو نڪاح توسان فرشتا پڙھائي رھيا آھن. چنڊ تارا پکي پکڻ سڀ شاھد آھن، جڏھن توکان حق مھر جو فرشتن پڇيو ته تون مونکي پنھنجي زندگي حق مھر ۾ ڏني. جڏھن سڀني نڪاح جو مبارڪون ڏنيون تڏھن تون مونکي اجرڪ تحفو طور ڏنو منھنجي چھري تي مرڪ تري آئي ”
چـيــم: “سـانئـڻ توکي خبر آھي، مونکي ڪڏھن ڪڏھن پاڻ تي کل ايندي آھي، تون جنت جي اپسرا، آئون رڻ جي گرم صحرا جو اڪيلو اڻــٿــاڪـو رولاڪ، مان جھڙي ناستڪ انسان سان گڏ رھي سگھندينءَ...!”
چيائين: “رولاڪ تون مونکي مجبور نه ڪندو ڪر ته آئون توکي گاريون ڏيان يا ڪجهه چوان...؟”
چھري تي ڪاوڙ سجائي وري چــيـائـيــن :
“رولاڪ تون منھنجي محبت جي توھين ڪندو آھين آئون ھر ڳالهه برداشت ڪري سگھان ٿي پر تون منھنجي محبت تي آڱر کڻي مونکان برداشت نه ٿيندو، بس آئون توسان نه ڳالھائيندس هاڻي. ” اکين ۾ لڙڪ تري آيس منھن لڪائندي چيائين :
“مان توسان نه ڳالھائيندس. ٿورو ترسي وري چيائين:
“رولاڪ آئون تنھنجي سھاڳڻ آھيان منھنجي محبت جي توھين نه ڪــــــــر” منھنجي دل ڪنھن پڃري ۾ بند پکي جيان ڦڙڪي اٿي.
منھن ڦيرائين ڏٺم ته ھو منھنجي پيرن کي چمڻ لاءِ جھڪي پئي ڪاوڙ مان چــــيـــم:
“سانئڻ ھي ڇا ٿي ڪرين .....!؟”
چيائين : “تنھنجا قدم چمڻ لاءِ دل ٿي چوي آئون تنھنجي سھاڳڻ مرڻ پسند ڪندس.”
چــيـــم: “ســـــائــنــڻ تون مقدس آھين تنھنجي جاءِ پيرن ۾ نه دل ۾ آھي تون مون گنگھار جا پير نه چمندي ڪر تون جنت جي حور آھين.”
چيائين: “نه رولاڪ حديث پاڪ آھي ته جيڪڏھن سجدو ڪنھن انسان لاءِ جائز ھجي ھا ته ھر زال کي حڪم ڪيان ھا ته ھو پنھنجي مڙس کي سجدو ڪري ھا، خبر اٿئي الله پاڻ مڙس کي مجازي خدا چيو آھي. لھن الباس الڪم وانتم لباالھن “تون منھنجو لباس آھين مان تنھنجو لباس آھيان” (القرآن)
خبر اٿئي تون منھنجي اھُا تهجد آھين، جيڪا مان رات جو ادا ڪندي آھيان، مونکي سڪون ملندو آھي، توسان ڳالھڻ به منھنجي لاءِ عبادت مثل آھي، رولاڪ تون منھنجو مجازي خدا آھين، تنھنجي عبادت مون تي فرض آھي”
چيم: “سانئڻ تون منھنجي محبت جو معراج آھين ، تون منھنجي لاءِ مقدس ڪتاب جيان آھين، تون منھنجي لاءِ پاڪ ڪتاب مثل آھين، توکي پٺي ڏئي آئون منڪر نٿو ٿي سگھان پنھنجي ڀاڪرن ۾ ڀري روئندين.”
چيائين: “رولاڪ منھنجي پيشاني چمي مونکي ھميشه جي لاءِ امــرڪري ڇڏ...!”
...

نيـڪ بنـدي

نيـڪ بنـدي
ڪنھن ڏينھن درگاھه تان واپسي موٽندي چيائين : “رولو تون ھتي ڇا ڪرڻ ايندو آھين؟”
چيم: “آئون پنھنجي مقدس محبوب جي زيارت ڪرڻ ايندو آھيان.”
ھن جي چھري تي مرڪ تري آھي، ٿورو مسڪرائيندي چيائين: “پوءِ زيارت ڪيئي !؟”
چيم: “ھا پر منھنجي محبوب جي چھري ۾ نور ايترو آھي، جو دل ڀرجي نٿي ڏسڻ کان بس دل چوندي آھي وٺو ڏسان توکي....”
چھري تي ٿوري مرڪ سجائي چيائين:
“رولاڪ، ڇسا، بيوقوف مونکي گھڻي تعريف نه وڻندي آھي، پر تون ڪندو آھين ته سٺي لڳندي آھي.”
ايتري ۾ گذرندڙ فقير جي پاسي وڃي ، بيٺي پنھنجي مٿي جو رئو صحيح ڪندي چيائين:
“فقير سائين! دعا ڪر ته ھي بيوقوف، حوالي شخص منھنجو ٿئي، آئون ھر جنم ۾ ھن جي ٿيان، اسان جي شادي ٿي وڃي فقير سائين دعا ڪر ....”
آئون پاڻ فقيرن جھڙو رولاڪ شخص ٿورو فقير کان اڳتي بيٺو ھيس ھُو فقير کان ٿي ايندي روئاڻڪي آواز ۾ چيائين: “رولاڪ اڄ فقير سائين وڏي ڳالهه ڪئي آھي”
مزاق ڪندي چيم: “وري ڪھڙي ڪٿي ھن نئين وزيري اعظم جي لھڻ جي پيشن گوئي ته نه ڪئي آھي؟”
چيائين: “نه رولاڪ ھن جواب ڏيڻ بدران اڌ رئو منھن تي رکي سڏڪن ۽ اوڇنگارن ۾ روئي پئي.”
مان کيس روئڻ جو سبب پڇيو ٿورو روئي پوءِ ٿڌو ساھ کڻي روئڻ بند ڪري ڇڏيائين ھن جا ٻئي ھٿ پنھنجي ھٿن ۾ ڏئي اٿت ڏيندين چيم:
“ٻڌا ڪراڙي فقير ڇا چيو ؟”
سڏڪندي چيائين: “
فقير سائين چيو ته : اي خدا جي بندي، اللهّ راھ ۾ پنھنجي سڀ کان پياري شيءَ قربان ڪر.”
چيم: “ان ۾ روئڻ جي ڪھڙي ڳالهه آھي”
ھن ٻيهر اوڇنگارون ڏئي روئڻ شروع ڪيو، سڏڪا ڀرندي لڙڪ پنبڻن جا بند ٽوڙي ڳلن تي وکري رھيا ھئا، مان کيس پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پنھنجا لڙڪ اگهندي چيائين: “ رولاڪ ٻڌائي ته ڇا قربان ڪيان؟”
چيم: “ڪجهه نه بس خدا کي چئو معافي ڏي.”
يڪدم ڪاوڙ ۾ چيائين: “مطلب انڪاري ٿيان بيوقوف ! خدا جي راھ ۾ ڏيڻ کان انڪاري ٿيون، ڪافر ٿيون، ڀلي دوزخ ۾ وڃون.”
چيم: “نه نه ائين ناھي، آئون ويٺو آھيان، مونکي قربان ڪر.”
چيائين: “رولاڪ آئون مذاق جي موڊ ۾ ناھيان .”
چيم: “سانئڻ مذاق ناھي..... مون جھڙي گنگھار شخص جي به خدا جي راھ ۾ قرباني ٿيندي آھي ڇا...؟”
پنھنجي منھن کلڻ لڳس ، پنھنجي منھن چيم:
“آئون گنگھار دوزخي منھنجي قرباني به رب قبول نه ڪندو.”
سانئڻ ڪاوڙ ۾ چيائين: “رولاڪ خبردار ائين نه چئه، تون ته مونسان گڏ جنت ۾ ھلندي، آئون حافظه قران آھيان، آئون توکي جنت ۾ وٺي ويندس، وري اداس ٿي وئي.
چيم: “ڀلا تنھنجي سڀ کان پياري شيءَ ڪھڙي آھي؟” ٿوري دير سوچي مونکي پنھنجي ڀاڪرن ۾ ڀري وري اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي .
روئندي چيائين: “منھنجي دنيا ۾ سڀ کان پياري شيءَ تون آھين، مان ان وقت محسوس ڪيو ته ھو اندر ئي اندر ۾ ڦارون ڦارون ٿي وئي ھئي.”
...

وڇُون آھيان

وڇُون آھيان
ھڪ ڏينھن فون ڪندين چيائين: “رولاڪ مان ھڪ مھيني جي سڪرات مان نڪري خدا کان ڪجهه پلن جي زندگي وٺي آئي آھيان، ھن جي ان جملي منھنجي سيني ۾ ڪنھن تيز ڌار خنجر جيان ڦارون ڦارون ڪري ڇڏيو، مونکي محسوس ٿيو سڄو درد منھنجي ڳلي ۾ اٽڪي پيو ڪنڌ آسمان ڏانھن ڪري سوچندي چيم:
“سانئڻ آئون ڪنھن به عورت سان محبت نٿو ڪري سگھان، ان وقت آسمان تي ھڪڙو چنڊ ھو ۽ان جي پاسي ۾ بيٺل ھڪڙو چمڪندڙ تارو نظر آيو، مان پاڻ کي شدت سان دغاباز محسوس ڪيو. مان پاڻ کي ڪنھن معصوم عورت جو گنگھار محسوس ڪيو. سانئڻ مان جھڙي چري ڇڙواڳ رولاڪ حوالي مرد سان ست سال بي پناھ محبت ڪئي، منھنجي ھر حڪم تي لبيڪ چيائين:
“ آئون ان عورت کي بس محبت به نٿو ڏئي سگھان، مان آسمان ڏانھن ھٿ ڪري خدا کان پڇيو ته ٻڌا ڇا قصور آھي؟ جنھن عورت مونکي عبادت جي حد تائين چاھيو ، جنھن کي مان عبادت وانگر چاھيو آھي، ان کي منھنجي گناھن جي سزا ڇو ھن جي سڏڪن جي سدا بلند ٿيڻ لڳي ، مان ان وقت محسوس ڪيو، آئون رولاڪ ڏکن جو عادي سک ملندا ته مري ويندس، منھنجي محبت ڊسمبر جي سرد شامن جي ھوائن ۾ ٻرندڙ ڏيئي وانگر آھي. جيڪو ھوائن جي جھوڪن تي وسامي ويندو، آئون اھو وڇون آھيان، جيڪو پنھنجي ئي زھر سان مري ويندس.
ھن جو روئندڙ آواز ۽ ڪپندڙ چپ ھلائندي چيائين:
“رولاڪ تون پريشان نه ٿي، مان ئي ڄاتو ڄڻ رڻ ۾ اڪيلو بيٺو آھيان، مونکي ڊسمبر جون ھوائون آھستي آھستي ڏنگينديون ٿيون وتن”.
سانئڻ کي درد جي شدت ايتري ھئي جو ھن جو آواز درد تڪليف سور ۾ دٻجي ويو. سڏڪن کي ساھ ۾ قابو ڪندي چيائين:
“رولاڪ آئون تنھنجي قدمن ۾ مرڻ ٿي چاھيان، مرڻ وقت مونکي تنھنجي ھنج نصيب نه ٿيندي”.
ھن ٻوسٽجندڙ آواز ڀڃي ڀري فضائن ۾ پکڙجي ويو ، دل چاھيو ته زمين ڦاٽي، آئون جئيري دفن ٿي وڃان پر ائين نه ٿيو، آئون اڄ به ھن کي پنھنجي دل جي مندر ۾ لڪي لڪي پوڄندو آھيان. مان محسوس ڪيو ته ھن مونکي ڪڏھن به ڪو ڏک ناھي ڏنو بس پنھنجي موت واري صدمي کان علاوه.
...

تون مقدس سنڌ جيان

تون مقدس سنڌ جيان
آئون روز پنھنجي محبت جي عبادتگاھ تي اچي ويھندو آھيان، ھو روز منھنجي تصور جي جھان ۾ پڪ ڪرڻ ايندي آھي ته مان زنده آھيان يا... اللهّ جي راضپي سان پيالو ڪري ويو. اڄ ھو سفيد رنگ جو جوڙو پائي سنڌي اجرڪ اوڍي صفا سنڌياڻي ٿي آئي ھئينءَ مان محسوس ڪيو ته ھن جي پازيب جي آواز تي جڳهه پورو جھمريون پيو ھڻي، وڻ پنھنجي منھن گيت پيا جھونگارين پکي ھن جي ھلڻ تي
ٿڌا ساھ ڀري سنڌ جي ھوائن کي نئي ڀيٽا پيا پيش ڪن، ڪنھن جي گلابي چپن تي ھلڪي لڄاري مرڪ ڏاڍي سونھاري ٿي لڳي، ڳلن کي ڪن جون واليون ھر ھر چمڻ واري روايت پوري پيون ڪن .ھن جي ھر وک تي پيرن جي پازيب جي ڇن ڇن ھئي ھن جو سمورو جسم ڪنھن سنھري ول وانگر جيان ھو ھن جي سموري سونھن سوڀيا ڪنھن ڪاف جي حور وانگر ھئي. جڏھن ھن جي مان تي نظر پئي ته چھري تي مرڪ سجائي چيائين:
“رولاڪ ھڪ ڳالهه آھي اڄ ته پختو يقين ٿي ويو مونکي ته واقعي محبت کان عظيم ڪجهه ناهي ھن دنيا ۾.”
چيم: “ڇو اڳ نه ھو...”
چيائين: “رولاڪ مطلب محبت اتم ٿئي ٿي، نه عمر نه منهن مھانڊا ٿي ڏسي ، بس روح سان ٿئي ٿي .”
چيم: “سائنڻ مان به محسوس ڪندو آھيان، منھنجي روح جي تهخاني تائين وڃي پھتي آھين، آئون توکي اول کان آخر تائين محبت ڪندس، زمين کان آسمان تائين جي سفر ۾ توسان محبت ڪندس.”
چيائين: “رولاڪ روئاريندي ڇا؟”
چيم: “نه آئون توکي روئندو نٿو ڏسي سگھان.”
چيائين: “ٻڌائندي نه ته اڄ آئون ڪيئن ٿي لڳان؟”
چيم: “سانئڻ تون ته جنت جي ستر حورن جي سردار آھين. مٿان وري سنڌي لباس ڄڻ سنڌ ڌرتي جي سنھري رنگن ۾ رنگجي وئي آھي، تنھنجي اجرڪ جا اڇا گل مونکي آسمان تي چمڪندڙ چنڊ جيان ٿا لڳن. تنھنجو چھرو سنڌ ڌرتي جيان عظيم آھي. تون منھنجي سنڌ امڙ جيان مقدس آھي ، تون ڄڻ سنڌ ڌرتي جي پيٽ مان وھندڙ درياءَ آھي.”
چيائين: “رولاڪ بس بس ، ناٽڪي چپ ڪر”
چيم: “ڇو سائنڻ؟”
چيائين : “حوالي ھڪ ڳالهه پڇيان”
چيم: “پڇيو ؟”
چيائين: “اڳ ۾ ڇا ڪري رھيو ھئين”
چيم: “ڪجهه نه بس توکي ياد ڪري رھيو ھيس”
چيائين: “مونکي ياد نٿو اچي.”
چيم : “ڇو نٿو اچي...؟”
چيائين: “ قسم کڻ خدا جو...”
چيم: “خدا جو نه تنھنجو قسم توکي ياد ڪري رھيو ھيس”
چيائين: “رولاڪ منھنجو قسم ڇو؟”
چيم: “خدا جو شايد مان ڪوڙو قسم به کڻي وڃان پر تنھنجو ڪوڙو قسم نٿو کڻي سگھندس”
چيائين: “رولاڪ تون اھڙيون ڳالھيون نه ڪندو ڪر، مونکي ڍپ لڳندو آھي ته آئون توکان گھڻو دور ھلي ويندس، ائين چئي ٻاھر روڊ جي طرف وڌڻ لڳي مان پنھنجي خيالي دنيا ۾ ويھي سوچندو رھيس، ته آئون توکان گھڻون دور ھلي ويندس، ان ڳالهه جي مفھوم جي مونکي اڄ خبر پئي مان پاڻ تي کلڻ چاھيو پر کلي نه سگھيس بس پنھنجي خوابن جا تابوت کڻي وري پنھنجي رولاڪن ۾ گم ٿي ويس.”
...

محبت جي مشاق

محبت جي مشاق
اڄ وري ڪنھن شام جي اداس پاڇن پويان لڪل ڪاريون ڪجليون اکيون جن ۾ محبت جي مشاق ٻري رھي ھئي پنھنجي گلابي چھري تان پردو ھٽائيندين چيائين:
“منھنجي من جي سمنڊ ۾ ڄڻ ڪو طوفان برپا ٿي ويو ٿورو اڳتي وڌي پوئتي ڏٺم ته ڪاف جي پري ڪائنات جو سمورو حسن رکندڙ ڪنواري چوڪري جنھن جي اکين ۾ ڪئي خواب سفر ڪري رھيا ھئا”
پنھنجو رئو اڳرين ۾ ڦيريندين چيائين: “رولاڪ ھڪ ڳالهه پڇان؟”
چيم: “پچو....؟”
چيائين : “لکڻ ڇو ڇڏي ڏنو اٿئي؟”
ھن جي ان سوال منھنجي ھيانوَ ۾ ھٿ وڌو ۽ ترپي اٿيس ٿورو چھري تي ڪوڙي مرڪ سجائي چيم:
“مرندڙ احساس سان جيءُ جھوريندڙ تنھائي بھتر لڳي، جڏھن منھنجي لفظن جو ڪو مول نه رھيو، جڏھن محبت مطلب ۾ تبديل ٿي وئي. جڏھن منھنجي خوابن جي پري اڏري ڪنھن ڏور ديس وسايو يا وري ڪا نئي موسم نه آئي، جنھن جي آڌر ڀاءُ ۾ ڪي لفظ لکان. تڏھن کان مان لکڻ بند ڪيو ڇو جو آئون رولاڪ ھر وک وک تي دردن جو چھرو پڙھان ٿو.”
...

مان خدا کي مرڪندي ڏٺو

مان خدا کي مرڪندي ڏٺو
اھي سپرين سامھون آھن، جن جي لاءِ تن من سڪندو آھي، پرين منھنجو من ڇڪي پاڻ سان جڪڙيو آھي، ھن جي اکين ۾ سواليه مرڪ تري آئي. ٿڌو ساھ کڻندي چيائين:
“ رولاڪ آئون اڪثر ڪري نماز ۾ روئندي ھيس پر ھاڻ خدا جي اڳيان روئندي ناھيان ڇو جو منھنجي لاءِ منھنجو خدا تون آھين، مان ھن جي اکين ۾ ڏسندي چيم:
“ سانئڻ آئون رولاڪ گھڙي گھڙي جو گھائل آھيان، مونکي ڪو پل خوشي ڏئي ويندو آھي ڪو پل ڏک ڏئي ويندو آھي.”
چيائين: “نه رولاڪ مان توسان بي پناھ محبت ڪئي آھي، آئون توکان سوا جيئڻ جو تصور به نٿي ڪري سگھان.”
چيائين: “رولاڪ سھڻي ڪچي گھڙي تي درياه پارڪرڻ لاءِ تيارھئي، پڪي دلي جي ڪاڻ به نه ڪڍي ھو لھرين مان لنگھي ميهار پنھنجي سپرين ڏانھن ويندي ھئي، ڇا مان به پنھنجي سپرين ڏانھن نٿي اچي سگھان، ٻڌا آئون ھر طوفان سان وڙھڻ لاءِ تيار آھيان، بس منھنجو انتظار ڪجان مان توکي پنھنجو خيالي خدا بنايو آھي مان توکي پنھنجا ٻئي جنم ارپي ڇڏيا آھن”
ھن جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا ٿورو اداس ٿي چوڻ لڳي:
“ رولاڪ توکان اڳ ڏک ۾ خدا کي ياد ڪندي ھيس ھينئرمان توکي سڏ ڪندي آھيان، خدا جيڪو آڪاش تي ھو سو منھنجو ڪري زمين تي لھي آيو آھي، رولاڪ آئون خوش نصيب آھيان، جو تون منھنجي سڏ تي لبيڪ چوندو آھين، مان توکي پنھنجا ٻئي جنم ھر جنم ارپي ڇڏيا آھن.”
چيم: “ھا سانئڻ مرڻ کان پوءِ مونکي تون ئي اٿارجان مان تنھنجي سڏ تي لبيڪ چئي اٿندس، ڇو جو مان تنھنجي سڏ کان پوءِ دنيا جو ھر سڏ ٺڪرايو آھي، مرڻ کان پوءِ مونکي ملائڪ به نه اٿاري سگھندا. آئون تنھنجي سڏ جو انتظار ڪندس، سانئڻ ھا انتظار ڪندس” ھن جي اکين مان لڙڪ ڪرڻ لڳا اداس ٿي چوڻ لڳي:
“رولاڪ تنھنجي محبت عبادت وانگر آھي، مونکي فخر آھي، توتي تنھنجي بي پناھ محبت تي دل چاھيو ته پنھنجي من جي قبرستان مان منھن ڪڍي ڪجھ گھڙي سانئڻ کي ڏسان پر اکين ۾ دردن جو مسافريون اگھاڙي پير رقص ڪري رھيون ھيون نه چاھيندي به مان ھن کي تڪليف نٿو ڏيڻ چاھيان، منھنجي لفظن تي چپ جا ڪپ گوئنچ ڪڍي بيھي رھيا دل چاھيو ته ھن کي ڀاڪرن ۾ ڀري ڇڏيان ھن جي ڪيل ھڪ منٽ جي انتظار جي بدلي ھر جنم ۾ ھن سان وفا جو وچن ڪجي.”
چيائين: “رولاڪ ڇا ٿو سوچين؟”
چيم: “سانئڻ منھنجي سوچ تي تنھنجي يادن جا آثار گنڍيل آھن”
ٿورو قريب ايندي چيم: “سانئڻ تون منھنجي تصور کي پنھنجي بي پناھ محبت سان آباد ڪري ڇڏيو آھي، تون منھنجي طاقت آھي،ن تون منھنجو وجود آھين، تون منھنجي زندگي آھين، تون منھنجي خوشي آھي، توکانسواءِ آئون ڪجهه به ناھيان ھن منھنجو چھرو پنھنجي ھٿن ۾ دعا وانگر جھلي چمڻ لڳي مان محسوس ڪيو ته مان محبت جي سجدي ۾ جھڪي پيو آھيان. مونکي محسوس ٿيو ته ھن جي محبتمنھنجي رڳن ۾ رت بدران ڊوڙھي رھي آھي، مان محسوس ڪيو ته ھو منھنجي ساھ سان ھلندي دل ۾ دڙڪندي محسوس ٿي مان محسوس ڪيو مان جنت ۾ آھيان اتي به منھنجي روحاني نڪاح ۾ تون آھين، توکي چاھڻ کان پوءِ منھنجي دل جي دنيا ۾ ٻي ڪنھن کي چاھڻ جي حسرت مري وئي آھي، ڇو جو مان تنھنجي اکين ۾ خدا کي مرڪندي ڏٺو آھي.”
...

ڀتين سان ڳالھيون

ڀتين سان ڳالھيون
چيائين: “اڄ ھتي ويٺو آھين، مان توکي ڪٿي نه پي ڳوليو.”
مان ڪجهه دير خاموش رھيس، پنھنجي ٽٽل ششي جھڙي دنيا ۾ ھن ورائي پچيو:
“اڄ تون خاموش ڇو آھين؟“
چيم: “نه ته مان بس ڀتن سان پيو ڳالھيان.”
کلندين چيائين: “ڀتن سان وري ڪئين؟”
چيم: “مونکي سمجھي نه سگھندين، مان پنھنجي خيالي دنيا جو مالڪ آھيان، جنھن ۾ مان اڪثر ماڻھن کان وڌيڪ ڀتين کي ترجي ڏيندو آھيان، ڪاري رات تنھائي کي ترجي ڏيندو آھيان.”
کلندين چيائين: “رولاڪ تون ڇا ٿو سمجھين، ھي ڀتيون تنھنجو ڳالھيون ٻڌنديون ھونديون.؟”
چيم: “ها ۽ ڪنھن وانگر به ناراض نه ٿينديو آھن”
چيائين: “اف اللهّ ڪئين وري؟”
چيم: “امان سَڌائي چوندي ھئي ته ابا ڀتن کي به ڪن ھوندا آھن، مان به ڀتن کي تڏھن ترجي وڌيڪ ڏيندو آھيان.”
ھو چري ڇوڪرين پنھنجي کل روڪي نه سگھي ، کلندي رھي کلندي چيائين: “رولاڪ تون دنيا سان گڏھلڻ سکي وٺ انھن وانگر دنيا ۾ جيءُ ڏيکار دنيا جي ٻين ماڻھن جھڙو ٿي ڏيکار ...”
مان ھن جي اکين جي گھرائي ۾ وڃي چئي ڏنو:
“ڇو مان ٻين ماڻھن جھڙو نٿو لڳان؟ ڇا منھنجو ٻه ٻانھون ٻه ھٿ ڪونھي ڇا؟ منھنجون ٻه اکيون، ٻه نڪ ڪونھن، ھن جي چھري تي وري ٽھڪن ليئو پاتو، پنھنجي ڏنل ٽھڪن ۾ منھنجو وجود گم ڪري ڇڏيو، مان بس ھن جي ٽھڪن ۾ گم ٿي ويس. کلندي چيائين: “سائين اوھان جا ٻه نڪ آھن ڇا ؟”
چيم : “ھا منھنجا ٻه نڪ آھن، ھڪڙو نالي ۾ اچي ٿو ، ٻيو چھري ۾ ...”
وري به پنھنجي چھري تي مرڪن جا مور سجائي کلڻ لڳي مان ھن جي کلڻي ۾ گم ٿي ويس.
چيم: “ھڪ ڳالهه چوان...؟”
چيائين: “چئو....”
مان دل تي ڀٿر رکي چئي ڏنم: “تنھنجي کلڻ سان خزائن ۾ بھاراچيو وڃي گلن جي مھڪ تنھنجي ٽھڪن بغير اڌوري ٿيو پوي، تون مشڪ امبر جھڙي ڇوڪري جا ٽھڪ سنڌ جي ھوائن ۾ گونجي اٿيا ۽ ھو پنھنجي اکين ۾ ڪنوارو سپنو کڻي ڪاري ڏامر جي روڊ تي ھلڻ لڳي.”

...

جوڪر

جوڪر
سڄي زندگي مان جوڪر ڇا بڻجي رھيس، تنھنجي پويا ھي زندگي سرڪس ٿي وئي. چيائين:
“اڄ مان وڃان ٿي، توکي ڪڏھن به نظر نه ايندس”.
دل جي سمنڊ ۾ طوفان ڀرپا ٿي ويون لڙڪن جون لھرون پنبڻن سان ٽڪرائجي ٻاھر نڪري ويون، منھنجي لاءِ ته ڄڻ آسمان مٿي تي ڪري پيو ھجي ٿورو اڳتي وڌي چيائين:
“جيڪڏھن تنھنجي ياد به آئي ته به توھان ڏانھن موٽي نه ايندم، بس تنھنجون لکيل تحريرون شاعري پڙھندس ۽ ھا تنھنجي تصوير پئي آهي، تنھنجو آواز جنھن ۾ تون حسن ڏات سونھن ۽ ساڀيا جا جيڪي به لفظ چيا سي مان وٽ وائس ميسج ۾ رڪارڊ آھن، مان ٻڌندس پر موٽي نه ايندس. تون ناٽڪي آھين ، تون ڪنھن سرڪس جو جوڪر آھين...”
دل دردن جون دانھون ڪرڻ لڳي سڄو درد ڪنھن ڪنواري ڇوڪري جي چھري تان لٽڪندڙ زلفن جيا وھڻ لڳو آخر ۾ چيم :
“سانئڻ ! مان ناٽڪي ناھيان، مان جوڪر ناھيان، مان ھڪ گودڙو فقير آھيان، جيڪو لفظن جي سھلين کي ساڻ ڪري دردن جو محفلون مچائندو آھيان”.
مان گل وانگر ڪومائجي ويس
چيم: “سانئڻ تون ڪنھن گل کي ڪڏھن به ڪومائجندو ڏٺو آھي ؟
چيائين: ”نه......؟
چيم: “ته ڏس جيڪو گل زندگي جي ٽاري کان ٽٽي ڪومائجي ويو آھي”
چيائين: “نه نه تون ڪاغذ جو گل آھين، ڪڏھن به ڪونه ڪومائجندين مونکي پرچائڻ ڇڏي ڏي سڀ ٺيڪ ٿي ويندو، تون ناٽڪي آھين ....”
چيم: “ھا سانئڻ مان ناٽڪي آھيان ، ھا مان جوڪر آھيان، مان جڏھن پنھنجي چھري تي ماسڪ چاڙھي تنھنجي سامھون ايندس، تڏھن منھنجي چھري تي شڪست جا تاثير نه ھوندا . سانئڻ مان اھو ڪارٽون آھيان ، مان اھو جوڪر آھيان جيڪو ٻن حصن ۾ ورھايل آھي، ھا مان ھاڻ توکي ھر موڙ تي جوڪر ٿي ملندس جيڪو ٻين جي چھري تي مرڪون وکيري ٿو پر پاڻ رات جي پھر ۾ دردن جو تاج پائي ڪارين راتن ۾ ڪنھن اسمان تي بيٺل اڌ چنڊ وانگر دردن جي ڪڪرن ۾ لڪي وڃا ٿو.”
...

شب برات

شب برات
ياد اٿئي ھن ڀلاري رات تون مونکي چيو ھو ته :
“مان ڪائنات جي پالڻھار کان ھميشه جي لاءِ اوھان کي گھري وٺان انھي رات جي چانڊوڪي ڏي”
ڏسندين چيو ھيم ته :
“زندگي روشني ازل کان آزاد آھي ھن کي ڪير به قيد نٿو ڪري سگھي .”
چيائين: “رولاڪ ھڪ ڏينھن تو چيو ھو ته مان چوڏھين جي چمڪندڙ چنڊ وانگر خوبصورت آھيان ته پوءِ مونکي ڇو تون به پنھنجي محبت ۾ قيد ڪري ڇڏيو خبر اٿئي مان شايد خدا جي به گنھگار آھيان، تڏھن مونکي ننڍي عمر م بيمارين جا بوجھ وجھي ڪمزور ڪري ڇڏيو آھي.”
چيم: “نه چري شايد تنھنجي ۽ منھنجي محبت جي آزمائش ھجي اکيون آليون ٿي ويس.”
پنھنجي آڱرين ۾ روئو ويڙھندين چيائين:
“رولاڪ اڄ سڳوري رات تون خدا کان ڇا گھرندين؟”
ھن جي انھي سوال تي منھنجي دل جي سمنڊ ۾ ڇولين جو طوفان اٿيو احساس جون ٻيڙيون ڪناري تي پڄڻ کان اڳ ۾ ٻڏي ويون.
چيم: “خبر اٿئي مان خدا کان بس توکي ئي گھريو آھي، توکان پوءِ مان مرڻ جي تمنا ڪئي آھي، تون منھنجي آھين، اول کان ابد تائين.”
چيائين: “رولاڪ مرڻ وقت مونکي تنھنجي ھنج نصيب نه ٿيندي ھن جي انھي سوال منھنجي هيانوَ ۾ ھٿ ۾ وڌو، اداس ٿي ويس، ٿورو منھن ڦيرائي چيم:
“زندگي مان تنھنجو آھيان توکان سواءِ بي معنى آھيان.”
اداس ٿي چوڻ لڳي: “رولاڪ مان تنھنجي قدمن ۾ خاموشي سان دم ڏئي ڇڏيان توکان جدا ٿي مرڻ مونکي گوارا نه لڳندو، مان تنھنجي ٿيڻ چاھيان ٿي، تنھنجي نالي وانگر مان مرڻ کان اڳ ۾ تنھنجي نالي جي مينڌي پنھنجي ھٿن تي ھڻڻ گھران ٿي پر مونکي خبر آھي، منھنجي ھي تمنا ڪڏھن به پوري نه ٿيندي.”
روئندي چيائين : “سائين مان توکان جدا ٿي مري ويندس، منھنجي موت جو ٽائم مقرر ٿي چڪو آھي، زندگي ۾ اھڙو وقت به ايندو آھي . جڏھن ڪو احساس بي معنى ھئڻ باوجود با معنى لڳندو آھي.”
چيم : “شايد تڏھن جدائي به بي معنى ٿي پو” .
ڪجهه دير خاموش ٿي وياسين ، بس ھڪ ٻئي ڏانھن ڏسندا رھياسين.

...

محرومين جا ڳوڙها

محرومين جا ڳوڙها
چيائين: “رولاڪ تون مونکي وساري ڇڏ.”
منھنجي دل تي ڄڻ ڪا قيامت ڪري پئي ھجي، دل رت جا لڙڪ واھڻ لڳو بيوسي واري آواز ۾ چيم: “ڪيئن ٿو وساري سگھان؟ جنھن عورت کي مان پنھنجي عبادت جي حد تائين چاھيو آھي، ان کي وسارڻ ته مشڪل نه پر ناممڪن آھي.”
چيائين: “رولاڪ مان تنھنجي ناھيان ۽ ڪڏھن به تنھنجي نه ٿي سگھندس”
چيم: ”ڇو....؟”
“ڇو جو جنھن مونکي چاھيو آھي، اهو به منھنجو نه ٿي سگھيو ۽ جنھن کي مون چاھيو اهو به منھنجو نه ٿي سگھيو.”
“آخر ڇو...؟” ھڪڙي تون ته ھئين، جنھن کي خبر به ناھي ته مان ڪيتري محبت ڪريان ٿو توسان تون اندازو به نٿي لڳائي سگھين.”
چيائين: “ھا تنھنجي محبت جي عيوض ۾ جيڪڏھن آئون توسان ان عيوض وڌيڪ محبت ڪريان ته پوءِ توکي يقين ايندو، ڇا مان خوش آھيان، ڪڏھن منھنجي دل جي حالت سمجھي آھي ،بس منھنجي مجبوري آھي، عورت جي محبت کي ان جي مجبورن سان نه طور مان مڃان ٿي ته منھنجي محبت تنھنجي محبت جي ڀيٽ ۾ ڪجھ ڪونھي.”
چيم: “تون مونسان گڏ رھڻ جا خواب نه ڏٺا ھئا...”
چيائين: “ نه رڳو مان ھڪ گھر ۾ رھڻ جا خواب نه بلڪل تنھنجي حقيقي زال ھجڻ جا به خواب ڏٺا آھن پر اڄ مجبورين جي ان ڄار م ڦاٿل آھيان، جنھن مان نڪرڻ لاءِ مونکي پنھنجي محبت خواب ارمان خوشين سڀني جي قرباني ڏيڻي پوندي.”
چئي پٺي ڏئي وڃڻ لڳي
چيم: “سانئڻ ! زندگي جي ڪنھن به موڙ تي ياد جي مان اچان بدنصيب بي نصيب کي نه ايڏو سارجان!”
ھن جي اکين جا بند ٽٽي پيا ۽ محرومين جا سڀ ڳوڙا ھاري ويٺي.


...

اڻ ٿائنيڪو رولاڪ

اڻ ٿائنيڪو رولاڪ
ڪاري رات جو آڪاش تي ڏٺم ته ستارا به اداس ھئا، چنڊ به مون وانگر تنھا ھو، دور دور تائين رات پنھنجي ڪاراڻ شھر مٿان اڇلي رھي ھُئي، پري پري تائين رڳو ڪتن جي ڀؤڪڻ جو آواز اچي رھيو ھيو. مان اکيون پوري دردن وارو صليب کڻي نڪري پيس مان محسوس ڪيو ته وقت جي پيرن ۾ زنجير پئجي ويا ، منھنجو جسم ساھ روڪي بيهي رھيو، دل جي پني تي لڙڪن جي مس سان تاريخ جا ورق ويڙھجي ويا . اڪيلائي واري سڪرات مونکي ذرو ذرو ڪري ڇڏيو. تڏھن منھنجي من جي قبرستان مان تنھنجي يادن جو دونھون اٿڻ لڳو . مونکي ان وقت تنھنجو اسپتال ۾ تڙپندڙ وجود ياد آيو، جڏھن تون مونکي چيو ھو:
“رولاڪ تون شادي ڪري ڇڏجان، مان تنھنجي محبت جي مينڌي پنھنجي ھٿن تي نه ھڻي سگهيس پر تون پنھنجي جواني جي مينڌي ڪنھن ٻئي عورت جي ھٿن تي لائڻ جو واعدو ڪر.”
آئون تڙپي اٿيس. ۽ مون چيو:
“زندگي تون ٺيڪ ٿي ويندين ، تون منھنجي آھين، ازل کان ابد تائين ، تون بس منھنجي آھين، مان خدا کان پنھنجي جواني جي عبادت عيوض بس توکي گھرندس بس تنھنجي پيار جو چيلو ڪٽيندس، تون ٺيڪ ٿي ويندين.”
تون روئندڙ اکين سان ڏسي ڪپندڙ چپن سان مونکي چيو ھو:
“رولاڪ تون 22سالن جو نوجوان آھين، تون شادي ڪجان، توکي مان کان به وڌيڪ پيار ڪرڻ واري ملي ويندي، مونکي اجازت ڏي ته بس خدا مونکي تڪليفن کان آزاد ڪري، منھنجي موت جو وقت مقرر ٿي چڪو آھي، آئون مري ويندس رولاڪ.”
تڏھن مان پنھجي اکين جا لڙڪ توکان لڪائيندي چيو ھو ته:
“مان توکي مرڻ نه ڏيندس نه تون منھنجي ساھ جي تند آھين، تون منھنجي محبت جو معراج آھين.”
تڏھن تنھنجي کاٻي پاسي بيٺل گلابي چپن واري نرس مونکي ڪاوڙ مان ڏسندين چيو ھو ته: ”آپ باہر جائیں !“
مان توکان ھٿڙو ڇڏائي ٻاھر نڪرڻ لڳس ته منھنجو وجود سڄو تنھنجي اندر رھجي ويو، بس ٻاھر منھنجو جسم نڪتو مان محسوس ڪيو ته منھنجو حقيقي موت ٿي ويو آھي. اڄ ڏس مان 26 سالن جو نوجوان آھيان، اڄ به تنھنجي محبت جي پسايل مينڌي منھنجي لڙڪن جي پاڻي سان روز تازي ڪندو آھيان روز تنھنجي محبت جي مينڌي پُسائيندو آھيان، اچ نه پنھنجي رولاڪ وٽ اڄ به تنھنجي محبت جي مينڌي تنھنجي انتظار ۾ پُسيل آھي زندگي خبر اٿئي نه قسمت وارا مينڌي ھڻندا آھن، اسان جھڙا رولاڪ پنھنجي محبت جي پيڙا ۾ پنھنجو ئي وجود وڃائي ويھندا آھن.”

...

خانه بدوش عورت

خانه بدوش عورت
زندگي جي سفر ۾ رلندين رلندين وڃين ڪنھن ھوٽل تي ويٺس، کيسي ۾ ھٿ وجھي موبائل ڪڍي ٽيبل تي رکي بيري کي اشارو ڏنم. بيرو پاڻي جو جڳ رکندين چيائين: “وڏا حڪم!؟”
چھري تي ڪوڙي مرڪ سجائي چيم: “ ھڪڙي ڪَٽ (چانهه) کڻي اچ دودهه پتي !”
ھُن چانهه ٺاھڻ واري کي سڏ ڪندي، چيائين ته:
“وڏا .... صاحب جي ھڪڙي ڪٽ دود پتي ٺاھ”.
ھوٽل جي چؤ طرف ڏٺم ته ھڪڙو موٽو گينڊي جي شڪل جھڙو ماڻھو ويٺو ھو، جنھن جو پيٽ ته ڄڻ نوَ مھينا پورا ٿيڻ وارا ھجن، ٿوري دير ۾ خانه بدوش عورت پنھنجي ھنج ۾ ننڍڙو کڻي آئي ۽ صاحب کي دعا ڏيندين چيائين ته:
“منھنجي ننڍڙي کي کير وٺي ڏي خدا جي نالي ڪجهه ڏيو، آئون توکي دعا ڪندس، سيٺ ڪجھ ڏي اللهّ جي راھ ۾”
ھن عورت کي ھن شخص پيرن کان وٺي چوٽي تائين پنھنجي بکايل نظرن سان ڏٺو ھي عورت جنھنجا اڻڀا وار وکريل اکيون ويران وستي وانگر اداس آھن، جيڪا ڏسڻ ۾ ڏٻري، ڪمزور، ٿڪل ٽٽل بيمار ٿي نظر اچي، ان کي به ھو شخص بستر جي رونق بنائڻ لاءِ زور پيو ڀري، ھن عورت جي سيني کي بار بار پٽڻ جي بھاني سان ھٿ اڳتي وڌائي ته عورت شرمشار ٿئي پر ھو مرد پاڻ کي ڏاڍو معتبر پيو سمجھي عورت کي چيائين: “ھي ٻار ڪنھن جو آھي؟”
عورت چيو: “ھن جو پي معذور آھي ، مان ھن جي ماءُ آھيان.”
مرد شھپر کي وٽندين ٻيو سوال ڪيو ته: “ھي ٻار حرامي ٿو لڳي مونکي. ”
عورت ڪبوتر وانگر ڀڙڪو کائي اٿي، سڪي مرڪ ۾ سڄو درد ھڪ ئي ڍُڪ سان پي وئي مرڪندين چيائين:
“صاحب گھڙي گھڙي کي گھاٽ ۽ پل پل کي پڇتاءُ ڪرڻ لاءِ گھڻن تون جھڙي ڪراڙي گدڙن جوانن سندس بستر تي سمھارڻ جو سوچيو پر زندگي جي سفر ۾ ھميشه گڏ رھڻ لاءِ ڪوبه تيار نه ھو. مونکي دنيا ۾ مرد ڪئي نالا ڏنا پر پنُھنجي ھجڻ جو احساس ڪنھن به نه ڏنو، اسان کي چاھيو ويو بس جسم جي حد تائين اھڙين عورتن جي وجود مان بس حرامي ٻار ئي جنم وٺندا آهن.”
عورت جون اکيون روئاڻڪو ٿي ويون ،ھوٽل جي لڳل شيشن جي روشني ھن جي ميري گدلي وجود مان پار ٿيندي رھي منھن تي مايوسي جون ريکائون آھن ھو وياڪل ھئي، ويراڳڻ ھُئي، ھن جي ھٿ ۾ ھڪڙو ننڍڙو ٻار ھو.
ھن ورائي چيائين: “ صاحب کير وٺي ڏي ننڍڙو بکارو آھي ”
صاحب کان رڙ نڪري وئي : “صبح ساڻ کير وٺي ڏيان!”
ھُن عورت چيو: “ھا....”
ھن گينڊي جھڙي شڪل جھڙي مرد پنھنجي شھپرن کي وٽندين چيائين:
“حاضر پر جڳهه تي ڪڏھن ايندين؟”
ھُن عورت جو ھانءُ اٿلي پيو، دل زخمي ۽ روح گھائل ٿي پيس، ھُن عورت ورائي چيائين:
“صاحب ھي ٻار به تنھنجو ٿي سگُھي ٿو، آئون جڏھن ٻالڪ ھيس ۽ تنھنجي گھر نوڪراڻي طور ڪم ڪيم، تڏھن توھان ماسي صفورا کي ڪجهه پيسن جي لالچ ڏئي منھنجي معصوم وجود کي داغدار ڪيو ھُو. جڏھن مونکي تنھنجي ڌي منھنجي ننڍي مالڪڻ مونکي پنھنجا ڪپڙا ڏيندين ھئي، تڏھن آئون به ان جيتري شھزادي ھيس پر تنھنجي بکايل نظرن منھنجي ننڍپڻ کسي مونکي وئشيا، طوائف جو لقب ڏنو . ”
صاحب ھڪدم ڀڙڪو کائي اٿيو چوڻ لڳو: “ ڪٿي تون سوني جي ڌي ليلا ته ناھين...”
چيائين: “صاحب نه آئون تنھنجي ڌي جي ننڍ پڻ جي دوست ۽ تنھنجي گھر ٿانوَ ٻوھاري ڪرڻ واري سخا جي ڌي شنو آھيان.”
ھمراھ حيرت ۾ چيائينس: “ڇوري تون ...!؟”
عورت وراڻيو: “ھا مان ... ”
ھمراھ يڪدم ڪرسي اڳتي ڪري ڏيندي چيائين: “ويھي رھ ھاڻ تون ڪا ڌاري ٿوري آھين.”
چيائين: “وري منھنجي گھر ڪم ڪندين؟” عورت وري ڪبوتر وانگر ڀڙڪو کائي اٿي
چيائين: “نه اھڙو ڪم مونکان نه ٿيندو”
ھمراھ چيو: “اتي توکي ڪپڙا لٽا ملي ويندا ۽ مونکي وري سياري جي سَوڙ .”
عورت گھائل نظرن سان ڏسندين چيائين:
“صاحب ! منھنجي اندر غيرت جو ذرو آھي، اتي تون منھنجي معصوم وجود سان کيڏي نڪرندو آھين ته پويان تنھنجو عياش پرست پٽ پنھنجي حوس جو نشانو بنائڻ چاھيندو ھو مان اتي نه ھلندس ڪڏھن به نه...”
چيائين: “ھاڻ ھو ٻاھرين ملڪ ويو آ تعليم حاصل ڪرڻ، تون ھل توکي ماني ڳڀو ڪپڙا لٽا، پيسو، پنجڙ ملي ويندو.”
عورت چيو: “صاحب! پر ھاڻ مون مان ڪا اميد نه رکجان ، مان ننڍڙي ھيس تڏھن ماسي کي ڪجهه پيسن جي لالچ ڏئي، منھنجي وجود کي داغدار ڪيو آھي، ھاڻ نه .... ھاڻ آئون وڏي سانئڻ جي اعتبار نٿي ٽوڙڻ چاھيان.”
ھمراھ منھن خراب ڪندي چيو: “نه ن ائين نه چئو....
عورت چيو: “صاحب ھڪ سوال ڪيان ؟” ھُن ھمراھ ھاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو
عورت چيو: “صاحب شھناز جي ماءُ عورت ناھي....!!؟”
مرد ڪراڙي ڀولڙي جھڙو منھن ڪري چيائين:
“ھُن نڀاڳي جي وجود مان ڪرود جي بدبوءَ ٿي اچي.”
“ھن عورت کي ٻک وجھڻ جي ڪوشش ڪئي ته عورت پاڻ کسڪائي پري ٿي وئي ھمراھ ٿڌو ساھ کڻندي چيو:
“اسان کي تو ته پنھنجي ڀاڪرن لاءِ سڪائي ڇڏيو آھي”
عورت ڪوڙي مرڪ چھري تي سجائي چيائين: “اوھان زالن وارا جيڪڏھن سڪو ٿا ته ڪنوارا ڪيڏانھن ويندا؟”
ھن عورت چاھندين به دل تي پٿر رکي ٽوڪ ھڻي ڇڏي . ھن ھمراھ ھن کي کير ته وٺي ڏنو پر کير جي عيوض پنھنجي بنگلي تي پنھنجي بستر جي ٿوري رونق گھري ڇڏيائين.... عورت پنھنجي ٽٽل جزبا کڻي ٿڪل ٽٽل ساڻي پٺيري ٿي ھلڻ لڳي درد جي پيڙا ۾ سوچيندين ڏٺم ته اندر ئي اندر ۾ اوڇنگارون ڏئي روئي پوندي پر ھو ماءُ ھئي انڪري چاھندين به نه روئي سگھي چاھيندين به ٻه لڙڪ لاڙي نه سگھي.

...

منھنجي دل جي شڪست

منھنجي دل جي شڪست
شڪست جو احساس منھنجي اندر کي اڏوھي وانگر کائيندو ٿو وڃي. منھنجو وجود مايوسين جي پاتال ۾ لھندو ٿو وڃي. مونکي جيڪا مرڪ اڌاري ملي ھئي وري نه ملندي ڇو جو مرڪ جو دان ھڪ چڪر ملندو آھي وري نه ملندو آهي. زندگي رولاڪ جي اذيتن جي سفر ۾ ھلندي رھي، وقت جي ٻيڙي ڇولين ۾ ڇلندي رھي ، تنھنجي بي رخي ڏسي دل چوي ٿي ته سڀ ھٿيار وجھي ڇڏيان، پاڻ کي روز ڪوڙن دليلن سان پرچائڻ ڇڏي ڏيان، مونکي ھاڻ پنھنجي دل به باغي لڳي ٿي، چوي ٿي مونکي ھن دنيا مان وٺي ھل جيڏانھن وڻي وٺي هل پر ھن شھر جي روشناتي ۾ منھنجو دم ٿو گھٽجي، مونکي تنھنجي غم زده طبعت اذيت ٿي ڏي، مان تنھنجي سيني ۾ ڪنھن ٻئي جي لاءِ ٿي ڌڙڪان... مونکي ڌڙڪڻ جو به حق ناھي، منھنجي شڪست منھنجي دل جي شڪست آھي دل اداس ٿي وئي.
چيائين: “ مان جيڪڏھن تنھنجي دل ۾ ڪنھن ٻئي جي لاءِ ڌڙڪا ٿي ته مونکي ڌڙڪڻ جو حق ناھي، مان ڪنھن به وقت توکان موڪلائي ويندس”
مان روئندن دل کي چيم:
“محبت جي جاءِ جڏھن نفرتون اچي ولارينديون آھن، تڏھن مان ذھن تي شڪست جي ڪھاڻي جون سيٽون کڻي وري پنھنجي موت تي تاريخ لکڻ شروع ڪندو آھيان، ھا ھي منھنجو ٻاراڻيون تمنائون آھن، جيڪي ڪڏھن به پوريون ناھن ٿينديون”.
...

امان تون منھنجي سنڌ ماءُ آھين

امان تون منھنجي سنڌ ماءُ آھين
“امان! آئون رولاڪ تنھنجو ننڍڙو رولو جنھن تنھنجي آڱر جهلي ھلڻ سکيو، تنھنجي ممتا جا ميوا کاڌا، جنھن تنھنجي ٿڃ پيتي، جنھن کي تون ڪڏھن به ھيٺ ڪِرڻ نه ڏنو. جيڪڏھن ٿڙندو ھئس، تڏھن منھنجو سھارو بڻجي مونکي ڪِرڻ نه ڏنو امان آئون تنھنجي سيني تي رلندو ٿو رھان مونکي روز محسوس ٿئي ٿو ته توکي سنگھرن ۾ قيد ڪري ڇڏيو آھي. سنڌ امان مان روز ڏسندو آھيان ته تنھنجي سينڌ تان گذرندڙ ھوا ۾ رڙين، آزين نيازين جا روح فنا ڪندڙ آواز اچي رھيا آھن، امان تنھنجي شھزادين جون رڙيون ڪوڪون ،دانھون منھنجي روح کي گھڙي گھڙي جا گھاءُ ھڻندا آسمان ڏانھن اڏامندا پيا وڃن. امان تنھنجي حورن کي ڪاري ڪري مارڻ واريون سازشون پيو ھلن . ھن معصوم مکڙين جي ٻاڏائڻ ۽ ظالمن جي ٽھڪن شرابن شھر جي آوازن ۾ ٻُڏندا پيا وڃن، امان ننڍي ھوندي پنھنجي پيٽ ۾ نوَ مھينا رکي ھلڻ واري ماءُ کان ٻڌو ھيم ته “ قيامت جي ڏينھن سج نيزي تي لھي ايندو، ڌرتي تپي ٽامو ٿيندي، وڻ پاڙون ڪِري پوندا، جبل ٽڪرا ٽڪرا ٿي واچوڙن ۾ وکري ويندا” تڏھن اعتبار نه ايندو ھو سڀ ڪجهه ننڍ پڻ جي ڪھاڻين وانگر لڳندو ھو، پر اڄ امان مان پنھنجي سنڌي ڀيڻن، ڀائرن تي قيامت ڪرندي ڏٺي، ھا امان ڏس سج لھي آيو آھي نيزي تي، ڏس امان ڌرتي به ٽامو ٿي پئي آھي، وڻ ڪري پيا آھن، جبل ذره ذره ٿي واچوڙن ۾ وکري ويا آھن. امان آئون تنھنجو 25 سالن جو اڻٿاڪو پٽ.... آئون ڪنن سان ٻڌان ويٺو، اکين سان قيامت جو منظر ڏسان ويٺو..... امان آئون مجبورين جي رسن ۾ ٻڌل پٽ، پاڻ کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ۾ ساڻو ٿي پيو آھيان..... تنھنجي دشمنن پاڻي بند ڪري معصومن کان تنھنجي ٿڃ کسي اڌ مئو ڪري مجبورين جي سنگھرن ۾ قيدي ڪري ڇڏيو آھي. امان ھي ڪاريون راتيون مونکان اڪثر پڇنديون آھن، رولاڪ پاڻ کي سنگُھرن مان آزاد ڪر.... آئون ڇڙيون ھڻان ٿو ته منھنجو وجود زخمي ٿي پوي ٿو، آئون پنھنجي ميري رت جون ريکائون تنھنجي سيني تي ڇٽيندو ٿو وڃان، ڪنڌ کڻي ڏسان ٿو ته تنھنجي ايمان تنھنجي عقيدن جا ڪوٽ ڪرائي ڇڏيا آھن، اسان جو سالن جون دعائون ھڪ پل ۾ رائگان ٿي ويون... ڪاليج، يونيورسٽن ۾ ڏنل درس ڌوڙ ۾ ملندي ڏٺم. مون کي تعجب لڳي ٿو پنھنجي اکين تي جيڪي انڌيون ناھن پر پوءِ به اڃان تائين پوريل آھن، منھنجي دل ابابيل وانگر ڦٿڪي پئي، امان آئون آسمان ڏانھن ھٿ کڻي خدا کي چوندو آھيان، مون کي ڇو ايڏي آزمائش ۾ وڌو آھي، ايتري ته پيغمبرن کي به آزمائش ناھي ڏٺي مان ته سنڌ ماءُ جو اڻ ٿاڪو پٽ رولاڪ آھيان. آئون ڪو پيغمبر ناھيان، آئون ڪو ديوتا ناھيان، آئون ڪاري راتين جو رولاڪ آھيان، آئون ڀُري پوندس، آئون ٽُٽي ٽڪرا ٿي پوندس، آئون پالڻھار سان بغاوت تي لھي ويندس، آئون نئي تاريخ لکندس، آئون پنھنجي ماءُ جي ٿڃ جي ڦڙي ڦڙي جو حساب وٺندس.”

...

آلين اکين جو اظھار

آلين اکين جو اظھار
اڄ اداس ٿي، پنھنجي محبت جي عبادتگاھ تي ويس مان محسوس ڪيو ته اڄ ماضي منھنجو پيچو ڪندي پئي اچي. مان ھٿ ۾ پاتل گھڙي جي ڪانٽن کي ڏٺو مان سوچيو، پکيءَ وانگر اڏامندڙ ۽ درياھ وانگر پنھنجي موج ۾ وھندڙ وقت کي مان روڪي نه سگھندس نه ڪڏھن پنھنجي اندر جي اڀرندڙ احساسن کي روڪي سگھندس. منھنجي رولاڪ وجود جو ساھ پنھنجي آخري سفر ڏانھن وڌندو ٿو وڃي
آئون ٿوري وقت ۾ پنھنجي ٽٽندڙ خوابن تي پوري ڪھاڻي لکي نه سگھندس، آئون بس تنھنجي آلين اکين تي مختصر لکندس، مونکي ياد آھي جڏھن آئون تنھنجي شادي جي موڪل ڪري ڳوٺ آيو ھيس، جڏھن تنھنجي ھٿن تي مينڌي ڪنھن ٻئي مرد جي نالي جي لڳي چڪي ھُئي، آئون به تنھنجي شادي جي شرڪت ۾ اچي پھتو ھيس مونکي خبر نه ھئي ته ته تون منھنجي انتظار ۾ پنھنجي ڪمري جي چائنٺ تي ويٺي ھوندي مونکي خبر نه ھئي ته تنھنجي ھٿن تي لڳل مينڌي به تنھنجي لڙڪن سان ڀِنل ھوندي منھنجو اچڻ سان تنھنجي چھري تي ابدي مرڪ تي آئي. آئون سڀني سان ملي ٻاھر اڳڻ تي چانهه جا سِپ ڀرڻ لڳس ته مونکي تنھنجي ننڍي ڀيڻ چيو:
“ڪيترا ڏينھن ٿيا آھن، ڪير تنھنجو راھون نھاري نھاري ٿڪو آھي.”
مون کي ڪجهه عجيب لڳو تنھنجو پچيم ته : “ڪونج ڪئين آھي؟”
“تنھنجي انتظار ۾ ويٺي آھي. ڪمري جي چائنٺ تي.”
پوئتي مڙئي ڏٺم ته سئوٽ بيٺي هئي.
چيم: “ڇا ٿيو آھي ڪونج ٺيڪ ته آھي؟”
ڪنھن جواب نه ڏنو دل تي اداسي ليئو پاتو، جلدي سان اٿي بيٺس ته ش م ، مونکي ھٿ مان جھلي تنھنجي ڪمري ڏانھن وٺي اچڻ لڳي، جئين تنھنجي ڪمري ۾ پھتس ته ڏٺم ڪا اپسرا بيٺي ھئي، مان محسوس ڪيو ته ھُو ننڍڙي خوبصورت ڪلي، کلي اوچتو باھ وانگر ڀڙڪو ڏئي جوان ٿي وئي ھئي . مونکي ڪجهه پل لاءِ يقين نه آيو. جنھن ڇوڪري سان گڏ مان ننڍ پڻ ۾ رانديون کيڏيون اڄ ھُو ڪنھن جي زال ٿيڻ لاءِ ڪنوار جيان سجي رھي آھي، مونکي خبر نه ھئي ته ڪل جواني جا گوئنچ ڦٽيا پي، سا اڄ شرم پوٽي وانگر ٺري پئي ھئي. مان ان وقت تنھنجو چھرو غور سان ڏٺو تنھنجي پيشاني تي پگھر، اکين ۾ غمناڪ لڙڪ ، منھنجي سيني ۾ ڌڪ لڳو .مان پڇيو: “ڪونج ڪيئن آھين؟”
چيائين: “رولاڪ تون ڪيئن آھين؟”
چيم: “ڪونج مونکي ڏسي پئينءَ”
چيائين: “رولاڪ شھر ڪئين آھي؟” منھنجي دل اداس ٿي وئي.
چيم: “مونکي خبر آ ڪونج تون ڪنھن جو پڇي رھي آھين”
چيائين : “ھا ته ٻڌا ڪئين آھي تنھنجي سانئڻ ؟”
دل جو شھر وتر ويران ٿي ويو ڪنڌ ڦيرائي چيم:
“ھو ھاڻ اسان جي وچ ۾ ناھي، سانئڻ وڃي پنھنجي حقيقي خدا سان ملي آھي.”
ڪونج ڦٿڪي اٿي، ڪھلي کان وٺي مان پاڻ ڏانھن ڪري اکين ۾ ڪيترائي لڙڪ تري آيا مان محسوس ڪيو ته جيڪڏھن شادي وارو گھر نه ھجي ھا ته ڪونج مونکي ڀاڪر ۾ ڀري روئي پوي ھا. بس ڪنڌ ھيٺ ڪري چيائين:
“رولاڪ آئون منحوس آھيان” دل ڪبوتر وانگر ڦٿڪي اٿي.
چيم: “ڪونج ائين ڇو چوندين آھين؟”
مان محسوس ڪيو ته ڪونج جو سڄو درد ان ھڪ جملي ۾ آھي. اھُو جملو صدين جو شاھد رھجي ويندو، ان وقت آئون سمجھي نه سگھيس، مان ھن ڏانھن ڏٺو ته ڪونج ڪنھن ڪشمڪش ۾ پئجي وئي ھئي. اکيون لڙڪن مان ڀرجي آيون. ڪنڌ ھيٺ جھڪائي ڇڏيائين، ڪلھن ڪنبڻ مان سمجھيس ته ڪونج اندر ئي اندر ۾ ٽٽي ذرو ذرو ٿي وئي آھي.
چيم : “ ڪونج ڇا ڳالهه آھي مونکي نه ٻڌائندين؟”
ھن ڪنڌ ڦيرائي چيو: “نه رولاڪ ڪجھ ناھي ! ”
مان سمجھي ويو ھيس ته ھو سچي سنڌياڻي آھي ، ھو اڌمن کي ٻاھر اچڻ کان روڪي رھي آھي ، ٿوري خاموشي کان پوءِ ھن پنھنجا لڙڪ رئي جي پلاند سان صاف ڪندي چيائين :
“رولاڪ.....!”
مان محسوس ڪيو ته ھاڻ ڪونج جو برداشت جو بند ڀڄي پيو، رئي ۾ ڪنڌ لڪائي روئڻ لڳي، آئون ڪجهه چئي نه سگھيس، شايد ان وقت مون وٽ آٿت ڏيڻ لاءِ لفظ نه ھئا.
چيم: “ڪونج دل جي اذيتن لاءِ اکين کي لڙڪ جو عذاب ڇو؟ جيڪڏھن ڪنھن جي روئڻ سان دنيا ۾ انسان کان غم موڪلائي وڃي ته مان به توسان گڏ لڙڪن جون نديون واھي ڇڏيان.”
چيائين: “رولاڪ توکي ڪجهه چوڻو آھي...”
چيم: “ڪونج ھا چئو ! اڄ پنھنجي ڏکن جو ڏونگر مونکي ڏي، اڄ رات کان پوءِ تنھنجي زندگي جو نئون سج اڀرندو، جيڪو نئون سفر شروع ٿيندو تنھن ۾ اھو ڏونگر اذيت جو انبار توکي کڻي وڃڻ نه ڏيندس، اڄ ڏئي ڇڏ مونکي پنھنجي ڏک جو ڏونگر... ھن مونکي آلين اکين سان ڏسڻ لڳي چيائين:
“مونکي سدائين چوندو ھئين نه ته آئون ڪنھن کي پسند ڪندي آھيان؟”
چيم: “ھا ھاڻ ٻڌا ڀلا ڪنھن کي پسند ڪندي آھين؟”
چيائين: “رولاڪ! ھي ھن شخص جي نشاني آھي. جيڪا مان پنھنجي ساھ ۾ سانڍي رکي آھي.”
چيم: “ھي ته پاڻ ورتي ھئي جڏھن ننڍ پڻ ۾ ڀٽ ڌڻي جي درگاھ تي ھليا ھئاسين .”
تڏھن چيائين: “ھا توکي ياد آھي...”
چيم: “ھا مونکي ياد آھي، جڏھن مان توکي وٺي ڏني ھئي.”
منھنجو ھينئڙو ٻه اڌ ٿي ويو، سوچيم ته ڪاش ھينئر زمين جاءِ ڏي ته دفن ٿي وڃان، ھن پاڻ کي سنڀالي ورتو ھو بس ايترو چيائين:
“رولاڪ ھاڻ وقت پر ڪڍي اڏامندو ٿو وڃي، مان سڪرات جي عالم ۾ ھيس، بس خاموش رھيس ، ھن ھڪڙي چٺي ھٿ ۾ ڏيندي چيائين:
“رولاڪ.....!”
ھن جو آواز ستن آسمانن جي وسعتن کي لوڏڻ جھڙو درد ناڪ ھو، منھنجو اندراڌ ٿي ويو دل جي دنيا لڙڪن جي رت ۾ ٻڏي وئي.


...

خوشين جي خيرات

خوشين جي خيرات
جڏھن رات جو چنڊ شھر مٿان پنھنجي چانڊوڪي اڇلائي رھيو ھو. آئون سانئڻ سان گڏ ڪاري ڏامر جي روڊ تي ھلي رھيو ھيس مان محسوس ڪيو ته ڪائنات جو ذرو ذرو مون سان گڏ ھلي رھيو آھي، محبت جو خدا مونسان گڏ قدم به قدم ھلي رھيو آھي. سانئڻ چيو:
“رولاڪ! اڄ سائين تنوير عباس جي ورسي آهي ۽ مونکي ھينئر ياد آئي آھي” .
چيم: “سانئڻ سڀني ڪھاڻيڪارن، اديبن جي ورسي ياد ھوندي آھي ڇا؟”
چيائين: “ھا رولاڪ! پر منهنجي توھان ياد رکجو ٿوري ڀيٽا ڏيڻ لاءِ .”
چيم: “ڇو نه ؟ تون ته منھنجي لفظن جيان مقدس آھين، تون ته سنڌ ڌرتي جيان عظيم آھين .”
چيائين: “رولاڪ حوال نه ھڻندو ڪر ....”
چيم: “نه آئون حوال نٿو ھڻان...”
سانئڻ پنھنجي چپن ۾ استاد محمد يوسف جو گيت ڳائڻ لڳي،
اوھان ناھيو ته پنهنجي دل
بھارن سان ٿا وندرايون....
چيائين : “رولاڪ مان محسوس ڪيو آھي ته تون منھنجو ڳالھين تي غور ناھين ڪندو .”
ھن جي انھن لفظن ھيانوَ ۾ ھٿ وڌا ، چيم: “سانئڻ ائين ناھي....”
چيائين : “مان اڳ ۾ ڪجهه چيو ھو ياد اٿئي؟”
چيم: “ڇا ...؟”
چيائين: “مان انهيءَ ڏينهن چيو ھو ته منهنجي نظر گھٽ ضرور آهي پر ايتري نه جو دوکي جا خواب ڏسان ، انهي مان ڪجهه سمجھيءَ رولاڪ ......؟”
سانئڻ جي آواز ۾ ايترو درد ھو، جيڪو سنڌ ڌرتي جي ماروئڙن جي سيني ۾ سمايل آھي.
چيم: “ھا مونکي تنھنجي انھي لفظن جي مفھوم جي خبر آھي”
چيم: “سانئڻ! جڏھن به مان تنھنجي لفظن ۾ پنھنجي دل تڙپندي ڏٺي تڏھن کان مان سوچن جي دريا جو تصور نه ڪيو آھي. سانئڻ آئون تنھنجي لفظن جو مفھوم سمجھي ويو ھيس پر خاموش رھيس، ڇو جو مان شڪايت نه ڪئي.”
چيائين: “شڪايتون ڀرپور ڪر دل ۾ رکڻ صحيح ناھي ،اھڙو ڪو اشارو اگر توھان ڏيو ھا ته مان سمجهي وڃان ھا، ڇو ته ائين گهرائي سان تنھنجون ڳالھيون ٻڌندي آھيان. آئون نٿي چاھيان ته ڪنھن سٺي انسان جي دل ڏکي منھنجي ڪري.”
چيم : “نه آئون شڪايتون ناھيان ڪندو، ڇو جو شڪايتن سان ماڻھو رسي ويندا آھن”
چيائين: “ھلڪڙا ھوندا ته رُسي ويندا....”
مونکي محسوس ٿيو ته سانئڻ منھنجي روح ۾ جھاتي پائڻ جي ڪوشش ڪندي چيائين:
“ رولاڪ مٿي ۾ سور پئجي ويو آ، مان ننڊ ناهي ڪئي رات به.”
چيم: “ڇو رات مڇرن کي سمجھائڻ جو ٺيڪو کنيو ھو ڇا؟ ”
چيائين : “ نه ننڊ ايندي ئي ناهي الائي ڇو ڏاڍي ڏکي طرح ايندي آھي ، رولاڪ! تون ڪنھن مھل سمھندو آھين ؟”
چيم: “ نه مان رولاڪ آھيان، مان ناھيان سمھندو رات جو.”
چيائين: “رولاڪ مھرباني ڪري مان کي ايڏو ياد نه ڪندو ڪر ، منهنجي ننڊ ڦٽي ويندي آهي.” ائين لڳندو آ ڄڻ ڪير سڏي ٿو پيو. مونکي خبر آ سڀ ڪم تنھنجا آھن رولو ... منهنجي اوجاڳن جو قرضي نه ٿي...”
چيم: “سانئڻ ! منھنجو بي چين روح رات جو ڪنھن جي ياد ۾ ڪيڏاري جي وائي ورجائيندو آھي.”
چيائين: “رولاڪ چپ ڪر، آئون روئي پوندس مان ڏاڍي روئڻي ڇوڪري آھيان ، نه ته منهنجي لڙڪن جو به قرضي ٿي ويندين.”
چيم: “نه سانئڻ ! آئون توکي روئڻ نه ڏيندس ، آئون تنھنجي مقدس محبت تي تاريخ لکندس، توکي روئڻ نه ڏيندس”.
چيائين: “جيڪي چوندا آھن روئڻ نه ڏينداسين سي ئي لڙڪن جو سبب بڻجندا آهن.”
ھن جي ان لفظن منھنجي من جي ڪاڪ محل کي ذره ذره ڪري ڇڏيو.
چيائين: “سوچيندي آھيان ته ڇا مان ڪنهن نئين طوفان جي ور ته نه چڙهي آھيان ، جتي زندگي جھنم جھڙي ھوندي.”
ڪنڌ ڦيرائي چيائين: “مان جنهن کي به خاصيت ڏني، انهيءَ فقط لڙڪ ۽ سڪرات ڏني ، مان وڌيڪ تڪليف برداشت نه ڪري سگھنديس .”
دل اداس ٿي وئي چيم: “مطلب ته آئون طوفان آھيان ، تنھنجي وجود کي ذره زره ڪري ڇڏيندس، تنھنجي اعتبار جو ڪاڪ محل پنھنجي ھٿن سان ڀڃي ڀورا ڀورا ڪندس.”
چيائين: “رولاڪ ! جيڪي دل جي گھرائين ۾ جاءِ ڏين، سي ئي در تان ڌڪاريندي دير ناھن ڪندا. رولاڪ !مان ڪنهن به مرد تي اعتماد نٿي ڪري سگھان، دل ذره ذره ٿي وئي .”
ٿڌو ساھ ڀريندين چيم: “سانئڻ !جيڪڏھن خدا مونکي خوشين جي خيرات ڏئي ڇڏي ھا ته مان پنھنجي حصي جون سڀ خوشيون سانئڻ تنھنجي قدمن ۾ رکي ڇڏيان ھا پر چاھتن خوشين جي خدا به خيرات ناھي ڏيندو” .
مان محسوس ڪيو ته ڪجهه انسان زندگي ۾ تمام دير سان ملندا آھن بس ڪجهه گھڙيون ملي پوءِ ھميشه جدا ٿي ويندا آھن.
...

توکي ڪير وساري

توکي ڪير وساري
اڄ به منھنجي دل اھو منظر نٿي وساري سگھي جڏھن تون پنھنجي دل تي پٿر رکي مونکي چيو ھو ته :
“ھاڻي مونکي وساري ڇڏ ۽ تون منھنجو شھر ڇڏي ڪنھن نئين سفر تي رواني ٿئي وئي ھئي، تڏھن منھنجي دل تي ڄڻ کان قيامت گذري وئي ھئي ۽ مان توکي روڪڻ جو حق نه ٿي رکي سگھيس.”
چيم: “تون وڃ....” ٻه وکون کڻي پنھنجي مٿي جو رئو ٺاھيندي مڙئي وئي دل ۾ آنڌ مانڌ محسوس ڪيم ۽ آخر ويندو ڏسي چيم:
“روحن جا رستا ھڪ ڇڪ سان ناھن ڇنبا جيئن تو ڪيو آھي، ڪيترا سال ٿيا آھن منھنجي من جي عبادتگاھن جي ديوي اڄ تون مونکان محبت جو ساٿ ڇنيو ٿي وڃين... مان پنھنجو روح تنھنجي پيار تان قربان ڪري ڇڏيو ھو. خبر اٿئي اڄ منھنجي دل موھن جو دڙو آھي، جتي ڪيتريون ئي قبرون دفن آھن، منھنجي محبت جون، منھنجي اعتبار جون، منھنجي اڻ پيتي پيار جي احساس جون.”
منھن ڦيري پري ٿي چيائين:
“تون حقيقتن کان پري آھين رولاڪ ! بس پنھنجي سفر تي وڃڻ لاءِ تيار ٿي مان آھيان سمجھو ته ڄڻ تون ھميشه جي لاءِ محبت جو سڳو ٽوڙي ڇڏيندي، مان اڪيلو رڻ ۽ صحرا جو مسافر ٿي رھجي ويندس.”
...

لڙڪن جو محراب

لڙڪن جو محراب
مون سان گڏ ڏامر جي روڊ تي ھلندي سانئڻ ڪڏھن انھن گلابن تي نه سوچيو جيڪي منھنجي قبر تي پوڻ لاءِ ٽڙي رھيا ھئا. ھن جا نازڪ پدمڙا پير جنھن تي مينڌي جون وليون ٺھيل، چيلهه سنھي ھرڻيءَ وانگر، اکيون ڪڪوريون ڪجليون، گلابي ڳِل، ھٿ خوبصورت مينڌيءَ رتڙا ٻانهون لوڏيندي مون سان ھلندي چيائين:
“رولاڪ تون مونکي ڪھڙي نيڪيءَ جي عيوض مليو آھين؟”
دل چاھيو ته سانئڻ کي ڀاڪرن ۾ ڀري اوڇنگارون ڏئي روئي پوان پر ائين نه ڪيم. ھن جي نازڪ ڪرائيءَ مان پڪڙي چيم :
“سانئ ڻ تون منھنجي لاءِ انجيل، تورات ، زبور ، قران پاڪ جيان مقدس آھين! تون منھنجي لاءِ صدين جي سجدن جي عيوض نازل ٿيل وحي آھين ، تون منھنجي اڻ پيتي محبت جو معراج آھين.”
اکين ۾ لڙڪن جو طوفان اٿيو لڙڪ اگھندي چيائين:
“رولاڪ! ماڻھو مھڻا ڏئي ڇا ڪندا ، جنھن ڇوڪري کي نينھن جون جنون ھجي جنھن کي پنھنجي پرين جي تات اندر ۾ ھجي، سا پنھنجي رولاڪ جي پيرن جي نشانن به چمندي چمندي ٽڪرا ٽڪرا ٿيندي.” ٿورو اڳتي وڌندي چيائين:
“جيڪو پيشاني تي لکيل آھي، سو ڪڏھن مٽجي ڪياڙيءَ ڏانھن نه ٿيندو نه ڪڏھن پنھنجي تقدير مٽجي سگھي ٿي نه وري تنھنجي سانئڻ ڪنھن ٻئي جي ٿي سگھي ٿي، نه وري اسان ڪڏھن زندان جي قيد مان آزاد ٿي نه سگھنديون سين پر رولاڪ مان پنھنجو ايمان پنھنجي مجازي خدا کي نٿي وساري سگھان ، تون منھنجي لاءِ آخري ڇانوَ آھين ، ھن دنيا ۾ ڪا به شئي تو جھڙي ناھي، آئون توکي ڇڏي نٿي سگھان ، رولاڪ مان تنھنجي عبادت کان پوءِ پنھنجا جهوپڙا وڃي سڃ ۾ اڏيا آھن، تون منھنجي روح ۾ سمايل آھين.”
سانئڻ جا نرم نازڪ ھٿ چمندي چيم:
“ سانئڻ تون ساھ جي اچڻ کان ساھ جي وڃڻ تائين، منهنجي ساھ ۾ سانڍيل آھين، منھنجو اندر اڄ ٿو مري خوابن ۾ به مان پاڻ کي سسئي بنا رڻ ۾ رلندي ڏٺو آھي. سانئڻ مونکي تون پنھنجي خوابن جي تعبير لڳندي آھين، مان توکي روئندو ڏسندو آھيان ته زندان جا ڪوٽ قلعا منھنجي وجود ۾ ڪاھي ايندا آھن ، منھنجي وجود تي ڄڻ کا وِڄ ڪِري پوندي آھي، منھنجو اندر پراڻي ڀتن جيان زبون ٿي ويندو آهي.”
سانئڻ جو اندر ٻه اڌ ٿي ويو جھٽ سان مونکي ڀاڪر ڀري ڇڏيائينءِ، دل سڪون جي سمنڊ ۾ غوطا کائيندي رھي وري مونکي پنھنجي نازڪ ھنج ۾ سمھاري وارن ۾ آڱريون ڦيري پيار ڪرڻ لڳي، مان خوابن جي نگري ۾ ھليو ويس، ھن جي اکين مان ڪِري آيل لڙڪن منھنجي مٿي تي محراب ٺاھي ڇڏيو.
...

پلصراط جي رولاڪين ڏانھن

پلصراط جي رولاڪين ڏانھن
جڏھن رات جي راڪاس ۾ پنھنجو گم ٿي ويل وجود ڳولي رھيو ھيس ته ڪائنات جي خوبصورت حور ڪنھن اپسرا جو روپ ڌاري منھنجي محبت جي ڪاڪ محل تي آئي. ھن جي اکين ۾ محبت جي لاٽ ٻري رھي ھئي، ھن جو چھرو چمڪندڙ چنڊ جيان چمڪي رھيو ھو، ھن جي چاندي جھڙي جسم تي جواني جا ڳونچ ڦٽي رھيا ھئا. ھو ڪنھن شرم ٻوٽڙي جيان ٻوٽجڻ لڳي. منھنجي نڙيءَ ۾ عمرڪوٽ جو پراڻو زبون قعلو اٽڪي پيو. منھنجو وجود ڪنھن ڪٺل پکي جيان پرڙا ھڻڻ لڳو. منھنجو سڄو وجود برف جي سري وانگر پگھرڻ لڳو، ھو به ھيسيل ھرڻي جيان ڪنبڻ لڳي ڍنل ڍنل نگاھن سان مونکي ڏسڻ لڳي چھري تي ڪوڙي مرڪ سجائي چيائين: “رولاڪ! ڇا ٿو ڪرين ؟”
چيم: “مان ھڪ ضروري ڪم ڪري رھيو آھيان .”
چيائين: “ڪھڙو ڪم؟”
چيم: “آئون موھن جي دڙي مان پنھنجا دفن ٿي ويل احساس ڳولي رھيو آھيان”
ھن جي چھري تي خاموشي برپا ٿي وئي.
چيائين: “رولاڪ! ڇا ٿيو اٿئي؟”
چيم: “سانئڻ مون وٽ ڪڏھن ڪڏھن لفظ ناھن ھوندا، پوءِ مان پاڻ کي ماٺ جي قبر ۾ دفن ڪري ڇڏيندو آھيان.”
چيائين: “رولاڪ! لفظ مونکان وٺي ڇڏجان.”
مان ٿورو اڳتي وڌندي چيم ته : “ھا ڏي مونکي ٿوري نفرت، ٿوري بي رخي،
ٿوري ڌڌڪار ڏي.”
ھن جي چھري تي اداسي ليئو پاتو، ڪنڌ ڦيريندي چيائين:
“نفرت ڪرڻ وارا ڪم به ڪري ته به شايد توکان نفرت نه ڪري سگھان.”
منھنجي اندر جي سمنڊ ۾ ڇوليون اٿيون، دل جي ڪناري سان ٽڪرائجي وري خاموش ٿي ويون، مان آسمان جي وسعتن ڏانھن ڏسڻ لڳس، ھن پاڻ کي ڍڪيندي چيو:
“رولاڪ تون مونکي خوش ڏسڻ چاھين ٿو ته پنھنجو خيال رک پاڻ تي ڪجھ رحم ڪر. ”
دل ڪنھن ڪٺل پکي جيان پرڙا ھڻڻ لڳي ٿورو اڳتي وڌي چيم:
“سانئڻ! مان جھنم جو رھواسي، منھنجو ڇا وڃي رحم سان ”
چيائين: “منھنجي ڪري پنھنجو خيال رک رولاڪ. ”
چھري تي ڪوڙي مرڪ سجائي چيم: “سانئڻ! منھنجو خيال پاڻ نٿي رکين”
پنھنجي رئو آڱرين ۾ ويڙھيندي چيائين:
“رولاڪ جيڪڏھن خدا چاھيندو ته رکنديس”
چيم: “سفارش به وڏي جيڪڏھن خدا چاھيندو ته ....”
چيائين: “ھا ھو خلقيندڙ آھي”.
دل اداس ٿي وئي
چيم: “منھنجي سفارش ته پاڙي جو ڪو ڪراڙو به نه ڪندو تون وري خدا ۾ آسرو رکيو ويٺي آھين”
چيائين: “ھا پر خدا توکي نه ڇڏيندو.... رولاڪ پنھنجي خلقيندڙ کان ايترو بدگمان نه ٿجانءِ ، ھو پل پل تنھنجو نگھبان آ، ڏاڍو پيار ڪندڙ آھي.”
دل اداس ٿي وئي سوچيم ھا ھو به مونسان بي پناھ محبت ڪندي آھي . چوڻ چاھيم پر چئي نه سگھيم منھنجي محبت جو خدا مونکان گھڻو پري آھي، منھنجي دماغ ۾ اڄ به تنھنجو اھو جملو گھمندو آھي جڏھن تون چيو ھو :
“مان ھر دور ۾ ھر جنم ۾ رولاڪ تنھنجي ٿيندس، تنھنجي اھڙي فتوى کان پوءِ مان پنھنجا سوين جنم تنھنجي نالي ڪري ڇڏيا آھن”
سانئڻ مان توکي چاھڻ کان پوءِ خودڪشي ڪري ڇڏي آھي ، ھاڻ مان ڪنھن سان به محبت نه ڪري سگھندس، تون ساھ جي اچڻ کان ساھ جي وڃڻ تائين منھنجي ساھ ۾ سانڍيل آھين. منھنجو اکيون آسمان کي ڏسڻ لڳيون، ان وقت آسمان به مونکي اوپرو پي لڳو. منھنجو پاڇو منھنجو ساٿ ڇڏي ويو منھنجو سرڪش روح رڻ ۾ توکي پڪاريندو رھيو مان به ڪاري راتن ۾ وڃي ڪنھن ڪپ ھيٺ ڌرتي کي چمي ڏئي سمھي رھيس.

سوچن جا سمنڊ

سوچن جا سمنڊ
اڄ مونکي ھڪڙي تصوير ملي آھي. ھا آئون اڄ ان تي پنھنجو ھُي ڪالم لکندس، مان ھن تصوير واري شخص کي سٺي نماني سڃاڻا ٿو. مان ھن کي ان وقت کان سڃاڻا ٿو. جڏھن ھي اسڪول ڪاليج ۾ پڙھندو ھو. تڏھن ھو جام کلندو ھو ۽ ماڻھن کي چرچا ھڻي کلائيندو ھو. ماڻھو ھن شخص سان ڪڏھن به تنگ نه ٿيندا ھئا. ھن جي شخصيت جو ھڪ رخ ٻيو به ھو ، ھو جام ضدي به ھوندو ھو، ھن کي اڪيلائي اذيتن جي اوڙاھه ۾ اڇلائي ڇڏيندي ھئي، هو ڏاڍو ضدي ھو، تڏھن ھن ڪڏھن به ٻوسٽ اذيت زود رنج سان ٺاھ نه ڪيو ھو. ھو مسلسل سوچن جا سمنڊ لتاڙي رولاڪين ۾ گم ٿي ويندو ھو. وقت ھن جو نالو به رولاڪ رکي ڇڏيو ھو. اڪيلائپ جو عادي ٿي چڪو ھو. ھو پنھنجي خيالي دنيا ۾ ھلندو ھو. ڇو جو ھو حقيقي دنيا ۾ ھلي نه سگھندو ھو. تڏھن ھو رولاڪين ۾ سوچن جا سمنڊ لتاڙي خيالي دنيا ۾ وڃي پھچندو ھو . ھو اڄ ستاويهه سالن جو نوجوان ٿي چڪو هوندو... مونکي لڳي ٿو ته ھو ڪراڙو ٿيڻ جي انتظار ۾ ھوندو .ھي تصوير ان وقت جي آھي. جڏھن ھو جشن آزادي واري ڏينھن اسڪول جي ميدان ۾ رکيل پروگرام جي اسٽيج تي ٽيبلو پيش ڪري دنيا وارن کي کلائيندو ھو.
جڏھن سرمد سنڌي جو گيت پنھنجي بيسري آواز ۾ ٻڌائي سڀني کي جھُومڻ تي مجبور ڪندو ھو. تڏھن اڪثر ھو آسمان ڏانھن ڏسندو ھو ھن کي آسمان جي ۾ پنھنجو ننڍڙو وجود ڳولڻ جي اجائي ڪوشش ڪندو هو. ھاڻ ھو پڪو پختو ٿي ويو آھي. ھاڻ ھو ڪنھن ڳالهه ۾ به خوش ڪونھي، اذيت، شڪست ھن تي پوري طرح حاوي ٿي وئي آھي. تڏھن ھو پنھنجي خيالي دنيا ۾ رھڻ جو عادي ٿي چڪو، ھاڻ ھُو جھيڙو ڪندو رھندو آھي، پنھنجي پاڻ سان پنھنجي وجود سان، پنھنجي جسم سان، ڪڏھن ڪڏھن ته پنھنجو مٿو ديوارن سان ٺڪرائي، رت جو عطيو ڏيڻ جو عادي ٿي ويو آھي. ڪڏھن ڪڏھن ھن جي دل تيزي سان ڌڙڪڻ لڳندي آھي، ھوش ھن جي ھٿن ۾ ڪٺل ڪبوتر وانگر پرڙا ھڻندو نظر ايندو آھي. اھڙي ڪيفيت ۾ ھو ڪجهه چوڻ چاھيندو آھي، پر ڪير ٻڌڻ وارو ناھي ھوندو، تڏھن ھو اڪثر وائڙو ٿي پاڻ کي خاموشي جي قبر ۾ دفن ڪري ڇڏيندو آھي. ھو پنھنجي مرضي سان ھن دنيا ۾ ناھي آيو ، تڏھن ھو ھاڻ ھن دنيا ۾ وڃڻ پنھنجي مرضي سان چاھي ٿو .

...

آئون تنهنجي لاءِ وڙھندس

آئون تنهنجي لاءِ وڙھندس
ھن منھنجي اڻ ڌوتل منھن ۾ ڏسندي چيائين:
“رولاڪ توکي ڏسي آئون سوچ جي سمنڊ ۾ لھي ويندي آھيان.”
چيم: “ڇو منھنجي منھن ٿي ڏامر ھاريل آھي.”
مسڪرائندي چيائين: “رولاڪ واڇون نه ھڻ توکي ڏسندي آھيان ته دل سوچڻ تي مجبور ٿي ويندو آھي ته محبت جو خدا به تون وانگر لڳندو ھوندو، ائين تون وانگر کلندو ھوندو ته ھن جي ڳلن ۾ به ڊمپل پوندا ھوندس.”
ائين چئي پنھنجي منھن شرمائڻ لڳي.
چيم: “نه مان محبت جي ديوتا کي ڏٺو به ناھي، آئون گنگھار آھيان، مونکي انسان ئي رھڻ ڏي.”
مسڪرائيندي چيائين: “ رولاڪ ! عورت پنھنجي مڙس کي مجازي خدا وانگر پوڄا ڪندي آھي، آئون به تنھنجي پوڄا ٿي ڪيان، منھنجا سجدا قضا نه ڪجان! مونکي رولاڪ پاتالن ۾َ نه اڇلي ڇڏجان...”
دل ۾ ھن جا لفظ ڪنھن تيز دار خنجر جيان سيني ۾ لھي ويا.
چيم: “ سانئڻ! جنھن عورت جي سڏ تي مان قيامت ڏھاڙي اٿندس، ان کي اڇلڻ وارو عظيم گناھ مونکان نه ٿيندو، مان پنھنجي مقدس محبت کي پٺي نٿو ڏئي سگھان.”
ھڪ ڊگھو ۽ اذيتن کي پئيندڙ ٿڌو ساھ کڻندي چيائين:
“رولاڪ تون منھنجي آخري ڇانوَ آھين ، تون منھنجو حوصلو آھين.”
چيم: “سانئڻ آئون توکي آسمان جي ستاري جيان چمڪندڙ ڏسڻ ٿو چاھيان.”
ھن جا اکين ۾ لڙڪن ليئو پاتو. منھن ٻئي طرف ڪري ڀٽائي جو بيت جھُونگارڻ لڳي. ھن جي معصوم ھٿن جي آڱرين کي جھليندي چيم:
“توکي ڪوٽن جي زنجيرن مان آزاد آئون ڪرائيندس سانئڻ!”
مان ھن جي اکين ۾ ڏسندي چيم :
“سانئڻ! تون منهنجي ھمسفر ٿيندينءَ ته پنھنجا سڀ ڏک لھي ويندا.”
ھن جون پنبڻيون لڙڪن ھاڻيون ٿي ويون.
چيائين: “رولاڪ آئون ڪوٽن ۾ قيد آھيان ، مان پڳون لتاڙي نٿي سگھان ، مان توکي سجدو ڪيو آھي، منھنجو ديوتا تون آھين، آئون وري ڪنھن به مرد جي ٿيڻ جو سوچي به نٿي سگھان.”
چيم: “سانئڻ مون تي اعتبار اٿئي مان توکي آزاد ڪرائيندس ، مان وڙھندس ھر دور ۾ وڙھندس”
روئڻھارڪي آواز ۾ چيائين: “ رولاڪ تون اڪيلي سر سڀني پڳدارن سان وڙھي سگھندين...؟”
چيم: “ھا آئون وڙھندس ، آئون ھر دور ۾ وڙھندس، وري مرندس، وري وڙھندس، ھر جنم ۾....! ”
ھن پنھنجو ھٿ منھنجي چپن تي ھٿ رکندي چيائين:
“رولاڪ مرڻ جي ڳالهه نه ڪندو ڪر، مونکي تون ائين ئي گھرجين صحيح سلامت، توکي مونکان اڳ ناھي مرڻو.... آئون نوري وانگر تنھنجي ھنج ۾ آخري پساھ کڻڻ ٿي چاھيان... ”
دل قلعي جي زبون ديوارن وانگر ڀورا ڀورا ٿي پئي.
چيم: “ توکان جدا ٿي مان مرڻ جي تمنا ڪئي آھي، تون منھنجي محبت جو معراج آھين، ڪڏھن ڪڏھن ائين لڳندو اٿم ته آئون ٿر جي گرم واري جو ٿوھر آھيان ، تون منھنجي ساھ جي تنڌ مثل آھين، توکان بغير آئون ڪجهه به ناھيان.”
ھن جي خشڪ چپن جي لپ اسٽڪ چمڪڻ لڳي ، اکيون اکين سان ملائيندي چيائين: “ڪنا ھڪ ڏينھن تون چيو ھو نه ته اسان جي وچ ۾ جيڪڏھن ڪا به ديوار جبل جو روپ ڌاري پنھنجي وچ ۾ ايندي ته تون ان جبل کي به ڀڃين ڀورا ڀورا ڪندي....”
چيم: “ها سانئڻ چوندا آھن ته ڏکن پٺيان سک به ايندا .
چيائين: “پاڻ کي دلاسن سان پرچائڻ جو ڪاريگر آھين.”
چيم: “ھا سانئڻ ھڪ ڏينھن پنھنجي روح جا زخم ڀرجي ويندا، پنھنجي محبت جي منزل ملندي، پنھنجي اداس صحرا جھڙي زندگي تي خوشين جو ڪڪر وسندو.”
ھو خاموش رھي ڪجهه نه چيائين:
“ ڪجهه دير خاموش ٿي، سوچيم ته قسمت کان ھارايل انسان اذيتن جي صليب تي لٽڪيل ھوندو آھي. سانئڻ مون ڏانھن ڏٺو مان هن جي ڪڪورين اکين ۾ ڏسڻ شروع ڪيو، ڪجهه دير اکيون مليون ۽ وري ھميشه لاءِ جدا ٿي ويون، پريت ھڪ وڏي سوچ ۾ گم ٿي وئي ڳالهه مٽائندي چوڻ چاھيم پر ڪجهه چئي نه سگھيس، لفظ دل جي قبرستان ۾ دفن ٿي ويا.
آئون اڄ پنھنجي ھن ڪالم ۾ ھن سونھن جي ديوي تي لکندس، جنھن منھنجي ويران من جي صحرا تي محبت جا ڪڪر وسايا آھن. اڄ آئون پريت جي پيار جي ڪھاڻي لکندس، جنھن ۾ پنھنجي ناشڪري ۽ ھن جي بي پناھ محبت لکندس، ھن جي ننڍ ۾ به منھنجي لاءِ نظم جنم وٺندا آھن، مان رولاڪ جڏھن زندگي جي مشڪري ۾ گم ٿي رولاڪين ۾ نڪري ويندو آھيان ته آسمان تي تارا به مونکي پريت جا سڏ لڳندا آھن... ھو جيڪا پنھنجي ڪنوارپ منھنجي ڪري سانڍي رکي وٺي آھي، ھو جيڪا منھنجي ڪري ھوائن سان جھيڙو ڪندي آھي، ڇو جو ھو مونکان سواءِ ھوا کي به چمڻ جو حق نٿي ڏي... ڇو جو ھن مونسان روحاني نڪاح ڪيو آھي ھينئر ھو منھنجي اکين اڳيان پينگھي ۾ لڏي رھي آھي، ڪاريون ڪڪوريون اکيون، سون جھڙو رنگ، چيلهه تي ڊگھا ڪارا وار، ھن جي جسم ۾ جواني جا گل گوئنچ ڪڍي رھيا آھن. ھن جي اکين ۾ محبت جي لاٽ ٻري رھي آھي، ھن جا سڏ مونکي ڀٽائي جي نگري ۾ وائي جا ساز ٿا لڳن، ھن جي ڳالھين مان سُرن جي ورکاءُ پي ٿي، مان ھاڻ پنھنجي ڪمري جي دري مان ٻاھر جهاتي پائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ٻاھر ڪيتريون ئي ڪونجون، اپسرائن جو روپ ڌاري ريشمي پئجاما، ململ جا ڪرتا، ڳلي ۾ پوتي ويڙھي پنھنجي ادائن سان، شھر جو شھر ويران ڪنديون پيو وڃن. منھنجو روح آڪاش تي پنھنجي پريت کي پڪارڻ لڳو. اکين ھن جو ڪنوارو خواب ڳولي لڌائون، منھنجي سانئڻ منھنجي تصور جي حور آھي، مان ان جي ھر سڏ تي لبيڪ چيو آھي، مان قيامت جي ڏينھن به ھن جي سڏ تي اٿڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آھي. مونکي پريت سان گذاريل ھڪ لمحو ياد آيو، جڏھن ھن بادامي رنگ جو جوڙو پائي، مٿي تي سنڌي ھرمچي تي ڀريل رئو اوڍي، ڪونج وانگر ٽلندي مون وٽ آئي ته ڪائنات جي ھر شئي ھن جي آجيان ۾ ھلڻ شروع ڪيو. وڻ ھن جي ادب ۾ جھڪڻ لڳا، ھوا ھن جي ادب ۾ سرٻاٽ ڪري سلامي ڏيڻ لڳي. گل ھن جي ادب ۾ ٽارين تان ڇڻڻ لڳا، سڄي ڪائنات خوشبو ۾ وڪوڙجي وئي، ھن جڏھن منھنجو منھن دعا وانگر پنھنجي ھٿن ۾ محفوظ ڪيو ته دل تي محبت جا پوپٽ رقص ڪرڻ لڳا، ھن جي ھٿن جو تريون نازڪ ھيون، گلابن جو پنکڙين جيان مان ھن جي اکين مان محبت جا جام ڀري پيئڻ شروع ڪيا، محبت اکين مان ٿي دل ۾ لھندي وئي، ھن جي چپن تي مرڪن ليئو پاتو، هن جي جواني جا گل شرم ٻوٽڙي وانگر ٻوٽجڻ لڳا. ھو شرم ٻوٽي پنھنجو سنڌي ھرمچي واري رئي سان پنھنجو ڍڪيل انگ کي اڃا پئي ڍڪي پيشاني تي پگھر جا ڦڙا جرڪڻ لڳا ٿورو اڳتي وڌي.
چيائين: “رولاڪ تون منھنجي ڳالهه مڃيندين.”
چيم: “پريت حڪم ڪر ....”
ھن جي اکين ۾ خوشي جي لھر آئي، چھري تي مرڪ سجائي چيائين:
“رولاڪ تون رسالن ۾ نٿو لکين”
چيم: “نه سائنڻ آئون رولاڪ منھنجي نظم ڪالم ڪھاڻين جي نه ڪا اڳياڙي آ، نه ڪا پڇاڙي آ.... ڇو جو آئون رولاڪ ڏکن جو عادي منھنجي خوشي وارو ڪالم يا رومانس وارو نظم به اڳتي ھلي اوچتو ئي اوچتو درد، اذيت جي غار ۾ وڃي پھچن ٿا، مان پاڻ پنھنجي لفظن مان مطمئن ناھيان ، مان اڪثر لکي ڪري ڦاڙي ڇڏيندو آھيان.”
چيائين: “رولاڪ آئون تنھنجي ھر لفظ کي دل جي گھرائي سان پڙھندي آھيان، تنھنجو لفظ لفظ منھنجي دل جي تھخاني ۾ وڃي لڳندو آھي ، آئون چاھيان ٿي.”
مان ڪنڌ ورائي چيومانس: “تون مونسان محبت ڪرين ٿي، تڏھن منھنجا گناھ به ثوابن واري ساهمي ۾ رکين ٿي.”
چيائين: “نه رولاڪ منھنجي لاءِ دنيا ۾ آخري مرد تون آھين توکان پوءِ ھن دل تي وئي نازل نه ٿيندي.”
چيم: “تون عظيم آھين، سنڌ ڌرتي جيان، تون ڀٽائي جي بيتن جيان مقدس آھين ، مان ته پنھنجي ساھ جو وارث به ناھيان ڇو جو ملائڪن منھنجي لاءِ به دوزخ رکي آھي.”
چھري تي ڪاوڙ سجائي چيائين: “ رولاڪ .....ناشڪرا تون ناشڪرو آھين.”
چيم: “ھا آئون ناشڪرو آھيان، ڇو جو مان وٽ ايمان جھڙي دولت ڪونھي، مان وٽ تھجد نماز آھي، سا به پنھنجي محبوب لاءِ ، پنھنجي پريت لاءِ، منھنجي سانئڻ، منھنجي ننڊ، منھنجي جاڳ، منھنجي زندگي، منھنجا خواب سڀ تون آھين. تون منھنجي دل تي آخري وحي آھين، توکان پوءِ دل تي ڪا وحي نازل نه ٿيندي.”
چيائين: “رولاڪ! ڪنا مولوي ماري ڇڏينديءَ، اھڙيون ڳالھيون نه ڪندو ڪر”
چيم: “نه مولوي مونکي نه ماريندا.”
چيائين: “ڇو .....؟”
چيم: “ڇو جو منھنجي مٿي تي ڪي به سنڱ ناھن ، آئون به شڪل ۾ ھنن جھڙو انسان آھيان.”
چيائين: “پر ڳالھيون ڪفر جو ڪندو آھين.”
چيم : “آئون ڪافر ته آھيان ڇو جو مان پنھنجي محبوب کي خدا سمجھي محبت ڪئي آھي، مونکي خدا جيڪڏھن عشق ڪرڻ تي دوزخ ڏي ته مان خدا جو ھر فرمان کي لبيڪ چوندس ، آئون کلندي دوزخ قبول ڪندس ، پر پنھنجي ڪيل محبت کي سجدو ڪندس، ڇو جو مان تنھنجي ھڪڙي سڏ کان پوءِ خدا جو ھر سڏ لنوايو آھي، ڇو جو تنھنجي جدائي ۾ مان ھڪ ھڪ ساھ جي قيمت ادا ڪئي آھي، مونکان وري جنت لاءِ ڪو ڊرامون نه ٿيندو منھنجو ۽ دل جو جھيڙو ھلندڙ آھي. پريت منھنجو جھيڙو مونکي گنگھار ھجڻ جو احساس ڏياريو آھي.”
...

امان منھنجي آخري دعا

امان منھنجي آخري دعا
زندگي جي راھن ۾ ٿڙندو ٿاٻڙندو پنھنجي قسمت جي اڻپور تحريرن جي تلاش ۾ نڪتل رولاڪ ڪنڊن، شيشن، جا رستا پار ڪندي ٿڙيو ته دل سان گڏ چپن تي به ھڪڙو ئي لفظ آيو امان... دل اداس ٿي وئي، آسمان ڏانھن ڏسندين چيم امان ته ھن دنيا ۾ ناھي پر امان جي دعا مونسان گڏ آھي. ھر پل پنھنجي منھن ورجائي چيم ھا امان جي دعا مونسان گڏ آھي. اکين ۾ لڙڪن جو سمنڊ اٿليو، آسمان ڏانھن چمڪندڙ چنڊ کي ڏسندين چيم، چنڊ مونکي اڄ به ياد آھي، امان جي موڪلاڻي مونکي اڄ به ياد آھي، امان گھڻي وقت کان بيمارين سان جنگ وڙھي رھي ھئي، امان جي ساري بت مان ساه نڪري اچي نڙي ۾ اٽڪيو ھيس، موت حياتي سان جنگ جوٽيل ھئي ، امان جي پيرانڌي کان ڀينرون ويٺل ھيون، ڪا پير دٻائي رھي ھئي ته ڪا وري مٿو ڌٻائي رھي ھئي، ڪا ته وري پيرن ۾ منھن لڪائي روئي رھي ھئي، ڀائر بابا به روئندا ڏٺم. آئون انسان ھيس، دل ڀڃي ڀري پئي، مان به امان جي ٿڌي پيلي پيرن ۾ چنبڙي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳس.، ننڍي ڀيڻ ڊوڙي مونکي ڳراٽڙي پائي روڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي، چيائين:
“ ڀاءُ امان پاڻ کان وڇڙي ٿي وڃي تون ڪو پرچائينس، من ڪو تنھنجي ڳالهه مڃي.... !”
اوچتو منھنجي ذھن ۾ خيال آيو فون ڪري گاڏي گھرايم. ھڪ ڏينھن اڳ مونکي ڊاڪٽرن جواب ڏنو ھو، ڊاڪٽرن چيو ھو، ھن کي پنھنجي گھر وٺي وڃ، ھن جي زندگي جا ڪجھ پل آھن پر دل چيو وري به ڪنھن سٺي کان سٺي اسپتال وٺي وڃان، اسان وري به امان کي وٺي حيدراباد پھتاسين، جتي امان جي جسم مان ساھ نڪري اچي نڙي ۾ اٽڪيو ھو ، اتي به ڊاڪٽر ايمرجنسي ۾ رکيو وري مونکي گھرائي
چيائين ته : “مريض تنھنجو ڇا ٿئي؟”
چيم: “مريض منھنجي ماءُ آھي، آئون ان عورت جو اڻٿاڪو پٽ آھيان.”
مونکي ايمرجنسي پرچي ڏني. دوائن جي ڪجهه اھم ڪاغذن تي سگنيچر ورتي، منھنجي جسم مان ساھ ڇڏائي ويو. جڏھن ڊاڪٽر چيو اسان ڪوشش ڪيون ٿا، باقي رب کان دعا ڪيو، زندگي موت خدا جي ھٿ ۾ آھي. خدا ڪل ڪائنات کي ھٿ کڻي دعا ڪيم، روئي روئي پروردگار کي ٻاڏايم ته بس منھنجي آخري دعا آھي پروردگار پوري ڪندو ضرور پر شايد منھنجي دعا ستن آسمانن تائين نه پھچي سگھي، واپس ايمرجنسي روم ۾ آيس ته امان جي پيراندي ويھي پير دٻائڻ شروع ڪيم، ڊاڪٽر به سڀ اتئي ھئا... امان مونکي ھڪ ننڍڙي گھُور ڏئي ڏٺائين، اکيون مونکان ڦيرائي ڇت ۾ اٽڪائي ڇڏيائين... ڊاڪٽرن جي گھڻي ڪوشش کان پوءِ به امان جو ساھ وارو پکي پرواز ڪري ويو. جڏھن ڊاڪٽر منھنجي ڪھلي تي ھٿ رکي سوري ڪيو تڏھن جسم مان ساھ ڪجهه پلن لاءِ نڪري ويو. ان ڏينھن مان آسمان ڏانھن ڏٺو ته ڪاري رات چنڊ جي پاسي ۾ تارو چمڪي رھيو ھو. سوچيم منھنجي آخري دعا اتئي اٽڪي پئي، خدا تائين نه پھتي ان ڏينھن کان پوءِ مان خدا کان دعا گھرڻ ڇڏي ڏني.

...

اي چنڊ! تون اھو آھين

اي چنڊ! تون اھو آھين
اي چنڊ! تون اھو آھين، جيڪو ھتان کان پرين کي پيو ڏسين، جيڪڏھن آئون توکي پنھنجي لڙڪن سان ڍ دل جو احوال لکي ڏيان ته ڇا تون منھنجي ماکي لار مٺڙي پرين کي ٻڌائيندي ته رولاڪ کي اڪيلائي سودائي ڪري ڇڏيو آھي، ھو پنھنجي محبت کي وري رڻ ۾ ڳولڻ نڪتو آھي، ھو وري تصور ۾ جيئڻ جو عادي ٿي چڪو آھي، ھو ھاڻ گھڙي کن لاءِ به ٻاھر ھلي نه سگھندو. رولاڪ احساس کان سواءِ جي نه سگھندو، انڪري مان پاڻ کي اوندھ جي اڪيلائي جي غارن ۾ پاڻ کي صليب تي اڪيلو لٽڪندي ڏسندو آھيان. اوچتو ھوائن ۾ گلابن جي خوشبو وکري وئي سانئڻ نارنگي جوڙو پائي، سنڌي ھرمچي وارو رئو اوڍيل سامھون آئي ته دل جي دنيا وري ڪجهه پلن لاءِ آباد ٿي وئي. اکيون اکين ۾ وجھندي چيائين:
“رولاڪ ايڏو اداس نه ٿي مان تنھنجي اداسي تنھنجي حصي جا درد تنھنجي حصي جا ڏک ورھائي ٿي کڻان.”
چيم: “نه سائنڻ تون منھنجي لاءِ سنڌ منھنجي جنت جي سنھري مٽي مان ٺھيل مقدس عورت آھين ، مان توکي صدين کان سانڍي رکيل درد ورثي ۾ ڪئين ٿو ڏئي سگھان؟ مان توکي محبت جي بدلي، ڏک تڪليف اذيت نٿو ڏئي سگھان، ھا مان نٿو ڏئي سگھان.”
ٿڌو ساھ کڻندي چيائين: “ڇا رولاڪ تون مونکي ٻين مردن وانگر پاتالن ۾ اڇلائي ويندي”
چيم: “نه نه مان توکي پاتالن ۾ نه اڇلندس، آئون توکي بي پناھ محبت ڪندس، تنھنجي محبت جي ھر تهجد ادا ڪندس، آئون توکي ڪاري رات جو گوڌڙو فقير ٿي ڳوليندس، تنھنجي اچڻ جو چلو ڪٽيندس.”
اکين ۾ لڙڪ تري آيس ، رئو پنھنجي آڱرين ۾ وٽندي چيائين:
“رولاڪ ! رڳو رولاڪ تون ناھين، اسين به رولاڪ ٿيا آھيون.....!”
...

اندر کي اڏوھي وڪوڙي وئي

اندر کي اڏوھي وڪوڙي وئي
چيائين:
“رولاڪ منھنجي اندر کي اڏوھي وڪوڙي وئي آھي ، منھنجي رت ۾ سرڪا ٿا ٿين، مان ڇا ڪيان، ڪاڏي وڃان، مونکي منھنجي وجود جو بوجهه به وزني ٿو لڳي، جهڙو ڪير اندر ۾ گهوگها ٿو ڏئي پر ساھ نڪري نٿو... رولاڪ !”
منھنجي وجود تي ڄڻ وڄ ڪري پئي، مان پنڊ پھڻ ٿي، سانئڻ جي اداس لڙڪن ھاڻي اکين ۾ ڏسندو رھيس، آسمان ڏانھن ڏسندي سوچيم ته مان ناستڪ آھيان ، مان اڳ ۾ به ڪوڪون دانهون ٻڌيون ھيون پر سانئڻ جا لفظ منھنجي سيني مان تيرن جيان پار ٿي ويا آھن، منھنجو جسم ڪنبندو رھيو. ڏک وچان چيم:
“سانئڻ مون تي قيامتون ھزارين گذريون آھن پر اھڙي قيامت منھنجي ننڍڙي وجود تي اڳ نازل نه ٿي.”
سانئڻ جو ھٿ جھليندي چيم :
“سانئڻ ! اچ مان توکي ڀاڪرن جي پناھن ۾ لڪائي ڇڏيان، تنھنجي اندر جي اڏوھي کي محبت جي زھر سان مات ڏئي ماري ڇڏيان.”
ڪنڌ ڦيري چيائين:
“رولاڪ ھي اڏوھي مونکي اندر ئي اندر ۾ کائي ڇڏيندي، ھي دنيا مونکي جئيڻ نه ڏيندي، جي دنيا کان بچي به ويس پوءِ به مان پاڻ پنهنجي دشمن آھيان ، مونکان وڌيڪ منهنجو ڪو به دشمن ناھي.”
چيم : “نه سانئڻ ائين نه چئو! تون اڏوھي کي تاريخي شڪست ڏيندي.”
لڙڪ اگھندي چيائين:
“رولاڪ ناهيان ڏئي سگهي، ڏاڍي ڪوشش ڪئي آھي پر اڏوھي مونکي روح تائين کائي وئي آھي ، مان هن جو کاڄ ٿي وئي آھيان.”
مان پنڊ پھڻ ٿي ڏسندي چيم:
“سانئڻ مان پنھنجو پاڻ کي پنھنجي خدا کان پري جو ڪري ڇڏيو آهي، تنھنجو خدا رحمدل آھي، مان رولاڪ ناستڪ آھيان پر تون ته خدا جي پياري ٻانهين ۾ اچين ٿي، تنھنجو پالڻھار ڏاڍو رحمدل آھي، ھن ھاٿين جي لشڪر تي به ابابيلن کي موڪلي ٻاجهه جو ھٿ رکيو ھو، مٿي ڏسجان آسمان تي پنھنجي لاءِ به خدا ابابيلن کي حڪم ڏيندو.... ابابيل ولر ڪري پنھنجي چھنبن ۾ محبت کڻي اچي، پنھنجي اندر جي اڏوھي کي ماري ڇڏيندا... پنھنجي اندر جي مشرڪن کي به شڪست ايندي ۽ هي محبت فتح ياب ٿيندي.”


...

ھر جنم ۾ خدا کان توکي وٺندس

ھر جنم ۾ خدا کان توکي وٺندس
ھڪ ڏينھن چيائين: “رولاڪ توکي سمجھڻ ڏکيو آھي.”
چيم: “ھا مان چيني فلم آھيان ، جيڪا تنھنجي لاءِھلي ته پئي، پر سمجهه ۾ ڪجهه به نٿي اچي.”
منھنجي ڳالھين تي ٽھڪ ڏئي کلڻ لڳي چيائين:
“ رولاڪ منھنجي ھر سوال جو جواب رکندو آھين”
چيم: “ھا مان ڳالھڻ جي پي ايڇ ڊي ڪئي آھي.”
ھن جي چھري تي مرڪ ليئو پاتو ، اھُا مرڪ جنھن تي مرد جي دل جي سمنڊ جون ڇوليون پٿرن سان مٿو ھڻي واپس وڃن، پنھنجي ھٿن سان منھنجو چھرو دعا وانگر پڪڙي چيائين:
“رولاڪ تون ڪيترو معصوم آھين ؟ تنھنجو دل ننڍي ٻارن جيان نفرتن کان پاڪ آھي ”
چيم: “نه مونکي گاريون نه ڏي.”
چيائين: “مان گاريون ڪٿي ڏنيون.”
چيم: “اڳ ۾ چيو جو هيئي ته مان معصوم آھيان پر اھو سچ آھي ته مان معصوم نه آھيان ، مان اھو وڇون آھيان، جيڪو پنھنجي ئي زھر سان پاڻ ئي مرندو آھي.”
چيائين: “نه رولاڪ تون منھنجو سائين آھين، منھنجو ديوتا، منھنجي محبت جو ڀڳوان.... جنھن کي مان تهجد جا سجده ڪري، خدا کان گھرندي آھيان. رولاڪ تون مونکي ھر جنم ۾ خدا کان پنھنجو ڪري وٺي ايندي.”
چيم: “ھا بلڪل مان ھر جنم ۾ خدا کان توکي وٺي ايندس، جيڪڏھن خدا مونکي توکي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته مان خدا کان وري ڪو جنم نه وٺندس، سانئڻ! جيڪڏھن منھنجو جنم ٿيو ته مندر يا مسجد جي سِر ٿي جنم وٺندس، پوءِ سڄي زندگي اتئي ئي روئندو رھندس، ڇو جو منھنجو ھن جنم ۾ به تنھنجي لاءِ روئڻ باقي آھي.”
چيائين: “رولاڪ تون منهنجو ديوتا هوندين، هر جنم ۾ آئون تنهنجي داسي ٿي اينديس، تنهنجي محبتن جا صحيفا هر دور ۾ منهنجي روح تي نازل ٿيندا رهندا.”