نسلن جو بڻ بڻياد, سنڌيڪار : عطا محمد ڀنڀرو

نسلن جو بڻ بڻياد

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : نسلن جو بڻ بڻياد
سنڌيڪار : عطا محمد ڀنڀرو
مصنف : چارلس ڊارون
ڪيٽيگري : سائنس، علم ۽ رسالا
ڇپيندڙ : روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
شايع ٿيڻ جو سال : 2017
شامل ڪيو ويو : 2023-07-31
ڏِٺو ويو : 16 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 438 ڀيرا

ڊارون جي پرورش سائنسي ماحول ۾ ٿي ھئي. ھن جو پيءُ ھڪ مڃيل ڊاڪٽر ھو. سندس ڏاڏي پڻ ارتقا جي تشريح ۾ مقالو لکيو ھو، جنھن جو مٿس ڳوڙھو اثر ھو. ھي ڪتاب  The Origin of Species چارلس ڊارون جو جڳ مشھور حياتياتي ۽ ارتقائي سائنس بابت انقلابي ڪتاب آھي. چارلس ڊارون 1858ع ۾ ھڪ نظريو/خيال  پيش ڪيو ۽ ان خيال تي پھريون ڪتاب 1859ع ۾ The Origin of Species پيش ڪيائين،  جنھن تي عام ماڻھن سان گڏ ڪي سائنسدان بہ چڙي پيا تہ ڊارون انسان کي باندر ۽ بن مانس جو اولاد سڏي ٿو. اصل ۾ ڊارون ايئن چيو ئي ڪونہ هو. سندس خيال هو تہ انسان ۽ بن مانس جا ابا ڏاڏا اصل ۾ ڪا هڪ اوائلي انسان- بن مانس نما مخلوق هئي، جنھن مان هڪ کان وڌيڪ نسل ڦٽي نڪتا، جيڪي پوءِ هوريان هوريان لکين سالن جي وقفي ۾ هڪٻئي کان بالڪل جدا ٿي ويا.

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري سائنس، علم ۽ رسالا مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ