لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا ۽ سنڌي ٻولي

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو سنڌي قوم ۽ سماج جو هڪ اهم ۽ سڄاڻ ماڻھو هو. فقط پنجيتاليھن ورهَن تي پکڙيل پنھنجي ننڍي ڄمار منجهان، ستاويھہ ورھہ هُن عملي سياست ۽ سماجي سرگرمين سميت علمي، تحقيقي ۽ ادبي خدمتون ڪندي گذاريا، جن کيس هڪ ڏاهي، محقق، ٻوليءَ جي ڄاڻُو، اديب، ڪھاڻيڪار، مضمون نويس، تنقيدنگار، مترجم، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ۽ کاهوڙي پُٽ جي سُڃاڻ ڏني. ھي ڪتاب سندس ڇپيل، تحقيق ڪيل ۽ ترجمو ڪيل مضمونن تي مشتمل آھي جيڪي ٽن ڪتابن انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“، ”اچو تہ پنھنجي سنڌي لکت سنواريون“ ۽ ”سنڌي ٻولي: لفظ، لغت ۽ لکيت“ جي صورت ۾ ڇپايا ويا ھيا. 

  • 4.5/5.0
  • 64
  • 16
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا ۽ سنڌي ٻولي

سنڌسلامت پاران


سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري اديب ۽ محقق ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو لکيل ڪتاب ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا ۽ سنڌي ٻولي“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون، جنھن جو سھيڙيندڙ رياضت ٻرڙو آھي.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو سنڌي قوم ۽ سماج جو هڪ اهم ۽ سڄاڻ ماڻھو هو. فقط پنجيتاليھن ورهَن تي پکڙيل پنھنجي ننڍي ڄمار منجهان، ستاويھہ ورھہ هُن عملي سياست ۽ سماجي سرگرمين سميت علمي، تحقيقي ۽ ادبي خدمتون ڪندي گذاريا، جن کيس هڪ ڏاهي، محقق، ٻوليءَ جي ڄاڻُو، اديب، ڪھاڻيڪار، مضمون نويس، تنقيدنگار، مترجم، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ۽ کاهوڙي پُٽ جي سُڃاڻ ڏني. ھي ڪتاب سندس ڇپيل، تحقيق ڪيل ۽ ترجمو ڪيل مضمونن تي مشتمل آھي جيڪي ٽن ڪتابن انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“، ”اچو تہ پنھنجي سنڌي لکت سنواريون“ ۽ ”سنڌي ٻولي: لفظ، لغت ۽ لکيت“ جي صورت ۾ ڇپايا ويا ھيا. 
ھي ڪتاب ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، قنبر پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون رياضت ٻرڙي جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو. 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com

ارپنا

سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي

نامور علمي ۽ ادبي هستين،

جناب سراج الحق ميمڻ ۽

ڊاڪٽر فھميده حسين

جي نالي.

رياضت ٻرڙو

ٻه چار لفظ

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو سنڌي قوم ۽ سماج جو هڪ اهم ۽ سڄاڻ ماڻهو هو. فقط پنجيتاليھن ورهَن تي پکڙيل پنھنجي ننڍي ڄمار منجهان، ستاويھه ورھه هُن عملي سياست ۽ سماجي سرگرمين سميت علمي، تحقيقي ۽ ادبي خدمتون ڪندي گذاريا، جن کيس هڪ ڏاهي، محقق، ٻوليءَ جي ڄاڻُو، اديب، ڪھاڻيڪار، مضمون نويس، تنقيدنگار، مترجم، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ۽ کاهوڙي پُٽ جي سُڃاڻ ڏني. گڏوگڏ، هُو هڪ حساس دل ۽ ٿڌو مزاج رکندڙ ماڻهو به هو. هُو ڪنھن به قسم جي مصلحت ۽ منافقيءَ کي ننديندڙ هو. هُو حقيقي معنى ۾ پورهيت-دوست ۽ پورهئي سان پيار ڪندڙ شخص هو. هن جي محبتي اکڙين منجهه، سچائيءَ ۽ سورهيائيءَ کي چاهيندڙ سندس روحَ کي پَسي سگهبو هو. جن دوستن، عزيزن ۽ قريبن سندس اکڙين ۾ جهاتي پاتي هوندي، تن هن جي ’روح جا رنگ‘ به ڏٺا هوندا! هو دليل جي دنيا ۾، سوالن جي سوچ کي پري تائين پکيڙي ۽ انهن جا ممڪن جواب ووڙي سگهندو هو. سندس سوچ جي سگهه ۾ سائنسيت سمايل هئي، جنھن کيس ڏور-رس ۽ استدلالي نگاھ جو مالڪ بڻايو هو. هُن جي ذهانتَ جي عڪسن کي، سندس سندر اکڙين جي گھرائيءَ؛ مٺڙي ڳالهائڻ جي انداز ۽ ٻھڪندڙ مُنھن جي سوجهري مان چڱيءَ پر محسوس ڪري سگهبو هو. اِها ئي ذهانت ڀَرِي رِيتِ؛ هن جي لکڻين ۾ پڻ اوتيل آهي، جيڪي گذريل ويھارو سالن کان اسان سھيڙيندا رهيا آهيون!

اسان، ڊاڪٽر محبت جي گذريل وِيھن ورسين تي ــــ 1998ع کان 2017ع دوران ــــ سندس لکيل توڙي ترجمو ڪيل اڻويھه ڪتاب پڌرا ڪيا آهن، جڏهن ته ويھين ورسيءَ تي، سندس باري ۾ لکيل مقالن، مضمونن ۽ تاثرن تي جُڙيل ضخيم ڪتاب ”محبت جن جي من“ آندو، ۽ هڪ ڪتاب ”ڊاڪٽر محبت ٻرڙو: شخصيت، فڪر ۽ فن“ 2014ع ۾ ڇپرايو، جڏهن ته ڪجهه ڪتابن جا ٻيا ۽ ٽيان ڇاپا به ڇپيا آهن. ڊاڪٽر محبت جي لکيل تحقيقي مقالن ۽ علمي مضمونن تي مشتمل ڪتابن ۾: ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ 1998ع ۾ پھرين ورسيءَ تي، ”اچو ته پنھنجي سنڌي لکت سنواريون“ 2000ع ۾ ٽينءَ ورسيءَ تي، ۽ ”سنڌي ٻولي: لفظ، لغت ۽ لکيت“ 2003ع ۾ ڇھين ورسيءَ تي ڇپيا هئا، جيڪي گهڻي وقت کان ختم ٿي ويل هئا، ۽ علمي اُڃ هيٺ، اديبن ۽ محققن سميت سڄاڻ پڙهندڙَ انهن ڪتابن جي گُهر ڪري رهيا هئا. موجوده ڪتاب، ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا ۽ سنڌي ٻولي“ ۾، اسان اِن علمي گُهر کي مانُ ڏيندي، ٽنهي ڪتابن جي سمورن مقالن ۽ مضمونن کي، سواءِ هڪ مقالي ’ضميري پڇاڙي ۽ صحيح سنڌي ٻولي‘ جي، هڪ ئي ڪتاب منجهه پيش ڪري رهيا آهيون، جنھن سان، ٻوليءَ، انسائيڪلوپيڊيا، لغت، لکيت ۽ اصطلاحسازيءَ سان لاڳاپيل اهم مقالا ۽ مضمون، ڄڻ ته، هڪ ئي ڪتاب ۾ سھيڙيا ويا آهن. انهن سمورن مقالن ۽ مضمونن کي اسان، ٽنهي ڪتابن جي پھرِيَن ڇاپن ۾ آندل ترتيب موجب ئي رکيو آهي، ته جيئن مقالن جو تسلسل، موضوعي طور، هڪ ٻئي سان ڳنڍيل رهي. ان ئي ريت، ’ضميري پڇاڙين‘ جي سلسلي جا لاڳاپيل مِڙئي مقالا پڻ ڌار، ٻئي گڏيل ڪتاب ۾ پيش ڪيا ويندا، ته جيئن ٻوليءَ جي موضوع وارن اڀياسي مقالن ۽ مضمونن جو سلسلو، ٻن ڪتابن ۾ سھيڙجي وڃي. ٽئين گڏيل ڪتاب ۾؛ ٻن الڳ الڳ ڇپرايل مڪمل ڪتابن: ”ٻوليءَ جو بڻ“، 2002ع ۾ پنجين ورسيءَ تي، ۽ ”ٻول جو بڻ“، 2007ع ۾ ڏهين ورسيءَ تي آندل، کي شامل ڪيو ويندو.

تحقيق جو موضوع تسلسل ۽ مستقل مزاجي گهرندو آهي. اسان ڪوشش ڪئي آهي، ته ان تسلسل ۽ تحقيقي رويي کي برقرار رکون، جنھن جي اڳواڻي، سنڌي ٻوليءَ سان محبت جي جذبي تحت، ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ڳوڙهائپ ۽ خوبين کي کوجيندي، ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ڪئي پئي. هونئن به، محبتَ ڪو وقتي جذبو ته ناهي، ان جي حسناڪي ۽ جماليات سندس لافانيت ۾ ئي ته لڪل آهي!

سدائين گڏ.

رياضت ٻرڙو

4-اپريل 2018ع،   لاڙڪاڻو

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا [1998ع]

---

پيش لفظ

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي، منھنجي محبتي ڀاءُ، جي 9_اپريل 1997ع تي، اوچتي جوانيءَ ۾، وجود ڌوڏيندڙ وفات کان پوءِ، اسان، ڪجهه سنگتي ــــ خاص ڪري ستار هڪڙو، ڀائو در محمد ٻرڙو، خادم رند ۽ مان ــــ اهو ئي سوچي سگهياسون ته سڄاڻ جو پرچار ڪندڙ پنھنجي اداري ’کيرٿر سائنس اڪيڊمي‘، جنھن جو ٻالڪپڻو 1989ع ۾ ’موهن جو دڙو سائنس ڪلب‘ جي نانءُ سان شروع ٿيو، جو نالو ’ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي‘ رکجي ته جيئن پنھنجي ڏيھه لاءِ مڙني ممڪن پاسن کان ذميواريون نڀائيندڙ هڪ ڏاهي سپوت جي مڃتا ڪرڻ سان گڏوگڏ ان جي ڪم جاري رکي ۽ سندس ياد کي حال سان سلهاڙي سگهجي.

ان ريت ’ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي‘ قائم ٿي، جنھن جي منشور ۾ مخلتف علمي ۽ تعليمي موضوعن کي سنڌي ماڻهن لاءِ ارپڻ ۽ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا ڇپرائڻ لاءِ جاکوڙڻ سميت اهو نُڪتو به رکيو ويو ته ڊاڪٽر محبت جي ڪيل سموري قلمي توڻي ليڪچر ڏنل مواد کي ڇپي پڌرو ڪيو ويندو. ’اڪيڊمي‘ جي ان نُڪتي جو هڪ عملي ۽ علمي روپ ڊاڪٽر محبت جو هيءُ ڪتاب ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ آهي. انسائيڪلوپيڊيا جي حوالي سان ڊاڪٽر محبت 1991ع ۾ ڪم شروع ڪيو، پر پوءِ کيس محسوس ٿيو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ انسائيڪلوپيڊيا ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته سائنسي ۽ فني اصطلاحسازي به سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود هجي. ان گهرج کي منھن ڏيڻ لاءِ ڊاڪٽر محبت ٻول گهاڙيتو ۽ سنڌيءَ ۾ سائنسي ۽ فني اصطلاحسازي مقالا لکيا، پر جيئن ته انسائيڪلوپيڊيا توڻي اصطلاحسازي تي ڪم ڪرڻُ بنا وسيلن واري ڪنهن هڪ فرد جي دائري کان گهڻو ٻاهر هيو، ۽ زندگي به ڊاڪٽر کي وڌيڪ وقت نه ڏئي سگهي، جنھنڪري اهو اهم ترين ڪم گهڻو اڳتي وڌڻ کان رهجي ويو.

اسان، هن ڪتاب ۾، ڊاڪٽر محبت پاران انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا ۽ اصطلاحسازي جي سلسلي ۾ ڪيل سموري سڌاريل ۽ چڪاسيل ڪم کي، موضوع ۽ مواد آڏو رکي، مرتب ڪري، سنڌي ماڻهن لاءِ پيش ڪيو آهي. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا جوڙڻ لاءِ ڊاڪٽر محبت جي ڏسيل واٽ تي ’ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي‘ ڪم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.

رياضت ٻرڙو

  1. 03. 25

قمبر

***

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا - ٿوري ڄاڻ سڃاڻ

انساني سمجهه:

ماڻهوءَ جو اوائلي استاد پورهيو آهي ۽ قدرت ماڻهوءَ سميت هر ساهواري جي ماءُ. اڻٿڪ پورهيي نه رڳو ماڻهوءَ جي حياتيءَ کي سولو ڪيو پر سمجهه به ڏني. انساني سمجهه ئي آهي جيڪا ماڻهوءَ - جھڙي - ساهواري کي جانورن - جھڙي - زندگيءَ مان ڪڍي انساني سماج ۾ وٺي آئي. سمجهه جو اهڃاڻ اڄ کان 10-لک ورهيه اڳ تائين پڪ سان ۽ ڪاٿي موجب 30-لک ورهيه اڳ تائين ملن ٿا. اڄ کان 5 - هزار ورهيه اڳ تائين وارا ماڻهوءَ - سمجهه جا اهڃاڻ ماڻهن جي جوڙيل ۽ خلقيل پٿر جي اوزارن، ٿانوَن ۽ گهرن جي صورت ۾ ملن ٿا. سندن ڏاڪي به ڏاڪي وڌندڙ، سڌرندڙ، سلجندڙ ۽ نت نيون جوڙون جوڙيندڙ سمجهه هر ڏينھن نسبتاً سوَلي، ستابي، سُکي ۽ سونھن ڀري ٿيندڙ حياتيءَ مان چٽيءَ طرح بَکي ٿي جنھن جو قصو ڏهاڙي سڌرندڙ ۽ سڻائو ٿيندڙ شڪاري اوزارن، گهريلو واهپي جي شين، ٻني ٻاري ۽ پوکي راهيءَ جي زباني اڄ به ”ٻڌي“، ڏسي ۽ سمجهي سگهجي ٿو. هيءُ قصو ڏکن سورن، اهنجن ايذائن، بردباين ۽ دليرين، سُکن ۽ ستابائين، ارڏاين ۽ اوچاين، سورهيائيُن ۽ سرويچائيُن جو رنگارنگ تپرس ۾ وجهندڙ ڪيڏارو  يا جنگ  نامو آهي.

ٻولي:

انساني سمجهه جي اظھار جو ٻيو روپ، سوچن جو ”ڌاتوئي“ خول، ٻولي آهي. ڪروڙين قسمن جا ساهوارا ڪو به واڪو (آواز يا لفظ) اچاري نه ٿا سگهن، اهي رڳو رنگن ۽ ڳنڌن (”سنڳنڌن“ ۽ ”ڪُڳنڌن“) جي ”ٻولي“ سمجهن ٿا، گاهه، ٻوٽا ۽ وڻ، لکين قسمن جا جيت ۽ ٻن چئن کان سواءِ باقي سڀ قسم جون مڇيون ڪو به واڪو (آواز، لفظ) ڪو نه ٿيون ڪڍن ۽ خاص طرح وڻ ٽڻ ۽ جيت جڻيا رڳو رنگ ۽ ڳنڌ وسيلي ئي فطري لڳ لاڳاپي، پيار، پنھنجائپ ۽ ”سمجهه“ جو اظھار ڪن ٿا. واڪيندڙ ساهوارن ۾ ڪجهه ٿورن کان سواءِ باقي سڀ ٽن چئن قسمن جي واڪي وسيلي ئي پنھنجي ”سمجهه“ ظاهر ڪن ٿا ــــ تِــڏِ کان تِــتَــرَ تائين، ڏيڏر کان ڏاگهي تائين، جهرڪيءَ کان جهنگلي جانور تائين، سڀ ساهوارا ڪي چند قسمن جا واڪا ڪري پنھنجي سَڏ، سُڌ، سَونسي، خرابيءَ ۽ خطري جي خبر ڏين ٿا. ماڻهو به ڪجهه اهڙن، ٿورن ۽ گهگهن واڪن جي سوڙهيءَ دنيا کان پنھنجيءَ وڌندڙ ۽ ويجهندڙ سمجهه سبب نت نوَن ۽ ڏينھون ڏينھن بدلجندي سولو ۽ مٺو ٿيندڙِ  واڪن (آوازن، لفظن، ٻولن) وسيلي پنھنجي سمجهه پڌري پئي ڪئي آهي. اڄ نوبت اتي وڃي پھتي آهي جو هر سڌريل ٻوليءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک قسمن جا واڪا (ٻول، لفظ، آواز) موجود آهن ۽ سڌريل ٻولين جي ڳڻپ 5 ــ سَو کان گهٽ نه آهي.

لکيت:

سمجهه ۽ ٻولن کي تصويرن، لِيڪُن ۽ نشانن وسيلي ظاهر ڪرڻ جي تاريخ 5-هزار سال کن پراڻي آهي، سنڌ، چين، مصر ۽ ــ بابل نينوا ــ سمير جون سڀيتائون پنھنجن پنھنجن تھذيبي، تمدني، عملي ۽ ادبي خزانن سان مالا مال پنھنجي پنھنجي اوج وارن ڏينھن ۾ ٻولين جي شاندار واڌ ۽ لکيت جو ڏس پتو ڏين ٿيون، انهن کان پوءِ علم ۽ ادب، فلسفي ۽ سائنس جي روشني ايشيا کان وڌي وڃي يورپ ۾ پھتي. يونانين ٻوليءَ ۽ لکيت کي جيڪي رنگ روپ ۽ نقش ڏنا اهي بيشڪ ساراهه جوڳا آهن. هنن هنر، فن ۽ سائنس جي سوين شعبن ۾ پنھنجيءَ ٻوليءَ کي هزارين لفظن سان مھڪايو ۽ تحرير (لکيت) وسيلي سنڀالي رکيو. يوناني سڀيتا جي تباهيءَ سان گڏ علم ۽ ادب جو مرڪز هڪ ڀيرو وري عرب ۽ فارس جي ڌرتيءَ ڏانھن موٽيو. چيني سڀيتا پنھنجي سونھن برقرار رکندي پئي آئي جڏهن ته ”اڻڄاتل دنيا“ (اتر اميريڪا کنڊ ۽ ڏکڻ اميريڪا کنڊ) ۾ پڻ مايا جھڙين سڀيتائُن چلڪاٽ پئي ڪيا. هڪ ڀيرو وري يورپ جي اونداهي ڇٽڻ لڳي ۽ هنر، فن، فلسفي، سائنس ۽ سڀيتا جي نئين ٻھڪار ڦٽي پئي. هاڻي باقاعدي شعوري ڪوشش ڪري ٻوليءَ کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ جو ڪم شروع ٿي ويو ۽ سڀ قسم جون لکڻيون عام ماڻهن تائين به پھچڻ لڳيون.

انسائيڪلوپيڊيا:

اڄوڪيءَ دنيا وٽ علم ادب هزارين روپن ۾ ظاهر ٿي رهيو آهي. فلسفو، ادب، فن ۽ هنر ۽ سائنسون ـــــ قدرتي سائنسون، سماجي سائنسون، طبي سائنسون، هنري سائنسون، انتظامي سائنسون، جنگي سائنسون، انگي سائنسون وغيره ۽ هر شعبي جا ڪيترائي ٿُـڙُ، هر ٿـڙ جون سوين ٽاريون جن ۾ وري سوين مکڙيون ۽ پن، گل ۽ گونچ ۽ ميوا موجود. سونَ مٿان سهاڳو وري هيءُ جو ان قسم جي لڳ ڀڳ هرَ گل، ميوي، ٿـڙ، پاڙ، ٽاريءَ ۽ پن تي سوين ڪتاب لکجي چڪا آهن.

ايترين، سوين هزار علمي نعمتن جي وَٽَ وٺڻ ۽ چشڪو چکڻ هر ماڻهوءَ لاءِ رڳو ان ڪري ممڪن ناهي جو هر ماڻهو هر شعبي جي مناسب ڄاڻ پرائڻ لاءِ گهڻن ئي ڪتابن تائين پھچي ڪو نه ٿو سگهي. ماڻهن جي علمي سمجهه وڌائڻ جي سِڪ ۽ سَڌَ رکندڙ ڏاهن ان جو حل ايئن ڳولي ڪڍيو ته ڪو اهڙو ڪتاب جوڙجي جنھن ۾ علم ادب جي هر شعبي جو ست سمايل هجي. انهيءَ گهڻيءَ ڄاڻ واري موتين ــ مالها ۽ گهڻ شاخي هيري کاڻ جو نالو آهي انسائيڪلو پيڊيا.

انسائيڪلوپيڊيا يوناني لفظ اينڪائيڪلوپيڊيا (Enkyklopaedia) جو انگريزي اچار آهي. انسائيڪلوپيڊيا جو مطلب آهي گهيرو (گول، دائرو) يا تعليم (ڄاڻ، سکيا) جو مڪمل سرشتو يعني سڀ طرفي ڄاڻ.

پهريَن انسائيڪلوپيڊيائن کي وسيع پيماني تي سادي سِڌي نموني ڊڪشنري (لغت، ٻولَسُڌ) سڏيو پئي ويو يا وري ”سرهائيءَ جو باغ“. جڏهن پھريون ڀيرو جرئت ڪري اسڪالش نالي ماڻهوءَ انسائيڪلوپيڊيا لفظ ڪم آندو تڏهن ان کي گهڻي ڀليڪار نه ملي، تان جو ڊيِنس ڊائڊروٽ ان کي تاريخي حيثيت وارو فرينچ انسائيڪلوپيڊيا لکي عام جام ڪيو. انسائيڪلوپيڊيا جي متبادل طور هڪ لفظ سائيڪلو پيڊيا به ڪم ايندو ۽ قابل قبول ٿيندو رهيو آهي.

انسائيڪلوپيڊيا لفظ جي معنى ۾ به تاريخي اوسر سان گڏ تبديلي ايندي رهي آهي. اڄوڪا گهڻا ماڻهو انسائيڪلوپيڊيا کي سموري ميسر ڄاڻ جو گهڻ جُلدي ميڙ (مچو) سمجهن ٿا جنھن کي نقشن ۽ تفصيلي پنوتريءَ سان گڏوگڏ ڪتابِسُــڌَن (ببليوگرافيز)، تصويرن، خاڪن، ننڍاڙن (تخفيفن) ۽ پرڏيھي محاورن (اصطلاحن)، ڏيھه سُڌن (گزيٽيئرز) ۽ اهڙي ٻين شين سان سڌاريو ويو هجي.

اڄ به هڪ جديد انسائيڪلوپيڊيا کي هڪ ڊڪشنري (لغت، ٻولَسُڌ) سڏي سگهجي ٿو پر ڪنھن به ڊڪشنريءَ، تان جو سٺي ڊڪشنريءَ کي به اڃا سوڌو انسائيڪلوپيڊيا نه سڏيو ويو آهي.

انسائيڪلوپيڊيا جي ٿوري تاريخ:

انسائيڪلوپيڊيا جي تاريخ لڳ ڀڳ 2-هزار ورهيه پراڻي آهي پر انسائيڪلوپيڊيا جو جديد روپ ڪي 5-سَـؤ سال کن اڳ نروار ٿيڻ شروع ٿيو.

انسائيڪلوپيڊيا جا اُهڃاڻ ”اوڀر“ (مشرق) ۾ ”اولھه“ (مغرب) کان وڌيڪ آڳاٽا سمجهيا وڃن ٿا.

پھرين انسائيڪلوپيڊيا جو ڏس پتو چين ۾ ملي ٿو جيڪو 2-هزار ورهيه کن اڳ لکيو ويو ۽ پوءِ ان کي نت نئون ٺاهڻ بدران جھڙوڪر ساڳيو ئي ورجائبو پئي رهيو. ان جي جوڙجڪ ۾ نمايان  اڪابرن حصو ورتو پر پوءِ به اهو ڄڻڪ چونڊ ادبي تخليقن جو ڳٽڪو هو ۽ منجهس ڪجهه عنصر ڊڪشنري (لغت، ٻولسڌ) جھڙو هو. ان جو گهڻي ۾ گهڻو واهپو انتظامي معاملن لاءِ شھري عھديدار تيار ڪرڻ جي سلسلي ۾ ٿيو. پھرين ڄاتل چيني انسائيڪلوپيڊيا هُئانگ-لَئن (شھنشاھ جو آئينو) شھنشاھ جي حڪم تي 220ع ڌاري تيار ڪيو ويو. ان جو ڪو به حصو ڪونه ٿو ملي. 600ع ۾ تيار ڪيل پائِينِ-چُو (ادبي موتين مالها، ادب جا پويل موتي) جو ڪجهه حصو اڄ به ملي ٿو.  620ع ۾ 100 بابن ۽ 47 حصن ۾ ورهايل آءِ-وين لِــئِي-چُـو (فن ۽ ادب جو جهڳٽو) اوُ-يانگ هُسوُنِ تيار ڪيو. انهن کان پوءِ پِئيِ-تانگ شُ-چاو (ڪتابن جو سَتُ)، چوُــ هُسُئيه چِي (تعليمي سکيا ۾ داخلا) ۽ توُنگ -تائين (ذهين پتلا) جڙي راس ٿيا. تــوُنگ-تائين کي وين هسِيئنِ تُـنگ ڪاؤ (ادبي بچتن جو عام اڀياس) وسيلي زبردست واڌ ڏني وئي ۽ اهو سوين ويس پھريندو ۽ بدلائيندو نئين زماني جون نيون شيون جذب ڪندو لُو اَره-ڪُوئِي جي تخليق تزُو-يُـئانِ جي نالي سان 1915ع ۾ پڌرو ٿيو جنھن کي 1931ع ۾ اڃا به وڌايو ويو. دنيا ۾ شايد سڀ کان وڏو انسائيڪلوپيڊيا يُـنگ-لو-تا-تيئنِ (مھان ڪتاب) هو جيڪو پندرهين صديءَ جي منڍ ۾ ظاهر ڪيو ويو. نڀاڳ چَئجي جو ان جي 22-هزار، 9-سَـو 37-بابن مان ٿورو حصو ئي زماني جي لاهين چاڙهين کان بچي سگهيو. ڪيترائي ٻيا ننڍا ننڍا انسائيڪلوپيڊيا ڇپيا پر ڪارائتو وري سَين توسائي تُو-هُئِي (1607) هو جيڪو هيو ته ننڍو پر تصويرن سان سينگاريل هو.

افلاطون جي ڀائٽي، سپيوسيپس (مرڻو 338 - 339ع ق.م) جي لکت جا ڪجهه ٽُڪرا ئي بچي سگهيا آهن جيڪي يورپ ۾ لکيل پھرين انسائيڪلوپيڊيا جو حصو ڳڻيا وڃن ٿا. سپيوسيپس قدرتي تاري، مئٿميٽڪس (انگ+اڀياس=انگڀياس)، فلسفي ۽ ٻين موضوعن تي پنھنجي چاچي جي خيالن کي لکڻي وسيلي ظاهر ڪيو. ارسطو جا لائسيَم ۾ مختلف موضوعن تي ليڪچر پڻ اثرائتا هئا. افلاطون ۽ ارسطو ئي انسائيڪلو پيڊيا، ذهين ثقافتي پس منظر کي اجاگر ڪندڙ ڪتاب، جو پايو وجهندڙ ثابت ٿيا.

ڪيٽو دي سينسَر کي روم ۾ ”پنھنجي پٽ کي نصيحت“ (لڳ ڀڳ 183 ق. م) نالي خَـطن لکڻ ڪري انسائيڪلوپيڊيا جي پھرين ليکڪ طور سڃاتو وڃي ٿو. انهن خطن ۾ زندگي گذارڻ ۽ ماڻهن جي رهنمائي ڪرڻ بابت زبري ڄاڻ ملي ٿي. هاڻي اهي خط اڻلڀ آهن. ان کان پوءِ هڪ ملهائتي ڪوشش هڪ اڪابر اطالوي ليکڪ مارڪَس ٽيرينشس پنھنجن ڊسيپِليناريَـم ليبري-9 (تعليمي سکيا جا نَـوَ ڪتاب)، ”شيُن جا يادگار قَاعدا، الوهي ۽ انساني“  ۽ ”سوچون“ (خيال) نالي ڪتابن ۾ فن، انساني ڪاوشن ۽ رومي ماڻهن جي زندگين تي روشني وڌل هئي، پر سڀني کان اهم ليک پِلاِئني جو هسٽَريا نيچرَلِس (قدرت جي تاريخ) آهي جنھن ۾ ڄاڻ کي درجي بند ڪري ڳٽڪن جي صورت ۾ بيان ڪيو ويو آهي.

رَئبَـنَـس مارَس (ڄَمُ، لڳ ڀڳ 776 - مرڻو 856ع)، جيڪو انگريز عالم الڪُوئِن جو لائق شاگرد هو، جي ڪتاب ڊِي يونيورسو (سنسار بابت) ڊگهي ناماچاري ماڻي ۽ وچين دور ۾ اثرائتو رهيو. ان کان پوءِ ڪيتريون ئي ٻيون ڪوششون به ڪتابي صورت ۾ پڌريون ٿيون. ڊيِ او منيفاريا ڊاڪٽرينا (ڀانت ڀانت جا نظريا) انساني ۽ سائنسي ڄاڻ بابت سوالن ۽ جوابن جي صورت ۾ لکيل هو. هنن ئي ڏينھن ۾ ڌرمي ڇاپ کان آجي ۽ وَڏ ــ شھري (ميٽرو پوليٽن) تعليم ۽ ڄاڻ لاءِ سِڪ وڌي رهي هئي. هَگ آف سينٽ-وڪٽر (ڄم، شايد 1096 - مرڻو 1141ع ) پنھنجو ڊِڊا سڪيليَـن، جنھن ۾ علمي معاملن سان گڏوگڏ آجن فَـنَن (لبرل آرٽس) تي وڌَيڪ ڌيان ڏنل هو، ڄاڻ جي زبردست درجي بندي تي مضبوطي سان بيھاريو. ان ايندڙ انسائيڪلوپيڊيائن تي پنھنجو سٺو اثر ڇڏيو. لڳ ڀڳ انهن ئي ڏينھن ۾ هڪ انسائيڪلو پيڊيائي ڊڪشنري جنھن کي سُئداس سڏجي ٿو، الف ــ ب وار ترتيب ڏنل مواد سان ظاهر ٿي پراڻين روايتن کي ڀڃي ڇڏيو. ان ۾ اهڙي ته زبري ڄاڻ ڏنل هئي جو ايندڙ صدين ۾ اهو هڪ اهم وسيلي طور پنھنجي حيثيت برقرار رکي سگهيو، پر وچين دور ۾ سڀ کان وڌيڪ نمايان ۽ لاڀائتو ونسينٽ آف بِيووائِس جو اسپيڪيولم ميجس (وڏو آئينو) ثابت ٿيو. هيءَ لکيت 10-هزار بابَن تي پکڙيل 80-ڪتابن ۾ سھيڙيل هئي. وِنسينٽ بنيادي طرح ليکڪ ڪو نه هو پر سندس اورچ ڪشالو لاڀائتو ثابت ٿيو. قَد بت ۾ هن کان وڏو ڪتاب 18-صدي جي وچ تائين پڌرو نه ٿي سگهيو.

عربيءَ ۾ لکيل انسائيڪلو پيڊيائن کي ٿلهي ليکي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪڙا انهن ماڻهن لاءِ جن پاڻ کي سٺي نموني سڌير رکڻُ ۽ ثقافتي ورثي جو پورو پورو واهپو ڪرڻ پئي گهريو ۽ ٻيا سرڪاري انتظام رکندڙ جي وڌندڙ انگ لاءِ. انسائيڪلوپيڊيا جو پويون نمونو تڏهن وجود ۾ آيو جڏهن عربن ڀونوچ (ميڊيٽيرانين) علائقي جي گهڻن حصن ۾ حڪمراني قائم ڪري ورتي. پھريون حقيقي انسائيڪلوپيڊيا ابن قُتيبـﮧ (828-889ع) نالي هڪ استاد ۽ ٻولَسڌ ڄاڻو (فلالاجسٽ، لغاتي علم جي ماهر) جي تخليق هو، جنھن پنھنجي ڪتاب جي عنوانن جي ڄاڻ هيٺ روايتي پھاڪا (چوڻيون)، تاريخي مثال ۽ پراڻا عربي گيت ڏنا، سندس ڪتاب عُيون الاخبار (ڀلوڙ روايتون) واري ترتيب ۽ مواد پوءِ ظاهر ٿيندڙ انسائيڪلو پيڊيائن لاءِ پنھنجا نقش ڇڏيا. هن ترتيب موجب ڏهه ڪتاب رٿيا ويا: سگهه (قوت، اقتدار)، ويڙهه (جنگ)، شرافت (نوبلٽي)، ڪردار، علم پرائڻ ۽ خوشگفتاري (فصاحت)، پوڄا (عبادت)، تپسيا (رياضت)، سنگت (دوستي)، کاڌو (کاڄ) ۽ عورت. ابن عبدالربيـﮧ پنھنجي ڪتاب عقد (مالها) ۾ پنھنجي وقت جا ڪيترائي اصطلاح گڏ ڪري قتيبــﮧ جي ڪتاب سان ملائي ظاهر ڪيا. مفاتيح العلوم (علمن يا سائنس جي ڪنجي) کي ڀُل وچان پھريون انسائيڪلوپيڊيا ڳڻيو ويندو آهي پر اهو پارسي عالم الخوارزمي، جيڪو ڪيترين ئي يوناني لکڻين جو چڱيءَ پرِ ڄاڻو هو، 975-995ع ۾ ترتيب ڏنو هو. ڏهين صديءَ ۾ بصري ۾ ٺاهيل مذهبي يا سياسي جماعت اخوان صفا (مخلص ڀائپي) رسائلِ اخوان صفا نالي ڀلوڙ ڪتاب ترتيب ڏنو جنھن ۾ پنجن ليکڪن جا 52 ڪتابڙا گڏ ڪيا ويا جن ۾ هلندڙ هزار سالن جي ڄاڻ ڏنل هئي. لکڻيءَ ۾ (1) انگڀاس، جاگرافي، موسيقي، منطق ۽ لڇڻڀياس (لڇڻ+ اڀياس= ايسٿيٽڪس)، (2) قدرتي سائنسون ۽ فلسفو، (3) مَٿَ فزڪس (ميٽا فزڪس) ۽ (4) مذهب، جوتش (نجوم) ۽ جادو شامل هئا. مڪمل ڇاپو 1887-1889ع ۾ ظاهر ٿيو.

مصر ۾، ملوڪ دور ۾ رٿيل انسائيڪلو پيڊيائن ۾ نھايت العرب في فنون الادب (ادبي فنن ۾ ڏاهه جو مقصد)، لڳ ڀڳ 9-هزار صفحن تي جوڙيل انسائيڪلوپيڊيا وڌيڪ اهم آهي جنهن ۾ (1) جاگرافي، آڪاس ڄاڻ، آبھوا ڄاڻ، تواريخي ڄاڻ (ڪرانالاجي)، ڀُون اڀياس (جيالاجي)، (2) ماڻهو [لِڱڀياس (ايناٽمي)، لوڪ ادب، ميل جول، سياست]، (3) پسون ڀياسِ (زولاجي، حيوانات)، (4) اوڀڙ ڀياس (باٽني، نباتيات) ۽ (5) تاريخ ڏنل آهي. 1923ع ۾ مڪمل ڇاپو ظاهر ٿيو.

هورٽس ڊيليساريم شايد پھرين عورت هئي جنھن پنھنجيءَ چارج هيٺ پادرياڻين (ننس) جي تعليم لاءِ 636 ننڍڙيون تصويرون رکندڙ انسائيڪلوپيڊيا ڇپرايو. بارٿولو مائِيَس انگليڪس پنھنجو انسائيڪلوپيڊيا ڊِي پروپرائيٽاٽِبيس ريرَم سينٽ آئسيڊور۽ پلائني جي لکتن تي پيڙهه رکندي ترتيب ڏنو.

جپان ۾ ’ايڊو‘ يا ’توڪُو گاوا‘ دور (1603-1867) هلندي هڪ قسم جو انسائيڪلو پيڊيا، جنھن ۾ اهم جپاني ۽ چيني ادب مان چونڊ ٽڪرا گڏ ڪيل هئا، ڪو جِيرُوئِين (51-جُلد، 1879-1914) ۽ نِھَن-هياڪا-ڊائيجِيٽين يعني ”وڏو (مهانَ) جَپاني انسائيڪلوپيڊيا“ (10-جُلد، 1908-1919 ) جديد انسائيڪلوپيڊيا سان  ملندڙ  هئا  پر انهن  ۾  گهڻي  ڀاڱي رڳو سائنسي ڄاڻ ڏنل هئي. ”شووا“ دور (1926-) ۾ وڌيڪ مڪمل انسائيڪلوپيڊيا ظاهر ٿيا جيئن ڊائِي-هياڪا (28-جلد 1931-1935)، ڪوڪُومِن ــ هياڪا (15-جلد، 1934- 1936)، سيڪائِي - ڊائي - هياڪا (24 -جلد، 1955) ۽ جپانيڪا (19-جلد، 1967- 1972ع) سٺي نموني تيار ٿيل لکڻين جا مثال آهن.

پارسي قانوندان ڌوواني (1427-1501) هڪ قسم جو انسائيڪلوپيڊيا انھداغ العلوم ڇپرايو جنھن ۾ هنري ايجادن بابت سوال جواب ۾ دستاويزي ڄاڻ ڏنل هئي.

سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ۾ جديد انسائيڪلوپيڊيا جنم ورتو. فرانسِس بيڪن جو انسٽاريشيو مئگنا لکڻ مھل مقصد اهو ئي هو ته سائنسن، فنن ۽ سموري انساني ڄاڻ کي ٺيڪ ٺاڪ بنيادن تي بيھاري سگهجي ته جيئن شيُن ۽ ذهن جي وچ ۾ سٺي ۽ حقيقي گهرائي جوڙي سگهجي. ان سڄي رٿيل مانڊاڻ جو رڳو ڪجهه حصو ئي ڇپجي سگهيو پر ليکڪ 130 ننڍا حصا ٽن وڏن حصن ۾ ورهائي ترتيب ڏيڻ جو سوچيو هو: ٻاهرين قدرت، ماڻهو ۽ قدرت مٿان ماڻهوءَ جو عمل.

ٻارهين صديءَ تائين ڪو به انسائيڪلوپيڊيا الف-ب جي ترتيب سان ڇپجي پڌرو نه ٿيو هو. سئداس پھريون ڀيرو الف-ب جي ترتيب سان ظاهر ٿيو. زارا ۽ السٽيڊ جا انسائيڪلوپيڊيا هڪ سٺي رٿابنديءَ پٽاندڙ رٿيل هئا. پر گوءِ سڀني کان لوئي موريرِي کٽي ويو جنهن الف-ب وار ترتيب ڏئي گرانڊ ڊڪشنري هسٽارڪ (مھان تاريخي ٻولَسڌ) لکي بھترين اثر ڇڏيو. ان ۾ جاگرافيءَ ۽ شخصيتن جي جيون-ڪٿا بابت گهڻو مواد ڏنل هو. اينٽوني فورٽيئر جي ڪتاب ڊڪشنري يونيورسل ڊيس آرٽس ايٽ سائنس (فن ۽ سائنس جي سنساري ٻولسڌ) جي آڇ ايڏي عوامي هئي جو ان ڪنھن به انسائيڪلوپيڊيا کي عوام کان پري رکڻ بابت سمورا شڪ شبھا ڊاهي ڇڏيا ۽ اهڙيءَ طرح سائنس ۽ فن کي ملائي جديد ثقافت، سائنس ۽ هنر (ٽيڪنالاجي) ۾ وڌندڙ عوامي چَس جي حقيقي فطرت ظاهر ڪئي.

پھريون ڏيھي فرنيچ انسائيڪلوپيڊيا چارلس ايسٽيني (1504-1564) جو ڊڪشنريم هسٽوريم جياگرافيڪم ايٽ پوئيٽِيڪم (تاريخي، جاگرافيائي ۽ شاعراڻو ٻولسڌ) 1553ع تائين ڇپجي سگهيو. پنھنجيءَ ٻوليءَ ۾ انسائيڪلو پيڊيائن لاءِ فرينچن کي اڃا به ٻين قومن جي انسائيڪلو پيڊيائن، جيئن پيڊوميڪسيڪا جو ليس ڊائوَرسيس ليزنس (ڀانت ڀانت جا سبق، 1552) تي ڀاڙڻو هو. جان هئرس جو ليگزيڪم ٽيڪنيڪم (هنري ٻولسڌ، 1704ع) وڌيڪ اثرائتو ۽ جديد وسيلن جو مظھر ٿي ميدان تي آيو. ان ۾ فرانس جي انسائيڪلوپيڊيائن تان ڪيل ترجما پڻ شامل هئا. فرانس ۾ ڊائڊروٽ ۽ اليمبرٽ وڏي پيماني تي عمدو فلسفيانه نموني جو ايل انسائيڪلوپيڊيا ظاهر ڪيو. سوچ هيٺ آڻي سگهڻ جھڙي هر موضوع تي لکڻ جي لحاظ کان هن انسائيڪلوپيڊيا ۾ ڪيتريون ئي کوٽون هيون. انهن سڀني کوٽن خامين کان پاڪ رکڻ جو پھه ڪندي انسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪا جو پھريون ڇاپو (1768-1771ع) ڇپجي پڌرو ٿيو.

جرمنيءَ ۾ ان وقت تائين پرڏيھي انسائيڪلوپيڊيائن جي ترجمن تي ڀاڙيو پئي ويو. هاڻي اتي به وڌندڙ وچين طبقي جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي هڪ سڌريل سماج لاءِ ثقافتي منظر رکندڙ انسائيڪلوپيڊيا جي گهرج هئي. اليگمِينيس ليگزيڪان (1721) جوهَن ٿِيوڊور جئبلوننسڪي سنواري سينگاري پيش ڪيو. ان کان پوءِ جوهن هيمزخ زيڊلر جو زبرو ڪتاب گراسيس وولِسٽينڊگز يونيورسل ليگزيڪان (انتھائي ڳُوڙهو/ رچيل سنساري ٻولسڌ، 1732-1750) جيتوڻيڪ پراڻي ڍنگ تي لکيل هو پر ان جي اهميت ڇنڊيل ڇاڻيل ٺيڪ ٺاڪ ڄاڻ ۽ جيون-ڪٿا، ڪتابَسُڌ (ببليوگرافي) واري مواد سبب وڌيل آهي. ڪنوَرسيشنس-ليگزيڪان (1796-1811) ٺيڪ ٺاڪ تازي تواني ۽ ڳُوڙهي رچيل ڄاڻ مھيا ڪرڻ سبب وڌيڪ سرسو رهيو ۽ ايندڙ صدين ۾ يورپ جي انسائيڪلوپيڊيائن تي زبردست اثر ڇڏيائين. هن ڪتاب ۾ فريڊرڪ ارنالڊ بروخاس جرمن ماڻهن جي حقيقي گهرج پوري ڪئي.

اڻويھين صديءَ ۾، چيمبر جو سائيڪلوپيڊيا جي سڌاريندڙ ابراهام رِيس نيٺ نج ۽ سٺي نموني سينگاريل ڊِي نِيُو سائيڪلوپيڊيا (1802-1820) پيش ڪيو جنھن کي برٽانيڪا جو رقيب سمجهيو وڃي ٿو.

نوح ويبسٽر جو گهڻي ڄاڻ مھيا ڪندڙ اميريڪن ڊڪشنري آف ديِ انگلش لئنگُئيج (انگريزي ٻوليءَ جو اميريڪي ٻولسڌ) فطري طرح انسائيڪلوپيڊيا هو جيڪو بروخاس ۽ لوراس جي انسائيڪلوپيڊيائن جيان دور ٺاهيندڙ ثابت ٿيو. ويبسٽر جي ڪتاب اميريڪي عوام کي نئين چس ڏئي ان جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪائي ورتو.

اڻويھين صديءَ ۾ برطانيا اندر سڀ انسائيڪلوپيڊيا ۽ سندس جوڙيندڙ جھڙوڪر ٿڪجي پيا. انهيءَ وڪڙ ۾ نه ڦاٿو ته اهو هو چيمبرس انسائيڪلوپيڊيا (1860-1868). پر هاڻي دنيا جي ڪيترن ئي ڏيھن ۾ انسائيڪلوپيڊيا زور وٺي رهيو هو. انسائيڪلوپيڊيا پوزيچنا (1858-1868) پولئنڊ ۾، ۽ بوهيميائي سلونِڪ ناڪني (سائنسي) ٻولسڌ (1860-1890) سان ريس ڪندي هنگريَن ايجلئٽيميز ميگيار انسائيڪلوپيڊيا (سنساري هنگرين انسائيڪلوپيڊيا، 1861-1876) پيش ڪيا ويا. روسين وري وِي-اين-تاتيشيف جو ليڪسيڪن روسسڪوئاءِ (روسي ٻولسڌ) جو  اڌڙ  انسائيڪلوپيڊيا  1873ع ۾ ظاهر ڪيو ويو ۽ پوءِ بروخاس جي طرز تي اي-اسٽار چيوسڪي جو اسپراووچني اينتسائيڪلوپيڊيچيسڪي سِلووَر (انسائيڪلوپيڊيائي ريفرنس ٻولسڌ، 1855-1873) پڌرو ڪيو. وڌيڪ اهم اينتسائيڪلوپيڊيچيسڪي سِلووَر (1875) هو جنھن کي ان جي ڇپائيندڙ ”گرئناٿ رشين ببليوگرافيڪل انسٽيٽيوٽ“ جي نالي پٺيان ”گرئناٿ“ سڏيو وڃي ٿو. 58-جُلدن ۾ گرئناٿ جو پوءِ آيل ڇاپو  (1910-1948) برٽانيڪا جي طرز تي جوڙيل آهي پر ان ۾ انقلاب کان پوءِ بدليل حالتن جو ثقافتي اولڙو چٽو نظر اچي ٿو.

لاروس بنا مقابلي نه رهيو. لا گرانڊ اينسائيڪلوپيڊيا (1866- 1902 ) فرانس کي نھايت مانائتي، ڀروسي جوڳيِ  ۽ ڳُوڙهي رچيل سڀ طرفي ڄاڻ سان ٽمٽار، دستاويزي لکيت موجود ڪري ڏني. ڊنمارڪ ۾ اڻويھين صديءَ جي پڄاڻي ٽن سٺن گهڻ جُلدي انسائيڪلوپيڊيائن سان ٿي: اَلَرس (1892-1899)، هيگرَپس (1892- 1900) ۽ سَلمونسينس (1893-1911) جن جو انسائيڪلوپيڊيائن جي تاريخ ۾ ڪو مثال ڪونهي. اڻويھين صديءَ جي پڄاڻيءَ تائين جديد انسائيڪلوپيڊيا پنھنجي سموري سونھن ۽ ساڀيا کي رسي چڪو هو.

بِروخاس جي روسي ڇاپي (1890-1906) کي جوڳي سرسي ملي. ايس-اين-يُوشاڪ بولشيا اينتسائيڪلوپيڊيا (مھان انسائيڪلوپيڊيا، 1900-1909) ”ميير“ طرز تي پيش ڪيو، پر گرئناٿ کان پوءِ اهم انسائيڪلوپيڊيا 65-جُلدن تي پکڙيل بيولشيا سُويستڪايا اينتسائيڪلوپيڊيا (مھان سويت انسائيڪلوپيڊيا 1926-1947) شايع ٿيو، جنھن جو ٻيو ڇاپو مارڪسي ــ لينني نڪتهءِ نظر موجب پيش ڪيو ويو هو. ان ۾ لڳ ڀڳ سڄي سويت يونين جي ثقافتي وسيلن کي اجاگر ڪيو ويو هو. 8-هزار عالمن جا ڪتابسُڌ (ببليوگرافي) سميت ڏنل مضمون بيشڪ بين الاقوامي معيار جا هئا. ان کان پوءِ شاندار، مُلهائتا ۽ معياري ”ساليانا ڪتاب“ هن انسائيڪلوپيڊيا جو مانُ وڌائيندا رهيا آهن.

گڏيل-اميريڪي-رياستن (يو. ايس. اي) ۾ نِيُو انٽرنيشنل انسائيڪلوپيڊيا جو پھريون ڇاپو (1902-1904) پڻ ساليانن ڪتابن وسيلي سڌريندو رهيو. انسائيڪلوپيڊيا اميريڪانا 1902ع ۾ نئين سگهه ورتي. هيءُ اميريڪا ۾ انگريزي ٻولي اختيار ڪرڻ مھل (1829-1833) پنھنجايل بروخاس جي ستين ڇاپي جو پويون نسل هو. 1950-1951 ۾ نئين اميريڪي لکڻي ڪولِيئرس انسائيڪلوپيڊيا جي صورت ۾ ظاهر ٿي، جنھن کي لاڳيتو ساليانن ڪتابن وسيلي سگهه ملندي رهي ٿي. گهڻيون تصويرون ۽ گهڻا نقشا ان جو نمايان گڻ آهن.

”ايسپا“، انسائيڪلوپيڊيا يونيورسل السٽريڊا يوروپيو اميريڪانا (1905-1907) نه رڳو هڪ مھان انسائيڪلوپيڊيا آهي پر انسائيڪلوپيڊيا اِٽئليانا جيان کيس قداور ساٿي-ڪتابن جي ٽيڪ به ملندي رهي ٿي. قد بُت ۾ اهو ئي دنيا ۾ سڀ کان ٿلهو ٿنڀرو ڪتاب آهي. ان جو هڪ مڪمل جلد رڳو اسپين بابت آهي. اسپيني انسائيڪلوپيڊيا ڊڪشناريو سَلوَت (پھريائين 1907-1913 ۾ ڇپيو) پڻ مختلف وقتن تي هر هر ڇپجي ٿو. ٻيو وڏو اسپيني انسائيڪلوپيڊيا انسائيڪلوپيڊيا ليبر (1955-1960) آهي جنھن جو هر جلد هڪ وڏي موضوع جي دنيا تي پکڙيل آهي.

سمورن انسائيڪلوپيڊيائن ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم انسائيڪلوپيڊيا اٽئليانا (1929-1939) آهي جيڪو گهڻ خرچائو (نفيس، شاندار) پيشڪش، عمدين تصويرن ۽ ڊگهن (تفصيلي) عالمانه ۽ سٺن دستاويزي مضمونن جي ڪري مشھور آهي.

 لاروس جي لاڳيتي شھرت هوندي به فرانس ويھين صديءَ ۾ ٽي ٻيا انسائيڪلوپيڊيا اينسائيڪلوپيڊياءِ فرانس (1935-1966 )، اينسائيڪلو پيڊيا ڊيِ لا يليياڊ (1955-) ۽ انسائيڪلوپيڊيا يونيورسَلِس (1928-) ظاهر ڪيا.

وڏن انسائيڪلوپيڊيائن سان گڏ خصوصي موضوعن، جيئن فزڪس، ڪيمسٽري، فلسفي، ادب، تاريخ، شخصيت وغيره تي ۽ هر هڪ کنڊ لاءِ ڌار ڌار مختلف قد بت جا ڪيترائي انسائيڪلوپيڊيا ظاهر ٿيندا پئي رهيا آهن جن کي پنھنجي پنھنجي ڄاڻ، سونھن ۽ سينگار آهي.

ڪيترن ئي ڏيھن ۾ هونئن ته گهڻا پر گهٽ ۾ گهٽ هڪ سٺو انسائيڪلوپيڊيا مڙيوئي موجود آهي. انهن مان ڪجهه هي آهن:

بلگاريا: ڪراتُڪا بلگارسڪا اينسائيڪلوپيڊياءِ (1963-) ۽ ٻيا.

ڊنمارڪ: گلائڊينڊلس ناءِ ليڪسيڪن (پھريون ڇاپو 1931-1932) ۽ ٻيا.

فنِلئنڊ: اوٽاون آئسو ٽائٽو سَناڪِرجا/ انسائيڪلوپيڊيا فينِيڪا (1960- 1965) ۽ ٻيا.

يونان: ميگالي هيلينائِڪي اينائيڪلو پيڊيا (1926-1934) ۽ ٻيا.

هنگري: ريواءِ نيگي ليگزيڪونا (1911-1935) ۽ ٻيا.

نيڌرلئنڊس: ايرِستي نيدرلئنڊسي سسٽميٽس اِنگرڪتي انسائيڪلوپيڊيا (1946-1951) ۽ ٻيا.

ناروي: اَشيھائو گس ڪنورَسيشنس ليڪسيڪن (1970-) ۽ ٻيا.

پولئنڊ: وِيلڪا انسائيڪلوپيڊيا پوُزيچنا پ ون (1962).

رومانيا: ڊڪشنر انسائيڪلوپيڊڪ رومن (1962-1966).

سوُيڊن: بونِئيرس ڪنورَسيشنس ليگزيڪان (پھريون ڇاپو 1922-1932) ۽ ٻيا.

ترڪي: ترڪ اَينسائيڪلوپيڊيسي (1946-).

يوگوسلاويا: انسائيڪلوپيڊيا يوگو سلاويا (1955- )۽ ٻيا.

لٿُئانيا: لِٽوِيُ انسائيڪلوپيڊيا (1953-1969).

اسٽونيا س . س . ر. : اِيسٽيِ نُوڪر وجُود اينتسائيڪلو پيڊيا (1968-).

لبان: دائرة المعارف (1887-1900) بطرس البوستاني ۽ سندس پٽ جوڙي تيار ڪيو.

مياتما سُيزن ڪِيان/ انسائيڪلوپيڊيا برمانيڪا، برما ٽرانسليشن سوسائٽيءَ برميز ٻوليءَ ۾ ڇپرايو (1054-).

عبراني ٻوليءَ ۾: هَه-اينتزائيڪلوپيڊيا هَه-عوِروتِ  (انسائيڪلوپيڊيا هيبرائيڪا 1946-) ۽ ٻه ٽي ٻيا.

انڊونيشيائي ٻوليءَ ۾: انسائيڪلوپيڊيا انڊونيشيا (1954-).

سِنهالي ٻوليءَ ۾: سنهاليز انسائيڪلوپيڊيا (1963-).

۽ سنڌي ٻوليءَ ۾:  .....

هيڏي شاهوڪار، سُکي ۽ ستابي ٻولي، ايڏو ثقافتي ورثو ۽ شاندار ماضي، هزارين ڏاها، ڏاتار، عالم اڪابر،  سياڻا سيبتا، شاعر، اديب، ليکڪ، سائنسدان، سياستدان، تاريخ ڄاڻُو، هنرمند، فنڪار ۽ ڪلاڪار؛ علم، ادب، فن ۽ هنر جو ڪھڙو شعبو آهي جنھن ۾ سنڌي نه هجن؟ پوءِ به سنڌي انسائيڪلوپيڊيا جي خاني ۾ ٻڙي!؟

سنڌ جو ماضي:

سنڌ جو تاريخ کان اڳ وارو ماضي بيشڪ بھترين ۽ مانائتو آهي. جڏهن کان تاريخ لکي وئي آهي تڏهن کان سنڌ ۾ علم ۽ ادب، سُک ۽ ستايائي، سورهيائي ۽ سرويچائي جا آثار ته برابر ملن ٿا پر جڏهن به ڌارين ڪاهيندڙن ڪاهيو تڏهن مڙسيءَ سان وڙهي به پھرين نه ته ٻي، ٽين، چوٿين ڀيري هار کاڌي اٿئون ۽ انهن جي غلاميءَ هيٺ آيا آهيون. چون ٿا ته ان جو هڪ ڪارڻ اسان جو ڍءُ به هو. پرمارن سنڌ  کي پئي لتاڙيو، ڦريو ۽ ماريو آهي. اسان جي حاڪم طبقن ته هار کائيندي ئي سندن چاپلوسي پئي ڪئي آهي پر عوام سدائين ظالم ۽ ظلم کان گهٽ ۾گهٽ به نفرت ضرور ڪئي آهي ۽ ڪڏهن به ڏيک ويک، لئه ۽ ٽيڳر جي ريس ڪندي دشمن جي پٽ پٽيھر تي پنھنجيءَ لوئيءَ کي نه لويو آهي. ٻي پاسي سنڌ مٿان جن ”پنھنجن“ حڪمراني هلائي انهن به گهٽ ۾ گهٽ ٻوليءَ جي لحاظ کان سنڌ جي ڪا خاص خدمت ڪو نه ڪئي. ويجهڙ ماضيءَ وارن پنھنجن حڪمرانن پاران سرڪاري سطح تي سنڌ ۾ ڌاري ٻولي ئي مڙهي رکي وئي ۽ سرڪاري سرپرستي جي اڻھوند سبب عوامي سطح تي به ڪي  سٺا ادارا ٺھي نه سگهيا. ابوالحسن  جھڙن عالمن ۽ هر دور ۾ اڀرندڙ وچين طبقي جي ڪيترن ئي ماڻهن سنڌي ٻوليءَ کي پنھنجي لپي ڏيڻ جو پرخلوص ۽ پيار ڀريو جتن به ڪيو، راءِ سھاسيءَ کان وٺي انگريزن جي اقتدار تائين، اسحاق آهنگر ۽ حماد شيخ کان وٺي سچل ۽ ساميءَ تائين سنڌ جي ڌرتيءَ تي گهڻو ڪجهه لکيو، پڙهيو، ڳالهايو ۽ ڳاتو ويو آهي پر هيءُ، هن وقت جنھن لپيءَ ۾ لکي رهيا رهيا آهيون اها جوڙائڻُ، رائج ڪرڻُ ۽ وڌرائڻ انگريز جو جتن آهي. انگريز ڦورو ۽ بدمعاش هو، قاتل ۽ پرمار هو (اسان جو مٿس گهڻو ئي حق حساب رهيل آهي) پر گهٽ ۾ گهٽ سنڌي ٻوليءَ، ثقافت ۽ تاريخ سان اڳوڻن پرمارن ۽ هاڻوڪن حڪمرانن جيان هٿ چراند ڪرڻ ۽ مَٺ گُهرو ٿيڻ بدران گهڻ گُهرو ثابت ٿيو. سنسڪرت، عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾جو ڪجهه لکيو ويو ان جو گهڻو ڪجهه ملي ٿو پر پراڻيءَ سڀيتا جي مليل مُھرن ۽ لکيتن، هندي، گجراتي، گرمکي وغيره ۾ جيڪو ڪجهه لکيو ويو آهي ان جي بھتر ڄاڻ اهي عالم ئي ڏئي سگهن ٿا جيڪي لکت ۽ ذاتي ڪچھرين ۾ اهڙي ڄاڻ رکڻ جي ڳالهه ڪندا رهيا آهن. بھرحال سنڌ جي انتھائي پراڻي ماضيءَ ۾ جيڏي وڌيڪ عظمت آهي ويجهي ماضيءَ ۾ ٿورن مثالن کان سواءِ اوتري ئي اڻھوند نظر اچي ٿي.

سنڌ جو حال:

عام چوڻ آهي ته اسين گهڻو عرصو ڌارين جا غلام رهيا آهيون تنھنڪري سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ تاريخي ورثي جو بچاءُ نه ڪري سگهيا آهيون جڏهن ته ڌارين حڪمرانن به انهن کي پئي تباهه ڪيو آهي. پر گهري نظر سان جاچ ڪبي ته پنھنجن جو راڄ پراون جي راڄ کان مُدي ۾ ٻيڻي کان به وڌيڪ نظر ايندو، پوءِ به مختلف  سببن جي ڪري سنڌ جا حاڪم طبقا ذهني ۽ علمي طرح ڌارين جا غلام ٿي رهيا آهن جنھنڪري اسان، عوام کي ڌارين جي غلاميءَ جو ڳٽ لاڳيتو محسوس ٿيندو رهيو آهي. موڪي بن وسائي کان وٺي 1991ع جي اڄوڪي ڏينھن تائين موجود غدارن سنڌ سان وڏيون ويساهه گهاتيون ئي ڪيون آهن. سندس هڪ ڏٽو مس ٿو اگهاڙو ٿي پورو ٿئي ته ٻيو ڏٽو تيار هوندو. اسين ڪنھن غداري ۽ سازش کي مس مس منھن ڏئي مٿي ٿا. چڙهون ته پرمارن جي اشاري تي اهي غدار ڪنھن ٻي ٻوهي ۾ ڦاسائي ڇڏين ٿا. اچو ته رڳو هڪ مثال وٺون ۽ اهو به ٻوليءَ جي حوالي سان. 1947ع تائين سنڌي ٻولي جي اوسر تي هڪ نظر وجهي ڏسو. ادب ۽ سائنس جو ڪھڙو موضوع هو جنھن تي سنڌي ۾ نه لکيو پئي ويو ۽ سنڌ جو ڪورٽ کان وٺي يونيورسٽيءَ تائين ڪھڙو شعبو هو جنھن ۾ سنڌي ٻولي رائج نه هجي؟ سنڌي ٻوليءَ حياتيءَ جي هر حصي ۾ ڪيڏي نه تيز رفتاريءَ سان ترقي پئي ڪئي!؟ رڳو علي احمد قاضي ۽ مرزا قليچ بيگ جي لکڻين کي ئي جاچڻ سان خبر پوندي ته سائنس ۽ ادب ۾ ڪيئن پئي وڌياسين. جيڪڏهن پنھنجن جون ڏٽيبازيون ۽ غداريون ۽ گُهرائي مڙهيل ڌارين جي مڪروه حاڪماڻي ذهنيت نه هجي ها ته نه ٺھي ها ون-يونٽ ۽ نه ئي وري انهيءَ قيد دوران سنڌي ٻوليءَ کي ڦاهيءَ چاڙهيو وڃي ها، ۽ اڄ اسان جي سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي عظمتن تي وڃي پھچي ها، انهن کان هزارين ڪوهه پوئتي نه هجي ها. ممڪن هو ته اسين اڄ ڊاڪٽري، انجنيري، وڪالت وغيره  مطلب ته هر اها تعليم جا ڌاري ٻوليءَ ۾ پِرائڻ تي لاچار آهيون اها جيڪر پنھنجيءَ سنڌي ۾ ئي پڙهون ها ۽ اسان جون لائبريريون  ٿلهن متارن سنڌي ڪتابن سان سٿل نظر اچن ها، جڏهن ته سنڌي ثقافت (۽ سنڌي ماڻهن) کي خاص ڪري سنڌ جي وڏن شھرن ۾ تِڇَ-ويک (مائڪرو اسڪوپ، خوردبين) وسيلي ڳولڻ بدران ريڊين، ٽِيوِين، اخبارن، رسالن وغيره ۾ سَو سيڪڙو ٻڌي، ڏسي، پڙهي، ڄاڻي سگهون ها...

هن وقت اسين غلام آهيون گورن جي گادي نشين ۽ بدترين ذهنيت رکندڙ ڪارن جا، سنڌي ماڻهن جي هر انساني ۽ قومي حق خلاق هر پاسي کان هُلان جاري آهي. سنڌ سرڪار ۾ گهڻائي ته سنڌي وڏيرن جي آهي پر اهي آهن ساڳين ئي اِبن الوقت ۽ موقعي پرست ماڻهن جا جانشين، جن جي ڪري سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن پئي لوڙيو آهي. سنڌ سرڪار جون ڏوريون ڪنھن ٻي هنڌان لوڏيون پيون وڃن ۽ هر سنڌ دشمن ڪم گهڻي ڀاڱي غدار سنڌي جاگيردارن جي مدد سان پيو ٿئي.  ون يونٽ کان وٺي پاڻي-ورڇ جي ٺاهه تائين، لياقت کان وٺي نواز تائين حڪمرانن جا نالا بدليا آهن، حڪومتن جا ويس بدليا آهن، جاگرافي بدلي آهي، ڪيترائي غدار مئا آهن ۽ ڪجهه جون ڳالهيون بدليون آهن پر سنڌ، سنڌين ۽ ٻولي، ثقافت ۽ تاريخ سان ساڳيا هاڃا جاري آهن. اڄ سنڌ ۽ سنڌي ٻٽي ويل ۾ نه پر اٺوڻي عذاب ۾ آهن. سنڌوءَ جو پاڻي چوري ٿيندو ۽ پَرٻاهرو ڦٻجندو رهيو آهي، سنڌ کان ٻاهر ڊيم ٺاهيا ويا آهن ۽ اڃا به ٺاهڻ جون تياريون آهن، ناڻو ڦٻائڻ لاءِ ٺڳيءَ ڀريا ٺاهه پيا ٿين، سنڌ جون ڀليون ٻنيون ڪوڙن ڪِليَمن ۽ ٺڳين وسيلي اڌ کان وڌيڪ ڌارين جي حوالي ڪري چڪا ۽ اڃا به  ”انعامن“ ۾ ڏنيون پيون وڃن، دهشت گردن ۽ ڌاڙيلن کي زور وٺائي سنڌ مٿان ڪڙڪايو ويو آهي ۽ وري انهن کي ختم ڪرڻ جي بھاني زمينون کسي ڇاوڻيون وجهي سنڌ کي فوجي قيدخانو بنائڻ جي ڪوشش تي عمل ٿي رهيو آهي، سنڌ جي صنعت ۽ حرفت تي ڌارين جو قبضو پڪو ڪيل آهي ۽ اسرندڙ سنڌي وچين طبقي کي چيڀاٽيو پيو وڃي، سامونڊي ڪمائي ”ڊراءِ پورٽ“ جي نالي ۾ پڪي ڦرجي چڪي آهي، سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري سرپرستي ڪانهي، سنڌي ثقافت کي نيچ ڪرڻ لاءِ هر وسيلو ڪم آندو پيو وڃي، سنڌي عوام تي هر پاسي کان ڏنڊي جو وسڪارو آهي ۽ هاڻي ته قانون به اهڙا پيا جوڙيا وڃن جيڪي اگهاڙي نموني سنڌي عوام جي خلاف آهن.  سياست جي نالي ۾ ڏٽي بازيءَ، غداريءَ ۽ مڪاري ۽ مٿان وري هڪ طرفي پروپيگنڊا اهو  حال ڪيو آهي جو بنھه سچي، وطن دوست، عوامي ۽ جمھوري سياست به شڪ شبھن جو شڪار ٿي پئي آهي. مجموعي طرح سڀ سياسي پارٽيون هڪ قطار ۾ بيھاريون ويون آهن، جڏهن ته غداريءَ ۽ وطن دوستيءَ ۾ فرق ڪرڻ گهربو هو. نوبت اتي وڃي پھتي آهي جي عوام جي حياتيءَ ۾ سُک چين موڪلائي ويو آهي.

اسان جو فرض:

اسان مان هر هڪ کي پنھنجو انساني، اخلاقي ۽ علمي فرض نڀائڻو آهي. جيڪڏهن اسان کي پنھنجو حال ۽ آئيندو سنوارڻو آهي ته حال ۾ ئي، اڄ ۽ هاڻي ڪم ڪرڻو پوندو.

ڪَنين   من   ماضي،   ڪـنين   استـقـبال،
حيف تنين جي حال، جن وساريو حال کي.

اسان مان هر هڪ ڇا ڪجهه ڪري سگهي ٿو ۽ جيڪو ڪجهه ڪري سگهي ٿو ۽ جيڪو ڪجهه نه ڪيو اٿائين. اهو سڀ ڪجهه جاچڻ لاءِ ڇا اسان ڪڏهن پنھنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏٺو آهي؟ جيترن ڪمن ڪري سگهڻ جي ڏاهپ، ڏات، ڏيا ۽ ڏانءُ اسان ۾ موجود آهي جڏهن اسان اهي نه ڪيا آهن ته ڇا اسين ڏوهاري نه ليکباسون؟ اسان مان هر هڪ جيڪڏهن پنھنجي اندر جي ماڻهوئڙي، وويڪ، ضمير کي آچاري ۽ اَمين واري سچائيءَ سان پنھنجو جائزو پاڻ وٺي ته هو پنھنجي وطن، قوم، ٻوليءَ ۽ ثقافت ۽ علمي ماڻهپي لاءِ ڇا ڪجهه ڪري سگهي ٿو ۽ جيڪو ڪجهه  ڪري سگهي ٿو رڳو اهو، اوترو پنھنجي پتيءَ جو فرض پرور ڪري ته جيڪر ماڻهپي، سنڌ ۽ سنڌي عوام مٿان ڇانيل ڏاڍ جا ڪيترائي ڪڪر ۽ سنڌي ثقافت ۽ ٻوليءَ خلاف ٿيندڙ ڪيتريون ئي سازشون بنھه ختم ٿي وڃن. اچو ته هڪ مثال جاچيون ۽ اهو به مئٽرڪ کان مٿي پڙهيل ماڻهن جو. سمجهو ڪري ته اهڙن پڙهيلن جو انگ رڳو 5-لک آهي. هر هڪ ماڻهو جنھن شعبي جي ڄاڻ رکي ٿو ان ئي شعبي جي ڪنھن به هڪ موضوع بابت هڪ سال ۾ رڳو هڪ ڪتاب يا مضمون لکي (هڪ ڏينھن ۾ سراسري طرح رڳو ڏهه سٽون لکجن ته به) پنجن ۽ ڏهن ورهين کان پوءِ اسان جو علم ادب ڪٿي وڃي پھچندو !؟ سمجهو ڪري ته سنڌ ۾ رڳو 5-هزار ڊاڪٽر آهن ۽ انهن مان هر هڪ هر سال رڳو هڪ موضوع تي لکي ٿو ته پنجن ورهين کان پوءِ طبي ڄاڻ جي اڏام ڪيڏي اوچي هوندي! سمجهو ڪري ته سنڌ ۾ هڪ هزار انجنير، اٺ سوَ وڪيل، سراسري طرح رڳو هڪ هڪ سَو ماڻهو ڪيمسٽري (ڪيميا)، فزڪس، بانٽي (اوڀڙ+اڀياس= اوڀڙڀياس)، زولاجي (پسون+اڀياس= پسونڀياس)، مئٿميٽڪس (انگڀياس)، فائين آرٽس، جاگرافي (ڌرتي ليڪڻ، ڌرتي+اڀياس= ڌرتڀياس)، جيالاجي (ڀونءِ+اڀياس= ڀونئڀياس)، ايسٽرانامي (تاراڀياس)، ايسٽرالاجي (جوتش، نکٽ+اڀياس= نکٽڀياس)، نفسيات (مَنُ+اڀياس= منڀياس)، سوشيالاجي (راڄ+اڀياس= راڄڀياس)، پوليٽيڪل سائنس (سياستڀياس)، ادب، تاريخ، فلسفي، مذهب، ٽيڪنالاجي (هنرڀياس)، آرڪيالاجي (جھوني+اڀياس= جھونيڀياس)، ٻوليءَ، فن، ثقافت، پرڏيھي نيِتيءَ ۽ لاڳاپن ـــــ مطلب ته علم جي هر شعبي ۾ موجود آهن ۽ اهي هڪ سال ۾ رڳو هڪ ڪتاب يا مضمون لکن ته سنڌيءَ ۾ علم جو ڪھڙو شعبو هوندو جيڪو وانجهو رهجي وڃي!؟

جيڪو به، ڄاڻ جي ڪنھن به شعبي ۾ پوسٽ-گرئجوئيٽ يا پِي ايڇ. ڊي آهي ان کي ڪنھن نه ڪنھن موضوع تي تحقيقي مقالو لکڻو ئي پوي ٿو، رڳو اهو، رسما رسمي نه لکيو وڃي پر سچ پچ تحقيق ڪري سنڌيءَ ۾ (به) لکيو وڃي ته ”تاريخ تمدن سنڌ“ ، ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ ۽ انهن جھڙا ٻيا جيڪر ڪيترا ڪتاب جڙي پون!؟

جيڪڏهن هر استاد پنھنجي پنھنجي موضوع جي وس پڳي گهڻي کان گهڻي ڄاڻ پنھنجي پاٺڪن تائين پھچائڻ سان گڏوگڏ لکي پڌري ڪري/ڪرائي ته ڇا سنڌي ۾ علم ادب جا انبار نه لڳي ويندا، ڇا سنڌي ٻولي شاهوڪار نه ٿي پوندي ۽ ڇا سنڌي ثقافت جا اڪابر گڻ اجاگر نه ٿي پوندا!؟

قوم ٿي زنده رهي، پر زبان زنده رهي.

اچو ته ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سان پنھنجيءَ سگهه آهر پنھنجي پتيءَ جو علمي ۽ عملي ڪم ڪريون. اڄ سنڌ جون خراب حالتون ۽ سنڌين خلاف سازشون ايترو ته زور وٺي ويون آهن جو جيڪڏهن اڃا به غافل رهياسين ۽ پنھنجي پتيءَ جو  فرض اوچائيءَ سان پورو نه ڪيوسون ته پوءِ پيار ۽ پاٻوهه سان ٽمٽار هيءَ حسرت ڀري دانھن ياد رکجو:

الا ايئن مَ هوءِ، جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
هُئي  سنڌ  ۽  سنڌ  وارن  جي  ٻولي.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا/ سنڌي مھاٻولَسُڌ:

جيڪڏهن هر سنڌ سڄڻ ماڻهو ــ

پـيـھــي جـان پــاڻ ۾، ڪَـيـــم روحَ رهـــاڻ،
 نڪو ڏونگر ڏيھه ۾، نه ڪا ڪيچين ڪاڻ،
پُـنـھـون ٿـيـس پــاڻ، سـسـئـي تان سور هئا.

۽ ـــ

هرڪو ماڻهو موتيءَ داڻو،
هر ڪا دل هيرن جي کاڻ.

ـــ جو جيئرو جاڳندو مثال ٿي اڀري اچي، پنھنجين سمورين ڏاهپن  ۽ ڏاتن کي واهپي ۾ آڻي ته اسين جيڪر ذهني ته ڇا علمي ۽ عملي انقلاب جو به سج اڀاري سگهون ٿا.

۽ فنا کان بچڻ ۽ پنھنجي بقا لاءِ اسان کي اهو سچ اڀارڻو ئي پوندو.

اڄ جو ڪم آئيندي تي ڇڏڻ، چون ٿا ته عقل جي کوٽ جو نشانبر آهي تنھنڪري اچو ته اڄ ۽ هاڻي کان ئي پنھنجي پتيءَ  جو فرض نڀائڻ شروع ڪيون.

سنڌي علم، ادب ۽ جدوجھد جي دنيا ۾ هزارين رنڊڪن ۽ ڏکيائين باوجود، جيئن لُڪَ لڳي تيئن رڪ ٿيا، جو مثال بنجي اسان جي ڪيترن ئي عالمن، اديبن ۽ ڪيترن سنڌ سڄڻ جدوجھد ڪندڙن ساراهه جوڳو ڪم پئي ڪيو آهي. الهڙ شهزاديءَ کي سگهڙ شھزاديءَ ۾ بدلائڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي سائنسي بنياد مھيا ڪري ڏيڻا آهن ۽ سائنسي بنياد مھيا ڪرڻ لاءِ پرک ۽ پروڙ، تحقيق ۽ تعليم، ايجاد ۽ اڪابريءَ جو هر ڪم ڪرڻو پوندو ۽ انهن مان هڪ ڪم، بھترين ثقافتي لقاءُ آڇيندڙ علمي هيري کاڻ ـــــ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا/سنڌي مھاٻولسڌ ـــــ جوڙڻ جو ڪم اسان جي آڏو آهي، جي واهر ڪندا ۽ هٿ ونڊائيندا ته هڪ تاريخي جوابداري، علمي فرض پورو ٿي سگهندو.

اردو انسائيڪلوپيڊيا جيان رسمي خانه پُري ڪرڻ کي علمي ويساهه گهاتي سمجهون ٿا. اسان کي ته مُنڍ ۾ بيان ڪيل ۽ ساراهيل علمي معيارن جا انسائيڪلوپيڊيا گهرجن.

هلو هلو ڪورئين، نازڪ جنين نينھن،
ڳنڍين سارو ڏينھن، ڇنڻ مور نه سکيا.­­­­­

ڳنڍڻ، جوڙڻ، ٺاهڻ، وڌائڻ، سينگارڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو اٿئون، ان ۾ توهان جو ڪردار ڪھڙو هوندو؟

هڪ اداري جي گهرج:

هڪ سٺو انسائيڪلوپيڊيا جوڙڻ جو ڪم عام حالتن ۾ ڪنھن پيٽ ۾ پوري بيوس بنايل ماڻهوءَ جي سگهه کان ٻاهر آهي، ڪجهه ماڻهو به ڪو خاص ڪم ڪري نه سگهندا، هيءُ گهڻن ماڻهن جو ڪم آهي جن کي هڪ زبردست اداري يا ادارن جي سھڪار ۽ سرپرستيءَ جي گهرج رهندي.

اڄوڪن سٺن انسائيڪلوپيڊيائن جا جوڙيندڙ پنھنجيءَ جاءِ تي جھڙوڪر يونيورسٽيون آهن. هن دنيا ۾ هر گهڙيءَ ملندڙ نئين ڄاڻ کي سھيڙيو پيو وڃي ته جيئن انسائيڪلوپيڊيا جي ايندڙ ڇاپي ۾ ان کي گڏ ڪري سگهجي ۽ جيستائين ايندڙ ڇاپو ظاهر ٿيئي تيستائين ’سالياني ڪتاب‘ وسيلي ڇپجي ظاهر ٿيندي رهي.

سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪندڙ سرڪاري ادارو ڪو به ڪونهي. نيم سرڪاري ادارا، سي به ”چار“ جيڪي پڻ گهوٻين جو شڪار. سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌالاجي بيشڪ شاندار ماضي رکن ٿا، پر ڇا اسان رڳو ماضيءَ جي سھاري تڙڳي سگهنداسون؟ ڇا اسان کي شاندار حال جي گهرج ناهي؟ سنڌ سائنس سوسائٽيءَ جي ته جاءِ به پوليس جي قبضي ۾، سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي تازو ئي ٻاراڻي ادب جي نالي ۾ ٻاراڻا ڪتابڙا ڇپرائي پڌرا ڪيا آهن. سنڌي ٻولي وسدار (سنڌي لئنگئيج اٿارٽي) نالي ادارو اڃا سوڌو رڳو اخبارن ۾ بيان ڪيل ڪوڙ کان مٿي نه چڙهيو آهي، ٻيو مڙيو ئي خير (گهرجي به خير، جيءُ آيئو، ڀلي آيئو، اسان ڏي به رب جون مھربانيون ... ٿيو هيئن ته ...). جيڪڏهن سنڌي ٻولي وسدار، سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتو، سنڌالاجي، سنڌي ادبي بورڊ يا ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز کي مالي مدد ڏئي يا سنڌي مھاٻولسڌ وسدار (انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا اٿارٽي) جوڙي ايمانداريءَ سان ڪم ڪيو وڃي ته انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا ڇپائڻ جو ڪم ڪو ڏکيو به ڪونهي.

زبرا عالم رکندڙ هڪ زبري اداري جي گهرج آهي. اَٺ اَٺ هزار عالم انسائيڪلوپيڊيا جي سونھن ۽ سينگار لاءِ جاکوڙون ڪن ٿا. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا لاءِ اَٺ هزار عالم نه هجن، اَٺ سوَ به نه هجن پر اَٺ عالم ته هئڻ گهرجن، جن کي وسدار بنائي، ڪجهه مددگار عملو ڏئي، هن تعليمي ۽ تخيلقي ڪم لاءِ سيڙايو وڃي ته به ’صبر ۽ شڪر ڪاڏي آءٌ ڪندِي‘ جي صدا ٻڌي به صبر ۽ شڪر ڪندڙ، بيوس بنايل هيءَ سنڌي قوم سندن ٿورو ضرور مڃي ها ۽ هر گهڙيءَ غداري ڪندڙن جي خيسس لفاظيءَ تي ايڊيٽوريل ڪارا ڪري پٽڪا ٻڌائيندڙ اخباري-اڳواڻ کين پڏائي چوٽ ضرور چاڙهن ها.

مرڪزي توڙي صوبائي سرڪار کي سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت لاءِ جيڪا حب آهي ان جو ذڪر ڪھڙو ڪجي!

سنڌي قوم جڏهن ايڏو سجاڳ ٿئي جو پنھنجا جائز حق ماڻي سگهي ان ۾ به ڪي ڏينھن لڳندا. تيستائين ڇا ڪجي؟ ڇا ماٺ ڪري ويھجي؟

ماٺ رهان تان مشرڪ ٿيان، ڪڇان تان ڪافر.

ماٺ به نه ٿا رهون (متان مشرڪ ٿيون) ۽ ڪُڇون به ڪونه ٿا (متان ڪافر ٿيون)، اچو ته لکون (من ايمان وارا ٿي پئون).

سنڌي مهاٻولسڌ جو ابتدائي ڪم:

 چريا کريا آهيون پر سمجهون سڀ ڪجهه ٿا. تاريخ ۾ اهڙن هزارين ”مٿي ڦريل“، ”چرياڻن“ جو ذڪر ملي ٿو جن رڳو پنھنجي اڻمَئي ذهني پورهيي ۽ جسماني ڪشالي جي آڌار تي اُهي اچرج ۾ وجهندڙ ڪم ڪيا آهن جو ڏسي دنگ رهجي ٿو وڃجي پر ”ٻه ته ٻارھن“ جي مصداق هٿُ هٿَ ۾ ڏئي ڪم ڪبو ته ’گهڻن کنئي ڇپر به کڄي ويندو‘ جي چواڻي سنڌ جي علم دوست ۽ اهل قلم ماڻهن ۾ ايمان رکي، انهن جي سھڪار جا آسائتا ٿي، پڙ ۾ لٿا آهيون، ’جو مليو سو اکين تي‘ ۽ جي نه مليو ته ڏوراپو ڏيڻ جا حقدار هوندي به ڪڇنداسون ڪو نه، پاڻ ئي ملندم هوت، ڪجهه آءٌ به اڳڀري ٿيان.

اسان الف-ب جي ترتيب سان لڳ ڀڳ سڀ ڄاڻي سگهڻ جھڙو مواد ترتيب ڏيڻ شروع ڪيو آهي. ان ۾ ’الف‘ سان شروع ٿيندڙ عنوانن جي ڳڻپ پنجن هزارنِ کان وڌيڪ ٿي چڪي آهي ۽ اڃا به ٻيو نه ته ٽي هزار کن وڌيڪ عنوان سھيڙڻ جي اميد اٿئون. اهڙيءَ طرح ’ب‘ سان شروع ٿيندڙ عنوانن جي ڳڻپ ٽن هزارن ۽ ’ٻ‘ سان شروع ٿيندڙ عنوانن جي ڳڻپ اٺ سَو کي پھچي چڪي آهي ۽ اهڙيءَ طرح وڌيڪ. اسان اهي سمورا عنوان سٺين اخبارن جي سھڪار وٺندي پڌرا ڪنداسون ته جيئن هر علم دوست ۽ اهل قلم ماڻهو پنھنجي پسند جي ڪنھن به عنوان تي تحقيقي مواد لکي اسان کي ڏئي سگهي، اهو ڪم نه رڳو سندن علمي فضيلت کي وڌائيندو پر سنڌي ٻوليءَ جي به هڪ شاندار خدمت هوندي. اسان سندن ٿورن سان اها لکڻي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا/سنڌي مھاٻولسڌ جي رٿل ڪتابي سلسلن  ۾ ترتيبوار ڇپيندا رهنداسون.

ٿيڻ ائين گهرجي ته سجاڳ ۽ سڄاڻ سنڌي عالم هن ڪم کي سنجيدگيءَ سان هٿ ۾ کڻن ۽ پنھنجو پھر وهن. هڪ علمي ڪچھري سڏائي وڃي جنھن ۾ سنڌ جا علم، ادب، فن ۽ هنر جي هر شعبي سان واسطو رکندڙ ماڻهو سڏايا وڃن، گڏجي ويھي صلاح مصلحت ڪجي ۽ رايا لکت ۾ ڏجن، جن ۾ اهم ترين ڄاڻ ان ذميواريءَ بابت ڏني وڃي ته ”آءٌ، پاڻ، پنھنجي سِر ڪھڙو علمي ڪم ڪري سگهان ٿو“. هر شعبي جو هر ڄاڻ رکندڙ ماڻهو پاڻ تي مقرر موضوع کڻي، پنھنجي ڏاهپ ۽ ڏات آهر لکي ۽ (جيستائين ڪو سٺو ادارو ٺھي ۽ مھاٻولسڌ ڇپائڻ جو بار کڻي تيستائين) اسان کي ڏياري موڪلي. اسين پنھنجي ساهه کان به وڌيڪ سندن لکڻين جي سنڀال ڪنداسون ۽ وقت اچڻ تي ڪتابي صورت ۾ ڇپي پڌريون ڪنداسون.

ٿلها، مھانگا، سھڻا ۽ ستابا ويھه ٽيھه جلد هڪ وقت ڇپائڻ اسان لاءِ ممڪن ڪونهي، پنجن ڇھن عنوانن تي سھيڙيل مواد هر ڏينھن اخبار ۾ ڇپائڻ به سٺو ڪو نه ٿو لڳي. اسان کي بس هڪ ئي رستو سُجهي ٿو ته سٺ ستر صفحن جو ٻه گراٺ قد (ڊبل ڊيمي سائيز) ۾ ڪتابي سلسلو جاري ڪري ڇپايون (جيئن اٺ ڏهه ڪتاب هڪ جلد ۾ بند ڪرائي سگهجن) ۽ ائين وک وک وڌائيندا هلون، لاٽ ٻرندي رهيِ ۽ ساٿ هلندو رهيو ته اوس سوڀارا ٿينداسون.

ڪيترن ئي علم دوست ماڻهن لکڻ ۽ ڇپائي جي ڪم ۾ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان حب رکندي، اسان سان سھڪار ڪرڻ جو پاٻوهه ڀريو اظھار ڪيو آهي.

اسان سڀني علم دوست ۽ سنڌ سڄڻ ماڻهن ۽ ادارن کي وينتي ٿا ڪريون ته هن علمي پورهيي ۾ اسان سان پنھنجيءَ سگهه آهر هر قسم جي هر ممڪن سھڪار ڪن، سندن ٿورائتا رهنداسون.

ايڪيهين صديءَ جي آجيان:

دنيا جو هر باشعور ماڻهو ۽ ملڪ پنھنجي پنھنجي سمجهه ۽ نيت موجب ايڪيھين صديءَ جي آجيان لاءِ اتاولو آهي ۽ اچرج ۾ وجهڻ جھڙا اتساهه سانڍي رکيا اٿائين. ڪي ڪوڙ ڪري پنھنجي ٻوٿ تي ”آزادي، برابري، جمھوريت ۽ ڀائپي ــ سموري انسانذات لاءِ جو نقاب اوڍي ته ڪي وري سچ پچ اعلان ڪندي وقت جي پل مٿان اڳتي اُڪري رهيو آهي. ڀانت ڀانت جا سچ ۽ ڪن وري ڪوڙ گڏ ڪري رکيا آهن.

  • محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن،
    تن جو صرافن، اڻتوريو اگهائيو.
  • چائت پائي چت ۾، سنھو ڪتيو جن،
    تن جو صرافن، دُڪو داخل نه ڪيو.

جن سچ گڏ ڪيو آهي انهن کي سلام ٿا ڪريون ۽ جيڪي ڪوڙ گڏ ڪري ويٺا آهن انهن لاءِ ڦٽڪار موڪليون ٿا.

ايڪيھين  صديءَ کي آڇڻ لاءِ سنڌي قوم وٽ هن وقت ته رڳو ڏکن سورن ۽ سختين جو سرمايو آهي. اسان وٽ بي وسيءَ، موڳائيءَ ۽ مايوسيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه بچائڻ جو عھد ڪري چڪا آهن ڪوڙ جا پيروڪار. پر جيڪڏهن اسين سڀ، پنھنجي پوري ذهني ۽ جسماني سگهه ڪم  آڻي؛ بس رڳو؛ جيڪو ڪجهه ڪري سگهون ٿا؛ اهو اوترو؛ پنھنجي پتيءَ جو فرض پورو پورو ادا ڪريون ته اها صورتحال بدلجي سگهي ٿي ... ۽ ايترو بدلجي سگهي ٿي جو ... ٿي سگهي ٿو اسين هڪ مانَ شانَ واري، پنھنجن  پيرن تي بيٺل، سکي ۽ ستابي ۽ آجيل قوم جي حيثيت سان ايڪيھين صديءَ جي آجيان ڪري سگهون. جيڪو به پنھنجيءَ محبت جا رنڊا روڙي ايندڙ صدي کي آڇيندو ان سان ساٿ ۽ سھڪار جو اظهار ڪندي، پنھنجي پاران اڀري سڀري حال آهر ايڪيھين صديءَ لاءِ انسائيڪلو پيڊيا/سنڌي مھاٻولسڌ جي سوکڙي آڇڻ جو ارادو ڪري چڪا آهيون.

***

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا ”مواد سھيڙيو مھم“

(ذاتيون ۽ ديھون)

سمورن علم دوست ۽ سنڌي سڄڻ ماڻهن کي گذارش ٿا ڪريون ته ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ جوڙڻ جي سلسلي ۾ اسان جي هر اها مدد ڪن جيتري سندن وس ۾ هجي. هزارين ماڻهن جي مدد گهرجي ۽ اهي ئي ماڻهو هن ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ جا مالڪ، خالق، سينگاريندڙ ۽ سنواريندڙ هوندا. جنھن به موضوع تي جنھن به سڄڻ مواد موڪليو، اهو مواد ان جي نالي سان ڇپيو ويندو. ٻن لکن کان به وڌيڪ موضوعن واري هن ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ جو ليکڪ هڪ ماڻهو هجي يا ڪجهه ماڻهو هجن اهو ممڪن ڪونهي. توهين پنھنجي من ۾ محبت رکي رنڊا روڙي موڪليو، توهان جون محبتون ۽ قرب گهرجن ۽ انهن کي ئي اسين مانُ ٿا ڏيون. اسان کي صرافيءَ جي هام ڪانهي پر ويڄن جي پاڙي ۾ ويٺا آهيون.

هيٺ ”الف“ سان شروع ٿيندڙ ديھن ۽ ذاتين جا نالا ڏجن ٿا، اسان کي انهن موضوعن تي هر ممڪن مواد گهرجي. ”الف“ سان شروع ٿيندڙ ڪنھن به ديھه يا ذات جو نالو ڄاڻائڻ جيڪڏهن اسان کان رهجي ويو هجي ته مھرباني ڪري اسان جي رهنمائي ڪندا.

ـــــــــ ذات ـــــــــ

ذات جي سلسلي ۾ اسان کي ٿلهي ليکي هيٺ ڏنل ترتيب موجب (ڪي واڌارا ڪرڻا هجن ته انهن سميت) مواد جي گهرج آهي:

- حسب نسب

- آبادي، گهڻي آباديءَ وارا علائقا، ڪي به نمايان ڌنڌا وغيره.

- تاريخي اهميت جو ڪردار وغيره.

- نمايان ڪردار ادا ڪندڙ (ڪنھن به شعبي ۾) ماڻهو (جيئن، عرف عام سومرن مان دودي جي سورهيائي ۽ چنيسر جي غداري).

- ڪي خصوصي يادگار (جيئن سومرن جي روپا ماڙي).

آبڙ

آئري (بلوچن جو ڪُڙم)

اُڍيچا

آٿلا

ابدالي (پٺاڻن جو ڪڙم)

ارباب (ذات ۽ لقب)

آٿيلا

ابڙا

اروذ

آچاريه (فرقو)

ابڙيجا

ارورا (ذات، هندو ۽ مسلمان)

آچو

ابڙينگ

اروڙ ونسي

آچيا

ابو پوٽا

اروڙا

آرماڻي

اَڀيچَڙ

اڙوڙَ

آڏڙا

اَتراڻي (بلوچن جو قبيلو)

اسرام

آڍا

اُترائي

اسراڻ

آڍاڻي

اُتيرا

اسلامي

آڍيجا

اُٽ

اشراف

آراديرِ

اُپريا

اکا

آراڻي

اُجواڻي

اگري

آرائين

اُڄڻ

اڳٺ گھڪا

آرڪاٽي

اُچَ

اُڳرا

آريپوٽا

اُڇوت

اڳڙا

آريجا

احمداڻي

اگهاڙا

آريسر

احمداڻي (قبيلا)

اگهاماڻي

آزاداڻي

احمدزئي

اگهم

آسر پوٽا

ارباڻي (بلوچن جو قبيلو)

اگهيم

آسريا (آسڙيا)

اُڌا

اڱاريو

آگاڻي

اُڌيچا

التزئي(بروهي قبيلو)

آگرا

اُڏا

الحاڻي

آڳرو

اُڏڻ

اُلرا

آلکاڻي

اُڏيسي پوٽا

اُلڪاڻي(بلوچن جو قبيلو)

آمُرَ

اُڊاڻا

اَلکاڻي

آمڙا

اُڍا

اُميگراڻي (پتافي بلوچن جو قبيلو)

آهوجا

اُڍاڻا

اُنبجا

اُنبوه

اوٺا

اوسيلا

انڍڙ

اوٺوال

اوڳاهي

اُنڙ

اوٺي

اهير

انصاري

اوڏ

اَيٺڙا

اُونگَر

اوڍا

ايراني

اواڻ (اعواڻ قبيلو يا ذات)

اوڍاڻَ

ايري

اواڻا (قبيلو يا ذات)

اوڍاڻا

ايريو

اوڀاڙا

اوڍيجا

ايسام (مزاري بلوچن جو قبيلو)

اوٿماڻي (قبيلو ۽ ذات)

اوستا

اِيسَرَ

اوٽَ

اوسواڙ

ـــــــــ ديههـــــــــ

ديھه جي سلسلي ۾ اسان کي ٿلهي ليکي هيٺ ڏنل ترتيب موجب (۽ ڪي واڌارا ڪرڻا هجن ته انهن سميت) مواد جي گهرج آهي:

- جاگرافيائي اهميت جي هر ڳالهه/ شيءِ.

- تاريخي اهميت جي هر ڳالهه/ شيءِ.

- اڪابر ماڻهو، ڪنھن ڌنڌي/ ڪرت ۾ نمايان اهميت وارا ماڻهو، اهم ڳوٺ ۽ شھر، خاص ڌنڌا وغيره.

- آبادي، تعليم، صحت ۽ عمل ۾ آيل ترقياتي رٿائون وغيره.

- ڪي به معاملا، مسئلا ۽ انهن جا حل.

- ٻي ڪا به اهميت واري ذڪر جوڳي ڳالهه.

- اهميت واري هر شيءِ ــــ يادگار، ماڻهو، علائقي، جبل، ڍنڍ، ٻيلي وغيره جي مختصر(ننڍايل) ڄاڻ سڃاڻ.

- گهڻي اهميت رکندڙ هر شيءِ جي تفصيلي (ڊيگهاريل) ڄاڻ سڃاڻ.

آباد (جيڪب آباد)

آباد (ڪوٽڙي)

آباد جاگير (ڪَڪڙ)

آباد (ڏوڪري)

آباد (ميھڙ)

آباد ريو (سجاول)

آباد (روهڙي)

آباد (وارهه)

آباد مِھلائي (سکر)

آباد (سيوهڻ)

آباد پانُچو (سجاول)

آبدار (ڪراچي)

آباد (ڪنڊيارو)

آباد جاگير (روهڙي)

آبڙي (بدين)

آباد (ڪوٽڏيجي)

آباد جاگير (سکر)

آبڙي (حيدرآباد)

آبڙي (قمبر)

آهَر ناري (ڪَڪڙ)

استيلو (دادو)

آبڙي (گوني)

آهري (ڊگهڙي)

اسلام ڪوٽ، ڳوٺ

آبڙي (ميرپورخاص)

آهَريا (دادو)

ديهه (مٺي)

آتلاه (ڊگهڙي)

آهوڙي (ڪڪڙ)

اَڪائي (گوني)

آتڻاهه (کپرو)

آئلپور (ٽنڊو باگو)

اڪتـڙَ (سيوهڻ)

آٿرڪي (شاهه بندر)

ابراهيم پتافي (ميرپور ماٿيلو)

اڪراڙو (مٺي)

آٿيلا (ڊگهڙي)

ابراهيم مھر (گهوٽڪي)

اُڪراڻي (خيرپور رياست)

آٽيري (خيرپور)

ابڙي پوٽا (ڏوڪري)

اَڪرو، ديهه ۽

آٺڙي (ٺَل)

ابڙيجاڻي (هالا)

ڳوٺ (فيض گنج)

آپارو (جيمس آباد)

ابڙي جي ترائي (جيمس آباد)

اَڪڙو (بدين)

آپن (جاتي)

ابڙينگ (ڊگهڙي)

اَڪوٽو (ڊگهڙي)

آچر سڌايو (ڳڙهي ياسين)

ابيلائي (وارهه)

اڪورِ (ٽنڊو باگو)

آڌيگام (ننگر پارڪر)

اٻاوڙو (سکر)

اکري (روهڙي)

آڏي ڌامراهو (وارهه)

اٻلاک (سامارو)

اکري ڪسي (ڪوٽڙي)

آراڙو (جوهي)

اُڀيور (سنجهورو)

اکيراج (مٺي)

آراڙو (سامارو)

اُڀڙي (خيرپور)

اگهاماڻو (ماتلي)

آرائين (سکر)

اُتر ساوڙي (مورو)

اگهم (نوشهرو)

آرائين (هالا)

اُٽل مراداڻي (گهوٽڪي)

اگهيماڻي (حيدرآباد)

آرگو (ڊگهڙي)

اجنال (جيمس آباد)

اَلرا (روهڙي)

آريڙو (پنو عاقل)

اُڇ (بدين)

الهه آباد (ٺل)

آساسر (کپرو)

اڇڙو (بدين)

الهه آباد (روهڙي)

آکيرو (ڪنڌڪوٽ)

اختيار ويسر (ميرپور ماٿيلو)

الهه آباد (ڳڙهي خيرو)

آگاڻي (لاڙڪاڻو)

اُڍوئي (نارو)

الهه آباد (ميروخان)

آگرو (پنو عاقل)

اُڍيجاڻي (ديرو محبت)

اَمحابو (جيمس آباد)

آلڻي (حيدر آباد)

اُڍيجاڻي (سجاول)

امروٽ (ڏوڪري)

آمري (ٽنڊوالهيار)

اُرادو (فيض گنج)

امروٽ (ڳڙهي ياسين)

آنگاهو (سکر)

اروڙ (روهڙي)

اُمَنُ (خيرپور تعلقو)

آنھُون (وارهه)

اروڻي (جوهي)

اميد پور (حيدرآباد)

امير آباد (گهوٽڪي)

اوجهري (بدين)

اوهَانچو (هالا)

امير آباد (ڳڙهي خيرو)

اوچيھڙ (پنو عاقل)

اُهبُ (ميرپور ساڪرو)

امير بخش لغاري (ميرپور خاص) اوڇو (ڪوٽڙي)

اهڙا مار (ننگر پارڪر)

امير شاهه (ڳڙهي ياسين)

اوڏياڻو (شهدادڪوٽ)

اهير (قمبر)

اميلاڻو (ڪراچي)

اورنگ آباد (ڳڙهي ياسين)

اَئنڊي (فيض گنج)

اميناڻي (دادو)

اَوَڍَ (سانگهڙ)

اُيَٽپار (سانگهڙ)

امين اوڪر (کپرو)

اوڍا (بدين)

ايراچو (شاهه بندر)

امين نريڙو (بدين)

اوڍا (ڳڙهي ياسين)

ايراضي (گوني)

انبار (ميھڙ)

اوڍاڻو (ٺُل)

ايراضي سعدڪي

انڙ (رتوديرو)

اوڍرڪي (گوني)

(پنو عاقل)

انڙ پور (ڪوٽڙي)

اوڍر والي (گهوٽڪي)

ايراضي گهوٽڪي

انڙڪي (ٽنڊوباگو)

اورل (پنوعاقل)

(گهوٽڪي)

انڙڪي (ٽنڊوباگو)

اورنگ آباد (جيڪب آباد)

ايلاچي (کپرو)

اُنڙڪي (گوني)

اوڪراڙو (عمر ڪوٽ)

ايلچي (ٽنڊوالهيار)

انگڙي (بدين)

اُونها ٿڌا (کپرو)

ايلچي (ڪوٽڙي)

انگئي (جوهي)

اُونھَرَ (ننگر پارڪر)

ايلچي (قنبر)

انھيري (فيض گنج)

اووڙي (ٽنڊو باگو)

***

پسون، راڳ ساز، ڳهه، زيور، ڀرت جو نمونو ۽ ڪپڙو
ـــــــــ پِسونـــــــــ

”الف“ سان شروع ٿيندڙ مختلف جانورن، جيتن، پکين ۽ ٻين ساهوارن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا. پسونڀياس (زوالاجي) جي ڄاڻن کي خاص گذارش آهي ته گهٽ ۾ گهٽ پسون ڀياسي نالو (زولاجيڪل نيم) ۽ ان جي بدران ڪم ايندڙ عام انگريزي لفظ جي ڄاڻ ڏين.

  1. حسب نسب
  2. سڃاڻپ
  3. آبھوا (ملڻ، پلجڻ، وڌڻ، ويجهڻ وغيره جو هَنڌ)
  4. واڌ ويجهه جو طريقو
  5. فوٽوگراف يا اسڪيچ
  6. واسطيدار هر قسم جي ڄاڻ

”الف“ سان شروع ٿيندڙ نالو جيڪڏهن رهجي يا غلط لکجي ويو هجي ته مھرباني ڪري ٺيڪ ڪندا.

آب زُلال، ڪينئون

آٽيرڻ، پکي

آبياري، پکي

آدم (اُٺ جو قسم) جانور

آبنوس، مڇي

آڏڻ، پکي (ٻانڊي جو ڪانءُ ـــ ٻگهلو) آبوجهلي، پکي

آڙ (آرَ) جيت

آتش افروز (عنقا، سيمرغ، گرڙ پکا) پکي

آڙي، پکي (ٻولاهي؟)

آتش خوار (ڏسو، ققنُس) پکي

آل، مڇي

آتورو (ٽنڊڻ جو هڪ قسم) جيت

آم، مڇي

آڻيان (مانگر مڇيءَ جو قسم ) مڇي

اصيل (ڪُڪڙ جو قسم) پکي

آونگ، مڇي

اصيل (نانگ جو قسم) جيت (؟)

آهو (ڪبوتر جو قسم) پکي

اڪ مڪڙ (سائو مڪڙ، گوگو) جيت

آهو (ڏسو، هرڻ) جانور

اڳھيـﮧ (نانگ جو قسم) جيت

آهينُ (مک جو قسم) جيت

ال، مڇي

آئَو، مڇي (ڄرڪو)

الپاڪو، جانور

ابابيل، پکي

الل، خيالي، پکي

اُٺ، جانور

اُلو (چٻرو) پکي

اُٺ منگل (گهوڙي جو قسم) جانور

الي، جيت

اڇو تتر (تتر جو قسم ) پکي

اَليھر (ڪاريھر نانگ)

اڇو پٿون (اڇي رنگ واري پاپيلٽ) مڇي

انڌي منگر (مانگر مڇ جو قسم )

اڇو جائو (ڪڪڙ جو قسم) پکي

اوٺار، مڇي

اڇو ڏنديو، مڇي

اوٺي (رڍ جو قسم) جانور

اڇو ڪرڙو، جيت

اوٺيرَ، مڇي

اڇو ڳيرو (ڳيري جو قسم) پکي

اوٺي ڳلهي (ٻڪري جو قسم) جانور

اڇوني (ٻڪري جوقسم)جانور

اُونٿو (چوٿو، ڏٿو) جيت

اڇوني ريڍي (ٻڪري جو قسم) جانور

اوُنٽ، مڇي

اڇي چانهين (ٻڪري جو قسم) جانور

اويسرَ، مڇي

اُڏيھي (اڏوهي) جيت

اَيراني (تتر جوقسم) پکي

اُرلو، پکي

ايڙڪ (جهنگلي ٻڪر يا گهٽو) جانور

ارني ڪاري (مينهن جو قسم) جانور

ايل (هڪ قسم جي ٻڪري يا رڍ) جَانور

اروش (نانگ جو قسم) جيت

ايلاچي(منگر مڇي جو هڪ قسم)

·

هيٺ ڪجهه راڳ ۽ ساز، ڳھه ۽ ڀرت ۽ ڪپڙن جا نالا ڏجن ٿا. انهن جي سلسلي ۾ ممڪن تحقيقي ۽ سٺي ڄاڻ ۽ جن جو فوٽوگراف ممڪن هجي، انهن جا فوٽوگراف (يا اسڪيچ) ۽ ٻين ضروري تفصيلن جِي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا جي سلسلي ۾ گهرج آهي.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا کي اعليٰ معيار جو ڪتاب ٺاهڻو آهي، جيئن ريفرنس لاءِ ڪم اچي سگهي. ان ڪري هن ۾ ڄاڻي سگهڻ جھڙي هر شيءِ ۽ سنڌ جي ثقافتي پس منظر کي اجاگر ڪندڙ هر موضوع کي بھترين انداز ۾ پيش ڪرڻو آهي. جيڪڏهن واسطيدار موضوع هيٺ ترتيب ۾ ڪا شيءِ، ڪو موضوع رهجي ويو هجي ته مھرباني ڪري نشاندهي ڪندا.

ـــــــــ راڳ، سازـــــــــ

آبري، راڳڻي

اُڇاڙو، راڳ

آبري، سر

ڇڙوٽي (يڪتاري وڄائڻ جو نمونو)

آڀيري، راڳڻي

امروهي (موسيقي جو هنر) (؟)

آڙو چوتال، وڄت

انتر نامي، وڄت

آڙي، راڳڻي

انترو (راڳ جو وچ)

آسا، راڳڻي

اوجُ سُر، موسيقي

آساوري (اساوري) راڳڻي

اورنگي، موسيقي

آساوري، ٺاٺ

اوغان، راڳڻي

آوهه، ساز

ـــــــــ ڳھه، زيورـــــــــ

آڱوٺي

اڻوٽ

ارٽـڙي (نٿ جو پرزو)

اڻوٽي

الپاڪ

اوگينئو

اَلولَڪُ

ايرينگ (ايئر رنگ)

الويڙ (ويڙهه، گهڻ وڪڙ ڇلو)

ايڪواڻي

اَلي (ٽڪلو)

ـــــــــ ڀرت جو نمونو ۽ ڪپڙوـــــــــ

آب روان (ململ جو قسم)

آرُ، اوزار

آٽ، ٽوپي

آر ننڍي

آڌيو، ڪپڙو

آر وڏي

آڏي تار

آرم، ڪپڙو

آڏي ڦري

آڪ (آنڪ، آئڪ)

ابيڇڻي، ڪپڙو

اُرمق، ڪپڙو

اُٺ گهڙيو

اطلس، ڪپڙو

اُجاڙ، سڻي جو ٿلهو ڪپڙو

اُڦڙدو، ڪپڙو

اڌ ڇني

اکڙي

اڌڙ ونج، چادر

الاچو، ڪپڙو (ايلاچو)

اڌڙي

الپاڪو (اُن مان ٺهيل ڪپڙو)

اڌ ڪوٽ

اَوٽي (بخيي جو نمونو)

اڌوترِ، ڪپڙو

اوٽي

اڏ

اوڍڻي (ڪنوار ڍڪڻ جي چادر)

اَرَمُ، ڪپڙو

اورنگزيبي (اورنگ شاهي) ڪپڙو

اُرمڙو

***

وڻ، ٻوٽا، ڀاڄيون، گاهه، پرزا ۽ اوزار
ـــــــــ وڻ، ٻُوٽا، ڀاڄيون ۽ گاههـــــــــ

”الف“ سان شروع ٿيندڙ مختلف وڻن، ٻوٽن، ڀاڄين ۽ گاهن وغيره جا نالا هيٺ ڏجن ٿا. اوڀڙڀياس (باٽني) جي ڄاڻن کي خاص گذارش آهي ته گهٽ ۾ گهٽ اوڀڙڀياسي نالو (باٽنيڪل نيم) ۽ ان جي بدران ڪم ايندڙ عام انگريزي لفظ جي ڄاڻ ڏين.

1. حسب نسب

2. سڃاڻپ

3. آبھوا (ملڻ، پلجڻ، وڌڻ ويجهڻ وغيره جو هنڌ)

4. واڌ ويجهه جو طريقو

5. فوٽو گراف يا اسڪيچ

6. واسطيدار هر قسم جي ڄاڻ

”الف“ سان شروع ٿيندڙ نالو جيڪڏهن رهجي يا غلط لکجي ويو هجي ته مھرباني ڪري ٺيڪ ڪندا.

آبنوس، وڻ

آڇي (بانس جو قسم)

آبنوس، پسارڪو وکر

آڏ انگري، ول

آبُو، گل (ڏسو ڪُوڻي)

آڏيري، ٻوٽي

آٽورو، وڻ ۽ ڦل

آڏيو (جوئر جو قسم) ٻوٽو

آٽورو، پسارڪو وکر (ڪاري گيدوڙي)

آذر، گاهه (اگر، خستوري)

آپوسي (انب جو قسم )، وڻ

آراڙ، گاهه

آچڙو، ٻوٽو

آراڙَي (جوئر جو قسم)، ٻوٽو يا گاهه

آچُو، وڻ

آريٺو، وڻ ۽ ٻج

آڙڪ، گاهه

اُبت ڪنڊي (گدڙ ول) ٻوٽو

آڙو، ميوو

اُٻَـھري (جوئر جو قسم)ٻوٽو

آزاد، زهريلو وڻ

اُڀرٽ (ڏٿ جو قسم) گاهه

آزاد (سرو جو قسم) وڻ

اٽڪ سرخ، پسارڪو وکر

آسار، پسارڪو وکر

اُٽنگڻ، پسارڪو وکر

آساريو، پسارڪو وکر

اُٺَ ڪوڍِيرُ، ول

آساندو (آسانڊو، آسانڌو، آسانڊو، آسانگو)، وڻ

 اُٺڪَچورَ، پسارڪو وکر

آسرنهَه، وڻ

اڇا ڀوپائي (سارين جو قسم) ٻوٽو

آسڪند، ٻوٽي

اڇاتُوت (توت جو قسم) ميوو

آسَنَ، وڻ

اڇا چڻا (چڻن جو قسم) ٻوٽو

آسنڍ (بھمڻ اڇو) پسارڪو وکر

اڇڙا (چانورن جو قسم) ميوو

آسوٽو، ول

اڇڙو (جوئر جو قسم) ٻوٽو

آسودڙو، ٻوٽو

اڇو بازيگر (جوئر جو قسم) ٻوٽو

آسودڙو (لسي ڪَنڊيِ جو قسم) وڻ

اڇو ٻڙانگ (سارين جو قسم) ٻوٽو

آفوس (انب جو قسم) وڻ

اڇو جيرو (جيري جو قسم) ٻج

آڪَرُ ڪرهو، پسارڪو وکر

اڇو ڪَارتُھو (جوئر جوقسم) ٻوٽو

آڪونڊو، ٻوٽو

اڇو گرگلو (جوئر جو قسم)ٻوٽو

آڪونڊو (جابلو ڊڀ جو قسم) گاهه (؟)

اڇو گلاب (چانورن جو قسم) ٻوٽو

آگر، گاهه (آذر)

اڇو گلاب (گلاب جو قسم) ٻوٽو

آگهاڙو، ٻوٽو

اڇي تُري (جوئر جو قسم) ٻوٽو

آلرو (کيرولي جو قسم) گاهه

اڇي ڪَوڏي،کڏڙي (جوئر جو قسم) ٻوٽو

آلُو بالو، ميوو

اُدُمبَرُ (انجير جو قسم)وڻ

آلو بخارو، ميوو

ارني، گل

آمڻ (توتيو، هيراڪس) پسارڪو وکر

ارني (ٽانڪارو) ٻوٽو

آنورو، وڻ ۽ ڦل

ارڻي، گاهه

آڻُ، گاهه

ارُوسو، ٻوٽو

آهُر، ٻج

ارهر (دال جو قسم) ٻوٽو، ميوو، ٻج

آهُو ٻير، پسارڪو وکر

اَڙڪَ گوار، گاهه

اُشترپائي، ول يا ٻوٽو

انبڙي (ڪچو انب)

اشرفي، گل

اندر جَو، ٻوٽو (زنگي)

افسنتين (گوماندر) پسارڪو وکر

اَنڌَڙي، گاهه

اڪ، گاهه

انکرو، ٻوٽو

اَڪَڙُ، ٻوٽو

اَنولاسار، پسارڪو وکر

اَڪڙي، ٻوٽو

اَڻندَ، وڻ

اڪليل الجبل (Rosemary) ٻوٽو

اُونُ، ٻوٽو

اَڪليل الملڪ (Nelibop) ٻوٽو

اوئن، ٻوٽو ۽ گاهه

اکرو، ٻوٽو

اَهُرَ (آهر، رائي) ٻج

اکروٽ، ميوو ۽ ول

اهريو، ٻوٽو ۽ ٻج

اگر (عود؟) وڻ (؟)

ائڻي، گاهه

اُگڻسي، گاهه

ايٺي، ٻوٽو

اڱارَي، ٻوٽو

ايري (چانور جو قسم)

الله جي ماني، ول

ايريال

السي، ٻوٽو ۽ ٻج

ايريو، پسارڪو وکر

اليٽي، ٻوٽو

ايڪڙ (اڪڙ) ٻوٽو

املدَاس (ڇمڪڻي) پسارڪو وکر

ايلاچي (ننڍو ڦوٽو) ڦل

اناپو (نيلو فر يا ڪُم جو ٻج)

ايڻِي گاهه

انب، ميوو ۽ وڻ

ـــــــــ پرزا ۽ اوزارـــــــــ

هيٺ مختلف شين ۽ انهن جي پرزن ۽ اوزارن جي وچور ڏني پئي وڃي. انهن جي شڪل (فوٽو يا اسڪيچ) سان گڏوگڏ ان بابت اهم ڄاڻ جي گهرج آهي. جيڪو پرزو ڪنھن وڏيءَ شيءِ جو انگ (عضوو، لڱ) آهي ان جو ڌار اسڪيچ هئڻ سان گڏ وڏيءَ شيءِ ۾ جنھن هنڌ موجود هجي اها جاءِ به ڏيکارڻي آهي. مثال طور ”انچي رندو“ هڪ سڄو اوزار آهي، ”انچي رندي“ جو خاڪو ڏئي انهن سڀني پرزن جي نشاندهي ڪرڻي آهي ۽ آڏاڻي ۾ ڪم ايندڙ هڪ پٿر يا ٺڪر جي ٽڪر جو نالو ”اڌ لک“ آهي جنھن ۾ ڏور ٻڌي تاڃيءَ جي پڇڙيءَ ۾ لڙڪائيندا آهن ته جيئن ان کي ڇڪي بيھي، اهڙي حالت ۾ ”آڏاڻي“ جو خاڪو ۽ ان ۾ ”اڌ لک“ جي بيھڪ ٻئي ڏيکارڻا آهن.

مھرباني ٿيندي جيڪڏهن غلطيءَ کي ٺيڪ ڪيو ۽ رهجي ويل لفظ جي نشاندهي ڪئي وڃي.

آبدوز آٿر (سنجٽ)

 اُميٿـڻي

آٽيرڻ

انب ڪُنيرو

آڌي رنبو آڏ (ٻيري جو منھن وارو پاسو)

انبور (انبوري)

آڏ (هندن ۾ در تي ”و“ جو نشان)

انبي (هنڀي، انبيو، انڀي، ڏوئي)

آڏ (سڙهه جي ڪاٺي)

انجيس

آڏاڻو آڏ (ڍڳي گاڏي جي ڪاٺي)

انچي رندو

آڏَڻِ (گهوڙي يا مُني)

اُنڪُش

آر

انگري (زرهه، پاکر)

آريکڻ

انگڙ (انگڙو)

اڌ لک

انگورو

آڌو ڀرو

اوبڻو

آڏي

اوبڻَي

ارَهڻ (ارڻي) (اهرڻ)

اود (اوڌ)

اسطرلاب

اوزار

اڪولاهي

اونگٽ

اڪيلاريو

ائٽ (اَيٽ)

اکري

اَيٽڙي

اگردان

ايڪوائي

***

ليکڪ 

”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ لاءِ الف سان شروع ٿيندڙ جن ليکڪن جا نالا گڏ ڪري سگهيا آهيون، انهن جي وچور هيٺ ڏجي ٿي. هن وچور ۾ ڪن نالن کان سواءِ باقي سڀ اهي آهن جن سنڌيءَ ۾ يا سنڌ بابت لکيو آهي يا وري سنڌي ٻوليءَ ۾ سندن لکڻيون ترجمو ٿي چڪيون آهن. ڪجهه نالا اهڙا به آهن جن سنڌيءَ ۾ يا سنڌ بابت لکيو ته ناهي، پر سنڌ ۾ اوپرا ناهن، جيئن افلاطون ۽ ارسطو وغيره. اسين ڀليءَ ڀت ڄاڻون ٿا ته پنھنجي محدود وسيلن ۽ ڄاڻ جي ڪري اسان کان ڪيتريون ئي کوٽون يا ڪچايون ٿي سگهن ٿيون جن کي ختم ڪرڻ لاءِ ۽ هٿ ونڊائڻ لاءِ پنھنجن سڄاڻ قلم ڌڻين جو فرض سمجهون ٿا. هن وچور ۾ ڄاڻائي سگهڻ جھڙا ڪيترائي نالا پڪ ئي اسان کان رهجي ويا هوندا جن جي نشاندهي ڪري اسان جي رهنمائي ڪئي ويندي ته ٿورائتا رهنداسي. ڄاڻايل قلمڪارن بابت هيٺ ڏنل ترتيب موجب ڄاڻ موڪلي وڃي.

1. سڄو نالو ۽ قلمي نالو، فوٽو گراف يا اسڪيچ.

2. پيءُ جو نالو.

3. ڄمڻ جي تاريخ ۽ هنڌ (۽ جيڪڏهن مرتيو ٿيل هجي ته اها تاريخ ۽ هنڌ).

4. پورو پتو.

5. لکڻيون ـــــ ڇپيل يا قلمي صورت ۾ موجود.

6. حياتيءَ ۽ لکڻين جو هڪ عام جائزو.

7. لکڻين جي خصوصي ۽ تفصيلي ڇنڊڇاڻ.

آتم انقلابي، آتما نامه، آثار آرائين، آثم، آپٽي هري نارائڻ، آچار محمد، آچاريه راڄ گوپال، آخوند اي ايس، آخوند حاجي عبدالرحمان ”انجم“ هالائي، آخوند خير محمد، آخوند رشيد،آخوند زخمي هالائي، آخوند شفقت، آخوند عبداللطيف ”عبد“ صديقي، آخوند گل محمد هالائي، آخوند منور جي، آدرش، آدرش ڀٽو، آدرين ايف، آدم علي ٽالپر مير، آڏواڻي ايل ڪي، آڏواڻي ڀيرومل مھرچند، آڏواڻي جي بي، آڏواڻي ڪوٽومل ڄيٺمل، آڏواڻي نولرام شوقيرام، آڊين جي بي، آذر سنڌي، آذر ناياب، آرائين ايس اي، آرائين پروفيسر افتخار احمد، آرائين غلام عرفاني، آر اي جعفري، آر ايس شرما، آر ايم (حيدر بخش) سرهيو، آربيري اي جي، آر ڊبليو قادري، آرڊن وارڊ ڊبليو ايڇ، آرچر جيفري، آرزو عزيز، آرزو ڪنول، آر ڪي نير، آريجو حافظ محمد، آريجو عبدالله، آريسر عبدالواحيد، آريسر غلام مصطفيٰ، آريسر گل محمد، آريسر مير حسن، آريسر ثاقب، آرين (؟)، آزاد ابوالڪلام، آزاد بخاري، آزاد بروهي، آزاد جامڪيش، آزاد جي، آزاد خدا بخش، آزاد زرداري، آزاد سائل، آزاد سبحاني، آزاد ميمڻ، آزاد ناياب صديقي، آسانند مامتورا، آس قاضي مس، آسناڻي ڀڳت کيمچند ڀيمومل، آسواڻي نٿومل، آسودو مل ٽيڪمداس، آسي زميني، آشا درگاپوري، آصف بالادي، آصف پھوڙ، آصف ناريجو، آصف علي ڄمون خان، آصف علي ميمڻ، آصف قاضي، آصف مٺياڻوي، آصف مصراڻي، آصف مصراڻي گلبدن، آغا بشير، آغا تاج محمد خان، آغا خواجا شاهه، آغا رفيق، آغا رياض، آغا سعيد، آغا سليم، آغا صوفي، آغا عبدالنبي آغا، آغا عبدالنبي خان عليگ، آغا عرفان الله، آغا عرفانه پروين، آغا قيوم، آغا لياقت علي، آغا محمد علي، آغا محي الدين حسن پروفيسر، آغا مسعود حسن، آغا منير، آغا مھدي حسن، آفاق صديقي، آفتاب ابڙو [ڊاڪٽر]،Å آفتاب احمد چنڙ، آفتاب احمد قريشي، آفتاب احمد شاهه لڪياري، آفندي حسن علي، آقائي حسن قلعي ”مستان“، آڪاش، آڪاش انصاري، آڪاش ڀنڀرو، آڪاش سنڌي، آگرو الطاف حسين، آگرو عبدالله، آگرو غلام رباني، آگم جوکيو، آمنا رحمان، [آمنه سومرو ڊاڪٽر]، آنچل، آندري مارور، آندري گروميڪو، آنند رام ”مخلص“، آنند رام طوطلداس، آنند کيماڻي، آنند گولاڻي، آنول ايم ڊي، آوتراءِ روپچند منچنديا، آهوجا امر راجنداس، آهوجا درشن ديدار، آهوجا سڳن، آهوجو سميع، آءِ آءِ قاضي علامه، آءِ ڪي پيرزادو، آئل مل نصرپوري، آير ٿياگراچا اي وي، آينگر ايم اي ايس، ا ب ت، ابرار علي انڙ، ابرار قاضي، ابراهيم اسير ملاح، ابراهيم جويو محمد، ابراهيم خشڪ، ابراهيم خليل شيخ ڊاڪٽر محمد، ابراهيم سنڌي، ابراهيم سومرو محمد، ابراهيم کرل، ابراهيم منشي، [ابڙو احساس]، ابڙو امتياز، ابڙو انور، ابڙو اياز عالم، ابڙو بدر، ابڙو جوش، ابڙو حنيف، ابڙو خدا بخش، ابڙو رعنه، ابڙو روبينه، ابڙو زاهده، ابڙو سرتاج، ابڙو سچل، ابڙو صفيه ڪنول، ابڙو طارق عالم، ابڙو طارق نفيس، ابڙو عبدالباري، ابڙو عبدالهادي، ابڙو عطاءُ الله، ابڙو غلام رسول هالائي، ابڙو قمر الدين، ابڙو قيس عالم، ابڙو محبوب، ابڙو منظور حسين، ابڙو منصور عالم ”من“، ابڙو منور، ابڙو مير نواز، ابڙو نصرت حسين پيراڻي، ابڙو نياز، ابڙيجو هدايت الله، ابڙيجو زاهد مشاق، ابن اثير، ابن بلخي، ابن جلال، ابن جوقل (محمد عبدالقاسم)، ابن حيات پنھور، ابن دلگير، ابن سنڌ، ابن صفي، ابن گل سومرو، ابو اسحاق الشيخ، ابو اسلام عابد لغاري، ابوالحسن، ابوالعباد فقير ثناءُ الله، ابوالفات قابل خان شيخ، ابوالفضل علامه، ابوالقام نمڪين، ابوالڪلام آزاد، ابوالهاشم مولوي عبدالخالق ڪنڊ، ابوبڪر (هڪ جهونو شاعر)، ابوبڪر ايم، ابوبڪر شبلي، ابوبڪر شيخ، ابوبڪر صالح شيخ، ابو تراب، ابو جبران، ابو حسن بن محمد امين گلسند، ابو رضا، ابو زيدالحسن آف سان، ابو سھيل سنڌي، ابو شھاب رفيع الله، ابو طالب الحسيني، ابو ظفر مولوي، ابو محمد بديع الدين شاهه، ابو معاد، ابو ياسر، ابيٽسن سر ڊنزل چارلس، ابي عبيد عبيد الله بن عبدالعزيز، ابيليف پروفيسر جي آءِ، ابيناش سندر، اتم اي جي، اتم ٺڪر ڊاڪٽر (اتمچند ٺڪر)، اتمچنداڻي سندري، اثر، [اثر امام]، اثر سنڌي، اُپاڌيا ڪُرجي جاديوُ مير، اُپيندرا ناٿ پال، اجمل هدا ڀٽو، اجمل بيگ مرزا، اجواڻي ايل ايڇ، اڄڻ ظفر، اڄڻ عاجز، اڄڻ مرتضيٰ گوهر صالحاڻي، احساس فيروز الدين، احسان الله، احسان الله بدوي، احسان الله خان ڊاڪٽر، احسان ايس زيد، [احسان دانش ڊاڪٽر]، احسان دانش جمالي، احسان فقير لانگاهه، احسن الھاشمي، احسن چنا حافظ، احسن ڪربلائي، احسن مورياڻي، احقر احمداڻي ڊاڪٽر غزاله، احمد ايس امام، احمد ايس حسن، احمد ايم ڊي، احمد بخش ڏيپر، احمد بشير، احمد جميل، احمد جي ڇاڳلا، احمد چانڊيو، احمد ڀاڳلا (احمد جي ڇاڳلا)، احمد حسين ٽالپر، احمد خان، احمد خان ”آصف“ مصراڻي، احمد مصراڻي ، احمد خان احمداني، احمد خان چانڊيو، احمد خان فراز ”لطيفي“، احمد خان سولنگي، احمد خان شيخ، احمد خان طالبائي عامري، احمد خان گلزار پليجو، احمد خان مدهوش، احمد خان ملڪاڻي، احمد خان ميمڻ، احمد خان نظاماڻي، احمد شاهه ”استاد بخاري“، احمد شاهه بچل شاهه ”رفيق“، احمد شفي، احمد شيخ، احمد صديق سونڊوي، احمد صافي نجفي، احمد ”ظفر“، احمد عبدالله، احمد علي انصاري، احمد علي بلوچ، احمد علي جتوئي، احمد علي چانڊيو ”صابر“، احمد علي چنا، احمد علي خان هاشمي پروفيسر، احمد علي شاهه بخاري، احمد علي صافي ”نجفي“، احمد غلام علي، احمد محي الدين ڊاڪٽر، احمد مصر، احمد ملاح حاجي، احمد ملاح مولوي، احمد ميمڻ، احمد ولد محمد اسلام، احمد همداڻي، ”اختر“ احمد خان، اختر انصاري، اختر ايس ايم، اختر بخاري، اختر بروهي، اختر بلوچ، اختر حسين بلوچ، اختر دايو، اختر درگاهي، اختر هالائي، اختيار پروين منگي، اختيار کوکر، اخلاق انصاري، اداسي ايم اسماعيل حاجاڻو، اداسي غلام نبي، ادا فضل قاضي، ادريسي (ابو عبدالله محمد)، ادل سولنگي، ادل سومرو، ادل عبدالڪريم، اديب جاويداڻي، اڌارام ٿانورداس، اڌارام راءِ صاحب، اڌين آر، اُڍو امداد علي، اڍيجو فيض محمد، اراڄ اسفاشر، اراند سر هينري، ارائو مُٿن ٽي جي، ارباب سنڌي، ارباب علي ڇڄڙو مورائي، ارباب علي شاهه، ارباب علي عادل چوهاڻ، ارباب عمر الدين، ارباب منگي، ارجن چاولا ”سائل“، ارجن داس رامناڻي، ارجن ڊيٽارام ”سڪايل“، ارجن سامتاني، ارجن شاد، ارسطو، ارسڪن ڊبليو اي، ارشاد، ارشاد احمد حقاني، ارشاد احمد مورياڻي ڊاڪٽر، ارشاد بلوچ، ارشاد پٺاڻ، ارشاد جوکيو، ارشاد حسين قاضي، ارشاد ساگر، ارشاد سائل، ارشاد شيخ، ارشاد عاشي ميمڻ، ارشاد قمر، ارشاد ڪاظمي، ارشاد گلاباڻي، ارشاد مورائي، ارشد اي، ارشد سراج، ارم محبوب شيخ [ارم محبوب]، ارنالڊ سر ايڊون، ارون ڊبليو، ازير ايم، اسامي علامه استاد، استاد امير بلوچ، استاد حاتم مگسي، استاد نظاماڻي، استخطري، اسٽاڪ جي اي، اسٽالزڪا ڊاڪٽر فريد، اسٽائيسٽيڊ جارجيانا ڪئپٽن، اسٽائيف اي ڊبليو، اسٽر آر ايڇ، اسٽرابو، اسٽرابو آف ايشيا مائينر، اسٽراچن جيمس، ايم، اسٽراگ لي، اسٽرن ڊيل آر اي، اسٽرنگر ڪي وين، اسٽوري سي اي، اسٽوقلر جي ايڇ، اسٽونور آر ايف، اسٽوئرٽ سي جي، اسٽيفنس آيان ميلولي، اسٽيفن زواگ، اسٽيڪ ڪئپٽن جارج اي، اسٽوراٽ آر آر، اسٽيوارٽ ميجر چارلس، اسٽيونس ڪئپٽن جاز، اسپاٽس ووڊ، اسپراٽ ايف ايل، اسپرينگر اي، اسپرينگلنگ ايم، اسپڪنر نال اي، اسپونر ڊي بي، اسپيٽ او ايڇ ڪي، اسپينال اي، اسپيئر پرسول، اسحاق انصاري، اسحاق اي آر، اسحاق ايس ايم، اسحاق ايم عرساڻي محمد، اسحاق حيدر، اسحاق راهي، اسحاق سميجو، اسحاق سومرو، اسحاق لوهر (اسحاق آهنگر) (جنھن جا بيت مجزوب بزرگ شيخ ڀريو ويرداس پڙهندو هو)، اسحاق محمد، اسحاق مڱريو، اسدالله ”اسد“ سومرو، اسد الله بلوچ، اسد الله ڀٽو، اسد الله شاهه ”بيخود حسيني“ ڊاڪٽر، اسد انور بلوچ، اسد بيگ ”آصف“ مرزا، اسد بيگ ”اسد“ مرزا، اسد ٽکڙائي، اسد ٿومس جي، اسد عابد قاضي، اسد عباسي، اسد ڪيريو، اسرار الحق، اسرار شام، اسرار عباسي، اسڪاٽ، آرٿر ايف، اسڪاٽ ڊبليو، اسڪندر بن محمد، اسڪئٽر گوڊس اسڪين ڌو، اسلام ايس آر، اسلم آزاد ڊاڪٽر، اسلم اڪبر قاضي، اسلم اي ميمڻ ”مسافر“ نندائي، اسلم ڀٽي، اسلم تنيو، اسلم چنا محمد، اسلم ساريو ڪَڪڙائي، اسلم سنديلو، اسلم سومرو، اسلم سي آر، اسلم شيخ ”مهراڻ“، اسلم صديقي، اسلم عارباڻي، اسلم لاشاري، اسلم لغاري، اسلم ”واصف“، اسليپينانٽس ايم ٽي، اسماعيل ايس خواجه، اسماعيل بن واصف، اسماعيل چانڊيو، اسماعيل خاصخيلي محمد، اسماعيل زاهد ملڪ، اسماعيل صادق، اسماعيل لغاري، اسمٿ اين ايڇ، اسمٿ جي ڊبليو، اسمٿ ڊبليو، اسمٿ ونسينٽ اي، اسنيڊ روڊ مئن اي، اسنيل گروو اي ڪي، اسوالڊ مٽيسالي، اسير قريشي، اسير ڪلياڻي، اسير ملاح، اشتياق احمد، اشتياق انصاري، اشتياڻي عباس اقبال، اشٽن سر ليگهه، اشرف امر لاشاري، اشرف پيرچنداڻي، اشرف سومرو محمد، اشرف شاهه اشرف علي، اشرف علي ”اشرف“، اشرف علي عباسي، اشرف علي منشي مير، اشرف مرزا، اشرف واصفاني، اشفاق آذر، اشفاق انصاري، اشفاق حسين سيد، اشفاق حسين عمراڻي، اشفاق سومرو، اشنر ايمرسن سي، اشوٿاما، اشوڪ بختاڻي، اشوڪ ڪمار ايل نانڪاڻي، اشوڪ لعل، اشير هاد لال، اصغر اي جي، اصغر جتوئي، اصغر چنا ڊاڪٽر، اصغر ساگر، [اصغر سجاڳ]، اصغر سنڌي، اصغر سيتائي، اصغر گرزائي، اصغر حالو، اضعف هالائي، اطھر علي، اطھر منگي، اطھر موساڻي، اظھار سنڌي، اظھار سومرو، اظھر ٻانڀڻ، اظھر فاروقي ڊاڪٽر، اظھر گيلاني، اظھر مولائي ميان، اعجاز ، اعجاز الحق قدوسي، اعجاز انڙ، اعجاز ٻرڙو، اعجاز ٽو، اعجاز پليجو، اعجاز جڙيل جتوئي لاڏيون، اعجاز حسين سومرو، اعجاز سنڌي، اعجاز شيخ، اعجاز علي خواجا، اعجاز علي ملاح، اعجاز منگي، اعجاز نوري، اعظم ڀٽي، اعواڻ آزاد سچل، اعواڻ محمد سعيد، اعواڻ مسرت نواز، اعيانگر ڪرشن سوامي، افتخار احمد سومرو، افتخار حسين لغاري نواب، افروز شورو، افسر علي ايم ڀٽو، افضال شاهد، افضال قادري ڊاڪٽر، افضال نعيم، افضل قادري، افضل قريشي ڊاڪٽر، افضل لغاري ڊاڪٽر، افضل مسر پوري، افغان حاجي عبدالنبي، افلاطون، اقبال احمد مگسي، اقبال اسرار سيھڙ، اقبال بلوچ، اقبال بن صديق قريشي، اقبال ترين، اقبال جتوئي، اقبال حسين قاضي، اقبال خشڪ، اقبال رند، اقبال سرڪڙي، اقبال ميمڻ حافظ، اقرا، اڪبر اديب، اڪبر ساگر، اڪبر سومرو، اڪبر سيد، اڪبر شاهه سيد، اڪبر ڪنڊياروي ”آزاد“، اڪبر گل سمون، [اڪبر لغاري]، اڪبر نظاماڻي، اڪبر نھڙيو ”ناز“، اڪرام احمد تنيو، اڪرام ايس ايم، اڪرام حسين، اڪرام ساگر عباسي، اڪرام مغل، اڪرم ابڙو، اڪرم انصاري، اڪن محمد جمن دايو، اڪن محمد حسين دايو، اگاٿا ڪرسٽي، اگروال ڊي پي، الا دويسي ابو عبيدالله محمد شريف، الانا امين غلام علي، الانا، غلام علي خواجه [ڊاڪٽر]، الله بخش احمد زرئي حڪيم، الله بخش بروهي، الله بخش راٺوڙ، الله بخش قريشي، الله بخش نظاماڻي، الله وڌايو سھاڳ، الاهي بخش بلوچ، الاهي بخش دوراپوري، الاهي بخش ساهووال، الاهي بخش لاڙڪ، الاهي چنا، البرٽ ڪاميو، البرٽو موراويا، البشام البلاڌري، ابن الحسن احمد بن يحيٰ، البيروني ابوريحان، الٽيڪر اي ايس، الستي فقير عبدالغفور، الطاف، الطاف احمد، الطاف احمد مغل، الطاف بيدار، الطاف جتوئي، الطاف حسين چوڌري، الطاف حسين شيخ، الطاف حسين نظاماڻي، الطاف سنڌي، الطاف شيخ، الطاف عاصي، الطاف قادري، الطاف ملڪاڻي، الطاف ميمڻ، العظيمي عزيز سولنگي، الف انقلابي، الف ع شيخ، الڪاڪ ليسلي اي، الڪرامي الياس، المنفلوطي مصطفيٰ لطيفي، الهه آباد مولوي، الهه بچايو ڀٽو، الهه بچايو شيخ، الهه بچايو لغاري، الهه بچايو يار محمد سمون، الهه بخش ايم نظاماڻي، الهه بخش ٽالپر، الهه بخش چانڊيو مولانا، الهه بخش ”سرشار“ عقيلي، الهه بخش کهڙو مخدوم، الهه بخش مھيسر مولانا، الهه بخش هاشمي مولوي اٻوجهه، الهه جڙيو، الهه جڙيو ”شاد“، الهه داد (الله داد)، الهه داد ٻوهيو ڊاڪٽر، الهداد فيض سرهندي، الهداد مھيسر، الهڏنو اياز، الهڏنو خان پٺاڻ، الهڏنو ڪاڪا، الهڏنو گوپانگ، الهنواز رڪڻائي، الهنواز ناز، الهوڌايو سھاڳ، الهورايو اداسي، الهورايو بھڻ، الهورايو سجاد، الهورايو سولنگي سنڌي، الهورايو ”طارق“ شڪارپوري، الهورايو محمدي ڊاڪٽر، الهه وسايو ”ڪفشدور“ ملا، الياس احمد، الياس اسلام، الياس بي يونس، الياس سيتاپوري، الياس عشقي، اليڪساندر سيراه وچ، الينا ڪاتسيوبا، الين رپو جي اين، امام بخش ”خادم“، امام بخش ناديو، امام بخش مرزا، امام بخش ملاڻو، امام بخش ”نياز“، امام راشدي، امام شغاني، امام علي بيگ ”افسر“ مرزا، امان الله، امان الله ٻگهيو گچيرائي، امان الله خان، امان الله سرهي، امان الله سومرو، امان الله شيخ، امان الله ”مفلح“ فقير، امان الله ناظم، امان ڀٽي، امان راهي، امان شيخ، امان علي ”اظھر“ سمون، امان ميمڻ، اسڪر جي آر، امبيدڪر ڊاڪٽر جي آر، امتياز حسين قاضي ”خيام“، امتياز عالم سمون، امتياز علي ٻرڙو، امتياز قريشي، امتياز منگي، امتياز ميمڻ ڊاڪٽر، امجد علي ايس، امداد چانڊيو، امداد حسين، امداد عباس فدا، امداد علي، امداد علي امام علي (آءِ آءِ) قاضي، امداد علي بروهي، امداد علي حداد، امداد علي کڏو (؟)، امداد علي کھڙو، امداد محمد شاهه، امر، امر اقبال، امرتا بيدل، امرتا پريتم، امرتا سنڌي، امرجليل، امر ساهڙ، امر سنڌو، امر لعل وسڻمل هڱوراڻي، امر لغاري، امله البرٽ بي، ام ناصر، امن سنڌي، امياٽس ملر سليٽس، اميد خيرپوري، اميد علي زرداري، اميد علي شاهه، اميد علي ميرجت، امير ابڙو، امير احمد، امير احمد عباسي مخدوم، امير بخاري، امير حسين شاهه، امير حمزو مسافر، امير خسرو، امير صديقي مس، [امير علي چانڊيو]، امير علي قادري، امير علي ڪاظمي، امين ارباب، امين ترين، امين ٿيٻو منگرائي، امين ٿيٻو، امين محمد صديقي مخدوم پير، امين محمد فهيم، امين مخدوم عمر، امينه صديقي، انب گوپانگ، انتخاب شاهه، انجمن سومرو، انجم هالائي، اندرا هريش واسراڻي مسز، انڊڙ حافظ ارشد، انڙ مختيار، انڙ گلزار، انصار احمد سومرو، انصار اسلم مسرور، انصاري اي ايڇ، انصاري ايم آءِ، انصاري ايم اي ايڇ، انصاري ايم ايم، انصاري بشير اي، انصاري ٽي اي، انصاري ڊاڪٽر علي محمد، انصاري ڊاڪٽر نور عالم، انصاري زهره جبين، انصاري سارنگ، انصاري شيخ صادق علي شير علي، انصاري فاروق، انصاري عبدالله، انصاري عثمان علي، انصاري قمر، انصاري مجروح عزيز هالا، انصاري مھر النساءِ، انصاري نديم، انعام ڀٽو، انعام ڀٽي، انعام شيخ، انعام عباسي، انقلابي امر اقبال، انقلابي طفيل مگسي، انگر سال رابرٽ گرين، انگليس چارلس سي، انندرام ”مخلص“، انندرام مھر، انوار احمد قاضي، انوار پيرزادو، انوار سبھاني، انور، انور ابڙو، انور الدين احمد قريشي، اينور ايمار، انور ٻٻر، انور پيرزادو، انور عبدالعزيز، انور علي ح سومرو، انور عنايت الله، انور علي عبدالڪريم خواجا، انور فگار هڪڙو، انور ملاح، انور هالائي، انويراٽي جي ڊي، انيتا غلام علي، انيس، انيس احمد عباسي، انيس الدين، انيس الدين احمد ڀٽي، انيس انصاري، انيس ٻرڙو، انيس مھيري محمد ابراهيم، انيڪر ايم وي، انيلا بلوچ، انيلا جعفري، انيل گاف، اني ماري (اينيمري) شمل ڊاڪٽر، انيم اي عبدالله، اوارو بي پي، اوان زادانوف، اوانو ولاديمير، او بريان اي پي، او بريان اِي، اوترام جنرل سر جيمس، اوٺار نبي بخش، اوٺو ڌڻي بخش، اوپنھيم اي ايل، اوجها منگهارام، اوڌ راجا چندر سڀا، اوڌم آر ڊي، اوڌم سي ايف، اوڏ جيئل، اوڏ رامچند، اورمي رابرٽ، اورنگٽن جي، اورنگزيب شيخ، اوريانا فلاسي، اوستو امتياز علي، اوستو در محمد، اوسلي سر ڊبليو، او گلبي جاهن، اولرچ ليوپولڊ وان، اولم ايف، اولمسٽيڊ اي ٽي، اوليور ايڊورڊ اِي، اونو رانيڪو، اونيل جوڊٿ، اويس احمد، اويس انقلابي، اهير شمن آر، ائنٽي (ينشي) وديار ٿي، اياز آزاد سومرو، اياز بخاري، اياز ڀاڳت، اياز پاٽولي، اياز جاني، اياز حسين قادري پروفيسر، اياز سولنگي، اياز سنڌي، [اياز شيخ]، اياز علي اين شيخ، اياز علي، اياز علي وراهي، اياز کتري، اياز گاد، اياز گل، اياز لطيف پليجو، اياز لطيف دايو، اي ايڇ محمد، اي ايف ميمڻ، اي اي قريشي، اي ايم بزمي، اي ايم جعفري، اي ايم ميمڻ ڊاڪٽر، ايبٽ ايِ، ايبٽ جي، ايبٽ ڪئپٽن جيمس، ايبسن هينري، ايٽس ڪي آر، ايٽڪن اي سيڇ، ايٽڪنسن جيمز، اي ٽي شاهاڻي، اي جي بشير احمد، اي جي پيرزادو، اي جي چانڊيو، ايچيسن سي يو، ايچيسن سي يو اي، ايڇ آر ميمڻ، ايڇ ايم صادق، ايڇ ايم گربخشاڻي، ايڇ اين سنڌي، ايڇ بي، ايڇ جي ويلس، ايڊڪندس جي، ايڊمنڊ سي، ايڊورڊس ايس اي، ايڊورڊ ليفٽيننٽ، ايڊورڊ مائيڪل، ايس احمد، ايس اڪرام الدين، ايس امداد بخاري، ايس اي، ايس اي ايڇ رضوي ڊاڪٽر، ايس اي پنھور، ايس اي عزيز، ايس ايس زليخا، ايس ايم حامد علي، ايس تصور، ايسٽوڪ ايِ بي، ايسٽوڪ ڊبليو جي، ايسراڻي، اشوڪ ڪمار ڊي، ايراني اشوڪ ڪمار ڊي، ايس سي شهاڻي، ايس سيواڻي، ايس گل ”سپاهي“، ايس منور علي، ايس نسرين، ايس يو شيخ، ايشر لارڊ، ايشور چندر، ايف علي نواز بيگ مس، اي ڪي بروهي، اي ڪي سولنگي، ايگرمانٽ پي ايڇ ايل، ايل ڀڳوانداس، ايل ٽي پنواڻي، ايلڊرچ ايف بي، ايلسا قاضي، ايلس سر بارو هربرٽ، ايلس فيض، ايلس هينري، ايلفنسٽن مائوٽسٽئارٽ، ايلڪ گولار، ايلمد ورٿ، ايلنبرو الارڊ، ايم آر مائيداساڻي، ايم اقبال ”بيوس“ خاصخيلي، ايم اميرالدين، ايم اي ايڇ هاشمي، ايم اي پاشا، ايم اي حسن، ايم ايڇ پنھور، ايم ايس قادري، ايم ايس قريشي، ايم اي صوفي ڊاڪٽر، ايم اي عالماڻي، ايم اي عزيز، ايم اي عظيم ڊاڪٽر، ايم ايم سٺيو، ايم ايم حافظ، ايم ايم (منظور احمد) عرساڻي، ايم ايم ميمڻ، ايم بچل ميمڻ، ايمبري ايناسل، ايمبري جي، ايم بي اياني، ايم حق نواز، ايم ڊي قريشي، ايم رمضان ناشاد ڪنڀر، ايم زمان جوکيو، ايم سي ملڪاڻي، ايم عبدالماجد، ايم قاسم راڄپر، ايم قاسم نوشاد، ايم ڪمل، ايمل لُڊيگ، ايم ناز عباسي، ايمينيئن ايم بي، ايم يونس راهمون، اين اي ڀٽي، اين ايم سومرو، ايٿوونس، اينڊرسن، اينڊرسن ريوپي، اينڊرسن ميجر سي بي، اينڊريو سر ڊبليو پي، ايوب انصاري، ايوب خاصخيلي، ايوب شيخ ڊاڪٽر، ايوب قاضي، ايوب کوسو (محمد؟)، ايوب گاد، ايون هنٽر.

***



ª روزاني ’جاڳو‘ ڪراچي، 15-نومبر 1991ع ۾ ڇپيل.

· روزاني ’جاڳو‘ ڪراچي، 28-نومبر 1991ع ۾ ڇپيل

§ روزاني ’آفتاب‘ حيدرآباد، 14-اپريل 1992ع ۾ ڇپيل.

Å نوٽ: وڏي ڏنگيءَ منجهه اضافا، مرتب پاران ڪيل آهن. (رياضت)

ٻول گھاڙيتو

آءٌ نه عالم آهيان نه اديب ۽ نه ئي وري محقق يا مدبر، پر اهو فخر سو حاصل اٿم ته انهن جي تخليقن جي پاڙي ۾ هڪ شاگرد، سيکڙاٽ جي جذبي سان جيئان ۽ سندن ڄاڻ جي مٺي مھا ساگر مان هڪ اڌ سرڪي ڀري مينھن جي بوند جهپندڙ سپيءَ جيان گدگد ٿيان پيو.

ريڊيو ۽ ٽي وي سنڌي پروگرامن ۽ سنڌي اخبارن، ڪتابن ۽ رسالن، مڃجي ٿو ته، سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري، سونھن ۽ سينگار جي سٺي خدمت ڪئي آهي ۽ ڪن پيا، پر مون کي ڏاڍي افسوس سان اهو به چوڻو ٿو پوي ته، ڪڏهن ڪڏهن نه، پر اڄ ڪلهه اڪثر ڪري ”شان“، ”فصل“، ”ڪتاب“ وغيره جھڙن لفظن کي به جنس مؤنث جي شڪل ۾ ڳالهايو/ لکيو وڃي ٿو ــــ ”منھنجي شان گهٽجي نه ويندي“، ”فصل ڪاٽي وئي،“ ”ٽيبل تي ڪتاب رکي آهي“ وغيره جھڙا جملا پنھنجي ڪنن سان ٻُڌا اٿم. اهڙيءَ طرح ”لاش“، ”علم“، ”ڪتاب“ وغيره جھڙن لفظن جو جمع ”لاشون“، ”علمون“، ”ڪتابون“، وغيره به ڇپائيءَ جي دنيا ۾ عام ڇپجي پيو. ”هوٽلون“، ”مارڪيٽون“ وغيره جھڙا انگريزي ڌاتو رکندڙ لفظ هتي ڄاڻائڻ بدران مٿي ڄاڻايل لفظ خاص ڪري ان لاءِ ذڪر هيٺ آندا اٿم جو اهي لفظ سنڌيءَ جي پھرين ۽ ٻي درجي ۾ ئي پڙهايا وڃن ٿا ۽ اسان جي ڪيترن ئي ”ليکڪ“، ”ڄاڻڪ“ ۽ ”پڙهاڪ“ ماڻهن کي به جيڪڏهن انهن جي جنس ۽ جمع جي سُڌ ناهي ته پوءِ پِٽِڻ کان سواءِ ٻي ڪا راهه ئي نه ٿي بچي! خاص ڪري اخبارن سنڌي ٻوليءَ کي وڌائڻ ۽ سينگارڻ سان گڏوگڏ بگاڙڻ ۽ سورهن سينگار ڪرائي مٿس ڦينگون ڇَٽَڻِ ۾، جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ڪن پيون ان تي اسان جي سڄاڻڪ ماڻهن پئي لکيو آهي جنھن جو اندازو حسام الدين راشديءَ جي مضمون ”سنڌي ٻوليءَ کي للڪار“ (1967) کان وٺي محمد اسماعيل عرساڻيءَ جي مضمون ”ارد - سنڌي“ (1992) تائين ڪَٿي سگهجي ٿو.

سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، سنڌيڪا اڪيڊمي ۽ ان پائي جا ٻيا ادارا، فيروز احمد پارا ڪجهه فرد وغيره پنھنجن ڪتابن، رسالن ۽ مخزنن وسيلي جنھن نموني سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي رسم الخط ۽ صورتخطيءَ کي ٺيڪ رکڻ جا جتن پيا ڪن اهي، بھرحال، ساراهڻ جوڳا آهن. ٻوليءَ کي درست لکڻُ، پڙهڻُ، ڇپڻُ ۽ ڳالهائڻُ هر فرد جو فرض ۽ ان کي بگاڙڻ علمي ڏوهه آهي. آءٌ هڪ سنڌيءَ جي حيثيت ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي ۽ اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن جي پيشڪارن، ايڊيٽرن، رپورٽرن، ليکڪن، ڇپائيندڙن، ڪمپوز ڪندڙن ۽ ٻين واسطيدار ماڻهن کي خاص طرح وينتي ٿو ڪريان ته ٿورڙي بي ڌيانيءَ سبب علمي ڏوهه ڪرڻ بدران ڪجهه ڌيان ڏئي جيڪڏهن پنھنجو علمي، ادبي ثقافتي ۽ اخلاقي فرض پورو ڪندا ته هڪ ٻوليءَ جو تقدس برقرار رکڻ ۾ ساٿي ۽ سھڪاري ٿي پونداسون.

ٻيو مسئلو آهي متبادل لفظ جو. مون پاڪسان ٺھڻ کان اڳ جا ڇپيل جيڪي به ڪتاب ۽ رسالا پڙهيا آهن انهن ۾ ٻوليءَ جي تقدس ڏانھن سنڌيءَ جي ليکڪن، پبلشرن ۽ ايڊيٽرن ۾ هڪ سڄاڻ رويو نظر اچي ٿو. ڪيترن ئي انگريزي، فارسي ۽ عربي لفظن جا ٺھڪندڙ مَٽُ لفظ ڳولي يا سنڌي مزاج ۽ وياڪرڻي اصولن موجب گهڙي ڪم آندا ويا. اڄ به ڪيترائي ليکڪ اهو ڌيان رکن ٿا پر مجموعي طرح ائين ٿو لڳي، ڄڻڪ، انتظار ٿو ڪيو وڃي ته ڪنھن نئين يا نئين نموني واهپي ۾ آيل لفظ جو متبادل پھريائين اردو اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ۾ ڪم اچي ته پوءِ اهو بنا ڪنھن ضروري ڌيان ڏيڻ جي، اکيون پوري، انڌو نقل ڪندي سنڌيءَ ۾ هلايو وڃي. ان قسم جا به ڪيترائي مثال ڏئي سگهجن ٿا پر ڊيگهه کان بچڻ لاءِ هتي رڳو ٻه مثال ڏجن ٿا، هڪ آهي ”ماحولياتي آلودگي“ ۽ ٻيو آهي ”نجڪاري“.

”موحولياتي آلودگي“ انگريزي لفظ ”اينوائرونمينٽل پولوشن“ (Environmental Pollution) جي بدران ڪم آندو وڃي ٿو. ”اينوائرونمينٽ“ جو مطلب آهي اوسو پاسو، پسگردائي، جيڪو ڪجهه هر پاسي موجود موجود هجي، ماحول وغيره، ۽ ”پولوشن“ جو مطلب آهي ناپاڪي، پليتائي، گدلائپ، گدلاڻ، آلودگي وغيره. انگريزي ۾ ڪنھن گهربل لفظ جي پويان ” al̵ “ پڇاڙي طور ملائي ”ــ جو“ــ جي) يا ”ــ وارو“ (ــ واري) مطلب ورتو ويندو آهي يعني ان انگريزي اصلاح جو مطلب آهي ”ماحول جي گدلاڻ”.

”ماحوليات“ جو مطلب آهي ”ماحول جو علم“، ”ماحول بابت ڄاڻ“ وغيره. ”ماحولياتي“ جو مطلب آهي ”ماحول بابت علم جي“ ۽ ”آلودگي“ جو مطلب ”گدلائڻ“ يعني ”ماحول بابت علم جي گندگي“ يا ”ماحول بابت ڄاڻ جي پليتائي“ معنى ۽ مطلب جي لحاظ کان اهو متبادل يا ترجمو ڪيڏو نه کلِ جوڳو ۽ جاهلانه ٿي پوي ٿو!

لفظ ”ماحول“ ئي متبادل طور آڻڻو آهي ته ”ماحول جي“، ”ماحولي“، ”ماحولائي“، ”ماحولاري“ صورتون ئي ”اينوائرونمينٽل“ جو نسبتاً بھترين متبادل آهن ۽ ”آلوده“ جھڙي اوپري لفظ بدران گدلائپ، گدلاڻ، گندگي وغيره.

”ماحول“ــ بابت ــ علم ــ جي ــ گندگي“ بدران ڇا اهو وڌيڪ سٺو ناهي ته ”ماحولي گدلاڻ“ لفظ ڪم آڻجن؟

اهڙي صلاح ”جاڳو“ کي ڏني وئي، ان ”آلودگي“ بدران گدلاڻ، گدلائپ ته ڪم آڻڻ شروع ڪيو پر افسوس ته اصلي، ڪارائتي لفظ ماحولي/ماحولائي تي مناسب ڌيان نه ڏنو. جيئن ”هيئرنگ“ (Hearing) جي متبادل اوپري لفظ ”شنوائي“ بدران ”ٻُڌڻي“ جھڙو پنھنجو سنڌي ۽ سڀ کي سمجهه ۾ ايندڙ لفظ ڪم آندو ويو تيئن هڪ مڪمل اوپري، جاهلانه ۽ غلط لفظ/ اصطلاح بدران ڇو هڪ صحيح ۽ سڀ کي سمجهه ۾ اچي سگهندڙ لفظ/ اصطلاح ”ماحولي گدلاڻ“ ڪم نه آندو وڃي؟

”نجڪاري“ انگريزي لفظ ”پرائيويٽائيزيشن“ جي بدران ڪم آندو ويو آهي. ”پرائيويٽ“ (Private) جو مطلب آهي ”حڪومت يا سڀني ماڻهن جو نه، پر هڪ ماڻهوءَ يا ڪجهه ماڻهن جي لاءِ يعني خانگي، شخصي، گروهي،“ ان ڪري ”پرائيويٽائيزيشن“ (Privitization) جو مطلب ٿيو (۽ آهي) ”حڪومت يا سڀني ماڻهن کان ڦيرائي خانگي، شخصي گروهي (نجي، انفرادي) مالڪي هيٺ ڏيڻ/ ڪرڻ.“ سنڌي ۾ ”نج“ جي معنيٰ آهي بنا ملاوت، خالص، صاف، شڌ، اڻمٖيل، نجو، صفا، ٺيٺ، سٺو، نرمل، پوتر وغيره، ۽ ”ڪار“ جو مطلب آهي ڪرڻ/ڪندڙ. اهڙيءَ طرح ”نجڪاري“ جو مطلب ٿيو (۽ آهي) ”نج ڪرڻ جو (عمل)“. جڏهن ته ”نجي“ جي معنيٰ اها ساڳي ”نج“ واري به آهي ۽ ان سان گڏ ذاتي، شخصي، خانگي به، ان ڪري ”پرائيويٽائيزيشن“ جي بدران نجڪاري کان وڌيڪ نسبتاً ٺھڪندڙ لفظ ”نجڪاري“ نه پر ”نجيڪاري“ ۽ اڃا به ”خانگائڻ“ آهي، جيئن اڄ ڪلهه ”ڪاوش“ ۾ اڪثر ۽ ٻين اخبارن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪم آندو وڃي ٿو.

اسان جا ڪيترائي ”پڙهيل“، ”ڄاڻو“ ۽ ”ليکڪ“ ساٿي، سچ اهو آهي ته ” ــ يات“ جو مطلب ”علم“، ”ڄاڻ“ نه ٿا سمجهن، ۽ لفظ تي گهربل ڌيان نه ٿا ڏين. جيڪڏهن اهي گهربل ڌيان ڏيندا هجن ها ته پوءِ ”علم حياتيات“، ”علم نباتات“، علم نفسيات“، ”علم معدنيات“ وغيره جھڙا لفظ ڇو لکن ها؟ مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اها ڪھڙي قسم جي ”علمداني“ آهي، اهي شايد اردو وارن کي به، سنڌين سان گڏ، سيکت ڏيڻ گهرن ٿا!

اسين پنھنجي اندر ۾ ٻوليءَ جي ڄاڻن کي ڏاڍي عزت ڏيون ٿا، ڀلي اهي اسان کي نه سڃاڻيندا هجن، اسين کين عزت جي نگاهه سان ڏسندا ئي رهنداسون. پر اهو به سچ آهي ته انهن مان به ڪجهه، يا گهڻا، سنڌي ٻوليءَ جي سڌاري ۽ سينگار تي گهڻو ڌيان نه ٿا ڏين، ۽ جي ڌيان ڏين به ٿا ته پاڻ ڪي مناسب نوان گهاڙيتا، نوان لفظ، بھترين متبادل نه ٿا جوڙين ۽ اڪثر ڪري ” ــ يات“ پڇاڙي ئي ڪم آڻين ٿا. ٿيڻ ائين کپندو هو ته اهي خاص ڌيان ڌئي، سيڙجي ويھي، سوچي سمجهي اسان کي سٺا متبادل لفظ ڏين ها ۽ انهن کي خاص طرح علمي رسالن/ اخبارن ۾ پڌرو ڪن ها ته جيئن سڀني لاءِ هدايت ۽ روشن راهه موجود هجي.

”سائنسداني“، ”صابڻداني“ ۽ ”مڇرداني“ جھڙن لفظن تي ٿورو ڌيان ڏئي ڏسو، ڪيئن ٿا ڀانيو؟ ”نفسياتدان“، ”ڪيميادان“، ”گلدان“، ”پائدان“، ”پاندان“ ۽ ”خاندان“ تي به سوچيو! اسين ”ــ دانن“ ۽ ”ــ دانين“ جي سلسلي ۾ ڏاڍا پاڻڀرا ٿي ويا آهيون، جي جند نه ٿا ڇڏائي سگهون ته انهن کي اتي ئي ترسائجي.

ٽيون مسئلو هي آهي ته، اڄ ڪلهه سنڌيءَ ۾ سوين نه پر هزارين اهڙا لفظ ڪم اچي رهيا آهن جن جي ڪيترن ئي لکندڙن کي به معنى نه ٿي اچي. ليکڪ جيڪڏهن پنھنجي قلم سان لکيل لفظ جي معنيٰ نه ٿو ڄاڻي ته پڙهندڙ جو ڪھڙو حشر ٿيندو؟ مثال طور، اسان وٽ ”ايگزيڪيوٽو“ (Executive)، ”ايڊمنسٽريشن“ (Administration)، ”مئنيجمينٽ“ (Management)، ۽ ”اسٽئبلشمينٽ“ (Establishment) جي متبادل طور هڪ لفظ ”انتظاميا“ ئي اڪثر ڪري ڪم ايندو آهي يا اهي لفظ ساڳي انگريزي اچار ۾ لکيا ويندا آهن. انگريزيءَ ۾ انهن لفظن جي واهپي جو دائرو ٻيو ٻيو آهي. جيڪي ماڻهو اهڙا لفظ لکن، ڇپن، پڙهن، ڳالهائن ٿا انهن کان معنيٰ ته پڇي ڏسو! اهڙيءَ طرح ”يونين ڪائونسل“ ۽ ”ميونسپل“ کان ويندي ”اسيمبلي“ ۽ ”سينيٽ“ تائين، ”چيئرمين“ ۽ ”چيف آف اسٽاف“ ۽ ”فيلڊ مارشل“ تائين، ”ڪمپني“ ۽ ”اسقئاڊ“ کان ويندي ”ڊويزن“ ۽ ”ڪور“ تائين وغيره، ڇا اهڙن لفظن جا متبادل ٺاهڻ ناممڪن آهي؟ يا ٺھي نه ٿا سگهن!

مون جڏهن پھريون ڀيرو ”مادي پرست“ ۽ ”خيال پرست“ جھڙا لفظ سنڌي ۽ اردو ۾ پڙهيا تڏهن مون کي آتش پرست ۽ بت پرست جھڙن لفظن جي ئي خبر هئي، تنھنڪري مون انهن لفظن جي معنيٰ به اها ورتي ته اهي ماڻهو جيڪي ”مادي“ ۽ ”خيال“ جي پوڄا ڪن ٿا. وڌيڪ پڙهڻ سان خبر پئي ته ”مادي پرست“ ۽ ”خيال پرست” جي مون پاران سمجهيل معنيٰ ئي غلط نه هئي پر اهي متبادل به غلط هئا.

اهي لفظ ”مٽيريلسٽ“ (Materialist) ۽ ”آئيڊيلسٽ“ (Idealist) جي بدران ڪم آندل هئا ۽ انگريزيءَ ۾ انهن لفظن جي جيڪا معنيٰ هئي (۽ آهي) اها ”مادي پرست“ ۽ ”خيال پرست“ لفظن مان ڪنھن به طرح ظاهر نه ٿي ٿئي. جيڪڏهن اهي متبادل صحيح هئا ته پوءِ ”ڊارونسٽ“ (Darwinist)، ”مارڪسٽ“ (Marxist)، ”ماچسٽ“ (Machist)، ”ٿامسٽ“ (Thamist)، ”اسڪيپٽيسٽ“ (Scepticist) وغيره جھڙن لفظن جي متبادل طور ”ڊارون پرست“ (ڊارون جو پوڄاري)، ”مارڪس جو پوڄاري“، ”ماچ جو پوڄاري“، ”ٿام جو پوڄاري“، ”شڪ جو پوڄاري“، (شڪ پرست) وغيره لفظ ايندا. ڇا اسين انهن معنائن سان متفق ٿينداسون؟ انگريزيءَ ۾ ڪنھن لفظ جي پڇاڙيءَ طور جڏهن ” ist ــ “ (ــ اسٽ) ڪم ايندو آهي تڏهن ان جي معنيٰ هوندي آهي ڄاڻايل لفظ (فرد جي نڪتهء نظر يا لفظ جي مطلب) کي ”سٺو سمجهندڙ“، ”مڃيندڙ“، ”صحيح سمجهندڙ“، ”پوئواري ڪندڙ“ وغيره جنھن کي ”پرست“ (پوڄاري) ڪنھن به نموني واضح نه ٿو ڪري.

ساڳيءَ طرح، انگريزيءَ ۾ گهربل لفظ پٺيان ”ism ــ“ (ازم) پڇاڙي ملائڻ سان سان ڄاڻيل لفظ (فرد جي نڪتهء نظر لفظ جي مطلب) واري ”تعليم“، ”اصول“، ”سچ“، ”جدوجھد“ يا ان جون ”مخصوص خاصيتون رکندڙ“ هوندو آهي، جنھن کي وري ”پرستي“ (پوڄا بندگي، عبادت) لفظ ڪنھن به نموني ظاهر نه ٿو ڪري. انگريزيءَ ۾ مخصوص نالي پٺيان ”ــ ازم“ پڇاڙي ڳنڍجي ”سوڪريٽزم“ (Socratism)، ”ايپيڪيورينزم“ (Epicurianism)، ”پلاٽونزم“ (Platonism)،”مائوازم“ ( Maoism)، ”فرائيڊينزم“ (Freudianism)، ”ليننزم“ (Leninsim)، وغيره، ۽ مخصوص عمل، نڪتهء نظر، تعليم يا جدوجھد پٺيان ”فيوڊلزم“ (Feudalism)، ”ڪئپيٽلزم“ (Capitalism)، ”فيٽشزم“ (Fetishism)، ”فارملزم“ (Formalism)، ”فاشزم“ (Fascsim) ”نازي ازم“ (Naziism)، وغيره جھڙا لفظ ٺهيا آهن. اهو ڄاڻڻ کان پوءِ جڏهن ”مادي پرست“ ۽ ”مادي پرستي“، ”خيال پرست“ ۽ ”خيال پرستي“، ”سامراج پرست“ ۽ ”سامراج پرستي“ وغيره جھڙن لفظن تي سوچيم ته اچرج ۽ ڏک سان گڏ کل به وٺي وئي ته نيٺ اهي ڪهڙي قسم جا لساني ــ ماهر آهن جن پنھنجيءَ ئي ٻوليءَ جو ائين هٿ وٺي ٻيڙو ٻوڙيو آهي!

سمڪ پئي ته اهي سڀ ڪجهه پنھنجن جي اڻڄاڻائيءَ ۽ نقاليءَ ۽ اردو ٻوليءَ ۽ ان جي ”لسانياتدانن“ جي ڪري ٿئي ٿو. (اردو حقيقت ۾ هندي ٻولي ئي آهي جنھن کي عربيءَ، فارسيءَ ۽ انگريزيءَ جون چتيون هڻي هنديءَ کان نرالي، ڌار، نمايان، مسلمان ۽ جديد بنائڻ جي جتن ۾ خود اردو ــڳالهائيندڙ کي به زمين تان پٽي، پري ڪري ۽ بي پاڙو بنائي هوا ۾ لٽڪايو ويو آهي.)

ٻوليءَ جي فطري واڌ ويجهه تڏهن ٿئي ٿي جڏهن ان جون پاڙون ڌرتيءَ ۾، ڌرتيءَ وارن جي اندر ۾، راڄ، سماج ۾ پيھي ويل هجن. سنڌي ٻولي، کي سندس ڀاڳ جو، اهو مانُ ۽ مرتبو مليل آهي. پر هاڻي اردوءَ وارن نقالن جو به نقل ڪندي اهڙن هزارين لفظن وسيلي ”عام“ ”(عموماً ٿورو يا اڻپڙهيل) ۽ خاص“ (عموماً انگريزي پڙهيل يا پاڻ کي ”پڙهيل“ طور ظاهر ڪندڙ) جي وچ ۾ وڇوٽي پيدا ڪئي وئي آهي، ”عام“ جي ٻولي ”خاص“ گهٽ ٿو سمجهي ۽ ”خاص“ کي به ”عام“ مڙيوئي ڪجهه گهٽ ٿو سمجهي، ”عام“ انهن ”پرستن“ ۽ ”پرستين“، ”ــ ياتن“ ”ــ دانن“ ۽ ”ــ دانين“ کي نه ٿو سمجهي، ۽ سچي ڳالهه ڪجي ته، ”خاص“ به ڪو خاص واقف ناهي. آءٌ پنھنجي مشاهدي جي بنياد تي پڪ سان چئي سگهان ٿو ته هزارين سنڌي پڙهندڙ، لکندڙ ۽ ڳالهائيندڙ اهڙيءَ ئي ”اڻڄاڻائيءَ واري ڄاڻ“ جو شڪار آهن.

ٺھڪندڙ، مناسب ۽ سولا متبادل ڳولڻ يا گهڙڻ ٻوليءَ جي عالمن ۽ سگهڙن جو ڪم آهي. هن وقت”سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو“ (جنھن لاءِ پڻ سنڌيءَ جا ڪي ٺھڪندڙ ۽ مناسب ۽ لفظ هجڻ گهرجن) اڏاوت جي مرحلن ۾آهي، تڏهن به اهو يا ”سنڌالاجي“ (!) يا ”سنڌي ادبي بورڊ“ (!) يا ”ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز“ يا اهي سڀ پاڻ ۾ سھڪار ڪري ئي ٻوليءَ جي ماهرن، سڄاڻن ۽ سگهڙن جو اهڙو مجاهد جٿو جوڙي سگهن ٿا جنھن وسيلي سنڌي ٻوليءَ ۾ آيل نون، ۽ خاص طرح ذڪر ڪيل ۽ ذڪر هيٺ ايندڙ لفظن جا ٺھڪندڙ متبادل (!) سنڌي لفظ ڳولڻ ۽ ٺاهڻ جو ڪم ٿي سگهي.

سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي گهڻگهرا پنھنجيءَ ڄاڻ آهر اهڙو مثبت جتن ڪندا رهيا آهن پر سندن جوڙيل/کوجيل لفظ جيستائين ڳنڍپ جي (ڳانڍو) وسيلن (”ذرائع ابلاغ“ Media`s of communication) (!) وسيلي عام نه ٿا ٿين ۽ سڀ ليکڪ ۽ لکڻ پڙهڻ سان واسطيدار ماڻهو انهن کي هر هر ورجائي عام نه ٿا ڪن تيستائين انهن جو عام ٿيڻ ۽ ”عام“ (لوڪ) جي سمجهه لائق ٿيڻ لڳ ڀڳ ناممڪن آهي، پوءِ حالت اها ئي هوندي جو طوطي جيان معنيٰ ۽ مفھوم سمجهڻ بنا اچار (لفظ، ٻول) پيا اچاربا ۽ نقل ٿيندا رهندا جنھن جو نيٺ به ته، سنڌي ٻوليءَ جي جذب ڪرڻ، پنھنجو ڪرڻ، پنھنجي مزاج موجب سمائڻ واري ڏات تي خراب اثر پوندو.

سنڌيءَ ۾، پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ خاص طرح، اردو ”لسانياتدانن“ جو نقل ڪندي انگريزي لفظ پنھنجيءَ اصل شڪل ۾، يا، ”ــ يات” (علم، ڄاڻ، سائنس، فن يا سائنس جي شاخ هجڻ جي حالت ۾) ۽ ”پرستي“ يا ”پسندي“ (نظريي، نڪتهء نظر، جدوجھد جي حالت ۾ ) ڳنڍي مرتب ۽ مرڪب لفظ جي صورت ۾ پئي هلايو آهي. ساڳيو قصو ”ــ دان“ (ڄاڻڪ، ڄاڻو، سُڄاڻو جي حالت ۾) ڪنھن به مفرد، مرتب يا مرڪب لفظ سان ڳنڍي هلايو ويو آهي، انهن جا مثال ڏنل آهن، پر تجربو ۽ مشاهدو ٻڌائي ٿو ته انهن ۽ اهڙن لفظن جي مخصوص معنيٰ ۽ مفھوم رڳو اهي ئي ڄاڻن ٿا جن انهن لفظن جي صحيح وصف ۽ وضاحت انگريزيءَ ۾ پڙهي آهي، نه ته ٻين لاءِ اهي لفظ ”دٻي ۾ ٺڪريون“ يا ”طوطي وارو رٽو“ آهن، ماڻهو اهي ورجائن ته اَٿا پر منجهن سمجهڻ ۽ کانئن سمجهائي سگهڻ جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ آهي.

گذريل ٻاويھن ورهين کان، جڏهن کان آءٌ سنڌي ٻوليءَ بابت به اڀرو سڀرو پڙهندو پيو اچان، مون کي اوسيئڙو پئي رهيو آهي ته من ڪي عالم، سنڌي ٻوليءَ جا سڄاڻو، گهڻگهرا ۽ سگهڙ ان پاسي تي به ڌيان ڏين ۽ ان ڪمزوريءَ کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڪي اثرائتا اپاءَ وٺن يا پير کڻن پر تانگهه اڃا نه لٿي آهي.

 آءٌ پنھنجيءَ محدود ڄاڻ جو اقرار ڪندي، هڪ سيکڙاٽ ۽ شاگرد جي حيثيت ۾ اهڙن ڪجهه لفظن جي متبادل طور پنھنجيءَ سمجهه آهر ڪي لفظ تجويز ڪيان ٿو ان اميد سان ته سنڌي ٻوليءَ جا گهڻگهرا ان تي ڌيان ڌري انهن کي سنڌي ٻوليءَ جي قاعدن، قانونن اصولن ۽ مزاج موجب تيار ڪندا يا ڪي ٻيا مناسب متبادل لفظ ڏيندا. آءٌ توهان سان اتفاق ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، ڇا توهين به مون سان اتفاق ڪرڻ تي راضي آهيو؟

 پنھنجي پاران متبادل لفظ تجويز ڪرڻ کان اڳ، آءٌ سنڌيءَ ۾ عام واهپي ۾ ايندڙ ڪجهه لفظن ڏانھن ڌيان ڇڪائڻ گهران ٿو، ته جيئن اڳتي هلي، ممڪن آهي ته پيدا ٿيندڙ/ ٿي سگهندڙ ڪجهه مسئلن ۽ مونجهارن کي منھن ڏئي سگهجي.

هندو مت، شنٽومت، ٻڌمت ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي لفظ سنڌيءَ ۾ عام مروج آهن. انهن لفظن لاءِ انگريزيءَ ۾متبادل طور هندو ازم، شنٽوازم، ٻڌازم وغيره جھڙا لفظ ڪم آندا ويا (پر، ڪي ڀٽاواد، ممانس، سائنکيا، لوڪيات، ويدانت وغيره جھڙا لفظ ساڳيءَ ئي صورت ۾ برقرار رکيل آهن). ان جو هڪ مطلب هي به آهي ته سنڌيءَ جو لفظ ”مت“ انگريزيءَ جي لفظ ”ازم“ بدران ڪم اچي سگهي ٿو. ”جامع سنڌي لغات“ [جُلد-5، 1988ع] ۾ لفظ ”مت“ جي معنيٰ هن طرح ڏنل آهي:

• ”مَتِ“ ج مَـتيون: ث. (سن. مَتِ = سمجهه) سمجهه-ٻوجهه-ٻُڌي-هوش-فھم-ادراڪ-پُرجهه-پروڙ-وقوف-هوش-حوصلو-چيتو-عقل-زيرڪي-خرد. دانائي-سياڻپ-هوشياري. سوچ-ويچار-خيال-غور-قياس-خوض. ڳڻت. ڌيان. انديشو-ڪٿَ-هَم تَم-اٺسٺو. ڏس-صلاح-رٿ-راءِ-اٽڪل. نصيحت-هدايت-اُپديش-سمجهاڻي-سبق. عادت-علت-هير-ورد. }۽ ٽوڪ واري انداز ۾ - ليکڪ پاران{ سيکت-سزا-جُٺ-مار-تنبيهه. [ص: 2585]

• مَتُ ج مَتَ: ذ. (سن. مَتَم= رايو) مذهبي ٽولي-پنٿ-فرقو-ڪوفو. ”مثلاً: ُٻڌ مَت وغيره.“ ڌرم-دين-مذهب-اُمت. ملت. ويساهه-نشچو-ڀروسو-ايمان-عقيدو-اعتبار -نياءُ درشن-نياءُ شاستر-سِڌانت-خاطري-پَڪ. [ص: 2585]

”آڪسفورڊ ايڊوانسڊ لرنرس (Learner`s) ڊڪشنري آف ڪرنٽ انگلش“ ۾ لفظ ”ازمِ“ (ism) جي معنيٰ هيءَ ڏنل آهي:

Ism /izəm/ n distinctive doctrine or practice (p. 451)

Ism /izəm/ suff (used to form a n) 1. showing qualities typical of: Americanism; heroism. 2. Specific doctrine, principle or movement: Budhism; communism (p.1016)

يعني

ازم/ اِزم/ اسم خصوصي تعليم يا عمل

ازِم/ ازِم پڇاڙي (اسم ٺاهڻ لاءِ ڪم ايندڙ) 1. (ڪنھن جون به) خصوصي خاصيتون ڏيکاريندڙ: اميريڪنزم، هيروازم. 2. مخصوص تعليم اصول (متو) يا تحريڪ: ٻڌمت، ڪميونزم.

اهڙيءَ طرح ”ازم“ جي معنيٰ ۽ مفھوم جي ويجهو هي مطلب آهي: فرق رکندڙ متو، اصول، عقيدو، تعيلم، سکيا، سڌانت، سمجهه يا سوچ عمل، ڪم، عادت، واهپو، مشق يا دستور، مذهبي ٽولو، ڀروسو، ايمان، نياءُ وغيره.

ڪنھن به فرد يا ٽولي پاران مخصوص تعليم، سمجهه، نڪتهء نظر، نظريي يا اڀياس جي ڪري، يا ان پٽاندر ڪيل عمل، سرگرميءَ يا عادت يا ان تي ڀروسو، اعتقاد، ايمان، ويساهه رکڻ جي ڪري، انگريزيءَ ۾، ان فرد يا ٽولي يا لقاءَ يا نڪتهء نظر يا کوجنا يا سرگرميءَ جي نالي پٺيان ”- ازم“ پڇاڙي ڳنڍي هڪ نئون اصطلاح وجود ۾ آندو (گهڙيو، ٺاهيو) پئي ويو آهي. ان ڪري ڇو ائين نه ڪجي ته سنڌيءَ ۾ هلندڙ طريقي موجب ڪنھن به فرد، ٽولي، نڪتهء نظر، لقاءَ يا سرگرميءَ يا نالي (لفظ) پٺيان ”متُ“ ڳنڍي هڪ نئون اصطلاح وجود ۾ آندو (ٺاهيو) وڃي؟

”- اِسٽ“ پڇاڙيءَ جي ساڳيءَ ڊڪشنريءَ ۾ هيءَ معنيٰ ڏنل آهي:

-ist/-Ist/suff (n+~=n) 1- agent of an`-ize`v: dramatist; publicist. 2- follower, practiser of an “-ism” industerialist; fascist. 3- person concerned with a specific activity or thing: tobacconist; motorist.

يعني

- اِسٽ/ اسٽ/ پڇاڙي (اسم+ اِسٽ= اسم) 1. ”- ائڻ“ ... (- ارڻِ) جو نمائندو جيئن (ڊرامائڻ، ناٽڪائڻ مان) ناٽڪي (ناٽڪيار)؛ (ليکڪ). 2 _ ڪنھن ”ازم“ (-مت) جو پوئلڳ، ان تي هلندڙ: صنعتڪار (!) فاشسٽ (!). 3_ ڪنھن به خصوصي سرگرميءَ يا شَي سان واسطيدار: ٽوبيڪونسٽ (!): موٽرسٽ (!)

جيئن ”- ازم“ بدران سنڌيءَ ۾ ”مت“ رکڻ/ مقرر ڪرڻ جو خيال آيو تيئن، فطري هو ته، ”- اسٽ“ جي بدران ”متارو“، ”متيو“، ”متي“ يا ”متر“ ذهن ۾ اچي. ”جامع سنڌي لغات” [جُلد-5، 1988ع] ۾ ”متيو“، ”متي“ ۽ ”متر“ لفظ موجود ناهن، ”متڙيو“ به ناهي، باقي ”متارو“ سو آهي جنھن جي معنيٰ هيءَ ڏنل آهي:

• مَتارو ج متارا: ذ. صفت. (سن مَدَ = مستي) ٿلهو-موٽو - (بدن ۾) ڀريل-دُنبو-ڏٽو مُٽو-سٽر وَٽر-چوبڪو-ڌَمتالُ-جبرو-جانٺو-قوي-جُنگ-سُڌر-يَٽو-جٽو-زَٽو-ڦوڦانگ -دَؤنسو-مُٽڪو-ڌِڱ-سَٻر-رُڏ. تندرست-چڱو ڀلو-نمرو-جُوپ. چرٻيءَ وارو (چوپايو مال)-چِڪنو-سڻڀو-سَڀرو-سوکو (ٻڪرُ). چڱي چال وارو (گاجرا). ذ. (ع. مُطھرة = سانداري) مسافريءَ تي پاڻ سان گڏ پاڻي کڻي وڃڻ لاءِ چمڙي جي ٿيلهي- کَلِي-ننڍو ساندارو-پخال-مشڪ (پرمانند). (ث. متارِي ج متاريون).[1] [ص: 2585-2586]

ٻوليءَ _ ڄاڻڪ خوب ڄاڻو آهن ته سنڌيءَ ۾ ڪيترن ئي مناسب لفظن جي پويان/-ر/، /-ار/، /-ارو/، /-ارڪ/، /-ارڪو/ ۽ ڪي ٻيا اکر پڇاڙيءَ طور ملائي /-وارو/، /-جو/، /-ڪندڙ/ ۽ اهڙيون ٻيون معنائون ڪڍيون وينديون آهن، جيئن سگهارو، سونھارو، مھارو، جهالارو، لوهر، لوهار، ڪنڀر، ڪنڀار، (ڪنڀارڪو)، ميھر، ميھار، ڌنار، (ڌراڙ)، ڳنوار، ريڍار، مھارَ وغيره. انهن ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي لفظن جون پڇاڙيون پنھنجي لفظ جي معنيٰ پاڻ ئي ٻڌائن ٿيون، ته پوءِ ڇو ”متارو“ جي اها معنيٰ موجود ئي ناهي جيڪا ٻولسڌُ (ڊڪشنري) جوڙڻ جي بنيادي اصول موجب اچڻ گهرجي؟

بھرحال، ”-اسٽ“ بدران ”متارو“ ڪجهه واجبي سببن جي ڪري مناسب متبادل نظر نه آيو.

ساڳيءَ طرح، ”-يات“ (علم، ڄاڻ) تي به ڌيان ڏيڻ جي گهرج محسوس ٿي. انگريزيءَ ۾ علم، ڄاڻ، هنر، پرک، پروڙ، گم، گيان، وديا، وڄا وغيره جھڙن لفظن جي اظھار لاءِ ڪيتريون ئي پڇاڙيون (Suffixes) يعني اکرُ يا اکرَ، آوازُ يا آوازَ، پد يا پدون) گهربل لفظ جي پويان ڳنڍي مرتب ۽ ڪن حالتن ۾ مرڪب لفظ ٺاهيو ويندو آهي. مثال طور، اڪائوسٽڪس (Acoustics)، سائبرنيٽڪس (Cybernetics)، مئٿميٽڪس (Mathematics) ۽ اردميٽڪس (ارٿميٽڪس Arithmetics) جھڙن مرتب لفظن ۾ پڇاڙي واري ”-ايس“ (s-)، ڊپلوميسي (Diplomacy)، فارميسي (Pharmacy)، ايناٽومي (Anatomy) ۽ باٽني (Botany) ۾ پڇاڙيءَ واري ”ــ واءِ“، آرڪيالاجي (Archaeology)، پئٿالاجي (Pathology)، ايسٽرالاجي (Astrology)، اينٽامولاجي (Antamology)، ۽ ”سنڌالاجي“ (Sindhology) ۾ پڇاڙيءَ واري ”-لاجي“ (logy-)، ايسٽرانامي (Astronomy) ۽ ايگرونامي (Agronomy) ۾ پڇاڙيءَ واري”-نامي“ (nomy-)، جاگرافي (Geography) ۽ ”ٽائپوگرافي“ (Typography) ۾ پڇاڙيءَ واري ”-گرافي” (graphy-) يا اڃا به رڳو ”واءِ” (y-) وغيره. اهڙيءَ طرح ڪيترائي اهڙا به آهن جيڪي پھريائين ته ڪنھن ٻي معنيٰ ۾ ڪم آيا پر پوءِ هڪ علم (ڄاڻ) جي حيثيت وٺي بيٺا، جيئن فلوريڪلچر (Floriculture)، نيويگيشن (Navigation)، اريگيشن (Irrigation)، آرڪيٽيڪچر  (Architecture) وغيره.

اردو وارن کي ساڳيو انگريزي لفظ جاري رکڻ يا وري ”-يات“ پڇاڙي ملائي ڪم ٽپائڻ جي مجبوري آهي ڇو ته اردوءَ جي پيڙهه هنديءَ جي جنھن اپ-ٻولي (اپڀاشا، لھجي، محاوري، Dialect) ۾ آهي، ان کان اردو جي لسانياتدانن کي ظاهري مذهبي ڪٽرپڻي جي ڪري نفرت آهي تنھنڪري اهي ”وگيان“ جھڙن لفظن کي پڇاڙيءَ طور ڳنڍي هلائڻ ناپسند ڪن ٿا ۽ ان ڪري پاڻ کي ”عالم“ بنائڻ لاءِ عربيءَ ۽ فارسيءَ ڏي تڪن ٿا. ياد رکڻ گهرجي ته اردوءَ وچ-ايشيا جي ان بظاهر مذهب پسند لشڪر ۾ جنم ورتو جيڪو هندستان ۾ حڪومت قائم ڪري رهي پيو هو.

پر سنڌيءَ سان اهڙو ڪو به مسئلو ناهي. سنڌي ڪنھن به قسم جي مذهبي/ ڌرمي ڪٽرپڻي کي روحاني گهراين سان ناپسند ڪن ٿا ۽ جوهر ۾ انسان دوست آهن. سنڌين جو ڀاڳ چئجي جو کين اهڙي ٻولي ملي آهي جيڪا ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ وارن جي ذهنن ۾ پاڙون رکي ٿي ۽ ڏاڍي جٽادار، ”چيڙهالي“، لچڪدار ۽ ”هوڏي“ آهي جو صدين تائين ڌارين ٻولين جي سرڪاري حڪمرانيءَ باوجود ۽ پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ حاڪمن پاران انتھائي وير ۽ بي ڌيانيءَ باوجود نه رڳو پنھنجو وجود بچائيندي آئي آهي پر پاڻ کي سکيو، ستابو، سھڻو، مڻيادار ۽ ملهائتو به رکندي آئي آهي. سنڌ جي ويجهڙ ماضيءَ واري صورتحال جي تفصيلي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جي ڪجهه شھرن ۾ دهشتگرديءَ جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته سنڌيءَ ٻوليءَ جي لاڳيتو اسرجندڙ، پکڙجندڙ، ڦلارجندڙ ۽ سگهارجندڙ وجود کي جاهل نموني ڌَڪي/ ڦٽي سگهجي.

ڄاڻ، ٻُوجهه، پُرجهه، ڪَل، سُڌ، سمڪ، سماءُ، ڏس، پرو، پرک، سرت، ساڃاهه، ڏيٺ، ٻُڌي، گم، گيان، وڄا، وديا، هوش، فھم، علم، ذهن، فن، ڄاڻپ، ڪم، ڪاريگري، چترائي، مھارت، گُن، ڳُڻ ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي لفظ آهن جيڪي انگريزي ۾ ”علم“ لاءِ ذڪر ڪيل پڇاڙين جي متبادل طور آڻي/لکي/ڳالهائي سگهجن ٿا.

ساڳيءَ طرح ”-دان” ۽ ”-داني“ تي به سوچڻ جي گهرج آهي. سنڌيءَ ۾ ڪيترائي لفظ عام واهپي ۾ آهن جن تي ٿورو به ڌيان ڏبو ته اسان تي سنڌي ٻوليءَ جا ڪجهه جوهر کلي پوندا، جيئن ڄاڻو، ڄاڻڪ، سڄاڻُ، سڄاڻو، سڄاڻڪ، سياڻو، پارک، پارکو، سڌير، چيتر، ماهر، ڳڻوان وغيره.

اهڙيءَ طرح مرڪب ۽ مرتب لفظن جو، انگريزي جيان، اسان کي هڪ اهڙو ذخيرو ملي پوندو جنھن سان اسين شعوري طرح ۽ سنڌيءَ جي وياڪرڻي اصولن موجب، علمي ۽ لساني دنيا جي هڪ وڏيءَ کوٽ کي نه رڳو ڀري سگهنداسون پر آئينده لاءِ به نقاليءَ جو عذاب ۽ ٻوليءَ سان ”کيشٽ“ کان بچڻ جا نوان رستا مھيا ڪري وٺنداسون.

اهي ۽ اهڙيون ڳالهيون ذهن ۾ رکي هيٺ ڪجهه لفظن جا مَٽ ڏجن ٿا انهيءَ وينتيءَ سان ته انهن تي گهربل ڌيان ڏنو ويندو.

هن مضمون ۾ سھوليت لاءِ ڪي نشانيون مقرر ڪيل آهن جن کي ذهن ۾ رکيو وڃي:

- پنھنجي پاران:

+ انگلش-سنڌي ڊڪشنري، اي. ٽي. شاهاڻي.

• آڪسفورڊ ايڊوانسڊ لرنرس ڊڪشنري آف ڪرنٽ انگلش، اي، ايس. هارنباءِ.

 # فيروز اللغات اردو جديد، مطبوعه: فيروز سنز لاهور

0 يادگار ڊڪشنري، سيد علي ڏنو شاهه

~ (اهو نالو، عنوان جنھن جو ذڪر ٿي رهيو آهي.)

$ جامع لغات سنڌي، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ

= (ڪجهه پنھنجي ۽ ڪجهه ٻين جي پاران)

1. گاجڄاڻ، گاجڀياس Acoustics

• آواز جي يا آواز بابت سُڄاڻَ (سائنس).

- گاجڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻيندڙ، ماهر.

- گاجڀياسڪ: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ.

- گاجڀياسي: ~ جو/جي (گاجڄاڻو/گاجڄاڻي) (Acoustic)

($ گاج = برساتي ڪڪرن جو آواز-گوڙ-ڪڙڪاءُ-گجڪار-ڪڙڪو-گرج-گرجنا-ڌڌڪو-ڌڌڪر-گجگار- ... وڏو گوڙ-هُل-شور-هَنبسَ-غلغلو-رڙماٽ ...)

2. سوڀياڄاڻ  Aesthetics

+ علم خوبصورتي، رسَ گيان، جماليات.

• فلسفي جي شاخ جيڪا ]لڇڻائپ (morality) ۽ ڪارج (utility) جي ڀيٽ ۾[ سونھن جي اصولن ۽ قانونن کي چٽو ڪري ٿي.

- سوڀيا ڄاڻڪ: ~ کي سمجهندڙ، ڄاڻندڙ (Aesthete) } • جيڪو، يا جنھن کي دعوا هجي ته، جيڪو ڪجهه سھڻو آهي، خاص طرح فن (art) ۾، ان لاءِ کيس پيار آهي.{

- سوڀيائي: ~ جو/جي (Aesthetic, aesthetical)

(0 جمالياتي).

($ سوڀيا = سونھن-سھڻائي-حسن-خوبصورتي-حسن و جمال-زينت. ملوڪت-چڱائي-مڻيان-ديد-ڏيک ويک-صفائي-وڻڻ-سينگار-زيب-ٺاهه ٺوهه -رونق-ٺَٺُ-ڍانڍس-آراستگي-آرائش-نزاڪت-بيھڪ-ٺاهه-اُهاءُ-تجلو-جلوو -جهلڪو-روشنائي-ڌُڄا-براج-تيج-ڪرانتي-ڀڙڪي-پرتاب-ڌما-ڀڀڪو-تجمل. عزت-آبرو –حَرمت-مانُ-شانُ-آب).

3. اڏامڄاڻ، اڏامڀياس Aeronautics

0 هوابازيءَ جو علم.

• اڏامڻ بابت سڄاڻَ (سائنس) ۽ عمل.

- اڏامڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻيندڙ، ماهر.

- اڏامڀياسي: ~ جو/جي (اڏمڄاڻو/ اڏامڄاڻي).

($  اڏام = اڏامڻ جي حالت-اُڏائي- پرواز).

4. لڱڄاڻ، لِڱڀياس Anatomy

+ علم تشريح بدن، انگ وديا.

0 انساني بدن جي بناوٽ جو علم، ماڻهوءَ جي عضون جي جوڙجڪ.

• جيئرن جي جسم جي بناوت بابت سائنس، ان (جسم) کي حصن ۾ ورهائي اڀياس ڪرڻ.

- لڱڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر (Anatomist) [2]

- لڱڀياسي: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ (Anatomist).

- لڱڀياسي: ~ جو/جي (لڱڄاڻو/لڱڄاڻي) (Anatomical).

 ($ لڱ = عضوو -انگ-بدن-جسم-بازو-بدن جو ڀاڱو)

5. مانسڄاڻ (مانسڀياس) Anthroplogy

0 بشريات، انسانيات، علم الانسان.

• ماڻهوءَ بابت سائنس، خاص طرح انسانذات جي ابتدا، اوسر (واڌ)، رواجن ۽ ويساهن (اعتقادن) بابت.

- مانسڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر (0 علم الانسان جو ماهر).

- مانسڀياسڪ: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ.

- مانسڀياسي: ~ جو/جي (مانسڄاڻو/مانسڄاڻي) (0 بشرياتي، انساني).

($ مانس = ماس-گوشت-ماهه-لحم. $ مانسي = ماڻهوءَ جو-انساني) (-هتي ”مانسي“ جي معنيٰ ڏسي”مانس“، منش تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.)

6. (ڀَــنَڄاڻ) ڀَنَڀياس Archaeology

+ پراچين وستو وديا.

0 آثار قديمه جو علم، کنڊرن يا ڦٽل نشانن جو مطالعو.

• قديم شين جو اڀياس، خاص طرح تاريخ کان اڳ واري دور جون بچيل شيون، مثال طور مقبرا، پورجي ويل شھر وغيره.

- ڀنڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻيندڙ، ماهر (Archaeologist)

- ڀنڀياسڪ: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ (Archaeologist)

- ڀنڀياسي: ~ جو/جي.

($ ڀَنَ = آڳاٽي ڦٽل شھر جا نشان-پراڻا آثار-قديمه آثار. ڀڳل جايون-کنڊر).

7. انگڀياس، انگڄاڻ Arithmetic

+ انگي حساب، علم-هندسه.

0 حساب، حسابن جو علم.

• انگن بابت سُڄاڻَ، انگن سان کيڏڻ (Working)

- انگڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر (Arithmetician)

- انگڀياسڪ: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ (Arithmetican)

- انگڀياسي: ~ جو/جي (انگڄاڻو/ انگڄاڻي) (Arithmetical)

($ انگي حساب = حسابن جو ڪتاب - Arthimetic)

8. نکٽڀياس، نکٽڄاڻ Astrology

+  جوتش، نجوم .

0 نجوم يا جوتش جو علم.

• تارن جي حالت (بيھڪ، جاءِ، Position) جي اڀياس ڪرڻ جو فن خاص طرح اهو ڀروسو رکندي ته اهي انساني معاملن تي اثر انداز ٿين ٿا.

- نکٽڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر.

- نکٽڀياسڪ: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ.

- نکٽڀياسي: ~ جو/جي (نکٽڄاڻو/نکٽڄاڻي).

($ نِکَٽُ = آسماني تارن جو هڪ ميڙ-ڪَتيون-برج-نکشتر-راس-تارو. آگم-جهڙ-رؤ. برجن جو اثر-وسوسو ...)

9. تارا ڀياس، تارا ڄاڻ Astronomy

 +علم هيئت، تارن جو علم.

0 فلڪيات، علم هيئت، تارن جو علم.

• سج، چنڊ، تارن ۽ گرهن بابت سائنس.

- تارا ڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر.

- تارا ڀياسڪ: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ.

- تاراڀياسي: ~ جو/جي (تارا ڄاڻو/تارا ڄاڻي).

10. جيوڙڀياس، جيوڙڄاڻ Bacteriology

+ جيوڙن جو علم.

0 جراثيمن يا جيوڙن جو مطالعو.

• ننڍڙن ۽ سادڙن (Simple، گهڻي ڀاڱي يَڪ گهرڙيا) ساهوارن جي سائنس ۽ اڀياس.

- جيوڙڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر.

- جيوڙ ڀياسڪ: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ.

- جيوڙڀياسي: ~ جو/جي (جيوڙڄاڻو/جيوڙڄاڻي)

($ جيوڙو = ننڍو ساهوارو –جيت-جيوُ-جرثومه-ڪِيئون-ڪِيڙو)

11. ليکسُڌ Bibliography

+  ڪتابن جي ياداشت

0 ڪتب نامون، ڪتابياب

 • 1. هڪ ليکڪ جِي، يا هڪ موضوع بابت ڪتابن يا لکڻين جي وچور.

2. ڪتابن جي مالڪيءَ (authorship)، ڇاپن وغيره جو اڀياس.

- ليکسڌير: ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر.

- ليکسڌي: ~ جو/جي.

12. جيوڀياس، جيوڄاڻ (جيوتڀياس، جيوتڄاڻ!؟) Biology

(جِياڀياس، جياڄاڻ!؟)

+ علم حيات، جيو وديا.

0 حياتيات جو علم.

• جيئرن (ساهوارن، جاندارن-وڻن ۽ جانورن) بابت سائنس.

- جيوڄاڻڪ (جياڄاڻڪ، جيوتڄاڻڪ): ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر.

- جيو ڀياسڪ (جيو ڀياسڪ، جيوتڀياسڪ): ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ.

- جيوڀياسي (جياڀياسي، جيوتڀياسي): ~ جو /جي (جيوڄاڻو/جيوڄاڻي).

$) جِيوُ = ساهه-روح-جيءُ-آتما-زندگي. ساهوارو-جانور-حيوان. هر هڪ ساهوارو).

13. جياسُڌ، جياليک Biography

+ جيون چرتر، جنم ساکي، سوانح عمري.

0 آتم ڪٿا، سوانح حيات.

• 1. فرد جي حياتيءَ بابت ذڪر (يا ان جي حياتيءَ جي تاريخ) جيڪا ٻي (ڪنھن) ليکڪ لکي هجي. 2 . ادب جي هڪ شاخ جيڪا فردن جي حياتين (جي ذڪر) سان واسطو رکي ٿي.

- جياليکڪ/جياسڌير: ~ جو لکندڙ/ ڄاڻندڙ

- جياليکي/جياسُڌي: ~ جو/جي.

14. اوڀڙڄاڻ، اوڀڙڀياسي Botany

+ نباتي علم، علم نباتات، ونسپتي وگيان.

0 ٻوٽن جو علم، علم نباتات.

• وڻن جي بناوت سائنس.

- اوڀڙڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر.

- اوڀڙڀياسڪ: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ.

- اوڀڙڀياسي: ~ جو/جي (اوڀڙڄاڻو/ اوڀڙڄاڻي).

$) اوڀڙ = ٻوٽن جي پيدا ٿيڻ يا وڌڻ جي حالت. ونسپتي-اوسَرِ ”وڃنِ وڻ ٻرِي، اوڀڙِ اڀري ڪين ڪي.“ (شاهه)

$) اوڀڙُ= ٻوٽن وغيره جو ڦوٽھڙو. گاهه، ٻوٽو. وڻ ٽڻ ”امت جي آخوند، اوڀڙ سڀ اڀاريا“ (ڏتو))

15. ڏوهڄاڻ، ڏوهڀياس Criminology

+ علم گناهه.

• ڏوهن جو اڀياس.

- ڏوهڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر.

- ڏوهڀياسڪ: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ.

- ڏوهڀياسي: ~ جو/جي (ڏوهڄاڻو/ڏوهڄاڻي).

- ڏوهاري: ڏوهه ڪندڙ.

- ڏوهي: ڏوهه جو/جي.

$) ڏوهه = گناهه-پاپ-تقصير-اپراڌ-قصور-جرم-دوش-الزام. خطا-ڀُل-چوڪَ-غلطي-عيب-سقم ...)

16. ڏندڄاڻ، ڏندڀياس Dentistry

= طب جي شاخ جيڪا ڏندن جي بناوت، اوسر، صحت، ڀَرائيءَ، صفائيءَ، نيڪاليءَ وغيره بابت ڄاڻ مھيا ڪري.

- ڏندڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر.

- ڏندڀياسڪ: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ.

- ڏندڀياسي: ~ جو/جي (ڏندڄاڻو/ڏند ڄاڻي)

17. کَلڀياس، کَلڄاڻ (چَمڀياس، چَمڄاڻ) Dermetology

• کَل ۽ ان جي بيمارين وغيره جي طبي ڄاڻ.

- کلڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر.

- کلڀياسڪ: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ.

$) کل = بدن جو مٿيون پوش-چمڙي-چم-ڇوڙو-ڇوڙي-پوست-کوپو-اڌوڙ -ڇوڏو-ڇِلُ ...)

= طب جي شاخ جيڪا کل (چم) جي بناوت، بيمارين، علاج وغيره بابت ڄاڻ مھيا ڪري ٿي.

18. ٻولسُڌ Dictionary

+ لغت، ڪوش، فرهنگ.

0 لغت.

• ٻوليءَ جي لفظن ۽ انهن جي معنيٰ/تشريح جو ڪتاب.

19. جيتڀياس، جيتڄاڻ Entomology

 + جيت جنتر وديا.

• جيتن جو اڀياس.

- جيتڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر.

- جيتڀياسڪ: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ.

- جيتڀياسي: ~ جو/جي (جيتڄاڻو/ جيتڄاڻي).

$) جيت = تمام ننڍڙو ساهوارو-ڪِيڙو-مڪوڙو-جِئَڏ)

20. لڇڻڀياس، لڇڻڄاڻ Ethics

 +اخلاقي علم، نيت شاستر، نيتي.

0 اخلاقيات

• لڇڻن جي سائنس

- لڇڻڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر.

- لڇڻڀياسڪ: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ.

- لڇڻڀياسي: ~ جو/جي (لڇڻڄاڻو/لڇڻڄاڻي)

21. نسلڀياس، نسلڄاڻ Ethnology

+  قومن جو علم

0 نسليات جو علم  

• انسانذات جي نسلن بابت سائنس.

- نسلڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻندڙ/ ماهر.

- نسلڀياسڪ: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ.

- نسلڀياسي: ~ جو/جي (نسلڄاڻو/نسلڄاڻي)

22. نسلسُڌ، وَنسڌُ (ونس= اولاد + سڌ) Ethnography )ڄَڻَسڌ)

$) ونساوَلي = شجرو، نسب نامو-سلسلو-حسب نسب)

• انسانذات جي نسلن جي سائنسي تشريح

- نسلڌير (ڄَڻسڌير، ونسُڌير): ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر.

- نسلسڌي: ~ جو/جي (ڄَڻَسڌي، ونسُڌي)

23. ٻولڄاڻ، ٻولڀياس (واڪيڄاڻ، واڪيڀياس) Etymology

+ صِرفه، بنياد، اشتقاق، ڌاتو.

0 لفظن جي اشتقاق جو علم.

• لفظن جي بُڻ ۽ تاريخ بابت سائنس، لفظن جي بڻ ۽ تاريخ جو بيان.

- ٻولڄاڻڪ (واڪيڄاڻڪ): ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر.

- ٻولڀياسڪ (واڪيڀياسڪ) : ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ.

- ٻولڀياسي: ~ جو/جي (ٻولڄاڻو/ٻولڄاڻي، واڪيڄاڻو/واڪيڄاڻي، واڪيڀياسي).

$) ٻولُ = سخن-گفتو ...قول-عھد ... ننڍڙي ٻار جو مٺڙو ڳالهاءُ ...)

$) واڪُ  =لفظ، جملو، شبد، ٻولي، چوڻي-وچن-ڪالم... چوڻ-ٻولڻ. پھاڪو ...)

24. ڀَلوَنسڄاڻ Eugenics

+ اولاد سڌار علم

• انساني جيڻائتو (genetic نسلي) مواد (ذخيرو stock) وڌائڻ جي مقصد سان تندرست ٻچاٽ (off spring) جي پيدائش بابت سائنس.

- ڀَلونسڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر.

- ڀَلونسڄاڻي: ~ جو/جي (ڀلونسڄاڻو)

25. جِيڻڀياس، جِيڻڄاڻ Genetics

• نسلي ورثي سان واسطو رکندڙ سائنس (جيوڀياس جي شاخ) ته ڪيئن وڏن جي شڪل شبيھه ٻچاٽن ۾ منتقل ٿئي ٿي.

- جيڻڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻيندڙ، ماهر

- جيڻڀياسڪ: ~ جو سکندڙ، پڙهندڙ

- جيڻڀياسي: ~ جو/جي (جيڻڄاڻو/جيڻڄاڻي)

(جيڻGene = جيوگهرڙي ۾ ”ڪروموسوم“ جو اهو ايڪو جيڪو نسلي ورثي کي ڪنٽرول ڪري ٿو)

26. ڌڻيمت (ڌڻيءَ مت، ڌڻي-مت) Theism

+ ايشور واد، هڪڙي خدا ۾ يقين

• ڪانئات جي خالق ۽ حاڪم الھامي (پُرجهيل، کليل، ظاهر ظھور، ((revealed خدا جي وجود ۾ ويساهه (ڀروسو، ايمان، اعتقاد)).

= هڪ ڌرمي/مذهبي فلسفو جيڪو مَٿ-فطري (supernatural) هستيءَ طور خدا جي ذاتي (شخصي personal) وجود جي ڄاڻ ڏي ٿو. اها هستي فطري طرح سبب (rerson) ۽ حڪم (سَڌ will) جو اختيار (وس) رکي ٿي ۽ ماڻهن جي حياتين (زندگين) سان گڏ سمورن مادي ۽ روحاني عملن (processes) تي ڳجهي (غيبي) نموني اثر وجهي ٿي. ~ موجب دنيا ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي پيو اهو الوهي اڳ-ڳڻ ( providence) جي ڪري ٿئي پيو جنھن تي، چيو پيو وڃي ته، قدرت جي قاعدن جو دارومدار آهي.

- ڌڻياڪ (ڌڻيءَ مت تي ڀروسو رکڻ وارو) Theist

(+ آستڪ، هڪڙي خدا ۾ يقينو رکندڙ، ايشور وادي)

- ڌڻيو (ڌڻي مت جو) Theistie ڌڻيائي (ڌڻيءَ مت وارو/بابت) Theisical

27. مٿ-فطري (مٿفطري) (فطرت کان مٿاهون) Supernatural

+ اَتِي سڀاويڪ، خدائي، عجيب، ڪرامتي (اَتِيسَڀاويڪ = غير معمولي)

0 مافوق الفطرت، عام انسانن جي سطح کان مٿي

• روحاني (spiritual)، اهو جنھن کي فزڪس جي قانونن وسيلي قابو (control) ڪري ۽ سمجهائي نه سگهجي.

28. ڌڻيڄاڻ/ڌڻيڀياس (ڌڻيءَ ڄاڻ، ڌڻي-ڄاڻ، ڌڻيءَ+اڀياس) Theology

+ ايشور وديا، علم خدائي، برهم گيان

0 دينيات جو علم، علم الڪلام

• 1. خدا جي فطرت جو ۽ مذهبي/ڌرمي ويساهن (اعتقادن) جو رسمي اڀياس . 2 ڌڻيءَ ڄاڻو سرشتو يا ان جي سمجهاڻي

#  (علم الحقيقت کي Theology ڄاڻايو اٿس)

- ڌڻيڄاڻڪ (ڌڻيئڄاڻڪ): ~ ماهر يا ان جو سکندڙ/ پڙهندڙ Theologician

- ڌڻيڄاڻو (ڌڻيئڄاڻو): ~ ڌڻيءَ ڄاڻ جو Theological

- (ڌيڻيئڄاڻ طور)  Theologically

29. ڌڻيسگهه (ڌڻيءَ سگهه، ڌڻي-سگهه، ڌڻيسگهه) Theocracy

+ ڌڻيءَ جي حڪومت، خدائي راڄ

0 ديني حڪومت، ملائن جي حڪومت، ملائيت

• حڪمرانيءَ جي (اهڙي) سرشتي (وارو ڏيھه) جنھن ۾ رياستن جي قانونن بابت سمجهيو (ڀروسو ڪيو) ويندو آهي ته اهي خدا جا قانون آهن. (ان ڪري) پادرين (مُلن، پنڊتن، ٻاون) پاران يا انهن جي طبقي جي حڪومت.

- ڌڻيسگهي: ~ جو/جي Theocratic

- ڌڻيسَگهه بدران ڌڻياراڄ يا ڌرمراڄ ۽ ڌڻيسگهار بدران ڌڻياراڄڪ يا ڌرمراڄڪ به ٿي سگهي ٿو)

30. ڌڻيسَماءُ (ڌڻيءَ سماءَ، ڌڻي-سماءُ، ڌڻيئسماءُ) Theosophy

+ برهم وديا، علم الاهي، خدائي ڳالهين جو علم

0 فلسفيانه دين ڪجهه ضرور هوندو آهي (؟)

# اهو عقيدو يا اصول ته هر ماڻهو سڌو سنئون خدا جي معرفت ۽ وجدان ماڻي سگهي ٿو.

• فلسفي جي ڪيترن ئي سرشتن مان ڪو به هڪ جيڪو روحاني وجد (موج) ۽ مراقبي (Contemplation) وسيلي خدا جي سڌي ڄاڻ جو مقصد رکي.

- ڌڻيسمائڪ: ~ ۾ ڀروسو رکندڙ، مڃيندڙ يا پسند ڪندڙ Theosophist

- ڌڻيسماري: ~ جو/جي Theosophical

31. ڌڻيئاچاري (ڌڻيءَ آچار، ڌڻيءَ نياءُ، ڌڻيئا چارپ) Theodicy

= فلسفيانه-ڌرمي/مذهبي گرنٿن/ڪتابن کي مقرر (طي) ڪرڻ لاءِ ڪم ايندڙ هڪ اصطلاح، اهي ڪتاب جيڪي دنيا ۾ هڪ قادر مطلق، چڱي (سٺي)، خالق ۾ ويساهه، هڪ پاسي، ۽ بڇڙائيءَ (evil) ۽ ناچاريءَ (انياءُ، بي انصافي) جو وجود، ٻي پاسي، جي وچ ۾ چِٽي ۽ ناٺاهي جهيڙي کي صحيح (سچو) ثابت ڪري سگهن. سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ۾ فلسفيانه ادب جي هڪ پاڻڀري شاخ ٿي وئي.

- ڌڻيئاچارڪ: ~ ۾ ڀروسو رکندڙ، مڃيندڙ يا پسند ڪندڙ.

(ڌڻيئاچاري بدران ڌرماچاري ۽ ڌڻيئاچارڪ بدران ڌرماچارڪ به ٿي سگهي ٿو)

32. الھڄاڻ Theogony

= اِلَھن (ديوتائين gods) جي بڻ بابت ڌرمي ڏند ڪٿائن جو سر شتو، الھن جِيڻڄاڻ (Geneology) يا ابتدا بابت علم، يورپي ادب ۾ قديم يوناني ڏند ڪٿائن جو پھريون ڄاتل شاعراڻو مجموعو هيسياڊ (800 ق م) جو ٿِيئگوني هو. ٿيئگوني فيوئر باخ جي 1857ع ۾ ڇپايل هڪ ليکت جو عُنوان آهي.

33. اَڌڻيمت Atheism

+ ناستڪمت، ناستڪي

0 اهو ويساهه ته (ڪو به) خدا موجود ناهي.

= مٿفطري هستيءَ يا هستين ۾ ويساهه کي رد ڪندڙ سوچن (نظرين) جو سرشتو. ~ ڌرم، پنٿ، مذهب جي وسيلن (بڻ، ذريعن) جي ڇنڊڇاڻ ڪري ٿو ۽ ان جي نيسر (نسرڻ) جا ڪارڻ ٻڌائي ٿو. ڪائنات بابت سائنسي اڀياس جي نڪتهءِ نگاهه کان ڌرمي متن (نيمن، عقيدن) تي تنقيد ڪري ٿو، ڌرم جي سماجي ڪردار کي کولي ٿو ۽ ڏيکاري ٿو ته مذهبي ساڙن (تعصبن، تنگ نظريءَ) پٺيان ڪنھن جو هٿ آهي ۽ ان تي ڪيئن ضابطو رکي سگهجي ٿو. جيئن جيئن سائنسي ڄاڻ وڌي تيئن ~ به اسرندو ۽ وڌندو ويو. ~ جو فلسفيانه بنياد ماديت (مادو+مت = Materialism) آهي. ~ جي نظرين هڪ سرشتي جو روپ غلاميءَ واري راڄ ۾ ورتو ۽ ان جي ڌرمن خلاف جدوجھد طبقاتي هَلاچَلي سان گهاٽيءَ طرح ڳنڍيل آهي. ٿيلس، اناگزيمينس، هيراڪليتس، ديموڪريتس (دمقراط)، ايپيڪيورس، زينوفينس ۽ ٻين جي لکيتن ۾ ~ جا ڳچ جزا موجود آهن، انهن هر لقاءَ جي تشريح لاءِ قدرتي ڪارڻ پئي ڳوليا. سندن پھچ کھري هئي. وچين (وچاڙ Medieval) دور، ۾، جڏهن چرچ ۽ ڌرم ڇانيل هئا تڏهن ~ تمام ٿوري ترقي ڪئي. سرمائڪي ~ ڌرمي حڪمراني هيڻي ڪرائڻ ۾ ڳڻڻ جوڳو ڪردار ادا ڪيو. سرمايڪ (Capitalist) اڌڻيڪن (اڌڻيمت کي پسند ڪندڙن) پاران چرچ جي موٽار (Reactionary) فطرت جي کول (اوگهڙ) جاگيرپ خلاف جدوجھد ڪئي ۽ ان جي تباهيءَ کي سولو ڪرڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو. سرمايڪ ~ بھرحال پنھنجي مواد ۾ گَهٽيل ۽گُهٽيل، ڪردار ۾ راهه روشن ڪندڙ ۽ هڪ ننڍي دائري ۾ اثر رکندڙ هو. ~ پنھنجي ٺاهوڪي (رچيل) صورت مارڪسمت-ليننمت ۾ ورتي. مارڪسي ~ طبقاتي حد بندين کان آزاد ۽ ڪردار ۾ ڪلي-ڪوڏيو آهي.

- اڌڻيئڪ (اڌڻياڪ) (اڌڻيمت تي ڀروسو رکندڙ، مڃيندڙ، پسند ڪندڙ Atheist (+ ناستڪ، مشرڪ، منڪر، دهريو)

- اڌڻيو (اڌڻيمت جو) Atheistic

- اڌڻيائي (اڌڻيمت وارو/ بابت) (Atheistical)

34. يڪڌڻيمت (يڪڌڻيئپ، يڪڌڻيائپ) Monotheism

+ هڪ ايشور کي مڃڻ جو عقيدو

0 هڪ خدا ۾ عقيدو، وحدانيت

• متو (اصول، سکيا، تعليم) ته رڳو هڪ خدا موجود آهي (گهڻڌڻيمت جي ابتڙ) ڏسو: گهڻڌڻيمت).

= هڪ خدا جي پوڄا (مڃتا، عبادت، بندگي). آڳاٽي زماني ۾، جڏهن اڃا راڄ (سماج) جي جوڙجڪ ۽ اوسر ٿي رهي هئي، بيوس، هيڻو، ۽ اڻڄاڻ ماڻهو ڪيترن ئي قسمن جي ڀوتن، الھڙن ۽ ديون (۽ ڀوتڻين، الھڙين ۽ ديوين) جي هڪ (وهمي) وجود کي مڃڻ لڳو جيڪي لڳ ڀڳ هر هڪ وَٿ، گڻ ۽ لقاءُ لاءِ هڪ الڳ وجود رکندڙ سمجهيا ويندا هئا. اها سمجهه هوري هوري وڌي گهڻن الھن (ديوتائن gods) جي وجود تي ايمان آڻڻ لڳي جن مان هر هڪ جو هڪ ٺوس وجود، نالو ۽ پنٿ (cult) هو. پورهيي جو راڄوڻي (سماجي) ورهاست ــــ هڪ ٽولي جي حاڪمي ۽ گهڻن ماڻهن جي محڪومي هوري هوري الھن (ديوتائن) جي هڪ رياست جي شڪل وٺي ويئي. راڄ جي واڌ ۽ پکيڙ، غلامَ-رکندڙ سرشتي جي ڄمت، يڪراجائي (يڪشاهي، هڪ بادشاهه يا شھنشاهه جي حڪمراني) سلطنت ڏانھن وٺي ويئي. ان ڪري هڪ ڏاڍي وڏي ديوتا (يا ديوتائن جي ديوتا، جيئن يونان ۾ زيوس ديوتا) جو تصور پاڙون پڪڙڻ لڳو ۽ هوري هوري الھه-گهر (پئنٿيئن) مان هڪ، سڀ شَي تي وس رکندڙ (ڪُلوَس يا سرو شڪيتوان) وڏو-ديوتا اڪيلو ٿي نروار جي آيو. گهڻڌيمت جا نشان اڄ به ~ ۾ پويل ملن ٿا جنھن جو هڪ مثال اڄوڪو عيسامت آهي.

- يڪڌڻيئڪ (يڪڌڻياڪ): ~ کي مڃيندڙ، پسند ڪندڙ، ڀروسو رکندڙ  Monotheists

- يڪڌڻيو (يڪڌڻيائي): ~ جو Monotheistic  

35. ترڌڻيمت (ترڌڻيئپ، ترڌڻيائپ) Pantheism

+ سرو ايشور واد، ويدانت مت، متو جنھن ۾ سڀ کي خدا ڄاڻجي.

0 همه اوست جو نظريو، هر شَي ۾ الله جي موجود هجڻ جو نظريو.

 • اعتقاد ته خدا هر شيءِ ۾ موجود آهي ۽ هر شيءِ خدا آهي. سڀني الھنِ ۾ ايمان ۽ انهن جي پوڄا.

= هڪ فلسفيانه تعليم جنھن موجب خدا هڪ اذات (غير شخصي Impersonal) مول (اصول، متو، سڀاءُ) آهي جيڪو قدرت کان ٻاهر (پَري) ناهي پر ان سان ساکيات (هوبھو، ساڳيوئي) آهي. ~ خدا کي مٿفطري جزي طور رد ڪندي قدرت ۾ حل ڪري (ملائي، جذب ڪري) ڇڏي ٿو. اهو اصطلاح ٽولئنڊ سڃاڻايو، جڏهن ته اڳوڻي ~ ۾ چڱيءَ حد تائين قدرت بابت ماديئڪ (مادو+وارو، مادي مت کي مڃيندڙ واريون) سوچون سمايل هيون (مثال طور برونو ۽ خاص ڪري اسپائينوزا) پر هاڻي اهو (~) خدا ۾ دنيا جي وجود واري خيالڪ (خيال+وارو، خيالمت کي مڃيندڙ) نظريي ۾ بدلايو ويو آهي ۽ هڪ اهڙو جتن آهي جنھن ۾ سائنس کي ڌرم سان ٺاهه ڪرايو (پرچايو، هيرايو) پيو وڃي.

- ترڌڻياڪ: (~ کي مڃندڙ، پسند ڪندڙ، ڀروسو رکندڙ) pantheist

- ترڌڻيو: (~ جو/جي) pantheistic

36. گهڻڌڻيمت (گهڻڌڻيمت، گهڻڌيائپ Polytheism

+ گهڻن ديوتائن جي پوڄا، انيڪ ديومت

0 شرڪ، هڪ کان وڌيڪ خدائن ۾ عقيدو

• هڪ کان وڌيڪ الھن (ديوين، ديوتائن) ۾ ويساهه يا انهن جي پوڄا.

= آڳاٽي زماني ۾، جڏهن راڄوڻي ناتن جي جوڙجڪ ۽ اوسر اڃا ٿي رهي هئي، ماڻهو ڪيترن ئي قسمن جي ڀوتن-پريتن، ديون-ديوين، خيالي وجودن کي مڃڻ لڳا جو کين اهو صحيح نموني سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو ته، مثال طور : هوا ڇو پئي گُهلي (ڪڏهن ماٺي، ڪڏهن هوري، ڪڏهن تيز ته ڪڏهن مورڳو پاڙون-اکيڙيندڙ)، پاڻي ڇو پئي وهيو (ڪڏهن تراکڙو، ڪڏهن تار، ڪڏهن ٻنا ٻوڙ ته ڪڏهن مورڳو ٻوڏ)، وڻ ۽ ٻيا ”ساهوارا“ ڇو پئي ڄاوا، نپنا ۽ وڌيا ويجهيا ۽ مُئا ۽ مرڻ کان پوءِ سندن ڇا پئي ٿيو، خواب ڇا هئا ۽ انهن ۾ ڪيترن ئي نمونن/روپن جا وجود (۽ خاص ڪري مري ويل وجود) ڇو پئي ڏيکاريا، ڏينھن ۽ رات ڇو پئي ٿيا. سج، چنڊ، تارا ڇا هئا ۽ ڏينھن جو ڪاڏي پئي ويا وغيره. ماڻهوءَ کي حقيقت ته سمجهه ۾ نه آئي پر پنھنجيءَ محدود ڄاڻ جي بنياد تي هن اها تاويل گهڙي ته ڪي اهڙيون نظر نه ايندڙ ”هستيون“ ۽ ”قوتون“ هيون جن اهو ۽ اهڙو سڀ ڪجهه پئي ڪيو. انهن هستين/قوتن کي جيڪو به نالو ڏنو ويو هجي پر ڀوت، ديو، ديوتا ۽ وڏا ديوتا انهن جو ئي اسم عام آهن. اها ”سمجهه“ هوري هوري وڌي، سڌري ۽ پڪي ٿي، انهيءَ وچ ۾ جن لقائن، شين ۽ وهمن جو سبب سمجهه ۾ آيو انهن بابت ديوين/ديوتائن جو تصور ختم ٿيو ۽ اهڙيءَ طرح انهن لاءِ ڪارڻ مڃيل هستي جي وهم کان جند ڇٽي ۽ اڃا به جيڪو ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو تنھنجو ڪارڻ ڪو نه ڪو مٿفطري وجود-ديو، ديوي، ديوتا-سمجهيو ويو جنھن جو هڪ ٺوس وجود مڃيو پئي ويو. ان کي هڪ خاص نالو ڏنو ويو ۽ اهو ڪو هڪ (يا ڪجهه خاص ڪم ڪندڙ سمجهيو ٿي ويو ۽ ان ئي حوالي سان سندس مڃتا، پوڄا ڪئي ويندي هئي، ديو ۽ ديويءَ جي ان صورت سڌري ديوتا (الھه، الاهه، عام خدا) جي حيثيت ورتي.

- گهڻڌڻياڪ: ~ کي مڃيندڙ، پسند ڪندڙ، ڀروسو رکندڙ

- گهڻڌيو: ~ جو/جي Polytheistic

37. ديوَمت (ديوائپ) Fetishim

+ جڙ پوڄا

• خاص ڪري پاگن (غير ڪرسچن/عيسائي، ڪافر، بت پرست، عيسائين پاران عيسامت کان سواءِ باقي لڳ ڀڳ سڀني ماڻهن لاءِ ڪم ايندڙ لفظ) ماڻهن پاران مختلف وَٿن (شين، لقائن، تصورن) جي پوڄا، ڇو ته اهي انهن وٿن ۾ روح (آتما Spirit) موجود هجڻ جي پتَ رکن ٿا.

= قدرت جي وٿن ۽ لقائن جي پوڄا. جهونڙي راڄ ۾ ڌرم جي هڪ اڳوڻي (قديم) صورت. 1760ع ۾ فرانس جي هڪ تاريخ-ڄاڻو ۽ ٻوليءَ-ڄاڻڪ ٻيھر ~ جي سڃاڻپ ڪرائي. مادي جي شين جو جوهر نه سمجهندي ڪيترن ئي ماڻهن انهن ۾ مٿفطري خاصيتن جي موجودگي محسوس ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ويساهه رکڻ لڳا ته اهي وٿون (انهن کي جوڙيندڙ، هلائندڙ ديو-ديويون) سندن سَڌن کي سُکيو (مطمئن) ڪن ٿيون. ~ اوتارمت (Toemism) ۽ سِرک (جادو، طلسم Magic) سان ڳنڍيل آهي. ~ ڪيترن ئي سرتن مذهبن ۾ به موجود آهي (جيئن مورتين يا بتن ۽ صليب جي پوڄا وغيره).

- ديوڪَ: ~ ۾ ڀروسو رکندڙ، پسند ڪندڙ، مڃيندڙ

- ديويائي: ~ جو/جي.

38. اوتار مت (اوتارپ) Totemism

+ ڪا به قدرتي شيءِ (ڍڳو وغيره) جنھن کي ڪنھن ديوتا جي موُرتي ڄاڻي ان جي عزت ڪجي.

0 (ٽوٽيم Totem = خانداني نشان)

 • (ٽوٽيم= (خاص طرح اتر-اميريڪي انڊين ۾) ڪنھن به قدرتي وٿ (شَي) خاص ڪري جانور کي پنھنجي خانداني ٽولي جي نشان طور مقرر ڪرڻ، ته جيئن پاڻ ۾ واسطو رهي).

= جهوني نياتي (پنچايتي) راڄ وارن ڌرمن ۾ هڪ ڌرم. هڪ اصطلاح جي حيثت ۾ پھريون ڀيرو ~ 18-صديءَ جي پڄاڻيءَ ڌاري جاهن لانگ ڪم آندو. ~ جو مکيه ويساهه گڏيل بڻ ۾، رتيري مائٽيءَ (blood relationship) ۽ جانور، وڻ، وٿ يا لقاءُ جي مخصوص قسم سان ماڻهن جي ٽولي جي سنگت (ٻڌيءَ، مائٽي) ۾ آهي. ~ جي اوسر قَديم معيشت (ميوا ميڙڻ، شڪار ڪرڻ وغيره) ۽ سڱابنديءَ سان گڏ ٻين سماجي ناتن بابت ڄاڻ جي کوٽ ۾ ملي ٿي. اوتار جو ابتدائي تصور جانور-وڏڙو، ان جي شبيھه (portayal) يا نشان، ۽ ماڻهن جو هڪ ٽولو پڻ آهي. اوتار ماڻهن جو سگهارو محافظ، کين کاڄ رَسائي ٿو. ~ آسٽريليا، اتر ۽ ڏکڻ اميريڪا، ملائيشيا، پولينيشيا ۽ آفريڪا جي پراچين (اصلي، قديم) قبيلن ۾ ڏاڍو پکڙيل آهي. ~ جو پاڇولو اسريل مذهبن ۾ (خدا کي پيءُ سڏڻ/سمجهڻ، ”لارڊ“ سڏڻ وغيره) ۽ لوڪ ڪهاڻي (folk lore) ۾ محفوظ آهي (جيئن ماڻهن ۽ جانورن جي وچ ۾ ڀتارڪيِ (مڙس واري Marital) ۽ رتيري سڱاوتي بابت ڳالهيون).

- اوتارڪ: ~ ۾ ڀروسو رکندڙ، پسند ڪندڙ، مڃيندڙ

- اوتارڪي: ~ جو/جي

39. الھراڄپ، الھراڄمت (خدا شاهيمت، خدا شاهپ) Chiliasm

= ڌرتيءَ تي ”خدا جي بادشاهيءَ“ بابت مذهبي متو، جيڪا (بادشاهي) دنيا جي انت کان هڪ هزار ورهيه اڳ تائين هلندي رهندي. ~ يھودمت ۽ ابتدائي عيسامت ۾ سڀاويڪ (سمايل، لڪل، پويل) هئي جنھن ۾ اها مسيحا ـــــ ڇوٽڪارو ڏيندڙ ـــــ جي وري اچڻ واري سوچ جي صورت ۾ موجود هئي. ~ وارين سوچن غلامن ۽ غريبن کي ڪشش ڪئي. رومي سلطلنت جو سرڪاري مذهب ٿيڻ کان پوءِ، عيسامت ڌرتيءَ تي شين جي ترتيب (بناوت) ۾ ڪنھن به تبديلي اچڻ کان هٿ کڻي ڇڏيو، ٻي دنيا ۾ انعام، (ڦل، اجر، ثواب) جي سوچ کي زور وٺرايو ۽ ~ کي هڪ ڪوڙي تعليم سڏي رد ڪيو. وچاڙ دور ۾ ~ ڪيترن ئي پاکنڊي (لادين، اَڌرم) تعليمن ۽ (جن ۾ جاگيردارڪي ڦرلٽ خلاف هارين ۽ شھري غريبن وسيلي سماجي احتجاج جو مذهبي ڍڪ ٿي ڏيکاريو) سڌاريو ويو. اڄڪلهه ~ ڪن ڌرمي فِرقن جي موٽار (reactionary) سوچن جو حصو آهي.

- الھراڄڪَ: ~ ۾ ڀروسو رکندڙ، پسند ڪندڙ، مڃيندڙ

- الھراڄي: ~ جو/جي

40. الھمت، الھپ Deism

+ ڊيئست (Deist) جيڪو ڌڻيءَ جي هستي مڃي پر الھام نه مڃي، صوفي.

• خدا يا خدانما (الاهي، ايشور Divine) هستيءَ جي وجود ۾ ويساهه رکندڙ پر ڪنھن به ڌرمي مَتي (نيم، اصول، سڌانت) يا الھام کي نه مڃيندڙ.

= دنيا جي هڪ اذات اتم ڪارڻِ جي حيثيت ۾ خدا جي وجود ۾ ويساهه. الھي (deistic) نڪتهءِ نگاهه موجب دنيا خلقجڻ کان پوءِ خود پنھنجن قانونن جي عمل (operation) سان ٻڌل هئي. ~ پھريائين انگلينڊ ۾ ظاهر ٿيو. هربرٽ آف چيربريَ (1583-1648ع) ~ جو خالق هو. جتي جاگيري ڌرمي تصور ڇانيل هئا اتي ~ گهڻي قدر اڌڻيمت جو ڳجهو (سونسائي، وهمي Superstious) ڊولَ ۽ ڌرم جون پاڙون پٽڻ لاءِ ماديئڪن جو سھنجو (ڪارائتو) اوزار (device) هو. رُوسو ۽ والٽيئر فرانس ۾، لاڪ، نيوٽن، ٽولئنڊ ۽ اينٿوني ايشلي ڪُوپر شافٽسبري انگلئنڊ ۾ ۽ راش چيف، آءِ. پنن، آءِ. يرتوف ۽ ٻيا روس ۾ ~ جا سمجهائيندڙ هئا. هن وقت ~ ڌرم کي سچو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

41. اَلھه جوڙَ (الھه ٽوڙَ ؟) God-Building

= روس ۾ هڪ مذهبي-فلسفيانه لاڙو، 07-1905ع واري انقلاب جي هار کان پوءِ اڀريو. ان جي اڳواڻن ۾ ليوناچارڪسڪي، وي. بزاروف ۽ يُشڪيوچ هئا جن سان گورڪي به ڪجهه عرصو گڏ رهيو. ~ جو مقصد سائنسي راڄمت (سوشلزم) کي مذهب سان ٻڌي ڪرائڻ ۽ اهڙيءَ طرح سڏيو-ويندڙ اڌڻيمت يعني خدا کان سواءِ مذهب پيدا ڪرڻ هو.

42. خدا-کوج God- Seeking

= روس ۾ هڪ مذهبي-فلسفيانه لاڙو جنھن اها ڪوشش ڪئي ته ماڻهن ۾ مذهب جي پختائي پيدا ڪئي وڃي يا انهن تي مذهب جي هلنديءَ کي سگهارو ڪيو وڃي. 1920ع جي ابتدا ۾ هي لاڙو پيدا ٿيو ۽ چڱو وڌيو خاص طور تي سرمايڪ دانشورن ۾، جن چيو پئي ته حياتيءَ جو مقصد خدا جي کوج (ڳولا، ڦولا) ڪرڻ آهي، تاريخ جو مقصد اهو آهي ته ماڻهپي ۾ خدا کي سھي ڪيو (مڃيو، ڳوليو) وڃي ۽ هڪ الوهي ماڻهپو تخليق ڪرڻ يعني مذهبي اصولن تي پيڙهه رکندڙ سماجي تنظيم جوڙڻ. ماڻهو اهو مقصد يعني خدا جي بادشاهي رڳو پيار، نوِڙت (نئڙت، نمرتا) ۽ صبر وسيلي ئي ماڻي سگهي ٿو.

43. رَشيِگم، رشيسُڌ Hagiology

•  سينٽس (Saints) جي حياتين ۽ روايتن (Iegends) بابت ادب.

(• Saint (سينٽ) رشي= 1. پاڪ ماڻهو، 2. ماڻهو جيڪو مرڻ کان پوءِ جنت جي سڳورن (نوازيل) ماڻهن ۾ شامل هجي، 3. اهو فرد جنھن کي چرچ (ڪليسا) ڌرتيءَ تي مقدس رهڻيءَ جي ڪري جنت ۾ جاءِ ۽ ڌرتي تي مانُ ماڻيو هجي.)

($ رشي= ويدن جا شُبد ڳائيندڙ= سنت، تپسيا ڪندڙ)

44. تَنتڄاڻ، تنتڀياس Neurology

0  تنتي سرشتي جو علم.

• تنتن سان واسطيدار طبي سائنس جي شاخ

- تنتڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر

- تنتڀياسڪ: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ

- تنتڀياسي: ~ جو/جي (تنتڄاڻو/ تنتڄاڻي)

- تنتي: تنت جو/جي

($ تنت= تند، وار نلي)

(• Nerve (نَروِ)= تنت: ڌاڳو يا ڌاڳن جو مُچو (ڳٺڙي) جيڪو دماغ ۽ جسم جي سمورن حصن جي وچ ۾ احساس ۽ اثر نِئي وڃي. + نَس، تنتُو)

45. فضاڄاڻ، فضاڀياس (موسمڀياس، موسمڄاڻ) Meteorology

+ علم آبھوا

0 موسميات: موسمياتي اڳڪٿيءَ جو فن.

• موسم جي سائنس، ڌرتيءَ جي فضا (وايومنڊل) ۽ ان جي تبديلين جو اڀياس.

- فضاڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر (موسمڄاڻڪ)

- فضاڀياسڪ: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ (موسمڀياسڪ)

- فضاڀياسي: ~ جو/جي (فضا ڄاڻو/ڄاڻي، موسمڀياسي، موسمڄاڻو/موسمڄاڻي)

- فضائي: فضا جو

- موسمي: موسم جو

($ فضا= ڪشادي جاءِ-ميدان، چوگرد جون حالتون-وارتا ورڻ-وايومنڊل (ماحول، هوا-واءُ وايو)

($ موسم = مند، رت- فصل-تُڙ ويل-وقت-مھل، ايام، زمانو، سمو-موقعو ...)

46. گَرڀڄاڻ Obstetrics

+ دائڪو علم، گرڀ بابت

• ٻار جي ڄم، ان کان اڳ ۽ پوءِ (نتيجن) سان واسطيدار ميڊيسن ۽ سرجريءَ جي شاخ.

- گرڀڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر

- گرڀڄاڻو/گرڀڄاڻي: ~ جو/جي

47. پکيڀياس، پکيڄاڻ (پکي-ڄاڻ، پکيءَ ڄاڻ) Orthodontics

+ علم پرند، علم طيور، پکين جو علم

• پکين بابت سائنسي اڀياس.

- پکيڄاڻڪ (پکيئڄاڻڪ): ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر

- پکيڀياسڪ (پکيئڀياسڪ): ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ

- پکيڀياسي (پکيئڀياسي): ~ جو/جي

48. هَڏڄاڻ، هڏڀياس Orthopaedics

• هڏي جي خرابيءَ (deformity) ۽ مرضن جي علاج سان واسطيدار سرجري جي شاخ.

- هڏڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر

- هڏڀياسڪ: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ

- هڏڀياسي: ~ جو/جي (هڏ ڄاڻو/هڏڄاڻي)

49. روڳڄاڻ، روڳڀياس Pathology

+ علم طب، مرض جو علم

0 بيمارين جي سبب جو علم، مرضن جو علم.

• مرضن بابت سائنس.

- روڳڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر

- روڳڀياسڪ: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ

- روڳڀياسي: ~ جو/جي (روڳڄاڻو/روڳڄاڻي)

($ روڳ= گندگي-پُون-پس، سڙيل رت-رتُ پُون- ڦٽ مان وهندڙ گند. بيماري -مرض. ڏوار-اگهائي-ناچڱائي-ڏوجُ-ڏجهندو-لڱائي-ڪمھرائي-آزار-بي مزائي -رنجوي-ناچاقي-پيڙا-تڪليف ...)

50. راڄڀياس، راڄاڻ (راڄ + ڄاڻ) Sociology

+ سماج شاستر، علم معاشرت، پنگتي و گيان.

0 معاشيات، عمرانيات

• قدرت ۽ سماجي (راڄوڻي) سڌاري ۽ سماجي ورتائن بابت سائنس

- راڄاڻڪ (راڄڀياڪ): ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر

- راڄڀياسڪ: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ

- راڄڀياسي: ~ جو/جي

($ راڄ = رعيت-رعايا-عام ماڻهو-پوڄا. قوم. آبادي. بادشاهي. صاحبي-حڪومت. مُلڪ-علائقو)

***



[1]  ٻوليءَ-ڄاڻ جي ماهرن لاءِ حد ادب رکندي، انتھائي نيڪ نيتيءَ سان هڪ گذارش عرض ڪجي ٿي جنھن تي اميد ته ويچار ڪيو ويندو. ”جامع سنڌي لغات“ جي محققن، مرتبن ۽ جوڙيندڙن پاران اها ڳالهه لڳ ڀڳ هر جلد ۾ ڄاڻائي وئي آهي ته هر لغت ٺاهڻ لاءِ جنھن ڌيان ۽ تحقيق جي گهرج رهي ٿي اها ڪيترن ئي سببن جي ڪري نه ٿي سگهي آهي. ٻيو ته هن لغات ۾ ادبي توڙي عام مروج ٻوليءَ جي لفظن جي معنيٰ ڏني وئي آهي. گهربل تحقيق نه ٿيڻ ۽ عام مروج لفظن جي عام مروج معنيٰ اچڻ جي ڪري وڏا امڪان موجود آهن ته ڪي کوٽون ۽ خاميون رهجي ويون هجن. ”جامع سنڌي لغات“ پڙهندي اهڙا سوين لفظ نظر ۾ آيا آهن جيڪي معنائن ۾ ته ڄاڻايل آهن پر پنھنجي سري تي موجود ناهن. اميد ته ايندڙ واري انهن گُسي ويل لفظن جي وچور ڏبي. هتي ”متارو“ سري هيٺ ڏنل معنيٰ ڏانھن ڌيان ڇڪائڻ جي گهرج محسوس ٿئي ٿي. ”متاري“ جي معنيٰ ۾، وچ تي، عربي لفظ ”مطھرة“ ڏئي پوءِ ڪجهه ”معنائون“ڏنيون ويون آهن جن جي وچ ۾ ناتو سمجهه ۾ نٿو اچي. ممڪن آهي ته زور سان ¬ ڏٽي ڀريل سانداريءَ (مشڪ، کليءَ) لاءِ اصطلاحن يا ڪن ٻين سببن جي ڪري (متاري) لفظ ڪم آيو هجي پر ان جو اشارو ”زور سان ڀريل“، ”ڏٽيل“، ”سٽيل، ڦونڊيل“ خاصيت ڏانھن ته ٿي سگهي ٿو پر خود ”سانداريءَ“ ڏانھن نه، ڇو ته ”متارو“ اصطلاحن ٿلهي، ڏٽي مُٽي، سٻر، ڦوڦانگ، سوکي مُٽڪي وغيره ڏي اشارو ڪري ٿو. جيڪڏهن ” مطھرة“ ان ڪري ڄاڻايو ويو آهي ته اهو عربي لفظ زماني ۽ اچار جي ڦير گهير سبب بدلجي متارو/ متاري ٿيو آهي ته اها ڳالهه به قابل قبول نه ٿي ٿي سگهي ڇو ته، جڏهن طاهر، طاهره، طوهر، تطھير، طھارت، ”طاهري“ وغيره جھڙن لفظن کي، جيڪي پڻ ساڳي ڌاتوءَ مان ڦٽن ٿا، ساڳيءَ صورت ۾ رکي سگهيا آهيون ته پوءِ ڇو، هروڀرو، ان هڪ لفظ ” مطھرة” کي ڦيرائي کڻي متارو/ متاري بنايوسون؟ ۽ ”مطھرة“ جيڪڏهن متاري يا سانداري جي معنيٰ ڏيکاريندڙ لفظ آهي ته ”جامع سنڌي لغات“ ۾ پنھنجيءَ گهربل جاءِ تي موجود ڇو ناهي؟

ٻيو عرض هي ته ”متارو“ جي معنيٰ ڏيندي سنسڪرت جو لفظ ”مد“ (مستي) آندو ويو آهي. ڇا ”مد“ ڦري متارو/ متاري ٿيو آهي؟ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ (1) ”مد“ ڦري ”مت“ ٿي ئي ”متارو “ ٿي سگهي ٿو يا (2) ”مد“ ڦري ”مدار“ يا ”مدارو“ ٿي پوءِ ”متارو“ ٿيو هوندو. اهي ٻئي صورتون صحيح نه ٿيون ٿي سگهن ڇو ته ”مت“ ۽ ”مدار“ ٻئي سنڌيءَ ۾ صاف اچارجن ٿا. ٽيون سبب هي ٿي سگهي ٿو ته ”مد“ جي معنيٰ ”مستي“ متاري جي معنيٰ جي ويجهو هوندي پر ”متاري“ جي معنيٰ ۾ ڪو هڪ لفظ به اهڙو ناهي جنھن جي معنيٰ مستي نڪرندي هجي، ائين ڇو آهي؟ ائين ٿو لڳي ته سنسڪرت جو لفظ ”مد“ (مستي) ”متارو“ ۾ ان ڪري ڄاڻايو ويو آهي جو لطيف سائينءَ جي ڪلام ۾ ”موکيءَ جا متارا“موجود آهن ۽ انهن کي “مست“ سمجهي ”متارو“ جي ڌاتو ۾ ”مد“ ڏانھن اشارو ڪرڻ ضروري سمجهيو ويو آهي. عالم ماڻهو اهو به چون ٿا ته ڪنھن لفظ جي ڌاتوءَ تي ڌيان ڏئي لفظ ۽ معنائون ڳولڻ بدران ان جي باري ۾ اڳواٽ ڪو تصور مقرر ڪري پوءِ ڌاتو ڳولڻ علمي قدرن موجب جائز ناهي. منھنجيءَ سمجهه موجب ـــ ”جامع لغات سنڌي“ ۾ هن لفظ ”متارو“ جي رڳو رواجي، اصطلاحي اشاراتي معنيٰ ڏني وئي آهي، حقيقي نه. ”متارو“ جي حقيقي معنيٰ مت+وارو (مت+ارو) يعني سمجهدار، فھم رکندڙ، عاقل، داناءُ، ڄاڻو، سياڻو، سوچيندڙ وغيره هجڻ گهرجي.

[2] انگريزيءَ ۾ علم (سائنس، فن وغيره) جي ڄاڻو يا ماهر ۽ ان ئي علم جي سکندڙ، پڙهندڙ يا شاگرد لاءِ ساڳيو ئي لفظ ڪم اچي ٿو. علمي گهرج آهي ته انهن جي لاءِ ڌار ڌار ۽ مناسب معنيٰ ڏيندڙ لفظ ڪم آندو وڃي.