شاعري

واڌُو ادب عرف حَدِ ادب

سائين زخمي هالائيءَ جي تحرير ۾ لفظن جي جادوگري ۽ سحرانگيزي جداگانہ آهي، جيڪا هر ڪنھن تخيلق نگار جو نصيب ڪونھي. ان سموري عمل ۾ جتي قدرت پاران ڏات جو عمل دخل آهي، اتي ڪُھنہ مشقيءَ سان گڏ رفاقتن جو بہ وڏو هٿ آهي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾  ۾ زخمي ھالائيءَ جو نثر جڏھن تہ ٻئي حصي ۾ سندس شاعري شامل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 46
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book واڌُو ادب عرف حَدِ ادب

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران حڪيم عبدالقيوم ’زخمي‘ هالائيءَ جي نثر ۽ شاعريءَ تي مشتمل ڪتاب ”واڌو ادب عرف حَد ادب“ اوهان اڳيان پيش آهي. 

سائين زخمي هالائيءَ جي تحرير ۾ لفظن جي جادوگري ۽ سحرانگيزي جداگانہ آهي، جيڪا هر ڪنھن تخيلق نگار جو نصيب ڪونھي. ان سموري عمل ۾ جتي قدرت پاران ڏات جو عمل دخل آهي، اتي ڪُھنہ مشقيءَ سان گڏ رفاقتن جو بہ وڏو هٿ آهي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾  ۾ زخمي ھالائيءَ جو نثر جڏھن تہ ٻئي حصي ۾ سندس شاعري شامل آھي.

ھي ڪتاب 2021ع ۾ امرتا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون امرتا پبليڪيشن جي سرواڻ فقير محمد ڍول جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.

محمد سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)  
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام 
sulemanwassan@gmail.com 
sindhsalamat.com 
 books.sindhsalamat.com

اداري پاران

برگِ سبز يا تحفهءِ درويش

اسان جي محبوب شاعر سائين سوز هالائيءَ ۽ سندس ئي ڳوٺائي نامياري شاعر سائين حميد شهيد هالائيءَ جو هيءُ ڳوٺائي شاعر ۽ نثرنگار آهي پنهنجو ’سائين عبدالقيوم روح رمزي عرف زخمي هالائي‘... جنهن قسم موليٰ جو ته مون کي پنهنجي لکڻيءَ جي سدارنگي رنگ ڍنگ ۽ اعليٰ اسلوب سان ڄڻ ته موهي کڻي پنهنجو معتقد بڻائي ورتو آهي. جَي آءٌ في سبيل الله سچ ڳالهايان ته هن قسم جو نثر توڙي نظم هاڻ سنڌي ادب ۾ ته خيرڪو آهي... هن ريت وارو وڄائڻ وارا پنهنجو وارو وڄائي ويا ۽ ڀري وڄائي ويا. جيئن نه ڪو فنڪار پنهنجي پرفارمنس سان ماڻهن کي ڏندين آڱريون ڏياري ڇڏي يا وري ماٺ ڪرائي ڇڏي، هن ڪتاب کي پڙهندي ڪيفيت مون مٿان بس اهڙي ئي قائم رهي آهي.

هڪ درويش، مست الست فقير ۽ يگاني لِکاريءَ جو هيءُ يگانو نثر ۽ نظم آهي، جنهن جو لفظ لفظ ڌيان طلب آهي، الاءِ ڪيتريون شيون ته طنز و مزاح جي اهڙي زمري ۾ ٿي آيون، جو اُهي اسان جو سماج هضم ئي نه ڪري سگهي ها، ان ڪري انهن کي هن مجموعي ۾ شامل نه ڪري سگهياسين، جنهن جو ڏک بي پناهه آهي ۽ ان ڏک کي بيان ڪرڻ کان قاصر آهيان يا لفظن جي اهڙي چونڊ نٿو ڪري سگهان، جيڪا ان درد و الم کي هتي اوتي اوهان تي اُنَ پَر عيان ڪري سگهي، جيڪا منهنجي اندر جي ڀوڳنا آهي. ڇا ڪجي خواتين و حضرات! هتي هن سماج، هن دؤر ۽ هنن حالتن ۾ ائين ڪرڻو ئي پئي ٿو. مان نٿو ڄاڻان ته جيڪڏهن سائين ’زخمي‘ هالائي صاحب حال حيات هجن ها ته انهن جي اهڙي درد جو درمان ڪيئن ڪجي ها!

مالڪ سائين مٿن هميشه پنهنجو ڪرم قائم رکندو ۽ هُو پنهنجي مرقد ۾ آسوده هوندا، باغ بهار هوندا - آمين.

هي ڪتاب جنهن جو نالو سائينءَ پاڻ ’واڌُو ادب عرف حدِ ادب‘ يا ’برگِ سبز يا تحفهءِ درويش‘ رکيائون... نالو رکڻ ۾ ڪمال ڪيائون بلڪل ائين ئي جيئن سندن تحرير جو سواد چسڪيدار آهي، ائين ئي هي نالو به ڪمال هُنر جو اعتراف آهي. منهنجي ذاتي راءِ آهي ته سائين زخميءَ جي قلم مان نڪتل اکرن جڏهن لفظن جي صورت جوڙي هوندي ته انهن منجهه اعزاز جو فخر نمايان ٿيو هوندو. هنن ڄاتو هوندو ته هن قلم منجهان جيڪو سندن قد ڪاٺ عالمن ۽ اڪابرن جي نظر ۾ وڃي بيهندو، سو ڪنهن به طرح گهٽ قطعي ڪونه هوندو.

سائين زخمي هالائيءَ جي تحرير ۾ لفظن جي جادوگري ۽ سحرانگيزي جداگانه آهي، جيڪا هر ڪنهن تخيلق نگار جو نصيب ڪونهي. ان سموري عمل ۾ جتي قدرت پاران ڏات جو عمل دخل آهي، اتي ڪُهنه مشقيءَ سان گڏ رفاقتن جو به وڏو هٿ آهي، اهو ئي سڀ سائين زخمي هالائيءَ کي به ميسر هيو. هالا جهڙو علمي شهر ۽ اتي جا عالم، اڪابر، شاعر، نثر نگار ۽ مخدومانِ هالا ۽ پوءِ مخدوم نُوح رح جي مُرشديءَ واري نسبت ڄڻ ته سندن مٿان ڪيئي نسبتون نڇاور ڪري ڇڏيون ۽ پاڻ ويا اڳتي ڏاڪا به ڏاڪا چاڙهيون چڙهندا... نثر هجي، نثر ۾ طنز هجي يا مزاح، شعر هجي ان ۾ طنز هجي يا مزاح، طرح هجي يا وري في البديهه شعر چوڻو هجي... سڀني تي سندن دسترس جو حاڪمُ، حُڪم ڪندو رهيو ٿي. اچو ته هن مجموعي جي نثر توڙي نظم ۾ هڪ بادشاهه جي بادشاهيءَ جو سئروسفر ڪريون ۽ بعد سئروسفر جي سندن بقا واري حياتيءَ لاءِ دعا گهرون ته مُهابي سرور نُوح رح جي سندن مغفرت ٿئي ۽ درجات بُلند ٿين - آمين.


نيازمند:

فقير محمد ڍول

ارپنا

پنهنجو ڪچو پڪو، کارو کٽو نثر، وزني بي وزني، تسخيده مزاحِيه يا هجويه يا شاعريءَ کي جناب حضرت باب العلم عليه السلام، واجب الاحترام مرشدن استادن يا ابي، امڙ، نانين، ڏاڏين جا نالا کڻي، انهن کي ڪيئن ارپيان؟

مون کي ماري ٿو مَرمُ!

البته انهن محبتي روحن کي کڻي ارپجي، جن کي اڳئي خبر آهي ته، هن قسم جو واڌو ڪاٽو ادب، چائت پائي چِت ۾، سنهون ڪَتيَل نه سهي، رنڍن روڙيل ضرور ٿي سگهي ٿو. تنهن ڪري ويهي ڪا تور تَڪَ ڪن. 

يا اڻ توريو اگهائين سا مرضي محبوبن!

سَگِ ڪُوءِ سروري 
زخمي هالائي

هڪ وضاحت

پرائمري ۾ هوس ته فاضل استاد درخواست وغيره جي آخر ۾ ’واڌو ادب‘ يا ’حدِ ادب‘ لکڻ سيکاريو. ليڪن مون کي اها خبر اڃا تائين پئجي ڪا نه سگهي آهي ته ادب جي حد، واڌُو حد ڪيستائين آهي! ’ڪنڌيءَ ساريان ڪانه‘ باقي رهي ڪائي حد... حد سا بنائڻ وارن ايتريقدر بنائي رکي آهي، جو ادب جو به عقل گم آهي! سائين امداد حسيني، ادا حميد شهيد جو ڪتاب ’هيڪلايون‘ جي مهاڳ صفحي نمبر 9 موجب لکيو آهي ته، ”شاعر هڪ باغي روح آهي. هُو نه رڳو مڙهيل نظرين کي للڪاري ٿو بلڪه نوان نظريا به ڏي ٿو. ائين تقليد کي به ٿڏي ٿو.“ 

ان ضمن ۾ عرض آهي ته هي فقير باغي واغي قطعي ڪونهي البته لاشعوري طور تڪڙ ۾ ڪو هڪ اڌ نئون پراڻو نظريو (مڙهيل يا غير مڙهيل) للڪارجي به ويو هوندو ته هوندو، انجو خير آهي باقي رهي تقليد يا ان کي ٿڏڻ واري ڳالهه سو ان جي پاڻ کي اصل خبر ڪانهي.


زخمي هالائي

مهاڳ

مُهاڳ، اَمهاڳ، سمهاڳ، ڊمهاڳ

پهرين سوچيم ته استاد ڀائي ادا حميد شهيد کي گذارش ڪجي ته ڪجهه ’سهاڳا‘ لکي ڏجن، پوءِ جي ارشاد ٿئي ته سونَ کي سهاڳي جي ضرورت ئي ڪهڙي؟ مشڪ آنست کي خود ببويد... ۽ مزيد اهو ته لکڻ اچئي ٻوڙ هاري هيٺيان منهنجو نالو لکي ڇڏجانءِ ته پوءِ آئون خود ڇا لکان؟

وري سوچيم ته پاڻ واري يارِ غار ڀاءُ سوزڻ عرف سوز هالائي کي کڻي تڪليف ڏجي... سو اهو به متان چوي ته پهرين ترس ته چنڊ دريءَ مان لياڪو پائي... سنڌڙي انبن جي سيزن اچي... ۽ الهاس نگر مان اڀرندي جي هير سا گڏ ڪا زلفِ جانان جي خوشبوءِ به کڄي اچي ته پوءِ سوچي سگهجي ٿو. سو ايترو انتظار ڪير ڪري! پنهنجو ’مهاڳو‘ ائين خالي ڇڏي ڏيڻ به چڱو ڪونهي... ڀلا جي سائين ڊاڪٽر سليمان شيخ کي کڻي عرض ڪجي... سو متان موصوف به چوي ته، ”مائٽَ... پنڪچر ڪرائڻو هجئي يا بيهوش ٿيڻ جي نيت هجئي... يا اڃان به اڳتي ته روشن تارا اسڪول ۾ دوباره داخلا وٺڻي هجئي، ته بنا فيءَ به سوچي سگهجي ٿو. منهنجي پوزيشن اهڙي آهي جو کيس جواب به ڏئي نٿو سگهجي (پاڻ اڪيُو پنڪچر جو ماهر، بهترين اينسٿيٽِسٽ ۽ روشن تارا اسڪول جو باني آهي)

باقي رهيو پنهنجو محبوب مصنف ’سنڌباد جهازي‘ سائين الطاف شيخ صاحب سو جيڪڏهن ان يار به چيو ته ٻه ٽي صفحا تعريف جا چوين ته لکي ڏِين... ان سان ڪو خاص فرق ڪونه پوندو... البته مساج وغيره لاءِ ٿائيلينڊ هلڻ جي ’شؤنق‘ کنيو هجئي ته چڙهه جهاز ۾... ته پوءِ آئون هڪڙو ڄڻو ڪيڏانهن وڃي ڪيڏانهن وڃان؟!

- مصنف

]زخمي هالائي[

پنهنجي پاران

پنهنجي درد جو درمان ڪيو اٿم

ڪجهه اهتمام نذر گلستان ڪيو اٿم 
ڪجهه روح جي رهاڻ جو سامان ڪيو اٿم

ڪجهه درد دل ڏنو غمِ دوران دوستو 
ڪجهه زخم در جگر غمِ جانان ڪيو اٿم

کولي پَٽيون جگر تان وري دل مٿان رکيم 
ان طرح پنهنجي درد جو درمان ڪيو اٿم

(زخمي)

مصر جي ٻڍڙي مائيءَ وانگر منجهيل سُٽ جي ڦوري کڻي، يوسف جي خريدارن ۾ نالو لکائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم... سو ڪالهه اچي کُٽيءَ کنيم جو ڏينهن تَتي جو يوسف جي در تي پهچي وڃي گهنٽي وڄايم... نالو ته ڪونه لکيائين... اُٽلندو چيائين ته مون کي خبر هجي ها ته تون آهين ته ڪتو به ڪاهيو اچان هان... سو يوسف کي فقط بادشاهه ئي خريد ڪيو... باقي منزلِ مراد ته هر ڪنهن جي پنهنجي آهي. جن کي ڪام ، ڪروڌ، لوڀ، موه ۽ اهنڪار منجهائي ماريو آهي... انهن جي عاقبت به اها ئي ٿي رهي آهي. 

زباني ڪلامي ته هرڪو ڳالهيون ڪندو رهي ٿو... البته جن قلم قبيلي وارن بنا ڪمرشل ڊڪٽيشن جي... حق سچ لکيو... انهن مان ڪيترن پنهنجا هٿ وڍايا... ڪنڌ ڪپايا... زهر پيالا پيتا... گهاڻن ۾ پيڙيا... ڦاسيون کاڌيون... اسان جو خدانخواسته اهڙو ڪوبه ارادو ڪونهي.

پاڻ وارو حال ته ’امير خسرو‘ جي هن شعر وارو آهي:

چه بود متاعِ خسرو، ڪه ڪند نثارِ جانان، 
مگسَي ڪه طعمه راند، به دهان باز ڪردن. 
(خسرو وٽ ملڪيت ئي ڪهڙي آهي، جو نثارِ جانان ڪجي... پاڻ وارو حال ته ان مک وارو آهي جا واتُ پَٽيو ڳڀي جي ڳولا ۾ سرگردان آهي!)

نظيري نشاپوريءَ واري زماني ۾ الاجي ڪهڙيون معروضي حالتون هيون جو فرمائي ويو ته ’ڪسَي ڪه ڪشته نه شد از قبيلهء ما نيست‘ ڀٽائي بادشاهه به فرمايو، ’هونئن ئي هوندَ مُئي، پر ٻُڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا‘ سو اڄڪلهه ٻيڻا ٽيڻا ڪرڻ لاءِ سڄو توجهه NGOS ٺاهن تي مرڪوز ٿيل آهي. ڪن وري طالبان واري ميڪ اپ ڪري مدرسن ٺاهڻ ۽ سعودي ۽ ايراني امدادون رهڙڻ تي سندرو ٻڌو آهي... شاهه لطيف وارا کاهوڙي به ڪٿي نه ڪٿي ضرور هوندا، جن لاءِ فرمايو اٿس:

لنگهه ٻڌائون لانگ موٽي ڪيئون نه مسحو 
لاهوتين لطيف چئي آڌيءَ ڏني اچانگ  
نڪا ڏنائون ٻانگ نه قضا ڪيائون نماز کي

ڪنهن انگريز شاعر جي سٽ آهي:The study of man kind is man  هتيman  جو اهو حال آهي يا بنايو ويو آهي. جو هر طرف ڌاڙا، چوريون، ڦريون، چندا، ڀتا، ٻوريءَ بند لاش، اغوائون ۽ بم ڌماڪا عام ڳالهه ٿي وئي آهي. قانون وارا ادارا به مافيائن جي زيرِ اثر آهن. تنهن ڪري في الحال خاموش آهن. بئريسٽر اعتزاز احسن ڪهڙو نه سهڻو شعر چيو آهي: 

اعتزاز يه بستي سائَي ڪو ترستي هَي، 
سارَي ڇت هين شيشَي ڪي، سائبان شيشي ڪا.

ٻيو عرض ته قارئين ڪرام کي جيڪڏهن ڪا گرامر يا عروض جي ڪمي بيشي وغيره نظر نواز ٿئي ته آگاهه فرمائيندا. 

آخر ۾ پنهنجي ڪرم فرمائن ادا حميد شهيد ۽ ڀاءُ  سوز هالائيءَ جي قربدارين کي ڪيئن وساريان، جن منهنجي هن قلمي پورهئي کي ساراهڻ ۽ شايع ڪرڻ لاءِ ’ڪچي گهڙَي‘ تي ’گهڙيا سي چڙهيا‘ جهڙن قيمتي مشورن سان ڏاڍو نوازيو... باقي ميهار فقير... حاجياڻي سهڻيءَ سان سنڀوڙو سيڻاهه سميت الاجي ڪڏهن ملندو يا وچ سِير ۾ اڳيئي موڪلائي ويندو... سا خبر خدا کي.


- مصنف

]زخمي هالائي[

ڀيٽا

عبدالقيوم ’زخمي‘ جون ساروڻيون

هيءَ 1960ع جي ڏهاڪي جي ڳالهه آهي. اسان چند نوجوانن ادب جي شاگردن هالا ۾ ’انجمن فروغِ ادب‘ جو بنياد وڌو. انهن ساٿين ۾ جناب عبدالقيوم ’روح‘ صاحب به هو. اسان جون گهڻيون محفلون ۽ ادبي ڪلاس وئڪيشن ۾ ٿيندا هئا. ماسٽر عبدالمجيد صاحب جي دوڪان تي اسان گڏبا هئاسين ۽ ادبي محفلون منعقد ڪندا هئاسين. انهن ۾ هڪ سرگرمي تمام پسنديده هئي، اها هئي ’في لبديع مشاعرو‘ مون کي ته شاعري ڏانءِ ڪانه آئي. ان ڪري مون کي اداري جو سيڪريٽري بڻائي ڇڏيائون.

روح صاحب جيڪو پوءِ زخمي ٿي ويو. اهو انهن محفلن ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ مزاحيه شاعريءَ سان محفل کي معطر ڪندو هو. سڄي سنگت ۾ هُو واحد شاعر هو، جيڪو مزاحيه رنگ جي شاعري ڪندو هو. وقت کي پَرَ لڳي ويا. صدي بدلجي وئي ۽ ايڪويهين صديءَ سڄي سنگت کي وکيري ڇڏيو. سال ٿيا اسان نه مليا آهيون. زخمي صاحب پنهنجي هوميوپيٿڪ ڪلنڪ ’گاجڻي گهٽيءَ‘ ۾ کولي هئي، جتي هُو مريض ڏسندو هو ۽ اسان جهڙن پراڻن ساٿين سان ملندو به هو. پنهنجا مختصر خاڪا پڙهي ٻڌائيندو هو. سندن ناقداء ۽ مزاحيه ڪالم ۽ تاثر دلپزير آهن.

ٻه چار سالن کان هُو خاموشيءَ جي ڪنڊ ۾ ويهي رهيو. ملاقات به ممڪن نه رهي. ڪڏهين ڪڏهين نور محمد راهو وسيلي هن جي حال احوال جي خبر پوندي هئي، ملاقات ممڪن نه رهي. سندن فرزند وحيد سان به ملاقات نه ٿي سگهي آهي، پر سندن ٿورا جو پيغام وسيلي رابطو رکيو اچي، سندن وفات جي خبر به هنن مون کي پهچائي.

عبدالقيوم صاحب هڪ پيارو انسان هو. هن کي نوڪريءَ جي ڪري لالا موسيٰ ۾ سڪونت اختيار ڪرڻي پئي. ان زماني ۾ اتان خط لکندو هو. اهي خط هٿ اچي سگهن ته انهن کي ڇپائڻ گهرجي. انهن خطن ۾ ادبي چاشني ۽ سرور هوندو. هُو هڪ خوش مزاج انسان هو. سندن سنگت ۾ ماڻهو بيزار نه ٿيندو هو.

اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو سندن وڃڻ پڄاڻان سندن ڏهٽي سندن آخري وقت جي لکتن کي سهيڙي، هن ڪتابي صورت ۾ آندو آهي جيڪو بيحد ساراهڻ جهڙو ڪم آهي.

الله سائين مرحوم عبدالقيوم صاحب کي جنت الفردوس ۾ جائگير ڪري ۽ سندن پوين کي صبر جي توفيق عطا فرمائي- (آمين).


دعاگو:

ڊاڪٽر سليمان شيخ

ڪراچي 
2 جون 2021ع

آئون هالا ايندس ته هلي قيوم سان ملنداسين

ڏسان پيو ته جيڪو شخص اندر ۾ غمن جان انبار هوندي به پنهنجين فيلسوفيانا ڳالهين سان کلائيندو ۽ وندرائيندو اچي، اهو آهي عبدالقيوم ’زخمي‘. پاڻ زخمي هوندي به ٻين جي زخمن جا علاج پهن ۽ پٽين سان نه پر کل جهڙي خوراڪ سان ڪندو اچي. پاڻ طنز ۽ مزاح واري شاعريءَ کان مشهور آهي، جنهن نموني جا ڪيترائي شعر ٻَڌائين. هن وقت هڪ ئي ياد اٿم، جنهن ڪڻي مان باقي ديڳ جو حال معلوم ڪري سگهجي ٿو:

ديـڳ يارهين جي هئي پنڌ ۾، 
ٻارنهن ٿي ويا ذاڪرن روئي ڏنو.

هي طرحي مشاعرو 1987ع ۾ منهنجي ٽن سالن کان پوءِ ملائشيا کان پاڪستان اچڻ تي مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ رح، هالا نوان ۾ ملان اسڪول ۾ ڪرايو هو. جنهن ۾ ھيءَ طرح مليل هئي:

’مئڪدي ۾ مئڪشن روئي ڏنو‘

ان مشاعري ۾ حميد شهيد، انور هالائي، ڊاڪٽر يوسف ابڙو، ڊاڪٽر سليمان شيخ، ساقي صاحب، عرفان مهدي ۽ ٻين گهڻن شعر پڙهيا هئا. قيوم ’زخمي‘ جي ان شعر تي کيس گهڻي داد ملي هئي، طالب الموليٰ رح جن به کِلندا رهيا هئا... هن مشاعري جو ذڪر مون پنهنجي ڪتاب ’يادُن جي انڊلٺ‘ ۾ به ڪيو آهي. 

عبدالقيوم ’زخمي‘ سان ملاقاتون ته هيون، پر سندس ويجهن دوستن ۾ عبدالغفار ابڙو جيڪو سندس ڪلاس ميٽ به رهيو آهي ۽ اسان جي هالا واري ادبي ٽولي ۾ آخر تائين رهيو آهي سالن جا سال... ۽ ٻيا اسان جا دوست سڀ گذاري ويا، سائين عبدالرحمان قريشي، پروفيسر هدايت الله پاٽ... ها جيڪر سائين عبدالحميد ’شهيد‘ هجي ها ته تمام بهتر هو، اهو سندن تمام گهڻو ويجهو هو، جو آخر تائين آئون به پيو حميد کي چوندو هئس؛ ”آئون هالا ايندس ته هلي قيوم سان ملنداسين.“


- الطاف شيخ

ڪراچي 
06 اپريل 2021ع

حصهءِ نثر

---

مدعیاں در طلبش بیخبر انند

مدعیاں در طلبش بیخبر انند
کا نرا کہ خبرشد خبرش باز نہ آید
]دعويدار سندس طلب ۾ بي خبر آهن ڇاڪاڻ ته جن کي ’خبر‘ پئي، انهن جي ’خبر‘ وري واپس نه آئي[

سيلف انٽرويو

سيلف انٽرويو


]چڱا چوکا اديب ۽ شاعر اخبارن ۽ رسالن ۾ مواد ڇپائي يا ٽيليويزن چينلن تي پڌاري ڪالر کڙو ڪندا آهن... اسين مولائي به پاڻ کي چڱو... نه ته به ’چوکو‘ ضرور سمجهون ٿا. تنهن ڪري صحافين کي تڪليف ڏيڻ بدران پنهنجو انٽرويو پاڻ ئي رهڙي رکيو اٿئون... هن ۾ چَهرَ چَٽڻِي به ملايل آهي... چکي ڏسو...[

پهرين پرائيويٽ انٽرويو:
هيڏانهن ٻڌين ٿو؟ ”هون“
جيڪا ڳالهه پڇ ان جو جواب ”هون“.
اهو لکڻ کٽندو يا نه... پٽهين کي بخار ٿي پيو آهي... دوا آڻي ڏيندي يا ايڌيءَ وارن کي فون ڪرڻي پوندي؟
بس باقي ٻه صفحا آهن، اجائي ڪاوڙ نه ڪر...
هيءَ سرڪاري لکپڙهه آهي؟... ”ڏسان؟“
تون ڏسي ڇا ڪندينءَ؟ (اهڙن ئي ڪن خاص موقعن تي محسوس ڪبو آهي ته عورتن کي تعليم نه ڏيارڻ وارا حق بجانب هوندا آهن)
هي ڪهڙا اُبتا سُبتا مضمونَ ۽ شعر لکيا اٿئي؟ اهي سيٺ وڏا ڪير آهن جن اناج - گيهه - کنڊ ۽ چانورن جا چاليهه ڀانڊا ڀري رکيا آهن ته اجهي ٿا وارا نيارا ٿين!... ڀلا وڏي وَرَ ڌڻيءَ اهو ڪهڙو واڻيون کڻايو آهي. جنهن جي خبر صوبيدار سڻڀي خان کي اڃا تائين پئجي ڪانه سگهي آهي؟ ڪالهه سروري پارڪ ٻاهران هڪڙو همراهه ڇوڪري کي گمهائڻ کڻي آيو... جُهولي ۾ به لوڏا ڏئِي ٻاهر نهاري ته موٽر سائيڪل ٺهي ڪانه! ”تون مسڪين مولائي... سَهَي جي کَلَ... نمازڙي پڙهي اِيسَ ڏانهن پاسو ورائي... اجرڪ مٿان وجهي سُمهي پئه... انهن ڏکين ڳالهين لکڻ مان توکي ڇا ورندو! ڀائوءَ جا ڀائيوار پهچي ويا ته خبر به ڪا نه پوندي ئي ته گولي ڪٿان آئي!
ڀلا هي هيترا سارا ڪاڳر ڪارا ڪيا اٿئي. آخر انهن مان ڪهڙي پڳ ٻڌندين؟
سڀاڳي صدوري! هڪڙي ڳالهه پنهنجي پرائي اجرڪ ۾ قابو ڪري ٻڌي رک ته پڳ وغيره ٻڌڻ وارو محاورو هن وقت آئوٽ آف ڊيٽ آهي ۽ خود پڳ صاحبه پڻ آئوٽ آف اسٽاڪ آهي، جن کي ڪمائيءَ وارو ڏس ۽ ڏانءَ ناهي، اهي فقط ’کُجلي‘ واري مجبوريءَ تحت لکندا آهن ۽ پوءِ پاڻ ئي پڙهي ڪَٻٽ ۾ لڪائي رکي ڇڏيندا آهن ته ڪير ڏسي نه وٺي! ڀلا جي پوءِ به تڪڙ ڪري اُکريءَ ۾ مُنهن وجهيو ته مٿو ته ضرور ڦاٽندو... سو پاڻ کي هروڀرو مٿي وغيره ڦاڙائڻ جو قطعي ’شؤنق‘ ڪونهي... اسان مولايُن کي احمد نديم قاسميءَ جو هي شعر اهڙو مغز ۾ فٽ ٿي ويو آهي جو بس...
ميرا ڪمالِ فن هَي امڪانات ڪِي سير،
رَيت په بَيٺا ڦُول بناتا رهتا هُون!
رڳو هوائي توائي امڪانات جي سير وغيره مان ڇا ورندو؟ تون ڪئاليفائيڊ حڪيم آهين... السعوديه... والمڪته... والمدينته... نالي دواخانو کولي، مُلن مولوين ۽ طالبَن وغيره کي ڇو نٿو ڦرين؟ اڄڪلهه وڏا وڏا ريال ۽ درهم پيا ڦرن... ٻيو ته ٺهيو... خدا جي مهمانن مان به ڪونه ٿا مُڙن... ٽي وي کوليم ته هر چينل تي ڦُلو جا ٻارها اُڀا ٿيا بيٺا آهن... فقط هڪ ڪئپسول کائو... 24 ڪلاڪن کان اڳ ۾ پوڙها... کڳا... چٻا... بلڪل جواڻ جماڻ! ٻيا وري چونڪڙيءَ جا غلام... اَٺڻ ڏينهن ۾ اَٺ گوليون کائو.... مينهن به سُسي ٻڪري ٿي ويندي... پوءِ گردا يا دل وغيره فيل ٿيا ته ’يانصيب ڪلينڪ‘ ذميوار ناهي... ٻهراڙيءَ جي وڏيرن ننڍيرن جا کيسا گهڻا ڏينهن خالي ٿي ويا... شهري ماڻهن کي به گشا هڻي، ڀينگ ڪري ڇڏيو اٿن... سو پاڻ واري گنجائش اصل آهي ئي ڪانه!

هاڻي ادبي انٽرويو:
هڪڙي ڏينهن ڪلينڪ تي ويٺو هوس ته 8 - 10 همراه گهيرو ڪري ڦري آيا، چيائون ته هلو راءِ ونڊ! لگائو چلا... اسان سمجهو ته چون ٿا ’کائو چلا‘ اسان وٽ چِلا ديسي گيهه ۾ تريل مٺن پراٺن کي چوندا آهن... سو انهيءَ خوشفهميءَ ۾ خوب ورزشون ڪيون سون، باقي چلا... هاءِ هاءِ هاڻي به ائين پندرهين ڏينهن پنجاپي... پٺاڻ... رانگڙ... الاجي ڪهڙيون ڪهڙيون قومون اچيو ٺڪاءُ ڪن ته پهرين ڪلما پڙهو... پوءِ رڙهي پئو راءِ ونڊ... پريان ڏسو شاهي شريف محل جو شان... پهرين ڪريو اشنان... پوءِ پڙهو ’هن من مزيد‘ وارو ڪتاب عاليشان... جنهن موجب علامه يخني عليه ما عليه فرمائي ٿو ته، سيٺ شاهوڪار... زميندار ۽ ڪارخانيدار... پنهنجي پرائي حصي مان 99 سيڪڙو نفعو خود ڪُرٽَي چَرڪَي اڃان به ٿين ٿلها ٿُوٿان باقي اسلامي جديد ايڪاناميڪل سسٽم موجب هڪ اڌ سيڪڙو ويچارا مزدور ۽ ڪمي ڪاسبي تريءَ تي رکي... ڀلي پيا ٿين حسرت ۾ حيران... قرضن ۾ قربان... بيماريءَ ۾ بريان پوءِ بنا دوا جهٽ پٽ ۾ قبرستان...
سوال: قافيه پيمائي ڇڏ... پهرين ٻڌاءِ ته اديب ۽ شاعر ڪهڙا وڻنئي ۽ ڇو؟
جواب: ڏاڍو ڏکيو سوال آهي. دراصل هميشه هڪ جيتري آگاهيءَ ۾ ڪير ڪونه ٿو رهي... وجدان... آمد... يا هاتفي آگاهي وغيره ’من ورائَي حجاب‘ هوندي آهي.
استاد فرمايو ته سِيءَ ۾ سُڪي... لُڪن ۾ لُوساٽجي جيڪي ڪجهه مشاهدي ۾ ايندو... اهو بنگلن جي ٿڌن ڪمرن ۽ گرم سنبوسن جي موجودگيءَ ۾ ڪئين حاصل ٿيندو... اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون! Only those who have suffered can surmount the mountains
هن ضمن ۾ علامه حافظ شيرازيءَ جو قول قابلِ غور آهي:
تانه گردي آشنا زين پرده رمزي نشنوي
گوشِ نامحرم نه باشد جائي پيغام سروش
(هاتفي آواز - الهام يا آمد وغيره کي پيغامِ سروش سڏيو اٿس... ان جي ٻڌڻ لاءِ آشنا ٿيڻ ضروري آهي. هيءُ ’پرده رمزي‘، ’من ورائَي حجاب‘ آهي. تنهن ڪري گوشِ نامحرم کي ٻڌڻ ۾ ڪونه ايندو بقول ڀٽائي بادشاهه:
هي ڪن گڏاهان وڪڻي، ٻيا ڪَنَ ڳنهيج
تهان پوءِ سڻيج، پريان سندي ڳالهڙي
ڪنهن به ڏاهي جي تحرير - تقرير يا ڪافي ڪلامto the point هوندو آهي ته وڻندو اٿم... باقي ماضي يا حال جي مشهور معروف ماڻهن جون لکڻيون ڪي هروڀرو وڻڻ جهڙيون ڪونه هوندو آهن. جيتريقدر سڃاڻپ يا مشهور ٿيڻ جو تعلق آهي ته جن کي ميڊيا ۾ پبلسٽيءَ جا وسيلا ۽ موقعا ميسر هوندا آهن، اهي ئي وڌيڪ سڃاتا وڃن ٿا... بس ايترو ڪافي آهي.
سوال: ڪجهه پنهنجي اصل نسل بابت ٻڌايو يا فلم ٽرمينيٽر وانگر ڊائريڪٽ نازل ٿيا آهيو؟
جواب: هتان نازل ٿجي يا هُتان... ڳالهه مڙئي ساڳي آهي... پاڻ وارو ڏاڏو سائين به ڊائريڪٽ نازل ٿيو هو... جن جديديت وارن کي گمان هجي ته پاڻ بن مانسن جو اولاد شريف آهن اهي پاڻ ڄاڻن... راقم جا ڏاڏاڻا سرور نوح رحمته الله عليه جن سان گڏ سنڌ ۾ آيا... جن روضي شريف جي مجاوري ڪئي، اهي آخوند مجاور سڏجن ٿا... ڪن هٿ جا هنر سکيا انهن کي ان سڃاڻپ سان سڏيو ويو... چون ٿا ته انهن ۾ ڪي علوي به هئا تنهنڪري هاڻي علوي سڏائين ٿا... وڏڙا چون ٿا ته سروري جماعت ۾ ڪڪا ۽ ٻانگا به شامل هئا... ڪَڪَن جي مسجد ۽ محلو اڄ به موجود آهي. ڪَڪا هاڻي ميمڻ سڏائين ٿا. راقم جا ناناڻا ٻانگا سڏجن ٿا... ناني آخوند علي محمد ٻانگي کي نرينو اولاد ڪونه ٿيو، تنهنڪري والد صاحب کي هالا پراڻا مان هجرت ڪرائي پاڻ وٽ رهايو... جتي راقم جو جنم اسڪول رڪارڊ موجب 1938-02-26 تي ٿيو... ٻانگن بابت سرور نوح رح جن جي ڪرامت مشهور آهي ته پاڻ سير سفر دوران ڪنهن وڏي مندر وٽان اچي لنگهيا... ڪلمي جي مٺڙي ذڪر تي ٻائو صاحب بي چين ٿي ٻاهر نڪري آيو ۽ پنهنجي صلاحيت ۽ طاقت ڏيکارڻ لاءِ ڀرسان پيل مئل ٻليءَ کي پير جو اشارو ڪيو ته زنده ٿي هلڻ لڳي. مخدوم صاحب جن مسڪرائڻ لڳا... چيائون ته هن عمل مان ڪهڙو فائدو؟ مئل دليون جياري ڏيکار ته ڪو ڇوٽڪارو به ٿيئي!.. ائين چئي مٿس روحاني توجهه وڌائون ته جادوئي طاقت سلب ٿي ويس... بيهوش ٿي ڪرِي پيو ۽ ڇڙهيون هڻڻ لڳو... فقيرن دعا جو پاڻي پياري هوش ۾ آندس... سندس دنيا بدلجي چڪي هئي ڪيڏانهن ويون خوبصورت داسيون ۽ سونَ چانديءَ جون مورتيون! پيرن تي ڪرِي پيو ته فقيرن ۾ شامل ڪريو! سو طهر ڪرائي مسجد ۾ ٻانگو مقرر ڪيائونس... هالن ۾ هن فقير جا ناناڻا اڃان تائين ٻانگا سڏبا آهن... هن ضمن ۾ ڀٽ ڌڻيءَ جو هي بيت قابلِ ذڪر آهي:
نه مون ڏاڏاڻا لکيا، نه ڪي ناناڻا،
پرينءَ جي پاران، مون سان وڏا وڙ ٿيا.
وڏڙن ٻڌايو ته فقير جو جنم هجري مهيني مطابق شعبان جي آخري تاريخ تي ٿيو... سو ڄمڻ شرط جيڪو رمضان شريف شروع ٿي ويو آهي، ان جو ڪو سڀاڳو چنڊ ڏسجي ته يڪي عيد ڪريون... والد صاحب جو نالو به محمد رمضان آهي تنهن ڪري اسم بامسميٰ آهيان... سروري ڪاليج هالا مان انٽر پاس ڪيم ته ڊگري ڪلاس ئي ختم ڪري ڇڏيائون... ڇو؟... سا خبر محبوب علي چنا کي... ان ئي سال والد صاحب جي مسلسل علالت سبب ڪلارڪي ڪرڻي پئي... ڪجهه وقت کانپوءِ سنڌ هوميو ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد مان نائيٽ شفٽ ۾ پڙهي، حڪمت جو چار ساله ڊگري ڪورس پاس ڪيم ۽ هاڻي ’چڪيءَ جي مشقت‘ سان گڏ شاعري به چالو آهي... اڄ سنوارت ٺاهڻ مهل غور شروع ٿيو ته سونهاري سڳوريءَ ۾ هڪ به ڪارو وار ڪونه بچيو آهي، سو آخري خواهش وغيره به ياد پئي آهي.
سوال: ڀلا اڪثر چرياڻ اديبن ۽ شاعرن وانگر ڄامشوري جي پل تان پاڻ ڇڏڻ واري ’شهادت‘ متعلق ڪهڙو خيال آهي؟
جواب: اڃان سوچيو ڪونه اٿم... گڏيل برصغير ۾ جڏهن سڀ دريا فل مستيءَ ۾ وَهندا هئا... تڏهن چاچا غالب کي به خواهش ٿي هئي ته:
هُئَي مرڪَي هم جو رُسوا، هُئي ڪيون نه غرقِ دريا
نه ڪهين جنازه اٺتا، نه ڪهين مزار هوتا
ليڪن هن وقت برادرانِ يوسف جي ڪارستانين سبب ڄامشوري وٽ نڪ ٻوڙ جيترو به پاڻي ڪونه ڇڏيو اٿن، جو کين ٻُڏي مرڻ جي آفر ڪري سگهجي... ڀلا جيڪڏهن برساتن سبب فل پاڻي وهي اچي ۽ پاڻ ڇڏڻ جو ’چُرڪو‘ به ٿي پوي ۽ پڇاڙي هوشيار ٽوٻن، ڪَنَ کان جهلي آڻي کٽ تي رکيو ته پوءِ ڪهڙو فائدو هروڀرو ٻُڏي مرڻ جو!؟ ڀلا جي پوءِ به جرئتِ رندانه کان ڪم وٺي ٻه چار فوٽن پاڻيءَ واري گپ ۾ کڻي ’آ‘ ڪجي ۽ نتيجي طور ڪا ٽنگ ٻانهن ڀڄي پوي ۽ ڊاڪٽر سڳورا چُنَ جو پلستر چاڙهي، حيدرآبادي چِڪن سُوپ جي ڪُڪڙ وانگر، ٿال ۾ ابتو ڪري ٽنگي ڇڏين ۽ آپريشن مهل ڪا ڪئنچي وغيره به گهتَي رکن ته پوءِ مسڪين مولائي ڪيڏانهن منهن ڪندو... منهن ڪرڻ تان ياد آيو ته هڪڙو همراه پاڻي ڀريندي کوه ۾ ڪرِي پيو... دانهون ڪرڻ لڳو ته هتان ڪڍوم... نه ته ٿو منهن ڪريان.
سوال: چڱو اڳتي هل... ڪجهه وقت اڳي ماما مجنونءَ جي پيرويءَ ۾ گيڙو ڪپڙا پائي، صوفين ڀڳتن سان گڏ پير جا پڙ - اوتارا ۽ ماڳ مڪان پئي گهمئين ڦرئين... پوءِ ڪو ڌيان... گيان... ڪا ونڊ ورڇ به مليَئي يا رڳو ايوين ئي؟
جواب: خير صفا ’ايوين‘ ئي به ڪونه هئاسون... ڪنهن جمع چنڊ تي سُرڪي سوائي به مغز ۾ لڳي ويندي هئي... پوءِ ڀانيوسون ته ڪو ماسو مال به جڙيو آهي ۽ پُوڄارو جلد ’پُر‘ ٿيڻ وارو آهي. بقول ڀٽائي بادشاهه ته:
ماسو جُڙيئي مال ته پوڄارا پُر ٿئين!
ليڪن ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن پوڄارو فقير ’پُر‘ ٿيڻ بدران ’پُر پُر‘ ڪرڻ لڳو، تڏهن مرشد سائينءَ اچي ڪَنَ ڌونڌاڙ ڪئي، سو هاڻي باقي وڃي بنا شهپرن لسي فارمي سونهاري مبارڪ... ٽيڪ لاءِ هڪ عدد لٺ ۽ تسبيح سڳوري بچي آهي... ’چڱو جو ڪجهه ته بچيو آهي!‘
سوال: چڱو اڳتي هلو هي سوال نهايت غور طلب آهي ۽ تفصيلي جواب گهرجي ته اوهين ترڪڻ پسند اديب ۽ شاعر پنهنجي عشق وغيره جي ايڊورٽائيزمينٽ ڇو ڪندا آهيو؟ سرڪش سنڌيءَ به وڏو گند ڪيو آهي؟ اوهان وارو سوز هالائي به اڃان پيو ڪملا کي ساري... پياري حميد شهيد به چِيچَ کڻي ’سين‘ ۽ ’شين‘ جا اشارا ڪيا آهن... اوهين ڪهڙي ٿا گوهر افشاني فرمايو؟ (سين لاءِ ڏسو سندس ڪتاب هيڪلايون صفحو 48)
جواب: اسان جو روح رمزي ته اڳئي صفا زخمي آهي... ڀلا جي شين ڪاف وغيره جي تڪڙي ضرورت پئي ته بندو بشر ڪيڏانهن ويندو؟ البته اشارتن ’ز‘ زنجير جو کڻي ذڪرِ خير ڪجي ته اربع خطا ڪانهي... سو پهرين ته عقل ۽ عشق ٻئي گم گشت هئا... پوءِ وڏي جاکوڙ بعد ’ز‘ زنجير صاحبه اچي مغز ۾ لڳي ۽ هاڻي اٺ عدد ڪڙن ڪلفن سميت اهڙي گلي ۾ فٽ ٿي آهي، جو شاعري به وسري وئي آهي!
سوال: هڪڙي ٻي ڳالهه به آهي... سچ ڳالهائيندي يا سياست بازن وانگر No comments فرمائيندين؟ چون ٿا ته تون باگڙين جو حڪيم آهين؟ ان باري ۾ ڇا ٿو چوين؟
جواب: هالا ۾ ڪافي تعداد باگڙي قوم جو آباد آهي، اڪثر عورتن کي سورائيسس، سفلس ۽ سائيڪوسس جهڙيون مزمن بيماريون آهن. انگريزي علاج سان گڏ ڪارٽيزون گروپ جون انجيڪشنون هڻايو، ڪلها ۽ ٻُوٿ سُڄايو ڇڏين ته به الرجيون ۽ سائيڊ افيڪٽس نه ٿا لهن... هنن مرضن تي هربل ۽ هوميو دوائون سٺو اثر رکن ٿيون. تنهنڪري ’باگڙين جي حڪيم‘ وارو ليبل لڳايو اٿن... اسان وٽ چوڻي آهي ته هر عاشق جو شاعر هئڻ ضروري ناهي، باقي هر شاعر جو عاشق هجڻ بلڪل ضروي هئڻ گهرجي... اسان وٽ گهڻي ڀاڱي هالائي شعراءِ ڪرام فقط ’پاڪ محبت‘ جا قائل آهن... محبت ۾ گند شامل ٿيو ته شاعريءَ بدران ’ٻائري‘ ڪرڻ لڳندا آهن... جيڪي عاشق شاعر نه آهن... اهي ’حاسد‘ هوندا آهن ۽ ساڙ ۾ الزام تراشيون به ٿينديون آهن... باقي بندا بشر ته سيد... پير... فقير... حافظ... حاجي... ۽ مولوي صاحبان به هوندا آهن... زخمي فقير ڪهڙي شمار قطار ۾ آهي...
ادا حميد شهيد پنهنجي منهنجي حسبِ حال ٻه بند لکيا آهن:
چاهتون، چاهيون نه چاهيون ٿيو وڃن
پنهنجي وس ۾ يار ناهيون ٿيو وڃن
لغزشون انسان آهيون ٿيو وڃن
پاڪ پوتيءَ پاڻ ناهيون ٿيو وڃن
(غزل ڏسو ڪتاب ’هيڪلايون‘ صفحو 44)
سوال: تنهنجي شاعري ٿي پڙهجي ته هوائي توائي شعر به ڪافي تعداد ۾ آهن... مثلن:
عجب آ حُسن وارن جي به قسمت
مقرر بي وسيءَ جي ٿي آ قيمت
ڏين روزي ٿا عصمت جي بهاني
سڏائن ٿا موحد باشريعت
جواب: شاعريءَ ۾ سوشل ۽ ايڪاناميڪل اشوز قبول ناهن...ڇڙها رومانوي شعر هئڻ گهرجن... ڇڙها لفظ جي معنيٰ غير شادي شده ناهي... هي لفظ اترادين گهڙيو آهي... سنڌي ادب ۾ ’نئين جدت‘ اچڻ کانپوءِ نئين ٽهيءَ وارن اوپن سيڪسي شاعري شروع ڪري ڏني آهي ۽ ڇپائڻ ۽ T.V تي پروموٽ ڪرڻ ۾، وسان ڪونه گهٽايو آهي... اڄوڪن جدت پسند نقادن کي پڻ روايتي هالائي ليبل واري شاعريءَ تي وڏا اعتراض آهن... (کين طالب الموليٰ شايد سمجهه ۾ ئي ڪونه ٿو اچي)
سوال: هي شعر ڀلا ڪيئن آهي؟
هر ڪنهن جي يار ۾ آ سندم يار جلوه گر
هر ڪنهن جي دل ۾ منهنجي ئي ٿي دل نظر اچي
هي تصوفي فسلفو سمجهه ۾ ڪونه آيو... چڱو ڀلا... هي ڪيبل واري گوهر افشاني ڪئين آهي؟
تون منهنجو رٻڙ آهين، مان تنهنجو لغڙ آهيان
تو منهنجو ڪُڪڙ آهين، مان تنهنجو ڊڳڙ آهيان
هي تنهنجي شاعري ته ڪانهي؟
جواب: نه پيروڊي آهي.
سوال: چڱو ڀلا هي ٻي چمقمق ڇاپ ڪششِ ثقل واري شاعري ٻڌ:
مان حسن جو پوڄاري... اندارن ٻاهران نرم آهيان
’ٽائيگر پلز‘ کائڻ کان پوءِ جي خبر ڪانهي
دراصل اوهان جديد شاعرن کي خوشبودار شعر لکڻ ئي ڪونه ٿو اچي... ڦوٽا ۽ جوهر ٽِڪيون کائي پوءِ لکندا ڪريو.
جواب: ائين به ڪيو هوم...
سوال: پوءِ؟
جواب: پوءِ وري ڇا!؟ جيڪو آوازو بي آوازو برآمد ٿيو پئي، اهو نَڪُ جهلي مِٽُون ڦُوڪي لکي ويو هوس... پوءِ ڪنهن توائي رات ۾، ڦاٽل دهل جهڙي گُهڻَي آواز ۾ ڳائڻ بهاني رڙيون ڪرڻ سان واهه جو لطف اچي ها... مزو وري اهو جو اڪثر جعلي فرمائشون به ان ئي سُريلي فنڪار جون اينديون آهن ۽ پروڊيوسر صاحبان بمبئي بيڪريءَ جي ڪيڪ تي، ان کي ئي هلائيندا رهندا آهن.
سوال: هي سوال اڪثر محفلن ۾ پڇيو ويندو آهي ته اوهين هالائي شاعر، اڪثر سوز، شهيد ۽ زخمي، گهائل جهڙا تخلص ڇو رکندا آهيو؟
جواب: ڇو جي خبر ڪانهي... استاد اختر هالائيءَ پنهنجي فرزند ۽ منهنجي همڪلاسي ادا حميد شهيد لاءِ ’شهيد‘ تخلص تجويز ڪيو ته مونکي به شوق ٿيو ته ان قسم جو تخلص رکجي... پهرين استاد منصور ويراڳي مون کي ’روح‘ جي نالي سان سڏيندو هو... هڪ جيڏن روح کي ابتو ڪري ’حُور‘ ڪوٺَي چيڙائڻ شروع ڪيو... هڪڙي ڏينهن خوبصورت شاعر علي محمد مجرُوح به موجود هئو، سو مونکي به مجروح ٿيڻ جو شوق شروع ٿيو، ليڪن استاد فرمايو ته ٻن مجروحن بدران، هڪڙي جو سلوڻي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ’زخمي‘ ٿا بنايون... پوءِ ’روح رمزيءَ‘ سان گڏ ’زخمي‘ به شروع ٿيو آهي... هڪ شعر...
ڪي ’سوز‘ ۾ سڙيا ۽ ڪي ’زخمي‘ ۽ ڪي ’شهيد‘
هالا جي شاعرن جي آ همت جدا جدا
سوال: ٻڌو اٿم ته نثر ۾SEX تي به ڪجهه لکيو اٿئي؟
جواب: ها... پر
سوال: پر ڇا؟
جواب: ڪجهه وقت اڳ سعادت حسن منٽو ۽ عصمت چغتائيءَ جهڙن جدت پسند مصنفن جو ’مهذبي‘ ماڻهن اهو حشر نشر ڪيو هو، جو بس...
سوال: پر خبر ته پوي ته ڇا لکيو اٿئي؟ تو وارو ڪتاب هونئن ئي ڪير ڪونه ڇاپيندو...
جواب: چڱو ٻُڌ: عنوان آهي ’سروس‘
سرڪاري نوڪريءَ لاءِ رلندي ۽ جتيون گَسائيندي، ايج لمٽ به ڪراس ٿي ويس... نيٺ ڪنهن پرائيويٽ جاب لاءِ شهرن جي شهر ڪراچيءَ اُسريو... ليڪن سنڌي ماڻهو ۽ نوڪري... سا به ڪراچيءَ ۾ ناممڪن... سو آخري ڀيرو قسمت آزمائيءَ لاءِ سنڀري نڪتو.... جامعه ڪلاٿ مارڪيٽ کان ٽريفڪ جي رش سبب تڪڙ ۾ روڊ ڪراس ڪندي پير سلپ ٿي ويس... ڪار کي زبردست بريڪ لڳي... چڱو موچارو ڌڪ لڳو هوس... ڪار سائييڊ ورتي... شيشو لٿو... ولائتي پرفيوم جي دلبهار خوشبو ڌڪ جو سُور ئي وساري ڇڏيس...
”من ٺيڪ ته آهين نه... اسپتال هلون ڇا؟... ها... رت بند ئي نٿو ٿئي ئي“ ”مگر...“
”مگر ڇا؟...“
”ازل کان بيروزگار آهيان.... (شايد اسان سنڌي ابد تائين بيروزگار رهنداسون) هن جي اندر مان آهه نڪتي
”ڪو هنر وغيره ڪونه سکئين ڇا؟“
”اسان سنڌين ۾رواج ڪونهي... صبح جو لٽريسي شام جو ڪرڪيٽ، ٽيڪينڪل هنرمندين ۾ ٻيا آهن، جيڪي فقط پنهنجن کي ٿا سيکارين“
”چڱو... اندر اچ“
دروازو کُليو...
”سوَلو ٿي ويهه... ماني کاڌي اٿئي؟“
”هڪ ضرورتمند هٿ ٻئي ضرورتمند هٿ کي سنڀالي وررتو... هاڻي هُو سروس سان لڳي چڪو آهي... افسانو پورو ٿيو.“
سوال: پر مطلب ڪهڙو ٿيو؟ ضرورتمند هٿ ڪنهنجو هو؟
جواب: اهو هر ڪو ماڻهو، پنهنجي عقل ۽ ضرورت مطابق سمجهي سگهندو... اسين في الحال احتياط جو دامن ڏندن ۾ جهلي، سياري ۾ به ٿڌي برف پاڻيءَ سان وضو وغيره فرمائينداسون ته اٿاري کان آرام رهندو.
سيلف انٽرويو پورو ٿيو... محبتون باقي.

پُنهونءَ هنيو ڇڪو

پُنهونءَ هنيو ڇڪو


پاڻ پنهون آئون آهيان ڙي ڀينر ڀلي ناهيان...
جيڪڏهن پاڻ پنهون نه هجان ۽ ڀينر ڀلي به نه هجان ته پرواهه ناهي... هُو بيشڪ پاڻ پنهون هئا... دريءَ مان دوست به ڏٺو هئاسون... مَڌُ پيئندي ساجن به صحيح سڃاتو هيائون... باقي هن وقت جيڪي همراهه پاڻ کي بزعم خود وڏي پنهونءَ جو نائب نڙو، خيلفو خڙو يا ڪمدار ڪڙو سمجهندا ۽ سڏائيندا وتن، انهن جي چاندي آهي...
هتي پاڻ وٽ قلم 144 لڳل ڪونهي تنهن ڪري هر ڪو چار ڪتاب پڙهيو، پاڻ کي اجتهادالبحر سڏايو... قديم بادشاهي ڊڪٽيشن تي لکيل جعلي ڪتابن مان حسبِ ضرورت حوالا ۽ ڪهاڻيون ڪڍيو... گڙيب عوام کي برين واش ۽ پاڻ کي ٺاش باش ڪندو وتي...
ماما سام وارن کي لُڙ ۾ مزو... تازو سلمان رشدي ۽ تسليم ڦشدي کان وٺي گوهر شاهي تائين جنهن ۾ به داڻا ڪڻا ڏسن ٿا، انهن جي وڏي پيماني تي پبلسٽي ۽ چاڪنگ ڪرائي، مريدن کي ڏاڍا گاهه پائي چاريندا آهن... اڳ به راولپنڊي لاهور ۽ ڪوٽڙيءَ تائين سڀني ’خدا جي بستين‘ جون چارجون وٽن هيون... سڀني ملڪي غير ملڪي بحري ۽ هوائي اڏن جون پورايون سندن حوالي هيون... اسين سنڌي محبتي ماڻهو اڳ ۾ ئي پنهنجن پراين جا ستايل بک ۽ بيروزگاري جا ماريل آهيون... سو اها ڳالهه سهي ڪانه سگهياسون... تنهن ڪري ڪالهه خميس ڏينهن، سليماني چانهه ۾ سُڪل پاپو ٻوڙي، زهر مار ڪرڻ بعد ٻئي هٿ ۾ پيٽ ۾ وجهي، حسبِ روايت بنا ٽڪيٽ لاريءَ ۾ سوار ٿي هلياسون سنڌ جي سائين شاهه لطيف کي دانهن ڏيڻ ته اسان ۾ حال ڪونهي، باقي غيب مان ڪا واهر ٿئي ۽ ڪو ابابيلن جو لشڪر گهرائجي، ورنه تنهنجي سنڌ گدڙ کائي ويندا...
سو زيارت ڪري، سبيل ڍُڪ پيئڻ لاءِ ناديءَ وٽ پهتاسون ته اتي ڦاڙهو فقير، اڳئي ڇتا ڇوڙيو، ڌمال جي سَٽ سَٽان لايو ويٺو هو... اسان کي ڏسڻ شرط سمجهي ويو ته هي همراهه ’وَٽِ‘ وٺڻ آيا آهن... سو نذرانو وٺي، جمني ڀري اهڙي مغز ۾ ٺوڪيائين، جو ست ئي طبق روشن ٿي ويا... هڪڙي ’چيز‘ اسان جي تريءَ تي رکي، پاڻ الوپ ٿي ويو، غور سان ڏٺوسون ته هڪ ست رنگو ڍر ڍارو پئون ٻارهو، پرزم وانگر چمڪي رهيو هو، اوهين به ديدار ڪريو:

1. پهرين ٽِڪِي کير ڀري، ٻِي به ڏيندو الله

هڪ وڏي مناري واري جديد مسجد وانگر ڪا تصوير هئي، جتي VVIP جنٽري عبادت بهاني برگر ۽ پزا هضم ڪري رهي هئي. پڇاڙي دعائن ۾ اوورهيڊ برجن ۽ ٻين سڻڀن ٺيڪن جون تمنائون به هيون، جيڪي اڃا ٺهي بس ٿين ته ٻئي ڏينهن ڌُو پَٽَ تي... پڇاڙي لنڊن واري يار معرفت ’حسنِ ڪارڪردگي‘ جا تمغا ڊوڙندا اچن...
من ترا حاجي بگويم تو مرا حاجي بگو... مين انڌا ته ميڏا يار به انڌا

2. آجوڙو سجوڙو مولا ڪندو ميڙو

هن تصوير ۾ شايد سنڌ سڳوريءَ جو ڪو گهر هئو، جتي معصوم نينگر کير بدرانORS پِي رهيو هو... ٻيا گهر ڀاتي مليريا، ڪانگو وائرس، گردن توڙ بخار، سوائين فلو ۽A کانZ تائين هيپاٽائيٽس جو بيچينيءَ سان انتظار فرمائي رهيا هئا. اڪلوتي مينهن ۽ ٽي ٻڪريون گل گهوٽي ۽ سمهاڙيءَ ۾ سٽيون رکيون هيون... ڪڪڙيون بيضن بدران راڻي کيت لاهي رهيون هيون... دروازي تي گهر ڌڻيءَ جو لاش سڃاڻپ لاءِ کڄي آيو هو، جيڪو ڪمدار جي قرب سبب ڌاڙيلن ڌوڙ ڪري رکيو هو... ٻُڌڻ ۾ پئي آيو ته ان جو سبب سندس تازي سامايل خوبصورت ڌيءَ هئي، جنهن لاءِ ننڍي ڀوتار ’ٿانءَ ٻهاري‘ لاءِ زور پئي ڀريو، ليڪن چريو پڻس تڪڙ ۾ سؤٽ سان شاديءَ جا ڏينهن ٻڌي آيو هو.

3. آ... ٽي داڻا شرع جا

هن ٽڪنڊي ۾ شايد سنڌ سڳوريءَ جون ڪجهه بند پيل يونيورسٽيون ۽ ڪاليج هئا... شاگردن جا جلوس ۽ رينجرس جي لوهي دستن وارين لٺين جا ڌڪيل، رت ٻُڏل لاشا هئا... امتحان ملتوي رزلٽون 6 مهينا ليٽ... فارين اسڪالرشپون ۽ نوڪريون انهن خوشنصيبن لاءِ، جن جا ڪاليج ۽ يونيورسٽيون سڄو سال کليل رهنديون آهن.

4. آ... چؤنڪو چار سڀ چؤنڪ پورا

هي چؤنڪو عجيب ڏٺوسين هڪڙي ڪنڊ ۾ چار ونيون عروسي لباس ۾ گلن جا هار کڻي انتظار ۾ بيٺيون آهن، ٻيءَ ڪنڊ ۾ چار ڳڀرو نوجوان گهوٽ بنجڻ لاءِ هارن بدران پلي ڪارڊ جهليو بيٺا آهن، جن تي جهيز متعلق مزيد مطالبات ۽ طلاق وغيره بابت اڳواٽ شرط لکيل آهن (شايد سڄي زندگي ساٿ نباهڻ جو ڪو ارادو ڪونه اٿن) ٽينءَ ڪنڊ ۾ پوڙهي پيءُ چار کڏون/قبرون کوٽي تيار ڪيون آهن ۽ ڪوڏر ڪلهي تي رکي ڪجهه سوچي رهيو آهي.
چون ٿا ته بعثت نبويءَ صلعم کان اڳ نياڻين کي زنده دفن ڪرڻ جو ڪو ٻيو سبب هو ۽ هن وقت الاجي ڪهڙو آهي! انڊيا ۾ ته اڳواٽ ليبارٽري ٽيسٽ بعد ايبارشن ڪرايو ڇڏين... چوٿين ڪنڊ ۾ ڪو مؤرخ... مصنف بنا پگهار... بنا ڊڪٽيشن ڪجهه لکي رهيو آهي، جيڪو شايد ايندڙ نسلن جي ڪم اچي... باقي هن وقت اسان واري برگر ڪَٽَ، ڇليل جهينگي ڇاپ نئين نسل کي نڪو مطالعي جو وقت آهي، نڪا ان جي ضرورت..!

5. آ پنج گنج پنجتني: سڀ سڻايون

هي پاسو عامل ڪامل جوڳي ڦوڳي... رملي سملي، جنن ڀوتن، ستارن ابجدن، ڌاڳن ڦيڻن، تعويذن ۽ اڇن ڪارن علمن ڪرڻ وارن... ٺهيل ٺُڪيل ۽ بنيل بنايل ڀوپن ۽ پاڙُهن جو ڏٺوسين.
سڀئي عاليشان اڪيڊميءَ جا ايوارڊ يافته اداڪار، ايڪٽر... جيڪو به اڙيات اڻ گهڙيو ڪاٺ ڳنڍ جو ڳوڙهو، مَتِ جو موڙهو، ڪارو ڪڪڙ، ڳاڙهو ٻڪر ۽ سائو نوٽ نذر نِياز ۾ گهوريندو... ان جون جائز/ناجائز دل گهريون مرادون اوش پوريون ٿينديون...
هن وقت ٻيلا وڍجي چڪا آهن... سڀئي جن ڀوت ۽ مؤڪل پرائي ميڪ اپ لاهيو، ڪلين شيو بنجيو، پينٽ ڪوٽ ۽ ٽاءِ لڳايو، اسان جي اوسي پاسي گهمي ڦري رهيا آهن... موبائيل جي گهنٽي وڳي ناهي ته همران ڊيوٽين تي... قبضن اغوائن ڀنگن ۽ ڀتن کان وٺي، ارينجنڊ ايڪسيڊنٽس تائين سڀ دلي مرادون پوريون (هڪ گاڏي/ٽرڪ اڳيان ٻي پويان... وچ ۾ همراهه جي ڪار... روڊ تان هيٺ نه لٿو ته قيمون... هيٺ لٿو ته ڪلٽي)
ڪي فنڪار وري تقريربازيءَ جي فن ۾ تاڪ/طاق... مختلف رفرنس وارين دو نمبر ملفوظات ۽ مقولات جا صحفا نمبر ياد ڪريو، پنهنجو پاڻ کي علامت الدهر ۽ اجتهادالبحر جي جديد لقبن سان نوازيو، محبتي عوام کي گشا پتا ٺوڪيو، جان بنائيندا وتن.
گذريل صديءَ جي سيٺ شاهوڪارن جو به شايد اڄ وارو حال هو، جو اهلِ نگاهه اوليائن گڏجي درگاهن خانقاهن ۽ بارگاهن تي لنگر جو انتظام شروع ڪرايو... اجمير شريف ۾ ته 100 مڻن جي هڪ ئي وڏي ديڳ چڙهندي آهي، جتي ڏاڪڻين تي چڙهي بالٽين سان لنگر ڪڍي تقسيم ڪيو ويندو آهي. سنڌ هند ۾ اڄ تائين درگاهن ۽ بزرگن جي آستانن تي جانور ذبح ڪري خيرات ڪرڻ جو رواج موجود آهي.

6. آ... ڍر ڍارا پئون ٻارها ٺڪ ٺون ٺڙاڪ

هر پاسو جيئن ته تام اثرات جو حامل آهي، تنهن ڪري هن جون صورتون رنگ بدلائي رهيون آهن. ڪڏهن ڪي نيوٽران پروٽان جي جاءِ تي هليا وڃن، ته ڪڏهن وائيس ورسا... ڪڏهن ابتا پيا ڦرن، ڪڏهن سبتا... ساڳيو حال اليڪٽران جو آهي... ڪي گردش مان نڪريو فري پيا گهمن... جنهن ۾ مغز ۾ لڳن، انهن جي مرضي...
اسان کي به جديد علوم جي پياس، اصلي تي وڏي ۽ باتصوير پنهونءَ تائين پهچڻ جو اتساهه ڏياريو... ان کان اڳ استاد به اسان جي ڪَنَ ۾ ڦُوڪ ڏني هئي ته متان انهن ماليڪيولن ۽ ايٽمي ذرڙن کي ’ملائڪ‘ نه چوندا هجن... بهرحال وڏي ڳولا بعد مس مس وڃي، ’نيوڪلئيس‘ واري جاءِ لڌيسون... ست ڦيرا پورا ڪري جو سلام ورايوسون، ته سائي پاسي سائين امر جليل جهڙي صورت نظر آئي ۽ ڏائي پاسي سائين حليم بروهي ڪرسيءَ تي بالم ٿيو ويٺو هو... اسان کي پريشانيءَ ۾ ڦاٿل ڏسي اشارو ڪيائون ته، ”ٻچا اسان وارن تعويزي ڪتابن سان رابطو ڪريو ته مشڪل آسان ٿيندوَ...“
سو پڙهندي پڙهندي پنڪي اچي وئي، ڇا ڏسون ته هر طرف جناتي مؤڪل محوِ رقص هئا، اسان کي سڃاڻي حڪم ڪيائون ته ٻالڪا! پنهنجي سدا سريلي آواز ۾ ’پاڻ پنهون آئون آهيان‘ واري ڪافي ڳائي... آرسيءَ ۾ پنهنجو سداملوڪ ٻُوٿ ملاحظٰه فرمايو ته ڪا ڪَسَرَ ته ڪانه رهجي وئي آهي... پوءِ نَڪَ جي سِڌائيءَ ۾ هلڻ شروع ڪريو... ڪٿي نه ڪٿي ته ضرور پهچي ويندائو... تڪڙ ۾ حسين آباد هليا ويائو ته پاڻ ٻَڌل ناهيون...
اسين جئين ته سندن چڳ وڍيا مريد آهيون، تنهن ڪري حڪم موجب نه ڪا ڪئيسون هَمَ نڪا تَمَ... سڌو ورتوسون ڪيچ مڪران جو گَسُ... پوءِ واءَ وڃايس ڪپڙا، اجرڪ ٿي اڳڙيون ۽ لوئي ٿي ليڙون... رستي تي ڇورن کي الاجي ڪهڙو پُورَ پيو، جو ٺڪر ڀتر چونڊي وسڪارو لائي ڏنائون... جهٽ ۾ وڏو ڍڳ ٺهي ويو، اسين ان کي ئي سسئيءَ جو مزار سمجهي پهرين ويهي رهياسون، پوءِ وري ليٽي پياسون... ايل پنوهار ۽ ٻڪرين جو ڌڻ به اوسي پاسي ضرور هوندو... زمين ڦاٽِي الاجي نه، باقي پنهونءَ جو مٿو ضرور ڦاٽو پيو هو ۽ ايڌي ايمبولينس وارا اڃان پنڌ ۾ هئا.
هاڻي اميد ته پنهونءَ وارا منهن مونن ۾، ٽنگون سسيءَ ۾ وجهي سَٽَي وارن بانڊن جا نمبر به ٻُڌائيندا ۽ بي اولادن کي پُٽ ڏيڻ يا ڏيارڻ جو ترت بندوبست ڪندا رهندا.
آخر ۾ عرض ڪريو ٿا وڃون، ته اسان کان سواءِ ٻيو ڪوبه مٿي ڦريل ليکڪ، بنا اجازت ڇڪي هڻڻ جي ڪوشش نه ڪري، ورنه ان کي پهرين ايٽي وان ۽ ويليم تي گذارو ڪرڻو پوندو، پڇاڙيءَ خميره گاؤزبان عنبري جواهر والا تي....
تنهن ڪري اسين في الحال سائين طوطل شاهه بادشاهه جي مزارِ مقدس تي دعا گهري، سبيل جي جمني نوشِ جان ڪري، وڏي پنهونءَ لاءِ دعا گهرنداسين، ته دنيا دم گذر آهي، گهڻئي مال پاڻي عالمي بئڪن ۾ جمع ٿي چڪو... هاڻي گڙيب عوام کي نڪو رات جو تارا ٿا نظر اچن، نڪو ڏينهن جو... تيل ته هاڻي ترن ۾ به ڪونه بچيو آهي، جو مزيد پيڙجي سگهندا...
اڄڪلهه انبن جي کوکن جو به رواج ڪونهي هاڻي ته روزانو رموٽ ڪنٽرول جي ٽُنگ ۾، ستارن ڀرئي ڊراڪولا جي وچين آڱر پئي، اچي ۽ وڃي... پوءِ متان اوچتو ڌڙ ڳوليان ته سسِي نه لهان واري ڪار ٿئي... باقي کنڊ جي ڪارخانن، پيٽرول پمپن ۽ هزارين ايڪڙ مقبوضه زمين مان به ويلي تي فقط ٻه مانيون ئي نصيب ٿينديون، زور ڪري ٽِي کائبي ته دست ٿي پوندا... تنهن ڪري نعرو ماريو ڇڪو زنده باد پنهون پائنده باد

ڏاند جي ارتقا

ڏاند جي ارتقا


آسماني آبِ حيات، مئل ڌرتيءَ کي وري جياريو. ٻئي حشرات سان گڏ، موهين جي دڙي جو واحد ڏاند به ڪَنَ ڌونڌاڙي اُٿي کڙو ٿيو... هاريءَ ڳُٽڪار ڪيس ته خوش ٿيو... ڦونگهارو هڻي وڏو ساهه کنيائين ته يوريا ڀاڻ جي ڌپ نڪ ئي ساڙي ڇڏيس. ڀرسان پيل گاهه ۾ وات وڌائين ته ٻاڙو ۽ ڪسارو لڳس. پريشان ٿي چوڌاري نظر ڪيائين ته هر طرف امريڪي ۽ اسرائيلي سُنڍيون مکيون ۽ جُون فصل جو ست ۽ هاري جو رت نهايت آزاديءَ سان چُوسي مواڙ ٿي رهيون هيون... سواليه نگاهن سان مالڪ ڏي نهاريائين، هاري ڳالهه سمجهي ويو... چيائينس ته موڳا مٽر برادرانِ يوسف ڪمال نڪ جي پڪائيءَ سان پنهنجين ڪيميڪل فيڪٽرين جو زهريلو پاڻي سُڪائي ضايع ڪرڻ بدران، پاڻ وارين ڍنڍن ۽ شاخن ۾ وهائي ڇڏيو آهي... ڇا کين چوڻ آکڻ وارو به ڪو ڪونهي؟؟ انهن چوڻ آکڻ وارن جا ئي ته ڪارخانا آهن... باقي اهي ساوا ڳاڙها جيت ۽ انهن جي مارڻ وارا ڦوهارا، سِتارن واري سخي بابا قرض واري امداد تي موڪلي ڏنا آهن... قرض ۽ امداد ٻئي گڏ ڪئين؟! ڊڪٽيشن تي عمل ٿيو ته امداد، ورنه قرض پلس ڪمپائونڊ انٽريسٽ... ڏاند عجب کاڌو ته هي تازا اشرف المخوقات بنيل انسان نما حيوان... هُوس جا کوپا اکين ته چاڙهي، ايڏا ارزل المخلوقات ڪڏهن ۽ ڇو ٿيا آهن؟! هونئن به دستور آهي ته انسان يا حيوان بک کان ڇتا ٿيندا آهن. هنن کي ته ضرورت کان به وڌيڪ سڀ ڪجهه موجود آهي... پوءِ ڇو؟ الاجي!...
پريان وڻ هيٺان هاريءَ جو پڙهيل پٽ جونِ جولاءِ ۾ به ڏُڌ مکڻ بدران ڪاري ڪَٺ چانهه ۾ سُڪل پاپو ٻوڙي کائي به رهيو هو ۽ پگهر به پئي اگهيائين... ڏاند جي تنقيدي نگاهن جو تاب جهلي ڪونه سگهيو، سو شرمساريءَ وچان هَڪَل ڪيائينس ته، ”او تُوتڪ تُوتڪ تُوتيا، هو جمالو... سڱ ڀڳل ڍڳي جا پٽ! هن وقت اسان کي اجهو اهو ميسر ڪري ڏنو اٿن، سڀني وڏن گڏجي ڪچي کي پاڻ ۾ ورهائي، ٻيلا وڍي فصل پوکي ڇڏيا آهن، تنهن ڪري اتي جي ماڇين کوسن ۽ ڀچن پنهنجيون مينهون ڍڳيون ۽ ٻڪريون کپائي، اٺن ٿڻن وارين ڀورين ڀٽارين جي ولايتي سُڪل کير مان تازو نج ماهيو کير بڻائي، شهر وران کي پيارڻ شروع ڪيو آهي. سو في الحال اسان به ڏڌ مکڻ کي وساري ڇڏيو آهي... تنهن ڪري تون به کاري ۽ ڪساري گاهه ۽ بدبودار سائي پاڻيءَ کي الله جي رضا سمجهي، ڪنڌ هيٺ ڪري خوش رهڻ جي ايڪٽنگ ڪرڻ سِکُ ۽ پوءِ هر روز قطار ۾ بيهي ترانو ڳائي، ورنه بقر عيد کان اڳ ئي گس هلندي بنا تڪبير حلال يا حرام ڪري رکندئي...“ آزادي پسند ڏاند اهڙي ’شريفانه‘ زندگي گذارڻ لاءِ قطعي تيار ڪونه هو... سَٽ ڏئي رسو ڇنائي سڱ سنوان ڪيائين ۽ اُلر ڪري اٿيو... ڀائرن کي گڏ ڪرڻ لاءِ وڏيون رنڀون ڪيائين... ليڪن وڏي واڙي تي پليل متارن ڏاندن حسبِ روايت سڏ ڏيڻ ته ٺهيو، اک کڻي نهاريو به ڪونه... سڀ ڏاند کايو پيئو مست ٿيو، اوڳر ورائڻ ۾ مگن هئا... مڇريل ڏاند جو ارادو ته وڏو هو ليڪن اڪيلو ڇا ڪري سگهي ها... خوامخواه 5 سال جيل ۾ پيو سڙي ها... اڃا سوچ ۾ هو ته پريان تاڪ ۾ ويٺل همراهن دير ئي ڪانه ڪئي... پهرين گوليءَ جو آواز آيو پوءِ بم جو، ڏاند نماڻيون اکيون کڻي آسمان ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ ساهه مالڪ کي موٽائي ڏنائين... شايد 5 هزار سالن بعد به موهن جي دڙي وارن ڏاندن لاءِ جديد دنيا جي الٽرا ماڊرن ٽيڪنالاجي سان ڀرپور ترقي ۽ ارتقا باوجود... اهو ئي آخري نتيجو نڪرڻو هو ته پوءِ اها ارتقا چئبي يا نرتقا؟ Evolution چئبي يا Devolution؟

بنا سڱن

بنا سڱن


سنڌي محاورو آهي ته، ’گنجي کي ننهن ۽ گڏهه کي سڱ الله نه ڏي‘ هتي هڪڙو ٻيو ڪڙم جو ويري به آهي جنهن کي سڱ اصل ڪونه ٿين... ان ۾ موليٰ جي ڪانه ڪا حڪمت ضرور هوندي.... ورنه انهن ڀٽارن کي جيڪڏهن ڪي کُتيون به نڪتل هجن ها ته پاڻ وارا سڀاڳا ڪاسائي هڪڙن کي وهڙا ۽ پاڏا... ٻين کي ٻڪر ۽ ڇيلا سمجهي... بنا تڪبير حلال ڪري رکن ها... رڳو رکن ها نه... پر واقعي ڪجهه سال اڳي باقاعده حلال ڪري رکيو هئائون (هن وقت خبر ڪانهي) اخبار بينن کي ياد هوندو ته ويهارو سال اڳ نوابشاهه – ميرپورخاص - حيدرآباد ۽ ڪراچي جي درآمدي ڪاساين گوشت جي مهانگائي کي منهن ڏيڻ لاءِ، ڪڙهائيءَ جي شوقين همراهن جو وات گلاب ۽ پڇ تيلي ڪري رکيو هو.... ڪوڙين ڪَنَين ٻڌون پيا ته هن وقت اها ڊيوٽي، ٻن چهنبن وارين مرغين جي درآمدي قيمي مان بنايل برگر ۽ پيزا واريون جديد HUTS نهايت خيرخوبيءَ سان سر انجام ڏئي رهيون آهن... کائڻ وارن کي گهرجي ته خود تصديق ڪن...
ان سانحي کان اڳ، اسين راتين جا رول، ادبي ۽ اخباري ٺڪائن تي تبصرن لاءِ اڪثر انهن ئي هوٽلن تي چئنڪ چانهه جي چشڪي تي ويهندا هئاسون، اسان جو مشاهدو هو ته جيئن ئي همراهه جيپن ۽ بائيڪن تان لهي... پانچا ڇنڊي... ڪلف لڳل ڦوڪيل ڪاٽن جا گهنج وڏي احتياط سان سڌا ڪري... اڃا ڪرسين يا کٽن تي مس ويهندا هئا ته بيري جون اکيون چمڪڻ لڳنديون هيون... پاڻيءَ جو جڳ ميز تي رکي وڏي آواز ۾ صدا لڳائيندو هو ته ’لائو اسپيشل ٻاڪرا ڪڙهائي مصالحا مڪس سونهري صفائي سي‘ اسان مولاين جو به وات پاڻي ٿيندو هو ته ايندڙ پگهار تي اهو صفائيءَ وارو مال ضرور چکي ڏسبو، مگر هر ڳالهه ۾ حڪمت... مرشد وتائي فقير چواڻي ته ڪڏهن ڪڏهن سڃائي به ڪم اچي ويندي آهي، سو ٿيو ائين جو پوين تاريخن ۾ پوليس سڳوري به بک ۾ ڇرڪ ڀري جاڳي پئي ۽ ڪاسائي ۽ هوٽلن وارا ٻڌجي ويا... اڄ تقريبن پنجويهن ٽيهن سالن بعد ان عظيم المرتبت ڪڙهائي واپرائڻ جي اهل اولاد ۾ ان جا مابعدالطبيعاتي جينيٽڪ ايٽمي اثرات هُوبهو ظاهر ٿيڻ لڳا آهن... اهو هيئن ته اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيواريءَ لاءِ ڪي همراه باهوڙجي... نرا کڻي... گيريون ڪري هڪٻئي کي ڏاڙهڻ لڳا... ڪن هينگون ۽ پُستيون به هنيون...
هاڻِ وري اردو جي مشهور افسانه نگار ڪرشن چندر جي ٻڌايل بين الاقوامي دانشورن جي تندوري رانن ۽ چاپُن ٺوڪڻ وارن جو احوالِ حالِ زار راوي هن طرح بيان ٿو ڪري ته اڃا شام ئي ناهي ته فون ڪَنن تي ۽ ڊرائيور ڊيوٽين تي... پوءِ ڪئين ببليون سَبليون ۽ باليون ساليون اچيو ڌنڌي سان لڳن... وڏا ڀاڳ انهن ’بوليءَ‘ وارين جا جيڪي ماروِين ۽ موملن جون اچيو حويليون والارين... سندن رکوالا پهرين ڪمدارين سان لڳندا ۽ پوءِ حصيداريون ڪندا...
روزانه اخبارن ۽ رسالن جي سڄاڻ ڪالم نگار بين السطور آگاه ڪندار رهن ٿا ته خبردار ڌاريان ئي ڌاريان مِٽَ مُئيءَ جا نه ٿيا وغيره... ليڪن اسان کي مُڙڻ موٽن مهڻو... چون ٿا ته ڪنهن رئيس پنهنجي جيپ مان ريورس گيئر به ڪڍائي ڇڏيو هو، ته جنهن ڏينهن رئيس پويان پير ڪيا ۽ پوئتي نهاريو ته پنڊ پهڻ ٿي ويندو...
حڪيم قاضي وڏو فرمائي ٿو ته ان جمبو سائز مال جا ماليڪيولم به جمبو سائز هجن ٿا ۽ ان امان جيڪو رت پِت ٺهندو، ان جو اثر ستن پيڙهين تائين هلي ٿو... تنهن ڪري اسين هن مطالبي ڪرڻ ۾ حق بجانب آهيون ته سنڌ جا وڏا لقمان حڪيم پاڻ ۾ مشورو ڪري، ڪو اهڙو نج جمال گهوٽي مدبر دوآتشه وارو اڪسيري جلاب ايجاد ڪن، جو سهڻي صفائي ٿي وڃي...
ان سان گڏ اسين افلاطون سول سرجن صاحبان کي پڻ التماس ٿا ڪريون ته هنن جمبو سائيز حيواني مال جي حاملن جو (بنا ڪينچي گهتڻ جي) ڪو فَس ڪِلاس آپريشن ڪري، انساني ماڊل اسٽينڊرڊ سائز بحال ڪن ته من ڪو افاقو ٿئي (هيءَ ڳالهه غور طلب آهي ته لوڊشيڊنگ ۾ اتفاقن اگر هٿ ٿڙي وڃي ۽ ڪو تکو اوزار وهي وڃي ته به خير آهي.)

گدڙ ڙي گدڙ

گدڙ ڙي گدڙ


چون ٿا گرهوڙي بادشاهه پيشين گوئي ڪئي هئي ته اهو وقت جلد اچڻ واور آهي، جو سنڌ کي گدڙ کائيندا... گدڙ معنوي اشارو آهي تنهن ڪري مشتري هوشيار باش... جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته هن وقت رڳو گدڙ ڪونه پيا ڪرٽين، پر بگهڙ ۽ السيشن ڪتا به دعوتِ شيراز ۾ شامل ٿي ويا آهن... ڏاندن ويچارن جو گذر سفر مزدوري ۽ هارپي تي آهي... سو هاڻي وڏي بگهڙ وري زميندارن کي ختم ڪرڻ جو راڳ ڀيروي سُر ۾ آلاپڻ شروع ڪيو آهي.
ٻئي درجي ۾ پڙهيو هوسون ته جعفر نالي هڪڙي ڌراڙ ويچاري پهرين کڻي چرچو ڪيو هو ته، ”وارو ڪريو ٻڪرين ۾ بگهڙ...“ ماڻهو ڪهاڙيون کڻي آيا مگر هاڻِي جفعر جو اولاد ڏينهن رات مائيڪ تي رڙيون پيو ڪري ته، ”وارو ڪريو... گدڙ ڏند تکا ڪريو، ڪاهيندو اچي...“ پر اسين سڀ صدورا ثقافتي سردار دهل شرنائيون کڻيو پيا نچون ٽپون ته، ’ماما ماما مار گدڙ کي... او ماما ماما مار گدڙ کي... نور نور سانڊو‘ ليڪن ماما سائين الُوٽ ٿيو ڪرسيءَ تي ويٺي پيو ننڊون ڪري... ۽ گدڙ، سانڊي سان صلاحي ٿيو في الحال ته وڏيون وڏيون تقريرون پيو ٺوڪي... پوءِ شايد سوئرن ۽ هاٿين سان گڏجي يڪي ڀيل ڪندو ۽ عهدا سنڀاليندو...

کٽ گزيٽ

کٽ گزيٽ


ڪيبل ڪلچر کان اڳ هالا ۾ هوٽلن تي اخبارن گهرائڻ جو عام رواج هوندو هو... مارڪيٽ وارين وڏين هوٽلن جي ٻاهران ڇپرا اڏيل هوندا هئا، جتي ٽيبل ڪرسيءَ بدران کٽون رکيل هيون، جتي شام جو هر ڪو ڪم تان لهيو، تفريح بهاني چاءِ به پيئندو هو ۽ ’کٽ گزيٽن‘ مان به لطف وٺندو هو... شهر جا ٻه مخصوص ماڻهو وچ ۾ ويهندا هئا ۽ ٻيا چوڌاري ميڙاڪو ٿيل... هڪڙي جو نالو هو ريڊيو پاڪستان ۽ ٻئي جو بي بي سي... چڱا خاصا پڙهيل ڪڙهيل ۽ خوشحال هئا، مگر خبرون گهڙڻ ۽ کِلڻ کِلائڻ جو خفت هوندو هون...
هڪڙي ڏينهن ’گزيٽ‘ لڳي ته شهر جو مشهور وڏو ڊاڪٽر گذاري ويو آهي، شام جو 5 وڳي کڻندا... مونکي يقين ڪونه آيو جو صبح جو ڀاڇيءَ تي گڏ هئاسون... تڏهن به ساهه تي ڪهڙو ڀروسو... فاتحا لاءِ وڃان ته همراهه مِٽُون ڦُوڪيو ڪرسيءَ تي بالم ٿيو ويٺو آهي... سڀ ماڻهو پنهنجي هنرمنديءَ سان لڳل هئا... تنهن ڪري غربت ۽ بيروزگاريءَ جو نالو نشان ڪونه هو... اوطاقن ۽ گهرن ۾ هزارين هٿ جا آڏاڻا لڳل هئا، جتي سَوٽي ۽ ريشمي کاڌي، موٺڙا ۽ گربيون وغيره ٺهنديون هيون... شهر جي ٻاهران اجرڪن ٺاهڻ جا مرڪز هئا... ڪاشيءَ جون سرون ۽ ٿانوَ ان کان علاوه ٺهندا هئا... شهر جا ماڻهو ته مصروف هئا، پر ٻهراڙين جا ڪيترا ماڻهو به روز مزدوريءَ لاءِ ايندا هئا... بجليءَ جو ڪوبه مسئلو ڪونه هيو... ڪشاده گهر ۽ وڏيون اوطاقون هيون، هر ڪمري مٿان وڏو منگهه ٺهيل هو، تنهن ڪري تازي هوا جو ڪو پرابلم ڪونه هئو... ڀر سان گهاٽو ٻيلو جتان روزانو نج گهاٽو کير, مکڻ، گيهه، ماکي، چوپايو مال عام ايندو رهندو هو... مٺائيءَ جي دوڪانن ۽ هوٽلن ٻاهران کير جا وڏا هنڍا پيا ڪڙهندا هئا... ڦوٽن ۽ پستن بادامن سان تيار ڪيل پاٽَ جو مائو ۽ چاٻُو حلوو، فيضوءَ جو ملڪ روز ۽ جمعي ٽِيڪي جي ملائي ۽ چانهه جو ذائقو هاڻي فقط تصور ۾ ئي چکندا آهيون... باقي هن وقت پستن بادامن بدران کاڄا (مونگ ڦلي)... ولايتي بدبودار سُڪل کير ۽ ايسنس جي ڌپ، کائڻ پيئڻ تان ارواح ئي کڻائي ڇڏيو آهي...
ٻي ’کٽ گزيٽ‘ اها آهي ته هتي شام جو به اسڪول کليل هوندا هئا، جتي اڪثر ننڍا وڏا مزدور شام جو لکڻ پڙهڻ سکندا هئا... هن وقت فقط هڪڙو نائيٽ اسڪول ’مهاجر عيدگاهه‘ ڀرسان کوليو اٿن، جتي گهڻو ڪري مهاجر ڇوڪرا اردوءَ ۾ تعليم حاصل ڪن ٿا... باقي سنڌي ڇوڪرا بيٽ کڻيو بال پيا ڪُٽين....
بيروزگاري عام آهي سماجي برايون زورن تي آهن... ڌاڙيل ۽ چور وڏن جا ويهاريل آهن، تنهن ڪري چوڪيدارن جي موجودگيءَ ۾ ئي دوڪان خالي ڪريو، ڊاٽسنون ڀريو هليا وڃن... پوليس سڳوري به ’عاشق مجبور آ‘ واري CD لڳايو ويٺي آهي... ٻچا هر ڪنهن کي پالڻا آهن... صحافي سڳورا به حسبِ ضرورت ’گذر سفر‘ واري رپورٽنگ ۾ مبتلا هوندا آهن... البته اسان پارن چرين شاعرن اديبن تي پڳ آئي آهي، جو هروڀرو گزيٽون ٺوڪيندا وتن بک تي...!

ڏاند شماري

ڏاند شماري


چاچا ڊاروِن ۽ سندس همخيالن اُٺ ڪتابن جا لکي رکيا آهن ته ڏاندن وغيره جي جن عضون مان ڪم نه وٺبو، اهي اڳتي هلي ناڪاره ٿي ويندا... اسين سنڌي ماڻهو موهن جي دڙي واري اڪلوتي ڏاند جا بلاشرڪت غيري اصلي تي وڏا ۽ باتصوير والي وارث آهيون... تنهن ڪري ڪنڌ لوڏي ’هلي ڍڳو پير پيران‘ واري آفاقي گيت تي عمل ڪرڻ اسان جو ثقافتي فرض آهي... اهو ئي سبب آهي جو اسان جا پير هٿن سميت روز بروز ’پير پيران‘ ٿيندا وڃن (دماغ جي خبر ناهي باقي ٻيا عضوا over use سب نهايت قوي ۽ مقويٰ آهن...)
هونئن ته پلاند وٺڻ ۾ پاڻ ايترا روشن دماغ آهيون، جو نانگ وانگر ستين سال به وير وٺڻ ڪونه وساريون... ننڍا وڏا مايون نياڻيون... هڙئي ماريو وڃو جيل ڀريون... باقي اليڪشن يا NFC ايوارڊ وقت ٿورڙي پريشاني ٿيندي آهي ته اسان جي ڏاند شماري الاجي ڇو گهٽجندي وڃي... باقي ڏاند شماري وڌائڻ لاءِ ٻيا هيٺ ڏنل طريقا پڻ مروج ڪري رکيا اٿئون ته بوقتِ ضرورت ڪم اچن...
1. ليڊي هيلٿ وزيٽرس جي گهر گهر رسائي سبب سائو ستارو پنهنجي پوري آب و تاب سان گڏ روشن آهن، تنهن ڪري ڪجهه وقت جي وقفي کان پوءِ سوزش سبب هميشه لاءِ وقفو ٿيو وڃي...
2. سنڌ جي روڊن رستن ۾ کڏن کوٻن نه هئڻ سبب زچه ۽ بچه اسپتال پهچڻ کان اڳ مرن اصل ڪونه ٿا... اسپتال پهچڻ کان پوءِ جي خبر ناهي...
3. آب شاهي کاتي جي ماهر عملدارن جي منصفانه تقسيم سب پڇڙيءَ تائين پاڻي پهچڻ کان اڳ دٻن ۽ تلائن ۾ تبديل ٿيو وڃي، پوءِ ماڻهو ۽ جانور گڏجي ان مصفا پاڻيءَ مان فيضاب ٿيندا رهن ٿا... نتيجي ۾ A کانZ تائين هيپاٽائيٽس، ڊينگي وائرس، گردن توڙ بخار وغيره جي پکڙجڻ سبب اموات جي شرح ٻڙي ٻڙي ۽ هڪ آهي، تنهن ڪري فڪر جي ڪا ڳالهه ناهي...
4. اپر سنڌ ۾ (هاڻي سڄي سنڌ ۾) ڪارين کي ڳاڙهو پوءِ بلو ۽ سائو بنائڻ واري حڪمتِ عملي زور شور سان چالو آهي... قبيلائي جهيڙا نه هوندا ته لکن جا ڏنڊ ۽ سڱن جي چٽيُن وارو گلشن جو ڪاروبار ڪئين هلندو؟ جوان نسل ڪُسندو وڃي باقي ڪوسڙ ڦنڊو مال ڪهڙو نسل وڌائيندو...
5. ڊرامن ۽ فلمن کان متاثر ٿي، جيڪي آزاد خيال جوڙا ڪورٽ مئريج ڪن ٿا، انهن جي پويان مائٽ ڪهاڙيون اڀيون ڪريو هلن... پوليس ۽ وڪيل به ڪواٽرن کان وٺي دارالامان تائين اعليٰ حسنِ ڪاردگيءَ جو مظاهرو فرمائيندا اچن... تنهن ڪري عقلمند ڏاندن هاڻي ٻيا ڪم خرچ بالانشين طريقا ايجاد ڪيا آهن... مثلن ڳريون بيل گاڏيون گَهِلڻ بدران هلڪا ڦلڪا ٽانگا هڪلڻ جو رواج وڌندو وڃي... حد اها ٿي وئي آهي جو هاليووڊ وارن پڻ سنڌين واري هن ’عِلت‘ مان فيضيابي شروع ڪئي آهي... ڪالهه اسان پنهنجين گنهگار اکين سان فلم JUNIORڏاڍي ذؤنق شؤنق سان ملاحظه فرمائي آهي، جنهن ۾ نر گابن جي حامل / حامله ٿيڻ کان وٺي ويم تائين پريڪٽيڪل ٽيڪنالاجي نهايت تفصيل سان سمجهائي اٿن...
ڀلا جي پوءِ پرميل بادفرنگ يا ڪينسر وغيره جو خطرو ٿي پيو ته به پرواه ناهي... عمران خان پٺاڻڻ لاءِ اڳئي اسپتال ٺهرائي ڇڏي آهي، سنڌي به داخلا وٺي سگهن ٿا... باقي ٻوڏ ستايل ڏاند گهڻا ڏينهن اڳ مزدوريءَ لاءِ وڏن شهرن ڏانهن اُسريل آهن، تنهن ڪري گهر شماري ۽ ڏاند شماري پاڻ ئي شهرن وارا يار پنهنجين ووٽر لسٽن ۾ لکائيندا ۽ شناختي ڪارڊ ٺهرائيندا...
هونئن به جي ٻيون ڪجهه M.P,A ۽ M.N.A جون سيٽون کٽيون وڌيون ته به خير آهي... سڻڀيون وزاتون ۽ گورنريون هونئن ئي وٽن آهن... ڀلا جي ڪڏهن ڪو وڏو گهپلو ٿيو ته مفاهمتي پاليسين ٺاهڻ جا پاڻ به ماهر آهيون... پوءِ اجرڪ ڳچيءَ ۾ وجهي معافين جا ٺڪا پيا پوندا...

حصهءِ نظم

---

پڇيم ته دامنِ ’زخمي‘ جو ڇا ٿيو ته چيئين:

پڇيم ته دامنِ ’زخمي‘ جو ڇا ٿيو ته چيئين:
جگر جي جوش ۾ شايد جَلِي وئي هوندي!

يتبعهم الغاؤن

يتبعهم الغاؤن


شاعري يا علم و ادب جي ڪا به صنف سعي و عمل جي پيغام بغير ڪوٺبي آهي فقط ’لفاظي ۽ لٻاڙ‘... ليڪن اگر ان ۾ هجي تجزيو حالات جو... راهِ عمل جو تعين... منافقتن جي نشاندهي... آفاقي محبتن جي اپٽار... ۽ مظلوم ۽ محروم طبقن جي نمائندگي ته پوءِ ڀلي شعراءِ ڪرام ڪسرنفسي کان ڀلي پيا خود کي چون: ’يتبعهم الغاؤن...
ليڪن رب پاڪ وٽ زبانن تي نه پر دلين جي درجا آهن شيخ سعدي رح ڪتاب کي ’پِند بر ديوار‘ (ڀت تي لکيل نصيحت) ڪوٺيو آهي... فرمائي ٿو ته اهو نه ڏٺو وڃي ته ڪير ٿو چوي، بلڪ اهو ڏسڻ گهرجي ته ڇا ٿو چوي؟ پوءِ ڀلي چوڻ لکڻ وارو مصلحت وقت يا ٻئي ڪنهن سبب ڪري ان تي سئو فيصد عمل پيرا نه به ٿي سگهي.
استاد فرمايو ته نثر ۾ جيڪو سڌو سنئون لکي نٿو سگهجي، اهو نظم واري اشاراتي پيرايه ۾ ضرور لکڻ گهرجي.
مرزا غالب ڪهڙو نه خوب چيو آهي:
آراز کہ درسینہ نھانست۔ نہ وغط است
بردار توان گفت و بہ منبر نتواں گفت
هن زمن ۾ حافظ شيرازي به فرمائي ٿو:
تانہ گردی آشنا زین پردہ رمزی نہ شنوی
گوش نامحرم بنا شد جائے پیغام سِروش
جيسين آشنا نه ٿيندين... هي پردهءِ رمزي ٻُڌڻ سمجهڻ ۾ ڪونه ايندئي... ڇو ته گوشِ نامحرم کي پيغامِ سروش ٻُڌڻ ۾ ڪونه ايندو آهي.
ڀٽائي بادشاهه به فرمايو ته:
ڀُڪليا ڀُڻن ڌڙ گڏيو کي ڌُوڙ ۾،
ڳالهيون ڳهلي لوڪ سين، پڌر پئي نه ڪن،
ڪامل سان ڪَهن، پِريان سندي ڳالهڙي.


زخمي هالائي

حمد سوچيان ٿو نعت لکجي ٿي

حمد سوچيان ٿو نعت لکجي ٿي
جيڪا وائي آ وات لکجي ٿي
ذڪر پنجتن لکڻ آ مشڪل تر
ڄڻ سڄي ڪائنات لکجي ٿي
[زخمي]

حمد

حمد


نشاني بي نشان جي آهي ڪعبي جي ڪنارن ۾
سندس جلوي جو مظهر آ مديني جي منارن ۾

زمين افلاڪ و مهر و ماه ۽ سڀني ستارن ۾
اٿم محبوب هڪڙو جو رهي ٿو لک هزارن ۾

هي اهڙو راز آهي جو سمايل ٽيهه پارن ۾
مگر هت آه بيان ڪرڻو اشارن ئي اشارن ۾

هُو لامحدود اهڙو جو مڪان ۾ لامڪاني آ
مگر مون وٽ رهي ٿو بيڪران دل جي ڪنارن ۾

حسين اهڙو جو آهي هر مثل کان بي مثل بيشڪ
مگر ذوقِ نظر منهنجو ٿو ڳولي حسن وارن ۾

طلب سان گڏ اڃا ڪجهه ٻيو به ٿو ڪرڻو پوي پيارا
جي ٿيندين مدعي ’زخمي‘ ته رلندين ريگزارن ۾

نعت

نعت


ستارو ٿيو ابتدا جو ڏسڻ
۽ صلي عليٰ انتها جو ڏسڻ

دلين جو ڏسڻ پڻ اکين جو ڏسڻ
اکين جو ڏسڻ پو ته واه جو ڏسڻ

جتي آه آئينه خانو ٺهيل
اتي آ خوديءَ ۾ خدا جو ڏسڻ

جتي اڻ ڏٺل ٿو ڏسڻ ۾ اچي
اتي آه مشڪل ڪشا جو ڏسڻ

خموشي جتي ٿيندي آهي زبان
اتي ماٺ ۾ مهلقا جو ڏسڻ

جتي حسن ۽ عشق جو آ وصال
اتي شاعري ڇا جي؟ ڇا جو ڏسڻ؟

نعت

نعت

تنهنجو حسن و جمال ڇا چئجي
ڪاريگر جو ڪمال ڇا چئجي

سهڻو آ حرف حرف سهڻي جو
ميم حَئَيَ ميم دال ڇا چئجي

آه قران هڪ ئي آيت ۾
مُصحفِ رخ تي خال ڇا چئجي

سر ته باطل اڳيان جهڪيو ئي نٿي
لاش ٿيو پائمال ڇا چئجي

سونهن کي ڏس زبان کي بند رک
حسن آڏو مقال ڇا چئجي

شعلهءِ طُور جو سَٽيل ’زخمي‘
تو ۾ ئي ڏسي جمال ڇا چئجي

خال: شاعريءَ ۾ خال تر کي چئبو آهي. آيت لاءِ ة يا ھ مقرر ٿيل آهي تنهن ڪري تر کي آيت سان تشبيهه ڏبي آهي ۽ رخ کي مصحف سان ان ڪري ڪابه غلط فهمي نه ٿيڻ گهرجي

نعت

نعت


باعث تخليقهاءِ رنگ رنگ
تون مسبب هر وجودِ خشت و سنگ

نعت جي لفظن کان لغت آه لنگ
آ قلم قيدي گويائي آه گنگ

منسلڪ توسان وجودِ ڪائنات
تنهنجي خوشبو سان ٿو مهڪي انگ انگ

ذرو ذرو شاهدِ نُورِ نبي
نارسا آهي مگر فڪرِ فرنگ

هر دلِ زنده کي يثرب جي طلب
سبز گبند آه ارمان و امنگ

پاڪ پيشاني پسايو خوابن ۾
طالبِ ديدار آ زخمي ملنگ

نعت

نعت


اولاً تخليق ٿيو ارض و سما اَهنجي ڪري
ثانياً شمس و قمر آب و هوا اَهنجي ڪري

زندگي ۽ موت جي تخليق پڻ اَهنجي ڪري
ابتدا اَهنجي ڪري ٿي انتها اَهنجي ڪري

حضرتِ عشقِ الٰهي چاهيو اَهنجو ظهور
حُسنِ ڪُل آدم ۾ ٿيو جلوه نما اَهنجي ڪري

حق و باطل جو تعين آه سمجهايو اوهان
ظلمتن کان روشني ٿي وئي جدا اَهنجي ڪري

اَهنجي خاڪِ پا جي خوشبو پئي اڃا تائين اچي
ٿي مديني جي فضا آ جان فزا اَهنجي ڪري

هر منافق ڪفر کان پيو ساٿ جي قيمت گهري
پو مجاهد ڇو نه ڪن سر جي سخا اَهنجي ڪري

روزِ محشر ’زخميءِ‘ مضطر به اَهنجو منتظر
بااليقين ٿيندي شفاعت شافعا اَهنجي ڪري

نعت

نعت

سهارو بي سهارن جو سخي سرور صدر آهي
وِلهين، بي واه، ويڳاڻين، سندو وارث ۽ ور آهي

اوهان جي نعت ۾ رطب السان هر سخنور آهي
اوهان جي هجر ۾ هر ڪوئي عاشق چشم تَر آهي

اوهان کي جنهن سڃاتو سو خدا کي ڄڻ سڃاڻي ويو
خدا کان بعد خود آهيو ۽ قصو مختصر آهي

سڌو آ پنڌ صورت جو ۽ ٻيون واٽون ورڻ جهڙيون
عطا ديدار جنهن کي ٿيو اهو ئي ديده ور آهي

خطائون درگذر توبه ۽ تقويٰ ساڻ ئي ٿينديون
پڙهين صلوات جي سارَي ته پوءِ سوَلو سفر آهي

مديني روح کي راهيو، هجي ڀل جسم هالا ۾
حياتيءَ جو بچيو باقي اچي پويون پهر آهي

ڪمائَي ڪوڙ ڪچ تو زندگي ضايع ڪئي ’زخمي‘
جو خبر ئي ڪانه پئي توکي ته دنيا دم گذر آهي

نعت

نعت

زندگي ۾ پيار آ اَهنجي ڪري
حسنِ حق نروار آ اَهنجي ڪري

هي زمين و آسمان جو رنگ و نُور
دلربا دلدار آ اَهنجي ڪري

دل جگر مقتل ۾ آهن سجده ريز
سر به نيزي سوار آ اَهنجي ڪري

ڪائنات انڪار ۾ سر ڌوڻيو
مون تي باري بار آ اَهنجي ڪري

سڀن پي حق چئي شهادت پيش ڪئي
آبروءِ دار آ اَهنجي ڪري

نوح نرمل جنهن جو ڪشت بان آ
ان جو ٻيڙو پار آ اَهنجي ڪري

مولود شريف

مولود شريف

جهڙو شان سندن تهڙي نعت چوان
اهڙي پاڪ زبان مان آڻيان ڪٿان
وو جهڙو شان سندن...

ناهن لغت ۾ سي لفظ لکيل
نڪو آه سندن ڪو مثال مثل
نڪِي اهڙا ٺهيل ڪي رنگ رتل
جن سان نُور نبيءَ جو مان نقش چٽيان
وو جهڙو شان سندن...

شالا ڏاتر ڏيندم ڏات اها
ساڳي تات طلب ڏينهن رات اها
رڳي وائي اوهان جي وات اها
صلوات پڙهيو ويٺي روز رئان
وو جهڙو شان سندن...

ڪندا نظر نگاهه نماڻيءَ تي
هن عيبن دار اياڻيءَ تي
آهي عمر به پهتي پڄاڻيءَ تي
اَهنجو ڪلمون پڙهي پوءِ محب مران
وو جهڙو شان سندن...

منقبت

منقبت

اُمتِ بيمار جو ٻيو ڪير آ، توکان سوا
ڪنهن ڪيو اڳ ۾ به هو، دارون دوا، توکان سوا

آ يهوديءَ عالمِ اسلام کي گروي رکيو
ڪنهن کي توفيقِ درِ خيبرِ ڪشا، توکان سوا

ورلڊ آرڊر ۾ مقابل آ ٿيو اڄ ’ڪُل ڪفر‘
’ڪُلِ ايمان‘ ڪير ٿي ايندو مٺا، توکان سوا

هر زماني ۾ پيو پيدا ٿئي هڪ نئون يزيد
ڪير ڏي اذنِ به پاءِ ڪربلا تو کان سوا

مرثيو

مرثيو


هُنن پنهنجي قيام پئي ڪاري ڪئي
حُر مگر پئي مهند موچاري ڪئي

ڪَج ڪَلاهن لعنتون سر تي سَٺيون
بي سرن پئي خوب سرداري ڪئي

گرم واري تي رکي پياسي زبان
نياز وارن ناز برداري ڪئي

سر هئا، ڪجهه هٿ هئا، بازو هئا
وضعدارن پئي وضعداري ڪئي

هڪ نگاهِه ناز جي قيمت ڪٿي
سڀ ڪهاڻي يار سان ياري ڪئي

ڪنهن بهاني يار من پرچي پوي
سو سڀن پئي گريه و زاري ڪئي

بـــــــــــــــارگــــــــــــــــاهِه ســـــيــــــــــدالـــــــــشـــــهــــداء ۾
تو به ’زخمي‘ ڪا عرضداري ڪئي

جُوءِ خون مرثيو

جُوءِ خون مرثيو

شرف ۽ شان شهادت، جُوءِ خون
عظمتِ سبطِ رسالت، جُوءِ خون

خون جي بدلي ٿا ڪن ديدارِ دوست
تاجدارن جي تجارت، جُوءِ خون

راز هي آ ناز وارن جو عجب
ڪربلا و شام غربت، جُوءِ خون

مون به مسجد ۾ وڏا سجدا ڏنا
پر امامن جي عبادت، جُوءِ خون

رت ولوڙي شاعريون چوکيون مگر
سر سهائڻ جي سعادت، جُوءِ خون

قطرهِ خونِ دلِ ’زخمي‘ ٿئي
برڪتِ خونِ شهادت، جُوءِ خون

عرضداري

عرضداري


تون جي بخشين ته بي قصور آهيان
ورنه ڏوهي ته مان ضرور آهيان

تنهنجي محبوب و آل جو هان محب
عشق تنهنجي جو مان ظهور آهيان

نورِ مُرسل صه جي روشني آهي
چنڊ وانگر منعڪسِ نُور آهيان

مون کي مطلوب تنهنجي هڪڙي نظر
دمِ جلوه به ڪوهِ طُور آهيان

مان ته ’زخمي‘ براءِ حُسنِ طلب
دست بسته درِ حضور صه آهيان

شاهه لطيف جي تتبع تي

شاهه لطيف جي تتبع تي

ڪيچان اوري ڪيتريون معذوريون مُنڌيون
اهدناالصراط المستقيم، راه نه انهي رُڌيون
من اتي الله بقلبِ سليم، ڪوڙيون هيون ڪُڌيون
جن محب ميهار نه مڃيو سي ڏم ويٺِ ڏُڌيون
جي سونهن ڏنيون سُڌيون، ته به رلي مُيون روح ۾

ساهڙ سندي سونهن لئه سهڻيءَ کي سنڀار
ساهڙ سهڻي پاڻ ۾ ڪانهي ڌاروڌار
موڪليئين مثال سان مٺو مڻيادار
ساهڙ اٿئي سرڪار، لکين ته الک اتان ملي

قدرت ڪل جهان جت جماعت هيڪڙي
عرب عجم آمريڪا چين ۽ جاپان
ڪارا ڳورا ڪڻڪ رنگا هندو مسلمان
محبت جن مذهب ڪيو عشق تن عرفان
پڌرا هوندا پڙ ۾ نانگن جا نيشان
پاڻهي ملندن پرينءَ کان پرت جو پيمان
اهڙا جن ارڪان، سي درشن پسندا دوس جو

شاهه لطيف جي حضور ۾

شاهه لطيف جي حضور ۾

محبتن جو مير آهي ڀٽ ڌڻي
عشق جي توقير آهي ڀٽ ڌڻي

تنهنجي پيرانديءَ پڻي سُرمون سندم
خاڪِ در اڪسير آهي ڀٽ ڌڻي

مذهبن ماڻهو منجهايا ملڪ ۾
دينِ حق سچ سير آهي ڀٽ ڌڻي

باهه بدامنيءَ جي آهي چؤطرف
ٿڌڙي تو وٽ هير آهي ڀٽ ڌڻي

ڪوڙ ڪچ وارا سڀن وٽ سرخرو
حق چوڻ تقصير آهي ڀٽ ڌڻي

مارُويون ڪاريون ڪريو ڪُهندا وڃن
سنڌ جي تقدير آهي ڀٽ ڌڻي

سنڌ جو پاڻي ويا زوريءَ کڻي
جو ڪُڇي زنجير آهي ڀٽ ڌڻي

مڇ موذي آه ڏاڍو ٿي ويو
مورڙو دلگير آهي ڀٽ ڌڻي

پاند پاڻي دانهن ٿا توکي ڏيون
نيڻين هر ڪنهن نير آهي ڀٽ ڌڻي

روح پڻ ’زخمي‘ آ مرهم ٿئي عطا
دل به جهيرون جهير آهي ڀٽ ڌڻي

شاهه لطيف جي تتبع تي

شاهه لطيف جي تتبع تي

جيڪي ڏڏن ڏي ڳجهان اندر ڳجهه ۾
وعلمنهٰ من لدنا علما واهڙ جال وهي
منجهان منجهه پئي مليس آب اگومرو

اگومري هن آب جون مَٽيون ڀرائي
موکي متارن کي گهري گهرائي
وٽيون ورهائي وره واري وه جون

سهيو سکيو جندڙو تو وڪر آه وڌو
بنا ملهه مڪائي تو ڳَٽ آه ڳڌو
سوَلو ٿي سڌو نه ته سَٽون جهليندي سُور جون

سَٽون جهليندي سُور جون، روئندي زاروزار
محب نه ملندءِ ماٺ ۾، پنهونءَ لئه ڪڍ پار
وندر ووڙ وس ڪري، ڏونگر ۾ وجهه ڏار
روح رلائي رڻ ۾، يا مهت ڏئي منٺار
ڪرم ڪرئي قيوم چئي، يا محب رکئي ميار
اندر پنهنجو اڌ ڪرين، ته به آگي جو اختيار
ڪوري ڏين ڪپار، ته به مرضي آ محبوب جي

بياد طالب الموليٰ سائين

بياد طالب الموليٰ سائين

شهر سڄو سنسان ڪري وئين
وسنديون سڀ ويران ڪري وئين

شعر غزل پيا ڳوڙها ڳاڙن
شاعر سڀ شمشان ڪري وئين

منهنجي غزل ۾ جان هئي توسان
منهنجو غزل بيجان ڪري وئين

پنهنجا جوڀن ڏينهن سڀيئي
سنڌڙيءَ تان قربان ڪري وئين

شعر و ادب سڀ تو سيکاريو
’زخميءَ‘ کي ذيشان ڪري وئين

بياد طالب الموليٰ سائين 2

بياد طالب الموليٰ سائين 2

بره سندا بيمار ڇڏي وئين
عشق سندا آزار ڇڏي وئين

پرت پيالو کلندي پيتئه
روئندا سڀئي يار ڇڏي وئين

مصري، ڦوٽو، يوسف رُونا
جهر جهنگ ۾ جهونگار ڇڏي وئين

غيرن کي پڻ معاف ڪيو تو
محبت جا معيار ڇڏي وئين

روح جون رمزون تو ٿي سمجهيون
بيتن جا ڀنڊار ڇڏي وئين

سوز، شهيد، ’زخمي‘، گهايل
هيڪلڙا حبدار ڇڏي وئين

قبله طالب الموليٰ جي ياد ۾

قبله طالب الموليٰ جي ياد ۾


وائي

ڪير چوي ٿو وڇڙيو آهين
خوشبو بنجي وکريو آهين
ڪير چوي ٿو وڇڙيو آهين

ڪافين غزلن بيتن ۾ تون
ڪئسٽ وڊيو ٽيپن ۾ تون
ڄڻ ته جيئرو جڙيو آهي
ڪير چوي ٿو وڇڙيو آهين

سرهي سونهن سڳنڌ هئين تون
موتئي مکڙيءَ بند هئين تون
هاڻي ڄڻ تون ٽڙيو آهي
ڪير چوي ٿو وڇڙيو آهين

روضي ۾ تون زنده آهين
تارن ۾ تابنده آهين
پل گهڙيءَ لئه کڙيو آهين
ڪير چوي ٿو وڇڙيو آهين

مڪر و فريب جي دنيا تياڳي
رُڃ سمان هي دريا جهاڳي
جنت ۾ ئي ته گهڙيو آهين
ڪير چوي ٿو وڇڙيو آهين

بيادِ استاد خليفو محمد عمر اختر هالائي

بيادِ استاد خليفو محمد عمر اختر هالائي

غزل

وري هم پياله و ساغر نه آيو
وري ٻيو علم جو گوهر نه آيو

چکائي جنهن چُڪي مونکي چريو ڪيو
اهو سهڻيءَ سندو ميهر نه آيو

نه آيو عشق جو استادِ ثاني
نه آيو همسرِ اختر نه آيو

دلين جو درد دل وارو ئي ڄاڻي
اهو بي درد کي ڪنهن پر نه آيو

حياتي وقف ٿي جنهن جي ڏسڻ لئه
نه آيو سو دمِ آخر نه آيو

هڪ ئي پيالي ڏنيون واعظ کي ديدون
وري ٻيهر کڻي دفتر نه آيو

شبِ وعده هُو آيو هوندو ليڪن
مون کي روئندو ڏسي اندر نه آيو

رهڻ راضي دلِ ’زخمي‘ بهرحال
اچڻ هن جو نه هو بهتر نه آيو

غزل

غزل

(محبوب سروري ’هوسڙي والا‘ ڪنهن ڳالهه تان ڏوراپو ڏنو ته:)

هالا جو وڻي نانءُ مون کي يار ٿو ڏاڍو
پر يار اها ’ها‘ جي پٺيان ’لا‘ نه هجي ها

ان جي جواب ۾ غزل:
ڪڏهن ها به هوندي ڪڏهن لا به ٿيندي
’سدائين مڃڻ ڪو ضروري ته ڪونهي‘
جو پردن ۾ پڻ آ ظاهر ظهوري
ڏٺل کي ڏسڻ ڪو ضروري ته ڪونهي
جڏهن اڻ گهڙيو پيو چمي سارو عالم
تڏهن بت گهڙڻ ڪو ضروري ته ڪونهي
جڏهن روح پنهنجا هڪ ئي جاءِ آهن
پوءِ هر هر اچڻ ڪو ضروري ته ڪونهي
ٿا ارواح ڪن روز رُوحي رهاڻيون
پوءِ جسمي ملڻ ڪو ضروري ته ڪونهي
اوهان جو هي ’زخمي‘ آ جيئري مري ويو
ڪُٺل کي ڪهڻ ڪو ضروري ته ڪونهي

دعائيه غزل

دعائيه غزل


الٰهي شاد ۽ آباد رک هالا حويليءَ کي
ٻُڍن ٻارن جوانن ۽ دلهن هر نئين نويليءَ کي

الٰهي عافيت سان رک چمن جي باغبانن کي
گلابن موتين مُگرن حنا نرگس چنبيليءَ کي

الٰهي جاءِ جنت ۾ هجي مخدوم حيدر جي
مزين علم سان جنهن ڪيو ڳهيلي ۽ ڳهيليءَ کي

الٰهي شاد ۽ آباد رک مولا جي طالب کي
جو سمجهي ٿو اسان فقرا جي هر هڪ پهيليءَ کي

الٰهي سنڌي ساريءَ ۾ سُڪاري آبياري ٿئي
سدا وهندو رکين سنڌوءَ جي واهن ۽ ڦليليءَ کي

الٰهي روحِ ’زخميءَ‘ جون سڀئي ديريون سويريون ڪر
جو شالا واڳ ۾ واڳي رکن اوڳي اڪيليءَ کي

بيتَ

بيتَ

ڪا جا نگاه قرب جي قيّوميءَ تي ڪن
توبهه جي توفيق سان بنديا در کلن
ميٽي اکر اڳيان شل واري ٻيا لکن
ابتا انگ هجن ته به سائين ڪندم سبتا


هيءَ جا اَسونهي اگلڙي سا تو در پهچي ڪيئن
جتان چئو جئين باقي گس ناهي گام ڪو


گس ناهي گام ڪو آڏو ست ئي آسمان
انهيءَ مٿان چوَن ٿا تنهنجو عرش مڪان
شهه رڳ کان به ويجهو ٿيو هي فائق جو فرمان
پوءِ هي نسوري نادان پئي پنڌ پڇائي ڪهڙا



بيتَ

متان ڪرين وهم جو تون پاڻ ئي لقمان ٿئين
سُوجهي کڻجان سُرت سان هر ڪو دم قدم
اونده جي اوٽ وٺ لڪي لوڪان لم
ڇڏ ظاهر واري زهد کي گس باطن وارو گهم
محبت واري ملڪ ڏي ڪاهي رک قدم
ڪلفت جي ڪانن کي ڏي باهه ڪر ڀسم
متان گهرين مخلوق کان نه ته ماريندءِ مرم
قادر وٽان ڪرم جن پِنيو سي پُر ٿيا


تانگهو سمجهي تار گهڙي پئه تون سهڻي
هن ئي ظاهر ۾ اٿئي باطن وارو پار
ملندءِ محب ميهار صورت واري سمونڊ ۾

صورت واري سمونڊ ۾ مورت ڇڏ پچار
پوڄا ڪر پرينءَ جي پرت پنهل سان پار
ساهڙ کي سنڀار، ڏم ڏيندءِ ڏاکڙو

موررت کي متان ڪرين صورت جو شريڪ
صورت سر سبحان آ ڪونهي شڪ شڪيڪ
اهو بحر عميق تارُو تري ڪو ڪو





بيتَ



هلي اچ هالين جتي محبوب جو ماڳ
جت آستانو عبرت جو صوفين سندو راڳ
-
اتي آڳنڌ عاشقن جو وره ۽ ويراڳ
مٺڙا ٿي سجاڳ متان اوجهڙ وڃين اُبتو
-
اوجهڙ وڃ نه اُبتو هالين هلي اچ
سرور جي سومار تي وڏو ٻرندو مچ
پتنگ وانگي پچ ته امانت ملئي آخوند چئي

هلي اچ هالين جتي نمن سندي ڇانوَ
جت روزو نوح فقير جو اُت هلي ٺارج هانوَ
هُت اک نڪري ڪانوَ هِت هيرون بهشت بهار جون

قطعه

قطعه


دائمان قائم رهي غربت ۾ عزت آبرو
واليءِ يثرب يتيمن جي اها ئي آرزو
گوشهءِ چشمي بما ڪن رحمته للعاليمن
’روح رمزي‘ اَهنجي قدمن ۾ ٿئي شل سرخرو

تاقيامت بارگاهِه سروري قائم رهي
منبعِ علم و ادب جي برتري قائم رهي
طالب الموليٰ جي ورثي جو امين آهي جميل
دردوندن جي دلين جي دلبري قائم رهي

سڀئي شاعر سندءِ آهيون ثناگر طالب الموليٰ
به فيضِ سروري مداح و مظهر طالب الموليٰ
سموري عمر تو علم و ادب جي آبياري ڪئي
ملي پوين کي توفيقِ تواتر طالب الموليٰ

خوش هجي ساقي سدا آباد مئخانو رهي
رند سڀ راضي هجن ڀرپور پئمانو رهي
دم قدم سان جيڪي محفل ٿا مچائِن عيد تي
تن جو مولا تا ابد آباد خسخانو رهي

جن جو سرور پير آ تن لئه کنڊون کير آ
فهم جنهنجو فڪر آ سو منهنجو والي وير آ
طالب الموليٰ آ جنهنجو جد امجد سو فقير
ڀرجهلو بيشڪ ڀلو مڙني سندو سو مير آ

فقراءَ تي آ نانِ تروتازه جو طواف
زردار پڻ ڪري ٿو سگِ مرده جو طواف
حجاج تي به آه مقرر طوافِ سنگ
عشاق تي به آه دلِ زنده جو طواف

هونئن ته حسن و عشق جي تخليق آهي ڌار ڌار
پر ڪٿي ڪنهن ۾ ته ٻئي يڪ رنگ و يڪجا ٿيو وڃن
خود مصور ان طرح آ پاڻ کي ظاهر ڪيو
جو نمايان صورتِ ساقي ۾ جلوا ٿيو وڃن





قطعه


تون آ منهنجي خانهءِ دل جي پري
روز ڪا ديدار جي کولج دري
مون ته هاري نيڻ دل ٺاري ڇڏي
تو رُنو ڀي ڪونه تنهجي ڪيئن ٺري
تو سوا منهنجي سري ئي ڪانه ٿي
باوفا دلدار تنهنجي ڪيئن سري


رخِ واعظ بوقتِ نزع عاشق تي حرام آهي
رخِ جانان پَسِي پوءِ موت کي آسان ڪري ڇڏبو
ڪيو هو يار پهرين پاڻ خود گهر ٻار سر صدقي
جواباً نقشِ پا تان ساهه سر قربان ڪري ڇڏبو
صلواة و صوم سان پڻ مقصدِ دل گر نه ٿئي حاصل
ته پوءِ ضربِ جبين سان وا درِ جانان ڪري ڇڏبو
درِ جانان تي پهچي پوءِ موٽڻ آه بي ذوقي
سرِ خود زيرِ بارِ منت دربان ڪري ڇڏبو

قطعه

قطعه

عيد آئي تون نه آئين ڇا ٿيو
مون به روئي رات آ ڪاٽي ڇڏي
عشق جو ماآل سمجهي درد غم
عيد ڏينهن سڪرات آ ڪاٽي ڇڏي


ڪالهه قرباني ڪيم دل سان سچي
ديگ ڪورم جي مگر ٿي پئي ڪچي
عيد جو ٻڪرو ته مون ڪيو ٿي حلال
نفس جو گابو مگر ويو هو بچي


چؤڻي قيمت ۾ مليو پر ناهه ان جو خيال
هنيئين جو ٽڪر پيٽ ۾ ان جو به ناهي ڪو ملال
سِير جهٽ پٽ ۾ وجهي چاپُون رڌي کائي ويس
نفس جو ٻڪرو مگر مون کان نه ٿي سگهيو حلال


ٻڪر جي قيمت ۾ هڪ مرغي ملي
سو اسان پڻ ڪالهه قرباني ڪئي
کَلَ بدران هاف مرغي ويا کڻي
مدرسي وارن مهرباني ڪئي


ٻڪر هو مهنگو سو ڪورم ۾ کڻي آلُو وڌو
پر ٽرائي ڊِيش سوڌي دلربا اڇلي ڏنم
پوءِ ’زخمي‘ واعدو ٿيو عيد جي ٻئي ڏينهن جو
سو اٿم ٺاهي ڪڙهائي دال جي گرما گرم

قطعه

قطعه

فرد:
آئينو آڏو رکي پوءِ خوب جوڙيائين جهان
ساري عالم ۾ فقط هڪ يار جي تصوير آ
فرد:
ڀل رقيبِ روسيه ڪيڏي به غيبت پيو ڪري
اڳ به تنهنجو اڄ به تنهنجو ’زخميءِ‘ دلگير آ

نئين سال لاءِ قطعه

نئين سال لاءِ قطعه

اسان جو ڀاڳ به آ تنهنجي ڀاڳ سان شامل
خدا ڪري ته سندءِ بخت سازگار هجي
گذشته سال ڏني ٻوڏ قحط بدامني
خدا ڪري ته نئون سال خوشگوار هجي


وفائون سمجهي جفائن تي اعتبار ڪجئو
رضائون سمجهي قضائن تي اعتبار ڪجئو
نتيجو ساڳيو نڪرندو مگر اڃان في الحال
نياز و ناز و ادائن تي اعتبار ڪجئو
هي نانگ نوڙ ٿين يا گلي جا طوق ٿين
ڪُلهي سوار بلائن تي اعتبار ڪجئو


بنا چُوني ۽ ڪاٿي جي بنائڻ پان مشڪل آ
بنا لشڪر خزاني جي ٿيڻ سلطان مشڪل آ
جنابِ شيخ حُجري ۾ هلي ڪو کائجي حلوو
اناالحق چئي سِسِي پنهنجي ڪرڻ قربان مشڪل آ

قطعه

قطعه


عيب زخميءَ جا ٻڌائي رُوسِيه ٿيا سرخ رُو
پيار وارن سان ڀلا ڪئين ٿي ٺهي هيءَ ترش رُو
ڪوبه غلطيءَ کان مُبرا ڪونه آ بندو بشر
ڀل هجي صوفي مجاور مولوي چيلو گرُو

ساهمي انصاف جي ڏيکاريو
ٿا عدالت چور ڪن مورن سندي
مور جيڪي اڳ هئا چورن مٿان
هاڻ ٿا تعميل ڪن چورن سندي

نگه جي تير کان ڏاڍو بچڻ مشڪل
گلن جا گهاءَ کائي پوءِ سمهڻ مشڪل
محبت راند سمجهي کيڏ ڀل تون
مگر پوءِ تنهنجو پڻ ٿيندو کلڻ مشڪل

اهو عرصو ئي سڀ ڪجهه آ ڪليءَ مان گل ٿيڻ تائين
مزو آهي مهه نوء کي مهه ڪامل بڻائڻ ۾
لڳس گرهڻ ۽ آخر ۾ عدؤ جي گهر طلوع ٿيندو
ته پوءِ ڪهڙو مزو ٿيو ڪٻر کي ڪوئل بنائڻ ۾

اهو عرصو ئي حاصل عمرِ عشق و آگهي آهي
سبق آهي مهه نوء کي مهه ڪامل بنائڻ ۾
سموري ڪائنات ان ۾ آ مصروفِ عمل تولئه
نمودِ سرِ باطن آ ڪليءَ مان گل بنائڻ ۾

غزل

غزل

دستار ۾ ٿو عالم و فاضل نظر اچي
ڪارِ دگر ۾ ظالم و جاهل نظر اچي

نالي جو هر شريف ٿو ارذل نظر اچي
نامِ نهاد حق به ٿو باطل نظر اچي

ساقي جي مرڪ سرڪ جو سائل نظر اچي
واعظ به عاشقن ۾ ٿو شامل نظر اچي

اڳ ۾ ڪناري تي به هو طوفان جو اثر
هاڻي ته ڪشتي خود ئي ٿي ساحل نظر اچي

هن سان ملڻ بجاءِ ٿيو پاڻ سان ملڻ
شايد اڃان به دور ٿي منزل نظر اچي

شايد ازل ۾ پاڻ ٿيا هئاسون روبرو
تنهنجو ٿو انگ انگ سڃاتل نظر اچي

هر ڪنهن جي يار ۾ آ سندم يار جلوه گر
هر ڪنهن جي دل ۾ منهنجي ئي ٿي دل نظر اچي

بي مثل جي مثال ۾ ساقي به پيش پيش
ليڪن ٿو شرڪ شيخ کي شامل نظر اچي

لوڪان لڪل رهي ٿو هميشه وصي ولي
ظاهر ڀلي هُو پيار ۾ پاڳل نظر اچي

’زخمي‘ هو ڪالهه ناقص و نادان و ناشناس
صدقي ۾ تنهنجي هاڻ ٿو ڪامل نظر اچي

هن وٽ جام تي پئي جام آيو

هن وٽ جام تي پئي جام آيو
اسان وٽ تنهنجو مٺڙو نام آيو

عدؤ ڀانيو ته ٿي آهي عنايت
مگر هن لاءِ پي فرجام آيو

پڪاريو دار وارن ڪير ايندو
صنم کي ياد منهنجو نام آيو

سڀئي صياد آڏو سر نِگُون هئا
نظر پئي نينهن جو نيلام آيو

وري پيو محتسب توکي سڏائي
وري ڪو تو مٿان الزام آيو

جنونِ زر جي ٿي پئي ڪاميابي
جنونِ عشق پئي ناڪام آيو

چيائين زر جي ناهي ڪا ضرورت
۽ غربت جو ڏيڻ الزام آيو

وري ’زخمي‘ ڪمايو ننگ ۽ نام
وري بي ننگ ٿي بي نام آيو

سڀئي مئخاني مان پُرباش نڪتا
مگر ’زخمي‘ آ تشنه ڪام آيو

سچي ڳالهه وڏڙا سڀن جا چون ٿا

سچي ڳالهه وڏڙا سڀن جا چون ٿا
ته جيڪي وهن ٿا اهي ئي لهن ٿا

ڪڏهن هڪڙا فوٽو ڪڏهن ٻيا لڳن ٿا
زمانا عجب رنگ تنهنجا رهن ٿا

نڪي دل ڏين ٿا نڪي دل وٺن ٿا
رڳو واڇ ٽيڙي ادا سان ملن ٿا

وڏا ايڪٽر ۽ اداڪار آهن
خوشيءَ ۾ روئن ٿا، غمن ۾ کِلن ٿا

ڪبوتر به لڪ لوڏ سهڻي کان سکيا
۽ پڻ مور هن کي ڏسي ناچ ڪن ٿا

سدا آسرن انتظارن ۾ آهن
اچو ٿا جِيَن ٿا وڃو ٿا مرن ٿا

هجر ۾ هُو گم سم ۽ چُپ چاپ آهن
نه ڪنهن سان ڪُڇن ٿا نه ڪنهن کان پُڇن ٿا

سڏائِن ٿا ’زخمي‘ مگر هر ڪنهين کان
سڀئي گهاءَ دل جا لڪائي گهمن ٿا

صبح جو هڪڙا ڪجن ۽ شام جو ٻيا ٿي وڃن

صبح جو هڪڙا ڪجن ۽ شام جو ٻيا ٿي وڃن
يار اهڙا فيصلا ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا

يڪ زبان يڪ سُخن ٿي بس ڳالهه ڪر هڪڙي صفا
خالي خولي واعدا ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا

تون ئي هڪڙو منهنجو آهين سنگدل يا موم دل
تو بنا ٻيا دلربا ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا

آشنا هڪڙي ئي ڪيو آ دردِ دل ۾ مبتلا
ٻيا اڃا ڪي آشنا ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا

منهنجو ايس ايم ايس ڏسي هو فون کي رکيو ڇڏي
روبرو ٻيا رابطا ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا

بيهندو هُو ڪونه ’زخمي‘ ڪنهن به هڪڙي ڳالهه تي
سنگدل سان فيصلا ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا

پچن جي پڙ اندر سي ئي پتنگ پروانه گهرجن ٿا

پچن جي پڙ اندر سي ئي پتنگ پروانه گهرجن ٿا
نه سانگو ساهه جو ڪن سي ملنگ مستانه گهرجن ٿا

ڏسي ڄيرو ڏين گهيرو ڪڏي ڪونڌر اچن ڪاهي
اهي دولهه ۽ دودا دلربا ديوانه گهرجن ٿا

ڀري سُرڪي گڏي امرت ڪري دوآتشه پوءِ ڏي
چُميان تو جن جا لب ساقي اهي پيمانه گهرجن ٿا

رڳي آهي رياڪاري رکيل واعظ جي حُجري ۾
اسان رندن کي رانجهوءَ جا ڀريل خمخانه گهرجن ٿا

جتي دلدار بنجي ويو هجي لا شيءِ ۽ لا صورت
اتي ساقي جي صورت ۾ بنيل بتخانه گهرجن ٿا

دردوندن جو هي آهي داستان، ڪنهن کي چوان

دردوندن جو هي آهي داستان، ڪنهن کي چوان
بره وارن جو هي باري آ بيان، ڪنهن کي چوان

آه پِنهان دل اندر رازِ نِهان، ڪنهن کي چوان
مان زبان هوندي به آهيان بي زبان، ڪنهن کي چوان

ڪير آ آئينه ساز ۽ ڪير آهي جلوه گر
ميزبان ڪنهن کي چوان ۽ ميهمان، ڪنهن کي چوان

پيش منظر ۽ پسِ منظر ۾ هڪڙو ئي فعال
مهربان ڪنهن کي چوان نامهربان، ڪنهن کي چوان

آيو ساقي آه بنجي بي مثل جو ٿي مثال
حد ڪهڙي آ يقين جي گمان، ڪنهن کي چوان

عمر ’زخمي‘ ’فاعلاتن فاعلن‘ ۾ ٿي گذر
ڪنهن کي مان حاصل چوان ۽ رائگان، ڪنهن کي چوان

نَڪِي حالي حوالي ٿيا، نڪي پرتا نڪي ويٺا

نَڪِي حالي حوالي ٿيا، نڪي پرتا نڪي ويٺا
اچڻ سان ئي ڦٽائي منهن، ميارن تي وڃي پهتا

تلاش يار ۾ ويڙا وريا پئي طور تان واپس
وڃي پهتا ته آخر حسن وارن تي وڃي پهتا

بيان ’لا شيءِ‘ ۽ ’لا صورت‘ ڪرڻ خاطر سڀئي شاعر
چپن چشمن وانگر واسينگ وارن تي وڃي پهتا

زمين وارن جي هر هڪ مسئلي کي حل ڪرڻ خاطر
اسان جا رهنما اڄ چنڊ تارن تي وڃي پهتا

جهانِ جستجو گرداب ۾ ئي آه پوشيده
اهي خاموش ٿي ويا جي ڪنارن تي وڃي پهتا

جڏهن ڀي آزمائش ٿي، شجاعت جي صداقت جي
سڀئي سرڙا ڏيئي نيزن نظارن تي وڃي پهتا

ڏکيا سڀ ڏاڍ کان ڏرمائجي آهُن ۽ دانهن لئه
ڀٽائي ۽ قلندر جي مزارن تي وڃي پهتا

زبان کولڻ جتي سُوءِ ادب سمجهيو وڃي ’زخمي‘
اتي تفصيل بدران سڀ اشارن تي وڃي پهتا

ڪيئن تنهنجي دل جو يار درِ بند وا ڪجي

ڪيئن تنهنجي دل جو يار درِ بند وا ڪجي
هن آهِ نارسا کي ڀلا ڪئين رسا ڪجي

هن درد و غم ۽ رنج و والم کي وداع ڪجي
”مدت ٿي ويئي آه ڪا محفل بپا ڪجي“

هڪ منهنجو ٿي رهين ۽ ٻيو وسري وڃئي رقيب
ان کان وڌيڪ ٻي ڀلا ڪهڙي دعا ڪجي

گر تو آ پاڻ ڪئي دلِ عشاق نيم نيم
دو نيم تنهنجو ڇو نه پو زلفِ دوتا ڪجي

راضي هجين خفا هجين تو ساڻ دل لڳي
توکي ڇڏي ٻيو ڪهڙو وڃي آشنا ڪجي

خونِ جگر سان پهرين هلي سارجي وضو
پوءِ دار تي نمازِ محبت ادا ڪجي

واعظ وياج کي آ منافعو بنائيو
هاڻي انهي منجهان ئي ٿو عمرو ادا ڪجي

گيهه، چانورن ۽ کنڊ جا ڀانڊا ڪري بليڪ
پوءِ ماربل جي مرمرين مسجد بنا ڪجي

ٻيو ڪو هجي ته ڦوڪ سان ئي واءُ ٿي وڃي
’زخمي‘ اڳيئي مست سو مستن کي ڇا ڪجي

اسان جا ته پنهنجا به پنهنجا نه ٿيا

اسان جا ته پنهنجا به پنهنجا نه ٿيا
پرايَن کي پنهنجو ڪري ڪير ٿو؟

چڻا لوهه جا شاعري ۽ ادب
چرين کا سوا ٻيو چري ڪير ٿو؟

وٽي وه سندي آه موکيءَ مُڪي
متارن سوا ٻيو مري ڪير ٿو؟

چُڪي جن چَکي سي کرڻ کي کريا
کرين کان سواءِ ٻيو کري ڪير ٿو؟

سڀئي آلو ڪمبل ڍڪيو پيا هلن
سڪل ڪاٺ بنجي ٻري ڪير ٿو؟

ڀڳل آه انصاف جي ساهمي
ڪري ڪير ٿو ۽ ڀري ڪير ٿو؟

سڀن کي ضرورت آ ’زخمي‘ ڪيو
هتي محبتن لئه مري ڪير ٿو؟

ڪٿي مصلحت ۾ لنوائي ڇڏيو آ

ڪٿي مصلحت ۾ لنوائي ڇڏيو آ
ڪٿي موقعي کي ملهائي ڇڏيو آ

ڪڏهن دل جو دروازو کولي رکيو آ
ڪڏهن ان کي تالو لڳائي ڇڏيو آ

جا ٻاري هيم لختِ دل سان جگر سان
انهي آگ کي مون اُجهائي ڇڏيو آ

سهي ڪيتري سهبي آخر ملامت
چريو پاڻ کي مون چوائي ڇڏيو آ

الائي ڇو حلاج کي هاج پئي هئي
مون ’زخمي‘ چپن کي سبائي ڇڏيو آ

چمن ۾ چؤطرف گولين بمن جي ٺا ۽ ٺُو آهي

چمن ۾ چؤطرف گولين بمن جي ٺا ۽ ٺُو آهي
بهارن ۾ خزان ۽ دامنِ گل ۾ لهو آهي

عجب سڪرات جي عالم ۾ آئي عيد آ ساقي
نه مئي جي بوند آ باقي نه ڪو ثابت سبو آهي

ڏڪاريا ٿي ويا ڏاڍا ۽ پبلڪ آ بکي بيوس
چمن ۾ خون جي بارش ۽ مالهي سرخ رُو آهي

اسان کان رب رسي ويو آهي صوم و صل رياڪاري
عمامه سڀ اداڪاري اجائي هو يا هو آهي

نه ڪعبي ۾ ڪليسا ۾ نه مسجد ۾ نه مندر ۾
هُو تنهنجي دل ۾ ويٺوآ اجائي جستجو آهي

سماع و مجلس و محفل، ڌيان و گيان، شو بازي
اصل مرشد وزارت آ ڊالر ستگرو آهي

احوال حالِ زار مناسب نه ٿو لڳي

احوال حالِ زار مناسب نه ٿو لڳي
اظهار بار بار مناسب نه ٿو لڳي

هر رات بيقرار مناسب نٿي لڳي
هر ڏينهن سوڳوار مناسب نه ٿو لڳي

هي عشق و صابريءَ جو سليقو ڪٿان سکئين؟
هي ماٺ جو مزار مناسب نه ٿو لڳي

ڪو زخمِ دل، ڪو چاڪِ جگر، چاڪِ پيرهَن
عاشق ۽ وضعدار مناسب نه ٿو لڳي

موسم ڪئي آ موٽ، صنم تون به موٽ ڪر
حسرت زده بهار مناسب نه ٿو لڳي

ڪو واعدو ڪا فون، ڪا مس ڪال ئي سهي
بي ڪيف انتظار مناسب نه ٿو لڳي

هڪ وار اتفاق سان ٿي ويندي آ خطا
اتفاق بار بار مناسب نه ٿو لڳي

فتوائون ڪي فساد، ڪي چندا ڪي چاشنيون
واعظ ۽ صبر يار مناسب نه ٿو لڳي

’زخمي‘ ڪا دانهن، ڪُوڪ، فُغان، نالهء بڪا
الفت کان پوءِ قرار مناسب نه ٿو لڳي

غريب غربي ۽ پير و جوان جو خير هجي

غريب غربي ۽ پير و جوان جو خير هجي
سڄي جهان سان هالا نوان جو خير هجي

اٺن جو خير هجي ساربان جو خير هجي
غبارِ راه جو ۽ ڪاروان جو خير هجي

چمن کي چئني ڪنڊن کان آ دشمن گهيريو
’گلن جو خير هجي گلستان جو خير هجي‘

هجي ڪراچي يا ڪشمير چيچنيا يا عراق
الٰهي خير هجي ڪل جهان جو خير هجي

جڏهن محافظِ گل خود ئي ٿي پوي صياد
ته امن ڪهڙو ٿئي ۽ ڪٿان جو خير هجي

بندي کي بم هڻو ۽ خدا کي سجدو ڪريو
زمين کي باهه ڏيو آسمان جو خير هجي

اسان جا نالهءِ شب ۽ اوهان جي خاموشي
زبان جو خير ۽ اذنِ گران جو خير هجي

پياسا موٽي ويا بند ڇو آ مئخانو
صبو، صراحي ۽ پيرِ مُغان جو خير هجي

هٽائيندو آ رُخ تان جيئن نقاب آهسته آهسته

هٽائيندو آ رُخ تان جيئن نقاب آهسته آهسته
ته ڄڻ ڪڪرن مان نڪتو ماهتاب آهسته آهسته

سوالِ وصل تي آتش فشان رخسار شرمايا
شگفته ٿيو دَهَن مثلِ گلاب آهسته آهسته

مجازيءَ يا حقيقيءَ جو ادب آداب ساڳيو آ
سوال آهسته آهسته جواب آهسته آهسته

شبِ هجران جي زخمي بيقراري هُوبهو اهڙي
پچي ٿو ڪوئلن تي جيئن ڪباب آهسته آهسته

سراپا جو تصور جيئن اچي ٿو ذهن ۾ ’زخمي‘
وڄي ٿو دل اندر جيئن ڪو رباب آهسته آهسته

گريه ڪنان گلاب فسرده بهار هو

گريه ڪنان گلاب فسرده بهار هو
بلبل اداس ڀنؤرو بنهه بي قرار هو

هئي دم بخود صبا ۽ نسيمِ سحر خموش
مون وانگي دل جگر ڪو سڀن جو فگار هو

ايندي ڪڏهن سا رات جو توکي ڏسان چمان
ڪيڏو نه ان گهڙيءَ جو مون کي انتظار هو

منهنجو رهي يا ڌار ٿئي مرضي هئي سندس
سهڻي صنم کي هر ڪو مليل اختيار هو

وعدو به ٿيو ۽ طرح به ڏيئي هليو ويو
معلوم ٿيو ته يار وڏو طرحدار هو

محفل سڄيءَ کي مست بنايو ٿي هڪ نگاهه
هن جي اکين ۾ ڪيئي صراحيون خمار هو

’ڏاڙهيءَ جو ڏس‘ ڏنائون ٿي نقش قدم بجاءِ
پرپان فقط ڪو هلڪو هوا ۾ غبار هو

پهرين ٻڌائي ڏوهه پوءِ بخشي ڇڏيئين خطا
’زخمي‘ تي خاص لطف و ڪرم ڪردگار هو.

آه رندن جي موج مستيءَ جو

آه رندن جي موج مستيءَ جو
محتسب کي ملال ڇا چئجي

عشق وارن مٿان هڻي فتويٰ
ٿيو آ واعظ بتال ڇا چئجي

دوستن کي سدائين ڪم آيو
ميمڻن جو هي مال ڇا چئجي

چيئين ته ايندس مگر اچان ڇالئه؟
هيءُ جوابي سوال ڇا چئجي

توکي پڻ بدگمان بنايو ويو
تهمتن جو ڪمال ڇا چئجي

تو بنا زنده ’زخميءِ‘ خسته
آه امرِ محال ڇا چئجي

الاجي عشق وارا ڇو سدائين سوڳوار آهن

الاجي عشق وارا ڇو سدائين سوڳوار آهن
پرين پرچن رسن ته به عادتاً هُو اشڪبار آهن

اگر سهڻا نه ٿيا زردار جي زيرِ اثر هوندا
ته پوءِ ڇو بي سبب هُو عشق ۾ بي اعتبار آهن

بوقتِ نزع منهنجون بند اکيون ڇو کليون آهن
جو شايد آخري خواهش ۾ وقفِ انتظار آهن

اسان جي هر تمنا بي تمنا آ ته پوءِ ڇو چئون
’تمنائن جي بستيءَ ۾ تمنائون هزار آهن‘

فقط هڪ وار ساقيءَ جامِ چشم و لب چَکايو هو
انهي جا اي دلِ ’زخمي‘ اڃان تائين خمار آهن

وري ماه رخ جي زيارت ڪجي ڪا

وري ماه رخ جي زيارت ڪجي ڪا
وري آيتن جي تلاوت ڪجي ڪا

وري خونِ دل سان وضو سارجي ڪو
وري عشق واري عبادت ڪجي ڪا

وري محتسب سان ڪجن حجتون ڪي
وري مثلِ منصور جراءت ڪجي ڪا

جتي پيار تنهنجو نه آهي ميسر
اتي لازمي ڇو سڪونت ڪجي ڪا

فراقِ مسلسل ۾ ٿيو روح ’زخمي‘
وري روز ڪهڙي وضاحت ڪجي ڪا

اگر ڪجهه اسان جون خطائون به آهن

اگر ڪجهه اسان جون خطائون به آهن
مگر ڪجهه اوهان جون عطائون به آهن

اگر ڪجهه اسان جون وفائون به آهن
مگر ڪجهه اوهان جون ادائون به آهن

جي سمجهو اوهان لئه دعائون به آهن
۽ ڪجهه نيم شب جون صدائون به آهن

کُلن جي ته ڪاريون گهٽائون به آهن
جي وٽجن ته جوڙ و بلائون به آهن

رڳو ها ۽ لا جو ٺلهو نانءُ ڪونهي
غمن گوندرن ۾ پناهون به آهن

اگر تير نظرن جا ’زخمي‘ به ڪن ٿا
مگر دردِ دل جو دوائون به آهن

غير سان منهنجي اڳيان تو اک جي اٽڪائي نه ڪر

غير سان منهنجي اڳيان تو اک جي اٽڪائي نه ڪر
رُوسيا هن سان ڪڏهن ڀي منهنجي سرهائي نه ڪر

هت فقط زردار جي توقير جو آهي رواج
شاعرِ عاليءَ جي تون ڀل ڪا پذيرائي نه ڪر

تو ته دل ۾ آه ڄڻ سارو جهان سانڍي رکيو
جي هجين تنها تڏهن ڀي فڪرِ تنهائي نه ڪر

عڪس پنهنجو ٿو اچي هر ڪنهن جي نيڻن ۾ نظر
’آرسين جي سامهون نقصانِ بينائي نه ڪر‘

شاعري آ روح کي راضي رکڻ جو هڪ سبب
سو ميان مِٺُو ٿيڻ لئه خامه فرسائي نه ڪر

زر جي حالت آ اها اڄ آ سڀاڻي خرچ ٿي
سو ادا ’زخمي‘ تون زر آڏو جبين سائي نه ڪر

تير و ڪمان کُٽا جو هي تير و نظر کُٽي

تير و ڪمان کُٽا جو هي تير و نظر کُٽي
هي داغِ دل کُٽو جو هي زخمِ جگر کُٽي

رهندا نشان مردِ قلندر جا تاحيات
هُو سمنڊ ڪو کُٽو جو کڻي چشم تر کُٽي

اکيون ويون، نه ويئي مگر وسعتِ نظر
دل جون اکيون سجاڳ جي حدِ نظر کُٽي

مطلوب صرف تنهنجي نگاهِ غزل شناس
ٻيا قدردان کُٽا جو اسان جو هنر کُٽي

هر شام آهي شامِ غريبان ته ڪهڙو غم
هن جو جبر کُٽو جو اسان جو صبر کُٽي

چُپ چاپ مون صليب ڪلهي تي رکي ڇڏيو
هڪڙو مسيح ويو جو ٻئي جو سفر کُٽي

حسبِ حالت عاشقن روئي ڏنو

حسبِ حالت عاشقن روئي ڏنو
بي وسيءَ کان بي وسن روئي ڏنو

دم دلاسا ۽ سڀئي دلداريون
رائگان وييون چرين روئي ڏنو

هو ڳرو بارِ امانت عشق جو
هلڪڙن جي حوصلن روئي ڏنو

مصلحت کان ماٺ آ منصور ڪئي
غيرتِ دار و رسن روئي ڏنو

ديندارن جي دنياداري ڏسي
بت ڪده ۾ مشرڪن روئي ڏنو

عمر پنهنجا ڪوٽ پئي قابو ڪيا
ماروين جي مشڪلن روئي ڏنو

ناز، انور، ساقي و زخمي، شهيد
پنهنجي واري تي سڀن روئي ڏنو

مون ته سڀني کان پڇيو پئي يار ڇو؟
’ميڪدي ۾ ميڪشن روئي ڏنو‘

مان ته اڳئي ’زخمي‘ ۽ بسمل هئس
ڏاڍ اڳيان ڏونگرن روئي ڏنو

غنچي کي مستعار آ غنچه دَهن جي بوءِ

غنچي کي مستعار آ غنچه دَهن جي بوءِ
ڪُنجِ چمن ۾ رَهن آ ڪُنجِ بدن جي بوءِ

صحنِ چمن ۾ رقص ڪنان پيرهن جي بوءِ
باغِ عدن کان گهٽ نه آه باغِ بدن جي بوءِ

ڪچي مٽيءَ جي مهڪ تان گل نسترن فدا
’دل کي وڻي ته وئي وڻي خاڪِ وطن جي بوءِ‘

شهباز جي اڏام آ رندن جي روهه ۾
واعظ کي خوشگوار آ حلوَن سَيُن جي بوءِ

قند و شهد جو سڀن ڏنو پئي مثال پر
هن جي لُعاب دَهن م باده ڪَهن جي بُوءِ

’زخمي‘ آ جن کي عيد ۾ گم ٿيڻ جي طلب
آ متعبر انهن جي لئه دار و رسن جي بوءِ

تنهنجي ايڏي جي بي رخي رهندي

تنهنجي ايڏي جي بي رخي رهندي
منهنجي ناڪام عاشقي رهندي

حالِ مسڪين تي ڪرم ڪرين نه ڪرين
پوءِ به تو ڏي نظر نمي رهندي

تو ڏي هر روز مان اچان نه اچان
توسان پَر پُٺ به لنئه لڳي رهندي

تنهنجي هر هڪ ميار اکڙين تي
تنهنجي قدمن ۾ ئي خوشي رهندي

تنهنجي چرين کي چڻنگ ٿي گهرجي
پاڻهي ڀڙڪا ڏئي ٻري رهندي

تون جي پرين کي هت پسي وٺندين
جذب و وجدان و آگهي رهندي

توکي بلبل ۽ گل ڀُلي ويندا
توکي اُڻ تُڻ اڃان ئي ٻي رهندي

پنهنجي ’زخميءَ‘ جي شاعري سمجهين؟
پوءِ ته واقعي به شاعري رهندي

گلن جي چاهه ۾ خارن سان مون آ پيار ڪيو

گلن جي چاهه ۾ خارن سان مون آ پيار ڪيو
طريقو پيار جو نئون آ مون اختيار ڪيو

وفا ڪرين نه ڪرين يار تنهنجي آ مرضي
اسان ته تنهنجي جفائن تي اعتبار ڪيو

چيائين هاڻ قيامت ۾ پاڻ ملنداسون
اسان به روزِ قيامت جو انتظار ڪيو

رقيب آڏو گهريائين ثبوتِ عشق و وفا
اسان به سَٽ ڏئي دامن کي تار تار ڪيو

چيائين چاڪِ گريبان ته ڪائي ڳالهه نه آ
اڳي ته سر هئو منصور نذرِ دار ڪيو

وفا شعار آ ’زخمي‘ اوهان جي لئه بيڪار
اوهان پسند وڃي پاڻ جهڙو يار ڪيو

صنم آهي خدا آهي يا ٻي ڪا ماجرا آهي

صنم آهي خدا آهي يا ٻي ڪا ماجرا آهي
اوهان کي ئي خبر هوندي اوهان جي دل ۾ ڇا آهي

اچي ڏسبو، وڃي ڏسبو، رهي ڏسبو، وَهي ڏسبو
’زماني کي خبر ڪهڙي ته منهنجي دل ۾ ڇا آهي‘

گذارڻ لئه هتي آهي ضرورت ڪار بنگلي جي
جو خالي علم و عقل و عشق و جگر و دل ۾ ڇا آهي

شڪم شاهه شيخ صاحب غرق آ حلوي حڪومت ۾
بکيا پياسا ئي ڄاڻن ٿا حق و باطل ۾ ڇا آهي

ڏسڻ سان ئي حواس و هوش و عقل و فهم ٿيا حيران
ملايل ياالٰهي آب سان گڏ گِل ۾ ڇا آهي؟

هتي منزل آ مولا جي هتي آ عرش جو پايو
سمورو سوت آهي تون چوين ٿو دل ۾ ڇا آهي!

ڍڪيل آهي لڪل آهي زماني کان آ پوشيده
فقط مجنون ئي ڄاڻي ٿو ته هن محمل ۾ ڇا آهي

جناب شيخ جي منزل فقط غلمان ۽ حورون
بنا ديدار جي زخمي انهي منزل ۾ ڇا آهي

بتِ ڪافر کي پوڄيائين عمر ساري مگر هاڻي
هليو ’زخمي‘ آ عمري تي سو ان اٽڪل ۾ ڇا آهي!

ڀل طُور تي چڙهي وتي هر هر صدا ڪندو

ڀل طُور تي چڙهي وتي هر هر صدا ڪندو
بيهوش ٿي ڪري پيو عاشق ته ڇا ڪندو؟!

محبوب ماه رُو به اگر ڪا خطا ڪندو
ته عاشق به هٿ کڻي پيو هر هر دعا ڪندو

جوشِ جنون ۾ رهجي ويا جي رڪوع سجود
ديوانو پاءِ يار تي بيشڪ قضا ڪندو

پيرِ مغان اگر درِ مئخانه بند ڪيو
رندِ الست ضربِ جبين ساڻ وا ڪندو

هڪ نقطي جو آ فرق ٻنهي جي اُچار ۾
هڪڙو دغا ڪندو ته پيو ٻيو دعا ڪندو

زخمِ جگر آ غنچو بَرنگِ گلاب ٿيو
خوشبو جو ڇا طبيب ڪو دارون دوا ڪندو

محبوب پرده پوش ستارالعيوب آ
’زخمي‘ تڏهن وتي ٿو هڪ نه ٻي خطا ڪندو

اگر جان توتان فدا ٿي پوي ها

اگر جان توتان فدا ٿي پوي ها
ته هر ساه جو حق ادا ٿي پوي ها

مجازيءَ ۾ جَي دل فنا ٿي پوي ها
حقيقيءَ ۾ آخر بقا ٿي پوي ها

جي منهنجون مدايون ٿيون معلوم توکي
ڍڪين ها جَي ڍوليا ته ڇا ٿي پوي ها

گهرائين ها مون کي ته ڄڻ پاڻ آئين
جي مون وٽ اچين ها ته ڇا ٿي پوي ها

هو ترڇي نگهه جو نشانو به ترڇو
سڌو جي اچي ها قضا ٿي پوي ها

چڱو جو حڪايت زبان تي نه آئي
چپن تي چڙهي ها گلا ٿي پوي ها

کڻي نيڻ نازڪ نهارين ها نرمل
ته زخمي به ڄڻ باخدا ٿي پوي ها

نڪا لنئه لڳايئين نڪي آشنا ٿيو
ڪو ازخود ڀلا ڪيئن فدا ٿي پوي ها

دليون دردوندن جون ٿيون دُودخانه

دليون دردوندن جون ٿيون دُودخانه
اوهين جو تغافل نه ٿيو عارفانه

اصل کا اسان جو مزاج عاشقانه
اصل کان اوهان جي ادا عاقلانه

ارهين جيترو جيترو بي دلانه
اسين اوترو اوترو والهانه

اي حسنِ ازل هي ڪمالِ جنون ڏس
آ جاويد اي جلوه جاودانه

اکين ساڻ صورت جو سلطان ڏسندين
پوءِ عين اليقين ڄاڻ عاشق يگانه

اسان جو غزل آيو پيارا پسند يا
رڳو فاعلن فاعلن فاعلانه

اناالحق چوڻ سنتِ مردِ مومن
ڪپيو ’روح‘ جو ڀل سرِ عاجزانه

وعدا وچن الاجي هُو پاريندو ڇا ڪندو!

وعدا وچن الاجي هُو پاريندو ڇا ڪندو!
گهايل سان چار گهڙيون به گهاريندو ڇا ڪندو!

في الحال پاڻ سان ئي کڻي ويو دواءِ دل
واپس وريو ته پوءِ به ٽاريندو ڇا ڪندو!

جنهن کي سڀئي ڇڏي ويا محبوب يار دوست
تارا تڪيندي رات گذاريندو ڇا ڪندو!

ديوانه وار چاڪِ گريبان ڪيو گهمي
زخمي الاجي پاڻ کي ماريندو ڇا ڪندو!

چئجي تو کپي کپي کپي ليڪن کپئي نه ٿو
سو پاڻ کي به نيٺ کپائيندو ڇا ڪندو!

پهرين دل من اڇو صفا رکجان

پهرين دل من اڇو صفا رکجان
پوءِ سر ساهه پڻ فدا رکجان

جي رقيبن مزاج برهم ڪيو
عشق وارن ۾ آسرا رکجان

حاسدن جي خبر اٿئي اڳ ۾
من اندر ۾ ئي معاملا رکجان

ٻهر ڳيرو اندر ۾ شڪرو ٿئي
اهڙي ماڻهن کان فاصلا رکجان

ڀل ته پي ايڇ ڊي به ڪر اي دوست
مڪتبِ عشق ۾ به داخلا رکجان

خودڪشيءَ جي ضرورت ئي ڪهڙي
’مار کائي به حوصلا رکجان‘

ڏي ڪو ’زخمي‘ جگر جي لئه مرهم
زخمِ دل تي به ڪي پَها رکجان

ملينم غزل

ملينم غزل
[2001-2000]

نئين ملينيم ۾ اچو هڪ نئون جهان پيدا ڪريون
گل نئون، بلبل نئين، نئون باغبان پيدا ڪريون

نئون ادب، نئين شاعري ۽ نئين زبان پيدا ڪريون
هر ڏکئي لئه ’روٽي ڪپڙا ۽ پڪان‘ پيدا ڪريون

سڀ پراڻا ’ٽِينَ ڊبا‘ تور تي وڪڻي ڇڏيون
ڪشتي نئين، نئون ناکئو، نئون بادبان پيدا ڪريون

رنجشون ويڇا وساري سڀ اچو گڏجي هلون
انتقامن کي ڇڏي امن و امان پيدا ڪريون

عشق جي توقير ٿئي ۽ غير ٿئي بي اعتبار
شاعرو! اهڙو ڪو اندازِ بيان پيدا ڪريون

ظالم و جابر کي للڪاري ٿيون ’زخمي‘ شهيد
ان طريقي سان حياتِ جاودان پيدا ڪريون

عيد غزل

عيد غزل


هڪ به منهنجي ڪانه مڃيئي التجا آهي ته خير؟
هن سان جهٽ پٽ ۾ ڪيئي ڇو ’ها ۾ ها‘ آهي ته خير؟

عيد جي ڏينهن صبح جو خرچيون گهريئه وعدا ڪيئه
شام جو ڪيڏانهن وئين جانِ وفا آهي ته خير؟

تو چيو ٿي هيل هلنداسون قلندر لال تي
پوءِ ڪنهن سان وئين مٽياري ڇو ڀلا آهي ته خير؟

مون ته مرهم ٿي گهريو ’زخمي‘ جگر جي واسطي
تون کڻي آئين لفافا لوڻ جا آهي ته خير؟

عيد غزل

عيد غزل


ايڏي هن کي خار آ تنهنجي ڪري
درپئِه آزار آ تنهنجي ڪري

عيد ۾ ويو مال سارو ڀيلجي
هاڻ ٻه ڏون چار آ تنهنجي ڪري

چار چوريون روز جو معمول هو
هاڻ ڪجهه ماٺار آ تنهنجي ڪري

تو سدا زهدِ ريا تي طنز ڪئي
شيخ و واعظ خوار آ تنهنجي ڪري

تون ته مرهم پڻ کڻي وئين پاڻ سان
’زخمي‘ هت لاچار آ تنهنجي ڪري

عيد غزل

عيد غزل


پرين جي پيار جو پيالو پياريندين ته خوش هوندين
جمع جي رات جيءَ جيئڙو جياريندين ته خوش هوندين

جوانيءَ ۾ رسي وئين يار پرتو آهين پيريءَ ۾
اٿئي جهڙو به تهڙي سان نڀائيندين ته خوش هوندين

رُکن روزن جي خشڪين ۾ پيا آهن چپ ئي ڦاٽي
انهن تي پنهنجا لب لالڻ جي لائيندي ته خوش هوندين

اول توکي ڏسان پوءِ چنڊ کي ٿا ڳوليون گڏجي
ٻئي آخوند جون آسون پڄائيندين ته خوش هوندين

هلالِ عيد اُلهي تنهنجي پيشانيءَ ۾ ويو پيهي
وري ’زخميءَ‘ کي چوڏهينءَ تي چمائيندين ته خوش هوندين

نوان نَوَ ڏينهن مس هلندئي، اڳي وانگر ڇڏي ويندئي
پراڻن کي وري پنهنجو بنائيندين ته خوش هوندين

اٿئي پوڙهو پٻو ’زخمي‘ مگر توسان ٺهي ويندو
ڪسي ڪانڊي هلي ويندو هلائيندين ته خوش هوندين

ڪراچيءَ جي حڪمين کان گهڻئي پئسا ڦرايا ٿئي
جي ’زخمي‘ کي به ڪجهه ڏوڪڙ ڏياريندين ته خوش هوندين

مزاحيه عيد غزل

مزاحيه عيد غزل


ڪنهن کي تو جهڙو نه ڪڏهن نينهن نڀائڻ آيو
جيڪو آيو سو فقط مال ڪمائڻ آيو

هاڻي مان توکان سوا ڪنهن سان سڄڻ عيد ملان
مون سان جيڪو به مليو تنهنجو پڇائڻ آيو

جيڪو اڄ عيد مليو زور ڏئي ساه ڪڍيئين
ڪنهن کي تو جهڙو نه ڪو ملڻ ملائڻ آيو

ڪنهن کي تو جهڙو چُمي ڏيڻ جو ڏانءُ نه هو
ٻئي جنهن به ڏني گِگَ وهائڻ آيو

تون ته مرهم ۽ پَٽيون ساڻ کڻي ايندو هئين
ٻيو جيڪو به مليو لوڻ لڳائڻ آيو

روح ’زخمي‘ ٿي رهيو جسم رهيو ٺيڪ ته ڇا
عيد جو ڏينهن به بيڪار ستائڻ آيو

مزاحيه غزل

مزاحيه غزل


ڪڏهن راضي رضا تي ۽ ڪڏهن بلڪل خفا ٿي ويو
سبب ٻيو ڪونه هو ليڪن الائي هن کي ڇا ٿي ويو

وڏي مشڪل سان آيو هو ڪلينڪ تي مگر قسمت
پريان ايندو ڏٺئين ٽيچر ته ڇرڪي هُو هوا ٿي ويو

کپن جي مئٿ ۾ نمبر ته پوءِ ٽيوشن ضروري آ
جو آيو علم جي مقتل ۾ ان جو ڌڙ جدا ٿي ويو

محبت آ خدا سان ۽ زماني سان رهايون پيا
ڳچيءَ ۾ آه تسبيح، مال سارو ’هپ هپا‘ ٿي ويو

ڪريو ٿا فون ٿاڻي تي وڏي ڀوتار جي نالي
حقي حق آ اڌواڌ ۽ پوءِ ڌاڙو مڪ مڪائي ٿي ويو

اڳي ’زخمي‘ جگر هو، هاڻي آهي روح پڻ زخمي
طبيبو مرحبا، مرضِ ڪُهَن آ لادوا ٿي ويو

مزاحيه غزل

مزاحيه غزل


ٻيا ڏينهن ڀل ڪر لڱايون چڱايون
مگر عيد به ڪر ڪي سهڻا سچايون

اٿئي جي نه اچڻو ته ڪر ڳالهه هڪڙي
ڪرين ڇو ٿو ڳالهيون اجايون سجايون

نه منٿون مڃين ٿو نه تحفا وٺين ٿو
جي ٻيو ڪو طريقو هجي آزمايون

ٻڪر هو مهانگو سو ير حال ناهي
جي کائين ته هاف مرغي گهرايون

رديفن جو ٿيلهو ڪٿي ويو آ وسري
فقط قافين تي غزل ٿا بنايون

متان هن کي غلطيءَ جو احساس کائي
’اچو آزمايل وري آزمايون‘

ڏٺل کي ڏسڻ ڌوڙ منهن ۾ آ پائڻ
وري آزمايل کي ڇو آزمايون

ورهين کان اڃايل اٿم ’روح رمزي‘
اچين جي ته گڏجي پيون ۽ پياريون

مزاحيه قطعه

مزاحيه قطعه

رانون ۽ چاپون سڀئي فريزر ۾ ٿيون فريز
مسڪين سڀ هڏن تي چَٻڙ چُون ڪندا رهيا
مقبول ٿي يا نذرِ ريا، ٿي وئي نماز
گوڏا نراڙ صرف ٺَڙڪ ٺُون ڪندا رهيا
واعظ ته هڪ ڪلاڪ جا ورتا ٿي ڏهه هزار
شاعر ته چانهه تي ئي ’فَرڙ فُون‘ ڪندا رهيا

نثري نظم

نثري نظم

وري عيد آئي وري تون نه آئين
وري شام ٿيندي وري رات روئندي
وري ورهه ويندو
وري عيد ايندي
وري تون نه ايندي
وري شام ٿيندي
وري رات روئندي

وائي

وائي

حِيلا ڪونه هلن چارا ڪو نه چَلن
وسيلا ڪر ڪو وسيلو

ويٺا سجدا ڏين ڪلمو پاڪ پڙهن
وسيلا ڪر ڪو وسيلو

مورئون ماٺ نه ڪن ويٺا روز روئن
وسيلا ڪر ڪو وسيلو

اچڻا ڪونه اچن پيهي ڪو نه پڇن
وسيلا ڪر ڪو وسيلو

رسڻا ڪونه رسن کلڻا ڪونه کِلن
وسيلا ڪر ڪو وسيلو

اهڙا واءَ ورن پاڻهي پرچي پون
وسيلا ڪر ڪو وسيلو

محبت مينهن وسن نازڪ نينهن نچن
وسيلا ڪر ڪو وسيلا

وائي / ڪافي

وائي / ڪافي

ڪونهي مئيءَ جو وس- آهي بيوس
حُجت نه هلڻي هوت سان

دليون سونَ سهاڳ جون
ڪانهي تن ۾ ڪس- آهي بيوس
حُجت نه هلڻي هوت سان

ڇاکان اوجهڙ ۾ هلين
گؤنرن وٺجان گس- ڪاهي رس
حُجت نه هلڻي هوت سان

لکان ڊاهيا ڪيترو
ڪانهي مئيءَ کي مس- آهي بيوس
حُجت نه هلڻي هوت سان

ڇاکان ڇيهه ڪري ويٺين
جاني هووئي جَسُ- آهي بيوس
حُجت نه هلڻي هوت سان

ڪر ڪو ڪرم ’قيوم‘ تي
رانول راهج رس- ڪونهي وس
حُجت نه هلڻي هوت سان

وائي / ڪافي

وائي / ڪافي

ڦٽڙن يار ڦٽيون، ڪين ڇٽيون...
دم دم درد فراق ۾

ويڄن واپس واريون
پاڻهي ٻڌن پٽيون، ڪين ڇٽيون...
دم دم درد فراق ۾

موکيءَ پاڻ پياريون
وه وا وهه جون وٽيون، ڪين ڇٽيون...
دم دم درد فراق ۾

پهرين ڪاتب لکيون
قسمت پوءِ ڪٺيون، ڪيئن ڇٽيون...
دم دم درد فراق ۾

محبت ماٺ نه اچڻي
جڳ جون جهلن جُٺيون، ڪين ڇٽيون...
دم دم درد فراق ۾

روح به ڪيڙئون ’زخمي‘
ڪهڙيون وجهن وٽيون، ڪين ڇٽيون...
دم دم درد فراق ۾

ادب لطيف

سڀن کان سهڻو

سڀن کان سهڻو

تمام سهڻو، تمام سهڻو
اڃان به سهڻو، اڃان به سهڻو
ڏسڻ گهرين ٿو، چمڻ گهرين ٿو، وري انهيءَ کي ڇڏي به ڏين ٿو
وري ٿو ڳولين اڃا به سهڻو
ڪٿي ته آخر ڪو ڇيهه ٿيندو؟
مگر آ مرشد جو فرمان اهڙو
پرين جي ظاهر اکيون به ظاهر
پرين جي باطن اکيون به باطن
انهيءَ ڪري اي نگاهِه مضطر
اکين کي بند ڪر، اکين کي بند ڪر
تون پوءِ ڏسندين، ضرور ڏسندين
اڃان به سهڻو، تمام سهڻو
سڀن کان سهڻو
ادب لطيف

ادب لطيف

قربتِ نُور

قربتِ نُور


دل عارف = جاءِ تجليءِ نُور
مثل ماه و انجم = که منعڪسِ نُورِ خورشيد
رنگِ عارض = مانندِ گلاب
ذائقهءِ لب = جامِ ڪوثر
ساه جي خوشبو = موتئي جي سڳنڌ
اگر حسنِ تابان = شهود جي وحدت
ته ان سان شامل وجود جي وحدت
حسنِ فانيءَ ۾ حسنِ باقيءَ جي جهلڪ
ڇا اشارهءِ جستجوءِ حسنِ ذاتي ناهي؟
ته پوءِ ڇو تخليق حسنِ صفاتي آهي؟
محض جمالِ شهود کان ئي، مجنون و مفتون ٿين عشاق
ته پوءِ حسنِ وجود جو، ڪنهن کان ٿي سگهي ادراڪ
جنهن جو پردن ۾ پوشيده نُور آهي
ان جو واقف به نُور حضور آهي
جيترو واقف حضور هوندين!
اوترو ئي قريبِ نور هوندين

ادب لطيف

مٽيءَ جي امانت

مٽيءَ جي امانت


جنهن مٽيءَ تي ٽڪائين ٿو پيشاني
چوين ٿو اهو آ خدا کي سجدو
ان ئي مٽيءَ مان ٺهيل مورتي اڳيان ٻڌين ٿو ٻانهون
ان ئي مٽيءَ مان ٺاهي اٿئي ديول، گرجا، مسجد، مندر
ان ئي مٽيءَ مان بنايو ويو حضرت آدم ڏاڏي حوا
نائبِ خدا، حاملِ بارِ امانت، احسنِ تقويم
هر هڪ پاڪ ڪتاب جو موضوعِ سخن
يعني حضرت انسان
ليڪن واءِ حيرت!
جنهن لاءِ پيدا ڪيو ويو زمين آسمان
۽ ان ۾ انسان جي ضرورت جو هر هڪ سامان
ليڪن جن کي طاقت ملي... انهن ضعيفن ۽ مجبورن جي
نگهباني ڪرڻ بدران، ڪرڻ لڳا مٽيءَ جي امانت ۾ خيانت
۽ منصفانه تقسيم بدران، رزق جي هر وسيلي تي زبردستي قبضو
تنهن ڪري ضعيف و ناتوان طبقو... رهي ٿو محرومِ دو نان
غير محفوظ از يد و زبان
تاريخ جا قارون- فرعون- نمرود- شداد ۽ يزيد
اڄ به پنهنجن افعالن ۽ ارڪانن ۾ آهن زنده و پائنده
کين يقين ئي ڪونهي ته سڀاڻي ضرور موت جو کاڄ ٿي
وري به مٽي ۾ ملي ٿيندا مٽي...
فرض ڪريو ته وري به وسندا مينهن...
وري به ڪنهن نباتات، جمادات، حيوانات جي
ڪنهن روپ سروپ ۾ ٿيندا نمايان
بقول غالب: سب ڪهان ڪُڇ لاله و گل ۾ نمايان هوگئين
خاڪ ۾ ڪيا صورتين هونگي ڪه پنهان هوگئين
’فرض ڪريو‘ ته جيڪڏهن قدرتِ ڪامله وري به جامهء انساني ۾ دوباره واپس آڻي ته وري به ساڳي رياڪار پيشاني... ساڳي مٽيءَ مٿان رکي... وري به ڪندا ساڳئي خدا کي سجدو... ساڳي مٽيءَ مان ٺهيل مورتيءَ اڳيان ٻڌندا ٻانهون... ساڳي مٽيءَ مان ٺهيل ديوارِ گريه اڳيان ڪندا ماتم ته خداوندا! وري به مٽيءَ جي مورتيءَ کي عطا ٿئي ڌرتيءَ جي حڪومت... خلافت... ۽ مجموعي وسائلِ رزق جي تقسيم واري امانت... مظلوم ۽ محروم انسانيت جي خدمت... عبديت ۽ عبوديت.



نوٽ: دوباره جنم واري آواگون ٿيوري اسان مسلمانن وٽ متروڪ آهي، تنهن ڪري ’فرض ڪريو‘ لکيو ويو آهي... متان ڪن همراهن کي ’ڇرڪ‘ پوي.

ادب لطيف

جديديت

جديديت

براءِ مشاهدهءِ قدرتِ وقيع
مطلوبِ است نگاهِه حق پرست و وسيع
انسانِ عامه: مظهرِ وجودِ ذات
انسان ڪامل: چاره گر مصائبِ ڪُلِ صفات
ڪمالِ فضليت مشروط بر وسعتِ فيوض و برڪات
اگر اقدامِ تعميرِ ڪعبه دل حزين، غير مقصود
بوسئه و طوافِ سنگ و خشت و بام و در غير محمود
رسوماتِ ڪُهن براءِ نماشِ شوڪت و جاهه
مانع وسعتِ قلب و نگاهه
موجبِ دل شڪنيء اهلِ نگاه
بشڪن! حدود و قيود که پيشرو ساختند
بسوز! خس و خاشاڪِ خودرو که پردا ختند

ادب لطيف

ليکو برابر

ليکو برابر


تنهنجي نالي تنهنجي ماني، منهنجي نالي منهنجي ماني
هر داڻي تي نالو اُڪريل
ليڪن تو ڪئي آ چالاڪي
ساڳيا داڻا سستا سودين... ساڳيا داڻا مهنگا وڪڻين
روز ٿو فون تي اگهه بدلائين
تو هئي جيڪا کنڊ لڪائي، چانور چاڙهيا، ڪڻڪ ڪمائي
ڪرڻي پئي ’اوپر‘ جي رسائي... اها رقم پڻ وئي اجائي
ليڪن منهنجي نالي داڻا... تنهنجي نالي مُور نه ٿيڻا
توکي جڏهن به شامت کڻندي، صورتِ نادر نازل ٿيندي
جيڪو ٻئي جو مال تڪيندو... ان جي ماني ڪتو نيندو
ڪتو آهي ڏاڍي ذات... ڀڄي به ويندو لڪي به ويندو
اڳيان لڳو پيو گهاٽو ٻيلو
خدا سڀن جو حق وڪيل
تنهنجي نالي تنهنجي ماني
منهنجي نالي منهنجي ماني.

ادب لطيف

ادراڪ

ادراڪ

تون ڪنهن ساڻ آخر محبت ڪندين؟
جي هن ظاهريءَ کي ڇڏيندين کڻي
ته پوءِ باطنيءَ جو نه آ ڪو مثال
جو هن ساهميءَ جو آ هڪڙو ئي پُڙ
ته پوءِ تون بنا ڪيئن ٻئي مثل جي
ڪندي ڪيئن ادراڪ بي مثل جو
تون ڪنهن ساڻ آخر محبت ڪندين؟


ادب لطيف

مٽيءَ جي مورتي

مٽيءَ جي مورتي


مون به ٺاهي هئي مٽيءَ جي مورتي
روح پنهنجي مان نفخ ان ۾ ڪيم
مون ته هن جي دل ۾ جوڙي جاءِ هئي
هُوءَ وري زنده ٿي مون کي
ڇو الاجي! ٻيءَ جڳهه ڳولڻ لڳي.


آزاد نظم

سخن فهمو! شاعرو!

سخن فهمو! شاعرو!


گر اوهان کي هر طرف ڏسجن پيون
پسجن پيون
هُو اهي ڪاريون اکيون... ڪجليون اکيون
سهڻيون ۽ من مهڻيون اکيون
ڇو! مگر اي سخن فهمو! شاعرو!
ڪين ڪڏهين ڀي نظر آيون اهي
جيڪي سدا محروم ۽ مغموم ٿيون
مظلوم ٿيون ۽ چند سڪن جي ڪري مطعون ٿيون
مجبور ٿيون... مقهور ٿيون
جي اوهان کي ٿيون اشارن ئي اشارن ۾ پُڪارن
المدد!... يا المدد!
اي سخن فهمو! شاعرو! چاره گرو!


آزاد نظم

موسيٰ ۽ منصور

موسيٰ ۽ منصور

پير پٿون ٿيا هلندي هلندي
’ارني ارني‘ چوندي چوندي
طُور جلي ويو ڏسندي ڏسندي
هوش ۾ آيو ڏڪندي ڏڪندي
-
هُن به ڏٺو هو نچندي نچندي
حق جو نعرو هڻندي هڻندي
خوش ٿيو دار تي چڙهندي چڙهندي
آس ڏسڻ جي مرندي مرندي
-
توبه ڏٺو ڪو آڌيءَ اٿندي
محبوبن جي تخت کي لهندي

اردو غزل

اردو غزل

جب بھی گرھن لگا قمر میں ہے
درد اٹھا میرے جگر میں ہے

بولنے دے تو بات بھی کرتے
لحنِ طوطی اسی شھر میں ہے

باغ سارا تو اس کے نام کیا
قحط پھر کیوں پڑا ثمر میں ہے

پانی روکا تو خون سے سینچا
’اب بھی سایہ اسی شجر میں ہے‘
(ط۔م)

پتلیون کا یہ کھیل ہے ’زخمي‘
ڈورھلتی بڑے شھر میں ہے۔



نوٽ: قصرِ ناز ڀٽ شاهه ۾ طرحي اردو مشاعرو منقعد ٿيو، جنهن ۾ هي غزل پڙهيو ويو. ياد رهي ته هي غزل اردو ۾ ئي سوچيو ۽ لکيو ويو آهي، سنڌيءَ مان ترجمو ڪيل ڪونهي. ]زخمي[

امرتا پبليڪيشنس جا بازار ۾ وڪري لاءِ موجود ڪتابَ

امرتا پبليڪيشنس جا بازار ۾ وڪري لاءِ موجود ڪتابَ
o ڪتاب جو نالو ليکڪ/ شاعر/مرتب قيمت
o امرتا شاهه لطيف مرتب: فقير محمد ڍول 1500.00
o جيڪِي مون سِکيو ۽ لکيو ڊاڪٽر پرڌان 400.00
o مان ذرو تون ماهتاب [شاعري] سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي 500.00
o فقير برڪت علي بلوچ مرتب: محمود مغل 400.00
o الاءِ تون ڪٿي آهين حسن درس 200.00
o برهه جو باب[شاعري] سيد امام علي شاهه 200.00
o هوا جي ديوار [سفرنامو] منظور جوکيو 400.00
o غلام سندم نالو مرتب: سهيل ابڙو 400.00
o ٿورا نه ٿورا مرتب: جاويد مرتضيٰ ڏاڏاهي 250.00
o چنڊ رهين ٿو دور [ٽيلي ناٽڪ] طارق عالم ابڙو 500.00
o سنڌ ٽاڪيز [سنڌي فلم ڪٿا] تحقيق: محمود مغل 3500.00
o زندگي محسوس ڪيو مترجم: محمود مغل 100.00
o مان زنده رهندس نُور گهلو 400.00
o نه هِن پاسي نه هُن پاسي [ڪالم] سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي 400.00
o ڏاڏاهيءَ جا ڏوهه هزار [شاعري] سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي 250.00
o حقيقت جا هوڪا [شاعري] فقير خدا بخش اُنڙ 350.00
o سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا [شاعري] مرتب: احساس ميرل 500.00
o منهنجي مَنَ جا مامرا [ڪالم] منظور ڪالرُو 200.00
o مان شهر اُڏيري ٽيشڻ جو [سفرنامو] احساس ميرل 300.00
o چڱو ٿيو اوهان کي به وسري وياسين [شاعري]
سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي 350.00
o دل ڌمالُن جي گُونجَ ۾ ورتل [شاعري] شاهه زمان ڀنگر 300.00
o ڳالهه مان ڳالهه... نسرين طاهر وفائي 300.00
o خالد چوي... محمد خالد ميمڻ 350.00
o پيارَ ڪهاڻيون سهيڙ: محمود مغل 100.00
o ڊاڪٽر سنجيده مغل جي آتم ڪهاڻي
مرتب: تنوير جوڻيجو 350.00
o مسافر وفائون [شاعري] مسافر هاليپوٽو 300.00
o آخوند جا افسانا آخوند محمد عباس 150.00
o مُسافر مديني جو [سفرنامو] عبدالله ناريجو 500.00
o برسات ۽ ٻوڏ [ڪهاڻيون] مٺل جسڪاڻي 150.00
o سِتارا سُونهن جا [شاعري] حبيب رسول ڏاهري 300.00
o سپاهيءَ جون صدائون ’سپاهي‘ اسماعيل خاصخيلي 300.00
o عشق اهڙي اُڏار ڏي [شاعري] گلبدن جاويد 300.00
o هڪڙي ملندي آهي محمود مغل 300.00
o دَ بِرڊِلڊِ ٿاٽِس [the bridled thoughts] نفسيات: انگريزيءَ ۾ سونهري زيد انصاري 300.00
o شوڪت علي ’شوق جو تحريرون شوڪت علي ’شوق‘ 320.00
o شاهه لطيف جون سَتَ سُورميون ٻُڍو لغاري 250.00
o زنجبار جهنگٻار [سفرنامو] الطاف شيخ 350.00
o ڪَوَتا تار تي ويٺل پنڇي [شاعري] رحيمداد جوڳي 240.00
o سائين، محبت، حياتي: رمزون [خواب نگر]
محمود مغل 300.00
o نِڪرِي ويا ناکُئا [سفرنامو] الطاف شيخ 300.00