شاعري

منزل ڪٿي آ

جاويد نواز جاويد جي غزلن جي ھن مجموعي جي مھاڳ ۾ بخشل باغي لکي ٿو: ”جاويد نواز جڏهن بہ ڪو غزل لکيو آهي تہ اهو دل جي گَھِراين تائين رسائي پائي وٺندو آهي. هرڻيءَ جي ڇال جھڙا نفيس غزلن جا شعر وڏي پختگيءَ جي رنگ ۾ رچيل، دل جي بٺيءَ ۾ پَچي راس ٿيل سِٽون ڪن رَس سمائي اندر ۾ تحرڪ پيدا ڪري ڇڏينديون آهن. جاويد نواز وڏي سِٽاءُ سان غزل لکي ٿو، جنھن ۾ تغزل جو رنگ ڄاڱري ٻيرن جيئن رتل ۽ پڪل محسوس ٿيندو آهي. رديف ۽ قافيي جو ڀچاءُ،  يا وزن جي ٺيڪ بيھڪ، لفظن جي سٺي چونڊ، خيالن جي سادگيءَ جو هڳاءُ، ڪڪوريل دل جون ڪيفيتون، خواب، انتظار، وڇوڙا، تنھايون، درد، اوجاڳا، وغيرھہ جاويد نواز جي شاعريءَ جا محرڪ آهن. “

  • 4.5/5.0
  • 12
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book منزل ڪٿي آ

ارپنا

ارپنا

بابا سائين ۽ امڙ جيجل جي نانءُ
جن جي شفقت ۽ ممتا منهنجي لاءِ زندگيءَ جي نٽهڻ ۾ ٿڌي ڇانوَ وانگر آهن. سندن تربيت ۽ دعائون آهن جو مان هڪ حساس شاعر ۽ صاحبِ ڪتاب بڻيس!
پنهنجي جيون ساٿياڻي ۽ پنهنجن ٻچن هالار گل، ڪائنات، حسيبا ۽ ڪشف جي نالي...
جن جي وجود سان منهنجي زندگيءَ ۾ کوڙ سارا رنگ شامل آهن ۽ جن جي ساٿ جيون سان پيار ڪرڻ جو ڏانءُ ڏنو آهي.

سنڌسلامت پاران :

سنڌسلامت پاران :

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران خوبصورت شاعر جاويد نواز جاويد جي غزلن جوو مجموعو ”منزل ڪٿي آ“ اوهان اڳيان پيش آهي.
جاويد نواز جاويد جي غزلن جي ھن مجموعي جي مھاڳ ۾ بخشل باغي لکي ٿو: ”جاويد نواز جڏهن بہ ڪو غزل لکيو آهي تہ اهو دل جي گَھِراين تائين رسائي پائي وٺندو آهي. هرڻيءَ جي ڇال جھڙا نفيس غزلن جا شعر وڏي پختگيءَ جي رنگ ۾ رچيل، دل جي بٺيءَ ۾ پَچي راس ٿيل سِٽون ڪن رَس سمائي اندر ۾ تحرڪ پيدا ڪري ڇڏينديون آهن. جاويد نواز وڏي سِٽاءُ سان غزل لکي ٿو، جنھن ۾ تغزل جو رنگ ڄاڱري ٻيرن جيئن رتل ۽ پڪل محسوس ٿيندو آهي. رديف ۽ قافيي جو ڀچاءُ، يا وزن جي ٺيڪ بيھڪ، لفظن جي سٺي چونڊ، خيالن جي سادگيءَ جو هڳاءُ، ڪڪوريل دل جون ڪيفيتون، خواب، انتظار، وڇوڙا، تنھايون، درد، اوجاڳا، وغيرھہ جاويد نواز جي شاعريءَ جا محرڪ آهن. “
ھي ڪتاب 2020ع ۾ ايم.ايڇ ڏاهري پبليڪيشن، نوابشاھہ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون جاويد نواز جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

اداري پاران

اداري پاران

ھر اشاعتي اداري جي قائم ٿيڻ جو ڪو نھ ڪو مقصد يا سبب ھوندو آھي. اسان جيڪو مقصد کڻي ھن ننڍڙي اشاعتي اداري جو بنياد رکيو ھو، سو محض ۽ محض پنھنجي آس پاس جي ھيرن، لعلن ، ماڻڪن ۽ موتين جھڙين وٿن کي سھيڙي نروار ڪرڻ ھو ۽ آھي. ٻيو اھم سبب ھي ھو، تھ جڏھن تحقيق جي ميدان ۾ پير پاتوسين ۽ ڪيترن اڻڳڻين ناياب ڪتابن جا پيرا کنياسين، تھ اڻ لڀ ھئا. ڪيترن ئي ادارن جا نالا سامھون آيا، جيڪي رڳو ڪن ڪتابي فھرستن يا ڪن ياداشتن ۾ تھ نظر چڙھيا، پر اڄ نھ اھي ادارا رھيا آھن ۽ نھ وري ڪتاب، جن سان اسان جي ٻاجهاري سنڌي ٻولي ڪر کڻي بيھندي ھئي. بلا شبھ سرڪاري يا ڪن سرنديءَ وارن نجي ادارن ان ڏس ۾ پاڻ ملھايو آھي، پر اھڙن ڪيترن ئي ڏور ڏوارنھن املھھ ماڻڪن تي دز چڙھيو وڃي ، اکين کان اوجهل ٿيو وڃن ۽ نيٺ ائين مِٽجيو وڃن، ڄڻڪ ھئا ئي ڪونھ.
نھ سي وونئڻ وڻن ۾ ، نھ سي ڪاتاريون،
پسيو بازاريون ،ھينئڙو مون لوڻ ٿئي.
اھڙن سپڪ، سوادي، سلوڻي ٻوليءَ جي ليکارين جي قيمتي ادبي سرمائي کي عام آڏو آڻي سندن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌاري ڪرڻ وارن ۽ خدمتگارن جي حق ادا ڪرڻ خاطر ئي اسان ادارو قائم ڪيو.
ان ڏس ۾ ھن کان اڳ ٻھ ڪتاب “سھڻي سنڌ جو سھڻو عالم” ۽ “ھڪ سچِي ۽ سھڻِي ڪھاڻي: يوسف زليخا” ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آھن. انھيءَ سلسلي جي ٽين ڪڙيءَ طور جاويد نواز “جاويد” جي شاعريءَ صنف “غزل” تي مشتمل ڪتاب “منزل ڪٿي آ” سامھون آھي. جاويد نواز جي شخصيت ۽شاعريء تي نواب شاھ جي ادبي سٿ جي ڪن ناميارن ساٿين جا ليک ھن ڪتاب ۾ شامل آھن. باقي ڪتاب پڙھندڙن جي راءِ جو اوسيئڙو رھندو.

ڊاڪٽر محمود ڏاھري
ايم_ ايڇ ڏاھري پبليڪيشن، نواب شاھ
03337033251/03023205642



مهاڳ

مهاڳ
“پاڻ ڳالهائيندڙ شاعري”
نوجوان شاعر جاويد نواز جي شعري مجموعي “منزل ڪٿي آ” تي دل جون ڳالهيون...


شاعريءَ تي لکڻ يا ڳالهائڻ اُن وقت ڏکيو ٿي پوندو آهي جڏهن شاعريءَ تي ذميواريءَ سان لکڻ يا ڳالهائڻ جو احساس شدت اختيار ڪري ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته اڄ ڪلهه سنڌي شاعريءَ تي لکڻ يا ڳالهائڻ گهڻي قدر سَطحي يا خانه پُري ڪرڻ ئي وڃي رهيو آهي. اهڙين حالتن ۾ ڪنهن تي ڳالهائڻ يا لکڻ پڻ هڪ ذميوار ليکڪ لاءِ تِهائين مشڪلاتون پيدا ڪري وجهي ٿو. جائز تنقيد کي سمجهڻ لاءِ به هڪ سنجيدهه دل ۽ دماغ جو هجڻ ضروري آهي. ۽ تنقيد جي مختلف پاسن تي غور سان سوچڻ ۽ سمجهڻ به هڪ تخليقڪار لاءِ بنهه ضروري آهي نه ته اها ڪنهن به لکڻيءَ تي سنجيدگيءَ سان ڪيل تنقيد شاعر لاءِ ڪجهه حاصل ڪرڻ بجاءِ منفي اثر مُرتب ڪري وجهندي. شاعري بذات خود هڪ خيال، احساس يا ڪيفيت هوندي آهي جڏهن ته شاعريءَ جون صنفون توڙي اُن جو فن هُن کي هڪ قسم جي ترتيب ڏئي سٽاءُ ۾ آڻي مترنم بڻائي ڇڏيندو آهي. منجهس ڪَن رسَ ۽ دل آويزي پيدا ڪندو آهي ۽ پوءِ انهن سڀني جُزن جو ميلاپ هڪ روح ۾ لهي ويندڙ تخليق جي روپ ۾ ظاهر ٿي پوندو آهي.
غزل سنڌي شاعريءَ جي هڪ اهڙي صنف آهي جنهن جي هيئت ڏاڍي دلربا ٿئي ٿي. سنڌي شاعريءَ ۾ غزل ٻين ٻولين جيان ڀرپور لکي ويندڙ صنف آهي، جنهن ۾ هاڻ اُهو فارسي زده روايتي انداز تخليقي شاعريءَ جي ذِمري کان ٻاهر نڪري چُڪو آهي، ٻولي توڙي ماحول جي نُدرت هِن صنف کي اهڙي ته وسعت بخشي آهي جو هي صنف هر ٻولي جي ادب ۾ نِج ان جي پنهنجي صنف بڻجي پئي آهي.
جديد سنڌي شاعريءَ جي محبوب صنف غزل ۾ دل جو اظهار ڪرڻ ڪو آسان ته ڪونهي! پر اهو جنهن کي به ڀانءِ پوي ۽ سندس طبيعت سان ٺهڪي بيهي ته ان کي ئي غزل پاڻ منتخب ڪري سندس اظهار کي اُڏار بخشيندو آهي.
نوابشاهه جي ادبي ماحول ۾ جاويد نواز جو نانءُ پڻ غزل جي حوالي سان سڃاپجي ٿو. جاويد نواز شاعريءَ جي پيچري تي الائي ته ڪڏهن پير پاتو هو، پر جڏهن سنڌي ادبي سنگت نوابشاهه جي معرفت منهنجو ساڻس تعلق جُڙيو ته اُهو ڪنهن به روايتي واسطي کان هٽي ڪري هڪ خاص لاڳاپي ۾ تبديل ٿي ويو ۽ پوءِ صبح توڙي شام رستن جون رولاڪيون ڪندي، شاعري پڙهندي ۽ ٻڌائيندي ڪيترو ئي وقت گڏ گڏ گذري ويندو هو پر جيئن ته وقت ۽ حالتون سدائين هڪ جهڙيون نه رهنديون آهن تنهنڪري پاڇي جيان گڏ گڏ رهندي به پنهنجين پنهنجين زندگين جي مصروفيتن جي چِکيا تي اهڙو ته چڙهياسين جو هر ڪو پنهنجي پنهنجي گُهرجن جي پورائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهجي ويو. ڇا به هو پر هڪ شيءَ سدائين ساڻ ئي رهي، هڪ شاعري ۽ ٻيو تعلق جي تقدس جو احساس. جنهن جي آڌار تي جڏهن به ۽ جتي به ملياسين پنهنجائپ جو دامن اجرو ئي رهيو.
جاويد نواز جي شاعري/غزل ٻُڌي توڙي پڙهي مان سوچيندو آهيان ته جاويد جي دل تي شاعري ڪنهن پکيءَ جيئن لَهي ٿي، نديءَ جيان سندس رت ۾ وهي ٿي، خوابن جيان نيڻن ۾ لهي ٿي، احساسن ۾ ڪَتِين جيئن ڪر موڙي ٿي، ڪينجهر جيان منجهس روح ۾ ڇُلي ٿي يا خوشبوءِ جيان سندس ساهن ۾ مهڪي ٿي.
دراصل شاعري لفظن جي ڪيمياگريءَ جي هڪ نرالو ۽ اعلى فن آهي. خيالن جي نت نئين جاکوڙ آهي، درد جي صندل جي ڀيني ڀيني مهڪ آهي. جيڪا حواسن کي معطر ڪري دل کي اتساهه بخشيندي آهي.
جاويد نواز توڙي جو شاعري بنهه گهٽ لکي آهي پر جڏهن به هُن ڪو غزل لکيو آهي ته اهو دل جي گهراين تائين رسائي پائي وٺندو آهي. هرڻيءَ جي ڇال جهڙا نفيس غزلن جا شعر وڏي پختگيءَ جي رنگ ۾ رچيل، دل جي بٺيءَ ۾ پَچي راس ٿيل سِٽون ڪن رَس سمائي اندر ۾ تحرڪ پيدا ڪري ڇڏينديون آهن.
مون کي سندس غزل ٻڌي شاعريءَ سان اُنس وڌي ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته هُو وڏي سِٽاءُ سان غزل لکي ٿو، جنهن ۾ تغزل جو رنگ ڄاڱري ٻيرن جيئن رتل ۽ پڪل محسوس ٿيندو آهي. رديف ۽ قافيي جو ڀچاءُ، يا وزن جي ٺيڪ بيهڪ، لفظن جي سٺي چونڊ، خيالن جي سادگيءَ جو هڳاءُ، ڪڪوريل دل جون ڪيفيتون، خواب، انتظار، وڇوڙا، تنهايون، درد، اوجاڳا، وغيرهه جاويد نواز جي شاعريءَ جا محرڪ آهن. ڇاڪاڻ ته شاعري سدائين دل جي پڌر تي لڙڪن جا موتي ئي چُڳڻ لاءِ لهندي آهي ۽ وري اک ڇنڀ ۾ الُوپ ٿي ويندي آهي جيئن رات جو آسمان ۾ کِڙندڙ ڪنهن ستاري جو ڏيک هوندو آهي.
* لـڙڪ لاڙي وٺـان ٻه ٽي اُن تي،
خالي ڪاڳر نه ٿو وڻي مون کي.
* مـان به تـوسان لـڇـان ٿـو پيو،
مـون ۾ تنهنجو بـدن ٿـو رهي.
* پنهنجي حصي ۾ آئي سدائين ٻُــڙي،
ضرب، ڪٽ، ونڊ ۽ جوڙ کان پوءِ ڀي.
* اڄ ته ڪــو غـم به ڪـونه آ لـيـڪن،
ڇو نه مون کان ٿو مسڪرايو ٿئي.
* چـپـن جي ڍنـڍ آڇـيندين،
ڪنول وانگر ٽڙي پَونديس.
* تـنهنجي نـيـڻ نـهـار ۾ آهيون،
ڄـڻ ته رنگن جي ڄار ۾ آهيون.
* پنهنجي هستي رکي جلائي مون،
رات مشعل ڪري ڇڏيو مون کي.
*ڌيان پنهنجو هُن سهيڙي هو ڇڏيو،
ڇـا ڏٺـو هـو نـيـٺ هـن اخـبـار ۾.
* ڪارو دونهون ڪاريهر ٿي،
روز هـڻي ٿو ڏنـگ هـوا ۾.
* ناهي رنگين هوندو ڪو منظر،
رنــگ هوندو سـڄـو نـظر ۾ آ.
* ڪيتري اڄ ڪَٽي آ مشڪل سان،
رات سـوڙهي گهٽي آ ٿـي ويئي.
٭ زندگي! تنهنجي صورت آ بڻجي وئي،
هُوءَ مـنهنجي ضـرورت آ بڻجي وئـي.
* درد بيحد ڪري ڇڏيو تنهنجي،
دل جـو دامــن وڃـي پکيڙيندو.
* منهنجو جيون رهيو نه آ منهنجو،
منهنجو جيون ٿو گذاري ڪوئي.
* پاڻ کي تون چٽو ڏسي سگهندين،
ٿــورڙو دُور ڪــــري آئــيــــنو.
* ڪيترو پُٺتي هو رهجي ويو بدن،
ڪيترو اڳتي وڌي ويو هوس مان.
* هڪڙي گهر کي هُو هڪڙو بنائڻ جي لئه،
هـڪـڙي ديـوار ۾ در نـه ٺـاهي سگهيو.
* نيڻ ڪنهن جا پڙهڻ ڪونه آيا ڪڏهن،
ڇا مليو مون کي ايڏي پڙهائي ڪري.
* هانـوَ ســڀ جا ڇــڳا پــيا آهن،
ڪير منهنجي ڪندو مسيحائي.
* ڪـيـڏي آلـودگـي وڌي وئـي آ،
پنهنجي خوشبو گلاب ڳولن ٿا.
مٿي مختلف غزلن جا شعر جاويد نواز جي ايندڙ ڪتاب “منزل ڪٿي آ”
مان چونڊ ڪري هت ڏنا اٿم، جن کي پڙهندي بي ساخته منهنجي هٿ ۾ جهليل پين کين ٽڪ ڪندي وئي. جن جي مختلف ڪيفيتي رنگن ۾ منهنجي دل به رنگين ٿيندي وئي. سچ اهو به آهي ته اِهي شعر مون سان محوِ گفتگو رهيا آهن. منهنجي ڪيفيتن سان هم آهنگ ٿي منهنجي ذاتي محسوسيات ۾ تبديل ويا آهن. هڪ شاعر هئڻ جي ناتي مان جڏهن لوڪ، ڪلاسيڪل يا جديد شاعري پڙهندو آهيان ته ڪڏهن ڪڏهن ان شاعريءَ مان ڪجهه شاعري مون سان ڳالهائڻ لڳندي آهي. پنهنجي نين معنائن سان مون تي نئين انداز ۾ آشڪار ٿيندي آهي. جنهن تي ڳالهائڻ يا لکڻ کان وڌيڪ اُن کي پڙهي پڙهي پُرجهڻو پوندو آهي. اُن ۾ موجود درد جي آفاقي ذائقي کي چکڻو پوندو آهي. اُن جي ڪيفيتن جي ڍنڍ ۾ لهڻو پوندي آهي، ظاهري لفظن جي شڪل، صورت توڙي معنى کان مٿڀرو ٿيڻو پوندو آهي. تڏهن ئي وڃي ڪو اُن شاعريءَ جي تند سان روح سلهاڙبو آهي.
سچ ته اڄ جاويد نواز جي هي شاعري پڙهي مان ساڳي صورتحال مان گذري رهيو آهي، انڪري بجاءِ جو مان ڪنهن ماهر سرجن جيان ويهي سندس شاعريءَ جي سرجري ڪرڻ شروع ڪيان يا پنهنجي اجائي روايتي فلاسافي ويهي پڙهندڙ يا شاعر تي مَڙهيان، تنهنڪري مان چاهيندس ته توهان به جاويد نواز جي شاعريءَ کي هڪ خاص وقت ڏئي غور ۽ فڪر سان پڙهو ته جيئن جاويد جي شاعري مون سان مخاطب ٿي پنهنجين اصل حُسناڪين سان منهنجي دل کي پُرڪيف ڪيو آهي تيئن اوهان به شاعريءَ جي روح تائين پهچي سندس اصل آواز ٻُڌو، جيڪو هُو اوهان سان اوهان جي ڪيفيتي ٻوليءَ ۾ مخاطب ٿي چوڻ چاهي ٿي، ڳالهائڻ چاهي ٿي..!

بخشل باغي
(3-10-19)

پيار تنهنجي جو معجزو آهي

پيار تنهنجي جو معجزو آهي

جاويد نواز جي هيءَ شاعري پڙهي مان خوشبو خوشبو ٿي ويو آهيان!
ڇا مان ڪو وڌاءُ پيو ڪيان؟
مان هي تعريفي جُملا ڪتاب جي مارڪيٽ وڌائڻ ۽ دوستي نڀائڻ لاءِ پيو لکان؟ قطعي به نه!
اوهين هيءَ شاعري دل جي نيڻن سان پڙهندئو ته ڄاڻندئو ته مان هي لفظ ايئن ئي دل سان لکي رهيو آهيان، جيئن هي غزلَ دل سان لکيل آهن.
* ٿي پيو جاويد غزل گو آهي،
پيار تنهنجي جو معجزو آهي !
هونءَ به آرٽ آهي ئي دل جي ڳالهه.
دل جي ڳالهه کان وانجهو آرٽ، آرٽ ئي ناهي.
۽ شاعري؟
شاعري ته خود دل آهي!
۽ دل سدائين دل جي ڳالهه ڪندي آهي.
دين دنيا جون ڳالهيون ڪرڻ جا ٻيا به ڪئي ذريعا آهن. آرٽ دل جي ڳالهه جو اڪيلو رستو آهي.
* مون ڏٺي آ، اوهان جي نيڻن ۾،
زندگي آ، اوهان جي نيڻن ۾،
ڪوئي پيغام آ محبت جو،
ڪا چٺي آ، اوهانجي نيڻن ۾.
(جاويد نواز )
ها، شاعري پيغامِ محبت آهي!
دنيا داريءَ ۽ دماغ جي گورک ڌنڌي ۾ ڦاٿل ماڻهوءَ کي سڀ کان گهڻي گهرج محبت جي آهي..احساس ۽ جذبي جي آهي. جنهن کان هو ڏاڍو پري آهي.
* قرب جي بک هئي، پيار جي پياس هئي،
دل کي ماني ڳڀي، ٻوڙ کان پوءِ ڀي،
پنهنجي حصي ۾ آئي سدائين ٻُڙي،
ضرب، ڪٽ، ونڊ ۽ جوڙ کان پوءِ ڀي.
(جاويد نواز)
اڄڪلهه جي نام نهاد نقادي دانشوري دل جي تنها ۽ اداس رستي جي مشترڪ دشمن آهي، ڇو ته اُها دَٻي جهڙي دماغ سان دل جا قصا منطقي نوع ۾ خارجي/سماجي/سياسي پئراميٽرس ۾ ماپڻ تورڻ ۽ ڪڇڻ ڪورڻ ٿي چاهي. ۽ سندن انهن سوڙهن ماپن تي جيڪو آرٽ پورو پوڻ بدران اکين جو لامحدود نيرو گگن بڻجي ٿو وڃي، هُو ان کي ڪهڻ ڪپڻ لاءِ پنهنجي کيسي ۾ ڪاوڙ جي ڪاتي کڻي ٿا گهمن.
۽ نيم پاڳل ٿي ٿا پون.
انهن کي اها خبر ناهي ته آرٽ تاريخ جو محتاج نه هوندو آهي، تاريخ آرٽ جي محتاج هوندي آهي، ۽ هجڻ به گهرجي.
لطيف جو بيت:
نه سي وونئڻ وڻن ۾ نه سي ڪاتاريون،
پسيو بازارون هينئڙو مون لوڻ ٿئي.

اڄ به اسان کي ان دور/تاريخ جي تڪليف جو زندهه عڪس ڏيکاري اکيون آگم ٿو ڪري ڇڏي ته اُهو احسان تاريخ جو آرٽ تي نه پر آرٽ جو
تاريخ تي آهي ورنه تاريخ جا سوين هزارين ڪوڙا سچا ڪتاب لائبريرين ۾ سٿيا پيا آهن پر تاريخ جي ڪنهن شاگرد کان سواءِ ٻيو ڪو انهن کي اٿلائي به نه ٿو ڏسي!
مان سمجهان ٿو ته جيڪو آرٽسٽ پنهنجي زندگيءَ/وقت/دور ۾ پنهنجي داخلي درد ۽ حادثن کي آرٽسٽڪ انداز ۾ اظهاري ٿو وڃي، اُهو گويا پنهنجون ۽ پنهنجي دور جون سڀ ذميواريون ادا ڪري ٿو وڃي.
هڪ سچي ۽ فطري آرٽسٽ لاءِ خارجيت ۽ داخليت ٻه هڪ ٻئي کان بنهه الڳ ۽ متضاد Phenonena نه آهن. آرٽسٽ وٽ اگر خارجيت سندس داخليت سان ڳنڍيل/ مليل Inter Connected نه هوندي ته سندس لکڻي سياسي سماجي پمفليٽ ٿي پوندي.
جاويد جي هنن شعرن ۾ خارجيت ۽ داخليت جو اهڙو فطري تخليقي سنگم آهي جيڪو ڏسي سندس سٽن تي پيار ٿو اچي.
* چاهتون، اوسيئڙا يا نوڪري،
هيڪلو جاويد آ، ڇا ڇا ڪري.
* رُڃ جي مان راهه ٿيندو ٿو وڃان،
ڄڻ سنڌو درياهه ٿيندو ٿو وڃان.
* اوڏ هو، گهر اڏيائين پئي لوڪ جا،
پنهنجي ٻارن جي لئه گهر نه ٺاهي سگهيو.
هڪ آرٽسٽ کي پنهنجي اندر جي ڪائنات سان ايئن جُڙيل هجڻ گهرجي جيئن ماڻهوءَ جا پير زمين تي ۽ هٿ هوائن ۾ هوندا آهن.
۽ پياري جاويد جي هيءَ دلڪش غزلاڻي شاعري پڙهندي مان محسوس ڪيان ٿو ته شاعري محبت وانگر آهي جنهن کي لازوال هجڻ نه هجڻ جو ڪو به الڪو نه هوندو آهي. اُها پنهنجي سادگي، سونهن، غنائيت، سرلتا،
جذبي، ڪيفيت ۽ نرالي نواڻ سان موجود لمحي کي معطر ڪري ڇڏيندي آهي. ۽ اهُو هڪ لمحو ئي دراصل لازوال بڻجي ويندو آهي ۽ احساس جي گهرائيءَ سان ڦهلجي صدين کي پنهنجي آغوش ۾ ڀري وٺندو آهي.
بس هڪ آرٽسٽ کي پنهنجي ان هڪ لمحي سان سچو هجڻ گهرجي!
۽ اسانجو هي پيارو شاعر پنهنجي ان لمحي ۽ ڪيفيت سان committed شاعر آهي، انڪري ئي سندس شعرن ۾ شاعري آهي ۽ پوءِ شاعريءَ ۾ زندگي جا ڪئي رنگ روپ آهن.
* دل جي آڪاس تي انڌيرو آ،
ساٿ تنهنجي جو ستارو گهرجي.
* ڪيترو محتاط رهجي تون ٻڌا،
چوطرف آ ڄار تنهنجي سونهن جو.
* ڪنهن کي اچڻو نه آ ته پوءِ منهنجو،
ڌيان اٽڪيو پيو آ ڇو در ۾؟
* دل صفا اڄ منجهي پئي آهي،
ڪو وڏو مسئلو به ڪونهي ڪو.
ڏس اکين جي زمين پياسي آ،
هـيـل سـانـوڻ وٺـو بـه ڪـونهي ڪو.
* ڪيڏي آلودگي وڌي وئي آ،
پنهنجي خوشبو گلاب ڳولن ٿا.
* منهنجي کَل ۾ بگهڙ لڪل آهن،
منهنجون گهرجن ٿيون صورتون مونکي.

* چين گهر ۾ نه رهگذر ۾ آ،
ڪهڙي هلچل اها اندر ۾ آ،
تون ته آئين هليو به وئين ليڪن،
تنهنجي خـوشـبـو اڃا پڌر ۾ آ.
شاعريءَ جي پرک جي پهرين ۽ بنيادي ڪسوٽي Parameter ته اُها پنهنجي Format ۾ توڻي جوهر ۾ شاعري آهي يا ناهي!
ان ۾ موسيقيت ۽ موسيقيت جو اندروني احساس هجڻ، ان ۾ رڌم، سرلتا، ڪَن، رس يا مٺاس جو هجڻ، ان ۾ احساس ۽ جذبي جي موجودگي، ان ۾ شاعراڻي تهه داري، ڀاري نه پوندڙ گهرائي ۽ پنهنجي آس پاس جو تخليقي ادراڪ جو هجڻ، ۽ ان ۾ شاعر جي ذاتي تجربي، مشاهدي ۽ داخلي فطري ڪيفيتن جي آميزش جو هجڻ وغيرهه کي مان شاعريءَ جا فطري پرک جا معيار سمجهان ٿو. واضع رهي ته هر هڪ علم يا تخليقي صنف جي پرک جا معيار ۽ ماپا به انهيءَ علم يا صنف (مثال طور نفسيات، فلسفو، سائنس، سياست ۽ تخليقي ادب، ڪهاڻي ناول، شاعري يا مصوري) جي دائري جا هجڻ گهرجن، ڪهاڻيءَ جي پرک شاعريءَ جي معيارن/اصولن تي نه ٿيندي آهي. شاعريءَ جي پرک لاءِ ناول يا مصوريءَ جا معيار Standards ۽ ماپا Parameters ڪتب نه آڻبا آهن.
ڇا ميڊيڪل سائنس يا انجنيئرنگ جي سمجهه لاءِ شاعريءَ جي ٽرمنالاجي جي ڪم ايندي؟ نه....ته پوءِ شاعريءَ جي پرک لاءِ اسان جا نام نهاد نقاد ڪيئن ٿا دنيا جهان جا ناسي ڳاڙها ڪارا نظريا، فلسفا، انقلابي گهرجون، بغاوتون، نعرا، سماجي تبديلين جا ارادا کڻي اچن. شاعريءَ انهن سڀني مامرن جو ٺيڪو کنيو آهي ڇا؟
هڪ فطري شاعر هميشه اُهي موضوع ۽ معاملا کڻندو جيڪي سندس تخليقي سڀاءَ وٽان هوندا ۽ جن کي هُو شاعريءَ جي روپ ۾ بهتر کان بهتر انداز ۾ پيش ڪري سگهندو.
فطري شاعر ڪنهن دانشور/نقاد/ماهر کان گهڻو وڌيڪ حساس ۽ ذميوار هوندو آهي. پنهنجي سماج ڏي به، پاڻ ڏي به ته پنهنجي تخليق ڏي به.
سنڌي شاعريءَ لاءِ ڪميونسٽ روس وارن حڪمرانن وانگر اِها نقادي ڊڪٽيٽرشپ Critic dictatorship زهر کان گهٽ ناهي جيڪا کيس پنهنجي Line تي هلڻ ۽ هلائڻ لاءِ هميشه کان بضد رهندي پئي اچي ۽ آرٽ جا پر ڪٽي کيس محدود کان به محدود ڪرڻ ٿي چاهي.
پر خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته سنڌي ٻوليءَ جا گهڻا تخليقڪار انهي ڊڪٽيٽرشپ جي ڊڪٽيشن تي نه ٿا هلن ۽ هو هوائن وانگر آزاديءَ سان تخليقي عمل ۾ رهن ٿا.
۽ جاويد نواز به انهن فطري شاعرن مان هڪ آهي، جيڪي شاعري کي شاعري سمجهي شاعري ڪن ٿا ۽ پنهنجي دل جي رستي سان هلندي ههڙي شاعري ڪن ٿا:
* مان به تـوسان لُـڇان ٿو پيو،
مون ۾ تنهنجو بدن ٿو رهي.
* ڪيڏا پوپٽ اچي مڙيا آهن،
تنهنجو نالو رڳو لکيو آهي.
* کيس چؤ دور هڪ نه لمحو ٿئي،
هاڻ دل کي نه ٿو سنڀـاليو ٿئي.

* ڪارو دونهون ڪاريهر ٿي،
روز هـڻي ٿو ڏنـگ هـوا ۾.
سچ ته جاويد نواز جي شاعريءَ ۾ جيڪا محبت جهڙي معصوم نهار آهي، جيڪا اداسيءَ جهڙي نرم خاموشي آهي، جيڪا درد جهڙي دلربا گهرائي آهي، جيڪا انتظار جهڙي ڪوسي شام آهي ۽ جيڪا ڪنهن رقاصه جي هلڻي جهڙي تڪيل توريل باوزن، باقافيه ۽ بارديف حُسناڪي آهي ان جو جواب ناهي.
بيشڪ شاعري محبت جهڙو معجزو آهي،
۽ معجزن جي منطقي وضاحت نه ٿي سگهندي آهي.
بس محبت جي معجزن کي دل ۾ محسوس ڪبو آهي...!

مـنـور سـراج

زندگيءَ جو ڏيک ڏيندڙ شاعري

زندگيءَ جو ڏيک ڏيندڙ شاعري

ٻُڪ ۾ سمنڊ کي پيو سموئڻ گهري،
هڪڙو پاڳل هو “جاويد” نالو هيس.

پر جڏهن اُن چرياڻ جي احساساتي اُڏار هِن مجموعي ۾ محسوس ڪريان ٿو ته چوڻو ٿو پوي ته هن ڪتاب ۾ موجود شاعري جي سمنڊ ۾ جيڪي سياڻپ ۽ ڏاهپ جا “ماڻڪ موتي لال” لڀن ٿا، جن جي قيمت ڪو ماهر جوهري ئي ڪٿي سگهي ٿو! باقي آئون ته هن هڪڙي صفحي جي ٻڪ ۾ جاويد جي جذبن جي سمنڊ کي ڪٿي ٿو سموئي سگهان!
* کوڙ سارن غزلن جا ٿلهه مونکي تمام گهڻو وڻيان آهن. غزل جي شروعات جاويد ڏاڍي سگهاري انداز سان ڪئي آهي.
* تنهنجي نيڻن ۾ ڳالهه ٻي هجڻ، دل تي کنوڻيون ڪِرڻ، واري جي انتظار ۾ قطار ۾ بيهڻ، شڪستن کان پوءِ به خدا کان همٿن جو ملڻ، دل جي هيٺاهين ڪرڻ، نه ڪيل ڏوهن کي ڏاڍ سان مڃرائڻ جهڙا عام فهم اصطلاح ۽ روز مرهه جي زندگيءَ ۾ ڳالهائجندڙ لفظن جي گلن کي جاويد انتهائي خوبصورت انداز سان شاعري جي هار ۾ پويو آهي.
* باک جو اجرو بدن تنهنجون اکيون،
زندگيءَ جو ڏيک ڏين تنهنجو اکيون.
سڀني شاعرن اکين کي پنهنجي پنهنجي انداز سان لکيو آهي پر اکين کي “باک جو اجرو بدن” ۽ “زندگيءَ جو ڏيک ڏيڻ” وارو خيال منهنجي سمجهه ۾ جاويد جو ئي ڪمال آهي. ۽ هن خوبصورت خيال جو خالق صرف جاويد ئي آهي. اهڙي طرح جاويد جا ٻيا به ڪيترائي سهڻا شعر آهن جن تي گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو..!
خان محمد خاطي ڪيريو

منزل جو متلاشي شاعر

منزل جو متلاشي شاعر

2001ع ۾ جاويد نواز سان هڪ پرائيوٽ اداري ۾ ملاقات ٿي، ان ملاقات کانپوءِ جاويد هميشه مون سان ڪتاب جي تحفي سان گڏ ملاقات ڪندو هو. اُهي ادبي ڪتاب هوندا هئا، جيڪي اسان کي وڌيڪ ويجهو ڪندا هئا. پوءِ آهستي آهستي ملاقاتن جو سلسلو گهرو ٿي ويو. پر ڪِرائي جي گهر ۾ زندگي گذاريندڙ شخص جي هڪ منزل/ٺڪاڻو نه هوندو آهي، بقول سندس شاعريءَ:
اڃا خانه بدوشن جيان رُلان ٿو،
ملي مون کي اڃا، منزل ڪٿي آ.
جئين ئي هو ڪِرائي جون جڳهيون مٽائيندو رهيو ايئن ئي مون کان پري ٿيندو ويو. سندس پري ٿيڻ سان مون کي ايئن لڳو ڄڻ مون کان ڪتاب پري ٿي ويا هجن! ڪتابن کان پري ٿي ويل شخص ڪا تخليق جوڙي نه ٿو سگهي، ان لاءِ مان معذرت خواهه آهيان ڇو ته جڏهن کان مان سندس شاعري جا ورق پنهنجي سامهون رکي ڪجهه لکڻ جي جسارت ڪري رهيو آهيان ته لفظ مون کان ايئن پري ٿي رهيا آهن، جيئن معصوم ٻار مار کانپوءِ پرچائڻ تي پري ڀڄندا آهن.
پر پوءِ به مان هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، جيئن ته شاعري احساس کانسواءِ اڌوري آهي، جيئن مالهيءَ جو تعلق ٻوٽن سان هوندو آهي، ايئن ئي شاعري جو احساس سان.
مجھه سئ مت پوچھه ڪه احساس ڪي حدڪيا هئ،
دھوپ ايسي تھي ڪه چھاؤڻ ڪو جلتئ ديڪھا..!
سچ ته احساس ئي شاعري کي جنم ڏيندو آهي. جاويد جي شاعري ۾

احساس جو عڪس ايئن نظر ايندو آهي جيئن مالهي جو عڪس گلن ۾.
ضروري نه آهي ته مالهي جي وجود مان گلن جي خوشبو اچي پر مالهي جي وجود مان گلن کي جنم ڏيندڙ مٽيءَ جي خوشبوءَ ضرور ايندي آهي. جاويد جي شاعري مان ڀلي خوشبو نه اچي پر سندس شاعريءَ مان احساس جي خوشبو ضرور ايندي. جنهن جو مثال هنن سٽن مان وٺي سگهجي ٿو:
منهنجي کَـــل ۾ بــگهـــڙ لـڪل آهن،
منهنجون گهرجن ٿيون صورتون مونکي.
ڪجهه ڏينهن اڳ facebook تان هڪ ويڊيو وائرل ٿي هئي جنهن ۾ هڪ ٻار جيڪو ڪتي جي چڪ سبب تڙپي رهيو هو ۽ اسپتال مان ويڪسين نه ملڻ ڪري ماءُ جي هنج ۾ موت جون آخري هڏڪيون ڏئي رهيو هو ۽ هڏڪيون ڏيندي موت جي آغوش ۾ هليو ويو ۽ ماءُ جو آغوش خالي ٿي چڪو هو! خبر ناهي الاءِ ڪيستائين مائرن جا آغوش ائين خالي ٿيندا رهندا؟ مون کي سندس موت جا ذميوار انسان نه پر اُهي بگهڙ لڳا هئا جن جو ويس ته انسانن وارو هو پر کَل بگهڙن واري هئي ۽ اُهي بگهڙ احساس کان خالي هئا. مان جاويد جون اهي سٽون اُن ماءُ کي تعزيتي طور تي پيش ڪري رهيو آهيان جنهن جي ممتا اڃا تائين نپوڙجي رهي هوندي!
هن سماج ۾ شاعرن جي قلمن جي مس ته ڪنهن متاثر کي ويڪسين فراهم نه ڪري سگهي، ڪنهن لاءِ دوا ته نه ٿي آڻي سگهي پر پنهنجي قلم سان سچ لکي انهن بگهڙن جي منهن تي موچڙو هڻي ٿي سگهي.
جاويد جي شاعري تي وڌيڪ پڙهندڙ ئي راءِ ڏئي سگهن ٿا، مان پڙهندڙن جو وقت ضايع نه ٿو ڪرڻ چاهيان، پر کائنس اها اميد رکي سگهان ٿو ته هو هن قليل زندگي ۾ هڪ طويل سچ لکندو.
 محمد شريف ڀٽي
هڪڙو پاڳل هو “جاويد” نالو هيس
کـوڙ سـاريون مـحبتـون مـون کي،
ڏي خـدا يا هـي نـعمتون مون کي.
هـڪڙو گهرجي سڪـون جو لـمحو،
ڪين گهُرجن ٻيون دولتون مون کي.
مٿين خوبصورت سٽن جو تخليقڪار سنڌي غزل جو سهڻو شاعر ۽ منهنجو بيحد پيارو دوست جاويد نواز جاويد آهي.
جاويد نواز جاويد جي سموري شاعري اهڙن ئي نفيس احساسن سان سلهاڙيل آهي. هو شاعريءَ سان محبوبا وانگر پيار ڪندڙ شخص آهي. سندس شاعري جو هڪ الڳ رنگ، هڪ منفرد ۽ نرالو انداز آهي.
مان ڪو وڏو اديب نه آهيان جو شاعريءَ جي حوالي سان وڏي ڪا هام هڻان ۽ جديد شاعريءَ تي ڳالهائي سگهان پر مان احساسن ۽ جذبن جي زبان کي سمجهان ٿو، مان سمجهان ٿو ته شاعري هيئن ٿيندي آهي:
عمر گـذري وفــا کي ڳوليندي،
پـٿـرن ۾ خــدا کــي ڳوليندي.
هــڪ مـسيحا مــري ويو آخـر،
زندگيءَ جي دوا کي ڳوليندي.
ڪيترا ٿي گـنـاهه ويا مون کان،
راهـه ۾ پـارســا کـي ڳوليندي.
بهرحال هن رومانوي شاعر سان ڪجهه سالن جي دوستيءَ ۾ منهنجون ڪيتريون ئي يادون جڙي ويون آهن. ميل ملاقاتن ۾ سياسي، سماجي، قومي ۽ ادبي ڪچهرين کان وٺي هڪٻئي جي خوشين، غمن ۽ محفلن ۾ شرڪت کان علاوه سالگرهه جي خوشين ۾ ساڻ هجڻ سان گڏ تنهاين ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيڻ تائين....
جاويد نواز جاويد جي شاعري مون کي نواڻ ۽ روايت جو سهڻو سنگم لڳي ٿي. سندس ٻولي نهايت آسان ۽ عام ماڻهو جي ٻولي محسوس ٿئي ٿي. انهيءَ آسان لهجي کي پڙهندي جاويد نواز جاويد منهنجي پسنديده شاعرن جي فهرست ۾ شامل ٿي چڪو آهي ۽ مون کي تمام گهڻي خوشي آهي ته اهڙو سهڻو سيبتو شاعر منهنجو دوست آهي.
دعا آهي ته جاويد نواز جاويد هن ادبي سفر سان گڏ پنهنجي زندگيءَ جي سفر ۾ به وڌ کان وڌ ڪاميابي ماڻي. (آمين)
سندس هڪ شعر آهي ته:
ڪو سروڪار مون کي نه دنيا سان هو،
مان فقط پيار تنهنجي جو پياسو هيس.
ٻُـڪ ۾ سـمنڊ کـي پيو سموئـڻ گهري،
هڪڙو پاڳـل هو، “جاويد” نـالو هيس.

ساگر بلاول  

قربائتو ۽ ملنسار شاعر

قربائتو ۽ ملنسار شاعر

جاويد نواز جاويد منهنجو انتهائي پيارو دوست خوبصورت تخليقون سرجيندڙ سرجڻهار ۽ هڪ سٺو استاد پڻ آهي. جنهن سان منهنجي وابستگي پنجويهه سال پراڻي آهي. جڏهن جاويد پوسٽل ڪواٽرز (چانڊيا ڪالوني) ۾ رهندو هو. هي اهو زمانو آهي جڏهن سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون گهڻيون ٿينديون هيون ۽ انهن گڏجاڻين جيان اسان جون ملاقاتون به گهڻيون هيون ۽ وري هي زمانو جو ڪنهن وٽ به فرصت ناهي ڪنهن وٽ وڃڻ يا ملڻ جي.. جاويد جي چهري تي هميشه مٺي مرڪ هوندي آهي. هن جي اکين ۾ ڪيئي خواب آهن، پنهنجا خواب پنهنجي پوپٽن جهڙي خوبصورت ٻارڙن جا خواب، پنهنجي آئيندي جا خواب، هو انهن خوابن جي ساڀيا چاهي ٿو، هو جهيڙي رهيو آهي پنهنجي جيون سان مسلسل پندرنهن سالن کان پرائيوٽ اسڪول ۾ پڙهائي رهيو آهي، هن وٽ ته سواري به ناهي پيرين پنڌ هلندڙ جاويد نواز ٿڪو ناهي هن جون ڪوششون ڪو رنگ ضرور لائينديون هن جي اندر ۾ هزارين درد آهن پر هو پنهنجي دردن کي لڪائي هميشه مسڪرائيندو رهندو آهي، ٻي صورت ۾ شايد هن جو درد ڪويتا جي صورت ۾ قلم جي نوڪ سان پني تي اوتجي ٿو پوءِ سڀني جي دلين تي اها شاعري دستڪ ڏئي ٿي، پوءِ چاهي اها منهنجي دل هجي يا جاويد جي، محبوبا جي دل، جاويد جي شاعري پڙهي جسم ڪانڊارجي ويندو آهي ۽ سندس شاعري من ۾ گهر ڪري ويندي آهي. هن جو هي شعر:
پنهنجي دل تان اتاري ڇڏيو،
تو به آخر وساري ڇڏيو،
*
ماءُ جي ڪا دعا ساڻ هئي،
ڪُن مان جنهن ڪناري ڇڏيو.
ڪيڏا نه احساساتي غزل جا بند آهن، پنهنجي دل تان محبوب جو لاهي ڇڏڻ ڪيڏو نه ايذائيندڙ هوندو آهي، اهو لمحو جو پنهنجو پرين وساري ڇڏي پر واقعي به امڙ جي دعا ٻيڙا پار ڪري ڇڏي ٿي.
يا سندس غزل جا ڪجهه شعر آهن:
دور ٿـي ڇــا ڪري ڇڏيو آ تو،
مون کي تنها ڪري ڇڏيو آ تو،
ايـتـرو ڀــي خــراب نــاهيان،
جيڏو رُسوا ڪري ڇڏيو آ تـو.
جيڪو سچو ۽ پرخلوص انسان هوندو آهي اهوئي تنها ۽ رُسوا ٿي ويندو آهي پر انهن تنهائين ۽ رُسواين ۾ جيئڻ جو مزو پر ڪيف هوندو آهي.
جاويد جي شاعري سٺي ۽ خيال پڪا ۽ پختا آهن. شاعري جي منزل ماڻڻ تمام ڏکي آهي پر هي جاويد جي مسلسل محنتن جو ڦل آهي، مون سندس شاعري سڀ پڙهي آهي، سندس شاعريءَ ۾ پيار، امن، محبت جو درس نمايان نظر اچي ٿو. جاويد جي شاعري ۾ گهڻيون خوبيون آهن، ادائگيءَ جو طريقو منفرد آهي، جيڪو شاعري کي نکاري ٿو. جاويد ڪافي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي پر مون کي جاويد جا غزل گهڻو وڻندا آهن، جاويد شاعري جي سنسار جو سدا بهار شاعر آهي ۽ هي جاويد جي شاعري جو پهريون ڪتاب “منزل ڪٿي آ” توهان جي دلين ۾ جاءِ ضرور ٺاهيندو. منهنجي دعا آهي ته ادب جي راهه تي هلندڙ هن خوبصورت شاعر کي ڌڻي تعالى پنهنجي منزلِ مقصود تي پهچائي.
ارشاد علي چانڊيو
بختاور ڪيڊٽ ڪاليج نوابشاهه 03012941971

اکين جو شاعر

اکين جو شاعر
سنڌ جي ادبي کيتر ۾ روز نِت نوان گل ٽڙندا ٿا رهن. هن زرخيز زمين ۾ ڦٽندڙ هڪ تازو مهڪندڙ گل جاويد نواز جاويد جي نالي سان توهان جي اکين اڳيان پنهنجي من موهيندڙ خوشبو سان سنڌ جي سونهاري سرزمين کي واسيندي ڄڻ ته اهو اعلان پيو ڪري ته سنڌ ڪڏهن به سَنڍ ٿيڻي ناهي.
جاويد سان منهنجي واقفيت ڪجهه سالن کان آهي ۽ اُن عرصي ۾ سندس شاعريءَ جا صرف ڪجهه راز منهنجي اکين آڏو کُليا ته:
روح سان پرٿوي تي اچڻ کان اڳي،
آئون ڀي ڪنهن ستاري جو حصو هئس.
ٻُڪ ۾ سمنڊ کي پيو سموئڻ گهري،
هڪڙو پاڳل هو، “جاويد” نالو هئس!

پر جڏهن جاويد پنهنجي شاعريءَ جو مسودو مونکي ڏئي هن ڪتاب بابت ڪجهه لکڻ لاءِ چيو ته ان وقت منهنجي ذهن ۾ پهريون خيال اهو آيو ته:
عمر گذري وفـا کي ڳوليندي،
پـٿـرن ۾ خـدا کـي ڳوليندي،
شهر پنهنجي ۾ اجنبي آهيان،
سـال ٿيا آشـنـا کي ڳوليندي.
۽ پوءِ:
بـاک جـو اجـرو بــدن تنهنجون اکيون،
زندگيءَ جو ڏيک ڏين، تنهنجون اکيون.
يا:
مون ڏٺي آ اوهان جي نيڻن ۾،
زنـدگي آ اوهان جي نـيڻن ۾.
يا:
رڃ آهـي رڳـــي اکـيــن آڏو،
پوءِ به پيو ٿو قدم وڌايان مان.
يا:
ڪنهن ڏٺو پئي عجب نگاهن سان،
مون پئي ڳوليو سبب نگاهن سان!
۽
رات ڪـاريءَ جي هن طـوالـت ئي،
منهنجي دل کي ڏنيون اکيون آهن.
جهڙا شعر پڙهي محسوس ٿيو ته جاويد “اکين جو شاعر” آهي.
پر:
مستقل اضطراب جو نالو،
زنـدگي آ عـذاب جو نالو.
۽
ڏُک جـي ڇـو انـتـهـائـي ڪـانـه آ،
ڇو خوشيءَ جي عمر ٿوري ٿي ٿئي.
۽
چـاهتون، اوسيئڙا يا نـوڪري!
هيڪلو“جاويد” آ ڇا ڇا ڪري!
جهڙن شعر ثابت ڪيو ته جاويد جي اسلوب ۾ داخلي درد جو اظهار آهي پر خارجي احساسات جو ڇُهاءُ کان هن جي شاعري خالي نظر اچي ٿي. جنهن مان سمجهيم ته جاويد به عام روايتي شاعر آهي پر جڏهن هنن شعرن تي نظر پئي:
* پنهنجي هستي رکي جلائي مون،
رات مـشعل ڪري ڇڏيو مونکي.
* رات ڏاڍي طـويـل ٿـي وئـي آ،
رات سان پر اڃا وڙهان ٿو مان.
* هر قدم تي شڪست کاڌي آ،
پـوءِ به همت خـدا ڏني آهي.
* کـنـڊر ٿـا وسـن دل ۾،
مـوهن جو دڙو آهيان!
* ڇـو ڀلا “جاويد” دل جي ٿر مٿان،
سانوڻيءَ جي عمر ٿوري ٿي ٿئي!
ته پوءِ محسوس ٿيو ته جاويد گهڻ رُخي شخصيت آهي ۽ ان جي شاعريءَ ۾ قرباني، مسلسل جدوجهد، انقلاب جي آس، ڌرتي جو ذڪر ۽ فڪر، همتن ۽ حوصلن جا حوالا آهن ۽ جڏهن هي شعر ڏٺم:
* ڳـول ان کـي نه آسمانن تي،
پاڻ ۾ ئي خدا نظر ايندئي.
* ڪُـنَّ مان هٿ ڏئي ڪڍي آيو،
مون ڏٺو آهي رب نگاهن سان.
ته سندس بلند خيالي، اعلى سوچ ۽ وسيع نظري جو قائل ٿي ويس!
آخر ۾ دعا آهي ته الله پاڪ جاويد نواز جاويد جي سوچ کي وڌيڪ بلندي، وسعت ۽ استحڪام عطا ڪري. (آمين)
هوش سرهاروي
9 آڪٽوبر 2019ع

انڊلٺ جي رنگن جيان رنگين شاعري

انڊلٺ جي رنگن جيان رنگين شاعري
جاويد نواز جي شاعري اسان جهڙن نوجوان لاءِ هڪ اُتساهه آهي. سندس شاعري انڊلٺ جي رنگن جيان رنگين ۽ وڻندڙ آهي.
سندس شاعريءَ ۾ منظر نگاري، لفظن جي جوڙجڪ، بيهڪ ۽ رواني عروج تي آهي.
جاويد نواز جي شاعريءَ ۾ ڪنواري حُسن جي خوشبو آهي.
سندس شاعري جيڪڏهن هڪ جاءِ تي اِفلاس ۽ غربت جي ڏيک ڏئي ٿي ته ٻئي پاسي محبت ۽ ميلاپ جي سازن سان ماحول مهڪايو ڇڏي.
هيءَ شاعري گلاب مثل آهي جيڪا هن ڪتاب جي ذريعي پوري معاشري کي پنهنجي خوشبوءَ سان واسيندي (انشاءَ الله).
سچ پڇو ته جاويد جي شاعري سندس ئي چهري جي عڪاسي آهي. جيئن هو پاڻ کلندڙ، مسڪرائيندڙ ۽ خوش مزاج خوبصورت آهي، ايئن ئي سندس شاعري......

زين سرهاروي
06-10-19


ڌرتي جي سندر هڳاءَ جهڙو شاعر

ڌرتي جي سندر هڳاءَ جهڙو شاعر
جاويد نواز جاويد ٿورن ڏينهن اندر من ۾ سمائجي ويل هڪ سهڻو دوست، هڪ سٻاجهڙو مکڻ جهڙو مرڪندڙ جاويد نواز جاويد مونکي استاد بخاري جي سهڻي شاعري جيئن، من ۾ سمائجي ويندڙ سنڌي ادب جو بهترين شاعر ۽ سندس شاعري ۾ غزل جي بيهڪ شاندار نرالا تلفظ.....
مان ڪو اديب ته ناهيان جو مون وٽ ايتري وڏي پروڙ ۽ ڄاڻ هجي..!
پر جاويد نواز جاويد مونکي سنڌو ننگر مٿان پيل برسات کانپوءِ ڌرتي جي سندر هڳاءَ جهڙو محبوب شاعر لڳو.

خاصخيلي علي خان

پنهنجي پاران

پنهنجي پاران
شاعري خداداد صلاحيت آهي ۽ اهو به سچ آهي ته مالڪ سائين جنهن کان جيڪو ڪم وٺي. منهنجي شاعر بڻجڻ ۾ منهنجي ڪا شعوري ڪوشش نه آهي. مون کان شاعريءَ جو ڪم ورتو ويو آهي. مون کان شاعري منهنجي ڌرتيءَ ڪرائي آهي، منهنجي ٻوليءَ ڪرائي آهي، منهنجي مٽيءَ ڪرائي آهي. منهنجي حساسيت مون لکرايو آهي، بي رخين، محبتن، مُرڪن، اڪيلاين ۽ حادثن مون کي لکڻ جو ڏانءُ ڏنو آهي.
ائين ئي منهنجي اندر جو اظهار شاعري بڻجي چڪو آهي، جيئن هر انسان پنهنجي اندر جو اظهار مصوري، سنگتراشي، رقص ۽ راڳ ذريعي ڪندو آهي.
مون شاعريءَ جي شروعات 1996ع کان ڪئي، مون کي ياد آهي ته پنهنجي دوست ماڻڪ ملاح کان ضراب حيدر ڪليار جي ايڊريس وٺي اچي ساڻس مليو هئس. ضراب حيدر ان وقت سنڌي ادبي سنگت شاخ نوابشاهه جو سيڪريٽري هو. سنڌي ادبي سنگت سان وابستگيءَ مون کي ڪيترائي دوست عطا ڪيا. ضراب حيدر ڪليار سان گڏ وسيم سومرو، فياض چنڊ ڪليري، بخشل باغي، منور سراج، گلبهار باغائي، ستار سندر، امداد رند، سارنگ سهتو، عنايت بروهي، غني رند، شريف ميراڻي، بهرام زرداري، ظهير زرداري، حسرت شاهاڻي، پريتم قاضي، محسن جمالي، سيد مختيار شاهه لڪياري، راج ڪنور، وفا يار محمد چانڊيو، سارنگ سنڌو، وجي ڪمار، نديم ڪريم ڀٽي، نثار بروهي، عابد مگسي، عرفان سمون، مير بيتاب پريو، ارشاد چانڊيو، سائل پيرزادو، رحمت پيرزادو، معشوق ڌاريجو، ڄام آدرش، ساحر راهو،ميڪش سومرو، خادم بالادي، مقدر ميمڻ، ڊاڪٽر نور نبي سيال، خليق ٻگهيو، امداد سولنگي، خالد ساحل ڪيريو، فهيم شناس ڪاظمي، محمد ميان سحر آفريدي، سائين عبدالحڪيم ارشد، سائين ميرمحمد پيرزادو، سائين راشد مورائي جهڙن محترم دوستن سان ويجهڙائي ٿي ۽ مون لاءِ علمي ۽ ادبي ماحول جڙي پيو، مون سنڌي ادبي سنگت مان گهڻو ڪجهه سکيو آهي، بخشل باغيءَ جي سنگت، صحبت ۽ حوصله افزائيءَ منهنجي غزل ۾ نکار آندو.
بخشل باغيءَ ۽ ضراب حيدر جي لائبريرين جا دروازا هميشه مون لاءِ کليل رهيا، مون کي ياد آهي ته 1996ع ۾ ئي اردوءَ جي هڪ بزرگ شاعر محمد ميان سحر آفريديءَ مون کي جاويد نواز “جاويد” جو تخلص ڏنو هو ۽ مون کي وزن بحر جي ٿوري گهڻي ڄاڻ ڏني هئي.
منهنجو ادب سان چاهه به شايد منهنجي والد صاحب کان ورثي ۾ مليو آهي، منهنجو والد صاحب “علي نواز بروهي” پڻ ادب سان تمام گهڻو چاهه رکندڙ رهيو آهي، سندس لکڻيون ان دور ۾ ملير ڊائجيسٽ، جيجل ماءُ رسالو، سهڻي رسالو ۽ اردو شمع ڊائجيسٽ ۾ ڇپجي چڪيون آهن. 1973ع ۾ ملير ڊائجيسٽ ۾ سندس ڇپيل ڪهاڻي “منهنجي محبت” تي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کيس 50 روپيه انعام ڏنو هو.
پناهه جگر سنڌي، نسيم سنڌي، وزير سنڌي ۽ ملير ڊائجيسٽ جو ايڊيٽر ۽ منهنجو والد صاحب گڏجي ملير ڊائجيسٽ ۾ لکندا رهيا، 14 آگسٽ 1973ع تي حڪومت جي خلاف مواد لکڻ تي منهنجي والد صاحب، ايڊيٽر عبدالغفور ميمڻ ۽ وزير سنڌيءَ کي DPR تحت گرفتار ڪري سينٽرل جيل حيدر آباد ۾ موڪليو ويو هو ۽ حڪومت جي طرفان ملير ڊائجيسٽ تي پابندي لڳائي وئي هئي.
منهنجو مامو انور سولنگي ناليوارو ڊارما آرٽسٽ ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو انائونسر هئڻ سان گڏ هدايتڪار، ڊرامه رائيٽر، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو پارکو، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر پڻ هيو، سندس لکيل ڪهاڻين ۽ شاعريءَ تي مشتمل ڪتاب “وٽيون وِهه گاڏڙيون” 2005ع ۾ شايع ٿيو هو.
مان شڪر ادا ڪيان ٿو ته مالڪ سائين مون کي پيار ڪرڻ وارا رشتا\ناتا عطا ڪيا آهن، سندن محبتون مون لاءِ سرمايو آهن، اهي آهن ته مان آهيان ۽ اهي آهن ته مان دنيا جو امير ترين ماڻهو آهيان.
مان شڪر ادا ڪيان ٿو الله پاڪ جو جنهن مون کي هڪ پيار ڪرڻ واري ماءُ جهڙي نعمت ڏني ۽ کائنس اهڙي بي لوث ممتا عطا ڪئي جنهن جي آڏو دنيا جهان جون محبتون بي معنى آهن، جنهن جي پيار محبت جون لوليون سمورن سُرن کان مٺڙيون ۽ نراليون آهن. سندس شفقت جي ٿڌڙي ڇانوَ تان ٻنهي جهانن جون خوشيون ۽ مسرتون قربان ڪري ڇڏجن.
الله پاڪ مون کي “انيسا بي بي” جي صورت ۾ هڪ وفادار ۽ پيار ڪرڻ واري جيون ساٿي عطا ڪئي آهي جنهن جي پيار مون کي ڪڏهن به زندگيءَ کان مايوس ۽ دلشڪستو ٿيڻ ناهي ڏنو. سندس محبتن سدائين مونکي سنڀاليو آهي، سدائين حوصلا ڏنا آهن ۽ وک وک تي منهنجو ساٿ ڏنو آهي، جنهن جي محبتن جي مهڪار سان منهنجو گهر مهڪيل آهي. ڪائنات، ڪشف، حسيبا ۽ هالار جهڙا معصوم گل مهڪيل آهن.
الله پاڪ مون کي منور سراج، خادم حسين خشڪ، اختر سيال ۽ ساگر بلاول جي روپ ۾ سڳن ڀائرن جهڙا دوست عطا ڪيا آهن، جن ڏکن سکن ۾ مون کي ڪڏهن به اڪيلو ناهي ڇڏيو. جن مان مونکي هميشه Positiveness جو سبق مليو آهي، حوصلا مليا آهن، مُرڪون مليون آهن ۽ مونکي خبر آهي ته منهنجا هي چند لفظ سندس محبتن جو حق ادا نه ٿا ڪري سگهن!
مان ٿورائتو آهيان سائين محمود ڏاهريءَ جو جنهن منهنجي ڪتاب جي اشاعت واري خواب کي تعبير عطا ڪئي ، سوچيان ٿو ته الاءِ ڪهڙي نيڪيءَ جي عيوض الله پاڪ مون کي اهڙي محبتي ماڻهوءَ سان ملايو جنهن پنهنجي خرچ تي هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ کان ڇپائيءَ جي آخري مرحلي تائين مون سان تعاون ڪيو.
وڏا وڙ سائين خاطي ڪيريو ۽ سندس پٽ راشد ڪيريو جا، جن هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ تمام پيار، محبت ۽ باريڪ بيني سان ڪئي.
بخشل باغيءَ، منور سراج، خاطي ڪيريو، صفيه بلوچ، هوش سرهاروي، ڄام آدرش، علي خان خاصخيلي، زين سرهاروي، محمد شريف ڀٽي، وسيم سومرو جا لک ٿورا جن پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي منهنجي شاعريءَ کي مان بخشيو. مهاڳ، مضمون ۽ چند سٽون فليپر ۽ بيڪ ٽائيٽل لاءِ لکي ڏنيون.
ٿورائتو آهيان پنهنجي آرٽ جي استاد پير مظفر علي خياروي جو، جنهن مونکي ڪيليگرافيءَ جي فن کان روشناس ڪرايو ۽ هن ڪتاب جي نالي جي ڪيليگرافي ڪري ڏني ۽ خوبصورت ٽائٽل جي چونڊ ڪندڙ بخشل باغي جا پڻ ٿورا...
آخر ۾ اهو اعتراف به ڪندو هلان ته شاعري منهنجي اندر جو آئينو آهي، منهنجي احساسن جو عڪس آهي، مان پنهنجي شاعريءَ جي حوالي سان ڪنهن به خوشفهميءَ ۾ مبتلا نه آهيان. مون ته فقط پنهنجي جذبن ۽ احساسن کي پني تي اتارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ مان ته پنهنجي اڻ پوري وجود ۽ ڪچي ڦڪي شاعري سميت پڙهندڙ جي دل جي دوار تي بيٺو آهيان.
مان ڄاڻان ٿو ته منهنجي وجود سميت منهنجي شاعريءَ ۾ به ترتيب، وزن بحر ۽ خيال جون انيڪ اوڻايون موجود آهن.
ڏسئون ته ڪير ٿو مون کي ۽ منهنجي شاعري کي انهن انيڪ اوڻاين سميت ڀاڪر ۾ ڀري! اوهان جي راءِ جو انتظار رهندو. ڀلي اُها تعريفي يا تنقيدي هجي، اوهانجي راءِ مون لاءِ مانائتي آهي.
جاويد نواز جاويد
0301-3819339 0334-3482596

تنهنجي ٻانهن جو هار هوندو هو،

تنهنجي ٻانهن جو هار هوندو هو،
ڪيڏو لطف ۽ قرار هوندو هو.

تنهنجي دوريءَ جو مختصر لمحو،
ڪو وڏو دل تي بار هوندو هو.

تون ته چوندي هئيئن مان تنهنجي هان،
مون کي بس اعتبار هوندو هو.

تنهنجي درشن جي آرزوءَ ۾ من،
ٺاهي بيٺو قطار هوندو هو.

دوستين ۾ هيو جٽاءُ اڳي،
پيار ڀي پائيدار هوندو هو.

وقت پوڙهو ڪري ڇڏيس جلدي،
ننڍڙو “جاويد” ٻار هوندو هو.

ڪوبه منظر نه ٿو وڻي مون کي،

ڪوبه منظر نه ٿو وڻي مون کي،
تو سِوا گهر نه ٿو وڻي مون کي.

جنهن ۾ حاصل نه ٿئي وفا تنهنجي،
سو مقدر نه ٿو وڻي مون کي.

اُڃ دل جي وڌائي ٿو ويتر،
هي سمندر نه ٿو وڻي مون کي.

لڙڪ هاري وٺان ٻه ٽي اُن تي،
خالي ڪاڳر نه ٿو وڻي مون کي.

ماڻهو ماڻهوءَ اڳيان کُلي جيڪو،
اهڙو اندر نه ٿو وڻي مون کي.

هـڏُ مٽيءَ جو ماس مٽيءَ جو،

هـڏُ مٽيءَ جو ماس مٽيءَ جو،
انت جنهن جو لباس مٽيءَ جو.

پاڻ آهيون چِٽيل ڪچي رنگ جا،
ڀونءِ آ ڪينواس مٽيءَ جو.

ڪاش! موٽي اچن وڃڻ وارا،
جيءُ آهي اداس مٽيءَ جو.

چاهتن جو ڀرم ٿيو ڀورا،
ڄڻ ڀڄي پيو گلاس مٽيءَ جو.

سڀ کي محبوب ٿو لڳي پنهنجو،
هو ٺهيل آهي خاص مٽيءَ جو.

ايئن ٿيندي آ پيار جي خوشبو،
مينهن ۾ جيئن واس مٽيءَ جو.

سراپا زهر ٿي وئي زندگي،

سراپا زهر ٿي وئي زندگي،
غمن جو آ گهر ٿي وئي زندگي.

هليو وئين، ته پٺتي ڏٺئي ڪين هي،
ته ڪيئن منتشر ٿي وئي زندگي.

لڏي ويا امن جا ڪبوتر هتان،
ڪراچي شهر ٿي وئي زندگي.

سکي جنهن وتو هار مان حوصلو،
انهيءَ جي امر ٿي وئي زندگي.

جئين ڏينهن سرديءَ جو گذري ويو،
ائين مختصر ٿي وئي زندگي.

ٿي پيو جاويد غزل گو آهي،

ٿي پيو جاويد غزل گو آهي،
پيار تنهنجي جو معجزو آهي.

حيثيت ٿو رکي اسانجي لئه،
درد تنهنجو به دادلو آهي.

ڪيڏا پوپٽ اچي مڙيا آهن،
تنهنجو نالو رڳو لکيو آهي.

ايڏي رنجش نه آ، اسان وچ ۾،
جيڏو ٿي پيو هي فاصلو آهي.

توسان ڪوتا جي چپن سان جانان،
دل جو اظهار ٿي پيو آهي.

ڪهڙي ڌُن ۾ مگن ٿو رهي،

ڪهڙي ڌُن ۾ مگن ٿو رهي،
هي جو مون ساڻ من ٿو رهي.

ڳالهه ڀاري به ناهي گهڻي،
ذهن تي ڇو وزن ٿو رهي.

سمنڊ ڳوڙهن جو پي ٿو وڃي،
منهنجي سيني ۾ بن ٿو رهي.

مان به توسان لڇان ٿو پيو،
مون ۾ تنهنجو بدن ٿو رهي.

دل جي جذبن جي ڳالهه کي سمجهي،

دل جي جذبن جي ڳالهه کي سمجهي،
ڪو ته نيڻن جي ڳالهه کي سمجهي.

اُڃ منهنجيءَ جو ٿئيس اندازو،
منهنجي شعرن جي ڳالهه کي سمجهي.

بي زباني زبان آ جن جي،
ڪير مستن جي ڳالهه کي سمجهي.

سو آ دنيا جي لاءِ ديوانو،
جيڪو جيون جي ڳالهه کي سمجهي.

گُم ٿي “جاويد” تنهنجي چهري ۾،
پيو ٿو رنگن جي ڳالهه کي سمجهي.

ڪيترا توکي اڃان سڏڙا ڪري،

ڪيترا توکي اڃان سڏڙا ڪري،
دل صفا ٿڪجي پئي واڪا ڪري.

روز ٿو ترتيب مان نڪري وڃان،
روز ٿو ڪوئي اچي يڪجا ڪري.

لوڪ کان ڪافر جي فتوى ويو وٺي،
توکي نيڻن جا پيو سجدا ڪري.

دل سراپا اُڃ ٿيندي ٿي وڃي،
رُڃ ۾ ڪنهن جي پئي ڳولا ڪري.

چاهتون، اوسيئڙا، يا نوڪري،
هيڪلو “جاويد” آ، ڇا ڇا ڪري.

دل جي دولت خدا ڏني آهي،

دل جي دولت خدا ڏني آهي،
ڪاٿي غربت خدا ڏني آهي؟

ڪير توکي پري ڪندو مون کان؟
توسان قربت خدا ڏني آهي.

جنهن کي چاهيو، مون عمر ڀر چاهيو،
اهڙي فطرت خدا ڏني آهي.

هر قدم تي شڪست کاڌي آ،
پوءِ به همت خدا ڏني آهي.

ڪيڏو آهي غريب هُو جنهن کي،
صرف دولت خدا ڏني آهي.

آءُ ميڙيون هي پيار جا موتي،
ٿوري مهلت خدا ڏني آهي.

ڪيڏي آ بيتابي، منهنجي اندر ۾،

ڪيڏي آ بيتابي، منهنجي اندر ۾،
ناهي مند گلابي، منهنجي اندر ۾.

سارَي اَڄ به پيو ٿو پنهنجِي موکيءَ کي،
پياسو اڄ به شرابي، منهنجي اندر ۾.

اُميدن جو سج سنڀاري ورهين کان،
جاڳي ٿي بي خوابي، منهنجي اندر ۾.

دل جي نيڻن ساڻ پڙهين ها جيڪر تون،
خط هو ڪو ته جوابي، منهنجي اندر ۾.

نيڻن جي رستي کان آهه لهي ويندي،
صورت هر مهتابي، منهنجي اندر ۾.

جنهن کي چاهيان ٿو مان دل سان چاهيان ٿو،
آهي هيءَ خرابي، منهنجي اندر ۾.

ڇا لئه جنميو آهيان،

ڇا لئه جنميو آهيان،
سمجهي نه سگهيو آهيان.

ٻيا سڀ سٺا آهن،
هڪ آءٌ برو آهيان.

پاڳل آ سڄي دنيا،
يا آءٌ چريو آهيان.

نيڻن ۾ ٻُڏي ويو هان،
لهرن تي تريو آهيان.

ڇو مون کي پيو ڊاهين؟
مس مس ته جڙيو آهيان.

کنڊر ٿا وسن دل ۾،
موهن جو دڙو آهيان.

من بوند ملي هڪڙي،
پياسو ته گهڻو آهيان.

هر شيءِ ۾ چهرو تنهنجو آ،

هر شيءِ ۾ چهرو تنهنجو آ،
هر پاسي جلوو تنهنجو آ.

مون وٽ منهنجو ڪجهه ڀي ڪونهي،
جيڪو آهي سو تنهنجو آ.

دنيا کي جيئن دولت جو آ،
مون کي يار نشو تنهنجو آ.

جنهن کي پنهنجي دل به نه ٿي ڏئين،
سو ته سڄو سارو تنهنجو آ.

ڇو ڇڪجي توڏانهن اچان ٿو؟
ڇا مون سان رشتو تنهنجو آ.

ساڳيو آءٌ رهيو ناهيان پر،
ساڳيو اوسيئڙو تنهنجو آ.

سورَ ٻنهي جا ساڳيا آهن،
مون کي بس اُلڪو تنهنجو آ.

ڇا مليو ايڏي جاکوڙ کان پوءِ ڀي!

ڇا مليو ايڏي جاکوڙ کان پوءِ ڀي!
ڏينهن ساري جي ڊُڪ ڊوڙ کان پوءِ ڀي.

پنهنجي حصي ۾ آئي سدائين ٻُڙي،
ضرب، ڪٽ، ونڊ ۽ جوڙ کان پوءِ ڀي.

ڪابه منزل نه هئي منهنجي خوابن سندي،
هڪ نئون موڙ هو موڙ کان پوءِ ڀي.

ڪيڏا آواز ايندا رهيا پوئتان،
مون ته نڪري ڏٺو گوڙ کان پوءِ ڀي.

قرب جي بک هئي پيار جي پياس هئي،
دل کي مانيءَ ڳڀي ٻوڙ کان پوءِ ڀي.

کيس چؤُ دور هڪ نه لمحو ٿئي،

کيس چؤُ دور هڪ نه لمحو ٿئي،
هاڻ دل کي نه ٿو سنڀاليو ٿئي.

ڪو کڻي ڪيترو به چاهي پر،
پيار تنهنجو نه ٿو ڀُلايو ٿئي.

اڄ ته ڪو غم به ڪونه آ ليڪن،
ڇو نه مون کان ٿو مسڪرايو ٿئي.

سانت ۾ ويڙهجيو وڃين “جاويد”،
شام ٿيندي ئي توکي ڇا ٿو ٿئي.

ڪيڏا نازڪ ٿي پيا آهيون،

ڪيڏا نازڪ ٿي پيا آهيون،
لفظن ساڻ ڀُري پيا آهيون.

توکان پوءِ بهار آيو آ،
ڪيئن چؤن، مهڪي پيا آهيون.

رات نه آندي ماٺ اسان ۾،
ڏيئي جيئن ٻَري پيا آهيون.

چؤواٽي تي بيٺي بيٺي،
هاڻي پاڻ مُنجهي پيا آهيون.

وڻ جي ڇانوَ ڏسي رستي ۾،
ٿڪجي پاڻ سمهي پيا آهيون.

من ۾ هلچل جاڳي پئي آ،
تون آيو آن، جِي پيا آهيون.

توکان پوءِ “جاويد” اڪيلا،
جيئڻ پاڻ سکي پيا آهيون.

ڪيڏو ويو هان بدلجي پرين،

ڪيڏو ويو هان بدلجي پرين،
رنگ تنهنجي ۾ رلجي پرين.

ڏک ٿيندا جڏهن رهنما،
مان به ويندس سنڀلجي پرين.

توکي ٻيا ٿا وڻن، مون کي تون،
ڳالهه ساري آ دل جي پرين.

شاعريءَ کي ڪيم رازدان،
سور دل جو ويو سلجي پرين.

هيءَ عجب بيوسي ڏٺئي جاويد!

هيءَ عجب بيوسي ڏٺئي جاويد!
خط به ان کي سگهئين نه ڏئي جاويد!

لفظ ڪيڏا رکيا هيئي سانڍي،
ڪجهه به ان کي سگهئين نه چئي جاويد!

هاڻ اظهار ڇا ڪندين ان سان؟
وقت گذري ويو اٿئي جاويد!

موٽ ۾ درد تنهن کان پاتو آ،
آهه جنهن سان وفا به ڪئي جاويد!

اڄ ته ٿي پوءُ زبان تون دل جي،
اڄ ته موقعو مليو اٿئي جاويد!

عمر ڀر بيقرار رهنداسين،

عمر ڀر بيقرار رهنداسين،
جي ائين ڌار ڌار رهنداسين.

قُرب تنهنجي جي ياد ڏياريندو،
پَلَ جنهن سان ٻه چار رهنداسين.

توکي روئندو ڏسي وڃون ٿا پيا،
پل اَپل اشڪبار رهنداسين.

پيار ۾ دل جي بيوسيءَ جا پاڻ،
ڇا سدائين شڪار رهنداسين؟

وقت جي بي لغام گهوڙي تي،
ڪيستائين سوار رهنداسين؟

ڪونه وئي پو به هائي بي چيني،

ڪونه وئي پو به هائي بي چيني،
مون کي مڌ ۾ ڪيرائي بي چيني.

روپ آئي وٺي ڪويتا جو،
مون رکي هئي لڪائي بي چيني.

پُرسڪون منهنجي هن طبيعت ۾،
ڪيئن آئي الائي بي چيني.

پنهنجي گهر ڏي وري وٺي آئي،
مون کي در در رُلائي بي چيني.

پاڻ پورهئي ۾ پيار جي “جاويد”،
آيا آهيون ڪمائي بي چيني.

کوڙ ساريون محبتون مون کي،

کوڙ ساريون محبتون مون کي،
ڏي خدا يا هي نعمتون مون کي.

هڪڙو گھُرجي سڪون جو لمحو،
ڪين گهرجن ٻيون دولتون مون کي.

منهنجي کَلَ ۾ بگهڙ لڪل آهن،
منهنجون گهرجن ٿيون صورتون مون کي.

دل ڏني تو چڱو ڪيئي ليڪن،
ڏئي ڇڏيئي ڪيڏيون حسرتون مونکي.

ڪين توسان ڪڏهن ملڻ ڏينديون،
منهنجي غربت ۽ حالتون مون کي.

هي اُجالو حَسين تحفو آ،

هي اُجالو حَسين تحفو آ،
پيار تنهنجو حَسين تحفو آ.

ساٿ تنهنجي جي ڇانو جو لمحو،
زندگيءَ جو حَسين تحفو آ.

هُو خوشين ساڻ آ کڻي آيو،
پنهنجي دل جو حَسين تحفو آ.

هڪڙو ڀاڪر جنم ڏهاڙي تي،
تنهنجو تحفو حَسين تحفو آ.

هيءَ جواني به ڪهڙي شيءَ آهي!
لمحو لمحو حَسين تحفو آ.

سڀني رشتن کان منفرد رشتو،
دل جو رشتو حَسين تحفو آ.

گهڻي حساس ٿي پوندِيسَ،

گهڻي حساس ٿي پوندِيسَ،
مان لفظن سان ڀُري پوندِيس.

ڇڏي مون کي هليو ويندين،
اڪيلي آءٌ ٿي پوندِيسَ.

مسيحا تون اڱڻ منهنجي،
جڏهن ايندين ته جِي پوندِيسَ.

چپن جي ڍنڍ آڇيندين،
ڪنول وانگر ٽڙي پونديسَ.

محبت حوصلو بڻبي،
مان دنيا سان پُڄي پوندِيسَ.

ٺاهي مون کي ڊاهين دوست،

ٺاهي مون کي ڊاهين دوست،
آخر ڇا ٿو چاهين دوست؟

موٽي آئي آ برسات،
تون ڇو آيو ناهين دوست؟

توکي چاهيندس پيو مان،
چاهين يا نه چاهين دوست.

ڇڏ دنيا جي ڳالهين کي،
دل جي ڪر هيٺاهين دوست.

پريت رکين ٿو دنيا لئه،
مون کي ڇو نه صلاحين دوست؟

پردي پويان رهجي ويل،
تون ڪو خواب ته ناهين دوست؟

تنهنجي نيڻن نهار ۾ آهيون،

تنهنجي نيڻن نهار ۾ آهيون،
ڄڻ ته رنگن جي ڄار ۾ آهيون.

هنڌ ساڳئي تي ڄڻ ته جنمن کان،
تنهنجي ئي انتظار ۾ آهيون.

رقص ۾ ٿو لڳي سڄو عالم،
چاهتن جي خمار ۾ آهيون.

پنهنجو وارو الئه ڪڏهن ايندو،
پاڻ بيٺا قطار ۾ آهيون.

هن کان وڇڙي به ڪين وکريا هون،
کيس چئجو قرار ۾ آهيون.

ڪٿِ اُهو چهچٽو آ اندر ۾،

ڪٿِ اُهو چهچٽو آ اندر ۾،
اڄ وري سانت ڇو آ اندر ۾؟

موڪلايو آ توکان مرڪي پَرَ،
ڪيڏو هينئڙو لُڇيو آ اندر ۾.

ڪهڪشان هڪ نئين جُڙي پئي آ،
ٿيو عجب حادثو آ اندر ۾.

بي رخين جا بدن چميا آهن،
پيار ڏِس ڪيترو آ اندر ۾.

هرڪو ايندو گهُمي هليو ويندو،
ڪوئي ميلو لڳو آ اندر ۾.

ڪير “جاويد” کي سهيڙيندو،
ڪيڏو وکري رهيو آ اندر ۾.

نامڪمل ڪري ڇڏيو مون کي،

نامڪمل ڪري ڇڏيو مون کي،
تو به هيڪل ڪري ڇڏيو مون کي.

نيڻ منهنجا سمونڊ ٿي پيا هن،
درد جل ٿل ڪري ڇڏيو مون کي.

پنهنجي هستي رکي جلائي مون،
رات مشعل ڪري ڇڏيو مون کي.

جيءُ اڏندو رهيو هوائن سان،
آس بادل ڪري ڇڏيو مون کي.

پيو ٿو سوچيان ته تو ۾ ڇاهي جنهن،
آهي پاڳل ڪري ڇڏيو مون کي.




رڃ جي مان راهه ٿيندو ٿو وڃان،

رڃ جي مان راهه ٿيندو ٿو وڃان،
ڄڻ سنڌو درياهه ٿيندو ٿو وڃان.

ڪهڙي جذبن جي ڏني گرمي اٿئي،
اي خدا مان باهه ٿيندو ٿو وڃان.

موڪلائي هوءَ وڃي ٿي پئي اڳيان،
مان صفا بي ساهه ٿيندو ٿو وڃان.

مون کي ڪوتا جي دريءَ مان پئي ڏسي،
پوءِ به هن جو چاهه ٿيندو ٿو وڃان.

هن جي نيڻن سان ڏسان ٿو پاڻ کي،
ڇا ته اي الله ٿيندو ٿو وڃان.



اکين ۾ رڃ رستو آ اڃا ڀي،

اکين ۾ رڃ رستو آ اڃا ڀي،
۽ پياسو پنڌ دل جو آ اڃان ڀي.

اهائي دل جي تنهائي ازل کان،
اهوئي ساڻ سايو آ اڃا ڀي.

الئه ڇو بي وفا جي چاهتن جو،
خطن مان واس ايندو آ اڃان ڀي.

بهلجي ٿو وڃي رانديڪڙن سان،
ڪيڏو هينئڙو هي سادو آ اڃا ڀي.

عجب جو خوف هڪڙو چاهتن ۾،
الئه ڇو ساڻ هوندو آ اڃا ڀي.

نه آ “جاويد” بدليو تو پُڄاڻان،
اهو رولاڪ ساڳيو آ اڃا ڀي.

ڪنهن اچڻ جو ڪيو واعدو ڪونه آ،

ڪنهن اچڻ جو ڪيو واعدو ڪونه آ،
پوءِ به نيڻن کي اڄ ننڊ ڇو ڪونه آ.

ڇا ته هڪڙي دري بند ٿي آ وئي،
ڄڻ ڳليءَ ۾ رهيو ڪو مزو ڪونه آ.

حالتن کان ڊڄي دور هليا وڃون،
درس اهڙو اسان کي مليو ڪونه آ.

تنهنجي ٽهڪن مان توکي ڏسي آ وتو،
هونءَ بظاهر ته توکي ڏٺو ڪونه آ.

رڃ ۾ گُل کلائي ڪوئي،

رڃ ۾ گُل کلائي ڪوئي،
هن جو ڏس ٻُڌائي ڪوئي.

مان به رُسان ڪنهن ساڻ ۽ پوءِ،
مون کي ڀي پرچائي ڪوئي.

الجهي پيو هان مون کي پنهنجي،
زلفن جان سلجهائي ڪوئي.

سچ آ پيار حياتي آ پر،
دنيا کي سمجهائي ڪوئي.

ناهه سگهيو “جاويد” ڪڏهن ڀي،
گذريل وقت ورائي ڪوئي.





انتظاري، وڌي وئي آهي،

انتظاري، وڌي وئي آهي،
بيقراري، وڌي وئي آهي.

ڏي سهارو اچي رلي نه وڃان،
رات ڪاري، وڌي وئي آهي.

تون جي ناهين ته تنهنجي دردن سان،
پنهنجي ياري، وڌي وئي آهي.

“سعيد” کي مان پڙهي رهيو آهيان،
اشڪباري، وڌي وئي آهي.

تنهنجي يادن جي ڇانوَ ۾ آهيان،
ڏس بهاري، وڌي وئي آهي.

عمر گذري وفا کي ڳوليندي،

عمر گذري وفا کي ڳوليندي،
پٿرن ۾ خدا کي ڳوليندي.

هر قدم تي جبين جهڪائي اٿم،
يار جي نقش پا کي ڳوليندي.

هڪ مسيحا مري ويو آخر،
زندگيءَ جي دوا کي ڳوليندي.

ڪيترا ٿي گناهه ويا مون کان،
راهه ۾ پارسا کي ڳوليندي.

شهر پنهنجي ۾ اجنبي آهيان،
سال ٿيا آشنا کي ڳوليندي.


پل اَ پل ۾ ٽُٽان، جُڙان ٿو مان،

پل اَ پل ۾ ٽُٽان، جُڙان ٿو مان،
تو پُڄاڻان ائين جيئان ٿو مان.

رات ڏاڍي طويل ٿي وئي آ،
رات سان پر اڃان وڙهان ٿو مان.

تو ته ايئن ئي چيو هيو “ايندس”،
راهه تنهنجي اڃان ڏسان ٿو مان.

روز ٿو درد نئون ملي دل کي.
روز ڪو شعر نئون لکان ٿو مان.

چپ آهن رکيل هتي تنهنجا،
هٿ پنهنجا تڏهن چمان ٿو مان.

توکي ڪَلَ ئي نه ٿي پوي جانان،
نيڻ تنهنجا پڙهي وڃان ٿو مان.

واس ڪيڏو آ اوهانجي سار ۾،

واس ڪيڏو آ اوهانجي سار ۾،
واسجي ويو آ اڱڻ مهڪار ۾.

ڳالهه جو نڪتي وفا ۽ پيار جي،
نيڻ پهچي ويا پرين جي پار ۾.

ڌيان پنهنجو هن سهيڙي هو ڇڏيو،
ڇا ڏٺو هو نيٺ هن اخبار ۾.

من ڪو موتي ملي، اِن آس تي،
آءٌ لهندو ٿو وڃان پاتار ۾.

جنهن کي ڳوليو پئي ستارن رات جو،
چنڊ تنهن کي مون ڏٺو بازار ۾.

چوڏهيئَن رات، اڪيلائي آ،

چوڏهيئَن رات، اڪيلائي آ،
نيڻن ۾ به اداسائي آ.

ڪنهن تي ڏوهه ڀلا ڪهڙو ڏيان،
قسمت ۾ ئي تنهائي آ.

درد جي موسم سرمئي ٿي پئي،
شام جو يادن جي آئي آ.

ڪير ڪندو اظهار اسان سان،
ڪير اسان جو شيدائي آ.

ڏي نه وري اي يار صدائون،
مشڪل سان دل بهلائي آ.

حادثا ڀي راهبر هوندا اٿئي،

حادثا ڀي راهبر هوندا اٿئي،
زندگيءَ جا همسفر هوندا اٿئي.

تون نه لڙڪن ۾ ٻُڏي جانان وڃين،
نيڻ آلا هر پهر هوندا اٿئي.

دل جو شيشو ڪٿ نه ٽڪرا ٿي وڃئي.
درد يا دن جا پٿر هوندا اٿئي.

ڇا وڃايو ٿئي اتي “جاويد” جو،
روز موري جا چڪر هوندا اٿئي.






ڪين ويئي ڪڏهن ڪڙي موسم،

ڪين ويئي ڪڏهن ڪڙي موسم،
تنهنجي نيڻن جي بي وڙي موسم.

راهه تنهنجي ڏسي رهيا هئاسين،
جام جوڀن جا پي وئي موسم.

پل مسيحا ته پل وبا جنهن جو،
شهر منهنجي جي آ چري موسم.

ڪونه آئين اڱڻ اسانجي تي،
ڪونه آئي بهار جي موسم.

اُڃ سان اڃ جو اُجهائيسين،
پوءِ ته وئي پاڻ سان ٺهي موسم.





ڇوڙيئي وارن ونگ هوا ۾،

ڇوڙيئي وارن ونگ هوا ۾،
وکري ويا سؤ رنگ هوا ۾.

اندر ۾ ڄڻ باهه جيان آ،
دوري هن سارنگ هوا ۾.

شاعر جا ڄڻ سپنا آهن،
اُجرا اُجرا ڪنگ هوا ۾.

ڪيستائين گڏجي هلندي،
ڪهڙي آس امنگ هوا ۾.

ڪارو دونهون ڪاريهر ٿي،
روز هڻي ٿو ڏنگ هوا ۾.

پنڌ ڏسجان نه پيچرا ڏسجان،

پنڌ ڏسجان نه پيچرا ڏسجان،
چاهتن ۾ نه فاصلا ڏسجان.

ڪوبه ٻارڻ اگر ڏيئو چاهين،
ڪيتري آ اُتي هوا ڏسجان.

توکان وڇڙي به ٽهڪ ڏينداسين،
۽ تون پنهنجا به حوصلا ڏسجان.

هوءَ زخمن تي چپ رکي ٿي چئي،
هاڻ هن جا به ذائقا ڏسجان.

هڪ قدم ئي وڌائجان ۽ پوءِ،
پيار منهنجي جي انتها ڏسجان.

ڇا الائي اٿئي ڪيو دل کي،

ڇا الائي اٿئي ڪيو دل کي،
تو سوا ڪجهه وڻي نه ٿو دل کي.

ڪيئن سيني منجهان وئي نڪري،
مون ته روڪيو گهڻو ئي هو دل کي.

ڌنڌ ڇانيل آ نااميدين جي،
ڪو به رستو سُجهي نه ٿو دل کي.

عيب منهنجا ڏٺا پئي سڀني،
ڪنهن نه منهنجي ڪڏهن ڏٺو دل کي.

ڪجهه به توکان سوا ڏسي ئي نٿي،
عشق نابين آ ڪيو دل کي.

دور آهين يا سنگ آهين تون،

دور آهين يا سنگ آهين تون،
منهنجي سوچن جو دنگ آهين تون.

آءٌ خالي وفا جو نقشو هان،
۽ اميدن جو رنگ آهين تون.

روح ۾ جو لهي وڃي اڪثر،
اهڙو چاهت جو چنگ آهين تون.

تو ۾ اڪثر ٿي گُم وڃان ٿو مان،
يادگيرين جو جهنگ آهين تون.

تنهنجي دم سان خيال آهي جوان،
منهنجي ڪوتا جو ڍنگ آهين تون.

تنهنجي تحرير ملي آ مونکي،

تنهنجي تحرير ملي آ مونکي،
خواب تعبير ملي آ مونکي.

ڪجهه ته اي دوست وٺي وڃ مونکان،
درد _ جاگير ملي آ مونکي.

تنهنجي چهري تي مُرڪ آئي آ،
منهنجي تعبير ملي آ مونکي.

هر پهر انتظار ۾ آهيان،
ڪهڙي تقدير ملي آ مونکي.

نيڻ گم ٿي ويا ها اوندهه ۾،
توسان تنوير ملي آ مونکي.

چين گهر ۾ نه رهگذر ۾ آ،

چين گهر ۾ نه رهگذر ۾ آ،
ڪهڙي هلچل اها اندر ۾ آ.

تون به چاهين ته وڃ ڇڏي مونکي،
مون کي رهڻو اڃان سفر ۾ آ.

تون ته آئين هليو به وئين ليڪن،
تنهنجي خوشبو اڃان پڌر ۾ آ.

ناهي رنگين هوندو ڪو منظر،
رنگ هوندو سڄو نظر ۾ آ.

ڏينهن ٿيو ٿا وڃن ملي ئي نه ٿو،
ڪهڙَي “جاويد” الئه فڪر ۾ آ.





تنهنجي گهر ڏي وري ڀُليو آهي،

تنهنجي گهر ڏي وري ڀُليو آهي،
روح ڪيڏو نه بي چيو آهي!

پل اَ پل ٿو لڳي سمونڊ جيان،
دور توکان رهي ڏٺو آهي.

مون کان دنيا اُهو ٿي مڃرائي،
ڏوهه جيڪو نه مون ڪيو آهي.

فاصلن جي ڏٺم ترازيءَ ۾،
پيار توساڻ ڪيترو آهي.

هي بدن بي ثبات آ جانان!
توسان رشتو ڪو روح جو آهي.

کِل مون کان وئي، خوشي وَيئي،

کِل مون کان وئي، خوشي وَيئي،
ڪيئن توبن چوان سري وَيئي.

ڪيتري اڄ ڪٽي آ مشڪل سان،
رات سوڙهي گهٽي آ ٿي ويئي.

جام تي جام ٿَي چپن جا ڏنئي،
پوءِ به دل جي نه تشنگي ويئي.

هورڙيان هورڙيان دُکي ٿو مَن،
درد دل ۾ ائين رکي ويئي.

جو ڇڏي پاڻُ وساري ڪوئي،

جو ڇڏي پاڻُ وساري ڪوئي،
ڪنهن کي ايڏو به نه ساري ڪوئي.

ننڊ جي ديس ڏي وڃان مان ڀي،
دل جي اُلڪن کي سمهاري ڪوئي.

درد جي ٽِياس تي ٽنگيل آهيان،
ڇو نه مونکي ٿو اُتاري ڪوئي.

منهنجو جيون نه رهيو آ منهنجو،
منهنجو جيون ٿو گذاري ڪوئي.

ڪنهن جي چهري کي ڄڻ ته ڳولي ٿو،
مڌ ۾ ائين ٿو نهاري ڪوئي.

ڪا صدين جي صدا نظر ايندئي،

ڪا صدين جي صدا نظر ايندئي،
زندگي التجا نظر ايندئي.

پنهنجي رکجانءِ دل ۾ سچائي،
هر ڪوئي با وفا نظر ايندئي.

منهنجي نيڻن سان پاڻ کي ڏسجان،
پاڻُ سڀ کان جُدا نظر ايندئي.

منهنجي سجنيءَ جي هيءَ سڃاڻپ ٿئي،
هوءِ سراپا حيا نظر ايندئي.

ڳول اُن کي نه آسمانن تي،
پاڻ ۾ ئي خدا نظر ايندئي.

باک جو اجرو بدن، تنهنجون اکيون،

باک جو اجرو بدن، تنهنجون اکيون،
زندگيءَ جو ڏيک ڏِيَن، تنهنجون اکيون.

ڏَس ڀلا ڪاڏي وڃان تن کي ڇڏي،
راهه ٿيون روڪي بِهَن، تنهنجون اکيون.

ڪو وڏو اسرار آ تن ۾ لِڪل،
ڇا چوان ڇا ٿيون چَونَ، تنهنجون اکيون.

ماڳ جو بڻجي حَسين ڪو پيچرو،
ساڻ ٿيون مون سان هَلن، تنهنجون اکيون.

ڪاش! ائين بڻجي پَوَن، منهنجون اکيون،
جيئن سڄو نيرو گگن، تنهنجون اکيون.

ڪنهن ڏٺو پئي عجب نگاهن سان،

ڪنهن ڏٺو پئي عجب نگاهن سان،
مون پئي ڳوليو سبب نگاهن سان.

دل تي کنوڻيون ڪِري پيون آهن،
ڪنهن ڪيو هِي غضب نگاهن سان؟

ڪُن مان هٿ ڏئي ڪڍي آيو،
مون ڏٺو آهي ربّ نگاهن سان.

دل رکي مون ڪتاب جان کولي،
ڪونه سمجهيائين ته به نگاهن سان.

روز ٻاري ڪوئي اُجهائي ٿو،
من اڱڻ جو بلب نگاهن سان.

جن لئه ازلئُون اُڃيون اکيون آهن،

جن لئه ازلئُون اُڃيون اکيون آهن،
ڪيئن چوان اوپريون اکيون آهن.

ڪيتريون هن اکيون اکين ۾ پَرَ،
مونکي تنهنجون وڻيون اکيون آهن.

رنگ سانڍيا اٿم تصور ۾،
تنهنجون بڻجي پيون اکيون آهن.

مان جڏهن ڀي نراس ٿيو آهيان،
تنهنجي آٿت اُگهيون اکيون آهن.

بي رخين جي عذاب مان گذريون،
پوءِ به ڪاٿي رُنيون اکيون آهن.

رات ڪاريءَ جي هن طوالت ئي،
منهنجي دل کي ڏنيون اکيون آهن.

قدر تن وٽ ملي اکين جو ٿو،
ڪين جن کي مليون اکيون آهن.

ڪونه دل کي ٿو وَڻَي آئينو،

ڪونه دل کي ٿو وَڻَي آئينو،
ظاهري عڪس ڏَسَي آئينو.

عڪس اندر جو جيڪو ڏيکاري،
ڪو ته اهڙو به هُجي آئينو.

پاڻ کي تون چٽو ڏسي سگهندين،
تورڙو دُور ڪري آئينو.

پُرزا پُرزا آ ٿي پيو دل جو،
سور پٿر سان سلي آئينو.

پوءِ ته اُن جو ئي ٿي پوي ٿو هُو،
جنهن جي ويجهو ٿو رهي آئينو.

زندهه “جاويد” ٿي پوي ٿو هِي،
پاڻ ۾ توکي پَسَي آئينو.

سراب آهي چريا، منزل ڪٿي آ،

سراب آهي چريا، منزل ڪٿي آ،
نظر جي انتها، منزل ڪٿي آ.

وڃن ٿا انت کان بي انت تائين،
رڳو هِن پيچرا، منزل ڪٿي آ.

تون منهنجو رهنما آهين ته مونکي،
اچي تون ئي ٻُڌا، منزل ڪٿي آ.

اڃان خانه بدوشن جان رُلان ٿو،
ملي مونکي اڃا، منزل ڪٿي آ.

عمر جي جستجوءَ کان پوءِ ڄاتم،
هيءَ رستن کان جدا، منزل ڪٿي آ.

ميڪشيءَ جي، عُمر ٿوري ٿي ٿئي،

ميڪشيءَ جي، عُمر ٿوري ٿي ٿئي،
بي خوديءَ جي، عُمر ٿوري ٿي ٿئي.

عڪس ذرڙا ٿي وڃن ٿا اوچتو،
آرسيءَ جي، عُمر ٿوري ٿي ٿئي.

ڏُک جي ڇو انتها ئي ڪونه آ؟
ڇو خوشيءَ جي، عُمر ٿوري ٿي ٿئي.

گهارجي پٿر جيان، دل ٿي چوي،
آدميءَ جي، عُمر ٿوري ٿي ٿئي.

ڇو ڀلا “جاويد” دل جي ٿر مٿان،
سانوڻيءَ جي، عُمر ٿوري ٿي ٿئي.

ڇو آن ڳولا ۾ دربدر هوندو،

ڇو آن ڳولا ۾ دربدر هوندو،
ڪو هوائن جي ناهي گهر هوندو.

ڪيڏا رستا ڊگها وڇوڙن جا،
ڪيڏو جيون آ مختصر هوندو.

چند ڏينهن جو ساٿ هو تنهنجو،
مون پئي سمجهيو ته عمر ڀر هوندو.

پيار معنيٰ نه ٿو رکي جنهن لئه،
پڪ ماڻهو نه سو، پٿر هوندو.

ڇو ٿو “جاويد” گهر وڃين جلدي،
ڪير تولاءِ منتظر هوندو؟

ڇو لنوائي، هلي ٿي وڃين،

ڇو لنوائي، هلي ٿي وڃين،
دل جلائي، هلي ٿي وڃين.

آءٌ بي جان ٿيو ٿو وڃان،
موڪلائي، هلي ٿي وڃين.

مڌ جهڙيون رکين ٿي اکيون،
۽ سِڪائي، هلي ٿي وڃين.

ماٺ تنهنجي به ڪو گيت آ،
گُنگنائي، هلي ٿي وڃين.

دل جي موسم ٽڙي ٿي پوي،
مُسڪرائي، هلي ٿي وڃين.

مون کان ڪاوڙ ۽ منهنجي اَنا،
سڀ ڀُلائي، هلي ٿي وڃين.

ڪوڙ، ڌوڪو، ٺڳي آ ماڻهن ۾،

ڪوڙ، ڌوڪو، ٺڳي آ ماڻهن ۾،
ڪيڏي آلودگي آ، ماڻهن ۾.

چهرو چهرو آ ڌنڌ سان ويڙهيل،
هڪڙي صورت چِٽي آ ماڻهن ۾.

ڪوبه ڪنهن جو نه ٻانهن ٻيلي آ،
ڪيتري بي حسي آ ماڻهن ۾.

ميڙ جي روپ ۾ رهن ٿا پر،
پوءِ به ڪيڏي وِٿي آ ماڻهن ۾.

تار نفرت سان ٿا رهن ڪيڏو،
پيار جي ڇو ڪمي آ ماڻهن ۾؟

پنهنجي دل تان اتاري ڇڏيو،

پنهنجي دل تان اتاري ڇڏيو،
تو به آخر وساري ڇڏيو.

مان شرم کان نه اوري سگهيس،
ڳالهه کي تو به ٽاري ڇڏيو.

توسان گڏجي گُهميس پئي ۽ پوءِ،
ننڊ مان ڪنهن اُٿاري ڇڏيو.

حادثن جي مٿان حادثن،
مون کي رستو ڏيکاري ڇڏيو.

ماءُ جي ڪا دعا ساڻ هئي،
ڪُن مان جنهن ڪناري ڇڏيو.

اڄ ته ڪيڏو اُداس آهيان مان،

اڄ ته ڪيڏو اُداس آهيان مان،
پنهنجي وَسَ ۾ ئي ڄڻ ته ناهيان مان.

رڃ آهي رُڳي اکين آڏو،
پوءِ به پيو ٿو قدم وڌايان مان.

منهنجي ڪوتا مان ٿيو پوين ظاهر،
توکي ڪيڏو کڻي لڪايان مان.

ڄاڻ ناهي ڪڏهن صبح ٿيندو،
پيو ٿو ٻاري ڏيئا وسايان مان.

پيو ٿو هرڪو پڇي جدائيءَ جو،
ڪنهن کي ڪهڙو سبب ٻڌايان مان؟

جسم تنهنجو هُيس، روح تنهنجو هُيس،

جسم تنهنجو هُيس، روح تنهنجو هُيس،
غور سان جو ڏٺم تنهنجو چهرو هُيس.

روح سان پرٿويءَ تي اچڻ کان اڳي،
آءٌ ڀي ڪنهن ستاري جو حصو هُيس.

ڪالهه تنهنجي ڪمي ڏاڍي محسوس ٿي،
تيز بارش ۾ گهر ۾ اڪيلو هُيس.

منهنجو تو کانسواءِ ڪوبه منهنجو نه هو،
آءٌ توکان سِوا بي سهارو هُيس.

ڪو سروڪار مون کي نه دنيا سان هو،
مان فقط پيار تنهنجي جو پياسو هُيس.

ٻُڪ ۾ سمنڊ کي پيو سموئِڻ گهري،
هڪڙو پاڳل هو “جاويد” نالو هُيس.

ڀاڳ پرچي رُسيو پوي مون سان،

ڀاڳ پرچي رُسيو پوي مون سان،
ائين ڇو ٿو الاءِ ٿئي مون سان.

هو وڃي ٿو، وڃِي خوشيون ماڻي،
ڇو اجايو اُداس ٿئي مون سان؟

انت جنهن جو ڪٿي به ڪونهي ڪو،
ڪهڙو رستو پيو هلي مون سان؟

هيڪلو اڄ اُتي مان بيٺو هان،
ڪلهه جتي ها سڀئي ڪٺي مون سان.

ڀوڳنائن جي اُس ۾ هاڻي،
منهنجو سايو به ٿو سَڙي مون سان.

زندگيءَ کي ملي پوي معنى،
ڏينهن گڏجي گذار ڪي مون سان.

سڀئي خواب پنهنجا وساري وينداسين،

سڀئي خواب پنهنجا وساري وينداسين،
مگر تنهنجي دنيا سنواري وينداسين.

ڪيو هو اسان ڀي ڪڏهن پيار ڪنهن سان،
اهو خيال دل تان اتاري وينداسين.

خوشيءَ ۾ غميءَ ۾، ڏکن يا سکن ۾،
حياتيءَ جا ڏينهڙا گذاري وينداسين.

اينداسين نه هاڻي اوهانجي ڳليءَ ۾،
وينداسين ته ڪينجهر ڪناري وينداسين.

اسان ناوَ پنهنجيء جا خود ناخُدا هون،
اسان ڪيئن ڪنهنجي سهاري وينداسين؟

توکي ويندي ڏٺو نه ٿيون مون کان،

توکي ويندي ڏٺو نه ٿيون مون کان،
الوداع ڀي چيو نه ٿيو مون کان.

هڪڙو افسوس مَن ۾ رهجي ويو،
هڪڙو اظهار ڪونه ٿيو مون کان.

توکان وڇڙي روئي پيس آخر،
پاڻ تي ضابطو نه ٿيو مون کان.

هو ته مُنهنجَي وجود اندر هو،
هو جو ظاهر لڌو نه ٿيو مون کان.

توکان جنهن پل ڌار ٿي ويو هوس مان،

توکان جنهن پل ڌار ٿي ويو هوس مان،
ڄڻ ته جيئري ئي مري ويو هوس مان.

ياد تنهنجي وئي اچي هئي اوچتو،
کلندي کلندي ماٺ ٿي ويو هوس مان.

تو چپن سان جو چوڻ چاهيو هيو،
تنهنجي نيڻن مان پڙهي ويو هوس مان.

ڪيترو پٺتي هو رهجي ويو بدن،
ڪيترو اڳتي وڌي ويو هوس مان.

خودڪشيءَ جو هاڻ سوچيان ٿو پيو،
دل جي ڳالهين ۾ اچي ويو هوس مان.

خواب جهڙي زندگي گذري وئي،
جاڳ ۾ ڄڻ پوءِ اچي ويو هوس مان.

خوابن جي دنيا جا ماڻهو،

خوابن جي دنيا جا ماڻهو،
تو جهڙا مون جهڙا ماڻهو.

منهنجا نيڻ اگهاڙا يا ڪِي،
چوڦير آهن ننگا ماڻهو.

انساني چادر ۾ آهن،
هي وحشي، نالي جا ماڻهو.

پيار سوا جي زندهه آهن،
ڪاٿي هن سي جيئرا ماڻهو.

تنهنجي حُسن بڻايا آهن.
ساري ڳوٺ جا سهڻا ماڻهو.

دل جا درد لهي سڀ ويندا،
ملندو ڪو ته مسيحا ماڻهو.

ڀٽ ڌڻي آ رهبر پنهنجو،
ناهيون پاڻ نڌڻڪا ماڻهو.

خالي اڀ جو هُو منظر نه ٺاهي سگهيو،

خالي اڀ جو هُو منظر نه ٺاهي سگهيو،
هُو ته هو هڪ سُخنوَرُ، نه ٺاهي سگهيو.

هڪڙَي گهر کي هُو هڪڙَو بنائڻ جي لئه،
هڪڙِي ديوار ۾ در، نه ٺاهي سگهيو.

اوڏُ هو، گهرَ اڏيائين پئي لوڪ جا،
پنهنجي ٻارن جي لئه گهر، نه ٺاهي سگهيو.

توکان وڇڙيو ته روئي پيو ٻار جان،
پنهنجي دل کي هو پٿر، نه ٺاهي سگهيو.

ڪُن ۾ مون کي ڪنارو گهرجي،

ڪُن ۾ مون کي ڪنارو گهرجي،
تنهنجي چاهت جو سهارو گهرجي.

پيار گهرجي ٿو، پيار گهرجي ٿو،
ٻيو نه ڪجهه پاڻ کي يارو گهرجي.

ڍؤ نه ٿيندو نگاهه هڪڙيءَ سان،
دل کي درياهه ٿو سارو گهرجي.

دل جي آڪاش تي انڌيرو آ،
ساٿ تنهنجي جو ستارو گهرجي.

دل جو عالم ڇڏي خماري جو،
اهڙو دلڪش ٿو نظارو گهرجي.

زندگي آ سفر سهانو پر،
پنڌ جي لئه به، ته چارو گهرجي.

چڱو ناهي پرتي رهڻ عيد تي،

چڱو ناهي پرتي رهڻ عيد تي،
هليو آءُ ساجن ملڻ عيد تي.

کڻي آءُ خوشين جي سرهاڻ کي،
اداس آهه دل جو اڱڻ عيد تي.

اسان کي ٿو منظر لڳي خواب جو،
اسان وٽ اوهان جو اچڻ عيد تي.

ٻڌو هو ته ايندا چڙهي چنڊ تي،
گلابن جا تحفا ڏيڻ عيد تي.

مستقل اضطراب جو نالو،

مستقل اضطراب جو نالو،
زندگي آ عذاب جو نالو.

ڇا پُڇو ٿا خوشين جي لمحن جو،
ڇا ڏسيان بند باب جو نالو.

ميڪدي ۾ نه سو رهيو ساقي،
ويو آ رهجي شراب جو نالو.

چپ آڇيا هئا تو روزي ۾،
ٿيو نه پيدا جواب جو نالو.

پنهنجي لڳندي آ بس فقيرن سان،
ڪنهن نه ڄاڻان نواب جو نالو.

ديوانا ۽ چريا ماڻهو، اسان کي ڪير ٿو چاهي،

ديوانا ۽ چريا ماڻهو، اسان کي ڪير ٿو چاهي،
اسان عيبن ڀريا ماڻهو، اسان کي ڪير ٿو چاهي.

نَوَن ماڻهن جي نظرن ۾، اسان جا خيال فرسوده،
پراڻي دور جا ماڻهو، اسان کي ڪير ٿو چاهي.

سڄي دنيا کي ٺُڪرايو، اسان هڪ شخص جي پويان،
اسان هون بي وفا ماڻهو، اسان کي ڪير ٿو چاهي.

گهٽيون، گهر، روڊ، رستا، اڄ ڏسن ٿا ايئن حيرت ۾،
هجئون ڄڻ اوپرا ماڻهو، اسان کي ڪير ٿو چاهي.

رڳن ۾ خون ٿِي هاڻي، هلن ٿا دردَ، تڪليفون،
ٿياسين لادوا ماڻهو، اسان کي ڪير ٿو چاهي.

وڇوڙي پاڻ کي تُنهنجي وکيري ڄڻ ڇڏيو آهي،
اڌورا تو سوا ماڻهو، اسان کي ڪير ٿو چاهي.

زندگي! تُنهنجِي صورت آ بڻجي وئي،

زندگي! تُنهنجِي صورت آ بڻجي وئي،
هوءَ منهنجي ضروت آ بڻجي وئي.

ڪيئن هن کانسواء مان رهي ٿو سگهان،
جسم منهنجي ۾ هوءَ رت آ بڻجي وئي.

عشق جذبن جو سودو آ ٿي ويو هتي،
پريت هاڻي تجارت آ بڻجي وئي.

گُهور تنهنجيءَ سان، هستي آ “جاويد” جي،
ڪائي پٿر جي مُورت آ بڻجي وئي.

هو جو چاهت کڻي ٿو گُهمي پاڻ سان،

هو جو چاهت کڻي ٿو گُهمي پاڻ سان،
پنهنجي جنت کڻي ٿو گُهمي پاڻ سان.

ناهي مفلس هو خوشبخت آهي وڏو،
دل جي دولت کڻي ٿو گهمي پاڻ سان.

شال هن جو تدارڪ ٿئي لوڪ ۾،
ڪا شڪايت کڻي ٿو گهمي پاڻ سان.

لوڪ ان کي ڏسي پيو ٿو حيرت منجهان،
ڪنهنجي صورت کڻي ٿو گهمي پاڻ سان؟

سور صدما ڇڏي هليو ويندس،

سور صدما ڇڏي هليو ويندس،
تنهنجي دنيا ڇڏي هليو ويندس.

ڪين ڪنهن سان نڀائي سگهندس مان،
کوڙ رشتا ڇڏي هليو ويندس.

ويندي ويندي، خبر نه هئي تو وٽ،
نيڻ پنهنجا ڇڏي هليو ويندس.

روح جو هٿ وٺي خلائُن ۾،
جسم تنها ڇڏي هليو ويندس.

هڪڙو ڀيرو رڳو ڏسو مرڪي،
هر تمنا ڇڏي هليو ويندس.

تنهنجا جلوا جتي نظر آيا،
دل جا سجدا ڇڏي هليو ويندس.

ڇا ڪيان انڪار، تنهنجي سونهن جو،

ڇا ڪيان انڪار، تنهنجي سونهن جو،
عام آ اظهار، تنهنجي سونهن جو.

ڪيترو محتاط رهجي تون ٻُڌا،
چؤطرف آ ڄار، تنهنجي سونهن جو،

مون ته لفظن جو تراشيو پئي بدن،
ويو ٺهي شهڪار، تنهنجي سونهن جو.

چنڊ چوڏهيئَن جو حَسين آ ڪيترو،
روپ تنهن کان ڌار، تنهنجي سونهن جو.

تون ئي تون آهين ڏسان ٿو جنهن طرف،
پرتوو سنسار، تنهنجي سونهن جو.

پاڻ کي ٺاهين نه ٺاهين، ٿي وڻين،
سادگي سينگار، تنهنجي سونهن جو.

هيڏي پنهنجي هن دنيا ۾،

هيڏي پنهنجي هن دنيا ۾،
مون کي منهنجو گهر ڏي مولا.

دل ڏاڍي حساس ڏني ٿئي،
سيني ۾ پٿر ڏي مولا.

آلوده ٿي ذهن ويا هن،
سوچون ڪي سندر ڏي مولا.

ڍڪجي عيب وڃن سڀ جنهن ۾،
اهڙي ڪا چادر ڏي مولا.

مون کي ان سان گهڻي محبت هئي،

مون کي ان سان گهڻي محبت هئي،
جنهن کي منهنجي نه ڪا ضرورت هئي.

ڪا به صورت نه هئي رهائيءَ جي،
زندگي قيدِ بامشقت هئي.

هيڪلاين سان هيءَ ڀريل جهولي،
پيار جي پورهئي جي اُجرت هئي.

لوڪ حيرت وچان پئي گُهوريو،
منهنجي نيڻن ۾ ڪنهن جي صورت هئي.

پاڻ کي ٿو وڃين وکيريندو،

پاڻ کي ٿو وڃين وکيريندو،
ڪير توکي اچي سهيڙيندو؟

ڪير پوکيندو پيار نيڻن ۾،
دل جي ڌرتيءَ کي ڪير کيڙيندو.

عشق جيسين به مهربان آهي،
حُسن جا راڳ پيو ڇيڙيندو.

دردَ، بيحد ڪري ڇڏيو تنهنجَي،
دل جو دامن وڃي پکيڙيندو.

رات! تنهنجي انڌير سان “جاويد”،
هيڪلي سر ڏيئو ٿي جهيڙيندو.

راز دل جو نه ٿي ٻڌائي دل،

راز دل جو نه ٿي ٻڌائي دل،
ڪنهن ۾ گُم ٿي وئي الائي دل.

تون اچڻ جو ڪرين وچن جيڪر،
سيج وانگر ڇڏيان وِڇائي دل.

عشق جو هٿ وٺي تصور ۾،
پئي ٿي ڪهڙيون گهٽيون گهمائي دل.

ڪين توکان سنڀالجِي سگهندي،
مون کي پنهنجي ڏي تون ورائي دل.

تير هِن تي هڻي مُڪي هئي تو،
ڪورَي ڪاڳر مٿان بڻائي دل.

نيٺ تو ڇا چيو هو نيڻن سان،
پئي اڃا منهنجي مُسڪرائي دل.

روح پياسو آ منهنجي اندر ۾،

روح پياسو آ منهنجي اندر ۾،
ڪير ايندو اجاڙ کنڊر ۾.

چؤطرف آهي ڪيڏي خاموشي،
شور آ صرف منهنجي اندر ۾،

ڪنهن کي اچڻو نه آ ته پوءِ منهنجو،
ڌيان اٽڪيو پيو آ ڇو در ۾.

ڪيئن تو وٽ اچي پڳو آهيان،
مان ته ويٺو هيس پنهنجي گهر ۾.

پيو ٽُٽي اڄ ته ڪنهن جي وڇڙڻ تي،
بندُ هو ڪو اکين جي ساگر ۾.

ساٿ ڏئي ڪو ته سوجهري تائين،

ساٿ ڏئي ڪو ته سوجهري تائين،
ڌنڌ آهي پري پري تائين.

نيڻ نڪتا ها تنهنجي ڳولا ۾،
دل وٺي آئي ميڪدي تائين.

حال هن سان ڪجي محبت جو،
هو جي دل جي اچي اجهي تائين.

مون کي گهرجي ٿي منهنجي آزادي،
پنهنجي اندر جي آجپي تائين.

ننڊ هٿ ڏئي، وٺيو وڃي اڪثر،
تنهنجي سپنن جي سلسلي تائين.

ڪيڏو تنها هئڻ جو ٿو ايذاءُ ٿئي،

ڪيڏو تنها هئڻ جو ٿو ايذاءُ ٿئي،
پُرزا پُرزا هئڻ جو ٿو ايذاءُ ٿئي.

غور سان ٿو ڏسان پنهنجي تصوير کي،
ٽُٻڪا ٽُٻڪا هئڻ جو ٿو ايذاءَ ٿئي.

ڪير ورنائيندو سڏ منهنجا هتي،
ساهه صحرا هئڻ جو ٿو ايذاءُ ٿئي.

تو پڄاڻان مان ويران آهيان ٿيو،
سڃ رستا هئڻ جو ٿو ايذاءُ ٿئي.

اڄ به“جاويد” دل جي دڳن جي مٿان،
خالي پاڇا هئڻ جو ٿو ايذاءُ ٿئي.

دور ٿِي ڇا ڪري ڇڏيو آ تو،

دور ٿِي ڇا ڪري ڇڏيو آ تو،
مون کي تنها ڪري ڇڏيو آ تو.

ايترو ڀي خراب ناهيان مان،
جيڏو رسوا ڪري ڇڏيو آ تو.

درد ويتر وڌي ويا آهن،
ڇا مسيحا ڪري ڇڏيو آ تو.

مون مان گذرن ٿا لوڪ وارا سڀ،
رستا رستا ڪري ڇڏيو آ تو.

آءٌ مفلس ڪٿي رهيو آهيان،
دل کي دريا ڪري ڇڏيو آ تو.




ڌنڌ جي راهه ۾ روشنائي ڪري،

ڌنڌ جي راهه ۾ روشنائي ڪري،
ڪو ته منهنجي اچي رهنمائي ڪري.

ڀوڳنائن پٺيان ڀوڳنائون مليون،
ڇا مليو ڪنهن سان ايڏي سچائي ڪري.

نيڻ ڪنهنجا پڙهڻ ڪونه آيا ڪڏهن،
ڇا مليو مون کي ايڏي پڙهائي ڪري.

سُٽ سلجهي نه ٿو درد جي مام جو،
ذهن سان روز دل ٿي لڙائي ڪري.

بوجهه مجبورين جو کڻي ٿو هلي،
ڪوبه ڪنهن سان نه ٿو بي وفائي ڪري.

ڪنهن کان، ڪنهن کان پُڇان هاڻ “جاويد” جو،
نيٺ ويو ڪنهن طرف الوداعي ڪري.

تون جي ايندين خوشيون وري اينديون،

تون جي ايندين خوشيون وري اينديون،
روح جون رونقون وري اينديون.

پرهه تائين ڪبيون هيون ڳالهيون،
ڇا وري سي گهڙيون وري اينديون؟

نيٺ آباد من اڱڻ ٿيندو،
محفلون دل گهريون وري اينديون.

تون نه هوندين ته هونديون بي مقصد،
راحتون، ساعتون وري اينديون.

جنهن سان جنمن جي آ شناسائي،

جنهن سان جنمن جي آ شناسائي،
مون کان منهنجي ڇنو نه تنهائي.

هانوَ سڀ جا ڀڳا پيا آهن،
ڪير منهنجي ڪندو مسيحائي.

ڪين ٿيون آڱريون ڦڻي ڪنهن جون،
سنڌ جي سينڌ ڪنهن نه سُلجهائي.

شڪر آهي غزل جي صورت ۾،
ڳالهه دل جي ته توکي پهچائي.

تون جي ويندين ته هُو مري ويندو،
ڪيڏو “جاويد” آهي سودائي!

سونهن سرهاڻ کي سنڀاليو آ،

سونهن سرهاڻ کي سنڀاليو آ،
دل ۾ مهراڻ کي سنڀاليو آ.

لڙڪ ڪوتا ۾ ٽمٽمائيندا،
اک ۾ آلاڻ کي سنڀاليو آ.

سونهن تنهنجي ڏسي مان سوچيان ٿو،
ڪيئن مون پاڻ کي سنڀاليو آ.

نيٺ هي ڪنهن گُليءَ جو رنگ ڏئي،
اڀ جي نيراڻ کي سنڀاليو آ.

جو هو چوڻو چيو فون تي،

جو هو چوڻو چيو فون تي،
ڪين ٿيو ضابطو، فون تي.

هوءَ جنهن سان ملڻ هو ڏکيو،
ٿي پيو رابطو، فون تي.

ڄڻ ته واقف صدين جو لڳو،
شخص هڪ اوپرو، فون تي.

آءٌ هن لئه هيس بيقرار،
هو به بي چين هو، فون تي.

ڇو آن مون کان رُسي تون ويو؟
ڇا مون آخر چيو، فون تي.

هن جو توکي پڙهيو به ڪونهي ڪو،

هن جو توکي پڙهيو به ڪونهي ڪو،
اڻ پڙهيو ايترو به ڪونهي ڪو.

دل جي نيڻن سان ٿو ڏسي توکي،
عڪس تنهنجو چٽو به ڪونهي ڪو.

دل صفا اڄ منجهي پئي آهي،
ڪو وڏو مسئلو به ڪونهي ڪو.

ڏس اکين جي زمين پياسي آ،
هيل سانوڻ وٺو به ڪونهي ڪو.

ڇو ٿو “جاويد” چِلِولو سَڏجي،
هو جو در در رُليو به ڪونهي ڪو.

باغ ۾ جيئن بهار جي خوشبو،

باغ ۾ جيئن بهار جي خوشبو،
مون ۾ تنهنجي آ پيار جي خوشبو.

شام جي هڪ گهڙي ڇڏي ويئي،
دل پڌر تي آ سار جي خوشبو.

آ وئي انگ انگ مهڪائي،
تنهنجي ٻانهن جي هار جي خوشبو.

نيٺ تنهنجي به دل جي سرحد تي،
پهچندي منهنجي پيار جي خوشبو.

اڄ به نيڻن جا خواب ڳولن ٿا،

اڄ به نيڻن جا خواب ڳولن ٿا،
گُگهه ۾ ماهتاب ڳولن ٿا.

ڪيڏي آلودگي وڌي وئي آ،
پنهنجي خوشبو گلاب ڳولن ٿا.

نيڻ پاڳل خزان جي موسم ۾،
چاهتن جا گلاب ڳولن ٿا.

ايئن نيڻن ۾ ٿا نهارن ڄڻ،
هو خطن جا جواب ڳولن ٿا.

ڪاش ڪن انتخاب منهنجو ڀي،
من پسند جيئن ڪتاب ڳولن ٿا.

رات ٿي آ سڀئي ستا آهن،
نيڻ منهنجا خواب ڳولن ٿا.

دُور تائين ڏٺم، ڪين آيو نظر،

دُور تائين ڏٺم، ڪين آيو نظر،
چاهتن جو ڀرم، ڪين آيو نظر.

عشق جون مون ڳنڍيون، سڀ اُکيلي ڏٺيون،
ڪوبه دين ۽ ڌرم، ڪين آيو نظر.

هر طرف موت جو رقص جاري هيو،
زندگيءَ جو جنم، ڪين آيو نظر.

زندگي توکي دردن ۾ ماڻي ڇڏيم،
موت جو ڪوبه غم، ڪين آيو نظر.

ڪين دل ۾ مون تنهن جي خدا کي ڏٺو،
جنهن جي دل ۾ صنم، ڪين آيو نظر.

توسان اظهار ٿو ڪرڻ چاهيان،

توسان اظهار ٿو ڪرڻ چاهيان،
باهه تي ڄڻ ته ٿو هلڻ چاهيان.

هيڪلاين ۾ آ ڪٽيو جيون،
هاڻ تنها نه ٿو رهڻ چاهيان.

پيو ٿو ڳوليان مان روح جي راحت،
رڃ رستن مٿان ٿو وڻ چاهيان.

رنگُ تنهنجَي کڻي چپن جو مان،
پنهنجي ڪوتا ۾ ٿو ڀرڻ چاهيان.

لوڪ سمجهي ٿو، هوءَ نه ٿي سمجهي،
جو اکين ساڻ ٿو چوڻ چاهيان.

ڪين مشروط چاهتون گهرجن،
آءُ آزاد ٿو رهڻ چاهيان.

دلربايون، راهه ۾ رهجي ويون،

دلربايون، راهه ۾ رهجي ويون،
روشنايون، راهه ۾ رهجي ويون.

دل وئي ڪم ڪار ۾ مصروف ٿي،
واندڪايون، راهه ۾ رهجي ويون.

نياز ۽ نوڙت ڀٽائيءَ کان ملي،
سڀ وڏايون، راهه ۾ رهجي ويون.

پاڻ تو وٽ ٿي پڳاسين اجنبي،
آشنايون، راهه ۾ رهجي ويون.

حالتن سنجيدگي ارپي جڏهن،
ڇيڳرايون، راهه ۾ رهجي ويون.

ضابطو دل جي مٿان قائم رهيو.
چلولايون، راهه ۾ رهجي ويون.

روشني آهي راهه آ مون لئه،

روشني آهي راهه آ مون لئه،
منهنجي ڪوتا پناهه آ مون لئه.

پيار ارپڻ ثواب ٿو سمجهان،
دل ڏُکائڻ گناهه آ مون لئه.

آءُ منجهدار ۾ جيئان ٿو پيو،
درد تنهنجو ئي ساهه آ مون لئه.

لمحي لمحي جا چاڪ هن دل تي،
زندگي قتل گاهه آ مون لئه.

ايڏو بي ديد ڪونه ٿيو آهيان،
ڪاٿي مبهم الله آ مون لئه؟

مون ڏٺي آ، اوهان جي نيڻن ۾،

مون ڏٺي آ، اوهان جي نيڻن ۾،
زندگي آ، اوهانجي نيڻن ۾.

مئيڪدن کي ڇڏي ڏنو، جنهن ڪئي،
مئڪشي آ، اوهانجي نيڻن ۾.

رنگ، خوشبو، پرهه جا جلوا ۽،
روشني آ، اوهانجي نيڻن ۾.

نيڻ جڳ جا ڏٺا اٿم ليڪن،
ڳالهه ٻي آ، اوهانجي نيڻن ۾.

ڪوئي پيغام آ محبت جو،
ڪا چٺي آ، اوهانجي نيڻن ۾.

نيٺ “جاويد” کي ملي ويئي،
شاعري آ، اوهانجي نيڻن ۾.