سائنس، علم ۽ رسالا

نسلن جو بڻ بڻياد

ڊارون جي پرورش سائنسي ماحول ۾ ٿي ھئي. ھن جو پيءُ ھڪ مڃيل ڊاڪٽر ھو. سندس ڏاڏي پڻ ارتقا جي تشريح ۾ مقالو لکيو ھو، جنھن جو مٿس ڳوڙھو اثر ھو. ھي ڪتاب  The Origin of Species چارلس ڊارون جو جڳ مشھور حياتياتي ۽ ارتقائي سائنس بابت انقلابي ڪتاب آھي. چارلس ڊارون 1858ع ۾ ھڪ نظريو/خيال  پيش ڪيو ۽ ان خيال تي پھريون ڪتاب 1859ع ۾ The Origin of Species پيش ڪيائين،  جنھن تي عام ماڻھن سان گڏ ڪي سائنسدان بہ چڙي پيا تہ ڊارون انسان کي باندر ۽ بن مانس جو اولاد سڏي ٿو. اصل ۾ ڊارون ايئن چيو ئي ڪونہ هو. سندس خيال هو تہ انسان ۽ بن مانس جا ابا ڏاڏا اصل ۾ ڪا هڪ اوائلي انسان- بن مانس نما مخلوق هئي، جنھن مان هڪ کان وڌيڪ نسل ڦٽي نڪتا، جيڪي پوءِ هوريان هوريان لکين سالن جي وقفي ۾ هڪٻئي کان بالڪل جدا ٿي ويا.

  • 5/5.0
  • 485
  • 224
  • 2 سال اڳ
  • 1
Title Cover of book نسلن جو بڻ بڻياد
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران چارلس ڊارون جي لکيل جڳ مشھور ڪتاب The Origin of Species  جو سنڌي ترجمو ”نسلن جو بڻ بڻياد“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو آھي.
ڊارون جي پرورش سائنسي ماحول ۾ ٿي ھئي. ھن جو پيءُ ھڪ مڃيل ڊاڪٽر ھو. سندس ڏاڏي پڻ ارتقا جي تشريح ۾ مقالو لکيو ھو، جنھن جو مٿس ڳوڙھو اثر ھو. ھي ڪتاب  The Origin of Species چارلس ڊارون جو جڳ مشھور حياتياتي ۽ ارتقائي سائنس بابت انقلابي ڪتاب آھي. چارلس ڊارون 1858ع ۾ ھڪ نظريو/خيال  پيش ڪيو ۽ ان خيال تي پھريون ڪتاب 1859ع ۾ The Origin of Species پيش ڪيائين،  جنھن تي عام ماڻھن سان گڏ ڪي سائنسدان بہ چڙي پيا تہ ڊارون انسان کي باندر ۽ بن مانس جو اولاد سڏي ٿو. اصل ۾ ڊارون ايئن چيو ئي ڪونہ هو. سندس خيال هو تہ انسان ۽ بن مانس جا ابا ڏاڏا اصل ۾ ڪا هڪ اوائلي انسان- بن مانس نما مخلوق هئي، جنھن مان هڪ کان وڌيڪ نسل ڦٽي نڪتا، جيڪي پوءِ هوريان هوريان لکين سالن جي وقفي ۾ هڪٻئي کان بالڪل جدا ٿي ويا.
ھي ڪتاب روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران 2017ع ۾  ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي صاحب خان سورھہ ميراڻيءَ  جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

ھِي ڪتاب صرف پي.ڊي.ايف فارميٽ ۾ ئي موجود آھي، جيڪو ھيٺئين بٽڻ تي ڪلڪ ڪندي ڊائونلوڊ ڪري سگهو ٿا

ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا

5

(ڪُل 1 رائين آڌار)

avatar
Saqibgul Saand

2 مهينا اڳ

چارلس ڊارون جو ھي ڪتاب جيڪو عطا محمد ڀنڀرو صاحب ترجمو ڪري ميڊيڪل جي سنڌي شاگردن ڪاڻ ڏاڍو ڀلو ڪيو جيئن ته اسان جي استاد سائين راشد سولنگي صاحب اسان کي ھي ڪتاب پڙھڻ لاء چيو ھو ھاڻ ھن ڪتاب مان ارتقائي نظريي ۽ ان بابت جيڪا به تاريخ ۽ جيغرافائي تاريخ آھي اھا پڙھڻ ۾ سولائي ٿي پوندي ۽ وڌيڪ پڻ ڄاڻ ملي ويندي.

ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.

  • سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو
  • مصنف چارلس ڊارون
  • ڇپيو ويو 2017
  • ڇپائيندڙ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
  • ڇاپو پھريون
  • عالمي ڪتاب نمبر
  • آن لائين ٿيو 06/Aug/2023
  • ترجمو آھي؟ جي نہ
  • ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
  • لاٿو ويو 224 ڀيرا

ڪتاب ۾ ٽِڪليون