سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري اديب منٺار سولنگي جو مرتب ڪيل ڪتاب ”نئون ديرو : نوان ۽ پراڻا ورق“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ھن ڪتاب ۾ نئين ديري جي تاريخي پسمنظر، جاگرافيائي بيھڪ، نئين ديري جون بازاريون، مواصلات، نئين ديري جي ڀرپاسي جي ڳوٺن، نئين ديري جي سياسي ۽ سماجي شخصيتن، قلمڪارن، نئين ديري بابت شاعري، نئين ديري جي سگهڙن، صحافين، لائبريرين، ڪلاڪارن، ڪردارن، نئين ديري جي تعليمي، صحت، صنعت ۽ سماجي دارن ۽ انھن جي اوسر، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين، نئين ديري شھر جي پروفائيل بابت مختلف ليکڪن ۽ اديبن جا مضمون ۽ لکڻيون شامل آھن.
ھي ڪتاب 2001ع ۾ نئون ديرو ھسٽاريڪل سوسائٽي پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي صاحب خان سورھہ ميراڻي جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي