شاعري

سنڌ سموري گهايل ڇو

ھن ڪتاب ۾ شامل سڄي شاعري مزاحمتي انداز ۾ لکي وئي آھي. ارشاد سومرو پنھنجي قلم کي ھٿيار جي حيثيت بخشي آھي، سندس قلم مان سرجي نڪتل سڀئي نظم قومي جذبي سان سرشار آھن. ھن ڪتاب جي پني پني تي، سٽ سٽ ۾، لفظ لفظ  ۾ ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين جي دانھن آھي.

  • 4.5/5.0
  • 15
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سنڌ سموري گهايل ڇو

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعرہ ۽ ليکڪا ارشاد سومرو جي شاعريءَ جو مجموعو ”سنڌ سموري گهايل ڇو“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو. 
ھن ڪتاب ۾ شامل سڄي شاعري مزاحمتي انداز ۾ لکي وئي آھي. ارشاد سومرو پنھنجي قلم کي ھٿيار جي حيثيت بخشي آھي، سندس قلم مان سرجي نڪتل سڀئي نظم قومي جذبي سان سرشار آھن. ھن ڪتاب جي پني پني تي، سٽ سٽ ۾، لفظ لفظ  ۾ ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين جي دانھن آھي.
ھي ڪتاب 2021ع ۾ مرڪ پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ارشاد سومرو جي سھڪار سان شيئر ڪجي ٿي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.

ارپنا

سنڌ جي عظيم قومپرست اڳواڻن

محترم ڄام ساقي صاحب

محترم رسول بخش پليجو صاحب

محترم عطا محمد ڀنڀرو صاحب جي نانءِ

جن محترم ھستين مون ناچيز جي

 ڪتابن تي لکي مونکي مان بخشيو!!!


- ارشاد سومرو


پبلشر نوٽ:

پبلشر نوٽ:
لاڙڪاڻي ضلعي جو خوبصورت تعلقو رتوديرو مون تڏهن سڃاتو، جڏهن نامياري اديب سائين مقصود ”گل“ سان سِڪ جو سڳو جڙيو. هونئن ته ”اهي رتي جون ماڙيون، وهه واهه رتو ديرو“ لوڪ گيت تمام اوائلي سڃاڻپ رکي ٿو. اُهو گيت ڪيترائي ڀيرا ڪنن ۾ گونجندو رهيو آهي. پر ادبي رهنما جي حصول بعد رتوديرو گهر بڻجي ويو. توڙي جو رتيديري ۾ ٻيا به ڪيترائي محبوب دوست اڄ تائين موجود آهن ۽ ساڻن سڪ جو توڙي ادبي رشتو قائم آهي. رتوديرو قومي سڃاڻپ وارو شهر رهيو آهي، سنگيت جي حوالي سان رتيديري مان سٺا نالا پيدا ٿيا، سياسي ۽ سماجي شخصيتن جي حوالي سان سنڌ جي مقبول شهرن مان رتوديرو به هڪ آهي. لاڙڪاڻي جي ڪڇ ۾ قائم شهر رتوديرو توڙي جو اڄ اُن عروج تي نظر نه ٿو اچي پر رتيديري جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ ماڻهو اڄ به سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ قوم جي سڃاڻپ آهن، نه رڳو ايترو پر قومي جذبي سان به سرشار آهن. انهن اهم ماڻهن منجهان رتيديري ڄائي سنڌ جي نياڻي، قومي جذبو رکندڙ عورت، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار مضمون نگار، ڪالم نگار ۽ ادب جي استاد، ارشاد سومرو به هڪ آهي.
ارشاد سومرو 27 ڊسمبر تي محترم محمد هاشم سومري جي گهر ۾ رتيديري ۾ جنم ورتو، هن لکڻ جي باقاعدي شروعات 1997ع کان ڪئي، پر سندس پهرين لکڻي گيت جي صورت ۾ 2004ع ۾ ”سرتيون“ ميگزين ۾ ڇپي.
ارشاد سومرو جي ذات ۾ سنڌي ٻولي ۽ قومي جذبو آهي، هن ذاتي ڪچهرين، مختلف محفلن، ادبي گڏجاڻين توڙي پروگرامن ۾ هميشه سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي محور بڻايو آهي، اهو ئي سبب آهي جو سندس لکڻين ۾ به قومپرستي نظر اچي ٿي. هن پنهنجن خيال جو اظهار ادب جي مختلف صنفن ۾ ڪيو آهي، نثر توڙي نظم ۾ سندس لکڻيون مختلف رسالن توڙي اخبارن ۾ ڇپيون آهن، اڄ به ڇپجنديون رهن ٿيون.
ارشاد سومرو جا چار تخليقي ڪتاب پهرين به شايع ٿي چڪا آهن. سندس پهريون شعري مجموعو ”گهڙي غمن جي ڀاري آ“ 2015ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، ان کان پوءِ ”درد جو ڇو انت نه آ“ نئين ڪويتا 2016ع ۾ شايع ٿيو، جنهن بعد سندس مضمونن جو ڪتاب ”ڌرتيءَ جي دانهن“، 2018ع ۾ ڇپجي منظر عام تي آيو. جنهن بعد گڏيل شاعريءَ جي مختلف ڪتابن ۾ به سندس شاعري ڇپجندي رهي. 2021ع ۾ (ھن سال) ئي سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”صدين جي اُڃ“ پڻ ڇپيو آهي.
ارشاد سومرو نثر جي به سگهاري ليکڪ ٿي سامهون آئي آهي پر سندس شاعري وڌيڪ مڃتا ماڻي آهي. هوءَ شاعر طور وڌيڪ سڃاتي وڃي ٿي، اُهو ئي سبب آهي جو سندس شاعريءَ جا ڪتاب وڌيڪ شايع ٿيا آهن.
”سنڌ سموري گهايل ڇو؟“ ارشاد سومرو جي نئين ڪويتا (شاعري) جو ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ شامل سڄي شاعري مزاحمتي انداز ۾ لکي وئي آهي. هڪ ليکڪ پنهنجي ڌرتي، قوم، قومي، توڙي سماجي حقن لاءِ ڪات، ڪهاڙا ۽ ٻيا هٿيار کڻي ويڙهه نه ڪندو آهي، پر ليکڪ جو قلم وڏو هٿيار هوندو آهي. ارشاد سومرو پڻ پنهنجي قلم کي هٿيار جي حيثيت بخشي آهي، سندس قلم مان سرجي نڪتل سڀئي نظم قومي جذبي سان سرشار آهن. هن ڪتاب جي پني پني تي، سٽ سِٽ ۾، لفظ لفظ ۾ ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين جي دانهن آهي، هن ڪتاب جي ڪُل شاعري قوم جو ورثو آهي، هن ڪتاب جي شاعري وقت جي حڪمرانن کان سگهارو سوال آهي.
مرڪ پبليڪيشن ڪراچي طرفان ارشاد سومرو جي شاعريءَ جو ڪتاب ”سنڌ سموري گهايل ڇو؟“ شايع ڪندي قومي ملڪيت مالڪن تائين رسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اميد تي ليکڪ توڙي اداري جي جدوجهد قبول پوندي.
مرتضيٰ لغاري

مهاڳ : سنڌ ڪيس جون ايف آءِ آر

مهاڳ : سنڌ ڪيس جون ايف آءِ آر

سنڌي شاعري پنهنجي لوڪ ورثي، سڀيتا ۽ ڀونءِ جي سونهن جو سمر ساڻ ڪري سفر پئي ڪيو ته هڪڙو وقت اهڙو آيو جو سنڌي شاعري فارسي بحر وزن جي ڪيمخواب بخمل تي براجمان ٿيڻ لڳي، ۽ زندگيءَ جي حسن ۽ قبح جي قيد ۾ صياد جيان کلڻ لڳي، تڏهن سنڌ جا صوفي شاعر به ان جي بحر وزن جي نه رڳو طرب کان! پر گلن ۽ ڀنورن جي تشبيهن، استعارن ۽ علامتن کان به متاثر ٿيا، جيڪي تصوف جي رازن رمزن کي سمجهڻ سمجهائڻ ۾ نهايت مددگار ثابت ٿيا، ايئن نه رڳو سنڌي شاعري تصوف جي ترهي تي ترڻ لڳي، پر سنڌ جي ڪيترن شاعرن انهن طرزن، موضوعن، تشبيهن ۽ استعارن ذريعي پنهنجي شاعريءَ جا واهڙ وهايا.
پر جيئن ته زندگيءَ جي حقيقت ترقي ۽ تبديليءَ سان سلهاڙيل آهي، ان ڪري ادب به سماجي، سياسي ڦير گهير ۽ سائنسي ترقيءَ وارين حالتن پٽاندر موضوعن ۽ اسلوب ۾ تبديلين جا ڪيترائي مرحلا طئي ڪيا ۽ لوڪ ۽ ڪلاسيڪي ورثي جي حوالي سان يا ٻاهرين دنيا جي شاعريءَ جي صنفن تي ڪيترا ئي تجربا ٿيا.
خاص طور ادب لطيف جي نثري اسلوب، موزون شاعريءَ کي نثري نظم يا نظماڻي نثر ڏانهن راغب ڪيو ايئن ئي سنڌي شاعري پنهنجي موزونيت مان آزاد ٿي نثر جي گرفت ۾ اچي وئي آهي.
اها ڳالهه به درست آهي ته عروضي پابنديون اسان جي سنڌي سماجي سيٽ اپ سان ٺهڪندڙ نه آهن، پر خود سنڌي لوڪ صنفون: بيت، ڪافيون يا موزون صنفون: قصيدو، مرثيو، مثنوي، رباعي، مسدس، مستزاد، معشر هاڻي جهڙوڪر اڻلڀ ٿي ويون آهن، خود غزل جي محبوب، ان جي حسن ۽ داخلي احساس ۾ به وطن، قوم ۽ ان جي ڏکن دردن جا موضوع شامل ٿي ويا آهن.
ٿورو عرصو اڳ سنڌي شاعرن ڪجهه ٻاهرين صنفن جهڙوڪ: سانيٽ، ترائيل ۽ هائيڪو تي به طبع آزمائي هئي، پر اهي به وقتي ثابت ٿيون، پر هاڻي جڏهن نظم: آزاد نظم، ليريڪل بيليڊ، بلئنڪ ورسس، نثري نظم، تجريدي نظم، نئين ڪويتا، ڪولاز ڪويتا جي فارمولي هيٺ ماڊرن سينسيبلٽيءَ جو اظهار ٿيڻ لڳو آهي ته ڪيترا ئي شاعر دل کولي ”نئين ڪويتا“ لکڻ ۾ جنبجي ويا آهن.
هند ۾ نئين ڪويتا جي ابتدا سنڌيءَ جي مشهور نقاد ۽ شاعر هريش واسواڻيءَ اڻويهه سئو سٺ جي پهرين ڏهاڪي ۾ ڪئي آهي، انهن ئي سالن ۾ سنڌ ۾ ماڊرن سينسيبلٽيءَ واري نئين ڪويتا جو بنياد امداد حسينيءَ رکيو آهي، پر شيخ اياز کان اسان جي ڀيڻ ارشاد سومرو جي هن شعري مجموعي تائين سوين قدامت پسند توڙي جدت پسند شاعرن نئين ڪويتا تي طبع آزمائي آهي.
شيام جئسنگهاڻي لکي ٿو ته: ”مغرب ۾ جديد ڪويتا اڻويهين صديءَ جي شروعات ۾ اچي چڪي هئي، مهاڀارين لڙاين جي تمام اثرن سبب پراڻيون سينسيبلٽيون ساهه ڇڏي چڪيون هيون ۽ مڃتائن جا مڪان ڊهي پٽ پيا هئا، ماياڪووسڪيءَ جي گروپ جو ماضيءَ کي رد ڪندڙ 1920ع وارو مينيفيسٽو ۽ ٽيڪنڪ، وشيه ۽ ٽيمپر جي لحاظ کان پوريءَ جنريشن کي اتساهه جي آرسيءَ طور ملندڙ ٽي ايس ايليٽ جو ”ويسٽ لئنڊ“ ڇتائيءَ سان بدلجندڙ نظاري جي شروعات هئي. وقت جي صحيح ترجماني ڪندڙ جذبو، شڪستگي، ۽ بي بندوبستگي، دشاهيڻتا ۽ اوشواس، خوف، خاليپڻو ۽ هيسٽيريا، ڊي ڪمپوز ٿيل سڀيتا، جديد دنيا جي نامردي ۽ ناڪاميءَ کي چِٽڻ جي سلسلي ۾ نوَن محاور ۽ نين معنائن جي سِمتن جي تلاش ڪويتا جي کيتر ۾ هڪ هلچل جهڙو روپ وٺي چڪي هئي.“ (سنڌي ڪويتا: ”معنى بي معنى جي بلائينڊ ٽيسٽ“ ليکڪ: شيام جئسنگهاڻي، ماهوار ”ڪونج“ بمبئيءَ، سيپٽمبر 1983ع، ص: الف).
شيام جئسنگهاڻي اڳتي لکي ٿو ته: ”اڄ جو ڪوي صرف پنهنجن پاڇن ۾ چهل قدمي نه ٿو ڪري، پر ٻاهرين حقيقتن کان اندرين حقيقتن ۽ داخلي فئنٽسيز ڏانهن سندن سفر ۽ واپسي سفر، شخصي حالات مان ٻاهر اڀري، وجودي ڇوهه بڻجڻ جو آڀاس ۽ سمورن تلخ انڀوَن طرف کليل تصور جي تاثيرن سان ٽڪراءَ مان پيدا ٿيل ردعمل ۽ دريافت، جديد ڪويءَ جي انڀوَن ۾ نواڻ بخشيندڙ هم آهنگيءَ کي جوڙي ٿي.“ (سنڌي ڪويتا: ”معنى بي معنى جي بلائينڊ ٽيسٽ“ ليکڪ: شيام جئسنگهاڻي، ماهوار ”ڪونج“ بمبئيءَ، سيپٽمبر 1983ع، ص: پ).
هيرو شيوڪاڻيءَ جو چوڻ آهي ته: ”هند ۾ نئين ڪويتا جي ڌارا تجربن جو هڪ ويڪرو ميدان بڻجي آئي آهي، مغربي ساهتيه جي اڀياس ۽ ٻين همعصر ٻولين جي شاعريءَ کان متاثر ٿي، هن صديءَ جي ڇهين ڏهاڪي ۾ آيل هيءَ ڌارا موضوع توڙي فارم ٻنهي ۾، لڳ ڀڳ هڪ پورو الڳاوُ ڏيکاري ٿي. نئين پيڙهيءَ جا ڪوي بنهه هڪ نئون انڀو ۽ اظهار کڻي اڳيان آيا، تاثرات جهٽيندي به هنن اڄ جي پيچيدي، ڍونگي ۽ تضادن ڀري پسگردائيءَ جي دٻاوَ کي پنهنجي نسن تي ڀوڳيو آهي.“ (سنڌي ساهتيه ۾ تجربا: هيرو شيوڪاڻي، ٽماهي رچنا، ڪلڪتو، اپريل جون 1983ع، ص: 30).
سنڌ جي هن شاعره ارشاد سومرو به پنهنجي دور ۾ ڌرتيءَ ڌڻين سان ٿيندڙ ظلم، بيگناهه سنڌين جو کنڀجي وڃڻ، معصون نياڻين سان ٿيندڙ زوريءَ زنا، اغوا، قتل، سنڌ کي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙڻ لاءِ ڌارين جي آبادڪاري، ڌارين جا ڊوميسائيل، مذهبي انتها پسندي، تعليم تي راتاها، ۽ خاص طور قانون جي لتاڙ ۽ ناانصافي جي درد کي، ۽ سنڌ جي ٻين به ڪيترين خارجي وارتائن کي پنهنجي رڳن ۾ ڀوڳيو آهي، انهيءَ ڀوڳنا جي احساس جا اٻڙڪا سندس ڪويتا جي هڪ هڪ سٽ ۾ نمايان آهن.
مان جڏهن هن شعري مجموعي جو مسودو کڻي پڙهڻ ويٺس ته آرٿر لورينٽ جي فلم The way we wereجي نائڪا (باربرا اسٽرسنڊ) اکين اڳيان اچي وئي: فسطائيت جي خلاف پمفليٽ ۽ احتجاجي بينر لکندي، گهر ۾ ويهي مشين تي ڇاپيندي، ۽ اهي شهر ۾ ورهائيندي، بئنرن کي ديوارن تي چنبڙائيندي ۽ عورتن، ٻارن جي تعليم ۽ حفاظت لاءِ انقلابي گيت ڳائيندي نظر اچڻ لڳي.
ارشاد سومرو جا قوميت جي جذبي سان ٽمٽار هي سڀئي شعر اُهي احتجاجي بئنر ۽ اندر جي وڏي اٻڙڪي مان لکيل پمفليٽ آهن، جن ۾ سنڌ جي هر ڏينهن جي، ظلم جو داستان رقم ٿيل آهي، بس فرق رڳو اهو آهي ته اهي جيڪڏهن ديوارن تي چنبڙائيل هجن ها، يا جلسن ۾ ورهايل هجن ها ته ان جو وقتي اثر ته ضرور ٿئي ها پر سنڌ جي ڳلين ۾ ورهائڻ يا ديوارن تي چنبڙائڻ بجاءِ انهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري شايع ڪرڻ سان، سنڌ پنهنجي سجاڳ مستقل واري دور ۾ ارشاد سومرو جي لکيل اڄوڪين بربادين جي هن داستان تي افسوس وچان، اکين مان ٻه لڙڪ ضرور لاڙي ويهندي.
ان حوالي سان ارشاد سومرو جي هنن نين ڪويتائن جو اڀياس ڪبو ته سندس هي نيون ڪويتائون اوهان کي سنڌ جي برباد ٿي ويل قومي حالتن متعلق اهي ايف آءِ آر (FIR) لڳنديون جيڪي حڪومت وقت وٽ ڪٽجي نه سگهيون آهن. مٿان افسوس جي ڳالهه اها به آهي ته سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن جون ڪي FIR جيڪڏهن ڪٽيون به آهن، تڏهن به انهن تي ٿورو به عمل نه ٿي سگهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو ارشاد سومرو پنهنجو شاعراڻو فرض سمجهي نهايت شدت ۽ بيباڪيءَ سان پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي.
شاعريءَ ذريعي سنڌين کي سجاڳ ڪرڻ جي نماڻين وينتيون ۽ وقت جي سرڪار کي سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين متعلق للڪاريندڙ هي شعري مجموعو: ”سنڌ سموري گهايل ڇو ؟“ هن دور جي ناانصافين جو اکين ڏٺو احتجاجي دستاويز آهي، جنهن ۾ ليکڪا نهايت جرعت سان نه رڳو پنهنجي سنڌي جاتيءَ کي پر چيف جسٽس کي، وزير اعلى کي، رياست جي عدالتن کي به مخاطب ڪري، کين رياست جي قانوني فرضن کان آگاهه ڪيو آهي ۽ پنهنجي سچي قوم پرست سنڌي هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي.
ارشاد سومرو جون هي ڪويتائون، موضوع جي تسلسل ۾ نهايت فوڪسڊ آهن، حالانڪ سندس شاعراڻي ٽريٽمينٽ ۽ لفظ نهايت سادا ۽ عام فهم آهن پر شهر جي قاتلن کي به للڪاريڻ لاءِ نهايت شدت سان ڀريل آهن.
مون کي ان ڳالهه جي به خوشي ٿي آهي ته ارشاد سومرو پنهنجي سڃاڻپ جو نعرو به بلند ڪيو آهي:
مان هزارن سالن کان سنڌي آهيان
مان مٽيءَ جي مهڪ آهيان
تون مٽيءَ جي خوشبو ڇا ڄاڻي؟
مان ڌرتيءَ جي سڃاڻپ آهيان.
مان نه ٿو سمجهان ته ارشاد سومرو جي هن مجموعي کان اڳ سنڌ جي سوين ايف آءِ آرن تي مشتمل ڪويتائن کي مجموعي جي صورت ۾ شايع ڪرڻ جي ڪنهن جرعت ڪئي هجي. خود سندس گذريل شعري مجموعو ”درد جو ڇو انت نه آ؟“ به وڏو تاريخي ڪارنامو آهي، جنهن جي نشاندهي ڪندي سنڌ جي سڄاڻ شاعر آسي زمينيءَ لکيو آهي ته:
”اهو نئين ڪويتا جو مڪمل پهريون ڪتاب آهي.“
مون سندس اهو مجموعو ته نه پڙهيو آهي پر مان سمجهان ٿو ته سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن زيادتين متعلق سوين ايف آءِ آرن تي مشتمل نيئن ڪويتا جو هي مجموعو به پهريون ۽ منفرد مجموعوآهي، جنهن ۾ سنڌ جون اهي درد ڪٿائون آهن، جن مان مانواري شاعره جا جذبا ڀنڀٽ جيان ٻرندي محسوس ٿين ٿا.
مجموعي جي آخري حصي ۾”ديس جي نياڻين جون درد ڪٿائون“ (بابا هي ديس آ ڪهڙو؟) پڙهي، سچ پچ ته منهنجي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا آهن:
• منهنجي سنڌ جون نياڻيون
ڪنهن ڪنهن نياڻيءَ جا نانءَ لکان
ڪهڙا ڪهڙا ٿيل گهاءَ ڳڻيان.

• هنن معصوم مکڙين کي چيڀاٽڻ وقت
ڪيڏو نه دانهيو هوندو
خدا کي پڪاريو هوندو
امڙ کي ساريو هوندو.

ڀيڻ ارشاد سومرو پنهنجي ڪويتا: ”انسانن جا جهنگل“ ۾ نه رڳو سنڌين جي غيرت کي للڪاريو آهي پر سنڌي قوم لاءِ نهايت اهم سوال به اٿاريو آهي:
جيڪي ننگن ۽ دنگن تي سر ڏيندا هئا،
سي ئي نياڻين جون لوئي ليڙون ڪندا؟
جيڪي سامن تي سر ڏيندا هئا
سي ئي ڪلين کي قتلام ڪندا؟
ڇا سنڌ جو ماڻهو
بي حس ٿي ويو آ؟
پنهنجي تهذيب، ثقافت
وساري ويٺو آ؟

۽ پيارا پاٺڪو.... ياد رکو! نئين ڪويتا جي هن مجموعي جي اشاعت جو سبب!
بس اهو ئي آهي! اهو ئي آهي!! ساڃاهيو!!!
ته ڇا اسان بي حس هجڻ ۾ ڪا ڪسر ڇڏي آهي؟؟؟
بيدل مسرور
سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
26. فيبروري 2021ع

پنهنجي پاران

پنهنجي پاران

هيءُ مجموعو منهنجي شاعريءَ جو ٽيون مجموعو آهي، جيڪو سڄو نئين ڪويتا جو ڪتاب آهي ”سنڌ سموري گهايل ڇو؟“ هيءُ ڪتاب به منهنجي مٺڙي سنڌ ۽ سنڌ جي اٻوجهه عوام ۽ سنڌ جي وسيلن جي بيدرديءَ سان تين وال ۽ لٽ ڦُر تي لکيل آهي، جيڪي هن ديس وندن جي دردن جون دانهون ۽ آهون آهن ته وري من اندر جي پيڙاهون آهن، سنڌ ۾ ٿيندڙ وارداتين جون وارتائون آهن، جيڪي قلم جي نوڪ سان پني تي اوتيون آهن.
سنڌ جي وسيلن سان جتي ڌارين ويل وهايا آهن، اُتي پنهنجن به وسان ڪين گهٽايو آهي، سنڌ جي سرزمين دنيا ۾ ”انڊس ويليءَ“ ۽ ”موهن جي دڙو“ جي ماڳ طور سڃاتي ٿي وڃي. ان سان به اسان ڪا گهٽ ڪانه ڪئي آهي، هن عظيم ماڳ جي مقدس مٽيءَ کي روز پيرن هيٺان لتاڙي، هن جو اصل سرون به ڀنڃي ڀوري ڇڏيون آهن، ”موهن جي دڙي“ جي کوٽائي مان مليل اصل نوادرات به وڃائي ڇڏيا آهن. سمبارا جي مورتي به نقلي ٺاهي بيهاري آ، ”موهن جي دڙي“ جو ماڳ اگر ڪنهن انگريز ملڪ ۾ نڪري ها ته ان کي ساهه ۾ سانڍين هان، پر اسان هر عيد تي موٽر سائيڪلن هلائڻ جي کليل اجازت ڏيندا آهيون.
انگريز سنڌ تي هڪ سؤ چار سال حڪومت ڪري آزاد ملڪ ۽ قوم کي غلام بڻايو، پر هن قوم تي ڪيترا احسان به ڪري ويو، جن ۾ ”موهن جي دڙي“ جي کوٽائي ڪري دنيا کي ٻڌايو ته سنڌ پنج هزار سال يا ساڍا ست هزار سال پراڻي، سڌريل ۽ تهذيب يافته قوم هئي، جيڪا مصر جي سمير تهذيب جي برابر هئي، سنڌ جا ماڻهو مصر سان نير، ململ ۽ ٻين شين جو واپار ڪندا هئا، فرعون جي مميءَ کي ويڙهيل ململ به سنڌ جي آهي، جڏهن سڪندراعظم دنيا فتح ڪرڻ جي جنون ۾ سنڌ آيو هو ته هِتان جي ماڻهن کي تن تي سوٽي ڪپڙا ڏسي حيران ٿي ويو، ڇو ته دنيا ۾ ان وقت به اُن جا ڪپڙا پهريا ويندا هئا، پر سنڌ ۾ ڪپڙي اُڻڻ جا اَڏاڻا هئا، سڪندراعظم سنڌ مان وونڻ جو ٻج پنهنجي ملڪ کڻي ويو، ۽ ڪپڙي ٺاهڻ جا ڪارخانا لڳايا ”انڊس ٽري“ انڊس مطلب سنڌ ٽري مطلب وڻ ڪپهه جو ٻوٽو.
انگريزن 1853ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي 52 حرفن جي الفابيٽ ٺاهي، سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخط تيار ڪئي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ٿي، سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو مليو، هر سرڪاري ملازم کي سنڌي مضمون جو امتحان لازمي پاس ڪرڻو پوندو هو.
شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام کي سهيڙي ”شاهه جو رسالو“ جو روپ ڏئي، شاهه ڀٽائي کي دنيا ۾ عظيم شاعر طور روشناس ڪرايو ۽ دنيا جي وڏن شاعرن جي صف ۾ بيهاريو.
روپلو ڪولهي، جنهن انگريزن سان مزاحمتي جنگ جوٽي هئي، پر انگريز جي آڻ ڪونه مڃي، روپلي ۽ ٿر جي ڪولهڻين جي مزاحمتي ڪردارن جن ڪارونجهر جو ڳاٽ اونچو ڪيو، شاباس آهي انگريزن کي جن روپلي کي ڳولهڻ لاءِ ڪارونجهر جي ڪور جو هڪ پٿر به نه ڪيرايو، پر افسوس! اڄ اسان انگريز جي غلاميءَ کان ته آزاد آهيون، پر آزاديءَ جي روپ ۾ دائمي غلاميءَ جي ڳري زنجيرن ۾ جڪڙيل آهيون، جيڪي ڳري هجڻ سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿيندا پيا وڃن، جن کي لاهڻ ۾ به ڪي صديون لڳنديون.
اڄ ان روپلي ڪولهي جي سڃاڻپ ڪارونجهر جبل کي ڳرين مشين سان پرزا، پرزا ڪري ڪٽي کپايو پيو وڃي، ستم ظريفي ته ڏسو مشين جا مزدور به ٿر جا ٿري آهن، جيڪي هٿن سان ڪارونجهر پيا ڪٽن.
عام چوڻي آهي ته ”ڪارونجهر“ جي روز جي ڪمائي سواءِ ڪلو سون برابر آهي، افسوس اڄ ڪارونجهر جو قيمتي پٿر گرينائيٽ کي ڪپي ڪوري ٿر جي سونهن کي برباد ڪيو پيو وڃي، ته وري قدرتي قائم ڪيل توازن کي ختم ڪيو پيو وڃي، ڇو جو جبل زمين جا قلعا هوندا آهن.
ڇنڇر 14- سيپٽمبر 2019ع تي ٿر گهمڻ وياسين، مها ڏڪار کان پوءِ ٿر وسيو ته هر طرف ٿر سائي چادر پهري ڇڏي، ٿر به جنت نظير ڪشمير جي واديءَ کان گهٽ ناهي. ننگر پارڪر ۾ ڪارونجهر جبل گهمڻ وياسين ته نه مور نظر آيا نه پاڻيءَ جا چشمه نظر آيا، اُتان جي ٿري ٻارن افسوس مان ٻڌايو ”باجي! هيءُ جيڪو روڊ آهي جن تي جيپون ۽ ڪارون ٿيون هلن، اُتي پهريائين پاڻي جو چشمو وهندو هو، هاڻي هن جبل جي پويان چشمو وهندو آهي، پر ڏاڍو خطرناڪ آهي، اگر ماڻهو جو پير ترقي ته پوءِ نڪرڻ به مشڪل ٿيندو.“ ٻارن جون ڳالهيون ٻڌي بيحد افسوس ٿيو، دل ۾ چيو ”اها ڪهڙي ترقي آهي؟ جنهن ۾ ماڳن جو حسن ئي ختم ٿي وڃي؟“ هن سون ورني سنڌ، ۽ ديس جي مارن سان ايڏو ناحق؟ ڪٿي ماڳ پيا مٽجن ته ڪٿي وسيلا پيا ڦرجن ته ڪٿي مائر ٻچن جا لاش جهوليءَ ۾ کڻي، ڪفن جي ٻن والن ڪپڙي لاءِ روڊن تي ٿيون صدائون لڳائن، روز نياڻين سان ڏاڍايون ڪري گهٽا ڏئي لاش ٻورين ۾ بند ٿي پيا ملن، نياڻين جا ٻورين ۾ لاشن جو ملڻ به روز جو معمول بڻجي ويو آهي. مفادن جي ور چڙهيل ديس جون نياڻيون ڪاريون ٿين يا جرڳا ٿين، هن ديس جا ڪهڙا درد ڳڻيان؟ ڪهڙا درد ونڊيان؟ هيءُ پورو ڪتاب ديس ڌڻين جي درد ڪٿا ئي آهي.
هن ڪتاب کان اڳ به منهنجا شاعريءَ جا ٻه ڪتاب اچي چڪا آهن، هڪ ”گهڙي غمن جي ڀاري آ“ ٻيو نئين ڪويتا جو مجموعو ”درد جو ڇو انت نه آ؟“
ٽي گڏيل شاعري جا مجموعا الڳ آهن[ انهن ۾ به هن ديس جي درد ڪٿا ئي بيان ٿيل آهي.
مون کي ياد آهي ته ڪتابن جي ڇپجڻ کان اڳ، منهنجي هڪ شاگرد چيو هو، ”مس! اوهان پنهنجي شاعري جو ڪتاب ڇو نٿا ڇپرايو؟“
سندس خواهش تي وراڻيو هو ته، جيڪڏهن منهنجو ڪتاب ڇپيو ته پڙهندڙ پٿر هڻندا ته ڇا لکيو اٿئي؟ يا وري ڪتاب جي پنن ۾ پڪوڙا رکي کائيندا، ڇو جو، پڙهندڙن جي پسند جي هن ڪتاب ۾ ڪابه ڳالهه ناهي، نه ته راتين جا اوجاڳا آهن، نه ئي وري علم عرض جا قائدا قانون آهن، بس دل مان نڪتل هڪ آهه آهي. اُها پڙهندڙ کي وڻي الائي نه؟“ هن معصوميت مان وراڻيو ”مس! اوهان ڪتاب ڇپرايو اسان اکين تي رکي پڙهنداسين.“ پهريون ڪتاب ”گهڙي غمن جي ڀاري آ“ سنڌ راڻي پبليڪيشن وارن ڇپيو ته سڀ کان پهرين اعزازي ڪاپي ان معصوم شاگرد ڏي موڪلي، ميسيج ڪري چيائين ”مس! اوهان جو ڪتاب مون اکين تي رکي پڙهيو اٿم، منهنجي دعا آهي ته اوهان جو ڪتاب ڪاميابي ماڻيندو.“ شايد ان شاگرد جي دل مان نڪتل دعا جو اثر هو جو ڪتاب کي سوچ کان وڌيڪ موٽ ملي، ته حوصلو وڌي ويو ۽ ٻيو ڪتاب آڻڻ جو شوق جاڳيو.
”درد جو ڇو انت نه آ!؟“ ڪتاب تي ٻه اکر لکڻ لاءِ محترم آسي زميني صاحب کي گذارش ڪيم، سندس لک ٿورا اڻ ڳڻيا احسان ڪتاب تي بعنوان ”الا! ڏاهي ۾ ٿيان“ لکي ڏنو، ان سان گڏ ڀيٽا طور هڪ غزل به لکي موڪليو جيڪو مون ڪتاب ۾ شامل ڪيو، ان غزل جون آخري ٻه سٽون هيون:
ڀيڻ ارشاد سومرو ’آسي‘،
ڀاڳوند آ جو ڀاءُ سڏيو آ تو.
بقول ادا آسي زمينيءَ جي ته، ”درد جو ڇو انت نه آ!؟“ نئين ڪويتا جو مڪمل پهريون ڪتاب اوهان جو هوندو، ان کان اڳ پورو نئين ڪويتا جو ڪتاب نه ڇپيو آهي.
جڏهن ڪتاب روشني پبليڪيشن وارن ڇپيو ته پوري سنڌ مان ڀرپور موٽ ملي، اندازي کان وڌيڪ پڙهندڙ تعريف ڪئي ۽ داد مليو.
ادا آسيءَ پاڻ کي ڀاڳوند سڏيو آهي. ”ادا آسي! ڀاڳوند مان آهيان جو اوهان مون کي ڀيڻ سڏيو آهي.“ سچ پچ مان وڏي ڀاڳوند آهيان، ادب جي ديومالائي شخصيتن مون جيتامڙي ليکڪا تي لکي مون کي مانُ بخشيو آهي. ڪٿي مان ڪٿي اوهان سنڌ جي وڏن اديبن جو مقام مون ڪڏهن خواب ۾ به نه سوچيو هو ته ادب جي دنيا ۾ مون کي ايترو مانُ ۽ مڃتا ملندي.
منهنجي ٻن ڪتابن جي مهورتي تقريب ۾ سنڌ جو مهان سياستدان قانوندان، شاعر ۽ نقاد محترم رسول بخش پليجي صاحب علالت جي باوجود منهنجي خواهش جو مانُ رکي مهمان خاص ٿي هن تقريب کي يادگار بڻايو، ته وري محترم امداد حسيني صاحب ٻنهي ڪتابن جا مهاڳ به لکيا ۽ تقريب جي صدارت به ڪئي. ريڊيو جو بهترين ڪمپيئر ۽ شاعر ادا نصير مرزا صاحب پروگرام جي ميزباني ڪئي. محترم زيب سنڌي صاحب، ميڊم امر سنڌو صاحبه، ميڊم تهمينه مفتي صاحبه ۽ گلبدن جاويد مرزا صاحبه جنهن هر موڙ تي رهنمائي ڪئي. ميڊم فاطمه ٻٻر جنهن منهنجي شاعريءَ کي پنهنجي ايم.فل جي ٿيسز ۾ شامل ڪئي آهي. پر ادا آسي زمينيءَ جي نه اچڻ جو اڄ به افسوس اٿم، ادا چيو ته ”مان پروگرامن ۾ اچڻ ڇڏي ڏنو آهي“، صدارتي تقرير محترم امداد حسيني صاحب ڪئي، مهمان خاص طور آخر ۾ محترم رسول بخش پليجي صاحب جي اسپيچ ته سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو، ايڏو وڏو سياستدان، ايڏو وڏو قانوندان، ايڏو وڏو ليکڪ ۽ نقاد ڪتابن جي ايتري تعريف ڪئي، حيران ٿي ويس، مون سوچيو هو ته ايڏو وڏو ماڻهو ۽ نقاد ته منهنجي ڪتابن جا بکيا ئي اڊيڙي ڇڏيندا، پاڻ اسپيچ ۾ ڇا فرمايو هن ڪتاب جي بيڪ پيج تي ڏني اٿم.
منهنجي پهرين نثري مضمونن جي ڪتاب ”ڌرتيءَ جي دانهن“ جو مهاڳ وقت جي ارڏي بهادر ۽ قومپرست ڪارڪن محترم دودي مهيري صاحب لکيو آهي.

ته وري شاندار ۽ تاريخي مقدمو سنڌ جي قومپرست سياستدان، مهاڏاهي، مترجم، تاريخدان ۽ شاعر محترم عطا محمد ڀنڀري صاحب لکيو آهي.
جڏهن مون ڪتاب تي مقدمو لکڻ جي خواهش ڪئي ته وڏي خوشيءَ سان مقدمو لکڻ جي حامي ڀري ]جڏهن ته ڀنڀري صاحب کي ڊاڪٽرن لکڻ کان منع ڪيو هو[ ڀنڀري صاحب اي فور سائيز تي مارڪر سان 50 پيجن تي مقدمو لکي فون ڪئي ته ”بابلا! مقدمو لکيو اٿم، ماڻهو موڪلي گهرائي وٺو.“ مون ماڻهو موڪلي مقدمو گهرائي ورتو، مقدمو ڪتاب جي ڪمپوزر عرفان ميمڻ ڏي موڪليو، ادا عرفان فون ڪري چيو ته ”ادي! ڀنڀري صاحب جي لکڻي سمجهه ۾ نٿي اچي‏، اوهان پاڻ لکي ڏيو، مقدمو گهر واپس ڏئي ويو.
مون مقدمو پاڻ لکيو، جيڪي لفظ مون کي به سمجهه ۾ نه پئي آيا، انهن کي انڊرلائين ڪري، آچر تي موڪل واري ڏينهن ڀنڀري صاحب جي گهر کڻي ويس، ڀنڀري صاحب پنهنجي نياڻي کي چيو ته، ”بابا! سومريءَ کي مقدمو درست ڪرڻ ۾ مدد ڪيو، جيڪو لفظ سمجهه ۾ نه اچي ته مون کان پڇي وٺجو.“ ڀنڀري صاحب جي نياڻيءَ مقدمو درست ڪرڻ ۾ مدد ڪئي، جيڪي لفظ سمجهه ۾ نه پئي آيا، اُهي ڀنڀري صاحب کان پڇياسين، ۽ ڪجهه وڌيڪ زباني به چوندا ويا ۽ مان لکندي ويس، اهڙيءَ طرح مقدمو مڪمل ڪيوسين، ۽ کلي چيائون ”بابلا! اصل مقدمو مون کي ڏئي وڃجو ته لکيل مقدمن ۾ رڪارڊ طور رکندس، مون اصل لکيل مقدمو ڀنڀري صاحب کي واپس ڪيو، ڀنڀري صاحب جي گهرواريءَ منجهند جي مانيءَ ۾ مڇي ۽ چانورن جي ماني کارائي.
اهو درست ڪيل مقدمو، ادا عرفان کي ڏنو ته ڪمپوز ڪيو. ڀنڀرو صاحب، فون ڪري چوندا هئا، ”سومري! اچو ته سنڌ جي سورن تي ڪچهري ڪيون“ آءٌ جڏهن به، سندس گهر ويس سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين ۽ ظلمن تي ڪچهريون ڪيون. کلي چوندا هئا، ”سومري! سچ پچ سنڌ جي سورمي آهين.“
ڪتاب ڇپجي آيو ته ڪتاب جون ڏهه ڪاپيون کڻي، سندس گهر ويس، ڪتاب ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا، خوشيءَ مان چيائون ”سومري! ڏاڍي ڪنجوس آهين، صرف 10 ڪاپيون آنديون آهن، ٻيون به ڪاپيون موڪليو ته مان سنڌ جي شعور وارن ماڻهن کي ڏيان، انهن کي خبر پوي ته، سنڌ ۾ ٻاگهل ٻايون ۽ سورميون اڄ به آهن.“ ڀنڀري صاحب کي ڪتاب ڏيڻ کان پوءِ مون پنهنجي دل جي خواهش ظاهر ڪئي ته، ”بابا! اوهان منهنجي ڪتاب جي مهورت تقريب جا مهمانِ خاص هوندا.“ چوڻ لڳا ته، ”مان اسٽيجن تي اچڻ ڇڏي ڏنو آهي.“ مون وراڻيو ته، ”پوءِ مان ڪتاب جي مهورت ئي ڪونه ڪرائيندس.“ کِلي چوڻ لڳا، ”سومري! ڏاڍي زوراور آهين، بابلا! مان مهورت تقريب ۾ ايندس.“ پر منهنجي بدنصيبي جو ڪورانا جي قهري وبا جي ڪري ڪتاب جي مهورت نه ڪرائي سگهيس ۽ هن اعزاز کان محروم رهيس، ان جو افسوس زندگي ڀر رهندو.
3 جون 2020ع تي ڀنڀري صاحب جو انتقال ٿي ويو، ڀنڀري صاحب جي نمبر تي فون ڪئي ته، سندس وڏي پٽ فون رسيو ڪري ٻڌايو ته، ”تدفين ڳوٺ ٿيندي.“ لاڪ ڊائون سبب وڃي نه سگهيس، جنهن جو ڏاڍو افسوس اٿم. پوءِ سندس گهر وڃي، امان ۽ اديءَ سان تعزيت ڪيم.
پاڻ مون کي ڌيءَ چوندا هئا ۽ ڌيءَ جيترو مان به ڏيندا هئا، سنڌ جي عظيم شخصيت جو مون جيتامڙي ليکڪا کي ايڏو مان ڏيڻ، سچ ته هو، عظيم انسان هئا.
هن ڪتاب جو مهاڳ به سنڌ جي نامياري شخصيت ادا بيدل مسرور صاحب لکيو آهي، آءٌ دل جي گهراين سان سندس شڪر گذار آهيان. مان انهن سڀني مان وارن جا جيترا به ٿورا مڃيا گهٽ آهن، احسان منهنجي رب جا به بيشمار آهن جنهن مون کي لکڻ جي سگهه بخشي. اميد ٿي ڪيان ته هيءُ ڪتاب به اوهان جي معيار تي پورو لهندو!
ارشاد سومرو
ڇنڇر 6 جون 2020ع، بمطابق 13 شوال 1441هه
Feed Back: irshad.soomro32@yahoo.com

حصو پهريون : رب جي دربار ۾ التجا!

---

بس ديدار پنهنجو عطا ڪجانءِ!

بس ديدار پنهنجو عطا ڪجانءِ!


مالڪ مٺڙا!
توکان مون فقيري گهري آ!
بس، فقيري تون عطا ڪجانءِ!
نه عيش گهريو نه آرام گهريو،
بس، فقيري لباس، تون عطا ڪجانءِ،
نه چاندي گهري، نه سون گهريو،
بس، فقيري هار تون عطا ڪجانءِ.

مالڪ منهنجا!،
قبر جي تنهائي ۾،
ڪريم آهين، تون ڪرم ڪجانءِ،
رحيم آهين، تون رحم ڪجانءِ،
قبر جي اونداهيءَ ۾،
قرآن مون لاءِ روشن ڪجانءِ!
درود مون سان ساڻ ڪجان!
پنجتن پاڪ جي صدقي،
پنج نمازون بخش ڪجانءِ!
ٻارهن امامن جي صدقي،
ٻارهن مهينن جون خطائون بخش ڪجانءِ!
سوا لک نبين جي صدقي،
سڀ اوڻايون معاف ڪجانءِ،
هن جيتامڙي وجود تي،
رحمت جي چادر سان ڇانوَ ڪجانءِ،
توکان جنت ڪونه گهران ٿي،
بس! ديدار پنهنجو عطا ڪجانءِ!




معراج جي رات!

معراج جي رات!

رجب جي 27 تاريخ تي،
نبي پاڪصه براق تي چڙهيا،
بيت المقدس ۾ اچي،
امامت ڪل نبين جي ڪيائون،
وري براق تي سوار ٿي،
آسمان ڏي اُڏامي ويا.
راز نياز جي ڳالهين کان پوءِ،
نبي پاڪصه بهشت ۽ دوزخ،
ڏسڻ جي ظاهر ڪئي خواهش،
خدا جي حڪم سان،
ملائڪ نبيءَ سان گڏ هليا،
نبي کي بهشت جو ڪرايو سير،
بهشت کان پوءِ ڪرايو دوزخ جو سير،
دوزخ جو عذاب ڏسي،
رسولِ خدا تڙپي پيا،
آهي اهوئي رهنما قيامت ۾،
”ناز“ خوشيءَ کان جهومي پئي.



رحمت جي چادر ۾ لڪائي ڇڏ!

رحمت جي چادر ۾ لڪائي ڇڏ!

منهنجا رب!
توکان ڇا گهران؟
هن ڀلاري برڪت ڀري رات ۾!
تو بنا گهري سڀ ڪجهه ڏنو آ!
صحت، عزت، عصمت،
جنهن جو ڪوئي مول ئي ناهي،
دعا گهرڻ کان پهريون،
تنهنجي دربار ۾ هٿ کڄن،
ندامت کان اکيون جهڪي پون ٿيون،
مان تنهنجا ڪهڙا احسان مڃيان هن؟
نه پنج وقت نماز پڙهان ٿي،
نه ڪو نيڪ ڪم ڪيان ٿي،
بس دنيا جي ئي ڌنڌن ۾ گم رهان ٿي،
پوءِ به توکان هڪ التجا ڪيان ٿي،
اي رب ذوالجلال!
پنهنجي رحمت ڀري هن رات ۾،
رحمت جي چادر ۾ لڪائي ڇڏ !
اهڙي طرح اچي ڪين ڪنهن کي نظر،
هن وجود جو پاڇو،
مان ٻانهي تنهنجي عاجز گنهگار،
تنهنجيون رحمتون آهن بيشمار،
تون رحمت جي چادر جي ڇانوَ ڪري!
هن گنهگار وجود کي لڪائي ڇڏ!


رحمت جي چادر!

رحمت جي چادر!

اي منهنجا رب!
تون مون کي،
پنهنجي رحمت جي چادر ۾،
لڪائي ڇڏ،
تنهنجي رحمت جي قطري سان،
ڍڪجي ويندو منهنجو وجود،
منهنجا رب!
تنهنجي دنيا ۾، وسن ٿا حيوان،
پنهنجي لفظن جي تيرن سان،
زخمي ڪن ٿا منهنجو روح،
پنهنجو جگر ته فولاد جو هوم،
پنهنجن جي جهڻڪن بڻايو هوم،
هن مٽيءَ جي وجود تي،
روز وسائين ٿا پٿر،
هي ريزا، ريزا، سڄو آ وجود،
پر ڪنهن کي اچي نٿو نظر،
شيشي جي ٽٽڻ جو آواز آ ٿيندو،
دل جي ٽٽڻ جو ڪو آواز ئي ناهي،
دل جي ٽٽڻ جو آواز،
صرف تون ئي ٻڌين ٿو،
تون ئي ان تي رحم ڪرين ٿو،
باقي ته هت آهن، سڀ تماشائي،
دردن تي به ٽهڪ ڏين ٿا،
زخمن تي به لوڻ ٻرڪن ٿا،
منهنجا خالق!
تنهنجي مخلوق آ ڪهڙي؟؟
آزار ڏئي خوشي ماڻن ٿا،
جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي،
ڪونه سوچن ٿا،
انڌ جي گهوڙي تي سوار رهن ٿا،
ڊگهو رسو به تون تو ڏين،
تون پنهنجا راز، پاڻ ٿو ڄاڻين،
مون ۾ ايندي سگهه ئي ناهي،
ڪنهن سان مان مهاڏو اٽڪايان،
بس توکي آهي هڪڙي التجا،
پنهنجي رحمت جي چادر ۾ لڪائي ڇڏ!



اي رازق رب رحيم!

اي رازق رب رحيم!

اي رازق رب رحيم؟
تون پنهنجي رزق مان،
ڪر رزق عطا،
گرهه کائي ڪيون تنهنجا شڪر ادا!
هي ڌرتيءَ جا خدا!
تنهنجي ڏنل رزق مان،
ڪنهن جو خالي پيٽ ڀري،
ڏين ٿا ڏينهن ۾،
ڏهه، ڏهه ويڻ،
بس! پنهنجي رزق مان،
سڀ کي ڪر رزق عطا،
کائڻ سان ڪو ويڻ نه ڏي،
ڪنهن جون نه احسان ٿئي.
تو وٽ آهن رحمت جا مٽ ڀريل!
ڀريل ڇڏ اسان جا جهول!



ڪنهن جو نه محتاج ڪجانءِ!

ڪنهن جو نه محتاج ڪجانءِ!

منهنجا رب!
تون ٻاجهه ڪجانءِ!
لکن جي سهاري کان،
هڪ تنهنجو سهارو ڪافي آ!
نٽهڻ اُس ۾ تنهنجي مهر،
بڙ جي ڇانوَ کان گهاٽي آ،
ڄڻ موسم جهڙالي آ،
هيءَ دنيا ڏاڍي دجاليءَ آ،
بس دجالن کان محفوظ ڪجانءِ.
ڪير آ پنهنجو ڪير پرائو،
ڪا خبر ئي ناهي،
مفادن جي وڻ ويڙهيءَ ۾،
هرڪو وڪوڙيل آهي.
ڪير، ڪنهن کي پنهنجو سمجهي؟
هرڪو مفادن ۾ جڪڙيل آهي،
بس تنهنجي ذات ئي پنهنجي آ،
جا هر لمحي ٿي ياد رکي،
هر ڏک ۾ ٿي ساٿ ڏئي،
هيءَ دنيا آهي سک جي ساٿي،
مولا! تون مهر ڪجانءِ!
تون پنهنجو ڪرم ڪجانءِ!
توکان ڪجهه نه گهران ٿي،
بس، پنهنجي ذات کان سواءِ،
ڪنهن جو نه محتاج ڪجانءِ!
مولا! بس تون مهر ڪجانءِ!



توکان اُڌارو گهرُ گهُران ٿي!

توکان اُڌارو گهرُ گهُران ٿي!

اي ڪائنات جا مالڪ!
توکان اُڌارو گهرُ گهُران ٿي!
جڏهن ساهه جا پن ڇڻي پوندم،
ساهه جو پکي اُڏامي ويندم،
جڏهن هي خاڪي جسم لحد ۾ لهندم،
تڏهن سک ٿي سمهندم،
سڀني جا قرض فرض لهي ويندم،
پوءِ نه توکان اُڌارو گهُر، گهُردم!
تنهنجي جلال جو قسم!
توکي گهُر واپس ڪندس!

اي منهنجا مالڪ!
اي ڪن فيڪون چوڻ وارا!
سڀ جي قسمت لکڻ وارا!
بس هڪڙو اُڌارو گهُر عطا ڪر!
اي ڪل جڳ جا والي!
ڀرين سڀ جا جهول خالي!
تنهنجي ونڊجي ڪهڙي ڳالهه ڪجي!
ڪنهن کي ڪرين ٿو محل عطا!
ڪنهن کي تو جهوپڙيءَ ڪاڻ سڪائين!


آخرت جو سفر شروع ٿيو!

آخرت جو سفر شروع ٿيو!

آخرت جو سفر شروع ٿيو!
ٺاهي رکيو اٿم ٿيلو،
اڇو ڪفن، سنڌ جو اجرڪ!
جمون رلي، آسماني چادر،
اڇي ڪفن ۾، آسماني چادر تي،
ڪاش! ان وقت ڏسي سگهان!
تصور ۾ مون پاڻ کي ڏٺو آ!
چوليءَ تي لکيل دعا قند معظم،
پيشانيءَ تي رومال مٿان،
مشڪ امبر سان لکيل عهدنامو،
اڇي ڪفن ۾ جسد خاڪي،
مٿان پيل هو اجرڪ لاثاني،
قلن، ڪلمن سان چادر سائي،
وجهن پيا پيارا گل گلابي،
ڇڻڪن پيا گلاب جو پاڻي،
ڏوليءَ ۾ پنهنجي پيارن کنيو هو،
سينگارن پيا ننڍڙي ٻار وانگر،
ڪنهن سڏڪي رُنو هو،
پاڙي جي وڏي پڌر تي،
سڀني مڙي جنازو پڙهيو هو،
وري ڪلهن تي پيارن کنيو هو،
گام، گام تي درود پڙهيو هو،
جنازو اچي منزل قبرستان تي پهتو،
پيارن ملي لحد ۾ لاٿو،
لحد پاٻوهه مان چيو ”مرحبا هلي آ“
توکي سمهاريندس سيني سان لائي،
هت ڪائي منافقي ناهي،
مان هوندس، تنهنجا عمل هوندا!
”مان ته خالي هٿڙا کڻي آئي آهيان،“
خالي هٿ ڏيکاريندي چيم،
ڪِري پيا اکين مان ڳوڙها،
ندامت کان ڪنڌ جهڪي پيو،
پنهنجو ئي شعر ياد اچي ويو،
اڪيلو سر، قبر ڪاري،
مٿان منڪر، نڪير زاري،
سزا وار آهيان ڏاڍي،
پڪاريان ٿي مان پنجتن کي،
پنجتن جي نانءَ کڻڻ سان،
روشن ٿي وئي قبر ڪاري،
پيارن قبر مٿان مٽيءَ جا مڻ وڌا،
پيرن سان لتاڙي، محفوظ ڪيو،
مٽيءَ جي قبر ٺاهي،
هٿن سان هموار ڪئي،
گلن جي مٿان چادر چاڙهي،
مغفرت جي دعا گهري،
قبر جي حوالي ڪري،
گهرن ڏانهن ٿيا هي راهي،
اڪيلي مان، ۽ منهنجو خدا!
مان ڄاڻان ۽ منهنجو خدا!
حسين زندگانيءَ جو سفر ختم ٿيو،
اڻجان آخرت جو سفر شروع ٿيو.



اچو ته روئي رب ريجهاون!

اچو ته روئي رب ريجهاون!

اچو ته روئي رب ريجھايون!
اچو ته رٺل رب پرچايون!
رب ڌڪاريو پنهنجي در تان،
ڪعبو بند ، مدينو بند!
مسجد بند، مندر بند!
گرجا بند، ڪليسا بند!
عبادت جا سڀ گهر بند
اچو ته رب جي در ٻاڏايون!

نبي خاموش، امام خاموش!
قلندر خاموش، تونگر خاموش!
اولياءَ خاموش! ابدال
خاموش!
ولي خاموش! مست خاموش!
معجزا خاموش، رامتون خاموش!
اچو ته نبيءَ جي در پڪاريون!

هڪ ڪورونا آهي دنيا جي ڪڍ!
مخلوق سڄي آهي گهرن ۾ بند!
رستا ويران، گهر سنسان،
قيامت جي آهي ڪائي نشاني!
هر زباني تي آهي ڪورونا جي ڪهاڻي!
پوءِ به آهي قرآن جي رواني!
منڪرن جي ايوانن ۾ ڀي،
قرآن جي تلاوت گونجي ٿي!
اچو ته ملي قرآن کي ورنايون!
اچو ته ملي رب کي پڪاريون!
اي ڪن فيڪون جا مالڪ!!
تون ڪُل ڪائنات تي رحم ڪر!
تون ڪل ڪائنات تي رحم ڪر!!.



حصو ٻيو : سنڌ جا ڪَيسَ! ۽ دَرِدَ!

---

حيدرآباد جو ڪَيسُ!

حيدرآباد جو ڪَيسُ!

حيدرآباد جو ڪيان ٿي داخل ڪَيسُ،
پاڻ مرادو وٺ تون نوٽس!
منصف بڻجي ڪر انصاف!
چيف جسٽس آف پاڪستان!
تون آهين سڄي ملڪ جو جسٽس،
هر ناانصافيءَ جو وٺين ٿو نوٽيس،
سڄي ملڪ مان هٽجن ٿيون حد دخليون،
منهنجي پڪي ۽ ڪچي قلعي تي به آهي،
مهمان ڀائرن جو قبضو،
پڪو قلعو به ڪرائي ڏي تون خالي،
ڪوٽ قلعا ٿيندا آهن قومن جو اهڃاڻ،
تاريخي ماڳ ٿيندا آهن ملڪن جي سڃاڻ،
انگريزن به نه ڪيو هو قلعي جو اهڙو حال،
اندر وڃڻ جي ناهي ڪنهن کي مجال،
ناهي صرف قلعي تي قبضو،
ٻيا به اُٿي الاهي ماڳ،
جن جو اٿي 114 جو تعداد،
اگر آهي ملڪ ۾ ڪو انصاف؟
اسان کي ماڳ موٽائي ڏيو،
اسان کي پڪو قلعو ٿو گهرجي،
اسان کي گنجو ٽڪر ٿو گهرجي،
جن کي ڪٽي هي گهرن ٿا ٺاهن.
پاڻ مرادو وٺ تون نوٽيس،
منصف بڻجي ڪر انصاف،
چيف جسٽس آف پاڪستان!





ڪراچيءَ جو ڪَيسُ!

ڪراچيءَ جو ڪَيسُ!

ڪراچيءَ جو ڪَيسُ ڪيان ٿي داخل،
پاڻ مرادو وٽ تون نوٽيس،
منصف بڻجي ڪر انصاف،
چيف جسٽس آف پاڪستان!
منهنجي ڏنگي، منهنجو ڀنڊار!
انهن تي به هنن جو وار!
ڪلاچيءَ جي مان وارث ڪلاچڻ،
منهنجي مورڙي جو ٿا ماڳ مٽائن،
منهنجي مارن جا ٿا گهر ڊاهن،
بيدرديءَ سان وري ماڻهوءَ پيا مارن،
ماضي نٿا هو پنهنجي سارن،
تعليم جا دروازا به اسان لاءِ بند،
روزگار جا دروازا اسان لاءِ بند،
ڏنا اٿن ڊوميسائل جا بند،
ڌاريا اچي هتي گهر ٺاهن،
انهن کي به ٺهي ڪارڊ ملن،
ڌرتي ڌڻين لاءِ دروازو بند،
ڪلاچي ڪنهن جي ملڪيت ناهي،
ڪلاچي سنڌ جي دل آهي،
ديس ڌڻين سان اهڙا انياءُ؟
ناهي دنيا ۾ ڪو اهڙو مثال!
چيف جسٽس آف پاڪستان!



گُم ٿيلن جو ڪَيسُ!

گُم ٿيلن جو ڪَيسُ!

گم ٿيلن جو ڪَيسُ ڪيان ٿي داخل،
پاڻ مرادو وٺ تون نوٽيس،
منصف بڻجي ڪر انصاف،
چيس جسٽس آف پاڪستان!
منهنجا ديس ڌڻي روز کڄن ٿا،
چچريل تن جا لاش ملن ٿا،
مڌ جا مٽ تو پڪڙيا آهن،
ويلڊن سائين! سوين سلام!
منهنجا ديس ڌڻي به آهن گم،
اُهي به تون پڪڙي ڏي،
چور آهن ته ڪر چوريءَ ظاهر،
ڌاڙيل آهن ته ڪر ڌاڙو ظاهر،
قاتل آهن ته ڪر قتل ظاهر،
باغي آهن ته ڪر بغاوت ظاهر،
عدالت ۾ تون ڪَيسُ هلاءِ،
ڪيسُ هلائي ڪر ثابت ڏوهُه،
ڪهڙو آهي هنن جو ڏوهُه؟
حق لاءِ آواز اُٿارڻ آهي ڏوهُه؟
ته پوءِ ملڪ جون عدالتون آهن کليل ڇو؟
هر شهريءَ جي مال ۽ جان جي حفاظت.
هن رياست جو آهي فرض،
ماءِ لارڊ!
هٿ ادب جا ٻڌي آهي توکي عرض،
هن رياست جو آهي ڪهڙو قانون؟
انصاف ۾ ڇو آهي ٻِٽو معيار؟
سنڌي بلوچي به هن رياست جا آهن باشنده،
هنن لاءِ ڇو آهن ٽارچر سيل؟
انصاف جي ديوي جي اکين تي،
ڇو ٻڌل آهن ڪاريون پٽيون؟
معاف ڪجانءِ سڳوري سرڪار!
تنهنجي عدالت هڪ جهڙي ناهي،
ڪٿان آڻيون جسٽس کڙڪ سنگهه آف پٽيالا*
جو ڏي اسان کي پٽيالا وارو تڪڙو انصاف!
چيف جسٽس آف پاڪستان!



سنڌوءَ جو ڪَيسُ!

سنڌوءَ جو ڪَيسُ!

سنڌوءَ جو ڪَيسُ ڪيان ٿي داخل؟
پاڻ مرادو وٺ تون نوٽس؟
منصف بڻجي ڪر انصاف!
چيف جسٽس آف پاڪستان!
هِي منهنجي سنڌوءَ تي ڊيم اڏين ٿا؟
سڄي دنيا ۾ ڊيلٽا آهي،
هِي ڊيم ٺاهي، سنڌوءَ تي،
سنڌوءَ کي جي قيد ڪندا،
سمنڊ مست ٿي، اڳتي ڪاهي پوندو،
زمينون ڳڙڪائي ويندو،
جَرُ سڄو کارو ٿيندو،
ڪارو ڪامڻ ڪَرُ کڻندو،
مال، ماڻهو پياسو مرندو،
سمنڊ کي سنڌوءَ جو مٺو پاڻي ٿو گهرجي،
سمنڊ ۾ به خدا جي مخلوق آهي،
جيڪا ويندي هستيءَ تان مٽجي،
فطرت سان ٿا ڪَنِ هٿ چراند،
چيف جسٽس آف پاڪستان!



ارشاد رانجهاڻيءَ جو ڪَيسُ!

ارشاد رانجهاڻيءَ جو ڪَيسُ!

ارشاد رانجهاڻيءَ جو ڪيسُ ڪيان ٿي داخل،
پاڻ مرادو وٺ تون نوٽس؟
منصف بڻجي ڪر انصاف!
چيف جسٽس آف پاڪستان!
سفاڪ درندي بي رحم رحيم،
خالي هٿين بي گناهه ارشاد کي،
روڊ تي بيدرديءَ بي رحميءَ سان،
ڪيو آهي ڏينهن ڏٺي جو قتل،
انصاف جي تقاضا آهي اِها!
ان ئي روڊ تي!!
رحيم شاهه کي ڦاسيءَ تي لٽڪائي،
ارشاد رانجهاڻيءَ سان به انصاف ٿي،
انصاف جو ڪر مثال قائم،
چيف جسٽس آف پاڪستان! *



قاتل ٿو انصاف گهري!

قاتل ٿو انصاف گهري!

هن ملڪ ۾ انڌير نگري،
قاتل ٿو انصاف گهري،
رانجهاڻيءَ جي رت جي گرڙي،
قانون کي للڪاري ٿي،
انصاف لاءِ واجهائي ٿي،
سرِعام ڌرتيءَ ڌڻيءَ تي،
وسائي ٿو شان سان گولي،
علاج جو به حق نه ڏي ٿو،
گار ڏئي خاموش ڪري ٿو،
موٽ ۾ اُڇلايل رت جي گرڙي،
”مان ڦورو ۽ لٽيرو ناهيان،
هن ديس جو وارث آهيان.“
تون افغاني آهين، پناهه گير آهين،
توکي ڏني اسان پناهه،
احسان وساري ٿو اکيون ڏيکارين،
تون افغاني ملان ملعون،
تون لعنتي، خبيث خنزير،
تون ديس ڌڻين کي ٿو للڪارين؟
تنهنجو هن ڌرتيءَ تي ڪو حق ئي ناهي،
موٽي پنهنجي ماڳ وڃ،
اڄ قوم هي اعلان ڪري ٿي،
ڌرتي تون خالي ڪر.

پاران سنڌ جو عوام

سک ٿي نه سمهڻو آ!

سک ٿي نه سمهڻو آ!

تون بي خوف ٿي سمهين پئين!
هن قوم کي جاڳائي وئين،
توکي پڪ هئي هن قوم ۾،
سک ٿي نه سمهي پوندا،
هر موڙ تي، هر گام تي،
هر شهر ۾ هر وستيءَ ۾،
تولاءِ احتجاج آهي ڪيو،
هن ديس جا دودا ۽ ٻاگهيون،
ڪارساز تي گڏ ٿي،
لوڏيو آهي ايوان کي،
هر طرف آهي صدا!
قاتل کي ڦاسي ڏيو!
ڌرتيءَ جي دانهن کي،
عرش به ورنايو آ،
هنن دودن ۽ ٻاگهين کي،
منهنجا آهن سوين سلام،
لوڏايو آهي جن ايوان کي،
تنهنجي خون جو قسم اسان کي.
هن قاتل خنزير کي،
ڦاسيءَ تي لٽڪائڻ تائين ،
سک ٿي نه سمهڻو آ! *


اي ثاقب نثار!

اي ثاقب نثار!

اي ثاقب نثار!
تون طاقت جي نشي ۾،
نه خدا کي وسار،
تو وساري ڇڏيو آهي،
قدرت جو قانون،
تون داٻا ڏيئي ٿو اسان کي دٻائين،
ڀلي تون قلم’6‘، لڳاءِ،
ڀرجي ويندا تنهنجا جيل،
سنڌو اسان کي خدا عطا ڪيو آ،
سنڌو تنهنجي جاگير ناهي،
جو اڏيندين انچ، انچ تي ڊيم،
سنڌوءَ ۾ آهي ساهه اسان جو،
سنڌو آهي جياپو اسان جو،
سنڌو سڪائي تون چين سان ويهندين؟
سنڌ بنجر ڪري تون تمغو کڻندين؟
سنڌو جو سمنڊ ۾ ڇوڙ،
لڳي ٿو توکي پاڻيءَ جو زيان؟
سمنڊ ۾ به آهي جيوت خدا جي،
سمنڊ ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سان،
مري ٿي خدا جي تخليق،
سمنڊ اُڇلي ٿو ڪناري تي لوڻ،
سنڌ جي آباد زمين ٿئي ٿي برباد،
واڳونءَ وانگر ڳڙڪائي ٿو روز زمين،
جر جو پاڻي ٿي ويو آ کارو،
ڪاري ڪامڻ ۾ لوڪ آ سارو،
پاڻي ٿي ويو آ ٻاڙو،
قدرت جي نظام سان ،
نه کيڏ تون راند،
تون منصف ٿي،
پيرن هيٺان نه انصاف لتاڙ
چيف جسٽس آف پاڪستان.*



اي عمران نيازي!

اي عمران نيازي!

اي عمران نيازي!
تون سنڌو سڪائڻ لاءِ،
وڇائي آهي بساط،
اي ڪرڪيٽ جا کِلاڙي!
نه، سنڌ سان شطرنج جي بازي لڳاءِ،
تنهنجي هاٿين، گهوڙن کي،
اسان جا ڏيندا پيادا مات،
اي وقت جا بادشاهه!
توکي به ڏينداسين پيادي سان ڇهه،
پوءِ ڪجانءِ پنهنجو بچاءُ،
تون طاقت جي نشي ۾،
نه خدا کي وسار!
نه سنڌوءَ تي ڊيم اڏاءِ!



بحريا جو ڪيس!

بحريا جو ڪيس!

بحريا جو ڪيس ڪرين ھان داخل،
پاڻ مرادو وٺين ھان تون نوٽيس،
منصف بڻجي ڪرين ھان انصاف،
چيف جسٽس آف پاڪستان!
ماءِ لارڊ! اوھان پڇو ٿا، ھي آهن ڪير؟
ھي جھنڊن وارا ڪٿان ٿا اچن؟
ھي جھنڊن وارا، ھن ڌرتيءَ جا وارث آھن.
ماءِ لارڊ! توهان اسان کي نٿا سڃاڻو؟
پوءِ توهان کي ڪرايون ٿا پنهنجي سڃاڻپ!
ھي موھن جي دڙي جا دراوڙ آهن!
مورڙي جي ماڳ ڪراچيءَ جا وارث آھن.
سنڌ جي ڳوٺن، شھرن، واھڻ ۽ وستين مان،
ڌرتيءَ جا ماڳ مڪان بچائڻ نڪتا آهن،
ھن ديس جي ڌرتيءَ کي اجگر بلا
بحريا ٽائون ڳڙڪائڻ شروع ڪيو آهي،
ڌرتي بچائڻ ڪراچيءَ ۾ سنڌي نه ايندا، پوءِ ڪير ايندا؟
ھي لکين ماڻهو پگھر ۾ ٻڏل،تتل ڌرتيءَ تي پيرن پنڌ،
اوھان کي نظر نه آيا؟ اوھان نه ورنايو ھنن جو آواز،
ڌارين جي لوڌ تي توهان خاموش آھيو!!!
پرامن بحريا ڌرڻي جي اڳواڻن، جوڌن، جوانن،
عورتن، ٻارن ۽ جھور پوڙهن تي، داخل ٿيا آهن ڪيس،
12 مئي جا دھشتگرد، بلديا فيڪٽري جي مزدورن جا قاتل، گھمن ٿا آزاد.
چور ڇڏيو ٿا، ساڌ ٻڌو ٿا! ڪھڙو آھي اوھان جو قانون؟
ھن ملڪ ۾ سنڌين سان ڇو آهي ٻٽو معيار؟
چيف جسٽس آف پاڪستان!!!





____________________________________
6 جون 2021ع تي بحريا ٽائون خلاف پرامن ڌرڻي کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار احمد جا ڏنل رمارڪس. ”خبر ناھي ڪٿان کان ماڻهو جھنڊا لھرائندا ڪراچيءَ ۾ داخل ٿي ٿا وڃن. ڪنھن کي نظر نٿا اچن، اڄ ھُتي ويٺا آهن. سڀاڻي ھتي اچي ويھندا.“

اي ملڪ جا حڪمران!

اي ملڪ جا حڪمران!

اي ملڪ جا حڪمران!
تون بڻائين ٿو اسلامي رياست،
مديني وارو قانون،
خلفاءِ راشدين وارو اصول،
هن ديس جون نياڻيون،
روڊن تي ٿيون انصاف گهرن،
پيارن جون تصويرون کڻي،
عرش ڏاريندڙ ٿيون آهون ڪن،
اي ملڪ جي حڪمران !
ڪهڙا پاتا آهن تو ڪارا چشما؟
نٿيون اچن توکي نياڻيون نظر!
هن رياست جي هر باشندي جي،
لهڻي آهي سارسنڀال،
ڪرڻي آهي توکي واهر،
ڪٿي آهي ملڪ جو قانون؟
ڪٿي آهي ملڪ جو انصاف؟
هي سنڌ جون نياڻيون،
روڊن تي ٿيون انصاف گهرن،
ڪنهن نياڻيءَ کان پيءَ آ وڇڙيل،
ڪنهن ڀيڻ کان ڀاءُ آ وڇڙيل،
ڪنهن ماءُ کان پٽ آ وڇڙيل،
هنن مائرن جي اذيت کي،
هنن ڀينرن جي اذيت کي،
هنن نياڻين جي اذيت کي،
جي تون محسوس ڪرين،
هڪ پلُ نه توکي چين ملي،
ڪٿي آهين هن ملڪ جا حڪمران؟



ڪشمير بني گا پاڪستان!

ڪشمير بني گا پاڪستان!

ڪشمير بني گا پاڪستان!
جو نعرو هڻين ٿو،
ڪشميرين کي سبز باغ ڏيکارين ٿو،
اهڙو نعرو اڳ به لڳو هو،
بن ڪي رهي گا پاڪستان!
نادان قومن کي سبز باغ ڏيکاري،
ڪهڙو ڪيو آهي تو، هنن جو حال؟
سڀني جو ڪري ڇڏيو آهي تو جيئڻ جنجال،
ڪشميرين تي هاڻي رحم ڪيو،
هنن کي آزاد رهڻ ڏيو،
ٻن ملڪن جي ضد ۾!!!
ڪشميرين جو ٿيو آ، جيئڻ جنجال!
جنت جهڙيءَ واديءَ کي،
جهنم بڻايو آ، ڪافرن!
جت روز معصوم ٻار مرن ٿا،
جت مائرن جا جهول خالي ٿين ٿا،
جت ڳڀرو گهوٽ کڄن ٿا،
جت ونين جا ور ڪُسن ٿا،
نياڻين جي مٿي تان پوتيون لهن ٿيون،
روڊن تي عصمتون لُٽجن ٿيون،
رڳو آهي ڪشميرين جي لاش تي سياست!
هيءَ سڄي آهي بارود* جي جنگ،
ٻارڻ ٿيو آهي ڪشمير جو عوام،
توبن ۾ نه انسان ڀريو،
خدارا ڪشميرين تي رحم ڪيو،
ڪشمير نه هندستان جو آهي،
ڪشمير نه پاڪستان جو آهي،
ڪشمير ڪشميرين جو آهي،
ٻئي ڪشمير ملائي،
ڪشميرين کي،
ٺاهي ڏيو آزاد رياست،
نه هندستان جي هار،
نه پاڪستان جي جيت.
ٿيندي ڪشميرين جي سوڀ.



سنڌ ٿيندي ٻيو ڪشمير!

سنڌ ٿيندي ٻيو ڪشمير!

روز ڪرين ٿو سنڌ تي وار،
آهين تون نمڪ حرام
ڏوهه تنهنجو ناهي،
ڏوهه اسان جو آهي،
اسان جي قوم ۾ ٻڌي ناهي،
ملي توکي منهن ڏين،
جي قوم منهنجي ملي هڪ ٿئي،
پوءِ ڪنهن جي ٿيندي اهڙي مجال؟
ڌرتيءَ منهنجيءَ تي رهي هڻي ڌمال!
قبائلي جهڳڙا ديس منهنجي ۾،
ادبي جهڳڙا ديس منهنجي ۾،
قومي سياست ڌارو ڌار،
پوءِ ڪيئن نه هڻندو ڌاريو ڌمال؟
ڪيڏو آهي ڌارين ۾ اتحاد،
قنڌاري ڪو پوليس ٻڌي!
روڊن تي ٿي لڳي ڌمال،
پوليس جو ڪندا جيئڻ جنجال،
جيستائين نه ڇڏائيندا ماڻهو پنهنجو،
روڊن کي خالي ڪونه ڪندا،
روڊن تي ئي ويٺا هوندا،
ماڻهون پنهنجو آزاد ڪرائيندا،
تڏهن خوشيءَ مان نعرا هڻندا،
اسان ۾ قنڌارين جيترو به اتحاد ناهي،
سنڌ جي مسئلن تي ڪيون روڊ بلاڪ،
ملي ٿيون هڪ آواز،
ڌارين جي نيڪاليءَ لاءِ ٿيون تيار،
اڄ اسان جي چپ ڪئي،
اهيو ڏينهن پري ئي ناهي،
سنڌ ٿيندي ٻيو ڪشمير!



هن ملڪ جو قانون نرالو!

هن ملڪ جو قانون نرالو!

هن ملڪ جو آ قانون نرالو!
جِن پاڪستان جي ڳالهه ڪئي
تِن سان به ڪا گهٽ نه ٿي
هڪ کي روڊن تي ماريو(1)
ٻي کي قيد ۾ واڙيو (2)
ٽين کي ڦاسي تي چاڙهيو. (3)

هن ملڪ جو آ قانون انڌو
جن سنڌ جي ڳالهه ڪئي
تن سان به ويلَ وهايا
هڪڙن کي گولين سان ماريو(4)
ٻين تي تيل هاري ساڙيو(5)
ٽين کي زهر پيالو پيارو. (6)

هن ملڪ جو آ قانون انوکو
جن حق جي ڳالهه ڪئي
تِن سان به ڪيسَ ڪيا
ڪِن تي ڪوڙا وسايا
ڪِن کي جيل ڏيکاريا(7)

ڪي وري گُم ڪرايا.

ڪي وري گُم ڪرايا.

هن ملڪ جو آ انصاف ويچارو!
عدالت ۾ قانون ته آهي،
پر انصاف ئي ناهي،
عدالت ۾ مدعي ته آهي،
پر جج جي فتويٰ ئي ناهي،
ڪوڙ نچي ٿو، سچ سوريءَ چڙهي ٿو،
ڪو پڇڻ وارو ناهي؟

پوءِ به چوي ٿو وڏي واڪ وفاق،
هيءَ ملڪ آهي آزاد،
هيءُ ملڪ آهي سيڪيولر،
هيءُ ملڪ آهي اسلامي،
جتي آهن حق برابر،
ڪنهن سان ناهي ڪوئي ناحق! *



سنڌ جي لاشن سان به ايڏو وير؟*

سنڌ جي لاشن سان به ايڏو وير؟*

اي پاڪ رياست!
سنڌ جي لاش سان به ايڏو وير؟
سانحي تيزگام جا،
سڙيل ۽ رک ٿيل لاش!
تون ڪپڙن ۾ ٻڌي ڳنڍيون،
ٻورين جيان ٽرڪ ۾ سٿيون،
تون وٽان ايمبولينسون کُٽي ويون؟
تون زخمن تي نه رکيون پٽيون،
تون لاشن جي به تذليل ڪئي،
نه تون تڏي تي آئين،
نه ڪي تعزيتون ڪيون،
ان ئي ڏينهن سکن لاءِ،
ريڊ ڪارپيٽ وڇايا،
سکن لاءِ رستا کولي، موڪليون بسيون،
وڌايون تو پنهنجو مانُ،
سنڌ به پاڪستان ۾ آهي،
ناهي ڪو ڌاريو ديس،
سنڌ جي وسيلن جو تون مالڪ آهين،
باقي، لاشن کان لاتعلق آهين؟
واهه! سرڪار! تون آهين مهان!
سنڌ جي لاشن سان به ايڏو وير؟



تون دردن تي به ٽئڪس هڻي ڇڏ!

تون دردن تي به ٽئڪس هڻي ڇڏ!

تون قبر تي به ٽئڪس هڻين ٿو!
تون ڪفن تي به ٽئڪس هڻين ٿو!
تون لڙڪن تي به ٽئڪس هڻي ڇڏ!

مُردَنِ جي مرڻ محال ڪرين ٿو،
جيئرن جو جيئڻ جنجال ڪرين ٿو،
تون ساهن تي به ٽئڪس هڻي ڇڏ!

تون مانيءَ تي به ٽئڪس هڻين ٿو،
تون پاڻيءَ تي به ٽئڪس هڻين ٿو،
تون هوائن تي به ٽئڪس هڻين ڇڏ!

تون قبرن تي نيب جوڙي ڇڏ!
تون ڪفن کي به کولي ڏس!
تون مُردَنِ تي به ٽئڪس هڻي ڇڏ!

لوڪ دردن کان دانهون ڪري ٿو
روز سورن کان آهون ڀري ٿو
تون دردن تي به ٽئڪس هڻي ڇڏ! *


اسان جو ڏوهه ڪهڙو آ؟

اسان جو ڏوهه ڪهڙو آ؟


اسان جو ڏوهه ڪهڙو آ؟
اسان سان ڊوهه ڪهڙو آ؟
اُٿي ڀاڳيو جڏهن ننڊ مان،
ڏسي وٿاڻ خالي ٿو،
کڻي پير جڏهن کوجي،
پيراڍو پير ڄاڻي ٿو،
هڻي چور گوهي ٿو،
ڪڏهن ٿو ڏير ۾ ڪاهي،
ڪڏهن ٿو پاڻيءَ ۾ ڊاهي،
پڪو آ پير اسان ڄاتو،
ڀلي هو پهڻ تي ڪاهي،
جهلي هڪ ڏينهن ڪبو ظاهر،
ڀلي پوءِ جان ڏينداسين،
ڪرين ٿو روز نوان حملا،
بڻيون حيوان ڇو آهين؟
ڪرين ٿو رات جو حملا،
گهرن ۾ روڄ راڙو آ،
ڪر ڏوهه تون ثابت؟
ڀلي لٽڪاءِ سوريءَ تي،
اهي داٻا نه ڏي ڪنهن کي،
اهي ڏهڪاءَ نه ڏي ڪنهن کي،
ڪرين هر موڙ تي ڌوڪا،
جهلين ٿو ڌرتيءَ جا جوڌا،
اسان جو ڏوهه ڪهڙو آ؟
اسان سان ڊوهه ڪهڙو آ؟



اسلام جي نالي ۾

اسلام جي نالي ۾


اسلام جي نالي ۾،
نئون ملڪ وجود ۾ آيو،
پناهگيرن جو ڀريل ريلون،
ڊوڙنديون ٿي آيون،
ڌارين جون لوڌيون آيون،
سنڌي سڳورن ديڳيون چاڙهيون،
گلن جا هار پارائي آجيان ڪيائون،
ڌرتي ڌڻين لوڌي ڪڍيائون،
ملڪيتن تي ڪوڙا ڪليم ڪيائون،
ملڪيتن جا وارث ٿيا،
دڪانن گهرن جا تالا ٽوڙي،
قبضا ڪيا،
ڌاريا اچي مالڪ ٿيا،
مالڪ لاتعلق ٿي پرديسي ٿيا،
ڌرتي ڌڻي ويڳاڻن جيان ڏسندائي رهيا،
اڄ هندستان ۾ سنڌي گيت ٿا ڳائن ،
مان سنڌي آهيان، ها مان سنڌي آهيان،
ان وقت ڪٿي هيا سنڌ جا سنڌي؟
هندن کي سنڌ مان لوڌي ڪڍيو،
هندستانين کي ڳلي لڳايو،
اڄ اُهي ئي ڳلا ڪپين ٿا،
نئين ملڪ جو نالو به غلط،
پاڪستان- پاڪ + آستان،
پاڪ ماڻهن جي رهڻ جي جاءِ،
سڏائين ٿا پاڻ کي پاڪي،
پر آهن هر نيڪ عمل کان خالي.



هندو ويا هندوستاني آيا!

هندو ويا هندوستاني آيا!

هندو ويا هندستاني آيا،
سنڌي ويا اُتي ئي رهجي!

داديون ويون باجيون آيون،
اديون ويون اُتي ئي رهجي!

دادا ويا ڀائي آيا،
ادا ويا اُتي ئي رهجي!

ڪاڪا ويا انڪل آيا،
چاچا وي اُتي ئي رهجي!

ڪافر ويا مومن آيا،
صوفي ويا اُتي ئي رهجي!

ديس ڌڻي ويا، ڌاريا آيا،
سنڌي ويا ڏسندي ئي رهجي!

شهر ويا سمورا کسجي،
سنڌي ويا ڳوٺن ۾ ئي رهجي!



جنهن به سنڌ جو نانءُ کنيون

جنهن به سنڌ جو نانءُ کنيون

جنهن به سنڌ جو نانءِ کنيون،
ان کي ئي زندان مليو آ،
جنهن به سنڌ جو سودو ڪيو آ،
ان کي ئي دان مليو آ.

جنهن به حق جي ڳالهه ڪئي،
ان کي ئي سنگسار ڪيو آ،
جنهن جهڪي سلام ڪيو آ،
ان کي ئي مان مليو آ.

جنهن به روڊن تي احتجاج ڪيو،
ان کي ئي ٻيڙي لڳي آ،
جنهن گهر ۾ آرام ڪيو آ،
ان کي ئي جيئدان مليو آ.

جنهن به قوم جو لاءِ آواز اٿاريو ،
ان کي ئي دار مليو آ،
جنهن به چپ جو تالو لڳايو آ،
ان کي ئي تخت مليو آ.



روز کڄن ٿا ديس ڌڻي!

روز کڄن ٿا ديس ڌڻي!

عمران جوکئي جي امڙ،
روئي، روئي اکين جو نور وڃايو،
امڙ سالن کان روڊن تي ريهون ڪري ٿي،
عمران جوکئي کي،
زمين ڳڙڪايو آسمان کڻي ويو؟
ڪا سُڌ ئي ناهي!
واڳ ڌڻين کي ڪجهه نظر نه آيو،
روز کڄن ٿا ديس ڌڻي،
ڪنهن جي ڪنهن جي دانهن ڪجي؟
فضيلا سرڪي به ٻالڪ کڄي هئي،
هاڻي ته ٻالڪ جي امڙ ٿي وئي،
قانون ويچارو اگهور ننڊ ۾ آهي،
سرڪار سڳوري به آهي سُتل،
فضيله کي زمين کائي وئي،
يا آسمان کڻي ويو؟
ڪا خبر ئي ناهي؟



ديس ڌڻين سان ايڏو ناحق!

ديس ڌڻين سان ايڏو ناحق!

ديس ڌڻين سان ايڏو ناحق؟
ڪشمير ۽ سنڌ ۾ آهي ڪهڙو فرق؟
هِت به ديس ڌڻي ٿا کڄن،
هُت به ديس ڌڻي ٿا کڄن.
هِت به ديس ڌڻي ٿا ڪُسجن،
هُت به ديس ڌڻي ٿا ڪُسجن،
هِت به ديس ڌڻين سان ناحق،
هُت به ديس ڌڻين سان ناحق،
ڪڏهن کٽندي ڪاري رات؟
ڦٽندي ڪا نئين ڀرپات!!



سنڌ سموري گهايل ڇو؟

سنڌ سموري گهايل ڇو؟

جيجل جي جهولي به گهايل!
امڙ جي لولي به گهايل!
قوم جي ٻولي به گهايل!
سنڌ جو آواز گهايل ڇو؟

سنڌوءَ جي ڇولي به گهايل!
سمنڊ جي وير به گهايل!
منڇر جي ڍنڍ به گهايل!
سنڌ جو آب گهايل ڇو؟

ڪلاچيءَ جو ڪُن به گهايل!
ڪلاچيءَ جو ٻيٽ به گهايل!
ڪلاچيءَ جو پيٽ به گهايل!
سنڌ جي دل گهايل ڇو؟

موهن جو دڙو به گهايل!
مڪليءَ جو مُقام به گهايل!
ڪارونجهر جو ڪورُ به گهايل!
سنڌ جو ماڳ گهايل ڇو؟

سهڻو مور به گهايل!
سهڻو تلور به گهايل!
من مهڻو هنج به گهايل!
سنڌ جي سونهن گهايل ڇو؟

ڀٽائي جو بيت به گهايل!
بخاريءَ جو گيت به گهايل!
اياز جو ميت به گهايل!
سنڌ جي ڏات گهايل ڇو؟

سنڌ جو مور ڪنور به گهايل!
سنڌ جو ٻيجل سرمد به گهايل!
سنڌ جي ڪوئل سنڌو به گهايل!
سنڌ جو آلاپ گهايل ڇو!؟

سازندي جو ساز به گهايل!
مرليءَ جو سوز به گهايل!
راڳيءَ جو آواز به گهايل!
سنڌ جو سنگيت گهايل ڇو؟






ٻهراڙيءَ جو رستو به گهايل!
شهر جو روڊ به گهايل!
هر هڪ موڙ به گهايل!
سنڌ جا چارا گهايل ڇو؟

جيجل ماءُ به گهايل!
مٺڙي ڀيڻ به گهايل!
سهڻي نياڻي به گهايل!
سنڌ جي ناري گهايل ڇو؟

تن ۽ من به گهايل!
جسم ۽ جان به گهايل!
روح ۽ دل به گهايل!
سنڌ جو امن گهايل ڇو؟

هي ڪهڙا اسان تي وار ٿيا؟
وري، وري ڪنهن وار ڪيا؟
اڻ ڳڻيا، انياءَ ٿيا،
سنڌ سموري گهايل ڇو؟



تون سنڌي آهين!

تون سنڌي آهين!

تون هندستاني آهين،
هندستاني ئي رهندي،
تون خلجي آهين،
خلجي ئي رهندين،
تون قنڌاري آهين،
قنڌاري ئي رهندين.
تون بنگالي آهين،
بنگالي ئي رهندين.
تون برمي آهين،
برمي ئي رهندين.
تون پنجابي آهين،
پنجابي ئي رهندين.
نه تون هندستاني آهين،
نه تون بنگالي آهين،
نه تون برمي آهين،
نه تون پنجابي آهين،
تون سنڌ جي سيني تي رهين ٿو،
تون سنڌي آهين،
تون سنڌوءَ جو امرت ڌارا پيئين ٿو،
تون سنڌي آهين،
پر نادان آهين،
مرڻ کان پوءِ به هيءَ ڌرتي،
توکي آگوش ۾ پناهه ڏيندي،
مٽي ۾ ملي مٽي ٿيندي،
تون سنڌي ته آهين،
پر نمڪ حرام آهين!



واهه اياز! تو سچ لکيو آ!

واهه اياز! تو سچ لکيو آ!

”پوڍائي کان ڊڄندو ڪر،
جو ساري عمر ڌرتيءَ تي سمهيو،
ان کي جڏهن اطلس جي پٿرڻي ملندي،
تڏهن هو ساري ڌرتي وڪڻي ڇڏيندو*،“
واهه اياز تو سچ لکيو آ!
منهنجي ديس جي ڌرتي،
پوڍائن سڄي وڪڻي ڇڏي آ،
ڇا ٻڌايان؟
ڇا ڇا نه وڪڻي ڇڏيو آ،
ٻيلن جا وڻ به وڍجي ويا،
ٻيلا به وڪامي ويا،
ٻيٽ به وڪامي ويا،
ڪارونجهر به ڪٽجي ويو،
ٿر به اُجڙي ويو،
سنڌو به سڪي ويو،
سمنڊ به ڪاهي پيو،
زمين سڄي ڳڙڪائي ويو،
مارون به لڏي ويا،
منڇر ۾ به زهر ملي ويو،
ملاح به گهر ڇڏي ويا،
جي بستيون هيون آباد سدا،
سي ويرانيءَ جي ور چڙهيون،
تنهنجي شڪارپور،
جيڪا ملڪن ۾ هئي پئرس مشهور،
اڄ آهي ڌاڙيلن جي پناهه گاهه،
سڏائن ٿا قوم جا رهبر،
اٿئي اهي سڀئي رهزن،
مال ميڙڻ ۾ مست اٿئي،
ڪوڙ چوڻ ۾ چست اٿئي،
مانگر مڇ وارا ڳوڙها ٿا ڳاڙڻ،
چهرن تي هن نقاب سجايل،
ووٽ وٺن اٻوجهه عوام کان،
ٽجوڙيون ڀرين ڊالرن سان،
جڏهن ٿي پڪڙ پوي،
تڏهن ٻورين کي ٿي باهه لڳي،
اي مهان قوي!
توکي هن ديس جا ڪهڙا حال ٻڌايان؟
جي تون به اڄ زنده هجين هان ته روئي پوي هان،
اهڙا ڪي وري گيت لکين هان،
جن تي وري توکي زندان ملي هان.






_________________________
* ڪتاب شاعريءَ جو سجدو

سوچيو ڪجهه ته هوش ڪيو!

سوچيو ڪجهه ته هوش ڪيو!

دشمن ڀلي دودو هجي!
نه چنيسر ٿيو،
ٻاگهل ٻائي عويض،
نه حڪمران ٿيو،
سنڌ تي خلجين کي،
نه آواز ڏيو،
سنڌ ڌرتيءَ لاءِ،
هڪ آواز ٿيو،
هي خلجي ۽ پٺان،
سنڌ ٽوڙيندا،
جيجل جي ڀاڱا ڪندا،
ڌارين کي نه آباد ڪيو،
ڌاريو توکي ڌڪاريندو،
نفرت مان توکي نهاريندو،
سازشي ٽولي جا ساز سمجهو،
ڇو ٿا پنهنجو وجود وڃايو،
هي مانگر مڇ اٿوَ،
ڳڙڪائي ڇڏيندا سنڌ امڙ!
سوچيو ڪجهه ته هوش ڪيو!



غلاميءَ جو زنجيرُ!

غلاميءَ جو زنجيرُ!

جيئڻو هوندو ته جيئنداسين،
مرڻو هوندو ته مرنداسين،
وڙهڻو هوندو ته وڙهنداسين،
لڙڻو هوندو ته لڙنداسين،
اُٿڻو هوندو ته اُٿنداسين،
ميدان خالي نه ڇڏينداسين،
ٿڪ ڪٿي نه ڀڃنداسين،
پوئتي قدم نه هٽائينداسين،
آواز بلند ڪنداسين،
دنيا کي به ٻڌائينداسين،
هيءُ ڪَنَنَ کان ٻوڙو،
نيٺ ته ٻڌندو،
هيءُ اکين کان انڌو،
نيٺ ته ڏسندو،
هيءُ غلامي جو زنجيرُ،
نيٺ ته ٽُٽندو!



تون منهنجي سهڻي سنڌ ته گهمي ڏسُ!

تون منهنجي سهڻي سنڌ ته گهمي ڏسُ!

تون مون کي ڏاند گاڏيءَ چوڻ وارو!
تون منهنجا ماڳ ته گهمي ڏس!
آمريءَ جو دڙو،
ڪاهوءَ جو دڙو،
موئن جو دڙو،
جنهن ۾ اٿئي،
هزارين سالن جي تهذيب لڪل!

تون منهنجا ڪوٽ ته گهمي ڏس!
عمرڪوٽ،
ڏجي ڪوٽ،
رني ڪوٽ،
جنهن۾ اٿئي،
ديوار چين جهڙي ديوار سنڌ!

تون منهنجا قلعا ته گهمي ڏس!
بکر جو قلعو،
منوڙه جو قلعو،
حيدرآباد جو قلعو،
جنهن ۾ ناهي،
ڪٿي به ڪا اذيت گاهه!


تون منهنجا بندرگاهه ته گهمي ڏس!
ديبل بندرگاهه،
لاهري بندرگاهه،
ڪراچي بندرگاهه،
جتي اٿئي،
سنڌ باد جا قصا مشهور!

تون منهنجون ڍنڍن جو سير ته ڪري ڏس!
منڇر جي ڍنڍ،
مکيءَ جي ڍنڍ،
ڪينجهر جي ڍنڍ،
جت اٿئي،
نوري ڄام تماچيءَ جي عشق جا داستان!

تون منهنجي سنڌ جا سفرناما ته پڙهي ڏس!
ابن بطوطه جو سفرنامو،
لطف الله جو سفرنامو،
جيمس برنس جو سفرنامو،
جنهن ۾ لکيل اٿئي،
سنڌ جي شاندار تاريخ محفوظ!

تون منهنجي جبل ته گهمي ڏس!
کير ٿر جبل،
هالار جبل،
ڪارونجهر جبل،
جتي اٿئي،
ڪارونجهر کان به اونچا روپلن جا ڳاٽ!


تون منهنجا تخت گاهه ته گهمي ڏس!
الور جو تخت،
روپا ماڙيءَ جو تخت،
ٺٽي جو تخت،
جتي اٿئي،
مڪليءَ جي شاندار ماضي مدفون!

تون منهنجا ڪوي ته پڙهي ڏس!
سچل سارو سچ،
ساميءَ جا سلوڪ،
ڀٽائي جا بيت،
جنهن ۾ اٿئي،
انسانيت جو پرچار!

تون منهنجا رڻ ته گهمي ڏس!
ڪڇ جو رڻ،
راجپوتانا جو رڻ،
ٿر جو رڻ،
جتي اٿئي،
ماڻهن کان به سهڻا مور!

تون منهنجا ڦٽل شهر ته گهمي ڏس!
ڀنڀور جو ڦٽل شهر،
منصوره جو ڦٽل شهر،
مومل جي ڦٽل ماڙي،
جتي اٿئي،
راجا نند جون ڏندڪٿائون!

تون منهنجيون پُليون ته گهمي ڏس!
ڪوٽڙيءَ جي لوور سنڌ بئراج پل!
روهڙيءَ جي لائنسڊائون پل!
سکر جي لائيڊ بئراج پل!
جنهن ۾ اٿئي،
66 فولادي دروازا مشهور!

تون منهنجي شڪارپور ته گهمي ڏس!
هاٿي در
لکي در
واڳون در
جيڪا اٿئي
دنيا ۾ پئرس مشهور!

تون منهنجا ٽڪر ته گهمي ڏس!
گنجي ٽڪر جي ٽڪري،
آدم شاهه جي ٽڪري،
سيوهڻ جو گورک هل اسٽيشن،
جتي اَٿئي،
مريءَ کان به وڌيڪ ساوڪ ۽ ٿڌ.

تون منهنجا چشما ته گهمي ڏس!
لاکي جا چشما،
جهمپير جا چشما،
لڪيءَ جا چشما،
جتي اٿئي،
پاڻيءَ ۾ مريض لاءِ شفا سمايل!!

تون منهنجو آب ته پي ڏس!
جر جو مٺو آب!
سمنڊ جو کارو آب!
سنڌوءَ جو امرت ڌارا!
جنهن تي
ظالم بند ٻڌي ڪالا باغ اڏن ٿا.

تون منهنجا ٻيٽ ته گهمي ڏس!
سنڌي سمنڊ جو ڏنگي ٻيٽ!
سنڌي سمنڊ جو ڀنڊار ٻيٽ!
سنڌي سمنڊ جو چرنا بيٽ
جن ۾ اٿئي
وفاق جون نظرون کُتل!

تون سنڌوءَ جي مڇي ته کائي ڏس!
شاڪر، ڪرڙا،
کڳا، پلا!
گندڻ، ڏنڀرا،
جن لاءِ اٿئي، پنجابي پهاڪا مشهور!
مڇي ماني کانوڻا، سنڌ ڇوڙ نه جانواڻا!

تون منهنجي ڌرتيءَ جا خزانا ته ڏس!
کوهن مان تيل ٿو نڪري،
باجارن مان گيئس ٿو نڪري،
ٿر مان ڪوئلو ٿو نڪري،
جن تي اٿئي،
وفاق جو تين وال.

تون منهنجا ٻيلا ته گهمي ڏس!
ڪچي جا ٻيلا،
تُمر جا ٻيلا،
مکيءَ جو ٻيلو،
جتي اٿئي،
وطن يا ڪفن، آزادي يا موت، جا نعرا مشهور.

تون منهنجي هالا ته گهمي ڏس
جنڊيءَ جا ڪاريگر!
ڪاشيءَ جا ڪاريگر!
اجرڪ جا ڪاريگر!
جن جا اٿئي،
دنيا ۾ ناماچار!

تون منهنجا وسيلا ته ڳڻي ڏس!
سمنڊ مان ياقوت ٿو نڪري!
جبلن مان الماس ٿو نڪري!
ڪارونجهر مان گرينائٽ ٿو نڪري!
جن تي اٿئي،
وفاق جو لڳل ڌاڙو دردناڪ!

اي! منهنجي ديس جا رقيب!
مان ڪهڙي ديس جي واکاڻ ڪيان،
منهنجي عمر ٿوري آ،
منهنجي ديس جي واکاڻ گهڻي آ،
تون منهنجي سهڻي سنڌ ته گهمي ڏس!
ويندئي وسري توکان سڀ تهذيبون!



تون مون کي جاهل چوڻ وارا!

تون مون کي جاهل چوڻ وارا!

تون مون کي جاهل چوڻ وارا!
تون منهنجي تاريخ ته پڙهي ڏس!
وينديون وسري سڀ تاريخون.

تون منهنجا تاريخدان ته پڙهي ڏس!
حسام الدين راشدي،
نبي بخش خان بلوچ،
مولائي شيدائي،
جن ڪئي آهي،
سنڌ جي تاريخ محفوظ.

تون منهنجي ڏاهن جا نظريا ته پڙهي ڏس!
ابراهيم جويو،
رسول بخش پليجو،
عطا محمد ڀنڀرو،
جن جي نظرين ۾ آهي،
قومن جو بچاءُ.

تون منهنجا درويش ته پڙهي ڏس!
بلاول شهيد جو گهاڻي پيڙهيو،
سرمد شهيد جو اورنگزيب مارايو،
شاهه عنايت شهيد جو مغلن سِر ڌڙ کان ڌار ڪرايو،
جن وٽ آهن،
جو کيڙي سو کائي وارا پرچاءُ.

تون منهنجا ڌرتيءَ جا شهيد ته پڙهي ڏس!
راجا ڏاهر جنهن عربن کي بتال ڪيو،
دودو سومرو جنهن خلجين کي خوار ڪيو،
سورهيه بادشاهه جنهن انگريزن کي حيران ڪيو،
جن جا آهن،
ڌرتيءَ کي رت جا ريج ڏنل.

تون منهنجا مزاحمتي ڪردار ته پڙهي ڏس!
هيمو ڪالاڻي، سوريءَ چڙهيو، پر راز نه کوليو،
روپلو ڪولهي، سر ڏنو پر فرنگي اڳيان نه آڻ مڃي،
هوشو شيدي، انگريزن کي للڪاريندو رهيو،
جن جا آهن،
مرسون، مرسون سنڌ نه ڏيسون، نعرا مشهور.

تون منهنجي سنڌ جا اڳواڻ ته پڙهي ڏس!
قائداعظم، جنهن دنيا جي نقشي ۾ پاڪستان قائم ڪيو،
جي.ايم.سيد، جنهن اسيمبليءَ ۾ پاڪستان جو بل پاس ڪرايو،
قائدِ عوام جنهن ملڪ کي ايٽم بم ڏنو،
جن جا آهن،
دنيا ۾ وڏا شان ۽ مان.

منهنجي ديس جون بهادر نياڻيون ته پڙهي ڏس!
مائي بختاور جنهن ظالم اڳيان ديوار بڻجي گولي کاڌي،
مائي جيندو جنهن پٽن جي لاشن جو فوجين سان نه ٺاهه ڪيو،
بينظير ڀٽو جنهن ڪانئر کي پٽيون پڙهايون،
جن جا آهن!،
دنيا ۽ ديس ۾ پڙلاءُ!
تون منهنجا اڙٻنگ جوڌا ته پڙهي ڏس!
مرتضيٰ ڀٽو جنهن ڪائنر کي للڪاريو،
بشير خان قريشي، اقوام عالم ۾ آواز اُٿاريو،
خالد محمود سومرو، جنهن اسيمبليءَ ۾ بي خوف ڳالهايو،
جن جا آهن!
ايوانن ۾ پڙاڏا ۽ ڏهڪاءُ!

تون سنڌ تي لٽيرن جون ڪاهون ته پڙهي ڏس!
عربن، ارغونن جون ڪاهون،
ترخانن، پٺاڻن جون ڪاهون،
مغلن، انگريزن جون ڪاهون،
پوءِ به آهن،
سنڌ جا وسيلا بيشمار!

تون منهنجي سنڌ جو شان ته ڏس!
تون آهين سنڌؤ جو ازل کان ويري،
سنڌ جو شان توکان هضم نه ٿيندو،
تعريف توکي ڪڏهن نه وڻندي،
اڄ سنڌي آهن!
ويريءَ جي اکين ۾ ڪنڊو بڻيل.

تون منهنجي سنڌ ۽ پنهنجو حساب ته ڪر،
تون 14 صدين کان مسلمان آهين،
تون 73 سالن کان پاڪستاني آهين،
مان 10 هزار سالن کان سنڌياڻي آهيان،
جتي سنڌي آهن!
ازل کان سنڌ ڌرتيءَ جا وارث!



مان سنڌو ماٿري آهيان!

مان سنڌو ماٿري آهيان!

مون کان تنهنجا ڄاول ٻار پڇن ٿا،
مان آهيان ڪير؟
مان ڏهه هزار سالن کان سنڌي آهيان،
مان چوڏهن سؤ سالن کان مسلمان آهيان،
مان ٽيهتر سالن کان پاڪستاني آهيان،
پوءِ به مان سنڌوماٿري آهيان!
پر تنهنجي غلام آهيان!

جڏهن تنهنجو وجود نه هو،
مان دنيا جي نقشي ۾ موجود هيس،
جڏهن تنهنجي ڪا سرحد نه هئي،
تڏهن منهنجي سرحد دنيا ۾ پکڙيل هئي،
جڏهن منهنجي پيرن ۾ غلاميءَ جي پازيب پئي،
تڏهن منهنجي سرحد سوڙهي ٿي،
پوءِ به مان سنڌوماٿري آهيان،
پر تنهنجي غلام آهيان!

تنهنجا جگري يار چون ٿا،
سنڌ جو ته هاڻي وجود ئي ناهي،
تون انهن کي ياد ڏيار،
سنڌ ته ازل کان ئي آهي،
ابد تائين ئي قائم رهندي،
تون ته ٻاويهه سالن کان پوءِ ٽُٽي وئين،
پوءِ به مان سنڌوماٿري آهيان!
پر تنهنجي غلام آهيان!

تنهنجا ڪلگيدار کلن ٿا،
ڏاند گاڏي آهي هنن جو ڪلچر،
موهن جي دڙي جي تاريخ ته پڙهه،
منهنجو شاندار ماضي ته ڏس،
هر دؤر ۾ خوشحال هيس،
تو منهنجا وسيلا ڦريا،
پوءِ به مان سنڌوماٿري آهيان!
پر تنهنجي غلام آهيان!

ڏس تون مڪليءَ جو مُقام،
قبرون به اٿئي شاندار،
ڪهاڻيون اٿئي لاجواب،
منهنجا دودا، منهنجا هوشو،
منهنجا هيمون، منهنجا روپلا،
منهنجا سپهه سالار منهنجا دولهه دريا خان،
پوءِ به مان سنڌوماٿري آهيان!
پر تنهنجي غلام آهيان!


مان مهان قوي ته ناهيان!

مان مهان قوي ته ناهيان!

مان مهان قوي ته ناهيان،
جو موتي ڏات جي ديوي، مهربان ٿئي،
پوءِ مان آڌيءَ رات جو اُٿي،
شاهڪار گيت ويهي سرچيان،
مون تي ته ظالم دنيا،
مهربان ٿئي ٿي،
مون تي ڏات جي ديوي نه،
ڪرب جي ديوي مهربان ٿئي ٿي،
جڏهن به ڪنهن چوٽ رسائي،
مون ڪاغذ جي ٽڪري تي،
ڪرب کي اوتيو،
مون ڪاغذ تي درد ئي ٽاڪيو،
اي وقت جا منصف!
تون انصاف ڪجانءِ،
مهان قويءَ جي ڏات وڏي؟
يا موتي ٿيل چوٽ وڏي؟
مهان ڪويءَ لکيون،
هجرِ فراق جون باتيون،
مون ڪيون عوام جون ڳالهيون،
ڪويءَ جو محبوب وڏو؟
يا منهنجو ديس وڏو؟


قوم جي امانت!

قوم جي امانت!

هيءُ قلم آهي، قوم جي امانت!
مون لاءِ آهي ڄڻ ته ڪا عبادت،
جڏهن به مان لکندي آهيان،
درود پاڪ پڙهندي آهيان،
ڪيئن ٿي لکان ڪا خبر ئي ناهي،
بس دردن جي ڪا خدائي آهي،
ڪنهن جي به درد تي ڀري پوان ٿي،
برف وانگر ڳري پوان ٿي،
جيڪي سور نه ڪنهن سان سليان ٿي،
پني تي ئي اوتي ڇڏيان ٿي،
هت ڪير آهي؟ ڪنهن جو طبيب!
هت آهن سڀ ئي رقيب،
ڪير ٿو ڪري ڪنهن جي مسيحائي،
هت آهن سڀ ئي ڪاسائي،
بيدرديءَ سان ڪڍن ٿا ساهه،
چيري ڇڏين ٿا هنياءُ،
روڙي ڇڏين ٿا مانهه،
ڪنهن سان ڪجي ڪهڙي شڪايت؟
بس قلم ئي پنهنجو ساٿي آهي،
مرڻ گهڙيءَ تائين لکندي رهيس،
قلم آهي دردن جو ساٿين،
قوم جا درد پنهنجا درد،
قلم آهي قوم جي امانت.


مان سنڌي فوجي آهيان!

مان سنڌي فوجي آهيان!

مان سنڌي فوجي آهيان!
سپاهي ٿي مرندس،
سپاهي ٿي لهندس،
سپاهي ٿي ماريو ويندس،
نه جنرل ٿيندس،
نه ڪرنل ٿيندس،
سرحد تي شهيد ٿي مرندس،
نه اعزاز ملندو،
نه انعام ملندو،
صرف دفنائڻ وقت،
فوجي سلامي ملندي،
ڇو جو مان،
سنڌي فوجي سپاهي آهيان.
پٺاڻ فوجي مري،
پنجابي فوجي مري،
يا ڪو ڪرڪيٽ ميچ کٽي،
سنڌ جي زمين، انعام ۾ ملندي،
سنڌ جي زمين آ يتيم جو مال،
يتيم جو مال سڀڪو کائيندو،
يتيم جو ٻارُ سڀ ڪو ماريندو،
يتيم جو حال ڪوبه نه بدلائيندو،
ڇو جو مان سنڌي آهيان.
صدين کان غلام آهيان
آزاديءَ جي آ، چادر پاتل،
نسل آهن زنجير ۾ جڪڙِل،
مان ڪيڏو به وطن سان وفادر رهان،
پوءِ به غدار آهيان!
ڇو جو مان سنڌي فوجي آهيان!



سنڌ منهنجي نماڻي هرڻي!

سنڌ منهنجي نماڻي هرڻي!

منهنجي سنڌ سهڻي، من مهڻي!
ٿي پئي آهي، نماڻي هرڻي!
هر طرف راڪاس ڦرن ٿا،
شڪارين جا آهن ڄار وڇايل،
ڪو باز جهٽي ٿو،
ڪو نانگ ڏنگي ٿو،
ڪو تير هڻي ٿو،
سَنڌُ، سَنڌُ آ، زخمن کان چور،
ڪو نه ڪري ٿو،
ڪو هن جو دارون،
هرڪوئي مانهه گهري ٿو،
سيخ ڪري کائڻ گهري ٿو،
سڀ آهن، نشي ۾ ڌُت،
سوار آهن انڌ جي گهوڙي تي،
جڏهن ٿاٻڙجي پٽ تي پوندا،
هاءِ، هاءِ جا هٿ پوءِ هڻندا،
منهنجي سنڌڙي، منهنجي جندڙي،
سنڌ جا سبتغين آهن، محلن ۾ سُتل،
سنڌ منهنجي نماڻي هرڻي،
رڻ ۾ ٿي اڪيلي ڊوڙي،
وار ڇوڙي، پيرين اگهاڙي،
رت جا ٿي نير ڳاڙي.
سنڌ منهنجي نماڻي هرڻي!



مان آهيان ڌرتيءَ جي مقروض!

مان آهيان ڌرتيءَ جي مقروض!

تو وٽ آهن علم عروض،
مان آهيان ڌرتيءَ جي مقروض،
مان تنهنجي علم عروض ۾،
قيد ڪونه ٿيندس،
مان ڌرتيءَ جي دانهن،
لکندي رهندس،
منهنجا ڳڀرو گهوٽ سڙن!
مان علم عروض ڳوليندس؟
منهنجا ٿر ۽ بر سُڪن،
مان ڪافيا ڳوليندس؟
منهنجا، شهر ۽ ٻيٽ وڪامن،
مان رديف ڳوليندس؟
منهنجي ڌرتيءَ جي دردن آڏو،
تنهنجا علم عروض اچن،
مان خاموش رهندس؟
مان ته ڌرتيءَ جي مقروض آهيان،
مان ڌرتيءَ جا قرض لاهيندس.



ڪو سوريءَ چڙهي ٿو امرت ماڻي!

ڪو سوريءَ چڙهي ٿو امرت ماڻي!

ڪو هڪ ماڻهو به لک لهي ٿو!
ڪو ميڙاڪو به ڪک ٿئي ٿو!
ڪو چڻنگ ڦوڪي ٿو مچ مچائي،
ڪو پاڻي هاري ٿو آڙاهه وسائي،
ڪو رڙ ڪري ٿو جڳ جاڳائي،
ڪو ماٺ ڪري ٿو چپ سبرائي،
ڪو پٿر اُڇلائي ٿو لهريون ٺاهي،
ڪو ڪناري ويهي ٿو نهاري،
ڪو ٻارڻ ٻاري ٿو آگ لڳائي،
ڪو سانت ڪري ٿو چادر پائي،
ڪو صديءَ جي ٿو زندگي ماڻي،
ڪو سوريءَ چڙهي ٿو، اَمرت ماڻي!




سوريءَ تي به نعرو سنڌ جو

سوريءَ تي به نعرو سنڌ جو

وري جاڳيو آهي سنڌ سان عشق،
وري وريو آهي ڌرتيءَ سان نينهن،
الست کان مارن جو مليو عشق،
الستي آهي پنهنجو نينهن،
ازل کان آهي سنڌوءَ سان عشق،
ابد تائين رهندو سنڌوءَ سان نينهن،
من ۾ مهراڻ جيڏيون موجون،
تن ۾ سمنڊ جيڏيون ڇوليون،
عشق ڪرڻو ئي آهي،
پوءِ ڊنڪي جي چوٽ ڇو نه ڪجي؟
حق اگر گهرڻو آهي،
پوءِ وڏي واڪي ڇو نه گهرجي؟
ڌرتيءَ سان عشق ڪو ڏوهه آهي ڇا؟؟
ڊڄي، ڊڄي هِت نانءُ کڻيو،
حق گهرڻ ڪو ڏوهه آهي ڇا؟
سڏڪي، سڏڪي ساهه ڏيون،
حق ته سوريءَ تي به گهربو،
نه مليو ته ڦُري به وٺبو،
ڀلي پوءِ جان وڃي،
ڪو ته، نه چوندو،
ڪائنر اسان کي،
سنڌين ۾ ڪو دم ئي ڪونهي،
ماريندو به هٿ پيا ڏڪندا،
ساڙيندو به ساهه نه کڻندو،
عشق سنڌين جو آهي الستي،
سوريءَ تي به نعرو سنڌ جو.



منهنجي قوم آهي ميلن ۾ مست!

منهنجي قوم آهي ميلن ۾ مست!

منهنجي قوم آهي ميلن ۾ مست،
لڳن ٿا ڌرتيءَ تي ڌاڙا،
کسجن ٿا ماڳ پراڻا،
ڊهن ٿا گهر اَباڻا،
جڙن ٿا ڊيم گوڙاڻا،
ڪُسجن ٿا پُٽ اڙانگا،
کڄن ٿا ديس ڄاوا،
ملن ٿا ڪارڊ ڌارين کي،
جڙن ٿا اتحاد دراني،
پٺاڻن جا ڪٽڪ اچن ٿا،
گروهڙيءَ جي پيشنگوئي،
صحيح نه ثابت ٿي،
جڏهن، تڏهن سنڌڙي،
توکي قنڌاران جوکو.
منهنجي قوم آ اگهور ننڊ سُتل،
ڪير جاڳائي منهنجي سُتل قوم؟
ڪي آهن مفاحمت ۾ پورا،
ڪي آهن مصلحت ۾ پورا،
ڪي آهن لُٽڻ ۾ پورا،
ڌاريا آهن ڊاهڻ ۾ پورا،
سنڌ سڄي آ سورن ۾،
پوءِ به قوم آ ميلن ۾ مست!


واهه وزيرِاعليٰ واهه!

واهه وزيرِاعليٰ واهه!

واهه وزيراعليٰ واهه! *
ٻيا صوبا افغاني ڌڪارن،
تون چوين ٿو افغاني اچن.
سنڌ سڄي يتيم خانو آ،
تون چوين ٿو ڌاريا گهرجن.
ڪراچيءَ ۾ سنڌين لاءِ ڌرتي تنگ،
تون چوين ٿو ڌاريا اچن.
سنڌوءَ جو پاڻي سڪي ويو،
تون چوين ٿو ڌاريا رهن.
ڪراچيءَ ۾ ڌارين جا قبضا،
تون چوين ٿو ڌاريان وڌن.
روز ڌرتيءَ تي وار هي ڪن،
تون چوين ٿو ڀائر آهن.
واهه وزيراعليٰ واهه!!
تنهنجو اعليٰ ظرف!


تون آهين کير جو ڌوتل!

تون آهين کير جو ڌوتل!

سنڌي آهن ڪرپٽ،
بلوچي آهن جاگيردار،
پٺان آهن طالبان،
تنهنجي حقيقت به دنيا ٿي ڄاڻي،
تون آهين صرف کير جو ڌوتل!

تون راتاها هڻين به کير جو ڌوتل،
تون ملڪ ٽوڙين به کير جو ڌوتل،
تون پرچم ساڙين به کير جو ڌوتل،
تنهنجي حقيقت به دنيا ٿي ڄاڻي،
پوءِ به تون آهين کير جو ڌوتل!

ڪو نعرو هڻي به ڏوهه ۾ ورتل،
ڪو دانهن ڪري به قيد ۾ واڙيل،
تون فيڪٽرين ۾ جيئرا ماڻهو ساڙين!
تنهنجي حقيقت به دنيا ٿي ڄاڻي،
پوءِ به تون آهين کير جو ڌوتل. *



مون صرف سنڌ تي لکيو آ!

مون صرف سنڌ تي لکيو آ!

مون صرف سنڌ تي لکيو آ،
نثر هجي يا نظم هجي،
ڌرتيءَ جي دانهن ئي آهي،
ديس کي لٽيرن جي آ ڊگهي قطار،
ڪنهن جا ڪنهن جا نانءُ ڳڻيان؟
جڏهن خلجين روپا تي اَنڌي آندي،
تڏهن دودي سر ڏئي ويساهه ڏنو،
جڏهن ديبل تي قاسم ڪاهه ڪئي،
تڏهن ڏاهر ڌرتيءَ کي رت جو ريج ڏنو،
جڏهن فرنگين مياڻي ۾ توبون هلايون،
تڏهن هوشوءَ نعرو هڻي، تلوار هلائي!
ڪڏهن ڪنهن لُٽيو،
ڪڏهن ڪنهن ڦُريو،
بس سنڌ هر دؤر ۾،
لُٽبي رهي ڦربي رهي.
هاڻي ٿو وفاق لُٽي!


مان ڌرتيءَ جي سڃاڻپ آهيان

مان ڌرتيءَ جي سڃاڻپ آهيان

مان هزار سالن کان سنڌي آهيان!
تون سالن جو ٻچڙو آهين،
مان مٽيءَ جي مهڪ آهيان،
تون مٽيءَ جي خوشبو ڇا ڄاڻين؟
مان هوائن ۾ گهلندي رهندس،
تون هوائن ۾ لڏندو رهندين،
مان تاريخ ۾ ملندي رهندس،
مان ڌرتيءَ جي سڃاڻپ آهيان.



اڙي! شهر قاتل!

اڙي! شهر قاتل!

اڙي! شهر قاتل!
اڙي! شهر قاتل!
تون بي رحم آهين!
نئين سال ايندي،
تون ڳڙڪايون جوانيون،
مٽن مائٽن ڏي، اُماڻيا تو لاشا،
هي آيا هيا،
نيڻن ۾ سجائي ڪيئي سپنا،
ڏورانهن شهرن کان،
بند ڪمري جي پکي ۾،
لٽڪيل نائله جو لاشو،
ڇڏي ويو پويان،
اُلجهيل ڪئي ڪهاڻيون،
جي اڄ به اُلجهيل ئي آهن،
ناتال جي موڪلن ۾،
هيءَ آئي ڇو هتي هئي؟
گهر وارن هن کي،
اجازت ڇو ڏني هئي؟
هن سَنَدَ ڪين ماڻي!
هن جواني به ڪين ماڻي!
مادرِ علم مان نائله جو،
اماڻيو تو لاشو،
تون مادر علم آهين،
يا ٿيو وفاق آهين؟

اڙي! شهر قاتل!
اڙي! شهر قاتل!
تون بي رحم آهين!
زيرو پوائنٽ تي،
تون معصوم شازيه کي،
بس جي ڦيٿن ۾،
روڊ تي گهلي تو ماريو،
تنهنجا مدهوش ڊرائيور،
مدهوش ئي رهن ٿا،
هن جي هٿن ۾ هئا،
گل ڪيئي ڳاڙها،
خبر هن کي ڪهڙي،
پن، پن ٿي روڊن تي ئي ڇڻندا،
الائي! ته ڪهڙيون آسون کڻي،
هيءَ گهر کان هئي نڪتي،
روڊ تي رهڙجي امڙ ڏي ورندي!


اڙي شهر قاتل!
اڙي! شهر قاتل!
تون بي رحم آهين!
صبح جو سويري،
اسر ويل اُٿي هي،
توڏي اچڻ جي،
ڪن ٿا هي تياري،
رش ۽ سوڙهه ۾،
درين ۾ به لڙڪي،
پڄن ٿا تو وٽ،
هي بدمست ڊرائيور،
ڄڻ ته آهن شهنشاهه،
نه ٻڌن نه ورائن،
ڪريو در مان نينگر،
چيڀاٽيو ڦيٿن سان،
رڙين ۽ ڪوڪن تي،
جڏهن بس بهاري.
امڙ جي اکين جو،
ڏيئو ويو وسامي،
مهراڻ يونيءَ مان،
وريو گهر ڏي لاشو،
مرڪن واري گهر ۾ ،
برپا ٿي قيامت ،
نه موڙ ٻڌا لاڏل،
نه لائون لڌائين،
نه ويس پاتو گهوٽل،
نه لاڏا چيائون،
امڙ ۽ ادين جون،
ٿيون آسون اڌوريون،
بابل جي به ڳل تان،
سُڪا ڪين ڳوڙها،
ڄاڃين جي بدلي،
ٿيا ڪُلهي ڪانڌي،
اڙي! شهر قاتل!
اڙي! شهر قاتل!
تون بي رحم آهين!! 



ديس جو استاد!

ديس جو استاد!

هن ديس جي استاد جي،
هن ديس جي مظلوم جي،
ڪٿان ڪيان ڪَٿَا شروع،
هي پنهنجا حق وٺڻ لاءِ،
آيا هئا ڪلاچيءَ ۾،
هن ڪلاچيءَ جي ڪُن مان،
واڳون ور، ور ڪري نڪري پيا،
محافظن جي ويس ۾،
ديس جي استاد تي،
ڏنڊا وسندا رهيا،
واٽر ڪينن جا ڦوارا،
شلنگ جا وسڪارا،
ڪِرندڙ رت جا ريڳاڙا،
خون ۾ لت پت ويچارا،
روڊن تي گهلبا رهيا،
پوليس جا ڏنڊا وسندا رهيا،

روم جلندو رهيو
نيرو بانسري وڄائيندو رهيو،
استاد ڪٽبا رهيا،
حڪمران، مزار قائد تي،
تقريرون ڪندا رهيا،
قائد جي روح کي تڙپائيندا رهيا،
قائد جي جنم ڏينهن تي،
استاد کي ڏنڊن جون سلاميون ڏيندا رهيا،
نياڻين جي مٿي تان،
پوتيون لاهيندا رهيا،
نياڻين کي مٿي تي اجرڪ،
پارائڻ وار عمر ويا،
نياڻين جي مٿي تان پوتيون لاهڻ وارا،
حڪمران جا ڪاريندا آهن،
جمهوريت آهي وڏو انتقام،
ناهي وٺڻو ڪنهن کان حساب،
پوءِ هي ڪهڙي آهي تنهنجي جمهوريت؟
استادن کان وٺين ٿو ڪهڙو وير؟
استاد ته تنهنجا خالي دٻا آهن ڀريندا،
شايد خدا جو آهي استادن کان حساب،
جيڪي نااِهل، ظالم سياستدانن کي،
عوام مٿان ٿاڦيندا آهن،
پوءِ ظلم جو هڪ سفر شروع ٿئي ٿو،
حڪمرانن کي کٽرائي انعام وٺن ٿا،
اڄ انهن حڪمرانن کان،
ڏنڊن جون سلاميون ملن ٿيون،
ان ئي ريڊ زون تي،
دهشتگردن لاءِ روڊ بهاريا وڃن ٿا،
پاڻي پيارا وڃن ٿا،
استادن تي ظلم ڏسي،
سنڌ ڪو فلسطين لڳي ٿو،
ڄڻ ڪشمير لڳي ٿو،
استاد ۽ نياڻيون،
موبائل وين ۾ ٻڪرين جيان،
سٿبا رهن ٿا،
استادن تي پوليس جو تشدد ڏسو،
جهنگ جو ڌنار به،
نه ڪٽيندو هوندو جانور*



ٽين جنس!

ٽين جنس!

منهنجا مالڪ! توکان ڪير پڇي؟
تون خالقِ ڪل ڪائنات آهين!
تون جو هي ٽين جنس خلقي آ
هن جو آهي ڪهڙو قصور؟
نه، جنس نازڪ ۾، نه جنس بهادر ۾،
نه، بابو شفقت جو هٿ ڌري ٿو،
نه، جيجل سيني ٿي لائي،
نه، بي رحم سماج قبول ڪري ٿو،
بس، هڪڙوئي گرو قبول ڪري ٿو،
هنن جون حسرتون ڪهڙيون؟
جنس نازڪ واريون؟
جنس بهادر واريون؟
دل جي ڌڙڪن ۾،
محبوب ٿو ڌڙڪي؟
يا محبوبه ٿي ڌڙڪي؟
تنهنجي ئي تخليق جو،
دنيا ۾ آهي تماشو،
تون خاموش ڏسين ٿو،
هو پنهنجي پيڙا ڪنهن کي ٻڌائين؟
ڪنهن سان پنهنجا سور سلين؟
مالڪ! تنهنجي هيءَ تخليق به،
حڪمت کان خالي نه هوندي!
تون جو هيءَ ٽين جنس خلقي آ؟
هيءَ به تنهنجي مخلوق آ.
اي خدا جي اشرف المخلوقات!
خدارا هي ظلم بند ڪيو،
خدارا هي قهر بند ڪيو،
هي نفرت ختم ڪيو،
هي به خدا جي تخليق آهن،
هنن کي به جيئڻ جو حق ڏيو،
اگر آهن هي ٽين جنس،
پوءِ هنن جو آهي ڪهڙو قصور؟
تون آهين ايترو عظيم،
پوءِ خدا کان ڪر سوال،
تون هيجڙا ڇو پيدا ڪيا؟
اي بدبخت ظالم انسان!
تون پنهنجي خوشين ۾،
هنن کي نچائين ٿو،
ٻن ڏوڪڙن عيوض،
ڪرين ٿو هنن جي تذليل،
اي حضرت انسان! انسان ٿي حيوان نه ٿي!*



اي غريب جا خدا!

اي غريب جا خدا!

اي غريب جا خدا!
تون آهين ڪٿي؟
جڏهن غريب جو ٻار،
بکي پيٽ سُتو،
اي رازق ۽ رزاق!
تون هئين ڪٿي؟

اي مزدور جا خدا؟
تون آهين ڪٿي؟
جڏهن مزدور جي وني
ويم ۾ تڙپي مئي.
اي ڪائنات جا طبيب!
تون هئين ڪٿي؟

اي مظلوم جا خدا!
تون آهين ڪٿي؟
جڏهن مظلوم،
آهون ڪيون دانهون ڪيون،
انصاف لاءِ رلندو رهيو،
توکي سڏيو،
اي سميعُ، بصير!
تون هئين ڪٿي؟

اي ظالم جا خدا!
تون آهين ڪٿي؟
جڏهن ظالم مظلوم تي،
قهرَ برپا ڪيا،
تنهنجي تخليق کي،
ٽوڙي پرزا ڪيا،
اي! ڪائنات جا مصور!
تون هئين ڪٿي؟

اي مخلوق جا خدا؟
تون آهين ڪٿي؟
جڏهن هيءَ سڄي ڪائنات،
تنهنجي ئي تخليق آهي،
پوءِ انسانن جي وچ ۾
ايڏو فرق ڇو آ؟
اميرن جون عياشيون،
غريبن جون فاقاڪشيون،
ڪٿي جام ٿا ڇُلڪن،
ڪٿي لب ٿا سڪن،
اي! آب زم زم جا مالڪ!
تون آهين ڪٿي؟

اي! ڪائنات جا خدا!
تون آهين ڪٿي؟
تنهنجي مخلوق،
اَنگ اُگهاڙي رهي،
بُک تي سمهي،
تڙپي مري،
لُڇندي رهي،
اُڃ ۾ پياسي ٿي مري،
تون هن جي نصيب ۾
لکيو ڇا هي؟
اي تقدير جا مالڪ!
تون آهين ڪٿي؟



ڪفن مهانگو

ڪفن مهانگو

ڪفن مهانگو، موت سستو آ!
هيءَ نگري منهنجو سنڌ وطن آ!
جتي مائر ابهم ٻچڙن جو،
لاش ٻانهن ۾ ڀري هلن ٿيون،
شهر جي بازارين ۾ رلن ٿيون،
سدائون لڳائينديون رهن ٿيون،
آهي ڪو؟؟
ٻچڙي جو ڪفن عطا ڪري!
خلقِ خدا،
حسرت مان، تڪيندي رهي،
جيجل امڙ،
حسرت مان، مدد لاءِ واجهائيندي رهي،
ڪنهن نه ورنائي هن جي صدا!
اکين جا ڳوڙها خشڪ ٿي ويا،
امڙ جون اکيون پٿرائجي ويون،
بي حس قوم جي سلوڪ تي،
اکين ۾ آب آڻي چيو،
آڻيون ۽چاڙهيون،
پينائو فقير آهيون،
پِني ٿا پيٽ پاليون،
هفتي جو هيءُ آهي ٻچڙو،
اڃا مون نالوئي ناهي رکيو،
مون کان ڪاوڙجي آهي ويو،
مون هن کي ڪجهه ڏئي ناهي سگهيو،
نه ڪو نانءُ،
نه ڪو ڪفن،
نه ڪو دفن،
ڪهڙي منهن سان قيامت ۾،
چوندس هن کي پنهنجو ٻچڙو،
هوءَ آلين ۽ پٿرايل اکين سان،
روڊ تي ڦرندي رهي،
ڳچ سمي گذرڻ کان پوءِ،
الائي جي ڪٿان، هڪ شخص آيو،
هٿ ۾ پئسا ڏئي، غائب ٿي ويو،
شايد هو هن ڌرتيءَ جو،
ڪو انسان نه هو!
گڏيءَ هٿ ۾ پئسا ڏسي،
جهول ۾ جهليل،
بي جان ٻچڙي کي ڏٺو،
اکين مان بي وسيءَ جا،
ٻه ڳوڙها ڪِري پيا،
هڪ ماءُ جي درد ڪٿا.*



هيانءُ ڏاريندڙ منظر!

هيانءُ ڏاريندڙ منظر!

ڪڏهن نورانيءَ جي ننگريءَ ۾،
ڪڏهن قلندر جي ننگريءَ ۾.
هي راڪاس رلن ٿا،
اهڙا هنيانءُ ڏاريندڙ منظر،
هي قيامت صغريٰ جا منظر.
اڳ اکين ڪين ڏٺا ها،
اڄ اکين اڳيان ڦرن ٿا،
اکيون پٿرائجي وڃن ٿيون،
ساهه مٺ ۾ اچي ٿو،
هر طرف آهن لاش ئي لاش،
هر طرف آهن ڪپڙن کان آجا لاش،
هر طرف رت جا ريلا،
جسم آهن رت سان ريٽا،
هر طرف انسانن جا عضوا،
هر طرف مانهه جا ٽڪرا،
هر طرف آهه پڪار،
هر طرف آهي ماتم برپا،
هر گهر ۾ شامِ غريبان،
هر گهر مان نڪتا ڪئي جنازا،
ڪيئي گهر اُجڙي ويا،
ونين کان وَرَ وڇڙي ويا،
مائرن کان ٻچڙا وڇڙي ويا،
ٻچڙن کان مائر وڇڙي ويون،
ڀينرن کان ڀائر وڇڙي ويا،
ڀائرن کان ڀينر وڇڙي ويون،
هي اهڙا گهرا گهاءُ،
ڪري ويا روحن کي زخمي،
اي ظالم! درنده حيوان!
انسان ۽ انسانيت جا دشمن!
ڪهڙو هو هنن جو قصور؟
الائي ته ڪهڙيون آسون کڻي
من جون مرادون کڻي،
اميدن جا جن ٻاريا ڏيئا،
اُجهايا تن جي زندگيءَ جا ڏيئا،
انسان جي روپ ۾ آهين شيطان،
انسانيت جو ٿو خون وهائين،
جڏهن ٿو تون بم وسائين،
ڌرتي سڄي لڏي وڃي ٿي،
جنت جي لالچ ۾ ٿو انسان مارين،
حورن جا ٿو خواب ڏسين،
جهنم به نه ڪندو توکي قبول،
تنهنجو ٻج ڇٽيو هو ظالم ڪائنر،
وڌي ٿيو آهي وڏو وڻ،
روز ٿا ان مان بم وسن،
ناحق انسانن جا خون ٿين،
انسانيت جي تو ۾ بونءِ ناهي،
اسلام ته آهي امن سلامتيءَ جو مذهب،
ڪهڙو آهي تنهنجو مذهب؟
جنهن ۾ ٿو تون انسان مارين،
ڀٽائي گهوٽ، بلاول، شاهه نوراني،
عثمان مروندي افغاني،
هيءَ آهي صوفين جي ڌرتي،
جت سانجهي ٽاڻي ساز وڄن ٿا،
ڀٽائي جا فقير وايون ورلاپن،
تنبوري جي ساز کي ڇيڙين،
قلندر تي ڌمالون پائن،
مي رقصم ٿي مست ٿين،
نوبت جو ڏونڪو وڄي،
دهل جو ڌڌڪو ٿئي،
بي خوديءَ ۾ هڻن ملنگ ڌمالون،
مستيءَ ۾ پائن جهمريون زالون،
هٿن پيرن ۾ ڇمڪائن ڇيريون،
من اندر جون مرادون پائن،
هت ڪوئي مذهبي مڌ ڀيد ناهن،
هندو، مسلم، سک، عيسائي،
سڀ آهن امن جا پرچاري،
صدين کان هيءَ ريت آ جاري،
ناهن هت بم آپگهاتي،
ڪيڏا به تون بم وسائين،
لڳنديون پوءِ به ڌمالون،
دمادم مست قلندر،
سخي شهباز قلندر،
سنڌڙيءَ جو شهباز قلندر.



_____________________________
قلندر شهباز جي مزار تي بم ڌماڪي تي لکيل نظم

مٽيءَ جا ماڻهو! مٽيءَ ۾ ملندين!

مٽيءَ جا ماڻهو! مٽيءَ ۾ ملندين!

غريب سان نٿو هٿ ملائين،
امير جي اڳيان ٿو سِرُ جهڪائين،
مٽيءَ جا ماڻهو! مٽيءَ ۾ ملندين!
غريب توکي ڏي ٿو مان،
امير جي اڳيان گهٽجي ٿو شان،
مٽيءَ جا ماڻهو! مٽيءَ ۾ ملندين!
فرعون جي خدائي پاڻيءَ ۾ غرق ٿي،
قارون جو خزانو زمين ۾ غرق ٿيو،
مٽيءَ جا ماڻهو! مٽيءَ ۾ ملندين!
سدا نه رهندين تون محل ۾،
سدا رهندين تون لحد ۾،
مٽيءَ جا ماڻهو! مٽيءَ ۾ ملندين!
مانهه تنهنجو ختم ٿي ويندو،
هڏن جو پڃرو باقي رهندو،
مٽيءَ جا ماڻهو! مٽيءَ ۾ ملندين!
ٻين جا عيب تون اگهاڙين،
اندر ۾ نٿو تون نهارين،
مٽيءَ جا ماڻهو! مٽيءَ ۾ ملندين!
پاڻ کي داناءُ سمجهين ٿو،
ٻين کي نادان سمجهين ٿو،
مٽيءَ جا ماڻهو! مٽيءَ ۾ ملندين!



سڏجي ٿو عربي سمنڊ!

سڏجي ٿو عربي سمنڊ!

اسان جو سنڌي سمونڊ،
سڏجي ٿو عربي سمنڊ،
اَلستَ مان مليو اسان کي،
وهي ٿو سنڌ جي سرحد ۾،
سڏجي ٿو بحرِ عرب،
رب جي رضا سان مليو اسان کي،
سنڌ سان ازل کان ايڏو وير؟
جاگرافي تي به ڌاڙو؟
فطرت تي به وار؟
آهي ازل کان سنڌي سمنڊ!
سڏجي ٿو عربي سمنڊ!



رياست جي اعليٰ عدالت!

رياست جي اعليٰ عدالت!

رياست جي اعليٰ عدالت!
ڪهڙو آهي تنهنجو قانون؟
نياڻيءَ کي والد سان ملڻ تي بندش،
رشتن تي به تنهنجو بينُ،
رياست جي اعليٰ عدالت!
ڪٿي آهي تنهنجو انصاف!
قاتل کي عزت سان آزاد ڪرين ٿو،
معصومن جا خون ناحق لوڙهين ٿو.
رياست جي اعليٰ عدالت!
توکي آهن سوين سلام! *



هو انسانيت کي ايمان چوي ٿو!

هو انسانيت کي ايمان چوي ٿو!

مسلمان وٽ آهي نالي جو اسلام!
يهوديءَ وٽ آهي، اصلي اسلام!
هِي جانور بڻجي انسان ماري ٿو،
هو جانور تي به ڪهل ڪري ٿو.
هِي جانور کي حلال ڪري کارائي ٿو،
هو سورَ کي حلال چئي کائي ٿو.
هِي فاتح بڻجي ماڳ ڊاهي ٿو،
هو ماڳ ڳولهي نروار ڪري ٿو،
هِي زخم ڪري ناسور ڪري ٿو.
هو زخم ڌوئي مرهم رکي ٿو.
هي مسجد ۾ طالب علم جي،
عصمت پامال ڪري ٿو،
هو آشرم ۾، ناجائز، ٻار جي،
پرورش ڪري ڍال ٿئي ٿو،
هِي شريعت جو پرچار ڪري ٿو،
هو انسانيت کي ايمان چوي ٿو.



انسان ايڏو ظالم ڇو آ؟

انسان ايڏو ظالم ڇو آ؟

انسان ايڏو ظالم ڇو آ؟
ڪٺور دل ڇو آ؟
هيءَ ميڻ جهڙي نرم دل،
سخت ڇو آ؟
مظلوم تي ظلم ڪري،
خوش ڇو آ؟
محبت ميٺاڄ ڇڏي،
نفرت ڇو آ؟
قرب ڪچهريون وساري،
جهڳڙو ڇو آ؟
هِن وسيع ڪائنات جو بندو،
تنگدل ڇو آ؟
ڪو پل جهڙو نرم انسان،
پٿر دل ڇو آ؟
جهرڻن جهڙو اُجرو ماڻهوو،
ميرو ڇو آ؟



تنهنجي عدالت به هڪ جهڙي ناهي!

تنهنجي عدالت به هڪ جهڙي ناهي!

منهنجن سپوتن احتجاج ڪيا،
تو بندوق کنئي،
هن دانهن ڪئي،
تو زندانن جا در کوليا،
هن آهه ڪئي،
تو چچريل لاش ڏنا،
جنهن به حق جي ڳالهه ڪئي،
تو ڪوڙا هنيا،
هن انصاف گهريو،
تو ڏهڪاءُ ڏنو،
جنهن به سنڌ جو نانءُ کنيو،
تو ڪاريهر وارو ڏنگ هنيو،
تو آوازن تي بينُ هنيو،
ڪڏهن قومي ٻولي، ڪڏهن ون يونٽ،
ڪڏهن تنهنجا سنڌ طاس معاهدا،
ڪڏهن اين.ايف.سي ايوارڊَ،
ڪڏهن تنهنجا پنڊي ڪيس،
ڪڏهن تنهنجا قصوري ڪيس،
ڪڏهن تنهنجا تارا مسيح،
وقت ڪيا سڀ ڪوڙا ڪيس،
تنهنجا قاضي، تنهنجا مفتي،
هاڻي چون ٿا عدالتي قتل،
اهڙي عدالت ڪهڙي ڪم جي؟
جيڪا پاڻ مدعي، پاڻ منصف؟
تنهنجا منصف انصاف ڪن ٿا؟
تنهنجي عدالت به هڪ جهڙي ناهي!



ڪير ڪندو هت انصاف؟

ڪير ڪندو هت انصاف؟

جڏهن به سنڌ سان ڪو ڪيسُ ٿيو،
مون دانهن ڪئي،
جنهن ويل ٿيو،
مون آهه ڪئي،
ڪو لاش ڪِريو،
مون رت رنو،
جنهن سَڏُ ڪيو،
مون سڏ ڏنو،
ڪنهن پڪار ڪئي،
مون لبيڪ چيو،
ڪو ماڳ ڦريو،
مون نوحو لکيو،
جتي هنج حاڪم هئا،
اتي ڪانگ حاڪم ٿيا،
عجب آ عدالت،
چور نچي ٿو،
ڀاڳيو روئي ٿو،
شعور روئي ٿو،
بي شعور کِلي ٿو،
قلم روئي ٿو،
بلم کِلي ٿو،
عجب آهي عالم،
ڪٿي ماني رلي ٿي،
ڪو مانيءَ لاءِ رلي ٿو،
ڪن جا ڪتا به ڍاول،
ڪن جا بچا بُکايل،
ڪو پيٽ بکيو سمهي ٿو،
ڪو پيٽ ڀري سمهي ٿو،
ڪن جا پيٽ دلن وانگر ڇلڪن ٿا،
ڪن جي پيٽ سان پٿر ٻڌل رهن ٿا،
واهه مولا تنهنجو قانون،
ڪير ڪندو هت انصاف؟



ڇا هيءَ منهنجي سنڌ آهي؟

ڇا هيءَ منهنجي سنڌ آهي؟

ڇا هيءَ منهنجي سنڌُ آهي؟
جتي ٿا روز راتاها لڳن!
ڇا هيءَ امن واري سنڌُ آهي؟
جتي ٿا رهزن راڪاس ڦرن!
ڇاهيءَ ”موهن جي دڙي“ واري سنڌ آهي؟
جتي ٿا نياڻين کي هٿ ڪڙول لڳن!
ڇاهيءَ نياڻي سامَ واري سنڌُ آهي
جتي ٿا نياڻين سان روز ڪلور ٿين
ڇا هيءَ انصاف واري سنڌُ آهي؟
جتي ٿا روز ديس ڌڻي کڄن!
ڇا هيءَ دودن واري سنڌُ آهي؟
جتي ٿيون ٻاگهيون مَردَ ڳولهن!
ڇا هيءَ عورت جي نگهبان سنڌُ آهي؟
جتي ٿيون نياڻيون روڊن تي روئن!



ڪارونجهر جي ڪور تي!

ڪارونجهر جي ڪور تي!

ڪارونجهر جي ڪور تي،
ٽهوڪندي ٻڌو مون مور کي،
هيڏي، هوڏي ڏاڍو نهاريو،
ڪٿي به مون کي نظر نه آيو،
هڪڙو نينگر ڊوڙي آيو،
باجي! مور ماڻهن کان ڊڄي ٿو،
ڊپ مان ڀڄي لِڪي ٿو،
مور توکي نظر نه ايندو،
بس! ڪڏهن ڪڏهن نظر اچي ٿو،
خوش ٿي، پر کولي ٿو.
نينگر هڪڙو ٻيو سور به اوريو!
باجي! هيءُ جو رستو ڏسين ٿي!
جبل جي پيٽ ۾ ڪار هلي ٿي،
اِتي اَڳ آبشارُ به وهندو هو،
جهرڻ جو صاف پاڻي هو،
ڄڻ ڪو جنت جو نظارو هو،
هاڻي ته روز ڪارونجهر ڪٽجي ٿو،
باجي! الائي ته ڪهڙا هٿيار اٿن!
وهائن ٿا ڪارونجهر جي سر تي،
ميسارن ٿا اسان جا ماڳ!
کسن ٿا ڪارونجهر جي سونهن!
معصوم ٻار جا ويچار ٻڌي!
هينئون اچي ويو مُٺ ۾!
ٿر جو معصوم ٻار ڪڙهي ٿو!
ڪٿي آهي اسان جو شعور؟؟













_____________________________
ڇنڇر 16 سيپٽمبر 2019ع ٿر ياترا تي لکيل نظم!!

حصو ٽيون : ديسَ جي نياڻين جي درد ڪٿا!

---

اي پاڪ رياست جا والي!

اي پاڪ رياست جا والي!

اي پاڪ رياست جا والي!
تون مدينھ رياست جو آهين حامي،
مديني رياست وارو به انصاف ڪر،
تون پل پل بريڪنگ نيوز ٻڌين ٿو،
تون اُڀ ڏاريندڙ مائن جون آهون ڪون ٻڌين ٿو؟
تون جيءَ جهريندڙ منظر ڪونه ڏسين ٿو؟
تون ڀائڙي جي آزين، نيازين تي،
ڪن ڪونه ڌرين ٿو؟
جي توکي پنهنجن ڏچن مان فرصت ملي،
ديس جي نياڻين تي به ڌيان ڏجانءِ،
تنهنجي رياست جي ججن کي ڪا واند ملي،
منهنجي نياڻين جي به فرياد ٻُڌن،
جيڪي ڪن ٿا نياڻين سان ڏاڍائي،
عرب ملڪن ۾ اهڙن رهزنن کي،
سرِعام ڦاسيءَ چاڙهي،
عبرت جو اهڃاڻ بڻائي،
ٽنگن ٿا چوراهن تي،
تون به ڪر اهڙو مثال قائم،
رهزنن کي سرِعام ڦاسيءَ چاڙهي،
چوراهن تي لٽڪائي،
عبرت جو نشان بڻائي،
پوءِ ڏس ڪيئن ٿي اچي ملڪ ۾ ٺاپر!!


لوفر ڪُتا مار مهم!

لوفر ڪُتا مار مهم!

منهنجي سنڌُ جون معصوم نياڻيون
جن تي ٿين پيا روز نوان انياءَ،
ڪنهن، ڪنهن نياڻيءَ جا نانءُ لکان؟
ڪهڙا، ڪهڙا ٿيل گهاوَ ڳڻيان؟
هر گس، گام تي فرن ٿا لوفر ڪُتا!
نوسين ٿا نياڻين جا پير،
روڪن ٿا نياڻين جا گس گهيڙ!،
لوسي ڪُتا اُلرون ڪري!
ليڙون ڪن ٿا نياڻين جي لوئي!
وحشي ڪُتا!
ڪومل مکڙين جا مانهه روڙي!
روح کي لهو لهان هي ڪن ٿا،
پوءِ، جسمن مان روح ڪڍي،
ٻورين ۾ بند ڪري،
اُڇلائن ٿا ويراني ۾،
نياڻين جي آهُن، دانهن سان،
لڏندو هڪ ڏينهن عرش!
هت نياڻين سان آهي صرف انياءُ!
ڪونه ملي ٿو، ڪنهن کي نياءُ!
جڏهن، ڇتن ڪُتن لاءِ آهي،
ڪُتا مار مُهم!
پوءِ وحشي لوفر ڪُتن لاءِ!
ڇونه آهي؟
وحشي ڪُتا مار مهم!؟



خبيث انسان!

خبيث انسان!

هيءُ جو معصوم نياڻين تي
راڪاسُ ڦري ٿو،
پاڪ جسمن کي پليت ڪري ٿو،
هي بن ماس جهڙا چهرا،
ڪارا ۽ ڪٺور دل!
معصومن تي ڪانه ڪهل اچي ٿي،
وحشي ۽ درنده
انسانيت کي شرمسار ڪن ٿا،
هنن معصوم مکڙين چيڀاڙڻ وقت،
ڪيڏو نه دانهيون هوندو
خدا کي پڪاريو هوندو،
امڙ کي ساريو هوندو،
ڪنهن به نه ٻڌي هنن جي دانهن،
خدا به خاموش رهيو!
ظالم کي ڏنو ڊگهو رسو،
ظالم انڌ جي گهوڙي تي،
معصوم مکڙين کي پيرن هيٺان لتاڙيندو رهيو،
ظالم کي ڪو به رحم نه آيو،
خدا پاڪ کي جڏهن جوش ايندو،
دنيا ۾ ڪندو چهرو خراب،
هي مڪروه ۽ شيطان انسان،
جن انسانيت جون سڀ حدون لتاڙيون،
اهڙي ڏجي هنن کي سزا!!
قيامت تائين ياد رهي،
دنيا لاءِ عبرت ٿئي،
هڪ، هڪ عضوو ڳترا ڪري،
ڪُتن اڳيان ڦِٽو ڪجي،
شروعات ڪجي پيرن کان،
اکين سان ڏسي پنهنجو تماشو،
اذيت جي پل پل مان گذري،
قطرو قطرو خون ٿي نِڪري،
سرعامِ ڦاسي هنن لاءِ،
مناسب ڪا سزا ناهي،
جهڙا آهن هي خبيث انسان،
سزا به اهڙي ڏجي!! *



انسانن جا جهنگل!

انسانن جا جهنگل!

هي شهر آهن، انسانن جا جهنگل،
ماڻهو ٿا ماڻهن کي کائن،
پنهنجا ٿا پنهنجن کي مارن،
معصوم نياڻين کي ٿا چيڀاٽن،
نياڻين جي ٿا لوئي لڄائن،
ڇا سنڌوءَ جو ماڻهو،
بي حس ٿي ويو آ؟
پنهنجي تهذيب، ثقافت،
وساري ويٺو آ؟
جيڪي ننگن، دنگن تي سر ڏيندا هئا،
سي ئي نياڻين جي لوئي ليڙون ڪندا؟
جيڪي سامن تي به سِر ڏيندا هئا،
سي ئي، ڪلين کي قتلام ڪندا؟
هن ديس جي دراوڙ جي اکين ۾،
دهشت، وهشت ۽ نفرت ڇو آ،
ڇا محبت جا وڻ وڌجي ويا هن؟
پيار جو پاڻي کارو ٿي ويو آ،
امن جي ڌرتيءَ تي،
عصمتن جا راڪاس ڦِرن ٿا،
هي وحشي ۽ جانور،
معصوم ڪلين جون زندگيون اُجاڙي،
موت جي وادين ۾ اُماڻي،
سرِعام گهمن ٿا،
هي شهر، انسانن جا جهنگل ڇو آ؟؟ *



سنڌ جي نياڻي لاچار ڇو آ؟

سنڌ جي نياڻي لاچار ڇو آ؟

سنڌ جي ناري!
ايڏي مظلوم ۽ لاچار ڇو آ؟
هن کي جيئڻ جو ڪو حق ئي ناهي؟
چار ديواريءَ ۾ قيد به ڏوهي،
گهر کان ٻاهر ٻنيءَ ۾ به ڏوهي،
گهٽ ۽ پوسٽ ۾ به ڏوهي،
آزاد هوائن ۾ به ڏوهي،
هن جو جيئڻ جنجال ڇو آ؟
سنڌ جي ناريءَ مٿان،
راڪاس فرن ٿا،
ناريءَ جو قتل ڪري،
سرِعام گهمن ٿا،
ديس جي ناريءَ جو،
نه داد نه فرياد،
نئون ڪو جرگو جوڙي،
ناريءَ جي خون جي قيمت،
ناريءَ جي عصمت جي قيمت،
چند نوٽن جون ڳٺڙيون،
پوءِ ڪجهه خاموشي،
وري ڪجهه ڏينهن کان پوءِ،
وري ڪا نئين وارتا،
وري ڪا نئين ڪهاڻي،
هي ڪي ڌاريا ناهن،
هن ڌرتيءَ جا ڄايا آهن،
پنهنجين ئي نياڻين جا ويري آهن،
سنڌ جي نياڻي لاچار ڇو آ؟*



سنڌ جي نياڻيءَ جي درد ڪٿا!

سنڌ جي نياڻيءَ جي درد ڪٿا!

سنڌ جي نياڻيءَ جي دردڪٿا!
او! منهنجي ديس جي معصوم نياڻي!
آب زم زم کان پاڪ تون نينگر نماڻي،
اَبي، امڙ ۽ ڀاءُ جي تون پياري،
برف ٽڪر لاءِ برف ٿي وئين،
ڪيو هن ديس کي تو مياري،
ڪٿان شروع ڪيان؟ تنهنجي درد ڪٿا!
ڇا لکان؟ منهنجو قلم ٿو سڏڪي!
ڪيئن لکان؟ منهنجو روح ٿو تڙپي!
دل به خون جا ٿي لڙڪ وهائي،
اکيون ندامت کان آهن جهڪيل،
ڪيئن مان تنهنجي لاش ڏسان؟
ڪيئن چڙهين بگهڙن جي ور؟
ڪهڙا آهن هي ديس جا واسي؟
هنن کي پنهنجيون نياڻيون ناهن؟
ڪيئن نه تون تڙپي هوندين!
ڪيئن نه تون سڏڪي هوندين!
بي رحم کي توتي قياس نه آيو؟
بي شرم کي ڪو شرم نه آيو!
ظالمن ڪومل ڪچڙي مکڙيءَ کي،
پيرن ۾ چيڀاٽي ڇڏيو،
هي سفاڪ درندا وحشي حيوان،
هي بکيا بگهڙ موزي مروان،
هي انسانيت کان وانجهيل انسان،
ڏني اٿن جهنگ جي مرن کي مات،
جهنگ جي مرن به ڪيو آهن ماتام،
هن ديس جي نياڻين سان انياءَ آهي مدام!
هن ديس جو آهي ڪهڙو قانون؟
هر طرف وحشي گهمن ٿا بي لغام،
ڀائر آهن ڀينرن جا محافظ!
موت جي بستري تي به ڀيڻ جو اُلڪو!
اٽڪيل هو نڙيءَ ۾ سڏڪو!
رت ۾ ريٽو، هيون لبن تي سدائون،
بابا! رقيءَ کي بچايو،
رهزن هن کي ماري ڇڏيندا،
اهڙو ايثار جو دنيا ۾ ناهي مثال،
جهڙو قائم ڪيو آهي، ڀاءُ قادر سيال،
معصوم للڪاريو آهي رهزن کي،
عوام للڪاريو آهي رياست کي،
تييسين نه ڪو سک ٿي سمهندو،
جيسين نه رهزن ڦاسيءَ چڙهندو،
منهنجي ديس جي معصوم نياڻي!
ڪهڙي لکان تنهنجي درد ڪهاڻي.


فتوائن ۾ به ٻٽو معيار!

فتوائن ۾ به ٻٽو معيار!

منهنجي هن ملڪ جو،
ڪيڏو آهي انوکو قانون!
هندو ناري گهر کان نڪري،
مذهب مٽائي، پيار جو پرڻو ڪري،
ته آهي وڏي بهادر،
دين جو ٺيڪيدار مفتي،
شان سان ٿو فتويٰ جاري ڪري،
مرضيءَ جي شادي ڪرڻ،
اسلام ۾ آهي جائز،
خوشيءَ ۾ چاڙهي ديڳيون،
ناريءَ کي ڪوٽن ۾ ڏين پناهون،
بچائڻ لاءِ بڻجن ڍالون،
مائٽ احتجاج ڪن ته، آهن ڪافر،
مذهب جا دشمن آهن،
ڇا؟ هندو ناري لاوارث آهي؟
هندن جي ڪا غيرت ناهي، ڪا عزت ناهي؟
مذهب جا اي ٺيڪيدار!
تنهنجي نياڻي مذهب مٽائي،
هندوءَ سان شادي ڪري،
پوءِ به تون اهڙي ئي، فتويٰ ڏيندين؟
نه، ڪڏهن به نه!!
ان وقت ته تنهنجي اَنا جو هوندو سوال،
مسلمان نياڻي پيار جو پرڻو ڪري،
ته آهي ڪاري، ٿيندي فتويٰ جاري،
جرڳا جوڙي، قسمت جو ٺيڪيدار، سردار وڏيرو،
نڪاح ٿيل هوندي جوڙي جو،
پوءِ به ڪارو ڪاريءَ جي،
ڪندو فتويٰ جاري،
ڪاري تي ڏنڊ وجهي ڪندو ڳاڙهو،
ڪاري ڪندو وارثن حوالي،
نه ڪو پناهه ڏيندو، نه ڪو ڍال ٿيندو،
ناري هوندي رهزن حوالي،
سڳو، بابو، چوٽين کان جهليندو،
سڳو، ڀاءُ ڪهاڙيءَ سان ڳترا ڪندو،
بس جيجل ماءُ هي آهون ڀريندي،
پوتي لاهي پيرن تي رکندي،
پيءُ، ڀاءُ جي غيرت جوش ۾ رهندي،
نياڻي ماري!!
بوڇڻ ڪلهي تي رکي،
ڪهاڻي لوڏي ايندو ٿاڻي،
ان وقت ڪٿي آهي تنهنجو مذهب؟
اي مذهب جا ٺيڪيدار؟
فتويٰ ۾ به ٻٽو معيار؟


بابا هيءُ ديس آ ڪهڙو؟

بابا هيءُ ديس آ ڪهڙو؟

بابا! هيءُ ديس آ ڪهڙو؟
جت آهن سڀ پيار جا ويري،
شبنم به هت آهي ميري،
ماڪ ڦڙن مان مير ڳولهن ٿا،
چمن جا مالڪ ئي گل ٽوڙن ٿا،
ڪچڙيون مکڙيون ڇني ڌار ڪن ٿا،
پيرن هيٺان چيڀاٽي ڇڏن ٿا،
ٻوساٽي ساهه ڪڍن ٿا،
گهر گهرائي مهمان هي ڪن ٿا،
شربت ۾ زهر هي ڏين ٿا،
مهمانن سان به ويساهه گهاتي ڪن ٿا،
ونيءَ کي ور کان ڌار هي ڪن ٿا،
سامَ ڪرڻ جو وچن هي ڪن ٿا،
وساري پنهنجا وچن ڇڏن ٿا،
بابا!
هي ناهي سنڌ جو شان،
گهر گهرائي مهمانن کي ماريو!
مڃان ٿي تنهنجي ڏوهي آهيان،
پر اهڙي سلوڪ جي حقدار ته ناهيان،
پٽ جي عيبن تي پردو وجهو ٿا،
ڌيءَ جي عيبن کي پڌرو ڪريو ٿا،
پٽ جي چٽيءَ ۾ به،
سوريءَ ڌيءَ کي چاڙهيو،
ڇا ڌيءَ جو ڪو ارمان ئي ناهي؟
هن کي جيئڻ جو حق ئي ناهي؟
کسي ڇڏي وَرَ جي ڇانوَ،
ڦري ڇڏيو اٿوَ منهنجو چين،
مان به هڪ ڏينهن وڇڙِ ويندس،
ڀنڀوري بڻجي اُڏامي ويندس،
رنگ هت پنهنجا ڇڏي ويندس،
وري نه موٽي واپس ايندس.
لاچار ڇڏيو هو اباڻو ديس،
پاتو هو رسوائي جو ويس،
ڇڏيا هئا سڀ رشتا ناتا،
ڪيڏا هئا اُهي سندر سپنا،
خواب جن ساڀيا نه ماڻي،
ڇا مان تنهنجي نياڻي ناهيان ؟
بخش جي حقدار ئي ناهيان؟
بابا!
هيءُ انصاف آ ڪهڙو؟
صرف آهن نياڻين سان ناحق!
پٽ آهن سڀ کير جا ڌوتل؟
انهن جو ڪو قصورئي ناهي؟
پٽ تي تنهنجي ٻاجهه جو هَٿُ!
ڌيءَ لاءِ تنهنجي آ تِکي ڪاتي،
هر دور ۾ ساڳي ڪهاڻي،
هت آهن سڀ ناريءَ جا ويري،
بابا!
تنهنجو ديس آهي ڪهڙو!
جت آهن سڀ پيار جا ويري!*



ٿي پيار جي پڄاڻي!

ٿي پيار جي پڄاڻي!

8 آگسٽ 2016ع کان شروع ٿي،
هيءَ پيار جي ڪهاڻي،
هر چينل بريڪنگ نيوز هلائي،
هر چينل تي هو چرچو،
هر اخبار ڇاپي سرخي،
هر صحافيءَ ٿي ليک سرچيو،
هر اخبار خاص ڪڍيو ٿي پرچو،
سباس طاهره شاه کي،
ڪامران لاڙڪ جي موت کان،
بيخبر رکيو ويو هو،
هوءَ واجهائي پئي در تي،
اجهو آيو گهوٽ لاڙڪ،
هنن ذاتين، پاتين جو،
فرق کي مٽائي،
حاصلات جي منزل،
ڪئي هئي حاصل،
ويري زماني هو، رڻ ۾ رلايو،
ڀٽڪندي، ڀٽڪندي، رڻ ۾ رليا ٿي،
لڪندي، لڪندي ڳولها جي ڊپ کان،
پيرن ۾ پيا ڇالا،
پيار کي ماڻڻ لاءِ، ڪيا ڪشالا،
ڪامران ڏي مڪا بابا، نياپا،
اچو گهر، ٻئي موٽي،
سيني سان ٿا لايون توکي،
بابا جي وعدن تي،
ٻئي ماڳ موٽيا،
سباس طاهره شاهه جي،
حويليءَ ۾ ٿي خوب آجيان،
پياريا ويا ڀري زهر جا پيالا،
ڪامران لاڙڪ زندگيءَ جي،
ويو جنگ هارائي،
سباس طاهره شاهه،
ڪيا ڏوهي، چاچا ۽ بابو،
جڏهن پئي خبر هن کي،
رهيو ناهي ساٿي، هن جهان ۾،
ڇڏي گهر اباڻو، مٽن مائٽن کي،
ورجي وارثن سان گڏ هلي وئي،
ساهرن جي گهر رهي پئي،
هليو ڪيس ڪورٽ ۾،
هليون ڪيئي پيشيون،
آخر سباس طاهره به ٿڪجي،
ور جو گهر ڇڏي، امڙ سان گڏ هلي وئي،
سوچڻ کان پوءِ، بيان بدلائي،
اٺن مهينن کان پوءِ مائٽن شادي ڪرائي!
رسمن کٽيو، پيار هارايو،
اهڙي طرح ٿي،
ٿي پيار جي پڄاڻي!!!*


اَبي، امڙ جو قتل!

اَبي، امڙ جو قتل!

اي مديني رياست جا حامي!
نئين سال ۾ ساهيوال جو تحفو،
هن رياست ۽ رعيت جا رکوالا!
رعيت کي ڪن، سرِعام قتل،
بريڪنگ نيوز ۾، تنهنجا وزير چون ٿا،
هيا وڏا دهشتگرد، ملڪ جا دشمن،
پيارن جي شاديءَ ۾ ڪير ڪندو آ دهشتگردي؟
جي دهشتگرد به هيا، ته زنده پڪڙيو هان!
معصوم ٻارن جي سامهون ائين نه ماريو هان!
اَبي، امڙ جي مٿان گوليون وسندي،
ڪو پل هنن جي ذهنن تي،
ڪهڙا چٽيا هوندا نقش؟
هي دهشتگرد هيا؟
پوءِ ڇو نه هلايو ڪيس؟
ڇو نه ڪيا معلوم راز ۽ ٿاڪ؟
تنهنجا بهادر پوليس سپاهي!
لاش ڇڏي ڇو ڀڄي ويا؟
ٻار به پيٽرول پمپ تي ڇڏي ويا،
هي معصوم، معصوميت جي تصوير!
ڀاءُ زخمي ڀينرن جا هٿ زخمي،
زخمي هٿ ۾ کير جي بوتل!
مٿان وري ميڊيا جا سوال،
هنن معصومن جي ڪرب کي،
ڪو ڄاڻي سگهي،
پٿرايل اکيون ڏڪندڙ جسم،
دهڪندڙ دليون،
ڇا ڏين ميڊيا کي جواب؟
رياست ٻارن تي ديا ڪري،
آندو اسپتال ۾،
تنهنجا وزير ڏين ٿا گلن جا تحفا،
اهي گل آهن يا بم گولا؟
جي وسائن ٿا احساس مٿان؟
اي رياست جا والي!
عثمان غنيءَ جي سخاوت کي،
ڏني آهي تو مات،
ٻن ڪروڙن جو اعلان،
واپس ڪندا مائٽن جا جگر؟
ٻارن جو اَبو امڙ ورندو؟
ڀيڻ جو ڀاءُ ورندو؟
اُها امڙ ورندي؟
جنهن پٽ نُنهن جو قتل ٻڌي دم ڏنو،
اُهي شاديءَ جون خوشيون ورنديون؟
جي ماتم ۾ تبديل ٿيون؟
تون ٻارن لاءِ آهين پريشان!
ٻارن جي ڪفالت جو کنيو آهي بار!
تون اَبي امڙ جي جهولي به ڏيندين؟
جيجل امڙ جي لولي به ڏيندين؟
مٺڙي امڙ جي ٻولي به ڏيندين؟
تون دل تي هٿ رکي ڏس!
تنهنجا به ٻچڙا آهن،
ٻه ڪروڙ اَبي امڙ جو ٿيندا مول؟*



اسان جي ڀائرن کي ڦاهيءَ چاڙهيو!!

اسان جي ڀائرن کي ڦاهيءَ چاڙهيو!!

هڪ ظالم سفاڪ، راڪاس درندو،
نينگريءَ جي اوسيئڙي ۾ هو بيٺل،
جيئن ئي هوءَ گهر کي ويجهو پهتي،
باز جيان جهٽي ويو،
ويراني ۾ کڻي ويو،
وات تي پوتي ٻڌي،
جهان ئي لٽي ويو،
روح کي مروڙي ڇڏيو،
پيرن سان چيڀاٽي ڇڏيو،
اکين ۾ عڪس ڇڏي ويو،
هوءَ بيجان جسم سان گهر ڏي وري،
حالت هن جي ڏسي،
گهر ۾ قيامت برپا ٿي وئي،
ابو، دانهن کڻي، ڳوٺ جي سردار ڏي ويو،
مظلوم کي انصاف ملندو،
شهپر مروڙي سردار چيو،
”مان ڪندس وڏو انصاف“،
سردار مظلوم نياڻيءَ جي گهر ۾،
پنچائت کي ڪٺو ڪيو،
ڏوهيءَ جي پيءُ کي حڪم ڪيو،
”ڇوري پنهنجي کي تون حاضر ڪر“
والد، هٿ ٻڏي عرض ڪيو،
”سائين! ڇورو ته آهي ڀڳل“
”جيئن، مليو آءٌ حاضر ڪندس“،
سردار وڏي واڪ چيو،
”فيصلو ته اڄ ئي ٿيندو“
”فيصلي ۾ دير ناهيان ڪندو“
سردار حڪم ڪيو،
”پوءِ ڇوري جي ڀيڻ کي حاضر ڪيو،
هن جي ڀيڻ سان به ائين ئي ٿيندو“،
وڏيون ان تي تاڙيون وڳيون،
ظالم پٽ جي مظلوم پيءُ،
هٿ ٻڌي عرض ڪيو،
”ڏوهي منهنجو پٽ آهي،
سزا به اُن کي ڏيو،
منهنجي نياڻيءَ بي ڏوهي آهي،
هن کي نه اهڙي سزا ڏيو“،
هن ڀريل نيڻن سان،
سڀني ڏي واجهايو،
ڪنهن کي به نه ڪهل آئي،
سڀني وسايا هن تي ڏنڊا،
ڏنڊن لڳڻ سان ٿي ويو بيهوش،
سردار وري حڪم ڪيو،
”کڻي اچو هن جي ڌيءَ کي“
پيش ٿيون ننڍڙيون نياڻيون،
سردار جو انوکو انصاف،
”عمر ۾ جيڪا ننڍڙي هوندي،
بدلو به ان سان ٿيندو“
معصوم نياڻي کي ڇڪي،
بدلي ۾ فرياديءَ جي حوالي ڪئي،
”هاڻي بدلو وٺڻ آهي تنهنجو ڪم،
مون پنهنجو انصاف پورو ڪيو“،
وري وڳيون ٻيهر تاڙيون!
پٿر دل فرياديءَ پٽ کي سڏ ڪيو،
بدلي جي باهه ۾،
معصوم نياڻيءَ کي چوٽين کان گهليندو ويو،
اونداهي ڪوٺي ۾ کڻي ويو،
هن جي پاڪ وجود کي اونداهو ڪيو،
هن جون دانهون عرش کي نه ڏاري سگهيون،
پٿر دليون پاڻي نه ٿي سگهيون،
انصاف جا علمبردار، مُڇون مروڙيندا رهيا،
مٿي تي پاتل طرا لوڏيندا رهيا،
خدا جي لٺ به آهي بي آواز!
هن سردار جو ڦاٽ به ڦاٽي پيو،
شهر ۾مظاهرا ٿيا شروع،
حڪمرانن جي ڪن تي به جونءَ چري،
ٻنهي نينگرن کي سڏايو ويو،
انتظار گاهه ۾ ويهاريو ويو،
هي ٻئي معصوم جهرڪيون،
ظالم بازن جون هيون جهٽيل،
ننڍڙي نياڻيءَ جا سڏڪا سڏڪڻ لڳا،
ڪنهن آٿت مان، ڪلهي تي هٿ رکيو،
هيءَ ڀيڻ هئي اُن باز جي،
جنهن هن کي هو جهٽيو،
هن آٿت جي هٿ،
وڌيڪ روئاري وڌو،
ڏوهي جي ڀيڻ،
هن معصوم کي ڀاڪر ۾ ڀريو،
هي بازن جون جهٽيل هيون جهرڪيون،
درد هو ٻنهي جو ساڳيو،
حاڪم پنهنجي حاڪميت سان،
داخل ٿيو انتظار گاهه ۾،
هيسيل هنن هرڻين کي،
ڀاڪر ۾ ڀريل ڏسي، حيران ٿي،
قرب مان چيو،
”اوهان ٻنهي سان انصاف ٿيندو،
ڏوهارين کي سزا ملندي“،
معصوم نياڻين هڪ ٻئي جو هٿ جهلي،
حڪمران کي چيو،
”ٻين کي سزا پوءِ ڏجو،
پهريون اسان جي ڀائرن کي ڦاهي چاڙهيو،
اسان ٻنهي جو درد آ ساڳيو“،
هنن سڏڪي هڪ ٻئي کي ڳلي سان لاتو،
ٻنهي جون آهون، ٻنهي جو سسڪيون،
ڪمري ۾ گونجنديون رهيون،
پڙاڏو بڻجي موٽنديون رهيون،
وڏي نياڻيءَ ننڍيءَ معصوم نياڻيءَ جو،
چهرو پنهنجن هٿن ۾ جهلي چيو،
”منهنجي ڀاءُ کي ڦاهي چاڙهيو،
جنهن هن معصوم مکڙيءَ کي،
پنهنجي حوس سان آهي چيڀاٽيو،
هيءُ منهنجو ڀاءُ نه، درندو آهي،
هن کي جيئڻ جو حق ئي ناهي،
جو ٻئي جي عزت تي وار ڪندو،
ان جي عزت به محفوظ نه رهندي،
سرعامِ نيلام پئي ٿيندي“،
هنن معصوم نياڻين،
حاڪم کي هٿ ٻڌي چيو،
”اسان جي ڀائن کي ڦاهي چاڙهيو.“*



بيڪ پيج

بيڪ پيج
مون پنهنجي زندگيءَ ۾ هزارين ڪتاب پڙهيا آهن، ٻين ٻولين جا ترجما پڙهيا آهن، پر مون کي نٿو لڳي ته مون اهڙي شاعري پڙهي آهي. هن شاعريءَ ۾ جيڪا يگانگيت آهي، سان صفا نئين آهي، مان سمجهان ٿو، شاعري آهي، ادب آهي، سڀ آهي، پر هيءَ شاعره ٽوٽل سنڌياڻي کان تمام مٿي سنڌي انسان آهي، سنڌي ماءُ آهي، سنڌ سان گڏ روءِ زمين جي سموري انسانن جو احساس آهي، اوهان کي خبر آهي هي ڇا پيئي چوي؟ دنيا جي جلندڙ ۽ پنهنجي صوبي جي مظلوميت جي غير سياسي رهي، آواز ٿي اُٿاري، هن جو وجود جي وار وار ۾ ڳالهه ڳالهه ۾ ان ۾ جيڪا ڳالهه آهي. اهو آهي، اندر ۾ وطن جو عشق.
ارشاد سومرو جي ڪتابن ۾ صرف وطن ۽ وطن جي ماڻهن جي دردن جون دانهون ۽ پڪارون آهن، هڪ عورت جو اهڙي ريت بيباڪ ٿي لکڻ، مون ان کان اڳ ناهي ڏٺو، جس هجي هن سنڌياڻيءَ کي جنهن سنڌي هجڻ جو حق ادا ڪيو آهي، مون کي خوشي آهي ته سنڌ ۾ اهڙيون سنڌياڻيون به آهن جن جي عشق جو مرڪز صرف وطن ۽ وطن جو مظلوم عوام آهي.
رسول بخش پليجو
ڇنڇر 13 مئي 2017ع