ڪھاڻيون

نيرولي

سجاد گهلوءَ جون ڪھاڻيون پنھنجي پاڻ ۾ مڪمل ڪھاڻيون آهن، جيڪي ڪھاڻيءَ جي صنف سان انصاف ڪندي نظر اچن ٿيون. سندس ڪھاڻين ۾ فڪري شعور بہ آهي تہ فني توازن پڻ. سجاد گهلوءَ جي ڪھاڻين ۾ ڪتب آيل ٻولي سلوڻي ۽ سادي آهي، ڪھاڻين جي ڪردارن سان ليکڪ جو گَھرو لاڳاپو آهي ۽ اهي ڀروسي سان لکيون ويون آهن. سجاد گهلو نظرياتي طور عالمي فڪر جو ماڻھو آهي، تنھن ڪري سنڌ لاءِ بہ هو عالمي طور سوچيندو رهي ٿو. جيڪا سوچ ۽ لوچ سندس لکڻين مان نمايان ٿيل ڏسجي ٿي، سندس ڪھاڻيون سماج جي ناسورن جي عڪاسي ڪن ٿيون.

  • 4.5/5.0
  • 20
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book نيرولي

سڀ حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو: نيرولي
ليکڪ: سجاد گهلو
پهريون ڇاپو: جنوري 2018
ٻيو ڇاپو: مارچ 2018
تعداد: 1000
ٽائيٽل: اظهر نظير دايو
ڇپائيندڙ: حق پبليڪيشن – شڪارپور ۽ حيدرآباد
قيمت: 400/- روپيه
ڪتاب نمبر: پهريون

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com
2023ع

All Rights Reserved
Book: Neeroli
Author: Sajad Ghaloo
First Edition: January 2018
Second Edition: March 2018
Price: 400/-
Writer’s Book No: One - 01
Printed by: Haq Publication – Shikarpur & Hyderabad

رابطي لاءِ آفيس ائڊريس
سجاد گھلو - +92 333 7161713
زاهد ميراڻي - +92 300 2702428
فليٽ نمبر G2 گرائونڊ فلور - مهراڻ گولڊ ريزيڊنشيا، نيئر هونڊا پيليس
ڄامشورو روڊ - قاسم آباد حيدرآباد

ارپنا

ان محبت جي نانءُ:
جنهن جي هڪڙي ڀاڪر زندگي جا سمورا ٿـَڪَ لاهي ڇڏيا، درد ۽ تڪليف جو معراج به ڏيکاريو ته وري ذلتن جي پاتال ۾ به ڌڪي ڇڏيو...
خود داريءَ جا رستا به ڏيکاريا ته ڪنڌ کڻي جيئڻ به سيکاريو، اونداهي راتين ۾ روئندڙ اکين ۽ سڏڪندڙ وجود جو ساٿ به ڏنو ته هن ڀريءَ دنيا ۾ تـَنـها به ڪري ڇڏيو...
پنهنجو هي پورهيو ان ئي محبت جي نانءُ:
جنهن ٻه اڌ ٿيل وجود کي ريزا ريزا به ڪري ڇڏيو ته وري انهيءَ ٽٽل وجود کي ڪنڊن سان پـَوئي، پيرن ڀر بيهاري مڙسي سان جيئڻ به سيکاريو ۽ اندر ۾ اڌما هوندي چپن تي مرڪ سجائي رکڻ جو فن به سيکاريو...
هن خاڪ ٿيل وجود تي محبت جا ڪروڙين احسان، جو اڄ منهنجي وجود مان تخليق جا گلاب ڦــُـٽـِي نڪرن ٿا...
نهايت عقيدت ۽ احترام سان هن پنهنجي پورهئي سميت رنگريز جو هي شعر به انهيءَ محبت جي نانءُ:
ڪـي درد هــئــا جــن ڏات ڏهــوڻــي ڪــئــي،
تـنـهـنـجا تـه پــريـن احـســان لـکـيـن آهـن...
“رنگريز”

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سجاد گهلو جي ڪھاڻين جو مجموعو ”نيرولي“ اوھان اڳيان شيئر ڪري رھيا آھيون.
سجاد گهلوءَ جون ڪھاڻيون پنھنجي پاڻ ۾ مڪمل ڪھاڻيون آهن، جيڪي ڪھاڻيءَ جي صنف سان انصاف ڪندي نظر اچن ٿيون. سندس ڪھاڻين ۾ فڪري شعور بہ آهي تہ فني توازن پڻ. سجاد گهلوءَ جي ڪھاڻين ۾ ڪتب آيل ٻولي سلوڻي ۽ سادي آهي، ڪھاڻين جي ڪردارن سان ليکڪ جو گَھرو لاڳاپو آهي ۽ اهي ڀروسي سان لکيون ويون آهن. سجاد گهلو نظرياتي طور عالمي فڪر جو ماڻھو آهي، تنھن ڪري سنڌ لاءِ بہ هو عالمي طور سوچيندو رهي ٿو. جيڪا سوچ ۽ لوچ سندس لکڻين مان نمايان ٿيل ڏسجي ٿي، سندس ڪھاڻيون سماج جي ناسورن جي عڪاسي ڪن ٿيون.
ھي ڪتاب 2018ع ۾ حق پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون سجاد گهلوءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مهاڳ: ضياءُ شاهه

اُپَ کنڊ جي ٻن وڏن ڪهاڻيڪارن “سعادت حسن منٽو” ۽ “راجندر سنگهه بيدي” جي پاڻ ۾ دوستاڻي خط و ڪتابت ٿي. منٽو لکيس: “اوهان ڪهاڻي لکڻ کان اڳ به سوچيو ٿا، ڪهاڻي لکڻ وقت به سوچيو ٿا ۽ ڪهاڻي لکڻ کان پوءِ به سوچيندا ئي رهو ٿا...” جنهن جي موٽ ۾ بيديءَ لکيس: “قبلا...!!! اوهان ته خير سان نه ڪهاڻي لکڻ کان اڳ ٿا سوچو، نه ڪهاڻي لکڻ وقت سوچو ٿا ۽ نه ئي وري ڪهاڻي لکڻ کان پوءِ سوچڻ جي لوڙ هوندي اٿو...” جنهن تي سعادت حسن منٽو کي ڏاڍي مٺيان لڳي هئي...
جيڪڏهن الله لڳ چئجي ته راجندر سنگهه جي ڳالهه وزنائتي پئي لڳي ته سٺو ڪهاڻيڪار اهو آهي، جيڪو سوچيندو رهي. هونئن اهي ڄاڻايل ٻئي ڪهاڻيڪار ڪهاڻي لکڻ واري هنر جي ٻن مختلف مڪاتبِ فڪرن جي نمائندگي ڪن ٿا...
سعادت حسن منٽو وٽ ڪهاڻي طئه ٿيل تاڃيپيٽي ۾ جڪڙيل آهي. هن وٽ ڪهاڻي اهڙي مسافر جيان سفر ڪري ٿي، جيڪو سفر لاءِ گهربل شيون ۽ سامان کڻي پوءِ بوڇڻ ڪلهي تي رکندو آهي ۽ هو سوچيل سمجهيل ٿاڪ تان روانو ٿي، طئه ٿيل ماڳ تي لهندو آهي. اهڙي مسافر کي ڪا به اڻ تڻ ناهي هوندي، کيس جيڪڏهن ٿورو گهڻو فڪر هوندو به آهي ته منزل تي وقت سر پهچڻ جو. منٽو چوي ٿو ته هو پڙهندڙ کي ڪن ڪچري جي ڍير ڏانهن وٺي ويندو آهي، هاڻ گند کي ڦولڻ جو ڪم پڙهندڙ جو آهي. هن وٽ ڪهاڻي طئه ٿيل ڪلائيميڪس تي پهچي ختم ٿي پئي وڃي ۽ پوءِ ڪهاڻيڪار هٿ ڇنڊي ڦوڪي ڪنهن ٻئي ڪهاڻيءَ ڏانهن وڌي ٿو...
پر بيديءَ جي خيال موجب، جيئن ته زندگي روان دوان آهي، تنهن ڪري ڪهاڻيءَ جي به پڄاڻي ناهي، ڇو ته ڪهاڻيءَ جي مکيه ڪردارن سان لاڳاپيل ٻيا ڪردار به موجود آهن ۽ مکيه ڪردارن جو قصو ٻڌائڻ ۽ ورجائڻ وارا پڻ زنده جاويد آهن. جيڪڏهن مکيه ڪردارن منجهان ڪنهن جو انت اچي ٿو، ان سان ڪو حادثو پيش اچي ٿو يا وري ڪو انوکو لقاءُ ٿئي ٿو ته پوءِ به جيون جي گاڏي هلندي رهي ٿي...
لاطيني آمريڪا جي ٻن ڪهاڻيڪار، “گارشيا مارڪيز” ۽ “بورخيس” جون ڪهاڻيون، اهڙي قسم جي ڪهاڻيءَ جو مثال آهن، جيڪي نياري انداز ۾ شروع ٿين ٿيون، پر انهن جي پڄاڻي ڇرڪائيندڙ ناهي، ڪهاڻين جي پڄاڻين تي پهچي ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪهاڻي جاري ساري هجي...
انسان جي زندگي به ائين ئي روان دوان رهي ٿي ۽ انسان پنهنجو جيون رٿا موجب نه ٿو گهاري. ائين ٿو ڀاسڻ ۾ اچي ڄڻ ڪا اڻ ڏٺل قوت ڌڪيندي، نوان نوان رخ وٺائيندي ۽ موڙ مٽائيندي رهي هجي...!!! ڪو به انسان سوچيل سمجهيل منصوبي موجب زندگي نه ٿو گذاري، ان ڪري ئي آسڪر وائلڊ چيو آهي ته: “اصل ۾ زندگي اها هئي جيڪا اسان مرضيءَ موجب نه گهاري سگهياسين...”
فطري ڪهاڻي به اها آهي، جيڪا لکڻ شروع ڪجي ته ان جي پڄاڻي معلوم نه هجي، ٻئي صورت ۾ ڪهاڻيءَ ۾ ندرت نه رهندي ۽ اها ٺهيل ٺڪيل (ريڊي ميڊ) ٿي پوندي. ايئن ڪنهن فارمولا موجب ڪا ڪهاڻي لکبي ته اها کڻي ڪو فن پارو ڀلي هوندي پر پڪ سان شهپارو “Master piece” نه هوندي...
جيئن انسان جي زندگي منصوبي جي پابند ناهي، ائين ڪهاڻي به ڪنهن مقرر ٿيل تاڃيپيٽي جي محتاج ناهي. ان کان سواءِ سماج ۾ ٿيندڙ تخليقي تجربن سبب پڻ ڪهاڻي اوسر جا ڏاڪا ٽپي ٿي ۽ فني ۽ فڪري تبديلين منجهان گذري ٿي...
اهڙيءَ ريت هر دور جو ڪهاڻيڪار پنهنجا گهٽ گهيڙ ۽ اصول پاڻ طئه ڪري ٿو. تنهنڪري اسان ڪنهن ڪهاڻيڪار کي ڪنهن خاص اصلوب، ٽيڪنڪ يا ڏانءَ جو پابند نه ٿا ڪري سگهون. اسان کڻي ڪيترا به ڀاشڻ ڏيون ۽ ڪاغذ ڪارا ڪيون پر ڪهاڻي اڳتي وڌندي رهندي. اهڙيءَ ريت مختصر ڪهاڻي Short Story کان اڳتي وڌي، ننڍي مختصر ڪهاڻي Mini Story ۽ پوءِ ڇوٽي ڪهاڻي Micro Story چمڪي واري ڪهاڻي Flash Story به لکڻ ۾ ايندي ۽ اچي پئي. ڪهاڻي لکڻ واري هنر جي ڏس ۾ اهڙن تجربن اڳيان بند نه ٿو ٻڌي سگهجي...
آسڪر وائلڊ کي زندگي مرضيءَ موجب نه گهاري سگهڻ جو ارمان هو، پر اسان وٽ ڪو ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ شاعر مرضيءَ مطابق لکي به نه ٿو سگهي. ائين ڪيترائي فن پارا ذهنن ۾ سرجن ٿا پر لکجڻ ۾ نه ٿا اچن ۽ جيڪڏهن لکجڻ ۾ اچن ٿا ته ڇپجن نه ٿا. ڇو ته اسان جو تخليقڪار ٻٽي جبر جو شڪار آهي، يعني هڪ طرف سماجي قدرن جو جبر، ته ٻئي پاسي سياسي ۽ رياستي جبر...!!! هڪ ٽيون جبر به آهي جيڪو اڻ لــَکو آهي. اهو آهي اسان جي اديبن ۽ عالمن پاران پنجاهه ۽ سٺ وارن ڏهاڪن جي فني قدرن ۽ هنري اصولن جو جبر...!!! اسان جا ليکڪ ۽ ادبي سيمينارن جا مقرر اديب ويهين صديءَ جي پنجاهه ۽ سٺ وارن ڏهاڪن جي فني قدرن ۽ هنري اصولن تي ٽڪ ٻڌي بيهي ٿا رهن ته ٻيلي جيڪڏهن ڪهاڻي لکڻي آهي ته جمال ابڙي، غلام رباني آگري، اياز قادري ۽ نجم عباسي واري انداز ۾ لکو، پر جيڪڏهن ڪو نيارو دڳ وٺڻو اٿــَوَ ته پوءِ کڻي نسيم کرل واري انداز ۾ ئي لکو...
انهيءَ ڳالهه ۾ ڪوئي شق ڪونهي ته ڄاڻايل ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون، پنهنجي دور جون مثالي ڪهاڻيون آهن ۽ اهي ڪاڻيڪار آئيندي لاءِ به روشنيءَ جا مينار آهن، پر اهي نه ته ڪامل ۽ مڪمل آهن ۽ نه ئي انهن کان پوءِ واريون ٽهيون سندن نقش قدم تي هلڻ لاءِ پابند آهن. ستر واري ڏهاڪي ۾ امر جليل جون ڪهاڻيون ڏکڻ جي هير وانگر گهليون ۽ هن “ڪپيل ٻانهن جو وارث” ۽ “سرد لاش جو سفر” جهڙيون انوکيون ڪهاڻيون لکيون. خود نسيم کرل “ڪافر” ڪهاڻي لکي نوان دڳ ۽ پيچرا ڏسيا...
انهن کان پوءِ جيڪڏهن گٺيل پيٺيل فني ۽ فڪري قدرن کي ٽوڙيو ته اهي هئا شوڪت شورو، مشتاق شورو، ماڻڪ ۽ نورالهديٰ شاهه. اهي دراصل جديديت Modernism واري ادبي ۽ فني تحريڪ جي اثر هيٺ هئا ۽ ان هلچل جا نمائندا سنڌي اديب پڻ...
جيئن اردو ڪهاڻيڪارا عصمت چغتائي “لحاف” ڪهاڻي لکي پڙهندڙن کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو هو، ائين ئي نورالهديٰ شاهه “پاروٿو گوشت” ۽ “شريف زادي” لکي ٽاها مچايا هئا. ائين ئي منير احمد ماڻڪ جي ڪهاڻي “حويليءَ جا راز” نياري ڪهاڻي آهي. سنڌ جي پيرن ۽ سيدن جي گهريلو ۽ ذاتي زندگيءَ بابت ڪهاڻي لکڻ وڏو واقعو آهي، جنهن ڪري ان تي ٽيڪا ٽپڻي به اوس ٿيڻي هئي ۽ ٽيڪا ٽپڻي ڪندڙن به وسان ڪو نه گهٽايو...
منير احمد ماڻڪ جو ناولٽ “لڙهندڙ نسل” به نواڻ کڻي آيو هو. روڪ ٽوڪ واري ڏسا ڏانهن قدم وڌائڻ وڏي جرئت هئي. انهيءَ دور ۾ اهو اڻ ڇهيل موضوع هو، جنهن ڪري عام پڙهندڙن جو ڌيان ڇڪجڻ سڀاويڪ هو. ائين ماڻڪ سنڌي نوجوانن جو پسنديده ليکڪ ٿي ويو...
سنڌ ۾ مئڪسم گورڪي واري انداز ۾ لکڻ واري واٽ کي تبديل ڪرڻ جي ڏس ۾ امر جليل جو وڏو ڪردار آهي. سندس ڪهاڻي “منهنجو ڏس آسمان کان پڇو” بهار رت ۾ گهلندڙ صبح جي هير وانگر آهي. ائين ڪهاڻي لکڻ واري فن ۾ نواڻ آڻڻ ۾ بدلجندڙ زماني جي موضوعن تي لکڻ سبب هو، جيڪو عام پڙهندڙن وٽ گهڻو مقبو ل ٿيو. امر جليل جو وڏو ڪارنامو دراصل رٺل سنڌي قاريءَ کي پرچائڻ آهي. هو سنڌي نوجوانن ۾ ائين مقبول آهي جيئن اردو شاعر احمد فراز نوجوانن ۾ مقبول رهيو آهي...
صاحبِ ڪتاب، سجاد گهلوءَ جو ڪهاڻيون سندن مشاهدي جي پيڙهه تي بيٺل آهن. سندس مشاهدي ۾ سنڌ جي شهري زندگيءَ سان گڏوگڏ ٻهراڙيءَ جو ماحول پڻ آيل آهي. هو ڄائو ۽ نپيو ته سنڌ جي ننڍي شهر ۾ آهي پر زمينداريءَ جون ذميواريون کيس وري وري ٻهراڙيءَ ڏانهن وٺي ويون آهن جتي زرعي سماج اندر ڏاڍ ڏهڪاءَ ۽ انياءَ کي هن لاڙي ماڻهن چواڻي “اکين ڏٺو آهي...” ۽ گهڻو ڪجهه ٻڌو سڌو به آهي...
ورهاڱي کانپوءِ سنڌ جي هندو سنڌين جو پڙهيل ڳڙهيل ڪامورڪو طبقو ۽ اسڪولن ۽ ڪاليجن جا استاد ۽ صحافي لڏي پلاڻي هليا ويا، اهو وڏو هاڃو هو، پر ان کان وڌيڪ نقصان سنڌي هندن جي واپاري طبقي جو هليو وڃڻ هو، جنهن ڪري سنڌي سماج جي اوثر سست ٿي وئي. ويهين صديءَ جي ستر واري ڏهاڪي دوران ۽ پوءِ سنڌ جي ٻهراڙين منجهان ننڍن ۽ وڏن شهرن ڏانهن لڏ پلاڻ جو سلسلو هلي پيو، جيڪو اڄ تائين جاري آهي. جنهن ڪري ننڍن شهرن ۾ ٻهراڙيءَ جي ثقافت هاوي ٿي وئي آهي. سنڌ جي وڏن شهرن ۾ وري هندستان کان پلاڻي ايندڙ پناهگيرن جي ڪلچر پنهنجا رنگ ڇڏيا آهن. سجاد گهلو جي ڪهاڻين جا پيرا کڻبا ته ڳالهه وڃي انهيءَ منظر نامي تي دنگ ڪندي، ڇو ته هن جو لاشعور پڻ سنڌي قوم جي لاشعور جو ڀاڱو آهي...
سجاد گهلوءَ جون ڪهاڻيون پڙهي خبر پوي ٿي ته کيس سنڌي وڏيري تي وڏي ڪاوڙ اٿس، هو سياسي جلسن ۽ جلوسن ۾ نه صرف شريڪ رهيو آهي پر لانگ مارچن ۾ پير پٿون ڪندي اڳواڻن جي ويجهو پڻ رهيو آهي. سندس ذهن ۾ سياسي تقريرن جا پڙاڏا اڄ به گونجندا هوندا، تنهن ڪري سنڌ جي وڏيرن ۽ پيرن لاءِ سندس ڌڪار به قدرتي آهي. سنڌ جو وڏيرو روايتي سياست جي ڏڍ تي، پـِيرن جي ڀرجهلائيءَ جي آسري ۽ پوليس آفيسرن جي فرض شناسيءَ واري ڪوتاهيءَ مان فائدو وٺندي گهر جا ڪڪڙ به برابر ماريندو رهيو آهي. پر انهيءَ حقيقت جي پٺيان ڪي لڪل هٿ به آهن، ڪي سٽيل سازشون به آهن ته ڪي وري ڊگهي مدت وارا منصوبا پڻ آهن. تڏهن ئي مون لکيو آهي ته ڪيترا ئي فن پارا ذهنن ۾ ته سرجن ٿا پر لکڻ ۾ نه ٿا اچن ۽ جيڪڏهن لکجڻ ۾ اچن ٿا ته ڇپجن نه ٿا...
سجاد گهلوءَ وٽ ملان ۽ مولويءَ جو تصور پراڻي روايتي ملي وارو آهي، جيڪو مدرسي ۾ ڳوٺ يا پاڙي اوڙي جي گهرن جون مانيون ٽڪيون کائي جوان ٿيندو هو ۽ پوءِ باقي ڄمار بس مسيت ۾ پنج وقتي نماز پڙهائڻ، نڪاح جا رڪن ادا ڪرڻ ۽ جنازي نماز پڙهائڻ کان پوءِ تازو دفن ٿيل شخص جي ايثالِ ثواب لاءِ قرآن مجيد جي ختم کي پورو ڪرڻ ۾ لڳو رهندو هو. جڏهن ته اڄ جو ملان مولوي وڏي اثر رسوخ واري شخصيت جو مالڪ آهي، جيڪو مذهبي جماعتن منجهان ڪنهن به هڪ سان ضرور لاڳاپيل آهي، اهڙي ملان مولويءَ جي ته جهڙي تهڙي تي اک ئي نه ٿي ٻڏي ۽ هو قيمتي وڳو پهري ۽ عاليشان ڪارن ۽ موٽرن ۾ سوار ٿي گهمي ڦري ٿو. اڄوڪي ملان مولويءَ جي سڏ تي دڪانن جا شٽر ڪري ٿا پون ۽ اجتماعي جلوس پيا نڪرن. پر ڳالهه ان کان به اڳتي ٽپي هلي آهي ته اڄوڪو ملان ۽ مولوي پراسرار شخص ٿي پيو آهي، جنهن جا پري پري تائين لڳ لاڳاپا آهن، تنهن ڪري هو ڳوٺ جي وڏيري کي به نه ٿو ليکي، سو ڀلا هو ڪنهن جي ڪاڻ ڇو ڪڍي، جڏهن سندس مدرسي اندر لينڊ ڪروزر گاڏيون ٿيون اچن...!!!
سنڌ جي وڏيري لاءِ سياست مجبوري ٿي پئي آهي، سندس جياپي لاءِ ضروري آهي ته هو ڪنهن نه ڪنهن موقعي پرست سياسي جماعت يا گروهه سان لاڳاپيل هجي. اهڙي صورت ۾ هن لاءِ اهو پڻ ضروري آهي ته هن تي بادشاهه جا نــَوَ رَتــَن راضي هجن...!!! ڇو ته کيس ڀليءَ ڀت ڄاڻ آهي ته ٺاٺ باٺ ۽ ڏاڍ ڏمر واري سنگم جو دارومدار اصل ۾ نـَـوَ رَتــنَـن جي رضامنديءَ تي آهي...!!! ائين وڏيري ۽ ملان مولويءَ جو پتلي تماشو ڪرڻ وارا ڪي ٻيا آهن...
سجاد گهلوءَ جي ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين منجهان ڪجهه ڪهاڻين تي بحث ڪرڻ کان اڳ ضروري آهي ته ڪهاڻيءَ جي ادبي گهرجن تي روشني وڌي وڃي ۽ افسانوي ادب جي هن حساس صنف جا ضروري ۽ لازمي عنصر بيان ڪيا وڃن. ائين ڪرڻ سان خبر پوندي ته ڪهاڻي شاهڪار تخليق جي درجي تي ڪيئن ٿي رسي ۽ پڙهندڙن وٽ مقبول ڇو پئي ٿئي...؟؟؟ اصل ۾ ڪهاڻي اهڙي هئڻ کپي، جنهن ۾ هيٺين ٽن لوازمات جو پورائو ٿيل هجي ۽ انهن عنصرن کي توازن ۾ پڻ رکيو ويو هجي...
(الف) ڄاڻ يا آگاهي
(ب) اچرج يا تحير
(ج) راحت
(د)ڪٿارسس
(الف) ڄاڻ يا آگاهي: علم و ادب جي سمورن صنفن منجهان اسان کي ڄاڻ پڪ سان ملي ٿي ۽ آگاهي ڏيڻ وارو شرط افسانوي ادب جي صنفن تي پڻ لاڳو ٿئي ٿو، جن منجهان ڪهاڻي به هڪ آهي. ڪهاڻي پڙهڻ جي نتيجي ۾ اسان کي سڪارتي ۽ پرلطف زندگي گذارڻ جي ڪنهن فلسفي، سماجي ذميوارين، اخلاقي قدرن، انسان جي بنيادي گهرجن، سماجي انصاف يا ناانصافي، عام ماڻهوءَ جي ارمانن ۽ مجبورين، پورهيتن جي ڏکن ڏاکڙن، چالاڪ ماڻهن جي کيڏاڙن ۽ سگهارن ماڻهن يا ادارن جي ڏاڍ ڏهڪاءَ کانسواءِ انقلابن ۾ تاريخي واقعن بابت ڄاڻ پڻ ملي ٿي...
(ب) اچرج يا تحير: انسان جي ذهني ۽ تهذيبي اوثر ۾ اچرج يا تحير جو وڏو ڪردار رهيو آهي. ايتري قدر جو مذهبن ۽ سائنسي علمن پٺيان به اچرج ۽ حيرت اهم سبب بڻي آهي. اچرج انسان کي لڳاتار سوچڻ ۽ ڪنهن نتيجي تي رسڻ لاءِ اتساهيندڙ رهيو آهي. ڪهاڻيءَ کي شاهڪار جي درجي تي پهچائڻ لاءِ ضروري آهي ته ان جي بيان ۽ ڪلائيميڪس کي اچرج جوڳو بڻائجي. خاص طور تي ڪلائيميڪس اچرج ۾ وجهندڙ هئڻ کپي. ائين نه فقط پڙهندڙن جو ڌيان ڇڪبو، بلڪي کيس ڪهاڻي پڻ ياد رهجي ويندي...
(ج) راحت: افسانوي ادب جي حاصلات منجهان راحت بنيادي وٿ آهي. راحت جو مطلب رڳو خوشي، ڪلياڻ ۽ آنند ناهي پر انهن ڪيفيتن کان اڳتي مٺو درد ۽ ڏکارين گهڙين منجهان حوصلي، وقار ۽ بهادريءَ سان پار پوڻ کانپوءِ ملندڙ سڪون پڻ آهي. جيڪڏهن ڪهاڻيءَ ۾ بيان ٿيل ڪو واقعو، لقاءُ، ورتاءُ يا منظر دلي ۽ روحاني راحت جو سبب بڻجي ٿو ته پوءِ اها ڪهاڻي ڪامياب چئبي...
(د) ڪٿارسس: ڪٿارسس وارو خيال يوناني فيلسوف ارسطوءَ جو ڏنل آهي. ارسطوءَ جي استاد افلاطون ٽريجڊي ڊرامو لکندڙ شاعرن کي ننديو هو ۽ هن مورڳو شاعرن کي پنهنجي ڏسيل مثالي رياست مان ئي نيڪالي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، ڇو ته سندس چوڻ موجب ٽريجڊي ڊرامي ۾ ڏيکاريل ڏاڍ ڏهڪاءَ وارا ورتاءَ ۽ خوفناڪ منظر ڊرامي ڏسندڙن کي هڪ طرف جذباتي ڪن ٿا ۽ ٻئي پاسي سندن من اندر ڊپ ڊاءُ اڀارن ٿا. پر ارسطوءَ پنهنجي استاد سان اختلاف رکندي پنهنجي ڪتاب “بوطيقا” ۾لکيو ته “ٽريجڊي ڊرامي ۾ ڏيکاريا ويندڙ اهڙا ورتاءَ ۽ منظر ڏسندڙن جي دلين ۾ برابر جذباتي ڪيفيت ۽ خوف پيدا ڪن ٿا. پر پوءِ سندن جذبا ٿڪجي اميد ۽ همٿ جي صورت وٺن ٿا. جنهن عمل کي هن ڪيٿارسس سڏيو آهي...”
موجوده زماني ۾ ارسطوءَ جو ڏنل اصطلاح ڪيٿارسس وسيع معنيٰ ۾ ڪتب پيو اچي ۽ ان جو مطلب وشال ٿي ويو آهي. جنهن ۾ اميد ۽ همٿ کانسواءِ ڪنهن به تخليقي صنف جي اثر هيٺ انسانن ۽ جانورن لاءِ رحم جو جذبو، همدردي ۽ مدد ڪرڻ جو جذبو به اچي وڃن ٿا. ڪيٿارسس جو عمل اصل ۾ ڪهاڻي پڙهڻ کان هڪدم پوءِ شروع ۽ آهستي آهستي اهو عمل سگهارو ٿيندو وڃي ٿو...
سجاد گهلو جون ٽي ڪهاڻيون: “نيرولي”، “راکو” ۽ “اٺٽيهه ڳنڍيون” مهندار ڪهاڻيون آهن، جن ۾ ڪتب آيل ٻولي سلوڻي ۽ تــُز آهي، ڪهاڻين جي ڪردارن سان ليکڪ جو گهرو لاڳاپو آهي ۽ اهي ڀروسي سان لکيون ويون آهن. جن منجهان ٻه ڪهاڻيون “اٺٽيهه ڳنڍيون” ۽ “راکو” فني لحاظ کان ايتريون ته پختيون آهن جو مشاهدي، ماحول، ٻوليءَ ۽ برجستگيءَ جي ڏس ۾ نسيم کرل جي شاهڪار ڪهاڻي “پهرين مراد” کان پوءِ ذڪر هيٺ اچي سگهن ٿيون. جيڪڏهن اهي ڪهاڻيون ويهين صديءَ جي ستر يا اسي واري ڏهاڪي دوران لکيون وڃن ٿا ته هوند سجاد گهلو نئون اڀرندڙ نسيم کرل ليکجڻ ۾ اچي ها...
افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڄ علم سماجي محرڪن ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا جي غلبي سبب افسانوي ادب پڙهڻ وارو لاڙو ڪافي گهٽيو آهي، جنهن ڪري نسيم کرل جي ڪهاڻين جا پڙاڏا به ماٺا ٿي ويا آهن، نه ته جيڪر سجاد گهلوءَ جون ڄاڻايل ڪهاڻيون پڙهندڙن کي بار بار نسيم کرل ياد ڏيارن ها، جيئن شينهن کي پنهنجي سگهه جو اندازو ناهي هوندو تيئن سجاد گهلوءَ کي به شايد اهو اندازو نه هجي...!!!
سجاد جي ڪهاڻي “نيرولي” جي ڪردارن جو درد محسوس ڪرڻ ته هنڌ رهيو، پر ڪهاڻي پڙهڻ لاءِ به جگر کپي...!!! سچي ڳالهه اها آهي ته اها ڪهاڻي پڙهڻ کانپوءِ راقم الحروف ٻه چار ڏينهن ٿڌا ساهه پئي کنيا...!!! الائي سجاد پاڻ ڪهڙي دل ڌاري اهڙي ڪهاڻي رقم ڪئي آهي...!!!؟؟؟ شڪارپور شهر جيڪو ورهاڱي اجاڙي ڇڏيو آهي تنهن ۾ پورهيت لاءِ روزي روٽي حاصل ڪرڻ به وڏو مسئلو بڻجي ويو آهي. اها نه رڳو شڪارپور بلڪي سنڌ جي هر ننڍي شهر جي پورهيت جي ڪٿا آهي. هن ڪهاڻيءَ جي ثانوي ڪردار جهڙا ڪنيه لال ئي سکيا ستابا آهن ۽ ڪهاڻي جي مرڪزي ڪردار اِمــَنَ جهڙا ڪمي ڪاسبي توڙي هيٺين وچولي طبقي وارا سفيد پوش ماڻهو جيئڻ لاءِ وڏا وس پيا ڪن. ڪهاڻي “نيرولي” ترقي پسند افسانوي ادب جي زمري ۾ اچي ٿي ۽ ان منجهان پورهيت طبقي جي محرومين، مجبورين ۽ بيڪسيءَ جي آگاهي ملي ٿي ۽ مکيه ڪردار “اِمــَن نيرولي” ۽ سندس وني “بــَـکَـان” جي ارمانن ۽ حسرتن جي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي. انهن ڪردارن جي ڏکن ۾ شريڪ ٿيڻ جي نتيجي ۾ پڙهندڙن کي پنهنجي انسانيت پرست سوچن جو احساس ٿيڻ واري راحت پلي پوي ٿي ۽ آخر ۾ ڪٿارسس واري ماڳ تي پڻ پهچجي ٿو...
هيءَ ڪهاڻي پڙهندڙن کي ترڪيءَ جي نامياري ڪهاڻيڪار “قدرت جودت” جي مشهور ڪهاڻي “لنگهڻ جي ماني” ياد ڏياري ٿي. جنهن ۾ ننڍڙو ڀاءُ پنهنجي وڏي ڀاءُ جي مرڻ تي ان ڪري خوش ٿئي ٿو ڇو ته ان جي موت جي نتيجي ۾ امير گهر مان سٺا سٺا طعام ايندا...
سجاد گهلوءَ جي ڪهاڻي “راکو” انتهائي درديلي ۽ دل کي ڌوڏي ڇڏيندڙ آهي. حساس دل رکندڙ ماڻهن لاءِ ڪهاڻيءَ جو ڪلائيميڪس دل کي جهٻائيندڙ ۽ اندر جي ڪائنات ۾ جهڙوڪ زلزلو آڻيندڙ آهي. سجاد جي تــُزُ ۽ برجستي ٻولي، موقعي ۽ مهل سان ٺهڪندڙ جملن ۽ اصطلاحن، ڪلائيميڪس واري واقعي کي وڌيڪ دک دائڪ ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اهڙا سانحا ته ٿيندا رهيا آهن ۽ ٿين پيا پر ڪهاڻيءَ جي اڻت ۾ ڪلائيميڪس تائين رسائيءَ واري هنر ڪهاڻيءَ ۾ اهڙو ته رنگ ڀريو آهي جو پڙهندڙ کي اهو سڀ ڪجهه انوکو ٿو لڳي، ڄڻ اهڙو ڏاڍ ۽ ڏمر اڳ ڪڏهن به نه ٿيو هجي...
هيءَ ڪهاڻي پڙهي خبر پوي ٿي ته سنڌي وڏيري، ان جي ڪمدار، ڪارائي ۽ واٺن جي دل ڪيڏي نه ڪٺور ٿئي ٿي...!!! عام ماڻهو اهڙن ڪردارن جي ميسڻائپ ۽ لٻاڙ ۾ منافقيءَ واري ٻولي ڏسي ۽ ٻڌي ويساهه ڪري ٿو، پر ڪهاڻيڪار کيس سماج جي اهڙن ڪردارن جي اندر کان آگاهه ڪري ٿو. هن ڪهاڻيءَ ۾ اچرج جو عنصر به ڪمال جو آهي، ٻيو ته هن ڪهاڻيءَ مان اها به خبر پوي ٿي ته ٻين جي محنت تي پلجندڙ وڏيرو يا سرمائيدار ڪيڏو نه ظالم ۽ بي رحم هوندو آهي. ڪهاڻي پڙهڻ کانپوءِ پڙهندڙ جي ذهن ۾ ڪٿارسس وارو عمل ٿيڻ سڀاويڪ آهي، جنهن جي نتيجي ڏاڍن ماڻهن سان منهن مقابلو ڪرڻ جي سگهه ملي ٿي...
ڪهاڻي “اٺٽيهه ڳنڍيون” هونءَ روايتي ڪهاڻي آهي پر پيشڪش جي انداز ۾ خوبصورت اصلوب سبب انوکي پئي ڀاسي. هيءَ به سنڌي سماج اندر انيائن منجهان هڪ شرمناڪ سانحي جي ڪـَٿـَا آهي جيڪا ڪهاڻيءَ جي مرڪزي ڪردارن “ڪپيچي خان” جي حوس ۽ “بشيري” جي بي رحمي کي وائکو ٿي ڪري. سنڌ ۾ جهالت ۽ جاگيردارنا سماج جي رهجي ويل بي رحمي واري سوچ ۽ خيالن جي نتيجي ۾ هن ڪهاڻيءَ جهڙا انياءَ ٿيندا رهن ٿا. هن ڪهاڻيءَ منجهان ڄاڻ ملي ٿي ته “ڪپيچي خان” ۽ “بشيري” جهڙا ڪردار ڪيئن نه ٻين جي غربت مان فائدو وٺندي ۽ مذهب جي سهاري شرمناڪ عمل ڪن ٿا...
ڪهاڻيءَ ۾ ڪتب آيل مزاحيه مڪالما ڪهاڻيءَ کي نيارو رنگ ڏين ٿا، ڪمال جي ڳالهه اها آهي ته انتهائي ڪٺورتا وارو واقعو ڄڻ ته رواجي نموني ۽ کلندي کلندي ٿي ٿو وڃي...!!! ائين سڀ ڪجهه رواجي انداز ۾ ٿيندو رهي ٿو. هن ڪهاڻيءَ جو اهڙو انداز پڙهندڙن کي اچرج ۾ وجهي ڪٿارسس واري ماڳ تي رسائي ٿو. سجاد گهلو ٻهراڙيءَ واري ماحول ۽ زرعي سماج واري زندگيءَ جي عڪاسي ڪندي، ڪن ڪهاڻين ۾ شهري زندگيءَ کي چٽيو آهي. اهڙين ڪهاڻين منجهان سندس ٽي ڪهاڻيون: “هل من ناصر ينصرنا”، “مونکي توتي فخر آهي” ۽ “هڪڙي هولي اهڙي به آئي هئي” مثالي ڪهاڻيون آهن. ڪهاڻي “هل من ناصر ينصرنا” تاريخ 12 مئي 2007 تي ڪراچي شهر ۾ ٿيندڙ واٽهڙن ۽ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ انهن ماڻهن جي ڪوس جي ڪهاڻي آهي جيڪي ايم ڪيو ايم جهڙي مافيا جي ٽارگيٽ تي هئا. سجاد هن ڪهاڻيءَ وسيلي اهڙي وحشي لساني تنظيم جي بي رحمي واري عمل کي پڌرو ڪيو آهي...
ڪهاڻي “هڪڙي هولي اهڙي به آئي هئي” هڪ درد جي ڪهاڻي آهي. جيڪو ورهاڱي جي نتيجي ۾ سنڌ مان لڏي پلاڻي ويندڙ سنڌي هندن جو پنهنجي ڌرتيءَ کان ڇڄي وڃڻ جو درد به آهي ته ساڳي وقت سنڌ جي اجڙڻ جو ڏک پڻ. هيءَ ڪهاڻي ڄڻ ته سنڌ ڌرتي ۽ ان جي وڇڙي ويل ٻچن جو نوحو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ سجاد شرنارٿي سنڌي هندن جي ارمانن، حسرتن ۽ جدائيءَ واري غم کي ڪمال انداز سان چٽيو آهي...
ڄاڻايل ٻئي ڪهاڻيون ڄڻ ته سنڌ جي تاريخ آهن جن منجهان خبر پوي ٿي ته هندستان جي صوبن، يوپي ۽ سي پي جي تهذيب ۽ حڪمراني واري جنون کي سنڌ جي وڏن شهرن ڏانهن آڻي، ڌرتي ڄاون جا ڪيئن نه تڏا پٽيا ويا ۽ امن ۽ شانتيءَ واري ڌرتيءَ تي ڪوس ڪرايا ويا...
سجاد گهلو پنهنجي پر ۾ پاڻ چڱو موکيو آهي. مجموعي طور سندس سڀئي ڪهاڻيون سچائيءَ سان ٽمٽار آهن ۽ انهن ۾ ڄاڻ، اچرج، راحت ۽ ڪٿارسس وارا عنصر بکن ٿا. سجاد جون اهي پهريون ڪهاڻيون آهن تنهن ڪري انهن ۾ ڪن ڪچاين جو هئڻ قدرتي ڳالهه آهي پر ائين چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته هو محنتي ۽ ڪميٽيڊ ڪهاڻيڪار آهي...

ضياءُ شاهه – شڪارپور
10 جنوري 2018

سجاد گهلو هڪ مڪمل ڪهاڻيڪار: رسول بخش درس

قديم زماني جي قديم تصورن ۽ خيالن جي آغوش ۾ ساهه کڻندڙ روايت جيڪا صدين تائين ساهه کڻندي رهي ۽ ناني جي گود ۾ پيل ڏوهٽي جي تسڪين کان ڪراڙن جي ڪچهريءَ جي ورونهن وارو تسلسل “آکاڻي” کي هڪ ڊگهو پنڌ ڪندي، زماني جي بدلجندڙ تقاضائن تحت، هڪ ڏينهن ڪهاڻي ٿيڻو هو. تاريخ گواهه آهي ته اولهه ئي وقت جي تيزي سان ڌڙڪندڙ نبض تي هٿ رکي “ڪهاڻي” کي جنم ڏنو. اسان جڏهن پنهنجي ادبي تاريخ جو احاطو ڪريون ٿا ته اسان کي ڪهاڻي انگريزن جي دور ۽ قيامِ پاڪستان کانپوءِ پرڙا سوئي اڏامندي نظر اچي ٿي. ان مختصر يا وسيع دور ۾ سنڌي ڪهاڻي ڪيترائي فني ۽ فڪري تجربا ڪيا ۽ بلوغت تائين پهتي. دنيا جي مختلف عالمي ادبي نظرين جو اثر مقامي، سماجي ۽ سياسي حالتون، سماجي اڻبرابري ۽ ظلم کي ان ڪهاڻيءَ ۾ تـُنـيـو ويو. سنڌي ڪهاڻيءَ جو اهو سفر اڄ به جاري ۽ ساري آهي ۽ سنڌي ڪهاڻي معيار جي حوالي سان ڀلي گهٽ پر اڄ به لکجي رهي آهي ۽ خوشيءَ جي ڳالهه اها به آهي ته اسان جو لکندڙ پنهنجي دور جي سموري تنقيدي شعور کان واقف آهي ۽ ڪهاڻيءَ جي فڪري پهلو تي جيڪو ڪجهه لکيو ويو آهي ان کان به باخبر آهي ۽ پنهنجي تخليق ۾ نواڻ لاءِ پڻ ڪوششون ڪري رهيو آهي...
سجاد گهلو جي ڪهاڻين تي ڳالهائڻ کان پهرين آءُ هڪ ڳالهه چوڻ چاهيان ٿو ته جيڪا اڄڪلهه ڪهاڻي سرجي رهي آهي ان تي موضوعاتي يڪسانيت جو ٺپو هنيو ٿو وڃي. جيئن ته موضوع اسان سماج مان ئي کڻون ٿا ان ڪري اسان کي اهو ڏسڻو آهي ته انهن چار پنج ڏهاڪن ۾ اسان جي سماج ۾ ڪهڙيون اثرانداز ٿيندڙ ۽ زبردست تبديليون رونما ٿيون آهن. جاگيرداري ريتن رسمن جي چنبي ۾ ساهه کڻندڙ سنڌي سماجي اڄ به ان ئي پنجوڙ ۾ قابو آهي جنهن ۾ هو چار پنج ڏهاڪن کان قيد هيو. اڃا به وڌيڪ خطرناڪ عنصر مذهبي جنونيت جو آهي جنهن هاڪاري اسان جي سماج کي لوڏي ڇڏيو آهي. اسان وٽ سرمائيدار سماج جا رويا نه آيا رڳو ٽيڪنالاجي جا اوزار پهتا. انهن زندگي جي رفتار تي ته اثر وڌو آهي پر جيڪو رجعت پرست سوچ ۽ روايتن جو سخت گهيرو آهي ان مان سنڌي سماج جان آجي نه ڪرائي سگهيو آهي...
هاڻ ان سڄي سماجي پسِ منظر ۾ جڏهن اسان پنهنجي دوست سجاد گهلو جي ڪهاڻي جو جائزو وٺنداسين ته هو پنهنجي سماج جي مڙني اوڻاين ۽ ان جي منفي ۽ مثبت اثرن کان واقف نظر اچي ٿو ۽ ان کي بطور ليکڪ جيئن هو پيش ڪري ٿو، اها هڪ قلمڪار طور سندس ڪاميابي آهي. هو انساني روين جي ٻهروپيت تي جڏهن لکي ٿو ۽ جنهن انداز سان پيش ڪري ٿو ۽ ڪردارن کي جيڪو روپ عطا ڪري ٿو اهو پڙهڻ سان پڙهندڙ ڄڻ ته ان ماحول ۾ هليو وڃي ٿو. ان کان علاوه بطور ليکڪ جيڪا سندس ڳالهه مونکي حد کان وڌيڪ وڻي اُها اِها آهي ته اسان وٽ مذهبي حوالن، نظرين ۽ قانونن کي پنهنجي منشا مطابق ٽوڙي مروڙي، پنهنجي حق ۾ استعمال ڪرڻ جو جيڪو رجحان آهي اهو به سندس ڪهاڻين ۾ بهترين نموني چٽيل آهي ڇو ته اڄ جي سنڌي سماج جو هڪ وڏو الميو اهو به آهي جو هو زندگي جي هر عمل کي مذهبي نقطهء نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ظلم اهو آهي ته ان مذهبي فڪر کي غلط نموني پيش ڪيو ويو آهي، نتيجي ۾ جيڪو ثمر پلئـه پوي ٿو اهو انسان دوست نه آهي. تنهن ڪري هن انهن سماجي براين جن ۾ مذهب کي غلط استعمال ڪيو ويو آهي، انهن ڏانهن به اشارو ڪيو اٿس...
مجموعي طور تي سجاد گهلو جون ڪهاڻيون پنهنجي پاڻ ۾ مڪمل ڪهاڻيون آهن جيڪي ڪهاڻي جي صنف سان انصاف ڪندي نظر اچن ٿيون. سندس ڪهاڻين ۾ فڪري شعور به آهي ته فني توازن پڻ. منهنجي کيس دعا آهي ته هو ان ئي رفتار سان ڪهاڻيون لکندو رهي ۽ جائز مقام ماڻي...

رسول بخش درس
جنوري 2017 – جهمپير (ٺٽو)

کيسي ۾ پيل پرينءَ جي آخري خط جي احساس جهڙو سجاد: نثار ٻانڀڻ

هڪ ڀلوڙ ليکڪ لاءِ سندس جي مقام ۽ مسند موجب لفظن کي سوري اچڻ هڪ عام فهم رکندڙ فرد لاءِ ٿورڙو ڏکيو ڪم هوندو آهي پر مون اُن ڏکيائيءَ کي پاڻ تي حاوي ڪو نه ڪيو آهي ڇو ته جنهن فرد تي مان هي ٻه اکر لکان پيو تنهن جي دوستيءَ جي ڇانءَ ۾ مونکي هميشه محبتن جي ماکي ملي آهي، گهور وڃڻ جا سڀئي گهڙا ڀريل مليا آهن، جنهن وٽ دوستيءَ ۾ قربان ٿي وڃڻ جو فلسفو اندر ۾ روح ٿي رهيل هجي تنهن جي لاءِ ڪاڳر ڀرڻ سولو هجي ٿو. هي انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جن ڏينهن ۾ مائرون پنهنجن پـُـٽــَنِ جي سگريٽن سان سڙيل کيسن مان ڪو خوشبوءَ ۾ وهنتل خط ڪڍي منهن تي فاتح سالار جيان مسڪراهٽ آڻي وري اُن خط کي سندس جي ئي ڪنهن ڪتاب ۾ سنڀالي رکڻ جي رواج جون امين هونديون هيون. انهن ڏينهن ۾ منهنجو دوست سجاد گهلو ڪنهن پرينءَ جي خط کي حفظ ڪرڻ بجاءِ سنڌ جي سورن جون سمفنيون حفظ ڪري پنهنجي امڙ سان اوريندو هو، ائين لڳندو هو ڄڻ سموري بارود کي گـُلن ۾ Convert ڪري ماءُ جي پيرن ۾ آڻي رکندو هجي، ته جيئن کيس بهتر کان بهتر ٿيڻ لاءِ مناسب گس ۽ پيچرو ملي پويس، ڇو ته جنهن ماءُ جي پيرن کي چمندي هو وڏو ٿيو هو سا به وڏي نظر، وڏي دل ۽ وڏي جگر واري غريب پرست ۽ سنڌ پرست عورت هئي. سندس اها ڪرت ڏسي ڪري مونکي يقين ٿي ويو هو ته هي سنڌ جي اُن مٽيءَ مان جُڙيل نرم دل رکندڙ فرد آهي جيڪو زندگيءَ جي اجاڙ شامن کي نه رڳو رنگ ارپي سگهي ٿو پر انهن جي خاموشين جي وٿين ۾ دردن جي آوازن جا احساس سُکن جي روپ ۾ سهيڙي رکڻ جو ساهس پڻ ساري سگهي ٿو. سجاد اها خوشبو به سُڃاڻي ويندو آهي جنهن وٽ ڪو به رنگ ناهي هوندو، هن وٽ اها اک به آهي جيڪا اگهاڙي چنڊ جي رهجي ويل چانڊوڪي ۾ پنهنجي انهن مسڪين ماڻهن جي اهنجن لاءِ لفظ ڳولهي وٺندي آهي، هو جيڪو آوازن جون ڳنڍيون فردن جي ڪنن ۾ جوڳيءَ جي والن جيان پهرائڻ جي سگهه رکندڙ آهي، جنهن وٽ لفظن جا پاڇا هڪ ڊگهي درد ۽ سوڳوارين جي قافلن جيان رهن ٿا، جنهن وٽ هجر ۽ وصال جي تند هڪ ئي سانچي مان نڪري پهتي آهي، جنهن سنڌ جي بي پهچ ۽ نظرانداز ٿيل ماڻهن جي اندر جي مٽيءَ مان ڦُٽندڙ سڳنڌ کي لاڏائو ڪيفيت ڪري کنيو ۽ انهن کي ٿانائڪي سگهه بڻائي واپس ڪيو آهي، جنهن وٽ اڪيلائي واريءَ جو ويس ويڙهي سندس خوابن تي ڇانيل رهي آهي...
سجاد گهلو نظرياتي طور عالمي فڪر جو ماڻهو آهي، تنهن ڪري سنڌ لاءِ به هو عالمي طور سوچيندو رهي ٿو جيڪا سوچ ۽ لوچ سندس لکڻين مان نمايان ٿيل ڏسجي ٿي، سندس جون ڪهاڻيون سماج جي ناسورن جي عڪاسي ڪن ٿيون، نه رڳو عڪاسي پر انهن کي ختم ٿيڻ جا پها به ڏين ٿيون، هو سنڌ جي انهن ٿورڙن انقلابي ڪارڪنن مان هڪ آهي، جن سماج جي تبديلي واري عملي جاکوڙ سان گڏ پنهنجي تحريرن ۾ به رت کي ولوڙيو آهي ته جيئن سنڌ جا سڀئي فرد سُک ماڻي سگهن ۽ پڻ اُن سُک کي صدين تائين سنڀالي رکڻ جو حوصلو ماڻين. اهڙي اعليٰ ذهني سوچ کي عام ماڻهن تائين پهچائڻ جي لاءِ ادارن کي اڳتي اچڻ گهرجي، اهو ذمو انهن جو آهي جن وٽ وسيلا آهن مان اها ڳالهه اُن ڪري به ڪري رهيو آهيان ڇاڪاڻ ته پنهنجي سماج ۾ صحيح معنيٰ ۾ ادارا ٺاهيا ئي ناهن ويا، جي ادارا آهن به ته اُهي مخصوص شخصيتن جي سوڙهين سوچن جي رحم ڪرم تي آهن. سجاد گهلو جهڙا ليکڪ سماجي حقيقت نگاري جي بنياد تي پنهنجي ڪهاڻين ۽ انهن جي ڪردارن کي سرجي پنهنجو فرض پورو ڪن ٿا پوءِ جو ڪم وري انهن ادارن جو آهي...
سجاد گهلو هڪ انقلابي ليکڪ آهي مونکي سندس لکڻين مان ٽالسٽاءِ جي لکڻين جي خوشبو پڻ ايندي آهي. سجاد جي ڪهاڻين کي اردو ۽ انگريزي ۾ ترجمو ڪرڻ گهرجي ته جيئن سنڌ جا اُهي مسئلا ملڪي ۽ عالمي سطح تي زير بحث آندا وڃن. جيتري قدر مان کيس سمجهيو آهي ته هو جنهن به شعبي ۾ هٿ وجهندو آهي اُن ۾ تحرڪ پيدا ڪندو آهي اهو ڏانءُ ۽ ڏات کيس الله جي طرفان تحفي ۾ مليل محسوس ٿيندي آهي. سجاد پنهنجين لکڻين وسيلي سنڌي سماج ۾ تحرڪ پيدا ڪيو آهي جيڪو انهن حلقن ۾ ڏسجي پيو جتي سجاد جون لکڻيون يا سندس جا ليڪچر ۽ ڏنل تربيت جون ويهڪون رهنديون آيون آهن. سجاد جي تربيت شروع کان ئي ترقي پسند سوچ جي ڇانءَ ۾ ٿي آهي تنهن جي ڪري هن ترقي پسند ليکڪ طور سنڌي ادب ۾ پنهنجو مقام ماڻيو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته گهڻن سوڙهين سوچن وارن کي اها ڳالهه وات ۾ لوڻ ٿي لڳندي آهي. مونکي ڪڏهن ڪڏهن ائين به لڳندو آهي ته سجادگهلو آسڪر وائيلڊ جيان هن ماٿري ۾ خيال آرائي مان عمل پيدا ڪندو رهيو آهي. سجاد گهلو کي جيڪڏهن ٻن لفظن ۾ ورهائجي ته هو ترقي پسندي ۽ مزاحمت جو مجموعو بڻجندو. مونکي ان ڳالهه ڪرڻ ۾ ڪا به جهجهڪ محسوس نه پئي ٿئي ته سياسي ادب ۾ رسول بخش پليجو، ابراهيم جويو ۽ سراج ميمڻ جي ڪڙي سان ملندڙ هڪ ننڍڙي ڪڙي سجاد گهلو به آهي، سجاد اڄ جي تاريخ جو هڪ ارڏو ۽ دلير ڪهاڻيڪار آهي. اها منهنجي هڪ دعويٰ به آهي ڇو ته هن جي هڪ وڏي خوبي اها آهي ته هو پنهنجو علم يا ڄاڻ ڪنهن تي مسلط نه ڪندو آهي، هو جيتوڻيڪ کاٻي ڌر سان سلهاڙيل ناهي پر پوءِ به مان کيس عقيدت پرستيءَ کان پرڀرو ڏٺو آهي. سجاد وٽ جمود کي ٽوڙڻ ۽ ماحول ٺاهڻ جو ڪمال جو ڏانءُ آهي. مان ته ايترو چوندس ته اڄ جي جديد دور ۾ ڪهاڻي واري صنف ۾ سنڌي ادب اندر سجاد گهلو جون ڪهاڻيون هڪ مائيل اسٽون جي حيثيت رکي چڪيون آهن، هو هڪ اهڙي لڪير آهي جنهن تي نوان ذهن سولائيءَ سان پنهنجو پنڌ ڪندي ڏسجن ٿا ڇو ته سندس ڪهاڻين جا نوان تصور ۽ انهن جي جدت ڀريل ڪردارن کي جڏهن پڙهجي ٿو ته انهن ۾ مزاحمت جي عنصر سان گڏوڏو تخليقي معيار پڻ محسوس ٿئي ٿو. سجاد جيڪي ڪردار تخليق ڪيا آهن انهن ۾ نعري بازي نظر نه ايندي پر سبق آموز پهلو نمايان نظر ايندا، ايئن ڀاسندو آهي ته سندس ڪردار تحرڪ پيدا ڪندڙ آهن ۽ جيڪي پنهنجي اعليٰ ظرف ۽ ڪردارنگاريءَ ذريعي سماج اندر هڪ مثبت تبديليءَ واري تحريڪ جو ڏَسُ ڏين ٿا...
جڏهن سجاد گهلو جون ڪهاڻيون پڙهبيون ته سوين سوال سامهون ايندا ته هن پرڳڻي جي ماڻهن جي زندگي الائي ڪهڙي موڙ تي اچي رسي آهي کين خبر ئي ناهي ته انهن جي منزل ڪٿي آهي ۽ اها به خبر ناهي ته هو ڪهڙي راهه جا مسافر بڻيل آهن، انهن جي اکين مان ننڊون ڇو رسي چڪيون آهن، هو اهو سمجهن پيا ته هنن جي رهبرن هُنن جو ساٿ ڇڏي ڏنو آهي، هو وسندين ۾ هوندي به رڻ پٽن جا راهي ڇو ٿيندا پيا وڃن، اهي رڻ جيڪي سفرن جي لائق ئي ناهن، انهن عام ۽ وسري ويل ماڻهن موت جا هزارين منظر پنهنجي اکين جي آرسي ۾ پيوند ڪري ڇڏيا آهن. سجاد گهلو جون ڪهاڻيون اها آرسي ڏيکارين ٿيون، هن ديس جي مظلوم ۽ بي پهچ ماڻهن پنهنجي معصوم ٻچڙن جي تـَـنَ تي بنا ڪپڙن جي ڪاڙهن کي ڪڙِيل زّخم ناسور ٿيندي ڏٺا آهن. اُنهن جون همٿون ۽ حوصلا پست ٿي چڪا آهن، پر هو آڻ مڃڻ وارا ناهن. هو جيڪي تنهائين جي سفرن جا نڪتل هئا سي هاڻي اڌ راهه رلي وڃڻ وساري چڪا آهن ۽ هاڻ هو منزلن جي ويجهو آهن، هو پنهجون منزلون وڃائي ويٺا هئا پر هاڻ ماڻڻ جي آخري پنڌ تي آهن. اکين جو نور هوندي به پاڻ کي انڌا محسوس ڪندڙ ڏکويل ماڻهو هاڻ دنيا جي هُن پار ڏسي سگهن ٿا. ڪنن جي پڙلاءُ هوندي به ڪنن کان ٻوڙا ٿي ويل هاڻي سنهي سُس پُس به ٻڌي سگهن ٿا. هُنن کي اهو سمجهه ۾ اچڻ شروع ٿي ويو آهي ته هو ڇا ڪن ۽ ڪهڙي پاسي بيهي پنهنجي بقا جي ويڙهه وڙهن...
اسان مان هر ڪو پريشان ۽ حيران آهي، هر ڪو اها ڳالهه مڃي ٿو ته پاڻ ڏکين ڏينهن مان گذري رهيا آهيون پر هڪ ڪهاڻيڪار جيڪو سماج جي نبض تي هٿ رکڻ ڄاڻي ٿو، اهو اُن جي برعڪس اهو ٻڌائي ٿو ته اسين انهن ڏکين ڏينهن کي پنهنجي سگهه بڻائي چڪا آهيون، اسين اندر ۾ وڌيا ويجها آهيون، جيتوڻيڪ اسان جي چؤطرف تمام گهڻا مسئلا ۽ مونجهارا آهن پر انهن جا حل به اسان جي هٿ لڪيرن کان نڪري روڊن ۽ رستن تي آيا آهن. وڌندڙ دهشتگردي، ماراماري، ڦـرُلـُٽَ، ڌاڙا، ڪارو ڪاري، بم حملا، قبائلي جهيڙا، وڏيرڪي سوچ جون نرسريون، غيرت جي نالي ۾ ڪسجندڙ معصوم نياڻيون ۽ نوجوان، هر طرف غربت جو هجڻ اسان جو اصل ٻارڻ آهن جيڪي اسان کي مزاحمت لاءِ تيار ڪندا رهن ٿا، ته ٻئي طرف بيروزگاري آهي جيڪا تعليم جي بهتري طرف وٺي وڃي ٿي. تعليم هجي يا تجارت، ملازمت هجي يا سياست، زندگيءَ جو هر هڪ شعبو مفلوج ٿي رهيو آهي، پر ڪهاڻيڪار جي اک مستقبل ڏانهن ڏسندي چوي ٿي ته اهو سڀ هڪ ٻاڦ بڻجي ختم ٿي ويندو، هڪ ڀيرو وري هي ديس امن، پيار ۽ محبت جو پرڳڻو بڻجي دنيا جي نقشي تي ظاهر ٿيندو. جيئن جيئن وقت گذرندو پيو وڃي، تيئن تيئن درد ۽ ڏک وڌندا پيا وڃن جيڪي فردن کي ميڙي مـُٺ پيا ڪن. هي ارڏو ڪهاڻيڪار سڌو ڏسي ٿو ته جنهن به مسيحا هجڻ جي دعويٰ ڪئي تنهن دوا بدران درد ڏنو ۽ اُن درد کي هن قوم پنهنجو هٿيار بڻايو. جيتوڻيڪ سجاد گهلو اهو پڻ چوندو رهيو آهي ته: “هن ديس ۾ هر ڪو پنهنجو ڪتاب پاڻ کڻي آيو آهي پر عمل کان صديون پوئتي ئي رهيو آهي. هاڻي مڊل ڪلاس ۽ ڏتڙيل ڪلا س ئي مسند سنڀاليندو، هتي هر ڪو پنهنجو نظريو کڻي آيو پر انهن کان مسڪين ماڻهو وسري ويو آهي پر اُهو ئي نظريو شعور جي مڙني وسيلن کي ماڻڻ جو گس ضرور رهيو آهي...” سجاد جا ڪردار ويڙهه واري پوزيشن ۾ اچي اهو درس ڏين ٿا ته هاڻي اسان چاهيون ٿا ته ڏکن ۽ ڏوجهرن مان ڇوٽڪارو ملي، مسئلا ۽ مونجهارا ختم ٿي وڃن ۽ هر ڪو سک جو ساهه کڻي، هر ڪو ماڻهو ايئن سوچي ۽ ايئن لوچي جيئن سڌريل معاشرا سوچيندا آهن...
سجاد گهلو جون انيڪ ڪهاڻيون منهنجي سوچ واري اڱڻ تي شام جي کَٽُن جيان رکيل آهن، انهن تي سندس ڪهاڻين جا مختلف ڪردار ڪچهرين ۾ ويٺل هجن ٿا، هوڏانهن وچ اڱڻ جي منڍ تي رکيل کـَٽَ تي ڪانڀ ڪڍيو ويٺل نيرولي آهي جنهن جي مٿي تي انگوڇو ٻڌل آهي ۽ چيلھه ۽ ڄنگهن سان وري پراڻو اجرڪ ويڙهيل اٿس جيڪو کيس ڪانڀ ڪڍڻ ۾ مدد ٿو ڏئيس. سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ تي لڳل ڌاڙن جي ڪري سنڌ جي سون ورني زمين کي ٺوٺ بڻائي ٻهراڙي جي ماڻهن جي خوشحاليءَ کي برباديءَ جي اوڙاهه ۾ ڦٽو ڪرڻ سبب، سندس اکين ۾ سوين صدما نم جي گهاٽي وڻ جيان ڪـَرُ کڻي بيٺل آهن، ڇو ته سنڌ جي زرعي بربادي سبب سندس ڌنڌو ٺـُپ ۽ گهر ۾ بـُـکَ جو راڪاس پيو رڙي، پر سندس چهري تي هڪ الڳ اعتماد ڏسجي ٿو. سندس ڳالهه ۾ صدين جي ڪـرب ۽ پيڙا سان گڏ قهر جي گهرائي آهي ائين ٿو لڳي ته هو اٿندو ۽ پنهنجي غريبي ۽ مفلسي کي پنهنجي ڪمزوري بڻائڻ بجاءِ پنهنجي جرئت، همت ۽ خودداري سان سست، نٻل ۽ مايوسي جي چادر اوڙهي ستل سماج جي منهن تي غيرت جي چماٽ هڻي ان کي جاڳائيندو. هوڏانهن حاڪم راکو به پنهنجي وحشي جبلتن جي جلال جي اوج تان لهڻ کانپوءِ به ۽ پوڙهائپ ۾ منڊڪائي هلڻ جي باوجود به وڏيري جي ڏنل بيساکي جي زور تي غريب هارين تي ڪنڌ ڌوڻي روهي لٿل تيز ۽ تکي ڪهاڙي ڏيکاريندي منافقانا مرڪ مرڪي پيو. ڪمداري ۾ چاپلوسي جا عالمي ريڪارڊ ٺاهيندڙ خانو چچُڙ هجي يا جانٺو جوان سهڻو سيبتو عامر جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم دشمن سوچن سان سينو ساهي بيٺو آهي، اهڙا سمورا ڪردار سنڌ کي سوچيندي ڏسجن ٿا. سڀئي ڪردار پنهنجي پنهنجي حصي جو درد سهي، پنهنجو ڪردار نڀائڻ جي لاءِ ساهس سهائين پيا. مونکي ڊاڪٽر ولي ۽ عاشق جي ڪردار ۾ ٻه مختلف نظريا رکندڙ پر هڪ مقصد جي مسجد ۾ ويهندڙ زاهد لڳي رهيا آهن. اها خوبي سجاد گهلوءَ جي ڪردارن ۾ ئي نظر ايندي ۽ ان جو عڪس پڻ جيڪا سجاد جي شخصيت ۽ ان جي ڏانءَ ۾ جابجا نظر ايندو. سجاد اهڙي انداز جا ڪردار جنم ڏنا آهن جن تي هن معاشري جون انيڪ مهربانيون آهن ۽ سجاد انهن مهربانين کي پنهنجي ذهني صلاحيتين ۽ معيار موجب شدت سان پڻ ظاهر ڪيو آهي. عاشق هڪ تاريخ جيان هڪ پڙاڏي جيان منهنجي ذهن تي ڇانيل رهيو آهي ڇو ته جنهن انداز ۾ سجاد اُن جي حقيقي ڪردار کي ظاهر ڪيو آهي اهڙو ڏانءُ گهٽ لکندڙن ۾ هجي ٿو...
اسان ليکڪن جي ڪميونٽي وٽ هڪ روايت اها به رهي آهي جو اسان پنهنجن خيالن جي رِليءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن اوپرا ٽوپا جدت جي نالي ۾ پڻ پوئي ڇڏيندا آهيون جنهن سان اسان جي خيالن جي رِليءَ جي سونهن متاثر ٿيندي آهي ۽ رِلي پنهنجي اصل افاديت به وڃائي ويهندي آهي، پر سجاد انهن ليکڪن مان آهي جيڪو پنهنجي خيالن جي رليءَ ۾ سندي مزاج ، ثقافتي محسوسات سان گڏ تهذيب ۽ تمدن جا ٽوپا هڻي ڪري هڪ سهڻي رِلي ٺاهي پڙهندڙن جي لاءِ وڇائي ٿو، هو چوندو آهي ته هڪ ڪهاڻيءَ جو پلاٽ اُن رليءَ جي هئيت هوندي آهي اُن ۾ لڳل مختلف رنگن جي ڪپڙن جون اڳڙيون سماج ۽ ڪردارن جي اندر جي عڪاسي هجي ٿي جڏهن ته انهن ۾ لڳل ٽوپا ڪهاڻيڪار جي فني اُڏام سان گڏ اُن جي ڪهاڻي جي ڪلچر تي جيڪا گرفت هجي ٿي اُن کي ظاهر ڪن ٿا ۽ سجاد جي خيالن جون رليون اوهان جي آڏو وڇايل آهن اوهان ڏسو هر پاسي اوهان کي سنڌ ۽ اُن جي پوري سياسي، سماجي ۽ ثقافتي آسمان ۽ زمين جا اهڃاڻ ملندا جڏهن ته بين الاقوامي نظرن جي ڇَنَ جون ڪامون پڻ سجاد جي ڪهاڻين ۾ کوڙيل ملنديون. سجاد جي لکڻين مان اهو پڻ محسوس ٿئي ٿو ته زندگيءَ جون انيڪ راتيون ڪيئن سرنگهن مان گذرن ٿيون، مٽيءَ مان رستو ڪڍي ٿانون جو روپ وٺڻ به سجاد جي لکڻين ۾ موجود آهي، اُس جون چهنڊيون پائڻ ۽ ڇانو جا ٿڌڙا ڪڍڻ به سندس لکڻين ۾ ملندا، حوصلن جا جبل ۽ پڇتائن جا پُرڻ به مون اُن جي ڪهاڻين جي ڪردارن جي ڪچهرين مان لڌا آهن، سندن اڪثر ڪردارن ۾ آثار قديمه ائين وڇايل آهي جيئن زمين تي ڪڻڪ وڇايل هجي يا غريب جي قسمت ۾ بُکَ، سماج جي اُنهن اهڃاڻن کي به سجاد پنهنجي لکڻين ۾ آندو آهي جن سان سماج ۾ تحرڪ پيدا ٿئي ٿو، جن سان هڪ تحريڪ جُڙي ٿي ۽ مقصدن جا سنگِ ميل لڳن ٿا. مون ڪڏهن به هُن جي ڪهاڻين جي ڪردارن کي نا اُميدين جي اونده ۾ ويڙهجي جستجو ڪندي ناهي ڏٺو، سندس جا ڪردار وڙهن ٿا، وراڪو ڏين ٿا پنڌ جا سڀ ٿَڪَ ويڙهي ڪلهن تي رکي منزل جا ڪلا هڻن ٿا ۽ اهو ئي هن وقت هن نسل کي گهرجي جيڪو سجاد پنهنجي لکڻين ۾ ڏئي ٿو، مان سمجهان ٿو ته منهنجي هيءَ هڪ ننڍڙي سِٽَ گهڻن ليکارين کي هيانو ۾ سئيءَ جيان ٿي لڳندي ته “سجاد اڄ ۽ سڀاڻ جو ڀلوڙ ڪهاڻيڪار آهي جيڪو سماج کي دڳن سان گڏ منزلن جا ڏس به ڏئي ٿو...”

نثار ٻانڀڻ
ڪراچي – 10 آڪٽوبر 2017

ڪهاڻين جو نيرولي سجاد گهلو: راشد دائودپوٽو

انساني سماج ۾ جيتري ٻولي پراڻي آهي، اوترئي ڪهاڻي يا آکاڻي پراڻي آهي. آڳاٽي زماني ۾ انسان پهرين پهرين شاعريءَ ذريعي شيون محفوظ ڪيون. ڇاڪاڻ ته هزارين سال اڳ انسانن لاءِ اهو وڏو مسئلو هو ته تفصيل ڪيئن ۽ ڪٿي محفوظ ڪجن، ڇو ته انساني سماج ته جڙي چڪا هئا ۽ تهذيبن جي صورتن ۾ دنيا جي مختلف علائقن ۾ ترقي به ڪري چڪا هئا پر اڃا ان لائق نه بڻيا هئا جو انساني آوازن کي لکت ۾ محفوظ ڪري سگهن. فقط انسان جو سينو ئي هو جنهن ۾ واقعا، قصا، هنر، تجربا، بهادريءَ، ڀاڙيائپ، نااميدي، مايوسي ۽ مڙسيءَ جا قصا ۽ مشاهدا محفوظ ٿيِ پئي سگهيا. ان لاءِ بهترين ذريعو شاعري ۽ داستان/قصا گوئي هو. شاعري ياد ڪرڻ ۾ آسان ۽ داستان/قصا ٻڌائڻ ۾ مزيدار هوندا هئا. لکن سالن کانپوءِ انسان لکت ايجاد ڪئي. ان ڪري آڳاٽي دور جي انسان قانونن، تاريخ، ابتدائي سائنس، وغيره کي شاعري ۽ داستانن/قصن ۾ محفوظ ڪيو. اڄ به جڏهن اسان رزميه شاعري پڙهون ٿا ته اسان کي قديم تاريخ جا جنگي ڪردار هلندي ڦرندي محسوس ٿين ٿا، آڳاٽي دور جا جوڌا جوان پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪندي جنگيون ۽ مقابلا ڪندي نظر اچن ٿا. اهڙن قصن، ڪهاڻين، آکاڻين ۽ شاعريءَ کي پڙهندي اسان کي ائين محسوس ٿيندو ته تاريخ جا اهي اُملُهه ڪردار هر دور ۾ مشڪل حالتن سان منهن ڏيڻ، بدحواس ڪندڙ صورتحال ۾ پنهنجا هوش حواس برقرار رکڻ، مايوس ڪن حالتن ۾ نوان رستا ڳولهڻ، تڪليفن کي برداشت ڪرڻ، ظلم ۽ ڏاڍ سان نفرت ۽ مقابلو ڪرڻ ۽ پنهنجي قوم ۽ طبقي سان محبت ڪرڻ، انهن تي فخر ڪرڻ جا سبق ڏئي رهيا آهن ته وري ٻئي طرف اهڙا قصا پڙهندڙ ن ۾ بردباري، همٿ، اميد، برداشت، ظلم سان نفرت، قوم ۽ طبقي سان محبت ڪرڻ جا جذبا بيدار ڪن ٿا. اڄوڪي دور جي مناسبت سان ٿوري ۾ گهڻو اهو چئي سگهون ٿا ته توڙي جو اڄ جو انسان اڀ کان آڳاهون وڃڻ جو سنڀارون پيو ڪري، پرهن دور ۾ به ڪهاڻي جي اهميت برقرار آهي...
سجاد گهلو سان منهنجي محبت ۽ انسيت جا ڌاڳا ڏاڍا گهرا ۽ پيچيدهه جڙيل آهن ۽ سجاد گهلو سان منهنجي دوستيءَ جي عمر لڳ ڀڳ ٻاويهه سال آهي. اسان جي پهرين ملاقات عوامي تحريڪ ۾ هجڻ ڪري، سنڌ يونيورسٽي جي داخلا جي پهرين سال ۾ ٿي. ان وقت پاڻ عوامي تحريڪ جي ٻارن جي محاذ سجاڳ ٻار تحريڪ جا مرڪزي صدر هئا ۽ سوشل ورڪ شعبي ۾ پهرين سال جا شاگرد هئا ۽ آئون فسلفي جي شعبي ۾ پهرين سال جو شاگرد هئس.سجاد سان ملاقاتن جو سلسلو جيئن جڙيو ته ڪڏهن به نه ٽُٽو. سجاد ۽ ٻين دوستن سان گڏ يونيورسٽي جي پڙهائي وارن سالن دوران ڪيترين ئي مشڪل صورتحالن جو مقابلو ڪيوسين ۽ هميشه گڏ رهياسين ۽ ان چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته اسان زندگي ۽ موت جي ٻواٽي تي به گڏ مڙس ماڻهن وانگر اڏول ٿي بيٺاسين. ڪڏهن ڪڏهن ته صورتحال اهڙي هوندي هئي، جو اڄ بچياسين ته ڄڻ نوان ڄاياسين. هر مشڪل صورتحال ۾ به زندگي جهڙي مرڪ چپن تي قائم رکندي پنهنجي موقف تي ڄميل رهياسين. حالتون چاهي ڪيڏيون به خطرناڪ ڇو نه هجن پر اسان خوف جي ان هر صورتحال ۾ ڪڏهن به ايئن محسوس ڪرڻ يا ڪرائڻ نه ڏنو ته اسين ڪي ڊنل به آهيون. اسان جي تربيت ئي اهڙي ٿيل هئي. سجاد گهلو ۽ ٻين دوستن سان اهڙين حالتن ۾ گهاريل سمورا پل منهنجي زندگي جا سونهري پل آهن، جن تي هميشه فخر رهيو آهي...
مون سجاد گهلو جو ڪتاب جڏهن پڙهڻ لاءِ کوليو ته عنوان تي نظر پئي، عنوان هو “نيرولي”. سوچيم، عنوان ته منفرد رکيو اٿائين ۽ نيرولي جو ڪم آهي رنگ ڀرڻ. ڏسون ته سجاد پنهنجين ڪهاڻين ۾ ڪهڙا رنگ ڀريا آهن. پر جي ڪهاڻين ۾ رنگ نظر نه آيا ته عنوان سان انصاف نه ٿيندو. مون ڪتاب کي پڙهڻ شروع ڪيو، سڀ کان پهرين سندس لکيل ڪهاڻين جا سمورا موضوع مون کي تجس ڏياريندڙ محسوس ٿيا، جن مان نه صرف سماج جي مختلف مسئلن جي نشاندهي جي خوشبو پئي آئي پر ان سان گڏوگڏ جڏهن هڪ هڪ ڪري سندس لکيل ڪهاڻيون پڙهي پوريون ڪيم ته ان نتيجي تي پهتم ته سجاد سچ پچ به ڪمال انداز سان نه صرف سنڌ جي سماجي، معاشي ۽ سياسي مسئلن جي چير ڦاڙ ڪئي آهي پر پنهنجين ڪهاڻين اندر انهن مسئلن جي حل لاءِ زوارائتا ۽ ڪارائتا حل پڻ تجويز ڪري ٿو جيڪي پڙهندڙن جي دلين تي نه صرف اثرانداز ٿين ٿا پر انهن جي من ۾ عملي انسان ٿيڻ جا اتساهه پڻ پيدا ڪن ٿا. سجاد وٽ لکڻ جي اهڙي ته ڏات آهي جو هو پنهنجن ڪردارن کي ڄڻ لفظن ذريعي ڪتاب جي ڪاغذن ۾ جيئرو ڪري اسان جي آڏو ڪنهن فلم وانگر هلائي ٿو ۽ هر ڪهاڻيءَ اندر ايڏو تجسس سمايل آهي جو ان کي انجام تائين پهچائڻ کان اڳ دل ۽ دماغ ان ڪهاڻيءَ کي هٿ مان ڪڍڻ تي راضي ئي نه ٿو ٿئي. سجاد گهلو جي لکڻين مان ٻئي وڏي ڳالهه جيڪا مونکي محسوس ٿي سا آهي سندس سنڌ سان محبت جيڪا سندس هر ڪهاڻي جي جوڙ جڪ ۾ ڏاڍي نرالي انداز سان سمايل آهي...
هر هڪ ڪهاڻي پڙهندي اهو شدت سان محسوس ٿيو ته سجاد نه صرف هڪ سياسي ۽ سماجي ڪارڪن آهي جنهن جو چٽو عڪس سندس ڪهاڻين ۾ ملي ٿو پر ان سان گڏوگڏ سندس دل عام جي درد سان پڻ ڀريل آهي. سندس ڪهاڻين جو محور سنڌ آهي، ڪٿي “هڪڙي هولي اهڙي به آئي هئي” جهڙي ڪهاڻيءَ ۾ لڏپلاڻ جي درد جهڙي تلخ احساس جو اظهار پنهنجي ڪهاڻي ۾ ڪري ٿو ته ڪٿي “اٺٽيهه ڳنڍيون - راکو –خانو چچڙ – ٿــُڪَ ۽ رابيل” جهڙين ڪهاڻين جي صورت ۾ ٻهراڙي جي منظر نگاري ڪندي اتي موجود وڏيرن ۽ سماج جي ٻين منفي ڪردارن کي شاندار انداز سان وائکو ڪري ٿو ته ڪٿي وري لَلُو پَجُو جي ڪردار ۾ سماج جي نظرانداز ڪيل، ڌڪاريل ڪردار کي پيش ڪندي ان جو حسن بيان ڪندي ڄڻ ته ادب جو حق ادا ڪري ٿو. ڪٿي 12 مئي جو ذڪر پنهنجي ڪهاڻي ۾ “هــَل مـِـن نـَاصِــُر يَنـصـُرنـَا ” جو فلڪ شگاف نعرو هڻندي بلند ڪري ٿو ته ڪٿي وري “نيرولي” جي صورت ۾ غربت جي تصوير پنهنجي ڪهاڻي ۾ چٽي هڪ خوددار مزدور جي چهري تي مرڻ گهڙيءَ تائين مرڪ کي سجائي رکڻ جو ڪمال ڪري ٿو ته وري ڪٿي هو “مونکي توتي فخر آهي– عاشق ۽ مورڙو” جهڙين ڪهاڻين ذريعي اسانجن اعليٰ تعليمي ادارن اندر موجود انتهائي حساس مسئلن ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو. سندس ڪهاڻين جا ڪردار عوامي آهن ۽ گهڻي قدر اسان جي سماج جي غريب، ڏتڙيل ۽ بي بس انسانن جي زندگيءَ سان لاڳاپيل آهن...
سندس لکيل سمورين ڪهاڻين کي پڙهندي مون پنهنجي پاڻ کي هر ڪهاڻي ۾ گم ٿيندي محسوس ڪيو، ۽ ڪنهن به بهترين ڪهاڻي جي اها ئي نشاني هوندي آهي ته اها پڙهندڙ کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪري، ان ڪهاڻيءَ جو حصو بڻائي ڇڏي ۽ پڙهندڙ هر لمحي اهو محسوس ڪري ته اهو سڀ ڪجهه جهڙوڪر ان جي زندگيءَ سان ٿي رهيو آهي. ڪتاب جي سڀ کان پهرين ڪهاڻي “هــَل مـِـن نـَاصِــُر يَنـصـُرنـَا” لِڱَ ڪانڊاريندڙ ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻي ۾ 12 مئي 2007 جي واقعي جي اهڙي منظر ڪشي ڪئي وئي آهي، جنهن جو مثال سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ورلي ملي ٿو، ان ڏينهن ڪراچي شهر ۾ ڇا پئي ٿيو، امن امان ڪرائيندڙ ادارا ڇا ڪري رهيا هئا ۽ جيڪي واقعا ان ڏينهن ٿيا تن جي اهڙي ته تصوير چٽيل آهي، ڄڻ اهو سڀ ڪجهه اسان جي اکين آڏو ٿيندو هجي. سجاد پنهنجي ان ڪهاڻي ۾ هڪ جڳهـ تي لکي ٿو:
“ مريم جي حواسن تي وچ روڊ تي پيل لاشن ۽ موت جي ڪنڌيءَ تي بيٺل ڳڀروئن جا دُرڙِيون ھڻندڙ وجود حاوي ھئا ۽ ھوءَ سڪتي واري حالت ۾ انتھائي مضبوطيءَ سان پنھنجي ننڍي ڀاءُ کي ڀاڪر ۾ جھلي ويٺي ھئي... ھن کان ته پنھنجي ماءُ به وسري وئي ھئي جيڪا ھن جي ڪنڌ تي نيم بيھوشيءَ واري حالت ۾ ڪِنجِھي رھي ھئي. ھن جون اکيون معمول جي ابتڙ گھڻيون ئي پٽيل ھيون. پٺاڻ ھڪ دفعو ٻيھر چيس: “باجي مان اوهان سان پيو ڳالهيان، مونکي پنهنجا ٻچا پيارا آهن ۽ انهن جو مونکان سواءِ ٻيو ڪوئي ڪونهي، مهرباني ڪري اوهان منهنجي رِڪشه تان لهو...!!!”
سجاد ڪهاڻي جي هڪ موڙ تي ڪهاڻي جي مـُکُ ڪردار مريم کي تبديل ٿيندي ڏيکاري ٿو:
“ھاڻ ھوءَ اھا مريم نه آھي جيڪا گھمندي ڦرندي پنھنجي رئي جو پَلَئـُه به ھر ھر سنڀاليندي ھئي. ھن کي محسوس ٿيو ته ذميواريءَ جو احساس ڪنھن به ڪمزور ترين ماڻھوءَ کي ڪيترو نه طاقتور بڻائي سگھي ٿو...”
سجاد ساڳئي ڪهاڻيءَ ۾ ٻئي جاءِ تي امن قائم ڪندڙ ادارن جي مجرماڻي بيوسيءَ کي هيئن بيان ڪري ٿو:
ميجر چيس: “ھا ڇوڪري واقعي مصيبت ۾ ھئي پر ڇا ڪيون سخت حڪم مليل آھن ته اسان کي پبلڪ جي ڪا به مدد ناھي ڪرڻي ۽ وڏي سرڪار جي ڪارندن جي ڪنھن به ڪم ۾ مداخلت ناھي ڪرڻي. حڪومت انھن جي ئي آھي ۽ جيڪڏھن انھن جي مرضي ملڪ کي اونڌي ڪرڻ جي آ ته پوءِ اسان ڪجھه نه ٿا ڪري سگھون چاھي پوءِ اسان جي اکين آڏو ئي ڇو نه.....” ميجر جي چپن تي جملو اچي اچي رڪجي ويو...
هن ڪهاڻيءَ جو اختتام شاندار جملن تي ٿئي ٿو جنهن سان ستل ضمير به جاڳي پون ۽ سنڌ پنهنجي پيرن تي جيڪر اٿي بيهي:
شام ڌاري هڪ طرف اسلام آباد ۾ ان وقت جي جنرل پنهنجي پاليل پٺوئن جي ڪوٺايل جلسي اندر هوا ۾ هٿ لوڏي خطاب ڪندي چيو: “اوهان ڪراچي ۾ اسان جي طاقت ڏٺي.....” ته وري ٻئي طرف ڪراچيءَ جي سول اسپتال ۾ ھڪ اڌڙوٽ عمر جي ماءُ ۽ ڪپڙن ڦاٽل مريم جا لاش ايڌي جي ويڙھيل ڪفن ۾ پيل ھئا جن جي مٿان اجاڙ سنڌ جي اڄ جو معصوم لطيف لڙڪن ڀريل اکڙين سان ائين خاموش بيٺل ھو جيئن ٻرندڙ جبل خاموش ھوندا آھن...”
هن ڪتاب ۾ هڪ ٻي ڪهاڻي “راکو” آهي. هن ڪهاڻي ۾ سنڌي سماج جي عڪاسي ڪندي، وڏيري جي هاري ۽ غريب دشمن نفسيات جي بهتر انداز ۾ نشاندهي ڪئي ويئي آهي. “خانو چچڙ” ڪهاڻي جو پلاٽ ۽ نتيجو هڪ نئين انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ان ڪهاڻي جا ڪردار ماستر دين محمد، اياز ، اڪبر بلڪل نوان ۽ نرالا آهن، ان ڪهاڻي جي ڪردارن جي زندگيءَ ۾ ٿيندڙ انتهائي جذباتي حادثن جي نتيجي ۾ جيڪي رويا آهن اهي اسان جي سماج ۾ بلڪل به غير روايتي ۽ نرالا آهن. ان ڪهاڻيءَ جا مـُکُ ڪردرا انتهائي جذباتي صورتحال ۾ به هوش حواسن کان ڪم وٺندي، مسئلن کي عقلي بنيادن تي منهن ڏين ٿا ۽ پنهنجي روشن خيالي، وسيع علمي ۽ انقلابي سوچ ذريعي سنڌ جي جوانن کي جيئڻ ۽ وڙهڻ جا نوان رستا پيا ڏين. ان ڪهاڻي جو انت ڪجهـ هن طرح ٿئي ٿو:
“انسان جي زندگي ڀـَلُ ڪيترين ئي تلخ حقيقتن سان ڀريل ڇونه هجي پر سچي محبت انهن تلخ يادن کي زندگيءَ مان ايئن مٽائي ڇڏيندي آهي جيئن صُبح جو سج پنهنجيءَ جوت سان رات جي ٻـُٽَ اونداهيءَ کي.انقلابي سوچن اڪبر کي انسانيت جي عظمتن جا پيچرا ڏيکاريا هئا ۽ هن به مُومل سان پنهنجي نئين زندگيءَ جي شروعات صُبح جي ٿڌيءَ هير جي جھونڪي وانگر ڪئي جنهن ۾ زندگيءَ جهڙي ڀرپور تازگي سمايل هوندي آهي. ھن مُومل سان پنھنجي زندگيءَ جي شروعات ڪرڻ وقت کيس اکين ۾ اکيون ملائي چيو: “مُومل ھڪ ڳالھه ھميشه لاءِ سمجھي ڇڏ، ماضي ۾ جيڪو به توسان ٿيو ان ۾ تنھنجو ڪوئي به قصور نه ھو. تون منھنجي لاءِ اڄ به ائين ئي آھين جيئن ڪالھه بلڪه اڄ مونکي چوڻ ڏي ته تنھنجي مون وٽ حيثيت اڳ کان به وڌيڪ آھي ڇو ته منھنجي محبت جو بنياد ڪنھن جوشيلي يا ڀڙڪيل جذبي تي ناھي بيٺل پر اھو زندگيءَ جي اٽل حقيقتن ۽ رشتن جي سنجيدگيءَ تي بيٺل آھي...”
آخر ۾ صرف ايترو ئي چوندم ته سجاد گهلو پنهنجي ڪتاب جي ٽائيٽل “نيرولي” سان ڀرپور نباهه ڪيو آهي ۽ پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌ، سنڌي ماڻهن، ذاتي ۽ سماجي زندگي سان گڏ احساسن کي اهڙي طرح ته چٽيو آهي جو ان جا سمورا رنگ پڙهندڙن جي دماغن تي گهڻي وقت تائين پنهنجي حسناڪي قائم رکندا. پڙهندڙ ن کي هي ڪتاب ضرور پسند ايندو ۽ اهي هن ڪتاب ۾ هڪ نواڻ ۽ تازگي کي پڻ محسوس ڪندا. مون هن ڪتاب جي هر هڪ ڪهاڻي کي پڙهندي اهو شدت سان محسوس ڪيو آهي ته سجاد گهلو جيڪڏهن مسلسل لکندو رهي ته ان ۾ نه صرف هڪ ڀلوڙ ڪهاڻيڪار بلڪي هڪ شاندار ناول نگار ٿيڻ جون پڻ ڀرپور صلاحيتون موجود آهن...

راشد دائودپوٽو
12 نومبر 2017 - نصرپور

سنڌ سان منهنجي محبت جو بنياد درد آهي: سجاد گهلو

مان هڪ سائنسي سوچ رکندڙ انسان آهيان ۽ پنهنجي آس پاس موجود ماحول، حالتن، ماڻهن، ماڻهن جي مزاجن ۽ روين کي حقيقت جي عينڪ سان ائين ئي ڏسندو آهيان جيئن اهي پنهنجي اصل حالت ۽ هئيت ۾ موجود هوندا آهن ۽ انهن جا تجزيا به ٺوس سائنسي بنيادن تي ڪندو آهيان، انهيءَ ڪري مان ان ڳالهه جو تمام گهڻو خيال رکندو آهيان ته ڪنهن به شيءِ يا ڪنهن به ماڻهو جي باري ۾ پنهنجي ڪا به تڪڙي راءِ قائم نه ڪيان. اهڙي سائنسي سوچ ئي مونکي شين جي اصل هئيت کان روشناس ڪرائيندي آهي ۽ مونکي ان لائق بڻائيندي آهي جو مان پنهنجين طبعيتن ۽ مزاجن ۾ ٻاراڻي جذباتيت، هلڪڙي ۽ ڇسي پڻي کان آجو آهيان ۽ جلدبازي بجاءِ ٿڌي دماغ ۽ منطقي انداز سان زندگيءَ جي حقيقتن جو جائزو وٺي انهن کي تسليم ڪندو آهيان ۽ حالتن پٽاندڙ پنهنجي سوچ ۽ روين کي گهڙيندو آهيان. هڪ سائنسي سوچ جو مالڪ هوندي مان ان ڳالهه کان ڀلي ڀت باخبر آهيان ته ٿامس ايڊيسن هڪ هزار کان به مٿي تجربا ڪري پنهنجي اونداهي ڪمري ۾ بلب کي روشن ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ ان کان پوءِ ئي سڄي دنيا سندس ٺاهيل بلب مان روشن ٿي ۽ سندس ڪاوشن مان هميشه فائدو وٺندي رهندي. بلڪل اهڙي طرح هڪ ننڍڙي لکاري جي حيثيت ۾ مان هي ڪهاڻيون پنهنجي زندگي جي مختلف دورن ۽ حالتن ۾ لکيون آهن. مان پنهنجي پهرين ڪهاڻي “مونکي توتي فخر آهي” دادو جيل ۾ لکي ته باقي ڪهاڻيون سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رهندي ۽ ڪم ڪندي لکيون، ڪجهه ڪهاڻيون امان جي ڊائلاسس دوران راتين جو SIUT اسپتال جي ٻاهران موجود فوٽ پاٿ يا انتظار گاهه ۾ ويهي لکيون. خيالن جي وراڪن کي ذهن جي ڪئنواس تي سجائي رکڻ سان گڏ هر ڪهاڻيءَ کي شعوري ۽ لاشعوري طور سوچيندي رهڻ ڄڻ ته منهنجي ڪرت رهي آهي. ڏينهن جا ڏينهن، راتين جون راتيون ۽ ڪيترن ئي سالن ۾ مان پنهنجين سمورين لکڻين کي اڻ ڳڻيا دفعا پنهنجي ئي بي رحماڻي، تـُز، تـيز ۽ تکي تنقيدي نظر جي ڪسوٽي تي پرکيو آهي، جملا ۽ پيراگراف بار بار ورائي لکيا آهن ۽ پنهنجين لکڻين تي ڪجهه دوستن جا قيمتي رايا پڻ ورتا آهن ته جيئن منهنجون لکڻيون گهٽ ۾ گهٽ ان لائق بڻجن جو اهي رسول بخش پليجي صاحب چواڻي جهڳي باز ۽ وللي واويلائي ادب جي زمري ۾ نه اچن. ان حوالي سان منهنجي تمام گهڻي رهنمائي سائين ضياءُ شاهه ڪئي آهي، بلڪل ايئن جيئن ڪنهن ٻار جي پالنا ڪندي کيس بيرحم دنيا جي هر ٿڌي، مٺي، ڪوسي ۽ ڪـَڙي واءَ کان آگاهي ڏيڻ سان گڏوگڏ مڙس ٿي منهن ڏيڻ سيکارجي. سائين پاڻ کاٻي ڌر جي نظرياتي سوچ جو تسلسل رهيو آهي، ان کان علاوه سائين پاڻ هڪ سٺي شاعر ۽ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ سنڌ اندر سڃاتو ويندو آهي. شڪارپور جي ٿڌين ۽ گرم شامن ۽ راتين ۾ سائين ضياءُ شاهه جي تجربي، علمي وسعت ۽ عقابي تنقيدي نظر منهنجي سوچن ۽ خيالن جي ڪـَٽُ کي لاهڻ ۾ تمام گهڻو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي...
هڪ سائنسي سماجواديءَ جي حيثيت ۾ مان ان خيال جو به آهيان ته هر ڪم ۽ هر عمل جو ڪو نه ڪو ڪارج هوندو آهي ۽ مان اهو به سمجهان ٿو ته اهو ادب ئي ڪهڙو جنهن ۾ عام ماڻهوءَ جي سمجهڻ لاءِ ڪجهه نه هجي، اهو خيال ئي ڪهڙو جيڪو ذهن، ضمير ۽ غيرتن کي نه جاڳائي، اهو ساز ئي ڪهڙو جيڪو اندر کي نه جهومائي. منهنجو دماغ بار بار مونکي ان سواليه نقطي تي آڻي بيهاريندو آهي ته ڇا سنڌي ادب ۾ اڃا به اهڙن خيالن جي گنجائش هجڻ گهرجي جن کي پڙهڻ سان صرف مايوسي ۽ نااميدي جنم وٺي...!!!؟؟؟ ۽ پڙهندڙ تي اهو اثر پوي جو هو پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجي وجود کي ڪنڊائتو ڪري ڳوڙها ڳاڙي سڄي زندگي ميس ميس ڪندو رهي، رومانويت جهڙي ڇسي ۽ صرف خيال آرائيءَ جهڙي آفيمي اصطلاح ۾ ڦاسي مـُٺ تي سگريٽ ڇڪڻ کي اعليٰ عمل سمجهي، وڏا وار رکي ديوانو ۽ مستانو بڻجڻ جو ڍونگ ڪري ۽ يوٽوپيائي دنيا ۾ رهي ميڪ اپ مين/ميڪ اپ وومن بڻجي پنهنجي جادوئي، سحر انگيز ۽ پـُر اسرار شخصيت هجڻ جو رعب راڄن تي ڄمائي...!!!؟؟؟ منهنجي ذهن ۾ اهو خيال ور ور ايندو آهي ته جن حالتن مان سنڌ ۽ سنڌي سماج گذري رهيو آهي ڇا اهڙين حالتن ۾ لکجندڙ ادب جو ڪو به ڪارج نه هجڻ گهرجي...!!!؟؟؟ ڇا اسان کي صرف مسخرائپ ۽ ڇسي لفاظي وارن جملن واري ادب تي ئي گذارو ڪرڻ گهرجي يا اهڙو ادب جنهن کي پڙهڻ کانپوءِ وايون بتال ٿي وڃن ته لکندڙ لکيو ڇا آهي ۽ صفا اهڙي حالت جو لکي عيسو ته پڙهي موسو، يا وري صفا اهڙا ٻاراڻا خيال جو پڙهڻ کان پوءِ ائين ڀانئجي ڄڻ ڪن بازاري ڳالهين، خيالن ۽ جملن کي پني تي اتاري ليکڪ وڏو ڪو تـِيس مار خان وارو ڪم ڪري وڌو هجي...!!! نه ڪو خيال ۾ معيار ۽ نه ئي وري ڪردار ۾ ڪا بلندي، ڊائلاگ اهڙا جو پڙهندي لڄ ٿئي ۽ تڪنيڪي حوالي سان پلاٽ جو نه ڪو منڍ نه ڪو پڇ...!!!
گذريل ٻن اڍائي ڏهاڪن اندر سنڌ اندر پرنٽ ميڊيا کانپوءِ اليڪٽرانڪ ميڊيا به پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ اندر پڙهندڙن ۽ ڏسندڙن جي دنيا ۾ پنهنجي چڱي خاصي جڳهه والاري آهي پر اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ آن ايئر ٿيندڙ ڊارمن ۽ ٻين پروگرامن تي هر باشعور ماڻهو نه صرف آڱر اٿاري ٿو پر انهن جي معياري هجڻ تي پڻ کوڙ سارا سوال ڪري ٿو. ائين به نه آهي ته سنڌ جي زمين بـُٺ بڻجي پئي آهي ۽ سنڌ ۾ معياري ادب يا معياري لکڻ وارن جي ڪا کوٽ آهي. ادب جي مامري ۾ ۽ خاص ڪري نظم ۽ نثر ۾ سنڌ نه صرف پاڪستان پر ننڍي کنڊ ۾ پنهنجي اهميت، معيار ۽ حيثيت جو ڌاڪو ڄمائي چڪي آهي. پر هن وقت ۽ هن هلندڙ دور ۾ معياري ادب ۽ معياري لکڻين جو جهڙوڪر فقدان ۽ قحط پيدا ٿي پيو آهي. ويجهي ماضي ۾ نظم ۽ نثر (ڪهاڻيون ۽ ناول) جا جيڪي به ڪتاب مارڪيٽ مان خريد ڪيا آهن تن مان گهڻن ئي لکندڙن جي لکڻين جي معياري هجڻ جي حوالي سان مون وٽ پڻ هڪ وڏو سواليه نشان “؟” آهي. اسان وٽ ادب جي غير معياري هجڻ جا کڻي کوڙ سارا ڪارڻ هجن پر منهنجي نظر ۾ انهن مان هڪ وڏي ۾ وڏو ۽ اهم ڪارڻ اسان جو ليکڪ خود پاڻ آهي. اسان جو ليکڪ محنت ڪرڻ کان وئون وڃي ٿو، پنهنجين لکڻين تي پاڻ ئي گهربل محنت ڪرڻ کان ڪيٻائي ٿو، پنهنجين لکڻين کي تنقيد جي آويءَ ۾ پچائي راس ڪرڻ کي پنهنجي بيعزتي سمجهي ٿو ۽ اهو سمجهي ٿو ته هن جيڪو ڪجهه لکيو آهي اهو ڪمال ۽ اتم آهي ۽ ان تي ٿيندڙ جائز تنقيد به سندس سان ناسهپ جي دائري ۾ اچي ٿي ۽ ان جي تخليق ڪيل اعليٰ ادب خلاف جهڙوڪر سازش آهي...
محمد ابراهيم جويي صاحب پليجي صاحب جي ڪتاب “سندي ذات هنجن” جي مهاڳ ۾ لکيو آهي: “ٻولي قومن جو آبِ حيات آهي. انساني روح جو سدا تازو، ڀريو ڀاڳيو، پاڪ چشمو، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجو ماضي گڏ ڪن ٿا ۽ پنهنجي تمنائن جو، ڄاڻ جو، تجربي جو ۽ اڳ ويچار ۽ پروڙ جو عڪس ڏسن ٿا ۽ اهو سڄو ڪم سگهڙ، اديب ۽ شاعر ڪن ٿا...”
ان ڳالهه کان ڪوئي به انڪار نه ٿو ڪري سگهي ته سنڌي ٻوليءَ جي مهانتا ان جي تاريخ، تمدن، شاعري، نثر، لوڪ ادب ۽ لوڪ ورثي ۾ لڪل آهي. ٻوليءَ جي سگهه ايڏي آهي جو ڪڏهن ڪڏهن ان جوڪاٿو لڳائڻ به ناممڪن بڻجيو پوي ۽ سنڌي ٻولي جي يگانن ۽ سگهارن ڪهاڻيڪارن ۽ ناول نگارن: نسيم کرل، جمال ابڙو، شيخ اياز، رسول بخش پليجو م، آغا سليم، علي بابا، امر جليل، نورالهديٰ شاهه، شوڪت حسين شورو، ماڻڪ، رسول بخش درس ۽ ٻين ڪيترن ئي نثر نويثن جي شاهڪارن کي پڙهي مان به ايڪسيڊنٽلي نه پر شعوري طور تي لکڻ شروع ڪيو ، ۽ جڏهن لکڻ شروع ڪيو ته خبر پوءِ پئي ته استاد بخاريءَ بلڪل صحيح چيو آهي:

ليلا سان ڪيئي پيار او مجنون ته ڇا ٿي پيـو؟
لــفــظــن سـان رکــڻ چــاهـه ڏاڍو ڏکــيـــو آ،
مـُـردن ۾ وڌئي ساهه او عيسيٰ ته ڇا ٿي پيـو؟
لــفــظــن ۾ وجـهــڻ ســاهـه ڏاڍو ڏکــيـو آ...

رسول بخش پليجي صاحب عوامي ۽ انسان دوست ادب جي وضاحت هيئن ڪئي آهي: “اڄ جو انسانيت دوست ۽ عوام دوست مثالي ادب اهو ۽ فقط اهو ٿي سگهي ٿو جيڪو انساني سماج، انساني تاريخ ۽ اڄ جي دنيا جي مکيه ۽ بنيادي حقيقتن ۽ سچاين کي ڄاڻي، سمجهي، پروڙي، انهن جي پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ وسيلي عڪاسي، ترجماني ۽ وڪالت ڪري...”
مان اهو سمجهان ٿو ته جڏهن قومن جي مٿان ڏکيا وقت ايندا آهن، سماج جي گهڻائي سياسي، سماجي ۽ علمي بصيرت کان وانجهيل رهندي آهي ته اها ٻولي ئي هوندي آهي جيڪا سگهڙن، شاعرن ۽ اديبن جي قلم مان هڪ سگهاري طاقت بڻجي پنهنجي جمود ورتل سماج کي جهنجوڙي جاڳائيندي آهي ۽ اهڙي جذبي جو هڪڙو ٺاهوڪو مثال بخاري جي هن شعر مان پڻ ملي ٿو:
ڪـيـئــن بـه ڪـري پـــر آوازن کـــي جــاڳــايــــو،
مــاڻهـن سـان نـه تـه ڳـلـيـن سـان ئــي ڳـالهايـــو،
خـامـوشـيءَ جـي مـُـهِــر لـڳـي ڇــو مـحـفـل کـي،
نــغــمـا نـــاهــــن نــَـوحــا ئـــي پــــر ڳــارايــــو،
صـبــر مـٿـان ٿـي سـڪتـو پـئي ۽ سـڪتـو موت،
ڪـنـهـن بـه طـريـقـي سـاٿـي تـن کـي تــڙپـايــو،
تـحـريـڪون، نـه تـه تـدبـيـرون، نـه تـه تـجـويـزون،
ڪـجهــه تـه بــکـاريـن تــاريــخــن کـي کـارايــو،
شــعـلا شــعــلا شـــعــر وتــي ٿـــو ورڇــيــنــدو،
اونــــدهـــه آ اســـتــــاد بـــخـــــاري آڻــــايـــــو.

سنڌ تاريخ جي جنهن دور مان گذري رهي آهي اهو دور اسان لاءِ انتهائي سخت چٽاڀيٽي ۽ مقابلي وارو آهي، ڇو ته اسان دنيا کان تمام گهڻو پوئتي آهيون نه صرف سائنسي ۽ تڪنيڪي علم ۾ پر زرعي سماج هجڻ جي باوجود اسان زرعي ترقي ۽ زراعت سان وابسطه ٻين سمورن شعبن ۾ پڻ انتهائي پستيءَ واري حالت ۾ آهيون. سنڌ هونءَ ته سون ورني ۽ ملڪ جي ڪروڙين ماڻهن جا پيٽ سنڌ جي ڪمائيءَ مان ئي ڍاپجن پر باوجود ان جي سنڌين جي گهرن ۾ جهڙوڪر غربت ۽ بدحاليءَ جو راڪاس پيو رڙي، اسان جون زمينون ته ڀلوڙ پر فصل ڪمزور، مال مويشي ڏٻرا، ٻارن ٻچن جي جسم تي ڪپڙا ڪو نه ۽ سردي توڙي گرميءَ ۾ پيرين اگهاڙا، پنهنجن (غدارن، ويڪائو ۽ دشمنن جي ساٿارين) ۽ ڌارين طرفان هر پاسي کان هلان ۽ هڪلون سنڌ کي جهڙوڪر نپوڙي نيست ڪرڻ جي ڪم کي چهٽيون پيون آهن. اهڙي ئي ٻـُٽ اونداهيءَ وارين حالتن ۾ ڪجهه ته ڪرڻو پوندو ۽ اهڙي عظيم ڪم ڪرڻ جي ذميواري سنڌ جي هر باشعور فرد ۽ خاص ڪري اديب، شاعر، سگهڙ ۽ سياست سان وابسطه هر فرد تي آهي. شروعات ڪٿان به ٿئي ۽ ڪهڙي به سطح تي ٿئي ان جي ڳڻ ڪرڻ کانسواءِ شروعات ضرور ڪجي جيئن استاد بخاري سمجهائي ٿو:
ڳاءِ ته ڳايون،
ڳـائـي جـيـڪـر ڪـيـن سـگهـو ٿـا ويـهه تـه ڳـالهـايـون،
چـپـي چـپـي اونـچـي ســچ جـو ســورج چــمــڪــايــون،
سـورج چـمـڪـي جـي نـه سـگهـي ٿـو ڏيـئـا ٽـمـڪايون...

مان جنهن گهر ۽ خاندان ۾ اک کولي ان گهر ۾ نالي ماتر ته پڙهيل لکيل ماڻهو موجود هيا پر ڪا به اهڙي شخصيت نه هئي جنهن کي علم، ادب يا سياست سان ڪو شوق هجي يا سماج کي اڏڻ جي فڪر کين ڪڏهن بيچين به ڪيو هجي. اهڙي اونداهي زندگيءَ ۾ ضيائي مارشلا جي دور جي شروعات ٿي ۽ منهنجي وڏي ڀاءُ زاهد گهلو رسول بخش پليجو جي شاگرد ونگ سنڌي شاگرد تحريڪ ۾ شڪارپور ڪاليج کان سياست جي شروعات ڪئي. اسان پيار مان کيس لالا زاهد سڏيندا آهيون، هو ۽ سندس ساٿي شڪارپور ۾ ضيائي مارشلا جي ڪارندن لاءِ ڏاڍا ڏکيا ثابت ٿيا، انهن جي ويڙهه جا قصا اڄ به منهنجي ڪنن ۾ ٻــُرَن ٿا. لالا زاهد جو سياست ۾ داخل ٿيڻ ايئن هو ڄڻ اسان جي گهر جو سياست جي روپ ۾ شعور،علم، عقل ۽ ادب جي دنيا سان ناتو جڙڻ. لالا زاهد ۽ پارٽي جي ٻين دوستن جي چيچ پڪڙي ننڍڙي لاڪون سياسي گڏجاڻين ۾ شامل ٿيڻ، گيت ۽ بيت ياد ڪرڻ، تقريرون ڪرڻ، ڳوٺ ڳوٺ وڃي ٻارن سان گڏجاڻيون ڪرڻ ته منهنجو ڄڻ روز جو معمول بڻجي پيو. لالا زاهد جي محبت، پيار، سکيا، وڏ پڻي، دوستي ۽ اعتبار منهنجي شعوري سکيا کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ٻئي طرف منهنجي امڙ مهرالنساء جيڪا پڙهيل ته پنج درجا به مس هئي پر ان کي شاهه لطيف تمام گهڻو ياد هوندو هو، قصه ۽ داستان گوئي ۾ ڪمال جي مهارت حاصل هوندي هيس ۽ اسان سڀ ڀائر ۽ ڀينر هميشه ان جي هنج ۾ لطيف شناسي سان روشناس ٿيندا هئاسين، سندس آواز ايڏو مٺڙو هوندو هو جو مناجاتن کان وٺي، ڀڳت ڪنور رام، الڻ فقير ۽ جيجي زرينه جا گانا پڻ سندس سوز ڀري آواز ۾ ٻڌي، کـَنَ پـَـلَ ۾ ئي احساسن جي دنيا سان جڙي ويندا هئاسين، بلڪل احساسن جي دنيا، هڪ اهڙي دنيا جنهن ۾ ٻين جو درد پنهنجو محسوس ٿيندو هو. اهڙي پالنا مونکي منهنجي ذات جي فريم مان مڪتي ڏياري دنيا سان جڙڻ ۽ ٻين لاءِ جيئڻ سيکاريو. هن ڪتاب ۾ شامل سموريون ڪهاڻيون ۽ انهن جا ڪردار اهي ئي احساس آهن جن کي مان پــَل پــَل ڀوڳيو آهي. هڪ طرف مان پنهنجي ڪهاڻين جي انهن سمورن ڪردارن جي اڪيلائي، بيبسي، مايوسي، نااميدي، غربت، ڏک، شڪست، نفرت، ڌڪار ۽ بيوفائي جي هر هڪ لمحي جي اذيت کي نه صرف دل جي گهرائين سان محسوس ڪيو آهي پر ايئن پڻ ڀاسيندو آهيان ڄڻ اهو سڀ ڪجهه مون سان ٿيو هجي. وري ٻئي طرف پنهنجين ڪهاڻين جي ڪردارن جي آس، اميد، انتظار، سک، فتح، پيار، محبت ۽ پاڻ قربان ٿيڻ جي سمورن لمحن جي ميخن کي پنهنجي سيني ۾ کپندي محسوس ڪيو ۽ ائين ڀانيو ڄڻ انساني روين ۽ سماجي اڻبرابريءَ اسان کي مدفون ڪري ڇڏيو هجي، پر اسان به هڪ ميڪسيڪن چوڻي ثابت ٿياسين: “هنن اسان کي دفن ڪري ڇڏيو، پر کين خبر ئي ڪو نه هئي ته اسان ٻج هئاسين...”
منهنجو اهو ايمان آهي ته سنڌ سان ٿيندڙ سازشون اسان کي ۽ اسان جي قوم کي ڀل مڻين مٽيءَ هيٺ دفن ڪري ڇڏن، پر جنهن ڏينهن سنڌي قوم جاڳرتا، شعور ۽ احساسن جو ريج وٺي ٻج وانگر ڦاٽ کائي ۽ نسري نروار ٿي ته سڀ حساب ڪتاب چـُڪتو ٿيندا ۽ اهو ڏينهن پري ناهي، ڇو ته مان اکين ڏسان پيو سنڌي قوم جا جوان هڪ نئين آس ۽ آشا سان ڪـَرُ کڻي نسرن ۽ اڀرن پيا، بس کوٽ آهي ته اجتماعي رهنمائي ۽ صحيح سياست جي. اميد ڪيان ٿو ته منهنجي هيءَ ننڍڙي محنت ستل ضميرن ۽ ذهنن لاءِ هڪ چهنڊڙي ضرور ثابت ٿيندي ۽ اجتماعي سوچ ۽ شعور واري ڌارا ۾ اضافي جو سبب پڻ بڻبي ۽ استاد بخاري چواڻي ڪو ڏيئو ضرور ٽمڪندو. جي سچ پچ ائين ٿيو ته مان ائين ڀائيندم ته منهنجي پورهئي ڄڻ سڦلتا ماڻي ورتي ۽ سنڌ ڌرتيءَ جا جيڪي مون تي اڻ ڳڻيا احسان آهن تن جو تـِرَ جيترو فرض پوري ڪرڻ ۾ ڪامياب ويم...

سجاد گهلو
ڪراچي –12 آڪٽوبر 2017 

ڪهاڻيون

---

هــَل مـِـن نـَاصِــُر يَنـصـُرنـَا

12 مئي جي رات اڳ ئي سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا ھئا. ھرروڊ، چوراھو ۽ شھر جي ھر وَسـَنـوَ واري جڳهه تي ھٿياربند ٽوليون ٺاھي پھرا ڏئي رھيا ھئا. روڊن تي ڪنٽينر لڳائي، ٽرڪون ۽ ٽرالا بيھاري روڊ بلاڪ ڪيا ويا ھئا. ھوائي فائرنگ ۽ بم ڌماڪن ذريعي حراس ڦھلائي اڳ ئي پاڻمرادو ڄڻ ته اھو اعلان ڪيو ويو ھو ته جيڪڏھن ڪوئي به چِـٽـَي صبح جو روڊن تي نڪرڻ جي جرئت ڪندو ته پوءِ ان کي گولين جو بـَـکُ بڻايو ويندو ۽ سندس لاش مالڪن تائين اھڙي حالت ۾ پڄندو جو سڃاڻپ جي لائق به نه رھندو. ھڪ خوف جو راڪاس ھو جنھن ڄڻ ته پنھنجا وحشتناڪ پرڙا کولي چوڏس دھشت جي اونده پکيڙي ڇڏي ھئي. ڪراچي جنھن کي سنڌ جي دل ۽ مِني پاڪستان چيو ويندو آھي اڄ اتي هڪ جنرل طرفان ملڪ جو زوريءَ لاٿل چيف جسٽس اچڻو ھو ۽ انھيءَ جي استقباليه جلوس کي روڪڻ لاءِ حڪومتي سرپرستيءَ ۾ ھڪ دھشتگرد ٽولي ذريعي سموري ڪراچيءَ ۾ عام ماڻھن ۽ ملڪ جي ٻين سمورين سياسي ڌرين لاءِ ريڊ الرٽ ڪرايو ويو ھو سوائي ان ھٿيار بند ڌڙي جي جن جي ھٿان ڪراچي ھر دؤر ۾ لٽجندي رھي ھئي. ان ڏينھن ڪراچيءَ جو آسمان جھڙن کان وانجھيل ھو ۽ مئي جو سج آڳ الا بڻجي ڌرتيءَ کي ٽڙڪائي ڄڻ ته پنھنجي قھر ۽ حشمت جو داٻو ڄمائي رھيو ھو. ٽرالرن، بسن، ٽرڪن ۽ ٻين سوين ننڍين وڏين گاڏين جي وجود مان نڪرندڙ باهه جا شعلا ڀڙڪا ڏيئي آسمان کي ڇھي رھيا ھئا. رِڪشه وارو پٺاڻ ڊرائيور انتھائي پريشانيءَ وچان باربار پنھنجي نرڙ تان خوف وچان آيل پگھر اگھي انتھائي بيزاري ءَ وچان چپن ۾ ڀڻڪيو پئي: “ڪٿي اچي ڦاٿم، مونکي به ٻن سـَـوَن جي لالچ اچي موت جي منھن ۾ ڦاسايو...!!!”
مريم جيڪا رِڪشه جي پٺين سيٽ تي پنھنجي ڏھن سالن جي ننڍي ڀاءُ لطيف ۽ ماءُ کي خوف وچان ڀاڪر پائي ويٺي ھئي تنھن رِڪشه واري کي منٿون ڪندي چيو: “ادا توھان جي مھرباني ٿيندي بس ڪيئن به ڪري اسان کي اسپتال پھچايو نه ته منھنجي ماءُ مري ويندي...!!!“
ھن جي ڏڪندڙ آواز ۽ پريشان لھجي مان ڄڻ ته خوف ليئا پائي رھيو ھو، نه ڄاڻ ڪھڙي پل ڪٿون به ڪا آفت ملڪ الموت بڻجي سندن سامھون اچي بيهي، اھو خوف نه صرف مريم ۽ ان جي ننڍي ڀاءُ کي پر رِڪشه واري پٺاڻ کي ته تھائين وڌيڪ ھو. رِڪشه وارو ھيو به ڦڙتيلو ۽ شاھراهِ فيصل تان گھڻيون ئي رڪاوٽون پار ڪندو جڏھن بلوچ پل وٽ پھتو ته رِڪشه کي بريڪ لڳائڻ سان ئي ھن جي ته ڄڻ بت مان ئي ساهه ڇڏائجي ويو. خوف وچان ھن جو ڳلو خشڪ ٿي ويو ۽ ھو پنھنجي منھن چپن ۾ آھستي ڀڻڪيو: “اڄ نه بچيس...!!!”
سامھون روڊ تي ھڪ ڪار جي ڀرسان چئن مڙسن جا لاش پيل ھئا. ھڪڙي جي بت ۾ اڃا ڪجهه ساه ھو، ڇو ته سندس ڄنگھون ڇڙيون ھڻي رھيون ھيون. ٿورو پرڀرو ايڌيءَ جي ايمبولنس ۾ ڊرائيور جو لاش لوندڙيءَ ۾ گولي لڳڻ ڪري رَتو رَت ٿيو ڊرائيونگ سيٽ تي ٽيڪ واري حالت ۾ پيل ھو. مريم جنھن جي ماءُ کي دل جو دورو پيو ھو تنھن شھر جي اھڙين حالتن ۾ ڪيئن به ڪري اسپتال پھچڻ لاءِ وڏيءَ جاکوڙ کانپوءِ رِڪشه واري کي ٻه سئو اضافي ڏيئي راضي ڪيو ھو. ھن جڏھن ھر طرف ٽڙيل پکڙيل لاش ڏٺا ته خوف وچان پنھنجي ننڍي ڀاءُ کي کڻي ڀاڪر پاتائين ۽ ان جي اکين تي ھٿ رکي ڇڏيائين. اھڙي موت واري سانت ۾ صرف گاڏين کي لڳل باھين جي ڀڀڙن جا آواز پئي آيا. جيستائين رِڪشه وارو ھوش ۾ اچي ان جي کاٻي پاسي کان فوٽ پاٿ تي گولين سان زخمي ٿيل ھڪ ڳڀرو نوجوان انتھائي جھيڻي ۽ ڪمزور آواز ۾ رِڪشه واري کي سـَـڏُ ڪندي چيو: “ادا الله جي واسطي مونکي بچايو مان مري ويندم...!!!”
ھن جي آواز مان موت جو خوف جھلڪي رھيو ھو. مريم جيئن ئي ان ڏانھن ڏٺو ته ان جي زري گھٽ رڙ نڪري وئي...!!! ان نوجوان جو سمورو سينو رت سان ڀريل ھو ۽ ان جي ڪنڌ ۾ گولي لڳل ھئي جنھن جو سوراخ چِٽِيءَ طرح ظاھر پئي ٿيو ۽ ان جي وڏن وڏن ساھن کڻڻ سان انھيءَ سوراخ مان رت ڦوھاري جي صورت ۾ ٻاھر پئي نڪتو. رِڪشه واري خوف وچان ڏڪندڙ حالت ۾ رِڪشه اسٽارٽ ڪيو ئي مس ته ان نوجوان جي بت فٽ پاٿ تي ڦھڪو کاڌو. انھيءَ ويل مٿان بلوچ پل وٽان ڇتي فائرنگ ٿي، پٺاڻ جان بچائڻ لاءِ نرسريءَ ڏانھن رِڪشه کي تيز رفتاريءَ سان ڊوڙايو. ائين پئي لڳو ڄڻ گوليون ھاڻ انھن جي ئي تعاقب ۾ ھيون. ان وقت مريم کان به ڄڻ ته پنھنجي امڙ وسري وئي. موت جو احساس ڪيڏو نه خوفناڪ ٿيندو آھي انھيءَ جو اندازو ان وقت ان رِڪشه ۾ ويٺل ماڻھن جي جسماني ۽ ذھني ڪيفيت مان لڳائي سگھيو پئي. انھيءَ ويرم رِڪشه واري کي به اھو احساس نه رھيو ته ھو ڪيڏانھن پيو وڃي. ھو رِڪشه کي ويران ۽ سنسان گھٽين مان ڊوڙائيندو رھيو. 12 مئي جي ان ڏينھن تي ڪراچيءَ ۾ خوف جي اهڙي ته راند کيڏي وئي هئي جو شھر جي ھر گھڻ ماڙ عمارت اھڙو ڏيک پئي ڏنو ڄڻ ته انھن اوچين عمارتن ۾ ڪنھن انسان ذات جو نانءُ نشان ئي نه ھجي. جڏھن پٺاڻ رِڪشه کي بنا بريڪ ڊوڙائيندو بلوچ پل کان ڪجهه پرڀرو شاهراهِ فيصل جي کاٻي پاسي ڏانهن ويندڙ ڪن اڻڄاڻ گھٽين ۾ وڃي پھتو ته اتي ماحول سانت ۾ ڏسي ھن ھڪدم رِڪشه بيھاريو ۽ رِڪشه تان ھيٺ لھي مريم کي التجه واري انداز ۾ چيائين: “باجي مان افغانستان مان جنگي حالتن منجھان جان ڇڏائي ھت سنڌ ۾ ڏوڪڙ ڪمائڻ آيو آھيان نه ڪي گوليون کائڻ. مان توهان جي مجبوري سمجهان ٿو پر مونکي به پنهنجي جان پياري آ، توهان مهرباني ڪري منهنجي رِڪشه مان لهو...”
مريم جي حواسن تي وچ روڊ تي پيل لاشن ۽ موت جي ڪنڌيءَ تي بيٺل ڳڀروئن جا دُرڙِيون ھڻندڙ وجود حاوي ھئا ۽ ھوءَ سڪتي واري حالت ۾ انتھائي مضبوطيءَ سان پنھنجي ننڍي ڀاءُ کي ڀاڪر ۾ جھلي ويٺي ھئي. ھن کان ته پنھنجي ماءُ به وسري وئي ھئي جيڪا ھن جي ڪنڌ تي نيم بيھوشيءَ واري حالت ۾ ڪِنجِھي رھي ھئي. ھن جون اکيون معمول جي ابتڙ گھڻيون ئي پٽيل ھيون. پٺاڻ ھڪ دفعو ٻيھر چيس: “باجي مان اوهان سان پيو ڳالهيان، مونکي پنهنجا ٻچا پيارا آهن ۽ انهن جو مون کان سواءِ ٻيو ڪوئي ڪونهي، مهرباني ڪري اوهان منهنجي رِڪشه تان لهو...!!!”
مريم کي ڪائي ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي، ھڪڙي ھٿ سان ھن پنھنجي ماءُ کي ڀاڪر پاتو ۽ ٻئي ھٿ سان پنھنجي ڀاءُ کي ڇڪي سيني سان لائي ويھي رھي. پٺاڻ ته ھاڻ صفا آپي کان نڪري ويو ۽ رڙ ڪندي مريم جي ھٿ کي پڪڙي کيس جهنجوڙيندي چيائين: ”باجي مهرباني ڪيو ۽ منهنجي رِڪشه تان هيٺ لهو...”
مريم ھڪدم ڇرڪ ڀريو ۽ بغير ڪجهه سوچي سمجھي ڀاءُ کي رِڪشه تان ھيٺ لاھي پاڻ به ھيٺ لٿي ۽ پنھنجي ماءُ کي جيڪا دل ۾ درد سبب چرڻ کان به محال ھئي، تنھن کي ڀاڪر پائي ھيٺ لاٿائين. مريم پنھنجن حواسن ۾ نه ھئي ۽ ھن کي ڪجھه سمجھه ۾ نه پئي آيو. هن جو وجود هڪ روبوٽ وانگر حرڪت ڪري رهيو هو، ھن پرس مان پئسا ڪڍيا ۽ رِڪشه واري کي ڏنا. ھن کي اھا به خبر نه پئي ته ھن رِڪشه واري کي ڪيترا پئسا ڏنا. پٺاڻ مريم کان جھٽ ھڻي پئسا ورتا ۽ رِڪشه اسٽارٽ ڪري اسپيڊ سان نڪتو ھليو ويو. مريم ھڪ اڻڄاڻ علائقي ۾ وچ روڊتي پنھنجيءَ ماءُ کي ھنج ۾ سمھاريون ويٺي ھئي. سندس ڀاءُ جيڪو ڀرسان بيٺو ھو تنھن خوف وچان سندس ڪلھي تي پنھنجو ننڍڙو ڏڪندڙ ھٿ رکندي پڇيس: “ادي ھاڻ اسان ڪيڏانھن وينداسين...!!!؟؟؟”
مريم پاڻ کي سنڀاليندي آسي پاسي ڏٺو ۽ پنھنجو پاڻ کي ھوش ۾ آندائين پر خوف ھن جي سموري وجود ۾ واسو ڪري ويو ھو ۽ ھن جو وجود ان خوف وچان ڏڪي رھيو ھو. مئي جي گرم ھوائن سبب سنسان ۽ ويران روڊن تي پلاسٽڪ جون ڳوٿريون، پنا ۽ اخبارن جا ٽڪرا اڏامي ماڻھن جي پيدا ڪيل وحشتن تي ڄڻ رقص ڪري رھيا ھئا. ھن آسپاس موجود ماحول جو ٻيھر جائزو ورتو پر ماڻھن جي ان جھنگ ۾ ان ويلي ڪو رِڪشه، ٽئڪسي ۽ ٻئي سواري ته پري جي ڳالهه پر ڪو بني بشر به پري پري تائين نظر نه پئي آيو. مريم، سندس معصوم ڀاءُ ۽ دل جي دوري سبب پٽ تي بيحال پيل سندس لاچار ماءُ جي حالت انتھائي رحم جوڳي ھئي. چؤگرد موجود سمورين وڏين عمارتن جا در ۽ دريون ائين بند ھئا ڄڻ ته خدا جي وشال فلڪ ھيٺان موجود ان شھر تي ڪو راڪاس گھمي ويو ھجي. وقفي وقفي سان آسپاس موجود عمارتن تان فائرنگ جا آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيا ۽ انھيءَ فائرنگ سبب ماحول وڌيڪ خوفزده پئي ٿي ويو. ھن پنھنجو پاڻ سان ڳالھايو: “مريم اُٿُ ھوش سنڀال...”
ڄڻ ته خودڪلاميءَ جي اھڙي انداز ھن جي وجود تي جادو ڪري ڇڏيو، ھوءَ ھڪدم پٽ تان اٿي ۽ پنھنجي ڀاءُ جي ننڍڙيءَ ھنج ۾ ماءُ جو مٿو رکي ان جي اکين ۾ اکيون ملائي کيس سمجھائيندي چيائين: “ڏِسُ لطيف مان امان کي تنھنجي حوالي ٿي ڪري وڃان ۽ جيستائين مان ڪا رِڪشه يا ٽئڪسي نه وٺي اچان تيستائين تون ھتان نه چُرجان ۽ ھا امان جو ائين خيال رکجانءِ جيئن ھُوءَ رات جو توکي ھنج ۾ سمھاري لولي ڏيڻ وقت رکندي آ...”
ھن خوف وچان لطيف جي منھن کي پنھنجي ڏڪندڙ ھٿن ۾ پڪڙيو ۽ ان جي پيشانيءَ کي چمي ڏيندي چيائينس: “ٺيڪ آ لطيف مان جھٽ ۾ ٿي اچان...”
لطيف جي چھري تي ان وقت اعتماد جي ھڪ جھلڪ نظر آئي ۽ ھن پنھنجي ماءُ جي مٿي تي ھٿ رکي ڀيڻ کي دلجاءِ ڏني: “ادي مان امان کي ڇڏي ڪاڏي به نه ويندم تون وڃ ۽ جلدي ڪو رِڪشه يا ٽيڪسي وٺي آ...”
مريم روڊ جي ٻنھي پاسي ڏٺو، ھن کي پري پري تائين نه ڪو رِڪشه، نه ڪا ٽيڪسي ۽ نه ئي وري ڪا گاڏي نظر آئي، بس ھوائن ۾ بارود جي بوءِ چوڏس پکڙيل ھئي ۽ هر طرف کان وقفي وقفي سان فائرنگ ٿي رھي ھئي. ھن اکيون بند ڪري پاڻ سان ھڪ دفعو ٻيھر ڳالھايو: “مريم ھن مشڪل لمحن ۾ تون ئي پنھنجي ماءُ ۽ لطيف جو اڪيلو سھارو آھين، خدا توسان گڏ آھي سڄي زندگي امان توکي ۽ لطيف کي زندگيءَ جي ڏکيائين مان پار ڪڍيو ھاڻ تنھنجو وارو آ ھمت ڪر ۽ امان کي موت جي ڪشمڪش مان آزادي ڏياري کيس زندگيءَ جون مـُرڪون موٽائي ڏي...”
ھن پنھنجون اکيون کولي ڇڏيون ۽ محسوس ڪيو ته ھاڻ ھوءَ اھا مريم نه آھي جيڪا گھمندي ڦرندي پنھنجي رئي جو پـَـلَئـُه به ھر ھر سنڀاليندي ھئي. ھن کي محسوس ٿيو ته ذميواريءَ جو احساس اهڙين ڏکين حالتن ۾ ڪنھن به ڪمزور ماڻھوءَ کي ڪيڏو نه طاقتور بڻائي سگھي ٿو. ھن روڊ جي ٻنھي پاسي ڏٺو کيس زندگيءَ جي ڪا به چُر پُر نظر نه آئي، ھن کي ڪا خبر ڪا نه پـَـئـَـي پــَئـِي ته ھوءَ ڪٿي آھي. نيٺ ھن روڊ جي اولھندي طرف وڃڻ جو فيصلو ڪيو. ھن کي ائين پئي لڳو ڄڻ روڊ جي ٻنھي پاسن کان موجود وڏيون وڏيون عمارتون ھن تي رعب ڪنديون ھجن ۽ ھن کي ڊيڄارينديون ھجن. ھن جي کڄندڙ ھر وک ھن کي پنھنجي معصوم ڀاءُ ۽ عليل ماءُ کان ڏور پئي ڪيو. ھوءَ گھڻو اڳتي نڪري وئي پر ھن کي ڪا به گاڏي ۽ بني بشر نظر نه آيو. پريشاني ھن جي چھري تي پگھر ڦڙن جي صورت ۾ ظاھر ٿيڻ لڳي ۽ خوف سان گڏ مايوسي ھن جي اندر جي جُٽيل طاقت کي ڪمزور ڪري رھي ھئي. ھوءَ ھڪ دفعو ٻيھر بيھي رھي ۽ رئي جي پلاند سان پنھنجي پيشانيءَ تان پگھر ڦڙن کي صاف ڪيائين ۽ ھڪ دفعو ٻيھر پنھنجون اکيون بند ڪري پاڻ سان خودڪلامي ڪيائين: “مريم تنھنجي ڪمزوري تنھنجي ماءُ جي موت جو سبب بڻبي ھمت ڪر تون ھن مصيبت مان پنھنجي ماءُ ۽ ننڍي ڀاءُ کي ڇوٽڪارو ڏياري سگھين ٿي. مريم تون اھو سڀ ڪجھه ڪري سگھين ٿي ھا تون ئي ڪري سگھين ٿي...”
ھن ٻيھر پنھنجون بند اکيون کوليون ۽ ھاڻ ھن کي لڳو ته ھوءَ ڪري سگھي ٿي، ھن کي شدت سان محسوس ٿيو ته ھوءَ پنھنجي ماءُ ۽ ڀاءُ کي بچائي سگھي ٿي. ھن جي وکن کڻڻ ۾ جان پئجي وئي. ھن جي اکين جي روشني وڌي وئي ۽ ھوءَ پنھنجي آسپاس ٿيندڙ ھر چرپر کي محسوس ڪرڻ لڳي. ھوائن ۾ ڦھليل بارود جي بـُوءِ ھن کي چتاءُ ڏئي رھي ھئي ته زندگي موت جي ڪنڌيءَ تي بيٺل آ، گولين جا آواز ھن کي ٻڌائي رھيا ھئا ته بندوق جي نالي مان نڪتل گوليون ڪنھن جي به جسم ۾ پيوست ٿي پاڻ سان گڏ ان جي وجود کي به ٿڌو ڪري سگھن ٿيون. پر ٻئي طرف گذرندڙ ھر ھڪ منٽ ھن کي پنھنجي ماءُ جي ڪيفيتن ۽ حالتن جي نزاڪتن کان واقف ڪري رھيو ھو. اھو ئي سبب ھو جو ھن جي انداز ۾ موجود خطرن کان لاپرواھي ۽ سندس اعتماد ھن کي مضبوط ۽ اڏول بڻائي ڇڏيو ھو. انھيءَ ويل ھن جي ڪنن ڪنھن گاڏيءَ جي آواز کي جھٽي ورتو. ھوءَ ھڪدم انھيءَ آواز طرف ڊوڙي ۽ جڏھن گاڏي ھن جي اکين آڏو آئي ته ھن جي وجود ۾ ڄڻ ساه پئجي ويو. ھن جي سڌي نظر رينجرز جي گاڏيءَ مٿان بيٺل سپاھيءَ تي پئي جيڪو لوڊ ٿيل ايل ايم جي کي پنھنجي مضبوط ھٿن سان جھلي ھر صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ تيار بيٺو ھو. ھوءَ ڊوڙندي گاڏيءَ طرف وئي گاڏيءَ جي آڏو ويٺل رينجرز جي ميجر ڊرائيور کي گاڏي بيھارڻ جو اشارو ڪيو. گاڏي جيئن ئي مريم جي ڀرسان بيٺي ته ميجر کانئس تـُرش لھجي ۾ پڇيس: “ڪير آھين ۽ ھھڙيءَ خطرناڪ حالتن ۾ ڪيڏانھن پئي وڃين...!!!؟؟؟”
ان جو انداز مدد وارو نه پر دڙڪي ۽ داٻي وارو ھو. مريم ڳيت ڏيئي ڳلي جي خشڪيءَ کي ڪجھه قدر ختم ڪندي ميجر کي چيو: “منھنجي ماءُ کي دل جو دورو پيو آھي ۽ مان پنھنجي ننڍي ڀاءُ سان گڏ کيس اسپتال کڻائي وڃي رھي ھيس ته.....”
ھن جي ڳالھه اڌ ۾ ئي رھجي وئي ڇو ته ميجر کيس امالڪ ڇڙٻ ڏيندي چيس: “بيبي هتي موت جو راڪاس پيو راڄ ڪري ۽ تون ويٺي اسان کي پنهنجا مسئلا ٿي ٻڌائين. ڪنھن کان پناه وٺي جان بچاءِ نه ته روڊن تي گولين سان پروڻ ٿيل لاشن کان به وڌيڪ بڇڙو حشر ٿيندئي...!!!”
ميجر جي وات مان نڪتل جملي ته ڄڻ هن جي مٿان وِڄُ ڪيرائي وڌي. رينجرز جي گاڏي ڏسي مدد ملڻ جي جيڪا آس ھن جي چھري تي اڀري آئي هئي سا ھڪدم ختم ٿي وئي. وقت کيس الائي ڪھڙيءَ ڪنڌيءَ تي آڻي بيھاريو ھو جو اڄ ڪوئي به هن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. ھن جو وجود ڄڻ ساه جي لرزش کان آجو ٿي ويو، ھوءَ ڦوٽاريل اکين سان بت بڻجي ميجر کي ڏسي رھي ھئي جنهن جي منهن تي مجبوريءَ جي جهلڪ صاف نظر اچي رهي هئي پر هو ان احساس کي پنهنجي ھٿ ۾ جهليل دکندڙ سگار مان نڪرندڙ دونهين ۾ لڪائي رهيو هو. ميجر ڊرائيور کي چيو: “ھل گاڏي ڪڍ ۽ نڪر ھتان...”
ڊرائيور گاڏي ءَ کي گيئر ۾ وجھي اڳتي ڌڪيو ۽ جھيڻي آواز ۾ ميجر کي چيو: “سر متان ڇوڪري واقعي مصيبت ۾ ڦاٿل ھجي...!!!”
تنھن تي ميجر چيس: “ھا ڇوڪري واقعي مصيبت ۾ ھئي پر ڇا ڪيون سخت حڪم مليل آھن ته اسان کي پبلڪ جي ڪا به مدد ناھي ڪرڻي ۽ وڏي سرڪار جي ڪارندن جي ڪنھن به ڪم ۾ مداخلت ناھي ڪرڻي. حڪومت انھن جي ئي آھي ۽ جيڪڏھن انھن جي مرضي ملڪ کي اونڌي ڪرڻ جي آ ته پوءِ اسان ڪجھه نه ٿا ڪري سگھون چاھي پوءِ اسان جي اکين آڏو ئي ڇو نه...”
ميجر جي چپن تي جملو اچي اچي رڪجي ويو ۽ پوءِ هن افسوس سان ٿڌو شوڪارو ڀري، ندامت ڀري لهجي ۾ ڊرائيور کي چيو: “خير تون گاڏي ائين ئي ھلاءِ جيئن صبح کان ھلائي اٿي معنيٰ جھڙوڪر اکين تي پٽي. آيئي ڳالھه سمجھه ۾...”
ڊرائيور ھڪدم حڪم کي بجا آڻيندي ميجر کي چيو: “جي جناب جيئن اوھان جو حڪم...”
شام ڌاري هڪ طرف اسلام آباد ۾ ان وقت جي جنرل پنهنجي پاليل پٺوئن جي ڪوٺايل جلسي اندر هوا ۾ هٿ لوڏي خطاب ڪندي چيو: “اوهان ڪراچي ۾ اسان جي طاقت ڏٺي...” ته وري ٻئي طرف ڪراچيءَ جي سول اسپتال ۾ ھڪ اڌڙوٽ عمر جي ماءُ ۽ ڪپڙن ڦاٽل مريم جا لاش ايڌي جي ويڙھيل ڪفن ۾ پيل ھئا جن جي مٿان اجاڙ سنڌ جي اڄ جو معصوم لطيف لڙڪن ڀريل اکڙين سان ائين خاموش بيٺل ھو جيئن ٻرندڙ جبل خاموش ھوندا آھن...

آگسٽ 2007
ڪراچي

_________________________
* هــَل مـِـن نـَاصِــُر يـَنـصـُرنـَا– آهي ڪوئي مون مظلوم جي مدد ڪرڻ وارو
اهو نعرو حضرت حسين عليه السلام ميدانِ ڪربلا ۾ ان وقت لڳايو جڏهن سندن جا سمورا دوست ۽ دادلا هڪ هڪ ڪري ڪسجي ويا هئا ۽ پوءِ هو اڪيلي سر ذوالجناح تي چڙهي ميدان جنگ ۾ ڪڏيا هئا.

* ڪهاڻيءَ جو پسِ منظر
هيءَ ڪهاڻي 12 مئي 2007 تي ڪراچي جي هڪ ڏکوئيندڙ واقعي تي لکي وئي آهي. ان ڏينهن سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس افتخار حسين چوڌري وڪيلن ۽ ٻين سياسي تنظيمن طرفان آمر جنرل مشرف جي حڪومت خلاف مظاهري ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اچي رهيو هو پر جنرل پرويز مشرف کيس ڪراچي پهچڻ تي سخت نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي ڏني هئي. ان وقت جنرل مشرف جي حمايت تحت سنڌ اندر ايم ڪيو ايم کي مڪمل طور تي حڪومت جي سمورن سياسي امورن ۽ فيصلن تي دسترس حاصل هئي ۽ ٻئي طرف سنڌ اندر زوري مڙهيل تنهن وقت جي هڪ ڪٺ پتلي وزير اعليٰ ارباب غلام رحيم جي مڪمل پشت پناهي پڻ ايم ڪيو ايم کي حاصل هئي. بس پوءِ تنهن وقت جي حڪومتي سرپرستيءَ ۽ ايم ڪيو ايم جي نام نهاد اڳواڻن (اصل ۾ ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن) جي مهربانيءَ سان ڪراچيءَ ۾ رت جي هولي کيڏي وئي ۽ ان ڏينهن انتهائي ڀيانڪ بربريت جي نتيجي ۾ 52 ماڻهو روڊن تي گولين جو بـَـکُ بڻائي قتل ڪيا ويا، سوين ماڻهو سخت زخمي ڪيا ويا ۽ سوين گاڏين کي باهيون ڏنيون ويون هيون. ان ڏينهن ڪراچي قيامتِ صغريٰ جو ڏيک ڏئي رهي هئي...

اٺـٽـيـهـه ڳـنـڍيـون

يعقوب جي هوٽل تي جنوري جي سخت سياري ۾ اس جي گرماهٽ جو مزو وٺندي ۽ گرم چانهه جون چُسڪيون ڀريندي سـَٺ ورهين جي بشيري پيالو خالي ڪري پـَـٽَ تي رکيو ۽ حسبِ معمول پنهنجي ڏاڙهيءَ جي اڇن وارن کي ڪياڙي وٽان کنندي آس پاس ويٺل ڳپل ماڻهن ڏانهن ڏسندي چيو: “سائين سلام انگريز کي، هل ته سهي ڇا ته دماغ اٿن، ننڍا هئاسين ته پهريون دفعو ريل ڏٺي ۽ ان تي چڙهي اهو سوچي وات پٽجي ويندو هو ته ڪيئن نه بلا جيڏي لوهي شيءِ پٽڙين تي ٿي ڊوڙي. وري ريڊيو جو بٽڻ دٻائي ڀانت ڀانت جا گانا ٻڌي واهه جو گـَد گـَد ٿيندا هئاسين. وري جو ٽي-وي نڪتي ته آواز سان گڏ فوٽو به – واهه ڙي انگريز تنهنجا ڪمال...”
بشيرو ڪچهريءَ جو ڪوڏيو ۽ ڳالهين جو ڳــَـهـِيـر هوندو هو، هڻندو به پاڻ هو ته کڻندو به پاڻ هو. هڪ بشيرو لکن جي مـَٽ هو، سندس گفتا اهڙا توريل تڪيل جو ٻڌندڙ ويٺو دليل پچائي. سندس جند جو ڳوٺ چار ڪوهه پري هوس پر شل نه ڳوٺ لکا ڏنو پياري جي هڪڙي ئي هوٽل يعني يعقوب جي هوٽل تي اچي ويهي، سندس گفتا ٻڌڻ لاءِ جام ماڻهو جمع ٿي ويندا هئا. کيس هٿ ۾ سامسنگ جو نئون موبائيل هوس، جيڪو ڪراچي ۾ رهندڙ سندس پٽ وٺي ڏنو هيس. هن اڳ ئي موبائيل تي هلڪي آواز ۾ جلال چانڊيو جو گانو “اکيون اکين ۾ پائي ڀاڪر، دلڙي يار ڏبي آ – محبت هيئن ڪبي آ...” هلائي ڇڏيو هو. بشيري هٿ ۾ جهليل موبائيل کي لوڏائيندي پنهنجي ڪٽيل ڳالهه کي جاري ڪندي چيو: “واه ڙي انگريز واه ٻيلي سلام آ توکي، ڇا ته دماغ اٿن، هاڻ وري هي ٺاهي اٿئون موبائيل، معنيٰ هر شيءِ هن ۾. چون ٿا هن ننڍڙي شيءِ جي ڪري سڄي دنيا ننڍڙو ڳوٺ ٿي وئي آ، مطلب ته سڄي دنيا ۾ جتي توهان جي ياري باشي هجي يا واسطو وڙو هجي، ڪهڙي به وقت تي بس سائين ڇڙو ان يار جو نمبر ملايو ۽ پوءِ ويٺا ان سان قرب ڪچهريون ڪريو. پر هاڻ ته چون ٿا ته آواز سان گڏ تصوير به اچي ٿي معنيٰ روبرو ڳالهايو. واهه ڙي انگريز تنهنجا ڪمال. سائين سلام آ انهن کي، واهه واهه...”
بشيري جون ڳالهيون هليون ئي پئي ته هڪ مڙسالو اچي هوٽل تي پهتو ۽ کيس نياپو ڏيندي چيائينس: “بشيرا ڪپيچي خان توکي پنهنجي اوطاق تي ضروري صلاح مصلحت لاءِ سڏايو آ، سگهو هل تنهنجو انتظار پيو ڪري. چيائين پئي ته کنڀي کڻي اچيس...”
بشيري کيس موٽ ۾ چيس: “هائو ابا تون هل ۽ چوينس ته مان سگهو ٿو پهچان...”
بشيري وري پنهنجي رڪيل ڳالهه کي جاري رکندي چيو: “ها ته مان ڇا پئي چيو، سائين سلام انگريز کي. پر هڪڙي ڳالهه ٻي به اَٿــَوَ، انگريز کڻي ڪجهه به هجي پر اسان مسلمانن کان مٿي ناهي، ڇو ته اسان امت ته مٺڙي محمدﷺ جي آهيون نه... تنهنڪري سچ ٿا چون وڏا ته پنهنجين ماين سان محبت جام ڪيو ۽ جهجها ٻار پيدا ڪيو، ٻار وڏو ٿي ڪلمو پڙهندا ته محمد ﷺ جي امت وڌندي ۽ ثواب به جهجهو ملندو...”
بشيري ڳالهه پوري ڪندي پنهنجين ڄنگهن ۽ چيلهه تي ٻڌل ڪانڀ ڇوڙي، بوڇڻ ڇنڊي ڪلهي تي رکي ڪپيچي خان جي اوطاق ڏانهن روانو ٿيو. ڪپيچو خان بشيري جو ننڍي لاءِ جو يار هو ۽ هو جڏهن به ڪنهن مسئلي ۾ ڦاسندو هو ته هميشه بشيري جي صلاح ئي کيس پار پهچائيندي هيس. ڪپيچو خان پنهنجي ڳوٺ جي چڱن چوکن ماڻهن منجهان هڪ هو. هو نه صرف پنهنجي تـَرَ جي انتهائي شيطان ۽ لالچي ماڻهن منجهان هو پر ڏسڻ ۾ به صفا بڇڙو هو. قد جو بندرو، ڪـُٻ ائين نڪتل جيئن اٺ جو ٿــُوهـَو ۽ منهن سڄو ماتا جي سينورن سان ڀريل. بشيرو ۽ ڪپيچو خان جهڙوڪر هڪ سـَنَ جي ئي پيداوار هئا. ڪپيچو بظاهر ته پوڙهو پئي لڳو پر سندس دماغ جوانيءَ وارين ڏنگاين کان به ڏهوڻ تي ڏاڪا ٻڌي بيٺو هوس. شل نه ڪو شيطاني خيال ڪپيچي جي دماغ ۾ اچي ويهي پوءِ راڄ ويهي ڏسندا ته ڪيئن اڻ ٿيڻيون به ٿي وينديون. ڪنهن کي فـَلَڪ ئي نه پوندي ته جيڪو باهه جو ڀـَڀـَـڙ متو ۽ ان ۾ جيڪي سڙي راک ٿي ويا ان جي پٺيان چڻنگ ڪنهن جي دکايل هئي. بشيرو جيئن ئي ڪپيچي خان جي اوطاق تي پهتو ته کيس سلام ڪندي چيائينس: “خير ته آهي ڪپيچا خان صفا اصل چڙهي گهوڙي گهرايو ٿي...!!!؟؟؟”
ڪپيچو خان جيڪو اڳ ئي پنهنجي خيالن ۾ گم هو تنهن بشيري کي ڏسندي کلي کيڪاريو ۽ خير آفيت پڇڻ کانپوءِ کيس چيو: “بس ڙي بشيرا، خبر به اٿي ته ڇڙو ڇانڊ ماڻهو ڪيڏانهن وڃان...!!!؟؟؟ هوندي هئي تو واري جنتڻ ڀاڄائي ته ان کي ڏسي ٺرندو هيم، هاڻ ته يار گهر به کائڻ ٿو اچي. باقي مون واري اولاد سا ته جهڙي هن دنيا ۾ آهي تهڙي ناهي، ويا اهي دور جڏهن وڏن جو قدر هوندو هو...!!!”
بشيرو مڙڻ وارن مان ڪٿي هو ۽ هو ته ڪپيچي جي بڻ بنياد مان واقف هو، تنهن به ٽونڪ هڻندي چيس: “ڇڏ ڙي ڪپيچا خان اهي حوال وڃي انهن سان ڪر جيڪي توکي نه سڃاڻندا هجن، مان تنهنجي جڻ ٻچي کان واقف آهيان ۽ توکي ائين سڃاڻان جيئن اوڏ سڃاڻي گڏهه کي، سو تون وري مونسان ٿو اهڙيون خبرون ڪرين. ڀاڄائي مرحيات توکي ڏٺي نه وڻندي هئي، توسڄي زندگي ان ويچاريءَ کي ڏنڊن سان مارون ڏنيون ۽ آخر ۾ ويچاريءَ کي چيلهه ۾ اهڙو ڏنڊو وهائي ڪڍيئي جو هوءَ ان سـُور ۾ رڙي رڙي مري وئي. جيستائين رهيو وڏن جو قدر ڪرڻ ته جي نه مونکان ڪوئي پڇي ته دنيا ۾ پيءُ ماءُ جو وڏي ۾ وڏو نافرمان پٽ ڪير آهي ته مان تنهنجو نالو وٺندي اصل ويـرَم ئي نه ڪيان، ڇو ته تو جهڙو نافرمان ۽ منافق پٽ مان پنهنجي پوريءَ وهيءَ ۾ ناهي ڏٺو...!!!”
ڪپيچي کي بشيري جي لفظن جا ڪِلا ته ڪوپر ۾ واهه جا لڳا پر گهٽ ته هو به نه هو ۽ هن به کيس وَرَ کـُنجي ٺـَههَ پـَههَ جواب ڏنس: “تون وري ڪهڙو چڱو مڙس آهين، تنهنجن افعالن جي ڄڻ مونکي خبر ئي ناهي، مان جيڪڏهن سـَيـرُ آهيان ته تون وري منهنجي مٿان سـَوَا سـَيـرُ آن، نه تنهنجا پير سڌا نه وري افعال چڱا. خير ڇڏ هاڻ ان بحث کي جنهن ڪم لاءِ گهرايو ٿي مانءِ سو ته سڌو ڪري ڏي. خدا بخش اچي ٿو، شيشي ۾ لاٿو ٿي مانس بس ڇڙو ڳالهه اينگهائي ٿو، تنهنجو هٿڙو لڳندس ته صفا سڌو ٿي بيهندو. ٻيلي جيئن سڄي زندگي ياري نڀائيندي ڏکيءَ مان پار ڪڍيو ٿي، هاڻ به مڙسي ڪر ۽ ٻيڙو تاري ڏي...”
ڳالهه ڪندي ڪپيچي خان جو انداز بلڪل ان ڪتي وانگر هو جيڪو ڪاسائي جي دڪان سامهون بيٺي بيٺي ڀلي تازي گوشت جي ٽڪڙي کي تاڙي وات مان گـِگهـَه ڳاڙيندو آهي. بشيري مٿس چـِٿـَر ڪندي پڇيس: “اڙي نڀاڳا ڪنهن جاءِ جا هيءَ به ڪا عمر اٿئي جو شاديءَ جهڙو ڦندو ٿو ڳچيءَ وجهين...!!!؟؟؟ پاڻ کي ڏٺو ٿي قبر ۾ پير لٽڪايون ويٺو آ ته به نه ٿو مڙين...!!!”
تنهن تي ڪپيچي لڄي ٿيڻ بجاءِ منهن ۾ گهنجهه وجهندي چيس: “اڙي يار صدقو وڃان محمد ﷺ مٺڙي جي نانءَ تان ان جي سنت پيو پاڙيان، هاڻ ان تي به اعتراض...!!!”
بشيري به ٺـَهَه وراڻيس: “اڙي نڀاڳا محمد ﷺ مٺڙي جي سنت به توکي صرف اها ئي ٿي نظر اچي...!!!؟؟؟”
ڪپيچي پنهنجي منهن تي وڌيڪ شوخي آندي ۽ منهن کي ڀيڪوڙي، ڪلهن کي پاڻ ڇڏيندي، ڪاڪڙي تي زور ڏيندي وڏي خوشيءَ مان چيو: “اڙي نه بابا منهنجي چوڻ جو مطلب اهو ناهي، صدقو وڃان محمد ﷺ مٺڙي جي نانءَ تان ان جون سڀ سنتون ڀليون پر يار ٻيلي هن سنت ۾ مزو ڏاڍو آ...” ڳالهه ڪندي ڪپيچي جون واڇون ٽڙي وڃي ڪنن سان لڳيون ۽ سندس وات مان ڄڻ گـِڦَ پئي ڳڙيس...
بشيرو سندس من ۾ گهر ڪري ويٺل ڪمينائپ کان ڀلي ڀت واقف هو، تنهن وڌيڪ بحث ڪرڻ بجاءِ ڪنڌ کي هاڪار ۾ لوڏيندي ۽ مڇن کي تاءُ ڏيندي پڇيس: “ڀلا خدا بخش شيشي ۾ ڪيترو لٿو آ...؟؟؟”
ڪپيچي ٺـَههَ پـَههَ وراڻيس: “پنج ايڪڙ زمين ۽ ٻه لک روڪ تي راضپو ظاهر ڪيو اٿائين، باقي اڃان کـُلي ڪري هام نه ٿو ڀري ۽ ڳالهه مڙئي اينگهائي ٿو، شايد مٽن مائٽن ۽ سيڻن جي ڪري في الحال لنوائي ٿو. پر يار هاڻ ٻيلي مونکان جهليو نه ٿو ٿئي...”
بشيري ڪجهه ڳنڀير انداز ۾ سوچيندي چيس: “ٺيڪ آ اچڻ ڏينس ته اڄ تو وارو ڪم سڌو ٿا ڪيون. تون اصل فڪر ئي نه ڪر، بشيرو باقي ڇاجي لاءِ ويٺو آ...” بشيري جي جواب تي ڪپيچي جون واڇون اچي ڪنن سان لڳيون ۽ هو ته جهڙو ڪر گـَد گـَد ٿي ويو...
خدا بخش ڪپيچي جي اوطاق تي جيئن ئي آيو ته سندس چاپلوسيءَ ۾ کائڻ پيئڻ لاءِ گهڻو ڪجهه اچي ويو. حالي احوالي ٿيڻ کانپوءِ بشيري حسبِ عادت ڏاڙهيءَ کي ڪياڙي وٽان کنندي چيس: “ابا خدا بخش جڏهن فصل کي حد کان وڌيڪ ڀاڻ ڏبو آ ته پوءِ فصل ڀــَـلُ ڪري ويندو آ ۽ نسريل سنگ به ڀريل اَنَ سميت اچي پـَـٽِ پوندا آهن، معنيٰ هـَـڙُ ڪئي ڪمائي چـَٽُ. دنيادار ماڻهو آ، سمجهين ٿو نه ته مان ڇا ٿو چوان...؟؟؟”
بشيري خدا بخش کي ڌَڪُ وهائي ڪڍڻ کانپوءِ ڳالهه کي وري ڳنڍيندي چيو: “ابا جوانيءَ تي ڀروسو ناهي، ٽي – وي، ڪيبل ۽ موبائيل عام جام ٿي پئي آ، سو ڪنهن کي ڪٿان ۽ ڪڏهن به اچي ڪوسو واءُ لڳي تنهن جي خبر ئي نه ٿي پئي. خواهه مخواهه ماڻهو اڇي ڏاڙهيءَ ۾ پوءِ ويٺو خواريون کڻي، تنهن کان ڀلو آهي ته وقت سـِـر ڳالهه کي نبيري ڇڏجي ۽ جي ڪپيچي جهڙو سخي مڙس تو واريءَ ڇوريءَ کي ملي پيو ته پوءِ تون ته هونءَ ئي اڏجي ويندين، پر تو واري ڇوري ته پوءِ سمجهه سڄي ساري گيهه ۾...”
ڪپيچو خان بشيري جي ڪاپاري جملن جي اثر کي خدا بخش جي چهري تي ڳولهي رهيو هو ۽ لڳو پئي ته ان تي بشيري جي گفتن جو اثر ٿيو پئي. بشيري به خدا بخش جي چهري جي تاثرن کي جانچي کيس وري هڪ ٻيو جملو چيس: “اڙي خدا بخش نياڻي جوان ٿي اٿئي ان کي وهيءَ ۾ ئي پرڻائي ڇڏ. آڌي رات جو جڏهن ڪتو به ڀوڪندو آهي نه ته پوءِ ان عمر جي ڇورين کي اهو خيال ذهن ۾ ايندو آ ته هل مون تي ڀونڪڻ لاءِ ڪو ڪتو به ڪونهي...!!! ان کان اڳ جو نياڻي جي ٻار تي ڪوئي ڪتو اچي ڀونڪي، چڱو اٿئي ته پنهنجي هٿن سان ئي ڪپيچي کي پرڻائي ڏي. باقي زماني جي پرواهه ڪنهن کي آ...!!!”
بشيري جي آخري جملي خدا بخش کي ڄڻ صفا ڪـُهي ڇڏيو. خدا بخش هائو ڪر ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي بشيري کي چيو: “بشيرا چئين ته سچ ٿو، پر هڪ پاسي ڪپيچو ۽ ٻئي پاسي منهنجي سورنهن سالن جي ڌيءَ، ٻيلي دنيا ڇا چوندي...!!!؟؟؟ مان ته منهن کڻڻ جهڙو ئي نه رهندم، مٽ، مائٽ، سيڻ ته منهنجو جيئڻ ئي جنجال ڪري ڇڏيندا ۽ مونکي وري رهڻو به ته اتي ئي آهي نه...!!!”
بشيري کي خبر هئي ته خدا بخش اهڙي ڳالهه ضرور ڪندو پر هن سان دليلن ۾ پڄي به ته ڪير پڄي. بشيري چيس: “اهو ئي ته مسئلو آهي توهان جهڙن جاهلن جو، اڙي جي ٻه اکر پڙهيل هجو ها ته اها خبر هجيو ها ته اسلام ۾ عمر جي پابندي ناهي ۽ شريعت به اهو ئي ٿي سمجهائي. ٻيو ته اسلام ۾ اهو واجب قرار ڏنو ويو آ ته اولاد جيئن ئي جوان ٿئي ته پرڻائي ڇڏيو ۽ اسلام ۾ شادي لاءِ مرد عورت جي عمر جي ڪا قيد ناهي. مسلمان آهين ته مسلمان ٿي به ڏيکار ۽ محمد ﷺ جي امتي هجڻ جو ثبوت ڏي. جي منهنجي ڳالهه تي يقين نه اچئي ته پوءِ ڪنهن وڏي ملان مولويءَ کان پڪ ڪرايانءِ...!!!؟؟؟توکي ته خبر آهي نه ته بشيرو جيڪا به ڳالهه ڪندو اها سورنهن آنا سچ ڪندو آ. باقي ڳوٺ وارن جي اصل پرواهه ئي نه ڪر، ڪنهن جي مجال جو منهنجي هوندي توسان يا ڪپيچي خان سان اچي دليل پچائي. تون اصل فڪر ئي نه ڪر، حقي واجبي نڪاح ۾ ڏيندين ته پوءِ جي ڪنهن وات کوليو ته ڏند ئي ڀڃي ڇڏيندو مانس...!!! باقي لوڪن ۽ موڪن جو منهن ڪير بند ڪندو، جيڪي بڪواس ڪن ٿا ڪرڻ ڏين، سامهون ٿيا ته پڄي پونداسين...”
خدا بخش کي جو ايمان جي ڳالهه مٿي ۾ اچي لڳي ته هوش ئي ڇڏائجي ويس ۽ بشيري کي چيائين: “ابا جي اهڙي ڳالهه آهي ته پوءِ منهنجي ڪهڙي مجال جو مان مٺڙي محمد ﷺ جي شريعت کي پٺي ڏيان. بس جيڪو ڏينهن نڪاح جو رکو. مان راضي آهيان...”
تنهن تي بشيري کلندي چيس: “اتي اچ نه، اها ڪئي ٿي مڙسن واري ڳالهه...”
خدا بخش وري ڪپيچي ڏانهن ڏسندي چيو: “ڪپيچا خان باقي جيڪي قول اقرار ڪيا ٿي ٻيلي انهن جي پارت ٿي...”
تنهن تي ڪپيچي چيس: “جان وڃي پر مڙس جي زبان نه وڃي، جيڪو قول ڪيو آهي اهو پاڙڻ منهنجو ڪم ۽ هونءَ به ابا سـُکَ ته تو واري ڇوريءَ کي ئي ملندا ۽ مان پنهنجي جيئري ئي پنهنجن ٻچن کي الڳ ڪري ڇڏيو آ، سو مون وٽ جيڪو ڪجهه آهي اهو ته اڳي پوءِ آهي به تنهنجي ڌيءَ جو...”
ٻن ڏينهن اندر چئن شاهدن ۽ ملان جي موجودگيءَ ۾ خدا بخش پنهنجي جوان ڌيءَ ڪپيچي خان کي نڪاح ۾ پرڻائي ڏني ۽ بدلي ۾ ٻه لک رپيا روڪ ۽ لکت ۾ پنج ايڪڙ زمين جو کاتو پنهنجي نانءُ لکرائي ورتو. ڄائو پاري ۾ سياري جي اڌ رات ڌاري ڪپيچي خان جي گهر مان زندگيءَ جي آخري دُرڙِين سان گڏ سورنهن سالن جي معصوم ڇوڪريءَ جي نڙيءَ مان جيڪي دانهون نڪتيون سي ڪنهن به نه ٻڌيون پر عرش ضرور لرزجي ويو... رات جي انهيءَ پـَهـَر چار ڪوهَه پري بشيري جي سامسنگ موبائيل تي جلال چانڊئي جي آواز ۾ رنگ ٽون وڳي. بشيري اک کولي ڪال موصول ڪئي: “اڙي ڪپيچا خير ته آهي، رات جي هن پـَهَر فون ڪئي ٿي...!!!؟؟؟”
ٻئي طرف ڪپيچي جو آواز آيو: “اڙي يار ڇوري ڏاڍي ڇتي هئي، اصل وٺ ئي نه ڏي، ٻه ڪلاڪ ته سمجهايو مانس پر ويجهو اچڻ ڏئي ڇا. بس پوءِ ته اچي مان به ورتو مانس.....”
ڪپيچي پنهنجي ڳالهه اڌ ۾ ئي روڪي ڇڏي. تنهن تي بشيري چيس: “اڙي ته پوءِ اها ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ آڌيءَ ڌاري جاڳايو ٿي...!!!”
ٻئي پاسي ڪپيچي جو آواز آيو: “نه نه ڳالهه صرف ايتري ناهي، ڇوريءَ جو لاش منهنجي سامهون پيو آ...”
ڪپيچو وري پنهنجي ڳالهه پوري نه ڪري سگهيو. بشيري جو اها ڳالهه ٻڌي ته هڪ دم رڙ ڪندي چيائينس: “اڙي نڀاڳا چئين ڇا پيو، هوش ۾ ته آهين نه...!!!؟؟؟”
تنهن تي ڪپيچي وراڻيس: “ها مان هوش ۾ ئي آهيان. نڀاڳي الائي جي ڪٿان اچي ڳچي پئجي وئي. اڙي يار مان گهڻو ئي سمجهايومانس ته مان تنهنجو نڪاح ٻڌو مڙس آهيان. پر هوءَ چئي ته نه تون منهنجي ابي به نه پر ڏاڏي جيڏو آهين. بس پوءِ ويجهو ويو مانس ته چنبا وهائي ڪڍيائين ۽ ايڏيون ننهنڊون پاتائين جو منهنجو مـُنهن ئي ڇـِلجي پيو. مونکي به آئي ڪاوڙ جو اچي دسيومانس ۽ خوب ڏنڊا هنيامانس ۽ جيئن ئي هڪ ڪوپر ۾ لڳس ته بيهوش ٿي وئي. نڀاڳيءَ سٿڻ ۾ پوريون ساريون اٺٽيهه ڳنڍيون ٻڌيون هيون...”
ڪپيچو ڳالهه ڪندي رڪجي ويو. بشيري پڇيس: “پوءِ ڇا ٿيو...!!!؟؟؟”
ڪپيچي جو آواز آيو: “بس پوءِ مونکي جيڪو ڪرڻو سو هو ڪيو، آخر منهنجي نڪاح ٻڌي زال هئي ۽ پڻس کي پنج ايڪڙ ۽ ٻه لک روڪ به ڏنا هئا. پر يار وري جڏهن هوش آيس ته اٿڻ سان ئي منهنجي ويجهو آئي ۽ منهنجي منهن ۾ ٿــُڪَ هڻي مونکي گهروڙي ڀونڊو ڏنائين. پوءِ ڀلا تون ئي ٻڌاءِ مان جهڙو مڙس ماڻهو اڃا به خاموش رهي. وڃي وڌم رَوهي لٿل چلڪندڙ ڪهاڙيءَ ۾ هٿ ۽ ڪيومانس ڳڀا ڳڀا. بس يار هاڻ ٻيلي پارت ٿي، ڪاري ڪري ته مان ماريو مانس باقي ڳالهه کي ڳنڍ تون ڏجانءِ، باقي جيڪو تنهنجو حڪم مان سڀ ڪجهه ائين ئي ڪندم...”
چئن ڏينهن کانپوءِ سياري جي اس جي گرماهٽ جو مزو وٺندي ۽ يعقوب جي هوٽل تي گرم گرم چانهه جون چُسڪيون ڀريندي پيالو خالي ڪري بشيري پـَـٽَ تي رکيو ۽ پنهنجي ڏاڙهيءَ جي وارن کي ڪياڙي وٽان کنندي چيو: ”اڙي ابا بيغيرت جو مٿو خراب ٿيو هو، هاڻ مائي مارڻ به ڪا غيرت آ...!!! اهي دور ويا جڏهن اهڙيون اُرَههَ زورايون ڦٻي وينديون هيون، ٻارو ڀڄي ٻاري ۾ ئي پوندو هو ۽ گهر جي چلهه جو دونهو بغل واري ڀت به نه ٽپندو هو. هاڻ شل نه ڪٿي ڪنهن رَنَ جي دانهن ٿئي، الائي ڪيئن ٿي ملڪ کي ٻاٻـُورَ پئجيو وڃي ۽ الائي ڪٿان ڪٿان اهي ٽي وي وارا ڪئمرائون کڻي پڄي وڃن ٿا ۽ ڦوٽا ڪڍي سڄي دنيا کي ٿا ڏيکارين. اڙي ابا ڪپيچي کي به اچي کـُٽيءَ کنيو هو جو هن عمر ۾ ڌيءَ جيڏيءَ سان شادي ڪيائين ۽ مٿان وري ان اپيپاپ ڇوڪريءَ کي ڪهاڙين سان ڳڀا ڳڀا ڪري ڪاريءَ جو لقب ڏئي غيرت پئي ڏيکاريائين ته مان وڏو مڙس ماڻهو آهيان. هاڻ جيل ۾ ويٺي ويٺي باقي بچل زندگي چڪي پيهين ته پويس خبر...”
بشيري ڪپيچي خان طرفان ڪاري ڪري ماريل ڇوڪريءَ جي ڳڀا ڳڀا ٿيل لاش تي تبصرو ڪندي پٽ تي هڪ زوردار ٿــُڪَ ڦٽي ڪئي ۽ يعقوب جي هوٽل تي سياري جي اس جي گرماهٽ جو مزو وٺڻ لڳو...


12 آڪتوبر2015
ڪراچي

نيرولي

“بابا محرم جو مهينو ڪڏهن ايندو...؟؟؟” اٺن سالن جي اويس جي ڳالهائڻ ۾ محرم مهيني جو اوسيئڙو شدت سان جهلڪي رهيو هو...
اڌڙوٽ وهيءَ کي پڳل سندس پيءُ اِمـَن پنهنجي مُٺ جيتري ڏاڙهيءَ ۾ آڱريون وجهندي چيس: “ڇو پٽ تعزين ڏسڻ جو شوق ٿيو آ ڇا...؟؟؟”
“نه بابا محرم جو مهينو ته اسان لاءِ عيد جو مهينو هوندو آهي نه اوهان کوڙ سارا پئسا ڪمائيندا آهيو ۽ پوءِ مان کوڙ ساريون شيون وٺندو آهيان ۽ اسان گهڻا گهڻا ڏينهن بُک تي به ناهيون ويهندا...”
هن پٽ کي سمجهائيندي چيو: “نه پُٽ ائين ناهي چئبو ۽ محرم جو مهينو عيد جو مهينو ٿوروئي هوندو آ. ان مهيني ۾ ته يزيد امامن کي بي رحميءَ سان شهيد ڪيو هو تنهن ڪري پٽ اهو مهينو ڏک جو مهينو هوندو آ...”
اويس سندس ڳالهه ڪٽيندي چيو: “بابا اهو يزيد ڪير هو ۽ امام ڇا ٿيندا آهن...!!!؟؟؟”
هن پنهنجي ڀر ۾ ستل پٽ کي چمي ڏيندي چيو: “پٽ جڏهن تون وڏو ٿيندين ته هر شيءِ جي خبر پئجي ويندئي هاڻ سُمهي پـَئـهُ عَصُر جو اٿي روزو به رکڻو آ...”
هن پنھنجي پيءُ جي نصيحت کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري وري ھڪ دفعو ٻيھر معصوم لهجي ۾ سوال ڪيو: “بابا روزي ۾ بُک تي ڇو ويهبو آ...!!!؟؟؟”
هُو پنهنجي معصوم پٽ جي سوالن تي بيزار ته نه ٿيندو هو پر هُن کي خبر هئي ته سندس پٽ جي اهڙن سوالن جو ڇَيهُه هن جي اکڙين جي بندن کي ٽوڙي آيل ڳوڙهن تي ئي ٿيندو. هن کيس وري سمجهائيندي چيو: “ان ڪري پُٽ ته روزا الله سائينءَ کي ڏاڍا وڻندا آهن ۽ هو انهن روزن رکڻ جي بدلي ماڻهن کي کوڙ سارو ثواب ڏيندو آ...”
سندس پُٽ خوش ٿيندي چيس: “ها بابا پوءِ اسان ته روزانو روزا رکندا آهيون ۽ اڪثر بُک تي ويهندا آهيون ته پوءِ ڇا الله سائين اسان کي کوڙ سارا ثواب ڏيندو...!!!؟؟؟”
اِمـَن سندس اھڙين ڳالھين تي ھميشه خاموش ٿي ويندو ھو پر اويس روئڻھارڪو منھن ڪري چيس: “بابا مونکي ثواب نه کپن ماني کپي بُکَ لڳي آ...!!!”
پُٽ جي اهڙين ئي ڳالھين تي هن جي اکين مان ڳوڙها لارون ڪري وهندا هُئا. هُن جا گهر ڀاتي ٻن ڏينهن کان بُک تي هُئا ۽ ائين پئي لڳو ڄڻ هن جي گهر ۾ ٻارنهن مهينا ئي روزا رهندا هجن. هن جيئن تيئن ڪري پُٽ کي سمهاري ڇڏيو ۽ صبح جو سوير ئي روزگار تي هليو ويو. هو نيرولي هو ۽ شڪارپور جي پراڻي اَنَ منڊيءَ ڀرسان ڳوٺاڻن جي ڪپڙن کي رنگ ڏيندو هو. اَنَ منڊيءَ ۾ ونگ جي ڀرسان سرڪاري پڙين جي وچ واري خالي ٽُڪر تي کليل آسمان هيٺ هڪ وڏو پٿر جو ڪُونر، هڪ چلهو، ٽي ٽين، ٻه وڏا ديڳڙا ۽ هڪ وڏي پر نهايت ئي پراڻي ڪاٺ جي صندوق هُن جي دُڪان جي ڪُل ملڪيت هُئا. رنگ ڪرڻ جي ڪري هن جا هٿ به رڱجي ڪارا ٿي ويا هُئا. جنهن جاءِ تي هُو پنهنجا ٽين ٽپڙ رکي ڪم ڪار ڪندو هو ان جي سامهون سيٺ ڪنعيا لال جو شاندار پسارڪو دڪان به هو جيڪو لکن روپين جي مال سان سـَـٿـِيـَو پيو هوندو هو. ان کان علاوه وٽس ٻه وڏا گودام به هئا جنهن ۾ هو هرقسم جو اَنُ ذخيرو ڪري رکندو هو ۽ مارڪيٽ ۾ اَنَ جي کوٽ ٿيڻ تي ٻيڻو يا ٽيڻو ڪري وڪڻندو هو. ان کان علاوه سيٺ ڳاٽي ٽوڙ وياج تي ماڻهن جي زيورن، ملڪيتن ۽ ٻنين جو مالڪ پڻ بڻجي پيو هو ۽ اِمــَـنَ شهر ۽ ٻهراڙين جي الائي ڪيترن چڱن مڙسن کي ڳرن وياجن جي چٽين عيوض هـَـڙَ هٿان وڃائي بوڇڻ ڇنڊيندي سيٺ ڪنعيا لال جي دڪان تان ويندي ڏٺو هو. اڪثر ڪري سيٺ پـَيسـَن جون دستيون پنهنجي هٿن ۾ کڻي طنزيه انداز سان اِمـَن نيروليءَ کان پڇندو هو: “ڏي خبر نيرولي ڌنڌو ڪيئن ٿو هلي...؟؟؟”
هُو صرف موٽ ۾ مُرڪي وراڻيندو هوس: “سيٺ الله جو شڪر آ...”
۽ پوءِ سيٺ نوٽن جون دستيون ٽجوڙيءَ ۾ رکندي چوندو هوس: “هائو ڀائو مالڪ جي ڪِرپـَا مڙئي اسان تي به آهي...”
ملڪ ۾ روزگار اڻلڀ، مھانگائي چوٽ چڙھيل ۽ مٿان وري درياءَ بادشاهه جي پاڻيءَ تي بندشن سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي چهرن تان مرڪون ائين گُم ڪري ڇڏيون هيون جيئن گڏهه جي مٿي تان سڱ گم ٿي ويا هُئا. سنڌو درياءُ تار وهندو هوته سنڌ جون زمينون پنهنجيءَ ڪُکِ مان سونا سنگ ڄڻينديون هيون. پر گذريل ڪافي وقت کان جڏهن سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي ڊئم ٻڌي ۽ ڪئنال ڪڍي زبردستي ڏينهن ڏٺي ڌاڙا هنيا وياھئا، تڏهن کان سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي اهڙي ته اُڻاٺ رهڻ لڳي هئي جو ماڻهن جا ڀريا تريا فصل به سڙي پئي ويا. اِمـَن پنهنجي دُڪان ۾ پٿر واري سليب تي ويٺي مٽيءَ جي ٺاهيل چلهه ۾ سڪل ڪاٺين کي باهه جي انتظار ۾ ڏسي دل ئي دل ۾ سوچيو: “ڪاش جي ڪجهه گراهڪ اچي پون ته هن چلهه جي باهه به ٻري ۽ منهنجي ٻچن جي پيٽ جي باهه به ڪجهه هلڪي ٿئي...”
آس ۽ اوسيئڙا ڳوڙهن جي روپ ۾ هن جي اکين مان ٽمي پٽ تي ڪريا ۽ سنڌ جي اڃايل ڀونءِ به هن جي ڳوڙهن کي پنهنجي اندر ۾ جهٽ پلڪ ۾ ائين جذب ڪري ڇڏيو ڄڻ ان جي ڪـُـکِ به هن جي ٻچن جي ڪـُـکِ وانگر خالي ۽ اڃايل هجي. مٽيءَ ۾ پنهنجي ڳوڙهن کي دفن ٿيندو ڏسي هن جي ذهن ۾ وري ڪنهن خيال وراڪو ڏنو: “ڪاش جي هيل درياءَ ۾ پاڻي جهجهو اچي هاته هيءَ ڌرتي به ايڏي اڃايل نه هجي ها ۽ جهرجهنگ آباد ٿئي ها، ماڻهن جي گهرن جون گُنديون ڀرجن ها، هر ڪنهن جي چهري تي مُرڪون هجن ها، سنڌ جون سٻاجهڙيون ناريون گهونگهٽ اوڍين ها ته وري ڪي جوڌا جوان موڙون ٻڌن ها...”
هُو تصورن ۾ پنهنجي ذهن ۾ جمالا، هـُمرچا، مـَورا، ڳـِيچ ۽ سـَهرن جا لـُڀائيندڙ آواز محسوس ڪري رهيو هو. هن جي چهري تي هڪ وڻندڙ مسڪراهٽ اڀري آئي ۽ هو سوچڻ لڳو: “ ڳوٺاڻا ڪپڙن جون ڀريون ٻڌي هن وٽ کڻي اچن ھا ۽ پوءِ هو سندن پسند مطابق نيرا، ڳاڙها، هيڊا مطلب ته هرقسم جا انڊلٺي خوبصورت رنگ انهن جي ڪپڙن کي ڏئي ھا ۽ جهجها پئسا ڪمائي کلندو کلندو پنهنجي گهر موٽي ھا ۽ هن جي گهر جي چـُـلهه به هن جي دڪان جي چـُلهه وانگر ڪڏهن به وساميل نه رهي ھا...”
هن ٻن ڏينهن جي بکايل مزدور جا خوبصورت تصور ريشمي تار وانگر ان وقت ٽــُـٽـَا جڏهن سيٺ ڪنعيا لال نوڪرن کي وڏي واڪي دڪان بند ڪرڻ لاءِ هدايتون ڏئي رهيو هو. سيٺ هليو ويو ۽ هن آسمان ڏانهن ڏٺو ته سج لهڻ وارو هو ۽ سڄي ڏينهن ۾ هن وٽ ڪو به گراهڪ ڪپڙا رڱائڻ نه آيو. هن ٻه ٽي گهڙيون آسمان ڏانهن ٽِڪَ ٻڌي نهاريو ڄڻ خدا سان همڪلام هجي پوءِ ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيائين ڄڻ هن جي دهشت جي آڏو سجدو ڪندو هجي. ڪجهه دير کانپوءِ هو پٿر جي سليب تان اٿيو جنهن تي هو رڱائي کانپوءِ ڪپڙن کي سٽيندو هو. هن پنهنجو سامان ديڳڙا وغيره کڻي پٿر جي سليب جي ڀرسان پيل پراڻي ڪاٺ جي صندوق ۾ رکي ان کي تالو ڏنو ۽ پنهنجي ٽٽل وجود، ٿڪل قدمن ۽ آنڌمانڌ متل سوچن سان اهي دليل پچائيندي گھر ڏانھن موٽيو ته هو پنهنجن بکايل ٻچن کي اڄ وري ڪهڙو جواب ڏيندو...!!!
رستي ۾ هن سان سيٺ ڪنعيا لال مليو جيڪو پنهنجن ٽن نوڪرن سان گهر وڃي رهيو هو. سندس نوڪرن کي هٿن ۾ فروٽ، ڀاڄين ۽ ٻين کوڙسارين شين سان ڀريل ڳوٿريون هيون. اِمـَن جون نظرون پهريون کائڻ پيئڻ جي شين ۽ پوءِ سيٺ جي مسڪرائيندڙ چهري تي پيون. هن کي پنهنجا ٻچا ياد اچي ويا جيڪي ٻن ڏينهن جي بـُـکَ جي ڪري در ۾ اکيون اٽڪائي هن جو اوسيئڙو ڪري رهيا هُئا. پر هن جا هٿ ته خالي هُئا...!!! رستي تي هلندڙ ماڻهن منجهان ڄڻ هو پنهنجي بي جان بُت کي گهلي رهيو هو. هر ڪو روزي کولڻ جي تياريءَ ۾ لڳو پيو هو. انب، فروٽ، پڪوڙا ۽ کائڻ پيئڻ جي ٻين کوڙ سارين شين سان سٿيل ڳوٿريون کڻي هرڪو تڪڙو تڪڙو پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن وڃي رهيو هو. هن جي آڏو هن جي ڌيئرن قبريٰ، مريم، فاطمه، پُٽ اويس، ڇهن مهينن جي کير پياڪ اسد ۽ سندس زال بَکَان جو بُکن ماريل چهرو بار بار اچي رهيو هو. بُڇڙيءَ بک هن کي به ڏاڍو تنگ ڪيو هو پر هوته خودڪشي به نه پئي ڪري سگهيو ڇوته ان ايڏي وڏي عَيال جو هن هيڏيءَ ڀريءَ دنيا ۾ هن کانسواءِ ڪو ڪونه هو. هو جيئن ئي گهر ۾ گهڙيو ته اويس خوشيءَ وچان رڙيون ڪندو سندس ڄنگهن سان چنبڙي پيو ۽ جذباتي ٿي چوڻ لڳو: “بابا اچي ويو... بابا اچي ويو...”
پر جڏهن هن پنهنجي پيءُ جا هٿ خالي ڏٺا ته هن جي معصوم چهري تان خوشيءَ ۽ اميدن جا سمورا رنگ لهندڙ سج جي سوجهري وانگر گم ٿي ويا ۽ هن روئڻ واري لهجي ۾ پنهنجي پيءُ سان احتجاج ڪندي چيو: “بابا تون اڄ به هٿين خالي آيو آ ڇو...!!!؟؟؟”
هو اهڙو ڪُڇي جهڙي ڀت، اکين ۾ ڳوڙها ھيس پر چپن تي ناڪام مُرڪ آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو ۽ ان کان اڳ جو هو نـِـڙيءَ ۾ اٽڪيل اکرن کي پڙاڏن جي صورت ۾ ڪا جان ڏيئي سگهي اويس روئندي چَيُس: “تون اسان جو ڪنو بابا آن. ٻين جا بابا سڀن کي صبح جو روزو رکرائڻ وقت به ماني کارائيندا آهن ۽ شام جو روزو ڇوڙائڻ وقت به کوڙ ساري ماني کارائيندا آهن ۽ تون اسان کي صرف روزا رکرائين ٿو ماني نه ٿو کارائين ڇو...!!!؟؟؟”
اويس جي جملن تي گھر جي سمورن ڀاتين جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا ۽ سندس ماءُ بـَـکَان جيڪا معصوم اسد کي پکو هڻي رهي هئي تنهن کيس ڇڙٻ ڏيندي چيس: “اويس پيءُ سان ائين ناهي ڳالهائبو پُٽ...”
۽ پوءِ هر ڪنهن ڏٺو ته ننڍڙي اويس جو سارو وجود سڏڪن ۾ ڏڪي رهيو هو. سندس وڏيءَ ڀيڻ قبريٰ ڊڪندي اچي ڀاڪي پاتس ۽ ڪهاڻي ٻڌائڻ جي بهاني ڪمري ۾ وٺي ويس. اِمـَن پاڻ به ٽن ڏينهن کان بکيو هو ۽ پيٽ وڃي پُٺ سان لڳو هوس پر الائي ڇو ان ويلي هن کي پنهنجو وجود تمام گهڻو ڳرو محسوس ٿيڻ لڳو شايد درد هن جي بت جي وزن کي ڏهوڻو ڪري ڇڏيو هو. هو ٿاٻڙجندو اچي پنهنجي گهر واري بـَـکَان جي ڀرسان ويٺو ۽ هن جي هنج ۾ پيل نهايت ئي ڪمزور معصوم اسد کي چمي ڏيندي چيائين: “ڇو ڀلا پاڻ وارو اسد ته ڪادانهن ڪُوڪ ئي نه ٿو ڪري...!!!؟؟؟”
هن جي اکين مان بيوسيءَ جا ڳوڙها ڇلڪي پيا ۽ سندس زال به ڳوڙهن کي روڪي نه سگهيس ۽ سڏڪندي چيائينس: “منهنجي ڇاتين ۾ کير ئي ڪونهي ۽ هي به ٻن ڏينهن کان بُک تي آ پر عجب رمز آ سمجهه ۾ ئي نه ٿو اچي ته ٻن ڏينهن کان هن به ڪا دانهن ڪُوڪ ناهي ڪئي شايد هن کي به اسانجن بکن ۾ پـَـاهَه ٿيل پيٽن ۽ منهنجي سُڪل ڇاتيءَ جي خبر پئجي وئي آ جو بُک جو احساس ئي نه ٿو ڏياري. قبريٰ جا پيءُ آخر گهڻا ڏينهن بکن تي رهنداسين، تون ڀلا ڪو ٻيو بِلو ڇو نه ٿو ڪرين...!!!؟؟؟”
اِمــَن مونن ۾منهن وجهي سڏڪڻ لڳو: “ڇا ڪيان...!!! هاڻ ته ڇاتيءَ جي سُور به اهڙو اچي ورايو آ جو سـَاهُه کڻڻ به ڏکيو ٿي پيو آ مزدوري ڪرڻ کان به لاچار آهيان. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ هن مهنگائيءَ واري دور ۾ ڇا ڪيان...!!!؟؟؟ الله سائين ڪا ٻاجهه ڪري ۽ پنهنجا ڏنل ساهه کسي وٺي ته هوند هن چنڊال دنيا مان جند ئي ڇٽي پئي...!!!”
سندس گهرواريءَ وات تي هٿ رکندي چيس: “قبريٰ جا پيءُ اهڙي وائي ته واتان نه ڪڍ، توکانسواءِ هن ڀري دنيا ۾ اسانجو ڀلا ٻيو ڪير آ...!!!؟؟؟”
وري هڪ ٻئي رات درد بڻجي اِمـَن جي گهر ۾ پنهنجا پرڙا پکيڙڻ لڳي. اڄ ته اويس به ڪاوڙ ۾ هن کان منهن موڙي ڇڏيو هو ۽ هو احتجاجاً پنهنجيءَ وڏيءَ ڀيڻ سان ستو هو. هن کي عادت هئي اويس کي پنهنجي سيني تي سمهارڻ جي ۽ پنهنجي آڱرين کي ڦڻي بڻائي هن جي وارن ۾ گهمائڻ جي، پر اڄ ته اويس ھن کان ناراض ھو ۽ ھن ائين پئي ڀانيو ڄڻ سڄي ڪائنات ھن کان ناراض ھئي ڇو ته اڄ سندس پٽ کائنس جدا هو. هن کي اها ڳالهه بار بار شدت سان محسوس ٿي رهي هئي ته بڇڙيءَ بک ان جا ٻچا به ان کان پري ڪري ڇڏيا هُئا ان گهڙيءَ هو پنهنجو پاڻ کي دنيا جو سڀ کان بدنصيب پيءُ سمجهي رهيو هو...
هن جو ڪچو گهر صفا ننڍڙو هو. هڪڙو ڪمرو، ننڍو ورانڊو ۽ ٽن کٽن جيترو پڌر. بس اها هئي هن جي گهر جي ڪُل ڪائنات. وقت هوريان هوريان پنهنجا پير چوري آڌيءَ رات ۾ تبديل ٿي چُڪو هو. هن جي گهر جي ورانڊي ۾ لڳل بلب پنهنجا پويان پساهه کڻندي تمام هلڪي روشنيءَ سان رات جي اونداهيءَ سان ائين جهيڙي رهيو هو جيئن ان گهر جا ڀاتي بُک سان جهيڙي رهيا هُئا. اويس جي ناراضگيءَ اِمـَن کي اڌمئو ڪري ڇڏيو هو ۽ هو مسلسل بيقراريءَ مان پاسا بدلائي رهيو هو. هُو اويس کي ڪمري مان کڻڻ لاءِ کٽ تان اٿيو ۽ جيئن ئي ڪمري جي در وٽ پڳو ته سندس وڏي ڌيءَ قبريٰ جي سڏڪن جا آواز هن جي ڪنن تي پيا. هُو پنهنجي جوان ڌيءَ جي سڏڪن ۾ ڄڻ دردن جا نَوحا ٻڌي رهيو هو. هو در تي ئي ڀت کي ٽيڪ ڏيئي بيهي رهيو ۽ پنهنجي اندر ۾ پنهنجي بي وسيءَ تي ماتم ڪرڻ لڳو. اوچتو هن جي ڪنن تي سڏڪن ۾ گهٽيل آوازن جا پڙاڏا پيا. سندس ڌيءَ کٽ جي پائي کي مـُڪون هڻي وڏي درد ۾ سڏڪندي ڀڻڪي رهي هئي: “الله سائين ههڙي جيئڻ کان موت ڇو نه ٿو ڏئين...!!! ڇو نه ٿو اسانجا ساهه واپس وٺين...!!!؟؟؟”
هُو سرد لاش بڻجي پيو ۽ خاموشيءَ سان پاڻ کڻي اچي کٽ تي ليٽي پيو. سموري رات آسمان تي ٽنگيل ستارن سان عجيب و غريب ڳالهيون ڪندو رهيو. اڄ هن جي گهر ۾ ڪنهن کي به آرام ڪونه هو. بک جي باهه سڀني جي پيٽ ۾ اهڙو ته مـَمـَڻ مچايو هو جو ننڊ جي سٻاجهڙي ديوي به هنن جي مفلسيءَ کان ڏڪي هنن کان ڪوهين ڏور ڀڄي ويئي هئي.آسمان تي صبح جي اڇاڻ ڇائنجڻ لڳي ۽ ٽِم ٽِم ڪندڙ ستارا ائين گُم ٿيڻ لڳا ڄڻ خوف هجين ته متان سج جي روشني کين ساڙي ڀسم نه ڪري ڇڏين. اِمـَن جي اکين جي آڏو هاڻ بلڪل صاف شفاف آسمان هو، نِيرو نِيرو جنهن تي تيزيءَ سان جُون جي سج جا ڪرڻا ڪنهن ٻرندڙ بٺيءَ جهڙي تپش ڦهلائي رهيا هُئا. پر جيڪا بک جي باهه هن جي پيٽ کان ٿيندي هن جي ذهن ۽ جسم کي جلائي رهي هئي تنهن سڄي رات هن کي هڪ پل لاءِ به سمهڻ ڪو نه ڏنو هو. هن لاءِ ته هر نئون سج نوان سُور پئي کڻي آيو. گذريل ڏينهن جي ٿڪ ۽ رات جي اوجاڳي سبب هن جي اکين مان سُور جون سٽون اڀري رهيون هيون. هن سُور جي شدت کان جيئن ئي اکيون بند ڪيون ته سندس ڀريل اکين ۾ انتظار ۾ ويٺل ڳوڙها لارون ڪري وهي ڇڙيا. هو سوچي رهيو هو ته جيڪڏهن اڄوڪي ڏينهن هو پنهنجي ٻارن جي بک جو ڪو بندوبست نه ڪري سگهيو ته پوءِ يقيناً اڄوڪو ڏينهن هن جي گهر وارن لاءِ قيام جو ڏهاڙو هوندو. هن جي ذهن ۾ خيالن جي جنگ جاري ئي هئي ته سندس گهر واري بــَکَان جو سڏڪندڙ آواز هن جي ڪنن تي پيو جيڪا ننڍڙي اسد جي سيني تي پريشانيءَ وچان ڌڪ هڻي رهي هئي: “اسد... او پٽ اسد... اکيون ته کول ٻچا...!!!”
اِمـَن اکيون پٽي پنهنجي پريشان گهر واريءَ کي ڏٺو. ان به کيس ڏسندي چيو: “قبريٰ جا پيءُ پاڻ وارو اسد...!!! ڏس نه ڪجهه ڪڇي ئي نه ٿو...!!!”
هو سـَٽ ڏئي کٽ تان اٿيو ۽ گهر واريءَ جي هٿن ۾ جهليل اَبهم ۽ ٽن ڏينهن جي بکايل اسد کي پنهنجي هٿن ۾ کڻي جهنجهوڙي سڏڻ لڳو: “اسد...!!! ٻچڙا اکيون ته کول...!!!”
هن پريشان ٿي پنهنجي اشهد آڱر کڻي سندس ننڍڙين ناسن هيٺان رکي، پر زندگيءَ جي ڪابه حرارت ڪونه...!!! هن سندس ننڍڙي پيٽ تي هٿ رکيو ساڳئي نااميدي...!!! ۽ نيٺ هن پنهنجو ڪن سندس ننڍڙي سيني تي رکيو پر سندس دل جو ڌَڌَڪو به بغير ڪنهن کـرُِڙِي هڻڻ جي بند ٿي ويو هو...!!! گهر جا سڀ ڀاتي اٿيا ۽ گلن جهڙي معصوم اسد جي لاش مٿان چپ چاپ ڳوڙها ڳاڙيندا رهيا. سڀني هَانءَ ڦاڙي ۽ رڙيون ڪري روئڻ پئي گهريو پر سڏڪا ڪنهن جا به ٻاهر نه نڪتا ۽ سڀني جي سينن اندر موجود وشال قبرستان ۾ ائين مدفون ٿي ويا جيئن ڪنهن وڏي ۽ خطرناڪ زلزلي کانپوءِ زندهه انسان زمين بوس ٿي ويندا آهن...
بـَـکَان اکين مان نـِيـرَ وهائيندي معصوم ۽ بي جان بکايل اسد کي آخري دفعو وهنجاري هڪڙيءَ پراڻي چادر ۾ ويڙهي کوڙ سارا ڀاڪر پائي ۽ چميون ڏيندي پنهنجي مُڙس حوالي ڪيو. اِمـَن ڪجهه پاڙي وارن سان رَلجي پنهنجي معصوم پٽ کي سنڌ جي ڀٽاري ڀُونءِ حوالي ڪري آيو. موٽ تي هو جيئن ئي گهر وٽ پڳو ته پاڙي جون ٻه ٽي زائفون هن جي گهر مان نڪتيون، هن ڄاڻي ورتو ته سندس گهر واريءَ سان ڏک ونڊڻ آيون هونديون. انهن عورتن جي ويندي ئي هو جيئن ئي گهر ۾ گهريو ته سندس زال سان پاڙي ۾ رهندڙ ايس.ايڇ.او جاويد اڪبر جي گهر واري ويٺي هئي. هن جون ٻئي ٻانهون وڏين سونين ڪنگڻين سان ڀريل هيون، ڳچيءَ ۾ ست لڙو سونو هار ۽ ڪنن ۾ لڙڪندڙ وڏا واڏا جهومڪ سندس شان ۽ وڏائيءَ کي ظاهر ڪري رهيا هئا. هن اِمـَن کي ڏسي کيڪاريندي چيو: “چاچا اوهان جي ننڍڙي جو ٻڌي ڏاڍو ڏُک ٿيو پر ڇا ٿو ڪري سگهجي الله جي شيءِ هئي الله ڏي وئي. الله اوهان کي صبر عطا ڪندو...!!!”
هُو خاموش رهيو ۽ ڪجهه ڪين ڪڇيو. ايس.ايڇ.او جاويد اڪبر جي گهر واري اٿي ۽ پنهنجيءَ پرس مان سئو روپيه ڪڍيا ۽ اِمـَن جي گهر واريءَ کي ڏنائين ۽ موڪلائي هلي وئي. مريم، فاطمه ۽ اويس ڊُڪ پائي پئسن ڏي ڊوڙيا. پر اويس سڀن کان اڳ ڊوڙي وڃي پئسا هٿ ۾ کنيا ۽ خوشيءَ مان نچڻ لڳو ڄڻ کيس ڪو قارون جو خزانو هٿ لڳو هجيس. خوشيءَ مان ڪپڙن ۾ ئي نه پئي ماپيو ۽ ڪـُـڏَ ڏيئي واري وٽيءَ سان سڀني ڀينرن کان پڇي رهيو هو: “مريم ڇا کائيندي...؟؟؟ فاطمه ڇا کائيندي...؟؟؟ آپي قبريٰ ڇا کائيندي...؟؟؟”
گهڻن ڏينهن کانپوءِ هن جي معصوم چهري تي ايڏي وڏي خوشي ڏسي سڀني جي چهرن تي مسڪراهٽ اچي ويئي ۽ ڪنهن کي ياد ئي نه رهيو ته ڪو هن ئي گهر مان ٻه ٽي ڪلاڪ اڳ ملڪ الموت پنهنجا پرڙا پکيڙي ڇهن مهينن جي معصوم اسد جي روح کي قبض ڪري ويو هو ۽ سندس پيءُ جيڪو پڻ ان خوشيءَ ۾ شريڪ هو سو پنهنجي معصوم پٽ کي لتڙ ڏيئي دفن ڪري ڪجهه ڙيون اڳ ئي گهر موٽيو هو. واقعي بُک ڏاڍي بڇڙي بلا آ جو ماڻهن کان رشتا ئي وساريوڇڏي...!!! ان کان اڳ جو گهر جو ڪو ڀاتي انهن سئو روپين جي صحيح استعمال جو ڪو فيصلو ڪري ٻاهر کان هڪ ريڙهي واري جو آواز آيو: “سُڪل ماني، لوهه پراڻا، ٽين ڀڳل، لَيلُون جا چپل کڻي اچو...”
اِمـَن هڪدم هڪل ڪندي اويس کي سڏ ڪيو ۽ سمجهائيندي چيائينس: “وڃ ريڙهيءَ واري کان سئو روپين جي چونڊي چونڊي سٺي سُڪل ماني وٺي آ...”
اويس ڊوڙندو ٻاهر ويو ۽ ڪجهه دير کانپوءِ سُڪل مانيءَ سان ڀريل هڪ وڏي پلاسٽڪ جي ڳوٿري چنگهندو چنگهندو گھر کڻي آيو ۽ پوءِ ان ڏينهن قبريٰ سُڪل مانيءَ کي صاف ڪري پاڻيءَ ۾ ڀڄائي تئي تي سيڪيو ۽ گهر جي سڀني ڀاتين پاڻيءَ ۾ لوڻ مرچ ملائي ان سان خوب پيٽ ڀري ماني کاڌي ۽ ٻه ٽي ڏينهن اهو سلسلو ائين ئي هلندو رهيو. هاڻ ته رمضان واري عيد به ويجهو اچي وئي هئي ۽ اِمـَن جي دُڪان جي چُلهه به دُکڻ شروع ڪيو هو ۽ هو روز ڪجهه نه ڪجهه ڪمائي گهر ڏي آڻيندو هو ۽ هاڻ هُن جي گهر ۾ ڪوئي به روزا نه رکندو هو...
عيد کان هڪ ڏينهن اڳ اِمـَن سج لٿي کانپوءِ به ڪافي دير تائين ڪپڙا پئي رڱيا. اڄ هو ڏاڍو خوش هو ڇو ته هن کوڙ سارن ڳوٺاڻن جي ڪپڙن کي رنگ ڏئي جهجها پئسا ڪمايا هُئا. دُڪان بند ڪرڻ کان اڳ جڏهن هن پنهنجيءَ اَڄوڪي محنت جا پئسا ڳڻيا ته خوشيءَ ۾ ڄڻ ڪُڏيو پئي پُورا ساڍا ٻاويهه سئو. ان مان هن اڳ ۾ ئي ٻه سئو رُوپيه الله جي نالي جي خيرات جا ڪڍيا. بعد ۾ هن گهر وارن لاءِ کوڙ سارو سيڌو سامان خرد ڪيو. جنهن ۾ اٽو، چانور، گيهه، لوڻ، مرچ، ڀاڄيون، ڪجهه فروٽ، قبريٰ، فاطمه ۽ مريم لاءِ چوڙيون، چپل ۽ لاليون ۽ ڪجهه پئسا بچائي کيسي ۾ رکيائين ته جيئن اويس کي سندس پسند مطابق عيد لاءِ جوڙو ۽ بوٽ وٺي ڏئي...
هن سمورو سامان هڪ ٻاچڪي ۾ بند ڪيو ۽ ڪلهي تي کڻي گهر ڏي روانو ٿيو. عيد جي وچ ۾ هڪ ڏينهن هجڻ ڪري بازار ۾ وڏي چهل پهل ۽ رونق لڳي پئي هئي. هر ماڻهوءَ جو چهرو عيد جي خوشيءَ ۾ ٻهڪي رهيو هو. پر اِمـَن جي اندر عيد کان به وڏي خوشيءَ ۾ جهومي رهيو هو ڇو ته ڪافي ڏينهن کانپوءِ هو پنهنجي گهر وارن لاءِ ڍير ساريون خوشيون ٻاچڪي جي صورت ۾ پنهنجي ڪلهي تي کڻي گهر ڏانهن وڃي رهيو هو. اڄ گهڻن گهڻن ڏينهن کانپوءِ اِمـَن نيروليءَ جو چهرو خوشيءَ ۾ ٻهڪيو پئي ۽ ٻاچڪي جو وزن هن لاءِ ڄڻ گلن جي ٽوڪري بڻجي پيو هو. ڍڪ بازار لتاڙي، اسٽوئرٽ گنج کان ٿيندو هو جيئن ئي وڏن ڪاسائين جي پاڙي مان گذري پنهنجي گهر وڃي رهيو هو ته بجلي بند ٿي وئي، اوندهه اهڙي جو هٿ هٿ کي نه ڏسي...!!! هن جا پير ازخود بريڪ هڻي بيهي رهيا...!!! هو سنڀالي سنڀالي هلڻ لڳو...!!! هُو اڃان ٿورو اڳتي چـُريو ئي مـَسَ ته ٻن مڙسن اچي ورايُس ۽ لٺيون اڀيون ڪري ٻاچڪو کسڻ لڳس. هن جي ته ٻاچڪي منجهه جان هئي سو هن مزاحمت ڪرڻ شروع ڪئي. ڇـَڏ ڇـَڏاءَ ۾ ٻاچڪو هن جي ڪلهي تان ڪري اچي پـَٽِ پيو ۽ هو به ٻاچڪي کي ڀاڪر پائي ان جي مٿان سمهي پيو. ايتري ۾ هن مٿان لٺين جو زوردار وسڪارو ٿيڻ لڳو. هن جي مٿي جي هڏيءَ جي ڀڄڻ جو آواز آيو، رَتُ ھن جي مٿي مان ٺـِيـنـڊِيـُون ڏيئي ٻاهر نڪرڻ لڳو ۽ ٻاڄڪي جو رنگ اڇي بجاءِ ريٽو لال ٿيڻ لڳو...!!! ڪجهه ئي لمحن ۾ ھن جو بت بي جان ٿي پيو ۽ هن جي هٿ ۾ صرف پنهنجي نياڻين لاءِ خريد ڪيل چوڙيون ئي بچيون، پر اھي به ڀڳل ۽ ٽٽل حالت ۾...!!!
ٻئي ڏينهن اِمـَن نيروليءَ جي گهر ۾ سڀن گهر ڀاتين هَانءَ ڦاڙي رڙيون ۽ ماتم ڪيو ۽ ھن کي سندس ئي کيسي مان الله جي نالي جي خيرات لاءِ بچائي رکيل ٻه سئو روپين مان ڪفن ڏنو ويو. اِمـَنَ جو رت هاڻو چهرو ان وقت به انهيءَ ساڳيءَ خوشيءَ سان ٻهڪي رهيو هو جنهن خوشيءَ سان هن پنهنجي محنت واري ڪمائيءَ مان پنهنجن ٻچن لاءِ بازار مان کوڙ ساريون خوشيون خريد ڪيون هيون...


06 سيپٽمبر2006
شڪارپور

________
* نـِيـرَولـِـي - ڪپڙا رڱيندڙ
“نيرولي” لفظ “نير” مان ورتل آهي. “نير” هڪ ٻوٽو آهي جيڪو ڪنهن وقت ۾ سموري سنڌ اندر عام جام ٿيندو هو جنهن ۾ نيرا گل ٿيندا هئا جن کي سڪائي، پينهي “نير – گلي يا نيرو رنگ” حاصل ڪبو هو. اهو رنگ سنڌ مان ٻاهرين ملڪن ۾ موڪلڻ سان گڏ سنڌ اندر ان رنگ جو گهڻو استعمال اجرڪ ٺاهڻ ۽ ڪپڙن رڱڻ لاءِ پڻ ٿيندو هو. “نير” جي ٻوٽي يا “نير” جي رنگ کي انگريزي ۾ Indigo چئبو آهي ۽ عربي ۾ “نير” جي ٻوٽي کي “ازرڪ” چئبو آهي. ڪن محققن جو اهو پڻ خيال آهي ته عربي ٻولي جي لفظ “ازرڪ” جو بگاڙ “اجرڪ” آهي، جيڪو سنڌ اندر چادر جي صورت ۾ اوڍڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿو ۽ اجرڪ کي قومي ۽ عام سطح تي تمام گهڻي عزت ۽ اهميت جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو...
اڄ به هند ۽ سنڌ جي ريگستاني علائقن ۾ “رودالي” نالي قبيلا موجود آهن جيڪي گهري نيري رنگ جا ڪپڙا پائيندا آهن، اهو گهرو نيرو رنگ ڏک جي علامت آهي ۽ ان رنگ کي نير جي ٻوٽي مان ئي حاصل ڪري، ڪپڙن کي رڱيو ويندو آهي. سنڌ جي هڪ ڀلوڙ شاعر حليم باغي جو هڪ جڳ مشهور شعر آهي:

هـاءِ هـٺـيـلا هوڏي پــريــتــم،
مـنـد مـلـهـاري تون ريسارو...
تـو جـي ڳاڙهـا جـوڙا پـاتـا، نـنـگر شـهر ۾ نـــيــرو مهانگو،
سـيـنـڌ سـُڪو سِـندور او ساجن، ، چوٽيءَ جو ٿيو ملهه اڀاڳو،
هـاءِ اڃــارا سـپـنـا مـنـهـنـجـا، هـاءِ پـيـا جـو پـنـڌ اڻـانـگـو،
تنهنجون شاهد سنڌوءَ لهرون، منهنجو شاهد هي وسڪارو...

راکو

“او چاچا حاڪم سگھو اچجان سگھو...” ٿورو پرڀرو ٻيلاٽيءَ تي بيٺل صوبدار چاچي حاڪم کي ھڪل ڪندي سڏ ڪيو. سج لھي چڪو ھو ۽ آسمان تي اوندھه جي چادر مڪمل طورتي ڦھلجي چڪي ھئي...
چاچي حاڪم ڪارائي صوبدار جو آواز ٻڌو ته کٽ تي ستي ئي ڪارائي کي ورندي ڏنائين: “آيو ابا آيو...”
اوڏڪي ڀتين سان جڙيل جھوپڙيءَ مان نڪرڻ وقت ھن پاڻ سان ٽارچ ۽ ڪھاڙي ھٿ ۾ کنئي ۽ گھر جي چوڌاري ڏنل لوڙھي وٽان اچ وڃ واري جڳهه تان ڍِنگـَر ھٽائي ٻاھر نڪري آيو. ٿورو پرڀرو ٻيلاٽيءَ تي بيٺل ڪارائي صوبدار ڏي روشني ھڻي پڪ ڪندي پڇيائين: “ابا ڪارائو صوبدار آھين نه...؟؟؟”
ھن به ٺهه پهه جو اب ڏنس: “ھائو چاچا ھائو...”
جڏھن پڪ پيس ته ڪارائو آته واپس وريو ۽ پاڻ سان گڏ ھڪ کٽ ھنڌ سميت مٿي تي رکي کڻي آيو. چنڊ جا پويان ڏينھن ھئا، تنھن ڪري چئني پاسي اوندهه ئي اوندهه ھئي. کڙکٻيتن جا جھُڳٽ ھئا جيڪي چئني طرفن کان وڻن جي ٽارين وٽ ھوائن ۾ اڏامندي آسمان تي ڦھليل ستارن وانگر ٽمٽائي رھيا ھئا. رکي رکي ڪنھن نه ڪنھن ڪنڊ کان گدڙن ۽ لومڙن جي اوناڙ جا آواز پئي آيا. سياري جي آمد ھئي ۽ نومبر جو مھينو شروع ٿي چڪو ھو. ھن کٽ کڻي باھڻ جي برجستي وڻ ھيٺان رکي، جيڪو گذريل ڏھاڪو کن سالن کان ڪنھن ڳڀرو جوان وانگرٻيلاٽيءَ تي ڪر کنيو بيٺو ھو، ڄڻ ته سڄي علائقي جي رکوالي ڪندي ان تي اک رکيو ويٺو هجي. چاچي حاڪم کٽ مٿي تان لاھي ھيٺ رکي، ھنڌ کي ٺاھي رکيو ۽ ڪارائي کي ھٿ ڏئي کيس کِيڪاريندي چيائين: “ابا جي آئين، ڀلي آئين، ٻيو سڀ خير، اوھي پاھي، ڳوٺ ۽ گھر وارا سڀني ڏي خير، اوڙو پاڙو، مال متاءُ سڀ خير لڳو پيو آ نه ابا...؟؟؟”
“ھائو چاچا جاڏي ڪاڏي خير، اميد ته تو وٽ به خير ئي ھوندو...؟؟؟”
“ھائو ابا جاڏي ڪاڏي خير ڀلاڏي خبر رات جي ھن پھر پنڌ پيو آھين، خير ته آھي نه...!!!؟؟؟”
“ھائو چاچا خبر اٿي ته پاڻ حڪم جا بندا وڏيري جو حڪم ٿيندو ته پوءِ اھا به پرواهه ناھي رھندي ته پيرن ۾ جتي آھي به يا نه، باقي الله جا ڪرم ۽ ٿورا ۽ خبرون سڀ خير جون آھن...”
“ھان ابا خبرون خير جون آھن چئبو ته رب سـَـڻائي ڪئي آ نه...؟؟؟ مان ننڍڙيءَ کي چيو آ ھوءَ پاڻ واري ڀلوڙ ڪاموري ٻڪريءَ کي ڏُھي چانهه چُڪو تيار ٿي ڪري، پر جي چئين ته منٽن ۾ ماني ڳڀو به تيار ڪرائي وٺان...؟؟؟”
ڪارائي صوبدار پيرن ۾ پاتل جُتي کي پيرن جي چنبي مان آزاد ڪيو ۽ کٽ تي چڙھي وھاڻي کي ٽيڪ ڏيندي حاڪم کي چيو: “نه چاچا ماني ڳڀي جو آسرو پليل آ. ڀلا ڏي خبر چاچا جُوءِ ۾ سڀ خير لڳو پيو آ...؟؟؟”
“ھائو ابا خير ئي خير لڳو پيو آ، ڀلا ھن ڪچي جي جھنگ ۾ ڪنھن کي کُٽيءَ کنيو آجو اچي بلائن سان اُچائي...!!!”
تنهن تي ڪارائي صوبدار وراڻيس: “ڀلا توکي ته ڪا تڪليف ڪونھي نه...!!!؟؟؟”
“نه ابارب جالک ٿورا آھن شل وڏيرو ھميشه سلامت رھي سندس بادشاھيءَ جو ڪـَـکُ به ڀڃي ٻٽو نه ٿئي، باقي مان به ابا عمر گذاري آ ڪچي ۾ ۽ اگھاڙن پيرن سان لُنڊِيُون لتاڙيون آھن. تـَــرُ سچائي ڪندو ته ڦُـوھه جوانيءَ ۾ جڏھن حاڪم پير وجھندو ھو ته ڀاڳين جو مضبوط کان مضبوط ڪلي تي ٻڌل وَھٽُ به ائين ڇوڙي ايندو ھيم جيئن مکڻ مان وار ڪڍبو آ. ھا ابا وقت جو ڦيرو آ جو ھاڻ کڻي پيريءَ ۾ اھو سـَـتُ ناھي جو مھل تي ماڻھن کي پٽ تي مڻڪي ڀر دسي ڏندڻ وٺرايان پر جگر جھونو ناھي ٿيو، ھڪل سان چڱن ڀلن کي ڏندڻيون وٺرائي ڇڏيندو آ...”
“ھائو چاچا چئين سچ ٿو اسان وارا وڏا به تنھنجي ڪارنامن جون ڳالھيون مڙئي سـَرسُ ڪندا آھن. ٻيو سڀ خير، ھاڻ ڏي خبر تو واري رَکَ ڪيئن پئي ھلي...؟؟؟”
“ابا ڦٽاڪڙي ڦاڙڻ ته پري جي ڳالهه پر ڦــُٽـِـيـُـن جي ڦاٽ کائڻ کانپوءِ به ڪنھن ھاريءَ کي ٻنيءَ ۾ نه لاٿو اٿم.ڇو ته مونکي اڳ ئي وڏيري جو حڪم سُجھي ٿو. ڪڻڪ به موچاري ٿي آھي ۽ ڦاڙھن به پير ڀرڻ شروع ڪيا آھن. باقي سُوئر سي ته ابا ولر ڪري پيا گھمن...”
صوبدار مـُڇـُن کي مهٽو ڏيندي، ڏند شيڪيندي چيس: “واهه واهه ۽ ڀلا تِتِرن جون ڪھڙيون خبرون آھن...؟؟؟”
حاڪم به سندس خوشيءَ کي پروڙيندي چيس: “ابا چيم نه ته ڦٿين واري سئو جريب ٻنيءَ ۾ ڪنھن کي گھرڻ ته پري جي ڳالهه پر ٻنيءَ وٽان مـَٽـَڻ به ڪو نه ٿو ڏيان. ھا ابا چوانءِ ٿو ته تون ان وقت پاڻ ئي انصاف ڪندين جڏھن صبح ساڻ ۽ سانجھيءَ جو چاڙھاڪي وقت تترن جو ٻولڻ ٻڌندين، اصل جي ڪن کاڄي نه وڃنئي ته منھن ۾ ڀونڊو گھروڙي ڏجانءِ ۽ چئجانءِ حيف ٿي حاڪم رَاکَا صفا ڪنھن بُڻ بنياد مان ئي ناھين. مان ٿو چوان ته ھيل شڪار ٻچن کان به وڌ اھڙو رَکَ ڪري پاليو آجو وڃي ٿين ست خير...”
وڏيري جي ڪارائي صوبدار سندس ڳالھين تي واڇون ٽيڙي چيس: “ھئي ڙي چاچا حاڪم ھئي، اتي اچ نه اڄ ته صفا دل ئي خوش ڪري ڇڏيئي...”
چاچي حاڪم ھٿ ٻڌندي چيس: “صوبدار اسان ته حڪم جا غلام جيڪو پيٽ ۾ اَنَ ٽُڪُر پئي ٿو سو به ته وڏيري جي بخشيش آ، نه ته ابا پنھنجو نه ڪو اوھي نه پاھي. باقي دلجاءِ ڪر ڦاڙھو ۽ سوئر ته ڪَٽَڪَ ڪري پيو گھمي ۽ تتر به تصور کان گنج آھن اصل مان ٿو چوان ته هيل پاڻ واري وڏيري کان پويان شڪاربه وسري ويندا...”
صوبدار به کلندي چيس: “بس پوءِ ڀلا ٻيو ڇا کپي...”
جنهن تي حاڪم راکي به گڏجي کلندي چيس: “ٻيو نه ته جڏھن کان ڦٽين جو فصل موچارو ٿيو آ تڏھن کان مان به ڪھاڙي رَوھيءَ تي لائي اھڙي ته تِکِي ڪيو ٿو گھمان جو مجال آ ڪو ھاري اجازت کا نسواءِ ٻنيءَ ۾ گھڙڻ جي جرئت ڪري...”
تنهن تي صوبدار حاڪم سان تاڙو ملائيندي چيو: “بس ته پوءِ ھاڻ پـَـڪِيءَ جي ڪجهه سرس ئي پارت ٿي ڇو ته ھفتي ڏھن ڏينھن ۾ پـَـارَ وارو مرشد سائين جونگل شاهه بادشاه ۽ ڪجهه ٻين تـَـرَن جا وڏيرا ۽ ڪامورا وڏيري سان گڏ شڪارتي مھمان ٿي ايندا. سو پنھنجي طرفان سمورا انتظام مڪمل ھجن. تتر ته سئو جريب ڦٽين ۾ ٿيا ھٿيڪا باقي سوئرن ۽ ڦاڙھن جا پيرا ڪڇي انھن جا ٿاڪ ۽ لنگهه به ھٿيڪا ڪجان ۽ ان ڳالھه جو به خاص خيال رکرائجانءِ ته انھن پاسن ڏي ڪوئي ڀل ۾ به نه لڙي نه ته جي سـَاسـِـيـُن ٽاھه کاڌو ته پوءِ سمجھه ته پنھنجو پٽڪو مھمانن آڏو ڌوڙ ٿيندو ئي ٿيندو...”
حاڪم نرڙ تي گهنج وجهي اکيون ڀيڪوڙيندي صوبدار کي چيو: “ڪاراوا اصل فڪر ئي نه ڪر، وڏيري کي چئجانءِ ته منھنجي پڳ ان جي پيرن تي. باقي حاڪم رَاکَي جون ست پيڙھيون به مرشدن ۽ مھمانن جون اھڙيون ته غلاميون ڏينديون جو ويٺا يا عمر ڳائيندا رھندا...”
ايتري ۾ حاڪم کي گھران ھڪل ٿي: “بابا او بابا اچ چانهه کڻي وڃ تيار ٿي وئي آ...”
ھن به تڪڙتڪڙ ۾ جتي پيرن ۾ وجھندي ڌيءَ کي جواب ڏيندي چيو: “آيو بابا آيو...”
حاڪم جھٽ ۾ چانهه کڻي آيو. ھن ڪارائي صوبدار سان گڏ نومبر جي شروعاتي مھيني ۾ ماڪ پوندڙ ٿڌڙيءَ رات جو گرم گرم چانهه جون چُسڪيون پئي ورتيون ته ڏور ڪنهن ٻيلي جي وڻن مان لـُومڙ جي اوناڙ جو آواز آيو، چانهن جو ڍُڪ ڀريندي صوبدار حاڪم کان پڇيو: “چاچا ڀلا ڏي خبر چَاچيءَجي طبعيت ھاڻ ڪيئن آ...؟؟؟”
حاڪم چنتا واري انداز ۾ چيس: “بس ابا مون واري پوڙهيءَ کي کنگهه ۽ ڇاتيءَ جو سور ڇڏيس ئي ڪو نه ٿو اصل صفا لاچار ٿي پئي آ، الله پنهنجو رحم ڪندو...”
صوبدار وري چانهه جي چـُسڪي وٺندي پڇيس: “۽ ھيءَ ڀلا تو واري اھا ئي ڌيءَ آھي نه جنھن جي تو پـَـرُسال شادي ڪرائي ھئي...؟؟؟”
حاڪم هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڏيندي چيس: “ھائو ابا، صحيح سڃاتو اٿئي، ٻه ٽي ڏھاڙا ٿيا آھن جو وٺي آيو ٿي مانس، ھڪ ته ماڻھنس اڪيلي ۽ مٿان وري لاچار، مان به پوڙھو ماڻھو مانيءَ ڳڀي لاءِ به پريشان پئي ٿياسين تنھنڪري ڪجهه ڏينھن لاءِ وٺي آيو مانس ته جيئن ماءُ جي خبر چار به لھي ته وري گھر جي ڪم ڪار ۾ به ڀرجھلي ٿئي...”
صوبدار چانهه جو پيالو پٽ تي رکندي چيس: “چاچا الله ڀلي ڪندو پاڻ ھاڻ ھلون ٿا ھڪ ته اونداھي رات ٻيو پنڌپري ۽ وڃڻو به جھنگ لتاڙي آ. مان وري ستت ئي ٻيھر چڪر لڳائي سار سنڀال لھڻ ايندم...”
حاڪم هيٺاهين وٺندي چيس: “ابا ھڪ نه سؤ چڪراچ پر رَکَ ۽ شڪار جي معاملي ۾ اصل بي کُٽڪو ٿيءُ، چيو مانءِ نه ته ھيل وڏيري کي اھڙو شڪار لڳندو جو پويان ھڙ شڪار وسري ويندس...”
صوبدار مڇن کي مھٽو ڏئي ويندي ويندي ويندي مام ڀري انداز ۾ چيس: “ھائو چئين سچ ٿو ۽ مونکي به لڳي ٿو ته ھيلوڪي شڪار سان وڏيري کان پويان سمورا شڪار وسري ويندا...”
حاڪم رَاکَي جي نالي سان مشھورھو، گھڻا سال اڳ ھڪ ڏينھن ڌاڙي ھڻڻ دوارن ھن کي ڄنگهه ۾ ٻه گوليون لڳيون ھيون ۽ ھو منڊو ٿي پيو ھو، تڏھن کان سمورا ڌندا ڇڏي دادوءَ جي ڪچي ۾ وڏيري نوروزخان جي پنھنجن ۽ پراون جي ڦٻايل ۽ سرڪاري کاتي جي قبضي ڪيل ھزارين ايڪڙن تي مشتمل ٻنيءَ منجهه ٺھيل مختلف شڪارگاھن مان ٻن شڪارگاھن تي تتر، ڦاڙھي ۽ سوئر جي رَکَ ڪندوھو. وڏيري نوروز خان جي سنڌ کان علاوه پنجاب جي چڱن مڙسن کان وٺي، بلوچستان ۽ سرحد جي سردارن،قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن، ڪامورن، فوجي بالا آفيسرن ۽ مرشدن سان گھڻي اٿي ويٺ ھئي ۽ انھيءَ ياري باشي ۽ اٿي ويٺيءَ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ وڏيرو آئي ڏينھن ڪنھن نه ڪنھن مھمان کي شوق شڪارتي ڪچي ۾ وٺي ايندو ھو. پوءِ سندس مھمان وڏن ۽ بي انتھا خوبصورت سڱن وارا ڦاڙھا، گيڙو رنگ ڏسي مستيون ڪري پنھنجن پرن کي پٽ تي ڦھلائي رقص ڪندي ڪچي جي لٽ ھاڻي ٻنيءَ تي خوبصورت نقش چٽيندڙ تترن ۽ سنڌ جي خاص ڪاري نسل وارن سوئرن جي جسمن ۾ گولين جي گرم سيھي کي ٿڌو ڪري پنھنجي وحشي پڻي واري جبلتن کي ماٺو ڪندا ھئا...
حاڪم جوانيءَ ۾ پنھنجيءَ جُوءِ ۽ علائقي جي مشھورڌاڙيلن جي ٽولن سان گڏرھي چڪو ھو. ھن جي رت منجهه اڄ به اھا ئي ڌاڙيلن واري ڪرت گردش ڪندي ھئي. اغوا، ڦرون ۽ ڌاڙا ته ھن جو شوق ھئا ۽ پلاند، دشمنيءَ يا ڌاڙي دوران جيڪڏھن ڪو سامھون اچي وڃي ۽ انگل ڪري ته ان کي قتل ڪرڻ ته هن لاءِ ائين ھو جيئن ٻارن جو گليل کڻي جھرڪين ۽ ٻاٽيڀرن کي مارڻ. ان کان علاوه وڏيري جي حڪم تي ڪنھن جي ننگ کڻڻ ۾ به دير ڪو نه ڪندو ھو. ڪچي منجهه جنھن جاءِ تي ھو پنھنجي گھرواريءَ سان گڏرھندو ھو اتي آسپاس ٻيو ڪو به نه رھندو ھو. بس مختلف ٽڙيل پکڙيل ڳوٺ ھوندا ھئا جيڪي به ھن جي گھر کان ڳپل پنڌ تي ھئا. ٻيلن جي واڍي ڪرائي وڏيري نوروز خان ٻنيون آباد ڪرايون ھيون پر اڄ به جڏھن سنڌوءَ ۾ وچولي يا مٿاھين درجي جي ٻوڏ ايندي ھئي ته اھو سڄو علائقو به پاڻيءَ ھيٺ اچي ويندو ھو ۽ پاڻي لھي وڃڻ کان ستت پوءِ ئي ڪچي جي سرسبز ۽ سون ورني ٻنيءَ جي ڪُکِ مان طرحين طرحين جا وڻ ۽ ٻوٽا ائين ڦاٽ کائي نڪرندا ھئا ڄڻ ته ڌرتيءَ اندر سڄا سارا دفن ٿيل ھئا ۽ کين ٻاھر نڪرڻ لاءِ صرف ٻوڏ واري پاڻيءَ جي بھاني جي ضرورت ھين. ڪجهه مھينن اندر ڏسندي ئي ڏسندي سمورو ٻوڏ وارو علائقو گھاٽن ساون ٻيلن سان ائين ڀرجي ويندو ھو جو جيڪڏھن ڪو مڙسالو اندر گھڙيو ته پوءِ ان جو ملڻ ئي ڄڻ مھال ٿي پوندو ھو. تڏھن ته چئبو ھو ته سنڌ جي ڪچي جي ٻني اھڙي جو ماڻھو پوک ته ماڻھو ڦُٽي نڪري. ڪچو پٽ ھجي يا ٻوڏ کانپوءِ جھنگ، چٽو ڏينھن ھجي يا اوڻٽيھين اونداھي پر جي حاڪم رَاکَي جي اکين تي پٽي ٻڌي کيس سُونھون ڪجي ته مجال آ جو ھو ڪچي جي گھَٽن گھَيڙن کان تِــرَ برابر به گُسي. جوانيءَ کان وٺي ڌَڪجڻ تائين، آڌي ھجي يامانجھي، ڪچي جي ٻنھي طرفن موجود پنھنجي جُوءِ سميت آسپاس جي ٻين سمورين جُوئِن کي به ھن پنھنجن پيرن ھيٺان لتاڙيو ھو، هزارن ايڪڙن ۽ سون ميلن تي ڦهليل ڪچي جو اهڙو ڪو چيلو نه هو جيڪو هن جي نظر کان اوجهل ۽ لتڙ کان لتاڙيل نه هجي. هو بي کُٽڪو ٿي آسپاس پاس موجود ٻين سمورين وسندين کان پرڀرو ٿي شڪار گاهه جي ڀرسان ۽ درياءَ کان فرلانگ کن اورتي ھڪ وڏي مٿاھين ٻيٽ تي جھوپڙي اڏي پنھنجي گھر واريءَ ۽ ٻڪرين جي مال سان گڏ رھيو پيو ھو. خيرن سان پنجن ڌيئرن جو پيءُ ھو جيڪي پنج ئي پرڻائي ڇڏيون ھئائين ۽ ان سان گڏ ٻن پٽن جو اولاد به ھيس، جيڪي پيءُ جي ڪِرتَ جي پاسداري پاڙيندي ھڪ ڌاڙي دوران پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا ھئا. ھو انھن کي ڦوهه جوانيءَ ۾ موڙو به نه ٻڌائي سگھيو ھو. اھا ٻي ڳالهه ھئي ته اڄ به سندس گھر کان ٿورو پرڀرو وڏيري طرفان ٺھرايل لانڍيءَ ۾ ڏينھن توڙي رات جو ڌاڙيلن جا مختلف ٽولا ڪڏھن ڪڏھن آرامي ٿيندا ھئا ته انھن جي ياراڻي نڀائيندو ھو ۽ خاص ڪري وڏيري طرفان انھن جي خدمت جو ڪم به کيس ئي سونپيل ھو...
ٻئي ڏينھن صبح ساڻ باک ڦُٽيءَ مھل ڪجهه ھاري راکي حاڪم وٽ آيا خير عافيت معلوم ڪرڻ کانپوءِ ھڪ جھوني ھاري چاچي صابر حاڪم کي ھٿ ٻڌي چيو: “حاڪم چئين ته پٽڪو به لائي پيرن تي رکانءِ ٻيلي سڀ ٻچڙوال آھيون، رُکي سُکي کائي گذران ٿا ڪيون، ڦٽيون ڀٽاريون ڦوٽھڙو ڪري ڪڏھانڪر تيار بيٺون آھن. ھاڻ ته ڪپهه به ريشا ڪري ھيٺ پئي ڪري. ٻيلي رحم ڪر اسان جن بکين پيٽن تي ۽ اجازت ڏئي ته ٻچا وٺي چونڊو ڪيون نه ته ابا جي پھرين چونڊي جي چاندي ڇڻي وئي ته پوءِ پوين ڪکن مان ڪھڙا لک ٺھندا...!!!”
حاڪم مڇن کي تاءُ ڏيندي ڪرڙي اک ڪري ڪھاڙيءَ کي مضبوطيءَ سان جھليندي چيو: “ڪجهه ڪو نه ٿِيندَوَ. وڏيري جو حڪم آته ڀل فصل کڻي آڱوٺي تي چڙھي پر شڪار کي ٽاهه نه اچي ۽ ھونءَ به ھفتي ڏھن ڏينھن ۾ وڏيري سان گڏ مرشد جونگل شاه بادشاه، بالا آفيسر ۽ ڪجهه ٻين تـَـرَن جا چڱا مڙس به شڪار تي ٿا اچن. تنھنڪري ھاڻ ته وڏيري جو خاص حڪم آته ٻنيءَ جي وَٽــَون به ڪنھن کي گذرڻ ناھي ڏيڻو. جڏھن ڙي مالڪ کي پنھنجي پڪيءَ پوک جي پرواه ناھي ته توھان جو مٿو ڇو خراب ٿيو آ...!!!؟؟؟”
چاچي صابر کي خبر ھئي ته ورندو ڪجهه به ڪو نه پر وري به ھن التجا ڪندي چيس: “حاڪم ابا ڦٽي اڳ ئي ڦوٽھڙي کانپوءِ ڇڻي پئي ويتر جو ڏھن ڏينھن کان پوءِ شڪار لاءِ مڙسالا ۽ سـَاسـِي (ڪتا) ٻنيءَ ۾ لھندا ۽ ڪُتِ خلق جي ھڪلن تي شڪار ٿيندو ته پوءِ ته فصل ۾ ٻيلي تيلو به مشڪل سان بچندو...!!! ابا الله جي پارت ٿي وڏيري کي ته الله ايڏو نواز يو آ جو ان جا ڪتا به ٻارھوئي ڍاپيل آھن. اسان جي ٻچن جا ته پيٽ به سڪل آھن. ٻيلي سياڻو ٿيءُ اسان کي ھي چونڊو ڪرڻ ڏي پڪ ٿو ڏيارانءِ ته ڦٽي ائين چونڊي وٺندا سين جيئن مکڻ مان وار ڪڍبو آ ۽ تنھنجي رَکَ ڪيل شڪار کي ڪو ٽاهه ئي نه ايندو...”
پوري تـَـرَ ۾ هرڪو ھاري ۽ عام ماڻهو به حاڪم کان وَنءُ ويندو ھو ڇو ته سڀ کي خبر ھئي ته جي ان سان اچائبو ته پوءِ رات جو ڌاڙيل نه ته چور ته پڪ ئي پڪ گھر ۾ گھڙندا ۽ گــُنديءَ ۾ رکيل جيڪي اَنَ جا ٻه داڻا ھوندن سي به ٻھاري ويندن. صابر جي بار بار دليلن ڏيڻ تي حاڪم صفا اصل تپي باه ٿي ويو ۽ توائيءَ ۾ کٽ تان اٿي ڪھاڙيءَ جو ڳن اڀو ڪندي چيائين: “اڙي سُوئرو ڳالهه سمجهه ۾ نه آيـَـوَ ھڪ دفعو چيو مـَانـوَ نه ته ڪجهه ڪين ورندُوَ. وري ويٺا مون سان دليل ٿا پچايو...!!! اٿو نڪرو ھتان ته وري ڪـَيـَانو نه ڪھاڙيءَ سان ڪوپر کي ٻه اڌ ۽ ھا يادرکي ڇڏيو جيستائين وڏيرو ۽ ان جا مھمان شڪار ڪري نه وڃن تيستائين جي رَکَ واري ٻنيءَ جي آسپاس به ڏٺو مـَانـوَ يا مونکي ان پـَٽَ تي توهان مان ڪنهن جي موجودگيءَ جي ٻاٻور به پئي ته پوءِ کَاکَاريون چيري ڇڏيندو سـَانوَ، شڪاري ڪُتا بڇائي اھڙو بڇڙو ڪندو سـَانوَ جو سُئي ھڻڻ لاءِ ڏاڪتر کي بُت تي ڪا وٿي به نه ملندي. ان کان اڳ جو مونکي وڌيڪ توائي اچي ھاڻ اٿو ٽرو منھنجي اکين اڳيان ته وري ڪـَيانوَ نه ٻه اڌ...”
ڏينھن گذرنداويا، ان وچ ۾ ڪمدار روشن به ڪارائي صوبدار سان گڏ شڪار گاهه تي ڀيرو ڀڃي حالي احوالي ٿي دلجاءِ ڪري ويو. شڪار کان ٻه ڏينھن اڳ ته باقائده احتمام شروع ٿي ويا. مھمانن کي ٻه راتيون سانده شڪار ڪرڻو ھو. شڪارگاهه ۽ حاڪم جي گھر کان ٿورو پرڀرو وڏيري جي ٺھرايل لانڍيءَ تي نوڪر، چاڪر ۽ چُوڪر پڄي ويا. رات جي سيءَ جي ڪڙڪي کان بچاءَ لاءِ سڪل لاَهَ ۽ ڪاٺيون جمع ڪيون ويون، لانڍيءَ تي مھمانن جي شان مطابق کائڻ پيئڻ ۽ رھڻ جو مڪمل انتظام ڪيو ويو. خبر ئي نه پئي ڏسندي ئي ڏسندي جنگل ۾ منگل ٿي ويو. جڏھن به وڏيري سان ڪي چڱامڙس شوق شڪارتي ايندا ھئا ته عموماً ائين ئي شڪار گاه واري ٺھيل خوبصورت لانڍيءَ تي چراغان ۽ رونق ٿي ويندي ھئي. ڪمدار، ڪاروا، نوڪر چاڪر، چُوڪر ۽ رَاکَو حاڪم به مھمانن جي خدمتن لاءِ اڀي پير بيٺل ھئا. مھمان سج لٿي ئي پڄي ويا. رات جي مانيءَ لاءِ ٻڪرا سجي ٿيڻ لڳا ۽ شھرمان آندل خاص بورچي ۽ سندس ساٿاري ويھاروکن وڏن مھمانن ۽ انھن جي چاليھاروکن وَاٺَن لاءِ مانيءَ جو بندوبست ڪرڻ لڳا. باهه جو وڏو مچ نومبر جي پڇاڙڪي تاريخن ۾ پوندڙ ڄَائُو پاري ۾ سڪون بخشيندڙ گرمي پھچائي رھيو ھو. کائڻ پيئڻ کان اڳ ۾ مھمانن جي شان ۾ پرديسي شراب جون بوتلون ٺَڪاءَ ڏيئي کوليون ويون، ڪچھريون ۽ تاڙا آڌيءَ رات تائين عروج تي ھئا. جڏھن ڪچي رات پڪيءَ ۾ پاسو ورايو ۽ اڻٽيهين اونداهي اوج چڙهي ته مھمان به ڦاڙھي جي شڪار لاءِ اٿي کڙاٿيا. ڇهه جيپون ڦاڙھن جي مختلف ٿاڪن ڏانھن وڃڻ لاءِ تيار ھيون. ڪمدار روشن، ڪارائو صوبدار ۽ راکو حاڪم مختلف رخن ڏانھن ٻه ٻه جيپون ڪاھي ساڻن گڏ سـُونـھـَان ٿي روانا ٿيا. مھمانن جي نڪتي کانپوءِ لانڍيءَ تان جيپن تي نڪرندي کين اڃا ڪلاڪ ئي مس ٿيو ھو ته لانڍيءَ جي ڏکڻ واري ڪُنڊ کان ٺڪائن جا ڌوڙ يا مچي ويا. نوڪرن صحيح ڪيو ته پڪ ڪو ٺاھوڪو شڪار لڳو آ. وري ڪجهه دير کانپوءِ اوڀر کان ٺڪاءَ ٿيڻ لڳا ۽ اھڙي طرح ٿوري ٿوري وقفي کانپوءِ چئني طرفن کان ٺڪائن جا آواز پئي آيا. نيٺ سج اڀرڻ کان ٿورو اڳ ڀنڀرڪي ڀيريءَ آھستي آھستي مھمانن جون جيپون لانڍيءَ تي پھچڻ شروع ٿي ويون ۽ نوڪر سـَـٽـُون ڏيئي جيپن تان شڪار ٿيل ڦاڙھا لاٿا. جڏھن شڪار ٿيل ڦاڙھن جو ڳاڻيٽو ٿيو ته ڳڻپ ۾ تيرھن نـَـرَ ڦاڙھا هئا ۽ پنج ڦاڙھيون هيون...
ڪاتيون اڳ ئي تکيون ٿيل پيون ھيون ۽ ڪاسائي انتظار ۾ ھئا انھن بنا ڪنھن دير جي وڏي ءَ مھارت سان ڦاڙھن جي جسمن تان کلون لاھڻ شروع ڪيون. وڏاڦاڙھا جن جا سڱ تمام گھڻاوڏا ۽ بي انتھا خوبصورت ھئا تن جي کلن کي منڍيءَ جي کل ۽ سڱن سميت وڏيءَ مھارت سان الڳ ڪيو ويو.ڇاڪاڻ ته وڏيرو ھميشه ڦاڙھن جي کلن ۾ دادوءَ مان ڀوسو ڀرائي بعد ۾ ڄڻ جيئرو جاڳندو ڦاڙھو تيار ڪرائي شڪارتي آيل مھمانن ڏي شڪار جي يادگار ۽ سوکڙيءَ طور موڪلي ڏيندو ھو. شڪار ٿيل پنجن ڦاڙھين منجھان جڏھن ٻن جا پيٽ چيريا ويا ته انھن جي پيٽن منجهه پلجندڙ چار ٻچا ٻاھر نڪتا جن جي جسمن ۾ به ماءُ جي جسم مان آرپار ٿيل گوليون لڳل ھيون. انھن کي ڪتن حوالي ڪيو ويو. مرشد جونگل شاه سميت ٻيا سموار مھمان ڦاڙھن جي مٿان بيھي کين لڳل گولين جي نشانن تي تبصرا ڪري رھيا ھئا ۽ بي زبان جانورن جي جسمن ۾ اوتيل گولين کي پنھنجي سورھائپ سمجھي وڏي فخر سان ٽھڪ ڏئي ھڪ ٻئي کان داد وصول ڪري رھيا ھئا. ھڪٻئي جي ڪارنامن تي جڏھن تبصرا پورا ٿيا ته ڦاڙھن جي جسمن تان کلون لاھي انھن کي صاف ڪري انھن جي جسمن مان شيھي جون گوليون ڪڍي انھن کي وڏيري جي اوطاق ڏانھن وڏن فريزرن ۾ سنڀالي رکڻ لاءِ موڪليو ويو...
وڏيري مھمانن کي چيو: “سنگت لاءِ بسترا تيار آھن ۽ جيڪڏھن ڪنھن کي ٿــَڪُ سـَرسُ ٿيو آته پوءِ زورن ڏيڻ ۽ تيل مالش لاءِ مڙسالا به تيار آھن، صرف اوھان جي حڪم جي دير آ. پاڻ کي وري صبح جو ٻارھين بجي کانپوءِ تترن جي شڪارتي ھلڻو آ ۽ جي ٿــَڪُ نه ھوندو ته پو ءِ واهه جو مزو ايندو ۽ رات وري ٻيھر ڦاڙھن جي شڪار تي ھلڻو آ، سو اوهانجو چست رهڻ انتهائي ضروري آ...”
انتظام اڳواٽ ئي مڪمل ھئا ۽ ان کان اڳ جو وڏيرو آرامي ٿئي ھن حاڪم رَاکَي کي ھڪل ڪندي چيو: “اڙي حاڪم ڏي خبر تترن جي...؟؟؟”
حاڪم به سيني تي ھٿ رکي رڪوع واري انداز ۾ جھڪندي وڏيري کي چيو: “سائين قبلا چئن مھينن کان شڪار جي رَکَ ڪئي آ، پڪ سان ٿو چوان ته جيئن ڦاڙھن جو پھريون ڌڪ واهه جو لڳو آ تيئن تترن جو شڪار به اھڙو ٿيندو جو انھن کي کڻڻ لاءِ مھمانن جون گاڏيون به کٽي پونديون...”
وڏيري موٽ ۾ مسڪرائيندي چيس: “اڙي حَاڪُو جي تو واري زبان سچي ثابت نه ٿي ته پوءِ اھا زبان ڪٽي ڪتن کي ڏئي ڇڏيندو سانءِ...”
حاڪم به ھيٺاھين وٺندي چيس: “سائين زبان ته ڇا ھي سِرُ به توھان جو آ. حڪم ڪيو ته اتي ئي وڍي توھان جن پيرن ۾ رکان...”
وڏيري به کيس چمچاگيريءَ کي پاڻي ڏيندي چيس: “خير آ حَاڪُو خير آڪھڙو نئون آ جو اھا ڳالھه ٿو ڪرين، مونکي پڪ آ ته مھمان ھميشه وانگر خوش ٿي ويندا...”
مھمان آرامي ٿيا ۽ جڏھن يارھين ڌاري ننڊ مان اٿيا ته اس جو تڙڪو به تيز ٿي چڪو ھو ۽ نومبر جي پچاڙڪن ڏينھن ۾ ڏاڍو وڻندڙ محسوس ٿي رھيو ھو. مھمانن لاءِ ھڪ ڦاڙھو اڳ ئي سجي ڪري تيار ڪيو ويو ھو. ست رڇي طعامن سان ماني کائي مھمان دناليون، ھڪ ناليون ۽ رپيٽر ڪلھن تي رکي شڪارگاه ڏانھن روانا ٿيا. ڀريل تريل ڦٽين جي فصل ۾ تترن جا ٽــَھـُوڪـَا ٻڌڻ وٽان ھئا. تترن جي اڏار لاءِ چاليھاروکن ماڻھو ھڪ ڊزن ڪتن سان فصل ۾ لٿا. ھڪ پاسي ماڻھن جون ھڪلون ۽ تترن جو ڀڙڪو ڏيئي اڏرڻ ته ٻئي پاسي بندوقن ۽ رپيٽرن جي نالن اندر انتظار ۾ ويٺل گولين جو ڇٽڻ. ڪارتوس ۾ پيل ڇرن جي برسات ھئي جيڪا بگڙن ۽ ڪارڙن تترن کي بلاٽيون کارائي فصل منجهه ڪيرائي رھي ھئي. شڪاري پالتو ڪتا ۽ وَاٺــَا فصل ۾ ڦٿڪيون ھڻندي يا ھوا ۾ ئي موت جو کاڄ بڻجي پٽ تي ڪرندڙ تترن کي ڊُڪِي ڊُڪِي کڻي ڪري مالڪن ڏي پئي ڊوڙيا. اھو کيل تماشو ٽي ڪلاڪ کن ھليو. تترن جو ڍير لڳي ويو. ڳڻپ تي خبر پئي ته پنج سؤ کان به مٿي ھئا. مھمان گَدگَد ٿي ويا. جڏھن تتر لانڍيءَتي پھتا ته انھن جا پيٽ چيري صاف ڪري انھن جي پيٽن ۾ ڪچا ڀتر وڌاويا ته جيئن انھن جو گوشت خراب نه ٿئي. وري سج لٿو ۽ ڪچي منجهه رات پنھنجا پرڙا پکيڙيا، شراب جو دور ھليو ۽ ان سان گڏ وڏيري جي حڪم تي آيل مولا داد سگھڙائيءَ باهه جي مچ تي راڻو ڳائڻ شروع ڪيو:
راڻي بنا راڄ ۾ مون ته چوڏھينءَ چنڊ ڏٺو، نه ڪي داڻو پيٽ ۾، نڪي اکين ان ڏٺو،
او ھاڻي راڻي کي چئجو ته مومل رات مري وئي، او... او. او... اوميان...
مولاداد جو درديلو آواز پڙاڏا بڻجي ڪچي جون ٻيٽ ٻيلاٽيون لتاڙيندو جھنگ جھر ۾ پکڙجندو رھيو. مھمان سجي ٿيل تترن سان نوشي جان ٿيا ۽ راتوڪي ۽ ڏينھوڪي شڪار تي تبصرن ڪرڻ کانپوءِ بندوقن، رپيٽرن ۽ رائيفلن ۾ بارود ڀريو ويو ۽ شڪاري سانباھا ڪري جيپن تي روانا ٿيا. اڳواٽ طئه ٿيل رٿابنديءَ تحت وڏيري ڪمدار روشن کي خاص ذميواريون سونپي حاڪم راکي سان گڏ مھمانن جي ٻن گاڏين سان ڦاڙھي جي شڪارلاءِ روانو ڪيو. مھمانن جي ٻين ٻن گاڏين کي ٻين ميزبانن سان گڏ روانو ڪيو ويو. وڏيرو ڪارائي صوبدار سان گڏ مھمانن کان ڪجهه دير جي اجازت وٺي معذرت سان ڪنھن ضروري ڪم سانگي ڪجھه دير لاءِ موڪلاڻي ڪئي. مھمانن جي راوني ٿيڻ کانپوءِ وڏيرو به لانڍيءَ تان اٿي کڙو ٿيو ۽ رازدانه انداز ۾ صوبدار کان پڇيائين: “صوبدار ڪم ته پڪو آنه...؟؟؟”
صوبدار به وڏيري جي ڪن ڀرسان ٿي وڏي رازدارانه انداز ۾ چيس: “سائين اصل کٽڪو ئي نه ڪريو اڳ ڪڏھن ڪو ڪچو ڪم ڪيو آ ڇا...!!!؟؟؟ ۽ مونکي ته خبر آ ته جھنگ ۾ رھي به اھڙو ٻج ڪڍيو اٿائين جو اوھان به ان کي ڏسي پريشان ٿي ويا ھئا ۽ ھاڻ ته مونکي به اوھان جي نمڪ حلاليءَ جو موقعو مليو آ ۽ وجھه به ڀلو آ...”
وڏيري مسڪرائيندي چيس: “تڏھن ته ڪڙمت مان ڪاراوت تي پڳو آ...”
ھن به چاپلوسيءَ ۾ وڃي ترو وٺندي وڏيري کي چيو: “سائين اسان ته توھان جي پيرن جي جتي آھيون بس ڇڙو پنھنجن پيرن مان نه ڪڍجو...”
رات جي پوئين پھر ۾ ڏور ڪچي جي ڪنھن ٻيلي واري علائقي مان ٻرندڙ گولين جا ھڪ ٻئي پٺيان پنج فائر ٿيا جن جي ٽمٽمائيندڙ روشني ڏور آسمان ۾ ڄڻ ته ڪنھن ڪاميابيءَ جو پيغام ڏيڻ کانپوءِ وسامي وئي. انھيءَ ويلي لانڍيءَ کان ٿورو پرڀرو ھڪڙي ٻيٽ تي موجود اوڏڪي ڀت سان اڏيل جھوپڙيءَ ۾حاڪم رَاکَي جي ننڍي ننڍي ڌيءَ کي اجتماعي ڏاڍائيءَ جو نشانو بڻايو ويو. ان کان اڳ سندس بيمارماءُ کي گھٽو ڏيئي ماريو ويو ۽ بعد ۾ حاڪم جي ڌيءَ کي به ڇريءَ جا وارڪري قتل ڪيو ويو. مھمان شڪار تان موٽيا ته پاڻ سان گڏ اٺ ڦاڙھا، ٽي ڦاڙھيون ۽ حاڪم راکي جو گولين سان پروڻ ٿيل لاش کڻي آيا...
ٻئي ڏينھن ڪچي ۾ سڀني ماڻھن جي وات تي اھائي ڳالهه ھئي: “ادا حاڪم کي رات ڦاڙھن جي شڪار دوران انڌياري ۾ غلطيءَ سان گوليون لڳي ويون، سندس گھرواريءَ کي جيئن ئي حاڪم جي موت جي خبر پئي ته ان ويچاريءَ جو ته ھانءُ ئي ڦاٽي پيو ۽ مٿان وري ڏمر اھو ته ھن جي نوجوان ڏنڊي ڏوٽي ڌيءَ پيءُ ماءُ جي ڏک ۾ پاڻ کي ڇريون ھڻي خودڪشي ڪري ڇڏي. بس ادا جيڪا الله جي مرضي پر ڏاڍو ڏک ٿيو...”
ڏينھن آيا ويا ۽ مھينا گذري ويا، ماڻھن جي زبان تي حاڪم رَاکَي، ان جي زال ۽ ڌيءَ جي موت جو صرف چرچو ئي رھيو ۽ انھيءَ ٻيلاٽيءَ تي وڏيري نوروز خان طرفان وري ڪو ٻيو رَاکوَ پنھنجون ذميواريون ۽ فرض نڀائڻ لاءِ پنھنجن ٻارن ٻچن سميت اچي ويٺو. ٻنپھرن جو ڪچي جي ٻيلي ۾ ڏور ڪنھن ڌنار جو دلسوز آواز ھوائن ۾ پڙاڏا ٿي گونجيو:
او مينھون ڙي ميھار تنھنجون ٻيلي ۾،اھي چرن ڦرن پيون ٻيلي ۾،
او مينھون ڙي ميھار تنھنجون ٻيلي ۾...

21-اپريل-2008
ڪراچي

_______________
* راکو
“راکو” لفظ سنڌي ٻولي جو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: “شڪار واري علائقي جي رک/سنڀال ڪرڻ وارو”. سنڌ اندر وڏيرا ۽ جاگيردار پنهنجين زمينن تي سوين ايڪڙن اندر شڪار ڪرڻ لاءِ مختلف پکين ۽ جانورن جي رک ڪرائيندا آهن معنيٰ شڪار ڪرڻ واسطي هڪ مخصوص علائقي اندر جانورن ۽ پکين جي شڪار جي روڪ ٿام ڪرائيندا آهن ته جيئن وقت يا مند تي سنگت ساٿ کي شڪار ڪرائي پنهنجي شان و شوڪت جو داٻو ڪري سگهجي...

خـَانـُو چِـچـُـڙ

خَانُو هار سينگار ڪري، تيل ڦُليل هڻي، ٽوپي نراڙ تي سجائي، روايتي ڳوٺاڻي وانگر ڳچي کولي، بوڇڻ ڇنڊي ڪلهي تي رکي پنهنجو پاڻ کي آئيني آڏو بيهاري اکين ۾ سُرمو پائي رهيو هو. جڏهن سُرمو پائي اک ٽيٽ ڪري ھڪ ڀرپور نگاهه پنهنجو پاڻ تي وڌائين ته ڇرڪ ئي نڪري ويس. مساڳ لڳل ڳاڙهو وات پٽي کلندي پنهنجو پاڻ کي چيائين: “سبحان الله...!!! هئي ڙي خانو هئي واه جو سھڻو ٿو لڳين... صدقو وڃانءِ اڄ ته دل ٿي چئي چُمي وٺانءِ...”
اڃا ديسي عطر جي شيشي کولي هڻڻ واروئي هيو ته سندس زال رڙ ڪندي چيس: “اڙي او خانو...!!! حق تي ماڻهو چِچِڙُ چوندا ٿئي نه، اڙي جنهن جاءِ تي بيهين ٿو ته چُـرَڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺين، ڪارا دانگ...!!! اڌ ڪلاڪ کان شيشي جي پـَچـَر ئي نه ٿو ڇڏين. اڙي پاڙن پٽيا آخر ڪرين ڇاٿو...!!!؟؟؟”
خـَانوءَ جو پنهنجيءَ جوءِ جو دل ڏاريندڙ طعنو ٻڌو ته سندس خوشيءَ مان ڦوڪيل منهن ائين سـُسِـي ويـُس جيئن پنڪچر ٿيڻ کان پوءِ ٽائر مان هوا نڪري ويندي آ. پر خـَانُو به مڙڻ وارن مان ٿوروئي هو، نيٺ به هُو وڏيري قمرالدين خان جو لاڏلو ڪمدار هو. خـَانُو هڪدم پنهنجي ڪاري ٻوٿ کي پائوڊر لپ هڻي، ناسون ڦونڊاري وڏا وڏا ساهه کنيا ۽ ٻيهر ڦوڪجڻ جي ڪوسش ڪرڻ لڳو. نيٺ پنهنجيءَ ڪاوڙ کي ٿُڪ وانگر اڳري اڇو جوڙو پهري جوءِ جي آڏو بيهي چوڻ لڳو: “وَلوءَ ماءُ توکي ڪهڙي خبر چري ته اڄ مان ڇاٿو لڳان...!!! اڙي قسم ٿئي جيئري پير جو اک کڻي ڏس ۽ پاڻ فيصلو ڪر اڄ دل نه ٿي چـَوَئي ته نظر کان بچڻ لاءِ ڪارو ڌاڳو پڙهي پارائين...!!!؟؟؟”
خـَانُو جڏهن ٺهي سنبري، ٻانهون کولي، ڪنڌ مٿي ڪري، لٺ وانگر سِيٽِجي ڊائلاگ هڻي جوءِ جي سامهون بيٺو ته جوڻس حيرت مان ڏسندي وات تي هٿ رکي چيس: “ائي مائي مان مـُـٺيس...!!! خـَانُو اڄ ته تون صفا ماسي گـُلان جي ڪـُتي وانگر پيو لڳين...!!!” ماسي گـُلان جو ڪتو ڳوٺ جو اهو واحد ڪتو هو جنهن جو ٻوٿ ڪارو ۽ ٻيو سمورو جسم اڇو هو...
خَانُوءَ جو زال جو وڍيندڙ جملو ٻڌو ته آپي کان ٻاهر نڪري ويو ۽ توائيءَ ۾ زال کي چيائين: “چئبو ته ماسي گـُلان جو ڪـُتو توکي ايڏو ٿو وڻي جو ان کي وري مون سا ٿي ڀيٽين...!!!؟؟؟”
تنهن تي جوڻس چيس: “نه هاڻي خير ائين به ناهي وڻين ته مونکي تون به ٿو...”
خـَانوءَ جو اهو ٻڌو ته رهندو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ بوڇڻ ڪلهي تان لاهي زور سان ڇنڊيندي چيائين: “اڙي شرم نه ٿو اچئي مڙس سان ٿي ائين ڳالھائين...!!!؟؟؟ بـَڪَ بند ڪر ته ھڻانءِ نه ڪوپر ۾ ڪـِلــَو...”
جوڻس به بيزار ٿيندي وڙهڻ واري انداز ۾ چيس: “ائي مـُئا...!!! ان ۾ ڪاوڙ جي ڪهڙي ڳالهه آ جو سچ پچ ڪـُتي وانگر ڏاڙهڻ ٿو اچين...”
خـَانُوءَ جي ڪنن مان دونها نڪري ويا ۽ وِهُ جو ڍُڪ پـِي چُپ ڪري ويو ڇوته اهڙي موقعي تي هو ڪو به ڦڏو ڪرڻ نه پيو چاهي. پر جي ڦڏو ڪري به هاته خواهه مخواهه ڪـَوپـَر ۾ ٻه ٽي روڙا ڪرايون وڃي ها. خـَانُوءَ پنهنجو ڀلو انهيءَ ۾ سمجهيو ته ڪاوڙ کي ڪـُنڊَ ڪري خاموشيءَ سان پنهنجي رَاهَه رَمـَندو وڃي. خـَانُو اڳ ئي ڪارو ٺِڪـَـرُ ٻيو وري جڏهن توائيءَ ۾ ڳاڙهو ٿي گهر کان ٻاهر نڪتو ته ائين پئي ڀانئيو ڄڻ ٿــَمَ جو سـُوئر ڪنهن غريب هاريءَ جو فصل چـَٽُ ڪري ٻاهر نڪتو آ. خـَانـُو پنهنجي گهر واريءَ کان ڏاڍو لهرائيندو ھو پر ڳوٺ وارا وري خـَانـُوءَ کان لهرائيندا ھئا. جڏهن کان خـَانُو وڏيري قمرالدين خان جو ڪمدار بڻيو ھو تڏهن کان سڀ لاءِ آزار بڻيو ھو. هن جي جنهن به ڳوٺ واري سان نه لڳندي ھئي، ان لاءِ وڏيري وٽ ابتيون سبتيون چُغليون هڻي ان کي وڏيري هٿان بيعزتو ۽ زليل ڪرائي ٺاهوڪي مار کارائيندو ھو ۽ جي اڃا به ڪنهن ڪـَـرُ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته وڏيري معرفت پوليس ذريعي ان کي ڪنهن ڪـُوڙي ڪيس ۾ ٽـِيپ ڏيارائي ڇڏيندو ھو...
خـَانُو اڄ واهه جو ٺهي سنبري وڏيري قمرالدين سان ميلي تي وڃي رهيو هو. ميلي جي پھرين ڏينهن تي رکيل رِڇَ ڪُتي واريءَ ويڙهه ۾ وڏيري قمرالدين کي مهمانِ خاص ڪري گھرايو ويو هو. هُونءَ ته وڏيرو جيئري پير جي خاص پوئلڳن منجهان ھو، ڇوته هر دفعي پير جي دُعا ۽ گادي نشين جي سهڪار سان اليڪشن جو کٽندو ھو، پر ان سان گڏ هر سال ميلي ۾ لـَنگـَر جو بندوبست پڻ وڏيري قمرالدين طرفان ٿيندو ھو ۽ گادي نشين هر سال وڏيري کي رڇ ڪُتي جي ويڙهه لاءِ خاص مهمان جي حيثيت ۾ دعوت ڏيندو ھو...
جڏهن خـَانُو وڏيري سان گڏ لينڊ ڪروزر مان هيٺ لهي جيئري پير جي زيارت لاءِ وڃي رهيو هُئو ته ڀرسان لڳل شاميانن هيٺان ماڻهن جي گهڻي پـِيهـَه متل هئي، خـَانُوءَ سمجهيو ته شايد ڪُتا پُڄي ويا آهن ۽ ماڻهو انهن کي ڏسڻ لاءِ جمع ٿي ويا آهن. پر جڏھن شامياني ھيٺان بيٺل ماڻهن جو وڏيري قمرالدين کي ڏٺو ته سڀ ساڻس ملڻ لاءِ ڊوڙندا آيا ۽ شاميانن هيٺان ويٺل سجاده نشين سائين ڀورل شاهه سان گڏ تـَڪ جو ڊي.ايس.پي پڻ وڏيري جي آڌرڀاءُ لاءِ اٿي آيا. خانُوءَ جو ماڻھن جي پيھه منجھان سجاده نشين سان گڏ ڊي.ايس.پي صاحب کي شاميانن وٽان ايندي ڏٺو ته پنهنجي پوئينءَ سوچيل ڳالهه تي توبهه ڪرڻ لڳو ڇو ته شاميانن ھيٺان ڪُتا نه پر سجاده نشين سائين ڀورل شاهه ۽ ڊي.ايس.پي صاحب هئا...!!! خـَانُوءَپنھنجو پاڻ کي دل ئي دل ۾ ڇنڊ پٽي: “اڙي ڪمينا مـُرشدن ۽ قانون جي رکوالن سان ڏنگايون، شرم ۽ توبهه ڪر نه ته اهڙي ٿيندئي جو ست ئي پيڙهيون گيسيون ڪري به جان نه ڇڏائي سگهندئي...!!!”
وڏيرو قمرالدين، سائين ڀورل شاهه ۽ ڊي.ايس.پي صاحب ماڻهن جي هجوم سان گڏ جيئري پير جي مزار تي چادر چاڙهي جيئن ئي موٽيا ته ماڻهن ۾ نعرن جا هُوڪرا پئجي ويا هر طرف صدا بلند ٿيڻ لڳي: “حق جيئرا پير، سچا فقير...!!!”
دُهل ۽ شرنايون وڄنديون رهيون، شيدي فقير آجيان لاءِ پنهنجو روايتي رقص ڪندي مهمانن سان رِڇ ڪُتي جي ويڙهه واري ميدان طرف وڌندا هليا ۽ ماڻهن جا هُجوم جيئي جيئي جا نعرا هڻندا رهيا. وڏيري، مرشد سائين ۽ ڊي ايس پي صاحب جي اچڻ تي ميدان ۾ ويٺل خلق ادب منجهان اٿي بيهي رهي ۽ جوش ۾ اچي جيئي جيئي جي نعرن سان گڏ دُھلارين جي روايتي انداز تي رقص ڪرڻ لڳي. لائوڊ تي ڪنهن بي سُري وڏي عجيب انداز سان نـِڙي صاف ڪندي پنهنجو سُر سنڀاليندي هڪ دم ڳالهائڻ شروع ڪيو: “اسان جا عزت ۽ مانَ وارا مهمان پـُڄي چڪا آهن، توهان سڀ انھن جو ڀرپور استقبال ڪيو ته جيئن اسان رِڇ ڪُتي جي ويڙهه جلدي شروع ڪيون...”
عزت وارا مهمان جيئن ئي خاص ٺاهيل اسٽيج تي اچي ويٺا ته خـَانُو به ٽِپُ ڏيئي اسٽيج تي چڙهيو ۽ جڏهن خلق خدا جيءَ تي نظر ڦيرايائين ته ڏاڍو خوش ٿيو ڇوته عـَامَ کي پوليس لٺيون هڻي پٺتي ڌڪي رهي هئي، جيڪا ڳالهه خـَانوءَ کي ڏاڍي وڻي. بس مهمانن جي آمد جي دير هئي، پوءِ وچ ميدان تي ڊگهي زنجير سان ٻڌل رڇ تي چار ڪتا بڇيا ويا. جيئن ئي ٻڌل رِڇَ تي ڪتا اچي ڪڙڪيا ته هڪدم شرطين ۽ ماڻهن ۾ هُوڪرا پئجي ويا. وڏيري قمرالدين به پنهنجن ڪُتن تي لــَـکُ روپيه شرط رکي هئي. هر طرف عجيب منظر هو، ڪُتن جي ڀليءَ ويڙهه تي وڏيرو مـُڇن کي مروڙي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي رهيو هو. جن ماڻهن هيٺ ويهڻ لاءِ پوتڙا وڇايا سي پنهنجين جاين تي اُٿي بيهي جوش وچان رڙيون ڪري ٽپا ڏيئي رهيا هئا. عجيب و غريب قسمن جا آواز چئني پاسن کان اچي رهيا هئا، ڪوئي چئي رهيو هو ته: “اتي اچُ نه ڀورا... هڻيس نَڪ ۾ چَڪُ...!!!”
ته ڪوئي وري جوش ۾ زمين تي مڪون هڻي چئي رهيو هو: “هئي ڙي بـُلٽري پـُٽ... تنهنجو دُونَ تي وڙهڻ...!!!”
ته ڪوئي جذبات ۾ ڀرسان ويٺل ماڻهونءَ کي زور زور سان پڪڙي جهٽڪا ڏئي چئي رهيو هو: “اهو ٿي تازي... جيڪو نـِڙيءَ ۾ ٿو چڪيس...!!!”
ڪُتن جي ڀليءَ ويڙهه تي انهن ماڻهن جا مُنهن لهي ويا، جن زنجير سان ٻڌل رِڇَ تي شرط رکي هئي. ويچارو رِڇُ ته اچي انسانن ۽ ڪتن ۾ ڦاٿو هو. سندس نـَڪَ ۽ وات مان رَتُ وهي رهيو هوس. بس پوءِ رِڇَ کي الائي ڪيئن جـُجـِلـِي آئي ۽ انسانن کان وڌيڪ جانورن واري رڳ ڏيکاريندي ٺڪا ڪري جو بـُلٽري ڪتي کي پنهنجو تيز نـُـنـهَـن وارو چنبو هنيائين ته بـُلٽري ڪتي جا آنڊا ئي ٻاهر نڪري آيا. بس سائين پوءِ ته وارا وڄي ويا هڪ پاسي بـُلٽريءَ جو اُڦـَٽ مرڻ ۽ ٻئي پاسي رِڇَ جي حامين جو پٽ تي اُٿي بيهي هُوڪرا ڪري نچڻ. رِڇَ جي ڀـَـرَ وارا وڏيون رڙيون ڪري رِڇَ کي شاباسون ڏيندي چوڻ لڳا: “اهو ٿي لُوسي... هَئي ڙي نـَـرَ هَئي... وٺ ٻئي کي... اتي اَچُ نه...!!!”
رِڇَ به بغير ڪنهن دير جي ڪنڌ ۾ چَڪُ هنيل ڪُتي کي اڳئين چنبي سان ڌَڪُ هڻي ورائي جو اڳيان ڪيرايو ته ڪُتو به ڪـَئـُون ڪـَئـُون ڪرڻ لڳو...!!! وري جو رڇ ڀُوري ڪُتي کي ڄنگهه ۾ چَڪُ هڻي هوا ۾ مٿي کڻي ورائي جو زور سان پـَٽَ تي سـَٽـِـيو ته ڀـُوري ڪـُتي جي هڏن ڀڄڻ جا آواز راڄن ٻـُڌا...!!! باقي بچا ٻه ڪـُتا تن جو پنهنجن جو حـَشـَـرُ ڏٺو ته پراون جي بـَڇـُن کي پٺي ڏيئي ٿورو پـَرڀـَرو ٿي رِڇَ تي ڪنڌ جهاڙيندي ڀؤنڪڻ لڳا...!!!وڏيري جو پنھنجن ڪُتن جو اهڙو حـَشـَـرُ ڏٺو ته سندس منهن ئي لهي ويس. جن شرطون کٽيون تن دهلن ۽ شرناين تي رَقص پئي ڪيا. بـَڇَ جي ختم ٿيڻ کانپوءِ وڏيري خـَانُوءَ کي ڪُتن جي ڪوتاھيءَ تان ڏاڍي ڇنڊ پٽي. بعد ۾ وڏيرو قمرالدين، ڊي.ايس.پي صاحب ۽ تـَـرَ جا ٻيا خاص چڱا مُڙس سائين ڀُورل شاهه جي ميزبانيءَ ۾ اوطاق تي آيا. جتي کائڻ ۽ پيئڻ سان گڏ ٻيو به گهڻو انتظام ٿيل هو. هن سال ته وڏيري قمرالدين جي فرمائش تي لاهور جي ڳاڙھي بازار مان ٺاھوڪيون ناچڻيون پڻ گهرايون ويون هيون. هن ڀيري به هرسال جيان خـَانُوءَ جهڙن چمچن کي اوطاق جي دَرَ تان ئي واپس ڪيو ويو. خـَانوءَ به لاهوري جلوه ڏسڻ ۽ پسڻ لاءِ اندر وڃڻ خاطر گهڻيون ئي وَٽـُون سـَٽـُون ڏنيون پر وڏيري ڇڙٻ ڏيندي چـَيـُس: “اڙي حق تي ماڻهو چـِچـِـڙُ چوندا اٿئي نه...!!! جاڏي ٿو وڃان تاڏي ٿو ڪُتي وانگر ڪـَڍَ لڳين...”
وڏيري کيسي مان هزار جو نوٽ ڪڍي خـَانُوءَ جي ٻُوٿ تي هڻندي چَيُس: “هاڻي ٽـَـرُ ھتان ۽ وڃي گهـُم ميلو...” خَانُو پهريون ته کـِکـَو وِکـَو ٿي ويو پر پوءِ پنهنجي لڄ بچائيندي دل ۾ چوڻ لڳو: “چڱو ٿيو جو چِچَڙ آهيان، هڪ جاءِ تي ته چنبڙيل آهيان توھان وڏن ماڻهن وانگر مـَـکِ ٿوروئي آهيان جو ڪڏهن هـِنَ ڍَير تي ته ڪڏهن هـُنَ ڍَير تي...”
بـَس پوءِ خـَانُو مسڪين لاهوري لــَست کي وساري هزار جي نوٽ کي مـُٺِ ۾ ڀيڪوڙي ميلي جو رُخُ ڪيو. چوڏس وڏا لــَقــَاءَ هـُئا، چرس ۽ ڀنگ ته عام پئي هلي. ڊانس ٿيٽر ۾ پنجاب مان آيل خوبصورت ڇوڪرين جي ناچ خـَانُوءَ کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو. ٿوري گهڻي ڇـِڪ ڇـِڪان کانپوءِ ٽن سون ۾ هڪ وچولي مائيءَ کي راضي ڪري ورتائين. شاميانن سان ٺاهيل هڪ ننڍڙي ڪمري جي کٽ تي جيئن ئي خـَانُوءَ ان اڌڙوٽ عورت کي ڀاڪر پائي کٽ تي دسيو ته همراهه جو مٿو ٺڪاءَ وڃي کـَٽَ جي پاٽيءَ ۾ لڳس، بس پوءِ ته هڪ هَانءَ ڦـَاڙ رَڙِ خَانُوءَ جي وات مان نڪتي ۽ همراهه جا هوش ئي ڇڏائجي ويا. ٿوريءَ دير کانپوءِ همراهه جڏهن هوش ۾ آيو ته خبر پيس ته سامهون واري رَنَ نه پر کدڙو آهي ته خـَانُوءَ جي پيرن هيٺان زمين ئي ڇڏائجي وئي. خـَانُو ٽن سون جي وڃائجڻ تي صفا توائي ٿي ويو پر پوءِ به ھو چپ رهيو ڇو ته ميلي ۾ کدڙن ۽ گھر اندر زال سان پڄڻ ھن جي وس جي ڳالھه نه ھئي. ڪم نڪتي کانپوءِ بوڇڻ ڇنڊي ڪاوڙ ۾ ڦوڪاٽ ڪندي جڏهن خـَانُو ٻاهر نڪتو ته سڌو وڃي هڪ همراهه سان ٽڪريو. پوءِ هــَمَ نه تــَـمَ اچي همراهه سان گارين ۾ شروع ٿي ويو. هو همراهه به هن وانگر ڪو تپيو پئي آيو، پوءِ ته ٻئي ٻکين پئجي ويا. ماڻهن جو هُجوم جمع ٿي ويو پر ٻنهي کي ڪوئي به ڇڏائڻ لاءِ ويجهو نه پئي آيو. ٻئي جڏهن وڙهي وڙهي ساڻا ٿي پيا ته هڪٻئي مان هٿ ڪڍي ويهي رهيا. خـَانُوءَ ڪاوڙ مان ماڻهن کي ڏسي چيو: “اڙي شرم نه ٿو اَچَيو ڇڏايو ڪو نه ٿا...!!! رِڇَ ڪتي جي ويڙهه ڪو نه پئي ٿئي جو بيهي تماشو ٿا ڏسو، اڙي ماڻهو ٿا وڙهون...!!!” پر ماڻهن خـَانُوءَ کي کنگهيو ئي ڪو نه ۽ نيٺ ٻنھي هڪٻئي کي توائيءَ ۾ ڏسي بوڇڻ ڇنڊيا ۽ پنهنجو پنهنجو رستو وٺڻ ۾ خير سمجهيائون...
ميلي جي موٽ تي وڏيري خـَانُوءَ جي لٿل منهن کي ڏسندي پـُڇيس: “اڙي خـَانُو خير ته آهي، ڇا تي منهن سُجايون ويٺو آن...؟؟؟”
خـَانُوءَ ڦِـڪائيءَ مان وڏيري کي ورندي ڏيندي چيو: “بس سائين اهي سـُور ئي نه پڇو هيل ميلو پاڻ کي ٺــُپ لڳوئي ڪونه...”
پوءِ ساڻس جيڪا وارتا ٿي هـُيـس سا سموري بيان ڪري وڏيري کي ٻڌايائين. جڏهن وڏيري خـَانُوءَ سان ٿيل جـُٺيون ٻـُڌيون ته اچي ٽهڪن ۾ پيو، جنهن تي خـَانُـوءَ لڄ کان ڪنڌ هيٺ ڪندي وڏيري کي چيو: “سائين ڀلا ڇا ڪيون، نفس مارڻ لاءِ جڳاڙ به ته ڪرڻو آ نه...”
وڏيري ورندي ڏيندي چيُس: “اڙي چنڊا ڪنھن چؤنڪ جا جُڳاڙ ڪرڻو اٿئي ته پوءِ ڪو ٺاھوڪو ڪر نه، ته جيئن اندر به ٺرئي، اڙي آخر ڪمدار ڪنھن جو آن، وڏيري قمرالدين خان جو جنھن کان سارو تـَـرُ وَنءُ ويندو آ...”
خـَانُوءَ موقعي جو فائدو وٺندي ڀوتار کي پنھنجي اندر جي ڳالھه ٻڌائڻ لاءِ وَٽُ کاڌو ۽ ڪجھه ويرم کانپوءِ اک ٽيٽ ڪري وڏيري ڏانهن ڏسندي چيائين: “سائين اک ته رکيون ويٺو آهيان پر پوءِ...”
وڏيري رھڙ پٽيندي چيس: “اڙي پر جو مطلب ڇا...!!! منھنجي ھوندي به توکي ڪنھن کان ڊڄڻ جي ضرورت آهي ڇا...!!!؟؟؟”
خـَانُوءَ ڏند ٽيڙي خوشامدي لهجي ۾ وڏيري کي چيو: “بس سائين اوهان جو هٿ مٿان هجي باقي چڱن ڀلن جي مجال ناهي جو ڪُڇِي به سگهن...”
وڏيري مـَامَ ڀريل نظرن سان خـَانُوءَ کي ڏسندي چيو: “معنيٰ چئبو ته ڪنھن ٺاھوڪي پکيءَ کي اک ۾ رکيون ويٺو آن...!!!؟؟؟”
خَانُوءَ ٿورو وڌيڪ ئي تشويش ڏيارڻ واري انداز سان وڏيري کي چيو: “سائين اوھان به دنيا ڏٺي آ ۽ گھڻا ئي جھان ھيٺان لتاڙيا اَٿــَو پر پڪ سان ٿو چـَوانـوَ جي توھانکي ان پکيءَ جي خبر پئي ته پوءِ توھان به کيس جھٽڻ لاءِ وسون نه گھٽائيندئو...”
وڏيري شراب جي نشي ۾ ڌُت هُجڻ باوجود ڳنڀيرتا واري انداز ۾ چيس: “اڇا...!!! اھو وري ڪھڙو پکي آ جيڪو ايڏو خوبصورت ھجڻ جي باوجود به اسان جي جـَپـَيـٽ کان بچيل آ...!!!؟؟؟”
خـَانُوءَ گرم لوهه تي ڌڪ ھڻندي دير ئي نه ڪئي: “سائين منھنجو اشارو مومل ڏانھن آھي جڏھن کان ڏٺو ٿي مانس ته ڄڻ اندر ۾ کَاٽُ ھڻي ڇڏيو اٿائين...”
وڏيري منهن ۾ گهنج وجهندي پڇيس: “اڙي اھا مومل وري ڪير آ...!!!؟؟؟”
خَانُوءَ ھيٺاھين وٺندي چيس: “سائين اھا ئي پاڻ واري ماستر دين محمد واري ڇوري...”
وڏيري به ھلڪي مُرڪ مُرڪندي چيس: “ھا تعريف ته ڇوريءَ جي مان به گھڻي ئي ٻڌي آ، ماستر ان کي پڙھڻ لاءِ يونيورسٽيءَ به ته موڪليو ھو نه...؟؟؟”
خـَانُوءَ صفا ترو وٺندي ورندي ڏيندي چيس: “ھائو سائين بلڪل سؤ سيڪڙو سچ ٿا چئو اصل ڏسڻ ۾ ڪنھن حـُور کان گھٽ ناھي ۽ جڏھن کان وري يونيورسٽي مان پڙھي موٽي آ ته ڄڻ رنگ ئي نئون چڙھي ويو اٿس...”
وڏيري ڏند شيڪي ڦـِڪي کـِلَ چپن تي آڻيندي چيس: “اڙي جي ايڏو ئي ٿو ھينئون ڦاٽئي ته پوءِ چنتا ڇا جي اٿئي...!!!؟؟؟ وجھينس ڄار ۽ ڪرينس قيد پاڻ واري ڪچي واري بنگلي ۾...”
خـَانُوءَ خوشيءَ مان سينو ڦوڪيندي رئيس کي جواب ڏيندي چيو: “سائين اوھان جو حڪم اکين تي ۽ مان ٿو چوانوَ ته اصل فڪر ئي نه ڪيو مـُومل سڀ کان پھريون اوهان جي قدمن ۾ هوندي پر سائين سندس ڀاڻس اياز ۽ مڱيندو اڪبر...!!!؟؟؟”
وڏيري ھلندي گاڏيءَ ۾ سيٽ کي ٽيڪ ڏيندي چيو: “ايڏي جرائت اٿن جو مون سان کونس ڪندا...!!!؟؟؟”
خَانُوءَ ڳنڀيرتا سان وڏيري کي ڏسندي چيو: “سائين جي گدڙ جي گھر ۾ گھربو ته وڙھڻ ته اھو به ايندو، ھي ڇورا نه صرف يونيورسٽي مان پڙھي آيا آھن پر ان سان گڏوگڏ سياست ۽ دنياداريءَ ۾ به گھٽ ناھن رھيا...”
وڏيري ڪجهه سنجيدگيءَ مان اکين کي ڀڪوڙيندي چيس: “چئين سچ ٿو انھن ڇورن به گھڻو ئي نڪ ۾ دم ڪيو آ ڪافي شڪايتون مليون آھن انھن جون. خبر نه ٿي پئي ته انھن کي ايڏي مڳي آئي ڪٿان آ...!!! ٺيڪ آ جي اھا ڳالھه آ ته پوءِ تون انهن ڇورن جي پرواهه نه ڪر ۽ جي گهڻي گهڻي ڪيائون ته رکجانِ ٻه سِـڌِيـُون...!!!”
وڏيري جي اھڙي دلجاءِ ملڻ تي خـَانُوءَ جون ته واڇون ئي ٽڙي پيون ھن وڏيري کي پڪ ڏيندي چيو: “سائين بس پوءِ ته فڪر ئي نه ڪريو سمجهو ته مـُومل ستت ئي پھريون اوهان جي قدمن ۾ پٽيندي...”
وڏيري به خـَانُوءَ کي بي کٽڪو ٿي چيو: “باقي جيڪڏهن ڪو ڦڏو ٿيو به ته ڏسي وٺبو، جي ٻيو نه ته به مومل کي ڪنهن سان ڪاري ڪري ڇڏينداسين ۽ پوءِ وري به بڻبي ته پنهنجي ئي حويلي جي زينت...!!!”
وڏيرو خـَانُوءَ سان گڏ وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو. وڏيري قمرالدين جو ڳوٺ چڱو خاصو وڏو ھو. ڊِنگُ ذميندار ھجڻ سان گڏوگڏ ھو سياست جي شطرنج جو به کيڏاري ھو. مجال جو تـَـرَ ۾ ھن جي مرضيءَ ۽ منشا کانسواءِ ڪو پکي به پـَـرُ ھڻي. مُومل ماستر دين محمدجي ڌيءَ هُئي جيڪا گذريل سال ئي يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ڊگري وٺي آئي هئي ۽ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ ٻار پڙهائيندي هئي. وڏيرو مـُومل جي سـُونهن ۽ ارڏائي جي باري ۾ اڳ ئي گھڻو ڪجھه ٻڌي چڪو ھووري جو خـَانُو چـِچـِڙَ دُنگي دُکائي ان تي تيل ھاري ڀنڀٽ ٻاريو ته وڏيري جي انا به اچي ڪـَـرُکنيو...
ماستر دين محمد سڄي زندگي ڳوٺ جا ٻار پڙهايا هئا تنھن اِن ڳالهه ۾ ئي ڀلائي سمجھي ته سندس ڌيءَ به يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڳوٺ جي ٻارن ۽ خاص ڪري نياڻين کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪري. انھيءَ ڪري ماستر دين محمد ڌيءَ کي ڳوٺ واري اسڪول ۾ ماستريءَ جي نوڪري وٺرائي ڏني. اڪبر ۽ اياز به ڄامشوري جي پٿريلي زمين تان علم جي اُڃ اجهائي آيا هئا. مومل اڪبر جي مڱ ھئي ۽ ستت ئي ٻنھي جي شادي به ٿيڻ واري ھئي. اڪبر ۽ اياز يونيورسٽيءَ ۾ رھندي به پنهنجي ڳوٺ ۽ تـَـرَ جي هر مظلوم ماڻهوءَ جي سهائتا لاءِ هرقسم جي اخلاقي ۽ قانوني مدد ڪئي ھئي. هنن جي ذهن ۽ سوچن ۾ هڪ نئين ۽ انقلابي سنڌ جا سپنا سمايل هئا. هر مظلوم تي ٿيندڙ ظلم کي هو پنهنجو پاڻ تي محسوس ڪندا هئا. اهوئي سبب هو جو هو ڪيترائي چڪر وڏيري قمرالدين جي سامهون پڻ ٿيا هئا ۽ وڏيرو به پنهنجي سياسي ساک جي ڪري هنن کان ائين لنوائيندو هو جيئن ڪانءُ ڀڄي ڪمان کان. پر هيل ڄڻ ته وڏيري قمرالدين کي به هڪ ڌڪ سان ٻه شڪار ڪرڻ جو موقعو ملي ويو...
خـَانُو پنھنجي خواھش پوري ڪرڻ لاءِ وڏيري کي ڏاڪڻ بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ وجھه وٺي نيٺ وڏيري کي اعتماد ۾ به وٺي ڇڏيائين بس ھاڻ ته ھن جي ذھن ۾ صرف مـُومل ئي سمايل ھئي پر مـُومل کي ماڻڻ ايترو سولو ته ڪو نه ھو. انھيءَ ڪري ھو ڏينھن رات ٽڪساٽ جوڙڻ لڳو ته ڪيئن به ڪري وڏيري جي طاقت کي استعمال ڪري مـُومل کي ماڻي. نيٺ ھڪ رات اُجھي ٻـُجھي ۽ سموري جـَانچ جـُونچ لھي اوطاق تي خـَانُوءَ وڏيري کي سمورو طئه ڪيل پروگرام ٻڌايو ۽ وڏيري کي پڪ ڏياريندي چيائين: “سائين مـُومل کي سڀاڻي اسڪـُول کان موٽندي اغوا ڪري ٻيلي واري بنگلي تي ٿانـِيڪو ڪنداسين. باقي رهيا اياز ۽ اڪبر ته اهي ٻئي ڇوراشهر ويل آهن جي خبر پين ۽ موٽ به ڪيائون ته پوءِ اوھان جي حڪم مطابق منهن ڏئي وٺنداسين. ھونءَ به وات ڳاڙھا ڇورا آھن، جذباتي ٿي ڪو نه ڪو ابتو قدم ضرور کڻندا ۽ اسان به انهن جي جذباتي پڻي جو فائدو وٺندي موقعي ۽ مهل مطابق اُڦـَٽ ڦتڪائي ڇڏينداسين...”
وڏيري خـَانُوءَ کي شاباسي ڏيندي چيو: “اتي اچ نه ھاڻ پڪ ٿي ته تون منھنجو ڪمدار آھين ۽ ھا چئين سچ ٿو جي ڇورن کي ڪا ٻـَاٻـُور به پئي ته پوءِ کڻندا ضرور ڪو ابتو قدم. جوانيءَ جو اھو جوش ئي ته آھي جنھن کي اسان جھڙا آڙيڪاپ وڏيرا ۽ سياستدان استعمال ڪري انھن وات ڳاڙھن کي آڱرين تي نچائيندا آھن. خير اھي ڇورا گدڙ ڀـَڀـِڪيون گھڻيون ٿا هڻن باقي آھن کوکلا ۽ مان به ته اھو ئي ٿو چاھيان ته ڇڙو ٿين آپي کان ٻاھر ته پِـيـڙِھـيَانِ گھاڻي منجھه ۽ ڪڍانِ تيل. منھنجي طرفان اجازت ٿئي جيئن ئي موقعو ملئي ته اُڏائي ڇڏجانِ...”
خـَانُو به وڏيري آڏو جھڪندي وڃي پٽ تي پيو ۽ واڇون ٽيڙي وڏيري کي چيائين: “ڀوتار توھان فڪر ئي نه ڪريو اصل اھڙي چال ھلندس جو نانگ به مري ۽ لٺ به بچي...”
خـَانُو وڏيري کي سربستو حوال ڏئي روانو ٿي ويو. وڏيرو ٻئي ڏينهن جي انتظار ۾ سڄي رات لُڇندو رهيو. ٻئي ڏينهن خـَانُو ڌاڙيلن جو ٽولو وٺي مـُومل کي منجهند جو اسڪُول کان موٽندي ئي اغوا ڪري وڏيري قمرالدين جي ٻيلي واري بنگلي تي کڻائي آيو. جڏھن مـُومل جي کنڀجڻ جي خبر اڪبر ۽ اياز کي پئي ته انهن ڳوٺ پهچڻ ۾ دير ئي نه ڪئي. ماستر دين محمد جنھن جي سڄي زندگي ٻارن کي پڙھائيندي گذري وئي ۽ جيڪو ڳوٺ وارن جي خدمت ڪندي پنھنجي اجري مـَـنَ وانگر پنھنجن وارن کي به چانديءَ ۾ تبديل ڪري چڪو ھو سو پنھنجي گھر جي اڱڻ ۾ پنهنجي پـُٽ اياز ۽ ڄاٽي اڪبر سان انتهائي پريشاني ۽ اداسيءَ واري حالت ۾ ويٺو هو. زندگيءَ ۾ پھريون دفعو ھن جو آواز ڳرو ھو، ھن ٻنھي جوانن کي چيو: “با ڌرتيءَ ۽ ننگن تان سـِـرَ ڏيڻ جا سبق ته لطيف جي ٻوليءَ ۾ امڙ لولي ڏيندي ئي ڏيئي ڇڏيا ھئا ۽ مان ھن پيريءَ ۾ توھان کي اھو ئي ٿو چَوانوَ ته پنھنجن ننگن جي حفاظت ڪندي جي سِـرُ به گھورڻا پَــوِنـِـوَ ته پٺتي نه ھٽجو، پر ھڪڙي ڳالھه ھميشه لاءِ سمجھي ڇڏجو ته جيڪو جسم سان گڏ عقل سان به وڙھندو آ دائمي فتح ان جي ئي ٿيندي آ. اميد ٿو ڪيان ته ٿوري ۾ گھڻو ئي سمجھي ويا ھوندئو، منھنجي چِٻي ٿيل چيلھه کي سڌو ڪري بيھارڻ ھاڻ توھان جو ئي ڪم آ...”
اياز ۽ اڪبر ماستر دين محمد کي دلجاءِ ڏئي گهران هليا ويا. رات پيٽ ۾ ئي ھنن مومل جي اغوا جا پيرا کنيا ته انھن کي اھي وڏيري جي ڪچي واري بنگلي ڏانھن ئي ويندي مليا. ھنن سموريءَ ڳالهه جي ڄاڻ ورتي ته مـُومل کي اغوا ڪرڻ جي سازش ڪنھن جي ھئي ۽ ان کي ڪنهن، ڪيئن ۽ ڪنهنجي هٿان اغوا ڪرايو هو ۽ ھوءَ هن وقت ڪٿي هئي. اياز جي اکين آڏو بار بار ڀيڻ جو چھرو پئي آيو ۽ جڏھن ھن کي سموري زندگي مسڪرائيندڙ پيءُ جي اکين جا ڳوڙھا پئي ياد آيا ته ان وقت ھو وڌيڪ جذباتي ٿي پئي ويو. ھن اڪبر کي چيو: “اڪبر ٻيو ڪوئي به چارو ڪونھي سواءِ ان جي ته پاڻ ھٿيار کڻون ۽ وڏيري جي ٻيلي واري بنگلي تي ھـُلان ڪيون پوءِ جيڪو ٿيندو ڏٺو ويندو. مان ھاڻ ئي شھر ٿو وڃان ۽ اتان ڪجھه دوستن سان گڏ ھٿيارن جو بندوبست ڪري پڪي صبح جو ھتي ٿو پھچان. تيستائين تون ھتي ڪجھه ٻين دوستن جو بندوبست ڪر...”
اڪبر اياز کي سمجھائيندي چيو: “اياز مان تنھنجي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کي سمجھان ٿو پر ان سان گڏ مان اھو به سمجھان ٿو ته ان مسئلي جو حل صرف ھٿيار کڻي وڙھڻ ناھي. ڏس تون غلط نه سمجھجانءِ مومل منھنجي مڱ آھي ۽ ھوءَ منھنجي به عزت آھي. تنھنڪري پاڻ کي جيڪو ڪجھه ڪرڻو پوندو اھو سوچي سمجھي ڪرڻو پوندو ڇو ته وڏيرو قمرالدين ايترو ننڍڙو ماڻھو ناھي جيترو جذبات ۾ اچي تون سمجھين ٿو...”
اياز ڪاوڙ ۾ ايندي اڪبر کي چيو: “چڱو ڀلا پوءِ تون ئي ٻڌاءِ ته اھڙي صورتحال ۾ ڇا ڪيون ھٿ ٻڌي ويھي رھون. ھن وقت تائين ھنن رھزنن اديءَ جو ڪھڙو حشر ڪيو ھوندو تو کي ان ڳالھه جو اندازو به آھي...!!!؟؟؟”
اڪبر اکين ۾ ڳوڙھن آيل اياز کي ڀاڪر پائي چيو: “پاڻ وڙھنداسين ۽ اھا ويڙهه الڳ ھوندي. ڏس پاڻ پڙهيل لکيل ۽ سمجهدار آھيون ۽ پاڻ چاھيون ٿا ته ھن گندي سماج ۾ جتي ڪنھن به نياڻيءَ جي عزت آسانيءَ سان ڪنھن وڏيري جي حويليءَ جي زينت بڻجي ويندي آ ۽ انھن زندان نُما حويلين ۾ انھن جون رڙيون ڄڻ ته پاتال ۾ دٻجي وينديون آھن، اھڙي سماج کي پاڻ ڊاھڻ چاھيون ٿا ۽ جيڪڏھن ھيل قسمت اسان کي اھڙي موڙ تي آڻي بيھاريو آھي ۽ اھو واقعو اسان جي ننگ سان ٿيو آھي ته مان سمجھان ٿو ته اھڙي موقعي تي پاڻ کي ھر قدم ان انداز سان کڻڻو پوندو جو ھن بيٺل سماج کي ڪو جھوٻو اچي ۽ سنڌ جي ستل ماڻھن جون اکيون کُلن ۽ انھن کي سبق ملي ته اسانجي ننگن تي اکيون کڻڻ وارن جو حشر ڪيترو نه بڇڙو ٿي سگھي ٿو...”
ھڪ طرف اڪبر ۽ اياز وڏيري کي منھن ڏيڻ لاءِ رٿابندي ڪري رھيا ھئا ته ٻئي طرف وڏيرو قمرالدين ڪنهن بکايل بگهڙ وانگر بيوس مـُومل کي پنھنجي حوس جو نشانو بڻائي رھيو ھو. گهاٽي ٻيلي منجهه وڏيري قمرالدين جي ڪوٽن جيڏي ڪوٺيءَ ۾ مـُومل جون ڪُوڪُون ۽ صدائون گُونجڻ کان اڳ ئي ڄڻ ته پاتال ۾ دٻجي ويون. وڏيرو قمرالدين سڄو ڏينهن ۽ سڄي رات مـُومل جي وجود کي پٽيندو ۽ رهڙيندو رهيو. ٻئي ڏينهن صُبح جو ڪوٺيءَ مان نڪرندي وڏيري خـَانُوءَ کي شاباس ڏيندي چيو: “اڙي خـَانُو ڪم ته اهڙو ڪيو اٿئي جو دل ٿي چوي ته سون ۾ توري ڇڏيانءِ. وڃ هُوءَ جل پري تنهنجي ئي انتظار ۾ ويٺي آ...”
وڏيرو مـُڇن کي مهٽي شيطاني مـُرڪ مـُرڪندو رهيو. خـَانُو ته انهيءَ وقت جي انتظار ۾ هو ۽ جڏهن ڪمري ۾ پهتو ته مومل ٽڙڻ کان اڳ ئي ڪنهن مـُرجهايل گُلاب وانگر بيهوشيءَ واري حالت ۾ هن آڏو بستر تي پيل هئي. خـَانُو ڪنهن طوفان وانگر مـُومل تي ڪڙڪيو ۽ ان جي اُجڙيل وجود کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي وڌيڪ اجاڙي ويو...
ٻئي ڏينهن سج اڀري کان اڳ صبح سوير اياز ۽ اڪبر پنھنجي سياسي دوستن سان گڏ ايس - پي، انساني حقن جي تنظيمن، صحافين ۽ ميڊيا جي نمائندن سميت وڏيري قمرالدين جي ٻيلي واري بنگلي تي ڇاپو هڻايو. جتي وڏيرو تـَـرَ جي بدنام ۽ روپوش ڌاڙيلن سان گڏ اغوا ۽ اجتماعي ڏاڍائي جي ور چڙهيل مومل سميت هٿيڪو ٿي پيو. اھڙي اوچتي آفت جو تصور ته وڏيري جي ستن پيڙھين کي به نه ھو ۽ جن ڇوڪرن کي وڏيري وات ڳاڙھو پئي سمجھيو تن وڏيري کي اڄ سڄي زماني آڏو بي نقاب ڪري ڇڏيو ھو. وڏيري پوليس جي گاڏيءَ ۾ ويھندي خـَانُوءَ کي منھن ۾ گھروڙي ڀونڊو ڏيندي چيو: “اڙي لک لعنت ٿي خـَانُو ڪرائي ڇڏيئي نه منھنجو به خانو خراب تو پئي چيو ته وات ڳاڙھا ڇورا آھن، ٻـَاٻـُور پوندي ئي اڏائي ڇڏرائيندم. اڙي ھاڻ ته تـَـرَ ۾ ستن پيڙھين جي پوکيل صدين ۾ به سائي نه ٿيندي...”
بعد ۾ وڏيري جي گُماشتن وڏا زور لڳايا ته ڪيئن به ڪري وڏيري کي ان صورتحال مان آجو ڪرائجي. ان لاءِ انھن ماستر دين محمد، سندس پٽ اڪبر ۽ ڄاٽي اياز کي راڄوڻي فيصلي ڪرڻ جي صورت ۾ ڏنڊ ڏوهه ڀري ڏيڻ جي به آڇ ڪئي پر اھي سڀ حيلا بھانا ناڪام رھيا ڇو ته علم جي سگھه ھنن کي ڏاڍ آڏو جھڪڻ ڪڏھن به نه سيکاريو ھو ۽ هو بغير ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي مڙس ٿي پنهنجي ننگ جي حفاظت لاءِ بيٺا رهيا. ڪورٽ ۾ ڪيس ھليو شاهدن ۽ گواهن جي موجودگي ۽ سماج جي کوڙ سارن ذميوار فردن ۽ حڪومتي ڪارندن آڏو ڏوهه سميت گرفتار ٿيل وڏيري قمرالدين کي تعزيراتِ پاڪستان تحت ساٿين سميت عُمر قيد جي سزا ملي...
ان واقعي کانپوءِ سست ئي اڪبر ۽ مـُومل جي شادي دُهلن ۽ شرناين جي گُونج ۾ ٿي. اڪبر ڄاتو ٿي ته انسان جي زندگي ڀـَلُ ڪيترين ئي تلخ حقيقتن سان ڀريل ڇو نه هجي پر سچي محبت انهن تلخ يادن کي زندگيءَ مان ايئن مٽائي ڇڏيندي آهي جيئن صُبح جو سج پنهنجيءَ جوت سان رات جي ٻـُٽَ اونداهيءَ کي. انقلابي سوچن اڪبر کي انسانيت جي عظمتن جا پيچرا ڏيکاريا هئا ۽ هن به مـُومل سان پنهنجي نئين زندگيءَ جي شروعات صُبح جي ٿڌيءَ هير جي جھونڪي وانگر ڪئي جنهن ۾ زندگيءَ جهڙي ڀرپور تازگي سمايل هوندي آهي. ھن مـُومل سان پنھنجي زندگيءَ جي شروعات ڪرڻ وقت کيس اکين ۾ اکيون ملائي چيو: “مـُومل ھڪ ڳالھه ھميشه لاءِ سمجھي ڇڏ، ماضي ۾ جيڪو به توسان ٿيو ان ۾ تنھنجو ڪوئي به قصور نه ھو. تون منھنجي لاءِ اڄ به ائين ئي آھين جيئن ڪالھه بلڪه اڄ مونکي چوڻ ڏي ته تنھنجي مون وٽ حيثيت اڳ کان به وڌيڪ آھي ڇو ته منھنجي محبت جو بنياد ڪنھن جوشيلي يا ڀڙڪيل جذبي تي ناھي بيٺل پر اھو زندگيءَ جي اٽل حقيقتن ۽ رشتن جي سنجيدگيءَ تي بيٺل آھي...”

10مارچ1999

مونکي توتي فخر آهي

فلاسافي ڊپارٽمينٽ جي ڪاريڊور ۾ سانوري رنگت ۽ وچولي قد وارو عامر ۽ ڪڻڪائي رنگت واري ارم ڪافي وقت کان هڪٻئي کي پنهنجي ڳالهه مڃائڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي رهيا هُئا. ارم جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا جيڪي سندس اکين آڏو آيل وارن جي اوٽ ۾ بار بار لڪي رهيا هئا پر هوءَ پنهنجي ڀــِنـَل اکين ۽ التجا واري انداز ۾ عامر کي ڄڻ ته خوف وچان منٿون ڪندي چئي رهي هئي: “عامر آخر تون پنهنجي ضد تان لهين ڇونه ٿو...!!!؟؟؟ جيڪڏهن تون هنن خلاف نه ڳالهائيندي ته ڪهڙو آسمان ٽٽي پوندو...!!! مونکي عرفان ٻڌايو آ ته هو توکي مارڻ لاءِ سڄي يونيورسٽيءَ ۾ ڳولهي رهيا آهن. عامر توکي منهنجو واسطو تون پنهنجي ضد تان لهي وڃ ۽ ڪجهه وقت لاءِ يونيورسٽي ڇڏي وڃ...”
عامر ارم جي اهڙي اڻ تڻ ۽ پريشاني کي سمجهندي ڪنڌ هيٺ ڪري مسڪرائڻ لڳو ۽ پوءِ هڪ پُراعتماد لهجي سان اِرَم کي سمجهائيندي چيائين: “ارم مونکي ان ڳالهه جو ڏک نه آهي ته عرفان توکي مونسان ٿيل سمورن واقعن جي باري ۾ سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو آهي. پر سچ پڇين ته تنهنجي اکين ۾ آيل ڳوڙهن کي ڏسي ۽ تنهنجي التجا واري لهجي ۾ بزدلي محسوس ڪري مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو آهي. مان هميشه توکي مضبوط ارادن، ڏک ۽ تڪليفن کي پاڻيءَ وانگر اوتي ڇڏڻ ۽ مصيبتن کي بُردباريءَ سان منهن ڏيڻ واري ڇوڪري سمجهيو هُيم...!!!”
عامر هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ ٿوريءَ دير کانپوءِ ارم ڏانهن سواليه نظرن سان ڏسڻ لڳو. ارم جيڪا عامر جا جُملا ٻڌڻ کانپوءِ بـُت بڻجي کيس ڏسي رهي هئي، سا عامر جي ٻيهر ڳالهائڻ تي ڇرڪي پئي: “ارم جيڪڏهن تنهنجو بابا هن يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر هجي ۽ شاگردن جي روپ ۾ سياست جي آڙ وٺي غنڊاگردي ڪندڙ ڪجهه لوفر ڇوڪرا پنهنجن ناجائز مقصدن ماڻڻ لاءِ کيس مار ڏين ۽ تنهنجي بابا کي ڌمڪيون ڏين ته جي اسان جو ڪم نه ڪيئي ته پوءِ اسان تنهنجي پٽ يا ڌيءَ کي اغوا ڪنداسين، ته پوءِ ان وقت تنهنجي ذهن ۾ ڪهڙا خيال گردش ڪندا...!!!؟؟؟ پوءِ ڇا تون پنهنجي بابا کي به اهو ئي چوندينءَ ته بابا نوڪري ۽ يونيورسٽي ڇڏي گهر اچي ويهي رهو...!!!؟؟؟”
ارم بُت بڻجي عامر کي ڏسندي رهي جنھن جو چيل هڪ هڪ جملو هُن جي ذهن کي جهنجهوڙي رهيو هو، هوءَ ڪُجهه به ڪڇي نه سگهي. شايد لفظ هن جو ساٿ ڇڏي ويا هُئا. عامر هڪ دفعو ٻيهر ارم کي پُر اعتماد لهجي سان سمجهائيندي چيو: “ارم آخر ڪيستائين اسان اهي ذلتون برداشت ڪندا رهنداسين...؟؟؟ هن ڌرتيءَ ته هزارن سالن کان ڌارين لٽيرن کي پنهنجي سيني تي خيما کوڙيندي برداشت ڪيو آهي. ڌرتيءَ ڄاين عورتن جي عزتن کي ڌارين جي حـَـوَسَ جو نشانو بڻجندي ڏٺو آهي. هن ڌرتيءَ پنهنجن ڪونڌرن جي ڪپيل ۽ چچريل جسمن کي پنهنجي آغوش ۾ جاءِ ڏني آهي ۽ هر دؤر ۾ سِسِڪندڙ ۽ سُڏڪندڙ ماڻهن کي پنهنجي تاريخ جي بابن ۾ مظلومن جي حيثيت ۾ امرتا بخشي آهي. پر هاڻ جڏهن اسان ان غلاميءَ جي طوق کي مـَـسَ مـَـسَ پنهنجي ڳچيءَ مان لاهي سـَـاهَه کڻڻ جهڙا ٿيا آهيون ۽ مستقبل ۾ جديد دنيا سان مـُـهاڏو اٽڪائڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي هڪ قوم جي حيثيت ۾ تيار ڪري رهيا آهيون ته ان وقت سياست جي مهذب نالي ۾ چند لوفر غنڊاگردي ڪري اسان جي تعليم ۽ اسان جا تعليمي ادارا تباهه ڪن ۽ پوءِ اسان جهڙا پڙھيل لکيل، سمجھدار ۽ انقلابي ماڻهو به چُپ ڪري ويهي رھن ته پوءِ ٻين کي ڪهڙي ميار...!!! ارم ڏس اسان هڪ مهذب قوم جا سڌريل فرد آهيون ته پوءِ اسان پنهنجن تعليمي ادارن ۾ اهو ڪيئن برداشت ڪيون ته شاگردن جي روپ ۾ چند غنڊا معصوم نياڻين جي منهن ۾ سگريٽن جا دُونها هڻن، سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ مان تعليم حاصل ڪرڻ جا خوبصورت خواب کڻي ايندڙ شاگردن کي مارڪٽ ڪن ۽ انهن کي هر وقت هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي ويٺا هجن، استادن جا مٿا ڦاڙن ۽ انهن جي عزتِ نفس ايتري مجروح ڪن جو هو استعيفا ڏيڻ تي مجبور ٿي پون، پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ مزدوري ڪندڙ ڌوٻين، ريڙهي وارن، جوس وارن ۽ ڪينٽين وارن کي خواهه مخواهه مارڪٽ ڪن ۽ مفت خوريون ڪن ۽ جيڪڏهن وري ڪوئي ڀتو نه ڏئي ته ان جي روزگار تي لت ڏين. سياست جي آڙ ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اغوا ڪري پريس ڪلب کڻي وڃن ۽ ڏنڊي جي زور تي انهن کان نعرا هڻائن ۽ هٿ هوا ۾ لوڏي گهوڙا گهوڙا ڪندا وتن ته شاگردن سان ظلم ٿي ويا، شاگردن سان هي ناحقُ آ، هيءَ ويڌن آ، شاگردن کي جيئڻ نه ٿو ڏنو وڃي، استاد ڪلاس نه ٿا وٺن ۽ انتظاميا جي ته ھھڙي جي تھڙي، ڏسي رھندا سين...!!!”
عامر جذبات ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ هن کي به ارم وانگر آسپاس جي ماحول جي ڪائي سـُـڌِ ئي نه رهي. آسپاس گذرندڙ شاگرد، شاگردياڻيون ۽ استاد هنن ٻنهي کي اچرج وچان ڏسندا رهيا. پر عامر سموري دنيا کان بي نياز ٿي وري ڳالھائڻ لڳو: “اڙي او يونيورسٽي جا وي-سي...!!! توکي ٻڌائي ٿا ڇڏيون ته جيڪڏهن اسانجا مسئلا حل نه ڪيئي ته پوءِ سمجهي ڇڏ اسانکي خبر آهي ته تنهنجو پٽ ۽ ڌيءَ ڪٿي پڙهن ۽ اٿن ويهن ٿا...!!! اسان توکي آمريڪا ۽ يورپ جا دؤرا اڪيلا ڦٻڻ ڪونه ڏينداسين تنهنڪري سڌي رستي تي اچي وڃ نه ته...!!!”
۽ پوءِ عامر طنز ڀريل انداز ۾ مُشڪندي چيو: “پوءِ توکي خبر آ ته ڇا ٿيندو آهي...!!!؟؟؟ سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن جا سمورا مسئلا انتظاميه سان سندن رٿيل ھڪ ئي ميٽنگ ۾ حل ٿي ويندا آهن ڇو ته اڇي کي ڪارو ۽ ڪاري کي اڇو ڪرڻ واري انتظاميه غنڊن ٽائيپ شاگردن کي ڳالهين بهاني گهرائي ٻه ٽي لک ۽ ڪجهه ڊپارٽمينٽ جون مهانگيون سيٽون وڪڻڻ لاءِ ڏئي کين خوش ڪندي ڳالهه لَئِه مِٽي ڪري ڇڏيندي آ...!!!”
عامر جڏهن ڳالهه پوري ڪئي ته پوءِ پنهنجي آس پاس بيٺل شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڏٺائين ۽ سڀني تي اڇاتري نظر وجهڻ کانپوءِ ارم کي چيائين: “ڪاش ارم...!!! جيڪڏهن تون سنڌي قوم سان ٿيندڙ انهن معمولي نظر ايندڙ پر اصل ۾ ائٽم بم کان به وڌيڪ خطرناڪ مسئلن کي سمجهي سگهين ها، ڪاش...!!! تون اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪرين هاته انهن چند غنڊن جي غنڊاگردي ۽ دادگيري سبب سنڌ ڌرتي ۽ ان جي تعليمي ادارن جي ڪهڙي نه وڏي تباهي ٿي رهي آهي ۽ ڪيئن نه اسانجي اکين آڏو اسان جي سنڌ جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي...!!! جيڪر تون اهو ڄاڻين ها ارم ته پنهنجن جي شروع ڪيل هن راند ۾ ڪنهن جي بازار پئي لٽجي ته شايد اڄ تون مونکي ڀاڙيو ٿي پٺتي پير ڪري ڀڄڻ بجاءِ مونسان گڏ هجين ها...!!!”
عامر شاگردن جي وچ مان نڪري هليو ويو ۽ ارم بنا ڪجھه ڪڇڻ جي بُت بڻجي عامر کي ڏسندي رهي. شاگردن جي ڇڙوڇڙ ٿي وڃڻ کانپوءِ ارم پنهنجي اندر ۾ مـَتل آنڌ مانڌ کي سنڀالي ۽ سوچن جي بيڪران سمنڊ کي سميٽي فلاسافي ڊپارٽمينٽ جي ڀرسان ان ڇت ڏانهن وڃڻ لڳي جتي عامر ۽ هوءَ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويھي ڪچهريون ڪندا هئا. ارم پنهنجو پاڻ کي سنڀاليندي ڪانڪريٽ جي هڪ ننڍڙي پـِلـَرَ کي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهي، جتي هن ۽ عامر گڏ ويهي محبت ۽ گڏجي زندگي گذارڻ جا الائي ڪيترا خواب اڻيا هئا... سياري جي ٿڌڙي ۽ وڻندڙ اُس جو ڇُهاءُ هُن لاءِ بي معنيٰ بڻجي پيو هو. هوءَ عامر جي اڄوڪي ڪردار تي مسلسل سوچي رهي هئي. هن کي ماضيءَ جي ڌُنڌ ۾ عامر سان گذاريل اهي سمورا پـَلَ ذهن جي ڪئنواس تي چِٽا ٿيندي نظر اچي رهيا هئا. هن کي اهو وقت ياد اچي رهيو هيو جڏهن عامر پهريون دفعو هلندڙ ڪلاس ۾ آيو هو جنهن تي مئڊم ناز پهريون ته هن کي يونيورسٽي دير سان جُوائن ڪرڻ تي دڙڪا ڏنا هئا ۽ پوءِ سڀ ڪلاس فيلو پريشانيءَ وچان عامر جي لٿل چھري تي ٿورو کِليا هُئا ۽ پوءِ مئڊم سڀني کي دڙڪا ڏيئي چپ ڪرايو هو ۽ عامر کي چيو هو ته:“اوهان پنهنجو تعارف ڪرايو...”
اُن وقت جڏهن اتر سنڌ جي هن ڪڻڪ رنگي نوجوان پنهنجو تعارف ڪرايو هو ته ارم کي ان جي ڳالهائڻ جي انداز ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ هن جي شخصيت ۾ موجود سچائي ۽ ڀرپور سادگي هُن کي تمام گهڻو موهي وڌو هو. ارم کي اڄ به عامر جو ڏنل پهرين ڏينهن وارو اهو ليڪچر ياد هو جڏهن عامر ڏُکَ ۽ خُوشيءَ جي فلسفي تي ڳالهائيندي ڀٽائيءَ سميت سنڌي، اردو، پنجابي ۽ سرائيڪي شاعريءَ جا ڀنڊار کولي رکيا هئا، هن کي عامر جا اهي لفظ چٽيءَ طرح ياد اچي رهيا هئا: “ڏک ۽ خوشي انسان جي زندگيءَ جا ٻه اڻــٽُــٽُ حصا آهن، جيڪي هر وقت ان جي وجود جو پاڇو بڻجي ان جا ساٿي ٿي هلندا آهن پر ڏُک خوشيءَ تي تمام گهڻو حاوي آهي ڇوته خوشي به اڪثر اسانجي اکين ۾ ڳوڙها آڻي ڇڏيندي آهي. لڙڪن ۽ مُرڪن جو سودو ڪرڻ انسان جي هٿ ۾ آهي، جيڪڏهن وقت ۽ حالتون ان لاءِ ڏک کڻي اچن ته ان کي ٻين جي آڏو ڪڏهن به روئڻ نه گهرجي ڇو ته ٻين جي آڏو روئندڙ ماڻهو بُزدل هوندا آهن...”
جيئن جيئن عامر سان گذاريل وقت ۽ انهن لمحن جون ڳالهيون ارم جي ذهن جي پردي تي فلم وانگر آڏو اچڻ لڳيون، تيئن تيئن هن جي اکڙين جا بند به ڀڄندا رهيا ۽ سندس ڳلن تان گرم گرم ڳوڙها مينهن ڦڙن جي صورت ۾ هيٺ ڪرندا رهيا. هُوءَ سُڏڪي پئي ۽ پوءِ پنهنجو منهن گوڏن منجهه لڪائي آهستگيءَ سان ڀڻڪڻ لڳي: ”مان بزدل ناهيان عامر، تو ڏٺو نه ته مان ٻين جي آڏو ڪونه رُنس... ها عامر مان ٻين جي آڏو ڪونه رُنس...“ خبر نه آهي ته پوءِ الائي ڪيتري دير سُڏڪا ۽ سِسڪيون هُن جي وجود جو مهمان بڻيل رھيون...
جڏهن عامر تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي ڏاڪڻ تان هيٺ لهي آرٽس فئڪلٽي جي لان وٽ پهتو ته سندس دوست عرفان مليو جيڪو کيس ڪيتري وقت کان ڳولهي رهيو هو. عرفان عامر کي ڏسندي هڪدم چيو: “يار تون آهين ڪٿي مان ته توکي ڳولهي ڳولهي ٿڪجي پيو آهيان...!!!؟؟؟”
عرفان جي منهن مان پريشاني چٽي پئي نظر آئي، هن ٻيهر عامر جي بي پرواهه رويي کي نظرانداز ڪندي چيو: “يار هو ستار ڪمانڊو ۽ سندس ساٿي توکي ڳولهن پيا. ڪالهه جيڪو تو هنن جي داداگيرين جي خلاف اخبار ۾ مضمون لکيو هو ان تي ڏاڍي باهه اٿن. يار الله کي مڃ هتان في الحال هليو وڃ، نه ته جي هنن جي وَر چڙهي وئين ته پوءِ تنهنجو حشر ڏاڍو خراب ڪري ڇڏيندا...!!!”
عامر عرفان جي منهن تي دوستيءَ واري نفيس احساس کي محسوس ڪري مسڪرائي رهيو هو. پر ان سان گڏ هن بي پرواهيءَ واري ساڳئي انداز ۾ عرفان جي سمورين ڳالهين کي ٻُڌو اڻٻڌو ڪري کائنس پُڇڻ لڳو: “تو ارم کي اهو ڇو ٻڌايو ته هو اڳ ۾ مونسان ٻه دفعا وڙهي چڪا آهن...!!!؟؟؟ جڏهن ته مان توکي سختيءَ سان منع ڪئي هئي ته في الحال هُن کي ڪجهه به ناهي ٻڌائڻو. پوءِ تو هن کي اهو سڀ ڪجهه ڇو ٻڌايو...!!!؟؟؟”
عرفان پريشان ٿي ويو ته آخر هو عامر کي ڇا چئي رهيو آهي ۽ عامر سندس ڳالهه کي ڪا اهميت ئي نه ڏئي رهيو هو...!!! عامر پنهنجي دوست جي پريشاني ۽ ذهني مونجهاري کي محسوس ڪيو ۽ کيس مسڪرائيندي چيائين: “مان بزدل ناهيان عرفان جو هنن کان ڀڄندو وتان. آخر ڪنهن کي ته هنن جي سامهون ٿيڻو آ ۽ ها تون ايترو پريشان نه ٿيءُ منهنجي جسم ۾ ايترو سـَتُ آهي جو مان هنن کي منهن ڏيئي سگهان ٿو. مان لائبريري ٿو وڃان مونکي ڪجهه ڪتابن جي ضرورت آهي پاڻ ٺيڪ هڪ بجي هتي ئي ملنداسين...”
عامر جيئن ئي فئڪلٽي مان نڪري لائبريري وڃڻ لڳو ته ستار ڪمانڊو جي ڇاڙتن کيس ڏسي ورتو ۽ ستار کي ٻڌايائون ته همراهه لائبريريءَ ۾ هٿيڪو آهي. ستار کي جيئن ئي عامر جي خبر پئي ته هن منهن ۾ گهـُنڊُ وجهي پنهنجي ساٿين کي چيو: “اڙي اٿو ڪيو تياري کڻو هٿيار، اڄ ان جو حساب ڪتاب پورو ڪرڻو آ...”
ستار ڪمانڊو ۽ ان جي ساٿين جو ٽولو سنڌ يونيورسٽي اندر دهشت جي علامت هو. انهن کي جهڙوڪر هر قسم جي اجازت مليل هئي، ايستائين جو هو مادرِعملي اندر آزادي سان نه صرف اسلحو کڻي گهمندا هئا پر شاگردن کي هاسٽلن اندر ۽ مختلف فئڪلٽيز ۾ خوفزدهه ڪندا هئا ۽ سرِعام ان اسلحي جي نمائش سان هر جڳهه تي دهشت پڻ ڦهلائيندا هئا، نه صرف ايترو پر وقت اچڻ تي ان اسلحي جو استعمال پڻ ڪندا هئا ۽ انهن سمورين حرڪتن کان انهن کي روڪڻ وارو ڪير به نه هو. ڇوڪرين کان وٺي استادن سان بدتميزي وارو رويو انهن جو معمول بڻيل هو. آئي ڏينهن مختلف پروگرامن جي نالي ۾ هزارين شاگردن کي هيسائي چندي جي نالي ۾ انهن کان ڀتو ورتو ويندو هو ۽ جيڪو شاگرد کين پئسا ڏيڻ کان انڪار ڪندو هو ان کي هو تشدد جو نشانو بڻائيندا هئا. ايستائين جو هو جوس وارن، سموسن وارن ۽ ڪينٽين وارن کان به مفت خوري ڪندا هئا ۽ ڌوٻين کان به پنهنجا ڪپڙا مفت ۾ ڌوئرائيندا هئا. انهن غريبن ۾ ايتري همت نه هئي جو هو انهن جي غنڊه گردي آڏو ڪجهه ڪڇي به سگهن. هو سالن کان يونيورسٽيءَ ۾ داخل هئا پڙهڻ لاءِ نه پر غنڊه گردي ڪرڻ لاءِ، امتحان يا سيمسٽر ڏيڻ لاءِ نه پر يونيورسٽي کي آئي ڏينهن بند ڪرائڻ لاءِ، شاگرد سياست لاءِ نه پر شاگرد سياست جي چوغي ۾ شاگردن جي زندگين کي تباهه ڪرڻ لاءِ. مختلف هاسٽلن اندر ستار ۽ سندس ساٿين طرفان قبضي ڪيل وارڊن وارا ڪمرا چرس ۽ ڀنگ جا اڏا هئا. مطلب شاگردن جي نقاب ۾ هو اهڙا ڪردار هئا جيڪي اڏوهيءَ وانگر سنڌ جي تعليمي ادارن کي تباهه ڪري رهيا هئا...
ستار ڪمانڊو مڇن کي مروڙا ڏئي پنهنجن ويهارو کن ساٿين سان سينٽرل لائبريري ڀرسان زيرو پوائنٽ وٽ بيهي رهيو ۽ لائبريري مان عامر جي ٻاهر نڪرڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. پوائنٽ بسن جي انتظار ۾ بيٺل هزارين شاگردن جڏهن ستار ڪمانڊو ۽ سندس ساٿين جا بگڙيل منهن ڏٺا ته سمجهي ويا ته اڄ هنن جو ڪنهن سان جهيڙو ضرور ٿيندو. جڏهن عامر لائبريريءَ مان ڪتاب ڪڍرائي ٻاهر آيو ته ستار ڪمانڊو ۽ سندس ساٿي تمام گهڻيءَ ڪاوڙ مان پسٽلن، ڪلپن ۽ زنجيرن سان عامر ڏانهن وڌيا. عامر سڄي معاملي کان اڳواٽ ئي واقف هو ۽ ٿيندڙ جهيڙي لاءِ ذهني طور تيار به هو. عامر پنهنجي هٿ ۾ جهليل ڪتاب ڀرسان واري پٿر جي بئنچ تي رکيا ۽ هو به ستار ڪمانڊو ۽ سندس ساٿين کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳتي وڌيو. ستار کي ڀليءَ ڀت خبر هئي ته عامر به وڙهڻ ڄاڻي. پر هنن کي پڪ هئي ته اڄ هو کيس چُرڻ به نه ڏيندا ڇو ته اڄ هو گهڻا هئا ۽ ٻيو ته هنن سڀني گڏجي ھڪ محل ئي حملي ڪرڻ جو سِٽيو هو. طئه ٿيل حڪمت عمليءَ تحت هنن عامر تي گڏجي حملي ڪيو. ڪن عامر کي مٿي تي پسٽلن جا بـَٽَ هنيا ته ڪن زنجيرن ۽ ڪلپن جو زوردار وسڪارو شروع ڪري ڇڏيو. ستار ڪمانڊو ۽ سندس هڪ ٻيو ساٿي هوائي فائرنگ ڪري عام شاگردن کي هيسائي رهيا هئا. جيئن جيئن عامر کي مٿي، منهن ۽ جسم جا ڌَڪَ لڳندا رهيا تيئن تيئن هن جي جسم مان رت وهندو رهيو، عامر به ٻن ڄڻن کي منهن ۾ لتون ۽ ٺونشا هڻي رتو رت ڪري ڇڏيو. چئني پاسن کان ٿيندڙ وار سندس جسم تي نشان ٺاهيندا رهيا ۽ ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ هن جو جسم رت جون الٽيون ڪري رهيو هجي.جڏهن عامر رتو رت ٿي نيم بيهوشيءَ واري حالت ۾ هيٺ ڪريو ته ستار عامر جي سيني تي لت رکي پسٽل جو چيمبر چاڙهي سندس ڪلهي وٽ گولي هنئي. عامر زخمي هجڻ باوجود ۽ گوليءَ لڳڻ کانپوءِ به پنهنجي وات مان هڪ ٻُڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي. ستار ڪمانڊو دهشت ڀريل نظرن سان آسپاس بيٺل شاگردن کي ڏٺو ۽ تقرير ڪندي فاتحانه انداز سان ٽي ٽي پسٽل هوا ۾ لوڏي چوڻ لڳو: ”اسان عامر کي ان لاءِ سيکت ڏني آهي ته هي ڏينهون ڏينهن مٿي تي چڙهندو پيو وڃي ۽ شاگردن جي عظيم جدوجهد ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري رهيو هو. تنهنڪري اها هن جي سزا آهي ته جيئن هن سميت آئنده ڪوبه ٻيهر شاگردن جي عظيم جدوجهد ۾ رُڪاوٽون وجهڻ جي جرئت نه ڪري سگهي...”
پوءِ ستار ڪمانڊو ۽ سندس ساٿي پنهنجن زخمي ساٿين کي کڻي شاگردن جي عظيم جدوجهد جي حق ۾ نعرا هڻندا هليا ويا. عرفان به هزارن شاگردن وانگر بيوسيءَ جي حالت ۾ عامر کي مار کائيندي ڏسندو رهيو ۽ جڏهن ستار ڪمانڊو هليو ويو ته هن ڊُڪ پائي عامر کي ڀاڪر ۾ ڀري اٿاري بيهاريو ۽ کيس اسپتال کڻي وڃڻ لاءِ رڪشه واري کي سڏ ڪيو. رڪشه ۾ چڙهڻ کان اڳ عامر هجوم ڪري بيٺل شاگردن ۽ شاگردياڻين ڏانهن سواليه نظرن سان ڏٺو ۽ پوءِ پنهنجي زخمي چپن سان مُرڪي ڏنو...
ارم جڏهن سوچن جي دنيا مان آزاد ٿي ۽ پنهنجي وِکريل وجود کي سميٽي پوائنٽ تي چڙهي گهر وڃڻ لاءِ آرٽس فئڪلٽي جي گرائونڊ تي آئي ته اتي سندس سهيلي صبا ٻڌايس: “امر کي ستار ڪمانڊو ۽ سندس ساٿين بي انتها ماريو آهي ۽ کيس گولي به هنئين اٿائونس ۽ ڪجهه دير اڳ ۾ عرفان کيس اسپتال کڻي ويو آهي...!!!”
ارم جڏهن اهي جملا ٻڌا ته ان جي پيرن هيٺان ته ڄڻ زمين ئي نڪري وئي ۽ رڙ ڪري صبا کان پڇائين: “هُو ڪيئن آهي...!!!؟؟؟”
صبا کيس دلجاءِ ڏيندي ٻڌايس: “تمام گهڻو زخمي هجڻ جي باوجود به هو مُسڪرائيندو اسپتال ڏانهن ويو آهي...!!!”
ارم هڪدم صبا کي ساڻ ڪري اسپتال پهتي جتي عامر جي دوستن کين دلجاءِ ڏيندي چيو: “ڊاڪٽر عامر کي آپريشن ٿيٽر ۾ وٺي ويا آهن، عامر کي ڌڪ گهڻا لڳل آهن پر ڊاڪٽر چون ٿا ته خطري جي ڪائي ڳالهه نه آهي...”
ارم جي اکين ۾ لُڙڪ موتين وانگر چمڪڻ لڳا پر هن کي عامر جا چيل لفظ ياد اچي ويا: “جيڪي ماڻهو ٻين آڏو روئندا آهن اهي بُزدل هوندا آهن...”
ارم هاڻ پنهنجن لڙڪن تي ضبط ڪرڻ سکي ورتو هو ۽ هن جي اندر ۾ عامر لاءِ وڌيڪ پيار ۽ احترام پيدا ٿي چڪو هو. هن دل ئي دل ۾ پنهنجو پاڻ کي چيو: “ڏس عامر مان ٻين آڏو ڪونه رُنم...”
عامر جي دوستن ارم ۽ صبا کي دلجاءِ ڏئي گهر روانو ڪيو ۽ پوءِ روز ارم صبا سان گڏ لبن تي مُرڪ ۽ ھٿن ۾ گل کڻي عامر ڏي اسپتال ايندي رهي. ڪجهه ڏينهن بعد جڏهن ارم ۽ صبا عامر سان ملي وڃڻ کانپوءِ يونيورسٽيءَ مان گهر وڃڻ لاءِ جيئن ئي پوائنٽ بس تي چڙهيون ته ستار ڪمانڊو پنهنجي هڪ ٻئي ساٿيءَ سان پوائنٽ بس تي چڙهيو ۽ پنهنجي منهن ۾ سونڊ هڻي، مڇن کي مروڙو ڏيندي سڀني شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تحڪمانه انداز ۾ چيائين: “اڄ سموريون پوائنٽ بسون شاگردن جي مسئلن جي حل لاءِ پريس ڪلب هلنديون تنهنڪري ڪوئي به رستي ۾ لهڻ جي ڪوشش نه ڪري نه ته سمجهو ٿا...!!!”
بس ۾ ويٺل سمورن شاگردن جا منهن لهي ويا ۽ سندن چهرن تي اداسيءَ ۽ بيزاريءَ واري گاڏڙ ساڏڙ ڪيفيت طاري ٿي وئي ڇوته کين خبر هئي ته اڄ وري هو شام جو ڇهين يا ستين وڳي تائين يرغمال رهندا. ٻئي طرف جڏھن ارم جون نظرون ستار ڪمانڊو تي پيون ته سندس اکيون باهه جا اُلا ڇڏڻ لڳيون ۽ هوءَ هڪدم پنهنجي سيٽ تان اُٿي بيٺي ۽ ستار ڪمانڊو جي اکين ۾ اکيون وجهي ڪنهن شِينهِڻ جيان گجڻ لڳي: “مِسٽر ستار تون ٿيندو ڪير آھين اسان تي حڪم ھلائڻ وارو...!!!؟؟؟ ۽ آخر ڪيستائين تون ۽ تنهنجا ڇاڙتا شاگردن ۽ شاگردياڻين جي نالي ۾ اسانجن تعليمي ادارن کي تباهه ڪندو رهندين...!!!؟؟؟”
ستار ڪمانڊو حيران ٿيندي ارم ڏانهن ڏٺو ڇوته اڳ ۾ ڪڏهن به ڪنهن ڇوڪريءَ ساڻس اهڙي طرح ڳالهائڻ جي جُرئت نه ڪئي هئي. ستار ڪمانڊو اهڙي گستاخيءَ تي تپي ڳاڙهو ٿي ويو، هن جي چپن ۾ رڦڻي پئجي وئي ۽ ڪاوڙ ۾ سندس وڏين ۽ ڊگهين مڇن ۾ لرزش پيدا ٿيڻ لڳي، هو ارم کي تارا ڦوٽاري ڏسڻ لڳو. پر ارم تي سندس جسماني ۽ جذباتي حيثيت جو ڪو فرق نه پيو ۽ هن وري ستار کي رھڙ پٽيندي چيو: “هاڻ تنهنجون اهي خرمستيون نه هلنديون ۽ هيءَ پوائنٽ بس سڌو شاگردن جي گهرن ڏانهن ويندي نه ڪي پريس ڪلب آيئي ڳالهه سمجهه ۾...!!!؟؟؟”
پوائنٽ ۾ ويٺل شاگردن تي ارم جي هن اوچتي احتجاج سڪتو طاري ڪري ڇڏيو ۽ هو حيراني وچان ارم جي رَوَيي ۽ ستار ڪمانڊو جي ڪيفيتن کي ڏسندا رهيا. ارم جي دوست صبا ارم جي رَئَي ۾ هٿ وجهي کيس ويهڻ لاءِ اشارو ڪندي چيو: “بس ڪري ويهي رهُه چري ٿي آهين ڇا...!!!”
پراڄ ارم مُڙڻ وارن منجهان نه هئي. اڄ ته هن جي اندر مان ڄڻ ڪنهن ٿڌي ٿي ويل ٻرندڙ جبل ڦاٽ کاڌو هو ۽ هن پنهنجي دوست صبا ۽ ٻين شاگردن تي نظرون ڦيرائڻ کانپوءِ ستار ڪمانڊو جي اکين ۾ اکيون وجهندي چيو: “ڇو بس ڪري ويهي رهان...!!!؟؟؟ آخر ڪيستائين اسان شاگردن جي روپ ۾ موجود ھنن غنڊن ۽ لوفرن کا ڊڄندا رهنداسين...!!!؟؟؟ ڪيستائين ڪنڌ جهڪائي جيئندا رهنداسين...!!!؟؟؟ آخر ڪيستائين سنڌ، سنڌي ۽ شاگردن جي نالي ۾ هي چند غنڊا اسانجي تعليمي ادارن جي رَتُ ڄؤرن وانگر چوسيندا رهندا صبا...!!!؟؟؟ آخر ڪيستائين اسان اکين تي پٽي چاڙهي هنن جا ٻڌا ٻانها ٿي هنن جي پٺيان هلنداسين...!!!؟؟؟ اڙي هنن جاهلن کي ته شاگرد سياست جهڙي مقدس عبادت جي “س” جي به خبر ناهي. بس هاڻ گهڻو ٿيو ۽ هاڻ پنهنجو ذهن ۽ ضمير هي سڀ داداگيريون برداشت نه ٿو ڪري...”
ارم جي چيل سچ جهڙن اڇن اجرن جملن شاگردن جي ذهن تي تمام گهرو اثر ڇڏيو ۽ ستار ڪمانڊو کيس ڪاوڙ وچان ڏسندي چيو: “تنهنجي اها جرئت جو تون مونسان ٿي ائين...”
ستار ڪمانڊو اڃا پنهنجو جملو چئي پورو ئي مس ڪيو ته سمورا شاگرد ۽ شاگردياڻيون اٿي بيهي رهيا ۽ ارم جي حق ۾ احتجاج ڪندي چوڻ لڳا: “ها، ها... هاڻ اسان برداشت نه ڪنداسين، جيڪڏهن پوائنٽ بس تان نه ٿا لهو ته پوءِ اسان کان وڌيڪ برو ٻيو ڪوئي نه ٿيندَوَ...!!!”
ڏسندي ئي ڏسندي سمورا شاگرد اٿي بيهي وڏي واڪي احتجاج ڪرڻ لڳا: “ها، ها...!!! هاڻ برداشت نه ڪنداسين لهي وڃو نه ته چڱو نه ٿيندَوَ...!!!”
سموري بس جي شاگردن جي ان اوچتي احتجاج ستار ڪمانڊو ۽ سندس ساٿي جون متيون ئي منجهائي ڇڏيون. هنن جي وهم ۽ گمان ۾ به نه هوته ڪو شاگردن ۾ ايتري جُرئت به پيدا ٿي سگهي ٿي جو هو هنن جي آڏو هڪ ديوار ٿي بيهي رهندا. ستار ڪمانڊو ۽ سندس ساٿي جي منهن جا پنا لهي ويا خوف ۽ حيرت وچان سندن نرڙ تي پگهر جا قطرا چمڪڻ لڳا. ارم جون نظرون ٻنهي لاءِ ڪمان مان نڪتل ڪنهن تير وانگر هيون. ٻنهي پنهنجو ڀلو انهيءَ ۾ سمجهيو ته هاڻ ڀڄي جان ڇڏائجي. آسپاس بيٺل پوائنٽ بسن جي شاگردن جڏهن ارم جي پوائنٽ مان نعرا ٻڌا ۽ پوائنٽ مان لهندي ستار ڪمانڊو ۽ سندس چيلي جو لٿل منهن ڏٺو ته سموري وارتا سمجهي ويا ۽ پوءِ سمورين پوائنٽ بسن مان ”شيم! شيم!“ ۽ ”شاگرد سياست جي آڙ ۾، غنڊا گردي بند ڪيو“ جا نعرا وڏي واڪ بلند ٿيڻ لڳا. ستار ڪمانڊو ۽ سندس ساٿي سمورين پوائنٽ بسن مان لهي ائين ڀڳا جيئن ٻوڏ اچڻ وقت ڪوئا پنهنجن ٻرن مان ڀڄي نڪرندا آهن. اڄوڪي هن عمل جي ڪري ارم جي اکين ۾ هڪ عجيب چمڪ اچي ديرو ڄمايو ۽ هن جو ڪنڌ فخر کان مٿي ٿي ويو ڇو ته اڄ کيس محسوس ٿيو ته هوءَ عامر جهڙي هڪ غير معمولي شخص سان پيار ڪري ٿي، جنهن جي ڪري هن ۾ ايتري همت ۽ جرئت پيدا ٿي جو هن سمورن شاگردن کي سراپا احتجاج بڻائي ڇڏيو ۽ چند نام نهاد غنڊن جي ان اصليت کي ظاهر ڪيو جنهن جي بزدليءَ جي خبر سڀني کي هوندي ته هئي پر ڪوئي به ڪڇڻ جي جرئت ڪري نه سگهندو هو...
ٻئي ڏينهن جڏهن ارم صبا سان عامر ڏي اسپتال ملڻ وئي ته عامر اڳ کان ڪجهه بهتر نظر پئي آيو ۽ دوستن سان ڳالهائي ٻولهائي رهيو هو. جڏهن هن ارم ۽ صبا کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو ته ٿورو مٿي ٿي ٺهي ويهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو پر جسم مان سُور جي سَٽَ نڪري ويس ۽ هن درد وچان اکيون بند ڪري ڇڏيون. سندس دوستن کيس آرام سان ٺهي ويهڻ ۾ مدد ڪئي ۽ هن کي ارم ۽ صبا سان ڇڏي هليا ويا. اِرم گُلابن سان گڏ رابيل به عامر کي آڇيا پر کيس اکين ۾ اکيون اٽڪائي نه سگهي. جڏهن کان عامر سان اهو واقعو ٿيو هو تڏهن کان ارم جي ننڊ حرام ٿي وئي هئي. ھن روئڻ پئي چاهيو پر روئي نه سگهي. سمجهه ۾ نه پئي آيـُس ته ڇا ڪري...!!! نيٺ ان اضطرابي ڪيفيت مان صبا جان ڇڏايس ۽ هن عامر کان پُڇيو: “عامر هڪڙي سوال جو جواب ته ڏيو، ان ڏينهن توهان تمام گهڻا زخمي هُئا ۽ اوهانکي گولي به لڳل هئي پر ان جي باوجود به اوهان مـُرڪي رهيا هئا ڄڻ ته ڪُجهه ٿيو ئي ڪونه هو..!! مان پُڇي سگهان ٿي ته اوهان ايڏي وڏي همت ۽ بهادري ڪٿان آندي آهي...!!!؟؟؟”
عامر ارم ڏانهن اڇاتري نظر ڦيرائڻ کانپوءِ صبا ڏانهن ڏسندي چيو: “سڄي سڄي رات روئندا آهيون، تڏهن ته ڏينهن جو کلڻ جهڙا ٿيندا آهيون مئڊم صبا پوءِ ان ٽڪي جهڙي ڳالهه جي ڪري پنهنجي هيڏي ساري قيمتي کِل وڃايون، گهٽ ۾ گهٽ اهو سودو اسانکي قبول ناهي...”
عامر جي انهيءَ جملي ارم کي ڄڻ جهنجهوڙي ڇڏيو ۽ هُوءَ ڪمري کان ٻاهر ڪاريڊور ۾ نڪري وئي ۽ اتي روئڻ لڳي. ارم جي ڪمري مان ٻاھر ويندي ئي صبا عامر کي ڪالهوڪي ٿيل واقعي بابت ٻڌايو ته ڪيئن نه ارم ستار ڪمانڊو ۽ سندس ساٿين کي ڀاڙيو بڻائي ڀڄائي ڇڏيو. عامر کي پهريون ته صبا جي ڳالهه تي يقين ئي نه پئي آيو پر پوءِ هن کي محسوس ٿيو ته شايد ارم کي اُن ويڙهه جي اهميت جي خبر پئجي وئي آهي ته سنڌ جي تعليمي ادارن کي غنڊن ۽ دھشتگردن کان بچائڻ جي ذميواري ھن سماج جي ھر فرد جي آھي ۽ خاص ڪري هر باشعور شاگرد جي آهي. صبا جي ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ عامر صبا کي چيو: “ صبا توھان ارم کي مھرباني ڪري ڪمري ۾ وٺي اچو...”
ارم جڏهن عامر جي سامهون آئي ته هن ڄڻ پنهنجو پاڻ ۾ هڪ نئين قوت محسوس ڪئي. کن پل لاءِ هن جون اکيون عامر سان مليون ۽ پوءِ هن ڪنڌ ھيٺ ڪري پنهنجي هٿ ۾ پاتل چوڙين کي ڪرائيءَ ۾ ڦيرائيندي عامر کي چيو: “عامر...!!!”
هن جي ڳالهائڻ ۾ هڪ عجيب ڪشش هئي ھن وري ڪجھه لمحن کان پوءِ وري ڳالھايو: “مونکي اها خبر ڪونه هئي ته تون ڪي اهڙا ڪم پيو ڪرين جيڪي تمام وڏا ته ھئا پر اھي اسانجي نظرن ۾ فضول هئا ۽ جن جي ڪابه منزل ڪو نه هئي. مان ته صرف اهو ڄاڻندي هُيس ته تون ادب، تاريخ، فلسفي، شاعري، سماجيات، معاشيات ۽ ٻين کوڙ سارن ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ سان گڏ هڪ هوشيار، بردبار ۽ سمجھه ڀريو شاگرد آهين. مان ته هميشه توکي سـَونَ شاگردن کي ليڪچر ڏيندي، تقريرون ڪندي ۽ بحث ڪندي ڏٺو ۽ ٻڌو هو. مان ڪڏهن به ان ڳالهه کي ڄاڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي ته تنهنجن انهن بحثن، تقريرن ۽ ليڪچرن جي پٺيان سچ جي هڪ اهڙي خوبصورت دنيا موجود آهي جنهن جي هڪ منزل به آهي ۽ جنهن جو واسطو هن ڌرتيءَ ڌڻين جي شاندار مستقبل سان جڙيل آهي. مان تنهنجي قصور وار آهيان عامر جو مان توکي سمجهڻ ۾ دير ڪئي...”
عامر ڪنڌ لاڙي سچائيءَ ۽ جذبات سان ڀريل مـُرڪ مـُرڪندي مـُسلسل ارم ڏانهن ڏسندو رهيو. هن پنهنجن سمورن نفيس جذبن کي سهيڙي تمام گهڻي احترام سان ارم کي چيو: “ارم پنهنجو منهن مٿي ڪر ۽ مـُونسان نظرون ملاءِ، مان توکي ڏسڻ چاهيان ٿو...”
ارم جڏهن عامر سان اکيون ملايون ته هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ بهار جي هِيرَ جو ٿڌو جهونڪو سندس وجود کي ڏڪائي ويو هجي. عامر سندس اکين ۾ اکيون وجهندي مـُسڪرائيندي چيس: “ارم تو ڪالهه هڪ ايڏو وڏو ڪم ڪيو آهي جنهن جي اهميت جو توکي اندازو ئي نه آهي، تنهنجي اهڙي جرئت ۽ بهادريءَ سان مونکي جيڪا خوشي ملي آهي سان مان بيان نه ٿو ڪري سگهان. مونکي پڪ آهي ته تاريخ توکي ڪڏهن به نه وساريندي...”
ارم جو منهن خوشيءَ وچان ٻهڪڻ لڳو ۽ هن عامر جي هٿ تي هٿ رکندي چيو: “عامر مان توسان تنهنجيءَ هر ويڙهه ۾ آخري دم تائين ساٿ نڀائيندس...”
عامر کيس جواب ۾ ساڳئي مُرڪ آڇي جيڪا هو سڄي سڄي رات روئڻ کانپوءِ ئي حاصل ڪندو هو. صبا جيڪا لڳاتار ٻنهي جون ڳالهيون ٻڌي رهي هئي تنهن ٿورو کنگهي ڪري کين محسوس ڪرايو ته توهان ٻنهي کان علاوه ڪو ٽيون وجود به هن ڪمري ۾ موجود آهي ۽ پوءِ صبا جي اهڙي حرڪت تي ٽئي ڄڻا کلڻ لڳا.جڏهن ارم ۽ صبا عامر کان موڪلائي واپس وڃڻ لڳيون ته ويندي ويندي عامرارم کي سڏ ڪيو: “ارم...”
جڏهن هن ڪنڌ ڦيرائي عامر کي ڏٺو ته عامر چمڪندڙ اکين سان مُرڪندي چيس:
“I am proud of you Irum...”
“مونکي توتي فخر آهي...”

07مارچ1998
دادو ڊسٽرڪٽ جيل

هڪڙي هولي اهڙي به آئي هئي

فيبروري جو اڌ مهينو گذري چڪو هو ۽ بهار جا رنگ چوڏس پئي نظر آيا. سياري جي پڇاڙڪن ڏينهن جي وڻندڙ اُس ۾ گنگا ڪناري اوائلي اڏيل بنارس شهر جي هڪ آشرم ۾ هـُـوءَ رنبيءَ سان اُڪريل ڪاٺ جي هڪ ٺـُلهه کي ٽيڪ ڏئي گنگا جي وهندڙ پاڻيءَ کي ڏسي رهي هئي. هـُـوءَ ويٺي ويٺي سوچن ۾ گم ٿي وئي ۽ ماضي جا عڪس سندس ذهن تي سئنما جي پڙدي تي آيل تصويرن وانگر ڊوڙڻ لڳا: “بهار جي آمد ۽ صبح سوير پوڄا پاٺ کان فارغ ٿي هوءَ جيئن ئي رڌڻي ڏانهن وڌي ته دروازي تي کڙڪو ٿيو. هن دروازو کوليو ته سامهون دليپ بيٺل هو ۽ ان جي هنج ۾ موتئي ۽ گلاب جا گل هئا. دليپ پنهنجي جهول ۾ رکيل سمورا گل چمپا کي آڇيندي چيو: ”اڄ *آرائين بڻجي تنهنجي در تي آيو آن ۽ هي گل توکي آڇيان ٿو. جي هنن گلن سان گڏ توکي منهنجي مـَـنَ جي مـَـهَڪ به ملي پوي ته پوءِ پڪ سمجهجانءِ ته خوشي تنهنجي وجود مان ڪڏهن به ڀڙڪو ڏئي اڏام نه کائيندي ۽ نه ئي تنهنجي ڳلن تي خوشيءَ وچان پيدا ٿيل چـُـگهَـه ڪڏهن ختم ٿيندا...”
چمپا خيالن جي دنيا مان جيئن ئي نڪتي ته سندس چپن تي مـرڪ هئي ۽ سندس ڳلن تي ساڳيا ئي مـَـنَ موهيندڙ چـُـگهَه پيدا ٿيس جن جي ڪُــنـَن ۾ سالن پڄاڻان دليپ ڦاٿو هو. هن جي هٿ ۾ وڏن ڪارن موتين جي هڪ مالها هئي جنهن جي هر هڪ داڻي جي ڪرڻ سان هن جو مـَـن رام جي نالي کي جـَپـَي رهيو هو، پر هن جا خيال ۽ سوچون ڪنهن ٻئي پرلوڪ جون ياترائون ڪري هيا هئا. هن جي هٿ ۾ جهليل ڪارن موتين جي مالها جو هڪ داڻو ٻئي داڻي تي ڪري جيڪو کڙڪو پيدا ڪري رهيو هو تنهن جي مڌر آواز تي هن جا خيال مسلسل ڏور ڪن هوائن ۾ موجود مــَنَ کي ڇهندڙ يادن جي بيڪران سمنڊ ۾ ٽٻيون هڻي رهيا هئا. هن جو وجود ته بنارس شهر جي هوائن ۾ موجود هو پر سندس آتما ڏور پنهنجي اباڻي ديس سنڌ ۾ اٽڪيل هئي ۽ هن جو وياڪل مـَن ان ئي البيلي ۽ ڇيڳري ڇوڪريءَ وانگر شڪارپور جي بارونق گهٽين ۾ ڊوڙون پائي رهيو هو. هن جڏهن الهڙ جواني ۾ پير پاتو هو ته ان وقت کيس اهو تصور به ڪو نه هو ته هنڌ ۽ سنڌ جي ورهاڱي وقت کيس پنهنجي محبوب وانگر پياري شهر کان رات جي اونداهيءَ ۾ ائين اوچتو ئي اوچتو الڳ ٿيڻو پوندو، اهڙي وارتا جو کيس ۽ خاندان جي ڪنهن فرد کي ذري برابر به تصور ڪو نه هو. ان ڏينهن هوءَ صرف شڪارپور کان نه وڇڙي هئي پر الائي ڪيترن رشتن کان وڇڙي ڏور ٿي وئي هئي، هڪ اهڙي شڪارپور جيڪا سنڌ جي پيرس هئي، جتي ڪڏهن به مذهبي جنونيت جو نانءُ نشان ئي نه هو، اهڙي شڪارپور جتي محبت، عزت، احترام سان ماڻهون هڪٻئي جي من کي ائين ڇهندا هئا جيئن صبح جي تازي هوا گلن کي ڇهي انهن کي مستيءَ ۾ رقص ڪرڻ تي مجبور ڪندي هئي. هنن جو شڪارپور کان وڇڙڻ ائين هو جيئن بـَڙَ جي گهاٽي وڻ کي پاڙون پٽي ڏور ڪنهن اڻڄاڻ علائقي جي زمين ۾ پوکي ڇڏجي پر ان جون بنيادي پاڙون انهيءَ زمين جي گهرائيءَ ۾ رهجي ويون هجن...
هوءَ پنھنجي مڙس دليپ جي مرڻ کانپوءِ ممبئي ۾ موجود پنهنجن پٽن، پوٽن ۽ پوٽين کان زوري موڪلائي زندگيءَ جا آخري ڏينهن هندن جي پاڪ شهر بنارس ۾ موجود پاڻ جهڙن هزارن پوڙهن ۽ پوڙهين جي هڪ فوج سان گڏ هڪ آشرم ۾ گهاري رهي هئي. ڌرم سان انسيت جي ڪري هن جي اها آخري اِڇـَـا هئي ته هن جو موت بنارس ۾ ئي ٿئي ۽ سندس مڙهه کي گنگا ۾ ئي لوڙهيو وڃي ته جيئن سندس آتما هميشه لاءِ شانتي ۽ سڪون ۾ رهي. پر الائي ڇو صبح شام گنگا ۾ شنان ڪرڻ کانپوءِ به سندس روح کي چين نه هو ۽ سندس مـَـن وياڪل ۽ ڏور سنڌ ۽ شڪارپور جي گهٽين ۾ اٽڪيل هو...
“چمپا دادي...” اوچتو سندس ڪنن تي سندس پوٽي پوجا جو آواز پيو، جيڪا پنهنجي مڙس سنجي سان گڏ ساڻس ملڻ لاءِ بنارس آئي هئي. ممبئي مان ٻين ٽين مهيني اڪثر ڪوئي نه ڪوئي ساڻس ملڻ ايندو هو. پوجا جي آواز چمپا جي وياڪل چهري تي مرڪ آڻي ڇڏي. اڄ به چمپا جڏهن پوڙهائپ ۾ مسڪرائيندي هئي ته سندس ڳلن ۾ چـُگهه پئجي ويندا هئس جنهن ڪري سندس خوبصورتيءَ ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ٿي ويندو هيس. هن پوجا ۽ سندس مڙس جو کِـلِـي آڌرڀاءُ ڪيو ۽ کين آشرم جي مهمان خاني ۾ وٺي آين. پوجا پنهنجي ڏاڏي لاءِ سٺي گيهه ۾ مٺيون مانيون پچائي کڻي آئي هئي، گهر جا ٺهيل کيچا ۽ مـَانهِه جي اٽي مان ٺهيل پاپڙ پڻ آندا هئا، جيڪي چمپا کي ڏاڍا وڻندا هئا. هنن گڏجي مانجهاندو ڪيو ۽ حال احوال اوريا...
چمپا کي پنهنجا پراوا سڀ ڏاڍو ڀائيندا هئا ڇو ته سندس سڀني سان سڀاءُ اهڙو هو جو ماڻهن جي من ۾ گهر ڪري ويندي هئي. سندس مڙس دليپ جو ڪاروبار ٺيڪ ٺاڪ هو، سندس مڙس جو ڳاڻيٽو هندستان جي وڏن واپارين ۾ ٿيندو هو ۽ پاڻ به مڙس وانگر دل جي سخي ۽ کـُلي هٿ جي مالڪ هئي. اها ڳالهه جڳ مشهور هئي ته جيڪو چمپا جي در آيو سو ڪڏهن به خالي دامن نه موٽندو. اڄ به سندس ممبئي واري وڏي حويلي جي ٻاهران ڇيڪ ڇڏيل ڳئن لاءِ پاڻيءَ جا حوض ٺهيل هئا ۽ راهه سان رلندڙ جانورن لاءِ گاهه سان گڏ ٻئي کاڌ خوراڪ جو به بندوبست ٿيل هو. حويلي جي ڇت تي پکين لاءِ پاڻيءَ ۽ اَنَ جا پاٽڙا ڪڏهن به خالي نه ٿيندا هئا. چمپا کي جانورن، پکين ۽ جيتن جڻن سان به پيار هوندو هو ۽ انسان جو قدر ڪرڻ ته ڪوئي هن کان سکي. دليپ جي جيئري ئي هوءَ سندس ڪمائيءَ جو ڳچ حصو ان ئي آشرم کي ڏئي ڇڏيندي هئي جنهن ۾ هاڻ پاڻ به رهيل هئي ۽ سندس ڏنل سهائتا مان هزارين يتيم، بيواهه ۽ بي سهارا ماڻهن جي زندگيءَ جو چرخو هلندو هو ۽ مڙس جي مـُئي پڄاڻان به هن پنهنجي اولاد ۽ انهن جي اولاد کي به اهو ئي شعور ڏنو هو ته: “جڏهن ڀڳوان جي ڪرپا توهان تي آهي ته پوءِ توهان جي ڪرپا ڀڳوان جي ڌرتيءَ تي رهندڙ هر ساسيءَ تي هجڻ گهرجي، اهو ئي اسانجو ڌرم آ ۽ انسانيت جو فلسفو به اسانکي اهو ئي سيکاري ٿو...”
ڪافي دير حال احوال، کل ڀوڳ ۽ ڳالهين ٻولهين کانپوءِ چمپا پوجا جي اکين ۾ اکيون ملائيندي چيو: “مونکي سنڌ ڏاڍي ٿي ياد اچي، منهنجو من سنڌ ۽ شڪارپور ۾ ائين اٽڪي پيو آهي جيئن ڪا مڇي ڪنڍيءَ ۾ اٽڪي پوي ۽ تڙپندي هجي. مونکي نه ٿو لڳي ته هتي مرڻ کانپوءِ منهنجي آتما کي ڪو سڪون ملندو...”
هن هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ سندس تـَرُ ٿيل اکين مان ٻه لڙڪ مينهن ڦڙن وانگر سندس ڳلن تي اچي ڪريا. هن پنهنجن جذبن کي قابو رکڻ پئي چاهيو پر نه رکي سگهي. پوجا کيس پيار ۽ پاٻوهه مان ڀاڪر پاتس. هن پنهنجي اداس چهري تي مـُرڪ آڻيندي پوجا کي چيو: “مونکي هتي اچي اهو احساس ٿيو آ ۽ ويدن جي گيان کانپوءِ مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي آهي ته سنڌوءَ جي پوتر جل کان وڌيڪ گنگا جو جل پوتر ناهي. تڏهن ئي ته ويدن ۾ گنگا کان وڌيڪ سنڌوءَ جو ذڪر ٿيل آ. مونکي هتي اچي اهو احساس ٿيو آهي ته اسان ڪيڏا نه مـُورک آهيون جو پنهنجي ڌرتي ڇڏي ان جاءِ تي اچي بسيا سي جنهن کي اسان جي آتما ۽ اسان جو من هڪ پل لاءِ به پنهنجو ناهي ڪري سگهيو. بنارس کان وڌيڪ مونکي شڪارپور جا ڌرمي ۽ سماجي ڏڻ ٿا ياد اچن. پوجا منهنجو جسم بلاشڪ هتي هجي پر آتما هتي ناهي. مان فيصلو ڪيو آ ته مان پنهنجي سنڌ ۽ پنهنجي شڪارپور ويندم ۽ پنهنجي زندگي جا آخري ڏينهن اتي گهاريندم ۽ ڀڳوان کان وينتي ڪندم ته مونکي موت ملي ته شڪارپور ۾ ملي...”
پوجا ۽ سندس مڙس سنجي چمپا دادي جي فيصلي کي ساراهيو. چمپا کين هدايت ڪري ذميواري سونپي ته هو کيس سنڌ موڪلڻ لاءِ سمورا انتظام جلدي مڪمل ڪن. ان ڏينهن کانپوءِ چمپا جو من ڏاڍو خوش هو ۽ هوءَ من ئي من ۾ شڪارپور سان سلهاڙيل يادن ۾ گم ٿي وئي. هن جي اکين آڏو شڪارپور ۾ زندگي جا گهاريل مختلف پـَـلَ ڪنهن منظر وانگر پئي ڦريا. هولي هجي يا ڏياري، دَسـَهرو هجي يا نوراتري، شاتڪ تهوار (ٿڌڙي) هجي يا جنم اشٽمي، اَنَ مٽيو جا ڏڻ هجن يا شراڌن جا ڏڻ، لال سائين جو چاليهو هجي يا لال لوئي يا وري آرائين جي موسم هجي، 12 ربيع الاول يا مسلمانن جون عيدون يا محرم جا 10 ڏينهن، مذهبي رواداري ۽ ڀائيچاري سان شڪارپور ۾ ڪهڙو ڏڻ هو جيڪو نه ملهايو ويندو هو. سياري جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ گنگا ڪناري آشرم جي گئلري مان جڏهن هن جون نظرون گنگا جي وهندڙ شانت پاڻيءَ تي پيون ته هن کي موجن ڀريو مهراڻ ياد اچي ويو. جڏهن سانوڻي جي مند جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ هوءَ پنهنجي حويلي جي سمورين عورتن، پاڻ جيڏين ۽ حويلي جي ڳڀرو جوانن سان گڏ لال سائين جي چاليهي جي آخري ڏينهن ۾ شـِو پوڄڻ جي رسم ملهائڻ سکر ساڌ ٻيلي وئي هئي. سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ ته جوڀن هو پر ات موجود گهڻن ئي جوانن جي سينن منجهه موجود دليون به موجن ۾ مست هيون. واري واري چمپا ۽ دليپ به اک ٽيٽ ڪري هڪٻئي سان ملاقات پئي ڪئي. ان ڏينهن انهن سنڌوءَ جي پاڻيءَ جي پوڄا ڪئي ۽ سنڌوءَ جي موجن کي هميشه قائم دائم رهڻ جون اِڇـَـائون ڪيون ته جيئن سنڌ ۽ سنڌ واسي به هميشه سکيا ۽ ستابا رهن. ٻن مهينن کانپوءِ لال لوئيءَ جي تهوار تي مير پڌر ڀرسان شنڪر ڀارتي مندر ۾ جڏهن چمپا اگني پوڄا ڪري رهي هئي ته ان وقت اجرڪ اوڍيل دليپ به سامهون اچي بيٺو هيس. پوڄا پاٺ کانپوءِ جڏهن چمپا چپن تي مرڪ آندي ته هميشه وانگر ڳلن ۾ چـُگهه پئجي ويس ۽ پوءِ هن اگني آڏو هٿ ٻڌي دليپ سان نظرون ملائي اکيون بند ڪيون ۽ پنهنجي من جي اِڇـَـا باسي. لال لوئي جي سمورين رسمن جي ادائگيءَ کانپوءِ جڏهن سڀ واندا ٿيا ته دليپ موقعو وٺي چمپا کان پڇيو: “چمپا تو ڪهڙي مـَنـَتَ مـَـڱِي...!!!؟؟؟”
هن به کيس ٺـَـهَه پـَـهَه جواب ڏنس: “چريا مـَنـَتَ ٻڌائبي ٿورئي آ، جي مـَنـَتَ ٻڌائبي ته پوري نه ٿيندي. ها جڏهن مـَنـَتَ پوري ٿي ته ٻڌائيندي مانءِ...”
چمپا اک ٽيٽ ڪري دليپ کي ڏٺو ۽ راز ۾ مسڪرائي نڪ ٺاهي منهن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيو. چمپا جي اهڙي ادا ۽ سندس چهري تي آيل مست مسڪراهٽ ڏسي دليپ جو من جهومڻ لڳو. چمپا کيس پنهنجي من جي مـَنـَتَ ته نه ٻڌائي پر سندس چهري جي مسڪراهٽ ۽ خوشيءَ وچان ڳلن ۾ پيل چـُگهن دليپ لاءِ سندس بيچين مـَنَ جي چغلي هڻي ڇڏي هئي...
گنگا ڪناري سج لهڻ وارو هو بلڪل ائين جيئن چمپا جي زندگيءَ جو سج آهستي آهستي ڍرڪي رهيو هو، پر هوءَ گنگا ڪناري سنڌ ۽ شڪارپور جي يادن ۾ گُم سُم ويٺي هئي. هن کي شڪارپور ۾ ملهايل آخري هولي ياد آئي: ”مارچ جو مهينو اچي ويو هو ۽ ڌُوڙيي جي اچڻ سان ئي شڪارپور ۾ هوليءَ جون تياريون عروج تي پهچي ويون هيون. چمپا پاڻ جيڏين سان گڏ ڀانت ڀانت جا رنگ ڍڪ بازار مان خريد ڪرڻ وئي. ٻيو ڏينهن ٿيو ته شڪارپور جي روڊن، رستن، چوراهن ۽ چونڪن تي رنگن جي ڄڻ برسات ٿي رهي هئي. هر ڪوئي من جي موجن سان خوشيون ملهائي رهيو هو. رنگن جي برسات سبب هر ڪنهن جو چهرو هڪ جهڙو لڳي رهيو هو ۽ ائين پئي لڳو ڄڻ سمورن انسانن جا عيب رنگن ڍڪي ڇڏيا هئا. چمپا پنهنجين سهيلين سان حويلي ۾ هولي ملهائي رهي هئي ته اوچتو ڇوڪرن جو ٽولو به اچي شامل ٿيو ۽ پوءِ ائين پئي لڳو ڄڻ هوليءَ جي رنگن ۾ جان پئجي وئي. هولي کيڏندي کيڏندي دليپ چمپا کي رنگ هڻندي هٿ کان پڪڙي چيو: “چمپا هي شعر تنهنجي نانءُ ۽ هن شعر کي هميشه ياد رکجان:
*هــــڪــــڙي هـــولــي اهـــــڙي بــــه آئــــي هـئـــي،
جـنـهـن ۾ جـسـم تـه ڇــا روح بـه رڱــيـا هـئـاســيــن...”
دليپ جو چيل اهو شعر اڄ به چمپا جي ڪنن ۾ ائين ٻُري رهيو هو ڄڻ ڪجهه لمحا اڳ ئي دليپ کيس اهو شعر ٻڌايو هجي. سج لهي چڪو هو ۽ بنارس ۾ موجود مندرن جا گهنڊ وڄڻ لڳا، ساڌو شنڪ وڄائڻ لڳا ۽ مندرن مان ڀڄن ڳائڻ جا آواز اچي رهيا هئا. چمپا بالڪني مان اٿي ۽ پوڄا پليٽ کڻي مندر ڏانهن وڃڻ لڳي پر هن مـَن ئي مـَن ۾ پڪو پـَههُ ڪيو ته هوءَ پنهنجي ديس سنڌ ضرور ويندي ۽ شڪارپور جي هوائن ۾ زندگيءَ سان ڀرپور يادن کي ساري ساهه ڏيندي...
سج چڙهندو ۽ لهندو رهيو ۽ ڏينهن هڪ ٻئي پٺيان گذرندا رهيا. ڪڏهن چانڊوڪي ته ڪڏهن اونداهي. بنارس جي مندر ۾ زندگي جا آخري پـَـلَ گهاريندڙ چمپا جي زندگي به ڄڻ اماوس جي رات جهڙي ٿي پئي هئي. هڪ ڏينهن رات جي پهر ۾ گنگا ڪناري هزارين ماڻهو اگني پوڄا ڪندي، آشائن جي ڌاڳن سان ٻڌل ۽ گلن جي پتين سان سينگاريل هزارين ڏيئا گنگا جي پـَوتـَر جـَـلَ ۾ لوڙهي رهيا هئا. چمپا اماوس جي اونداهين راتين ۾ گنگا ڪناري اگني پوڄا جا اهڙا حسين ۽ روح پرور منظر نه صرف سوين بار ڏسي چڪي هئي پر خود پاڻ به اهڙين پوڄائن جو هڪ اهم حصو رهي چڪي هئي. پر اڄوڪي رات جا اهڙا سمورا منظر چمپا لاءِ ڄڻ بي معنيٰ بڻجي پيا هئا. سندس آتما بي چين هئي ۽ مـَن شڪارپور جي فضائن ۾ گم هو. چمپا کي شڪارپور ۾ ملهايل ڏيارين جا اهي ڏينهن پئي ياد آيا جڏهن شڪارپور جي سرڪيولر روڊ تي اڏيل سـُڪ پُـل جي ٻنهي پاسي ڏيا ۽ هٿ بتيون ٻاري شڪارپور جي هر گهٽي ۽گام کي روشن ڪيو ويندو هو. ان وقت شڪارپور ۾ بجلي جو نانءُ نشان ئي نه هو پر انهن روشنين جي ڪري ائين لڳندو هو ڄڻ شڪارپور جو چپو چپو ڏياٽين جي روشنيءَ سان وهنجاريو ويو هجي...
صبح سوير پوڄا پاٺ مان فارغ ٿي، گنگا ڪناري سورج ديوتا کي جـَـل آڇڻ کانپوءِ چمپا جيئن ئي مندر موٽي ته سندس پوٽي پوجا ۽ ان جو مڙس سنجي سندس انتظار ۾ ويٺل هئا. چمپا پوجا ۽ سندس وَرَ جي اوچتي آمد تي حيران ٿي وئي. خير آفيت معلوم ڪرڻ کانپوءِ ڀانڊاري کائڻ دوران پوجا چمپا کي چيو: “چمپا دادي اسان توهان کي وٺڻ آيا آهيون ۽ اڄ ئي اسان بمبئي هلنداسين اتي گهر جا سمورا ڀاتي اوهان سان ملڻ لاءِ ڏاڍو بيچين آهن ۽ ان کان به وڏي خوشيءَ جي ڳالهه اها ته بمبئي ۾ ٻه ڏينهن رهڻ کانپوءِ اوهان اسان سان گڏ جهاز رستي سنڌ هلندئو ۽ اتان ڪراچي ايئرپورٽ کانپوءِ اسان سڌو شڪارپور هلنداسين. سنجي کي تمام گهڻا ڪشٽ سهڻا پيا اوهان جي ۽ اسان جي ويزا لاءِ، پهريان ته ٺپ جواب مليو پر پوءِ سنجي پنهنجا سمورا زور آزمايا ۽ هاڻ اسان سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن ۽ جهاز جون ٽڪيٽون به تيار آهن. دادي توهان کي خبر آهي ته اسان جڏهن شڪارپور ۾ سـُڪ پـُل واري حويلي ۾ اوهان جي پراڻن پاڙي وارن کي اوهان جي اچڻ جو اطلاع ڏنو ته اتي ته جهڙوڪر جشن جو سمان ٿي پيو. کوڙ سارا ماڻهون اوهان جو آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ آتا آهن ۽ اهي سڀ اوهان کي ڪراچي ايئرپورٽ وٺڻ به ايندا ۽ پوءِ اسان کي پاڻ سان گڏ شڪارپور وٺي هلندا...”
پوجا هڪ ساهي ۾ ئي سمورو حوال دادي چمپا کي ڏنو. چمپا حيرت مان اهو سڀ ڪجهه ٻڌي رهي هئي. پوجا جي ڳالهين ڪري سندس چپن تي ساڳئي سدا بهار مرڪ هئي جنهن سبب ڳلن ۾ چـُگهَه پئجي ويندا هيس. انهي ويلي چمپا جي اکين مان ڳوڙها لارون ڪري وهڻ لڳا پر اهي ڳوڙها ان خوشي ۽ جذبن جا هئا جنهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ هن جي وس ۾ نه هو. پوجا پنهنجي دادي چمپا کي ڀاڪر پاتو ۽ ان ويلي پوجا ائين سمجهيو ڄڻ سندس دادي کي دنيا جهان جون سموريون خوشيون ملي ويون هجن. پوجا بغير ڪنهن ويرم جي چمپا دادي جو سامان سهيڙيو ۽ هو بمبئي روانا ٿي ويا...
بمبئي ۾ چمپا سان نه صرف سندس پوٽا، پوٽيون، ڏهٽا، ڏهٽيون، مٽ مائٽ پر اوڙي پاڙي وارا پڻ ملڻ آيا. چمپا جي آمد سان سندس مڙس دليپ جي جوڙايل حويلي اندر هر پاسي چهچٽو لڳي ويو. نيٺ اها گهڙي به آئي جڏهن چمپا سنڌ رواني ٿيڻ لاءِ بمبئي ايئرپورٽ تي جهاز ۾ اچي ويٺي. هو پنجهتر سالن جي ڄمار جي ٿي وئي هئي پر پوءِ به سندس چهرو چنڊ وانگر ٻهڪي رهيو هو ۽ سندس چپن تي آيل مسڪراهٽ سبب ڳلن ۾ چـُـگهَه پيدا ٿي ويندا هيس. اها سندس آتما جي خوشي ۽ سڪون هو جنهن سندس مـَنَ ۽ تـَـنَ کي جرڪائي ڇڏيو هو. جهاز جيئن ئي هندي سمنڊ مٿان اڏام ڪئي ته چمپا جي يادن جي بلبل به ڀڙڪو کاڌو. ٻالڪپڻ کان وٺي جواني تائين جا سمورا لمحا يادن جي سڳنڌ بڻجي سندس ذهن ۽ آتما کي معطر ڪري رهيا هئا. دبئي کان ٽرانزٽ فلائيٽ ذريعي جڏهن هو ڪراچي پهتا ته چمپا جي مـَنَ ۾ سنڌ سان محبت جي سمنڊ ۾ ڄڻ هلچل پيدا ٿي ۽ هن جا احساس بيڪران لهرن جيان سنڌ جي زمين کي ڄڻ چمڻ لڳا. هن مـَنَ ئي مـَنَ ۾ ڀڳوان جي ڪرپا تي ٿورا مڃيا ته هوءَ پنهنجي اباڻي ڀونءِ جو حصو ٿيڻ آئي آهي. ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪرندي چمپا جي نظر ڪيلاش، پرديپ، راجيش ۽ موهن تي پئي جيڪي دليپ جا ننڍي لاءِ جا دوست هئا. انهن سان گڏ مجيب،اسد، ارشد ۽ اخلاق به هئا جيڪي پڻ نه صرف دليپ جا دوست پر پاڙيسري به هئا. انهن سان ڪجهه نوجوان پڻ ساڻ هئا. انهن وڏي اُڪِيرَ سان چمپا، پوجا ۽ سنجي جو آڌر ڀاءُ ڪيو. چمپا جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي ۽ اهو سمورو قافلو ان ئي ويلي گاڏين جي هڪ ڊگهي قطار جي صورت ۾ شڪارپور روانو ٿيو...
شڪارپور ۾ داخل ٿيڻ جو احساس چمپا لاءِ ڄڻ نئين جنم مثل هو. سُڪ پُل لڳ موجود حويلي ۾ چمپا جو شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. چمپا کي شڪارپور آئي ڪجهه ڏينهن مس ئي ٿيا هئا پر سندس مان ۾ شڪارپور جي شهرين آجياڻا رکيا ۽ کيس Mother of Shikarpur جو لقب ڏنو. ايڏو پيار، ايڏو قرب، ايڏي محبت ۽ ايڏو مان مرتبو سچ ته چمپا کي صرف پنهنجي ديس ۾ ئي ملي پئي سگهيو. هڪ تقريب ۾ چمپا ماڻهن سان ڳالهائيندي چيو: “اسان ڀل هندو هجون يا مسلمان، عيسائي هجون يا پارسي، سِـکَ هجون يا ٻـُڌ پر اسان سڀ سنڌي آهيون ۽ هي سنڌ لکن سالن کان اسانجو ديس آ ۽ اسانجو ملڪ آ. مان وينتي ٿي ڪيان پنهنجي هر ڀاءُ، ڀيڻ، پٽن ۽ نياڻين کي ته اسان وانگر غلطي ڪري ڪڏهن به سنڌ نه ڇڏجو ۽ پنهنجي پاڙ معنيٰ پنهنجي سنڌ کي ڪڏهن به ڪمزور ٿيڻ نه ڏجو. اوهان جي اها ذميواري آهي ته اوهان پنهنجا وڏا شهر وسايو، ڌنڌي ۽ واپار ۾ سگهارا ٿيو ۽ سنڌ جي مالڪي ڪري ان کي مضبوط ڪيو. ڇو ته دولت، شهرت، عزت، ناموس ۽ پنهنجائپ جو خلوص ۽ احساس جيڪو پنهنجي زمين تي ملي ٿو اهو اوهان کي سورگ ۾ به نه ملي سگهندو. سنڌ کان پري زندگي ڀل ڪيڏي به سـُـکي ڇو نه گذري پر آتما سـُـکي ناهي، اهو درد اوهان اسان کان پڇو...”
شڪارپور ۾ چمپا جو گذريل هر ڏينهن ان لاءِ نيون خوشيون پئي کڻي آيو. هر روز نون ماڻهن سان ملاقاتون ۽ نيون خبرون چارون، دعوتون ۽ اعزازي محفلون ته ڄڻ هن جي روز جو معمول بڻجي پيون هيون. ڏينهن گذرندا پئي ويا ۽ سندن ورتل ويزا جي مدت پوري پئي ٿيندي وئي، ان سان گڏ ئي چمپا کي هڪ درد هميشه ڄڻ وڍ ڏئي رهيو هو، هن کي اها شڪارپور ڪٿي به نظر نه آئي جنهن ۾ هن جنم ورتو هو. هاڻ چمپا واري شڪارپور ۾ گهڻو ڪجهه بدلجي ويو هو، ديوان جي قلفي جي ذائقي کان وٺي ڀوڳڙي بازار جي ڀڳل ڀڳڙن جي سڳنڌ تائين. هاڻ ته هزاريدر تي ڪـُٽِ جا ٿانءَ ٺاهڻ وارن ڪاريگرن جا مـُترڪا به خاموش هئا. زيرِزمين گٽر لائين جو نظام ته الائي ڪاڏي گم ٿي ويو هو پر صفائي ۽ ميونسپل جو انتظام به تباهه ٿي چڪو هو، گهڻو ڪجهه بدلجي چڪو هو. اها شڪارپور کيس ڪٿي به نظر نه آئي جنهن جي روڊن ۽ رستن تي شام ڌاران گلاب جي پاڻيءَ سان ڇڻڪار ٿيندا هئا. اهي ماڙيون ۽ عمارتون به ڊهي چڪيون هيون جن جي ڪاٺين جي شاندار بالڪنين منجهان زندگيءَ جا رنگ ليئا پائيندا هئا. ڪاٺ جون ماڙيون ۽ اڏاوت جا اعليٰ نمونا به هاڻ نظرن کان اوجهل ٿي چڪا هئا. چمپا جي شڪارپور ۾ آرائين ته جام هئا پر اهي بهار جي آمد تي گلن ڀريل جهول سان آرائين بڻجڻ کان ناآشنا هئا. ها شڪارپور جي موسم ۽ هوا جو هـُـڳاءُ ساڳيو هو، ماڻهن ۾ اڃا به پيار ۽ محبت هئي، اڄ به سنڌ واسين جون دليون مذهبي مت ڀيد جي مــَـرُ کان پاڪ ۽ صاف هيون. چمپا جون اکيون هاڻوڪي شڪارپور جا منظر پسي ڳوڙهن سان ڀرجي وينديون هيون. هوءَ من ئي من ۾ دليپ کي پڪاريندي ڄڻ چوندي هجي: “دليپ پاڻ واري شڪارپور هاڻ اها شڪارپور ناهي رهي...”. هوءَ ته شڪارپور ۾ هئي پر ان ويلي شڪارپور ۾ ساڻس دليپ جي گڏ نه هجڻ جو درد چمپا کي اندران ئي اندران کائي رهيو هو. شڪارپور جي هوائن ۾ اتي ساڻس گڏ دليپ نه هو جيڪو آرائين بڻجي گلن سان جهول ڀري کيس پيار آڇي ۽ بدلي ۾ ان جي سدا بهار مـُرڪن جا تحفا حاصل ڪري...
ڌوڙئي جا ڏينهن اچي ويا ۽ حويلي ۾ هولي جون تياريون ٿي رهيون هيون. هولي واري ڏينهن ٻين بزرگن سان گڏ چمپا ٻارن ۽ نوجوانن طرفان ملهائجندڙ هولي مان آنند حاصل ڪري رهي هئي ته ان جي نظر هڪ نوجوان ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ تي پئي جيڪي اک ٽيٽ ڪري هڪٻئي سان مـَـام ۾ ڳالهائي رهيا هئا. هولي کيڏندي کيڏندي ڇوڪري ڇوڪريءَ جي ڪن ۾ ڪجهه چيو ۽ پوءِ انهن ٻنهي جي چپن جي مسڪراهٽ سندن الهڙ جوانيءَ واري مستيءَ ڀريل احساسن تي چغلي هڻي رهي هئي. اوچتو ئي اوچتو چمپا کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ دليپ سندس اکين تي هٿ رکي کيس ڪن ۾ چوندو هجي: “چمپا:
هــــڪــــڙي هـــولــي اهـــــڙي بــــه آئـــــي هـئــــي،
جـنـهـن ۾ جـسـم تـه ڇــا روح بـه رڱــيـا هـئـاسـين...”
چمپا جي چپن تي اهڙي ئي مسڪراهٽ اچي وئي جنهن سان ڳلن ۾ چـُـگهَه پئجي ويندا هيس ۽ جن چـُگهـَن جي ڪـُنـَن ۾ دليپ ڦاٿو هو. چمپا جي چپن تي دليپ جي ٻڌايل شعر جا ٻول هئا:
“هــــڪــــڙي هـــولــي اهـــــڙي بــــه آئــــي هئي...”
خبر ئي نه پئي ڏينهن گذرندا ويا ۽ آخر اهي ڏينهن به ويجها ٿيا جڏهن چمپا، پوجا ۽ سنجي جي ويزا جي مدت پوري ٿي. شڪارپور ڇڏڻ کان هڪ ڏينهن اڳ چمپا بي انتها اداس هئي، سنڌ جي سرزمين تي ۽ شڪارپور جي هوائن ۾ ساهه ڌڻيءَ حوالي ڪرڻ واري سندس اِڇـَا من ۾ ئي رهجي وئي. هوءَ پنهنجو درد سلي به ته ڪنهن سان، ڇو ته اتي ڪوئي اهڙو هيو ئي ڪو نه جيڪو سندس آتما جي تڙپڻ ۽ لــُڇَـڻ جي سبب کي سمجهي سگهي. ان ويلي هوءَ پاڻ کي وڏي اڀاڳڻ سمجهي رهي هئي، هوءَ من ئي من ان ڏينهن کي ڄڻ ڪوسي رهي هئي جنهن ڏينهن هن ۽ سندس خاندان شڪارپور کي هميشه لاءِ الوداع ڪيو هو. اڄ هن کي اها ڳالهه ڀلي ڀت سمجهه ۾ اچي وئي هئي ته هن جي پاڙ ڀل ڇو نه شڪارپور جي مٽيءَ جي گهراين ۾ دفن ٿيل هجي پر هاڻ هن جي وجود جو مسڪن هن سرزمين جو ناهي. نيٺ ٻئي ڏينهن جو سج وڏي آب ۽ تاب سان چمپا کي دلاسي ڏيڻ بجاءِ اهو پيغام کڻي نڪتو ته جي هن وقت رهندي سنڌ نه ڇڏي ته هن لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي ويندي. صبح سويري چمپا، پوجا ۽ سنجي ڪراچيءَ لاءِ روانا ٿيا، چمپا سموري واٽ خاموش رهي ۽ هر گذرندڙ رستي تان سنڌ جي سرزمين کي پنهنجي لڙڪن جا تحفا ڏيندي پئي وئي. پوجا ۽ سنجي چمپا دادي جي اداس ۽ وياڪل حالت ڏسي کيس دلاسو ڏيندا رهيا، پر هن جي آتما جيئري ئي جنهن چتا ۾ جلي رهي هئي ان جي تپش کي ڪو دلاسو ڪيئن ماٺو پئي ڪري سگهيو، بس هوءَ موٽ ۾ صرف مصنوعي مرڪ ئي آڇي پئي سگهي. هو سڀ جهاز ۾ چڙهيا ۽ دبئي رستي بمبئي پهتا. ڪيترا ئي ڏينهن گذري ويا پر چمپا جي چهري تي اها مسڪراهٽ وري نه آئي، جنهن سبب سندس ڳلن ۾ چــُگهـَه پئجي ويندا هيس. هوءَ سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبوءِ جو واس ڇا وٺي آئي هئي، ڄڻ ته نئون جنم وٺي آئي هئي ۽ هاڻ هن کي بنارس وڃڻ جي ضرورت محسوس نه پئي ٿي...
ٻئي سال جڏهن هوليءَ جو تهوار آيو ته هن سمورن سنڌين کي پنهنجي حويلي ۾ جمع ڪيو، انهن سان سنڌ ۽ شڪارپور جون کوڙ ساروڻيون ونڊيون. هن ماڻهن ۾ کوڙ ساريون محبتون ورهائيون، هن دان جا دروازا هر عام ۽ خاص لاءِ کولي ڇڏيا. گذريل سال شڪارپور ۾ گهاريل هولي جو ڏينهن هن جي سوچن ۾ مگري جي مهڪ وانگر سمايل هو ۽ انهن يادن سبب هن جي مسڪرائڻ تي سندس ڳلن تي خوبصورت چــُگهـَه پئجي ويس. ان ڏينهن سندس حويلي جي وڏي آڳر ۾ هر ننڍو وڏو هوليءَ جي رنگن ۾ مست هو. هوائن ۾ اڏامندڙ رنگن جي لڙاٽ ۾ هن اوچتو ايئن ڀانيو ڄڻ دليپ سندس پويان بيٺو هجيس ۽ سندس ڪن ۾ چوندو هجيس: “چمپا:
هــــڪــــڙي هـــولــي اهـــــڙي بــــه آئـــــي هـئــــي،
جـنـهـن ۾ جـسـم تـه ڇــا روح بـه رڱــيـا هـئـاسـين...”
چمپا جي چپن تي هڪ ڀيرو وري اهڙي ئي مسڪراهٽ اچي وئي جن جي چـُگهـَن جي ڪـُنـَن ۾ دليپ ڦاٿو هو. چمپا جي چپن تي به دليپ جي ٻڌايل ان شعر جا اڌورا ٻول اچي ويا:
“هــــڪــــڙي هـــولــي اهـــــڙي بــــه آئــــي هئي...”
هن کي هڏڪي آئي ۽ اها هڏڪي سندس زندگيءَ جي آخري هڏڪي ثابت ٿي. سندس اِڇـَا مطابق اگني سنسڪار کانپوءِ پوجا ۽ سنجي دادي چمپا جون هاٺيون سنڌو درياءَ ۾ لوڙڻ لاءِ سنڌ روانا ٿيا. سندس اِڇـَا مطابق هو پهريون شڪارپور آيا، سندس اسٿين کي وڏو مان ڏنو ويو، سموري شڪارپور Mother of Shikarpur جي وڇوڙي تي ڳوڙها ڳاڙيا، اهڙي عورت جي عظمت کي سلام ڪيو جيڪا پنهنجن پڇاڙڪن ڏينهن ۾ سنڌ ۽ شڪارپور جي عشق ۾ تڙپي اٿي هئي. سندس هاٺين کي سوين ماڻهن جي موجودگي ۾ جڏهن سکر ۾ ساڌو ٻيلي وٽ سنڌو حوالي ڪيو پئي ويو ته شڪارپور ڄائي ان چمپا کي ڪنهن شخص شڪارپور ڄائي شيخ اياز جي وائي ڀيٽا طور ڳائي پيش ڪئي. سندس آواز سڀني دلين کي گرمائي ڇڏيو ۽ لڙڪن سان گڏ ڌرتي سان محبت جي اهڙي رشتي کي سنڌو حوالي ڪيو:
ســنـڌ ديــس جـي ڌرتـي تـوتـي پـنـهـنـجـو سِـيـس نـمـايـان مـان،
او مـٽـي مـاٿـي لايـان مـان...
تـنـهـنـجــيءَ مـٽــيءَ مـنـجهــه مـِلان جــي، آءُ امـرتـا پـايـان مـان،
او مـٽـي مـاٿـي لايـان مـان...

23 نومبر 2014
ڪراچي

*آرائين
بهار جي آمد تي شڪارپور ۾ هڪ ڏڻ ملهايو ويندو هيو. جنهن تحت ماڻهو صبح جو سج اڀري کان اڳ پنهنجي جهول گلن سان ڀري (خاص ڪري موتئي جي گلن سان، جيڪو شڪارپور جي سڃاڻپ هو) پنهنجن دوستن، عزيزن، اقاربن ۽ ايستائين جو دشمنن جي در تي به ويندا هئا ۽ انهن کي اهي گل آڇي کين بهار جي آمد جي مبارڪ ڏيندا هئا. هر ماڻهو ان شخص کان گل ضرور وٺندو هو پوءِ چاهي ان شخص سان ان جي ڪيتري به دشمني ڇو نه هجي پر جهول ۾ گلن ڀريل ان شخص کي مايوس ڪو نه موٽايو ويندو هو. اهو شخص جيڪو جهول ۾ گل ڀري بهار جي مبارڪ ڏيڻ در در ويندو هو ان کي ”آرائين“ چئبو هو. اهڙي ئي ڏڻ جي عڪاسي شيخ اياز جي هن شاندار غزل ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿي:

عـشـق اسـان وٽ آرائـيـنءَ جـيـئـن، آيـو جهــول ڀـري،
آيـــــو جهــول ڀـَــري، او ڪـوئــي ڪـيـئـن ڪــري...
مَـــوتـــيءَ جــَــهـِـڙي مــُــرڪ پـِــــريــــــنءَ جـِــــي،
مـُگـرو مـات ڪــري، ڪـوئــي ڪـيـئـن ڪــــري...
تـُـنـهـنـجــا نــَـهــِـٺـــا نــَيـــڻَ اِيــئــن جـِـيـــئـــَن،
رِڻَ ۾ رات ٺـَــري، ڪـــوئـــي ڪــيـــئـن ڪـــــري...
تــــنـــهـــن کــان ڪــــيـــئـــن جـُـــدا ٿــــجـــــي،
سرتيون ڪيئن سري؟ ڪـــوئــي ڪـيـئـن ڪـــري...


* هــــڪــــڙي هـــولــي اهـــــڙي بــــه آئـــــي هـئــــي،
جـنـهـن ۾ جـسـم تـه ڇــا روح بـه رڱــيـا هـئـاسـين...

شايد سال 1998 هو، سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ڪل هند – سنڌ مشاعرو ٿيو هو، جنهن ۾ هندستان مان آيل هڪ نوجوان (جنهن جو نالو ياد ناهي) غزل پڙهيو هو. اهو غزل به ياد ناهي پر ان غزل جو اهو بند مونکي هميشه لاءِ ياد رهجي ويو ۽ ان ايترو ته متاثر ڪيو جو ان جي اثر ۾ هن ڪهاڻيءَ جنم ورتو...

لـَلـُو پـَنـجـُـو

ھو ڏسڻ ۾ صفا ڪارو دانگ ھو، ھميشه ڪپڙا ميرا ھوندا ھيس. ھفتي ۾ ھڪ دفعو تڙڪيائين ته ٺيڪ نه ته ائين ئي رھندوھو. دل ڪڍندس ته ڏينھن ۾ ھڪ اڌ دفعو منھن کي پاڻيءَ ڇنڊو ھڻندو، باقي سانوڻ ھجي يا سيارو شل نه کنوڻيون کيج ڪن ۽ برسات پئي جھومي اٿندو ھو ۽ تيستائين وسندڙ برسات ۾ مستيون ڪندو وتندو ھو جيستائين برسات پاڻ بس نه ڪري پر ھي ڪو نه مڙندو ھو. دنيا جھان جي ته پرواهه ئي ڪو نه ھوندي ھيس، جيڪڏھن ڪنھن ڳوٺ ۾ مانيءَ ٽڪر ڏنس ته کائيندو نه ته بـُـک جي به دانھن نه ڪندو. ھميشه کلندو وتندو ھو ڏند ايڏا اڇا ھوندا ھيس جيئن موتيءَ داڻا ڇو ته سمورو ڏينھن ڏندن کي نم جو ڏندڙ ڏيندو ھو. ھن ھيڏيءَ وشال ڪائنات ۽ ڀريءَ دنيا ۾ صرف ھڪڙو ئي ماءُ جو عظيم رشتو ھو جيڪو ھن جي وجود سان سلھاڙيل ھو. پر قدرت اھو رشتو به ھن کان سال اڳ ڇني ورتو ھو. واحد ماءُ ئي ھيس جنھن سان ھن جا سمورا رشتا ھوندا ھئا. اھا نه صرف ھن جي ماءُ ھئي پر پيءُ به ھيس، دوست به ھيس، ڀاءُ به ھيس، ته ڀيڻ به ھيس. ھو ان سان ئي کِـجِـڪـَا ۽ مستيون ڪندو ھو ۽ ان جي ھنج ۾ ئي منھن وجھي سڏڪا ڀري روئندو ھو ته وري ماڻا به ڪندو ھو، ڳوٺ وارن جي ناجائزين جي دانھن ڏيندو ھو ۽ پوءِ سندس ماءُ ئي سيني سان لائي پرچائيندي ھيس. ھو ماءُ کان سڏڪندي پڇندو ھو: “امان ڳوٺ وارا مونکي لــَلـُو پـَنـجـُو ڇو چوندا آھن...!!!؟؟؟”
سندس ماءُ مسڪرائي چوندي ھيس: “اڻڄاڻ آھن منھنجا پٽ ڇڏي ڏين جيڪو وڻين سو چـَون، وقت ٻڌائيندن ته منھنجو پٽ لــَلـُو پـَنـجـُو نه پر سڀني کان نرالو آھي، تو جھڙو مـَلـُوڪ پٽ ته ھن ڳوٺ ۾ نه پيدا ٿيو آ ۽ نه ئي وري ڪو ٻيو پيدا ٿيندو...”
سندس ماءُ ڳلن تان وھندڙ ڳوڙھن کي اگھندي ھميشه کيس اھو جملو چئي ڪري پرچائيندي ھيس ۽ پوءِ ھو ماءُ کي چوندو ھو: “ها امان مان سڀني کان نرالو آهيان ۽ مان مـَلـُوڪ پُٽ آھيان، ھا واقعي ھنن کي ڪھڙي خبر ته مان ڇا آھيان، مان ته مـَلـُوڪ پُٽ آھيان...”
پوءِ ھو مسڪرائي ڏيندو ھو ۽ ان وقت ھن جي مسڪراھٽ دنيا جي خوبصورت مسڪراھٽ بڻجي پوندي ھئي ۽ ھو ماءُ چواڻي پاڻ کي سڀن کان نرالو محسوس ڪندو ھو، بلڪل ائين جيئن مـَلـُوڪ پُٽَ ھوندا آھن. پر جڏھن کان قدرت کائنس ماءُ جي ممتا ڇني ورتي ھيس تڏھن کان ڄڻ ته گھر به کيس کائڻ ايندو ھيس. ھو گھر جي ھر ھڪ ڪنڊ ۾ پنھنجيءَ ماءُ کي ڳوليندو وتندو ھو ۽ پوءِ جڏھن ماءُ جي سڪ ۾ صفا اٻاڻڪو ٿي پوندو ھو ته ڳوٺ کان ٿورو پرڀرو جوڙيل قبرستان ۾ ھليو ويندو ھو، پنھنجي ماءُ جي قبر سان گڏ سڄي قبرستان جي صفائي ڪندو ھو. سندس پيءُ جي قبر به ماءُ جي قبر ڀرسان ئي ھوندي ھيس پر ھو ان جي قبرڏي ڪو خاص ڌيان نه ڏيندو ھو ڇو ته جڏھن ھو پنجن سالن جو ھو تڏھن سندس پيءُ گذاري ويو ھيس ۽ ھن پنھنجيءَ زندگيءَ ۾ صرف پنھنجي ماءُ کي ئي ڏٺوھو ۽ سندس ڏاڏاڻي ۽ ناناڻي خاندان ۾ به ڪوئي ڪو نه ھيس جيڪو ھن جي سار سنڀار لھي، اھو ئي سبب ھو جو ھن جا سمورا رشتا صرف پنھنجي ماءُ سان ئي ھئا...
هن جو پيءُ جانٺو جوان هجڻ سان گڏ پوليس جو هڪ ڏاڍو بهادر ۽ دلير سپاهي هو ۽ پنهنجي بهادري ۽ شفاف ڪردار جي ڪري پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ ڏاڍو مشهور هو. سندس بهادري ۽ بيباڪي جي ڪري الائي ڪيتريون دشمنيون ڄڻ ته کيس ورثي ۾ ملي پيس. سندس پيءُ وڏيءَ سِڪَ مان پنجل نالو رکيو هوس ۽ پيار مان پنجو ڪري سڏيندو هوس. جڏهن هو پنجن سالن جو هو ته ڌاڙيل دشمني ۾ سندس پيءُ کي مارڻ لاءِ گهر ۾ گهڙيا، جيستائين سندس پيءُ سجاڳ ٿي، مڙسي ڪري ۽ ڌاڙيلن سان ٻکين پئي، تيستائين ڌاڙيلن سوگهو ڪري ورتس. سندس ماءُ رڙيون ڪري اٿي ته ڌاڙيلن ان جي وات تي ڪپڙو ٻڌي کيس به کٽ سان سـُڪَ ٻڌي ڇڏيو. پنجل به ماءُ جي رڙين تي اٿي ويهي رهيو ۽ خوف وچان ڊڪي وڃي ماءُ کي ڀاڪر پاتائين. آڌيءَ رات جو ڌاڙيلن سندس اکين آڏو پيءُ کي ڪهاڙيءَ سان ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيو. ان رات جو منظر سندس ذهن تي اهڙو هاوي ٿي ويو جو هو ذهني طور ڄڻ معذور ٿي ويو. سندس ذهني ڪمزوري جي ڪري ڳوٺاڻن سندس پـَنـجـُو نالي سان لــَلـُو به جوڙي ڇڏيو ۽ اهڙي طرح کيس ڳوٺ جا ننڍا وڏا لــَلـُو پـَنـجـُو جي نالي سان سڏيندا هئا. جڏھن ڳوٺ جاٻارھن کي چريو چريو ۽ لــَلـُو پـَنـجـُو چئي چيڙائيندا ھئا ۽ ھن کي بي واجبي ڌَڪَ ھڻندا ھئا ۽ کيس کوڙ ساريون گاريون ڏيندا ھئا ته ھو اکين ۾ ڳوڙھا آڻي ۽ منھن ڀيلو ڪري انھن کي انتھائي نماڻي انداز سان چوندوھو: “مان لــَلـُو پـَنـجـُو ناھيان، مان ته مـَلـُوڪ پٽ آھيان، ڇو ته امان مونکي چوندي ھئي ته مان مـَلـُوڪ آھيان ۽ مون جھڙو ھن ڳوٺ ۾ ٻيو ڪو ئي به ڪونھي...”
پوءِ ٻار مٿس کِلُون ڪندا ھئا ۽ کيس پٿر ھڻندا ھيس ۽ “لــَلـُو پـَنـجـُو - لــَلـُو پـَنـجـُو” چئي وڌيڪ چيڙائيندا ھيس، پوءِ ھو ڪنھن زبري ڌڪ لڳڻ تي خاموشيءَسان اکين مان ڳوڙھا وھائي ٻارن کي چوندوھو: “الله جو قسمان مان لــَلـُو پـَنـجـُو ناھيان، توھان مونکي ايئن نه چئو، نه ته مان پنهنجي امان کي توهان جي دانھن ڏيندم...”
هن جو وس ڳوٺ جي ٻارن تي نه پڄندو هو ۽ پوءِ ھو يڪساھي ڳوٺ کان ٿورو پرڀرو جڙيل قبرستان ڏانھن ڊوڙي ويندو ھو ۽ ماءُ جي قبر کي ڀاڪر پائي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڍُنڍِڪارون ڏيئي روئندوھو ۽ ڳوٺ جي ھڪ ھڪ ٻارجي دانھن ماءُ کي ڏيندو ھو ۽ پوءِ جڏھن پنھنجي ماءُ جي قبر آڏو خوب روئي پنھنجي اندر کي ھلڪو ڪندو ھو ته ان وقت ھو مسڪرائي ڏيندو ھو ۽ ان وقت سندس مسڪراھٽ دنيا جي خوبصورت مسڪراھٽ بڻجي پوندي ھئي. پر ھاڻ ته اھا ماءُ به ھن سان ڪا نه ھئي جيڪا سندس ڳوڙھا اگھندي ھيس، انگل کڻندي ھيس، ماڻا پورا ڪندي ھيس ۽ آٿتون ڏيندي ھيس. ٻارن کان علاوه ڳوٺ ۾ ھڪ ٻيو شخص به ھو جيڪو ھميشه کيس تڙيون ڏيندو ھو، اھو ھو ڳوٺ جي واحد مسجد جو مـُتولي ملان قدرت الله. ملان قدرت الله پڙھيل قرآن شريف جو ھڪ اکر به نه ھو پر پاڻ کي ملان سڏائيندو ھو. سندس ڏاڏي ڳوٺ ۾ مسجد ٺھرائي ھئي، تنھن ڪري مسجد جي مـُتولي سندن خاندان جي ورثي ۾ مليل ھيس. ھونءَ ته ملان قدرت الله کائنس آئي ڏينھن سڄي مسجد جي ڪنڊ ڪڙڇ جي صفائي ڪرائيندو ھيس، پاڻيءَ جون ناديون ڌوئرائڻ کان وٺي وضو ڪرڻ واري ڊگھيءَ جاءِ جي صفائي ۽ ايستائين جو ھن کان پاخانه به ڌوئاري چٽا صاف ڪرائيندو ھو.جي پاڻيءَ جي ٽانڪي خالي ٿي وڃي ته ان کي نلڪو گيڙي ڪَـنَين تار ڀرڻ جو ڪم به ھوئي ڪندو ھو. نماز پڙھڻ ته ھن کي ايندي ئي ڪو نه ھئي پرجنھن ڏينھن ھو مسجد جي صفائي ڪري ھچ ٿي، ٿوري جھٽ مسجد جي تڏي تي ويھي آرامي ٿيندوھو ۽ نمازي اچي صاف سٿري مسجد ۾ وضو ڪري، صِفَان ٻڌي نماز پڙھندا ھئا ته ھو انھن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو ھو ۽ پوءِ ھو ان وقت به مسڪرائي ڏيندو ھو ۽ ان ويلي به سندس مسڪراھٽ دنيا جي خوبصورت مسڪراھٽ بڻجي پوندي ھئي...
رمضان جي بابرڪت مھيني ۾ يا جنھن ڏينھن مسجد ۾ ڳوٺ جي ڪنھن گھر مان ختمي يا خيرات جي ماني ايندي ھئي ته ان ڏينھن ته ھو ملان قدرت الله کي صفا زھر لڳندو ھو ۽ پوءِ ان ڏينھن ملان کيس ڌڪا ڏيئي مسجد مان ڪڍي ڇڏيندو ھوس. ھڪ ڏينھن صفائي ڪندي سندس ھٿان پاڻيءَ جي نادي ڀڄي پئي ۽ پوءِ ان ڏينھن ملان قدرت الله کيس بيد جي لڪڻ سان ايڏي مار ڏني ھيس جو سندس پٺاڙن تي ٻنا ٺھي پيا ھيس ۽ ھو ڪيترائي ڏينھن سڌو سمھي نه سگھيو ھو...
ھڪ ڏينھن ملان قدرت الله شھر کان واعظ ڪرڻ لاءِ ھڪ وڏي ملان کي ڳوٺ واري مسجد ۾ گھرايو. آس پاس جي ڳوٺن جا ماڻھو به آيا ۽ مسجد کِچا کِچ ڀرجي وئي. ھر ڪو الله جي ثناء ۽ تعريف ٻڌڻ لاءِ اڇا ڪپڙا پھري، عطر ۽ عنبير لڳائي حاضر ٿيو. سندن ڳوٺ ۽ آسپاس جي ڳوٺن مان جيڪي ماڻھو حج ۽ عمرا ڪري آيا ھئا، تن خاص ڪري مڪي شريف مان آندل عربي جبا ۽ عربن جي اسڪارف نما ٽوپي پاتي ھئي ۽ اھي سڀني کان مختلف ۽ نرالا پئي نظر آيا. ھر ڪو انھن کي خاص اھميت ڏيئي رھيو ھو ڇو ته اھي ڀلي پار جا پانڌيئڙا ھئا ۽ خاص ڪري ٻارته ھر ھر انھن جي جبن کي اچرج وچان ھٿ لائي گـَدگـَد ٿي رھيا ھئا. جيستائين شھر مان آيل وڏي مولوي صاحب جو واعظ شروع ٿئي تيستائين اھي به مختلف ٽولين ۾ ويٺل ماڻھن کي ڀلي پار جون ڳالھيون ٻڌائڻ لڳا ۽ پاڻ سان پيش ايندڙ ڪرامتون ٻڌائي اکين ۾ ڳوڙھا آڻي نه صرف پاڻ روئي رھيا ھئا پر ٻين کي به روئاري رھياھئا...
نيٺ خاص ڪري شھر کان ڪھي آيل وڏو ملان الحاج مولانا محترم ڪرامت الله صاحب به وڏو ڊگھو ڪارو جبو اوڙھي مـِـمـِـبـَر تي اچي ويٺو. ھڪ ھٿ ۾ بيد جي ٿلهي لٺ جھليائين ته ٻئي ھٿ ۾ قرآن شريف. ھن مسجد جي مائيڪ تي پنھنجي سحرانگيز آواز کي پڙاڏن ۾ تبديل ڪرڻ کان اڳ قرآن شريف جي ڪجهه آيتن جي تلاوت ڪئي. ان وچ ۾ ھو باربار پنھنجي ڳلي کي کنگھڪار ڪري صاف به ڪندو رھيو. جڏھن ڪنھن آيت جو سُر ٿورو وڌيڪ سَحَرانگيز پئي ٿي ويو ته مسجد ۾ ويٺل سوين ماڻھن بآواز بلند پئي چيو: “سبحان الله...”
ھو به اڄ وھنجي سنھجي مسجد جي ھڪ ڪنڊ ۾ اچي ويٺو ھو ۽ ماڻھن جي باربار “سبحان الله” چوڻ تي پاڻ به جذبات ۾ اچي گوڏن ڀر اٿي ھرھر “سبحان الله” چئي رھيو ھو ۽ “سبحان الله” چوندي ڏاڍو خوش به ٿي رھيو ھو. مولانا صاحب الله جي ثناء، ڪائنات جي ٺھڻ، انسانن تي خدا طرفان لاٿل نعمتن، نبين جي قصن ۽ حضوراڪرمﷺ جن جي حيات طيبه تي روشني وجھندي وڏا سحر انگيز گفتا چيا ۽ ماڻھن طرفان باربار “سبحان الله” جي صورت ۾ ڏاڍو داد وصول ڪيو. جڏھن ماڻھو ڪنھن زبردست گفتي تي مولوي صاحب ڏي ھٿ کڻي زور زور سان “سبحان الله” چئي رھيا ھئا ته گھٽايو ھن به ڪو نه ۽ مستيءَ ۾ اچي ھو به وڏي آواز ۾ مولوي صاحب ڏي ھٿ کڻي “سبحان الله” چئي رھيو ھو. مولوي صاحب جڏھن جنت جو ذڪر ڪيو ۽ اتي مومنن لاءِ الله ذوالجلال طرفان عطا ڪيل نعمتن جن ۾ خاص ڪري حورن، گلمانن ۽ شراباً طھورا جو ذڪر ڪيو ته ان وقت به سموري مسجد ۾ ويٺل ماڻھن اٿي اٿي پئي مولوي صاحب کي “سبحان الله” چئي وڏي آواز سان داد پئي ڏنا ۽ پوءِ جڏھن حسب معمول مولويءَ آخر ۾ الله جي ڏمر جو ذڪر ڇيڙيو ۽ انھن انسانن جي اعمالن تي ڳالھايو، جن جا عمل کين جھنم ڏانھن پئي ڌڪي ويا، ته سموري مسجد ۾ سانت طاري ٿي وئي پر ھن جي زبان تي“سبحان الله” جو ورد وڏي آواز سان جاري رهيو. مولوي صاحب فرمايو: “جيڪي ماڻھو خدا سان شِرڪُ ڪن ٿا اھي جھنم جي تري ۾ انتھائي عذابناڪ صورتحال ۾ گذاريندا...”
سموري مسجد ۾ اھڙيءَ ڳالهه تي سناٽو ڇائنجي ويو، پر ھن وڏي آواز سان رڙ ڪري مولوي صاحب ڏي ھٿ کڻي مسڪرائيندي چيو: “سبحان الله...”
الحاج مولانا محترم ڪرامت الله صاحب سميت سموار ماڻھو جھنم واري ڳالهه تي“توبه نعوذ بالله” چوڻ بجاءِ “سبحان الله” چوڻ تي پريشان ٿي ويا پر جڏھن سڀني ڏٺو ته اھڙي حرڪت للــَلـُو پـَنـجـُو ڪئي آھي ته سڀ خاموش ٿي ويا. پر مولويءَ کي ڪھڙي خبر ته ھو ڪو ڳوٺ جو چرياڻ ھو. ھن وري ٻيھر ساڳئي سـَحَرانگيز انداز سان چيو: “جيڪي ماڻھو نشو پتو ڪندا، شراب پيئندا، چرس ۽ ڀنگ واپرائيندا، زنا ۽ زوري ڪندا، اھي به الله جي حڪم سان جھنم جي پاتال ۾ اماڻيا ويندا...”
سڄي مسجد ۾ ويٺل حاضرين تي ھڪ دفعو ٻيھر خاموشي طاري ٿي وئي پر ھو وري گوڏن ڀر اٿي بيٺو ۽ مولوي صاحب ڏي ھٿ اڀو ڪري وڏي جوش سان مسڪرائيندي ڀرپور انداز ۾ چيائين: “سبحان الله...”
مقام ته “نعوذبالله” چوڻ جو ھو پر ھو باربار “سبحان الله” چئي رھيو ھو. الحاج مولانا محترم ڪرامت الله صاحب کي ڪاوڙ ته وڏي لڳي پر وري کڻي ڳالهه درگزر ڪندي چيائين: “منھنجا مومن ڀائرو جيڪي ماڻھو وياج کائيندا، ٻين جاحق ڦٻائيندا ۽ نيتون بد رکي ٻين ماڻھن کي نقصان پھچائڻ جي ڪوشش ڪندا اھي به الله جي خاص حڪم سان جھنم رسيد ڪيا ويندا...”
ھن ھڪ دفعو ٻيھر وڏي جوش و خروش سان گوڏن ڀر بيھي مولوي قدرت الله ڏي ھٿ کڻي بآواز بلند چيو: “سبحان الله...”
ھاڻ مولوي الحاج علامه ڪرامت الله صاحب جن جي ھشمت به ڦيرو کاڌو ۽ مسجد شريف جي مائيڪ تي رڙ ڪندي چيائين: “اڙي بس ڪرڄٽ جاپٽ.خبيس ڪنھن جاءِ جا توکي ڙي اھا به خبر نه ٿي پئي ته ڪٿي “نعوذ بالله” چوڻو آ ۽ ڪٿي “سبحان الله”. اٿ نڪر مسجد مان ته ڪوپر ۾ ڏنڊو نه وھائي ڪڍانءِ. اھڙي رت ٺينڊيون ڪري وھندئي جو ھوش ٺڪاڻي اچي ويندئي...”
بس مولوي صاحب جي چوڻ جي دير ھئي پوءِ ته آس پاس ويٺل ماڻھن کيس ڌڪا ڏئي مسجد مان ٻاھر ڪڍي ڇڏيس ۽ جنھن جي ورپئي چڙھيو تنھن ٻه چنبا به وھائي پئي ڪڍيس. ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ ڳوٺ وارن جي ھن سان ازلي دشمني ھئي. ھو ماڻھن جي اھڙي اوچتي بگڙيل رويي تي صفا ھيسجي ويو، پر اهو پھريون دفعو نه هو جو هن کي الله جي گھر مان ذليل ڪري ڌڪا ڏيئي ڪڍيو ويو هو. هر دفعي جيان هيل به ھو مسجد جي ٻاھران درتي بيھي ڳوڙهن وھندڙ اکين سان سوچڻ لڳو ته ھن جو قصور ڪھڙو ھو جوان کي ڌڪاڏيئي الله جي گھر مان ائين ذليل ڪري ٻاھر ڪڍيو ويو. اڄ ته ھن ڪپڙا به اڇا ۽ صاف سٿرا پاتا ھئا ۽ تڙ به ڪيو ھو...!!!
جڏھن به ڳوٺ وارا ھن سان اھڙو ورتاءُ ڪندا ھئا ته ھو سڌو پنھنجي ماءُ وٽ ويندو ھو ۽ ان جي قبر کي ڀاڪر پائي ڍنڍڪارون ڏئي روئندو ھو. ان ويلي به ھن کي پنھجي ماءُ ياد اچي وئي ۽ ھو يڪساھي ڊوڙندو وڃي قبرستان پڳو ۽ حسب عادت ماءُ جي قبر کي ڀاڪر پائي ڍنڍڪارون ڏئي روئڻ لڳو ۽ روئندي روئندي کيس اتي ئي ننڊ اچي ويس. ڳچ دير کانپوءِ اتان گيڙو رنگ جو جوڙو پاتل ۽ ڪفني اوڍيل چاپڙي ڏاڙھيءَ وارو محمد ابراھيم گذريو. کيس سڀئي صوفي سڏيندا ھيس ۽ سال ۾ ھڪ اڌ دفعو ھو ان ڳوٺ ۾ ايندو ھو ۽ جنھن ڏينھن ھو ڳوٺ ايندو ھو تنھن ڏينھن ملان ۽ مولوين کي ڇڏي باقي سمورا انھيءَ صوفيءَ جي واتون سنڌ ۽ ھند جي عظيم صوفي شاعرن ۽ بزرگن جون رمز ڀريل ڳالھيون، شاعري ۽ انھن گفتن جي سمجھاڻي ٻڌي انسانيت جي دنيا جا مزا ماڻيندا ھئا. صوفيءَ جي اھڙن گفتن ٻڌڻ سان ھر ڪنھن جي ذھن تان ڄڻ دنياداريءَ جي دز لھي ويندي ھئي ۽ ھر ڪو پنھنجي وجود ۾ ماڻھپو ۽ انسانيت محسوس ڪندو ھو. بناوٽ ۽ اداڪاريءَ کان پري ڪيڏو نه سـَحـَر ھوندو ھو ھن جي ڳالھائڻ جي سادگيءَ ۽ شخصيت ۾. صوفيءَ جو ھن کي قبر تي ليٽيل ڏٺو ته مٿان اچي ننڊ مان اٿاريائينس ۽ ڀاڪر پائي پڇيائينس: “ڇا ڳالهه آ پٽ روئي روئي پنھنجا اھڙا حال ڇو ڪيا اٿئي...!!!؟؟؟”
سواءِ ماءُ جي ھن کي زندگيءَ ۾ ڪنھن ڪڏھن به ڀاڪر نه پاتو ھو، صوفيءَ جي ايڏي قرب، پٽ چوڻ ۽ آٿت ڏيڻ سان ڄڻ ته ھن جي اندر جا سمورا درد اڇلون ڏيئي ٻاھر نڪري آيا ۽ ھو صوفيءَ جي سيني سان لڳي ڏاڍو رنو ۽ پوءِ صوفيءَ جي ٻيھر پڇڻ تيھن پنھجي ساڳئي ئي معصومانا انداز سان مسجد اندر پاڻ سان ٿيندڙ سموريءَ جُٺِ بابت ٻڌايس ته صوفيءَ کيس پيار سان مٿي تي ھٿ ڦيرائي مسڪرائيندي چيس: “اڻڄاڻ آھن منھنجا پُٽ، کين ڪھڙي خبر ته جھنم جي ذڪر تي به “سبحان الله” چئي تو بلڪل صحيح ڪيو آ...”
صوفيءَ جي ڳالهه ٻڌي ھن جون واڇون ٽڙي پيون ۽ ھن کلندي صوفيءَ کي چيو: “اڇا ته معنيٰ ھو غلط ھيا ۽ مان صحيح آھيان. پر ھو مونکي لــَلـُو پـَنـجـُو ڇو چوندا آھن...!!!؟؟؟”
صوفيءَ سندس معصوميت ۽ سچائي جي گاڏڙ ساڏڙ جذبن کي محسوس ڪندي چيس: “چيم نه ته ھو اڻڄاڻ آھن، انھن کي ڪھڙي خبر ته تون ته درويش پُٽ آن ۽ درويش بظاھر کڻي ڪيئن به ھجن پر اصل ۾ ھو دنيا جي عام ماڻھن کان گھڻا مٿانھان ھونداآھن...”
ھن اچرج وچان پڇيس: “اڇا اھي درويش ڪير ھوندا آھن...!!!؟؟؟”
صوفيءَ ساڳئي پيار ۽ پاٻوه واري انداز سان سمجھائيندي چيس: “تو ڀٽ جي گھوٽ شاهه عبدالطيف، درازن جي شنھشاهه سچل سرمست، جھوڪ جي راڻي شاهه عنايت ۽ سيوھڻ جي درويش شھباز قلندر جانالا ٻڌا آھن...؟؟؟”
ھن صرف ڪنڌ ڌوڻي ھا ڪيس. تنھن تي صوفيءَ مسڪرائي چيس: “بس پٽ اھي به درويش ھئا ۽ تون به درويش آن...”
تنھن تي ھن حيران ٿيندي وراڻيس: “پر امان ته چوندي ھئي ته مان ته مـَلـُوڪ پٽ آهيان...!!!”
صوفيءَ سندس ڳالهه جو ڀـَرم رکندي وري چيس: “ھا بلڪل تنھنجي امان به صحيح چوندي ھئي ۽ مان به صحيح ٿو چوان، تنھنڪري تون نه صرف مـَلـُوڪُ پٽ آهين، پر ان سان گڏوگڏ درويش به آن. ڀلا اھو ته ٻڌاءِ تنھنجي امان ڪٿي آ...!!!؟؟؟”
ھن جي اکين ۾ ڳوڙھا ڀرجي آيا ۽ ھن ھٿ سان ماءُ جي قبر ڏي اشارو ڪندي چيو: ”ھتي ھن ڌرتيءَ اندر دفن آ...“ بس ھن جي ايتري چوڻ تي صوفي محمد ابراھيم ڇڪي کڻي ڇاتيءَ لاٿس.ھن جي صوفيءَ سان ملاقات کي ڪافي ڏينھن گذري ويا، پر ان ملاقات جو اثر ھن جي وجود تي ايترو ته گهرو ٿيو جو ھو اڄ به پنھنجين طبعيتن ۾ سُرَهو لڳو پيو ھو. ھڪ اڻڄاتل خوشيءَ جو احساس ھن جي وجود ۾ واس ڪري ويو ھو. ھن جي شخصيت مان پڻ ھڪ عجيب خوشبوءِ اچڻ لڳي ھئي. ھاڻ ھو ڪنھن تي به اُرھو نه ٿيندو ھو. ھو حسبِ عادت خوشيءَ خوشيءَ سان سمورن ڳوٺ وارن جا ڪم ڪار ڪندورھيو. ڪنھن کي ڪاٺيون ڪري ڏيڻ، ڪنھن جي ٻارن کي پرچائڻ، ڳوٺ وارن جون سڄو سڄو ڏينھن جھنگ ۾ ٻڪريون چارڻ ۽ جڏھن ٻڪريون چاري جھنگ کان موٽ ڪري ته ڇليل ڪانن ۽ ٻٻر جي ڪنڊن مان پنھنجيءَ ڪاريگريءَ سان ٻارن لاءِ کوڙ سارا رانديڪا ٺاھي اچي. ڳوٺ جا ٻار ۽ مولوي قدرت الله سميت ٻيا ڳچ ماڻھو ھن سان کڻي ڪيڏو به برو ڇو نه ھلن، ھن کي مارون ڏين يا ڀل ھن جي تذليل ڪن، ڀل ھن کي لــَلـُو پـَنـجـُو ڇو نه چون، پر ھن جي منھن تي ڪنھن جي لاءِ ڪا به ڪاوڙ يا من ۾ نفرت نه ھوندي ھئي. ھو ھميشه ننڍن، وڏن، ٻارن توڙي عورتن کي ھٿ اڀو ڪري پنھنجي مستيءَ ۾ مسڪرائي سلام ڪندوھو. ھو ڏاڍو خوش ھو ۽ اھو احساس ھن لاءِ ڏاڍو لڀائيندڙ ھو ته ھو مـَلـُوڪ پٽ سان گڏ ھاڻ درويش به ھو جيئن ڀٽائي، سچل، شاه عنايت ۽ قلندرشھباز ھئا...
سندس ماءُ جي مـُئي پڄاڻان ڳوٺ جون ڪي موچاريون مايون ۽ ڪي سريلا مرد به ھن جو خيال رکندا ھئا ۽ ھو ڳوٺ وارن جي اھڙيءَ موٽ تي سڄي ڳوٺ جو خيال رکندوھو. ھي واحد ڳوٺ جو فرد ھو جيڪو ڳوٺ وارن جي ٻنين ۾ ٻارھو ئي ونگاري ٿي وھندو ھو. ھاڻ ته ھو مولوي قدرت الله جي چوڻ کانسواءِ ئي ڳوٺ جي مسجد کي چلڪائيندو ھو. رِيچَڪ چڙھندو ھيس ته ڳوٺ جون سموريون ناليون صاف ڪندو ھو ۽ تِيلن مان ٻوھارو ٺاھي ڳوٺ جي ھڪ ھڪ گھٽي ٻھاري صاف ڪندو ھو. جڏھن ھو ڳوٺ ۾ اھڙي قسم جو ڪو به ڪم ڪري بس ڪندو ھو ته ڳوٺ جي ٻاھران بيھي ڳوٺ کي حسرت ڀريل نگاھن سان ڏسندو ھو ۽ مرڪي ڏيندو ھو ۽ ان وقت به ھن جي مرڪ دنيا جي خوبصورت مرڪ بڻجي پوندي ھئي. ان ويلي جڏھن ھن کي اھو احساس ٿيندو ھو ته ان ڳوٺ ۾ سندس ماءُ ڪونھي ته ھو ڏاڍو اداس ٿي ويندو ھو ۽ پوءِ ڳوٺ کان ٿورو پرڀرو موجود قبرستان ڏانهن ڊوڙي ويندو هو ۽ ماءُ جي قبر کي ڀاڪر پائي ان سان کوڙ ساريون رھاڻيون ڪندو ھو. دل کولي روئندو ھو ۽ پوءِ جڏھن قبرستان مان واپس ايندو ھو ته ھميشه وانگر مسڪرائيندو رھندو ھو. سندس ماءُ جي قبر ھن جي لاءِ ڄڻ ماءُ جي شخصيت مثل ھئي. ماءُ جي قبر جو ڇھاءُ ئي سندس روح جي گھراين تائين موجود درد کي ڇڪي ٻاھر ڪڍي وٺندو ھو ۽ پوءِ دنيا جاڏنل سمورا درد ھن جي ذھن مان ڄڻ ڪنھن پکيءَ وانگر ڀڙڪو ڏيئي اڏامي ويندا ھئا ۽ ھو ان ويلي پنھنجو پاڻ کي ڏاڍو ھلڪو محسوس ڪندو ھو. ھن جي چھري تي مسڪراھٽون ائين رقص ڪرڻ لڳنديون ھيون ڄڻ ھن کي زندگيءَ ۾ ڪو ڏک ئي نه مليو ھجي. ڄڻ ھن کي ڪنھن کان ڪاشڪايت ئي نه ھجي. ھڪ رات ھو پنھنجي گھر جي پڌر ۾ کٽ وجھي آھليو پيو ھو ۽ آسمان تي چمڪندڙ ستارن سان من ئي من ۾ رھاڻيون ڪري رھيو ھو ته گھٽيءَ مان ملان قدرت الله جون رڙيون آيون: “اڙي ھو ظالم منھنجي نياڻيءَ کي ھٿيارن جي زور تي اغوا ٿا ڪري وڃن، اڙي آھي ڪوئي ھن ڳوٺ ۾ مڙس ماڻھو جيڪو منھنجي نياڻيءَ کي ھنن ظالمن جي چنبي کان بچائي...!!!”
ملان قدرت الله جي رڙين تي ھُو سـَٽَ ڏيئي پنھنجي کٽ تان اٿيو ۽ بنا ڪجهه سوچڻ جي ڊوڙندو وڃي ڪمري ۾ پيل ڪھاڙي کڻي ٻاھر نڪري آيو. ٻاھر ملان قدرت الله پنھنجو منهن مٿو پـِٽـَي رھيو ھو ۽ رڙيون ڪري چوڻ لڳو: “اڙي منھجي نياڻي... اڙي منھنجا ست قرآن... اڙي منھنجي عزت...”
جيستائين ڳوٺ جا ماڻھو جاڳن ۽ سامت ۾ اچن، جمع ٿين ۽ واھُر ڪن تيستائين ھو ملان قدرت الله کي دلاسو ڏئي ڊوڙندو ڌاڙيلن جي ڪڍويو، جيڪي اڃان ڳوٺ کان ٿورو پرڀرو مس پڳا ھئا. رات جي ٻُٽَ اونداھيءَ ۾ ھن جو وجود ڌاڙيلن جي پيرن پٺيان گم ٿي ويو. ڳوٺ جا ماڻھو ھٿيار کڻي مـِـڙَڻ لڳا ۽ ھوش وڃائي ويٺل ملان قدرت الله کان حال احوال وٺي ئي رھيا ھئا ته ڳوٺ کان ٿورو پرڀرو موجود قبرستان جي پاسي کان گولين ھلڻ جا آواز آيا. پوءِ سڀني ماڻھن سرچ لائيٽن جي روشنيءَ ۾ اوڏانھن ڊوڙ پاتي، پر ڳوٺ جي ٻاھران ئي سڀ پنھنجي جانين وڃائڻ جي ڀـَوَ کان پير جھلي بيھي رھيا. ملان قدرت الله کين چين: “اڙي ھو پاڻ وارو چرياڻ لــَلـُو پـَنـجـُو انھن جي ڪڍ ويل آ...”
ملان قدرت الله جي ڳالھه ٻڌي سڀني ڳوٺاڻن ھوائي فائرنگ ڪئي ۽ سرچ لائيٽون ٻاري قبرستان ڏي ھڪلون ڪندي ڪاھي پيا. سرچ لائيٽن جي روشنيءَ تي ماڻھن جا ڪجهه پاڇا ڀڄندي نظر آيا. جڏھن ڳوٺاڻا قبرستان ۾ پڳا ته اھو ڏسو حيران ٿي ويا ته قبرستان جي وڻن پٺيان ھو ملان قدرت الله جي ڌيءَ کي ھٿ کان وٺيون پئي آيو ۽ ھميشه وانگر ھن جي مـُـک تي ڪنھن اڻڏٺي خوشيءَ جي مسڪراھٽ وکريل ھئي. ھن جي چھري تي رت جا ڇنڊا لڳل ھئا ۽ ھن جا ڪپڙا به رت سان ڀريل ھئا. قبرستان جي مـُـھـَـڙَ وٽ ئي ٻن اڻڄاڻ ماڻھن جا ڪھاڙين سان ڌڪيل لاش پيل ھئا. جڏھن ملان قدرت الله ڊوڙي وڃي پنھنجي ڌيءَ کي ڀاڪر پاتو ته ان وقت ھو وڌيڪ مسڪرائڻ لڳو ۽ ان ويلي سندس مسڪراھٽ دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ حسين مسڪراھٽ لڳي رھي ھئي. سمورا ڳوٺاڻا اچرج وچان کيس ۽ سندس رت ھاڻن ڪپڙن، ٻن اڻڄاڻ ماڻهن جي لاشن ۽ ھن جي مسڪراھٽ ڀريل چھري کي ڏسڻ لڳا ان ويلي ھن سڀني کي ڏسي پنھنجي ماءُ جي قبر ڏي ھٿ سان اشارو ڪندي چيو: “امان ...!!!”
ھو ماءُ جي قبر کي ڀاڪر پائي اتي ئي سمھي رھيو. ھن جي اکين مان موتين جھڙا ٻه املهه لڙڪ قبر تي ڪريا ۽ ھو آخري ڀيرو سڏڪندڙ لھجي ۾ ڀڻڪيو: “امان مان تنهنجو مـَـلـُوڪ پـُـٽُ... ڳوٺ وارن کي ڪھڙي خبر ته مان مـَـلـُوڪ...!!!”
ڪجهه مھينن کانپوءِ جڏھن اھو ئي چاپڙي ڏاڙھيءَ وارو، گيڙو ويس ڪيل ۽ ڪفني ڪلھي تي پاتل صوفي محمد ابراھيم انھيءَ قبرستان وٽان گذريو ته نه ڄاڻ الائي ڪھڙي ڪشش کيس مـَـلـُوڪ جي ماءُ واري قبر ڏانھن ڇڪي آيس جتي ھن ڪجهه مھينا اڳ مـَلـُوڪ کي ڳلي لڳائي پرچايو ھو ۽ کيس درويش جي نالي سان سڏيو ھو.پر ھيل ته اتي سندس ماءُ جي ڀرسان ھڪ ٻئي نئين قبر به جڙيل ھئي، جنھن تي ڳوٺ وارن جي طرفان ھڪ نھايت ئي خوبصورت قطبي تي وڏن اکرن سان لکيل ھو: “شھيد مـَلـُوڪ” – “نه صرف ڳوٺ پريل مالھيءَ جو مـَلـُوڪ پـُٽ، پر سنڌ ڌرتيءَ جو به مـَلـُوڪ پـُٽ...”
چاپڙي ڏاڙھيءَ ۽ سحرانگيز شخصيت جي مالڪ صوفي محمد ابراھيم سموري ڳالهه پروڙي ورتي ۽ سندس اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويس. ان ويلي ھو پنھنجي منھن چپن ۾ ڀڻڪيو ڄڻ پنھنجو پاڻ کان پڇي رھيو ھجي: “اسان جي سنڌ جي اھڙن جوڌن ۽ مـَلـُوڪ پـُٽن جي اھميت آخر مـُئي پڄاڻان ئي ڇو...!!!؟؟؟” ھن جي وات مان ڀٽائيءَ جو بيت جھونگار بڻجي قبرستان جي سناٽي کي چيرڻ لڳو:
اڄ نــه اوطــاقــــن ۾، ٿــا طـــالـــب طـــنـــواريـــن،
آديـــســـي اٿــي ويــا، مـــڙھــيـــون مـُـون مــاريـــن،
جـي جـيءَ کي جـيـئـاريـن، سـي لاھـُوتـي لـڏي ويـا...

23 مارچ 2008
ڪراچي

جھانوريل اکيون

“ماري ڇڏيائين اڄ وري آفيس لاءِ دير ٿي وئي...” ساجد تڪڙ تڪڙ ۾ ٽي سال اڳ ورتل بوٽ جون ڪھيون ٻڌندي چپن ۾ ڀڻڪيو. سندس بوٽ جو حشر ايترو ته خراب ٿي ويو ھيس جو اھو احتجاجاً چئني طرفن کان ڦاٽڻ لڳو ھو.
“ادي جلدي ڪر، اڄ وري دير سبب مون وارو انٽر پاس باسمنھنجي دير پھچڻ تي پي ايڇ ڊي ڪيل عالمن جھڙا تبصرا ڪندو...”
سندس ڀيڻ ناشتو ٺاھي آڏو رکندي چيس: “اچي ھي ناشتو تيار...” ھن تڪڙ تڪڙ ۾ ناشتو ڪيو، ماءُ جي پيرن کي چميون ڏئي دعائون ورتيون ۽ تڪڙو اچي روڊ تي بيٺو. سيءَ سبب ڪراچيءَ جي روڊن تي ڌنڌ ڇانيل ھئي.صبح جي وقت تي ھميشه بسن ۾ بي انتھا رش ھوندي ھئي ۽ ھن کي به مجبوراً بس جي در تي لڙڪي وڃڻو پوندو ھو. آفيس پھچڻ تائين سندس بوٽ ۽ پينٽ تي مختلف ڪمپنين جي بوٽن، چپلن ۽ سينڊلن جي ترن جا نشان کيس ھميشه چڙائي ڇڏيندا ھيس، پر افسوس جو ھو بوٽن ۽ چپلن جي اهڙي مار خلاف ٻـُـڙڪ به ٻاهرنه ڪڍي سگھندو ھو. آفيس جي در تي پڄڻ شرط ھن موبائيل کيسي مان ڪڍي ٽائيم ڏٺو ۽ پوءِ پاڻ ئي چپن ۾ ڀڻڪيو: “پنج منٽ ليٽ، ٿينڪس گاڊ رجسٽر تي ريڊ مارڪ نه لڳو ھوندو...”
هو تڪڙ تڪڙ ۾ آفيس ۾ داخل ٿيو ۽ حاضري واري رجسٽر تي صحيح ڪري پنھنجي ڪمري ۾ آيو. ڪمري ۾ داخل ٿيندي ئي سندس ڪُليگ خادم کلندي چيس: “آ راجا ڏاھر خان ماڇي، ڏي خبر ڳاڙھي ٿيڻ کان بچي وئين يا نه...؟؟؟”
“ھائو يار بچي ويس اڄ حاضري رجسٽر کي جھنم جي داروغن تائين پھچڻ کان اڳ ئي پنھنجي صحيح سان ڪارو ڪري ڇڏيو مانس. ڀلا ڏي خبر پاڻ وارو پي ايڇ ڊي باس ناھي پڳو ڇا...؟؟؟”
“نه يار اھو دئوس به ليٽ ٿي ويو آ...”
“چڱو ٿيو اچي ئي نه ته چڱو آ. ھونءَ به ڪجھه ماڻھن تي گھرن مان نڪرڻ تي سرڪار سڳوري پابندي لڳائي ته ڀلو آ، خواه مخواه ٻين کي الرجي ٿئي ٿي...”
“سھڻا چئين ته سچ ٿو پر ڇا ڪيون اھو ٿيڻ ناممڪن آ...”
ساجد ٿڌو ساھه ڀري چيس: “ھا يار، خير ڇڏ ٻين مسئلن کي ڏي خبر پاڻ وارو ڪم ڪٿي پھتو...؟؟؟”
خادم وراڻيس: “جاني تنھنجا ترجما پورا ٿيا، باقي اڄ مان ٽائيپ ڪري انھن مان جان ڇڏائي وٺندم...”
ساجد مسڪرائيندي چيس: “ها يار ائين ڪجان...”
ايتري ۾ نثار به ڪمري جو در کولي داخل ٿيو ۽ حسب عادت معمول مطابق ٻانھون کولي زنده دليءَ سان ساجد کي ڀاڪر پائي چيائين: “آ سردار ڏتا خان ڇنڀاڻي دنيا جھان جون لتون کائي پھچي وئين خيرن سان...؟؟؟” (ابتن سبتن نالن سان ھڪٻئي کي پڪارڻ انھن ٽنھي ڄڻن جي عادت ھئي.....)
ساجد به کلندي چيس: “ھائو استاد جھامن داس ڇاٻلاڻي، خبر اٿي ته اداري ۽ اداري جي گاڏين تي قبضو ته آھي ئي انھن ڪاري ڏاند جي مالڪن جو، باقي رھياسين پاڻ سو ته ھونءَ ئي دنيا جھان جون لتون کائي پڄنداسين...”
نثار کلندي چيس: “خير اهي خبرون بعد ۾ ڪنداسين تون ڏي خبر ڀلا پاڻ واري ٻارن ۽ ڪميونٽي واري رسالي جو ڪم ڪٿي پھتو...؟؟؟”
ساجد ٺهه پهه وراڻيس: “بس استاد بھرام خان بھلاڻي ڇا ٻڌايانءِ، تو واري اداري جي مالڪن طرفان پاليل وڏن ماڻھن جي ڇوڪرين جي انگريزي به اھڙي آ جو ٻولي ته پنھنجي جاءِ تي پر ڪنھن به آرٽيڪل جي شروعات کان وٺي آخر تائين ڪائي به شيءِ سنوت ۾ ملي اھو ته ممڪن ئي ناھي...!!!”
“اڙي بابا خير آ، ڪھڙي وري پنھنجي انگريزي اٿن، نيٽ تي ويھي ٽُڪر ھِتون ته ٽُڪر ھُتون کڻي کچڻي ٺاھي آرٽيڪل لکنديون آھن، سا ته توکي خبر آ ۽ پوءِ اھا کچڻي ڪھڙي ھوندي اھي ڪِيتا ترجمي ڪرڻ وقت ماشاءَالله وري تون ٿو ڀوڳين...”
“بس استاد ھاڻ اھڙا ماڻھو به انھن وڏن عھدن تي ويٺا ھجن ۽ وڏيون وڏيون پگھارون کڻن ته سچ پڇين دل اھو چوندي آ ته جي معاشي مسئلا نه ھجن ته اھڙي نوڪريءَ کي ئي لت ھڻي ٿُڏي ڇڏيون...”
“ھي ٻڌڀائو خادم حسين نانگا ان کي سؤليءَ سنڌيءَ ۾ چئبو ٿي ھڙ ۾ ھريڙون ڪو نه ۽ ٺينگ وڏا...”
نثار خادم جو ڌيان پاڻ ڏي ڇڪائيندي ساجد کي چيو: “اڙي ڳالھه ته ٻڌ تون ڪنھن سيڪريٽريءَ جو پٽ آن...!!!؟؟؟”
تنھن تي ساجد وراڻيس: “نه استاد وڏا...”
“تون ڪنھن وڏيري، پير، مير يا ڪنھن وڏي گديءَ واري مرشد جي اولاد آن...!!!؟؟؟”
“نه استاد...”
“تون اي يا او ليول جي اسڪول ۾ پڙھيو آن...!!!؟؟؟”
“نه...”
“نه نه مونکي تون اھو ٻڌاءِ ته ڇا تون جِي آءِ ڪي، ماجو، لمس، آءِ بي اي يا زيبيسٽ جھڙن ادارن جو پڙھيل آن...!!!؟؟؟”
“بلڪل به نه...”
“منھنجا بابلا مونکي اھو ٻڌاءِ ته ڇا ڀلا تون لِڪوسٽي، ھَش پپي يا ڊان ڪارلوس جا بوٽ پائيندو آن...!!!؟؟؟”
ساجد ھاڻ صرف نثار جي ڳالھه تي مسڪرائي ڏنو...
نثار سندس کل کي نٽائيندي ڳالهه کي وڌائيندي وري پڇيس: “ھا تون ڀل مسڪراءِ پر مونکي اھو ٻڌاءِ ته ڇا تون لارينسپور، نائيڪ ۽ چين ون جھڙين ڪمپنين جي ڊريس پائيندو آن ۽ سنڌ جي ادارن کي پنھنجي بابي جي ملڪيت سمجھي ٻنھي ھٿن سان لٽيندڙن جي طئه ڪيل اسٽينڊرڊ تي پورو لھندو آن...!!!؟؟؟”
ساجد نثار کي سنجيدگيءَ سان جواب ڏنو: “نه نثار سائين قطعي به نه...”
“بس ته پوءِ منھنجا سھڻا تون کڻي ڪيڏا به اُٺ ڪتابن جا ڇو نه پڙھيل ھجين، ڇو نه تو وٽ قابليتن جا ڀنڊار ھجن پر تون انھن وڏن ماڻھن جي مارڪيٽ ۾ تيستائين کوٽو سڪو آن، جيستائين انھن جھڙو نه ٿو ٿئين يا انھن جو بوٽ چٽائو نه ٿو ٿئين. اھڙي پسمنظر ھجڻ کان سواءِ تنھنجي قابليت جي سي-وي صرف گند جي ڍير ۾ اڇلڻ جھڙي آ.اھو سمجھي ڇڏ ته تنھنجا خواب ته ڪڏھن به پورا نه ٿيندا، ھا باقي جي ھمٿ ڪرين ته شادي ڪر ۽ پوءِ پنھنجي زندگيءَ کي ٻارڻ بڻائي پنھنجي ٻارن جي زندگيءَ لاءِ ڪجھه نه ڪجھه ڪرڻ جي جستجو ۾ پنھنجي زندگيءَ کي پنھنجن خوابن ۽ خواھشن جي ٽياس تي ٽنگي ھن دنيا جي محنتن جي بٺيءَ ۾ جنبي وڃ...”
ساجد آڻ مڃڻ وارن مان نه ھو پر ھو اڄ بحث ڪرڻ جي موڊ ۾ نه ھو تنھن ڪري کلندي نثار جي ڳالھه ٽاريندي چيائين: “ھائو استاد تارا چند تيلي چئين سچ ٿو ۽ تنھنجو ليڪچر به اکين تي پر رڳو اھو جڏيءَ انگريزيءَ وارو عذاب ھجي ته به چئون ته ٺيڪ آ نه، پر پوءِ تو واري لنگوٽئي يار معنيٰ پاڻ واري پي ايڇ ڊي پاس باس پر اصل ۾ انٽر پاس باس جيڪو پاڻ کي وڏو اردو دان سمجھندو آ ۽ ٻوليءَ جي ھڪ ٽڪي جي به خبر نه اٿس، جڏھن نه اھو ويھي مون واري ترجمي سان زوري ڪندو آ ته سچ پڇين ائين محسوس ٿيندو آ ڄڻ اردو ٻولي عالم ارواح مان ڪنھن يتيم جي نياڻيءَ وانگر عزت بچائڻ لاءِ رڙيون ڪندي ھجي...”
نثار کلندي چيس: “اڙي ھرڪيولس جا ڀائٽيا ھاڻ ٿڌو ٿيءُ ٿڌو، اڙي يار ڳالھه ته ٻڌ نالو ڇا ٿي...؟؟؟ ھا ٽيڪم داس پارواڻي عُرف خادم حسين کنڀاڻي، ڀائوءَ کي پاڻي ٻاڻي پياري ٿڌو ڪرينس نه ته جي ھي صاحب موصوف جذبات ۾ ھت ڦاٽو ته پوءِ ھن ننڍڙي ڪمري ۾ وڏو گند ٿيندو ۽ پوءِ پاڻ اھو گند ڪٿان ڪٿان صاف ڪنداسين...”
“نه استاد وڏا خير آ، ھتي نوڪري ڪرڻ کان پوءِ برداشت جو مادو ڪجھه گھڻو ئي وڌي ويو آ...”
“چئبو ائين نه معنيٰ Hold the Pressure، اڙي بندرا مائيڪ ٽائيسن معنيٰ خادم حسين جاھنسن، ڀائوءَ کي ان انگريزيءَ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ته ٻڌاءِ...”
“استاد نثار خان ڍڪڻ اھو جملو سينسر ڀلو آ، بس مڙس سمجھدار آ انگريزيءَ ۾ ئي ڪافي اٿس سمجھي ويندو ڪيئن مرحيات ساجد عرف ابن ڊبلا، سمجھين ٿو نه Hold the Pressure...!!!؟؟؟”
ساجد مسڪرائيندي ۽ ڳالھه جو رخ تبديل ڪندي پريشانيءَ مان پڇين: “سنگت ڀوڳ ٺڪاءَ ته پيا ھلندا پر يار پگھار جو ڇا ٿيو ڀلا ڪا خبر چار پئي...؟؟؟”
نثار طنزيه انداز ۾ خادم ڏانھن ڏسندي چيس: “اڙي مصر جي آخري بچيل ممي تُوتنخامن جھڙا مڙدا خبر نه ٿي ڇا ته ھاڻ اسان سان ڪھڙي جُٺ پئي ٿئي. اڙي بابا ھاڻ ته مالڪ مڪان پنھنجي گھر مان اصل ڌڪا ڏئي ڪڍڻ لاءِ ور کنجيو بيٺو آ، اسڪول ۾ ماستر فيس لاءِ نه صرف ٻارن جو جيئڻ جنجال ڪيو آ پر چٺيون لکي لکي اسان جو مٿو به صفا سموسن کائڻ واري چٽڻيءَ جھڙو ڪري ڇڏيو اٿن. وري مٿان سون تي سھاڳو اھو ته مون وارو ڀنگي مائيڪل ڪالھه مون سان جھيڙو ڪري ويو آ ۽ خبر اٿي ويندي ويندي ڇا چئي ويو آ...!!!؟؟؟”
خادم جذبات ۾ وَرَ کـُنجندي چيس: “استاد وڏا ان جي ته مان...ڇا چئي ويو آ تو کي...!!!؟؟؟”
“ڏس نه چئي ويو آ ته جي ٻن سون ڏيڻ جي به اوقات نه اٿو ته پوءِ پنھنجو گند پاڻ ڇو نه ٿا ڦٽي ڪيو...!!!”
تنھن تي خادم ٿڌو ٿيندي وراڻيس: “اڇا...!!! جي ائين چئي ويو آ ته پوءِ بلڪل صحيح چئي ويو آ...”
خادم جي اھڙي وراڻيءَ تي نثار پنھنجي ڪنڌ کي ھيٺ جهڪائي اکين تان عينڪ لاهي نڪ تي رکي ساجد کي ڏسندي افسوس واري لھجي ۾ چيو: “ٻڌين ٿو نه ساجد شيدي سيد خادم حسين شاهه ماڇيءَ جا منھنجي باري ۾ خيال مبارڪ، معنيٰ چئبو ته ھاڻ اسان جي ويليو دوستن وٽ به صفا اصل ائين...!!!؟؟؟”
ساجد به گرم لوھه تي مترڪو وھائيندي کلندي نثار کي چيو: “استاد وڏا ھاڻ مان ڇا ٿو چئي سگھان، پر پاڻ وارو بندرو مائيڪ ٽائيسن معنيٰ خادم حسين ڳالهه ڪري صحيح ٿو...!!!؟؟؟”
“اڙي ڀائو ٽيپو خان ٽالپر تون به صفا هن جي ڀـَـرِ...!!! اڙي جي مڪمل ڀــَـرِ نه ٿو ڪرين ته نه ڪر پر ڪجهه ته منهنجي حق ۾ ڳالهاءِ...!!!”
ساجد خاموش ۽ طنزيه طور مسڪرائيندي نثار کي ڏسندو رهيو...
نثار کيس وري چيو: “اڙي مصر جا اَبـُـوالهـَول توسان ٿو ڳالهيان، اڙي ڪجهه ته سپورٽ ڪر مون غريب جي...!!! گهڻي نه ته گھٽ ۾ گھٽ اڌ ڪلو سپورٽ ته ڪر ڀلا...!!!؟؟؟”
ساجد ۽ خادم جي چپن تي ساڳي مسڪراهٽ رهي ۽ پوءِ ساجد چيس: “استاد ڀلا ھاڻ...!!!”
نثار ڳالھه ڪٽيندي چيس: “ادا ڀلا اڌ ڪلو نه ته پاءُ، ڀلا اڌپاءُ، ھل ڀلا آنو ئي سھي، اڙي ڪجھه ته ڀـَــرِ جھل مون مظلوم جي...!!! اڙي ڪجھه به نه...!!! ڀيڻيان الله ڪو پڄئي...”
ساجد چپن تي ھلڪڙي مسڪراھٽ آڻي چپ ڪري پنھنجي ٽيبل تي ويھي رھيو ۽ ڪمپيوٽر تي ڪم ڪرڻ لڳو. نثار جيڪو ڀٽائيءَ واري الٽي اک جو مالڪ ھو تنھن سندس اندر جي آنڌ مانڌ کي جهٽي ورتس ۽ کانئس پڇيائين: “پيارا خير ته آھي نه...!!!؟؟؟”
ساجد ڦڪي مرڪ مرڪندي چيس: “ھا استاد خير ئي آ، بس امان جي طبعيت خراب آ ۽ ...”
ھو ٿوري دير خاموش رھيو ۽ ڪمپيوٽر جي اسڪرين تان نظرون ھٽائي نثار کي ڏسندي چيائين: “ٻيا سڀ مسئلا پنھنجي جاءِ تي پر امان جون دوائون ختم ٿي ويون آھن ۽ ھن وقت تائين پگھار جو ڪو به بلو ناھي ٿيو ۽ خبر اٿي ته امان جي ڊائلاسس لاءِ ھفتي ۾ ٽي چڪر اسپتال ٿو وڃڻو پئي اھو خرچو الڳ ٿئي ٿو، ڀلا يارن تي به ڪيترا بار وجھنداسين...!!!”
اھا نثار جي زنده دلي ھوندي ھئي ته ھو ھميشه سنجيده کان سنجيده مسئلن کي به کلندي کلندي وڏي احسن طريقي سان نپٽائي ڇڏيندو ھو ۽ ھاڻ به ھن کلندي کلندي ساجد کي چيو: “چئُه ته ڏھين جو نوٽ کيسي ۾ وجھانءِ ڪرايو ڪري عبدالله شاھه غازيءَ جي مزار تي وڃ ۽ جھول کڻي پٽين ڪاري ڏاند جي مالڪن کي ۽ ٻه ٽي زبرون پٽون منھنجي طرفان به ھڻجانِ.الله ڪو پڄندن اداري جا ڪروڙين روپيا کائي ائين ٿا فِيل مست ٿي گھمندا وتن ڄڻ اٿن به پيءُ جو مال. سنڌيءَ ۾ صحيح چوندا آهن: پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي...”
ساجد چپن ۾ مرڪيو ۽ ڪنڌ ڦيرائي ڪمپيوٽر تي ڪم ڪرڻ لڳو. ايتري ۾ سندن ئي ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪندڙ امبر ڪمري ۾ داخل ٿي. جنهن جي گھر ۽ خاندان جي خوشحالي سندس وجود جي ويڪر ۽ چورس مان صاف ظاھر ٿيندي ھيس. ماشاءَ الله وجود ايترو ته ڳرو ھيس جو ھر ڏسندڙ جي دل ۽ دماغ تي ھڪ دم حاوي ٿي ويندي ھئي. آمريڪا ۾ نه صرف ڄائي ۽ نپني ھئي پر پڙھي به اتي ئي ھئي ۽ پاڪستان ۾ راڄن تي داٻا چاڙھڻ آئي ھئي. ڀريل ڪمري ۾ داخل ٿيندي ئي هن صرف منور کي سلام ڪندي چيو: “السلام اعليڪم منو ڀائي...”
“وعليڪم سلام بيٽا...”
اسان سمورن سنڌين کي ھو ٽين دنيا جي مخلوق سمجھندا ھئا ۽ اھو محسوس ڪرائيندا ھئا ته اسان سان سلام دعا ڪرڻ ۽ ڳالھائڻ سندن شان جي خلاف ھو، ان ڪري ھو آفيس منجھه پنھنجي الڳ دنيا ٺاھيو ويٺا ھئا جيڪا وڏن ماڻھن جي دنيا چورائبي ھئي. ھڪڙي ئي اداري جي ڇت ھيٺان ويھڻ جي باوجود به سنڌي ڳالھائڻ وارن کي اھڙو ڪو به حق حاصل نه ھو ته ھو سندن جي ٺاھيل اڍنگي دنيا تي ڪو جائز اعتراز به واري سگھن.امبر پنھنجي نڪ کي ٽشو سان اگھندي منور کي چيو: “مـُنو خبر اٿي رات مونکي ڪڙڪي جو زڪام ٿي پيو ھو...”
منور پريشاني مانپڇيس: “اڇا مان به تڏھن چوان ته اسان جي راڻي جو نڪ ڇو ڳاڙھو لڳو پيو آ...!!!”
“ھا ڪالھه ڏاڍو زڪام ٿي پيو ھو مـُنو ۽ کنگھه وري الڳ پوءِ ته اَبـُـو ھڪدم آغا خان ھاسپيٽل داخل ڪرايو ۽ رات دير تائين ڊاڪٽرن جي ٽيم لڳاتار معائنو پئي ڪيو. ھو ڊاڪٽر آھي نه اقبال خواجه ايف آر سي ايس فرام آمريڪا، ان چيو پئي ته جيڪڏھن بـَيبِـي کي ھڪدم اسپتال نه آڻيو ھا ته پوءِ ھن کي انفلوئنزا ۽ چيسٽ انفيڪشن ٿيڻ جو خطرو ھو.مـُنو بس ائين سمجھه ته مرندي مرندي بچي آن، اَبـُـو چيو پئي ته ٽيھه ھزار خرچ ٿيا ته کڏ ۾ پيا پر منھنجي راڻي ته بچي وئي...”
منور حيرانيءَ سان اکيون ڦوٽاريندي چيس: “اڇا معنيٰ ايڏي طبعيت خراب ٿي وئي ھئي چڱو ٿيو جو اسپتال داخل ٿيئن نه ته تون پاڻ ايڏي حساس ۽ جي مٿان وري توکي ڪجهه ٿي پئي ها ته پوءِ تنهنجي ڏک ۾ اسان دوست به اداس ۽ پريشان ٿي وڃون ها...!!!”
تنھن تي امبر مسڪرائيندي وراڻيس: “ھا نه توکي ته خبر آھي ته مان ڪيڏي نه حساس آھيان. خير ھاڻي اھو ٻڌاءِ ته لنچ ۾ ڇا وٺندين...؟؟؟“
”ڇو اڄ ٻاھر نه ٿا ھلو ڇا...؟؟؟”
“نه مـُنو ڏسين به ٿو ته منھنجي طبعيت ھيڏي خراب آ وري ٻاھر ڪيئن ھلنداسين. خير ھاڻ تون ٻڌاءِ ڇا کائيندين...؟؟؟ ۽ خبر اٿي بيماريءَ مان بچي وڃڻ جي خوشيءَ ۾ مان ئي اڄ سڀني کي لنچ کارائيندم ۽ سڀني پيزا کائڻ جي فرمائش ڪئي آ، سو ھاڻ تون ٻڌاءِ ته تون ڇا کائيندين...؟؟؟”
منور هڪدم وراڻيس: “ٺيڪ آھي جي ٻيا به پيزا ٿا کائن ته پوءِ مان به پيزا ئي کائيندم...”
“اوڪي ته پوءِ ملاءِ سپورٽنگ اسٽاف جو نمبر ۽ گھراءِ وسيم کيته پيزا وٺڻ لاءِ پيسا ڏيانس...”
منور سپورٽ اسٽاف جو ايڪسٽينشن نمبر ملايو ۽ وسيم کي ھڪ دم پڄڻ جو حڪم ڪيو. وسيم حڪم مطابق اچي حاضر ٿيو ته امبر تحڪمانه انداز ۾ پڇيس: “ھا وسيم اھو ٻڌاءِ ته لارج پيزا چڪن سُپريم گھڻي جو آ...؟؟؟”
وسيم جيڪو روز بوٽ بيسن جي فوڊز اسٽريٽ تان سندن لاءِ پيزا، ميڪڊونل، ڊنڪن ڊونٽس، ھانڊي اِن ۽ چڪن اينڊ چڪ تان سندن لاءِ ڪجھه نه ڪجھه آڻيندو ھو تنھن کي سندن پسند جي سمورن ائٽمن جون قيمتون آڱرين تي ياد ھيون تنھن ھڪدم جواب ڏنس: “ميڊم لارج پيزا چڪن سُپريم ست سؤ جو...”
“۽ مارگريتا...؟؟؟”
“ميڊم اھو به ست سؤ جو...”
“۽ ڀلا پيزا پران...؟؟؟”
“ميڊم اھو به ست سؤ جو...”
“ٺيڪ آ ڏھه پيزا وٺي آ پنج چڪن سُپريم،ٻه مارگريتا ۽ ٽي پيزا پران ۽ ھي وٺ ست ھزار...”
امبر ھڪدم پنھنجي پرس مان وسيم کي ست ھزار ڪڍي ڏنا. خادم، ساجد ۽ نثار ڪنڌ ڌوڻي مسڪرائي رھيا ھئا، امبر ۽ منور جي عياشي واري انداز ۽ ڳالھين تي نه پر پنھنجي حالتن تي. امبر وئي ته خادم ساجد کي چيو: “اڙي او شڪارپوري ليسوئڙي جي آچار جھڙا ادا، خبر اٿي انھيءَ ھِپوپوٽامس جھڙي امبر جي بابي جي نوابي ڪٿان شروع ٿي...؟؟؟”
ساجد جيڪو اڳ ئي گھر جي مسئلن ۾ منجھيل ۽ گم سم ويٺل ھو، تنھن چيس: “نواب کڻي جالھندر جا ھجن يا يوپي سي پي جا منهنجو ڪهڙو واسطو يار...!!!”
نثار به ڪمپيوٽر تان نظرون ھٽائي چشمي کي ھيٺ ڪري نڪ تي رکي ساجد ڏانھن نھاريندي چيو: “خير آ شڪارپوري فالوده ايڏو پريشان نه ٿي مھلون مڙسن تي ئي اينديون آھن، سڀاڻ پرينھن تائين پگھارون ٿي وينديون...”
خادم نثار جي ڳالھه ڪٽيندي ساجد کي چيو: “نواب وري آڱوٺي جا ھئا. اڙي ڀائو سڀ گوڏ ۽ گنجيءَ سان بدنو ھٿ ۾ کڻي ھت پڳا ھئا ۽ اھا ته سنڌ ھئي جنھن ھنن کي سون ۾ توريو. خبر اٿي انھيءَ مينھن جھڙي مائيءَ جي ڏاڏي به شڪارپور جي ھندن جي ھڪ وڏي حويلي ڪليم ۾ ھٿ ڪئي ھئي. پاڻ ئي ٻڌايو ھيائين ته سندس ڏاڏي کي ان حويليءَ مان ھيرن جي مٽڪي ھٿ آئي ھئي ۽ پوءِ راتو رات حويلي وڪڻي ڪراچي ھلي آيو ۽ پوءِ ڏاڏنھنس انھن ھيرن مان جيڪو ڪمايو ان جو نتيجو اھو نڪتو جو اڄ سندن خاندان جا ڪراچي ۾ ڪاروبار اٿن ۽ ھتي وري اسان تي وات چٻو ڪري آمريڪي انگريزيءَ جو داٻو ڄمائي اسي ھزار پگھار کڻي اسان جي نڙيءَ تي لت رکڻ جو مزو وٺي رھي آھي ۽ اسان ڌرتي ڌڻي پنھنجن جي ھوندي به ننڌڻڪا...!!!”
خادم جي ڳالھين مان بيوسي بـَـکِـي رھي ھئي، مٿان نثار وري پنھنجن ھٿن کي سيءَ کان بغلن ۾ لڪائيندي خادم جي خيالن تي دانشوراڻي انداز ۾ روشني وجھندي چيو: “ھائو مٽڪا خان پالاري چئين سچ ٿو، پنھنجو حال به لڳي ٿو ته سنڌ جي انھن ڀيلن ۽ ڪولهين جھڙو ٿيندو جيڪي ڪنھن وقت ۾ سنڌ جا واڳ ڌڻي ھئا...”
خادم صفا اصل چڙ کائيندي وراڻيس: “استاد وڏا ڀيل ۽ ڪولهي به چڱا پر جي پاڻ ھاڻ به اک نه پٽي سين ته پوءِ پڪ ئي پڪ اھو سمجھي ڇڏ ته پاڻ وارا بچيل سچيل ٽپڙ به ويا تنھنڪري پاڻ کي ھاڻ ڪو نه ڪو ٻارڻ ٻارڻو پوندو...”
خادم ۽ نثار جا حسبِ معمول ڀاشن ھلندڙ ئي ھئا ۽ ان کان اڳ جو ڪو وڏو نظرياتي محاذ ڇڙي پئي، ان کان اڳ ئي ساجد جي موبائيل وڄڻ شروع ڪيو. موبائيل کڻي ڏٺائين ته گھر جو نمبر، ھڪدم ڪال اٽين ڪيائين ۽ ٿوري دير ڳالھائڻ کان پوءِ جڏھن موبائيل رکيائين ته سندس منھن جو پنو صفا لٿل ھوس. ٿوري جھٽ ڪنڌ ھيٺ ڪري اکيون بند ڪري ڇڏيائين ۽ پوءِ خادم کي چيائين: “يار هزار روپيه گھرجن...”
ھن بغير ڪنھن ديرجي هزار روپيه کيسي مان ڪڍي ھٿ تي رکندي چيس: “ھي وٺ سھڻا پر خير ته آھي نه...!!!؟؟؟”
نثار به پريشان ٿي پڇيس: “ھائو جاني خير ته آھي نه...!!!؟؟؟”
ساجد جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ ڪمپيوٽر جي اسڪرين کيس ڌنڌلي نظر اچڻ لڳس. ٿوري دير بعد ھن پنهنجي جھانوريل اکين سان چپن تي ڦڪي مرڪ مرڪندي سنگت کي چيو: “ھا ٻيو سڀ خير آ، گھران فون هئي ته امان جي طبعيت تمام گھڻي خراب ٿي وئي آ سو ان کي ايمرجنسي ۾ اسپتال کڻائي وڃڻو آ. گهر ۾ پئسا ڪو نه هيا سو هاڻ مان ھلان ٿو جي پاڻ وارو پي ايڇ ڊي پاس باس اچي ته ٻڌائي ڇڏجوس ته مان امان کي ايمرجنسي ۾ اسپتال کڻائي وڃڻ لاءِ موڪل پيو ڪيان ۽ موڪل جو فارم سڀاڻ ڀري جمع ڪرائي ڇڏيندم...”
هو ڪجهه دير خاموش رهيو ۽ پوءِ ڳوڙهن ڀريل اکين مان لڙڪن کي ائين غائب ڪري ڇڏيائين ڄڻ درد کيس ڇهيو ئي نه هجيس. ويندي ويندي نثار ۽ خام کي چيائين: “۽ ھا جي ٿي سگھي ته ڪاري ڏاند جي مالڪن کي اھو به بانور ڪرائي ڇڏجو ته سنڌ گدڙن ناھي کاڌي ۽ جنھن ڏينھن اسان معاشي خوف کان مٿانھان ٿي اکيون پٽي سنڌ جي مالڪيءَ لاءِ ميدان تي آياسي نه ته پوءِ صورتحال گھڻي مختلف ھوندي...”

20 آڪٽوبر 2007
ڪراچي

ٿــُـڪ

وليءَ کي ننڊ نه پئي آئي ۽ ستارن ڀري گــَـگــَن هيٺان هو پاسا وارائي ورائي رات جي اونداهيءَ ۾ پنهنجي وجود اندر ٿيندڙ بيزاريءَ جو اظهار ڪري رهيو هو. اها بيزاري اُتـَر جي سخت گرميءَ سبب نه هئي ۽ نه ئي واپڊا جي مهرباني جي ڪري جيڪا چوويهن ڪلاڪن ۾ صرف پنج کان ڇهه ڪلاڪ بجلي خيرات جي صورت ۾ ڏيڻ جي مهرباني ڪندي هئي. سندس اهڙي بيزاري ۽ ڪـُوَقتي بيچينيءَ تي ڪشموري کٽ به چيڪاٽ ڪري پنهنجو احتجاج رات جي اونداهي عدالت ۾ ريڪارڊ ڪرائي رهي هئي. پر شايد ان ڪشموري کٽ کي اها خبر ئي نه هئي ته جنهن ديس جي ماڻهن کي هوءَ سڪون فراهم ڪندي آ، ان ديس جي ماڻهن کي ته چٽي صبح جو به انصاف ناهي ملندو ته وري ان جي چيڪاٽن کي رات جي اونداهيءَ ۾ ڪير ڪنائيندو...
پاسا ورائي ورائي ۽ ليٽي پيٽي هو بيزار ٿي چڪو هو ۽ سندس نڙي خشڪ ٿي چڪي هئي. هو کٽ تان اٿيو ۽ ورانڊي ۾ گهڙانجيءَ تي پيل دلي مان پتل جي ڊگهي گلاس ۾ پاڻي اوتي يڪساهي پي ويو، هن جي نڙي اڃان به خشڪ هئي ۽ اها خشڪي ٿر جي صحرا ۾ اڃايل ۽ سڪي ويل ڪانڊيري جيان نڙيءَ ۾ اٽڪيل هيس. ان وري دلي کي اونڌو ڪري گلاس ۾ پاڻي اوتيو ۽ وري يڪساهي گلاس خالي ڪري ڇڏيائين.هن ڀرسان واري کٽ تي ستل پنهنجي گهرواري ۽ پنجن سالن جي ڌيءَ سونهن تي هڪ پيار ڀري نظر وڌي ۽ واپس اچي باهڻ جي ڪاٺيءَ مان ٺهيل ڪشموري کٽ تي ليٽي پيو. هن کي سنڌ جي ثقافت سان تمام گهڻو پيار هو ان ڪري هن جو گهر چوطرف سنڌ جي ثقافتي شين سان سينگاريل هو ۽ ائين پئي لڳندو هو ڄڻ سموري سنڌ جا رنگ هڪ خوبصورت گلدستي وانگر هن پنهنجي گهر ۾ جمع ڪري رکيا هجن...
جيئن تيئن ڪري سڄي رات گذري وئي پر ڪجهه ته هو جيڪو وليءَ جي من کي اندر ئي اندر نپوڙي رهيو هو، ڪجهه ته هو جيڪو هن جي من ۾ وراڪو ڏئي سندس چين ۽ آرام کي هڪ چيڀٽ ۾ تبديل ڪري رهيو هو. ولي جو تعلق وچولي طبقي جي هڪ خاندان سان هو ۽ پيشي جي لحاظ کان هو هڪ ڊاڪٽر هو. صبح جي سج جي شفق تي ڦهليل لالاڻ سان ولي ڪشموري کٽ جي هنج مان اٿيو، ناشتو ڪيائين ۽ پنهنجي ماءُ، گهر واري ۽ ڌيءَ سُونهن کي پيار ڪري ۽ گهروارن کان موڪلائي سرڪاري اسپتال هليو آيو جتي هو ٻن سالن کان نوڪري ڪري رهيو هو. پنهنجي ڪمري ۾ ويهي ڪجهه دير هن پنهنجي ٽيبل تي پيل چارٽ تي نظر وڌي جن ۾ ڪالهوڪن آيل مريضن جا نالا درج هئا، ان فهرست جي آخر ۾ ٻه ٻيا نالا به درج هئا جن جي ڪالهه اسپتال پهچڻ کانپوءِ هن سڄي رات لـُڇي گذاريو هو. هو پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿيو، مسيحائي علامت وارو اڇو جـُبـَو پنهنجي وجود تي اوڍيائين ۽ اسٽيٿسڪوپ ڳچي ۾ وجهي سڌو مرده خاني جي سرد ڪمري ۾ آيو ۽ مرده خاني جي انچارج کي حڪم ڏنائين ته هو ڪالهه ٻن نوجوان ڇوڪرين جي آيل لاشن کي پوسٽ مارٽم واري ڪمري ۾ موڪلي ڏي...
هو پاڻ سان گڏ چئن جونئر ڊاڪٽرن سان گڏ پوسٽ مارٽم واري ڪمري ۾ آيو ۽ ٻنهي ڀينرن جي گولين سان پروڻ ٿيل سرد جسمن جو انتظار ڪرڻ لڳو جن جا لاش پوليس طرفان گذريل رات دير سان پوسٽ مارٽم لاءِ جمع ڪرايا ويا هئا. انهن ٻنهي ڇوڪرين جي باري ۾ صرف ايترو ئي اطلاع هو ته اهي تــَــرَ جي هڪ بااثر شخصيت جون ڌيئرون هيون، ان کان علاوه اهي چوٻول پڻ ماڻهن جي وات تي هئا ته انهن ٻنهي ڀينرن پنهنجي جيل نُما حويلي واري گهر جي چائنٺ ٽپي پنهنجي مرضيءَ سان شادي واري حق کي استعمال ڪرڻ جي بغاوت ڪئي هئي ۽ جنهن جي نتيجي ۾ سندن پيءُ پنهنجي ٻن پٽن ۽ وَاٺـَن جي فوج سميت وچ شهر ۾ رڪشا اندر سندن وجودن کي گولين سان پروڻ ڪري ڇڏيو هو ۽ آخر ۾ سندس پيءُ سندس مرده وجودن تي ڪهاڙين جا وار ڪري سندن ڪارين هجڻ جو اعلان ڪيو هو. ڪيتري ئي دير تائين سندن لاشا روڊ تي پيل رهيا هئا ۽ ڳپل وقت گذرڻ کانپوءِ پوليس اهي لاشا پنهنجي تحويل ۾ وٺي شهر جي اسپتال جي سرد خاني ۾ جمع ڪرايا هئا...
جڏهن اسٽريچر جي ڦيٿن جو کڙڪو ٿيو ته ڊاڪٽر ولي هوش سنڀاليو، سرد خاني جا ٻه ملازم اسٽريچرز کي ڌڪي ڪمري ۾ داخل ٿيا. اسٽريچر تي پيل ٻنهي لاشن کي اڇا ڪفن اوڍيل هئا جيڪي رت ۾ ريٽا لال ٿي چڪا هئا. هڪ لاش کي ڳاڙهو ته ٻئي کي اڇو جوڙو پهريل هو، ائين پئي لڳو ڄڻ بغاوت سان گڏ امن جا به لاشا ڪيرايا ويا هجن. انهن لاشن کي ڏسڻ کانپوءِ مرداڻي سماج جي وحشت، مهذب دماغ کي سُن ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي پر جنهن سماج جي پرورش صرف حقيقت پسندي تي واهه واهه ڪري ۽ حقيقت بياني کي گلا چوي ۽ جرئت ڪري غلط کي غلط چوڻ ۽ ان غلط ڪم خلاف بغاوت ڪرڻ کي چريائپ چوي ان سماج ۾ اهڙن واقعن سان شايد ئي ڪنهن تي ڪو اثر پوي...
ڊاڪٽر ولي پنهنجي ٽيم سان گڏ انهن ٻنهي ڀينرن جي سرد ٿيل لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪيو. پوسٽ مارٽم دوران ڊاڪٽر ولي جي من ۾ آنڌ مانڌ متل هئي ۽ سندس جسماني ۽ ذهني حالت مان ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ سندس روح انهن ٻن معصوم نياڻين جي لاشن تي ماتم ڪري رهيو هجيس. بغاوت سندس خون ۾ گردش ڪري رهي هيس. پوسٽ مارٽم ختم ٿيڻ کانپوءِ رپورٽ کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ هو پنهنجي آفيس ۾ ڪرسي تي اچي ويٺو ۽ پين هٿ ۾ کڻي جيئن ئي ڪجهه لکڻ لڳو ته سندس هٿ ڏڪڻ لڳا. سڄي رات جي لُڇ پُڇ جي ڪري سندس اکيون سُڄي سُرخ ٿي چڪيون هيس. هن گهڙي پـَـلَ لاءِ پنهنجون اکيون بند ڪيون پر ان ويلي ئي سندس اکين ۾ ڀريل ڳوڙها ٻاهر نڪري آيس. هن پين ٽيبل تي رکي ڇڏي ۽ ڪجهه ويل ائين ئي ويٺو رهيو ۽ پنهنجي منهن ڀڻڪيو: “ڇو اسان ايڏو غيرمهذب، لاچار، ڪمزور ۽ جڏا بڻجي چڪا آهيون جو ڪنهن ظالم کي سيکت به نه ٿا ڏئي سگهون، جي سيکت نه ٿا ڏئي سگهون ته ان ظلم خلاف ڪجهه ڪڇي ته سگهون ٿا...”
هن هم ڪلامي جي عالم مان پاڻ کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ پنهنجي ڪرسي کي ٽيڪ ڏئي پٺتي ٿي ويٺو پر سندس اندر جو ضمير کيس جهنجهوڙي رهيو هو ۽ هو وري پنهنجي منهن ٻيهر ڀڻڪيو: “ڪاش مان هڪ ڊاڪٽر نه پر پوليس وارو هجان ها ته اهڙن ظالمن کي عين وقت تي پهچي ائين ئي گوليون هڻي سندن لاشن کي عبرت جو نشانو بڻايان ها، جيئن انهن معصوم نياڻين کي...”
هن سوچن جي سلسلي کي ٽوڙيو ۽ پنهنجي وجود ۾ ويٺل باغي انسان کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهيو ۽ سندس ضمير کيس ٽٽل سوچن جي ڪڙين کي ٻيهر جوڙيو، هو وري پنهنجي منهن ڀڻڪيو: “ڪاش مان هڪ ڊاڪٽر بجاءِ هڪ جج هجان ها ته کين ڦاهيءَ جي تختي تي تيستائين لٽڪندو ڏسان ها جيستائين سندن ناپاڪ وجود مان ساهه جي آخري دُرڙي جهٽڪو ڏئي نه نڪري ها...”
سندس سوچن جو سلسلو وري ٽٽي پيو ۽ هن ٽيبل تي پيل دٻي مان ٽشو پيپر ڪڍيو ۽ پنهنجي آلين اکين کي صاف ڪيو، هڪ دفعو ٻيهر سندس ضمير ڀڙڪو کاڌو ۽ هو پنهنجي منهن ڀڻڪيو: “ڪاش مان هڪ اهڙو مذهبي ماڻهو هجان ها جيڪو نياڻين کي سندن پنهنجي مرضي سان شادي ڪرڻ جو مذهبي، شرعي، انساني ۽ قانوني حق ڏياريان ها ۽ پادري سينٽ ويلنٽائن جيان بادشاهه ڪلائيڊس جي حڪم کي ٿڏي جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيان ها ۽ سماج ۾ اهڙن ناسورن خلاف جهاد جو اَلَم بلند ڪيان ها جيڪي انسان کي ۽ خاص ڪري اسانجي سماج ۾ عورتن کي انهن جا جائز حق ڏيڻ واري سوچ کي به غلط سمجهندا آهن...”
هو پنهنجي ڪرسي تي زور سان اڳيان پٺيان ٿيڻ لڳو ۽ سندس سوچن جي سلسلي وري وارڪو کاڌو: “ڪاش مان هڪ هيڻي ۽ بزدل ڊاڪٽر بجاءِ هڪ عام بهادر ماڻهو هجان ها جيڪو انهن معصوم نياڻين جي زندگين کي بچائيندي انهن جي بندوقن جون سموريون گوليون پنهنجي سيني تي سهي ها... پر مان ڇا ڪيان...!!!؟؟؟ مان ته صرف بيمار وجودن کي راحت پهچائيندڙ اهو نام نهاد مسيحا آهيان جنهن وٽ ناسور ورتل سماج جا ڪي به علاج نه آهن...!!! ڇا واقعي منهنجو ڪم صرف اهو ئي آهي ته مان هن ناسور ۽ ڪوڙهه ورتل سماج ۾ ساهه کڻندڙ بيمار وجودن جو علاج ڪيان ۽ پنهنجي سموري سماج جي بيمارين کي نظرانداز ڪندي پنهنجي سماج ۽ پنهنجي سنڌ کي ائين ئي سسڪندو، تڙپندو ۽ آهستي آهستي ختم ٿيندي ڏسندو رهان. ميڊيڪل سائنس وٽ روڳ ورتل جسمن جا ته علاج موجود آهن پر دقيانوسي رسمن ۾ ڦاٿل ذهنن جا علاج ڇو ناهن...!!!؟؟؟ڇا مان پاڻ به هڪ ڏينهن انهيءَ سماجي روڳ جو شڪار بڻجي پنهنجي نياڻيءَ کي به پنهنجن هٿن سان...!!!”
هن هڪدم رڙ ڪئي ۽ پنهنجو پاڻ کي چيائين: “نه ڪڏهن به نه مان ائين نه ٿيندم ۽ نه ئي...”
هو پنهنجي سوچن ۾ گم ئي هو ته پٽيوالو ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ چيائين: “ڊاڪٽر صاحب ٻاهر ايس ايڇ او صاحب پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ لاشن کي پنهنجي حراست ۾ وٺڻ آيو آهي ته جيئن انهن کي مالڪن حوالي ڪجي...”
ڊاڪٽر ولي پاڻ سنڀاليندي پٽيوالي کي چيو: “ها ٺيڪ آ ايس ايڇ او صاحب کي اندر وٺي آ...”
حد جو ايس ايڇ او ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ سلام دعا ڪرڻ کانپوءِ ڊاڪٽر ولي کي چيائين: “ڊاڪٽر صاحب اميد ته اوهان پوسٽ مارٽم رپورٽ تيار ڪري ورتي هوندي مان اها پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ لاشن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ آيو آهيان...”
ڊاڪٽر ولي سوال ڀريل نظرن سان ايس ايڇ او کي ڏٺو ۽ پوسٽ مارٽم رپورٽ ان ڏانهن سِرڪائي ڇڏي. هن ايس ايڇ او کان پڇيو: “هنن نياڻين جي لاشن جو ڪوئي والي وارث به ٿيندو يا نه...!!!؟؟؟”
ايس ايڇ او ڊاڪٽر ولي کي انتهائي پرسڪون انداز ۾ جواب ڏنو: “جي ها انهن جو پيءُ ۽ ڀائر ٻاهر پريشاني واري حالت ۾ بيٺا آهن۽ توهان کي ته خبر آهي ته وڏن ماڻهن جون دشمنيون به وڏيون، سو دشمنن جا انهن جي گريبان تائين هٿ نه پهتا ته انهن ويچارين نياڻين مان ئي باهه ڪڍيائون...”
ڊاڪٽر ولي ايس ايڇ او جا جملا ٻڌي هڪ طنزيه مـُرڪ مـُرڪيو، ڇو ته قانون جو رکوالو کليو ڪوڙ ڳالهائي رهيو هو ۽ انهن ٻنهي ڀينرن جا قاتل ڪير هئا سا خبر ته شهر جي ٻچي ٻچي کي هئي. ايس ايڇ او پوسٽ مارٽم رپورٽ کڻي ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو. ايس ايڇ او جا چيل جملا ڊاڪٽر ولي جي دماغ ۾ ڄڻ ڪنهن مترڪي وانگر پئي لڳا. هو پنهنجي ڪرسي تان اٿيو ۽ ڪمري کان ٻاهر نڪتو. اسپتال جي وڏي حال ۾ ئي سامهون ايس ايڇ او تـَـرَ جي وڏي ماڻهو کي پوسٽ مارٽم رپورٽ هٿ ۾ ڏئي رهيو هو. ڊاڪٽر ولي پنهنجي غصي تي قابو پاتو ۽ هڪ وڏو ساهه ڀري، پنهنجي سموري ڪروڌ ۽ ڪاوڙ کي گڏ ڪري ان شخص ڏانهن وڌيو جيڪو پنهنجي پٽن سان گڏ پنهنجين ڌيئرن جا لاش کڻڻ آيو هو. ڊاڪٽر ولي تــَــرَ جي ان چڱي مڙس جي ڀرسان آيو ۽ سندس ڪروڌ ڀريل اکيون ان چڱي مڙس سان مُکاميل ٿيون، جن ۾ هڪ احتجاج پنهنجي سموري ڪاوڙ سان ڀريل هو. ڊاڪٽر ولي ان جي سامهون بيهي پنهنجي سموري ڪروڌ سان ان آڏو ٿُڪ ڦٽي ڪئي ۽ اکين ئي اکين ۾ کيس پيغام ڏنو: “اهي ٻئي تنهنجون ڌيئرون نه منهنجون ڀينرون هيون، مان ڪمزور آهيان جو توسان وڙهي نه ٿو سگهان پر مان بيمار پيل هن سماج جو هڪ اهو غيرتمند پٽ ضرور آهيان جيڪو تنهنجي منهن ۾ نه ئي سهي پر تنهنجي غرور ۽ طاقت کي ٿُڪ هڻڻ جي همت ضرور رکي ٿو...”

20 جـُون 2015
ڪراچي

عاشق

ٻن ڏينهن جي مـُسلسل بُک جي ڪري راشد جي لهجي مان مايوسي بَکي رهي هئي: “بُک ۽ شاگرد سياست...!!!” هن ڪجهه لمحن کان پوءِ ٻيھر ڳالهائڻ شروع ڪيو: “اهو انقلاب به آيو ڀائو...!!!”
عاشق جيڪو شينڪ وٽ بُرش ڪري رهيو هو تنھن راشد جي ان جملي تي اختلاف رکندي پنهنجي منهن ٿوري ڀُڻ ڀُڻ ڪئي ۽ حيدرآباد جي واٽرسپلاءِ واري ميري پاڻيءَ سان وات صاف ڪندي ٻاهر آيو ۽ راشد کي چيائين: “ڇو سهڻا سائين خير ته آهي نه لڳي ٿو توکان انقلابن جي تاريخ وسري وئي آ...”
هو راشد جي آڏو اچي ويهي رهيو ۽ کيس سمجهائيندي چوڻ لڳو: “راشد ميان بُک ئي انقلاب آڻيندي آهي. ياد نه ٿي حضرت محمد ﷺجن بکايل پيٽ تي پٿر ٻڌي وقت گذاريندا هئا.حضرت حسين عه ته ٽن ڏينهن جي بُک ۽ اُڃَ تي يزيد جي لشڪر سان وڙهيو هو.اڙي يار ڪامريڊ مارڪس وسري ويئي جيڪو بُک تي مري ويل پنهنجن ٻچن کي اخبارن ۾ ويڙهي دفنائي ايندو هو. ياد ڪر انهن ڪامريڊن جا ڪارناما جن جي قصن تي پاڻ ڏينهن جا ڏينهن ۽ راتين جون راتيون ڳالهايو آ. ڪيئن وسري ويئي ويٽنام جا اهي گوريلا جن کي پنهنجي محبوبا جي هنج کان وڌيڪ آمريڪين سان وڙهندي موت قبول هوندو هو. چين جو لانگ مارچ جنهن ۾ هزارين ماڻهن پنهنجي زندگيءَ جو ٻليدان ڏئي سڄي ساري چيني آفيمي قوم کي انقلابي بڻائي ڇڏيو. وسري ويئي انهن لکين رُوسينجو ڪـَـرُ کڻي اُٿڻ ۽ زار شاهيءَ کي پاتال ۾ دفن ڪرڻ...!!! پنهنجا جنگجو ڪردار ته اهي شاگرد به آهن جن انگولا، منگولا، اتر ڪوريا، ڪيوبا ۽ فرانس جهڙن ملڪن ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ پنهنجين پنهنجين قومن کي جاڳائڻ، پڙهائڻ ۽ حق جي جنگ وڙهڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو هو...!!! اڙي يار جڏهن انقلاب لاءِ وڙهبو آ نهته پوءِ سڀ وهم، وسوسا، اميدون، خوشيون ۽ خواب ترڪ ڪري ڇڏبا آهن. ڏِسُ پنھنجي سنڌ تاريخ جي جنھن بدترين دؤر مان گذري پئي ان صورتحال کي تبديل ڪرڻ جي ذميواري ھر ان شخص تي لاڳو ٿئي ٿي جنھن ھن ڌرتيءَ جو پاڻي پيتو آ، ھن ڌرتيءَ جي ڪُک مان پيدا ٿيل اَنَ سان پنھجي پيٽ جي باھه کي اُجھايو آ ۽ منھنجا سھڻا ڇو ٿو وسارين ته جيستائين سنڌ جو جھـَر جھنگ نجات جي انھيءَ ويڙھه ۾ شامل نه ٿيندو تيستائين ھن ڌرتيءَ تان ڏُکن ۽ ڏولاون جا بادل ڪٿون ھٽندا. استاد بخاريءَ سنڌ جي انھن ئي حالتن تي ٽيڪا ٽُپڻي ڪندي سنڌ کي تبديل ڪرڻ جو ڪيڏو نه سٺو خواب ڏٺو آ:
جھر جھنگ ۾ روشنيون اڀري پون،بر پٽن ۾ زنـدگـيـون اسـري پـون،
ماڻن جيئري ئي جڳ ۾ جنتون،سنڌ تنھنجا ڳوٺ جي سڌري پون...
ھيءَ ته شاگرد سياست آھي سُھڻا پر اسانکي ته اڳتي ھلي عملي زندگيءَ ۾ به انھيءَ ويڙھه کي قائم رکڻو آ ڇو ته اهي قومون جن جا دشمن لاتعداد ۽ گهڻ طرفا هجن انهن جي جوانن لاءِ ننڊون حرام آهن جيئن ڀٽائي چيو آ:
اِيءُ ڪـَـم ڪـَمِـيـڻـَن جِـيـئـَن سـُمـهـَن پـَيـر ڊِگهـَا ڪـَرَي...

مڃون ٿا ته سنڌ ۽ سنڌين تي مختلف حُربا استعمال ڪندي وڏيرن، پيرن، ميرن، جاگيردارن، سردارن، شهري غنڊن، ڌارين ۽ ٻاهرين جي توسط سان قبضو ڪيو ويو آهي ۽ اهو به مڃئون ٿا ته سنڌ اندر تبديلي ايڏي سولي نه ايندي پر راشد پاڻ انهن ماڻهن منجهان آهيون جن سنڌ جي مادرِ علمي جي هنج ۾ ويهي ھڪ سُٺي شاگرد سياست جي شروعات ڪئي آ ۽ مان پڪ سان چوان ٿو ته اسانجي انهيءَ عمل سان گهٽ ۾ گهٽ اسان پنهنجن شاگردن کان وٺي پنهنجي سماج جي ٻين باشعور ماڻهن تائين ٻيو ڪجھه نه ته به اهو احساس ته پڄائي سگهون ٿا ته شاگرد سياست بدمعاشي،ٺڳي ۽ گورک ڌنڌو ناهي پر ھڪ اهڙو چڱو عمل آهي جنهن سان سنڌ جهڙين مظلوم قومن جا نوجوان پنهنجي جواني، رت ۽ ست جو ٻليدان ڏئي هڪ نئين تاريخ لکي سگهڻ جي صلاحيت رکن ٿا۽ ھا هڪ ڏينهن پنھنجون ھي بُکون ضرور رنگ لائينديون...”
عاشق جي اکين ۾ هڪ عجيب چمق هئي ۽جڏھن هن پنھنجي ڳالھه پوري ڪئي ته هو اٿي بيهي رهيو ۽ پوءِ راشد کي چيائين: “اٿ جلدي تيار ٿيءُ ته يونيورسٽيءَ لاءِ نڪرون جي پوائنٽ بسون نڪري ويون ته ڏاڍا ڏکيا ٿينداسين...”
پوءِ ھوٻئي جلدي جلدي تيار ٿي نسيم نگر جي واڌو واهه واري اسٽاپ تي بيٺل سنڌ يونيورسٽيءَ جي پوائنٽ بس تي چڙهيا. عاشق دنيا جي تاريخ، فلسفي، مذهب، اخلاقيات، ثقافت، ادب ۽ ٻين کوڙ سارن مضمونن سان گڏ تمام گهڻي شاعري به پڙهي ۽ ياد ڪئي هئي. ڀٽائيءَ کي ته هو پنهنجو مُرشد مڃيندو هو ۽ ڀٽائي جو رسالو ته جهڙوڪر رَٽَي ڇڏيو هيائين.پوائنٽ بس ۾ هن راشد کي عوامي ۽ قومي تبديليءَ سان گڏوگڏ انقلاب بابت ڀٽائيءَ جا کوڙ سارا شعر ٻڌايا ۽ کيس سمجهائيندي چيو: “ڏس راشد دنيا جي مـُـک تبديلين ۽ انقلابن ۾ نوجوانن ۽ شاگردن مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي. جيڪڏهن سنڌ جا نوجوان ۽ شاگرد به دنيا جي انهن عظيم شاگردن جي جدوجهدن وانگر پنهنجو پاڻ کي تيار ڪن ۽ علم، عقل، شعور ۽ ڏاهپ ذريعي هڪ مستقل ۽ ڊگهي جدوجهد واري صحيح رُخ ۾ اختيار ڪيل صحيح سياست لاءِ تيار ٿين ته پوءِپڪ ڄاڻجانءِ ته هڪ ڏينهن سنڌ ۾ انقلاب ضرور ايندو ۽ پنھنجي ھيءَ ويڙھه انھيءَ سلسلي جي ھڪ اھم ڪڙي آھي. پاڻ سنڌ اندر صحيح شاگرد سياست جا بنياد وجھڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿينداسين ۽ اھا ڪاميابي پسوپيش سنڌ جي ڪاميابي ھوندي. پاڻ کي ھڪ ڳالھه ٻئي به سمجھڻ گھرجي ته سنڌ ۽ سنڌي سماج جا مسئلا هڪ وڏي سازشي تاريخ جي مضبوط پاڙن ۾ کُتل آهن ۽ اسانکي سنڌ اندر علمي انقلاب لاءِ گهڻ رُخي جدوجهد ڪرڻي پوندي. سو ائين ڀائنجانءِ ته اڄ اسان پنهنجي ڪاوشن ذريعي انقلاب جا جيڪي ٻج ڇٽي رهيا آهيون جي اُن جو فصل اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ نه لُڻي سگهياسين ته پڪ ئي پڪ اسانجون ايندڙ نسلون ان انقلاب جو مٺو ڦَل ضرور چکنديون...” ۽ پوءِ ھن جي چپن تي عابده پروين جي ڳايل گيت جا ٻول رقص ڪرڻ لڳا:
اَسـَــان جـَـي مـُـئَـاسِــين سـَـفَـر ۾ اَو سـَـاٿِــي،
تـَه مـَـاڻِـيـنـدا مـَنـزِل پـَنـهِـنـجـَا ڍول ڍَاٽـِي..!!

يونيورسٽي پهچڻ تائين عاشق ۽ راشد شعروشاعري جي محفل سجائي عظيم انقلابي خيالن کي پنهنجيءَ بـُـکَ تي حاوي ڪري پنهنجو پاڻ کي هشاش بشاش ڪري ڇڏيو.يونيورسٽيءَ ۾ امتحان هلي رهيا هئا ۽ ان ڏينهن ٽئين سال جي شاگردن جو پيپر هو، جنهن سبب يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن جي حاضري معمول کان گهٽ هئي. فيبروريءَ جي ٿڌڙي ۽ وڻندڙ صبح جو پوائنٽ بس جڏهن آرٽس فئڪلٽي آڏو پهتي ته عاشق راشد کي چيو: “پاڻ ٺيڪ ٻارنهن بجي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ مون واري ڪلاس وٽ ملنداسين...”
جڏهن کان عاشق سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي هئي تڏهن کان هن پنهنجن دوستن جو هڪ حلقو ٺاهيو هو ۽ صحيح ۽ مثبت شاگرد سياست ڪرڻ شروع ڪئي هئي ڇوته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ اڪثريتي طور تيوڏي منظم طريقي سان شاگرد سياست جي آڙ ۾ غنڊه گردي ۽ داداگيريءَ جو راڄ قائم هو. جيڪو شاگرد ان ڪلفي ڪاٽن واري سياست جي ور چڙهندو هو اهو ٻيو ڪجهه ٿئي نه ٿئي پر ڀتي خور، چور ۽ لوفر ضرور بڻبو هو. انهيءَ ڪوڙي شاگرد سياست سنڌ جي تعليمي ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو هو. مهينن جا مهينا يونيورسٽي بند، ڪلاسن ۽ امتحانن جا بائڪاٽ، پوائنٽ بسن کي باهيون، عام، غريب ۽ مسڪين شاگردن سان اُرَهه زورايون ۽ ايستائين جو استادن سان به جُٺيون ۽ ڪو به ٽرڙو نام نهاد شاگرد جڏهن چاهي تڏهن ڪنهن به استاد جي سرِعام بيعزتي ڪرڻ ۾ دير نه ڪري.
اهڙي گهُٽ ۽ ٻُوسٽ واري ماحول ۾ عاشق جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پير پاتو هوته هن جي ذھن ۾ علامه آءِ آءِ قاضي واري يونيورسٽيءَ جا تصور هئا. هن کي شيخ اياز جي اھا خواھش به ياد ھئي ته ھن سنڌ يونيورسٽيءَ کي رابندرناٿ ٽئگور واري شانتي نڪيتن يونيورسٽي پئي بڻائڻ چاهيو. پر عاشق جڏھن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پير پاتو ھو ته ھن جا اهي سمورا تصور جلد ئي ٽٽي پيا هُئا ڇوته سنڌ يونيورسٽي اها علامه آءِ آءِ قاضي ۽ شيخ اياز واري سنڌ يونيورسٽي نه هئي پر هيءَ يونيورسٽي ته شاگرد سياست جي آڙ ۾ غنڊه گردي ڪندڙ چند دھشتگرد گروهن جي ذاتي جاگير پئي لڳي جتي تعليم جي حصول کي ته ڄڻ مذاق بڻايو ويو هو ۽ شاگرد سياست جهڙي مقدس فرض کي غنڊه گردي...!!! استادن ۽ انتظام سنڀاليندڙن جي يونين بازي هڪڙي طرف ته وري استادن جي ترقين، وڏن انتظامي عهدن ماڻڻ ۽ پڙهائيءَ بهاني ٻاهران گهمي اچڻ لاءِ هڪٻئي جا ترا ڪڍڻ واري استاد گردي ٻئي طرف...!!! هر سطح تي سَرِعام داداگيريون پيون ٿينديون هيون پر انتظاميه سڀ ڪجهه ڄاڻندي به خاموش بلڪه انهن دهشتگرد عناصرن جي ساٿاري...!!! پوليس ۽ رينجرز جام، قانون لاڳو ڪرڻ لاءِ نه پر صرف تماشا ڏسڻ لاءِ...!!! ائين پيو ڀائنبو هو ڄڻ سنڌ يوينورسٽي چند لوفرن کي سنڌ جي تعليم جي تباھيءَ لاءِ تحفو ڪري ڏني ويئي ھجي...!!!
عاشق ۽ ان جي ساٿين سنڌ جي تعليمي ادارن ۽ خاص طور تي سنڌ يونيورسٽي جي اهڙي تباهيءَ تي “تعليم بچايو- سنڌ بچايو” جي نعري سان هڪ جاڳرتا مهم هلائي هئي ۽ هو پنهنجن ساٿين سان مسلسل سنڌ جي تعليم جي بحالي واري انھيءَ جدوجهد ۾ رُڌل هو. هنن سنڌ جي سڀني شهرن ۾ “تعليم بچايو- سنڌ بچايو” سيمينار ڪرايا هئا جن ۾ سنڌ جي گهڻ گهرن آڏو اهو بحث ڇيڙيو هوته آخر سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ڪيستائين شاگرد سياست جي آڙ ۾ غنڊه گرديءَ جو راڄ هلندو...!!!؟؟؟ آخر ڪيستائين سنڌ جا تعليمي ادارا پنهنجي غير معياري ڪارڪردگيءَ سبب سنڌ جي نئين اڀرندڙ شعور کي فيضياب ڪرڻ ۾ ناڪام ويندا...!!!؟؟؟ انهن سيمينارن سان گڏ هنن مظاهرن، بک هڙتالن ۽ پريس ڪانفرنسن جو سلسلو به شروع ڪيو هو ۽ ان سان گڏ پمفليٽ، ليف ليٽ ۽ ننڍڙا ڪتابچا لکي سنڌ جي تعليمي ادارن کي تباهه ڪندڙ هڙني ڌرين کي بي نقاب ڪري سنڌ جي تعليمي ادارن جو هڪ ڀرپور ڪيس وڙهيو هو ۽ سنڌ جي هر اديب، شاعر، دانشور،انجنيئر، ڊاڪٽر، استاد، پروفيسر، وڪيل، سياسي ۽ سماجي شعور رکندڙ هرفرد ۽ اهلِ علم ماڻهن کي انهيءَ تعليمي تباهيءَ کان باخبر ڪيو هو ۽ اها عاشق ۽ سندس ساٿين جي وڏي ڪاميابي ئي هئي جو انهن سنڌ جي لاءِ لڇندڙ هر باشعور ذهن کي اهو بـَـانـوَر ڪرايو هوته هيءَ بازار پنهنجي پئي لٽجي. ان سموري هلچل سبب اخبارن ۽ رسالن اندر لکندڙن جو هڪ بحث ڇڙي پيو هو ۽ هڪ راءِ عامه جڙي پئي هئي ته سنڌ جي تعليمي ادارن جو عوامي احتساب ٿيڻ گهرجي ۽ عوامي سطح تيتعليم جي تباهيءَ ۾ مُلوث سمورين ڌرين سان حساب ڪتاب ٿيڻ گهرجي...
سنڌ جي تعليمي ادارن ۽ تعليم جي تباهيءَ لاءِ اڳ ڪنهن به ايڏو مؤثر آواز نه اٿاريو هو ۽ نه ئي وري ڪڏهن شاگردن طرفان اهڙي منظم جدوجهد ڪئي وئي هئي. عاشق ۽ سندس ساٿين جي اهڙين ڪوششن سنڌ جي ماڻهن جون اکيون ته کولي وڌيون پر تعليمي ادارن جي تباهيءَ ۾ شامل ڌرين جي به ڄڻ ننڊ ڦٽي پئي هئي. اخبارن ۽ رسالن ۾ ٿيل بحث مباحثن سبب انهن ڌرين خلاف سنڌ ۾ هڪ گهڻ طرفي راءِ عامه جڙي هئي ۽ نتيجي ۾ عاشق ۽ ان جي ساٿين لاءِ ھڪ منظم رٿابنديءَ تحت خطرناڪ ماحول پڻ جڙي چڪو هو. عاشق ۽ سندس ساٿي انهن سمورن هٿڪنڊن کان واقف هئا پر تڪليف ڪيڏي به وڏي ڇونه هجي، حالتون ڀل ڪيڏيون به بگڙيل ڇونه هجن عاشق جي منهن تي سدائين خوبصورت مسڪراهٽن سان جوڀن جو جهلڪو سڀني جي دل وڏي ڪري ڇڏيندو هو ۽ هر مشڪل مهل ۾ ھو هميشه ائين چوندو هو: ”اڙي يار خير آ... مهلون مڙسن تي ئي اينديون آهن ۽ ڏک ۽ تڪليفون ته اسان انقلابين جو ڏيج هوندا آهن. ڏس مرشد لطيف به چئي ويو آ نه ته هروقت اندر ۾ منزل حاصل ڪرڻ جي تڙپ هجي:
“نَــوَ نِــيـئـَـر، ڏَهَـــه ڏَاوِڻِـــيـُــون، پـَــنــدِرَنـهـن پـَـئــڊَ پـَـيـَـاس،
بَــگهَــاڙِيـُــون بـَـغــلـَـــن ۾، لـَـکـــِيـن لَــوهَــه لـَــڳِــــيــَاس،
جـَـڏَهـن سـَڄـَڻ يـَادِ پِـيَـاس، تـَه ڇِــرِڪَ ڇِــنَـائِـيـن هَـيـڪِـڙي...”


فيبروري جي اها صُبح عاشق لاءِ سقراط وارو زهر جو پيالو کنيو بيٺي هئي. عاشق جيئن ئي پيپر ڏئي ڪلاس مان ٻاهر نڪتو ته ساڻس شاگرد سياست جي آڙ ۾ غنڊه گردي ڪندڙن جو هڪ وڏو ٽولو هٿن ۾ پسٽل، زنجير ۽ لٺيون کنيون بيٺو هو. انهن مان هڪ ڄڻي پسٽل عاشق جي سيني تي رکي چيو: “اڄ ته تنهنجي زندگيءَ جو انت اسانجي هٿان ئي ٿيندو...!!!”
عاشق بغير ڪنهن گهٻراهٽ جي هڪدم هن جي پسٽل کي ڌڪ هڻي هيٺ ڪيريو جيڪو ڪاريڊور ۾ رڙهندو ويو ۽ پوءِ عاشق ڊڪندي اهو پسٽل کنيو، انھن غنڊن مان ڪنھن رَڙِ ڪندي چيو: “اڙي نه ويندو وٺوس...!!! هڻوس سڌيون گوليون...!!!”
فضا ۾ گولين جي هلڻ جا آواز اٿيا، جنهن مان هڪ گولي عاشق کي ڪلهي وٽان زخمي ڪري وئي ۽ پوءِ ھو تڙ تڪڙ ۾ آرٽس فئڪلٽي کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ هيٺ لٿو.گولين جي آواز جي ڪري سڄي فئڪلٽي ۾ افراتفري مچي وئي ۽ فئڪلٽي جي مختلف ڪاريڊورز ۾ پيپر ڏئي ويٺل شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ رَڙِيون پئجي ويون...!!! ڪلاسن ۾ پيپر ڏيندڙ شاگرد ۽ استاد پريشانيءَ وچان ٻاهر نڪري آيا...!!! اوچتو ئي اوچتو ٽھڪن سان گونجندڙ يونيورسٽيءَ ۾ ڄڻ دهشت جو راڪاس رقص ڪرڻ لڳو...!!! عاشق زخمي حالت ۾ فئڪلٽي واري ٻاهرين روڊ وٽ اچي بيهي رهيو ۽ شاگردن جي روپ ۾ بيٺل داداگيرن کي ھڪل ڪندي چيائين: “جي مونڏي وڌيا آهيو ته پوءِ جي اکيون ٻوٽي به گولي هلايم ته توهان مان هڪ نه هڪ ضرور مرندو...!!!”
عاشق جي اهڙيءَھڪل تي سڀ ڊڄي پٺتي ٿي بيهي رهيا. عاشق ڪجهه دير آرٽس فئڪلٽي جي مـُـک روڊ تي بيٺو رهيو ۽ پوءِ ڪجهه سوچڻ کانپوءِ ٻيهر فئڪلٽيءَ ۾ داخل ٿيو. گولين هلڻ سبب فئڪلٽيءَ ۾ اڳ ئي پريشانيءَ ۽ گهٻراهٽ وارو ماحول لڳو پيو هو مٿانوري عاشق جي ڪلهي مان وهندڙ رت کي ڏسي شاگرد وڌيڪ پريشان ٿي ويا...!!! فئڪلٽيءَ جي مـُـک دروازي وٽ ئي عاشق کي راشد جو ڪلاس فيلو صادق مليو. عاشق کائنس راشد جي باري ۾ پڇيس جنهن تي صادق کيس پريشانيءَ وچان دلجاءِ ڏيندي چيس: “عاشق بلڪل صحيح ۽ محفوظ آهي بس تون ڪيئن به ڪري هتان نڪر ۽ پنهنجو پاڻ کي بچاءِ...!!!”
ايتري ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ غنڊه گردي ڪندڙن جو ٽولو نعره هڻندو عاشق جي پويان فئڪلٽي ۾ ڪاھيپيو. عاشق گرائونڊ فلور تي ميڊم ممتاز جي آفيس ۾ گهڙيو. ان ڏينهن ميڊم جو جنم ڏينهن هو ۽ ان جي آفيس ۾ اڳ ئي يونيورسٽيءَ جون ڪجهه سينيئر ٽيچرز ويٺل هيون جيڪي کيس گُل آڇي جنم ڏينهن جون مبارڪون ڏيڻ آيون هيون. عاشق جو زخمي حالت ۾ ميڊم جي آفيس ۾ گهريو ته اهي سموريون سينيئر ٽيچرز گهٻرائجي ويون ۽ پريشانيءَ واري حالت ۾ کيس ڏسڻ لڳيون. عاشق نهايت بهادرانه ۽ بردباريءَ واري لهجي ۾ کين چيو: “معاف ڪجو شايد مان اوهانکي تڪليف ڏني پر مونکي گولي لڳل آهي ۽ ڪجهه غنڊه مونکي مارڻ چاهين ٿا. مان به انهن کان پسٽل کسيو آهي ۽ مان به گوليون هلائي سگهان ٿو پر مان ايترو ڪِرِيل نه آهيان جو مادرِ علمي ۾ لاش ڪيرايان سو پليز مونکي اوهانجي مدد گهرجي...”
ميڊم ممتاز انتهائي پريشاني واري انداز ۾ کيس چيس: “ٺيڪ آهي پٽ تون هيڏون صوفي تي ٿي ويهه ته اسان ڪجهه نه ڪجهه ڪري ٿا وٺون...!!!”
ان کان اڳ جو ميڊم پوليس يا انتظاميه ڏي فون ڪري ايتري ۾ داداگيرن جو هڪ وڏو جٿو نعره هڻندو ميڊم جي آفيس ۾ گهڙڻ لڳو پر هڪدم ميڊم ٻين استادن سان گڏ در وٽ انهن کي روڪيندي چيو: “توهان اسانجي ٻچن وانگر آهيو اسان توهانکي هٿ ٿا ٻڌون مهرباني ڪري جهيڙو نه ڪريو...!!!”
ان جٿي جي اڳواڻي ڪندڙ کين انتهائي بدتميزي واري انداز ۾ چين: “هي اسان جو مسئلو آ ۽ اسانکي اڄ هن سان سمورا حساب چُڪتو ڪرڻا آهن، ان ڪري توهان شرافت سان ٻاهر نڪرو نه ته...!!!”
ميڊم ممتاز ۽ ٻين استادن کين ٻيهر التجا ڪندي چين: “اسان به سنڌ جون ڄايون آهيون ٻيلي اسان جي پوتين کي ڏسو...!!!” انهن سمورين قابلِ احترام استادياڻين پنهنجون پوتيون لاهي هٿن ۾ ڪري سندن آڏو جهليون. پر هڪ ٻئي داداگير ڪامريڊ دڙڪي واري انداز ۾چتاءُ ڏيندي چين: “اڙي هي ائين نه مڙنديون، وجهونِ چوٽين ۾ هٿ ۽ ڇڪي ڪڍونِ ٻاهر...”
عاشق استاد جھڙي اھڙي عظيم رشتي جي بي حرمتي ٿيندي نه ڏسي سگھيو ۽ صوفي تان اٿي آيو ۽ پنھنجي يونيورسٽيءَ جي سينيئر استادن کي چيائين: “توهان ٻاهر وڃو ۽ ڇڏيو هنن کي ته منهنجي سنڌ سان محبت واري ڏوهه ۾ مونسان حساب چُڪتو ڪن...!!!”
صادق جيڪو اھا سموري ماجرا ڏسي رھيو ھو سو ان وقت سامهون فئڪلٽي ۾ بيٺل پوليس ۽ رينجرز جي عملدارن ڏانهن ڊوڙيو پر انهن کيس اهو چئي ٽاري ڇڏيو ته: “اسانکي مٿان ڪوبه حڪم ناهي مليل تنهنڪري اسان ڪجهه ڪونه ٿا ڪري سگهون...!!!”
ان ويلي ئي هڪٻئي پٺيان گولين جا لڳاتار آواز ٻڌڻ ۾ آيا ۽ سنڌ جو هڪ ڳڀرو جوان سچ جي راهه ۾ ۽ سنڌ جي تعليمي ادارن جي تقدس کي بچائڻ جي ڏوهه ۾ سنڌ جي عظيم شهيدن جي تاريخي تسلسل کي قائم رکندي پنهنجو ريٽو رَتُ ڏيئي مُرڪندڙ چهري سان پٽ تي ڪريو ۽ شاگردي چوغن ۾ لڪل دهشتگردن ان جي ٿڌي ٿيل وجود تي الائي ڪيتري دير تائين لٺين ۽ لتن جا وسڪارا ڪيا...!!! ان ويل ائين پئي ڀاسيو ڄڻ سنڌ جو اهو عاشق سنڌ ڌرتيءَ تي حملي آور ڌارين جي ور چڙهي ويو هجي...!!!
ڪافي دير کانپوءِ جڏهن انھن پنھنجي طئه ڪيل ڪارروائي وڏي ڪاميابيءَ سان پوري ڪئي ته پوءِ انھن جا فتح جي خوشيءَ ۾ اُڀ ڏاريندڙ نعرن جا آواز سنڌ يونيورسٽي جي فضائن ۾ گونجي رهيا هئا.ميڊم ممتاز جي آفيس ۾ پوليس، رينجرز، استاد، شاگردن ۽ شاگردياڻين جو هجوم جمع ٿي ويو ۽ ان وقت سنڌ جي مٽيءَ جي خمير مان پيدا ٿيل هڪ اڻڄاڻ سندر ۽ معصوم ناريءَ ميڊم جي ٽيبل تان سندس سالگره لاءِ آندل گلاب جي گلن جو گلدستو کنيو ۽ وهندڙ لڙڪن سان عاشق جي سيني تي رکيو ۽ سنڌي ڊپارٽمينٽ جي هڪ سينيئر استاد ڀٽائيءَ جو بيت چيو:

“ڪَــانــڌَ مـُـنـهـَن ۾ ڌَڪِــڙَا، مـُـون سـَـيڪِـيـنـدي سـُـونـهـَـان،
تـَــه پـِـــڻ لـَـڄَ مـَــرَان، جــَـي هـُـــونــــدَ هـُـــئـَـڙَسِ پـُــٺِ ۾...”

06 فيبروري 2005
سکر

____________________
* ڪهاڻيءَ جو پسِ منظر
هيءَ ڪهاڻي 06 فيبروري 1999 ۾ سنڌ يونيورسٽي اندر انتهائي دهشتناڪ طريقي سان امتحانن دوران قتل ٿيندڙ هڪ نوجوان ۽ سياسي ڪارڪن ”عاشق جوڻيجو“ جي واقعي کان متاثر ٿي لکي وئي آهي...

قرباني مبارڪ

ھيل ڪراچيءَ ۾ سيءُ به ڪڙڪي جو پيو ھو. سُومل جي گُدام نمان ڪرائي واري ننڍڙي ڪمري جي ڇت ٽين جي ھئي ۽ ڇت جي پاسن ۾ موجود ڳـِـڙکين مان ٿڌي ھوا زُوزاٽ ڪري ڪمري اندر داخل ٿي رھي ھئي. ھوءَ ھر ھر سيءَ ۾ ڏڪندڙ پنھنجين ٻن ڌيئرن پرهه ۽ پارس سان گڏ پنھنجي معصوم پٽ اصغر کي به لنڊي مان خريد ڪيل ڪمبل سان ڍڪي رھي ھئي، جيڪو ٽي سال اڳ ھن پنھنجي مڙس محبوب سان گڏ خريد ڪيو ھو. رکي رکي ھوا ايتري ته زور سان پئي ھلي جو ٽين جي ڇت کڙڪاپئي ڪيا.ھڪ ڪمري ۾ اوندهه ٻيو سُومل جي اندر ۾ غريبيءَ جو ماتام۽ مٿان وري موت جھڙي خاموشيءَ۾ ھوا جا زُوزاٽ ماحول کي وحشتناڪ بڻائي رھيا ھئا. اوچتو درتي ٺڪ ٺڪ ٿي، سُومل ڌيان نه ڏنو ۽ ھن سمجھيو ته شايد ٽين واري ڇت جو آوازآھي. وري ڪجھه ويرم بعد درتي ٻيھر ٺڪ ٺڪ ٿي سُومل پريشانيءَ مان اٿي ۽ بلب ٻاري درڏانھن وڌي ھوءَ سوچي رھي ھئي ته ھھڙي پاري ۾ رات جو يارھين وڳي ڪير ٿو ٿي سگھي...!!! درتي پھچي ھن جھيڻي آواز ۾ پڇيو: “ڪير...!!!؟؟؟”
ڪنھن نڙيءَ کي صاف ڪري پٺاڻڪي اردو واري لهجي ۾ چيو: “مان آھيان مولوي ارباز خان...”
سُومل کيس وراڻيو: “جي مولوي صاحب خيرته آھي...!!!؟؟؟”
مولوي وري کنگهندي وراڻيس: “ھا سڀ خير آھي اوھان درته کوليو مونکي اوھان سان ڪجھه ڳالھائڻو آھي...”
ھن درکي ٿورڙو کوليو ته ھن کي پنھنجي اکين آڏو صرف ھڪ ڪاروبت نظرآيو ھن پريشانيءَ واري لھجي ۾ کيس چيو: “جي مولوي صاحب چئو...!!!؟؟؟”
مولوي اک ٽَيٽَ ڪندي کيس ڏٺو ۽ چيو: “ھا ٻيو سڀ ته خير آھي بس ھن مھل مسجد جي ڪمن ڪارين مان فارغ ٿيِ اٿيس ته توھان ڏي به آيم، سڄو ڏينھن مسجد جي متولي ۽ امامت مان فرست ئي نه ٿي ملي ۽ مٿان وري دنياداري به نڀائڻي ٿي پئي.اصل ۾ مسئلو ھي آھي ته توواري مڙس کي به وفات ڪئي پنج مھينا ٿي ويا ۽ تون اڪيلي ننڍڙن ٻارن سان رھين پئي. دنيا جي خبراٿئي جيترا وات اوتريون ڳالھيون، ماڻھو ھزار ڳالھيون پياڪن. خير ھڻ ماڻھن کي کڏ ۾ جيستائين مان آھيان ته ڪوئي توکي اک کڻي ڏسڻ جي جرئت به نه ڪندو. اصل ۾ مان اھو معلوم ڪرڻ آيو ھيم ته ھن مھيني سميت منھنجي ٻن مھينن جي ڪرائي جو ڇاٿيندو...؟؟؟”
سُومل کيس وراڻيو: “مولو ي صاحب مان اوھان جو سمورو ڪرايو ڏيندم، ھاڻ ته ٻن گھرن ۾ ڪم ڪارتي به لڳي آھيان، سو پيٽ پورو مس پيو ٿئي. ڪجهه ٻين گھرن ۾ به ڪم ملڻ جو آسرو آھي بس پوءِ اوھان جا سمورا حساب چڪتو ڪري ڇڏيندم...”
مولوي کيس تحڪمانه انداز سان چيس: “اھو سڀ ته ٺيڪ آھي مائي پر مان توکي اھا ڳالهه به ٻڌائي ڇڏيان ته تو واري ايڊوانس وارا پئسا به پو ين ڪراين ۾ پوراٿي ويا ۽ باقي ھن ۽ پوئين مھيني جو ڪرايو تو ڏي ٿيو ۽ جيڪڏھن ان جو ستت ئي بندوبست ڪيئي ته ٺيڪ نه ته مونکي ٻيابه ڪرائي وارا کوڙ ملي ويندا...”
سُومل کيس ورندي ڏيندي چيس: “پر مولوي صاحب اوھانکي ته خبرآھي نه ته منھنجي اڳيان پٺيان ڪير به ناھي اوھان مھرباني ڪري ھي مھينو صبر ڪريو مان ايندڙ مھيني اوھان جاسمورا پئسا...”
مولوي ارباز خان پنھنجي ٺوٺ جيڏي ڏاڙھيءَ ۾ ھٿ وجھندي سندس ڳالهه کي ڪٽيندي چيو: “خيرآمان ايڏو به بي رحم نه آھيان تون فڪرنه ڪر ۽ ھا جيڪڏھن تنھنجي ڪمائيءَ جو ڪو بندوبست نه ٿوٿئي ته ٻڌائي ڇڏجانءِ منھنجا ڊفينس ۾ کوڙ سارن ماڻھن سان واسطا آھن مان ڪو نه ڪو بندوبست ڪري وٺندم...”
سُومل سندس شڪريو ادا ڪندي چيس: “توھان جي تمام وڏي مھرباني مولوي صاحب مان ته اوھان کي پنھنجووڏو سمجھندي آھيان ۽ جيڪڏھن ڪو ئي به مسئلو ٿيو ته مان اوھان کي ضرور ٻڌائيند م...”
سُومل درجي اوٽ ۾ ئي سيءَ کان ڏڪندي مولوي ارباز خان کي جواب ڏنو. مولوي اڳتي وڌي آيو ۽ سندس مٿي تي ھٿ ڦيرائيندي چيائنس: “ھا ھا ڇو نه تون فڪرئي نه ڪر مان ويٺو آھيان نه...”
مولوي ارباز ڪڏھن به سندس ويجھي اچڻ جي جرئت نه ڪئي ھئي ۽ اھو پھريون دفعو ھو جو ھن سندس مٿي تي ھٿ رکيو. سُومل کي سندس ھٿ جي ڇُھاءَ مان وڏن طرفان نياڻيءَ کي ملندڙ پيار جو احساس گھٽ پر جنسي حوس جي بک گھڻي محسوس ٿي.ھوءَ واپس اچي پنھنجن ٻارن سان سمھي پئي ان وقت کيس اھو پنجابي اسٽيٽ ايجنٽ ياد اچي ويو جنھن کيس ۽ مڙس کي مولوي ارباز جو اھو گھر ڏيکاريندي ۽ سندس ۽ گھر جي تعريفن جا بند ٻڌندي چيو ھو:
“او جي اي جھڙاگھر اي نا، اي تي بڙا چنگا گھر اي. صفا اصل اي ون. اي ھوجا گھر تينون پوري اختر ڪلوني وچ نھين ملي گا. مالڪ ايڏا چنگا اي تي جھڙا دُوڌ دا ڌوتا. ماشاءَ الله الحاج اي، پنج حج ڪرڪي آيا اي تي ھڻ ڇيوين دي تياري اي. او دي ڪول الله دا دتا سارا ڪجهه اي. مذھب ھووي پلان دنيا داري پوري اختر ڪلوني اودي اشاري تي چل دي اي. مين تي ڪھدان آن تي ايڊوانس ڏي ڇڊو تي مڪاڻ پڪا ڪرلو. اس تو چنگا مڪاڻ تينون پوري اختر ڪلوني وچ نھين لبڻا. آئي گل سمجهه وچ...”
سُومل صبح جو سويرئي اختر ڪالونيءَ جي ڀرسان ٻن گھرن ۾ ڪم ڪارلاءِ نڪري ويندي ھئي ۽ پوءِ موٽ تي پاڻ سان وڏن ماڻھن جو بچل سچل کاڌوآڻي پنھنجن ٻارن کي کارائيندي ھئي. ھن کي ڪم سان لڳي مھينو ئي مس ٿيو ھو. کيس ڪڏھن اھو تصور به ڪونه ھو ته ڪو ھوءَ اھڙا ڏينھن به ڏسندي. محبوب ۽ سُومل جي جڏھن شادي ٿي ھئي ته جوھيءَ لڳ ڪاڇي ۾ سندس اباڻي ڳوٺ ۾ دھل وڳاھئا. مٺايون ورھايون ويون ھيون ۽ ھڏ ڀت جون ديڳيون لٿيون ھيون. ھڪ طرف محبوب جي دوستن دھل جي ڌڌڪي سان ھوجمالي تي رقص ڪيو ھو ته ٻئي طرف وري سُومل جي سھيلين جھانجهه تي ڳـِيچ ڳائي خوشيون ملھايون ھيون...
محبوب ڪراچيءَ۾ ڪورنگيءَ جي ھڪ ڪيميڪل فيڪٽري ۾ مزدوري ڪندوھو ۽ ڪراچيءَ۾ ئي رھندوھو. شاديءَ کانپوءِ ھن سُومل کي به پاڻ سان گڏ ڪراچي آڻي رھايو. قدرت خدا جي ھنن کي ڪراچي آئي مھينوئي مس ٿيو ھو ته پٺيان جوھيءَ وارونئين گاج کي ٻڌل نئون بندبرساتي پاڻيءَ جي دٻاءَ کي برادشت نه ڪندي اڌرات ڌاري ٽٽو ھو ۽ مختلف ڳوٺن ۾ اگھور ننڊ ۾ ستل سوين ماڻھو پاڻيءَ منجهه لڙھي ويا ھئا. انھيءَ ٻوڏ ۾ محبوب ۽ سُومل جا سمورامٽ مائٽ پڻ ٻڏي مري ويا ھئا،ڇو ته جنھن جاءِ تان نئين گاج وارو بند ٽٽو ھو ان جاءِ کان ٿوروپرڀروئي سندن ڳوٺ ھو. سندس ڳوٺ جي ته گھڻن ئي ماڻھن جالاشابه نه مليا ھئا ۽ جن جا لاش مليا ھئاتن مان به گھڻن جالاش وڻن جي شاخن منجهه ڀيانڪ انداز ۾ ٽنگيل ھئا. جيستائين سُومل ۽ محبوب جي ڳوٺ وارا سجاڳ ٿي ھوش سنڀالن تيستائين گاج جي پاڻيءَ بکايل شينھن وانگر گجگوڙ ڪندي سندن وجودن کي ئي صِفحهءِ ھستيءَ تان مٽائي ڇڏيوھو...
محبوب ۽ سُومل جي زندگيءَ ۾ مٽن مائٽن جي اھڙي اذيتناڪ وڇوڙي جاوڍ ته وڏاھئا پر پوءِ جڏھن سندن رُکي زندگيءَ ۾ آھستي آھستي پرهه، پارس ۽ اصغر پنھنجي معصوميت سان پيرڙا پاتاته سندن ذھنن تان ڏکن جا بار ڪجهه قدر ھلڪا ٿيا ھئا. باوجود غربت جي ٻنھي جي زندگين ۾ مـُرڪن ۽ ٽھڪن ڄڻ ته ٻيھرپيرڙا پاتا ھئا ۽ ٻئي ڄڻا پنھنجي ٻارڙن سان ڏکي سکي ئي سھي پر خوش زندگي گذاري رھيا ھئا...
انسان پنھنجي آئيندي کان ڪيڏو نه بي خبر ھجي ٿو ۽ جي سُومل کي خبر ھجي ھا ته ان ڏينھن محبوب کي مل ۾ مزدوري ڪرڻ لاءِ ڪڏھن به نه ڇڏي ھا جنھن ڏينھن فيڪٽري جو پراڻو بوائلر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو ھو.محبوب سميت پنج ڄڻا ٻيابه پيٽ اندر پلجندڙ غربت جي جن کي قابو ڪرڻ لاءِ جفاڪشيءَ سان مزدوري ڪندي موت سان مـُـکامـَيل ٿيا ھئا. فيڪٽري مالڪن طرفان مليل امداد مان ڪجهه مھينا جھڙا تھڙا ته گذري ويا ھئا پر ھاڻ خرچن ۽ مھانگائيءَ سُومل کي اچي اھڙو ته سوڙھوڪيو ھو جو اھا سُومل جنھن کي محبوب ڪڏھن به ڪم نه ڪرايو ھو سا ٻئي ڪاواهه نه ڏسي مجبوراً ماڻھن جي گھرن ۾ صفائيءَ ۽ ڪپڙن ڌوئڻ سان گڏوگڏ ٿانءَ ڌوئڻ ۽ ماني پچائڻ جو به ڪم ڪري رهي ھئي...
محبوب کان وڇوڙي جي انھن چند مھينن ۾ سُومل اکين ۾ آيل سيلاب کي اندرجي ڳجهه ۾ ئي ڳڙڪائي وڃڻ سکي ورتوھو ھاڻ ته ھوءَ پاڻ ئي پرهه، پارس ۽ اصغر جو پيءُ به ھئي ته ماءُ به ھئي. ھن کي ته زماني جي ڦير کائي بدلجي ويل نظرن به گھڻو ڪجهه سيکاري ڇڏيوھو. محبوب کان جدائيءَ جي انھيءَ مختصر عرصي ۾ ھن کي اھا ڳالهه شدت سان محسوس ٿي ھئي ته مردن جي جوڙيل ھن سماج ۾ جيڪڏھن عورت جي اڳيان مردجي ڍال نه آھي ته پوءِ انھيءَ مردن جي سماج ۾ اھائي عورت مرد جي ذھن ۾ پلجندڙ جنسي باهه جي مٿان صرف ٿڌي پاڻيءَ جو ڇنڊوئي ھوندي آھي...
وقت گذرندو پئي ويو ۽ هر ماڻھو پنھجو پاڻ کي دنيا جي گھاڻي کي گِـھِلڻ لاءِ زندگيءَ جي پاڃاريءَ ۾ جوٽي پنھنجي پنھنجي فرض ادائگي جي پورائي لاءِ ڪنڌ جھڪائي رڙھي رھيو ھو. ھيل ڪراچيءَ۾ سيءَ ماڻھن جا ساھه ئي سڪائي ڇڏيا ھئا.ڊسمبرجي آخري ڏھاڪي ۾ عيدالاضحيٰ، ڪرسمس ۽ نئين سال جي آمد جي ڪري ھرطرف گھڻي رونق لڳي پئي ھئي. اختر ڪالوني۽ ان سان لڳ ڪشمير ڪالونيءَ۾ اڪثريت پنجابين، پٺاڻن، ڪشميرين سان گڏ سرائيڪين جي ھئي. سنڌي به رھندا ھئا پر گهٽ. ڪراچيءَ ۾ ھڪ طرف سيءَ سبب شادين جي ڌم متل ھئي ته ٻئي طرف عيدالاضحيٰ جي آمد جي ڪري اختر ڪالوني ۽ ڪشمير ڪالونيءَ سان گڏ ڊفينس جي روڊن، گھٽين ۽ گھرن جي ٻاھران قربانيءَ لاءِ ھر نسل جا ڀلوڙ کان ڀلوڙ ڍڳا، ٻڪر ۽ اُٺ پڻ ٻڌل ھئا...
عيدالاضحيٰ کان ھفتو اڳ ئي اختر ڪالونيءَ ۾ قربانيءَ لاءِ آندل ڀلوڙ جانورن جي مالڪن ۾ ڄڻ ھڪ اڻ لـَـکـَو مقابلو شروع ٿي ويو ھو. هر جانور انتهائي خوبصورتيءَ سان سينگاريل هو. جانورن کي شيشن ۽ رنگين ڌاڳن وارا پٽا، مالھائون، موڙون ۽ ننڍڙامڌر آوازن واراچـَـڙَا پارايا ويا هئا ته وري ٻئي طرف کين پيرن ۾ ڇـَيـرَ پڻ ٻڌايا ويا هئا.ڪن جانورن کي سندن مالڪن جسم جي مختلف حصن تي مينديءَسان خوبصورت چِٽَ پڻ ڪڍرايا هئا. جانورن کي جھلڻ لاءِ نوڙيءَ جون وٽيل انتھائي خوبصورت واڳون پڻ قابلِ ديد هيون. ايئن پئي لڳو ڄڻ سنڌ جا شوقين ۽ ڀلوڙ ڀاڳيا ھر ھنڌ پيدا ٿي پيا ھئا. مطلب ته ھر ماڻھو پنھنجي قرباني جي جانورن کي سينگارڻ لاءِ ڪائي ڪثر نه پئي ڇڏي. ٻارن لاءِ ته ھر گھٽيءَ۾ رؤنشو لڳو پيو ھو...
جڏھن انتھائي خوبصورتيءَ سان سجايل قربانيءَ جي جانور کي ڪو ماڻھوواڳ کان وٺي ڇـَيرَ جي ڇمڪي سان ڪالونيءَ جي ھڪ ھڪ چؤنڪ ۽ گھٽيءَ ۾ فخر سان گھمائڻ لاءِ نڪتو پئي ته رؤنشي ڪوڏيا ٻار ٽولاٺاھي ان جانور جي اڳيان پٺيان بلڪه ھر طرف کان ھُوڪرا ڪري پئي ھليا ۽ جيڪڏھن ڪو صفاچوٽيءَ جو ڀلوڙ جانور پنھنجي مالڪ جي ھٿ ورتل واڳ سان ڇـَم ڇـَم ڪري ھليوپئي ته ان جانور جي پٺيان وري ٻارن جو انگ به ٽيڻ چؤڻ تي وڌي ويندوھو ۽ پوءِ جڏھن ان جانور جي پٺيان رؤنشي ڪڏين ٻارن جي فوج ڪنھن گھٽ ڀلي جانور جي ڀرسان نعره ھڻندي گذرندي ھئي ته ان مالڪ جو ھنيانءُ ئي سڙي رک ٿي ويندو ھو، جنھن جي چغلي سندس لٿل منھن مان ئي ملي پوندي ھئي...
اختر ڪالوني ۽ ڪشمير ڪالونيءَ۾ پنجابي ڳالھائيندڙ عيسائين جي به چڱي خاصي اڪثريت رھندي ھئي ۽ ڪرسمس ۽ نئين سال جي آمد جي ڪري عيسائي به بي انتھاخوش ھئا ۽ ڪشمير ڪالونيءَ ۾ موجود چرچ ۽ سندن گھرپڻ مذھبي تھوار جي ڪري ٻھڪي اٿيا ھئا. ھر طرف خوشي ئي خوشي ھئي ۽ ھر ماڻھوخوشيءَ سان ٻھڪيو پئي.بس ڏک ۽ اداسيءَ جيڪڏھن ديروڄمايو ھو ته سُومل ۽ سندس ٻارن جي مـُـکَ تي. سُومل وٽ ٻارن کي عيدتي لٽن ۽ جوتن وٺي ڏيڻ لاءِ ڪجهه ڪونه ھو. ھن وٽ ته صرف دلاساھئا، جيڪي صبح شام ٻارن کي ڏيندي ھئي. ھن وٽ ته ايترا پئسا به ڪو نه ھئا جو پنھنجين ننڍڙين ٻارڙين کي چوڙيون ۽ مھندي وٺي ڏئي. عيد ۾ اڃان ٻه ڏينھن پيا ھئا...
سُومل ڊفينس جي گھرن جا ڪم ڪار لائي بچيل سچيل ماني ٽڪر ڳوٿريءَ ۾ کڻي جيئن ئي گھر پڳي ته بک سان گڏ اوسيئڙي ۾ ويٺل سندس معصوم ٻار انتھائي پاٻوھه مان اچي ائين چنبڙيس جيئن ابھم ٻارٿڃ پيئڻ لاءِ ماءُ جي ڇاتيءَ کي چنبڙندوآھي. ھن ماني ٿانون ۾ لاٿي ۽ سڀ گڏجي ماني کائڻ لڳا. ماني کائيندي سندس سڀ کان وڏي ڌيءَ پرھه چيس: “امان امان خبراٿي اڄ صبح جو ڇاٿيو...!!!؟؟؟”
سومل پنهنجي ڌيءَ کان حيرانيءَ وچان پڇيو: “ڇاٿيو منھنجي ڌيءَ...!!!؟؟؟”
پرھه وڏي سنجيدگيءَ سان کيس جواب ڏيندي چيو: “امان ھو ڪالو جوزف آھي نه...!!!”
سومل کيس جواب ڏيندي وراڻيو: “ھاپٽ اھو ئي نه جيڪو گڏهه گاڏو ھلا ئيندو آ...؟؟؟”
پرهه کيس وراڻيس: “ھاامان اھو ئي.خبراٿي اڄ ويچاري کي ڪالونيءَ جي ماڻھن اسان واري جاءِ واري ملان مالڪ سان گڏ ڏاڍي مارڏني...”
سُومل پريشانيءَ مان پڇين: “اڇا..!! پرڇو...!!!؟؟؟”
پرهه کلندي ماءُ کي وراڻيو: “ھو ڪالو نه پنھنجي گڏھه کي ٺاھي، سينگاري، ميندي لائي ڪالونيءَ ۾ گھمائي رھيو ھو ته ماڻھن کي ڪاوڙ لڳي ۽ چيائون ته ھي اسان جي قربانيءَ جي جانورن جي مذاق اڏائي رھيو آھي ۽ ھرو ڀرو گڏھه کي سينگاري ڪالونيءَ ۾ گھمائي رھيو آھي...”
سُومل به اهڙي ڳالهه تي حيران ٿيندي ڌيءَ کان پڇيو: “اڇا پوءِ ڇاٿيو...!!!؟؟؟”
پرهه به ڳالهه جو مزو وٺندي ماءُ کي ٻڌايو: “امان پوءِ سڀ ماڻھو گڏجي مولوي اربازوٽ ويا ۽ مولويءَ کي دانھن ڏنائون، بس پوءِ ته مولوي ارباز کوڙ سارن ماڻھن سان گڏجي ڪالو جوزف کي مار ڏيڻ لاءِ آيو. ڪالوءَ کي ته ڏاڍي مارڏنائون پرامان ويچاري جي گڏهه کي به گوليون ھڻي ماري ڇڏيائون امان پوءِ نه ڪالو پنھنجي گڏھه جي ڀرسان ويھي ڏاڍو رنو پئي...!!!”
پرھه جي ڳالهه اڃان پوري ئي مس ٿي ته سندس ستن سالن جي اصغر کيس ٻاتي زبان سان چيس: “امان امان مان به نه ٻين ٻارن سان گڏ ڪالوءَ جي گڏهه کي لٺيون ھنيون...”
ھن معصوم پٽ کي سمجھائيندي چيو: “نه پٽ ائين ناھي ڪبو تو ائين ڇو ڪيو..!!!؟؟؟”
تنھن تي سندس وچين ڌيءَ پارس چيس: “امان امان مولوي ارباز ۽ ٻياسڀ ماڻھو چون پيا ته ڪالو ڪافر آ۽ ڪافر سان ائين ئي ڪبو آ...”
پارس جي ڳالهه تي اصغر انتھائي معصوميت ۽ حيراني سان سُومل کان پڇيو: “امان اھو ڪافر ڇا ٿيندو آ...!!!؟؟؟”
سندس ماءُ جواب ڏيندي چيس: “نه پٽ ماڻھو نيتن جا ڪافر ٿيندا آھن ظاھري طور تي نه.خيرتوھان ڇڏيو ھاڻ انھن ڳالھين کي ۽ چپ ڪري ويھي ماني کائو ۽ ھا اصغر پٽ تون ڪن کولي ٻڌي ڇڏ آئندهه اھڙو ڪو به ڪم نه ڪجانءِ...”
عيد ۾ ھڪ ڏينھن بچيو ھو ڪالوءَ ۽ ان جي گڏهه واري ڳالهه آئي وئي ٿي وئي. ڪير ڪڇي به ته ڇو. ڪالوءَ جو گڏھه مئو ته چلھه به ته ڪالوءَ جي گھر جي وسامي ان ۾ مولوي ارباز ۽ ڪالونيءَ وارن جو ڪھڙو نقصان...!!! آخر ڪنھن جي مٿي ۾ گـَتِـي پئي آ جو ويٺو ڪالوءَ جي ڪاڻ ڪڍي. ھر ڪو پنھنجي ذاتي ۽ محدود دنيا جي دائري ۾ چاڪيءَ جي ڏاند وانگر مشغول ۽ مصروف ھو. شام ٿي ته سُومل جو دروري کڙڪيو سُومل درتي وئي ته سامھون مولوي ارباز پنھنجي ٺونٺ جيڏي ڏاڙھيءَ تي ھٿ ڦيرائي مشڪي رھيو ھو. سُومل سلام ڪري پڇيس: “جي مولوي صاحب خير ته آھي...؟؟؟”
مولوي ارباز ورائيندي چيس: “ھا ٻيو سڀ خير آڪالهه منھنجا سمورا گھر ڀاتي عيد ملھائڻ پشاور ويا، سومان وري ھتي اڪيلوٿي پيو آھيان. ھونءَ ته ڪم ڪار ڪو خاص ڪونھي پرسڀاڻي عيد واري ڏينھن مھمان ۽ دوست جام ايندا سومان سوچيو ته ماني وغيره پچائڻ لاءِ تو کي چوان. ھونءَ ته ان ڳالهه جي به پرواهه ناھي ڇو ته منھنجي ھڪ اشاري تي خدمتن ڪرڻ وارا لائين لڳائي بيھندا پر مونکي مناسب ڪو نه ٿو لڳي ته ڪنھن کي تڪليف ڏيان.سڀاڻ وري مسجد جي ٻاھران سئو سوا سئو ڍور به اضحيٰ ٿيندو ۽ ماڻھو وري منھنجي دعا کانسواءِ اضحيٰ ڪرائڻ لاءِ تيار به ناھن، آخر پنج حج جو ڪري آيو آھيان. خيرعيد واري ڏينھن گوشت وغيره به جام ٿيندو ۽ ھڪڙو قربانيءَ جو پاڏو منھنجو به ڪُسبو سو چڱو چوکو ڀاڱو تو کي به ملندو. پوءِ ٺيڪ آعيد واري ڏينھن معنيٰ سڀاڻي صبح جو ڏھين بجي تائين گھر پھچي وڃجان ۽ مھمانن لا ءِ ماني تيار ڪجانءِ...”
سُومل مولوي ارباز جو تقريرنما حڪم نامو ٻڌي پريشانيءَ وچان چيس: “پر مولوي صاحب عيد واري ڏينھن ته...” ان کان اڳ جو ھوءَ ڪجهه چئي مولويءَ سندس ڳالهه ڪٽيندي چيس: “خير آ تون فڪر نه ڪر عيد جا ٻه ٽي ڏينھن تون منھنجي گھر اچي ڪم ڪجانءِ ته ان جي بدلي گذريل ۽ ھن مھيني جو ڪرايو مان تو کان ڪو نه وٺندم بس ھاڻي ته ٺيڪ آنه...”
مولوي ارباز خان پنھنجو حڪم نامو جاري ڪري ڪنڌ ڦيرائي ھليو ويو.سُومل درتي خاموش بيٺي رھي. جي ڪڇي ٿي ته مولويءَجا تارا ٿا ياداچنس ۽ پوءِ نتيجو ٻارن سميت سندس گھر کان ٻاھر. جيڪا ڳالهه سُومل جي وس کان ٻاھر ھئي ڇو ته ھن کي ھـَـڙَ ۾ رپيو ٽڪوبه ڪو نه ھو ۽ جي وڃي به ته ڪيڏانھن وڃي...!!!؟؟؟ انھن ٽن معصوم ٻارن کانسواءِ سندس دنيا ۾ ٻيو ڪوئي ھيس به ته نه. خير سان اھو ڏينھن به گذري ويو ۽ ٻئي ڏينھن عيد جو سج به اڀريو. سُومل پنھنجي ٻارن کي وھنجاري سھنجاري پراڻا ڌوتل پوتل ڪپڙا پارايا.عيد نماز ٿي ۽ ھر ڪنھن وڏيءَ عيد جا شڪرانا ادا ڪيا. ماڻھن ھڪ ٻئي کي مبارڪون ڏنيون ۽ وتيون. ھر ڪنھن جا چھرا خوشيءَ مان ٻھڪيا پئي ۽ واقعي به حقيقي خوشي ماڻھن جي چھرن تان بـَـکِي پئي. بس ھڪ سُومل ئي ھئي جيڪا پنھنجي گُدام نُمان ڪمري واري گھر اندر پراڻن ڪپڙن ۾ ملبوس پنھنجن ٻارن سان ڳلي لڳي اکين مان نير وھائي رھي ھئي.ڇوته اھا ٻئي عيد هئي جيڪا ھن پنھنجن ٻارن سان محبوب کانسواءِ پئي ڪئي...
مولوي ارباز جي مسجد جو ڇوڪرو نياپو کڻي آيو: “مھمان پڄڻ وارا آھن تنھنڪري جلد پڄو ۽ ماني پچائڻ جو بندوبست ڪريو...”
سُومل جا ٻار پاڙي جي ٻين ٻارن وانگر اضحيٰ ٿيندڙ جانورن کي ڪُسندي ڏسڻ لاءِ ٻاھر نڪري ويا. سُومل پلاند سان اکين منجھان ڳوڙھا اگھي مولوي ارباز جي گھر ڏانھن رواني ٿي. ھڪڙي گھٽي ٽپي ته اتي پنج ڍور ڪـُـٺا پيا ھئا. رت نالين ۾ ريلا ڪري وھي رھيو ھو، ٻئي گھٽي ٽپي ته لڳ ڀڳ اتي به ساڳي ماجراھئي. قرباني ڪندڙ ماڻھو ھڪٻئي کي قربانيءَ جون مبارڪون ڏئي ۽ وٺي رھيا ھئا ۽ جن قرباني نه ڪئي ھئي انھن کان پڻ مبارڪون حاصل ڪري رھيا ھئا. ڪافي غريب ۽ فقير اضحيٰ ٿيندڙ جانورن جي ڀرسان ٿانءَ ۽ ڳوٿريون کڻي خوشامدي نظرن سان اضحيٰ ڪندڙ مالڪن ڏي ڏسي رھيا ھئا. سُومل ٽئين گھٽي ٽپي مولوي ارباز جي دروٽ پڳي ته ساڳئي گھٽيءَ ۾ پريان مولوي ارباز مسجد ٻاھران قطار۾ بيٺل ڍوراضحيٰ ڪرائي رھيو ھو ۽ ھر قرباني ڪندڙ جي حق ۾ واڇون ٽيڙي وڏي واڪ دعا گھري رھيو ھو...
مولويءَ جي نظر جيئن ئي سُومل تي پئي ته ھن کيس ھٿ سان گھر وڃڻ جو اشارو ڪيس. سُومل سندس گھر ۾ داخل ٿي باورچيخاني منجهه کاڌي پچائڻ جي سامان جو جائزو وٺڻ لڳي ته ايتري ۾ مولوي ارباز به اچي وارد ٿيو. ھن جي ھٿ ۾ تازي گوشت جو ٿالهه ھو، جنھن ۾ پيل ٻوٽين منجهه اڃان ڪجهه ساهه باقي ھو جو اھي جھٽڪا ڏيئي آخري پساهه کڻي رھيون ھيون. مولوي سڌوورانڊو ٽپي ڪمري ۾ ويو ۽ سُومل کي ھڪل ڪندي سڏ ڪيائين. مولويءَ جي ڪپڙن ۽ ھٿن تي اضحيٰ ٿيل جانورن جورت لڳل ھو. مولويءَ گوشت سان ڀريل ٿالهه سُومل کي ھٿ ۾ ڏيندي چيو: “اچي ھي گوشت فرج ۾ ٺاھي رک ته مان رت ھاڻان ھٿ ڌوئي اچان...”
سُومل سندس حڪم مطابق اڃان فرج ۾ گوشت ٺاھي رکيو ئي مس ته مولوي مٿان اچي بيٺس ۽ سندس ٻانھن کان جھلي چيائينس: “ڏس جيڪو چوانءِ ٿو سوچپ چاپ ڪجانءِنه ته نتيجا ڏاڍاخراب نڪرندئي...”
مولوي ارباز جي وات مان ڪُتي واري گـِگهَـه ڳـَـڙِي رھي ھئي.سندس اکين ۾ تازو خون لھي آيو ھيس ۽ سندس وجودمان حـَوَسَ جي ڌَپَ اچي رھي ھيس. عيد جو وڏو ڏينھن ھو ھر ڪو پنھنجي رب جي بارگاه ۾ قرباني ڏئي خوشيون ملھائي رھيو ھو. پر انھن سڀني جي قربانين کان ھٽي ڪري اڄ ھڪ ماءُ پنھنجي معصوم ٻچن خاطر غربت جي ٽياس تي خاموشيءَ سان سُوليءَ چڙھي ۽ ان عظيم قربانيءَ واري ڏينھن تي پنھنجي لــَڄَ جي قرباني ڏنائين. ٻاھران ڪنھن وڏي ڍورجي قربان ٿيڻ تي خوشيءَ مان هڪ ماڻھوءَ ٻئي ماڻهوءَ کي قربانيءَ جي مبارڪ ڏيندي چيو:
“ادا قرباني مبارڪ.....”

20 ڊسمبر 2007
ڪراچي

مورڙو

سنڌ يونيورسٽيءَ جي پراڻي ھاسٽل لعل شھباز جنھن کي ايل ھاسٽل به چيو ويندو ھو، ان جي کـُڏيءَ نُما ڪمرن ۾ اڪثر ڪري يونيورسٽيءَ ۾ آيل پھرين سال جي شاگردن کي چوپائي مال وانگر واڙيو ويندو ھو. ان ھاسٽل جي ڪمري نمبر 111 جو در اڪثر بند ھوندو ھو. ھونءَ ته کُڏيءَ جھڙي ان ھاسٽل جي ھر ڪمري ۾ ٻن شاگردن کي رھايو ويندو ھو پر ھُو ان ڪمري ۾ اڪيلو رھندو ھو ڇو ته سندس روم پارٽنر جيڪو ڪنھن وڏيري جو تخم ھو سو حيدرآباد شھر ۾ ڪِرائي جي بنگلي تي رھيل ھو، ان ڪري جو کيس جيل نما هاسٽل جي ھن ڪال ڪوٺڙيءَ واري ڪمري سندس عياش ۽ آزادانه مزاج کي منجھائي رکيو ھو...
اکين تي چشمو، گول منھن، نقش ڪنھن من مُھڻي شاعره جي تصور جھڙا حسين، جسم ۾ پورو پـُنو، منھن تي اھڙي سنجيدگي جو ڀائنبو ھو ته ڄڻ ھزار سالن جي پيڙائن جي گھاڻي مان نپوڙجي نڪتو ھجي. ھڪ دفعي ڪاريڊور مان گذرندي سلام ڪيو مانس مسڪرائيندي جواب ڏنائين ۽ وڌي اچي پاڻ مليو ۽ ھٿ ملائيندي چيائين: “محمد ملوڪ...”
مان به کيس مسڪرائيندي صرف ايترو جواب ڏيندي چيومانس: “ملهار...”
ان ننڍڙي سلام دعا کانپوءِ ھن سان کوڙ ساريون ملاقاتون ٿيون. اڪثر سندس ڪمري جي بند دروازي تي ٺڪ ٺڪ ڪندو ھُيم ته اندران آواز ايندو ھو: “ڪير...؟؟؟”
مان وراڻيندو ھيم: “ملهار...”
ھو دروازو کولي اندر ويھاريندو ھو. مان ھن سان ھر دفعي معذرت ڪندو ھُيم ڇو ته منھنجي ڪچھريءَ جي ڪري ھن جي پڙھا ئيءَ ۾ رُخنو پوندو ھو. ڪمري ۾ نگاهه ڦيرائيندو ھيم ته ڪتاب، ڪپڙا، ھنڌ ۽ عام استعمال جون سموريون شيون انتھائي نفاست ۽ سليقي سان پنھجين پنھجين جڳھن تي پيون ھونديون ھيون. ائين پيو ڀائنبو ھو ڄڻ سندس ادب ڪنديون ھجن. ملوُڪ واقعي به ملوڪ ھو، ڳالھين، طبعيتن ۽ مزاجن ۾ ائين ڄڻ ڪو لوڪ ڪھاڻين جو شھزادو ھجي. ھونءَ ته ھزارخوبين تي ھَسوَار ھو پر سندس ھڪ خوبيءَ منھنجي لاءِ وڌيڪ مانائتو بڻائي ڇڏيو ھُيُس سا ھُئي سندس مطالعي جي عادت. ھونءَ ته رياضيءَ جو استاد ھو ۽ رياضي جي ڊپارٽمينٽ جي پھرين سال جو شاگرد ھو پر ان سان گڏ ادب، فلسفي، تاريخ، مذھب، شاعري ۽ ٻين کوڙ سارن موضوعن تي ڪتابن جا ڍير پيا ھوندا ھُيس جن جو ڏينھن رات مشاھدو ڪندو ھو. شاعريءَ جو ته شاهه ھو، شاعري ڪندو نه ھو پر سوين شعر ياد ھُيس، جڏھن ڀٽائيءَ جي شاعري معنيٰ، مفھوم ۽ تمثيلن سان سمجھائيندو ھو ته جسم منجھان سيسراٽيون نڪري وينديون ھيون. ھن ٻڌايو ھو ته ھن جو پيءُ انگريزي اسڪول جو استاد ھجڻ سان گڏوگڏ فارسي ۽ انگريزي جي علمن جو وڏو ڄاڻو ھو ۽ ھن کي پڙھڻ جي عادت به سندس گھر جي ماحول مان پئي ھئي. ھن ٻڌايو: “کڻي ڇا به ٿي پئي، گھر ۾ ڪيڏيون به تڪليفون ڇو نه هجن پر بابا پنھنجي پگھار جي ھڪ حصي مان ڪتاب ضرور وٺندو آ...”
ھڪ ڏينھن گرم چانھن جون چُسڪيون وٺندي پڇيو ھُيائين: “ڌوٻي جي ڀرسان وارڊن واري ڪمري ۾ ڪير رھندا آھن...!!!؟؟؟”
چيو مانس: “ڪامريڊ...”
منھنجي جواب تي طنزيه انداز ۾ مُرڪيو ھو ۽ چيائين: “پليز ملهار ڪامريڊ هڪ مقدس لفظ آ ۽ ان جو پنهنجو تقدس آ، تون ان لفظ کي انهن ڇڙواڳ ماڻهن سان جوڙي ان جي بيحرمتي ته نه ڪر...”
ان ڏينهن ھن مونکي ڪامريڊ لفظ جي اھميت کان واقف ڪرايو ھو ۽ دنيا جي عظيم ڪامريڊن جا داستان ٻڌايا ھُئا. ان ڏينھن ھن ڪافي دير روس، چين، ويٽنام، اتر ڪوريا، ڪيوبا ۽ ٽين دنيا جي ڪامريڊن جاانسان دوست ڪارناما ٻڌايا ھئا ۽ پوءِ ھن دنيا جي ڪامريڊ شاگردن جي انقلاب ۽ دنيا جي اُٿل پُٿل ۾ ادا ڪيل ڪردارن کي ڪنھن کليل ڪتاب وانگر منھنجي آڏو رکيو ھو. اھو پھريون دفعو ھو جو مونکي ان ڳالھه جو احساس ٿيو ھو ته ڪيئن دنيا جي شاگردن پنھنجي علمي ۽ عقلي طاقت ذريعي پنھنجي قومن جي بدترين حالتن کي تبديل ڪرڻ ۾ اھم ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪيو ھو ۽ ڪامريڊ لفظ پنھنجي اصل ھئيت ۾ ڪيڏو نه وسيع ۽ شاندار معنيٰ جو مالڪ ھو. اسان ته سنڌيونيورسٽيءَ ۾ گڏھه جي سُڪل کل وانگر سيٽيل ڪلف ٿيل ڪاٽن ۾ ڄنگھون ۽ ٻانھون ٽيڙي ھلندڙن، منھن تي ھميشه توائي ۽ مڇن کي مروڙا ڏيندڙن کي ئي ڪامريڊ سمجھيو ھو...
ھڪڙي ڏينھن سج لھي چڪو ھو ۽ ڊسمبر جي ٿڌ مونکي ڪجهه گھڻو ئي سوڙھو ڪيو ھو سوچيم ته ملوُڪ وٽ وڃجي ۽ ان جي جاندار ڪچھريءَ سان گڏ چانھن جي گرم گرم چُسڪين جو مزووٺجي. جينز جي پينٽ جي پٺئين کيسن ۾ ھٿ وجھي پنھنجي ڪمري مان نڪتم ۽ تڪڙو تڪڙو ملوُڪ وٽ پڳم سندس ھٿ ۾ ھندستان جي مشھور ليکڪا ارُون دتي راءِ جو ڪتاب “دي گاڊ آف سمال ٿنگز” ھو. مونکي ڪمري ۾ ويھاريندي پڇيائين: “چانهه ته ضرورھلندي...؟؟؟”
مان صرف ھاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ پوءِ ھن جھٽ ۾ ھيٽر تي چانهه ٺاھي ورتي. ڳالھين جو سلسلو شروع ٿيو ۽ مان ھميشه وانگر ننھن کان چوٽيءَ تائين ڪـَنُ بڻجي ھن کي وڏي غور سان ٻڌندو رھُيس. ھن پنھنجي اکين تي عينڪ چاڙھي ۽ چيائين: “ملهار سنڌين کي مورڙو ٿيڻو پوندو ۽ سنڌ کي چَٽُ ڪري ويل انھن واڳن جا پيٽ چيري صدين جي ڏاڍ جا حساب ڪتاب چُڪتو ڪرڻا پوندا...!!!”
ھو جھٽ گھڙيءَ خاموش ٿي ويو ۽ مان حيرانيءَ مان کيس ڏسڻ لڳم ته اڄ ملوُڪ مورڙي ٿيڻ جون ڳالھيون پيو ڪري خير ته آھي...!!! ان کان اڳ جو مان ڪجهه ڪڇان ملوُڪ پنھنجي ساڳئي تن ۽ من کي ڇھندڙ انداز سان آڪاش جو ھڪ شعر ٻڌايو:

پڇيو حيران ٿي مـُون ھاريءَ کان،ڪنھن ته آرڻ ھي اُجاڙ يا ھن؟
چيائين ڏوهه ناھي بگھڙن جو،پنھنجي گھر جا ڪـُتا ڀاڙيا ھن.

اڄ ھن جي ڳالھائڻ ۾ ھڪ عجب رنگ ھو. مان خاموش رھيُس ھن وري ڳالھه جي ٽٽل ڌاڳي کي جوڙيندي چيو:
“ملهار خبر اٿئي اٺ ڏهه ڄڻا اڌ ڪلاڪ اڳ مون وٽ آيا، اھي ئي جيڪي وارڊن جي ڪمري ۾ ڀنگ گھوٽيندا آھن ۽ ڏينھن رات چرس ۽ شراب پيئندا آھن ۽ پنھنجو پاڻ کي سنڌ جا سورما سڏائيندا آھن...”
ھو وري ڪجهه دير لاءِ خاموش ٿي ويو ۽ پوءِ ڳالھائڻ لڳو: “اھا ئي ساڳئي ڪِرِتَ مونکي چيائون 20 تاريخ اسان جا ليڊر ٿا اچن، انھن جي اعزاز ۾ وڏو فنڪشن ڪرڻو آھي ھر ڪمري تي 500 روپيه فنڊ رکيو آ تون به ڏي. خبر اٿئي اھو ٽيون چڪر ھو جو ھو آيا ھئا ۽ داداگيري ڪري اڳ به ٻه دفعا پئسا وٺي ويا ھئا. پراڄ مان کين کُتو جواب ڏيندي چيو مانِ ته اوھان شاگرد سياست جي نالي ۾ جيڪو ڪجھه ڪيو پيا اھو صحيح ناھي...”
ھن ڪنڌ ھيٺ ڪري ڇڏيو ۽ ڳنڀير ٿي ويو. مونکي ھن جي ڳلن تي ھلڪي ڳاڙھاڻ نظر آئي مان سمجھي ويم ته ھنن ملوُڪ سان بدتميزي ڪئي آ. ھن جي آواز سرد رات جي سانت کي ٻيھر ٽوڙيو: “بس منھنجي سمجھائڻ تي مونکي گلي کان جھلي ٿَڦوُن ھيائون ۽ ڌمڪائيندي چيائون ته اسان توکي سيکارينداسين ته شاگرد سياست ڪيئن ڪبي آ...”
ھڪ اَڻَ لَـکَي ڀَـوَ جي لهر بجليءَ جي ڪرنٽ وانگر منھنجي ذھن مان وراڪو ڏيئي ويئي ۽ نه چاھيندي به چئي ڏنو مانس: “يار ملوُڪ مان توکي اھو نه چوندم ته تو صحيح ڪيو يا غلط پر ھو ڏاڍا ڏنگا ماڻھو آھن خواھه مخواهه ڪو نقصان نه ڏيئي وجھن...”
ھو موٽ ۾ صرف مرڪيو ۽ خاموش ٿي ويو، ڄڻ چئي رھيو ھجي: “مسٽر ملهار اسان مان ھر سنڌيءَ کي مورڙو ٿيڻو پوندو...!!!”
ٻئي ڏينھن ڪلاسز اٽينڊ ڪرڻ کانپوءِ مان حيدرآباد ڪنھن ڪم سانگي نڪري ويس ۽ ٻنپھرن کانپوءِ جڏھن ھاسٽل تي پـُـڳـُس ته مـُـکُ دروازو ٽپڻ کانپوءِ وڏي حال جي بلڪل وچ وٽان ھاسٽل جو سـُئيپر سڙيل سامان جي ڍير جي رک صاف ڪري رھيو ھو، مان ان ڳالھه کي ايتري اھميت نه ڏني ۽ پنھنجي ڪمري ڏانھن وڌڻ لڳس. حسبِ معمول ڌوٻي جي ڀرسان وارڊن واري ڪمري مان چرس جي ڌپ اچي رھي ھئي ۽ ڪامريڊن پر ملُوڪ چواڻي موالين ۽ داداگيرن جو وڏو ٽولو وڏاوڏا ٽھڪ ڏيئي رھيو ھو. ڀرسان گذرندي منھنجي نظر الطاف تي پئي جيڪو انھن موالين ۽ دھشتگرد نام نھاد ڪامريڊي لڏي جو يونيورسٽيءَ ۾ چڱو مڙس ھو ۽ انتھائي ڪرڀ واري انداز ۾ ان جي واتون نڪتل جملو اڄ به منھنجي ذھن جو طو اف ڪندو رھي ٿو: “سيکاري ڇڏيوسيس ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شاگرد سياست ڪيئن ڪبي آ...!!!”
منھنجي ڇھين حِـسَ هوشيار ٿي وئي ۽ ذھن ۾ خوف جي گھنٽي وڄڻ لڳي تڪڙو تڪڙو پنھنجي ڪمري ڏانھن وڌيس ۽ جيئن ئي ملوڪ جي ڪمري وٽ پڳم ته پيرن ۾ ڄڻ سنگھر پئجي ويا ۽ ائين ڀانيم ڄڻ جسم ساهه کان آجو ٿي ويو ھجي. معمول جي ابتڙ ھن جي ڪمري جو دروازو کليل ھو. مڻين وزني پيرن سان وکون وڌائي سندس ڪمري جي چائنٺ ٽپيم، ملوُڪ ته نظر نه آيو پر سندس ڪمري جي حالت اھڙي بگڙيل ھئي جو لڳي رھيو ھو ڄڻ ان ٻارنھن باءِ ٻارنھن جي ڪمري ۾ ڪا جنگ لڳي ھجي ۽ جيڪو ڪمرو ملوُڪ جي سامانن سان سينگاريل ھوندو ھو ان ۾ ٻه کٽون، ٽيبل ۽ ڪرسي ڀڳيون پيون ھيون ۽ ڪجهه جڳھن تي رت جا نشان به ھئا. مان پٽ تان ملوُڪ جي ڀڳل عينڪ کنئي ۽ واپس پنھنجي ڪمري ڏانھن تڪڙو تڪڙو وڌيس، جتي منھنجو روم ميٽ ابوبڪر کٽ تي ليٽيو پيو ھو. ان جو مونکي ڏٺو ته ھڪدم اٿي ويھي رھيو ۽ چيائين: “اچ يار ڪٿي آھين...!!! خبر اٿئي تو واري يار ملوُڪ جو ڪامريڊن ڪھڙو حشر ڪيو آ...!!!؟؟؟”
منھنجي منھن تي پريشاني اڳ ئي چغلي ھنيون پئي ۽ مان به ھڙتڪڙ ۾ جواب ڏنو مانس: “نه يار مونکي ڪا خبرناھي پر لڳي ٿو ته ڪا وڏي گڙٻڙ ٿي آھي...!!!”
ابوبڪر وراڻيو: “ھا يار اڄ تو وارو يارُ ملوُڪ به ھنن جي جاگير ۾ ڪنڌ کڻي جيئڻ جي ڏوهه ۾ انتھائي ذليل طريقي سان تڙي پار ڪيو ويو ۽ هاڻ وري يونيورسٽي جو منهن ڪري اهو ممڪن ناهي...!!!”
مان چيو مانس: “يار ڳجھارتون ڇڏ سنئين سڌي ڳالھه ٻڌاءِ ته آخر ٿيو ڇا آهي...!!!؟؟؟”
ھن منھنجي پريشانيءَ کي پروڙي ھڪدم وراڻيو: “يار ڪالهه اسلم کي ڀتي جا پنج سئو روپيه نه ڏ نائين بس پوءِ الطاف جي اڳواڻيءَ ۾ ويھارو کن ڪامريڊن جو ٽولو آيو ۽ کيس ڏاڍي مار ڏنائونس. ھن جا ته ڪپڙا به ليڙون ليڙون ٿي ويا ھئا ۽ پوءِ ھن جا ڪپڙا، ڪتاب، ھنڌ ۽ ٻيو سمورو سامان ھڪ چادر ۾ ويڙھي ٻاھرين ٽي وي لائونج واري حال اڳيان تيلي ڏيئي ساڙي ڇڏيائون...!!!”
ڳالهه ختم ڪندي ئي ابوبڪر ندامت جو ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ پوءِ ھن چپن کي ڀڪوڙي ڪنڌ ھيٺ جھڪائي ڇڏيو. منھنجي جسم مان ته ساھه ئي ڇڏائجي ويو ھو، ساڻو ٿي کٽ تي پئجي رھيس ۽ ٽُٽَل دل سان ابوبڪر کان پڇيم: “۽ ملُوڪ اھو ڪٿي آھي...!!!؟؟؟”
انتھائي ڏُک واري انداز ۾ چيائين: “خبر ناھي پر جنھن وقت الطاف وارن سندس سامان کي ساڙيو پئي ته ٺيڪ ان وقت کيس وارن کان گِھِلي چماٽون ھڻندا ھاسٽل جي در کان ٻاھر ڪڍي ڇڏيائونس ۽ ڌمڪيون ڏنائونس ته جي ٻيھر ھتي نظر آئين ته پو ءِ گوليون ھڻي گھر ڏي لاش روانو ڪنداسونءِ...”
ابوبڪر جي ڳالهه پوري ٿيڻ تي مان خاموش ٿي ويم، ملوڪ کي ڪٿان ڳولهيان ان وٽ ته موبائيل به نه هو. هو ڪيڏانهن ويو هوندو ۽ هن حالت ۾ کيس ڪنهن پاڻ وٽ پناهه ڏني هوندي. الائي ڪيترو زخمي ٿيو هوندو، پٽي به ڪرائي هوندائين الائي نه...!!!؟؟؟ سوين سوال منهنجي ذهن جي خلائن ۾ اٿندا رهيا. جيئن تيئن ڪري رات گذري ٻئي ڏينهن تي صبح جو ٽٽل دل سان تيار ٿي ڪلاس اٽين وڃڻ لاءِ ڪئمپس وڃي رهيو هيم ته حسبِ عادت ملوڪ جي ڪمري وٽان گذر ٿيو. مان جيئن ئي سندس ڪمري وٽ پهتم ته منهنجون اکيون حيرانگيءَ ۾ پٽجي ويون. ملوڪ پنهنجي ڪمري جي صفائي ڪري رهيو هو. مان ڊوڙي وڃي ڀاڪر پاتومانس. هميشه وانگر مسڪرائيندي چيائين: “يار معاف ڪجانءِ ڪالهه توسان ڪچهري نه ٿي سگهي بس ڪجهه ڀاڙين جي وَر چڙهي ويو هيم. خير شام ڪچهري ڪنداسين ۽ گڏجي چانهه پيئنداسين. مان به ڪجهه دير ۾ تيار ٿي ڪلاس وٺڻ لاءِ ڪئمپس اچان ٿو...”
مان هن جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي چيومانس: “پر يار.....”
هن جي منهن ۽ اکين تي ڌڪن جا نشان صاف ظاهر هئا ۽ هڪ هٿ ۾ پٽي ٻڌل هيس، اهڙي حالت ۾ به هن مونکي مسڪرائيندي جواب ڏنو: “خير آ اهڙين اُرهه زوراين ۽ گدڙ ڀڀڪين کان ڊڄڻ وارو مان ناهيان...”
پوءِ هن ان ڏينهن واري اخبار کڻي مونکي ڏيکاري. منهنجي حيرت جي انتها نه رهي. ڪالهه واري واقعي کانپوءِ ملوڪ سڌو حيدرآباد پريس ڪلب پهتو ۽ اتي پريس ڪانفرنس ڪيائين جيڪا ان جي فوٽو سميت اخبارن ۾ ڇپي هئي ۽ ان فوٽو ۾ ملوڪ جا ڪپڙا ڦاٽل هئا ۽ سندس منهن تي زخمن جا نشان صاف ۽ چٽا ظاهر هئا ۽ ان پريس ڪانفرنس جو متن ڪجهه هيئن هو: “مان ملوڪ سنڌ يونيورسٽي جي ميٿميٽڪس ڊپارٽمينٽ جو شاگرد هتي هن زخمي حالت ۾ اوهان آڏو دانهن کڻي آيو آهيان ته مونکي سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ جي ڏوهه ۾ ايل هاسٽل مان تڙي پار ڪيو ويو آهي. منهنجي هاسٽل جي ڪمري ۾ موجود منهنجي استعمال جي هر سامان ۽ منهنجن ڪتابن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو آهي. مونکي سموري هاسٽل جي شاگردن آڏو مار ڏئي منهنجي بي عزتي ڪئي وئي آهي ۽ مونکي ڌمڪي ڏني وئي آهي ته جيڪڏهن مان آئنده يونيورسٽي اچڻ جي جرئت ڪئي ته پوءِ مونکي گوليون هڻي ماريو ويندو. مون کي ان ڳالهه جو ڏک نه آهي ته مون سان ائين ڇو ٿيو آهي پر مون کي ڏک ان ڳالهه جو آهي ته اهو سڀ ڪجهه تمام گهڻي عرصي کان روز ڪنهن نه ڪنهن شاگرد سان ٿيندو پيو اچي. حيرت ان ڳالهه جي آهي ته انهن بظاهر عام معاملن تي نه ته ميڊيا جي اک ٿي کُلي، نه يونيورسٽي انتظاميه ٿي تحرڪ ۾ اچي ۽ نه ئي وري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪنن تي ڪا جونءَ ٿي چري...!!! اڄ مان اوهان جي آڏو دانهن کڻي آيو آهيان نه صرف پاڻ سان ٿيل زيادتي جي پر مون کان اڳ انهن سمورن شاگردن سان ٿيل جٺين جي جن تي ٿيل تشدد جون دانهون ۽ چيخون سنڌ يونيورسٽي سميت سنڌ جي سمورين يونيورسٽين جي ڪئمپسز، هاسٽلز ۽ ڪلاسن ۾ دٻجي ويون. مان اڄ هتي ڦاٽل ڪپڙن، زخمي وجود ۽ رت هاڻي چهري سان توهان صحافين جي مدد ذريعي سموري سنڌ جي گهڻ گهرن، استادن، شاعرن، اديبن، وڪيلن، سنڌ جي هر هڪ هاري، ناري، مزدور، ڀيڻ، ڀاءُ، ماءُ ۽ پيءُ سان گڏ هن ڌرتيءَ جي هر هڪ ذميوار فرد کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته علم جي آبياري ڪري سنڌ جي سينڌ کي سنوارڻ وارن ادارن جي مالڪي استادن ۽ تعليم سان سچائي ڪندڙ فردن بجاءِ ڪرپٽ انتظاميه جي حوالي ڪئي وئي آهي. جيڪا انتظاميه شاگرد سياست جي نالي ۾ چند غنڊن کي يونيورسٽيءَ جي مالڪي ڏئي ويٺي آهي. منهنجو سمورو سامان ساڙيو ويو آهي، ڪتاب ساڙي رک ڪيا ويا آهن ۽ يونيورسٽي مان ڌڪي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي. ان ڳالهه جو ڏک منهنجي بابا، امان ڀينرن ۽ ڀائرن سميت دوستن ۽ عزيزن کي تمام گهڻو ٿيندو، پر مان سمجهان ٿو جي مان هن حالت ۾ ڊڄي ڪري واپس گهر ويم ته پوءِ مان زندگي ڀر ڪنهن سان به اکيون ملائي نه سگهندم ۽ منهنجي گهر وارا مون کي پنهنجو گهر ڀاتي چوندي لڄي ٿيندا...!!! تنهنڪري هڪ مستقل سازش تحت هٿ سان تباهه ڪيل سنڌ جي تعليمي ادارن جي مالڪي سموري سنڌ ڪري يا نه ڪري پر هڪ شاگرد جي روپ ۾ مان پنهنجي امڙ جهڙي سنڌ يونيورسٽيءَ جي مالڪي ضرور ڪندم ۽ مان انتظاميه ۽ انهن جي ڇاڙتن کي هن پريس ڪانفرنس ذريعي ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته مان سڀاڻ يونيورسٽي ويندم ۽ جيڪڏهن مون کي قتل ڪيو ويو ته پوءِ منهنجي قتل جي ايف آءِ آر يونيورسٽي جي وائس چانسلر سميت، رجسٽرار، هاسٽل پرووسٽ ۽ هن لسٽ ۾ ڄاڻايل شاگردن جي روپ ۾ موجود غنڊن جي نالي تي ڪٽي وڃي...!!!”
مان جيئن ئي اخبار ۾ ڇپيل بيان پڙهيم ته منهنجي چپن تي مرڪ اچي وئي ۽ ائين ڀانيم ته واقعي جيستائين سموري سنڌ اسانجن تعليمي ادارن جي مالڪي ڪري تيستائين اسان شاگردن کي ته اک پٽڻ گهرجي. ان کان اڳ جو مان اڃان ڪجهه چوان ملوڪ چيو: “ملهار پڪ سان ٿو چوانءِ ته اهي جيڪي ٽولا ٺاهي مڙس ماڻهو ٿي گهمندا ٿا وتن تن جي هوا انهن جي مالڪي ڪندڙن ڪالهه هن پريس ڪانفرنس کانپوءِ ڪڍي ڇڏي هوندي. ڇو ته اهي تيستائين مڙس ماڻهو آهن جيستائين توهان ۽ اسان خاموش آهيون...”
ان ڏينهن مان جڏهن ملوڪ سان ڪئمپس گڏجي ويم ته الطاف ۽ سندس ڇاڙتا ملوڪ کي ڏسي پري کان ئي هليا ويا ۽ ڪجهه نه ڪڇيا. اهي ماڻهو جيڪي واقعي به ڪنهن کي گولين هڻڻ ۾ به دير نه ڪندا هئا اڄ ملوڪ تي نظر پوڻ کانپوءِ انهن جي منهن جا پنا ئي لهي ويا...!!! ائين پئي ڀانيم ڄڻ شينهن بڻجي گجگوڙ ڪري دهشت ڦهلائڻ وارا اڄ گدڙن وانگر لڪڻ لاءِ ٻــِـرَ پيا ڳولهن. مان من ئي من ۾ مسڪرائيندي ملوڪ ڏي رشڪ واري نظر سان ڏسندي سندس ئي چيل لفظ چپن تي دهرايا: “ها ملوڪ يار چئين سچ ٿو سنڌ ھر طرف کان واڳن جي وات ۾ آ ۽ اسان مان ھر هڪ سنڌيءَ کي مورڙو ٿيڻو پوندو...”


21 سيپٽمبر 1999
سنڌ يو نيورسٽيڄا مشورو

الله اڪبر

سياري جي اونداهيءَ واري رات جي سانت کي پنهل جي جملن ٽوڙيو ۽ هن پنهنجي گهر واري حليمان کي چيو: “مڃان ٿو منهنجو فيصلو تنهنجي لاءِ قبول ڪرڻ انتهائي ڏکيو آهي ۽ جي تون ماءُ آهين ته مان به ته اڪبر جو پيءُ آهيان، مان به پنهنجي جگر جي ٽڪري کي پاڻ کان الڳ ڪري ڪو خوش ٿورو ئي آهيان. اڙي سڀاڳي ڳالهه سمجهه هڪ ته پنهنجي ڳوٺ ۾ يا ڳوٺ جي آسپاس نه ته ڪو اسڪول آهي جو ٻارن کي اتي پڙهايون ۽ نه ئي وري پاڻ غريبن وٽ ايترو ڌن دولت آهي جو اميراڻن ماڻهن وانگر پنهنجن ٻچڙن کي شهر تعليم لاءِ موڪلي سگهون. هارپي مان به ايترو مس ٿو ملي جو پنهنجا ٻچا به جهڙوڪر مس پيٽ ڀري ٻه ويلا مانيءَ جا ٿا کائي سگهن. جي پاڻ وٽ اها هڪ ڍڳي به نه هجي ها ته هوند کير چُڪي لاءِ به سڪون ها...”
پنهل ٿورو ساهه پٽيو ۽ پنهنجي ڀر واري کٽ تي ستل گهرواري حليمان جي سڏڪن کي ٻڌندي ٿڌو شوڪارو ڀري کيس چيائين: “مولوي هدايت الله پئي چيو ته پنهل تون صفا بي اونو ٿي وڃ تو وارو پٽ نه صرف الله جي ڪلام جي پاڪ ڪتاب جو حافظ بڻبو پر ان سان گڏ مٺڙي محمد ﷺجي دين جو وڏو پرچارڪ پڻ بڻبو ۽ جي الله چاهيو ته پوءِ ڪنهن مسجد جو متولي بڻجي نه صرف اڳتي هلي پنهنجي آخرت سنواريندو پر هن دنيا ۾ به وڏي عزت ۽ نالو ۽ ڪمائيندو ۽ هڪ فرض شناس پيءُ جي حيثيت ۾ تون نه صرف جنتي بڻبينءَ پر قيامت تائين الله سائين توکي صدقهء جاريه پڻ عطا ڪندو. تنهنڪري منهنجي ڳالهه سمجهه هرو ڀرو جو اهو ڀنڊڻ ڇڏ پنهنجو اهو فيصلو نه صرف اسان جي اڪبر جا ٻئي جهان ٺاهيندو پر پيءُ ماءُ جي حيثيت ۾ الله سائين به اسان تي هميشه راضي رهندو...” جيئن تيئن ڪري سياري جي رات رڙهندي رهي ۽ ان خاموشيءَ واري ڊگهي رات ۾ هڪ ماءُ جا سڏڪا ٻڌا اڻٻڌا رهجي ويا...
سياري جي صبح واري ڌنڌ تي سج جي هلڪي هلڪي گرم لهر اثرانداز ٿي رهي هئي ۽ ڏينهن چٽو ٿي رهيو هو. حليمان باک ڦٽيءَ ئي چلهه جي دونهي دکائي هئي ۽ بـُسري پچائي ان تي مکڻ ملي پنهنجي وڏي ۽ مربي پٽ اڪبر کي کارائي تيار ڪري صاف سٿرو اڇو جوڙو پهرائي پيءُ جي حوالي ڪيو. حليمان پنهنجي پٽ کي پنهنجي مڙس سان ويندي ڏسي ڪجهه به نه ڳالهائي سگهي ۽ نه ئي پنهنجي لاڏلي پٽ اڪبر کي ڀاڪر پائي دل کولي روئي سگهي. بس هوءَ هڪ بي وس ماءُ وانگر صرف در تي بيهي پاڻ کان پري ٿيندڙ پٽ کي پاڻ کان جدا ٿيندي ڏسندي رهي. پنهل اڄ غربت کان تنگ ٿي پنهنجي پنجن ٻارن مان سڀ کان وڏي پٽ کي پنهنجي ڳوٺ کان ٽيهه ڪلوميٽر پرتي هڪ مدرسي ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ وٺي وڃي رهيو هو. هن پنهنجي پٽ کي اڳ ئي ذهني طور تيار ڪري ڇڏيو هو ته جڏهن هو مدرسي ۾ پڙهي قرآن جو حافظ بڻجي ويندو ته ان جا کيس اڪبر ۽ سندس خاندان کي ڪيڏا فائدا ٿيندا ۽ سندن تي الله پڻ راضي رهندو. ڳوٺ کان ٻاهر لنڪ روڊ تي هو وقتائتو پڄي ويا ۽ شهر ويندڙ واحد کٽارا بس تي چڙهي شهر جي ان وڏي ۽ شاندار مدرسي ۾ پهتا جتي اڳ ئي سوين طالب ديني تعليم حاصل ڪري رهيا هئا. پنهل مدرسي جي انتظام سنڀاليندڙ هڪ مولانا صاحب کي مولوي احمد الله سان ملڻ جي خواهش ڏيکاري. ڪجهه دير کانپوءِ کيس ۽ پٽ کي مولوي احمد الله سان ملايو ويو. مولوي صاحب کين کلي کيڪاريو ۽ مانجهاندي کانپوءِ پنهل کي چيو: “مبارڪ هجن اهڙا والدين جيڪي الله ۽ ان جي مٺڙي محمد ﷺجي دين جي خدمت لاءِ پنهنجي اولاد وقف ڪن ٿا. اڄ کانپوءِ تنهنجي پٽ اڪبر جو رهڻ، کائڻ، پيئڻ، ڪپڙا لٽا ۽ سمورو خرچ اسان جي مدرسي مٿان. تون سال ۾ ٻه ٽي دفعا پنهنجي پٽ سان ملي سگهين ٿو ۽ جي چاهين ته سال ۾ هڪ دفعو ڪجهه ڏينهن لاءِ ڳوٺ پڻ وٺي وڃي سگهينس ٿو...”
ڏينهن، مهينا ۽ سال گذرندا ويا، وقت ڪڏهن هوا جي ٿڌن جهونڪن ته ڪڏهن گرم لـُڪـَن جي احساس جيان ته ڪڏهن وري اذيت ته ڪڏهن مرهم بڻجي گذرندو رهيو. مدرسي جي ماحول ۾ جيڪي ذهن تيار ٿي وڏا ٿيا پئي تن جو مقصدِ حيات ۽ زندگيءَ جو محور ثواب، گناهه، ايمان، ڪفر، جائز، ناجائز، واجب، غير واجب، حلال، حرام، دوزخ ۽ جنت ئي هو، جتي قرآن ۽ حديث جي ذريعي صرف ايترو ئي سمجهايو ۽ سيکاريو پئي ويو ته هيءَ دنيا دوکي ۽ دولاب کانسواءِ ڪجهه به نه آهي. جيڪڏهن محمد ﷺ جي دين کي بچائڻو آهي ۽ الله کي راضي ڪري پنهنجي آخرت سنوارڻي آهي ۽ اسلامي نظام قائم ڪرڻو آهي ته پوءِ جهاد ئي ان جو واحد ۽ آخري حل آهي. مدرسي اندر زندگيءَ جو طريقو انتهائي سخت هو. علي الصبح جو اوجاڳو ۽ پوءِ نماز سان گڏ وردن ۽ وظيفن جو دور. طالبن جو سڄو ڏينهن انهيءَ ذهني ڪيفيت ۾ گذرندو هو ته هو دنيا جا سڀ کان وڌيڪ خوشنصيب انسان آهن ڇو ته الله ۽ ان جو رسول محمد ﷺ انهن مٿان خاص مهربان آهي. هو سموري دنيا کان لاتعلق هئا ڇو ته کين هر دم اهو سمجهايو ويندو هو ته هن عارضي دنيا ۾ هر ان انسان کان پاسو ڪجي جيڪو نماز، قرآن ۽ سيرتِ محمدي ﷺ کان پري آهي، ڇو ته جيڪو انهن مان ناهي تن سان هنن جو ڪو به تعلق ناهي...
اڪبر مدرسي اندر پنهنجن استادن طرفان خدا جي صرف انهيءَ تصور کي قبول ڪري ويٺو هو جنهن ۾ خدا صرف انهن جو ئي هو جيڪي سندن سوچ، خيال ۽ فرقي سان وابسطه هئا ۽ جيڪي سندن سوچ، خيال ۽ فرقي جا مخالف هئا اهي سندن خدا ۽ محمد ﷺ جا مخالف ۽ دشمن هئا ۽ انهن سان جنگ ڪرڻ سندن لاءِ جهادِ ڪبيرا هو. خبر ئي نه پئي ته وقت ڪيڏي تيزي سان گذرندو ويو ۽ ستن سالن جو اهو معصوم اڪبر پنهنجي گهرڀاتين، ڀائرن، ڀينرن، پيءُ ۽ محبتي ماءُ کان پري ڏهن سالن بعد منهن ۾ ڀرجي ويو، هو قد بت ۾ ته وڏو ٿي ويو هو پر دماغي طور بلڪل به نابالغ هو. سندس مڇن جي ساول چڙهندڙ جوانيءَ جي چغلي هڻي رهي هئي. هو ماءُ جي ممتا ۽ گهر جي سڪ ڀري ماحول کان پري رهيو هو، جنهن ٻالڪپڻ ۾ هن کي مستيون ڪرڻيون هيون، پيءُ جي ڪلهي تي چڙهي مزا وٺڻا هئا ۽ ماءُ سان انگل ڪرڻا هئا انهيءَ ٻالڪپڻ ۾ هن چهبڪن جون مارون کاڌيون، استادن جون ٿڦڙون کاڌيون، انهن جا دڙڪا، داٻا ۽ ڇڙٻون سٺيون. هو سخت جان بڻجي چڪو هو ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجي معصوميت به وڃائي چڪو هو ۽ هن جي ڪٺور پڻي مان ائين پئي لڳو ڄڻ هن جي اندر جو ٻار به مري ويو هجي...
جمعي جو ڏينهن هو حليمان الله آڏو سجدي ڪرڻ کانپوءِ سلام ورايو ۽ ڌڻي آڏو هٿ کڻي اکين مان زارو قطار وهندڙ لڙڪن سان گڏ ٻاڏائڻ لڳي: “اي منهنجا مولا منهنجي ٻچڙي اڪبر جي پارت ٿي. ماءُ ۽ پيءُ هوندي به جهڙوڪر يتيمن وانگر پليو آهي. اسان ته ان کي تنهنجي حوالي ڪيو آهي ته جيئن حافظ قرآن ٿئي ۽ تنهنجي ۽ مٺڙي رسول ڪريمﷺ جي ثناء ڪري پنهنجو مذهبي فرض ادا ڪري.اي منهنجا مٺڙا مولا سائين منهنجي ٻچڙي جي پارت ٿي، اسان غريبن جو توکانسواءِ ٻيو ڪوئي به والي وارث ناهي...”
فيبروري جي هلڪي ٿڌ واري جمعي جي انهيءَ ڏينهن ۽ لڳ ڀڳ انهيءَ وقت اڇي جوڙي ۾ سترهن سالن جي نوجوان شهر جي وچ بازار ۾ موجود مسجد ۾ جمعي نماز پڙهندڙ ماڻهن وچ ۾ وڏي آواز سان هڪ نعرو لڳايو: “الله اڪبر...”
ان کانپوءِ ايڏو زوردار ڌماڪو ٿيو جو هر طرف تباهي ڦهلجي وئي. ماڻهن جي جسمن جا ٽڪڙا، سڙيل گوشت جي بدبوءِ ۽ هرطرف رت جو منظر، هڪ قيامت هئي جيڪا برپا ٿي ۽ حليمان سميت الائي ڪيترين مائرن کان انهن جا ٻچا وڇڙي ويا...!!!

08 ڊسمبر 2015
بدين

رابيل

هن جو نالو رابيل هو ۽ هوءَ جڏهن به گهر کان ٻاهر نڪرندي هئي ته سندس وجود جي خوشبو رابيل جي خوشبو وانگر چوڏس ڦهلجي ويندي هئي. سندس حُسن چٽي ڏينهن ۾ اهڙا تجلا ڏيندو هو جيئن رات جي ٻـُٽ اونداهيءَ ۾ چوڏهينءَ جو چنڊ کِڙي پنهنجي جوڀن جا جلوا ڏيکاريندو آهي. ائين پيو ڀائنبو ھو ڄڻ ڪائنات ۾ ڦهليل ٽمٽمائيندڙ ستارن به هن کان حُسن اوڌر ورتو ھجي. چال اهڙي جيئن ڌوڙ ترائيءَ جي ڪا هرڻي رڻ جي ميدان ۾ مستيءَ وچان ڪڏندي وڃي ۽ گهڻن کي ئي پنهنجي پيار جو پياسو بڻائي کين حجر جون ڳيتون ڏياري خشڪيون چاڙهي ڇڏي. سندس چيلهه وراڪو اهڙو ڄڻ سنڌو پنهنجي جوڀن ۾ هجي ۽ زمين چيري نوان رُخ ٺاهيندي هجي. سندس ڳالهائڻ جو انداز اهڙو مٺڙو جو من کي ته ڇهي ئي ڇهي پر ڳالهائڻ دوران سندس جملن ۾ لفظن جي اهڙي جــَـڙَت جو ٻڌندڙ جي چهري تي اهڙي مرڪ اچي جيئن ڪارونجهر تي بادل برسڻ کانپوءِ موجي مورن جي ٽهوڪن تي مارو ماڻهن جي چهرن تي اچي ويندي آ. سندس نظرن ۾ اھڙو غضب جو مزو جو جڏھن ھڪ وار کڻي ته ائين لڳندو ھو ڄڻ سازن پنھنجا خوبصورت سُر ڇيڙي ڇڏيا ھجن. جڏھن کان جوانيءَ ھن جي وجود ۾ ديرو ڄمايو ھو تڏھن کان راڄن جون ننڊون ڦٽل ھيون. ھن جون مـُرڪـُون ھر دل لاءِ ڄڻ سانوڻ جي پھرين برسات وانگر ھيون، جنهن ۾ هر من ڀڄڻ ۽ گهڻي گهڻي دير تائين پــُسڻ چاهيندو آ. سندس ٽَهَڪ مست دلين لاءِ اهڙي ٺڪاوڻي ثابت ٿيندا هئا جنهن جي ٺڪاءَ تي جهار ڀڙڪا ڏئي اڏامي. هر من سندس ٻانهن جي سوگهن ٻنگهن ۾ ٻڌجڻ چاهيندو هو ۽ اها خواهش سيني ۾ سانڍي گهمندو هو ته ڪاش هو سندس شيرين چپن جو امرت پي هميشه هميشه لاءِ امر ٿي وڃي. جيڪڏھن ڪنھن کي معصوميت ڏسڻي ھجي ته ھن جي چھري تي ڏسي. سچائي ڏسڻي ھجي ته ھن جي بيباڪ لھجي ۾ ڏسي ۽ جي وفا جو انت ڏسڻو ھجي ته ھن جي لڙڪن ۾ ڏسي...
رابيل اتر سنڌ جي ھڪڙي ننڍي ڳوٺ مـُوسيٰ جي وانڍ ۾ پيدا ٿي ھئي. اتي ئي کيڏي، ڪـُڏي ۽ جوان ٿي ھئي. قدرت سندسن شخصيت ۾ اھڙو ته سحر سمائي ڇڏيو ھو جو ھن جو عقل، ارڏائپ، بردباري، روب، نماڻائي ۽ سنجيدگي پنھنجو مٽ پاڻ ھئا. نه صرف گھر وارن پر مٽن مائٽن، پاڙي وارن ۽ ڳوٺ وارن جي ڄڻ ته اکين جو نور ھئي. صبح جي ماڪ ڦڙي جھڙي رابيل اتر سنڌ جي لُونءَ ڪانڊاريندڙ ٿڌ ۽ باهه جا اُلاَ ڇڏيندڙ گرميءَ جھڙين موسمن ۾ نپني ھئي. ڪَيتَ ۽ چَٽِيءَ جي فصلن جي ھٻڪارن ۾ مـَھِڪي ھئي. زندگيءَ جي پندرھن بھارن کان موڪلاڻي ڪري جڏھن سورھين بھار ڏٺي ھيائين ته سندس وٽ زندگيءَ جاگھڻا ئي تِکا مِٺا تجربا موجود ھئا...
سندس پيءُ جُمن وڏيري نورل جو ھاري ھو ۽ ماءُ سڀاڳي به گھر جي ڪم ڪار، سيبي ٽوپي سان گڏ ٻني ٻاري جو ڪم پڻ ڪندي ھئي، جيئن ٻھراڙيءَ جون اڪثر سگھڙ عورتون ڪنديون آھن. ٻنھي زال مڙس پنھنجي اڪلوتي ڌيءَ کي وڏي لاڏ ڪوڏ مان پاليو ھو. رابيل جي طبعيتن ۾ ٽرڙائپ نالي ته ڪا شيءِ ڳولھي به نه لڀبي ھئي.گھر جي ڪم ڪار سان گڏ ھڪ سگھڙ ڇوڪري ٿيڻ لاءِ هن پنھنجي ماءُ کان گھڻو ڪجهه سکي ورتو ھو...
نه صرف مـُوسيٰ جي وانڍ پر آس پاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن جون نوجوان ڌڙڪندڙ دليون ان آس ۾ ھيون ته اھو پڪل ميوو سندن ھنج ۾ ڪري پر ننڍپڻ کان وٺي الھڙ جوانيءَ تائين رابيل جنھن سان اَک ٽــَيٽَ ڪري جيون گڏجي گھارڻ جون الائي ڪيترين آسن ۽ اميدن جون لائون لھي چڪي ھئي اھو ته سندس ماسات حامد ھو. حامد حيدرآباد ۾ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ غير سرڪاري تنظيم ۾ ڪم ڪندو ھو. سندس پيءُ جمن ۽ ماءُ سڀاڳيءَ کي گھڻن ئي رابيل جي رشتي لاءِ سڌي يا اڻسڌي طرح چيو هو پر کين رابيل جي مرضي سڀ کان وڌيڪ عزيز هين ۽ حامد جھڙي پڙھيل لکيل ۽ سيبتي ڇوڪري کان وڌيڪ رابيل لاءِ ڀلا ٻيو ڪير بهتر ٿي به نه پئي سگهيو. بس پوءِ ته سڀاڳيءَ جي ڀيڻ الله بچائي مٺائيءَ سميت رابيل جو رشتو گھُرڻ سندن وٽ آئي. سـُٽ ته اڳ ئي سـُلجھيل ھو بس ان ۾ صرف گُل پوئـڻا ھئا. ان رشتي جي خبر جھنگ جي باهه وانگر جُوءِ ۾ ڦھلجي وئي ۽ پوءِ ان باهه جيڪي جيءَ جلايا ان جي دُونھِي گھڻي وقت تائين دکندي رھي...
دُھلن ۽ دمامن سان رابيل ۽ حامد لائون لڌيون ۽ سندن جيون ۾ ھر طرف خوشين جا گل ٽڙي پيا. جڏھن ٻه وجود مڪمل سچائيءَ سان ھڪٻئي کي چاھيندا آھن ۽ شاديءَ جھڙي عظيم سماجي معاھدي تحت ھڪ ٿيندا آھن ته اھازندگي انھن لاءِ جنت مثل ھوندي آھي پر ان لاءِ اهو شرط لازمي ھوندو آھي ته انھن ٻنھي ۾ رشتي نڀائڻ جي صلاحيت موجود ھجي جيڪا رابيل ۽ حامد ۾ ھئي. ٻئي ڄڻا ڏاڍو خوش ھئا. شاديءَ کانپوءِ جڏھن حامد ھفتي ۾ ھڪ دفعو حيدرآباد کان ڳوٺ ورندو ھيو ته انھن ڇھن ڏينھن جي جدائيءَ ۾ ھو رابيل لاءِ خوشين جون جھوليون ڀري ايندو ھو. بس رابيل وانگر ھر ڇوڪريءَ کي ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا گھرجي. مڙس جو اعتماد ۽ اڻ مـَيـَو پيار ئي ان لاءِ ڪل ڪائنات ھوندي آھي. سال اندر ھوءَ ھڪ بيحد سھڻي ٻارجي ماءُ بڻجي پئي ۽ ھاڻ ھوءَ پنھنجو پاڻ کي وڌيڪ خوشضيب سمجھي رھي ھئي ڇو ته ھڪ ته ھوءَ حامد جھڙي پيار ڪندڙ جي گھرواري ھئي ٻيو ته ھاڻ ھوءَ ماءُ جھڙي عظيم رشتي سان به نوازجي پئي ھئي. ٻنھي پنھنجي پٽ جو نالو پـُنھون رکيو...
حامد جي رابيل سان شادي ته راڄن جي اکين ۾ ڪنڊي وانگر چڀندي رھي ھئي پر حامد جو سؤٽ سليمان جيڪو وڏيري نورل جو ڪمدار پڻ ھو، ان کي اھا ڳالهه بلڪل به ڀانءِ نه پئي ڇو ته رابيل کي حاصل ڪرڻ لاءِ ھن به وس ڪيا ھئا پر رابيل ھن ڏي اک کڻي ڏسڻ به گوارا نه سمجھيو ھو. ھڪ وڏيري نورل جي پٺ ٻيو ڪمداريءَ جو ڪڙڪو جڏھن کان سليمان جي وَرِ چَڙھيا ھئا تڏھن کان ڪَٽڪَ ماڻھن جا عتاب ھيٺ ھئا. ٻنيءَ ٻاري جو حساب ڪتاب ته ڪڙمين کان ڇڪي تاڻي وٺبو ھو پرگھڻا ڪسجي ويا، گھڻا وڍجي ويا، گھڻا ڪاٺ ڀيڙا ٿيا، گھڻا گُم ٿيا ۽ گھڻا فيصلن جي وَرِ چڙھي ڏتڙجي ويا تن ڳالھين جو حساب ڪتاب ڪو نه رکبو ھو...
حامد ۽ رابيل جي خوشين ڀري زندگيءَ سليمان جي جيون ۾ آڳ لڳائي ڇڏي. ھو شيطاني دماغ سان سوين ترڪيبون سوچڻ لڳو. وڏيري نورل جي صورت ۾ سندس وٽ ھڪ زبردست طاقت ته اڳ ئي موجود ھئي، جنھنڪري کيس ڪو اُلڪو به نه ھو پر پنھنجي اندر جي باهه ڪيئن وسائي، ان ڳالهه سليمان کي منجھائي ڇڏيو ھو ۽ ھو ڪنھن ترڪيب سوچڻ سان گڏوگڏ ڪنھن ٺاھوڪي موقعي جي انتظار ۾ به ھو. ھڪ ڏينھن گھر ۾ ويٺي ويٺي ھن کي اوچتو خيال آيو ۽ ڀـَڙِڪو ڏئي اٿي ويٺو. پنھنجي دُنالي بندوق ۽ تيز ڌار واري چمڪندڙ ڪھاڙي کڻي تڪڙو گھران نڪري ويو ۽ چاچي سوُمرجي ٻنيءَ تي پھتو جنھن سان اڳ ئي پاڻيءَ جي واري تي تڪرار ھلندڙ ھيس. چاچي سومرجي پـُٽ وونـئـڻن جي فصل ۾ ڪم پئي ڪيو. سليمان کي ان کان وڌيڪ سنھري موقعو ٻيو ڪو نه ملڻو ھو. ھن ھڪل ڪندي بي خيال رجب کي چيو: “نه ويندين ڪارو آن...!!!”
رجب جي وھم گمان ۾ ته ڪا ڳالهه به نه ھئي. ھو ڪوڏر مان ھٿ ڪڍي اڃان سڌو مس ٿيو ته سليمان جي شڪاري ھٿن مان نڪتل ھڪ گولي سڌو نرڙ ۾ لڳس ۽ ٻئي سيني ۾ دل وٽ. سليمان تڪڙو تڪڙو اچي سؤٽ جي گھر پڳو. حامد ته حيدرآباد ويل ھو ۽ سندس پيءُ ۽ ٻيا ٻه ڀائربه ٻنيءَ تي ڪم سانگي ويل ھئا. حامد جي ماءُ الله بچائي به پاڙي ۾ ويل ھئي. سليمان کي ھر موقعو ٺھيو ٺڪيو پئي مليو، گھر ۾ گھڙندي ئي ھن رابيل کي ھڪل ڪئي: “ڪا ٿي آھين ڪم ذات...!!! اسانجا منھن ئي ڪارا ڪرائي ڇڏيا اٿئي...!!!”
رابيل پنھنجي ڪمري ۾ پـُنھونءَ کي ريجھائي رھي ھئي تنھن جو اوچتو رڙيون ٻڌيون ته ٻاھر پڌر ۾ نڪري آئي. سندس ھنج ۾ معصوم پـُنھون ھو جيڪو بي انتھا روئي رھيو ھو. سليمان جي نظر جيئن ئي رابيل تي پئي ته ھن جي اکين ۾ رت لھي آيو ۽ ھن رابيل کي رڙ ڪندي چيو: “ڪاري آھين...!!!”
رابيل جون متيون ئي منجھي ويون ۽ ھوءَ سليمان کي حيرت سان ڏسڻ لڳي. سليمان ھڪدم بندوق پَٽَ تي ڦٽي ڪئي ۽ اک ڇنڀ ۾ تيز ڌار واري ڪھاڙي اُڀِي ڪري رابيل ڏانھن وڌيو. رابيل ٿڃ پياڪ پنھونءَ کي پنھنجي جسم تان لاٿو ئي مس ته ايتري ۾ چمڪندڙ ڪھاڙيءَ جو تيز ڪپيندڙ لوهه سندس ساڄي ڪلھي ۾ کُپي ويو. رابيل درد مان اکيون بند ڪيون پر سندس وات مان ٻُڙڪ به ٻاھر نه نڪتي ۽ ڪُلھي وٽان رت ٺِينڊِيون ڪندو نڪرڻ لڳس. سليمان وري ٻيو وار سندس ڄنگهه تي ڪيو، ٽيون وارسندس پيٽ تي ۽ چوٿون وار سندس پُٺ ۾ ڪيو. رابيل جي جسم تان ڪھاڙيءَ جا وڍ کائي لڙڪيل مـَاسَ جا لوٿڙا ڏڪي رھيا ھئا پر سليمان جي اکين ۾ وحشت رقص ڪري رھي ھئي. ھو دھشت مان وڏا وڏا هيبتناڪ ساهه کڻي رھيو ھو ۽ پوءِ ھن ڪھاڙيءَ جي ڳن سان رابيل جي مٿي ۽ وڍيل وجود تي وَارَ ڪيا ۽ رڙيون ڪندي ھليو ويو: “ڪاري ھئي...!!! ھوءَ ڪاري ھئي...!!!”
معصوم ٿــَڃُ پياڪ پـُنھون جنھن کي ھن دُنيا ۾ آئي اٺ مھينا ئي مس ٿيا ھئا سو رڙيون ڪري پنھنجي وڍيل ۽ رتُ ۾ ريٽيل ماءُ ڏي واجھا ئي رھيو ھو. رابيل پنھنجي وڍيل وجود سان پنھنجي ٻچي ڏانھن سيني ڀر رڙھندي رھي ۽ ان کي ڀاڪر ۾ ڀري پنھنجي ڇاتيءَ سان لاتائين. ھن کي پـُنھونءَ جي بک جو خيال آيو ۽ پوءِ زندگيءَ جي پوئين پھر ۾ ھن آخري ڀيرو پنھنجي پُٽ کي سيني سان لائي ٿَڃُ پياري...
رابيل جھڙي راڻي ۽ رجب جھڙي بيگناهه ڪونڌر جي ڪسجي وڃڻ کانپوءِ ڳوٺ ۾ ماتم ۽ راڪاس جھڙي سانت ڇانيل رھي. ڪجھه ڏينھن گذريا ڳالھيون ماڻھن جي واتن تي مختصر تبصرن ۾ ٿينديون رھيون ۽ پوءِ ميلو متو، جرڳو ٿيو، وڏيري نورل چئن چڱن چوکن سردان کي گھرايو، سليمان چار ڪوڙا شاھد رجب ۽ رابيل جي ناجائز لاڳاپن تي بيھاريا ۽ امينن جي عقل تي ھلندي سردارن جي رضا سان فتويٰ جاري ڪئي وئي: “رابيل ۽ رجب ٻئي حَقِي واجبي ڪارا ھئا. سليمان جيڪو قدم کنيو اھو غيرت ۾ ھو تنھنڪري ڌرين کي پابند بڻائجي ٿو ته سليمان مٿان جي ڪيس ڪيائون يا ڪورٽ ڪچھريءَ ويا ته ڳرو ڏنڊ ڀريندا ۽ راڄ ڀاڳ جي ڀت برادري ۽ رشتن ناتن کان به ھميشه لاءِ الڳ ڪيا ويندا...”
ٻن بيگناهه وجودن جي ڪوڙي قتل جو جرڳو پورو ٿيو جن جا ٻچا ڪٺا سي درد سينن ۾ سانڍي واپس گھرن ڏي وريا. حامد حيران هو، هڪ ته هن جي جنت جھڙي سندر ڪائنات اجڙي چڪي ھئي ۽ ٻيو جرڳو ٿيو ان ۾کيس فريق جيتري حيثيت سان به شامل نه ڪيو ويو ۽ ڳالهه آئي وئي ٿي وئي. ٻن بيگناهه ماڻهن جي خونِ ناحق جو نبيرو ائين ٿيو ڄڻ رستي ويندي ڪن جانورن کي ڪٺو ويو هجي...
حامد ڪنهن خاموش ٻرندڙ جبل جيان اندر ئي اندر پنهنجي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کي دٻائي گهر واپس ٿيو. هو پنهنجي ويران ۽ اجڙيل گھر ۾ پنھنجي معصوم پٽ سان ھر ڪنڊ ۽ ھر پاسي کان رابيل جي مھڪ کي محسوس ڪري رھيو هو. ائين پئي ڀانئيو ڄڻ رابيل جي خون جي مهڪ کيس چوندي هجيس: “حامد جي منهنجي پاڪ دامن تان ڪارنهن جو داغ ڌوئي صاف نه ڪيئي ته ڏينهن قيام تائين بخش نه ڪندي سانءِ، منهنجي قبر جي مالڪي ڪر ته جيئن آئنده ڪو ٻيو سليمان ڪھاڙيءَ جي تکي ڌَارَ جي چمڪ تي پنھنجي مڇن کي مروڙو ڏئي سنڌ جي هن ڀلاري ڀونءِ تي ڪنهن ٻئي رابيل کي ڪاري ڪرڻ کان اڳ هزار بار سوچي...”
حامد پنهنجو سامان سهيڙيو ۽ حيدرآباد پهتو جتي ٻئي ڏينهن هن پاڻ سان ٿيل سموري وارتا پنهنجي آفيس جي ساٿين کي ٻڌائي. فيصلو ٿيو ته بيگناهه رابيل ۽ رجب جي خون کي رائگان ٿيڻ نه ڏبو. ٻئي ڏينهن تي سنڌ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ ڳوٺ موسيٰ جي وانڍ ۾ ٿيل ٻن ناحق قتلن خلاف مظاهرا ۽ پريس ڪانفرنسون ٿيون، جن ۾ سياسي، سماجي، ادبي تنظيمن سان گڏ هر باشعور ماڻهو شامل ٿيو. سماجي ميڊيا تي رابيل ۽ سندس معصوم پنهونءَ جي تصويرن تي لکين ماڻهن پنهنجا رايا ڏنا ۽ رابيل جي رت هاڻي تصوير پنهنجي گواهه پاڻ بڻجي سڄي دنيا جون اکيون کولي ڇڏيون. حڪومت حرڪت ۾ آئي، اعليٰ عدالتن موسيٰ جي وانڍ ۾ ٿيل قتلن ۽ جرڳي جو پاڻمرادو نوٽس ورتو. سليمان وڏيري نورل سميت فيصلي ۾ شريڪ چئن چڱن سردارن سان گڏ گرفتار ٿيو. سليمان کي تعزيراتِ پاڪستان جي شِق 302 تحت سزاءِ موت جي سزا ملي. وڏيري نورل ۽ ٻين سردارن نه صرف جرڳي ڪرڻ جي ڏوهه تي لکت ۾ معافي ورتي پر عدالت کين 6 مهينن جي ٽيپ پڻ ڏني وئي...
ڳوٺ موسيٰ جي وانڍ ۾ عورتن جي حقن ۽ ڪارو ڪاري جهڙي ڪُڌي روايت خلاف هڪ اعليٰ سطح جو سيمينار ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي اهم شخصيتن سان گڏ هر مڪتبهء فڪر جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان سيمينار ۾ متفقه طور تي هڪ قراداد منظور ٿي ته: “رابيل ۽ رجب بيگناهه هئا ۽ انهن جو پاڻ ۾ ڪو به ناجائز رشتو نه هو. سماج جي ڪڌين روايتن ۽ ناسهپ جي ڪري کين بيڏوهي قتل ڪيو ويو. اڄوڪو هي سيمنيار هن قرارداد ذريعي نه صرف رابيل ۽ رجب پر سنڌ اندر ڪارو ڪاري جي ڪڌي روايت طور قتل ٿيل اهڙن سمورين نياڻين ۽ نوجوانن کي ڳاڙهو قرار ڏئي ٿو ۽ کين شهيد جو لقب عطا ڪري ٿو...”
حامد جي اکين ۾ خوشيءَ وچان لڙڪ تري آيا ۽ اڄ سموري سنڌ رابيل جي پاڪ دامن تي لڳل داغ کي ڌوئي ڇڏيو هو. حڪومت طرفان ڳوٺ موسيٰ جي وانڍ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي لاءِ هڪ مفت معياري اسڪول جو بنياد وڌو ويو جنهن جو نالو “رابيل پبلڪ اسڪول” رکيو ويو. اڄ انهيءَ اسڪول مان سوين ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون تعليم جي زيور سان آراسته ٿي ڪڌين ريتن، روايتن ۽ رسمن جي اونداهيءَ کي علم جي اجالي سان ختم ڪري رهيا آهن...

11 نومبر 2005
حيدرآباد

بيڪ ٽائيٽل

سجاد گهلو جو محلو ۽ منهنجو پاڙو شڪارپور شهر جي اتر واري ڏسا ۾ شهر جي بنهه پڇاڙ تي، گارشيا مارڪيز جي تصوراتي وستي “ماڪوندو” جهڙا آهن. جتي سج وڙاءَ پڄاڻان راڪاس گهمي ويندو آهي...!!! اصلي ڪڪڙون ڪون...!!! ٻئي آهن پٺاڻن جا پاڙا، جتي چون ٿا ڪڏهن پکي به پر نه هڻي سگهندو هو...!!!
الائي پٺاڻن پنهنجي نسل پرستانه روش ڪيئن ٽوڙي ۽ غير پٺاڻ گهراڻن سان مٽي مائٽي ڪيائون. مان ته خير سان سـَتي جـَتي سيد سڳورو هيم، جو منهنجو وهانءُ سجاد گهلوءَ جي ناني احمد يار خان پٺاڻ جي سڪي ڀاءُ محمد يار خان جي گهران ٿيو، پر سجاد وارا ته ضلعي دادوءَ جي کاٽ ۽ پاٽ شريف لڳ موجود ڪچي واري علائقي “ڪيٽي گهلو” جا چڱا چوکا زميندار هئا، تنهن جي والد کي سندس والده مهرالنساءِ جو سڱ الائي ڪيئن مليو، جنهن زاهد گهلو ۽ سجاد گهلو جهڙا ڪامريڊ پٽ ڄڻيا...
سجاد گهلو هونءَ ته زميندار احمد خان جو پوٽو آهي، پر ڀاءُ زاهد جي اثر هيٺ ٻالڪپڻي ۾ ئي رسول بخش پليجي سان وڃي پاند اٽڪايائين. جنهن زماني ۾ اسين (سي پي پي) يعني “ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان” سان لاڳاپيل هئاسون، تنهن وقت ۾ ته سجاد ڄائو مس هو. پهرين جنوري 1978 تي ڄاول سجاد گهلوءَ وقت گذرڻ سان گڏ نيارا رنگ ڪڍيا. هاٿيدر لڳ ڪاسائي محلا ۾ موجود پرائمري اسڪول ۾ پنج درجا پڙهي، گورنمنٽ هاءِ اسڪول حاجي فتح محمد اوستو شڪارپور ۾ داخل ٿيو جتي منهنجي شاگرديءَ جو شرف مليس...
چوندا آهن ته سلو اهو جو انگورين ڀلو، سو سٻاجهڙو ۽ سلڇڻو ته هو ئي پر مونکي اها خبر نه هئي ته هو اڳتي هلي ڪو رسول بخش پليجي جي ٻارن جي تنظيم سجاڳ ٻار تحريڪ جو مرڪزي صدر ٿيندو يا عوامي تحريڪ ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ جي جلسن ۾ جوشيلين تقريرن ڪرڻ سان گڏ قومي گيت ڳائي ۽ خاص ڪري ابراهيم منشي جو گيت “جنگ جنگ جنگ آ – هي منهنجي توسان جنگ آ” ڳائي هزارن ۽ لکن ماڻهن جي جلسن کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جهومائيندو ۽ سنڌ پرستيءَ جا جذبا جاڳرائيندو. منهنجي خواب خيال ۾ اها ڳالهه به نه هئي ته هو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران سنڌي شاگرد تحريڪ جي پهرين صف ۾ بيهي سنڌ جي تعليم جي بحاليءَ لاءِ بهادريءَ سان جاکوڙيندو ۽ عوامي تحريڪ سان گڏ سنڌ جي ٻين هڙني ننڍين وڏين پارٽين جي اجتماعي جلسن ۽ جلوسن ۾ متحرڪ انداز سان شامل ٿي “اينٽي ڪالا باغ ڊيم فرنٽ”، “پونم” ۽ ٻين سنڌ ۽ ملڪ دشمن عناصرن لاءِ هلندڙ تحريڪن ۾ بهرو وٺندو. سجاد گهلو جي زندگيءَ جا ٻيا به گهڻا ئي پاسا، جيڪي منهنجي نظرن کان اوجهل رهيا آهن پر مون اهو به ته نه ڄاتو هو ته هو ڪهاڻيون لکي صاحبِ ڪتاب ٿيندو...!!! واهه ڙي سجاد تنهنجي سوڀ...!!!

ضياءُ شاهه
شڪارپور