فطرت جو مصور: رضوان گل
مصور انساني جذبن کان وٺي فطرت جي حسن تائين هر عڪس کي رنگن جي سهڻي ميلاپ سان سجائيندا آهن. اهي رنگ جيڪي مختلف ڪيفيتن جا ترجمان ٿين ٿا، اهي رنگ جيڪي پنهنجي اندر هزارين معنائون رکن ٿا، اهي رنگ جن جو جذبن سان گهرو سٻنڌ ٿئي ٿو. انهن رنگن کي جڏهن مصور پنهنجي برش جي مدد سان ڪئنواس تي ڦيريندو آهي ته ڪيترائي خوبصورت منظر چٽجي نروار ٿي پوندا آهن. مصور پنهنجي فن ۾ صرف رنگ ئي نه پر پنهنجي رت به شامل ڪن ٿا تڏهن ئي وڃي ڪو سهڻو شاهڪار وجود ۾ اچي ٿو. جن آرٽسٽن پنهنجي سموري عمر فن کي ارپي آخر تائين ان سان ناتو نڀايو تن ۾ سنڌ جي سهڻي مصور حفيظ کوهارو جو نالو تمام وڏي اهميت جو حامل آهي.
آرٽ جي دنيا ۾ جنهن تخليقڪار کي حفيظ کوهاري جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو تنهن جو اصل نالو حفيظ الله کوهارو آهي سندس جنم 15 مارچ 1953ع تي ڳوٺ سيڙا ڍورائي تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. پرائمري تعليم دڙي اسڪول ۽ ميٽرڪ ڊي سي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان ڪيائين. انٽر جي امتحان بعد ماسٽر آف آرٽس جي ڊگري پوري سنڌ ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن سان حاصل ڪيائين. پاڻ ماسٽرس پوليٽيڪل سائنس ۾ ڪيائين.
مصوريءَ سان کيس ننڍي هوندي کان ئي تمام گهرو لڳاءُ هوندو هو. سندس والد صاحب حامد الله پڻ پنهنجي دور جو ڀلوڙ آرٽسٽ هو جنهن جو پڻ مصوريءَ جي شعبي ۾ ڪافي سٺو ڪم ٿيل آهي. حفيظ صاحب روزگار جي حوالي سان درس و تدريس سان لاڳاپيل رهيو، سندس تقرري گهڻو وقت لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ پائليٽ سيڪنڊري اسڪول ۾ رهي. جتان جو تاريخي ڊرائنگ هال اڄ به کوهاري صاحب جي ٺاهيل پينٽنگس سان سجايل آهي ۽ اها گواهي ڏئي رهيو آهي ته هن پنهنجي نوڪريءَ دوران ان هال کي پنهنجي جوانيءَ جا قيمتي سال ڏئي نهايت ئي محنت سان سنواريو ۽ سجايو.
حفيظ کوهاري جي ڪيل اڪثر ڪم جو جيڪڏهن جائزو وٺبو ته Expressional ۽ Landscapes Painings ۾ گهڻي قدر ملي ٿو. پاڻ شاهه سائين جي 32 سرن ۽ ڪردارن جي حوالي سان پڻ يادگار ڪم ڪيائين جنهن ۾ مختلف بيتن جي روشنيءَ ۾ انهن ڪردارن جي عڪاسي ۽ منظرنگاريءَ تي مشتمل پينٽنگس جو هڪ سلسلو شروع ڪيائين ۽ اهو ڪم هن حياتيءَ جي آخري ڏينهن تائين جاري رکيو. سندس پينٽنگس جون نمائشون 1973ع ۾ حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج، 1982ع ۾ پبلڪ اسڪول سکر، 2000ع ۾ اسڪائوٽ گرائونڊ ڪراچي ۽ 15 آڪٽوبر 2003ع تي لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيون، جن مان کيس تمام گهڻو اتساهه مليو ۽ سندس پينٽنگس عام ماڻهن تائين پهتيون جنهن جي نتيجي ۾ سندس سڃاڻپ جو دائرو پڻ وسيع ٿي ويو.
مون لاڙڪاڻي جي مصورن تي 2004ع ۾ هڪ مضمون لکيو هو جنهن جي سلسلي ۾ حفيظ صاحب سان هڪ تفصيلي انٽرويو پڻ ڪيو هو. اهو مضمون بعد ۾ ڪتاب ”لاڙڪاڻو تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو“ ۾ ڇپيو جنهن کي احسان دانش ترتيب ڏنو. انهيءَ انٽرويو دوران جڏهن مون کانئس سوال ڪيو ته آرٽ جي دنيا ۾ اوهان ڪنهن کان متاثر آهيو ته جواب ۾ وراڻيو هئائين ته ”آرٽ جي شعبي ۾هونئن ته مان ڪيترن ئي آرٽسٽن کان متاثر ٿيندو رهيو آهيان پر خاص طور تي گل سليم اعواڻ، مائيڪل اينجلو ۽ موناليزا واري جڳ مشهور پينٽنگ جي خالق ليونارڊو کان تمام گهڻو متاثر آهيان“.
پائليٽ اسڪول ۾ ڊرائنگ جي استاد طور هن ڪيترن ئي شاگردن کي لڪيرن ۽ رنگن جي علم جي حوالي سان آگاهي ڏني. انهن مان اڳتي هلي ڪيترن فائن آرٽ جي شعبي ۾ ماسٽرس ڪئي، پر حفيظ کوهاري جي پڙهايل انهن ابتدائي سبقن کي سندس شاگردن هميشه ياد رکيو ۽ پنهنجي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي پنهنجي استاد کوهاري صاحب جو پڻ ڀرپور ذڪر ڪيو ۽ اهو ڪريڊٽ پڻ ڏنو ته آرٽ جي شعبي ڏانهن راغب ٿيڻ جو اتساهه به کين سندن استاد کان ئي مليو. کوهارو صاحب ذاتي حوالي سان به ڪيترن ئي نوجوانن کي آرٽ جي فني تعليم ڏيندو رهيو.
حفيظ کوهاري ڪيترن ئي تاريخي حيثيت رکندڙ ڪتابن جا ٽائيٽل ڪور پڻ ڊزائن ڪيا. مُهين جي دڙي واري ٺاهيل سندس پيٽنگ جيڪا پائليٽ اسڪول جي ڊرائنگ هال جي زينت بڻيل آهي سا ڪيترن ئي ڪتابن جي سرورقن۽ انٽرنيٽ تي مختلف ويب سائيٽس تي پڻ موجود آهي. اهڙي ريت سندس ٺاهيل ٻين به ڪيترين ئي پينٽنگس جو تفصيلي ذڪر ڪري سگهجي ٿو جن کي مڃتا ملي. پاڻ مختلف موضوعات تي خصوصي طور واٽر ڪلر جي ذريعي پڻ ڪم ڪيائين. آئل ڪلرس ذريعي ٺاهيل Landscape Paintings جو تعداد پڻ چڱو خاصو ٿيندو. جيڪي ايتريون منظر عام تي اچي ناهن سگهيون. ڇالاءِ ته هن پاڻ ئي ان ڳالهه جو اظهار ڪيو هو ته؛ ”مون جيڪو آئل ڪلرس ۾ ڪم ڪيو آهي ان کي درست معنيٰ ۾ پذيرائي ملي ئي ناهي سگهي جنهن جو هڪ سبب اسان وٽ تصويري نمائشن جو تمام گهٽ منعقد ٿيڻ پڻ آهي“.
حفيظ کوهارو نه صرف هڪ ڀلوڙ آرٽسٽ هو پر پنهنجي طبعيت ۽ مزاج ۾ پڻ انتهائي کل مک ۽ يارن جو يار هو. هميشه سندس چهرو پر رونق ۽ ٻهڪندڙ ڀاسندو هو. اڪثر استاد وٽس اچي چانهه جي چڪي پيئندا هئا ۽ سندس مزاح واري انداز مان محفوظ ٿي ڪجهه لمحن لاءِ بلڪل فريش ٿي ويندا هئا. سندس محفل دنيا جي غلا، غيبت وارن مسئلن کان ڪافي حد تائين پاڪ هوندي هئي. نه ڪنهن جي ٻن ۾ نه ٽن ۾. وٽس محبتن جا اڻ ميا تحفا هيا جيڪي هر ايندڙ ويندڙ کي ارپيندو هو ۽ موڪلاڻيءَ وقت وڏو ٻک وجهي مرڪن جا گلاب نڇاور ڪندو هو. لطيف سائين به اهڙنئي انسان لاءِ چيو هيو؛
ويـٺـــي جنــيـن وٽ ڏکندو ڏور ٿئي
تون تنين سين ڪٽ اوڏا اڏي پکڙا
18 ڊسمبر 2011ع تي شام جو جڏهن مان چانهه پيئندي فيس بڪ تي پنهنجو پروفائيل پيج کوليو ته حفيظ صاحب جو سهڻو مرڪندڙ فوٽو سامهون اچي ويو جيڪو هڪ دوست پاران ٽيگ ڪيل هو ان جي هيٺان ڪئپشن ۾ لکيل هو؛ ”سنڌ جو ناليوارو آرٽسٽ ۽ استاد حفيظ کوهارو ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو“. اهي لفظ پڙهندي ئي مان هڪ هنڌ ڄمي ويس. ذهن جي اسڪرين تي کوهاري صاحب سان ٿيل ڪيترين ئي ڪچهرين جا حسين منظر هلڻ لڳا. اکين ۾ بيساخته پاڻي اچي ويو. ڪجهه به سمجهه ۾نه آيو ته ڪمينٽ باڪس ۾ ڇا لکان. اعتبار ئي نه ٿي آيو! قاضي اختر صاحب کان ميسيج ڪري معلوم ڪيو ”سائين! حفيظ صاحب گذاري ويو؟“ جواب ۾ قاضي صاحب جو ميسيج آيو؛ ”ها رضوان! سائين اسان کان وڇڙي ويو سندس تدفين............“
حفيظ صاحب اڄ جسماني طور ته اسان جي درميان نه آهي پر سندس خوبصورت يادون ۽ سندس پينٽنگس اسان وٽ اڄ به موجود آهن جيڪي هميشه سندس هئڻ جو احساس ڏيارينديون رهنديون.