هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي گرامر کي نھايت آسان بڻايو ويو آهي، جيئن هر درجي جي ٻار جي سمجهہ ۾ اچي. هن کي ڪُل چئن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. پھريون ڀاڱو: ’ڳالھائڻ جا لفظ ۽ انھن جو اڀياس‘ جي نالي سان چوڏهن بابن تي مشتمل آهي، ٻيو ڀاڱو: ’علم صرف جو اڀياس‘ جي نالي سان صرف هڪ باب تي مشتمل آهي، جنھن ۾ علم صرف جي وصف، ڪارج ۽ مفھوم ڏنل آهن. ٽيون ڀاڱو: ’علم نحو جو اڀياس‘ جي نالي سان ڇھن بابن تي مشتمل آهي، جنھن ۾ نحو جي وصف ۽ اُن جا اصول، جملي يا فقري جا مکيہ ڀاڱا، جملن جا قسم، عبارت/ اُسلوب (Style) جي لحاظ کان جملي جا قسم، ضمير متصل جو استعمال، ٻٽا ضمير متصل- شامل آهن. چوٿون ڀاڱو: چئن بابن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ترڪيب، تفريق يا ڇيد ڪرڻ، بيھڪ جون نشانيون، سنڌي ويا ڪرڻ جون ڪي خاص ۽ اهم خصوصيتون شامل آهن
لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر
- 0/5.0
- 3
- 1
- هڪ سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري اسڪالر ڊاڪٽر غلام علي الانا جو لکيل ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي گرامر کي نھايت آسان بڻايو ويو آهي، جيئن هر درجي جي ٻار جي سمجهہ ۾ اچي. هن کي ڪُل چئن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. پھريون ڀاڱو: ’ڳالھائڻ جا لفظ ۽ انھن جو اڀياس‘ جي نالي سان چوڏهن بابن تي مشتمل آهي، جنھن ۾ ڳالھائڻ جا لفظ، اسم جا عدد، رائج حالتون، انھن جا قسم، حرف جر، صفت، ظرف، فعل، فعل جا ڪردنت يا مشتق مرڪب فعل، زمانن جو اڀياس، فعلن جون معروضي ۽ مجھولي صورتون/ فعلن جا پريوگ، حرف جملو، حرف ندا شامل آهن. ٻيو ڀاڱو: ’علم صرف جو اڀياس‘ جي نالي سان صرف هڪ باب تي مشتمل آهي، جنھن ۾ علم صرف جي وصف، ڪارج ۽ مفھوم ڏنل آهن. ٽيون ڀاڱو: ’علم نحو جو اڀياس‘ جي نالي سان ڇھن بابن تي مشتمل آهي، جنھن ۾ نحو جي وصف ۽ اُن جا اصول، جملي يا فقري جا مکيہ ڀاڱا، جملن جا قسم، عبارت/ اُسلوب (Style) جي لحاظ کان جملي جا قسم، ضمير متصل جو استعمال، ٻٽا ضمير متصل- شامل آهن. چوٿون ڀاڱو: چئن بابن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ترڪيب، تفريق يا ڇيد ڪرڻ، بيھڪ جون نشانيون، سنڌي ويا ڪرڻ جون ڪي خاص ۽ اهم خصوصيتون شامل آهن. هن ڀاڱي ۾ مختلف جانورن/جاندارن جي آوازن لاءِ لفظ، جانورن جي ڦرن/ ٻچن جا نالا، محنت ڪشن جي اوزارن جا نالا، اصطلاح/ ورجيسون، ڪي چونڊ تشبيھون ڏنل آهن. ڊاڪٽر غلام علي الانا کان پھرين ڪنھن بہ گرامر نويس سنڌي ٻوليءَ جي گرامر کي ايترو آسان ۽ تشريحي بڻايو آهي.
ھي ڪتاب 2010ع ۾ سنڌي لينگيوئيج اٿارٽيءَ پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مصنف ڊاڪٽر غلام علي الانا
- ڇپيو ويو 2010
- ڇپائيندڙ سنڌي لينگئيج اٿارٽي، حيدرآباد
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 01/Aug/2023
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
- لاٿو ويو 1 ڀيرا