لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڳالھيون ڳوٺ وڻن جون

ھي ڪتاب ڇھن ڀاڱن ۾ ورھايل آھي. پھرين ڀاڱي ۾ جاگرافي ، ٻئي ڀاڱي ۾ تاريخ، ٽئين ڀاڱي ۾ سوانح، چوٿين ڀاڱي ۾ ادب ۽ تنقيد، پنجين ڀاڱي ۾ ڪتابيات ۽ ڇھين ڀاڱي ۾ متفرق مضمون شامل ڪيا ويا آھن. پيرصاحب جي هيءَ عالمانہ تحقيقي ڪاوش هڪ پڌرو ادبي ڪارنامو تہ آهي ئي، پر سنڌ جي تاريخي ورثي جي املھہ دريافت ۽ اُن جو هڪ بي بھا مخزن، جنھن جو بنياد انيڪ ڪتابن ۽ تمام وڏي مطالعي تي آهي. صدين جا احوال اُن ۾ آيل آهن. اسان جي سڄيءَ تاريخ جون نہ، تہ بہ اُن جي ڪن وڏن اهم دؤرن جون_ عربن جي دؤر کان وٺي اڄ تائين جي ڏينھنِ جون نھايت سبق آموز ۽ پيرائتيون ڳالھيون، ۽ ڏاڍي پُرذوق ۽ دلسوز انداز سان اسان کي ٻڌايون اٿن. 

  • 4.5/5.0
  • 86
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڳالھيون ڳوٺ وڻن جون

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري عالم، اديب ۽ محقق سيد حسام الدين راشديءَ جي مضمونن، مقالن۽ تحقيقي لکڻين تي مشتمل ڪتاب ”ڳالھيون ڳوٺ وڻن جون“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ھي ڪتاب ڇھن ڀاڱن ۾ ورھايل آھي. پھرين ڀاڱي ۾ جاگرافي ، ٻئي ڀاڱي ۾ تاريخ، ٽئين ڀاڱي ۾ سوانح، چوٿين ڀاڱي ۾ ادب ۽ تنقيد، پنجين ڀاڱي ۾ ڪتابيات ۽ ڇھين ڀاڱي ۾ متفرق مضمون شامل ڪيا ويا آھن. پيرصاحب جي هيءَ عالمانہ تحقيقي ڪاوش هڪ پڌرو ادبي ڪارنامو تہ آهي ئي، پر سنڌ جي تاريخي ورثي جي املھہ دريافت ۽ اُن جو هڪ بي بھا مخزن، جنھن جو بنياد انيڪ ڪتابن ۽ تمام وڏي مطالعي تي آهي. صدين جا احوال اُن ۾ آيل آهن. اسان جي سڄيءَ تاريخ جون نہ، تہ بہ اُن جي ڪن وڏن اهم دؤرن جون_ عربن جي دؤر کان وٺي اڄ تائين جي ڏينھنِ جون نھايت سبق آموز ۽ پيرائتيون ڳالھيون، ۽ ڏاڍي پُرذوق ۽ دلسوز انداز سان اسان کي ٻڌايون اٿن.
ھي ڪتاب 1981ع ۾ انجمن تاريخ سنڌ، ڪراچي - حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

پيش لفظ

هيءُ ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ اسان جي دور جو هڪ اهم ڪتاب آهي. گذريل تقريباً ڏيڍ سـؤ سالن جو عرصو سنڌي معاشري لاءِ عربي ۽ فارسيءَ جي تهذيبي بالا دستيءَ کان قدم بقدم آجائيءَ، ۽ اُن جي پنهنجي وجود، پنهنجي ذات، جي وڌندڙ شعور ۽ جوهر شناسيءَ جو عرصو رهيو آهي. جيتوڻيڪ هيءُ عرصو، وري به، سنڌي معاشرو ڌارينءَ تهذيبي بالا دستيءَ کان پوريءَ طرح آجو نه رهيو، پر هن ڀيري جنهن حڪمران تهذيب سان ان جو واسطو رهيو، اُها اڳيئن زوال يافته ۽ پاروٿين بالادست تهذيبن جي ڀيٽ ۾ هڪ جدت پسند ۽ ڪشادءِ ذهن تهذيب هئي، ۽ انهيءَ ڪري اُن نه فقط پنهنجي تازه دم علم ۽ ادب جا دروازا سنڌي معاشري لاءِ کليل رکيا ۽ ائين پنهنجي سڄي جديد عالمي تجربي جي حاصلات کي استفادي لاءِ اُن جي آڏو آندو، پر اُن جي پنهنجي تهذيبي اظهار ۽ سماجي فروغ لاءِ اُن جي ٻوليءَ کي بنيادي ذريعو تسليم ڪرڻ سان اُن لاءِ علمي ۽ ادبي ميدانن ۾ ۽ پڻ زندگيءَ جي ٻئي هر شعبي ۾ اُن جي ذاتي اقبال منديءَ ۽ پاڻ ڀرائيءَ جا موقعا پيدا ڪيا. اُن سلسلي ۾ پوءِ سنڌيءَ ۾، تعليمي زبان طور، وڏو تعداد خاص طرح جديد علمي ڪتابن جو تيار ٿيو؛ اعليٰ ادبي ڪتاب_ شاعريءَ جا ۽ نثر جا_ گڏ ٿيا، ڪيئي ترجما ٿيا، سنڌي رسم الخط وجود ۾ آيو، سنڌي ٽائيپ ايجاد ٿي ۽ ڇاپخانا قائم ٿيا، سنڌي ٽائيپ رائيٽر ٺهيو ۽ سنڌي شارٽ هئنڊ ايجاد ٿي، جُڳن کان لڪل ۽ وسري ويل قديم آثار ڳولي پنهنجا ڪيا ويا، ۽ صدين کان محفوظ صدري روايتون دل جي ڪَنن سان ٻڌيون ويون ۽ اُنهن جي عظمت ۽ حڪمت کي ساهه سان سانڍيو ويو_ ۽ ائين سنڌي معاشري پنهنجي پاڻ تي نگاهه وڌي، پنهنجي ماضيءَ کي ڄاڻڻُ_ ان تي خوش ٿيڻ ۽ پڻ شرمائڻ_ شروع ڪيو، پنهنجي حال جو جائزو ورتو ۽ آئيندي جا خواب لڌا، ۽ اهڙيءَ طرح تاريخ ۾ هڪ پاسي ان پنهنجي وٿُ جي ڪَٿَ ڪئي ۽ ٻئي پاسي دنيا جي قومن ۾ پنهنجي جڳهه تلاش ڪندي، پنهنجي لاءِ زندگيءَ جي ڪنهن نقش، ڪنهن ڍنگ، ڪنهن رخ جي مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، قومي خود آگهيءَ جي هن علمي، ادبي ۽ تحقيقي مهم ۾، ڪيترن پنهنجن ٻين لائق ۽ فائق هم قوم عالمن، اديبن ۽ محققن جي صف ۾ بيهي، هڪ منزل تي، راشدي برادران به پنهنجو ڀوکپور حصو ادا ڪيو_ ۽ اُن ۾ هن ڪتاب جي صاحب، اسان جي محترم دوست ۽ بزرگ، ميان حسام الدين، جي ستيا ۽ سر سٻيتائي، ثابت قدمي ۽ مستقل مزاجي ته اڄ به سنڌ جي علم، ادب ۽ تحقيق جي دنيا ۾ هڪ سِڌانت سروپ روشن مشعل شمارجي ٿي. هيءُ سندن ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، جنهن ۾ سندن عرق ريزيءَ جو جَسته جَسته ۽ ٽڙيل پکڙيل، پنجاهه سالن جي لاڳيتيءَ مدت جو پڪل ۽ پيش ڪيل ثمر (1930ع ۾ لکيل ”محمد عارف ’صنعت‘ شڪار پوري“ کان 1980ع ۾ لکيل ”ٺٽي ۾ تصنيف ۽ تاليف جو جائزو“ تائين) گڏ ڪيل آهي، سندن لڳاتار ۽ آڻٿڪ فڪري ڪاوش جو هڪ پڌرو رڪارڊ آهي، ۽ اُن ۾ سنڌ جي اُن تقريباً ڏيڍ سـﺆ سالن جي طويل خود آگهيءَ جي مهم جو عڪس به پڙهي سگهجي ٿو.
تازو مون هڪ هنڌ پڙهيو ته بلغاريه ملڪ جي دارالحڪومت جي قومي نشانن واريءَ ڍال تي هيءُ قول اُڪريل آهي ته ”هيءُ [رياست] وڌي ٿي، وڏي ٿئي ٿي، پر پوڙهي ڪانه ٿي ٿئي.“ بلغاريا جي رياست کي قائم ٿئي 1300 سال ٿيا ۽ هن سال اُن پنهنجو 13_ سئون سالگرهه ملهايو. دنيا جا ٻيا ڪيئي ملڪ ۽ اُنهن جون رياستون به شايد اهڙي ڪا دعوا ڪري سگهن ٿيون ۽ ڪن به ٿيون: پر سوال آهي ته جڏهن تاريخ جي عام فتوا، ۽ پڻ حقيقت، انهي ڳالهه جي اُبتڙ آهي، ته پوءِ اِها قومن ۽ رياستن جي ڪڏهن پوڙهٻي نه ٿيڻ جي دعوا ڇو ٿي ڪئي وڃي! اها به حقيقت آهي ته ’هرشيءَ وقت سان گڏ هلي ٿي، نه ته وقت اُن کي هلائي ڇڏي ٿو‘، ۽ ڪيتريون رياستون ۽ قومون آهن، جي وقت سان گڏ نه هلڻ سبب، وقت جي هٿان ڌڪجي، رستي کان هٽي، کڏ ۾ ڪري، ختم ٿي وڃن ٿيون. ۽ هيڏانهن اسان جي سنڌ ۽ سنڌي تهذيب به اِها دعوا ڪري ٿي ته اُها، ڪي سَوَ ته ڇا، ڪيئي هزار سال قديم آهي! ته ڇا، سنڌ ۽ سنڌي تهذيب به وڌي آهي، وڏي ٿي آهي، پر پوڙهي نه ٿي آهي؟ ۽، واقعي، پوڙهپڻ کان پوءِ شين جو خاتمو به ته لازمي آهي! هڪڙي انگريز شاعر جا لفظ، انهيءَ سلسلي ۾، مون پڙهيا، جيڪي ڏاڍا سوچڻ ۽ دل سان لائڻ جهڙا لفظ آهن. پنهنجي ملڪ انگلنڊ ۽ پنهنجي قوم انگريز بابت اهڙي ئي ”ڪڏهن پورهي نه ٿيڻ“ جي ڳالهه ڪندي، هُن دعوا ڪئي_
“The glory of my land is the secret of youth,
To see at every sunrise, a new horizon…
To make the voyage of history
Through a perpetual sea_spring.”
(”منهنجي ديس جي مهما، اُن جو جلال، اُن جي جوانيءَ جو راز آهي_ هر نئين سج، اُن جي نگاهه هڪ نئين اُفق تي پوي ٿي...
۽ تاريخ جي بحر تي اُن جو سفر،
بحر تي سدا موجود بسنت رُت ۾ جاري آهي.“)
هيءَ نئين سج نئين اُفق رتي نگاهه، هيءُ زندگيءَ جي سفر جو، سدا بهار جي ترنگ ۾، جاري رهڻ_ واقعي وڌڻ ۽ وڏي ٿيڻ، پر پوڙهي نه ٿيڻ، جهڙي ڳالهه آهي: قومي خيال کان ۽ پڻ انفرادي خيال کان ائين آهي، ڇاڪاڻ ته ٻنهي حالتن ۾ وقت سان اٽوٽ ناتو قائم رهي ٿو_ قوم جو ته پڌري پَٽ، پر فرد جو موت کان پوءِ روحاني (فڪري، ذهني، تهذيبي) ورثي سان ڀائيوار هئڻ جي صورت ۾_ ۽ اُنهيءَ ئي انداز ۾ ساڳئي ملڪ بلغاريا جي خان اومر تاغ (814ع _ 831ع) جو ڇڏيل پيغام اڄ به سمجهي سگهجي ٿو: ”حافظي کي موت تي فتح حاصل هئڻ کپي، انسان سٺي زندگي گذارڻ جي باوجود مري ٿو وڃي ۽ ٻيو انسان جنم ٿو وٺي_ پوءِ جي جنم وٺڻ واري کي اِهو ياد رکڻ کپي.“ پر هيءَ ”موت تي حافظي جي فتح“، هيءَ ”انسان جي سٺي زندگي“، هيءَ .”سدا موجود بسنت رت ۾“ اڳتي وڌندڙ زندگي، فقط ۽ فقط آزاديءَ جي زندگي يا آزاديءَ لاءِ جدوجهد جي زندگي ٿي سگهي ٿي، ڇو ته اُهائي پُراعتماد ۽ پُراميد زندگي آهي_ ۽ فرد جي توڙي قوم جي ”جوانيءَ جو راز“ به اهو ئي آهي. ۽ ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته اُنهيءَ سدا جوان (_اِنهيءَ ڪري، سدا حيات) زندگيءَ جي ڳولائن ۽ سيڪڙاتن لاءِ آزاديءَ جي سکيا_ گهر ۾ سُو رائتي سبق پرائڻ بلڪ سوريءَ سزاوار ٿيڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو به ڪونهي_ ڇو ته آزادي يا آزاديءَ لاءِ قرباني ئي هڪ بيمار قوم جي روح کي اعتماد ۽ اميد سان آباد ڪري ٿي، آزادي ئي ان کي انهن سڀني آزارن مان ڇڏائي سگهي ٿي، جن ۾ اُها هر وقت ڦاسندي ۽ سڄو وقت لڇندي ۽ ڦٿڪندي رهندي آهي_ آزادي ئي آهي، جا غلام قوم جي سڀني سورن، سڀني آزارن جو پختو ۽ پورو علاج آهي. غلاميءَ ۾ قومون پنهنجن آزاد اديبن، عالمن ۽ محققن کان محروم نه هونديون آهن، ۽ اُهي ئي هوندا آهن، جيڪي قوم جي اڄ جو رشتو اُن جي ڪالهه سان ڳنڍي، ائين ان جي حافظي کي جاڳائي، ان جي اجتماعي تشخص کي اُجاگر ڪندا آهن، آزاديءَ جي بشارت سان اُن ۾ نئون ساهه وجهندا آهن، ۽ ائين ان جي تاريخ لکندا به آهن ۽ تاريخ بنائيندا به آهن.
تاريخ کي، يعني وقت کي، حقيقتن کي قائم ڪرڻ ۽ بدلائڻ جي وڏي قوت آهي. سماجي نقطي نگاهه کان، تاريخ يا وقت جي اها قوت انسانن کي ئي استعمال ڪرڻي آهي ۽ انسان ئي استعمال ڪن ٿا. ابتدا کان اڄ تائين، انسان پنهنجي سڄي زندگي ۽ اُن جون حقيقتون ائين وڌايون آهن، قائم ڪيون آهن ۽ بدلايون آهن. ۽ اُن لاءِ هن جي پنهنجي سوچ ۽ پنهنجي خيال ئي هن کي هر ڪرامت ۽ هر قدرت جو ڪم ڏنو آهي. خيال ئي آهي، جو تقدير جي انڌ ۽ پاڻ زورائيءَ خلاف سينو سِپر ٿي بيهي ٿو ۽ ان کي بدلائي ٿو، قبضي ۾ رکي ٿو ۽ ڪم آڻي ٿو. هونئن ته تاريخ جا اڻ ڳڻيا ۽ انيڪ سبق آهن، جيڪي انسانن کي اُها سيکاري ٿي، ۽ ان جي سبقن جي اها ڪثرت ۽ انيڪتا ئي، هيڪر ته، ڪمزور ۽ تابع قوم کي منجهائي ۽ ملول ڪري ٿي ڇڏي_
گهنگهريا گهڻ ڄاڻ، موڙهي مت مهائيٻين....
پر تاريخ جو مطالعو، بهرحال، غلام قوم لاءِ بيحد اهم ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو ان کي هڪڙو سبقن جو سبق_ قومي ٻڌيءَ جو سبق_ سيکاري ٿو، ۽ وڏي ڳالهه ته ان کي ان جو بنياد به مهيا ڪري ٿو ڏئي، جنهن بنياد جي ان کي گهڻي ضرورت هوندي آهي. محڪم ۽ وقت جي پاتار ۾ کُتل ڪو خيال ئي هوندو آهي، جيڪو خاص طرح ڌُڪيل انسانن مردن ۽ عورتن، ۽ سڄين قومن، کي تختي جو، تُرهي جو، سالم ٻيڙي جو ڪم ڏيندو آهي، جنهن تي هو وقت ۽ حادثي جي آرَ تي ترندا آهن ۽ ان جي اجهاڳ وَهه مان نڪري اڳتي ٿيندا آهن. اهڙو ڪو بنيادي ۽ وقتائتو خيال، اهڙي ڪا محڪم قومي شناس ۽ سمڪ به انهن کي سندن تاريخ جي مطالعي مان ملندي آهي_ تاريخ، جنهن کي جڳ مشهور تاريخدان، ايڊورڊ گِبن، A great panorama of a people’s fate (”ڪنهن قوم جي تقدير جو وسيع مانڊاڻ“) ٿو سڏي_ ۽ پوءِ هو اُهو ڪجهه ڪندا آهن، جو باندي انسان تاريخ جي هر دﺆر ۾ ڪندا آيا آهن ۽ جيڪو باندي انسانن جو بنيادي ۽ جنمي حق آهي، جنهن کي آمريڪي شاعر، والٽ وِٽمئن ”او بغاوت جا ازل کان موجود مخفي حق!“ چئي، پاڻ ڏانهن ۽ دنيا جي باندي انسانن جي واهر لاءِ، پڪاريو آهي.
انگريزن سنڌ کي آزاديءَ کان محروم ڪري، ان کي پنهنجي آزادي پسند روايتن کان واقف ڪيو. يورپ تيسين پنهنجي جديد تاريخ جي راهه ۾ پنج بنهه اهم ۽ وڏا قدم کڻي چڪو هو، جن اُن جي قومن کي سچ پچ به ته سرخاب جا پَر لڳائي ڇڏيا هئا ۽ اُهي دنيا جي قومن ۾ سرخروئيءَ ۽ انهن جي سربراهيءَ لاءِ تيار هيون. اُهي پنج قدم انساني ارتقا جا ڪي جهڙا تهڙا قدم به ڪونه هئا، پر واقعي اهي غير معمولي، بلڪ عصر آفرين قدم هئا_ ڇو ته انهن سان يورپ کي، نئين سر، تاريخ جي، وقت جي، اُها قوّت حاصل ٿي چڪي هئي، جنهن سان اُن جا ماڻهو يا ان جون قومون حقيقتن کي بدلائي به ۽ قائم به ڪري ٿي سگهيون. ان جا اهي قدم هي هئا: سجاڳي (1500_1400 (Renaissance, اصلاح (1600_1500(Reformation, صنعتي انقلاب (1700_1600 Revolution (Industrial آمريڪا جي جنگ آزادي_ 1776ع، ۽ فرينچ انقلاب_ 1789ع. سجاڳيءَ جي تحريڪ، جنهن کي ”ذهني انقلاب جي تحريڪ“ به سڏجي ٿو، تنهن يورپي معاشري جي آڏو انساني فڪر ۽ عمل جا ٻه مسئلا حل ڪيا: پهريون مسئلو هيءُ هو ته علم، پنهنجي سرشٽيءَ ۽ اوسر ۾، ارضي هو يا سماوي، ۽ چيو ويو ته علم ارضي هو_ جو ڪجهه به علم سماويه ٿي چيو ويو، ان جو مُنڍ به انساني ذهن هو، ۽ ’اندر جي ٻُوجهه‘ ((Intuition به انسان جي اندر جي ٻُوجهه ئي هئي؛ ٻيو مسئلو هو ته انسان ارادي ۽ عمل ۾ مجبور هو يا مختار، ۽ چيو ويو ته مختار هو_ اُنهن جي نوع يا دائري ۾ جا ڪجهه انسان جي مجبوري هئي، اُن کان آزاد ٿيڻ جا امڪان به انساني قسم جا هئا ۽ انهن جي استعمال جو معاملو به انساني معاملو هو. سجاڳيءَ جي هن تحريڪ يورپ جي معاشري کي جا اخلاقي قوّت عطا ڪئي. سا ٻِٽي قوّت هئي ۽ اُها هئي انسان شناسيءَ ((Humanism ۽ فردشناسيءَ ((Individualism جي قوّت. ان کان پوءِ، يا ان سان گڏوگڏ، ”اصلاح“، جنهن کي ”مذهبي انقلاب“ به سڏيو ويو آهي، تنهن وري يورپ جي معاشري جي آڏو صدين کان رائج انسانن جي مذهبي طرز فڪر جا به ٻه مکيه مسئلا حل ڪيا: هڪڙو هو انسان ۽ خدا جي تعلق جو، ۽ چيو ويو ته اُهو سڌو يا بلا واسطي هو ۽ نه اڻ سڌو يا با الواسطه؛ ۽ ٻيو هو نيابت الاهيه ۽ اقتدار الاهيه جي دعوائن جو، جن لاءِ چيو ويو ته اُهي الڳ الڳ ڳالهيون نه هيون، پر لازم ملزوم بلڪ هم معنى ڳالهيون هيون. پهرئين مسئلي جي حل جي نتيجي طور مذهب سياست کان الڳ ٿيو ۽ فرد جو واسطو خدا سان براهه راست موجود سمجهيو ويو، ۽ ٻئي مسئلي جي حل سان ”سلطانيء جمهور“ جي ڳالهه صاف ٿي، يعني هيءَ ڳالهه ته حڪومت، جا، بهرحال، انساني ئي رهڻي هئي، ان جو اقتدار ڪنهن فرد کي يا ڪن فردن کي انسانن هٿان ئي منتقل ٿيو ٿي ۽ نه خدا کان_ ڇو ته نيابت الاهيه ”انسان“ لاءِ يعني ”انسانن“ لاءِ هئي، نه ڪنهن خاص فرد يا فردن جي ٽولي لاءِ_ مطلب ته بادشاهن يا آمرن جي ”خدائي سَنَد“ ((Divine right of kings & dictators يا ”مامور من الله“ ((Appointee of God واري دعوا ختم ٿي. ٻين لفظن ۾، مذهبي اصلاح جي تحريڪ سان يورپ جون قومون ارضيت يا دنيويت ((Secularism ۽ جمهوريت ((Democracy سان روشناس ٿيون. ”سجاڳيءَ“ ۽ ”اصلاح“ جون هي تحريڪون دراصل پادريت جي (علمي) جهالت، (قوي) منافقت ۽ (عملي) مردوديت ۽ ان جي فڪري بگاڙ ۽ آبتريءَ جي خلاف احتجاج جون تحريڪون هيون. هنن ئي مسئلن جا لڳ ڀڳ اهڙا حل يورپ جي هنن تحريڪن کان ڪيئي سَوَ سال اڳ اسلام به دنيا کي پيش ڪري چڪو هو، (جنهن انساني فڪر ۽ عمل جي اصلاح يا تزڪيي جي سلسلي ۾ مذهبياتي انقلابي سلسلي جي خاتمي جو اعلان ڪيو)_ ايتري قدر، جو يورپ جي انهن تحريڪن جي فڪري محرڪات جا بنياد اسلام جي اُنهيءَ اصلوڪيءَ ڪشاده ذهن ۽ آزادي بخش تعليم ڏانهن به منسوب ڪيا ويا آهن: ۽ دراصل اِهي حل خود مسيحي تعليم ۾ پڻ، ڪجهه واضح ۽ ڪجهه ابهامي انداز ۾، موجود ئي هئا_ جيئن ”اصلاح“ جا مفڪر ۽ دانشور پنهنجي پنهنجي اهڙي موقف جا حوالا ۽ سَنَدون مسيحيت جي ڪتاب مقدس يعني بائيبل مان ئي وري وري ڪڍي، پادرين ۽ پنهنجن ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن جي آڏو پيش ڪندا ٿي رهيا. ۽ انگريزن جي سنڌ ۾ اچڻ وقت ته خود اسلامي پادريت (_ملائيت) جيڪا، مسيحي پادريت وانگر ئي، پوءِ جي وقت ۽ حالتن جي بگاڙ ۽ پستيءَ جي پيداوار هئي، اِنهن مسئلن جا اِهي ترقي پسند حل وساري، اُهي ئي اُنهن تاريڪ ذهن مسيحي پادرين جا قرون وسطيٰ وارا جاهلانه، منافقانه ۽ شاطرانه حل پنهنجي پنهنجي خود ساخته فقهي تعليم مان اخذ ڪري، وقت جي اقتدار ابليسيه جا همدم، هم مجلس ۽ سڻڀ ۽ سرسائيءَ ۾ حصيدار بنيا بيٺا رهيا، ۽، نتيجي طور، نه هو پاڻ، جيڪي پاڻ کي ’معرفت الاهيه جا امين‘ سڏيندا هئا، ۽ نه سندن اهي انسان ناشناس ۽ فرعون طبع حاڪم جيڪي ’اقتدار الاهيه‘ جا دعويدار هئا ۽ جن کي هنن ’ظل الله‘ ٿي سڏيو، انگريزن جي غلاميءَ کان سنڌ کي بچائي سگهيا_ ڇو ته هو ائين ڪرڻ کان قاصر هئا._ ڇو ته انگريز پوئتي خود پنهنجي معاشري ۾، سندن ئي جهڙن باطل ظل الاهين ۽ عرفان الاهيه جي دعويدار منافقن ۽ اقتدار پرستن کي ڊوڙائي ڊوڙائي، ڪيرائي، زمين دوز ڪري آيا هئا، ۽ ان کان وڌيڪ، هي انگريز صنعتي انقلاب جي سائنسي قوت پيداوار ۽ اعليٰ هنر ۽ حرفت جا صاحب هئا، آمريڪا جي جنگ آزاديءَ ۽ فرينچ انقلاب جي قومي ۽ انساني حقن ۽ سماجي انصاف جي اصولن جا حامي نه، ته به واقف ضرور هئا. پوءِ جڏهن هتان جا محڪومَ پنهنجن حاڪمن کي منهن ڏيڻ جهڙا ٿيا، تڏهن جڳ مشهور شيڪسپيئر جي ناٽڪ ”Tempest“ جي ڪردار، وطن ۾ بي وطن ”غلام“ ((Caliban وانگر، کين حاڪمن جي اها آزاديءَ ۽ انساني حقن جي ”ٻولي“ ڪم آئي، ۽ ان ۾، مد مقابل بيهي، هنن سان هو پنهنجي ”مسئلي“ جو نبيرو ڪرڻ لڳا_ قومي مسئلي جو، قومي وجود، ان جي وقار ۽ ان جي زندگيءَ جي مسئلي جو. ۽ اِهو سندن بزرگن، اديبن، عالمن ۽ محققن جي لڳ ڀڳ هڪ سـؤ سالن جي ڪم جو ڪرشمو هو (جن سان هن ڪتاب جي صاحب عاليجناب پير حسام الدين شاهه راشديءَ جهڙا ڪيئي محب وطن، مخلص ۽ محنت ڪش اديب ۽ عالم، پنهنجي پنهنجي واري سان، شامل ٿيندا رهيا)، جو هتان جي ماڻهن ايتري قدر ۽ انهي نوع ۾ پاڻ سڃاتو، ۽ نيٺ دنيا جي هن هيڻي ۽ خاموش خطي ۾ به باندين جا هڪ ڀيرو ٻيهر بند خلاص ٿيا ۽ پنهنجي ست سمنڊ پار حاڪمن کان هنن آزادي حاصل ڪئي.
قومي خود آگهيءَ جا نشان ۽ ڏسَ، آزاديءَ جي نئين اُفق جي نگاهه ۽ اوڏانهن ويندڙ روشنيءَ جي چمڪندڙ ليڪ جو ڏُور ڏُور دَهو، جيئن مٿي چيو ويو، غلام قوم کي پنهنجي تاريخ جي ڄاڻ مان پراپت ٿين ٿا. پوءِ جيئن ڪو سڻوپرو اسڪولي ٻار ٿيلهي مان ڪتاب ڪڍي وري وري پيو ڏسندو آهي، يا ڪو عام اڻ پڙهيل ٻار به پنهنجي گود ۾ پيل رانديڪا ئي هيٺ مٽيءَ ۾ اُڇلي وري وري پيو انهن کي ڇُهندو ۽ کڻندو ڪندو آهي، تيئن اُها قوم به پنهنجي ماضيءَ جون اڻ شماريل ۽ اڻ بيانيل، ڪجهه سمجهيل ۽ ڪافي ڪجهه نه سمجهيل ڳالهيون هڪ هڪ ڪري ۽ وري وري پيئي اُٽلائيندي پٿلائيندي آهي. ماضي هونئن به گهڻي قدر اڄاتل هوندو آهي، نه فقط اڄاتل پر اڪثر اَڄاڻ يعني ’ڄاڻڻ‘ کان بلڪل نه ته به ڪافي ڪجهه ٻاهر هوندو آهي. ۽ پوءِ هر دؤر پنهنجي ماضيءَ مان، ۽ ٻين جي ماضيءَ مان، پنهنجي پنهنجي مطلب جا سبق وٺندو آهي. قومن جا وڏا ڪتاب جن لاءِ هنن جي دعوا هوندي آهي ته خدائي ڪتاب آهن_ ويد، زنداوستا، بائيبل، قرآن ۽ ٻين قومن جا اهڙا مقدس خدائي ڪتاب_ سڀ پنهنجي پنهنجي دنيا جي ”پراڻن“ ۽ پنهنجي پنهنجي دؤر جي سوچ ۽ ضرورت سارو سمجهيل ”قصن“ جا ڪتاب آهن: اهڙيءَ طرح ديومالائي ڳالهيون ۽ نسل بنسل منتقل ٿيندڙ طويل داستان ۽ ڪٿائون پڻ قومن جي ماضيءَ جا قصا آهن ۽ انهن سڀني ۾ سندن بزرگن، ڏاهن، نيڪ مردن ۽ بهادرن جون ڳالهيون، ۽ سندن مخالفن ۽ مخالف حادثن ۽ مشڪل حالتن جا احوال بيان ٿيل آهن_ جي ڪافي عرصو ته زباني طور وٽن محفوظ هئا، ۽ اُها سندن ’زباني تاريخ‘ هئي، جا پوءِ لکي ويئي ۽ سندن ’لکيل تاريخ‘ ليکجڻ ۾ آڻي_ بهرحال، اِهو سڀ قومن جي آزاد زندگيءَ يا آزاديءَ لاءِ سندن امنگ ۽ عمل جو دفتر آهي. اِها سندن سياسي تاريخ آهي ته سماجي ۽ ذهني تاريخ به آهي_ ان ۾ اوهان کي جديد تاريخ نويسيءَ جا نفسياتي، فالسفيانه، آدبياتي، سوانحي، لوڪ پريه ۽ عالمانه انداز به ملندا. پر تاريخ خواصن جي هجي يا عوامي (عام جي)، تاريخ نئين هجي يا پراڻي يعني ان جي پيشڪش جا انداز ڪهڙا به هجن، تاريخ ڪنهن شخص جي هجي، اداري جي هجي يا ڪنهن فڪر يا نظريي جي، بهرحال تاريخ بي مقصد ڪانه ٿي ٿئي، ۽ مقصد ان کي جانبدار بڻائي ٿو. تاريخ جي هيءَ مقصديت يا جانبداري بذات خود تاريخ جي عّظمت يا خساست جو دليل به نه آهي. ان جو فيصلو مقصد جي وٿ يا قدر جي وزن تي ٿيڻو آهي. تاريخ کي پڙهڻ انهيءَ ڪري، ڏاڍي هڪ دلچسپ شيءِ ته آهي ئي، پر وڌيڪ دلچسپ شيءَ ان کي سمجهڻ آهي. ۽ تاريخ کي سمجهڻ جي معنيٰ آهي ان جي مقصد کي سمجهڻ ۽ مقصد کي سمجهي ان جي وٿ جو وزن ڪرڻ، تاريخ جي لکڻ لاءِ ته پهريون شرط اهو، يعني ان جي مقصد جو تعيّن، آهي. اِن جي معنيٰ اِها ڪانهي ته تاريخ جا پڙهندڙ يا تاريخ جا لکندڙ اها ڳالهه ڪانه ٿا سمجهن يا ائين ڪونه ٿا ڪن. تاريخ جو هر پڙهندڙ ۽ لکندڙ نه، ته به اڪثر ان جا پڙهندڙ ۽ لکندڙ تاريخ کي سمجهن ٿا. پر تاريخ جي هيءَ سمجهه، هڪّ سمجهه ڪانهي. ۽ جهڙي ۽ جيتري اُها سمجهه، اُهڙو ۽ اوتري انداز ۽ نوع سان ان کي لکيو ويندو ۽ پڙهيو ويندو. فاتحن جي لکيل تاريخ ۽ غلامن جي لکيل تاريخ ۾ وڏو فرق ٿئي ٿو. واقعي ۾ ملوّث ڏاڍي پاران ان جو بيان ۽ هيڻي پاران ان جو بيان ٻه جدا جدا ڳالهيون هونديون آهن. انهيءَ طرح، ڪو غير جانبدار تاريخ نوس، جو تاريخ جو صحيح ڄاڻو ۽ پار کو به هجي، ڪنهن حسن اتفاق سان ڪنهن قوم کي يا ڪنهن دؤر کي ملي ٿو. تاريخ جو مڃيل عالم، ايڊورڊ گبن، مملڪت روما جو اهڙو هڪ يگانو تاريخ نويس شمار ٿئي ٿو. ٽيويهه سال (87_1764) هن کي ”مملڪت روما جي صعف ۽ زوال جي تاريخ (ڇهه جلد) لکڻ ۾ لڳا، جنهن جو اختصار 950 صفحن جي هڪ جلد ۾ پيش ڪندي، اختصار ڪندڙ هڪڙي عالم، گبن کي ”دنيا جي ٿورن وڏن تاريخ نويسن مان هڪ“ سڏيو آهي. گبن پنهنجي هن ايڏيءَ وڏيءَ، طويل مدت، مشڪل ۽ بي مثل محبت جي شروع ۾ تاريخ نويسيءَ جي ڪم جي نوعيت ۽ پڻ مقصد جو ذڪر ڪندي لکيو ته ”تاريخ نويس تي لازم آهي ته مذهبُ، ڌرتيءَ تي پنهنجي طويل قيام دوران، جيڪا خوش اعتقادي ۽ خرابي هڪ ڪمزور ۽ ابتر قوم ۾ آڻي جمع ڪري ٿو، ان جي پوري تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ ڪري“. تاريخ نويس جي فرض جو ائين عمومي ذڪر ڪندي، هُن خاص پنهنجي مقصد جي هِنن لفظن ۾ وضاحت ڪئي: ”مملڪت روما جي تاريخ جو هڪ تمام اهم ۽ لازمي پاسو يا حصو هيءُ آهي ته مسيحيت جي فروغ ۽ قيام بابت پوري پوري، صاف گو ۽ عقل تي مبني تفتيش ڪئي وڃي“. اُن سلسلي ۾، آخر ۾ پنهنجي سڄيءَ تحقيقي ڪاوش متعلق گويا فيصلو ڏيندي چيائين: ”مون مملڪت روما جي زوال جي تاريخ ۾ مذهب ۽ بربريت جي فتح جو داستان بيان ڪيو آهي!“ ۽ مملڪت روما جي زوال جا بنيادي ۽ اصل سبب هُن ٽن لفظن ۾ ڏنا: ”مذهب بازي، لشڪر شاهي ۽ اندروني نفاق“. ۽ ايڏي پنهنجي هڪ بي مثل ۽ بي غرض مطالعي کان پوءِ، اهڙي هڪ اهم ۽ خالص فڪري نتيجي جي اخذ ڪرڻ تي، گبن کي، ڪن نظرياتي گروهن مان ”منڪر خدا“ جا الزام ٻڌڻا پيا!
ته پوءِ تاريخ جو مطالعو ۽ تاريخ جي تحقيق ڇا آهي؟ پهرين ڳالهه ته، جيئن مٿي چيو ويو، ماضي ڇاڪاڻ ته گهڻي قدر اڄاتل ۽ ڪافي ڪجهه اڄاڻ آهي، اِنهيءَ ڪري ماضيءَ بابت تقريباً هر ٻيءَ ڳالهه ۾ اختلاف جي گنجائش موجود آهي يا ڪري سگهجي ٿي. ٻيو ته سچ جي ڳولا ڪرڻ ۽ سچ کي لڪائڻ_ اِهي ٻه شيون انساني معاشري ۾ مفاد سان وابسته آهن. حيواني (_ زور جو، اقتداري) مفاد، جيڪو اصلاً ناجائز مفاد آهي، ڇاڪاڻ ته اُن جي قائم ٿيڻ ۽ قائم رهڻ جو مدار ئي تشدد ۽ فريب تي آهي، لازماً سچ کي لڪائڻ جي عمل سان پاڻ کي وابسته رکي ٿو، ۽ انساني (_ پيار جو، اُنسياتي) مفاد، جيڪو اصلاً جائز مفاد آهي، ڇاڪاڻ ته اُن جي قائم ٿيڻ ۽ قائم رهڻ جو مدار ئي باهمي اعتماد ۽ آزاد مرضيءَ تي آهي، لازماً سچ کي پڌري ڪرڻ جي عمل سان پاڻ کي ڳنڍيل رکي ٿو. محڪوم ۽ مظلوم شخص يا قوم جي دلچسپي آزاديءَ ۽ ظلم کان نجات ۾ آهي_ يعني پنهنجي ۽ خارجي دنيا جي وچ ۾ باهمي انساني مفاد جي تعلق جي قائم ٿيڻ ۽ قائم رهڻ ۾، اُن لاءِ هن جي سڄي ڪوشش لازمي طرح هيءَ هوندي آهي ته مٿس حيواني (يعني زور جو، اقتداري) مفاد جيڪو قابض آهي ۽ جنهن جو قبضو ناجائز هو، ڇاڪاڻ ته اُهو سندس مرضيءَ جي خلاف، فقط ڪوڙ ۽ ڏاڍ سان، مٿس قائم ٿيو هو ۽ قائم رهندو ٿي آيو، ۽ اُن کي هن ڪڏهن به ڪونه قبوليو هو، اُن قبضي جي سڄيءَ صورتحال جو سچ ظاهر ٿئي ته جيئن دنيا ۾ اُهو خوار ٿئي، اخلاقي طور ڪمزور ٿئي ۽ ائين اُن مان نجات جي جدوجهد جي ڪاميابي ممڪن ٿئي ۽ آسان بڻجي. اُن جي برعڪس زور جي قابض ۽ بالادست مفاد جي سڄي ڪوشش پنهنجي وجود جي ڪوڙ کي لڪائڻ ۽ اُن کي چکي مکي سچ جي ڏِک ڏيارڻ جي هوندي آهي. تاريخ نويسيءَ جا اِهي الڳ الڳ بلڪ متضاد ٻه رخ ته آهن ئي، پر اُنهن ٻنهي جي وچ ۾ اُن جو هڪڙو ٽيون رخ_ بي خطر، غير اهم، بي تعلق ۽ بي وقتو رخ_ به هوندو آهي، جنهن کي اوائي، توائي يا هوائي رخ به چئي سگهجي ٿو، ۽ اُن کي اڪثر ”غيرجانبدار“ رخ چئي، ڪي تاريخ جا لکندڙ ۽ اُن جا ’عالمانه‘ محقق ظالم مفاد ۽ مظلوم مفاد، حيواني مفاد ۽ انساني مفاد، جائز مفاد ۽ ناجائز مفاد ٻنهي جي آڏو سرخرو ۽ مقبول ٿيڻ چاهيندا آهن_ هڪڙا شعوري طور ائين ڪندا آهن ۽ ٻين جو اُهو عمل غيرشعوري هوندو آهي_ پر شعوري يا غيرشعوري مطالعي يا تحقيق جو اِهو رخ ڦري گهري، وري به معاشري جي قائم ۽ موجود ڏاڍ ۽ ڪوڙ جي مفاد (حيواني مفاد) جي ڪم ايندو آهي، ۽ ٻيو نه، ته اُن جي خلاف هلندڙ جدوجهد ۾ هيڻائي ۽ مونجهارو ته ضرور پيدا ڪندو آهي. هن سلسلي ۾ هڪڙي آمريڪي عالم، پال بارَن ((Paul Baran جي مضمون ”دانشور جي سِر سٻي تائي“ جو هڪڙو حوالو تازو منهنجي نظر مان گذريو، جيڪو البت طويل آهي پر مطلب واضح ڪرڻ لاءِ اُهو سڄي جو سڄو پيش ڪرڻ هتي مناسب ٿو سمجهان.
بارن، پنهنجي مضمون ۾، چوي ٿو: ”دانشور جو دلي لڳاءُ يا هن جي سِرسٻي تائي، لازمي طور ۽ لٿي پٿي، سچ جي تلاش جي فرض سان آهي.... پر اِنهيءَ چوڻ سان جيتوڻيڪ هُن جي بنيادي ذميداريءَ جي نشاندهي ته ضرور ٿئي ٿي، پر سڄي مسئلي جي وضاحت وري به ڪانه ٿي ٿئي. ڇاڪاڻ ته مسئلو رڳو اِهو ناهي ته آيا، سچ ٻڌايو پيو وڃي يا نه، پر اِهو به آهي ته ’موجود حالت‘ ۾ سچ ڇا ۾ آهي ۽ ڪهڙيءَ شيءَ بابت اُهو ٻڌايو پيو وڃي ۽ ڪهڙيءَ شيءَ بابت اُهو نه پيو ٻڌايو وڃي... ائين سماجي، ۽، خاص طور، رياستي يا حڪومتي اقتدار جي دائري ۾ ’سچ ڇا ۾ آهي،_ اِن ڳالهه جي تلاش اڪثر اهڙين شين ۾ ۽ اُن جو اظهار اڪثر اهڙين شين بابت ڪيو وڃي ٿو، جيڪي بي وقت، بيجا ۽ غير اهم آهن، ۽ اِنهيءَ طرح اِن قسم جي سچ جو پيڇو ۽ اُن جو ور ور اعلان يا هوڪو رڳو ’موجود صورتحال‘ جو طاقتور هٿيار بنجي پوي ٿو. ٻئي طرف، اُن شيءَ بابت سچ ٻڌائڻ جيڪا اهم آهي، اُن شيءِ جي سڄي سچ جي تلاش ڪرڻ ۽ سڄيءَ اُن شيءِ جي الڳ الڳ حصن ۽ جزن جي سماجي ۽ تاريخي سببن ۽ اندروني لڳ لاڳاپن کي ڳولڻ ۽ پڌرو ڪرڻ_ اِنهيءَ علمي ڪوشش ۽ فڪري عمل تي اڪثر پيشه ورانه تعصب ۽ عداوت، سماجي تَڏَ ۽ تابَ، عدم تعاون ۽ اذيت، ۽ ظاهر ظهور ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جون سزائون عائد ٿين ٿيون... انهيءَ ڪري سچ ٻڌائڻ جو امنگ يا خواهش دانشور هئڻ جو فقط هڪڙو شرط آهي. ٻيو اُن جو شرط آهي بي ڊپائي ۽ همت، ۽ عقل تيِ مُبني تحقيق (_ سچ جي ڳولا) جيڏانهن به نِئي اُن کي اوڏانهن نِيَڻ لاءِ تيار رهڻُ، ’هر موجود شيءِ جي بي قياس تنقيد ڪرڻ_ بي قياس اِنهيءَ معنيٰ ۾ ته پنهنجن حاصل ڪيل نتيجن کان، يا بيٺل اقتدار سان ٽڪر ۾ اچڻ کان، تنقيد نه ڪڏهن ڊڄندي نه ڪڏهن هٽندي.‘ اِنهيءَ طرح هڪ دانشور اصل ۾ هڪ سماجي نفاد آهي_ هڪڙو اهڙو شخص، جنهن جو ڪم آهي [شين جِي، ڳالهين جي] سڃاڻپ ڪرڻ ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ، ۽ اِئين هڪ بهتر، وڌيڪ انساني [پيار جي، اُنسياتِي]، ۽ وڌيڪ عقلائتٻي سماجي نظام جي قائم ٿيڻ جي راهه ۾ جيڪي رنڊڪون آهن اُنهن کي هٽائڻ جي ڪم ۾ مددگار ٿيڻ.... اِنهيءَ ڪري، حڪمران گروهن ۾ ۽ پڻ اُنهن جي ذهني ۽ علمي پگهاردارن وٽ، جيڪي ’موجود حالت‘ کي محفوظ ۽ مامُونُ رکڻ چاهيندا آهن، لازمي طور هو هڪُ وڳوڙي ۽ آزار پيدا ڪندڙ شخص سمجهيو ويندو آهي، ۽ اُهي، چڱي کان چڱو ته به، هن کي ’خيالي جنت ۾ رهندڙُ‘ يا ’درويش‘ قسم جو ماڻهو، ۽ بُري کان بُرو ته هڪ غدار يا باغي سڏيندا آهن.... اهڙين حالتن ۾ دانشور جي ڪردار ۽ سِرسيتائيءَ جي ڳالهه جِي وضاحت ڪرڻُ ۽ اُن تي وري وري زور ڏيڻُ هڪَ تمام وڏي ۽ نهايت اهم ۽ فوري ضرورت واري ڳالهه آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙين ڏکين ۽ ناسازگار حالتن ۾ ئي، بطور ذميداريءَ ۽ پڻ هڪ معزز فرض جي، دانشور جي ڀاڳ جي حوالي اِها ڳالهه ٿئي ٿي ته هو ماڻهپي يا اُنسيت ۽ عقلَ، ۽ اُنهن جي فروغ ۽ ترقيءَ جي روايت کي نابوديءَ کان بچائي_ جيڪي ئي بني نوع انسان جي سڄيءَ تاريخ جا اسان کي ڏنل اسان جا سڀ کان قيمتي ورثا آهن.“
پير صاحب جو هيءُ ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ سنڌ جي تاريخ جو ڪتاب آهي_ ۽ بنيادي طرح وطن دوستيءَ جي جذبي جي تخليق آهي، ۽ بيحد پيار ۽ دل جي لڳاءَ سان لکيل ڪتاب آهي. سڄيءَ عمر لڳ ڀڳ پنجاهه سالن، جو هيءُ ڪاپو آهي، جو پَهِي پِهِي، تَند تَندڪري هِن هُن ڪُنڊِ ويهي، ڪَٺو ڪيو ويو آهي. اُن جي تارَ تارَ ۾ ايڏي لَساڻِ نه هوندي ۽ اُن جي ڪپاهه جا ڀيڙا پورا پورا ڀڳا نه هوندا، پر محبتي مَنَ جو هيءُ طويل پورهيو آهي، جو هِيئن گڏ ٿِي، هتي پيش ٿي رهيو آهي_
ڪَتٻي ڪِتٻي آئيون، ڪري تند تيارُ،
اُٽَل اوڏانهين ٿئي، جيڏانهن پرينءَ پارُ،
ڪاپائتيءَ قرارُ، منجهان پُوڻيءَ آئيو. _شاهه
سوال آهي ته پير صاحب لاءِ سندن سڄي هِن ڪم جو ”پرينءَ پارُ“ ڪهڙو، جنهن کي اُن جي وٿ جي ڪسوٽي يا قدر جو ماڻُ مڃي سگهجي؟ اُن جا ٻه جواب آهن، جيڪي جدا جدا ته آهن، پر اُنهن ۾ ويڇو ڪونهي. اُهو هڪڙو ته اُهائي دانشور جي ڀاڳ جي ڳالهه چئبي، جنهن مطابق هُن تي انسانيت ۽ عقل جي پرورش ۽ اُنهن جي فروغ ۽ ترقيءَ جي روايت جي دفاع جو، يعني عام انساني تهذيب جي دفاع جو، فرض عائد ٿئي ٿو: ۽ ٻيو اُهو ته انساني تاريخ جي اُنهن ”املهه ورثن“، جيڪا صورت ۽ خاص شڪل سنڌ جي معاشري ۾ اختيار ڪئي، اُن جي تربيت، فروغ ۽ ترقيءَ جي روايت جي دفاع جو فرض، جيڪو خصوصي طور هڪ سنڌي دانشور تي عائد ٿئي ٿو. هيءَ جامع انساني تهذيب، جنهن جو سنڌي تهذيب هڪ حصو آهي، نيٺ به ڇا آهي؟ شايد_ هڪ انگريز اديب جي چواڻيءَ_ محض ”هوا تي بيٺل هڪ عمارت_ خيالن، امنگن، همدردين، عادتن جي هڪ اَڻت_ ڪجهه اهڙي اڻ لکائتي، جو هٿ وجهجيس ته هٿ ۾ اچي نه سگهي. اُن جا ڪي دوست ڳولجن ته نه لڀن. ڪنهن کي اُن جي اونَ ڪانهي_ جيئن پَٽُ جنهن تي ماڻهو بيٺو آهي اُن جي ڪو اونَ نٿو رکي يا هوا جيڪا ساهه ۾ کڻجي ٿي اُن جي ڪنهن کي پرواهه ڪانهيءَ پر ايتريءَ ساريءَ غفلت، خودغرضيءَ، ڪروڌ، حماقت، نفرت ۽ حرص هَوَس هوندي به، جن سان رواجي طرح دنيا جي سڄي سياسي زندگي ڀري پيئي آهي، اُها جيئي ٿي ۽ جيئندي رهي ٿي.“ انساني دنيا جي هيءَ اڻ لکي، ساههَ سنئين، ’اُنسيت‘ واقعي انساني تهذيب جو بنيادي عنصر بلڪ واحد بنياد ته آهي_ ۽ اُها هر آزمائش ۾ برابر قائم ۽ مستحڪم به ٿِي اُٿي ٿِي_ جيئن اسين سڄيءَ پنهنجي تاريخ جي پُر خطر بحر تان هيستائين ڪنهن طرح سلامت تَرندي ايندڙ پنهنجي سنڌ ۽ سنڌو تهذيب بابت چوندا آهيون، بلڪ اهڙو عقيدو به رکبو ٿا_ ۽ اِهائي دراصل اسان جي پنهنجي معاشري جي ’وڌڻ، وڏي ٿيڻ، پر پوڙهي نه ٿيڻ، جي ڳالهه آهي: پر هِن انساني تهذيب جو زندگيءَ ۾ بهرحال پڌرو ۽ اِسٿول روپ يا اظهار هروڀرو ايترو آڻ لَکو ۽ هوا ۾ اٽڪيل ڪو ڄارو به ڪونهي، جو اُن جو ڪو حامي نه هجي يا ڪنهن کي اُن جي اونَ نه هجي. اُن جو هيءُ اظهار ماڻهن جي ٻوليءَ، اُن جي ادب، علم ۽ فن ۾ ٿئي ٿو؛ اُنهن جي گهرن گهاٽن، ڳوٺن ۽ شهرن، کيتن کرن، ٻيلن، جبلن ۽ صحرائن، برن ۽ بحرن_ مطلب ته اُنهن جي پنهنجي پنهنجي اُڀ ۽ ڌرتيءَ جي فضائن ۾ جتي جتي زندگي ساهه کڻي ٿي ۽ چُري پُري ٿي، اُتي اُن جو روپ پنهنجي پوري نمود ۽ نقش نگار سان موجود ڏسجي ٿو. ۽ اُهي جيڪي اُن سان واڳيل آهن ۽ اُن جي زندگي بخش ۽ روح افزا وجود جو شعور رکن ٿا، سي اُن جا محب به آهن، حامي به آهن_ ۽ اُهي اُن جي اونَ به رکن ٿا ۽ اُن جو، پنهنجي آخري دم تائين، بلڪ سِرُ ۽ ساههُ عوض ۾ ڏيئي به، بچاءُ ڪن ٿا. ڇو ته اُهو ئي اُنهن لاءِ_ ۽ هن ڪتاب جي حوالي مان، محترم پير حسام الدين لاءِ_ پنهنجو ”پرينءَ پارُ“ آهي. معاشري جي هر آزاد ۽ حق شناس دانشورَ_ اديبَ ۽ عالمَ، مـؤرخَ، شاعرَ، نقادَ ۽ فنڪارَ_ جي فدائيت ۽ سرسيتائي به اِنهيءَ ”پرينءَ جي پارَ“ سان آهي، ۽ اُن لاءِ ئي هن جي هر تخليق، هر ڪم مخصوص ۽ موقوف رهي ٿو.
جِنهين ديکيو دل سين، پُئِيءَ سي پييون،
ته پڻ ٿٻي وييون، جُههُ پُنهونءَ پاڻ لڪائيو! _شاهه
پيرصاحب جي هيءَ عالمانه تحقيقي ڪاوش هڪ پڌرو ادبي ڪارنامو ته آهي ئي، پر سنڌ جي تاريخي ورثي جي املهه دريافت ۽ اُن جو هڪ بي بها مخزن، جنهن جو بنياد انيڪ ڪتابن ۽ تمام وڏي مطالعي تي آهي. صدين جا احوال اُن ۾ آيل آهن. اسان جي سڄيءَ تاريخ جون نه، ته به اُن جي ڪن وڏن اهم دؤرن جون_ عربن جي دؤر کان وٺي اڄ تائين جي ڏينهنِ جون_ نهايت سبق آموز ۽ پيرائتيون ڳالهيون، ۽ ڏاڍي پُرذوق ۽ دلسوز انداز سان اسان کي ٻڌايون اٿن. هِن ۾ عامن جون ڳالهيون به آيل آهن ته خاصن جون به، هِن ۾ سماجي ڳالهين جا ذڪر اذڪار به ڪيل آهن ته سياسي ۽ پڻ خالص فڪري نوع جي ڳالهين جا به_ ڪجهه سڌي سنئين، سليس ۽ سُلجهيل نموني ته ڪن جي سمجهڻ ۽ سُلجهائڻ جو ڪم پڙهندڙ جي پنهنجي پرک پروڙ ۽ فڪري وابستگيءَ تي ڇڏي ڪري_ اُنهن جي پيشڪش جي ادا اوهان کي نفسياتي ۽ فلسفيانه به ڏسڻ ۾ ايندي ته اديبانه، لوڪ پسند ۽ عـــالـــــــمانه به: بهرحال، اڪثر هي ڳالهيون مقصد ڀريون ۽ سڀ اسان جون پنهنجون، پنهنــــــــجـــــــــن ”ڳــــــــــوٺ وڻـــــــن جـــــــــــــون“ ڳـــــالهـــيون آهــــــــن_ پنهنجي ڌرتيءَ جون، پنهنجن بزرگن جون، ٺيڪ مردن جون، سياڻن ۽ سرويچن جون، ادبن ۽ عالمن جون، اُنهن جي سوچ ۽ ساڃهه جون، ۽ مامرن ۽ مصلحتن جون، سندن آسن ۽ اُمنگن ۽ ڪوششن ۽ ڪارنامن جون_ ڪي فخر ڪرڻ جهڙيون ۽ ڪي اهڙيون جن تي شرم کان هوند ڪنڌ جهڪائي ڇڏجي_ پر سڀ اُهي، جن جي باشعور يادگيري، سڃاڻپ ۽ ساڃهه سان ئي اسان جي وجود کي تحفظ ملي سگهي ٿو_ ڇو ته (بلغاريا جي اُن قديم خان اومرتاغ جي لفظن ۾) ”حافظي جِي موت تي فتح“ اِها آهي ۽ اُها حاصل به اِئين ٿيڻي آهي.
پير صاحب جو هيءُ هڪ جامع ڪتاب آهي_ پر پوءِ به اِها پڪ آهي ته هِن ڪتاب کان ”صاحب ڪتاب“ وڏو آهي. پير صاحب ”سنڌ شناسيءَ“ جي سلسلي ۾، هِن ڪتاب کان علاوه، جيڪو وسيع ۽ اعليٰ ڪم ڪيو آهي_ سنڌ جي ادب ۽ تايخ جي بنيادي تاليف ۽ تحقيق جي سلسلي ۾_ سو واقعي بي مثال آهي، ۽ اُن جو پورو جائزو وٺڻ وقت جي ضرورت به آهي ۽ سنڌي علم ۽ ادب جي دنيا جو اِهو فرض به آهي. پر سڀ کان وڌ، پير صاحب پنهنجي مطالعي، تحقيق ۽ قلمي پورهئي جي رخ ۽ اُن جي محرڪ جذبي جو جيڪو ڏَسُ، عملي طور، سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ محققن جي آڏو واضيح ڪيو آهي، اُهو اُنهن لاءِ اهم هئڻ گهرجي. ۽ اُهو دراصل آهي ئي ”سنڌ شناسيءَ“ جو ڏسُ، جيڪو هُنن لاءِ انفرادي ۽ اجتماعي خود آگهيءَ جو ڏَسُ آهي. ۽ اُهوئي کين پنهنجي هــــــر تحقيقي ۽ تخليقي، علمي ۽ ادبي بلڪ زندگيءَ جي هر عمل جو محرڪ ۽ بنياد بنائڻو آهي. اُن جي ئي واحد روشنيءَ ۾، دنيا جي ٻين ماڻهن وانگر، سچ پچ به ته، هُنن جي آڏو ”هر نئين سجِ نئين افق“ اجاگر ٿي سگهندي ۽ سندن هر نئون ڏينهن کين نئين زندگيءَ جو پيغام ڏيندو_ جيڪوئي درحقيقت فردن ۽ معاشرن جي ”جوانيءَ جو راز“ آهي_ ۽ ائين هو به پنهنجي زندگيءَ جي بحر جو سفر ”بحر تي سدا موجود بسنت رت“ ۾ ڪري سگهندا ۽ ڪندا رهندا. ڇو ته پنهنجي مقصد ۽ پنهنجي ڪم کان سواءِ فردن لاءِ توڙي معاشرن لاءِ ڪا زندگي زندگي ڪانهي_
ڏکيءَ توءِ ڏڪارُ، توڻي وسن مينهڙا،
پورهئي هٿ سڪارُ، تو وسِ آهن هٿڙا. _شاهه
ڪجهه سال اڳي، مون پير صاحب کي ڪنهن موقعي تي ”پورهيت اديب“ سڏيو هو، بلڪ هڪ هنڌ مون ائين لکيو به هو_ جنهن تي دوستن مون کان پڇيو هو ته ”ڇا، پير صاحب جو گذارو ادب تي هو!“ مون کين جواب ڏنو هو ته ’گذارو‘ رڳو جسماني ئي ته نه هوندو آهي، ۽ ٻيو ته پورهيو نقط پنهنجي لاءِ به ته ڪونه هوندو آهي_
پاڻهياري سڀڪا، جا سر گهڙو ڀري:
ڪا لئه سندي سڄڻين، ڪا پورهئي ڪاڻ ڀري!
اسين جڏهن پڙهندا هئاســــين، تـــــــڏهن وقت بــــــوقت اســـــتاد اسان کان پڇندا هئا ته ”اوهين ڇالاءِ ٿا پڙهو؟ پڙهي ڇا بڻبا؟“ پوءِ اسان مان ڪي ڪهڙو جواب ڏيندا هئا ۽ ڪي ڪهڙو، پر سڀ ڪونه ڪو ڌنڌو ٻڌائيندا هئا ته اُن لاءِ ٿا پڙهون، يا چوندا هئا ته ڊاڪٽر ٿينداسين، استاد ٿينداسين، انجنير ٿينداسين، صوبيدار يا ڪلٽر ٿينداسين، وغيره وغيره. جنهن تي اسان کي هر ڀيري تقريباً هر استاد پوءِ ٽوڪيندو هو ۽ چوندو هو ته ”ڇا، اوهين تعليم اِنهيءَ لاءِ ٿا پکايو ته اوهين وڏا ماڻهو ٿيو، طاقت وارا بڻجو ۽ پيسا ڪمايو؟ ڇا، اوهان لاءِ علم خود ڪا شيءَ ڪانهي!“ پوءِ اسان کي وياکياڻ ملندا هئا ته علم پرائجي علم لاءِ، چڱائيءَ ڪجي چڱائيءَ لاءِ، سچ ڳالهائجي سچ لاءِ، وغيره. هڪڙي اسان جي مهربان استاد اِن سلسلي ۾ ڪافي ڳالهه ٻولهه کان پوءِ اسان کي انگريزيءَ ۾ ڏاڍو هڪڙو عجيب مقولو ٻڌايو ۽ سمجهايو، ۽ اُٿي بورڊ تي لکيو ۽ اسان کي پنهنجن ڪاپين تي لکايو ۽ اسان کي ياد ڪرايو_ ۽ اُهو مون کي اڄ به اَئين ئي ياد آهي: اُهو هو ته_
“The reward is in the race we run and not in the prize we get.”
(”ڊوڙ جو انعام ڊوڙڻ ۾ آهي ۽ نه اُن جي عيوض يا صلي ۾ جيڪو اسان کي ملي ٿو.“) اِنهيءَ طرح، ڪم جو مزو يا اُن جو انعام به اُن جي ڪرڻ ۾ آهي، ۽ نه اُن جي اُجرت ۾ يا پگهار ۾. موٽ يا عيوض، اُجرت ۽ پگهار وغيره ته ڊوڙ سارُو يا ڪم سارُو ملندا ئي_ ۽ جي نٿا ملن ته اُن بي انصافيءَ يا حق تلفيءَ لاءِ خوددار، خود شناس ۽ آبرومند ماڻهوءَ وانگر، هيڪلو به ۽ گڏجي به وڙهبو ۽ جُهد ڪبو_ اِهو فرض به آهي ۽ زنده ۽ آزاد انساني ذهن جو اِهو هڪ فطري ردعمل به آهي: پر ڪم جي خود ڪرڻ ۾ ماڻهوءَ کي خوشي نه ملي، ۽ ڪم بي دليو ڪجي ۽ غلط يا بي ڊولو ڪجي، اِها به ته غلاميءَ جي صورتحال آهي ۽ هڪ زنده ۽ آزاد ذهن جي سهڻ يا قبولڻ کان ٻاهر ڳالهه هئڻ کپي_
هيج نه هوندو جن، سي ڪئن وندر وينديون!
ويهو وچ رهن، سهسين سَڌُن واريون. _شاهه
پير صاحب جي هِن ڪتاب ۾ سندن زندگيءَ جي پوريءَ اڌ صديءَ جي پورهئي جو ڪل ثمر نه ته اُن جا ڪي امل ۽ روشن آثار ته ضرور گڏ ڪيل آهن. پڙهندڙ دوست ڏسي سگهندا ته هن ۾ سندن هر مضمون ڪيڏي هيج ۽ محنت جي پيداوار آهي ۽ ڪيڏو نه اُن ۾ پيار جو پورهيو سمايل آهي. هر نيڪيءَ جو ڪم، هر نيڪ ڪم، بنيادي طور خوشيءَ جو ۽ خوشي ڏيندڙ ڪم ٿئي ٿو_ ڪم ڪندڙ لاءِ ۽ پڻ ٻين لاءِ. اُن مان ملندڙ اُها خوشي ئي اُن جي بهتر کان بهتر ٿيڻ ۽ ٿيندي رهڻ جو سبب هوندي آهي ۽ ضمانت به. اِن طرح ماڻهوءَ لاءِ ڪم سان تعلق جِي هر گهڙي نئين دريافت جو هڪ تجربو هوندي آهي: هر خيال ۽ عمل جي تخليق جو منطق ۽ ساجُ سٽاءُ اِهو هوندو آهي. بائيبل ۾ آيل آهي ته جڏهن پهرئين ڏينهن ”خدا ڏٺو ته.... اوندهه هئي.... تڏهن چيائين ته روشني ٿئي، ۽ روشني [تخليق] ٿي، ۽ ڏٺائين ته اُها سٺي هئي!“ اِئين ٻئي ڏينهن، ٽئين ڏينهن، چوٿين، پنجين ۽ ڇهين ڏينهن خدا پنهنجي هر [تخليق جي] ڪم کي ڏسندو ۽ خوش ٿيندو رهيو_ ۽ ڇهين ڏينهن ته ”سڄي پنهنجي ڪم تي، جو هن بڻايو هو، نظر وڌائين، ۽ ڏٺائين ته اُهو ڏڍو سٺو هو!“ مطلب ته ڪم مان خوشي ۽ ڪم جو هيج_ اِهي ئي ڪم کي عظمت (سٺائي) ۽ اهميت ڏين ٿا_ ۽ اِئين ڪم مان ئي اُن جي ڪندڙ جو قدر ٿئي ٿو ۽ هئن کي اهميت ملي ٿي. ڪم جو اصل اُجورو يا عيوض به اِهو ئي آهي. ڪا هستي، ڪا شيءِ، يا ڪو ماڻهو ڇا آهي، اِها ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي_ ڪنهن لاءِ به. وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته ڪا هستي، ڪا شيءِ، ڪو ماڻهو ڇا ٿو ڪري. ڪم ۽ ڪم ڪندڙ جو، پورهئي ۽ پورهيت جو قدر ائين ٿئي ۽ اُنهن جي اهميت جو تعيّن اِئين ٿئي، انساني وٿُ جو هي مسئلو معاشري ۾ جيتريءَ حد تائين اِنهيءَ طرح حل ٿيندو ۽ عمل ۾ ايندو، انساني تهذيب جي ارتقا جي اُها ئي حد اُن معاشري جِي طيءَ ٿيل شمار ٿيندي. علم، ادب ۽ فن جي دنيا ۾، بهرحال، ڪم ۽ ڪم ڪندڙ جي وٿ ۽ اهميت جو فيصلو فقط ۽ فقط اِنهيءَ ڪسوٽيءَ تي ئي جائز تسليم ٿيل آهي_ ڇو ته اِها دنيا انساني تهذيب جي مثالي دنيا آهي، اُن جي معراج جي تصورّ جِي، خواب جي، دنيا آهي. مون کي يقين آهي ته سنڌ جي اُن مهذب دنيا ۾ پير صاحب جي هِن ڪم جو ۽ سندن ٻئي سڄي علمي ۽ ادبي ڪم جو قدر به، ڪَٿَ ۽ سڃاڻپ جي اِنهيءَ ماڻَ تي ٿيندو_
ڪاپائتي سڀڪا،_ ڪَتٻي سيٻباڻي،
ڄاتو جن ڄاڻِي، تن هٿان پَهِي نه ڇڏي. _شاهه
هِن پيش لفظ لکڻ لاءِ جڏهن پير صاحب مون کي چيو، تڏهن هيڪر ته آءُ سهمجي ويس_ ڇو ته زندگيءَ ۾ هڪڙو اهم سبق مون هيءُ به سکيو آهي، ۽ اُن تي ڪافي سختيءَ سان عمل پيرا به پئي رهيو آهيان، ته پنهنجي وِت اندر رهجي (وت کي وڌائبو ضرور رهجي، پر وت کان ٻاهر نه وڃجي)_ ڇو ته اُن ۾ ئي ڀرم رهي ٿو ۽ ڀلائي به اُن ۾ آهي. پر هڪ ته پير صاحب سان جيئن ئي منهنجي ڄاڻ، 1949ع کان سنڌي ادبي بورڊ جي وجود ۾ اچڻ سان، ٿي، تيئن ئي کين مون پنهنجي زندگيءَ جي دلي مقصد جو پختو ۽ مخلص ساٿي سمجهيو، ۽ ٻيو ته اُن سلسلي ۾ منهنجي دل ۾ مزيد هڪڙي چوڻ جهڙي ڳالهه هُرندِي ٿٻي رهِي، سا سندن پيش ٿيندڙ هِن ڪم جي حوالي سان آءُ چئي ٿي سگهيس_ ۽ اُن جي چوڻ جو موقعو جو پير صاحب جن پاڻ حڪماً مون کي ڏنو، سو اُن موقعي جي ملڻ تي، ڪجهه سهمجي پر فوراً ئي پوءِ، پير صاحب جون هي ’ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون‘ ٻيهر وري وري پڙهيم (_ڇو ته اُنهن مان تقريباً اڌ کن منهنجون اڳي به پڙهيل بلڪ پاڻ پنهنجي هٿن سان، خاص طرح سماهي ”مهراڻ“ ۾، ڇاپيل ۽ شايع ڪيل هيون)، ۽ پاڻ کي سندن شڪر گذار ٿيندي محسوس ڪيم، ۽ واقعي به سندن ته دل شڪر گذار آهيان، جو پاڻ مون کي هيءُ اعزاز بخشيائون ۽ هيءُ موقعو ڏنائون، جو سندن هي ”ڳالهيون“ مون وري وري پڙهيون ۽ اُنهن بابت هي ٻه اکر لکيم_
ڪانگا ڪتابت جِي آنديئي خوب خبر،
هِنئڙو مون هر هر، واچيو واچيو وندري! _شاهه
۽ ائين جيڪا ڪجهه ڳالهه مون کي به چوڻي هئي، سا_ ڪچِي ڦِڪي، پوري اڻ پوري_ چئي دنگ ڪيم. مون کي يقين آهي ته پير صاحب کي اِها وڻندي، پر جي ڪتاب جي پڙهندڙن کي به وڻٻي ۽ ڪتاب ۾ آيل ڳالهين جي پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ (جي سڀ اسان جون پنهنجون ۽ اسان جي پنهنجي ماضيءَ جون ئي ڳالهيون آهن) اُها کين ڪجهه مدد به ڏئي، ۽ اسين سڀ پنهنجين اِنهن ڳالهين کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ همدم ۽ يڪ دل ٿي وڃون، ته آءُ پاڻ کي ته ڀاگ وارو سمجهندس، پر پير صاحب کي به پنهنجي ايڏي ڪشالي ۽ عرق ريزيءَ جو ڪافي ڪجهه صلو ملي ويندو_

ار عشوه هاي ساقي کارم نمـي کشايد،
اي دوستان خدارا يک جام دوستگاني.

از تار ارغنوني در جنبش آر مطرب،
وز نغمـﮧ هاي تر کن با روح همزباني. _فيضي


محمد ابراهيم جويو
حيدرآباد سنڌ
12_9_1981ع _

جاگرافي

---

ڪچي جو سير

درياهه جي ٻنهي ڪپن واريءَ زمين کي ’ڪچو‘ چئبو آهي ۽ اتي جي رهاڪن کي ’ڪچي جا ماڻهو‘ ڪري سڏبو آهي. ڪچي ۾ گهاٽا گهاٽا جهنگ ۽ ٻيلا آهن، جن ۾ ٻٻر، باهڻ ۽ ڪانهن ڪثرت سان هوندا آهن. زمين سيڪ واري ٿيندي آهي، جنهن تي ڇٻر هميشـﮧ ڄاول هوندي آهي. ڪانهن کي ڪچي جي ماڻهن جون پياريون ۽ دل گهُريون مينهون ۽ وڇون خوشيءَ وچان دل ڀري کائينديون آهن. ڪانهن کائڻ ڪري اُهي کير ۽ مکڻ جام ڏينديون آهن. ساوڻ ۾ سمورو ڪچو پاڻي هوندو آهي. وري سرءُ جو، جڏهن پاڻيءَ جي مُند ختم ٿيندي آهي، تڏهن ڪچو به سُڪندو آهي. ساوڻ ۾ اُتي جا ڀاڳيا پنهنجون مينهون، ڏاند، ڳئون هڙئي پڪي تي ڪڍي ايندا آهن، جتي پاڻي ڪونه هوندو آهي. ڀاڳين کي پنهنجي مال جي سُک جو گهڻو خيال هوندو آهي، سندن مال خوش ته پاڻ به خوش.
ڪچي ۾ درياهه جي ڀرسان تمام سٺا ۽ موهيندڙ نظارا ٿيندا آهن، جن کي ڏسيو دل گهري ته ساري ڄمار انهن کي ڏسندي پوري ڪجي.باهڻن ۽ ٻٻرن جا وڏا وڏا وڻ، چنار جي درختن وانگر، ڪپن سان هوندا آهن، تن جي هيٺان ڀاڳين جون مينهون ۽ وڇون ڪيرن ۾ چرنديون نظر اينديون آهن. اُنهن جي چڙن جو آواز ساري جهنگ ۾ ٻڌي ڌنارن جون دليون ٻهڪنديون آهن. ڀاڳيا، جن کي ڌنار به چئبو آهي، سي درياهه جي ڪپن تي ڇٻر جي سبزي، تي ويٺا پنهنجِن مينهن جي تعريف ۾ يا مارن جا راڳ پيا ڳائيندا آهن. هنن جون دليون، غم گوندر کان بي خبر، هميشـﮧ خوشيءَ ۾ هونديون آهن. درياهه جي ٻيٽارن تي ڪڙمي ڪنڙي، جا سرنهه جي نموني ٿيندي آهي، پوکيندا آهن. جنهن وقت اُها گل ڪندي آهي، تنهن وقت جاڏي نظر ڪبي آهي، تاڏي ڦڪاڻ ئي ڦڪاڻ نظر ايندي آهي. سوين جريب پوکيل هوندا آهن. وري هوا تي جا اُن جي خوشبو اچي، سا ته دماغ ۾ نشو پيدا ڪيو ڇڏي. جنهن وقت ڪنڙي جاڏي ڪاڏي گل ڪري بيهندي آهي، تنهن وقت درياهه ڪنوار جي نموني سينگاريل نظر ايندو آهي.
ڪچي جي ماڻهن جا گهر باهڻن ۽ ڪانهن جا ٺهيل هوندا آهن. ڪن ڪن ۾ ته بنگلن کان به وڌيڪ ويهڻ ۾ مزو ايندو آهي، ۽ سندن رهاڪو به پنهنجن اُنهن ڪکائن جهوپڙن کي بنگلن ۽ محلن ماڙين کان وڌيڪ سمجهندا آهن، ۽ انهن ۾ خوشيءَ ۽ مزي سان گذاريندا آهن. ڇت ۽ ڀتيون جيڪي ڪانهن سان ٺهيل هونديون آهن، سي تمام پڪيون ۽ جٽادار ٿينديون آهن. اُنهن کي مينهن واءُ جو خطرو مُور نه ٿيندو آهي. گهرن کان به وڌيڪ هو پنهنجن مينهن جا منَههَ، جن کي واڙا به سڏيندا آهن، سٺا مضبوط ۽ ڪشادا ٺاهيندا آهن. هنن کي ساهه کان به وڏيڪ سندن مينهون ۽ منَههَ پيارا آهن. ڪچي ۾ غريب کي به ٻه ٻه چار مينهون ضرور هونديون، نه ته بدبخت سڏيو ويندو. وڏ ڀاڳين کي سـؤ ڏيڍ کن مينهون ۽ ڳئون ٿينديون آهن.
ڪچي ۾ ڏهن ٻارهن گهرن جو ڳوٺڙو ٿيندو آهي، جو انهن جي وڏي ڀاڳئي جي نالي پٺيان سڏبو آهي. جي ڪنهن زميندار جو هوندو آهي، ته فلاڻي جي ’ڪيٽي‘ ڪري چئبو آهي. ڳوٺڙي جا رستا تمام سوڙها، چارن جي نموني ٿيندا آهن، جي گهرن جي اڱڻن ۾ وڃي کٽندا آهن. چارن جي ٻنهي پاسي ڀاڻ پيل هوندو آهي، وچ مان رستو ٿيندو آهي. ڀاڻ ڀاڳين کي ساوڻ جو دونهن جي ڪم ۾ ايندو آهي، ۽ سياري جو ڪٺو ڪندا ويندا آهن. هر هڪ گهر ۽ واڙي جي چوڌاري ڪنڊن جو پيهو هوندو آهي، جو ست اٺ فوٽ وڏو ٿيندو آهي ۽ ”در“، جنهن کي ”ڳلي“ ڪري سڏيندا آهن، سو رات جو ڍنگر سان بند ڪري ڇڏيندا آهن.

[”بهار نثر“_ مرتب ڀيرومل مهرچند، 1932ع]

منصوره جي تاريخ جو هڪ باب

(سنڌ ۾ عرين جي دارالسلطنت جي علمي ڪيفيت)
دارالسلطنت هجڻ سبب، ”منصوره“ علمي لحاظ سان بغداد ثاني بڻجي ويو هو. ڪيترا عالم، فاضل، اديب ۽ شاعر منجهس رهندا هئا. خود عرب ۽ عراق مان به ڪيئي پنهنجي زماني جا مشهور علمي آدمي، داد ودهش ۽ علمي شهرت سبب، پنهنجو وطن ڇڏي اچي منصوره ۾ مقيم ٿيا هئا.
منصوره جي عام علمي ۽ مذهبي حالت، صاحب ’احسن التقاسيم‘ هن طرح بيان ڪئي آهي:
”هتي جا رهاڪو لائق ۽ بامروت آهن. اسلام کي وٽن تازگي آهي. اهل علم هتي تمام گهڻا آهن. ماڻهن ۾ ذهانت ۽ ذڪاوت آهي، نيڪي ۽ خيرات ڪن ٿا.... مسلمانن ۾ واعظن جو وجود نه آهي. مسلمان گهڻو ڪري اهل حديث آهن.... وڏن شهرن ۾ حنفي فقيهه به آهن، ليڪن هتي مالڪي ۽ حنبلي ڪونه آهن، ۽ نه معتزلي آهن. ماڻهو سڌي ۽ صحيح مسلڪ تي آهن، نيڪ ۽ پاڪدامن آهن.“
(اُحسن التقاسيم‘، ليڊن، ص 481)
انهيءَ بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته منصوره ۾ علم جو ڪافي چرچو هو. مذهبي لحاظ سان ماڻهو گهڻو ڪري اهل حديث هئا. مختلف مذهبي فرقن جي واعظين جو وجود نه هو، جنهنڪري نه مذهبي اختلاق هئا، ۽ نه مسلمانن ۾ فرقي بازي هئي. باشندا ذهين ۽ ذڪي، نيڪدل ۽ سچا هئا.
مدرسا. منصوره ۾ ’احسن التقاسيم‘ جي ذريعي هڪ مدرسي جو به پتو پوي ٿو، جنهن ۾ قاضي ابومحمد صاحب منصوريءَ جو درس جاري هو. بشاري مقدسي سندس ذڪر ڪندي لکي ٿو:
”مون هتي قاضي ابومحمد منصوريءَ کي ڏٺو، جنهن جو مذهب دائودي (ظاهري) هو، پنهنجي مذهب ۾ کيس امام جو درجو حاصل هو. سندس حلقـﮧء درس وڏو هو، ۽ سندس تصنيفون به ڪيتريون آهن، جن مان ڪي ته تمام بهتر آهن.“ (ليڊن، ص 481)
منصوره جي علمي ۽ مذهبي ماحول ۽ اهل علم جي ڪثرت مان اندازو ٿئي ٿو ته امام ابومحمد جي مدرسي کان سواءِ ڪي ٻيا به مدرسا منصوره ۾ ضرور هوندا، ليڪن تاريخ انهن جو ذڪر ڪونه ڪيو آهي.
قضاجو عهدو. منصوره ۾ قضا جي عهدي کي وڏي اهميت حاصل هئي. عرب ۽ عراق جا مشهور عالم انهيءَ منصب لاءِ منتخب ٿي ايندا هئا. 283هه جي ربيع الاول ۾ بغداد کان حضرت محمد بن ابي شوراب منصوره جو قاضي ٿي آيو. هو صاحب جيد عالم، ۽ قضا جي عهدي لاءِ پنهنجو مٽ پاڻ هو. جيڪڏهن هو ڪجهه وقت منصوره ۾ رهي ها ته هوند ملڪ کي ڏاڍو فائدو پهچي ها، ليڪن افسوس جو ساڻس عمر وفا نه ڪئي ۽ هتي پهچڻ کان ڇهن مهينن بعد وفات ڪري ويو (’الڪامل‘، ابن اثير، ج 7، ص 334، ليڊن).
ٻاهريان اديب ۽ عالم. منصوره جي علمي فضا ۽ ادبي قدر دانيءَ جي شهرت عرب ۽ عراق ۾ جڏهن پهتي، تڏهن ڪيترا اتان جا عالم ۽ اديب وطن ڇڏي اچي منصوره ۾ مقيم ٿيا. تاريخي ۽ ادبي ڪتابن جي ورقن ورائڻ سان انهيءَ سلسلي ۾ ڪيئي مثال ملن ٿا.
عرب جو مشهوره شاعر مطيع ابن اياس، هشام تغلبيءَ جي ولايت واري زماني ۾، منصور منجهه آيو، ۽ ڪيترو وقت اتي مقيم رهيو (’آغاني‘، ج 12، ص 760، مصر). اهڙيءَ طرح عرب جي شهره آفاق شاعر ابو تمام، صاحب ’حماسه‘، جو همعصر ۽ پنهنجي دور جو مشهور شاعر، ابو عباده وليد بن عبيدالبحتري، 284هه ۾ سنڌ اچي پهتو (’معجم البلدان‘، ص 51، باب س).
عالمن ۽ اديبن کان سواءِ، ڪيترا مذهبي مبلغ به تبليغ ۽ اشاعت لاءِ منصوره ۾ وقت بوقت ايندا رهيا، چنانچه عمر بن حفص جي زماني (142_151هه) ۾ حضرت عبدالله الاشتر علوي به مذهبي ۽ سياسي عقيدي جي اشاعت لاءِ منصوره ۾ آيو، ۽ ڪيترن سالن جي قيام بعد هتي ئي شهيد ٿيو. خارجي ٽولي جو مشهور ليڊر حسان بن مجاهد همداني به 142هه ۾ پنهنجي فرقي جي اشاعت ۽ تبليغ لاءِ سنڌ ۾ وارد ٿيو. جيڪڏهن تاريخ ۽ ادب جي ڪتابن جو مطالعو چڱيءَ طرح ڪجي ته هوند انهيءَ قسم جا ڪيترا مثال ملي پوندا.
زبان. عرب جغرافيه نويسن جي زبانيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته منصوره جي زبان عربي ۽ سنڌي هئي. چنانچه ابن حوقل لکي ٿو ته ”منصوره ۽ ملتان ۽ ان جي آسپاس واري علائقي جي زبان عربي ۽ سنڌي آهي“.
اهڙيءَ طرح، صاحب ’مسالڪ والم مالڪ‘ لکي ٿو ته ”منصوره ۽ ملتان ۽ انهيءَ جي پس گردائيءَ جي زبان عربي ۽ سنڌي آهي“.
عربن جي آمد کان اڳ سنڌ جي ملڪي زبان معلوم ٿئي ٿو ته سنڏي هئي، ۽ عربي حڪومت يا ان کان اڳ عربن جي آمدرفت سبب عربي به رائج ٿي چڪي هئي. اسان جي خيال ۾ عربي حڪومت کان پوءِ سرڪاري زبان جي حيثيت ته عربيءَ کي حاصل ٿي هوندي، ليڪن عوامي زبان وري به سنڌي رهي هوندي.
ان وقت سنڌي زبان جي ڪهڙي صورت هئي، ان جو ڪوبه نمونو ملي ڪونه ٿو سگهي، جنهن مان اندازو ڪري سگهجي. البت هيٺئين واقعي مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ زماني ۾ سنڌي زبان جي نثر خواهه نظم ۾ ڪتابن تصنيف ڪرڻ جو رواج هو، ۽ زبان ايتريقدر مقبول هئي، جو خود ٻاهريان ماڻهو به سنڌي زبان ڄاڻڻ نه فقط ضروري سمجهندا هئا، بلڪ ان ۾ ايترو ڪمال پيدا ڪري چڪا هئا، جو نظم خواهه نثر بلا تڪلف لکي ويندا هئا.
سنڌي زبان جي پهرين تصنيف. 270هه ۾ سنڌ جي هڪ راجا، عبدالله بن عمر هباري واليء منصوره ڏي لکي موڪليو ته مذهب اسلام جي عقائد ۽ تعليم تي سنڌي زبان ۾ ڏانهس ڪتاب لکرائي موڪلي. چنانچه عبدالله اهو ڪم منصوره جي هڪ عراقي عالم جي سپرد ڪيو، جيڪو اصل ۾ ته عراق جو باشندو هو ليڪن کيس سنڌ ۾ رهندي هڪ مدت گذري چڪي هئي، جنهنڪري سنڌي زبان خواهه ٻين مقامي زبانن ۾ کيس ڪمال حاصل هو، ۽ بيحد ذهين ۽ فهميدو هو.
سنڌي نظم جو ڪتاب. عراقي عالمَ، عبدالله جي فرمائش تي، هندو راجا لاءِ اسلامي عقيدن تي هڪ ڪتاب سنڌي نظم ۾ تصنيف ڪيو. راجا ڪتاب پڙهي نه فقط اسلام کان متاثر ٿيو، بلڪ خود مصنف جي علمي مرتبي جو به مٿس ايترو اثر پيو، جو هن عبدالله ڏي لکي موڪليو ته انهيءَ مصنف کي سندس درٻار ۾ موڪليو وڃي.
شاعر وٽس ٽي سال رهيو. 273هه ۾ جڏهن هو عبدالله سان مليو، تڏهن هن کيس ٻڌايو ته ”راجا دل ۾ مسلمان ٿي چڪو آهي، مگر مخالفت جي خوف کان ظاهر نٿو ٿئي.“
ڪلام مجيد جو پهريون سنڌي ترجمو. ساڳئي شاعر راجا جي فرمائش تي ڪلام مجيد جو به سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جنهن کي راجا روزانو بلاناغي ٻڌندو هو. هڪ دفعي سوره ياسين جي هڪ آيت جو جڏهن هن کي ترجمو ٻڌايو ويو، تڏهن هو تخت تان يڪدم هيٺ لهي آيو. ۽ دوباره ترجمو ٻڌي ٻه ٽي قدم اڳتي وڌي، زمين تي سجدي ۾ ڪري پيو، ۽ سجدي جي دوران ايترو ته رنو، جو سندس ڳل به آليءَ مٽيءَ ۾ ڀرجي پيا. جڏهن گهڻيءَ دير بعد سجدي مان اٿيو، تڏهن بلند آواز ۾ بي اختيار سندس زبان مان نڪتو: ”بيشڪ اهوئي رب معبود آهي، جيڪو ازلي ۽ ابدي آهي.“ (’عجائب الهند‘، بزرگ بن شهر يار، ليڊن)
مٿئين واقعي مان هيٺين معلومات حاصل ٿي ٿئي:
هندو قوم جي زبان به سنڌي هئي؛
سنڌي زبان لکڻ_ پڙهڻ ۾ به ايندي هئي؛
ڪلام پاڪ جي ترجمي تي اهو پهريون ڪتاب سنڌيءَ ۾ تصنيف ٿيو؛
نظم جو به اهو سنڌيءَ ۾ پهريون ڪتاب آهي؛
سنڌي زبان اڄ کان 11 سـؤ ورهيه اڳ به ايتري آسان ۽ علمي هئي، جو بيروني نسل جا ماڻهو به ان کي پسند ڪري ۽ ان ۾ ايترو ڪمال پيدا ڪندا هئا، جو بلاتڪلف نظم ۽ نثر لکي ويندا هئا.
رسم الخط. رسم الخط جي سلسلي ۾ اسان کي ڪابه شهادت ملي ڪانه سگهي آهي. عرب جغرافيه نو يسن سنڌي زبان جو ته ذڪر ڪيو آهي، ليڪن اهو ڪونه ڄاڻايو اٿن ته سنڌي زبان خواهه سنڌ يا منصوره جي ٻين ٻولين جي لاءِ ڪهڙو رسم الخط استعمال ڪيو ويندو هو. اسلامي دنيا جي مشهور عالم ابو ريحان بيرونيءَ انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجي ’ڪتاب الهند‘ ۾ چند سٽون لکيون آهن، جن مان پڻ پورو اندازو ڪري نٿو سگهجي. هو صاحب 410هه تائين هندستان ۾ رهيو. رسم الخط جي سلسلي ۾ لکي ٿو:
”حدود مالوه مين ايڪ رسم الخط ههﻶ_ جس ڪانام ناگر ههﻶ يه صرف صورت مين پهلـﻶ خط سـﻶ مختلف ههﻶ_ اسڪـﻶ بعد اڪ دوسرا خط ههﻶ جسڪا نام ’اروناگرﻵ‘، يعني آدها ناگرﻵ ههﻶ، اسلئـﻶ ڪه اس مين دونون خط مذڪور مخلوط هين. بهاٽيه اور سند ڪﻶ بعض شهرون مين يهي خط لکا جاتا ههﻶ_ اسڪﻶ بعد مروجه خطوط مين ايڪ خط ’ملقاري‘ ههﻶ، يه جنوبي سند ڪي ساحلي علاقه ملقشو ڪا خط ههﻶ. بهمنو يعني منصوره ڪا خط سيندپ ههﻶ....“ (’ڪتاب الهند‘، انجمن ترقي اردو، ص 227، ج 1 )
مذهب. منصوره جا ماڻهو مذهبي لحاظ سان، جيئن اسان مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون، زياده تر اهل حديث هئا. مٿن دائودي ظاهري فرقي جو اثر هو. ٻيا مذهبي فرقا ڪونه هئا. بعد ۾ علي والي، محب سادات به آيا، جن جي دور ۾ شيعا مبلغ منصوره ۾ وارد ٿيا، ۽ خارجي ليڊر به پهتا، ليڪن انهن کي به ڪاميابي ڪانه ٿي. شيعت کي قدري فروغ حاصل ٿيو، ۽ آخر ۾ اسماعيلي شيعن کي ڪجهه عرصي تائين منصوره جي حڪومت به حاصل ٿي.
عبدالله الاشتر جي آمد. شيعي تحريڪ جو علمبردار، حضرت عبدالله الاشتر علوي سڀ کان پهرين منصوره ۾ وارد ٿيو. ابو جعفر منصور عباسيءَ جي خلافت جو زمانو هو، ۽ عمر بن حفص (142_151هه) واليء منصور جو دور هو.
عبدالله الاشتر پهرين پنهنجن چند جان نثارن سان گڏ بصري ۾ آيو، ۽ اتان سٺا گهوڙا خريد ڪري واپاريءَ جي صورت ۾ سنڌ ۾ اچي پهتو. بظاهر هن جو شغل گهوڙن جي تجارت هو، ليڪن در پرده هن جو مقصد هو ته عباسين جي خلاف ساداتن لاءِ سنڌ ۾ ميدان تيار ڪري.
منصوره جي واليءَ منصوره ۾ پهچڻ تي، سندس بيحد احترام ۽ استقبال ڪيو. پاڻ به کانئس گهوڙا خريد ڪيائين، ۽ منصوره جي باشندن کي به حڪم ڪيائين ته ويڪائو گهوڙا وٽس آڻي حاضر ڪن. عبدالله پنهنجي سر اصلي راز کي ڇپائڻ چاهيو، ليڪن سندس هڪ سنگتيءَ منصوره جي واليءَ اڳيان مقصد ظاهر ڪري ڏنو. واليءَ کي هن چيو ته اوهان جيڪو ويڪائو گهوڙن جي حاضر ڪرڻ جو حڪم صادر ڪيو آهي، سو به بهتر آهي، ليڪن ان کان زياده احسان اسان تي بيءَ طرح ڪري سگهو ٿا، ان ۾ اوهان جي لاءِ عاقبت ۽ آخرت جي ڀلائي ۽ نجات آهي. ان کان پوءِ سمورو مقصد سندس آڏو رکيائين. والي چونڪه پاڻ به ساداتن جو طرفدار هو، تنهنڪري بطيب خاطر هن سندن دعوت قبول ڪئي ۽ سيد صاحب کي ساٿين سميت شهر ۾ ڪنهن ڪنڊائتيءَ جاءِ ۾ رهائي ڇڏيو.
انهيءَ کان پوءِ عمر بن حفص منصوره جي با اثر ماڻهن کي گهرائي ساڻن مشورو ڪيو، ۽ آخر ۾ اهو طي ٿيو ته هڪ ڏينهن جمعرات جو بيعت ورتي وڃي. انهيءَ سلسلي ۾ هڪ سفيد جهنڊو به تيار ڪرايو ويو ۽ هڪ سفيد پوشاڪ به تيار ٿي، جنهن کي پهري، سيد عبدالله کي انهيءَ موقعي تي خطبو ڏيڻو هو.
جنهن وقت اهي سمورا انتظام مڪمل ٿي ويا، ان وقت اتفاق سان بغداد کان هڪ جهاز آيو، جنهن ۾ هڪ واپاري عراق کان عمر بن حفص جي گهر واريءَ جو ڏانهيس خط کڻي اچي پهتو. خط ۾ لکيل هو ته محمد ۽ ابراهيم خلافت جي فوجن سان مقابلو ڪندي مارجي ويا.
عمر اهو خط کڻي عبدالله وٽ سندس چاچي ۽ پيءُ جي شهادت تي تعزيت ڪرڻ ويو. عبدالله اهو معلوم ڪري گهٻرائجي ويو، ۽ مايوس ٿي عمر کي چيائين ته منهنجو راز هاڻي ظاهر ٿي ويو ته هن وقت منهنجي عزت تنهنجي هٿ ۾ آهي (ابن اثير، ج 5، ص 455، ليڊن). عمر کيس تسلي ڏني، ۽ کيس منصوره مان ڪڍي هڪ پاڙيسري هندو راجا وٽ پناهه ۾ موڪلي ڇڏيو، جنهن پڻ سندس بيحد عزت ڪئي ۽ کيس آرام پهچايو.
ٿوري وقت بعد جڏهن عبدالله الاشتر جي رهائش جي جاءِ ماڻهن کي معلوم ٿي، تڏهن ڪيئي مسلمان وٽس جمع ٿيڻ لڳا ۽ ٿورن ڏينهن ۾ چار سـؤ مسلمان سندس بيعت ۾ شريڪ ٿيا. عبدالله اهڙيءَ طرح نوَ سال راجا وٽ آرام ۽ آسائش ۾ گذاريا.
151هه ۾ خليفي منصور کي سندس ڪيفيت معلوم ٿي، ۽ هن کي ساداتن جو طرفدار سمجهي، عمر بن حفص کي تبديل ڪري، هشام کي منصوره تي موڪليو ۽ کيس عبدالله کي يڪدم گرفتار ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو. خوش قسمتيءَ سبب هشام به در پرده ساداتن جو طرفدار نڪتو، تنهنڪري ڪجهه عرصي تائين عبدالله بچيو رهيو.
هڪ دفعي سنڌ جي ڪنهن حصي ۾ بد امني پيدا ٿي، جنهن کي دفع ڪرڻ لاءِ هشام پنهنجي ڀاءُ کي لشڪر ڏيئي روانو ڪيو. بد امنيءَ واريءَ جاءِ تي پهچڻ لاءِ انهيءَ راجا جي سرحد ڏيئي لنگهڻو هو. رستي ۾ هن کي پريان گرد غبار ڏسڻ ۾ آيو، ۽ خيال ٿيس ته متان باغي دشمن ايندو هجي، سو هن پنهنجي لشڪر کي مقابلي لاءِ تيار رهڻ جو حڪم ڏنو. گرد غبار جڏهن هٽيو، تڏهن کيس معلوم ٿيو ته عبدالله الاشتر پنهنجن ڏهن ساٿين سميت شڪار ڪري رهيو آهي. کيس پنهنجي ڀاءُ جي پاليسيءَ جي خبر نه هئي، تنهنڪري هن سندس گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو. ماڻهن کيس سڀڪجهه سمجهايو، ليڪن هو نه مڙيو. آخر ٻنهي ڌرين جو مقابلو ٿيو. عبدالله جو هڪ هڪ سپاهي بهادريءَ سان وڙهندي شهيد ٿيو، ۽ پڇاڙيءَ ۾ پاڻ به شهيد ٿي ويو. مقتولين جي مابين سندس لاش سڃاڻپ ۾ نه آيو. هڪ روايت آهي ته سندس سنگتين هن جو لاش بيحرمتيءَ جي خوف کان درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو هو. انهيءَ واقعي جي خبر هشام کي پئي ۽ کيس سخت افسوس ٿيو. ڀاءُ کي ڪجهه ڪري نٿي سگهيو، تنهنڪري خاموش ٿي ويو.
هشام، عبدالله جي قتل بعد، مجبور ٿي راجا تي حملو ڪيو ۽ کيس شڪست ڏني، عبدالله جا ٻار ٻچا ۽ سنگتي ساٿي گرفتار ڪيا ۽ سڀني کي دربار ڏي اماڻي ڇڏيو. گرفتار ٿيلن ۾ عبدالله جو پٽ محمد ۽ ان جي والده به هئي، جيڪا ابتدا ۾ ڪنيز هئي ۽ پوءِ عبدالله جي عقد ۾ آئي.
خليفي منصور اهو عيال مديني طرف اهلبيتن ڏانهن اماڻيو، ۽ محمد لاءِ مديني جي حاڪم ڏانهن لکيائين ته مشهور ڪري ته اهو پٽ صحيح النسب آهي (ابن اثير، ج 5، ص 457).
اهڙيءَ طرح عبدالله الاشتر علويءَ جو سنڌ ۾ خاتمو ٿيو. شيعت جي ابتدا انهيءَ جي ڪري سنڌ ۾ ٿي.
خارجين جي آمد. شيعن جي آمد بعد، خارجين جو ليڊر به سنڌ ۾ اچي پهتو. 142هه ۾ حسام بن مجاهد همداني، موصل کان جهاز ۾ سوار ٿي سنڌ ۾ آيو. سندس خيال هو ته سنڌ جو دورو ڪري، ۽ هڪ عظيم الشان لشڪر تيار ڪري عباسين جو مقابلو ڪري، ليڪن سنڌ ۾ اڳ ئي عبدالله الاشتر موجود هو، تنهنڪري مايوس ٿي وري واپس موصل ڏانهن هليو ويو.
منصوره جا مشهور ماڻهو. منصوره جي هيٺين مشهور عالمن ۽ اديبن جو ذڪر اسان کي تاريخي ڪتابن ۾ ملي سگهيو آهي.
(1) قاضي ابو محمد منصوري. مٿي ذڪر ڪري چڪا آهيون ته دائودي مذهب جو مشهور امام پنهنجي وقت جو جيد عالم ۽ بلند پايي جو مصنف هو. منصوره جي ماڻهن تي سندس ئي اثر هو. (’احسن التقاسيم‘ ۽ مسعودي).
(2) محمد بن ابي شوراب. پايه تخت منصوره لاءِ 273هه ۾ بغداد کان قاضي ٿي آيو. وڏو عالم ۽ لائق ماڻهو هو. منصوره ۾ ڇهه مهينا کن رهيو ۽ اتي ئي فوت ٿيو. (’ڪامل‘، ابن اثير، ج 7، ص 334، ليڊن)
(3) علي بن محمد بن ابي شوراب. قاضي محمد جي وفات بعد سندس اولاد منصوره ۾ مقيم رهيو. صاحب ’تاريخ سنڌ‘ لکي ٿو:
”محمد بن ابي شوراب بهي انهي لوگون مين سـﻶ تهـﻶ جو عراق سـﻶ 283هه مين سند مين آڪر آباد هو گئـﻶ. بهت بڙﻵ عالم تهـﻶ. عراق مين عموماً اور خاص ڪر بغداد مين لوگ ان ڪي بڙي قدر ڪرتـﻶ تهـﻶ. خليفه بغداد اور عباسي شاهزادﻵ ان ڪي صحبت سـﻶ فائده اڻهاتـﻶ تهـﻶ اور بوقت ضرورت ان ڪي حاجت روائي بهي ڪرتـﻶ تهـﻶ. غالباً ان ڪـﻶ بعد ان ڪـﻶ بيڻـﻶ علي بن محمد بن ابي شوراب منصور منصوره ڪـﻶ قاضي هوئـﻶ. ان ڪا خاندان بهي چوتهي صدي ڪـﻶ ابتدائي سالون تڪ رها جيسا ڪه مسعودي نـﻶ لکها هـﻶ.“ (’تاريخ سند‘، بحواله مسعودي، ج 1، ص 377، ليڊن)
(4) مطيع بن اياس. هي صاحب عرب جو مشهور شاعر هو. هشام تغلبيءَ جي زماني ۾ منصوره منجهه آيو ۽ ڪافي عرصو اچي رهيو. (’ڪتاب الاغاني‘، ج 12، ص 860).
(5) ابو عباده وليد بن عبيدالبختري (المتوفي 284هه). ’حماسه‘ جي مصنف ابو تمام جو همعصر ۽ عرب جو شهره آفاق شاعر هو. ملتان ۾ ڪيتري وقت تائين سندس رهڻ ثابت آهي (’معجم البلدان‘، ج 51، باب س). منصوره جيئن ته واٽ ۾ هو، تنهنڪري ملتان ويندي ۽ اتان واپس ورندي ضرور منصوره ۾ آيو هوندو. از ان سواءِ منصوره نه ڇڙو ان وقت دارالسلطنت هو، ليڪن علم ۽ ادب جو به گهوارو هو.
(6) ابوالعباس احمد بن محمد بن صالح التميمي المنصوري. منصوره جو باشندو هو، ۽ پوءِ عراق وڃي رهيو. سمعاني ’ڪتاب الانساب‘ ۾ لکي ٿو:
”عراق ۽ فارس ۾ رهندو هو، ابوالعباس ڪنيت ڪندو هو، ۽ دائود الاصفهانيءَ جي مذهب جو مشهور امام هو. فارس ۾ پهچي هن الاثرم ۽ ان جي طبقي مان حديث جي سماعت ڪئي. کانئس الحاڪم ابوعبيدالله الحافظ (صاحب ’مستدرڪ‘) روايت حديث ڪئي آهي. سندس چوڻ آهي ته هن جيڪي عالم ڏٺا، تن سڀني ۾ هي نهايت ئي ظريف الطبع هو.“ (’ڪتاب الانساب‘، باب منصوره، ورق 243)
’المنصوري‘ جي عنوان هيٺ ابن نديم سندس سلسلي ۾ لکي ٿو:
”ابوالعباس ڪنيت، احمد نالو هوس، محمد بن صالح جو پٽ هو، دائود ظاهريءَ جي مسلڪ جو پيرو هو. دائودي مسلڪ جي جيد عالمن ۾ سندسن شمار ٿئي ٿو. جليل القدر تصنيفون ڪيائين، جن مان ڪي ته تمام عمديون ۽ ضخيم آهن. سندس ڪن ڪتابن جا نالا هي آهن: (1) المصماع ڪبير، (2) ڪتاب احادي، (3) ڪتاب السير. (فهرست ابن النديم، 360)
(7) ابو محمد عبدالله ابن جعفر ابن مره المنصوري المتري. هي صاحب جيد عالم ۽ پنهنجي دور جو مشهور محدث ٿيو. سمعاني لکي ٿو:
”سندس رنگ سياهي مائل هو. هن حسن ابن مڪرم ۽ ان جي معاصرن کان حديث جي سماعت ڪئي. کانئس حاڪم به روايت ڪئي آهي:“
(’ڪتاب الانساب‘، سمعاني، ص 243، باب منصوره)
(8) سنڌي ڪتابن جو عراقي مصنف. هن جي نالي جو پتو پئجي ڪونه سگهيو آهي. اصلي عراقي هو، ليڪن پرورش منصوره ۾ ٿيس. سنڌي زبان جو شاعر ۽ نثر نويس هو. قرآن جو سنڌي ترجمو ۽ اسلامي عقائد تي سندي نظم ۾ تصنيف ڪيائين، جنهن جو مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي. انهيءَ تصنيف جي عيوض کيس راجا ڇهه سـؤ مڻ سون ٽي دفعا انعام طور ڏنو هو. (’عجائب الهند‘، بزرگ بن شهريار، ج، 3 ليڊن)
(9) حڪيم ابراهيم بن فزارون. بغداد جو مشهور حڪيم هو. مخلن بن عبدالمهلبيءَ سان گڏ سنڌ ۾ آيو. ڪيترو وقت منصوره ۾ هو. ’تاريخ الحڪماء‘ ۾ سندس احوال هن ريت آهي:
”پنهنجي دور جو مشهور طبيب هو. فزارون جي اولاد مان هو. غسان بن عباد سان گڏ سنڌ ۾ آيو. ڪجهه عرصي تائين هتي رهي پوءِ واپس ويو. جيسين سنڌ ۾ رهيو هو، مور جو گوشت کائيندو هو. (’تاريخ الحڪماء‘، اردو ترجمو، انجمن ترقي اردو)
مٿيون اقتباس ’تاريخ الحڪماء‘، جي اردو ترجمي مان ورتو ويو آهي. ’تاريخ سنڌ‘ جي صاحب، ’تاريخ الحڪماء‘ جي مصري ڇاپي جي حوالي سان ان کان مختلف احوال ڏنو آهي، ۽ لکي ٿو:
”غسان بن عباد سان گڏ مشهور طبيب ابراهيم بن فزارون به سنڌ ويو هو. ان جو بيان آهي ته جڏهن غسان سنڌ ۾ آيو هو، ان وقت هن مور جو گوشت کاڌو، جيڪو کيس ڏاڍو پسند آيو. پوءِ جيسين اتي رهيو برابر مور جو گوشت کائيندو رهيو. هو چوندو هو ته خدا شاهد آهي ته مون سڄيءَ ڄمار ۾ اهڙو لذيذ گوشت نه کاڌو.“ (’تاريخ سنڌ‘، دارالمصنفين، ص 175، بحواله ’اخبار الحڪساء‘، 53، مصر)
غسان بن عباد مهلبي 213هه ۾ سنڌ جو والي ٿي آيو، ۽ 216هه ۾ واپس بغداد پهتو.
[”مهراڻ“ 1_1961ع]


ٺٽي ۽ ديبل جو تقابلي مطالعو
تاريخ طاهريءَ جي مصنف لکيو آهي ته ڄام نظام الدين تخت تي ويهڻ (25_ ربيع الاول 866هه) کان پوءِ ٺٽي جو شهر آباد ڪيو:
بخاطرش رسيد ڪه شهر نو، بوقت اسعد بنا بايد ساخت ڪه آنجا، خرّمي و خوشدلي هميشـﮧ وهمـﮧ وقت بوده باشد. برهمنان و منجمان اختر شناس ساعت سعيد ديده، در اطراف و پيرامون ساموئي گرديده، جائي ڪه شهر تته است، آن زمين را پسند طبيعت داشتـﮧ، بعرض جام بعرض نموده، بناءِ شهر تته نهادند...... الخ“
ليڪن اهو قول صحيح نه آهي. ڄام نظام الدين جي زماني کان ڪم و بيش ٻه سـؤ ورهيه اڳ ٺٽي جو شهر آباد ۽ سنڌ جو دارلسلام بڻجي چڪو هو.
لوور سنڌ ۾ جيڪي تاريخي شهر آهن، انهن مان اول ديبل ۽ ان کان پوءِ ٺٽي کي خاص اهميت ۽ شهرت حاصل رهي آهي. انهن ٻنهي شهرن جي سلسلي ۾، محققن جي درميان ڪئين مسئلا تصفيه طلب آهن، جن جو قطعي طرح اڄ سوڌو ڪوبه فيصلو ٿي نه سگهيو آهي. ان جو وڏو ڪارڻ هي آهي جو ڪنهن به ڪڍ پَئي انهن مسئلن جو حل تلاش ڪونه ڪونه ڪيو آهي. اهي منجهيل مسئلا هن ريت آهن:
الف_ ديبل انهن متعدد جاين مان واقعتاً ڪهڙي هنڌ آباد هو، جن ڏانهن قياس جي بناء سنڌالاجيءَ جي انگريز محققن اشارو ڪيو آهي؟
ب_ ديبل ڪڏهن برباد ٿيو؟
ج_ ٺٽو ڪهڙي زماني ۾ آباد ٿيو، ۽ ڪير ان جو باني هو؟
د_ ٺٽو جدا هنڌ تي آباد ٿيو يا ديبل جي ڊٺل ڍيرن مٿان آڏيو ويو؟
هه_ تاريخن ۾ ”ديبل ٺٽو“ گڏ نظر اچي ٿو، جو مطلب ڇا آهي؟
اهي سوال طي ٿي سگهن ٿا، بشرطيڪ تحقيقات جا سمورا جديد ذريعا انهيءَ ڏس ۾ استعمال ڪيا وڃن.
هن هيٺ اسان سال وار اهي ماخذ پيش ڪيون ٿا، جن ۾ ديبل خواهه ٺٽي جو ذڪر آيو آهي_ تاڪه پڙهندڙن کي معلوم ٿئي ته مسلمانن جي ڪتابن ۾ ديبل جو ذڪر ڪڏهن کان شروع ٿيو؛ ڪهڙي زماني ۾ ان جو نالو تاريخ جي صفحن تان گم ٿيو؛ ٺٽي جو نالو سڀ کان پهرين ڪڏهن تاريخ ۾ آيو؛ ۽ ديبل جي ختم ٿيڻ ۽ ٺٽي جي نروار ٿيڻ ۾ ڪيترن سالن جو وقفو پيو.
ديبل:
150هه: طرائف الادبيه (مرتبه: موالانا عبدالعزيز الميمني، مطبوع قاهره، سال 1937ع، صفحو 102) خالد قنّاص جو نائون نونيه قصيدو، جنهن کي ”عروس“ سڏيو وڃي ٿو، ان جي پهرين ٻن شعرن ۾ ديبل جو ذڪر هن طرح آيل آهي:
عو جو اعليٰ طلل بالُقفص خلاّني،
ءاقوي نقُطّانه ءاآل هيقان،
کالديبليات او اجل قراهيـة،
من بين ءاحمد يرعا ها و يثران.
’فُفُص (عراق جي تفريحي شهر) ڏانهن هلو! اي منهنجا دوستو! جيڪو ويران ٿي رهيو آهي، ۽ هاڻي منجهس شترمرغ جا ٻچا رهن ٿا. ديبل جي نيل گاين جيان، يا جنگلي نيل گاين وانگر، جيڪي لال رتيليون آهن، پاڻ جهڙن ڍڳن جي درميان.‘_ شايد ان دور ۾ ديبل جي آسپاس نيل گايون رهنديون هيون، جن کي ديبل جي نسبت سبب ”ديبليات“ سڏيو ويو آهي. اهو شاعر ٻيءَ صديءَ هجريءَ جي وچ ڌاري هو.
231هه: المعجم ما استعجم جي مصنف ابي عبيد عبدالله بن عبدالعزيز المتوفي 487هه، ديبل جي تحت هڪ شهر آندو آهي (569/3)، جنهن ۾ ديبل جو ذڪر آهي. اهو شعر ابن الاعرابي (محمد ابن رياد 150_231هه: زوکلي 365/6) کان ثعلب ٻڌو، جنهن کان ابوعمر (زاهد) ٻڌو، جنهن کان ڪتاب جي مصنف ٻڌي لکيو. شعر آهي:
کانّ ذراعَـﮧ المَشکُولَ منـﮧ،
سليبُ هن رجال الدّيبُلان.
’انهيءَ مٽڪي جي منهن جي گِرنوَ ٻڌي ويئي آهي، گويا ديبل جو ڪو (ڪارو) ماڻهو آهي، جنهن جا ڪپڙا لاٿا ويا هجن.‘_ معلوم ٿو ٿئي ته ديبل جا ماڻهو ڪارا هئا، جن جي ڪاراڻ کي، شراب جي پراڻي مَٽ جي اودي پڻ کي نمايان ڪرڻ لاءِ، بطور تشبيهه جي ڪم آندو ويو آهي. مصنف وڌيڪ لکي ٿو_ ”اهو شعر هڪ مَٽ جي تعريف ۾ آهي، مشڪل بمعنيٰ مشدود، ديبلان کان آهي ڪارن جي.“
250هه: المسالڪ و الممالڪ: 250هه_ از ابن خردازبـﮧ، المتوفي 300هه.
279هه: فتوح البلدان: بلاذري، المتوفي 279هه
287هه: تاريخ يعقوبي: احمد بن يعقوب المتوفي 287هه.
303هه: مروج الذهب: المسعودي، المتوفي 346هه: هي ڪتاب 332هه ۾ لکيو ويو ۽ پاڻ 303هه ڌاري هتي جو سفر ڪيائين.
303هه: التنبيهه و الاشراف: المسعودي، المتوفي 346هه.
331هه: صورت الارض: ابن حوقل، 331هه ۾ هندستان آيو.
340هه: المسالڪ و الممالڪ: اصطخري، 340 ۾ هندستان آيو.
372هه: حدودالعالم: مصنف نامعلوم. ڪتاب 372هه ۾ لکيو ويو.
375هه: احسن التقاسيم: بشاري مقدسي. 375هه ۾ ڪتاب لکيو ويو.
416هه: ڪتاب الهند: ابو ريحان بيروني، تاليف 416هه.
430هه: قانون مسعودي: ابو ريحان بيروني، المتوفي 440هه.
هي ڪتاب مسعود بن محمود غزنويءَ جي دور ۾ تصنيف ٿيو.
487هه: المعجم ما استعجم: ابي عبيد عبدالله بن عبدالعزيز البکري الا ندلسي، المتوفي 487هه. ديبل جي سلسلي ۾ ڪتاب جي مصنف جو قول مٿي ڏئي آيا آهيون.
510هه: فارس نامه: ابن بلخي، تاليف 510هه کان اڳ. مـﺆلف ذڪر ڪيو آهي ته بهرام گور بن يزدگرد بن شاپور ساساني (442_465م) کي ديبل ڏاج ۾ مليو. (تاريخ گزيده، کامل ابن اثير ۽ تاريخ غورالسير، لثعالبي وغيره ۾ پڻ اهو ذڪر آهي.)
549هه: نزهت المشتاق: شريف ادريسي، ڪتاب سال 549هه ۾ لکيو ويو. مصنف 493هه ۾ ڄائو.
562هه: ڪتاب الا نساب: سمعاني، متوفي 562هه.
578هه: طبقات ناصري: سلطان شهاب الدين محمد غوريءَ (بن سام) جو_ جنهن 578هه ۾ سنڌ کي فتح ڪيو _ ذڪر ڪندي، مصنف لکي ٿوي....و ديگر سال که (شهور) سنـﮧ ثمان [و سبعين و خمسمائـة] شد، سلطان غازي (محمد غوري) لشکر بطرف ديول برد، و تمام آن بلاد کنار بحور را، در ضبط آورد و اموال بستد و مراجعت فرمود..... (467).
607هه: ساڳيو مصنف ملڪ ناصرالدين قباچه جي مذڪور ۾، جنهن (22_جمادي الاول سن 625هه يا 19_ جمادي الاخر) جو، سلطان شمس الدين التمش جي هراس کان پاڻ کي بکر جي قلعي تان درياهه ۾ اڇلائي خودڪشي ڪئي، لکي ٿو:
”ملک ناصرالدين قباچه بادشاهه بزرگ و بندهء سلطان غازي (شهاب الدين محمد بن سام غوري) بود... بعد از حادثـﮧء سلطان قطب الدين [يبڪ 607هه] بطرف اچـﮧ رفت شهر ملتان راضبط کردند و سندستان و ديول تا لب دريا، جملـﮧ در تصرف او آمد. و قلاع و قصبات شهر هاءِ مملڪت سند را خود گرفت...“ (492).
613هه: چچ نامـﮧ: علي بن حامد الڪوفي، تاليف 613هه.
618هه: جلال الدين خوارزم شاهه، چنگيز خان جي چڙهائيءَ سبب، ملڪ ڇڏي، 8 شوال 618هه جو سنڌ ۾ داخل ٿيو، ۽ 619هه جو هتان واپس ويو. صاحب طبقات ناصري (تاليف 658هه) سندس ذڪر ڪندي لکيو آهي:
”جلاالدين خوارزم شاهه بزمين سند آمد، و بر طرف ديول و مکران رفت....“ (492).
618هه: جهان کشاي جويني: (تاليف 659هه) ۾ ساڳيو مذڪور هن ريت آهي: ”...و برجانب ديول و دمريله_ (مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽي جي قياس مطابق دمريله، مڪران جي سرحد تي هو)_ نهضت کرد. و چنيسر که حاڪم آن ولايت بود، بگريخت و در کشتي بدريا رفت. سلطان نزديک ديول و درميله فرود آمد... و سلطان در ديول، مسجد جامعي بنا فرمود در موضعي که بتخانه بود_“ (تاريخ معصومي: صفحو 286 بحواله جهان کشاي ج_2، ص ص 146_148. ترجمه انگريزي 11.Boyle Vol
B+416-17، آثارالوزراء عقيلي مطبوء طهران 1337 ش_ ص 271).
625هه: طبقات ناصريءَ جو مصنف، قباچه جي مرڻ بعد سلطان شمس الدين التمش (607_633هه) جي قضي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو: ....آن بلاد تا آپ محيط شد، و ملک سنان الدين (چنيسر) که واليء ديول و سند بود بخدمت درگاهه شمس الدين پيوست...(523).
626هه: معجم البلدان: ياقوت حموي، متوفي 626هه.
634هه: سلطان رضيه (634_637هه) جو ذڪر ڪندي طيقات ناصريءَ جو مـﺆلف لکي ٿو ته ”از ممالڪ لکهنوتي تا ديول همـﮧ ملوڪ و امراء انقياد نمودند...“ (537).
650 هه: العباب الزاخر و اللباب الفاخر: از اما صاغاني (متوفي 29_ شعبان 650هه، جمع جي رات) امام صاغاني ڪيترن سالن تائين سنڌ ۽ هند جي مختلف شهرن جو سفر ڪيو. هن ديبل جو شهر پاڻ ڏٺو. پهريون سفر 590هه کان 595هه تائين ڪيائين. 595هه ۾ سنڌ مان ٿيندو عراق هليو ويو. 606هه ۾ وري هندستان آيو ۽ 610هه ۾ موٽي حج تي هليو ويو. 613هه ۾ حج کان فارغ ٿي هندستان پهتو ۽ 615هه ۾ بغداد واپس ٿيو. وري 616هه ۾ خليفه الناصرالدين جو سفير ٿي التمش جي درٻار ۾ آيو. ڪتاب العباب لکندي، لفظ ’بکم‘ تي پهتو، جو 650هه ۾ اوچتو انتقال ڪيائين ۽ ڪتاب نامڪمل رهجي ويو. جيڪي شهر هن ڏٺا تن جو ڪتاب ۾ جابجا ذڪر ٿيل آهي_ چنانچه ديبل جي سلسلي ۾ هيٺين عبارت لکي ٿو، جنهن مان معلوم پيو ٿئي ته 650هه ۾ جنهن وقت ڪتاب هٿ ۾ هيس، ديبل موجود هو._ ”ديبل سنڌ جي شهرن مان هڪ قصبو آهي، جتي بندرگاهه آهي ۽ ٻيڙا پڳهه ڪن ٿا. هتان جا عام رهاڪو نيڪ طينت آهن، پر قديم امير ۽ حاڪم، خواهه هاڻوڪا حاڪم ۽ امير بدباطن آهن. بحري ڌاڙيلن سان سندن تعلق آهي، ۽ لُٽ ڦُر جي مال مان پنهنجو حصو اڳاڙيندا رهن ٿا.“_ (عربي عبارت ڏسو معارف نمبر 3، جلد 83، ص 223. ڪتاب جو روٽو گراف سينٽرل اسلامڪ ريسرچ انسٽيٽيوٽ ڪراچيءَ ۾ موجود آهي. تاج العروس ۾ زبيديءَ مادهء دبل ۾ مٿين عبارت کي نقل ڪيو آهي. صاحب تاج العروس قصبي جي بجاءِ ديبل کي سنڌ جو پايهءِ تخت ڄاڻايو آهي.)
658ههءَ طبقات ناصري: قاضي منهاج سراج جزجانيءَ 658هه ۾ مرتب ڪئي. پاڻ ڪيترو وقت قباچه وٽ اُچ ۾ رهيو. هن ديبل جو ذڪر ڪيو آهي جيڪو مٿي ڏنو ويو آهي. (اسان جي سامهون آقاي حبيبيءَ جو پهريون ايڊيشن آهي.)
659ههءَ جهانڪشاي جويني: از عطا ملڪ جوي ني. تاليف 659هه_ هن ۾ جلال الدين خوارزم شاهه جي آمد جو ذڪر ٿيل آهي. جيڪو مٿي ڏيئي چڪا آهيون.
682هه: آثارالبلاد: قزويني، متوفي 682هه. هن جو ماخذ اصطخري آهي.
734هه: رحله ابن بطوط: 734هه ۾ لاهري بندر تان لهي سيوهڻ آيو، ديبل جو ذڪر ڪونه ٿو ڪري.
740هه: نزهت القلوب: حمدالله مستوفي. ڪتاب 740هه ۾ تاليف ٿيو.
749هه: مراصد الا طلاع: از صفي الدين بغدادي (متوفي 749هه). هي ڪتاب معجم البلدان ياقوت جو اختصار آهي.
821هه: صبح الا عشيٰ: قل قشندي، متوفي 821هه. چوٿين جلد ۾ امام صاغاني جي ڪتاب، العباب الذاخر جي حوالي سان ديبل جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
پويان چار ڪتاب قديم ڪتابن تان ورتل مواد تي انحصار رکن ٿا، انهن ۾ ذڪر اچڻ سبب اهو نه سمجهڻ کپي ته ديبل انهيءَ زماني تائين موجود هو.
مٿئين سال واري نقشي مطابق، امام صاغانيءَ ۽ منهاج سراج جي قول مان ثابت ٿئي ٿو ته ديبل 650هه-658هه تائين موجود ۽ آباد هو. البت دار ا لسلطنت جي بجاءِ قصبو بڻجي چڪو هو، جيئن امام صاغانيءَ ڄاڻايو آهي. 734هه ۾ جڏهن ابن بطوطه آيو تڏهن ديبل يا ته صفا برباد ٿي چڪو هو يا ان جي بندرگاهه واري حيثيت ختم ٿي ويئي هئي، جنهنڪري ابن بطوطه لاهري بندر تان لهي سڌو سيوهڻ آيو. گويا منهاج سراج کان پوءِ ابن بطوطه تائين جو جيڪو منيءَ صديءَ جو عرصو گذريو، ديبل جو وجود انهيءَ عرصي اندر ختم ٿيو.
ديبل جي سلسلي ۾ سلسليوار حوالا مٿي نظر مان گذري چڪا.هن بعد ساڳيءَ ترتيب سان ٺٽي جا حوالا ڏجن ٿا، جنهن مان ٺٽي جي قدامت، ۽ـ ديبل ۽ ٺٽي جي درميان جيڪو سالن جو وقفو آهي، اهو ظاهر ٿي ويندو.
ٺٽو:
571هه: سلطان شهاب الدين محمد بن سام غوريءَ، بقول مبارڪ شاهي (تاليف 838هه) ٺٽي ۽ اُچ تي چڙهائي ڪئ.
”.... در سنـﮧ احديٰ و سبعين خم سمايه سمت اُچه و تهتـﮧ و ملتان لشڪر ڪشيد، طايفئـﮧ تهتـﮧ درحصار اُچّه محصّر شده با سلطان محاريه ڪردند....“ (ص 6)
طبقات ناصريءَ ٺٽي جي بجاءِ ديبل لکيو آهي. آثارالوزراء (عقيلي) ۾ وزير نظام ا لملڪ جنديءَ جي تحت آهي:
”....چون سلطان شهاب الدين غوري فتح ممالڪ هند نمود آن ملڪ را بغلامان خود سپرد... و تته و اُچه را به سلطان ناصرالدين قباچه داد...“ (329).
طبقات اڪبريءَ ۾ لکيل آهي ته:
”.... سال ديگر (578هه) بطرف ديول ڪه عبارت از تهته است، لشڪر برده تمام بلاد بحر را در ضبط در آورده...“.
تاريخ مبارڪ شاهيءَ ۾ ڄاڻايل ٺٽي جي لفظ لاءِ ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم و مغفور جو خيال بلڪل صحيح آهي ته دراصل اهو ٺٽو نه بلڪ ”بهاتيه“ آهي. (حاشيو معصومي)
حقيقت ۾ پوئين دور جا مـﺆرخ، ٺٽي جي مرڪزي حيثيت ۽ شهرت کي ٻڌي، ديول ۽ ٺٽي جي مابين ڪوبه تفاوت ڪري نه سگهيا آهن.
667-671هه: ديوان تحفـﮧالصغر: امير خسرو (تولد 651هه_ وفات 725هه). هي ديوان 16 کان 19 ورهين جي عمر تائين چيل غزلن کي مرتب ڪري، امير خسرو تيار ڪيو. ان ۾ هڪ غزل آهي، جنهن جي مطلع ۾ ”تته“ جو قافيو آندو اٿائين.
سروِ چو تو، در اُچه و در ’تته‘ نباشد،
گل مثلِ رخِ خوبٍ تو، البته نباشد.
(از تحفـﺔ ا لصغر (671هه) ڪليات عناصر دواوين خسرو، نولڪ شور، ڪانپور (1916ع).
امير خسرو، خان شهيد وٽ ملتان ۾، (678_683هه) پڻ هو. صدرالدين بن بهاءالدين زڪريا ملتاني انهيءَ دور جو آهي. قلندر لال شهباز ڪجهه وقت لاءِ ساڳئي خان شهيد وٽ رهي، پوءِ هتي سيوهڻ ۾ آيو.
مٿي ڏنل شعر مان صاف ظاهر آهي ته ٺٽو 667هه ۽ 671هه ۾ نه فقط آباد، مشهور ۽ معروف هو، بلڪ ايترو بارونق ۽ متمدن شهر هو، جو شاعر، اتان جي خوبصورت گلن ۽ سرو قد سهڻن جي تشبيـﮧ پنهنجي محبوب جي تعريف ۾ ڪتب آندي آهي.
669هه: سلطان غياث الدين بلبن (64_686هه) جو پٽ محمد قاآن، جنهن جو ذڪر مٿي ٿي چڪو، 668هه ۾ ملتان ۽ سنڌ مٿان حاڪم ٿي آيو. 683هه ۾ مغلن جي لشڪر سان مقابلو ڪندي شهيد ٿيو ۽ تاريخ ۾ ”خان شهيد“ جي عرف سان مشهور ٿيو، ان جي حدن جو ذڪر ڪندي، صاحب تاريخ مبارڪ شاهي (تاليف 838هه) لکي ٿو ته: ”....از مالم تا حد جناتي اقطاع او داخل ملتان بود.... جناتي شخت کروه از تهتـﮧ پيشتر برسرِ درياست....،(42).
705هه: مکاتبات رشيدي: از خواجه رشيدالدين فضل الله طبيب. مشهور وزير (باقا خان ۽ غازان خان) ۽ معروف مـﺆرخ (مولف تاريخ رشيدي) جنهن کي سلطان خدا بندي 710 ۾ قتل ڪرايو.
خواجه مذڪور پنهنجي پٽ عزيزالدين ابراهيم حاڪم شيراز ڏانهن لکيل هڪ خط ۾، لاهور ۽ سنڌ تي مغلن جي حملي جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جي ڪمان سندس ٻيو پٽ جلال الدين خواجه (حاڪم اصفهان) ڪري رهيو هو. انهيءَ خط ۾ ٺٽي جو نالو ورتو ويو آهي.عزيزالدين کي پڻ 18_ جمادي الاول 718هه (گزيده 1_603) جو خدا بندي قتل ڪرايو. سندس گهر ۾ علاءالدين بادشاهه هند (695_715هه) جي نياڻي هئي.
مولانا محمد شفيع مرحوم (مرتب مکاتبات رشيدي) جو خيال آهي ته مذڪوره خط ۾، مغلن جي جنهن حملي جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اهو 705هه جي لڳ ڀڳ ٿيو هوندو. خط جي ضروري عبارت هن ريت آهي: ”...فرزند جلال (جلال الدين خواجه، حاڪم بلدهُ اصفهان).... قلعه لهاور را.... باندک حملئه که کرده، مسخر ساخت. و از انجا باجماعتِ امراي مغول بطرف ولايت سنده متوجهه شد. طايفهء مخاذيل که درسلک (کذا) انتظام يافته بودند و در شغور ولايتِ مذکور جمع آمده و در راه لشکر ايران، دام خديعت انداختـﮧ و چون شيران آدمي خوار کمين ساختـﮧ، چون دانسند که قهرمانانِ لشکر ايران و قلب شکنانِ جند ايلخان، همهمـﮧء افراس را نواي قانون و غناي ارغنون مي شمرند، و جُمجمـﮧء راس را کاس صهبا و جامِ حُمَيّا مي پندارند، وصفِ هيجا و قلب وغا چون دريا در جوش، و چون رعد در خروش مي آيند، چون باد، روي يهزيمت نهادند، و درجزاير و آجام مختفي شدند. و امراي مُغول بتالانِ مثال و مواشي و تاراجِ جوانب و حواشي مشغول گشتند. اما فرزند جلال، چون رُجوم نجوم که درپي عفاريت رانند و روند، درپي ايشان بشتافت. و آن جماعت را بحدود جزاير بکّر و اُچّه و دِحال لاهري و ”تته“ بتافت... الخ“ (ص 325).
720هه: سلطان قطب الدين مبارڪ شاهه (716_720هه) بن سلطان علاوالدين خلجي (695_715هه) کي خسرو ملڪ 720هه ۾ قتل ڪري تخت تي ويٺو. جنهن کي وري ساڳئي سال سنڌ جي گورنر غازي ملڪ تههِ تيخ ڪيو، ۽ هو پاڻ سلطان غياث الدين تغلق (متوفي 725هه) جي لقب سان تخت نشين ٿيو. تحفـﺔ الڪرام جو قول آهي ته انهيءَ دور ۾ ٺٽي تي سومرن قبضو ڪيو. (تڪ فارسي_ تخت غازي ملڪ).
752هه: سلطان محمد تغلق ٺٽي کان چوڏهن ڪوهه پري هو، جو پلو کائي بيمار ٿيو ۽ 21_ محرم 752هه جو فوت ٿيو. سلطان فيروز انهيءَ جاءِ تي (23_ مارچ 1351ع) تخت نشين ٿيو ۽ سندس لاش کڻائي سيوهڻ کان ٿيندو دهليءَ هليو ويو. تاريخ مبارڪ شاهيءَ جو مصنف لکي ٿو: ”.... معهذا قصد تهته کرده تا طغي راکه آنجا گرفتـﮧ به آن طايفه بدست آورده بکشد... چوڻ سلطان نزديک تهته رسيد باز همان زحمت عود کرد بيست و يکم ماه محرم سنـﮧ ائنين و خمسين و سبعمائه برلبِ آب سند، برحمت حق پيوست....“ (117).
63_764هه: تاريخ فيروز شاهي: عفيف برني (تاليف 801هه). سلطان محمد جي وفات بعد فيروز تغلق دهليءَ مان ڪاهه ڪري ٺٽي تي آيو. تاريخ فيروز شاهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته ٺٽو عظيم شهر هو. قلعو ايترو مضبوط هو، جو ان جو فتح ڪرڻ مشڪل ٿي پيو. پهريون دفعو فيروز مايوس ٿي واپس ويو، ٻئي دفعي ٺهي جُڙي آيو. عفيف جو قول آهي ته ”ٺٽي جو ڄام مجبور ٿي سيد جلال الدين جهانيان جهان گشت کي اُچ مان گهرائي، وچ ۾ وجهي، سلطان فيروز سان صلح ڪري پيش پيو.“ ليڪن عبارت جي انداز مان ظاهر پيو ٿئي ته جهانيان جهان گشت کي گهرائڻ ۾ سلطان فيروز جو به هٿ هو. بهرحال هتي ته اهو موضوع خارج از بحث آهي. هن هيٺ اسان اهي سڀيئي عبارتون نقل ڪيون ٿا، جن مان ظاهر ٿيندو ته ٺٽو تمام وڏو ۽ مضبوط شهر هو_ ٺٽي جو قلعو ناقابل تسخير هو_ قلعو ايترو ته وسيع هو جو منجهس لکين لشڪر رهي سگهيو ٿي_ سنڌي لڙائيءَ جا جوڌا ۽ ڪوڏيا هئا_ حب الوطني ۽ وطن جي دفاع جي احساس جي شدت، انهيءَ حد تائين منجهن هئي جو سنڌ جي عامي ماڻهن به پنهنجي جان قربان ڪرڻ کان ڪين ٿي ڪيٻايو. چنانچه ڪڇ جي ”ڪونجي“ رڻ ۾ رهبر ٿي رولڻ جو واقعو ان جو شاهد آهي.
”....آباداني تهتـﮧ در دو محل بود، يک محل کرانـﮧ لبِ آب سنده جانبِ دهلي دوم محل گذار لبِ آب سنده. جانب تهتيان بسيار و بيشمار مرد انموه، هر يکي باشکوه بلکه هر يک تن چو انجمن بود باگرانيء کوه، جمله مرد جنگي. چنانچه از احوال قوت و جلادت ايشان، ميان جهان و جهانيان معلوم و روشن. دران ايام جام برادر راي اُنر و بانبهنـﮧ برادر زاده او، ضابط تهتهه بودند. انواع رعنائي در ميدان خود نمائي مين مودند... جميعت بسيار جمع کردند، ولايت ايشان بسيار و بيشمار است.“ (عفيف ص 199)
جڏهن جنگ شروع ٿي، ان وقت جي ڪيفيت بيان ڪندي، مـﺆلف لکي ٿو:
”....جام و بانبهنـﮧ خود کام، با جميعت تمام مستعد شده، باسوار بسيار و بيشمار از ميان بيرون آمدند.... (201)
”..... و جميعت تهتيان موارنـﮧ بيست هزار سوار جرار_ هر يکي در زور دلاوري کند آورِ روزگار_ و موازنـﮧ چهار لک پياده نامدار يا اين جمعيت فراوان وقوت بي پايان طائفه تهتهيان در آويز کردن نمي توانستند....(202)
”....تهتهيان با آن قوت بي پايان درون حصار ميخزيدند...“(203)
انهيءَ دفعي جنگ مان فيروز، ناڪام، مايوس ۽ نامراد ٿي دهليءَ هليو ويو، ۽ وري ٻيهر موٽي آيو. انهيءَ سلسلي ۾، تاريخ مبارڪ شاهيءَ جو قول آهي:
”....آن (فيروز) نگر کوت را فتح کرده از آن جا عزم تهتـﮧ نموده. چون در تهتـﮧ رفت، جام بانبهنـﮧ کـﮧ ضابط تهتـﮧ بود، بقوت آبگير محصر شده، مدتي محاربـﮧ کردند.... بضرورت ناچار، بعد کوشش بسيار جانبِ گجرات روان شد....“ (ص 131)
765هه: تاريخ فيروزشاهي: عفيف (تاليف 801هه). پهرينءَ ڪاهه وقت سلطان فيروز جي لشڪر ۾ نوي هزار سوار، چار سـﺆ اسي هاٿي، ۽ پنج هزار ٻيڙيون ۽ بي انداز پيادا هئا. ۽ ڄام وٽ ويهه هزار سوار، ۽ چار لک پيادا هئا (1). ڄام جو اهو سڄو لشڪر ٺٽي ۾ قلع بند هو. ان مان قلعي ۽ شهر جي وسعت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. ٻئي حملي لاءِ عفيف لکي ٿو:
”.... و طائفـﮧء سندهيان با قوت فراوان و جلادت بي پايان، گذاري لبِ آبِ سنده تا هفتاد ڪروه بحر، سوار و مرد جر اّر حائل بودند. در قسم هوشياري و بيداري ڪوشش مينمودند، گذار شدن ممڪن نبود.... (ص 234 عفيف)
”.... ملڪ عمادالملڪ و ظفر بالشڪر فراوان و افواج بي پايان، صد و بيست ڪروه باز گشتـﮧ فرود بهکر گذار شده در زمين تهتهيان در آمده. تهتهيان نيز با جميعت انبوه سوار و پياده باشڪوه، از درون حصار بيرون آمدند. ميان هر دو طرف جنگ سخت شده ڪـﮧ در تحرير ناگنجد. و سلطان فيروز درين بر بود. اگرچـﮧ حصار تهتـﮧ مينمود....“ (ص 235).
ٺٽي جي لشڪر کي فيروز جو اهو ڪٽڪ زير ڪري ڪونه سگهيو. آخر نئون لشڪر دهليءَ کان گهرائڻو پيس (ص 236). ۽ تقريباً سڄيءَ مملڪت مان آد مذات اچي گڏ ٿي (37_238). عفيف جو چوڻ آهي ته: ”ٺٽي وارن وٽ جيڪو آنّ هو سو هنن فيروز کي پهرئين دفعي ڀڄائي ڪڍڻ کان پوءِ، بي اُلڪو ٿي پنهنجن زمينن ۾ ٻج ڪري وجهي ڇڏيو هو. هيءَ جو مٿن اوچتو خلاف اميد ٻي چڙهائي ٿي، ان لاءِ نه هو تيار هئا ۽ نه وٽن کاڌ خوراڪ جو پورو بندوبست هو. مقابلا ۽ مجادلا ڪندي آخر ڏڪار ۾ مبتلا ٿيا. تنهنڪري ’ڄام ۽ بانبهنـﮧ‘، سيد جلال الدين جهانيان گشت کي اُچّ مان خاص ماڻهو موڪلي گهرايو. (ص 240)
عبارت جي انداز مان ائين پيو بکي ته سلطان پاڻ سيد ڏانهن ماڻهو موڪليو هو (ڏسو صفحو 241_242_). آخر سيد صاحب جي وچ م پوڻ ڪري صلح ٿيو، ۽ بقول عفيف جي، ڄام ۽ بانبهنه، فيروز جي اچي پيش پيا. ”انهي طريقي“ جي فتح تي، عفيف بيت لکيو آهي، جنهن ۾ ٺٽي جو نالو اچي ٿو:
هم تهتـﮧ بدست آمد و هم ڪار فراهم شد
المنـﺔ للـﮧ ڪـﮧ، اين هم شد و آن هم شد. (ص 247)
ڄام ۽ بانبهنـﮧ کي فيروز پاڻ سان دهليءَ ورتيون، ۽ ٺٽو ڄام جي پٽ ۽ تماچيءَ برادر بانبهنـﮧ (پسر ڄام و تماچي بردار بانهبنـﮧ) جي سپرد ڪيائين (ص 247)، جن چار لک تنڪا ساليانو خرچ ڏيڻو ڪيو.
عفيف جو چوڻ آهي ته اها (ٺٽي ۽ گجرات جي) سر زمين فيروز شاهه جي دور ۾ فتح ٿي، جنهن کي سلطان معزالدين (شهاب الدين) محمد سام جي زماني کان وٺي هن وقت تائين ڪوبه فتح ڪري ڪونه سگهيو هو. سلطان علاوالدين خلجي (695_715هه) پنهنجو ڪٽڪ سلطان روم خواهه سلطان حسين جي امدادي لشڪر سميت ڪاهي آيو، تاهم فتح نه ڪري سگهيو. (ص 251)
انهيءَ فتح تي عفيف ٻيو شعر پڻ چيو آهي، جنهن ۾ ٺٽي جو نالو آهي:
منصور جي تاريخ جو هڪ باب
در تهتـﮧ چو شاهه رخ نهاده،
شاهانش دويده پا فتاده،
آورده همـﮧ برابر خويش،
گنجينـﮧ بداديش ز حد بيش. (ص 253)
دهليءَ اندر جن جاين ۾ جامن ۽ سندن ماڻهن کي رهايو، ويو ان جو نالو ”سراي تهتـﮧ“ مشهور ٿي ويو هو (ص 253).
انهيءَ پوئينءَ فتح جي سلسلي ۾ تاريخ مبارڪ شاهيءَ جي تحرير هن ريت آهي:
”....چون سلطان، بار دوم در تهتـﮧ رفت، جام بابنهنيه امان خواست بحضرت پيوست و بمر اهم مخصوصي شد. سلطان او را باتمام مقد مان آن طرف، برابر خويش در دارالملڪ دهلي آورد. چون مدتي خدمت ڪرد، سلطان باز جام را اقطاع تهتـﮧ داد. و با ترتيب تمام روان گردانيد...“ (ص 131).
765هه: قصائد مطهر ڪڙه: (متوفي در حدود. 790هه) مطهر شاعر ڪڙي جو ويٺل ۽ فيروز شاهه تغلق جو مدح خوان هو. ملڪ الشرق عين الملڪ ماهرو_ جيڪو ان دور ۾ ملتان ۾ صوبه دار هو ِان جي مدح ۾ پڻ سندس قصيدا آهن. مطهر ٻه قصيدا فيروز تغلق جي مدح ۾ چيا آهن، جن ۾ ٺٽي جو ذڪر موجود آهي. انهن قصيدن مان ٺٽي جي اهميت ۽ مدنيت واضح ٿئي ٿي. هڪ قصيدي ۾ فيروز شاهه جي فتوحات، اخلاق، حسن انتظام وغيره جي تعريف ڪندي، ٺٽي جو ذڪر هن ريت ڪري ٿو:
و ز جملهء فتوح، گُل فتح، تهتـﮧ بود،
ڪز استماع آن همه خلق انتشار، بود.
فتحي ڪه در هواد ئي همت، قلاده بست،
فتحي ڪه در سواعدِ دولت، سوار ڪرد.
فتحي ڪه ني تهمتنِ ايراني، آنچنان،
در عمر، ني سڪندر رومي نجار ڪرد.
در موضعي چنان ڪه ز سختيءَ او سپهر،
انگشت حيرت از سر دندان فگار ڪرد.
دريا و پنج آب، زهر چار سوي او،
گشته يڪي دو چشمِ تو چندانڪه ڪار ڪرد،
ڪشتيء بي نهايت و مردان بي قياس،
هر يڪ يلي ڪه نيزه چو رستم گذار ڪرد.
جيشي چو مار و مور، ڪه هر يڪ براي تير،
برخاشِ چشم مور و هدف، گوشِ مار ڪرد.
شاهه جهان ڪه خاطر او هر مهم ڪه خواست،
ڪردن ڪفايت از ڪرمِ ڪردگار ڪرد.
همت چو برڪشادنِ اين جايگاه بست،
آثار خسروي بجهادش جهار ڪرد.
چندان سپاه برد، ڪـﮧ از سم مرڪبان،
صحرا ستوده آمره دريا غبار ڪرد.
هر روز نهب و غارت و هردم نبرد و جنگ،
ميڪرد تا ديار عدو، پُر دمار ڪرد.
تاعاقيت چوڪار، بسڪّانِ آن مقام،
در اضطراب آمد و حال اضطرار ڪرد.
دادند سر بطاعت و جستند امان شاه،
شه داد امان و برڪرم اميد وار ڪرد.
صفدار سنده ’بانبهنيا‘ را و راي ’جام‘
اندر رڪاب باهمه خلق و تبار ڪرد.
تنها نه اين فتوح، ڪـﮧ در هر ولايتـﻶ،
صدا اين چنين فتوح، دگر بر مرار ڪرد.
حصرِ صفات شاه، چو در وسع، عقل نيست،
ميخواهم از ثنا، بدعا اختصار ڪرد.
تا باد صبحگاه، در ايّام نوبهار،
دامان خاڪ پر گوهر آبدار ڪرد.
يادت بهار عيش منوّر، ڪـﮧ درجهان،
بخت، تو خاڪ، تيره چو مشڪ تتار ڪرد.
خاص ٺٽي جي فتح تي مطهر هيٺيون ترڪيب بند چيو آهي:
بزمي است بهر سوي و نشاطي بهر سري،
باغي بَهَر رهـَﻶ و بهشتي بَهر دري،
هر جا نهاد نخلي و هرجائي مجمري،
هرجاني صراحي و هرسوئي ساغري،
هر يڪ چنان ڪـﮧ درشب تاريڪ اختري،
مـﮧ روئي و مشڪ موئي و شڪر خنده، شمع تاب.
هر لعبتـﻶ نطيف، چو نورسته نارون،
گل روئي سرو قد و سمن، ساق و سيمتن،
شڪر لبـﻶ، ڪـﮧ شهد شود، در لبش، لَبَن،
آرد نبات را ز هوَس، آب در دهن،
چشمان و ابروان و بر و بازوان و تن،
چون نرگس و بنفشه و نسرين و نسترن،
رفتار شان، قيامت و گفتار شان فتن،
ديدار شان بهشت و جدائي شان، غذاب.
تا نهضت رڪاب همايون، شنيده اند،
خاصان و خاصگان ڪـﮧ درين جائـﻶ بوده اند،
صد گون عيش و عشرت و شادي فزوده اند،
صد گون (1) عوس به بستن اذي (2) نموده اند،
سرهائـﻶ قبه، برسر افلاڪ سوده اند،
و اعلام او بعالم علوي شنوده اند،
گوئي ڪـﮧ: گوي حسن، ز جنت ربوده اند،
اين قبها بزينت و اين ڪلّها بتاب.
هر قبّهء چو گنبد گردون چمبري،
نقش و نگار او همه مريّخ و مشتري،
پوشيده اند، رنگ همه شقر و شستري،
از سبز و سرخ و زرد و بنفش و مصعفري،
سقف و ستون او، همه از زراّ جعفري،
.... .... .... ....
.... .... .... ....
نـﻶ نـﻶ ڪـﮧ شهر نيست، بهشتـﻶ است دل پذير،
آراسته بسندس و استبرق و حرير،
حوران در و ڪواعب اتراب، بـﻶ نظير،
سلسال و سلسبيل درو چشمه و غدير،
و ز شربت و شراب، خميرش در آبگير،
جاري هزار جوئـﻶ مـﻶ و انگبين و شير،
آبش همه گلاب و گلابش همه عبير،
خشتش ز زرّ سرخ و زمينش ز سيم تاب.
اڪنون ڪـﮧ از شڪوه شهنشام روز جنگ،
باز ظفر رڪاب عدو ڪرد، چون ڪلنگ،
مائيم و صحن گلشن و صهبائـﻶ لاله رنگ،
و آواز نائي نغمهء رود و نوائـﻶ چنگ،
با ساقيان دلبر و باشاهدان شنگ،
در سايهاي تيره و در جايهاي تنگ،
ايمن زدرد و اندره و فارغ ز نام و ننگ،
ڪـﮧ در نشاط و نوش و گهـﻶ درخمار و خواب.
.... .... .... ....
.... .... .... ....
فيروز شد ڪـﮧ افسر شاهان عالمَ است،
مهدي تاج بخش و سليمان خاتَم است،
دست و دِلش ڪـﮧ محيي ابناي آدم است،
ترياڪ و نوشدارو و اڪسير اعظم است،
فيض سڃاب لجّهء درياي قلزم است،
دستش بگاه جود و سنانش گه، حراب.
شاهي ڪـﮧ چرخ مسند و خورشيد افسر است،
سلطان شش جهات وشـﮧ هفت ڪشور است،
در فرّ وبال، همچون، فريدون و نوذر است،
در رزم و بزم همبر، سام و سڪندر است،
ڪشور ڪشا و خصم ڪُش و ملڪ پرور است،
دانش پـژوه و دين طلب و داد گستر است،
ڪين توز و تاج بخش، چو محمد و سنجر است،
صفدار و سرفراز چو سام و فراسياب.
ديدي ڪه شـﮧ چه معجزه بنمود در جهاد،
ڪانصاف رزم بستد و داد نبسرد داد،
در يڪ لگام ريز ڪـﮧ شد دروغا نهاد،
اقليم سنده و مملڪت و مولتان ڪشاد،
فتحـﻶ نمود رو ڪه، نه دارد ڪسـﻶ بَه ياد،
ز امروز تا زمان ڪيومرث و ڪيقباد،
بشنو ڪنون، حڪايت اين فتح باعتقاد،
تا گويمت تمام، بايجاز و انتخاب.
’تهته‘ ڪـﮧ آن جزيرهء، بلائيست پُر ڪهف،
درياش يڪ طرف شد و پنج آب يڪ طرف،
صحراش بـﻶ نبات و بيابانش بـﻶ عَلَف،
زرها در و تبه شد و اقليمها تلف،
ڪشتي ڪوه ڪاف بگردش ڪشيده صف،
جنگ آوران بدوهمه شمشيرها بَڪف،
در موج او نه مدخل ماهي ونـﻶ ڪشف،
براوج او نه مهبط شاهين ونـﻶ عقاب.
صفدار ”سنده“ ’بابنهان‘ ڪـﮧ در سنده مقام،
باسر فراز ”رائي تماچي“ و ”رائي جام“،
برگردشان، زخيل و تبار و خواص و علم،
جيشي ڪثير همچو هجوم نجوم شام،
غيراز يلان جلد و جوانان تيزگام،
هر يڪ بسان رستم و اسفنفد يمار و سام،

القصه اين سران ولايت همه تمام،
يڪجان و يڪ زبان شدم، در همچينن حراب.
برحڪم آن غرور ڪـﮧ داريم جائـﻶ تخت،
اسپان بادپاي و فراوان سلاح و رخت،
بالشڪر گران ڪـﮧ ڪند، ڪوه لخت لخت،
برخاڪبوس مانده درين بندگي، سخت،
بر تمافتند روئـﻶ بتلقين تيره بخت،
هر تبغ و نيزه شان چو يڪـﻶ شاخ از درخت،
شاه جهان ز خنجر خونريز ڪينه اخت،
و انديشه ڪرد، ڪردن آن جايگـﮧ خراب.
چندان سپاهه برد ڪه، دريا و دشت ڪوه،
از سمّ اسپ و آهن و فولاد شد ستوه
صفها ڪشيده خيل اميران گران شڪوه،
هر يڪ صفـﻶ چو سدّ سڪندر بصد ڪروه،
باهول و هبتي ڪه ڪند، شوڪت و شڪوه،
در لرزه بُد زمين و دل مرد، دين پـژوه،
ميخواستند، صبحد مان بر دم خروس،
ڪز بيخ بر ڪنند بيڪ بار آن خراب.
.... .... .... ....
.... .... .... ....
ڪان قوم هم بسهم سيه رويء تافتند،
تا ڪرده رزم سينه ز هيبت شگافتند،
چندان ڪه چاهه غور، ڪز انديشه ڪافتند،
جز عجز و مسڪنت، ره ديگر، نيافتند،

لايد رسن ز موي سر و ريش بافتند،
بردند روي عجز، بدرگاهه آن جناب.
شاه جهان به موجب آن جمله را نراخت،
وزجاه و منزلت، سرشان بر فلڪ فراخت،
اسپان تنگ پشت، بزرّين ستام و ساخت،
و اجناس جامها ڪه در و لعل و در نشاخت،
چندان بداد شان، ڪه نه ڪس حدّ آن شناخت،
ني حدّ، آن بَد يِد، اگر جان و تن گداخت،
ابري ز جود، برسر آن بستگان بتاخت،
ڪز فيض گشت غرقهء احسان بجمله باب.
آري چنين ڪنند، سلاطين شڪار ها،
و ز بخت شان، برآيد ازين گونه ڪارها،
اين ست آن فتوح، ڪه در روز گارها،
مانند خسروان، جهان، ياد گارها،
زين گونه ڪارها ست ڪه رفته ست بارها،
صيت شهان و نام مهان در ديارها،
تنها نه آن حصار، ڪه چندين حصارها،
ڪرده است، شاه فتح، بيڪ جنبش رڪاب.
.... .... .... ....
.... .... .... ....
ابن خسرويء ڪه برسر تاج ڪيان توئي،
تخت آسمان و اختر آن آسمان توئي،
جسمي است نـﮧ فلڪ، ڪه در و نور جان توئي،
دارا توئي، قباد توئي، اردوان توئي،

عيسيٰء عهد و مهدي آخر زمان توئي،
ڪز تيغ تست، فتنهء دجّال را جواب.

گرمن قلم ز جملهء شاخ، گيرا ڪنم،
دريا دوات سازم و دفتر سما ڪنم،
پس خواهم اين ڪـﮧ حق مديحت قضا ڪنم،
هر لحظه دفتري دو سه اندر ثنا ڪنم،
با اينڪ اين، بمدت نا منتها ڪنم،
حرفــﻶ ز دفتري نتوانم ادا ڪنم،
چون عاجزم ز مدح سزد، گر دعا ڪنم،
زيرا دعائــﻶ عاجز مسڪين ست مستجاب.
شاها، حيات و دولت و مملڪت دوام باد،
چرخ، بزينت از بُن دندان غلام باد،
ماهت نگين خاتَم و خورشيد جام باد،
ساقيست خضر، و چشمهء حيوان مدام باد،
رايات تو ز نصرت تو، بر دوام باد،
ز اڪنوش تا قيام، قيامت قيام باد،
تخت، تو تازه روئي و دلت، شاد ڪام باد،
فرّ تو ڪامگار و شڪوه تو ڪامياب (1).
786هه: ٺٽي جي شيرازي انجوي ساداتن جا وڏا سيد محمد ۽ سندس پٽ سيد احمد 786هه ۾ شيراز ڇڏي، قنڌار، سيوهڻ ۽ ساموئي کان ٿيندا قاضي نعمت الله عباسيءَ سان رشته داريءَ سبب ٺٽي ۾ قاضين جي محلي ۽ جاين ۾ اچي آباد ٿيا.
حافظ شيرازي رحمـﺔ الله عليـﮧ، سيد محمد سان گڏجي شيراز مان سنڌ اچڻ لاءِ هليو، ليڪن سيد محمد کيس قنڌار مان موٽائي شيراز موڪليو، جتي 791هه ۾ سندس انتقال ٿيو: اهو ساڳيو سال آهي (91_790هه) جنهن ۾، مطهر ڪڙو به فوت ٿيو، جنهن جا ٻه قصيدا مٿي ڏيئي آيا آهيون.
سيد محمد ۽ سيد احمد جي اچڻ جي تاريخ، ”بسم الله الرحمان الرحيم“ مان (786هه) نڪري ٿي.
صاحب رساله ”معارف الانوار“، ”ديبل ٺٽو“ گڏي، (عازم بلاد تهته يعني ديبل شدند ص 110) لکيو آهي، ليڪن ان مان مطلب ’ٺٽو‘ آهي، جيئن ٻئي هنڌ لکي ٿو:
”بجانب بلده طيبه تهته، تشريف آوردند“ (ص 117).
سيد محمد جي وفات (10_محرم 800هه) بعد، سيد احمد، سيدپور مان لڏي، مستقل طرح اچي ٺٽي ۾ مقيم ٿيو.
793هه: ڄام تماچيءَ جي بغاوت: فيروز تغلق، ٺٽو، ڄام بابنهيه جي ڀاءُ کي ڏيئي ويو هو. چند سالن بعد، ڄام تماچي بغاوت تي آماده ٿيو ٿو ڏسجي. خبر پوڻ تي، سلطان فيروز، دهليءَ مان ’ڄام‘ کي سندس سرڪوبيءَ لاءِ روانو ڪيو. جنهن کيس گرفتار ڪري، دهليءَ موڪليو. عفيف لکي ٿو:
”....معهذا چون ازين سختي چند سال گذشت، و تماچي برادر بابنهيه در تته برگشت، حضرت شهنشاهه (فيروز) ڄام را براي دفعه شرِ او، در تته فرستاد. جام در تته رسيد و تماچي را سمت شهر روان گردانيد.“ ڄام بابيني جي سلسلي ۾ عفيف لکي ٿو:
”....و بابنهيه هم در دهلي ماند... چون سلطان تغلق شاهه بپاشاهي نشست (790هه) بابنهيه راچتر سپيد داد و در تته روان کرد. بابنهيه در اثناي راه جان بحق سپرد....“ (254).
گويا 790هه ۾ بابينو موٽي وطن آيو ٿي، جو رستي ۾ فوت ٿي ويو.
823هه: تاريخ مبارڪ شاهي: (تاليف 838هه) مـﺆلف، سلطان معزالدين ابوالفتح مبارڪ شاهه (824_837هه) جي تحت لکي ٿو: 823هه ۾ جسرٿ شيخا کهو کهر (؟) بغاوت ڪئي، جنهنڪري جمادي الاول 823هه ۾ ڪشمير جو بادشاهه سلطان علي لشڪر ڪاهي ٺٽي تي چڙهي آيو. (در ولايت تهتـﮧ آمده).....(ص 194).
بنگال ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي مطبوع نسخي ۾ انهيءَ جاءِ تي ٺٽي جو نالو، ڪتابت جي غلطيءَ سبب آيل ٿو ڏسجي. ورنه ڪشمير جي بادشاهه علي ۽ جسرٿ جو نالو، سنڌ جي تاريخ ۾ ڪنهن به عنوان سان نه اچڻ گهرجي.
مٿئين سڄي مذڪور مان ظاهر ٿيو ته ٺٽو ڄام نظام الدين کان ٻه سـﺆ ورهيه اڳ موجود، بلڪ سنڌ جو پايه تخت هو ديبل جو نالو تاريخ جي صفحن تان 658هه کان پوءِ گم ٿيو، ۽ 671هه کان اڳ ٺٽو ان جو قائم مقام بڻيو وچ ۾ وٿي فقط 9 يا 13 سالن جي پئي. امير خسرو مٿي ڏنل شعر، 16 ۽ 19 سالن جي عمر ۾، يعني 667هه ۽ 761هه جي درميان چيو آهي. ۽ شعر مان صاف معلو پيو ٿئي ته، جنهن وقت اهو شعر تصنيف ٿيو، ان وقت هندستان جي پايهء تخت دهليءَ ۾ ٺٽي جي شهر ۽ اتان جي ماڻهن جي خوبصورتيءَ جي عام واکاڻ هئي_ انهيءَ ڪري ڪوبه سبب ڪونه آهي، جو اسان مٿين تاريخي شهادتن جي آڌار تي اهو تسليم ڪيون ته:
ٺٽو ۽ ديبل ٻئي هڪ وقت موجود هئا.
ٺٽو 651هه (خسرو جي ڄمڻ) کان گهڻو اڳ آباد ٿيو هو.
ورنه ناممڪن هو، جو آباد ٿيڻ بعد 9 يا 13 سالن جي مختصر عرصي ۾ ايڏي واکاڻ پيدا ڪري، جو 16 يا 19 سالن جو نوجوان متاثر ٿي، ان جي تشبيـﮧ ڪم آڻي.
ٺٽو موجود هو، ليڪن ان جي اهميت ديبل جي زوال کان پوءِ تمام ستت ملي.
اهو ئي سبب ٿيو، جو ماڻهن جي ذهن تان ديبل جو نالو اڃا لٿو ئي ڪونه هو، جو ٺٽي جي شهرت شروع ٿي، جنهنڪري ماڻهن جي زبان تي ”ديبل ٺٽو“ گڏجي اُچار هيٺ آيا.
انهيءَ گڏيل اُچار سبب مـﺆرخن ۽ مصنفن ۾ اشتباه پيدا ٿيو، جنهنڪري هنن جڏهن به_ ’دبيل‘_ جو ذڪر ڪيو ته_ ’ٺٽو‘_ لکي ويا. يا جڏهن_ ’ٺٽي‘_ جو نالو ورتائون ته_ ’ديبل‘_ سندن قلم مان نڪري ويو، يا ٻنهي کي گڏي_ ”ديبل ٺتو“_ ڪري ڇڏيائون.
جهڙيءَ ريت، شهاب الدين غوريءَ جي فتوحات جي ذڪر ڪندي_ ٺٽو_ بيان ڪيو ويو آهي؛ يا جيئن معصوميءَ خواهه تحفـﺔالڪرام جو مصنف_ ديبل ٺٽي_ ۾ ڪيترين جاين تي فرق ڪري ڪونه سگهيو آهي:
جهڙيءَ ريت، تاريخ معصوميءَ جو مصنف عربي فتوحات جي ذڪر ڪندي لکي ٿو: ”....بندر ديول که درين ايام به بندر تهتـﮧ و لاهري مشهور است....“ (ص 6) يا ديبل جي فتح جي بيان ڏيندي لکيو اٿائين: ”...و لشکر اسلام به فيروزي، عنان عزيمت به تسخير تهته معطوف داشتـﮧ، باندک زمانه تهتـﮧ را مسخر ساختند....“
ساڳي غلطي ڪندي، سلطان محمود غزنويءَ جي فتوحات ۾ به ٺٽي (1) جو نالو کنيو ويو آهي: ”....و چون در نصف ماهه رمضان سنه ست و عشر و اربعمائـﮧ، سلطان محمود غازي از دارالملک غزني عزيمت هندوستان نموده، بحطهء ملتان رسيد.....عبدالرازق وزير.... در سنئه سبع عشر و اربعمايـﮧ متوجهه سيوستان و تهتـﮧ شد....“(2)
اهڙيءَ ريت جلال الدين جي سلسلي ۾ به_ ’ديبل‘_ جي بجاءِ_ ’ٺٽي‘ جو ذڪر ڪيو ويو آهي(3)
ٺٽي جي مذڪرر کي ختم ڪندي آخر ۾ دکني زبان جو هڪ شهر ڏجي ٿو، جيڪو آهي ته جهانگيري دور جو، ليڪن ان ۾ ٺٽي جي جيڪا تعريف ٿيل آهي، تنهن مان اندازو ڪري سگهيو ته انهيءَ زماني ۾ دکن ولايت اندر، ٺٽي ننگر جي ڪهڙي واکاڻ هئي. اهو شعر عثمان شاعر پنهنجي مثنوي ”چتراوليءَ، ۾ نظم ڪيو آهي:
هيرـﻵ سي ڻهڻه نگر سوهاوا،
بيهن هرن سيو بن گنجاوا.
يعني ”ٺٽو ننگر هيري جهڙو خوبصورت آهي، منجهس سارين جون سايون سايون پوکون، هرڻ، ڪشادا ۽ سهڻا جهنگل موجود آهن!“

[”مهراڻ“ 2،1_1966ع]

________________________________________
1 the Dehli Sultanate: by Mahajan, 1963, p. 142 & Ishwari Parshad, p. 164.
1 گونه
2 آذين، بمعنيٰ آرايش.
1 اور بنٽل ڪاليج ميگزين، مقاله: وحيد مرزا، مئي 1935ع.
1 تاريخ سنڌ، معصوم ڀکري، ص 21.
2 تاريخ سنڌ، معصوم ڀکري، ص 32.
3 تاريخ سنڌ، معصوم ڀکري، ص 43.

ٺٽي شهر جي آڳاٽي جاگرافي

ٺٽي شهر جي آڳاٽي جاگرافي

(قلعا، بازاريون، حويليون، باغ وغيره)

[هيءٌ مضمون 1959ع ۾، جنهن وقت آءُ منيلا (فلپائينس) ۾ بيمار هيس، لکيو هيم. تحفـﺔالڪرام جو سنڌي ترجمو ۽ تحفـﺔالطاهرين منهنجي سامهون هئا. واندڪائيءَ جي ورونهن طور هي ڪم ڪيم. خيال هو ته ڪراچيءَ پهچي وڌيڪ مواد گڏ ڪري نقشن ۽ تصويرن سميت مضمون کي مڪمل ڪبو، ليڪن نه وقت ملي سگهيو، نه مواد گڏ ڪري سگهيس، ۽ نه شهر جو ڪو قديم نقشو ملي سگهيو جنهن ۾ تاريخي مقامات، پاڙا، حويليون، بازاريونج، مسجدون ۽ مزارون نروار ٿيل هجن. نيٺ چوڏهن سالن بعد لاچار ٿي هيءُ مضمون هن اميد تي ڇپائي رهيو آهيان ته هن بعد خدا ڪندو ڪو ٻيو لکندڙ اٿندو جيڪو آزاد سنڌ جي انهيءَ قديم ۽ ملڪان ملڪ مشهور دارالسلطنت جي تاريخي جاگرافيءَ جي تڪميل ڪندو. مزارون، مسجدون ۽ ڪيترا ٻيا تاريخي آثار ۽ اهڃاڻ اڃا موجود آهن، جن جي ذريعي قديم شهر جو پورو پورو نقشو ڪڍي سگهجي ٿو، پاڙا متعين ڪري سگهجن ٿا ۽ پراڻيون حدون قائم ڪري تاريخ جي هڪ وڏيءَ ضروت کي پورو ڪري سگهجي ٿو. هن مضمون سان گڏ ڪجهه تصويرون ۽ نقشا شامل ڪجن ٿا. حسام الدين راشدي_ حيدرآباد، تاريخ 26_ آگسٽ 1972ع].
(1) قلعا *
عالم پناه: اٺين صديءَ هجريءَ جي حڪايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته ٺٽي جي شهر کي چوڌاري ڪابه عالم پناه ڪانه هئي، ڇاڪاڻ ته 772هه ۾ جڏهن سلطان فيروز شاهه تغلق ٺٽي تي چڙهائي ڪري آيو، تڏهن ٺٽي جو حاڪم ڄام خيرالدين ٺٽي مان نڪري وڃي ”آب“ جي قلعي اندر قلعي بند ٿيو، ۽ سلطان فيروز ٺٽي شهر ۾ اچي داخل ٿيو. ٺٽي کي جيڪڏهن ٻاهران قلعو هجي ها ته هوند ڄام کي، گاديءَ وارو شهر ڇڏي ’آب‘ جي قلعي ۾ پناه وٺڻي نه پوي ها. انهيءَ کان پوءِ سمن جي دﺆر تائين اسان کي شهر جي عالم پناهه جو ڪوبه نشان پتو ڪونه ٿو پوي. سمن جو دﺆر سانتيڪو رهيو، تنهنڪري شايد کين قلعي جي ضروت نه پئي. 927هه ۾ جڏهن شاهه بيگ ٺٽي کي فتح ڪيو، ان وقت به قلعي جي سلسلي ۾ ڪا صراحت موجود ڪانه آهي. ارغونن به پنهنجو وقت بنان شهرپناه جي پورو ڪيو.
پهريون دفعو، شهرپناه جو ذڪر اسان کي پورچو گيزن جي حملي کان پوءِ 963هه ۾ ملي ٿو، يعني جڏهن پورچو گيز 963هه ۾ شهر کي ساڙي ٻاري، لُٽي ڦري ۽ خون خرابو ڪري موٽي ويا، تڏهن ميرزا عيسيٰ ترخان، سلطان محمود جي جنگ تان دست ڪش ٿي اچي، ٺٽي پهتو، ۽ شهر ۽ پنهنجي حاويلين جي مرمت ڪرايائين، ۽ ساڳئي وقت قلعي حاڪم نشين، جنهن ۾ اندر سندن حاويليون هيون، ان کي به مضبوط ڪيائين ۽ شهر جي چوڌاري به عالم پناهه ڪڍرائي شهر کي محفوظ ڪيائين (1).
اهو قلعو غالباً مٽيءَ جو ٺاهيو ويو هو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن پڪين سرن جو ٺهيل هجي ها ته پوء به قائم هليو اچي ها ۽ اهڙيءَ طرح برباد نه ٿئي ها، جو اڄ ان جي هڪ سِر به سلامت ڪانه ٿي ملي، حالانڪ جيڪي پڪ سرا قلعا سنڌ ۾ هئا، تن جا آثار اڃا به موجود آهن، مثلاً اروڙ جو قلعو، بکر جو قلعو، سيوهڻ جو قلعو، ۽ خود ٺٽي جي ڀڪ ۾ تغلق آباد وارو قلعو.
قلعـﮧ حاڪم نشين: قلعـﮧ حاڪم نشين ان کي چئجي ٿو جيڪو شهر ۾ اندر موجود هو، ان ۾ حڪومت ڪندڙ گهراڻن جون محل ۽ ماڙيون هيون. اهو قلعو ڪنهن ۽ ڪڏهن ٺهرايو، ان جي متعلق صحيح اطلاع ڪونه آهي. ليڪن اهو معلوم ٿئي ٿو ته اهو قلعو 963هه کان اڳ ٺهيل هو (1)، ۽ ارغونن جي ختم ٿيڻ بعد انهن محل ۽ ماڙين تي تون حاڪمن يعني ترخانن قبضو ڪيو. ٽئين سال ۾ جڏهن ميرزا عيسيٰ عالم پناهه ڪڍرائي، ان وقت انهيءَ قلعي جي به مرمت ڪرائي ۽ ان کي وڍيڪ مضبوط ڪرايو (2).
قلعي ۾ ڪيتريون محلاتون هيون، جن مان شايد ڪي ارغونن جون به ٺهرايل هجن ۽ ڪي سمن جي دؤر واريون به هجن. ميرزا باقيءَ جي زماني ۾ ڪيترن محلاتن جو پتو پوي ٿو. مثلاً هڪ عمارت ۾ هن پنهنجي خاص معتمد ملا بهبود کي رهايو هو(3). ميرزا صالح جي آڪهه، ميرزا عيسيٰ جون بيگمات يا ان جي متعدد پٽن جون ماڙيون جدا جدا هيون. ميرزا غالب کي ميرزا باقيءَ قتل ڪرائي ان جي صغير ڀيڻ ۽ ڏاڏيءَ کي اصل واري محل مان لڏائي، ٻيءَ هڪ ماڙيءَ ۾ ويهاريو. (1)
ترخانن جون اهي محل ۽ ماڙيون، 999هه جي آخر ۾، ميرزا جانيءَ جي چوڻ تي، سندس پيءُ ميرزا پائنده بيگ ساڙائي ويران ڪرائي ڇڏيون، ڇاڪاڻ ته کين خطرو هو ته ممڪن آهن ته خان خانان سان جاري ڪيل جنگ جو نتجو سندن حق ۾ نه نڪري ۽ هو ٺٽي تي قبضو ڪري. نه فقط اهي محل برباد ڪيا ويا بلڪ سموري شهر کي تهه و بالا ڪيو ويو. ٻار ٻچا وٺي، پاڻ پائنده بيگ وڃي تغلق آباد جي قلعي ۾ رهيو، ڇاڪاڻ ته اهو وڌيڪ مضبوط ۽ جنگ جي سٽ سهڻ جهڙو هو. انهيءَ تباهيءَ جو ذڪر ڪندي مير قانع لکي ٿو ته ”برابر هڪ مهيني تائين ٺٽو برباد ٿيندو رهيو، سموري شهر ۾ باهيون ڏنيون ويون، ماڻهو لڏي ويا، شهر ويران ڏسي ڦورو شهر ۾ داخل ٿيا ۽ شهر وارن جيڪو مال ۽ زر زمين ۾ دفن ڪري ڇڏيو هو سو کوٽي کڻي ويا. هڪ اُٺ جي ڪرايي ۾ سامان جو برابر اڌ ورتو ٿي ويو (2) “
1000هه ۾ آخر سنڌ خان خانان فتح نه ڪئي بلڪ جانيءَ سان صلح ڪري کانئس ورتي. جاني پنهنجي اميرن سميت خان خانان سان گڏ اڪبر وٽ وڃي حاضر ٿيو. خان خانان جي ڪوشش سان ٺٽي جي حڪومت وري کيس بطور جاگير جي ملي. پاڻ اتي رهيو ۽ پنهنجي اميرن(3) کي هن موٽائي موڪليو، جن ٺٽي پهچي ٻيهر لڏي ويل ماڻهن کي آڻي شهر کي آباد ڪيو، ۽ سرڪاري قلعي خواه محلاتن جي مرمت ڪرائي، انهن کي رهڻ جي قابل بڻايو.
ميرزا غازيءَ جو ذڪر ڪندي، تاريخ طاهريءَ(1) جو صاحب لکي ٿو ته هن، قلعـﮧ حاڪم نشين اندر پنهنجي رهڻ لاءِ ٻه نوان محل ٺهرايا، جن جي اندر ديوارن تي نقش و نگار ۽ تصويرون ڪڍرايون ويون هيون. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته 1000هه ۾ جيڪا تباهي ٿي، ان بعد، باوجود مرمت جي به، محل ميرزا غازيءَ پنهنجي رهڻ جي قابل نه سمجهيا ۽ هن نين عمارتن جي تڪميل ڪئي. ليڪن افسوس آهي جو ميرزا انهن محلاتن ۾ گهڻو وقت گذاري ڪونه سگهيو، سندس سڄي زندگي شاهي درٻار ۾ ۽ قنڌار جي حڪومت هلائڻ ۾ گذري.
ميرزا باقيءَ پنهنجي دور ۾ نه فقط شهر ۾ خون خرابو ٿي ڪرايو، بلڪ قلعي اندر به متعدد دفعا قتل ڪرايا ويا. سندس ابتدائي عهد ۾، ارغونن ميرزا عيسيٰ وانگر هن کي به خزاني ورهائڻ لاءِ اچي تنگ ڪيو، جنهن تي هن هڪ ڏينهن، سڀني ارغونن کي خزاني ورهائي ڏيڻ ۽ کين دعوت کارائڻ جي بهاني سان اندر قلعي ۾ گهرايو. جڏهن سڀ ارغون اچي ديوان ۾ گڏ ٿيا تڏهن هن سڀني کي قتل ڪرائي ڇڏيو، ۽ ان بعد شهر ۾ جيڪي ارغون رهجي ويا هئا، انهن جي قتل جو به حڪم ڏنائين. مرد، پوڙها ۽ ٻار ته ڪُٺا ويا بلڪ عورتن جي پيٽن ۾ جيڪي ٻار هئا، سي به پيٽ جيرائي ڪڍرايا ويا ۽ انهن کي به ٻه اڌ ڪيو ويو(2).
جڏهن ميرزا باقيءَ کي سندس پٽ ميرزا شاهه رخ جي موت جو پتو پيو، تڏهن هو ايتري قدر ديوانو ٿي ويو، جو قلعي اندر جيڪي عورتون هيون، انهن جا ٿڻ وڍائي ڇڏيائين ۽ سندن سٿڻن ۾ ٻليون وجهرايائين(3).
قلعي ۾ ڪيترا سامان ۽ آنّ رکڻ لاءِ گدام به هئا، ميرزا باقيءَ اهي سمورا گدام اَنّ سان ڀرائي ڇڏيا هئا. پراڻي آنّ مٿان نئون آن پيو پوندو هو ۽ اهڙيءَ طرح آنّ سڙي ويندو هو، تڏهن به اتعمال نه ڪرائيندو هو(1).
ترخانن جو آخري حاڪم ميرزا غازي 1021هه ۾ فوت ٿيو، جنهن بعد مغلن جا نواب ٺٽي تي اچڻ لڳا. انهن نوابن جو قيام به انهيءَ قلعي حاڪم نشين ۾ هوندو هو. شاهجهان شاهزادگيءَ جي دؤر ۾ (رمضان 1035هه)(2) ٺٽي آيو. خيال هيس ته قلعي ۾ اندر اچي رهندو، ليڪن کيس ٺٽي جي شاهي حاڪم شريف الملڪ ٻاهران ئي ٻاهران، وڙهي موٽائي ڪڍيو. شاهزادو دارا شڪوه جڏهن ڀاءُ سان اختلاف ڪري، هندستان مان نڪري ٺٽي اچي پهتو، ان وقت ان جو ارادو به انهيءَ قلعي ۾ رهڻ جو هو، ليڪن علعو شايد ايتري قدر سادو ۽ ننڍو هو جو شاهزادي کي پسند نه آيو، ۽ قباد خان (3) (67_1070هه) کي، جيڪو ٺٽي جو ان وقت حاڪم هو، حڪم ڪيائين ته قلعو ۽ شهر ساڙائي ڇڏيو. پاڻ هڪ طرف کان آيو ٻئي طرف کان نڪتو هليو ويو. شهر جي گهاٽ وٽ حڪم جي تعميل خاطر چند ڀونگين کي باهه ڏني ويئي، جنهن بعد اهو گهاٽ، ”سوختـﮧ گهاٽ“ جي نالي سان مشهور ٿيو(4). انهن روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته قلعو ۽ ان جون محل ماڙيون گهڻيءَ حد تائين زبون ٿي ويون هيون، جنهنڪري شاهزادي کي ان ۾ رهڻ پسند نه آيو.
ٺٽي جي شهر وٽ جيڪو درياء جو گهاٽ هو، ان تان لهي جيڪڏهن قلعي طرف اچڻو پوندو هو ته واٽ تي گاءُ ڪش قاصائن جي بازار مان لنگهڻو پوندو هو. چنانچه جڏهن 1099هه ۾ نواب مريد خان ٺٽي جو حاڪم ٿي اچي گهاٽ وٽ پهتو، تڏهن هن شهر جي قاضيءَ محمد حسين ڏانهن نياپو موڪليو ته قاصائن کي بازار مان دڪان کڻائي ڇڏيو. ساڻس راجپوتن ۽ هندن جو لشڪر ساڻ هو، ممڪن آهي ته لنگهندي ڪو خراب واقعو نه ٿي پوي. قاضي صاحب بجاءِ هن جي جو قاصائن جا دڪان کڻائي ڇڏي، اٽلو دڪانن کي ڳائي گوشت سان ڀرائي ڇڏيائين. آخر مجبور ٿي مريد خان، جيڪو پاڻ به نومسلم هو، پنهنجي لشڪر سميت اتان ئي لنگهي اچي قلعي ۾ پهتو. مير قانع جو چوڻ آهي ته قاضي صاحب جي انهيءَ دليريءَ جو سبب اهو هو، جو ان وقت حڪومت عالمگير بادشاهه جي هئي، جيڪو ”دين پرور“ هو(1).
ٻارهين صديءَ جي شروع ۾ ڀانئجي ٿو ته قلعو ۽ ان جون جايون مرمت نه ٿيڻ سبب زبون ٿي ويون هيون. شايد ڪيتري زماني کان مرمت ڪانه ٿي هئي، ۽ اهو ئي سبب هو جو دارا شڪوه به ان ۾ رهڻ پسند نه ڪيو. جڏهن نواب حفظ الله خان (1103_1112هه) ٺٽي ۾ آيو، تڏهن ان، ضرورت کي محسوس ڪري، قلعي ۽ جاين جي مرمت ۾ هٿ وڌو. شايد بادشاهه کيس شهر پناه ٺهرائڻ جو به حڪم ڪيو هو، ليڪن هن پهريائين قلعه حاڪم نشين جي مرمت ڪرائي. مرمت اڃا شروع ٿي هئي، جو سوابح نگار بادشاهه کي رپورٽ ڪئي ته سرڪاري پئسا پنهنجي رهائش واري قلعي ۽ جاين تي صرف ڪيا وڃن ٿا، حالانڪ سرڪاري حڪم هو ته شهر پناهه تيار ڪرائي وڃي؛ جنهن تي نواب کي سرڪاري خزاني مان خرچ جي مجرائي ڪانه ملي، جنهنڪري جو ڪم جتي هو، اتي ئي ڇڏيو ويو. مير قانع لکي ٿو ته ”ٺٽي جي حاڪم جي رهڻ وارو قلعو، جو اڃا تائين باقي آهي، نواب حفظ الله خان جو ٺهرايل آهي؛ ان جي اڻپوري رهڻ جو سبب اهو آهي جو کيس مرمت جا پئسا مجرا ڪونه ٿيا ۽ ڪم اڌ ۾ ڇڏيو ويو، تنهنڪري مرزا باقيءَ وارو (يعني ترخانن وارو) حصو قائم رهندو آيو،(1). مقالات ۾ مير جا لفظ هي آهن: ”تنمـﮧء ديوارها بگل چيده، از بناي قديم ماند“(2). ان مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته قلعي جون ديواريون مٽيءَ سان لتل هيون، ۽ قلعو ڪچو هو، ڇاڪاڻ ته جي پڪ سرو هجي ها ته مٿانئس مٽيءَ جي لنب جي ضرورت ته هئي.
ڀانئجي ٿو ته قلعي جي مرمت جو ڪم حفط الله خان 1109هه ۾ شروع ڪيو ۽ مرمت سان گڏ هن قلعي جي دروازي وٽ هڪ مسجد به ٺهرائي، جنهن جو ذڪر اسان مسجدن واري عنوان ۾ ڪيو آهي، انهيءَ مسجد جي تعمير جو اهو ئي (1109هه) سال آهي(3).
قلعي کي متعدد دروازا هوندا هئا، ڇاڪاڻ ته ان جي اوڀارين دروازي جو ذڪر مير قالغ ڪيو آهي. مير احمد يار خان يڪتا جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”پل عاليجان محاذي دروازه مشرق قلعي ارک از آثار اوست“(4)اهو واهه قلعي جي اوڀر کان وهندو هو ۽ ان تي اها پل گذر گاهه لاءِ احمد يار خان پنهنجي زماني (1116_1119هه) ۾ ٺهرائي.
عالمگير جي وفات بعد دهليءَ جي تخت تي ڪئين شهزادا تخت نشين ٿيا، لٿا ۽ قتل ٿيا. ملڪ جو انتظام درهم برهم ٿي ويو. ٺٽو چونڪه دور دراز مقام تي هو، تنهنڪري هتي ته خاص طرح حالتون خراب ٿي ويون. نواب عطر خان، فرخ سير جي دؤر ۾ ٺٽي تي حاڪم ٿي آيو. اهو حڪمران ئي هو ته وري پنهنجي اثر رسوخ سبب ٺٽي جي رضوي سيد، مير محمد شفيع لطف علي خان ٺٽي جي حڪومت لاءِ حڪم نامو حاصل ڪيو. هُو جڏهن ٺٽي پهتو، تڏهن عطر خان انهيءَ حڪم کي مڃڻ کان انڪار ڪندي، قلعي ۾ بند ٿي ويهي رهيو. قلعو ايترو ته ان دؤر ۾ به مضبوط هو، جو پورا ٻارهن مهينا مير محمد شفيع مقابلو ڪيو ۽ محاصرو ڪيو، ليڪن قلعو فتح ڪري نه سگهيو. آخر 1126هه ۾ اوچتو عطر خان لڙائيءَ هلندي قتل ٿي ويو، جنهن بعد قلعي تي مير محمد شفيع قبضو ڪيو(1).
1138هه کان پوءِ ڀانئجي ٿو ته قلعي جي مرمت لاءِ دهليءَ کان حڪم آيو، ۽ انهيءَ ڪم جو مهتمم حڪومت طرفان سيد سعدالله بن سيد محمد شجاع بخاريءَ کي ڪيو ويو. مرمت جو ڪم ڪهڙو ٿيو، ڪيتري قدر ٿيو، ان جو تفصيل موجود ڪونه آهي. مير قانع تحفـﺔالڪرام ۾ سيد محمد شجاع المتوفي 1138 جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته_ ”سندس فرزند سيد سعدالله مٿين خذمتن (جامع فرخ ۽ عيد گاهه جي امامت) کان سواءِ، واهن ۽ کوهن کوٽائڻ ۽ ٺٽي جي قلعي اڏائڻ (مرمت) جي نگرانيءَ ۽ داروغپ ۽ بادشاهه پاران بيت المال جي داروغپ جي عهدن تي رهي، زماني ۾ ممتاز رهي ويو“(2).
ٺٽي ۾ ٽي مذهبي عهدا هئا: هڪ شيخ الاسلام جو عهدو، جنهن تي پوراني سادات فائز رهندا آيا؛ ٻيو قاضي القضات جو، جنهن تي سيد شڪرالله کان پوءِ قاضي محمد اوچي ۽ کانئس پوءِ سندس اولاد مقرر ٿيندو رهيو؛ ٽيون قاضي قلعـﮧء حاڪم نشين جو عهدو. قلعي جي قاضيءَ جو شايد ٻاهرين معاملات سان واسطو ڪونه هوندو هو، فقط قلعي جي معاملات تائين سندس مذهبي فيصلا محدود هئا. اهو عهدو به هڪ خاندان جي حوالي رهندو آيو، ۽ انهيءَ خاندان جي ڪن فردن جو ذڪر ڪندي مير قانع لکيو آهي ته ”از قبيلـﮧ“ ”قاضات زاده قلعـﮧ“ وغيره. قانع جي دؤر ۾ انهيءَ خاندان مان محمد اشرف نالي هڪ باذوق ۽ سخن فهم بزرگ هوندو هو، جنهن جي زبانيءَ ۾ مير قانع مقالات ۾ چند روايتون نقل ڪيون آهن(1). مير قانع انهيءَ خاندان جي هڪ ٻئي فرد جو پڻ ذڪر ڪيو آهي، جنهن جو نالو عبدالقادر هو، ۽ ان جيڪا نادر جي مرڻ جي تاريخ چئي سا نهايت موزون و مناسب آهي. تاريخ آهي ته:
فتنـﮧء نادر چو برون شد ز ميان
راحت آمد بهمـﮧ عالميان
خوش خبر هاتف فرمود ز غيب
”محو شد آفت نادر ز جهان“ 1160هه(2).
قلعي جي متعلق انگريزي سياح ڪپتان هملٽن جي هڪ روايت آهي. ڪپتان موصوف 1699ع/1111هه ۾ ٺٽي آيو ۽ اهو قلعو اچي ڏٺائين. سندس قول آهي ته قلعي ۾ هڪ وقت پنج هزار ماڻهو رهي سگهن ٿا.
قلعه حاڪم نشين ڪٿي هو، ان لاءِ سواءِ هن جي ٻيو ڪو اطلاع ڪونه آهي ته تحفـﺔالطاهرين جي مـؤلف ان جو ذڪر محلـﮧ ڀائي خان ۾ ۾ ڪيو آهي(3). اسان کي ٺٽي جي هڪ عمر رسيده بزرگ ٻڌايو ته مسجد شاهجهانيءَ جي داخلي دروازي اڳيان ڏکڻ ۾ جيڪو وڏو ميدان پيو آهي، اتي قلعه حاڪم نشين هو. اها سموري اراضي محلـﮧ ڀائي خان ۾ هئي. مسجد شاهجهاني ۽ مسجد اميرخاني، هي ٻئي ڀائي خان جي محلي ۾ هيون. اها روايت قرين قياس به آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙي شاندار مسجد ضرور انهيءَ ايراضيءَ ۾ ٺهي هوندي، جتي قلعو ۽ سرڪاري عمارتون يا اميرن جا رهائشي مڪان هوندا. مٽيءَ جا جيڪي ڍير پيا آهن سي پڻ ڏيکارين ٿا ته اتي ڪي وڏيون ديواريون ڊهي ڪِريون آهن.
قلعي جي چوڌاري ڪيترن بزرگن جون درگاهون هونديون هيون، جن جو ذڪر محلـﮧ ڀائي خان جي تحت، تحفـﺔ الطاهرين ۾ آيو آهي. مثلاً:
شيخ موسيٰ لانگاه عيسيٰ ترخان جي دؤر جو بزرگ آهي، سندس مزار محلي ڀائي خان ۾، قلعي ارڪ سان متصل هئي(1). ٺٽي جو ٻيو هڪ بزرگ پير ڇتو پڻ قلعي جي ڀڪ ۾ دفن ٿيو (2)، ساڻس گڏ پير لال جي قبر هئي(3). ميان درگاهي شاهه جيڪو نواب سعيد خان (1119هه) جي دؤر جو بزرگ هو، جڏهن فوت ٿيو، تڏهن قلعي جي قريب سپرد خاڪ ڪيو ويو. انهن سڀني بزرگن جون درگاهون 1190هه تائين سلامت هيون.
قلعي جي ديوار سان لڳولڳ ميان گلاب شاهه جو تڪيو هوندو هو. غريب غربو، فقير خواهه مسافر ايندي ويندي اتي اچي ساهه پٽيندو هو ۽ ڪنهن وقت ته ڪجهه ڏينهن تائين به انهيءَ تڪيي ۾ رهي پوندا هئا. محمد ضياء مشهدي عالمگير جي دؤر ۾ ٺٽي آيو، شاعر هو ليڪن فقيرمنش. انهيءَ تڪيي ۾ اچي ڪيترو وقت رهيو. مير قانع لکي ٿو ته نه فقط جوان هو بلڪ خوبصورت پڻ هو. سندس شعر جو نمونو هي آهي:
آه سردي کز دلِ محزون بر آيد صبحگاه،
از براي ديو نفسِ سر کش ست تيرِ شهاب (4).
(2) محلا
شوارين جو محلو: ٺٽي جو هڪ محلو هو. قانع لکي ٿو ته سيد نور شاهه، جيڪو پيران پير جي اولاد مان بزرگ هو، ان جون جايون انهيءَ محلي ۾ آهن. گويا اهو محلو 1181هه تائين ۽ ان کان پوءِ به موجود هو ۽ انهيءَ زماني ۾ سيد نور شاهه جي اولاد مان پني لڌو شاه هو، جيڪو ڪڇيءَ ۾ به رهندو هو ۽ انهن جاين جو به وارث هو(1).
مير احمد بيگ جو محلو: مير احمد بيگ مزنگ، ميرزا جانيءَ جو خاص امير هو. ميرزا غازيءَ کيس ”سلطان“ جو لقب ڏنو هو، ۽ جڏهن کيس قنڌار جي صاحبي ملي ان وقت اڳ ۾ احمد بيگ کي ”اعتماد خان“ جو خطاب ڏيئي موڪليو هئائين. سندس پُٽ منعم بيگ ۽ پوٽو مير شرفو ٺٽي جي اهم ماڻهن مان هئا. پير پٺي جي ڏاڪڻ انهيءَ مير شرفوءَ جوڙائي هئي. مير منون ۽ مير ڇتن، مير شرفوءَ جو اولاد هئا، جيڪي پوئين زماني جي برک ماڻهن مان ٿيا.
ٺٽي جو اهو محلو مير احمد بيگ جي ئي نالي تي منسوب ٿيو، ڇاڪاڻ ته مير موصوف ۽ سندس اولاد جون جايون انهيءَ محلي ۾ هيون. مير قانع لکيو آهي ته اهو محلو اتي هو، جتي هاڻي (1181هه) امير خاني رهن ٿا(2). جامع شاهجهانيءَ جي اوڀارينءَ ديوار سان لڳولڳ اڄ به اميرخاني سادات رهن ٿا، ۽ انهيءَ وقت کان وٺي اهو محلو سندن رهائش گاهه آهي، جڏهن کان مير ابوالبقا امير خان ٺٽي جي نوابيءَ (1039_1041هه) بعد ٺٽي ۾ مستقل رهائش شروع ڪئي ۽ اهو محلو ڦري ”محلو اميرخاني“ مشهور ٿيو. مير قانع اهو پڻ اشارو ڏنو آهي ته مير احمد بيگ جي اولاد مان پوءِ ڪو ڪونه رهيو. ممڪن آهي ته احمدبيگ جي اولاد ختم ٿيڻ بعد امير خانن انهن جا ئي گهر وسايا هجن.
محلـﮧ غلـﮧ بازار: آنّ بازار اها ئي هئي، جنهن ۾ شاه مسڪين جو مقبرو آهي. انهيءَ بازار جي چوڌاري واري ايراضيءَ کي محلهء غلـﮧ بازار سڏبو هو، جتي مسڪين شاهه دفن آهي، اهو ئي سندس گهر هو(1).
غلـﮧ بازار جي پويان الهندي طرف انهيءَ محلـﮧ ۾ هڪ مسجد هئي، جنهن ۾ ميان ٺاري پنهنجو مدرسو قائم ڪيو هو. اهو بزوگ تحفـﺔالڪرام جي تاليف (1181هه) وقت موجود هو (568)
سيد محمد ٺٽي جو هڪ ولي هو، قاضين جو سڄو محلو سندس مريد هو، سندس درگاه اناج بازار جي اوڀر ۾ قانع جي وقت ۾ موجود ۽ عام و خاص ماڻهن جو زيارت گاهه هو (تحفـﺔ 604) (تحفـﺔ الطاهرين 101).
سيد محمد مڪائي، جنهن جي هڪ مزار حيدرآباد ۾ ٽڪريءَ تي آهي، ان جي ٻي مزار غلـﮧ بازار ۾ هئي، ۽ قانع جي زماني تائين موجود هئي (604).
ٻيا به ڪيترا بزوگ انهيءَ محلي ۾ آرامي آهن، جن جو ذڪر تحفـﺔ الطاهرين جي مؤلف ڪيو آهي. مثلاً:
شيخ فريد، جيڪو باطني ڪمالات کان سواءِ ظاهري علومن ۾ به يگانو هو، ۽ 963هه ۾ فرنگين هٿان شهيد ٿيو، سو به انهيءَ محلي ۾ پوريل هو(1).
حاجي محمد يعقوب، ٺٽي جو هڪ عارف ڪامل، پڻ انهيءَ محلي ۾ ستل هو. انهيءَ بزرگ جو قول هو ته ”سڀني اذڪارن لاءِ دل جو حضور شرط آهي، ۽ ان کان سواءِ جيڪو پڙهندو ته قبول نه ٿيندا، ليڪن صلواة شريف بي حضور دل سان به قبول پوندي“. چنانچه پاڻ به صلواة شريف تي ايترو عامل هو جو ڪنهن به بيماريءَ تي هڪ دفعو صلواة پڙهندو هو، ته مريض کي شفا نصيب ٿيندي هئي (1) .
ٻيو بزرگ سيد محمود نالي هو، جنهن جي پڻ مزار انهيءَ محلي ۾ هئي. انهيءَ بزرگ جي سلسلي ۾ تحفـﺔالطاهرين جي مؤلف هڪ واقعو لکيو آهي. لکي ٿو ته مخدوم محمد حافظ اُڌيجن جي ويٺل جو قول آهي ته جڏهن هو ٺٽي ۾ تعليم وٺڻ آيو، ان وقت هڪ مهه جبين ۽ ماه رو تي عاشق ٿي پيو. عشق جو مٿس اهڙو غلبو ٿيو جو حاشيـﮧ شميسـﮧ اٿلائيندو هو ته انهيءَ معشوق جو چهرو نظر ايندو هيس ۽ جي تفسير بيضاوي کوليندو هو ته ان ۾ اکرن جي بجاءِ محبوب جا خد و خال ڏسندو هو. جڏهن حالت سخت ناگفتـﮧ ٿيس تڏهن مٿئين بزرگ جي مزار تي ويو ۽ دعا گهريائين، انهيءَ کان پوءِ فوراً مٿانئس انهيءَ عشق جو غلبو لهي ويو(2).
انهيءَ محلي ۾، ”خشتي حويلي“ مشهور هوندي هئي. انهيءَ جي ڪنڊ ۾ هڪ ڪامل ولي سيد ابراهيم شهيد مدفون هو(3). انهيءَ ئي محلي جي ڇيڙي تي ميربحرن جي ڍنڍ هوندي هئي، جنهن جي ڪناري تي سيد ابراهيم مجذوب ۽ سيد عبدالله جون قبرون زيارت گاهه هيون(4). شيخ حسن، جيڪو مخدم اسحاق اربعائيءَ جو دوست هو، ۽ سندس مريد سيد ابراهيم جون قبرون هڪٻئي سان گڏ انهيءَ محلي ۾ ڪنهن طرف هيون. پويون بزرگ جفر ۽ نجوم جو به ماهر هو، ليڪن جڏهن شيخ حسن جي نظر فيض اثر مٿس پيئي تڏهن سڀيئي ڳاليهون وسري ويس(5).
پير بودهن جي مزار ڪرامت آثار به انهيءَ محلي ۾ هوندي هئي. انهيءَ بزرگ جي ڪرامت هيءَ هوندي هئي جو جيڪو ٻُچي سندس قبر تي وڃي کاڏي گسائيندو هو، ان کي يڪدم چاپئين ڏاڙهي ڄمي پوندي هئي. چنانچه شيخ محمد اعظم مولف تحفـﮧالطاهرين جي هڪ دوست سان به اهڙو پسڻ ٿيو(1).
بهرحال اهو محلو خداوارن جو آرامگاهه هو. محلو ۽ ان ۾ مٿي مذڪور ٿيل سڀ زيارتون تحفـﺔالطاهرين جي تاليف 1190هه تائين موجود هيون، ملا محمد عليءَ جو محلو: ملا محمد علي ميرزا جاني بيگ ترخان جو امير هو، اهو محلو سندس نالي سان مشهور هو، ڇاڪاڻ ته سندس جايون انهيءَ محلي ۾ هيون، ۽ پوءِ سندس اولاد به اتي ئي رهندي هئي. سندس پٽ محمد قاسم شاهجهاني وزير جعفر خان جو منشي هو. ان جو هڪ پٽ محمد مقيم پيءُ کان پوءِ پيءُ واريءَ جاءِ تي مقرر ٿيو، ۽ ٻيو پٽ محمد عارف شهزادي ڪام بخش جي سرڪار ۾ منشيءَ هو. قانع لکي ٿو ته انهن ملازمتن سبب ملا محمد عليءَ جو سمورو اولاد لڏي وڃي دهليءَ رهيو، ٺٽي ۾ فقط انهن جا ڏهٽاڻ وڃي رهيا، جيڪي مير قانع جي دؤر تائين انهيءَ محلي ۾ رهندا هئا(2).
ڀائي خان جو محلو: ملا گدا علي ”ڀائي خان“(3). ميرزا جاني ترخان جو امير هو. اهو محلو سندس نالي پٺيان مشهور ٿيو(4). اهو محلو جامع شاهجهانيءَ جي اتر ۾، اميرخاني محلي سان، جيڪو مير احمد بيگ جي محلي واري هنڌ تي آباد ٿيو، ملحق هو. مسجد اميرخاني،جيڪا شاهجهاني مسجد جي اترينءَ ۽ اولاهينءَ ڪنڊ تي ٿورو اڳڀرو آهي، سا ان وقت محلي ڀائي خان ۾ هئي. ”چوڪ ملڪ مان“ ۽ ”چوڪ عبدالغني“ انهيءَ مسجد جي ٻن طرفن مان هئا (1)، گويا اهي به محلي ڀائي خان ۾ هئا. اهو محلو شاهه منبي جي مزار جي الهندي طرف کان هو. انگريزن جي ڪوٺي به انهيءَ محلي ۾ انهيءَ جاءِ تي هئي جتي ان کان اڳ مرزا حسين جي جاءِ هوندي هئي. مرزا حسين جي جاءِ پوءِ ٿي، ان کان اڳ انهيءَ هنڌ سيد محمد باقر ۽ سيد محمد طاهر استرآبادي رهندا هئا.
استرآبادي سيد پوءِ باغائي سيد ڪوٺجڻ لڳا، ۽ اڄ تائين انهيءَ لقب سان مشهور آهن. مير طاهر نسياني مولف ”تاريخ طاهري“ انهن سيدن مان هو.
انهيءَ محلي ۾ هيٺيان بزرگ مدفون هئا، جن جو ذڪر قانع ۽ شيخ محمد اعظم ڪيو آهي.
شيخ موسيٰ لانگاهه قلعـﮧ ارڪ (يعني قلعـﮧ حاڪم نشين) جي ديوار سان لڳو لڳ دفن هو(2). پير شاهي، جيڪو 963هه ۾ عيسائن جي محلي ۾ شهيد ٿيو، سو پڻ انهيءَ محلي ۾ ”ملڪ مان چوڪ“ جي قريب پنهنجي گهر ۾ دفن ٿيو(3).
شيخ اعظم جي مٿئين قول مان ظاهر ٿيو ته قلعـﮧ ارڪ پڻ محلي ڀائي خان ۾ هوندو هو ۽ ”چوڪ ملڪ مان“ به انهيءَ محلي ۾ هو. قلعـﮧ ارڪ جي سلسلي ۾ ٺٽي جي هڪ بزرگ مون کي ٻڌايو ته قلعو، جامع مسجد جي ڏاکڻي داخلي دروازي جي سامهون جيڪو ميدان پيو آهي ان ۾ هوندو هو قرين قياس به اهوئي آهي. ترخانن جڏهن قلعو تعمير ڪيو ته ان جي چوڌاري هنن پنهنجي اميرن کي ويهاريو ۽ قلعي جي چوڌاري وارا محلا انهي ئي اميرن جي نالي پٺيان مشهور ٿيا، جيئن ته محلي ڀائي خان جو پتو به قلعي جي قريب پوي ٿو. مير احمد بيگ جو محلو به محلي ڀائي خان سان متصل هو، جنهن ۾ پوءِ اميرخاني آباد ٿيا، ۽ اڄ تائين اهو محلو انهيءَ ئي جاءِ تي آباد آهي. اهو محلو به قلعي سان گڏ هو. مغلن پنهنجي دؤر ۾ جامع شاه جهاني به قلعي ارڪ جي سامهون ٺهرائي.
سيد لطيف شاهه جي مزار انهيءَ قلعي ۾ هئي. انهي بزرگ لاءِ شيخ اعظم لکيو آهي ته شاهه ڦاڦڙو شهر جي وڏن واپارين مان هو. کيس نهايت ئي خوبصورت پُٽ هو_ ”بغايت خوبروئي کـة آفتاب از پرتو عذارش خيره، و ماهتاب از رشک جمالش تيره“_ سيد صاحب جو ان مـﮧ جبين ۽ پري روءِ سان عشق مجازي ٿي ويو. آخر جڏهن خواري ٿي، تڏهن لکو شاهه سير جي بهاني سيد کي ٻيڙيءَ ۾ وٺي ويو ۽ وچ درياهه ۾ پهچي ڳچيءَ سان پٿر ٻڌي، درياهه ۾ اُڇليائينس. بزرگ ٻڏو ڪونه بلڪ پٿر ڪپهه جهڙو هلڪڙو ٿي درياهه ۾ ترڻ لڳو ۽ بزرگ به ٻيڙيءَ سان گڏ هلڻ لڳو. اها ڪرامت ڏسي لکو شاهه حيران ٿي ويو، ۽ آخر سيد کي موٽائي شهر ۾ وٺي آيو ۽ پُٽ کي شافي بنائي بزرگ کان پنهنجي قصور جي معافي ورتائين(1).
پير ڇُٽي جي مزار مير متين الدين خان حسين (المتوفي 1177هه)(2) امير خانيءَ جي حويليءَ سان گڏ هئي(3). ان مان پڻ اهو ظاهر ٿيو ته ڀائي خان جو محلو تمام وڏو هو_ شاهه منبي جي مزار جي اولهه کان شروع ٿي جلمع شاهه جمانيءَ جي اترينءَ ديوار کان ٿيندو امير خاني محلي جي اتر سان وڃي ٿي لڳو. پير صلاح الدين هڪ هندي بزرگ جيڪو ڄام فيروز (914_930هه) جي دؤر ۾ ٺٽي ۾ آيو، انهيءَ محلي ۾ مدفون ٿيو(1). پير ڇتو جو ڪامل ولي پڻ انهيءَ محلي ۾ ڪنهن هنڌ دفن ٿيل هو(2).
شيخ اعظم، شهر جي پس گردائي (سواد بلده) جي بزرگن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ميان زاهد شاهه جي مزار محلي ڀائي خان جي اوڀر ۾ اتي آهي، جتي سندس تڪيو هوندو هو ان مان معلوم ٿئي ٿو ته محلي ڀائي خان جو ڇيڙو شهر جي ٻاهر تائين ٿيو ٿي.
مير فرخ ارغون جي ٺهرايل ”جامع فرخ“ به انهيءَ محلي ۾ هئي. مسجد سان متصل جيڪو 963هه ۾ شهيدن جو گنج ٺهيو، ان جو ذڪر شيخ اعظم انهيءَ محلي هيٺ ڪيو آهي. مير فرخ ارغون شاهه حسن ارغون جو عزيز هو. هن اها مسجد دستور موجب پنهنجي رهڻ واري حويليءَ جي قريب ٺهرائي هوندي. گويا ارغون خواهه ترخان حڪمرانن جي رهڻ جو هنڌ (قلعـﮧ ارڪ) انهيءَ ئي ايراضيءَ ۾ هو، ۽ اتي ئي آسپاس سندن امير ۽ عزيز رهندا هئا. اهو محلو ۽ مٿي بيان ڪيل زيارتون 1190هه تائين موجود هيون.
اهو محلو غالباً ٺٽي جي مشهور خواجه شڪر جي نالي پٺيان آباد ٿيو، جنهن جا وڏا شيخ عيسيٰ لنگوٽي برهان پوريءَ سان گڏ ساموئيءَ ۾ آيا. تحفـﮧالڪرام ۾ آهي ته_ چون ٿا ته آڪر (محلي) جي رهاڪو انصارن جو هڪ ٻيو قبيلو، ڏاڍيءَ طاقت وارو ۽ دولتمند هو ۽ اهو قبيلو وڏو هو. مشهور خواجه شڪر جي اولاد، جن جا وڏا شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ سان گڏ برهانپور کان آيا هئا، سي به دراصل انهن جا گماشتا هئا (تڪ 484)، جن انصارين جي زوال بعد دولت ۽ امارت ۾ زور ورتو. جڏهن اهي به زوال هيٺ آيا، تڏهن وري، بقول قانع ٺٽي جي، ڪشمشي واپارين پئسي ۽ واپار ۾ ڪنڌ کنيو.
محله خواجه شڪر: ان محلي جو ذڪر تحفـﺔالطاهرين جي مؤلف ڪيو آهي. اهو محلو ڀانئجي ٿو ته شهر جي بلڪل ٻاهرين پاسي ۾ هو، ۽ خود اهو محلو، بقول مير قانع، شهر جي اولهه ۾ هو ۽ نهايت مشهور هو(1). محمد اعظم شهر جي آسپاس (سواد بلده) وارن بزرگن جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته پير ڇَتي جي درگاهه خواجه شڪر جي محلي جي اولهه ۾ قاصائن جي پاڙي ۾ آهي(2)؛ گويا محلي جي اولهه کان قاصائن جو پاڙو هوندو هو.
سيد حاجي مؤذن، جيڪو حال ۽ قال جو بزرگ هو، سو انهيءَ محلي ۾ مدفون ٿيو. هڪ ماڻهوءَ جي اکين جي ديد اهڙي جهڪي ٿي ويئي جو ڏسڻ وائسڻ کان بيهجي ويو. هن بزرگ وٽ ويو، چيائينس ته سرائي سرمي مان ڀري سڄيءَ اک م ڦيرائي چئو ”لالـﮧ الاالله نورالعينين“، کٻيءَ اک ۾ گهمائي چئو ”محمد رسول الله سيدالڪونين“. هن ائين ڪيو، نور اوجر ٿي پيس، اهڙيءَ طرح جو اونداهيءَ ۾ به بنان روشنيءَ جي شيءَ نظر ايندي هيس(3).
سيد اسماعيل به ٺٽي جو وڏو ڪامل بزرگ هو، جيڪو پڻ انهيءَ محلي ۾ آرامي هو(4). 1190هه تائين اُهي مزارون ۽ اُهو محلو موجود هئا.
محله مرزائي بازار: انهيءَ نالي جو محلو ۽ بازار ٻيئي ارغون ۽ ترخان دؤر جا هئا. مرزا باقيءَ جي پهرئين سال ارغونن ساڻس بغاوت ۽ سرڪشي ڪئي. شهر جي جنهن حصي ۾ ارغونن جي بود و باش هئي، اهو مرزائي بازار کان ڏکڻ ۾ هو. ترخان نامـﮧ جو مؤلف لکي ٿو ته ارغونن مرزا باقيءَ جو ڪوبه ماڻهو محلي مرزائي بازار، اگر محلي ۽ مغلواڙي ۾ ڪونه ٿي ڇڏيو. هڪ ڏينهن مرزا باقيءَ ڏانهن هنن نياپو موڪليو ته مرزائي بازار کان اتر طرف جيڪو شهر آهي سو تنهنجي حصي ۾ آهي، ۽ بازار جي ڏکڻ حصي وارو پاسو اسان جي قبضي ۽ ملڪ ۾ آهي(1). آخر انهيءَ سرڪشيءَ جو نتيجو اهو نڪتو، جو هڪ ڏينهن سڀني ارعونن جي دعوت ڪري کين قلعي ۾ گهرائي، مرزا باقيءَ سنڌي سپاهين هٿان کين قتل ڪرائي ڇڏيو. قريب هزار ارغون ان ڏينهن قتل ٿيا ۽ جيڪي بچيا انهن ڀڄي وڃي سکر ۾ سلطان محمود وٽ پناهه ورتي.
مٿئين مذڪور مان اهو ئي اندازو ٿئي ٿو ته سرڪاري عمارتون، قلعـﮧ حاڪم نشين وغيره، شهر جي اُترئين حصي ۾ هيون.
محله اگر: آگريو يا اگر محلو، چيو وڃي ٿو ته اگريه قوم جي نسبت ڪري مشهور ٿيو. انهيءَ قوم جي ماڻهن جا انهيءَ محلي ۾ ڪثرت سان گهر هئا. اها قوم لوهارڪو ڌنڌو ڪندي هئي، ۽ جڏهن سيد يعقوب ۽ سيد اسحاق مشهدي، ڄام نظام الدين جي ڏينهن ۾ 901هه ۾ مشهد کان لڏي ساموئيءَ ۾ آيا، تڏهن اها قوم، سيد يعقوب جي مريد ٿي. قانع لکي ٿو ته آگره قوم جو اولاد اڄ تائين (1181هه) انهيءَ سيد(2) جو مريد آهي.
اصل سنڌيءَ ۾ لفظ ”آڳڙيا“ آهي، جيئن ”شاهه لطيف“ پنهنجي بيتن ۾ ان کي آندو آهي. مثلاً:

اڄ آڳڙيا آئيا، سوڌا سرائي
پاڻي پياري، تيغون ڪندا تکيون
¬¬¬¬___
اڄ آڳڙيا آئيا، سائو ڪي سُڄاڻ
لاهيندا مورياڻ، رُڪُ ڪريندا پڌرو
___
ڪٽ ڪڙهي، لوهه ٻري، ڌوڌا جت ڌڳن
مترڪن منـﮧ ڪڍيا، سانداڻيون سَهڪَن
اڄ پڻ آڳڙين، ميڙو آهي مچ تي_ (يمن ڪلياڻ)
مٿين بيتن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهي لوهار ڦيري به ڪندا هئا، ۽ ڳوٺن ۾ وڃي ماڻهن جا ڪٽ کاڌل اوزار صفا ڪندا هئا، ۽ مُڏن اوزارن کي سِر اڻن تي چاڙهي تکو ڪندا هئا. ترارن کي پاڻي ڏيڻ، صاف ڪرڻ ۽ تکي ڪرڻ ۾ به ڀَڙُ هوندا هئا، ڦيريءَ کان علاوه مستقل دڪان به هوندا هئن، جن ۾ لوهه ۽ رڪ جا اوزار هر نموني ۽ هر قسم جا ٺهندا هئا.
مٿئين مذڪور مان ظاهر آهي ته اهو محلو 901هه کان گهڻو اڳ آباد هو.
انهيءَ محلي ۾ انصارن جو به هڪ قبيلو رهندو هو، جيڪو طاقت ۽ دولت ۾ ناميارو هو. خواجه شڪر جي اولاد، انهن جا گماشتا هئا. اهي انصار آخر زوال ۾ آيا، ۽ انهن کان پوءِ سندن گماشتن (خواجن) زور ورتو ۽ اهي ٺٽي جي الهندي واري مشهور محلي خواجه شڪر، ۾ رهندا هئا(1).
اهو محلو ڪيترن ناميارن بزرگن جو مسڪن هو، جيئن ته مخدوم فيض الله، جيڪو پنهنجي وقت جو جيد عالم ۽ صاحب ڪمال بزرگ هو، انهيءَ محلي ۾ رهندو هو ۽ درس ڏيندو هو. ٺٽي جو مشهور ولي سيد علي ثاني سندس شاگرد هو. ان جو فرزند سيد جلال ثاني، جيڪو مير صالح ترخان جو نياڻو ۽ ترخان نامـﮧ جي مصنف سيد مير محمد جو والد هو، سو به انهيءَ ڪامل استاد جو شاگرد هو. سيد جو اولاد انهيءَ بزرگ جي اولاد جو گهڻو ادب ڪندو هو، ۽ تبرڪاً پهرين ڦرهي کانئن لکرائيندا هئا. قانع لکي ٿو ته سيد عليءَ جو پوٽو سيد علي اصغر انهيءَ محلي ڏي پير به ڊگها ڪري نه سمهندو هو(1).
ٺٽي جو هڪ ٻيو وڏو عالم ۽ سالڪ مخدوم محمود به انهيءَ محلي ۾ رهندو هو، ۽ کانئس پوءِ سندس اولاد به اتي گذاريو(2). خصرت مخدوم نوح هالائيءَ جو مريد ۽ الله وارو بزرگ، ميان مٺو، گذاريندو ته گهڻو جامع فرخ ۾ هو، ليڪن سندس رهڻ جو حجرو آگر ۾ هو(3). مير قانع جو قول آهي ته سيد علي ثانيءَ جي ميلي کان واندا ٿي، فقير انهيءَ حجري وٽ اچي گڏ ٿيندا آهن. مخدوم نوح عليـﮧ رحمت جي ٻئي مريد سلطان قمر جو حجرو به انهيءَ محلي ۾ هو، جتي پڻ سيد عليءَ جي ميلي کان موٽي، فقير اچي گڏ ٿيندا هئا(4). اهي ٻيئي حجرا مير قانع جي زماني (1181هه) تائين انهيءَ محلي ۾ موجود هئا.
ٺٽي جي ڪيترن الله وارن جا آخري آرام گاهه انهيءَ محلي ۾ هئا، جن جو ذڪر شيخ محمد اعظم ڪيو آهي، مثلاً:
سيد محمد قادري، جيڪو نواب حفظ الله خان جي زماني ۾ (1103_ 1112هه) حيات هو، سو انهيءَ محلي ۾ آرامي آهي. ساڻس گڏ سندس ڀاءُ سيد شاهنواز جي مزار آهي(1). هڪ ٻيو ڪامل پير بدر به انهيءَ محلي ۾ ستل آهي، جنهن لاءِ شيخ اعظم لکيو آهي ته هڪ ڏينهن ڪٿان ويو ٿي، واٽ تي هڪ ماڻهو پيٽ جي سور ۾ تڙپي رهيو هو، ان کي چيائين ته مٽي کڻي پيٽ کي مَل؛ هن ائين ڪيو، ۽ فوراً پيٽ جو سور دفعي ٿي ويس(2). حاجي مؤذن جي مزار به آگر ۾ هئي. اهي سڀ مزارون 1190هه تائين موجود هيون. شيخ اعظم، حاجي مؤذن عليـﮧ رحمت جي سلسلي ۾ لکي ٿو ته_ اکيون نيز طوائف انام براي انجاح مدام خود بمرقد وي سائل شوند، و بکام دل باز روند_ نورالله مرقده“(3).
963هه ۾ انهيءَ محلي تي به گوا جي عيسائن حملو ڪيو هو، ۽ تقريباً ٻه سؤ ماڻهو شهيد ٿيا، جن ۾، بقول شيخ اعظم_ ”درميان شان بسيار اهل پرهيز و تقويٰ و صاحب صدق و صفا بودند_“ انهن کي هڪ هنڌ دفن ڪري، گنج شهيدان ٺاهيو ويو، جيڪو ٻارهن صديءَ جي اختتام تائين زيارت گاهه هو(4).
سُرَهِيَن جو محلو: ٺٽي جا سُرَهيا، جيڪي ريشم ۽ ڀرت خواهه زراندوزيءَ جو ڪم ڪندا هئا، سي سڀ انهيءَ محلي ۾ رهندا هئا. اها قوم پنهنجي تجارت سبب نهايت شاهوڪار، خوشخور ۽ خوش پوشاڪ هئي. ڪي ٿورا منجهن غريب هئا، ورنه گهڻو ڪري سڀئي آسودا هئا. آچارن ۽ چٽڻين ٺاهڻ ۾ اها قوم برک هئي، چنانچه اڄ تائين به شڪارپور خواهه لاڙڪاڻي جا سُرهيا تمام سٺو آچار ٺاهين ٿا.
سيد محمود، ٺٽي جو ڪامل بزرگ انهيءَ محلي ۾ رهندو هو ۽ دفن به اتي ئي ٿيو(1).
محلـﮧ نورسيه: ابتدا ۾ اهو محلو ”خواجن جو محلو“ ڪري سڏبو هو، ڇاڪاڻ ته ان ۾ خواجا قوم ڪثرت سان رهندي هئي. غالبهاً اهي اُهي خواجا هئا، جن کي بقول قانع رسول آباد جي درس لَلي نالي هڪ بزرگ، غوث الٽقلين جي اشاري تي اچي مسلمان ڪيو هو ۽ اهو بزرگ پاڻ به انهيءَ ئي محلي ۾ قيام پذير ٿيو(2).
ٺٽي جي مشهور خوش نويس سيد عليءَ جو پوٽو، سيد احمد، انهيءَ محلي ۾ رهندو هو(3). سيد مير محمد جيڪو مٽياري سيدن مان هو ۽ ڪرامتن وارو بزرگ هو، سو به انهيءَ محلي ۾ گذاريندو هو. ببالائي ڳوٺ جا سومرا انهيءَ بزرگ جا مريد هئا (4). خواجن کان سواءِ انهيءَ محلي ۾ ٻيون قومون به رهنديون هيون، ۽ ڪيترن ساداتن جا به گهر انهيءَ محلي ۾ هئا. مير قانع جي زماني ۾ (1181هه) انهيءَ محلي جو نالو ڦري ”محلـﮧء نورسيو“ ٿيو. ”جمله پير وارو ميدان“ انهيءَ محلي ۾ هوندو هو، جتي درس ملو، شيخ عثمان، شيخ يعقوب ۽ درس امين محمد اچي روزانو گڏبا هئا. انهيءَ محلي ۾ ۽ انهيءَ ميدان جي سامهون ٺٽي جي قديم مسجد هئي، جيڪا مير قانع جي وقت ۾ ”محمد قائم واري مسجد“ڪري سڏبي هئي. انهيءَ ئي مسجد ۾ درس لَلي اچي قيام ڪيو هو(5).
محله ڪشمشيان: هي محلو به ٺٽي جي مشهور محلن مان هو. هن ۾ ڪشمش يا کڻي چئجي ته سڪي ميوي جا واپاري رهندا هئا. انهيءَ دؤر ۾ ٺٽي ۾ خود ڊاک ۽ انگور ڪثرت سان ٿيندا هئا. قنڌار ۽ بلوچستان کان به ٺٽي ۾ تمام گهڻو ميوو ايندو هو. غالباً ميوي جو سمورو واپار انهيءَ محلي جي ماڻهن جي هٿ ۾ هو. مير قانع لکي ٿو ته پهريون انصاري دولت ۾ مشهور هئا، انهن جي زوال بعد وري سندن گماشته خواجه زور ۾ آيا، انهن جي برباديءَ بعد دولت ۽ امارت ۾ ڪش مسشي واپارين ڪنڌ کيو(1).
اهو محلو ميرڪن جي محلي جي اوڀر ۾ هو، ۽ انهيءَ محلي جي پٺيان جهنگل هوندو هو(2). گويا شهر جي اوڀر ۾ انهيءَ محلي تي شهر جو اختتام هو، جنهن بعد ٻيلو هو.
سيد ابراهيم، جيڪو حضرت راجو قتال جو پوٽو هو، ۽ پوءِ ٺٽي ۾ اچي رهيو، ان جي مزار انهيءَ محلي جي الهندي ۾ هئي. قانع لکي ٿو ته ڪئين بزرگ انهيءَ مزار جي زيارت مان فيض ياب ٿيا(3). 1181هه ۾ اهو محلو ۽ اها مزار موجود هئي.
محله مسواڪ ڪشان: ”مسواڪ ڪشان“ جو مطلب ته اهوئي آهي ته جيڪي ڏندڻ ٺاهيندا هئا. اهي انهيءَ محلي ۾ رهيا ٿي ۽ انهنا جو تعداد ايترو وڏو هو، جو آخر محلو ئي انهن جي نالي تي سڏجڻ لڳو. اڳي انگريزي برش، ڏندن کي صفا ڪرڻ لاءِ ته ڪونه هئا. هر ڪو نم، ٻٻر يا کٻڙ مان ٽاري ڀڃي، ان مان ڏندڻ ٺاهي، هر نماز کان اڳ وضوءَ جي وقت ڏيندو هو. ٺٽي جي آبادي لکن کان مٿي هئي، ۽ شهر جا باشندا به متمدن ۽ رهڻيءَ ڪهڻيءَ خواه عادتن اطوارن ۾ نهايت اوج تي پهتل هئا. انهن جي شان وٽان اهو نه هو ته هو پاڻ وڻن مان ڏندڻ ڀڃي هڻن، تنهنڪري ڀانئجي ٿو ته ڏندڻن جي واپار لاءِ ٺٽي ۾ هڪ خاص قوم هئي، جيڪي ”مسواڪ ڪش“ مشهور ٿيا ۽ انهن جو ڌنڌو ئي اهو هو ته هو ڏندڻ ٺاهي پاڻ وٽ رکن ۽ اتان ٺٽي جو هرڪو فيشن ايبل ماڻهو ڏندڻ خريد ڪري.
ٺٽي جو مشهور خوش نويس سيد محمد فاضل انهيءَ محلي ۾ رهندو هو، جنهن جا ٻه پٽ سيد محمد بزرگ ۽ سيد نظام الدين عالمگير جي شروع وارن ڏينهن ۾ دربار ۾ حاضر ٿي، شاهي عهديدارن ۾ وڃي داخل ٿيا. مير محمد بزرگ به پيءُ وانگر خوش نويس هو(1)، ۽ نظام الدين به ڪيترن ئي وصفن سان سينگاريل هو(2).
سنگتراشن جو محلو: ٺٽي جو هي محلو آرٽ، ڪاريگريءَ ۽ صنعت جو نهايت اهم مرڪز هو. ان ۾ سنگتراش رهندا هئا، جيڪي پٿرن تي نقش و نگار ڪڍندا هئا، ۽ مٿن اکر اُڪريندا هئا. مڪليءَ جي مزارن جا پٿر گهڻو ڪري انهيءَ محلي جي ماهرين فن جا شاهڪار آهن.
ڪي ته چٽ ساليءَ جا پاڻ ئي ماهر هئا ۽ ڪي ٺٽي جي ڪنهن چٽ سال کان پٿر تي نقش ڪڍرائي، پوءِ پاڻ ان جي اڪر ڪندا هئا. قرآن شريف جون آيتون، نسخ ۽ طغرائي خط ۾ ۽ ڪتبا فارسيءَ جي نستعليق خط ۾ ٺٽي جي استاد ڪاتبن ۽ خوش نويسن کان ڪڍرائيندا هئا، ۽ پوءِ ان جي اُڪر پاڻ ڪندا هئا_ جيئن ته جامع شاه جهانيءَ جا ڪتبا مختلف ڪاتبن جا لکيل آهن، ليڪن اُڪر انهيءَ محلي جي سنگ تراشن جي ٿيل آهي. خود سنگ تراشن مان ڪي ماهر خطاط هئا، ۽ چٽ ساليءَ ۾ پڻ بي مثال هئا. بهرحال مڪلي انهيءَ محلي جي فنڪارن جي فني مهارت جو مظهر آهي. جڏهن کان ٺٽي مان امير ويا، عالي خاندان ختم ٿيا، رسنديءَ پڄنديءَ وارا ماڻهو زوال هيٺ اچي ويا، قبرون ڪچيءَ مٽيءَ جون ٺهڻ لڳيون، ڪتبن جي ضرورت باقي نه رهي، شهر ۾ مسجدن ۽ عاليشان عمارتن جو ٺهڻ بند ٿي ويو، تڏهن سنگ تراشيءَ جو فن ٺٽي مان موڪلائي ويو ۽ انهيءَ فن جا ماهر به ختم ٿي ويا.
تحفـﺔالڪرام جي تاليف (1181هه) وقت، اهو محلو موجود هو، ڇاڪاڻ ته مير قانع لکي ٿو ته مارﱞندراني ساداتن جي اولاد مان سيد مير نالي هڪ بزرگ انهيءَ محلي ۾ رهي ٿو(1).
نقارچن جو محلو: ٺٽي جي هن محلي ۾ نقارچي رهندا هئا، جن کي سنڌيءَ ۾ ”لنگهو“ چيو ويندو آهي. ٺٽي ۽ ان جي آس پاس وارن شهرن ۾ جڏهن شاديون ٿينديون هيون، ميلا ملاکڙا لڳندا هئا، مڪليءَ تي پيرن فقيرن جا عرس ٿيندا هئا، شهر خواه ٻهراڙيءَ ۾ ڪو خاص خوشيءَ جو موقعو ٿيندو هو، ته انهيءَ محلي جا نقارچي ئي پنهنجا ساز سرود ۽ دهل دماما کڻي وڃي موج لائيندا هئا ۽ مچٽا مچائيندا هئا. ڀانئجي ٿو ته نقار چين جي گهرن جو به ڪو وڏو تعداد انهيءَ محلي ۾ هو، جنهنڪري محلو ئي سندن نسبت سان مشهور ٿي ويو.
گجرات کان آيل بخاري ساداتن جي اولاد مان هڪ سيد، مير نالي، انهيءَ محلي ۾ رهندو هيو(2).
مغلواڙو: ٺٽي جو مغل واڙو ڄام فيروز جي ڏينهن ۾ 20_1121هه کان اڳ آباد ٿيو. دولت شاهي ۽ نور گاهي مغلن جي هڪ ٽولي مير قاسم ڪيبڪ ارغون جي سرڪردگيءَ هيٺ شاهه بيگ کان ڇڄي ڄام فيروز وٽ اچي ٺٽي پهتي. ڄام سنڌ جي سپـﮧ سالار ۽ مملڪت جي وزير اعظم خان دريا خان جي اقتدار ۽ اثر کان تنگ هو. هن انهن مغلن جو اچڻ غنيمت سمجهيو، ۽ سندس خيال هو ته هو انهن جي ذريعي خان اعظم جو اثر ۽ اقتدار زائل ڪندو. ڄام کين ٺٽي جي هڪ پر فضا ۽ بهترين حصي ۾ جايون ڏيئي آباد ڪيو(1). انهيءَ محلي جو انهن مغلن جي نسبت سان ”مغل واڙو“ نالو پئجي ويو. اهي مغل شافعي ال مذهب جا هئا. انهن آخر ڄام فيروز تي ڇا بلڪ سموريءَ سنڌ تي ڏکيو ڏينهن آندو. ڌاريو ڀلا ڪٿي پنهنجو ٿيندو! منجهانئن ڪيبڪ ارغون ٺٽي مان وڃي شاهه بيگ ارغون کي حڪومت جي ڪمزورين کان آگاهه ڪري، سنڏ تي حملي ڪرڻ لاءِ لال چايو. اسباب ٻيا به گهڻا هئا، ليڪن انهن مان هڪ اهو به هو. ارغون آيو ۽ آخر سنڌ هٿن مان ويئي.
شاهه بيگ 927هه ۾ سنڌ فتح ڪري، ارغونن کي به انهيءَ محلي ۾ جايون ڏنيون. محلي جي آس پاس خوبصورت ۽ دلڪش باغ هئا، آب و هوا کليل هئي ۽ محلي جي جاءِ وقوع نهايت موزون ۽ مناسب هئي. بهرحال، اهو محلو، جيئن اسان مٿي مرزائي محلي ۾ ڏيکاري آيا آهيون، شهر جي ڏکڻ ۾ هو، ۽ ٻارهين صديءَ جي اختتام تائين، جيئن ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو، موجود هو.
سيد احمد بن سيد محمد عابد مشهدي، پنهنجي ڀاءُ سيد سميت 910هه ۾ ايران کان حج جي ارادي سان ساموئيءَ ۾ اچي پهتو. موسم جو انتظار ٿي ڪيائين، جو سندس ڀاءُ سيد محمد اوچتو فوت ٿي ويو. سيد دل شڪستو ٿي ساموئيءَ ۾ ئي رهجي ويو. 927هه ۾ شاهه بيگ انهيءَ سيد کي به ساموئيءَ مان لڏائي مغل واڙي ۾ آڻي ويهاريو.
درس ملو، محلي نورسيـﮧ مان اٿي اچي انهيءَ محلي ۾ رهيو، ۽ ٻارهين صديءَ جي اختتام تائين سندس اولاد اتي رهندي آئي(1). ٺٽي جو مشهور خدا رسيدو بزرگ، شاهه ڪرگنج، مغل واڙي جي اتر ۾ جيڪو جهنگل هو، ان جي ڪناري سان تڪيـﮧ ۾ رهندو هو. فوت ٿيڻ بعد انهيءَ تڪيـﮧ ۾ ئي دفن ٿيو. پير شاهه مراد شيرازيءَ جو والد، سيد احمد شيرازي، انهيءَ بزرگ جو نهايت ئي معتقد هوندو هو، ۽ روزانو سندس خدمت ۾ پيو حاضر ٿيندو هو(2). شاهه موصوف جو دوست شاهه شمس به ساڻس گڏ دفن ڪيو ويو(3). تحفـﺔالطاهرين جو صاحب لکي ٿو ته ٺٽي جي هڪ بزرگ سيد ورايي جي مزار انهيءَ محلي ۾، ”قاضي غفران پناهه“ جي مسجد سان لڳو لڳ آهي(4). معلوم نه آهي ته قاضي غفران پناه مان ڪنهن ڏي اشارو آهي. ممڪن آهي ته اهو اشارو قاضي محمد اُچي عليـﮧ رحمت جي اولاد مان ڪنهن ڏانهن هجي! جيڪڏهن اسان جو اهو قياس صحيح آهي ته پوءِ قاضي محمد اُچيءَ کي به شاهه بيگ ارغون اُچ مان گهرائي انهيءَ ئي محلي ۾ ويهاريو ٿو ڏسجي. اڄ تائين سندس اولاد حيات آهي، ۽ شهر جي ڏکڻ ۾ سندن گهر موجود آهن.. مغل واڙو به شهر جي ڏاکڻين حصي ۾ هو، گويا جتي هاڻي قاضين جا گهر آهن، ان جي آس پاس وارو علاقو مغل واڙو هو. قاضين جي گهرن سان گڏ هڪ ننڍي مسجد به آهي، جنهن لاءِ روايت آهي ته قاضي محمد اُچيءَ ٺهرائي هئي ۽ پوءِ بار بار ٺهندي آئي. شايد مٿيون اشارو انهيءَ مسجد ڏانهن هجي. ليڪن اهو معاملو تڏهن واضع ٿي سگهندو، جڏهن سيد ورايي جي مزار ڳولي لهجي. ٺٽي جي ٻن ٻين بزرگن_ پير بودلي ۽ سيد هريي_ جون مزارون به هڪٻئي جي لڳو لڳ انهيءَ محلي ۾ ٻارهين صديءَ جي اختتام تائين موجود هيون(1). اهي ٻيئي بزرگ به وڏين ڪرامتن جا صاحب هئا.
سيد بايزيد، سيد اسماعيل ۽ پير غيب به انهيءَ ئي محلي ۾ مدفون آهن. پويون بزرگ ترخاني دؤر جو آهي. انهن ٽنهي بزرگن جي ڪرامتن جي پڻ شيخ اعظم ڏاڍي تعريف ڪئي آهي(2). اهڙيءَ طرح سيد ورو شاهه شيرازي، سندس مريد سيد سومار ۽ سيد حسين هڪٻئي جي لڳو لڳ انهيءَ محلي ۾ دفن ٿيا. انهن سڀني بزرگن جون مزارون ٻارهين صديءَ جي پڄاڻيءَ تائين مرجع خلائق هيون(3).
963هه ۾ عيسائين جيڪو حملو ڪيو، ان ۾ مغل واڙي اندر ٻه گنج شهيدان ٺهيا. بازار اميربيگ جي ڀر ۾ جيڪا مسجد هئي، ان ۾ جيڪي شهيد ٿيا، سي تقريباً ٻه سؤ کن هئا ۽ منجهن ڪيترا ابرار ۽ احرار هئا. انهن کي مسجد جي ڏاکڻينءَ ديوار سان گڏ، گڏي، هڪ هنڌ دفن ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح ٻه سؤ کن مسلمان بازار اميربيگ جي رستي ۾ قتل ڪيا ويا. انهن کي مٿئين گنج شهيدان جي ڀڪ ۾ جدا دفن ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح مغل واڙي ۾ ٻه گنج شهيدان ٿيا، جن جي ساسلي ۾ شيخ محمد اعظم لکي ٿو ته_ از روات ثقات منقول است که زيارت ايشان در حين مشکلات اضطرار و پريشاني را بفرح و شادماني بدل گردانند و ناکامان را بکام دل رسانند(4).
انهيءَ مذڪور مان اهو ظاهر آهي ته بازار امير بيگ انهيءَ محلي ۾ هئي.
محله گدا بازار: ٺٽي جو هيءُ محلو انهيءَ بازار جي نسبت سان مشهور ٿيو؛ اها بازار محلي منجهه موجود هئي.
ٺٽي جو هڪ ڪامل بزرگ، پير لڌو، جنهن کي شيخ محمد اعظم ”مسيح زمان“ لکي ٿو، انهيءَ محلي ۾ دفن ٿيو. چون ٿا ته جتي دفن ٿيو، اهو حقيقت ۾ سندس دڪان هو، ۽ ان ۾ ڪپهه وڪڻڻ جو ڌنڌو ڪندو هو. پاڻ نهايت حسين ۽ جميل هو. هڪ دفعي شاهه مراد گودڙيو، جڏهن ڪڇ کان آيو تڏهن انهيءَ بازار مان اچي لنگهيو؛ جڏهن پير لڌي جي دڪان تي پهتو، تڏهن سندس سهڻي صورت ڏسي بيهي رهيو. پير لڌي به دڪان تان اٿي، بزرگ جا پير پڪڙيا. شاهه مراد جي ساڻس محبت ٿي ويئي ۽ روزانو اچي سندس دڪان تي ويهندو هو. شيخ محمد اعظم لکي ٿو ته آخر هڪ ڏينهن_ ”بنظر کيميا اثرِ خود، کار وـﻵ تمام ساخت و رسيد به آنچه رسيد“ انهيءَ ڏينهن بعد پير لڌي پنهنجي چهري کي ڪپڙي سان ڍڪي ڇڏيو. انهيءَ بزرگ جي دڪان جي ڀر ۾ مهاڻن جا گهر هوندا هئا. شيخ محمد اغظم لکي ٿو_ جيئن مهاڻين جي عادت آهي، هو روزانو صبح جو اٿي پاڻ ۾ جهيڙو ڪنديون هيون. بزرگ جي دڪان تي ايندڙ ويندڙ جا ڪَن کاڄي ويندا هئا، آخر جهيڙي جو انبوهه ۽ گارين جو طوفان ٻُڌي هڪ ڏينهن ڪنهن ماڻهوءَ بزرگ سان شڪايت ڪئي، جنهن تي بزرگ کيس نهايت دل نشين جواب ڏنو، فرمايائين_ ”باکي نيست، باري بهر رنگ صبح خود را بيدارمي دارند“(1). يعني ”ڀولو نه آهي! بهرحال، ڪنهن نه ڪنهن رنگ ۾ صبح جو ساجهر ته اٿن ٿيون(2).“
سيد علي ثانيءَ (981هه)(1) جو معاصر پير عباس به انهيءَ محلي ۾ دفن آهي. انهيءَ بزرگ جي ڪرامت هيءَ هوندي هئي جو جنهن کي ڪاري يا سفيد چٽيءَ جو مرض کل تي ٿيندو هو، اهو اُن جي قبر تان مٽي کڻي مالش ڪندو هو، خدا جي مهربانيءَ ۽ بزرگ جي برڪت سان فوراً شفاياب ٿيندو هو. انهيءَ قسم جا مريض هر ماه پهرئين آچر تي مڇي ماني نذر طور کڻي وڃي مزار تي حاضر ٿيندا هئا. تحفـﮧالطاهرين جو مؤلف لکي ٿو ته هو پاڻ به انهيءَ مرض ۾ هڪ دفعي مبلا ٿيو، ۽ انهيءَ بزرگ جي ئي مزار تان کيس شفا حاصل ٿي(2). اها مزار اڄ آهي يا نه، ليڪن 1190هه ۾ موجود هئي.
شاهه مبين، جنهن کي سيد منبو به سڏيو ويندو آهي، سو جڏهن ارغونن جي دؤر ۾ سيد شڪرالله شيرازي سان گڏجي ٺٽي ۾ پهتو(3)، تڏهن انهيءَ محلي ۾ هڪ معتقد جي گهر ۾ اچي رهيو، زندگي اتي بسر ٿيس ۽ جڏهن فوت ٿيو، تڏهن انهيءَ ئي گهر ۾ دفن ٿيو، گدا بازار ۽ ان جي نسبت سان محلو انهيءَ زماني ۾ موجود هو. شاه موصوف جي مزار اڄ به موجود آهي، جنهن مان انهيءَ محلي جو محل وقوع معلوم ڪري سگهجي ٿو. ڀائي خان جو محلو، بقول مير قانع، انهيءَ مزار جي اولهه ۾ هو.
محلهه مسڪر: هن محلي جي متعلق نه تفصيل نه اجمال ملي سگهيو آهي. اهو به معلوم نٿو ٿي سگهي ته اهو نالو مٿس ڇو پيو(1)؟ انهيءَ محلي ۾ جيڪي بزرگ مدفون ٿيا اهي هي آهن:

پير محمود، جنهن جي مزار_ ”درحين مشکلات، کام روائي ناکامان و گره کشاي کار فروبستگان_“ هئي، سا انهيءَ محلي ۾ چئي وڃي ٿي(2).
شاهه ڏتو، جو سيد شڪرالله شيرازيءَ جي دوست سيد ڪمال جو صحبتي هو، سو به انهيءَ محل ۾ دفن ٿيو، سيد ڪمال کانئس ظاهري تعليم ورتي هئي(1).
سيد ڪمال جي حويلي پڻ انهيءَ محلي ۾ هئي. جڏهن دنيا مان برقعو مٽايائين، تڏهن اتي ئي پنهنجي حويليءَ ۾ دفن ٿيو(2). انهن چئن يارن مان سيد عبدالله شاه جي درگاهه، جنهن لاءِ ڪنهن شاعر چيوآهي:
زهي بريز نور حق مزار شاهه عبدالله
سراغ جنتي الماويٰ بيابد زاير از آنجا
برنگ شعشـﮧءِ خورشيد انور هر صباح و شام
همي بينم تجليات حق را باهر از آنجا
مڪليءَ تي آهي. سيد شڪرالله جي مزار انهيءَ درگاهه جي قريب آهي: سيد منبو ٺٽي ۾ دفن ٿيل آهي، سندس درگاهه اڄ به موجود آهي، ليڪن هن چوٿين يار جو مدفن، جيڪو مسڪرن جي محلي ۾ هو، اڄ آهي يا نه، پتو ڪونه ٿو پوي.

سيد دائود ۽ سيد اسماعيل، انهيءَ محلي جي هڪ مسجد ۾ دفن ٿيا(3). ميان نورشاهه مجذوب، جيڪو شيخ اعظم جو معاصر هو، سو انهن ٻنهي بزرگن جي پيرانديءَ کان لحد ۾ لاٿو ويو(4). مير عبدالعلي بن سيد محمد بن سيد ابوالفتح بن سيد ڪمال الدين بن سيد بدرالدين مارﱞندرانيءَ انهيءَ محلي ۾ هندن جي مڙهي ڊهرائي مسجد ٺهرائي هئي(1). خبر نه آهي اها ئي مسجد مٿين بزرگن جو مدفن گاه هئي يا ڪا ٻي مسجد.
پير ڇتو، جنهن جو ذڪر اسان مشڪين باغ جي سلسلي ۾ ڪري چڪا آهيون، سو پڻ انهيءَ محلي ۾ شهيد ٿي دفن ٿيو(2). اهو بزرگ جتي دفن ٿيو، اتي سمن جي دؤر ۾ شاهي باغ هوندو هو، اهو محلو پوءِ انهيءَ باغ جي محل وقوع تي آباد ٿيو.
شيخ اعظم جي روايت آهي ته انهيءَ محلي ۾ ٺٽي جي هڪ وڏي ڪرامت واري بزرگ سيد حاجيءَ جي مزار هوندي هئي، جيڪا زماني جي دست برد سبب منهدم ٿي ويئي هئي. ميرزا فتح علي بيگ نالي هڪ مغل امير انهيءَ جاءِ تي هڪ ”زيبا و پرن گار قصر“ ٺهرائي، جنهن ۾ هو رات ڏينهن عيش و عشرت ڪندو هو. سيد حاجيءَ ڪيترا دفعا کيس خواب ۾ آگاهيءَ اشارا به ڪيا، ليڪن هن پنهنجي ڌن، دولت، امارت ۽ وجاهت جي غرور ۾ ڪوبه توجهه ڪونه ڪيو. آخر ماڻهن ڏٺو ته چند ڏينهن جي اندر ئي ان مغل جي دولت ناس ٿي ويئي، پاڻ مفلس ٿي ويو ۽ اهو محل ويران ٿي ويو، ۽ آخر ڪنهن ڏينهن زمين تي وڃي پيو(3).
سيد ابراهيم، جنهن لاءِ تهفـﺔالطاهرين جو صاحب لکي ٿو ته_ ”کلام فيض التيامش بحدي قبوليت داشت، هرچـﮧ بر زبان مبارڪ وي جاري گشتي، همـﮧ دم راه به اجابت کشودي“_ انهيءَ مسجد ۾ دفن ٿيل آهي، جنهن جو نالو ”لکي مسجد“ آهي(4).
ٺٽي جو هڪ ٻيو بزرگ، زين العابدين نالي، پڻ انهيءَ محلي ۾ ستل هو(1).
اهو محلو شايد شهر جي ٻاهرين پاسي کان هو، ڇاڪاڻ ته تحفـﺔالطاهرين جو مؤلف، ”سواد بلده“ (شهر جي پس گردائيءَ) ۾ ستل بزرگن جو ذڪر ڪندي، لکي ٿو ته پير بدر، جيڪو شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ جو ڏهٽاڻ هو، سو محلي مسڪر جي اولهه ۾ دفن ٿيل آهي(2).
تحفـﺔالطاهرين جي لکڻ تي به اڄ ٻن سوَن ورهين جي طويل زماني جو گرد و غبار ڇڙهي ويو، انهيءَ وقت ته اهو محلو ۽ انهن الله وارن جون مزارون ۽ مقبرا موجود هئا. اڄ انهن مان شايد ئي ڪنهن جي قبر سلامت هجي.
سهتيهه محلو: هي محلو، غالباً ارغونن جي ڏينهن کان به اڳ آباد هو. ارغونن جي دؤر ۾ سيد محمود گجراتي، جيڪو ٺٽي جي بخاري ساداتن جو مورث اعليٰ هو، انهيءَ محلي م اچي ويٺو. اهو بزرگ جامع فرخ جيڪا (938هه) ۾ ٺهي ۽ عيدگاهه جو امام ۽ خطيب هو(3).
ٺٽي جا مفتي به غالباً پوئين زماني ۾ لڏي اچي انهيءَ محلي ۾ رهيا. شيخ اعظم، پير کٿوريي لاءِ، جيڪو 963هه ۾ عيسائين جي حملي ۾ شهيد ٿيو، لکي ٿو ته ”متصل خانـﮧ مفتيان“ دفن ٿيل آهي(4). انهيءَ محلي ۾ ڪشمشن جو پاڙو به هو، جنهن جي قريب، سيد ابراهيم(5) ۽ پير کٿوريي جون قبرون هيون. پويون بزرگ نواب شريف الملڪ (35_1037) جي زماني جو آهي(6). انهيءَ نواب جو هڪ خاص ملازم سورجمل پير کٿوريي جي پاڙي ۾ رهندو هو، ۽ پير سان هميشه کاهند پيو ڪندو هو. آخر تنگ ٿي بزرگ نواب ڏانهن عريضو موڪليو، جنهن ان تي ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو، پاڻ هيڪاري پير سان ايذاءُ وڌي ويو. آخر هڪ ڏينهن تنگ ٿي، پير وڏي واڪي فرمايو ته_ ”خدا ڪندو هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو، جو شريف الملڪ کي ڦاهو ايندو ۽ سورجمل کي جيئرو کوهه ۾ اڇلايو ويندو“. جڏهن شاهزادو شاه جهان ٺٽي ۾ آيو، ان وقت انهن ٻنهي شهزادي سان ناگفتـﮧ بـﮧ سلوڪ ڪيو. ان کان پوءِ جڏهن شاه جهان تخت تي ويٺو، تڏهن شريف کي ڦاهيءَ تي چاڙهيائين ۽ سورجمل کي جيئري کوهه ۾ اڇلرائي ڇڏئين.
انهيءَ محلي ۾ جيڪو شاهي رستو هو اُن تي سيد ابراهيم سمن جي دؤر جو بزرگ ۽ شاهه ڪرگنج جو دوست پوريل هو(1). روايت آهي ته پير شاهه ’مراد‘ هر آچر تي پير البي جي زيارت کان انهيءَ بزرگ جي مزار تي ويندو هو.
ٺٽي جا جلدبند انهيءَ محلي ۾ رهندا هئا، ۽ سندن پاڙو خاص ۽ جدا هو. ٺٽي جو هڪ بزرگ سيد ابراهيم، جيڪو 963هه واري حملي ۾ شهيد ٿيو، سو انهيءَ پاڙي ۾ پوريل هو(2).
شاهه غيب ۽ سندس ڀاءُ شاهه ڪمال ٻيئي انهيءَ محلي ۾ مدفون هئا. پهريون بزرگ مجذوب ۽ پويون بزرگ شريعت جي رستي تي محڪم هو(3). پير لاکو(4) ۽ سيد ابابڪر به انهيءَ ئي محلي ۾ آرامي هئا. پويون بزرگ فرنگين واري حملي ۾ شهيد ٿيو(5).
شاهه ڪرگنج جي سلسلي ۾ مير قانع لکي ٿو: مغل واڙي جي اتر ۾ جيڪو ٻيلو هو، ان جي پاسي تي پنهنجي تڪيي ۾ دفن ٿيو(1). محمد اعظم انهيءَ بزرگ جو مدفن محله سهتيه ۾ بيان ڪيو آهي(2) ۽ لکي ٿو ته سندس مريد مهربان فقير پڻ سندس پيرانديءَ کان دفن آهي. انهيءَ منجهان اهو اندازو ٿئي ٿو ته هي محلو مغل واڙي جي ڀرسان ڪٿي هو. ازان سواءِ شهر جي پاسي کان هو، ڇاڪاڻ ته شيخ اعظم شهر جي ٻاهر وارن بزرگن جي بيان ڪندي لکيو آهي ته پير لال ڇتي جي مزار محلي سهتيـﮧ جي اولهه ۾ آهي(3). گويا محلي جي اولهه تي شهر جو خاتمو ٿيو ٿي ۽ پير لال ڇتي جي مزار شهر کان ٻاهر ل ولهه ۾ هئي.
تندسر محلو: ”سر“ سنڌيءَ ۾ چَشِمي کي چئبو آهي، شاهه جا بيت آهن ته:
ٻگهن سين ٻاڻ هڻي، اڏاڻو آڪاس
جتي پرين سنداس، سو ’سر‘ مڻي هنجهڙو
__ __
ٿيو حضوري هاڻ، سوجها پييس ’سر‘ جي
کنڊي لڌي کاڻ، پکيَڙي پاتار ۾
__ __
اڇو پاڻي لُڙ ٿيو، ڪارو ڪيو ڪنگن
ايندا لڄ مرن، تنهن ’سر‘ مٿي هنجهڙا
__ __
ڪسر ڪنگن قبرون، ’سر‘ ساڱاهيج
هنجهه هتي ڳالهڙي، ٻگهن مَ ٻوليج
ماڻي تون مريج، چئج مَ ڪنهين چهنج سين
__ __
’سر‘ سڪي سال ٿيا، هنجهه هريوئي پير
ڪنگ ويچارو ڪير، جو رسي ان رمز کي
__ __
آءُ اڏامي هنجهڙا، ’سر‘ ۾ سارينئي
متان مارينئي، پاڙهيري پهه ڪري
__ __
’سر‘ ۾ پکي هيڪڙو، پاڙهيري پنجاهه
سندي آس الله، لڏي لهرين وچ ۾
__ __
ڪنڌين ۾ ڪوهه ڪرئين، گسن ۾ مَ گذار
وڃي وحدت ويءَ ۾، گهتون ڇڏي گهار
شريعت جو ’سر‘ لهي، تن تنائين تار
حقيقت هنجهن سين، طريقت تنوار
منجهائين معرفت سين، اندر تون اجار
هدايت جي هوءِ ۾، چُڻيو تون چونگار
ته پاڙي هري ان پار، ڪونه ڏسين تون ڪڏهين
__ __
لَلي لنئي رات، ’سر‘ ۾ ڪيو سوجهرو
ٻگها ٻاتاڙآ ٿيا، وائي ڪن نه وات
جنگن پنهنجي ذات، نيئي رسائي روهه کي
__ __
هنجهه مڙيئي هنجهه، ميرو منجهن ناهه ڪو
جتي رهن سنجهه، سو ’سر‘ ڪرين سرهو
__ __
’سر‘ اهي ئي اڳيان، پکي ٻيا پيا
جن لمئو لاتيون ڏنيون، سي ويچارا ويا
پاٽوندر پيا، وڃي ڪينجهر ڪنڌئين
__ __
سرهو ’سر‘ وڃائيو، ڪوڙن ڪانئيرن
رٺا روهه وڃن، ڪنهن هيڻائيءَ کان هنجهڙا
__ __
سو پکي سو پڃرو، سو ’سر‘ سوئي هنجهه
پيهي جان پروڙيو، مون پانهنجو منجهه
ڏيلَ جنهن جو ڏنجهه، سو ماريِ ٿو منجهه ڦري
__ __
آچو پيو آچاهه، ته آچائيءَ آبهو
وهڻ وڙ نه انهن جو، پاڻيءَ لڙ للاهه
’سسر‘ ڏجي ساهه، ڪسر ڪنگن قبرون
__ __
انهن کان سواءِ ميين شاهه عنات رضوي، قطب شاهه رضوي، شريف رضوي، بلاول رضوي ۽ يوسف شاعر هن طرح چيو آهي:
ميون شاهه عنات:
دل ۾ دور مَ کاءُ، پيهي سنجهه سوجهار ’سر‘
اتان ئي ’عنات‘ چئي، آباڇي ۾ آءُ
چلڙ چنج مَ پاءِ تون، ڪر ڪوڻا سين چاءُ
رکي جن الله، وار نه ونگو تن جو
__ __
جيلاهه ڪوڻن منجهه ڪڪور تيلاهه ڀونر ڀڻڪن
ڀال ’سر‘
للا اُتي لال ٿيا، منجهان آب اتور
اهک نه ڪن ’عنات‘ چئي، ان چاري چغل چور
هنجهن لٿا هور، پاٻوڙي پير ڌري
__ __
ڪرين سانگ ’سرين‘، روهان اڏاڻين هنجهڙا
اڳئان ڍاٻي ڍٻيو ڍاٻ کي، پائج پير هرين
ادب ڪج ’عنات‘ چئي، جتي تار ترين
تان تان تان مَ ترين، جان موتي مَ ملي
__ __
قطب شاهه رضوي:
چلڙ ڇڏ چري، وانءُ اڏامي اڇ ۾
آرمرو آرڳ ڪري، جنهن جي بات بري
ماڻج ڪوڻ ’قطب‘ چئي، پاڪيزا پري
تنهن ’سر‘ وانءُ سري، جت هيرو چڻن هنجهڙا
__ __
________________________________________
* شهر جي قديم قلعي متعلق مڪلي نامو ڏسڻ گهرجي، جنهن ۾ تغلقن جي حملي
جي وقت واري عظيم قلعي جو تفصيل ڏنل آهي: ۽ رسالو مهراڻ 1_2 سال 1966ع ص 41 کان 56.
(1) تحفـﮧ الڪرام 173
(1) (تحفـﮧ الڪرام 168) مير قالع انهيءَ سلسلي ۾ ٻي روايت به لکي آهي. چوي ٿو ته ”گاديءَ تي ويهڻ بعد، ميرزا عيسيٰ کي ٺٽي جا ارغون ڏاڍو تنگ ڪندا هئا. روزانو شراب پي، لٺيون ۽ نيزا کڻي، سندس حويليءَ تي ڪاهي ايندا هئا، ۽ رڪيب مان پير اچي سندس گلم تي ڪڍندا هئا. اهڙو ڪوبه ڏينهن ڪونه هوندو هو جڏهن هو حوبليءَ جي دروازي کي نيزن جون نوڪون هڻي، اندر داخل ٿي، کانئس شاه حسن وارو خزانو نه اچي گهرندا هئا،... آخر تنگ ٿي، پنهنجي حويليءَ کي ميرزا عيسيٰ هڪ ننڍڙ قلعو ڏياريو.“
اسان جو خيال آهي ته اهو واقعو 962هه جو آهي. پنهنجي حڪومت مضبوط ڪرڻ بعد ميرزا عيسيٰ پنهنجي انهيءَ حويليءَ مان لڏي وڃي قلعي حاڪم نشين وارين حويلين ۾ رهيو، ۽ 963هه ۾ انهيءَ قلعي حاڪم نشين جي مرمت ڪرائي ان کي مضبوط ڪيائين.
(2) تحفـﮧ 173.
(3) تحفـﮧ 176_ ٻئي هنڌ مير قانع لکي ٿو ته ميرزا باقي پنهنجي محل جي ٻانهين مان هڪ سان شادي ڪرائي ص 266
(1) ترخان نامه تحت ميرزا باقي.
(2) تحفـﺔ 193
(3) شاهه قاسم ارغون، خسرو چرڪس، ڀائي خان، عرب ڪوڪو، جمال الـﮧين ديوان.
(1) تاريخ طاهري تحت ميرزا غازي.
(2) ترخان نامـﮧ تحت ميرزا باقي، تحفـﮧ 175
(3) تحفـﺔ 183
(1) تحفـﺔ 181.
(2) تحفـﺔالڪرام، ايڊٽ حسام الدين ص 392.
(3) تحفـﺔالڪرام 405
(4) مقالات 509، تحفـﺔ 240. مقالات ۾ آهي ته قاضي ابراهيم مصنف شرح مخزن الاسرار ان وقت سندس رڪاب سان هو، شهزادي ان کي حڪم ڏنو ته شهر ۽ قلعي کي باهه ڏياري ڇڏ.
(1) تحفـﺔالڪرام ص 242.
(1) تحفـﺔ ص 244.
(2) مقالات الشعراء ص 180.
(3) مقالات ص 383.
(4) تحفـﺔ فارسي ص 99
(1) تحفـﺔ سنڌي ص 249_ مقالات ص 873.
(2) تحفـﺔ 513.
(1) مقالات 187_376.
(2) مقالات 423.
(3) طاهرين ص 111.
(1) طاهرين ص 111.
(2) طاهرين ص 161.
(3) طاهرين ص 163.
(4) مقالات 370.
(1) تحفـﺔ 525.
(2) تحفـﺔ 231.
(1) انهيءَ بزرگ جي شهادت 963هه ۾ پورچو کيز جي هٿان ٿي. تحفـﺔالڪرام ۾ آهي ته ميان ابوالقاسم نقشبندي عليـﮧ حهمـﺔالمتوفي 7 شعبان 1136هه، جو قول آهي ته شاهه مسڪين جي پايي جهڙو ٻيو ڪو بزرگ ٺٽي ۾ مدفون نه آهي. سندس زيارت مرادون پڄائيندڙ آهي. (تحفـﺔالڪرام فارسي 246) تحفـﺔالطاهرين جي صاحب هيٺين القابن سان کيس ياد ڪيو آهي: ”شاهباز لاهوت، يڪته تازان ميدان جبروت، سر دفتر اولياء ڪبار، سالار قوافل ابرار، صاحب مناقب علـيـﮧ، مظهر ڪرامات جليـﮧ، گل، گلـﮧستهء بوستان اصطفا، گل سرسبز حديقهء ارتضا، شهسوار مضمار معرفت و يقين، سيد شاه مسڪين_“ (ص 99). انهيءَ مؤلف ”ثفـﮧ راوين“ کان ٻڌي لکيو آهي ته اولياء الله جي محفل ۾ شاهه عليـﮧ رحمـﺔ، حضرت غوث الثقلين جي جاءِ نشين ٿيندو آهي. اڳتي هلي لکي ٿو ته_ ”زيارت فيض اشاعت او، گره ڪشاي ڪار فرويستگان، و مرهم بند ناسور دلخستگان است. هر ڪـﮧ از صـﮧق ارادات باستانش رسيد بڪام دل آرميد“.
درگاهه اڄ تائين مرمت ٿيندي اچي ٿي، هر سال اتي ميلو لڳندو آهي ۽ هزارين خلق اچي ڪٺي ٿيندي آهي. درگاهه جي ڏاڪڻ ۽ داخلي دروازو بازار مان آهي. بزرگ جي مزار ڪاٺ جي خوبصورت ڇٽيءَ هيٺ مسقف عمارت اندر آهي. هڪ خدمتگار صفائيءَ لاءِ مستقل رهي ٿو ۽ هر وقت زيارتي ايندا ويندا رهن ٿا. بزرگ جي خاص مريد ۽ خدمتگار سيد خاڪي شاه جي مزار به سندس برابر آهي (تحفـﺔالطاهرين 103). بزرگ پاڻ به هر وقت صلواة شريف پڙهندو هو، ۽ ان جون اميدون فوراً پڄائيندو هو، جيڪو ماڻهو صلواة شريف سان شوق رکندو هو.
1228هه ۾ قلات جي هڪ اهل خير بزرگ، ملا غلام احمد بن ملا عبدالڪريم بابيءَ (هنن جو احوال تڪملـﮧ مقالات ۾ ڏسو ص 386_510) درگاهه جي عمارت ٺهرائي، جنهن لاءِ مير مائل ٺٽويءَ هيٺيان ٻه قطعه تاريخ چيا:
1_ باجاه حق چون اين زمان يمنِ شهر مسڪين نواز
بگرفت باز اين مقبره زين نو بنا رشدِ گزين
از خبر اَنڪس ڪو بجان صادق غلام احمـﮧ است
چون باب خود عبدالڪريم در زمرهء ارباب دين
سالِ بنايش صبحدم گفتـﮧ چنين روح القدس
”بر بانيء اين مقبره باجاه حق صد آفرين“ 1228هه
2_ اين رشڪ ارم مقبرهء سيد مسڪين بگرفت چو زين تازه بنا تازه فضا زود
(ڏسو حاشيو صفحي 47 تي)
(حاشيو آندل صفحي 46 تان)
از خير غلام احمد نامي ڪـﮧ در احباب چون باب ڪريم است به هر باب ذوي الجود
تاريخ بنايش ڪـﮧ زنو آمده بالخير ”با خير به از مقبره گو“ هاتف فرمود
مٿين ٻنهي قطعن مان معلوم ٿئي ٿو ته درگاهه ۽ مقبرو 1228هه ۾ نئين سر ملا غلام احمد تعمير ڪرايو، جنهن جي اڄ تائين ٿيندي اچي ٿي.
(1) تحفـﺔالطاهرين ص 102.
(1) طاهرين ص 104.
(2) طاهرين ص 105.
(3) طاهرين ص 107.
(4) طاهرين ص 102.
(5) طاهرين ص 108_109.
(1) طاهرين ص 109.
(2) تحفـﺔ 230
(3) تحفـﺔ 218
(4) تحفـﮧ 230
(1) تحفـﺔ 237
(2) طاهرين 111
(3) طاهرين 112 ۽ تحفـﺔ فارسي 245.
(1) طاهرين 113
(2) تذڪره اميرخاني ص 210.
(3) طاهرين 114.
(1) طاهرين 114
(2) طاهرين 116.
(1) تحفـﺔ 484.
(2) طاهرين 165
(3) طاهرين 148.
(4) طاهرين 149
(1) ”تا کار بجائي رسيد کـﮧ کسان شحنـﮧ ميرزا باقي را، از محلـﮧ مغلواره، و ميرزائي، و آگر، منع کردند کـﮧ: کسان ميرزا باقي در اين محالات نيامده باشند کـﮧ نصف شهر از بازار ميرزائي طرف شمال تعلق به ميرزا محمد باقي دارد، و نصف ديگر از بازار مذڪوره جانب جنوب بما!“_ ترخان نامـﮧ تحت ’باقي‘.
(2) سيد 922 ۾ انتقال ڪيو ۽ ساموئيءَ ۾ دفن ٿيو. قالع لکي ٿو ته هو پويان اولاد ڇڏي ويو، جن مان ڪي اڃا تائين تعلفي ڪڪرالي جي واري ديهه ۾ رهن ٿا، ڪي ٻين پاسن ڏانهن لڏي ويا ۽ ڪي ٿورا آڪر محلي ۾ رهي گذاري ويا_ تحفـﺔ 478.
(1) تحفـﺔ 484.
(1) تحفـﺔ 549.
(2) تحفـﺔ 553.
(3) تحفـﺔ 613_ اهو بزرگ مڪليءَ تي پر آسات جي ڏاڪڻ هيٺان دفن ٿيل آهي.
(4) تحفـﺔ 114.
(1) طاهرين 133.
(2) طاهرين 135.
(3) طاهرين 136.
(4) طاهرين 135
(1) تحفـﺔ 603
(2) تحفـﺔ 575
(3) تحفـﺔ 593
(4) تحفـﺔ 520
(5) تحفـﺔ 575
(1) تحفـﺔ 484
(2) تحفـﺔ 513
(3) تحفـﺔ 605
(1) سيد محمد بزرگ پنهنجي پيءُ مير محمـﮧ فاضل خان کان مشق سکي، پوءِ شاهب ندر جي خوش نويس محمد شفيح جو شاگرد ٿيو. عالمگير کيس وري هدايت الله زرين رقم وٽ ڇڏيو. آخر شاهزادي ڪام بخش جو استاد مقرر ٿيو. بهرحال، 31 ورهيه عالمگير جي خدمت ۾ رهي، سندس وفات بعد ٺٽي موٽي آيو، جتي 1152هه ۾ 80 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين.
(2) تحفـﺔ 519.
(1) تحفـﺔ 495.
(2) تحفـﺔ 511
(1) تحفـﺔ 137 ۽ معصومي 113.
(1) تحفـﮧ ص 575
(2) تحفـﮧ ص 655
(3) طاهرين ص 126، شاهه ڪر گنج چوندو هو ته هي شاهه شمس شمس تبريزيءَ کان هڪ قديم اڳي آهي.
(4) طاهرين ص 127
(1) طاهرين ص 128
(2) طاهرين ص 129_130.
(3) طاهرين 132
(4) طاهرين ص 131.
(1) طاهرين 145، تحفـﺔ 604
(2) اهو بزرگ ٻارهين صديءَ جي شروع ۾ فوت ٿيو، ڇاڪاڻ ته مير قانع لکي ٿو ته ”هن کان (1181هه) ڪي سال اڳ سندس صحبتن مان ڪي ماڻهو ڏسڻ ۾ ايندا هئا“ تحفـﺔ 604
(1) مڪلي نامه 73.
(2) طاهرين 147.
(3) سيد شڪرالله شيرازي، سيد ڪمال شيرازي، شاهه عبدالله صحابي ۽ سيد منبو_ چارئي پاڻ ۾ يار هئا ۽ ٺٽي ۾ به گڏجي آيا. جيترو وقت زنده هئا، روزانو پاڻ ۾ صحبتون ۽ ڪچهريون ڪندا هئا ۽ حال قال ونڊيندا رهيا. مير قانع، جيڪو سيد شڪرالله جي خاندان جو فرد آهي، سو سندس سلسلي ۾ لکي ٿو ته_ ”حضور و مجرد در گذشت، کراماتش اظهر و خوارق آياتش اشهر، زيارتش بر آرنده حاجات عمدم خلق الله“ (ت ڪ 245). سيد شڪرالله جي خاندان جي پوءِ انهيءَ بزرگ سان عقيدت رهي ۽ هميشه ضروت وقت انهيءَ خاندان جا افراد سندس مزار فيض آثار جي زيارت تي ويندا رهندا هئا. حقيقت ۾ سيد شڪرالله جو چوڻ به پنهنجي پوين کي اهوئي هو. انهيءَ گهراڻي جو تعلق جيڪو بزرگ سان هو، ان جو اظهار مير قانع جي فرزند مير سائل تقريباً بزرگ جي وفات کان سؤ ورهيه پوءِ، هن طرح ڪيو آهي.
بدر گاهت اي شاهه سيد مبين مرا زقدم هست چو راهي نياز
ازين راهه و رسمِ نياز قديم کـﮧ دارم بدرگاهت از ضبط ناز
بتقديم عجز و نيار دلم به رويم به فرما در فيض باز
که سازم بدرگاه فيضِ تو عرض ز عجز و نياز دلي جملـﮧ راز
بس اين عرض عجز است ز مائل بحق
ببين عجزم اي شاهه عاجز نواز
(ڏسو حاشيو صفحي 57 تي)

(بقايا حاشيو آندل سفحي 56 تان)
تحفـﺔالطاهرين جي مولف، شاهه مذڪور جي تعريف هن طرح ڪئي آهي_ ”زبده عارفان ڪامل، سلالـﮧ و اصلات اهل دل، مخزن هدايت، مدن ولايت، شاهباز اوج جبروت، محرم خلوت سرائي لاهوت، نخلبند گلستان توحيد، رنگ بخشي بوستان تفريـﮧ، شاربِ رحيق تحقيق، سالک مسالک توفيق، قدوت الموحدان وارسـﺔ، حضرت سيـﮧ منبه“_ اڳتي هلي لکي ٿو ته_ ”گمگشتگان تَبهه حالات را بشهرستان هدايت رهبري ميفرمود، و سرگشتگان ظلمت جهالت رابشغل معرفت لاه مينمود_ مقامات عاليش ازان بلندتر است کـﮧ طائر کلک بر اوج بيانش پرواز نمايد، ومرغ بيان بر فراز اوصافش بال پرواز کشايد_“ سندس مزار جي زيارت لاءِ شيخ محمد اعظم جا جذبات هن طرح آهن:
”مزار فيض آثارش، مهبط انوار الهيٰ و مرقد پر انوارش محل تجليات لامنتهائي است. سائلان درگاهش را هردم گل اميـد بدامان، و اسپ مراد در زير ران_“ (طاهرين 146). اها لفظن جي بازي گري يا محض عبارت آرائي ڪانه آهي، بلڪ اڄ تائين به ماڻهن کي اهائي انهيءَ بزرگ سان عقيـدت آهي جيڪا اڄ کان ٻه سؤ يا چار سؤ ورهيه اڳ هئي. درگاهه جي هر سال مرمت ٿيندي رهي ٿي. بزرگ جي مزار ڪاٺ جي پڃري اندر، ڪاٺ جي خوبصورت ڇٽيءَ هيٺان آهي. سندس پيرانديءَ کان سندس انهيءَ مريد ۽ ان جي وانده جون قبرون آهن، جن جو اهو گهر هو، جنهن ۾ سيد صاحب قيام فرمايو هو. اڄ تائين ساليانو سندس مزار تي ميلو لڳندو آهي، ۽ روزانه حاجت منـد درگاهه جي زيارت ڪندا رهن ٿا.
(1) دراصل انهيءَ محلي جو نالو مِسگر يا مِسگران آهي. مِس ڌات جو قسم آهي. سون ۽ چانديءَ جي ورقن ٺاهيندڙن کي به مسگر چئبو آهي.
اصفهان ۾ بازار مسگران هئي (ڏسو باستان شناسي و هنر ايران 5:1 ص 48)
(2) طاهرين 150.
(1) طاهرين 151.
(2) تحفـﮧ فارسي 198_245 ۽ طاهرين 152.
(3) طاهرين 153
(4) طاهرين 152.
(1) تحفـﺔ 495.
(2) طاهرين 155
(3) طاهرين 156
(4) طاهرين 157
(1) طاهرين 157.
(2) طاهرين 194.
(3) تحفـﺔ 510، ڏسو مسجد جو ڪتبو ۽ احوال تحفـﺔالڪرام حسام الدين ايڊٽ ص 109
(4) طاهرين 120
(5) طاهرين 121
(6) طاهرين 121
(1) طاهرين 125
(2) طاهرين 119
(3) طاهرين 118
(4) طاهرين 123
(5) طاهرين 124.
(1) تحفـﺔ 605
(2) طاهرين 119
(3) طاهرين 174.

ٺٽي شهر جي آڳاٽي جاگرافي 1

(قلعا، بازاريون، حويليون، باغ وغيره)

[هيءٌ مضمون 1959ع ۾، جنهن وقت آءُ منيلا (فلپائينس) ۾ بيمار هيس، لکيو هيم. تحفـﺔالڪرام جو سنڌي ترجمو ۽ تحفـﺔالطاهرين منهنجي سامهون هئا. واندڪائيءَ جي ورونهن طور هي ڪم ڪيم. خيال هو ته ڪراچيءَ پهچي وڌيڪ مواد گڏ ڪري نقشن ۽ تصويرن سميت مضمون کي مڪمل ڪبو، ليڪن نه وقت ملي سگهيو، نه مواد گڏ ڪري سگهيس، ۽ نه شهر جو ڪو قديم نقشو ملي سگهيو جنهن ۾ تاريخي مقامات، پاڙا، حويليون، بازاريونج، مسجدون ۽ مزارون نروار ٿيل هجن. نيٺ چوڏهن سالن بعد لاچار ٿي هيءُ مضمون هن اميد تي ڇپائي رهيو آهيان ته هن بعد خدا ڪندو ڪو ٻيو لکندڙ اٿندو جيڪو آزاد سنڌ جي انهيءَ قديم ۽ ملڪان ملڪ مشهور دارالسلطنت جي تاريخي جاگرافيءَ جي تڪميل ڪندو. مزارون، مسجدون ۽ ڪيترا ٻيا تاريخي آثار ۽ اهڃاڻ اڃا موجود آهن، جن جي ذريعي قديم شهر جو پورو پورو نقشو ڪڍي سگهجي ٿو، پاڙا متعين ڪري سگهجن ٿا ۽ پراڻيون حدون قائم ڪري تاريخ جي هڪ وڏيءَ ضروت کي پورو ڪري سگهجي ٿو. هن مضمون سان گڏ ڪجهه تصويرون ۽ نقشا شامل ڪجن ٿا. حسام الدين راشدي_ حيدرآباد، تاريخ 26_ آگسٽ 1972ع].

(1) قلعا *

عالم پناه: اٺين صديءَ هجريءَ جي حڪايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته ٺٽي جي شهر کي چوڌاري ڪابه عالم پناه ڪانه هئي، ڇاڪاڻ ته 772هه ۾ جڏهن سلطان فيروز شاهه تغلق ٺٽي تي چڙهائي ڪري آيو، تڏهن ٺٽي جو حاڪم ڄام خيرالدين ٺٽي مان نڪري وڃي ”آب“ جي قلعي اندر قلعي بند ٿيو، ۽ سلطان فيروز ٺٽي شهر ۾ اچي داخل ٿيو. ٺٽي کي جيڪڏهن ٻاهران قلعو هجي ها ته هوند ڄام کي، گاديءَ وارو شهر ڇڏي ’آب‘ جي قلعي ۾ پناه وٺڻي نه پوي ها. انهيءَ کان پوءِ سمن جي دﺆر تائين اسان کي شهر جي عالم پناهه جو ڪوبه نشان پتو ڪونه ٿو پوي. سمن جو دﺆر سانتيڪو رهيو، تنهنڪري شايد کين قلعي جي ضروت نه پئي. 927هه ۾ جڏهن شاهه بيگ ٺٽي کي فتح ڪيو، ان وقت به قلعي جي سلسلي ۾ ڪا صراحت موجود ڪانه آهي. ارغونن به پنهنجو وقت بنان شهرپناه جي پورو ڪيو.
پهريون دفعو، شهرپناه جو ذڪر اسان کي پورچو گيزن جي حملي کان پوءِ 963هه ۾ ملي ٿو، يعني جڏهن پورچو گيز 963هه ۾ شهر کي ساڙي ٻاري، لُٽي ڦري ۽ خون خرابو ڪري موٽي ويا، تڏهن ميرزا عيسيٰ ترخان، سلطان محمود جي جنگ تان دست ڪش ٿي اچي، ٺٽي پهتو، ۽ شهر ۽ پنهنجي حاويلين جي مرمت ڪرايائين، ۽ ساڳئي وقت قلعي حاڪم نشين، جنهن ۾ اندر سندن حاويليون هيون، ان کي به مضبوط ڪيائين ۽ شهر جي چوڌاري به عالم پناهه ڪڍرائي شهر کي محفوظ ڪيائين (1).
اهو قلعو غالباً مٽيءَ جو ٺاهيو ويو هو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن پڪين سرن جو ٺهيل هجي ها ته پوء به قائم هليو اچي ها ۽ اهڙيءَ طرح برباد نه ٿئي ها، جو اڄ ان جي هڪ سِر به سلامت ڪانه ٿي ملي، حالانڪ جيڪي پڪ سرا قلعا سنڌ ۾ هئا، تن جا آثار اڃا به موجود آهن، مثلاً اروڙ جو قلعو، بکر جو قلعو، سيوهڻ جو قلعو، ۽ خود ٺٽي جي ڀڪ ۾ تغلق آباد وارو قلعو.

قلعـﮧ حاڪم نشين: قلعـﮧ حاڪم نشين ان کي چئجي ٿو جيڪو شهر ۾ اندر موجود هو، ان ۾ حڪومت ڪندڙ گهراڻن جون محل ۽ ماڙيون هيون. اهو قلعو ڪنهن ۽ ڪڏهن ٺهرايو، ان جي متعلق صحيح اطلاع ڪونه آهي. ليڪن اهو معلوم ٿئي ٿو ته اهو قلعو 963هه کان اڳ ٺهيل هو (1)، ۽ ارغونن جي ختم ٿيڻ بعد انهن محل ۽ ماڙين تي تون حاڪمن يعني ترخانن قبضو ڪيو. ٽئين سال ۾ جڏهن ميرزا عيسيٰ عالم پناهه ڪڍرائي، ان وقت انهيءَ قلعي جي به مرمت ڪرائي ۽ ان کي وڍيڪ مضبوط ڪرايو (2).
قلعي ۾ ڪيتريون محلاتون هيون، جن مان شايد ڪي ارغونن جون به ٺهرايل هجن ۽ ڪي سمن جي دؤر واريون به هجن. ميرزا باقيءَ جي زماني ۾ ڪيترن محلاتن جو پتو پوي ٿو. مثلاً هڪ عمارت ۾ هن پنهنجي خاص معتمد ملا بهبود کي رهايو هو(3). ميرزا صالح جي آڪهه، ميرزا عيسيٰ جون بيگمات يا ان جي متعدد پٽن جون ماڙيون جدا جدا هيون. ميرزا غالب کي ميرزا باقيءَ قتل ڪرائي ان جي صغير ڀيڻ ۽ ڏاڏيءَ کي اصل واري محل مان لڏائي، ٻيءَ هڪ ماڙيءَ ۾ ويهاريو. (1)
ترخانن جون اهي محل ۽ ماڙيون، 999هه جي آخر ۾، ميرزا جانيءَ جي چوڻ تي، سندس پيءُ ميرزا پائنده بيگ ساڙائي ويران ڪرائي ڇڏيون، ڇاڪاڻ ته کين خطرو هو ته ممڪن آهن ته خان خانان سان جاري ڪيل جنگ جو نتجو سندن حق ۾ نه نڪري ۽ هو ٺٽي تي قبضو ڪري. نه فقط اهي محل برباد ڪيا ويا بلڪ سموري شهر کي تهه و بالا ڪيو ويو. ٻار ٻچا وٺي، پاڻ پائنده بيگ وڃي تغلق آباد جي قلعي ۾ رهيو، ڇاڪاڻ ته اهو وڌيڪ مضبوط ۽ جنگ جي سٽ سهڻ جهڙو هو. انهيءَ تباهيءَ جو ذڪر ڪندي مير قانع لکي ٿو ته ”برابر هڪ مهيني تائين ٺٽو برباد ٿيندو رهيو، سموري شهر ۾ باهيون ڏنيون ويون، ماڻهو لڏي ويا، شهر ويران ڏسي ڦورو شهر ۾ داخل ٿيا ۽ شهر وارن جيڪو مال ۽ زر زمين ۾ دفن ڪري ڇڏيو هو سو کوٽي کڻي ويا. هڪ اُٺ جي ڪرايي ۾ سامان جو برابر اڌ ورتو ٿي ويو (2) “
1000هه ۾ آخر سنڌ خان خانان فتح نه ڪئي بلڪ جانيءَ سان صلح ڪري کانئس ورتي. جاني پنهنجي اميرن سميت خان خانان سان گڏ اڪبر وٽ وڃي حاضر ٿيو. خان خانان جي ڪوشش سان ٺٽي جي حڪومت وري کيس بطور جاگير جي ملي. پاڻ اتي رهيو ۽ پنهنجي اميرن(3) کي هن موٽائي موڪليو، جن ٺٽي پهچي ٻيهر لڏي ويل ماڻهن کي آڻي شهر کي آباد ڪيو، ۽ سرڪاري قلعي خواه محلاتن جي مرمت ڪرائي، انهن کي رهڻ جي قابل بڻايو.
ميرزا غازيءَ جو ذڪر ڪندي، تاريخ طاهريءَ(1) جو صاحب لکي ٿو ته هن، قلعـﮧ حاڪم نشين اندر پنهنجي رهڻ لاءِ ٻه نوان محل ٺهرايا، جن جي اندر ديوارن تي نقش و نگار ۽ تصويرون ڪڍرايون ويون هيون. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته 1000هه ۾ جيڪا تباهي ٿي، ان بعد، باوجود مرمت جي به، محل ميرزا غازيءَ پنهنجي رهڻ جي قابل نه سمجهيا ۽ هن نين عمارتن جي تڪميل ڪئي. ليڪن افسوس آهي جو ميرزا انهن محلاتن ۾ گهڻو وقت گذاري ڪونه سگهيو، سندس سڄي زندگي شاهي درٻار ۾ ۽ قنڌار جي حڪومت هلائڻ ۾ گذري.
ميرزا باقيءَ پنهنجي دور ۾ نه فقط شهر ۾ خون خرابو ٿي ڪرايو، بلڪ قلعي اندر به متعدد دفعا قتل ڪرايا ويا. سندس ابتدائي عهد ۾، ارغونن ميرزا عيسيٰ وانگر هن کي به خزاني ورهائڻ لاءِ اچي تنگ ڪيو، جنهن تي هن هڪ ڏينهن، سڀني ارغونن کي خزاني ورهائي ڏيڻ ۽ کين دعوت کارائڻ جي بهاني سان اندر قلعي ۾ گهرايو. جڏهن سڀ ارغون اچي ديوان ۾ گڏ ٿيا تڏهن هن سڀني کي قتل ڪرائي ڇڏيو، ۽ ان بعد شهر ۾ جيڪي ارغون رهجي ويا هئا، انهن جي قتل جو به حڪم ڏنائين. مرد، پوڙها ۽ ٻار ته ڪُٺا ويا بلڪ عورتن جي پيٽن ۾ جيڪي ٻار هئا، سي به پيٽ جيرائي ڪڍرايا ويا ۽ انهن کي به ٻه اڌ ڪيو ويو(2).
جڏهن ميرزا باقيءَ کي سندس پٽ ميرزا شاهه رخ جي موت جو پتو پيو، تڏهن هو ايتري قدر ديوانو ٿي ويو، جو قلعي اندر جيڪي عورتون هيون، انهن جا ٿڻ وڍائي ڇڏيائين ۽ سندن سٿڻن ۾ ٻليون وجهرايائين(3).
قلعي ۾ ڪيترا سامان ۽ آنّ رکڻ لاءِ گدام به هئا، ميرزا باقيءَ اهي سمورا گدام اَنّ سان ڀرائي ڇڏيا هئا. پراڻي آنّ مٿان نئون آن پيو پوندو هو ۽ اهڙيءَ طرح آنّ سڙي ويندو هو، تڏهن به اتعمال نه ڪرائيندو هو(1).
ترخانن جو آخري حاڪم ميرزا غازي 1021هه ۾ فوت ٿيو، جنهن بعد مغلن جا نواب ٺٽي تي اچڻ لڳا. انهن نوابن جو قيام به انهيءَ قلعي حاڪم نشين ۾ هوندو هو. شاهجهان شاهزادگيءَ جي دؤر ۾ (رمضان 1035هه)(2) ٺٽي آيو. خيال هيس ته قلعي ۾ اندر اچي رهندو، ليڪن کيس ٺٽي جي شاهي حاڪم شريف الملڪ ٻاهران ئي ٻاهران، وڙهي موٽائي ڪڍيو. شاهزادو دارا شڪوه جڏهن ڀاءُ سان اختلاف ڪري، هندستان مان نڪري ٺٽي اچي پهتو، ان وقت ان جو ارادو به انهيءَ قلعي ۾ رهڻ جو هو، ليڪن علعو شايد ايتري قدر سادو ۽ ننڍو هو جو شاهزادي کي پسند نه آيو، ۽ قباد خان (3) (67_1070هه) کي، جيڪو ٺٽي جو ان وقت حاڪم هو، حڪم ڪيائين ته قلعو ۽ شهر ساڙائي ڇڏيو. پاڻ هڪ طرف کان آيو ٻئي طرف کان نڪتو هليو ويو. شهر جي گهاٽ وٽ حڪم جي تعميل خاطر چند ڀونگين کي باهه ڏني ويئي، جنهن بعد اهو گهاٽ، ”سوختـﮧ گهاٽ“ جي نالي سان مشهور ٿيو(4). انهن روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته قلعو ۽ ان جون محل ماڙيون گهڻيءَ حد تائين زبون ٿي ويون هيون، جنهنڪري شاهزادي کي ان ۾ رهڻ پسند نه آيو.
ٺٽي جي شهر وٽ جيڪو درياء جو گهاٽ هو، ان تان لهي جيڪڏهن قلعي طرف اچڻو پوندو هو ته واٽ تي گاءُ ڪش قاصائن جي بازار مان لنگهڻو پوندو هو. چنانچه جڏهن 1099هه ۾ نواب مريد خان ٺٽي جو حاڪم ٿي اچي گهاٽ وٽ پهتو، تڏهن هن شهر جي قاضيءَ محمد حسين ڏانهن نياپو موڪليو ته قاصائن کي بازار مان دڪان کڻائي ڇڏيو. ساڻس راجپوتن ۽ هندن جو لشڪر ساڻ هو، ممڪن آهي ته لنگهندي ڪو خراب واقعو نه ٿي پوي. قاضي صاحب بجاءِ هن جي جو قاصائن جا دڪان کڻائي ڇڏي، اٽلو دڪانن کي ڳائي گوشت سان ڀرائي ڇڏيائين. آخر مجبور ٿي مريد خان، جيڪو پاڻ به نومسلم هو، پنهنجي لشڪر سميت اتان ئي لنگهي اچي قلعي ۾ پهتو. مير قانع جو چوڻ آهي ته قاضي صاحب جي انهيءَ دليريءَ جو سبب اهو هو، جو ان وقت حڪومت عالمگير بادشاهه جي هئي، جيڪو ”دين پرور“ هو(1).
ٻارهين صديءَ جي شروع ۾ ڀانئجي ٿو ته قلعو ۽ ان جون جايون مرمت نه ٿيڻ سبب زبون ٿي ويون هيون. شايد ڪيتري زماني کان مرمت ڪانه ٿي هئي، ۽ اهو ئي سبب هو جو دارا شڪوه به ان ۾ رهڻ پسند نه ڪيو. جڏهن نواب حفظ الله خان (1103_1112هه) ٺٽي ۾ آيو، تڏهن ان، ضرورت کي محسوس ڪري، قلعي ۽ جاين جي مرمت ۾ هٿ وڌو. شايد بادشاهه کيس شهر پناه ٺهرائڻ جو به حڪم ڪيو هو، ليڪن هن پهريائين قلعه حاڪم نشين جي مرمت ڪرائي. مرمت اڃا شروع ٿي هئي، جو سوابح نگار بادشاهه کي رپورٽ ڪئي ته سرڪاري پئسا پنهنجي رهائش واري قلعي ۽ جاين تي صرف ڪيا وڃن ٿا، حالانڪ سرڪاري حڪم هو ته شهر پناهه تيار ڪرائي وڃي؛ جنهن تي نواب کي سرڪاري خزاني مان خرچ جي مجرائي ڪانه ملي، جنهنڪري جو ڪم جتي هو، اتي ئي ڇڏيو ويو. مير قانع لکي ٿو ته ”ٺٽي جي حاڪم جي رهڻ وارو قلعو، جو اڃا تائين باقي آهي، نواب حفظ الله خان جو ٺهرايل آهي؛ ان جي اڻپوري رهڻ جو سبب اهو آهي جو کيس مرمت جا پئسا مجرا ڪونه ٿيا ۽ ڪم اڌ ۾ ڇڏيو ويو، تنهنڪري مرزا باقيءَ وارو (يعني ترخانن وارو) حصو قائم رهندو آيو،(1). مقالات ۾ مير جا لفظ هي آهن: ”تنمـﮧء ديوارها بگل چيده، از بناي قديم ماند“(2). ان مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته قلعي جون ديواريون مٽيءَ سان لتل هيون، ۽ قلعو ڪچو هو، ڇاڪاڻ ته جي پڪ سرو هجي ها ته مٿانئس مٽيءَ جي لنب جي ضرورت ته هئي.
ڀانئجي ٿو ته قلعي جي مرمت جو ڪم حفط الله خان 1109هه ۾ شروع ڪيو ۽ مرمت سان گڏ هن قلعي جي دروازي وٽ هڪ مسجد به ٺهرائي، جنهن جو ذڪر اسان مسجدن واري عنوان ۾ ڪيو آهي، انهيءَ مسجد جي تعمير جو اهو ئي (1109هه) سال آهي(3).
قلعي کي متعدد دروازا هوندا هئا، ڇاڪاڻ ته ان جي اوڀارين دروازي جو ذڪر مير قالغ ڪيو آهي. مير احمد يار خان يڪتا جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”پل عاليجان محاذي دروازه مشرق قلعي ارک از آثار اوست“(4)اهو واهه قلعي جي اوڀر کان وهندو هو ۽ ان تي اها پل گذر گاهه لاءِ احمد يار خان پنهنجي زماني (1116_1119هه) ۾ ٺهرائي.
عالمگير جي وفات بعد دهليءَ جي تخت تي ڪئين شهزادا تخت نشين ٿيا، لٿا ۽ قتل ٿيا. ملڪ جو انتظام درهم برهم ٿي ويو. ٺٽو چونڪه دور دراز مقام تي هو، تنهنڪري هتي ته خاص طرح حالتون خراب ٿي ويون. نواب عطر خان، فرخ سير جي دؤر ۾ ٺٽي تي حاڪم ٿي آيو. اهو حڪمران ئي هو ته وري پنهنجي اثر رسوخ سبب ٺٽي جي رضوي سيد، مير محمد شفيع لطف علي خان ٺٽي جي حڪومت لاءِ حڪم نامو حاصل ڪيو. هُو جڏهن ٺٽي پهتو، تڏهن عطر خان انهيءَ حڪم کي مڃڻ کان انڪار ڪندي، قلعي ۾ بند ٿي ويهي رهيو. قلعو ايترو ته ان دؤر ۾ به مضبوط هو، جو پورا ٻارهن مهينا مير محمد شفيع مقابلو ڪيو ۽ محاصرو ڪيو، ليڪن قلعو فتح ڪري نه سگهيو. آخر 1126هه ۾ اوچتو عطر خان لڙائيءَ هلندي قتل ٿي ويو، جنهن بعد قلعي تي مير محمد شفيع قبضو ڪيو(1).
1138هه کان پوءِ ڀانئجي ٿو ته قلعي جي مرمت لاءِ دهليءَ کان حڪم آيو، ۽ انهيءَ ڪم جو مهتمم حڪومت طرفان سيد سعدالله بن سيد محمد شجاع بخاريءَ کي ڪيو ويو. مرمت جو ڪم ڪهڙو ٿيو، ڪيتري قدر ٿيو، ان جو تفصيل موجود ڪونه آهي. مير قانع تحفـﺔالڪرام ۾ سيد محمد شجاع المتوفي 1138 جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته_ ”سندس فرزند سيد سعدالله مٿين خذمتن (جامع فرخ ۽ عيد گاهه جي امامت) کان سواءِ، واهن ۽ کوهن کوٽائڻ ۽ ٺٽي جي قلعي اڏائڻ (مرمت) جي نگرانيءَ ۽ داروغپ ۽ بادشاهه پاران بيت المال جي داروغپ جي عهدن تي رهي، زماني ۾ ممتاز رهي ويو“(2).

ٺٽي ۾ ٽي مذهبي عهدا هئا: هڪ شيخ الاسلام جو عهدو، جنهن تي پوراني سادات فائز رهندا آيا؛ ٻيو قاضي القضات جو، جنهن تي سيد شڪرالله کان پوءِ قاضي محمد اوچي ۽ کانئس پوءِ سندس اولاد مقرر ٿيندو رهيو؛ ٽيون قاضي قلعـﮧء حاڪم نشين جو عهدو. قلعي جي قاضيءَ جو شايد ٻاهرين معاملات سان واسطو ڪونه هوندو هو، فقط قلعي جي معاملات تائين سندس مذهبي فيصلا محدود هئا. اهو عهدو به هڪ خاندان جي حوالي رهندو آيو، ۽ انهيءَ خاندان جي ڪن فردن جو ذڪر ڪندي مير قانع لکيو آهي ته ”از قبيلـﮧ“ ”قاضات زاده قلعـﮧ“ وغيره. قانع جي دؤر ۾ انهيءَ خاندان مان محمد اشرف نالي هڪ باذوق ۽ سخن فهم بزرگ هوندو هو، جنهن جي زبانيءَ ۾ مير قانع مقالات ۾ چند روايتون نقل ڪيون آهن(1). مير قانع انهيءَ خاندان جي هڪ ٻئي فرد جو پڻ ذڪر ڪيو آهي، جنهن جو نالو عبدالقادر هو، ۽ ان جيڪا نادر جي مرڻ جي تاريخ چئي سا نهايت موزون و مناسب آهي. تاريخ آهي ته:
فتنـﮧء نادر چو برون شد ز ميان
راحت آمد بهمـﮧ عالميان
خوش خبر هاتف فرمود ز غيب
”محو شد آفت نادر ز جهان“ 1160هه(2).
قلعي جي متعلق انگريزي سياح ڪپتان هملٽن جي هڪ روايت آهي. ڪپتان موصوف 1699ع/1111هه ۾ ٺٽي آيو ۽ اهو قلعو اچي ڏٺائين. سندس قول آهي ته قلعي ۾ هڪ وقت پنج هزار ماڻهو رهي سگهن ٿا.
قلعه حاڪم نشين ڪٿي هو، ان لاءِ سواءِ هن جي ٻيو ڪو اطلاع ڪونه آهي ته تحفـﺔالطاهرين جي مـؤلف ان جو ذڪر محلـﮧ ڀائي خان ۾ ۾ ڪيو آهي(3). اسان کي ٺٽي جي هڪ عمر رسيده بزرگ ٻڌايو ته مسجد شاهجهانيءَ جي داخلي دروازي اڳيان ڏکڻ ۾ جيڪو وڏو ميدان پيو آهي، اتي قلعه حاڪم نشين هو. اها سموري اراضي محلـﮧ ڀائي خان ۾ هئي. مسجد شاهجهاني ۽ مسجد اميرخاني، هي ٻئي ڀائي خان جي محلي ۾ هيون. اها روايت قرين قياس به آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙي شاندار مسجد ضرور انهيءَ ايراضيءَ ۾ ٺهي هوندي، جتي قلعو ۽ سرڪاري عمارتون يا اميرن جا رهائشي مڪان هوندا. مٽيءَ جا جيڪي ڍير پيا آهن سي پڻ ڏيکارين ٿا ته اتي ڪي وڏيون ديواريون ڊهي ڪِريون آهن.
قلعي جي چوڌاري ڪيترن بزرگن جون درگاهون هونديون هيون، جن جو ذڪر محلـﮧ ڀائي خان جي تحت، تحفـﺔ الطاهرين ۾ آيو آهي. مثلاً:
شيخ موسيٰ لانگاه عيسيٰ ترخان جي دؤر جو بزرگ آهي، سندس مزار محلي ڀائي خان ۾، قلعي ارڪ سان متصل هئي(1). ٺٽي جو ٻيو هڪ بزرگ پير ڇتو پڻ قلعي جي ڀڪ ۾ دفن ٿيو (2)، ساڻس گڏ پير لال جي قبر هئي(3). ميان درگاهي شاهه جيڪو نواب سعيد خان (1119هه) جي دؤر جو بزرگ هو، جڏهن فوت ٿيو، تڏهن قلعي جي قريب سپرد خاڪ ڪيو ويو. انهن سڀني بزرگن جون درگاهون 1190هه تائين سلامت هيون.
قلعي جي ديوار سان لڳولڳ ميان گلاب شاهه جو تڪيو هوندو هو. غريب غربو، فقير خواهه مسافر ايندي ويندي اتي اچي ساهه پٽيندو هو ۽ ڪنهن وقت ته ڪجهه ڏينهن تائين به انهيءَ تڪيي ۾ رهي پوندا هئا. محمد ضياء مشهدي عالمگير جي دؤر ۾ ٺٽي آيو، شاعر هو ليڪن فقيرمنش. انهيءَ تڪيي ۾ اچي ڪيترو وقت رهيو. مير قانع لکي ٿو ته نه فقط جوان هو بلڪ خوبصورت پڻ هو. سندس شعر جو نمونو هي آهي:
آه سردي کز دلِ محزون بر آيد صبحگاه،
از براي ديو نفسِ سر کش ست تيرِ شهاب (4).

(2) محلا

شوارين جو محلو: ٺٽي جو هڪ محلو هو. قانع لکي ٿو ته سيد نور شاهه، جيڪو پيران پير جي اولاد مان بزرگ هو، ان جون جايون انهيءَ محلي ۾ آهن. گويا اهو محلو 1181هه تائين ۽ ان کان پوءِ به موجود هو ۽ انهيءَ زماني ۾ سيد نور شاهه جي اولاد مان پني لڌو شاه هو، جيڪو ڪڇيءَ ۾ به رهندو هو ۽ انهن جاين جو به وارث هو(1).

مير احمد بيگ جو محلو: مير احمد بيگ مزنگ، ميرزا جانيءَ جو خاص امير هو. ميرزا غازيءَ کيس ”سلطان“ جو لقب ڏنو هو، ۽ جڏهن کيس قنڌار جي صاحبي ملي ان وقت اڳ ۾ احمد بيگ کي ”اعتماد خان“ جو خطاب ڏيئي موڪليو هئائين. سندس پُٽ منعم بيگ ۽ پوٽو مير شرفو ٺٽي جي اهم ماڻهن مان هئا. پير پٺي جي ڏاڪڻ انهيءَ مير شرفوءَ جوڙائي هئي. مير منون ۽ مير ڇتن، مير شرفوءَ جو اولاد هئا، جيڪي پوئين زماني جي برک ماڻهن مان ٿيا.
ٺٽي جو اهو محلو مير احمد بيگ جي ئي نالي تي منسوب ٿيو، ڇاڪاڻ ته مير موصوف ۽ سندس اولاد جون جايون انهيءَ محلي ۾ هيون. مير قانع لکيو آهي ته اهو محلو اتي هو، جتي هاڻي (1181هه) امير خاني رهن ٿا(2). جامع شاهجهانيءَ جي اوڀارينءَ ديوار سان لڳولڳ اڄ به اميرخاني سادات رهن ٿا، ۽ انهيءَ وقت کان وٺي اهو محلو سندن رهائش گاهه آهي، جڏهن کان مير ابوالبقا امير خان ٺٽي جي نوابيءَ (1039_1041هه) بعد ٺٽي ۾ مستقل رهائش شروع ڪئي ۽ اهو محلو ڦري ”محلو اميرخاني“ مشهور ٿيو. مير قانع اهو پڻ اشارو ڏنو آهي ته مير احمد بيگ جي اولاد مان پوءِ ڪو ڪونه رهيو. ممڪن آهي ته احمدبيگ جي اولاد ختم ٿيڻ بعد امير خانن انهن جا ئي گهر وسايا هجن.
محلـﮧ غلـﮧ بازار: آنّ بازار اها ئي هئي، جنهن ۾ شاه مسڪين جو مقبرو آهي. انهيءَ بازار جي چوڌاري واري ايراضيءَ کي محلهء غلـﮧ بازار سڏبو هو، جتي مسڪين شاهه دفن آهي، اهو ئي سندس گهر هو(1).
غلـﮧ بازار جي پويان الهندي طرف انهيءَ محلـﮧ ۾ هڪ مسجد هئي، جنهن ۾ ميان ٺاري پنهنجو مدرسو قائم ڪيو هو. اهو بزوگ تحفـﺔالڪرام جي تاليف (1181هه) وقت موجود هو (568)
سيد محمد ٺٽي جو هڪ ولي هو، قاضين جو سڄو محلو سندس مريد هو، سندس درگاه اناج بازار جي اوڀر ۾ قانع جي وقت ۾ موجود ۽ عام و خاص ماڻهن جو زيارت گاهه هو (تحفـﺔ 604) (تحفـﺔ الطاهرين 101).
سيد محمد مڪائي، جنهن جي هڪ مزار حيدرآباد ۾ ٽڪريءَ تي آهي، ان جي ٻي مزار غلـﮧ بازار ۾ هئي، ۽ قانع جي زماني تائين موجود هئي (604).
ٻيا به ڪيترا بزوگ انهيءَ محلي ۾ آرامي آهن، جن جو ذڪر تحفـﺔ الطاهرين جي مؤلف ڪيو آهي. مثلاً:
شيخ فريد، جيڪو باطني ڪمالات کان سواءِ ظاهري علومن ۾ به يگانو هو، ۽ 963هه ۾ فرنگين هٿان شهيد ٿيو، سو به انهيءَ محلي ۾ پوريل هو(1).
حاجي محمد يعقوب، ٺٽي جو هڪ عارف ڪامل، پڻ انهيءَ محلي ۾ ستل هو. انهيءَ بزرگ جو قول هو ته ”سڀني اذڪارن لاءِ دل جو حضور شرط آهي، ۽ ان کان سواءِ جيڪو پڙهندو ته قبول نه ٿيندا، ليڪن صلواة شريف بي حضور دل سان به قبول پوندي“. چنانچه پاڻ به صلواة شريف تي ايترو عامل هو جو ڪنهن به بيماريءَ تي هڪ دفعو صلواة پڙهندو هو، ته مريض کي شفا نصيب ٿيندي هئي (1) .
ٻيو بزرگ سيد محمود نالي هو، جنهن جي پڻ مزار انهيءَ محلي ۾ هئي. انهيءَ بزرگ جي سلسلي ۾ تحفـﺔالطاهرين جي مؤلف هڪ واقعو لکيو آهي. لکي ٿو ته مخدوم محمد حافظ اُڌيجن جي ويٺل جو قول آهي ته جڏهن هو ٺٽي ۾ تعليم وٺڻ آيو، ان وقت هڪ مهه جبين ۽ ماه رو تي عاشق ٿي پيو. عشق جو مٿس اهڙو غلبو ٿيو جو حاشيـﮧ شميسـﮧ اٿلائيندو هو ته انهيءَ معشوق جو چهرو نظر ايندو هيس ۽ جي تفسير بيضاوي کوليندو هو ته ان ۾ اکرن جي بجاءِ محبوب جا خد و خال ڏسندو هو. جڏهن حالت سخت ناگفتـﮧ ٿيس تڏهن مٿئين بزرگ جي مزار تي ويو ۽ دعا گهريائين، انهيءَ کان پوءِ فوراً مٿانئس انهيءَ عشق جو غلبو لهي ويو(2).
انهيءَ محلي ۾، ”خشتي حويلي“ مشهور هوندي هئي. انهيءَ جي ڪنڊ ۾ هڪ ڪامل ولي سيد ابراهيم شهيد مدفون هو(3). انهيءَ ئي محلي جي ڇيڙي تي ميربحرن جي ڍنڍ هوندي هئي، جنهن جي ڪناري تي سيد ابراهيم مجذوب ۽ سيد عبدالله جون قبرون زيارت گاهه هيون(4). شيخ حسن، جيڪو مخدم اسحاق اربعائيءَ جو دوست هو، ۽ سندس مريد سيد ابراهيم جون قبرون هڪٻئي سان گڏ انهيءَ محلي ۾ ڪنهن طرف هيون. پويون بزرگ جفر ۽ نجوم جو به ماهر هو، ليڪن جڏهن شيخ حسن جي نظر فيض اثر مٿس پيئي تڏهن سڀيئي ڳاليهون وسري ويس(5).
پير بودهن جي مزار ڪرامت آثار به انهيءَ محلي ۾ هوندي هئي. انهيءَ بزرگ جي ڪرامت هيءَ هوندي هئي جو جيڪو ٻُچي سندس قبر تي وڃي کاڏي گسائيندو هو، ان کي يڪدم چاپئين ڏاڙهي ڄمي پوندي هئي. چنانچه شيخ محمد اعظم مولف تحفـﮧالطاهرين جي هڪ دوست سان به اهڙو پسڻ ٿيو(1).
بهرحال اهو محلو خداوارن جو آرامگاهه هو. محلو ۽ ان ۾ مٿي مذڪور ٿيل سڀ زيارتون تحفـﺔالطاهرين جي تاليف 1190هه تائين موجود هيون، ملا محمد عليءَ جو محلو: ملا محمد علي ميرزا جاني بيگ ترخان جو امير هو، اهو محلو سندس نالي سان مشهور هو، ڇاڪاڻ ته سندس جايون انهيءَ محلي ۾ هيون، ۽ پوءِ سندس اولاد به اتي ئي رهندي هئي. سندس پٽ محمد قاسم شاهجهاني وزير جعفر خان جو منشي هو. ان جو هڪ پٽ محمد مقيم پيءُ کان پوءِ پيءُ واريءَ جاءِ تي مقرر ٿيو، ۽ ٻيو پٽ محمد عارف شهزادي ڪام بخش جي سرڪار ۾ منشيءَ هو. قانع لکي ٿو ته انهن ملازمتن سبب ملا محمد عليءَ جو سمورو اولاد لڏي وڃي دهليءَ رهيو، ٺٽي ۾ فقط انهن جا ڏهٽاڻ وڃي رهيا، جيڪي مير قانع جي دؤر تائين انهيءَ محلي ۾ رهندا هئا(2).
ڀائي خان جو محلو: ملا گدا علي ”ڀائي خان“(3). ميرزا جاني ترخان جو امير هو. اهو محلو سندس نالي پٺيان مشهور ٿيو(4). اهو محلو جامع شاهجهانيءَ جي اتر ۾، اميرخاني محلي سان، جيڪو مير احمد بيگ جي محلي واري هنڌ تي آباد ٿيو، ملحق هو. مسجد اميرخاني،جيڪا شاهجهاني مسجد جي اترينءَ ۽ اولاهينءَ ڪنڊ تي ٿورو اڳڀرو آهي، سا ان وقت محلي ڀائي خان ۾ هئي. ”چوڪ ملڪ مان“ ۽ ”چوڪ عبدالغني“ انهيءَ مسجد جي ٻن طرفن مان هئا (1)، گويا اهي به محلي ڀائي خان ۾ هئا. اهو محلو شاهه منبي جي مزار جي الهندي طرف کان هو. انگريزن جي ڪوٺي به انهيءَ محلي ۾ انهيءَ جاءِ تي هئي جتي ان کان اڳ مرزا حسين جي جاءِ هوندي هئي. مرزا حسين جي جاءِ پوءِ ٿي، ان کان اڳ انهيءَ هنڌ سيد محمد باقر ۽ سيد محمد طاهر استرآبادي رهندا هئا.
استرآبادي سيد پوءِ باغائي سيد ڪوٺجڻ لڳا، ۽ اڄ تائين انهيءَ لقب سان مشهور آهن. مير طاهر نسياني مولف ”تاريخ طاهري“ انهن سيدن مان هو.
انهيءَ محلي ۾ هيٺيان بزرگ مدفون هئا، جن جو ذڪر قانع ۽ شيخ محمد اعظم ڪيو آهي.
شيخ موسيٰ لانگاهه قلعـﮧ ارڪ (يعني قلعـﮧ حاڪم نشين) جي ديوار سان لڳو لڳ دفن هو(2). پير شاهي، جيڪو 963هه ۾ عيسائن جي محلي ۾ شهيد ٿيو، سو پڻ انهيءَ محلي ۾ ”ملڪ مان چوڪ“ جي قريب پنهنجي گهر ۾ دفن ٿيو(3).
شيخ اعظم جي مٿئين قول مان ظاهر ٿيو ته قلعـﮧ ارڪ پڻ محلي ڀائي خان ۾ هوندو هو ۽ ”چوڪ ملڪ مان“ به انهيءَ محلي ۾ هو. قلعـﮧ ارڪ جي سلسلي ۾ ٺٽي جي هڪ بزرگ مون کي ٻڌايو ته قلعو، جامع مسجد جي ڏاکڻي داخلي دروازي جي سامهون جيڪو ميدان پيو آهي ان ۾ هوندو هو قرين قياس به اهوئي آهي. ترخانن جڏهن قلعو تعمير ڪيو ته ان جي چوڌاري هنن پنهنجي اميرن کي ويهاريو ۽ قلعي جي چوڌاري وارا محلا انهي ئي اميرن جي نالي پٺيان مشهور ٿيا، جيئن ته محلي ڀائي خان جو پتو به قلعي جي قريب پوي ٿو. مير احمد بيگ جو محلو به محلي ڀائي خان سان متصل هو، جنهن ۾ پوءِ اميرخاني آباد ٿيا، ۽ اڄ تائين اهو محلو انهيءَ ئي جاءِ تي آباد آهي. اهو محلو به قلعي سان گڏ هو. مغلن پنهنجي دؤر ۾ جامع شاه جهاني به قلعي ارڪ جي سامهون ٺهرائي.
سيد لطيف شاهه جي مزار انهيءَ قلعي ۾ هئي. انهي بزرگ لاءِ شيخ اعظم لکيو آهي ته شاهه ڦاڦڙو شهر جي وڏن واپارين مان هو. کيس نهايت ئي خوبصورت پُٽ هو_ ”بغايت خوبروئي کـة آفتاب از پرتو عذارش خيره، و ماهتاب از رشک جمالش تيره“_ سيد صاحب جو ان مـﮧ جبين ۽ پري روءِ سان عشق مجازي ٿي ويو. آخر جڏهن خواري ٿي، تڏهن لکو شاهه سير جي بهاني سيد کي ٻيڙيءَ ۾ وٺي ويو ۽ وچ درياهه ۾ پهچي ڳچيءَ سان پٿر ٻڌي، درياهه ۾ اُڇليائينس. بزرگ ٻڏو ڪونه بلڪ پٿر ڪپهه جهڙو هلڪڙو ٿي درياهه ۾ ترڻ لڳو ۽ بزرگ به ٻيڙيءَ سان گڏ هلڻ لڳو. اها ڪرامت ڏسي لکو شاهه حيران ٿي ويو، ۽ آخر سيد کي موٽائي شهر ۾ وٺي آيو ۽ پُٽ کي شافي بنائي بزرگ کان پنهنجي قصور جي معافي ورتائين(1).
پير ڇُٽي جي مزار مير متين الدين خان حسين (المتوفي 1177هه)(2) امير خانيءَ جي حويليءَ سان گڏ هئي(3). ان مان پڻ اهو ظاهر ٿيو ته ڀائي خان جو محلو تمام وڏو هو_ شاهه منبي جي مزار جي اولهه کان شروع ٿي جلمع شاهه جمانيءَ جي اترينءَ ديوار کان ٿيندو امير خاني محلي جي اتر سان وڃي ٿي لڳو. پير صلاح الدين هڪ هندي بزرگ جيڪو ڄام فيروز (914_930هه) جي دؤر ۾ ٺٽي ۾ آيو، انهيءَ محلي ۾ مدفون ٿيو(1). پير ڇتو جو ڪامل ولي پڻ انهيءَ محلي ۾ ڪنهن هنڌ دفن ٿيل هو(2).
شيخ اعظم، شهر جي پس گردائي (سواد بلده) جي بزرگن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ميان زاهد شاهه جي مزار محلي ڀائي خان جي اوڀر ۾ اتي آهي، جتي سندس تڪيو هوندو هو ان مان معلوم ٿئي ٿو ته محلي ڀائي خان جو ڇيڙو شهر جي ٻاهر تائين ٿيو ٿي.
مير فرخ ارغون جي ٺهرايل ”جامع فرخ“ به انهيءَ محلي ۾ هئي. مسجد سان متصل جيڪو 963هه ۾ شهيدن جو گنج ٺهيو، ان جو ذڪر شيخ اعظم انهيءَ محلي هيٺ ڪيو آهي. مير فرخ ارغون شاهه حسن ارغون جو عزيز هو. هن اها مسجد دستور موجب پنهنجي رهڻ واري حويليءَ جي قريب ٺهرائي هوندي. گويا ارغون خواهه ترخان حڪمرانن جي رهڻ جو هنڌ (قلعـﮧ ارڪ) انهيءَ ئي ايراضيءَ ۾ هو، ۽ اتي ئي آسپاس سندن امير ۽ عزيز رهندا هئا. اهو محلو ۽ مٿي بيان ڪيل زيارتون 1190هه تائين موجود هيون.
اهو محلو غالباً ٺٽي جي مشهور خواجه شڪر جي نالي پٺيان آباد ٿيو، جنهن جا وڏا شيخ عيسيٰ لنگوٽي برهان پوريءَ سان گڏ ساموئيءَ ۾ آيا. تحفـﮧالڪرام ۾ آهي ته_ چون ٿا ته آڪر (محلي) جي رهاڪو انصارن جو هڪ ٻيو قبيلو، ڏاڍيءَ طاقت وارو ۽ دولتمند هو ۽ اهو قبيلو وڏو هو. مشهور خواجه شڪر جي اولاد، جن جا وڏا شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ سان گڏ برهانپور کان آيا هئا، سي به دراصل انهن جا گماشتا هئا (تڪ 484)، جن انصارين جي زوال بعد دولت ۽ امارت ۾ زور ورتو. جڏهن اهي به زوال هيٺ آيا، تڏهن وري، بقول قانع ٺٽي جي، ڪشمشي واپارين پئسي ۽ واپار ۾ ڪنڌ کنيو.

محله خواجه شڪر: ان محلي جو ذڪر تحفـﺔالطاهرين جي مؤلف ڪيو آهي. اهو محلو ڀانئجي ٿو ته شهر جي بلڪل ٻاهرين پاسي ۾ هو، ۽ خود اهو محلو، بقول مير قانع، شهر جي اولهه ۾ هو ۽ نهايت مشهور هو(1). محمد اعظم شهر جي آسپاس (سواد بلده) وارن بزرگن جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته پير ڇَتي جي درگاهه خواجه شڪر جي محلي جي اولهه ۾ قاصائن جي پاڙي ۾ آهي(2)؛ گويا محلي جي اولهه کان قاصائن جو پاڙو هوندو هو.
سيد حاجي مؤذن، جيڪو حال ۽ قال جو بزرگ هو، سو انهيءَ محلي ۾ مدفون ٿيو. هڪ ماڻهوءَ جي اکين جي ديد اهڙي جهڪي ٿي ويئي جو ڏسڻ وائسڻ کان بيهجي ويو. هن بزرگ وٽ ويو، چيائينس ته سرائي سرمي مان ڀري سڄيءَ اک م ڦيرائي چئو ”لالـﮧ الاالله نورالعينين“، کٻيءَ اک ۾ گهمائي چئو ”محمد رسول الله سيدالڪونين“. هن ائين ڪيو، نور اوجر ٿي پيس، اهڙيءَ طرح جو اونداهيءَ ۾ به بنان روشنيءَ جي شيءَ نظر ايندي هيس(3).
سيد اسماعيل به ٺٽي جو وڏو ڪامل بزرگ هو، جيڪو پڻ انهيءَ محلي ۾ آرامي هو(4). 1190هه تائين اُهي مزارون ۽ اُهو محلو موجود هئا.

محله مرزائي بازار: انهيءَ نالي جو محلو ۽ بازار ٻيئي ارغون ۽ ترخان دؤر جا هئا. مرزا باقيءَ جي پهرئين سال ارغونن ساڻس بغاوت ۽ سرڪشي ڪئي. شهر جي جنهن حصي ۾ ارغونن جي بود و باش هئي، اهو مرزائي بازار کان ڏکڻ ۾ هو. ترخان نامـﮧ جو مؤلف لکي ٿو ته ارغونن مرزا باقيءَ جو ڪوبه ماڻهو محلي مرزائي بازار، اگر محلي ۽ مغلواڙي ۾ ڪونه ٿي ڇڏيو. هڪ ڏينهن مرزا باقيءَ ڏانهن هنن نياپو موڪليو ته مرزائي بازار کان اتر طرف جيڪو شهر آهي سو تنهنجي حصي ۾ آهي، ۽ بازار جي ڏکڻ حصي وارو پاسو اسان جي قبضي ۽ ملڪ ۾ آهي(1). آخر انهيءَ سرڪشيءَ جو نتيجو اهو نڪتو، جو هڪ ڏينهن سڀني ارعونن جي دعوت ڪري کين قلعي ۾ گهرائي، مرزا باقيءَ سنڌي سپاهين هٿان کين قتل ڪرائي ڇڏيو. قريب هزار ارغون ان ڏينهن قتل ٿيا ۽ جيڪي بچيا انهن ڀڄي وڃي سکر ۾ سلطان محمود وٽ پناهه ورتي.
مٿئين مذڪور مان اهو ئي اندازو ٿئي ٿو ته سرڪاري عمارتون، قلعـﮧ حاڪم نشين وغيره، شهر جي اُترئين حصي ۾ هيون.
محله اگر: آگريو يا اگر محلو، چيو وڃي ٿو ته اگريه قوم جي نسبت ڪري مشهور ٿيو. انهيءَ قوم جي ماڻهن جا انهيءَ محلي ۾ ڪثرت سان گهر هئا. اها قوم لوهارڪو ڌنڌو ڪندي هئي، ۽ جڏهن سيد يعقوب ۽ سيد اسحاق مشهدي، ڄام نظام الدين جي ڏينهن ۾ 901هه ۾ مشهد کان لڏي ساموئيءَ ۾ آيا، تڏهن اها قوم، سيد يعقوب جي مريد ٿي. قانع لکي ٿو ته آگره قوم جو اولاد اڄ تائين (1181هه) انهيءَ سيد(2) جو مريد آهي.
اصل سنڌيءَ ۾ لفظ ”آڳڙيا“ آهي، جيئن ”شاهه لطيف“ پنهنجي بيتن ۾ ان کي آندو آهي. مثلاً:

اڄ آڳڙيا آئيا، سوڌا سرائي
پاڻي پياري، تيغون ڪندا تکيون
¬¬¬¬___
اڄ آڳڙيا آئيا، سائو ڪي سُڄاڻ
لاهيندا مورياڻ، رُڪُ ڪريندا پڌرو
___
ڪٽ ڪڙهي، لوهه ٻري، ڌوڌا جت ڌڳن
مترڪن منـﮧ ڪڍيا، سانداڻيون سَهڪَن
اڄ پڻ آڳڙين، ميڙو آهي مچ تي_ (يمن ڪلياڻ)

مٿين بيتن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهي لوهار ڦيري به ڪندا هئا، ۽ ڳوٺن ۾ وڃي ماڻهن جا ڪٽ کاڌل اوزار صفا ڪندا هئا، ۽ مُڏن اوزارن کي سِر اڻن تي چاڙهي تکو ڪندا هئا. ترارن کي پاڻي ڏيڻ، صاف ڪرڻ ۽ تکي ڪرڻ ۾ به ڀَڙُ هوندا هئا، ڦيريءَ کان علاوه مستقل دڪان به هوندا هئن، جن ۾ لوهه ۽ رڪ جا اوزار هر نموني ۽ هر قسم جا ٺهندا هئا.
مٿئين مذڪور مان ظاهر آهي ته اهو محلو 901هه کان گهڻو اڳ آباد هو.
انهيءَ محلي ۾ انصارن جو به هڪ قبيلو رهندو هو، جيڪو طاقت ۽ دولت ۾ ناميارو هو. خواجه شڪر جي اولاد، انهن جا گماشتا هئا. اهي انصار آخر زوال ۾ آيا، ۽ انهن کان پوءِ سندن گماشتن (خواجن) زور ورتو ۽ اهي ٺٽي جي الهندي واري مشهور محلي خواجه شڪر، ۾ رهندا هئا(1).
اهو محلو ڪيترن ناميارن بزرگن جو مسڪن هو، جيئن ته مخدوم فيض الله، جيڪو پنهنجي وقت جو جيد عالم ۽ صاحب ڪمال بزرگ هو، انهيءَ محلي ۾ رهندو هو ۽ درس ڏيندو هو. ٺٽي جو مشهور ولي سيد علي ثاني سندس شاگرد هو. ان جو فرزند سيد جلال ثاني، جيڪو مير صالح ترخان جو نياڻو ۽ ترخان نامـﮧ جي مصنف سيد مير محمد جو والد هو، سو به انهيءَ ڪامل استاد جو شاگرد هو. سيد جو اولاد انهيءَ بزرگ جي اولاد جو گهڻو ادب ڪندو هو، ۽ تبرڪاً پهرين ڦرهي کانئن لکرائيندا هئا. قانع لکي ٿو ته سيد عليءَ جو پوٽو سيد علي اصغر انهيءَ محلي ڏي پير به ڊگها ڪري نه سمهندو هو(1).
ٺٽي جو هڪ ٻيو وڏو عالم ۽ سالڪ مخدوم محمود به انهيءَ محلي ۾ رهندو هو، ۽ کانئس پوءِ سندس اولاد به اتي گذاريو(2). خصرت مخدوم نوح هالائيءَ جو مريد ۽ الله وارو بزرگ، ميان مٺو، گذاريندو ته گهڻو جامع فرخ ۾ هو، ليڪن سندس رهڻ جو حجرو آگر ۾ هو(3). مير قانع جو قول آهي ته سيد علي ثانيءَ جي ميلي کان واندا ٿي، فقير انهيءَ حجري وٽ اچي گڏ ٿيندا آهن. مخدوم نوح عليـﮧ رحمت جي ٻئي مريد سلطان قمر جو حجرو به انهيءَ محلي ۾ هو، جتي پڻ سيد عليءَ جي ميلي کان موٽي، فقير اچي گڏ ٿيندا هئا(4). اهي ٻيئي حجرا مير قانع جي زماني (1181هه) تائين انهيءَ محلي ۾ موجود هئا.
ٺٽي جي ڪيترن الله وارن جا آخري آرام گاهه انهيءَ محلي ۾ هئا، جن جو ذڪر شيخ محمد اعظم ڪيو آهي، مثلاً:
سيد محمد قادري، جيڪو نواب حفظ الله خان جي زماني ۾ (1103_ 1112هه) حيات هو، سو انهيءَ محلي ۾ آرامي آهي. ساڻس گڏ سندس ڀاءُ سيد شاهنواز جي مزار آهي(1). هڪ ٻيو ڪامل پير بدر به انهيءَ محلي ۾ ستل آهي، جنهن لاءِ شيخ اعظم لکيو آهي ته هڪ ڏينهن ڪٿان ويو ٿي، واٽ تي هڪ ماڻهو پيٽ جي سور ۾ تڙپي رهيو هو، ان کي چيائين ته مٽي کڻي پيٽ کي مَل؛ هن ائين ڪيو، ۽ فوراً پيٽ جو سور دفعي ٿي ويس(2). حاجي مؤذن جي مزار به آگر ۾ هئي. اهي سڀ مزارون 1190هه تائين موجود هيون. شيخ اعظم، حاجي مؤذن عليـﮧ رحمت جي سلسلي ۾ لکي ٿو ته_ اکيون نيز طوائف انام براي انجاح مدام خود بمرقد وي سائل شوند، و بکام دل باز روند_ نورالله مرقده“(3).
963هه ۾ انهيءَ محلي تي به گوا جي عيسائن حملو ڪيو هو، ۽ تقريباً ٻه سؤ ماڻهو شهيد ٿيا، جن ۾، بقول شيخ اعظم_ ”درميان شان بسيار اهل پرهيز و تقويٰ و صاحب صدق و صفا بودند_“ انهن کي هڪ هنڌ دفن ڪري، گنج شهيدان ٺاهيو ويو، جيڪو ٻارهن صديءَ جي اختتام تائين زيارت گاهه هو(4).

سُرَهِيَن جو محلو: ٺٽي جا سُرَهيا، جيڪي ريشم ۽ ڀرت خواهه زراندوزيءَ جو ڪم ڪندا هئا، سي سڀ انهيءَ محلي ۾ رهندا هئا. اها قوم پنهنجي تجارت سبب نهايت شاهوڪار، خوشخور ۽ خوش پوشاڪ هئي. ڪي ٿورا منجهن غريب هئا، ورنه گهڻو ڪري سڀئي آسودا هئا. آچارن ۽ چٽڻين ٺاهڻ ۾ اها قوم برک هئي، چنانچه اڄ تائين به شڪارپور خواهه لاڙڪاڻي جا سُرهيا تمام سٺو آچار ٺاهين ٿا.

سيد محمود، ٺٽي جو ڪامل بزرگ انهيءَ محلي ۾ رهندو هو ۽ دفن به اتي ئي ٿيو(1).
محلـﮧ نورسيه: ابتدا ۾ اهو محلو ”خواجن جو محلو“ ڪري سڏبو هو، ڇاڪاڻ ته ان ۾ خواجا قوم ڪثرت سان رهندي هئي. غالبهاً اهي اُهي خواجا هئا، جن کي بقول قانع رسول آباد جي درس لَلي نالي هڪ بزرگ، غوث الٽقلين جي اشاري تي اچي مسلمان ڪيو هو ۽ اهو بزرگ پاڻ به انهيءَ ئي محلي ۾ قيام پذير ٿيو(2).
ٺٽي جي مشهور خوش نويس سيد عليءَ جو پوٽو، سيد احمد، انهيءَ محلي ۾ رهندو هو(3). سيد مير محمد جيڪو مٽياري سيدن مان هو ۽ ڪرامتن وارو بزرگ هو، سو به انهيءَ محلي ۾ گذاريندو هو. ببالائي ڳوٺ جا سومرا انهيءَ بزرگ جا مريد هئا (4). خواجن کان سواءِ انهيءَ محلي ۾ ٻيون قومون به رهنديون هيون، ۽ ڪيترن ساداتن جا به گهر انهيءَ محلي ۾ هئا. مير قانع جي زماني ۾ (1181هه) انهيءَ محلي جو نالو ڦري ”محلـﮧء نورسيو“ ٿيو. ”جمله پير وارو ميدان“ انهيءَ محلي ۾ هوندو هو، جتي درس ملو، شيخ عثمان، شيخ يعقوب ۽ درس امين محمد اچي روزانو گڏبا هئا. انهيءَ محلي ۾ ۽ انهيءَ ميدان جي سامهون ٺٽي جي قديم مسجد هئي، جيڪا مير قانع جي وقت ۾ ”محمد قائم واري مسجد“ڪري سڏبي هئي. انهيءَ ئي مسجد ۾ درس لَلي اچي قيام ڪيو هو(5).

محله ڪشمشيان: هي محلو به ٺٽي جي مشهور محلن مان هو. هن ۾ ڪشمش يا کڻي چئجي ته سڪي ميوي جا واپاري رهندا هئا. انهيءَ دؤر ۾ ٺٽي ۾ خود ڊاک ۽ انگور ڪثرت سان ٿيندا هئا. قنڌار ۽ بلوچستان کان به ٺٽي ۾ تمام گهڻو ميوو ايندو هو. غالباً ميوي جو سمورو واپار انهيءَ محلي جي ماڻهن جي هٿ ۾ هو. مير قانع لکي ٿو ته پهريون انصاري دولت ۾ مشهور هئا، انهن جي زوال بعد وري سندن گماشته خواجه زور ۾ آيا، انهن جي برباديءَ بعد دولت ۽ امارت ۾ ڪش مسشي واپارين ڪنڌ کيو(1).
اهو محلو ميرڪن جي محلي جي اوڀر ۾ هو، ۽ انهيءَ محلي جي پٺيان جهنگل هوندو هو(2). گويا شهر جي اوڀر ۾ انهيءَ محلي تي شهر جو اختتام هو، جنهن بعد ٻيلو هو.
سيد ابراهيم، جيڪو حضرت راجو قتال جو پوٽو هو، ۽ پوءِ ٺٽي ۾ اچي رهيو، ان جي مزار انهيءَ محلي جي الهندي ۾ هئي. قانع لکي ٿو ته ڪئين بزرگ انهيءَ مزار جي زيارت مان فيض ياب ٿيا(3). 1181هه ۾ اهو محلو ۽ اها مزار موجود هئي.
محله مسواڪ ڪشان: ”مسواڪ ڪشان“ جو مطلب ته اهوئي آهي ته جيڪي ڏندڻ ٺاهيندا هئا. اهي انهيءَ محلي ۾ رهيا ٿي ۽ انهنا جو تعداد ايترو وڏو هو، جو آخر محلو ئي انهن جي نالي تي سڏجڻ لڳو. اڳي انگريزي برش، ڏندن کي صفا ڪرڻ لاءِ ته ڪونه هئا. هر ڪو نم، ٻٻر يا کٻڙ مان ٽاري ڀڃي، ان مان ڏندڻ ٺاهي، هر نماز کان اڳ وضوءَ جي وقت ڏيندو هو. ٺٽي جي آبادي لکن کان مٿي هئي، ۽ شهر جا باشندا به متمدن ۽ رهڻيءَ ڪهڻيءَ خواه عادتن اطوارن ۾ نهايت اوج تي پهتل هئا. انهن جي شان وٽان اهو نه هو ته هو پاڻ وڻن مان ڏندڻ ڀڃي هڻن، تنهنڪري ڀانئجي ٿو ته ڏندڻن جي واپار لاءِ ٺٽي ۾ هڪ خاص قوم هئي، جيڪي ”مسواڪ ڪش“ مشهور ٿيا ۽ انهن جو ڌنڌو ئي اهو هو ته هو ڏندڻ ٺاهي پاڻ وٽ رکن ۽ اتان ٺٽي جو هرڪو فيشن ايبل ماڻهو ڏندڻ خريد ڪري.
ٺٽي جو مشهور خوش نويس سيد محمد فاضل انهيءَ محلي ۾ رهندو هو، جنهن جا ٻه پٽ سيد محمد بزرگ ۽ سيد نظام الدين عالمگير جي شروع وارن ڏينهن ۾ دربار ۾ حاضر ٿي، شاهي عهديدارن ۾ وڃي داخل ٿيا. مير محمد بزرگ به پيءُ وانگر خوش نويس هو(1)، ۽ نظام الدين به ڪيترن ئي وصفن سان سينگاريل هو(2).

سنگتراشن جو محلو: ٺٽي جو هي محلو آرٽ، ڪاريگريءَ ۽ صنعت جو نهايت اهم مرڪز هو. ان ۾ سنگتراش رهندا هئا، جيڪي پٿرن تي نقش و نگار ڪڍندا هئا، ۽ مٿن اکر اُڪريندا هئا. مڪليءَ جي مزارن جا پٿر گهڻو ڪري انهيءَ محلي جي ماهرين فن جا شاهڪار آهن.
ڪي ته چٽ ساليءَ جا پاڻ ئي ماهر هئا ۽ ڪي ٺٽي جي ڪنهن چٽ سال کان پٿر تي نقش ڪڍرائي، پوءِ پاڻ ان جي اڪر ڪندا هئا. قرآن شريف جون آيتون، نسخ ۽ طغرائي خط ۾ ۽ ڪتبا فارسيءَ جي نستعليق خط ۾ ٺٽي جي استاد ڪاتبن ۽ خوش نويسن کان ڪڍرائيندا هئا، ۽ پوءِ ان جي اُڪر پاڻ ڪندا هئا_ جيئن ته جامع شاه جهانيءَ جا ڪتبا مختلف ڪاتبن جا لکيل آهن، ليڪن اُڪر انهيءَ محلي جي سنگ تراشن جي ٿيل آهي. خود سنگ تراشن مان ڪي ماهر خطاط هئا، ۽ چٽ ساليءَ ۾ پڻ بي مثال هئا. بهرحال مڪلي انهيءَ محلي جي فنڪارن جي فني مهارت جو مظهر آهي. جڏهن کان ٺٽي مان امير ويا، عالي خاندان ختم ٿيا، رسنديءَ پڄنديءَ وارا ماڻهو زوال هيٺ اچي ويا، قبرون ڪچيءَ مٽيءَ جون ٺهڻ لڳيون، ڪتبن جي ضرورت باقي نه رهي، شهر ۾ مسجدن ۽ عاليشان عمارتن جو ٺهڻ بند ٿي ويو، تڏهن سنگ تراشيءَ جو فن ٺٽي مان موڪلائي ويو ۽ انهيءَ فن جا ماهر به ختم ٿي ويا.
تحفـﺔالڪرام جي تاليف (1181هه) وقت، اهو محلو موجود هو، ڇاڪاڻ ته مير قانع لکي ٿو ته مارﱞندراني ساداتن جي اولاد مان سيد مير نالي هڪ بزرگ انهيءَ محلي ۾ رهي ٿو(1).

نقارچن جو محلو: ٺٽي جي هن محلي ۾ نقارچي رهندا هئا، جن کي سنڌيءَ ۾ ”لنگهو“ چيو ويندو آهي. ٺٽي ۽ ان جي آس پاس وارن شهرن ۾ جڏهن شاديون ٿينديون هيون، ميلا ملاکڙا لڳندا هئا، مڪليءَ تي پيرن فقيرن جا عرس ٿيندا هئا، شهر خواه ٻهراڙيءَ ۾ ڪو خاص خوشيءَ جو موقعو ٿيندو هو، ته انهيءَ محلي جا نقارچي ئي پنهنجا ساز سرود ۽ دهل دماما کڻي وڃي موج لائيندا هئا ۽ مچٽا مچائيندا هئا. ڀانئجي ٿو ته نقار چين جي گهرن جو به ڪو وڏو تعداد انهيءَ محلي ۾ هو، جنهنڪري محلو ئي سندن نسبت سان مشهور ٿي ويو.
گجرات کان آيل بخاري ساداتن جي اولاد مان هڪ سيد، مير نالي، انهيءَ محلي ۾ رهندو هيو(2).

مغلواڙو:
ٺٽي جو مغل واڙو ڄام فيروز جي ڏينهن ۾ 20_1121هه کان اڳ آباد ٿيو. دولت شاهي ۽ نور گاهي مغلن جي هڪ ٽولي مير قاسم ڪيبڪ ارغون جي سرڪردگيءَ هيٺ شاهه بيگ کان ڇڄي ڄام فيروز وٽ اچي ٺٽي پهتي. ڄام سنڌ جي سپـﮧ سالار ۽ مملڪت جي وزير اعظم خان دريا خان جي اقتدار ۽ اثر کان تنگ هو. هن انهن مغلن جو اچڻ غنيمت سمجهيو، ۽ سندس خيال هو ته هو انهن جي ذريعي خان اعظم جو اثر ۽ اقتدار زائل ڪندو. ڄام کين ٺٽي جي هڪ پر فضا ۽ بهترين حصي ۾ جايون ڏيئي آباد ڪيو(1). انهيءَ محلي جو انهن مغلن جي نسبت سان ”مغل واڙو“ نالو پئجي ويو. اهي مغل شافعي ال مذهب جا هئا. انهن آخر ڄام فيروز تي ڇا بلڪ سموريءَ سنڌ تي ڏکيو ڏينهن آندو. ڌاريو ڀلا ڪٿي پنهنجو ٿيندو! منجهانئن ڪيبڪ ارغون ٺٽي مان وڃي شاهه بيگ ارغون کي حڪومت جي ڪمزورين کان آگاهه ڪري، سنڏ تي حملي ڪرڻ لاءِ لال چايو. اسباب ٻيا به گهڻا هئا، ليڪن انهن مان هڪ اهو به هو. ارغون آيو ۽ آخر سنڌ هٿن مان ويئي.
شاهه بيگ 927هه ۾ سنڌ فتح ڪري، ارغونن کي به انهيءَ محلي ۾ جايون ڏنيون. محلي جي آس پاس خوبصورت ۽ دلڪش باغ هئا، آب و هوا کليل هئي ۽ محلي جي جاءِ وقوع نهايت موزون ۽ مناسب هئي. بهرحال، اهو محلو، جيئن اسان مٿي مرزائي محلي ۾ ڏيکاري آيا آهيون، شهر جي ڏکڻ ۾ هو، ۽ ٻارهين صديءَ جي اختتام تائين، جيئن ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو، موجود هو.
سيد احمد بن سيد محمد عابد مشهدي، پنهنجي ڀاءُ سيد سميت 910هه ۾ ايران کان حج جي ارادي سان ساموئيءَ ۾ اچي پهتو. موسم جو انتظار ٿي ڪيائين، جو سندس ڀاءُ سيد محمد اوچتو فوت ٿي ويو. سيد دل شڪستو ٿي ساموئيءَ ۾ ئي رهجي ويو. 927هه ۾ شاهه بيگ انهيءَ سيد کي به ساموئيءَ مان لڏائي مغل واڙي ۾ آڻي ويهاريو.

درس ملو،
محلي نورسيـﮧ مان اٿي اچي انهيءَ محلي ۾ رهيو، ۽ ٻارهين صديءَ جي اختتام تائين سندس اولاد اتي رهندي آئي(1). ٺٽي جو مشهور خدا رسيدو بزرگ، شاهه ڪرگنج، مغل واڙي جي اتر ۾ جيڪو جهنگل هو، ان جي ڪناري سان تڪيـﮧ ۾ رهندو هو. فوت ٿيڻ بعد انهيءَ تڪيـﮧ ۾ ئي دفن ٿيو. پير شاهه مراد شيرازيءَ جو والد، سيد احمد شيرازي، انهيءَ بزرگ جو نهايت ئي معتقد هوندو هو، ۽ روزانو سندس خدمت ۾ پيو حاضر ٿيندو هو(2). شاهه موصوف جو دوست شاهه شمس به ساڻس گڏ دفن ڪيو ويو(3). تحفـﺔالطاهرين جو صاحب لکي ٿو ته ٺٽي جي هڪ بزرگ سيد ورايي جي مزار انهيءَ محلي ۾، ”قاضي غفران پناهه“ جي مسجد سان لڳو لڳ آهي(4). معلوم نه آهي ته قاضي غفران پناه مان ڪنهن ڏي اشارو آهي. ممڪن آهي ته اهو اشارو قاضي محمد اُچي عليـﮧ رحمت جي اولاد مان ڪنهن ڏانهن هجي! جيڪڏهن اسان جو اهو قياس صحيح آهي ته پوءِ قاضي محمد اُچيءَ کي به شاهه بيگ ارغون اُچ مان گهرائي انهيءَ ئي محلي ۾ ويهاريو ٿو ڏسجي. اڄ تائين سندس اولاد حيات آهي، ۽ شهر جي ڏکڻ ۾ سندن گهر موجود آهن.. مغل واڙو به شهر جي ڏاکڻين حصي ۾ هو، گويا جتي هاڻي قاضين جا گهر آهن، ان جي آس پاس وارو علاقو مغل واڙو هو. قاضين جي گهرن سان گڏ هڪ ننڍي مسجد به آهي، جنهن لاءِ روايت آهي ته قاضي محمد اُچيءَ ٺهرائي هئي ۽ پوءِ بار بار ٺهندي آئي. شايد مٿيون اشارو انهيءَ مسجد ڏانهن هجي. ليڪن اهو معاملو تڏهن واضع ٿي سگهندو، جڏهن سيد ورايي جي مزار ڳولي لهجي. ٺٽي جي ٻن ٻين بزرگن_ پير بودلي ۽ سيد هريي_ جون مزارون به هڪٻئي جي لڳو لڳ انهيءَ محلي ۾ ٻارهين صديءَ جي اختتام تائين موجود هيون(1). اهي ٻيئي بزرگ به وڏين ڪرامتن جا صاحب هئا.
سيد بايزيد، سيد اسماعيل ۽ پير غيب به انهيءَ ئي محلي ۾ مدفون آهن. پويون بزرگ ترخاني دؤر جو آهي. انهن ٽنهي بزرگن جي ڪرامتن جي پڻ شيخ اعظم ڏاڍي تعريف ڪئي آهي(2). اهڙيءَ طرح سيد ورو شاهه شيرازي، سندس مريد سيد سومار ۽ سيد حسين هڪٻئي جي لڳو لڳ انهيءَ محلي ۾ دفن ٿيا. انهن سڀني بزرگن جون مزارون ٻارهين صديءَ جي پڄاڻيءَ تائين مرجع خلائق هيون(3).
963هه ۾ عيسائين جيڪو حملو ڪيو، ان ۾ مغل واڙي اندر ٻه گنج شهيدان ٺهيا. بازار اميربيگ جي ڀر ۾ جيڪا مسجد هئي، ان ۾ جيڪي شهيد ٿيا، سي تقريباً ٻه سؤ کن هئا ۽ منجهن ڪيترا ابرار ۽ احرار هئا. انهن کي مسجد جي ڏاکڻينءَ ديوار سان گڏ، گڏي، هڪ هنڌ دفن ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح ٻه سؤ کن مسلمان بازار اميربيگ جي رستي ۾ قتل ڪيا ويا. انهن کي مٿئين گنج شهيدان جي ڀڪ ۾ جدا دفن ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح مغل واڙي ۾ ٻه گنج شهيدان ٿيا، جن جي ساسلي ۾ شيخ محمد اعظم لکي ٿو ته_ از روات ثقات منقول است که زيارت ايشان در حين مشکلات اضطرار و پريشاني را بفرح و شادماني بدل گردانند و ناکامان را بکام دل رسانند(4).
انهيءَ مذڪور مان اهو ظاهر آهي ته بازار امير بيگ انهيءَ محلي ۾ هئي.

محله گدا بازار:
ٺٽي جو هيءُ محلو انهيءَ بازار جي نسبت سان مشهور ٿيو؛ اها بازار محلي منجهه موجود هئي.
ٺٽي جو هڪ ڪامل بزرگ، پير لڌو، جنهن کي شيخ محمد اعظم ”مسيح زمان“ لکي ٿو، انهيءَ محلي ۾ دفن ٿيو. چون ٿا ته جتي دفن ٿيو، اهو حقيقت ۾ سندس دڪان هو، ۽ ان ۾ ڪپهه وڪڻڻ جو ڌنڌو ڪندو هو. پاڻ نهايت حسين ۽ جميل هو. هڪ دفعي شاهه مراد گودڙيو، جڏهن ڪڇ کان آيو تڏهن انهيءَ بازار مان اچي لنگهيو؛ جڏهن پير لڌي جي دڪان تي پهتو، تڏهن سندس سهڻي صورت ڏسي بيهي رهيو. پير لڌي به دڪان تان اٿي، بزرگ جا پير پڪڙيا. شاهه مراد جي ساڻس محبت ٿي ويئي ۽ روزانو اچي سندس دڪان تي ويهندو هو. شيخ محمد اعظم لکي ٿو ته آخر هڪ ڏينهن_ ”بنظر کيميا اثرِ خود، کار وـﻵ تمام ساخت و رسيد به آنچه رسيد“ انهيءَ ڏينهن بعد پير لڌي پنهنجي چهري کي ڪپڙي سان ڍڪي ڇڏيو. انهيءَ بزرگ جي دڪان جي ڀر ۾ مهاڻن جا گهر هوندا هئا. شيخ محمد اغظم لکي ٿو_ جيئن مهاڻين جي عادت آهي، هو روزانو صبح جو اٿي پاڻ ۾ جهيڙو ڪنديون هيون. بزرگ جي دڪان تي ايندڙ ويندڙ جا ڪَن کاڄي ويندا هئا، آخر جهيڙي جو انبوهه ۽ گارين جو طوفان ٻُڌي هڪ ڏينهن ڪنهن ماڻهوءَ بزرگ سان شڪايت ڪئي، جنهن تي بزرگ کيس نهايت دل نشين جواب ڏنو، فرمايائين_ ”باکي نيست، باري بهر رنگ صبح خود را بيدارمي دارند“(1). يعني ”ڀولو نه آهي! بهرحال، ڪنهن نه ڪنهن رنگ ۾ صبح جو ساجهر ته اٿن ٿيون(2).“
سيد علي ثانيءَ (981هه)(1) جو معاصر پير عباس به انهيءَ محلي ۾ دفن آهي. انهيءَ بزرگ جي ڪرامت هيءَ هوندي هئي جو جنهن کي ڪاري يا سفيد چٽيءَ جو مرض کل تي ٿيندو هو، اهو اُن جي قبر تان مٽي کڻي مالش ڪندو هو، خدا جي مهربانيءَ ۽ بزرگ جي برڪت سان فوراً شفاياب ٿيندو هو. انهيءَ قسم جا مريض هر ماه پهرئين آچر تي مڇي ماني نذر طور کڻي وڃي مزار تي حاضر ٿيندا هئا. تحفـﮧالطاهرين جو مؤلف لکي ٿو ته هو پاڻ به انهيءَ مرض ۾ هڪ دفعي مبلا ٿيو، ۽ انهيءَ بزرگ جي ئي مزار تان کيس شفا حاصل ٿي(2). اها مزار اڄ آهي يا نه، ليڪن 1190هه ۾ موجود هئي.

شاهه مبين،
جنهن کي سيد منبو به سڏيو ويندو آهي، سو جڏهن ارغونن جي دؤر ۾ سيد شڪرالله شيرازي سان گڏجي ٺٽي ۾ پهتو(3)، تڏهن انهيءَ محلي ۾ هڪ معتقد جي گهر ۾ اچي رهيو، زندگي اتي بسر ٿيس ۽ جڏهن فوت ٿيو، تڏهن انهيءَ ئي گهر ۾ دفن ٿيو، گدا بازار ۽ ان جي نسبت سان محلو انهيءَ زماني ۾ موجود هو. شاه موصوف جي مزار اڄ به موجود آهي، جنهن مان انهيءَ محلي جو محل وقوع معلوم ڪري سگهجي ٿو. ڀائي خان جو محلو، بقول مير قانع، انهيءَ مزار جي اولهه ۾ هو.
محلهه مسڪر: هن محلي جي متعلق نه تفصيل نه اجمال ملي سگهيو آهي. اهو به معلوم نٿو ٿي سگهي ته اهو نالو مٿس ڇو پيو(1)؟ انهيءَ محلي ۾ جيڪي بزرگ مدفون ٿيا اهي هي آهن:

پير محمود، جنهن جي مزار_ ”درحين مشکلات، کام روائي ناکامان و گره کشاي کار فروبستگان_“ هئي، سا انهيءَ محلي ۾ چئي وڃي ٿي(2).
شاهه ڏتو، جو سيد شڪرالله شيرازيءَ جي دوست سيد ڪمال جو صحبتي هو، سو به انهيءَ محل ۾ دفن ٿيو، سيد ڪمال کانئس ظاهري تعليم ورتي هئي(1).
سيد ڪمال جي حويلي پڻ انهيءَ محلي ۾ هئي. جڏهن دنيا مان برقعو مٽايائين، تڏهن اتي ئي پنهنجي حويليءَ ۾ دفن ٿيو(2). انهن چئن يارن مان سيد عبدالله شاه جي درگاهه، جنهن لاءِ ڪنهن شاعر چيوآهي:
زهي بريز نور حق مزار شاهه عبدالله
سراغ جنتي الماويٰ بيابد زاير از آنجا
برنگ شعشـﮧءِ خورشيد انور هر صباح و شام
همي بينم تجليات حق را باهر از آنجا

مڪليءَ تي آهي. سيد شڪرالله جي مزار انهيءَ درگاهه جي قريب آهي: سيد منبو ٺٽي ۾ دفن ٿيل آهي، سندس درگاهه اڄ به موجود آهي، ليڪن هن چوٿين يار جو مدفن، جيڪو مسڪرن جي محلي ۾ هو، اڄ آهي يا نه، پتو ڪونه ٿو پوي.

سيد دائود ۽ سيد اسماعيل، انهيءَ محلي جي هڪ مسجد ۾ دفن ٿيا(3). ميان نورشاهه مجذوب، جيڪو شيخ اعظم جو معاصر هو، سو انهن ٻنهي بزرگن جي پيرانديءَ کان لحد ۾ لاٿو ويو(4). مير عبدالعلي بن سيد محمد بن سيد ابوالفتح بن سيد ڪمال الدين بن سيد بدرالدين مارﱞندرانيءَ انهيءَ محلي ۾ هندن جي مڙهي ڊهرائي مسجد ٺهرائي هئي(1). خبر نه آهي اها ئي مسجد مٿين بزرگن جو مدفن گاه هئي يا ڪا ٻي مسجد.

پير ڇتو، جنهن جو ذڪر اسان مشڪين باغ جي سلسلي ۾ ڪري چڪا آهيون، سو پڻ انهيءَ محلي ۾ شهيد ٿي دفن ٿيو(2). اهو بزرگ جتي دفن ٿيو، اتي سمن جي دؤر ۾ شاهي باغ هوندو هو، اهو محلو پوءِ انهيءَ باغ جي محل وقوع تي آباد ٿيو.
شيخ اعظم جي روايت آهي ته انهيءَ محلي ۾ ٺٽي جي هڪ وڏي ڪرامت واري بزرگ سيد حاجيءَ جي مزار هوندي هئي، جيڪا زماني جي دست برد سبب منهدم ٿي ويئي هئي. ميرزا فتح علي بيگ نالي هڪ مغل امير انهيءَ جاءِ تي هڪ ”زيبا و پرن گار قصر“ ٺهرائي، جنهن ۾ هو رات ڏينهن عيش و عشرت ڪندو هو. سيد حاجيءَ ڪيترا دفعا کيس خواب ۾ آگاهيءَ اشارا به ڪيا، ليڪن هن پنهنجي ڌن، دولت، امارت ۽ وجاهت جي غرور ۾ ڪوبه توجهه ڪونه ڪيو. آخر ماڻهن ڏٺو ته چند ڏينهن جي اندر ئي ان مغل جي دولت ناس ٿي ويئي، پاڻ مفلس ٿي ويو ۽ اهو محل ويران ٿي ويو، ۽ آخر ڪنهن ڏينهن زمين تي وڃي پيو(3).
سيد ابراهيم، جنهن لاءِ تهفـﺔالطاهرين جو صاحب لکي ٿو ته_ ”کلام فيض التيامش بحدي قبوليت داشت، هرچـﮧ بر زبان مبارڪ وي جاري گشتي، همـﮧ دم راه به اجابت کشودي“_ انهيءَ مسجد ۾ دفن ٿيل آهي، جنهن جو نالو ”لکي مسجد“ آهي(4).
ٺٽي جو هڪ ٻيو بزرگ، زين العابدين نالي، پڻ انهيءَ محلي ۾ ستل هو(1).
اهو محلو شايد شهر جي ٻاهرين پاسي کان هو، ڇاڪاڻ ته تحفـﺔالطاهرين جو مؤلف، ”سواد بلده“ (شهر جي پس گردائيءَ) ۾ ستل بزرگن جو ذڪر ڪندي، لکي ٿو ته پير بدر، جيڪو شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ جو ڏهٽاڻ هو، سو محلي مسڪر جي اولهه ۾ دفن ٿيل آهي(2).
تحفـﺔالطاهرين جي لکڻ تي به اڄ ٻن سوَن ورهين جي طويل زماني جو گرد و غبار ڇڙهي ويو، انهيءَ وقت ته اهو محلو ۽ انهن الله وارن جون مزارون ۽ مقبرا موجود هئا. اڄ انهن مان شايد ئي ڪنهن جي قبر سلامت هجي.

سهتيهه محلو:
هي محلو، غالباً ارغونن جي ڏينهن کان به اڳ آباد هو. ارغونن جي دؤر ۾ سيد محمود گجراتي، جيڪو ٺٽي جي بخاري ساداتن جو مورث اعليٰ هو، انهيءَ محلي م اچي ويٺو. اهو بزرگ جامع فرخ جيڪا (938هه) ۾ ٺهي ۽ عيدگاهه جو امام ۽ خطيب هو(3).
ٺٽي جا مفتي به غالباً پوئين زماني ۾ لڏي اچي انهيءَ محلي ۾ رهيا. شيخ اعظم، پير کٿوريي لاءِ، جيڪو 963هه ۾ عيسائين جي حملي ۾ شهيد ٿيو، لکي ٿو ته ”متصل خانـﮧ مفتيان“ دفن ٿيل آهي(4). انهيءَ محلي ۾ ڪشمشن جو پاڙو به هو، جنهن جي قريب، سيد ابراهيم(5) ۽ پير کٿوريي جون قبرون هيون. پويون بزرگ نواب شريف الملڪ (35_1037) جي زماني جو آهي(6). انهيءَ نواب جو هڪ خاص ملازم سورجمل پير کٿوريي جي پاڙي ۾ رهندو هو، ۽ پير سان هميشه کاهند پيو ڪندو هو. آخر تنگ ٿي بزرگ نواب ڏانهن عريضو موڪليو، جنهن ان تي ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو، پاڻ هيڪاري پير سان ايذاءُ وڌي ويو. آخر هڪ ڏينهن تنگ ٿي، پير وڏي واڪي فرمايو ته_ ”خدا ڪندو هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو، جو شريف الملڪ کي ڦاهو ايندو ۽ سورجمل کي جيئرو کوهه ۾ اڇلايو ويندو“. جڏهن شاهزادو شاه جهان ٺٽي ۾ آيو، ان وقت انهن ٻنهي شهزادي سان ناگفتـﮧ بـﮧ سلوڪ ڪيو. ان کان پوءِ جڏهن شاه جهان تخت تي ويٺو، تڏهن شريف کي ڦاهيءَ تي چاڙهيائين ۽ سورجمل کي جيئري کوهه ۾ اڇلرائي ڇڏئين.
انهيءَ محلي ۾ جيڪو شاهي رستو هو اُن تي سيد ابراهيم سمن جي دؤر جو بزرگ ۽ شاهه ڪرگنج جو دوست پوريل هو(1). روايت آهي ته پير شاهه ’مراد‘ هر آچر تي پير البي جي زيارت کان انهيءَ بزرگ جي مزار تي ويندو هو.
ٺٽي جا جلدبند انهيءَ محلي ۾ رهندا هئا، ۽ سندن پاڙو خاص ۽ جدا هو. ٺٽي جو هڪ بزرگ سيد ابراهيم، جيڪو 963هه واري حملي ۾ شهيد ٿيو، سو انهيءَ پاڙي ۾ پوريل هو(2).
شاهه غيب ۽ سندس ڀاءُ شاهه ڪمال ٻيئي انهيءَ محلي ۾ مدفون هئا. پهريون بزرگ مجذوب ۽ پويون بزرگ شريعت جي رستي تي محڪم هو(3). پير لاکو(4) ۽ سيد ابابڪر به انهيءَ ئي محلي ۾ آرامي هئا. پويون بزرگ فرنگين واري حملي ۾ شهيد ٿيو(5).
شاهه ڪرگنج جي سلسلي ۾ مير قانع لکي ٿو: مغل واڙي جي اتر ۾ جيڪو ٻيلو هو، ان جي پاسي تي پنهنجي تڪيي ۾ دفن ٿيو(1). محمد اعظم انهيءَ بزرگ جو مدفن محله سهتيه ۾ بيان ڪيو آهي(2) ۽ لکي ٿو ته سندس مريد مهربان فقير پڻ سندس پيرانديءَ کان دفن آهي. انهيءَ منجهان اهو اندازو ٿئي ٿو ته هي محلو مغل واڙي جي ڀرسان ڪٿي هو. ازان سواءِ شهر جي پاسي کان هو، ڇاڪاڻ ته شيخ اعظم شهر جي ٻاهر وارن بزرگن جي بيان ڪندي لکيو آهي ته پير لال ڇتي جي مزار محلي سهتيـﮧ جي اولهه ۾ آهي(3). گويا محلي جي اولهه تي شهر جو خاتمو ٿيو ٿي ۽ پير لال ڇتي جي مزار شهر کان ٻاهر ل ولهه ۾ هئي.

تندسر محلو:
”سر“ سنڌيءَ ۾ چَشِمي کي چئبو آهي، شاهه جا بيت آهن ته:

ٻگهن سين ٻاڻ هڻي، اڏاڻو آڪاس
جتي پرين سنداس، سو ’سر‘ مڻي هنجهڙو
__ __
ٿيو حضوري هاڻ، سوجها پييس ’سر‘ جي
کنڊي لڌي کاڻ، پکيَڙي پاتار ۾
__ __
اڇو پاڻي لُڙ ٿيو، ڪارو ڪيو ڪنگن
ايندا لڄ مرن، تنهن ’سر‘ مٿي هنجهڙا
__ __
ڪسر ڪنگن قبرون، ’سر‘ ساڱاهيج
هنجهه هتي ڳالهڙي، ٻگهن مَ ٻوليج
ماڻي تون مريج، چئج مَ ڪنهين چهنج سين
__ __
’سر‘ سڪي سال ٿيا، هنجهه هريوئي پير
ڪنگ ويچارو ڪير، جو رسي ان رمز کي
__ __
آءُ اڏامي هنجهڙا، ’سر‘ ۾ سارينئي
متان مارينئي، پاڙهيري پهه ڪري
__ __
’سر‘ ۾ پکي هيڪڙو، پاڙهيري پنجاهه
سندي آس الله، لڏي لهرين وچ ۾
__ __
ڪنڌين ۾ ڪوهه ڪرئين، گسن ۾ مَ گذار
وڃي وحدت ويءَ ۾، گهتون ڇڏي گهار
شريعت جو ’سر‘ لهي، تن تنائين تار
حقيقت هنجهن سين، طريقت تنوار
منجهائين معرفت سين، اندر تون اجار
هدايت جي هوءِ ۾، چُڻيو تون چونگار
ته پاڙي هري ان پار، ڪونه ڏسين تون ڪڏهين
__ __
لَلي لنئي رات، ’سر‘ ۾ ڪيو سوجهرو
ٻگها ٻاتاڙآ ٿيا، وائي ڪن نه وات
جنگن پنهنجي ذات، نيئي رسائي روهه کي
__ __
هنجهه مڙيئي هنجهه، ميرو منجهن ناهه ڪو
جتي رهن سنجهه، سو ’سر‘ ڪرين سرهو
__ __
’سر‘ اهي ئي اڳيان، پکي ٻيا پيا
جن لمئو لاتيون ڏنيون، سي ويچارا ويا
پاٽوندر پيا، وڃي ڪينجهر ڪنڌئين
__ __
سرهو ’سر‘ وڃائيو، ڪوڙن ڪانئيرن
رٺا روهه وڃن، ڪنهن هيڻائيءَ کان هنجهڙا
__ __
سو پکي سو پڃرو، سو ’سر‘ سوئي هنجهه
پيهي جان پروڙيو، مون پانهنجو منجهه
ڏيلَ جنهن جو ڏنجهه، سو ماريِ ٿو منجهه ڦري
__ __
آچو پيو آچاهه، ته آچائيءَ آبهو
وهڻ وڙ نه انهن جو، پاڻيءَ لڙ للاهه
’سسر‘ ڏجي ساهه، ڪسر ڪنگن قبرون
__ __
انهن کان سواءِ ميين شاهه عنات رضوي، قطب شاهه رضوي، شريف رضوي، بلاول رضوي ۽ يوسف شاعر هن طرح چيو آهي:

ميون شاهه عنات:
دل ۾ دور مَ کاءُ، پيهي سنجهه سوجهار ’سر‘
اتان ئي ’عنات‘ چئي، آباڇي ۾ آءُ
چلڙ چنج مَ پاءِ تون، ڪر ڪوڻا سين چاءُ
رکي جن الله، وار نه ونگو تن جو
__ __
جيلاهه ڪوڻن منجهه ڪڪور تيلاهه ڀونر ڀڻڪن
ڀال ’سر‘
للا اُتي لال ٿيا، منجهان آب اتور
اهک نه ڪن ’عنات‘ چئي، ان چاري چغل چور
هنجهن لٿا هور، پاٻوڙي پير ڌري
__ __
ڪرين سانگ ’سرين‘، روهان اڏاڻين هنجهڙا
اڳئان ڍاٻي ڍٻيو ڍاٻ کي، پائج پير هرين
ادب ڪج ’عنات‘ چئي، جتي تار ترين
تان تان تان مَ ترين، جان موتي مَ ملي
__ __
قطب شاهه رضوي:
چلڙ ڇڏ چري، وانءُ اڏامي اڇ ۾
آرمرو آرڳ ڪري، جنهن جي بات بري
ماڻج ڪوڻ ’قطب‘ چئي، پاڪيزا پري
تنهن ’سر‘ وانءُ سري، جت هيرو چڻن هنجهڙا
__ __
جنهن کي صاحب ’سر‘ سونهايو، سو چڻي چت وڏي
هنجھ جو منجھ پروڙئو، ساين پاڻ سڏي
هينئڙو حبيبن سين، ڇڏيائين گڏي
ڍاٻي ڍٻ اڏي، تنهن کي ڪندا ڪوهه ’قطب‘ چئي
___ ___
شريف رضوي:
ٻگهن ائين نه ٻجهيو، ته ڪو سونٺو ’سر‘ هنجھن
ڪنگ ڪانيرا ڪانئرا، اوڏانهن ڪين اچن
سدائين ’شريف‘ چئي، موتي موڪ چڻن
لعلون سي لهن، جني منهن مهراڻ ڏي
___ ___
راهش سندن روهه، هن ’سر‘ سانگي آئيا
چڻن چانگارين چت ۾، اَٺو پهر اوءِ
ٻچا تنهن جي ٻاجھ ۾، پکين ڇڏيا پوءِ
للا ملن لوءِ، سلامت ‘شريف‘ چئي
___ ___

بلاول رضوي:
’سر‘ ججھي جر جوءِ، اونهي بحر ’بلال‘ چئي
حاصل ٿي هنجھن کي، حال هدايت هوءِ
واصل تي وصال سين، سدا روءِ بروءِ
امل چڻن اوءِ، پٿون جي پاتار ۾
___ ___

يوسف شاعر:
رکي طلب تار جي، چڻج موتي مهراڻاءِ
ويٺين ڇو وڃائيو، تنهن ڊهان ڀانئج ڊاءُ
’يوسف‘ چئي، ان جاءِ ۾، ’سر‘ جو ايندءِ ساءُ
رکي جن الله، تنئان پاڙيهري پاسي ٿئي
___ ___

ممڪن آهي، بلڪ قرين قياس اهوئي آهي ته انهيءَ محلي ۾ مٿئين نالي سان ڪو چشمو هو، جنهن جي نسبت تي اهو محلو مشهور ٿيو. مڪليءَ تي پڻ انهيءَ قسم جا چشما هئا جن جا نالا هئا: ”کير سر“، ”کنڊ سر“، ”ناران سر“ ”ڀرا سر“ وغيره وغيره. ”کير سر“ جي سلسلي ۾ مير قانع ”مڪلي نامه“ منجھ ٿو فرمائي:

بوصف ”کهير سر“ تالب کنم تر دهــــن پُـــــــر ميشود از شــير و شکر
قلم از نيشڪر بــــــايد بـــــدســتـــم بذوقِ آب اين تالاب مستم_ الخ
اهو چشمو چڱو خاصو وڏو هو، جنهن جي ڪنارن تي ڪيترا اهل الله مدفون هئا، مثلاً:
پير ڇتو (ميان لال) جيڪو شاه وجيـﮧ الدين(1) جو فرزند هو، ۽ جنهن جون قبرون مختلف جاين تي هيون، ان جي هڪ قبر انهيءَ ’تندسر‘ چشمي جي ڪناري تي به هئي(2). اهڙيءَ طرح سيد ابراهيم، جيڪو بقول مير قانع ”وڏي ۾ وڏو بزرگ ۽ پيرن جو پير هو“، ان جي مزاز به انهيءَ چشمي جي اورين ڪناري تي هئي(1). مٿيئين پير ڇتي جي سلسلي ۾ مير قانع لکي ٿو ته شهر جي الهندي طرف تندسر جي ڪناري تي پوريل آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو چشمو خواه ان جي نسبت وارو محلو تندسر، شهر جي اولهه ۾ هئا. شيخ اعظم، پير مذڪور جو بيان ڪندي، لکي ٿو ته_ سندس مزار محلي تندسر جي اولهه ۾ آهي(2)، جنهن جي مراد اها ٿي ته اهو چشمو محلي جي اولهائين طرف ۾ هو_ ازنسواءِ محلي منجھ نه هو بلڪ محلي سان متصل شهر کان ٻاهر هو، ڇاڪاڻ ته پير ڇتي جي مزار جو ذڪر شيخ اعظم شهر کان ٻاهر وارن مزارن جي سلسلي ۾ ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح سيد حسين جي مزار جو ذڪر ڪندي، لکي ٿو ته_ ”مرقد متبر کـﮧء او سمت غربي، محلي تندسر، متصل خانها واقع“(3). گويا اها قبر اگرچه شهر کان ٻاهر هئي ليڪن محلي تندسر جي گهرن جي ڀرسان هئي. ان مان اهو پڻ ظاهر ٿئي ٿو ته شهر جي انهيءَ حصي جو اختتام انهيءَ محلي تي ٿيو ٿي.
شيخ اعظم انهيءَ ۾ هيٺين بزرگن جي دفن هجڻ جو ذڪر ڪيو آهي:_
حضرت يتيم مردان عرف ”اتي مردان“ جنهن جي زيارت تي جڏهن سيد مراد شيرازيءَ جو سجاده نشين سيد محمد شجاع ويندو هو ته هي شعر پڙهندو هو:
”اتي مردان“ بحق شاه مردان مرا محتاج نامردان مگردان (4)
حالانڪ سيد موصوف جو ڏاڏو پير مراد خود وڏي ۾ وڏو بزرگ ۽ ولي هو.
ٽي ڀينرون، جن کي ”مخدرات ابداليـﮧ“ سڏيو ويندو هو ۽ انهن مزارن تي جيڪو حاجتمند ست ڀيرا سوره ياسين پڙهندو هو، ان جي مشڪلڪشائي فوراً ٿي ويندي هئي. انهن مزارن جي ڀرسان ئي، سيد ڇُٽي ۽ ميان ڇَتي جون قبرون هيون(1). سيد ابراهيم پڻ انهن ٻن بزرگن جي ڀڪ ۾ ستل هو، جنهن لاءِ مشهور هو ته جيڪو کانئس نصيحت پڇندو هو ان کي چوندو هو:
”همـﮧ وقت پاسبان خود باش، و از گذشتـﮧ و آئينده ياد مکن.“
يعني ”هر وقت پاڻ تي نظر رکندو رهه، ڇا گذري ويو ۽ ڇا ٿيندو ان جي يادگيري نه ڪر“(2). سيد موصوف جي پاسي ۾ سيد برهان جي قبر هئي، جنهن جو هر لفظ بارگاه ايزديءَ ۾ مقبول هو(3).
ميان ملوڪ شاهه جي مسجد انهيءَ محلي ۾ مشهور هئي. سيد حسين جي مزار انهيءَ سان لڳو لڳ هئي(4).
حاجي سليمان عليـﮧ رحمت جي مزار به مسجد سان لڳ هئي، اهو بزرف فقـﮧ، حديث ۽ ٻين علومن جو جيد عالم ۽ صاحب حال ۽ قال هو(5).
سيد ابراهيم بخاري ۽ حضرت بهاؤالدين گودڙيـﮧ جي معاصر بيبي راڻي به انهيءَ محلي ۾ آسودا هئا. اهڙيءَ طرح حاجي حسين جي مزار به اتي ئي هئي، جيڪو فقـﮧ ۽ حديث جو جيد عالم ۽ مغل عهد جو ماڻهو هو(1).

محلو مولو ٺٽي:
اهو محلو ڄام نظام الدين جي ڏينهن ۾ آباد ٿيو ۽ شهر جي اتر ۾ هو. مير قانع جي روايت آهي ته جڏهن پير مريد شيرازيءَ (831_ 893هه) ڄام نظام الدين جي هڪ هندو امير لکيسر جي مڙهي، مسجد ٺاهڻ لاءِ ٿي ڊهرائي، ان وقت لکيسر کيس روڪڻ آيو، سخت تنديءَ ۽ تيزيءَ مان آيو، پر جڏهن پير وٽ پهتو، تڏهن ٺري برف ٿي ويو. مڙهي ڊاهي اتي مسجد ”ولي نعمت“ ٺهي وئي. لکيسر ان جي عوض پنهنجي پوٽي لاءِ دعا پني، پير کيس چيو ته تون شهر جي اتر ۾ اچي رهه، سڄو پاسو تنهنجي پوٽي جي نالي سان مشهور ٿي ويندو. چنانچه هن ائين ڪيو، مولي مل جي نالي تي اهو ”محلـﮧ مولو ٺٽي“ مشهور ٿي ويو(2).
ٺٽي جي مشهور عالم ۽ استاد، آخوند محمد فاضل ٺٽويءَ، جي جاءِ ۽ مدرسو انهيءَ محلي ۾ هو(3). ڪلال به انهيءَ پاڙي ۾ رهندا هئا، جتي جو هڪ بزرگ پير ڇَتو دفن ٿيو(1). ٺٽي ۾ جيڪو شراب ٺهندو هو، تنهن جون بٺيون غالباً اهي ئي ڪلال ٻاريندا هئا ۽ اهي ئي شراب فروخت ڪندا هئا. ٺٽي جا ٻيا ٽي بزرگ به انهيءَ محلي ۾ دفن ڪيا ويا_ ارغونن جي حملي وقت، ٺٽي ۾ جيڪا هنن غارتگري ڪئي، شاهه بدر ان ۾ شهيد ٿيو (927هه)(2)، ٻيو بزرگ ميان پنجن شاهه، ۽ ٽيون بزرگ پير ڇٽو(3).
ڪلهوڙن جي آخري ايامن ۾ به اهو محلو موجود هو، ڪاڻ ڇا ته ميان عطر خان ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ جڏهن ملڪ تان حڪومت جو رعب لٿو ۽ بدانتظامي پيدا ٿي، ان وقت ڏينهن ڏٺي جو، جوکين شهر تي حملو ڪري انهيءَ پاڙي کي اهڙيءَ طرح غارت ڪيو، جو مير قانع لکي ٿو ته اهڙو ظلم ڪڏهن ڪونه ٿيو(4).

قاضين جو محلو:
انهيءَ نالي سان به ٺٽي ۾ هڪ محلو مشهور هو، جيڪو، بقول مير قانع، ٺٽي جي هڪ بزرگ سيد محمود جو مريد هو، جنهن جي مزار اناج بازار جي اوڀر ۾ زيارتگاهه هئي(5). خبر نه آهي، اهو پاڙو ڪهڙن قاضين جي نالي پٺيان مشهور ٿيو. قاضي محمد اُچيءَ جي اولاد نه انهيءَ بزرگ جي مريد هئي ۽ نه غالباً انهيءَ پاڙي ۾ رهندي هئي(6). ٺٽي ۾ ٻيا به قاضين جا ڪيترا خاندان هئا: قاضي نعمت الله جو گهراڻو، قاضي حماد جو خاندان، قاضي علامه محمود جو خانوادو، قاضي عتيق الله جا پويان، قاضي محمد ابراهيم شارع مخزن الاسرار جو اولاد، بهرحال، انهن گهراڻن مان ڪنهن جو خاندان انهيءَ پاڙي ڏانهن منسوب هوندو. اهو محلو ۽ ان جا قاضي مير قانع جي زماني (1181هه) ۾ موجود هئا.

رضوي ساداتن جو محلو:
ٺٽي ۾ جيڪي سيدن جا مکيه گهراڻا ۽ خانوادا هئا، اُهي شهر جي مختلف حصن ۾ رهندا هئا، ۽ اهي پاڙا انهن جي نالن تي مشهور هئا. اسان هيٺ انهن پاڙن جو ذڪر ڪنداسين:_
رضوي ساداتن جو وڏو سيد محمد يوسف بکري مهدوي هو، جنهن جي مزار مڪليءَ تي آهي ۽ ان جي لاءِ مير قانع چوي ٿو ته_
نه شد سائل چو زين در، هيچ گـﮧ رد
رود گر بنده آنجا شاه گردد
هر آن کو، رنج ز اخوانِ زمان است
برايش، اين مکان جاي امان است
هڪ شاخ انهيءَ بزرگ جي اولاد جي آهي. ٻي سندس نياڻيءَ جي اولاد جي ٿي، جيڪا هن پنهنجي ڀائٽئي سيد اسحاق (پير پرڏيهيءَ) کي سکر مان گهرائي ڏني هئي. سيد محمد يوسف چونڪه مير محمد مهدي جونپوريءَ جي هڪ جيد مريد شيخ دانيال جو فيض يافته هو، تنهنڪري اهي سڀئي مير اڄ تائين رضوي مهدوي ڪوٺبا اچن ٿا. انهيءَ پاڙي ۾ ئي مير ڪمال الدين احمد خان رضوي ٺٽي جو ديوان ۽ اصطلاحت رضويـﮧ ۽ شرح ديوان حافظ جو مصنف عمر گذاري ويو. اهو ئي پاڙو هو، جتي ٺٽي جي نواب ۽ انهيءَ خاندان هڪ عظيم فرد نواب لطف علي خان ’همت‘ پنهنجي حياتي گذاري. انهيءَ ئي بزرگ جي پرورش هيٺ ٺٽي جو مشهور شاعر ’محسن‘ ناميارو شاعر ٿيو. مير ذوالفقار علي ’شيدا‘، مير مرتضيٰ ’الهام‘، سيد مير پٺو، مير نجم الدين ’عزلت‘، سيد روشن علي شاهه ’روشن‘، سيد مرتضيٰ ’مرتضائي‘، مير امام بخش ’فدوي‘، سيد رفعت علي ’رفعت‘، سيد عسڪر علي ’علي‘، سيد موٽيل شاهه ’ڪمتر‘ ۽ محمد زمان شاهه ’زمان‘، سڀ انهيءَ ئي هڪ خاندان سان تعلق رکن ٿا ۽ اهي سڀ انهيءَ محلي ۾ رهندا هئا. الغرض اهو محلو ڏاڍو مردم خيز هو. اڄ تائين اهي سادات انهيءَ محلي ۾ آباد آهن. انهن شاعرن ۽ عالمن کان سواءِ ٻيابه ڪيترا بزرگ انهيءَ گهراڻي مان ٿيا، جيڪي انهيءَ محلي ۾ گذر بسر ڪري ويا ۽ انهن جي وفات جون تاريخون اسان کي ٺٽي جي مختلف شاعرن جي بياضن ۽ ديوانن م ملن ٿيون.

ٻيا بکري سادات،
يعني سيد حميد بکريءَ جا فرزند سيد محمد علي ۽ سيد باقر جوڻ جي ڳوٺ مان لڏي اچي انهيءَ محلي ۾ رضوي ساداتن جي ڪري ويٺا. انهن بزرگن جي اولاد مان سيد مير محمد فاضل ۽ سندس پٽ سيد محمد علي ٺٽي جا خوشنويس هئا. سيد محمد عليءَ جو پٽ سيد مير بزرگ ته خوشنويسيءَ ۾ عالمگير جي فرزند شاهزادي ڪام بخش جو استاد هو(1).
ميرڪي سيدن جو محلو: ميرڪي سيد اصل پوراني سادات ڪري سڏبا هئا، ڇاڪاڻ ته سندن وڏا ”پوران“ جا ويٺل هئا، جيڪو هرات جي قريب هڪ مردم خيز ڳوٺ هو. اتان شاهه حسين بايقرا جي فوت ٿيڻ بعد خراسان جي نئين حاڪم محمد خان شيبانيءَ جيڪا مصيبت مچائي، ان ۾ لڏي اچي شاهه بيگ جي زماني ۾ قنڌار رهيا. اتان سنڌ جي فتح ٿيڻ بعد 933هه ڌاري ٻه ڀائر سيد بايزيد ۽ سيد ميرڪ محمود لڏي آيا. بايزيد بکر ۾ رهيو ۽ ميرڪ محمود ٺٽي اچي ويٺو. شاهه حسن ارغون جي دﺆر کان وٺي ويندي ڪلهوڙن جي آخري ايامن تائين، انهيءَ گهراڻي جا فرد ٺٽي جا ”شيخ الاسلام“ ٿيندا آيا. پهريون شيخ الاسلام ميرڪ محمود ٿيو ۽ پويون شيخ الاسلام ميرڪ محمد احسن جو ڀاءُ ميرڪ محمد محسن ٿيو. ميرڪ محمد احسن اهو بزرگ هو، جنهن جي شان ۾ محسن ٺٽويءَ هڪ نهايت ئي معرڪﺔ ال آرا قصيدو چيو آهي، جنهن جو مطلع آهي:
گر برو باد صبا خُلق تو در صحن چمن
گل کند از لبِ هر غنچـﮧ کـﮧ احسن احسن!

ميرڪ عبدالرحمان، ميرڪ عبدالباقي، ميرڪ عبدالوهاب وغيره انهيءَ خاندان جا تمام مشهور بزرگ هئا. علم و فضل، جود و سخا ۽ دنياداريءَ جي ٻين وصفن ۾ جهڙن ڪوبه ٻيو مَٽ ڪونه هو. وڏا مهمان نواز ۽ اوطاقي سيد هئا. سندن گهرن ۾ اهڙو کاڌو پچندو هو، جو، بقول مير معصوم، ان جي لذت وات مان ويندي ئي ڪانه هئي. انهيءَ محلي ۾ اهي بزرگ وڏيون وڏيون دعوتون ڪندا هئا ۽ سڄو شهر اچي گڏ ٿيندو هو. ميرڪ عبدالرحمان انهن دعوتن جي ڏوهه هيٺ ميرزا باقيءَ جي هٿان شهيد ٿيو. پوئين زماني ۾ ميرڪ محمد احسن هڪ عظيم الشان دعوت ڪئي، جنهن ۾ ٺٽي جا سڀئي هندو مسلمان اچي گڏ ٿيا. اتفاقاً مير ڪلب علي نامي هڪ سيد کي دعوت ڏيڻ ڀلجي ويا، جنهن تي ٺٽي جي مشهور شاعر شيخ عبدالسبحان ’فائز‘ هيٺيون شعر لطيفي طور چيو:
هندﺆ و مسلمين ز خوان تو سير استخواني نيافت ڪلب علي
فارسيءَ جو جيد رباعي گو شاعر سرمد شهيد ٺٽي آيو ته تجارت ڪرڻ لڳو، ليڪن جڏهن ابي چند کي ڏٺائين تڏهن سڄو ساٿ لُٽائي ويهي رهيو. ڪيترا ڏينهن لٽا لاهيون، جذب جي حالت ۾ ٺٽي جي گهٽين اندر، ابي چند! ابي چند! ڪندو ٿي وتيو. ميرڪي گهراڻي مان ان وقت جو شيخ الاسلام ميرڪ عبدالواهاب ثاني هو. سرمد جي انهيءَ حالت تي غالباً معترض ٿيو، جنهن تي سرمد هيٺين رباعي چئي:
ميرڪ تو نداده اي بمن يک دو سـﮧ لک
از بهر چـﮧ گشتـﮧء چينين مستهلک
گر در تو نشانِ آدميت ميبود
مي بودي مير، مي نبودي ميرک(1)

شيخ الاسلام مير محمود وڏي، هڪ نهايت ئي خوبصورت مسجد انهيءَ محلي ۾ ٺهرائي هئي(2). انهيءَ محلي جي ڀر ۾ ئي ڪشمشين جو محلو هو، جنهن جي پٺيان ٻيلو شروع ٿيندو هو. سيد عبدالمجيد بن عبداللطيف بن سيد عبدالرزاق بخاري (سيد محمود بخاريءَ جو اولاد) جو گهر انهيءَ محلي جي اوڀر ۾، ڪشمشين جي محلي پٺيان انهيءَ ٻيلي جي وٽ سان هوندو هو، انهيءَ بزرگ جو پٽ سيد عبداللطيف ثاني عرف سيد مٽو المتوفي 1124هه مير قانع جو نانو هو(3).
امير خاني محلو: ٺٽي جي ساداتن جو ٻيو مشهور ۽ علمي خاندان امير خاني هو، جنهن جو جدا محلو هو، ۽ اهو اڄ به شاهجهاني جامع جي اوڀر ۾ مسجد جي ديوار سان لڳولڳ آهي. انهيءَ جاءِ تي پهريائين مير احمد بيگ جو محلو هو، جنهن جو ذڪر مٿي ٿي آيو آهي. ڀائي خان جو محلو به انهيءَ محلي سان لڳولڳ هو. اهو محلو ٺٽي جي نواب امير ابوالبقا امير خان پنهنجي نالي تي، مير احمد بيگ جي محلي جي جاءِ تي آباد ڪيو. انهيءَ گهراڻي به ڪيترا امير، بزرگ، مصنف ۽ شاعر پيدا ڪيا، جن جو تفصيلي ذڪر اسان پنهنجي ڪتاب ”تذڪرهء اميرخانيءَ“ ۾ ڪيو آهي. سنڌ جي شاعرن ۽ صوفين جو سرتاج شاهه عبداللطيف جڏهن ٺٽي ۾ مخدوم معين سان ملڻ ايندو هو ته ڪڏهن مخدوم وٽ رهندو هو، ۽ ڪڏهن مير عطا محمد اميرخانيءَ جي اوطاق ۾ انهيءَ محلي اندر رهندو هو، ڇاڪاڻ ته مير موصوف سان به سندس دوستي هوندي هئي.

شڪر الاهي ساداتن جو محلو:
اهو محلو اصل ۾ سمن جي صاحبيءَ اندر انصارين جو محلو هو، ليڪن 927هه ۾ جڏهن شڪرالله قنڌار کان اچي انهيءَ محلي ۾ ويٺو، ان وقت ته ڪو هڪ_ٻه گهر انصارين جو بچيو هو، باقي ٻيا مري کپي ويا هئا. انهن انصارين مان سيد شڪرالله شادي ڪئي(1)، جنهن مان کيس ظهيرالدين جادم نالي پٽ ڄائو ۽ ان مان شڪرالاهي خاندان وڌيو، ڦوليو، ڦليو، ۽ اڄ تائين به پونير انهيءَ محلي ۾ موجود آهن. انهيءَ خاندان به ڪيترا فرد فريد پيدا ڪيا، ڪي منجهانئن ولي ٿيا، ڪي مصنف ٿيا ۽ ڪي شاعر ٿيا. فتاويٰ عالمگيريءَ جي مولفين مان هڪ مولف سيد نظام الدين ثاني، انهيءَ محلي مان اٿيو. اسان جو محبوب مصنف ۽ مورخ مير قانع انهيءَ محلي جي پيداوار آهي. مير عظيم الدين، مير ضياءالدين ’ضيا‘، مير غلام علي ’مائل‘ ۽ سيد صابر علي شاه ’صابر‘ انهيءَ محلي جا ئي هئا. تحفـﺔ الڪرام جهڙو لازوال ڪتاب ۽ مقالات الشعرا جهڙو يگانو تذڪرو انهيءَ ئي محلي ۾ لکيو ويو. الغرض انهيءَ محلي جا سنڌ جي ادب ۽ تاريخ تي وڏا وڙ ۽ ڏاڍا احسان آهن.
مارﱞندراني عرف لوري ساداتن جو ڏاڏو سيد ڪمال الدين به انهيءَ محلي ۾ اچي رهيو، ڇاڪاڻ ته سيد ظهيرالدين جادم سان سندس دوستي هوندي هئي. سيد جو خاندان ابتدا ۾ انهيءَ محلي ۾ وڌيو(2) ۽ پوءِ ڪجهه ٽڙي پکڙي ٻين پاڙن ۾ به ويٺو، مثلاً سنگتراشن جي محلي ۾ ۽ ”پتي هٿ بازار“ جي پويان به ڪي افراد رهڻ لڳا.
سيد منبو، سيد شڪرالله جو سنگتي هو ۽ آيا به ٻاهران گڏ هئا. اهو به جتي دفن آهي، انهيءَ گهر ۾ محض هن ڪري رهيو جو سيد شڪرالله جو پاڙو ويجهو هوندو هو، ۽ ٻنهي دوستن کي رات ڏينهن ملڻ ۽ مجلس ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي هئي(1).
سيد شڪرالله پنهنجي لاءِ هڪ مسجد ٺهرائي هئي جيڪا اڄ تائين انهيءَ محلي ۾ موجود آهي.
ملا حسين ٺٽي جو هڪ پرهيزگار شخص هو، پاڻ به انهيءَ محلي ۾ رهندو هو ۽ سندس مدرسو به اتي ئي هو. سندس پٽ ملا سروري ٿيو، جنهن جو پٽ، ملا جانباز، ٺٽي جو مشهور شاعر هو(2).

انجوي ساداتن جو محلو:
اهو محلو اصل ۾ عباسي قاضين جو رهائشگاهه هو، جن جو وڏو قاضي نعمت الله عباسي ڄام صلاح الدين بن تماچيءَ جي دﺆر ۾ ٿي گذريو. انجوي ساداتن جو وڏو سيد محمد 786هه ۾ شيراز کان منڇر پرڳڻي جي مراد اوٺي نالي ڳوٺ ۾ اچي رهيو. جڏهن گذاري ويو، تڏهن سندس پٽ سيد احمد لڏي اچي ٺٽي ۾ قاضي نعمت الله جي گهر ۾ رهيو، سندس نياڻيءَ سان شادي ڪيائين جنهن مان کيس اولاد ٿيو. اهو بزرگ 845هه ۾ گذاري ويو، ٺٽي جو مشهور ولي سيد محمد حسين عرف پير مراد، جنهن جو مرقد مڪليءَ تي آهي ۽ جنهن جي سلسلي ۾ قانع لکي ٿو ته:
سواد حوالي مرقد پاکش، نسخـﮧء ارم ببر دارد. و بياض صفحـﮧء ارض اطهرش گلشن راز انوار الاهي مد نظر. خندهء حور آهنگ مضجعش، و تجلي طور سفيدهء مرقدش. غزال حرم خاکروب آستان، و روح المين آنجا پاسبان،“___
هيٺيان شعر به انهيءَ بزرگ جي مرقد جي وصف ۾ آهن:

زبانِ سبزه خود روي ارضش شهادت نامـﮧ از برکرده بيغش
همين تابد برآن مضجع چنانب نور کـﮧ دوري شـــعشـﮧء مهر است مستور
دعا را استجابت خــــــــــاکدانش هميشـﮧ روح قــــدسي ميهمانش
هر آن سائل کـﮧ بر درگاهش تابد
دهن ناکرده وا، مقصود يابد__
ان بزرگ جو فرزند هو. سيد علي ثاني، جيڪو ارغوني دﺆر جو مشائخ ۽ امير هو، سو سندس پوٽو هو. اکغرض انهيءَ خاندان مان به تمام وڏا ماڻهو پيد ٿيا، جن جو ثاني سندن دﺆر ۾ ٻيو ڪونه هو. سيد علي ثاني مذڪور شاهه حسن ارغوني جو لاش کڻائي مدينـﮧ عاليـﮧ ويو. انهيءَ بزرگ جي ئي چولي جو ٽڪر ڦاڙي عمرڪوٽ ۾ اڪبر کي ڄمڻ بعد ويڙهيو ويو. سيد جلال ثاني انهيءَ سيد عليءَ جو پٽ هو، جيڪو ميرزا عيسيٰ ترخان حاڪم سنڌ جي وليعهد مرزا صالح جي نياڻيءَ سان پرڻيو. سيد مير محمد نالي پٽ کيس انهيءَ بيبيءَ مان پيدا ٿيو، جنهن “ترخان نامو“ تصنيف ڪيو. اهڙيءَ طرح انهيءَ خاندان جا ٻيا به ڪيترا ئي معروف بزرگ انهيءَ محلي ۾ ڄاوا، نپنا، اُسريا ۽ فوت ٿيا. سيد علي ثاني سماع جون بيمثل مجلسون انهيءَ محلي ۾ ڪرائيندو هو. شاهه ڪريم جون محفلون ۽ مجلسون به ساڻن انهيءَ محلي ۾ ٿينديون هيون.
جمنا جي سرزمين: هڪ پاڙي جو اهو نالو هو. شاهه دادن جي درگاهه انهيءَ پاڙي سان لڳ هئي. مير ڪمال الدين مارﱞندرانيءَ جي اولاد مان سيد ملوڪ شاهه نالي هڪ ڪامل بزرگ پيدا ٿيو. جڏهن فوت ٿيو، تڏهن شاهه دادن جي ڀڪ ۾ ’جمنا جي سرزمين‘ اندر دفن ٿيو(1).

(3) مسجديون

مسجد ولي نعمت:
ٺٽي جي هيءَ قديم ترين مسجد چئي وڃي ٿي، جيڪا ڪنهن سمي بادشاهه جي ٺهرايل هئي. مير قانع ان کي ”وڏي جامع مسجد“ ڪري لکيو آهي، ۽ اهو پڻ لکي ٿو ته هاڻي اها مسجد، ”مسجد ولي نعمت“ جي نالي سان مشهور آهي. گويا اها مسجد (1181هه) تائين موجود هئي، مٿس اهو نالو ٻارهين صدي هجريءَ ۾ پيو.
انهيءَ مسجد ۾ پير مراد شيرازي (831_ 893هه) ۽ شيخ بهاﺆالدين ملتانيءَ جي پوٽي شيخ صدرالدين(2)، پاڻ ۾ رهاڻيون ڪيون هيون، ۽ انهيءَ ئي مسجد ۾ شيخ سيد صاحب کي ”پير مراد“ جو خطاب ڏنو، ۽ پير کيس ”حليم“ جو لقب ڏنو(3).

مسجد صفـﮧ:
دراصل انهيءَ جاءِ تي ڄام نظام الدين جي هڪ هندو امير لکيسر جي ٺهرايل مڙهي هئي، جا تمام سهڻي ۽ عاليشان هئي. ”تذڪرة المراد“ جي روايت آهي ته سيد مراد شيرازيءَ هڪ ڏينهن انهيءَ مڙهيءَ کي ڊهرائي مسجد جو بنياد وڌو. جڏهن مڙهيءَ ۾ هٿ پيا، ان وقت ڄام نظام الدين کي اطلاع پهتو. ڄام پنهنجو ڀاڻيجو ڄام مارک موڪليو ته سيد کي روڪي، ليڪن ڄام پهتو ته سهي پر ڪُڇي ڪونه سگهيو، اُلٽو پاڻ بيهي مڙهي ڊاهڻ لڳو. اهڙيءَ طرح ڄام نظام الدين پنهنجي ٻئي خاص ماڻهوءَ شيخ نٿر کي موڪليو، ان جو به منزل مقصود تي پهچڻ بعد ساڳيوئي حال ٿيو. شيخ مالهو سهي سنڀري آيو، ليڪن وريو ڪجهه ڪين، پاڻ به بيهي مڙهي ڊاهڻ لڳو. اهڙي طرح آخر ۾ لکيسر پاڻ آيو، ۽ جڏهن اتي پهتو، تڏهن پنهنجو پاڻ مڙهيءَ تان هٿ کڻي سيد کان دعا جو طالب ٿيو. سيد کيس دعا ڪئي، جنهن بعد هن پنهنجي پٽن جي نالي سان شهر جي هڪ پاسي کان محلو آباد ڪيو، جيڪو تمام مشهور ٿيو. شيخ نٿر، شيخ مالهو ۽ ڄام مارک، سيد صاحب واري قبرستان ۾ دفن ٿيل آهن، هنن سڄي عمر سيد جي خذمتگاريءَ ۾ پوري ڪري سرخروئي حاصل ڪئي(1).
ڄام نندي جي حڪومت 866هه ۾ شروع ٿي، ۽ سيد صاحب 893هه ۾ وفات ڪئي. ”مسجد صفـﮧ“ انهيءَ عرصي جي ڪنهن سال ۾ ٺهي هوندي، ۽ تحفة الڪرام جي تاليف وقت (1181هه) موجود هئي.

جامع فرخ:
ارغونن جي دﺆر ۾ جيڪي مسجدون ٺٽي ۾ ٺهيون، انهن ۾ سڀ کان خوبصورت ۽ عاليشان جامع فرخ هئي، جيڪا هڪ ارغون امير، مير فرخ، ٺهرائي، جو شاهه بيگ ارغون جي ڀاءُ احمد بيگ جو پٽ ۽ شاهه حسن جو سـﺆٽ هو.
مسجد تي هيٺيون ڪتبو، پٿر جي ٽن وڏن تختن تي لڳل هو، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اها مسجد 938هه ۾ ٺهي:

بدور شاه عادل آن حَسَن خُلقِ حسينِ آئين
کـﮧ آمد خنگ گردون باوجودِ سرکشي رامش
______
بناي مسجدِ جامع شد از دريا دلي واقع
کـﮧ دارد عالمي را شاد و خرّم فيض انعامش
______

بگرماي قيامت گر پناهِ او نخواهد شد
”پناهِ فرخ“ از بهرِ چـﮧ شد، تاريخ اتمامش(1) 938هه
______
تحفة الڪرام جي قول مان معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ مسجد جي مرمت ۽ ڪن حصن جي نئين سر تعمير شاهجهان (37_ 1068هه) جي زماني ۾ ٿي(2).
جامع مسجد جو پهريون امام ۽ خطيب، سيد محمود بخاري گجراتي ٿيو، ۽ کانئس پوءِ به سندس ئي اولاد ۾ اهو عهدو رهندو آيو. تحفة الڪرام جي روايت آهي ته سيد بخاريءَ جي اولاد مان سيد محمد شجاع، بن سيد فيض الله، بن سيد فتح محمد، بن سيد جعفر، بن سيد جمال، بن سيد ڪمال دستور موجب انهيءَ مسجد جا خطيب ۽ امام هئا. سندس وفات 1138هه ۾ ٿي ۽ ”شجاع“ مان اها تاريخ نڪري ٿي(3). گويا 1138هه تائين اها مسجد قائم هئي بلڪ ان کان پوءِ به تحفة الڪرام جي لکجڻ وقت (1181هه)(4) ۽ شيخ اعظم جي تاليف ”تحفة الطاهرين“ (1190هه) جي لکجڻ وقت قائم هئي. پوئين ڪتاب مان معلوم ٿئي ٿو ته اها مسجد ڀائي خان جي محلي ۾ هئي، ڇاڪاڻ ته مـﺆلف، انهيءَ مسجد واري گنج شهيدان جو ذڪر محلي ڀائي خان جي تحت ڪيو آهي(1) ۽ قرين قياس به اهوئي آهي، ڇاڪاڻ ته اهو محلو قلعي جي قريب ۽ حڪومت ڪندڙ قوم جي اميرن ۽ دربارين جي رهڻ جي جاءِ هو. تنهنڪري اها جامع مسجد انهن حڪومت هلائيندڙن جي قلعي ۾ هجڻ گهرجي.
عيسيٰ ترخان جي وقت ۾ 963هه جي سال ۾، گوا جي عيسائين جيڪو ٺٽي ۾ مسلمانن جو ڪوس ڪيو، سو جمعي ڏينهن ٿيو هو. عام مسلمان مسجد ۾ نماز لاءِ جمع هئا، جو مٿن حملو ٿيو. چنانچه انهيءَ جامع جي نمازين تي به حملو ٿيو ۽ سڀني غريبن مسجد ۾ شهيد ٿي، جان، جان آفرين جي سپرد ڪئي. انهيءَ مسجد جا شهيد مسجد جي ٻاهران اترينءَ ديوار سان لڳ هڪ هنڌ دفن ڪيا ويا، ۽ ٺٽي جي پنجن ”گنج شهيدان“ مان وڏي ۾ وڏو “گنج شهيدان“ اهو ٿيو(2)، جنهن لاءِ مير قانع جي روايت آهي ته تيرهن سـﺆ کان زياده شهيد منجهس دفن ٿيا، ۽ شيخ اعظم جو قول آهي ته ٻه هزار شهيد مدفون آهن(3).
اها مسجد، پنهنجي زماني ۾، بزرگن جي آمدرفت ۽ رهائش جو مرڪز هئي. مسجد جي آسپاس به ڪيترا خدا جا ٻانها رهندا هئا. مثلاً:
ميان مٺو فقير، مخدوم نوح جو پهتل مريد، انهيءَ مسجد ۾ گهڻو گذاريندو هو(4). سيد قاسم، جنهن کي قانع ”بيخود سالڪ“ لکيو آهي، سو مسجد جي محراب پٺيان رهندو هو(5). سيد ابراهيم گودڙيو ڪامل ولي گهڻو ڪري مسجد جي دروازي تي اچي ويهندو هو. هڪ ڏينهن ويٺو هو، جو اندران سيد طيب بخاري پنهنجي پٽ رحمت الله سميت ٻاهر نڪتو. سيد گودڙيي کانئس پٽ جي ٻانهن گهُري، سيد ايڏي بزرگ جي حڪم کان انڪار ڪري ڪونه سگهيو، چنانچه پٽ کڻي سندس حوالي ڪيائين. سيد گودڙيي جو تڪيو، ڪلان ڪوٽ جي سامهون مڪليءَ تي هو. رحمت الله، جيسين سيد جيئرو هو تيسين ساڻس گڏ انهيءَ تڪيي ۾ رهيو، مرڻ وقت سڄي امانت سندس سپرد ڪري ويو. رحمت الله بخاري جڏهن موٽي اچي پنهنجي خاندان ۾ رهيو، تڏهن ڪرامتن جو صاحب ۽ وڏيءَ پيريءَ مريديءَ وارو ٿي پيو(1).
اها مسجد مسافرخاني جو ڪم ڏيندي هئي. ڪيترا مسافر ڏينهن جا ڏينهن مسجد ۾ اچي قيام ڪندا هئا. ماني وغيره جو انتظام بخاري ساداتن جي حويلين تي هوندو هو، يا ڪو مسلمان پاڙي مان کڻي اچي انهيءَ قسم جي مسافرن کي کارائيندو هو. سيار سمرقندي سيلاني فقير، جيڪو فارسيءَ جو پڻ شاعر هو، سو جڏهن ٺٽي آيو ته انهيءَ جامع ۾ اچي رهيو. ۽ جيترو وقت جيئرو هو اتي رهيو، ۽ هي جهان به انهيءَ مسجد مان ڇڏيائين(2). هي بيت سندس آهي:
به مي خوردن، اشارت ميکند جام
غلط گويند مددم نرگسش نام

ميرڪن جي مسجد:
شيخ السلام مير محمود (المتوفي سن 962هه) 929هه ۾ ٺٽي آيو. جنهن محلي ۾ قيام ڪيائين اهو محلو ”ميرڪن جو محلو“ مشهور ٿيو. سيد صاحب پنهنجي حويليءَ جي ڀِڪ ۾ نهايت ئي عاليشان ۽ خوبصورت مسجد ٺهرائي، جيڪا ٻِارهين صديءَ جي اختتام تائين موجود هئي(1).

مسجد بازار امير بيگ:
مغلواڙي جي بازار امير بيگ اندر هيءَ مسجد پڻ ارغون دﺆر جو يادگار هئي. ٻارهينءَ صديءَ جي خاتمي تائين ان جي قائم هجڻ جو پتو پوي ٿو. 963هه واري قتل عام جو واقعو هن مسجد ۾ به ٿيو، اتان جا شهيد مسجد جي ڏاکڻيءَ ديوار سان لڳ دفن ڪيا ويا. گويا اهي به ”گنج شهيدان“ هڪٻئي جي متصل هئا(2).

مسجد محله اگريه:
اگر محلي جي هيءَ مسجد، جيڪا محلي جي مشرقي حصي ۾ هئي، پڻ ارغونن جي عهد جو يادگار هئي. عيسائين جي حملي ۾ انهيءَ مسجد اندر قريباً ٻه سـﺆ نمازي شهيد ٿيا، جن جو ”گنج شهيدان“ مسجد سان متصل ٺاهيو ويو(3).

داٻگرن واري مسجد (جامع خسرو):
خسرو خان چرڪس، مرزا باقيءَ جي اميرن مان هو، ۽ مرزا جانيءَ جي ڏينهن ۽ مرزا غازيءَ جي دﺆر ۾ هن وڌيڪ ترقي ڪئي. جڏهن غازي قنڌار هو، تڏهن خسرو سڄيءَ سنڌ جو مختيارڪُل هو. نهايت نيڪ دل، مخير ۽ وڏي حوصلي جو امير هو. ٺٽي ۽ ان جي گردنواح ۾ هن بطور يادگار رفاه عام لاءِ ڪيئي مسجدون، رانڪون، پُليون ۽ تلاءَ ٺهرايا. مير قانع لکي ٿو ته ”صاحب خير و توفيق، مثلش کسي درين زمين برنخواسـﺔ آثاري که ازو ماند، احدي از ملوک و امرا بر عشرش موفق نشد“. جملي 360 آثار ڏانهنس منسوب هئا(4)، جن مان اڄ هڪ به صحيح سالم ڪونه آهي. مڪليءَ تي هڪ رانڪ، جنهن کي اڄڪلهه ”ست چڙهڻي“ چيو وڃي ٿو، خراب ۽ خسـﺔ حالت ۾ آهي، ۽ ٻي ٺٽي ۾ جامع خسرو آهي: انهيءَ مسجد کي داٻگرن جي مسجد چيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته داٻگرن جي محلي ۾ هئي. هن وقت نه اهو محلو آهي نه ان جا مڪين موجود آهن، صفا ميدان ۽ ان ۾ هيءَ مسجد ڏسڻ ۾ اچي ٿي. مسجد پٿر جي ۽ نهايت ڪشادي ۽ تعمير جي لحاظ کان نهايت بيش قيمت هئي. ڀانئجي ٿو ته خسرو جي پنهنجي رهڻ جون حويليون به گهڻو ڪري انهيءَ محلي ۾ هونديون، ۽ شيخ ڪالو، جنهن کي خسرو سڱ ڏيئي پاڻ وٽ رهايو، اهو ۽ ان جي اولاد به اتي گذاريو هوندو.
خسرو چرڪس مسجد ٺهرائي پهريون پيش امام، خطيب ۽ متولي سيد ابوالمڪارم کي ڪيو، جيڪو بزرگيءَ جي سڀني طور طريقن سان سينگاريل ۽ سيد احمد بن محمد عابد مشهديءَ جي اولاد مان هو(1). اهو بزرگ رهندو به انهيءَ مسجد سان لڳ هو، جڏهن فوت ٿيو ته ”ستون دين فتاد“ مان سندس تاريخ ڪڍي ويئي (1065هه). درس للو پڻ انهيءَ مسجد جي ڀر ۾ سيد جي پاڙي سان گهڻو وقت رهيو هو.
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه (المتوفي 1174هه) هر جمعي جي صبح تي انهيءَ مسجد ۾ وعظ به فرمائيندو هو. کانئس پوءِ سندس فرزند مخدوم عبداللطيف به پيءُ وارو طريقو قائم رکندو آيو، تا وقتيکه مخدوم موصوف 1187هه ۾ ميان محمد سرفراز ڪلهوڙي جي ملازمت اختيار ڪري اتان هليو ويو. سندس وڃڻ بعد ان جي فرزند مخدوم ابراهيم (عرف موليڏنو) جنهن کي عام طرح (مڏئي مرقد) سڏيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو پوءِ ڪن سببن ڪري ٺٽي مان لڏي وڃي مڏئيءَ ۾ رهيو ۽ اتي فوت ٿيو، انهيءَ مسجد ۾ وعظ ڪندو رهيو(2).
انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته اها مسجد ٻارهين صديءَ جي اختتام تائين موجود هئي، ۽ ٽالپرن واري دﺆر ۾ شهيد ٿي. حقيقت ۾ ٺٽي جي آثارن، مغل دﺆر کان پوءِ جڏهن ٺٽي جي مرڪزيت ختم ٿي ويئي، آهستي آهستي منهدم ٿيڻ شروع ڪيو. امير امرا، اهل خير ۽ صاحب ثروت ماڻهو، مرڪزيت منتقل ٿيڻ بعد، ڪي لڏي ويا. ڪلهوڙن جي حڪومت ۾ قدري رونق رهي، باقي ٽلپرن جي دﺆر ۽ انگريزي دﺆر ۾ ٺٽي جو زوال معـﮧ آثارن جي مڪمل ٿي ويو. ٺٽي جي سيڪ کاڌل ۽ لوڻاٺيءَ زمين ۾، بنان مرمت ۽ سنڀال جي، ٻه سـﺆ ورهيه ڪٿي ٿا آثار رهي سسگهن؟ جن مسجدن جي مرڪزيت ۽ جن درگاهن سان عقيدت قائم رهندي آئي، انهن جي مرمت ٿيندي رهي ۽ اهي اڄ تائين قائم آهن، مثلاً: سيد مبين ۽ شاهه مسڪين جي درگاهه، مسجد خضري ۽ جامع شاهجهاني وغيره. مسجد خضريءَ جي، ٽالپرن جي دﺆر ۾، مڪمل طرح مرمت ٿي ۽ پوءِ به ٿيندي رهي. اهڙيءِ طرح جامع شاهجهانيءَ جي ٻه دفعا انگريزي عهد ۾ مرمت ٿي. جامع خسرو ڀانئجي ٿو انهيءَ ڪري شهيد ٿي ويئي، جو نه اهو محلو رهيو نه انهن جا ماڻهو رهيا. شهر جي بلڪل ويران حصي ۾ رهجي ويئي، جتي ڪو نماز پڙهڻ وارو به ڪونه ٿي ويو، اهڙيءَ طرح مسجد زبون ٿي ويئي.
هن وقت آثار قديمـﮧ جو محڪمو مسجد جي سنڀال ڪري ٿو، مسجد جي محراب تي هي ڪتبو هڪ سٽ ۾ موجود آهي:
بسم الله الرحمان الرحيم_ محمد رسول والذين معـﮧ اشداء علي الکفار و رحماء بينهم 997هه. مسجد جي جوڙجڪ ۽ ڪاشيءَ جي ڪم جي رٿا لاجواب آهن، خاص طرح اندريون محراب پٿر جي اڪر جو بهترين نمونو آهي.

مسجد خضري:
ٺٽي جي اها مسجد، ڪيترا دفعا مرمت ٿيڻ سبب اڄ به ائين معلوم پئي ٿئي ڄڻ هاڻي ٺهي تيار ٿي آهي، حالانڪ ساڍن ٽن سَون ورهين جو زمانو مٿس گذري ويو آهي.
ميرزا غازي جڏهن قنڌار ۾ فوت ٿيو (11_ صفر 1021هه) ان وقت جهانگير بادشاهه ميرزا رستم صفويءَ کي ٺٽي جي صوبيداريءَ تي مقرر ڪيو ۽ مير عبدالرزاق مظفر خان معموريءَ کي ديوانيءَ ۽ بخشگيريءَ جو عهدو ڏيئي ميرزا رستم جي پهچڻ کان اڳ ٺٽي موڪلي ڏنو. مرزا رستم 10_ محرم 1022هه جو ٺٽي پهتو. ليڪن جلدئي کيس موٽايو ويو ۽ تاج خان کي ٺٽو ڏنو ويو. تاج خان 1023هه ۾ فوت ٿيو. شمشير خان جيڪو ان وقت سيوهڻ جو صوبيدار هو، ان کي ٺٽي بدلي ڪيو ويو. 1024هه ۾ مير عبدالرزاق معموريءَ کي ديوانيءَ ۽ بخشگيريءَ مان وڌائي ٺٽي جو نواب ڪيو ويو، جنهن عهدي تي هو غالباً 1028هه تائين رهيو. اها مسجد هن پنهنجي ديوانيءَ واري زماني 1022هه جي سال ۾ ٺهرائي. مير قانع جو قول آهي ته انهيءَ جاءِ تي ”نهال دريا“ نالي هندن جي مڙهي هئي، جنهن کي ڊهرائي مير معموريءَ اهو خانـﮧ خدا آباد ڪيو، ۽ مسجد ان وقت گودڙيءَ بازار ۾ هئي(1).
ڪيترن مسجدن جي سلسلي ۾ مير قانع لکيو آهي ته مسجد ٺهڻ کان اڳ اتي هندن جي مڙهي هئي، جنهن کي ڊهرايو ويو. اسان جي سمجهه ۾ نٿو اچي ته جڏهن ٺٽي ۾ هندو نهايت عزت سان گذربسر ڪندا هئا، سندن تهذيب ۽ تمدن به مسلمانن سان رلندو ملندو هو، سرڪاري عهدن تي به فائز هئا، مذهبي تنگدلي نه ٺٽي جي مسلمانن ۾ هئي نه ٺٽي جي هندن ۾ هئي، ۽ اهو حال سَمن جي سلطانيءَ کان وٺي ڪلهوڙن جي عهد تائين رهيو. پوءِ ڪهڙو سبب هو، جو هروڀرو مڙهين کي ڊهرائي انهن جي جاءِ تي مسجدون ٺهرايون ٿي ويون، گويا ٺٽي ۾ خانـﮧء خدا لاءِ ٻيو ڪوبه پلاٽ ملي ڪونه ٿي سگهيو. اسان جي خيال ۾ محض مذهبي جذبي ڏيکارڻ، هندن مٿان برتري محسوس ڪرائڻ، يا ڪنهن بزرگ جي سلسلي ۾ ڪرامت بيان ڪرڻ خاطر، پوئين دﺆر جي مصنفن، انهيءَ قسم جون عامي روايتون قبول ڪيون آهن، جي سراسر علمي شان جي خلاف آهن.
”مسجد صفــﮧ“ جي سلسلي ۾ مثلاً اسان جو خيال آهي ته ”تذڪرةالمراد“ جي ساده دل ۽ نيڪ نهاد مصنف کي پنهنجي مرشد جي ڪرامت ڌيکارڻي هئي، جنهن ڪري کيس مڙهيءَ ڊاهڻ جو واقعو سيد صاحب جي دامن سان وابستـﮧ ڪرڻو پيو. چنانچه هن مڙهي ڊاهي، انهيءَ وقت جي چند مکيه ماڻهن کي سيد صاحب جو جلال ڏيکاري، عقيدتمند بنائي، آخر ۾ خود مڙهيءَ جي مالڪ کي آڻي سيد عليـﮧ رحمت جي قدمن ۾ ڪيرايائين. حالانڪ مڙهيءَ ڊهرائڻ لاءِ نه خدا جو حڪم، نه رسول جو فرمان، نه مذهب جو سبق، نه ڪنهن بزرگ يا مشائخ جي شايان شان هو، ۽ نه اهو ڪردار ڪنهن الله واري جو ٿي سگهيو ٿي.
مسجد خضري جهانگير جي دؤر ۾ ٺهي، جيڪو اڪبر جو فرزند ۽ پنهنجي سر پاڻ به انهيءَ قسم جي خسيس مذهبي تعصب کان بالاتر هو. ٺٽي جي ماڻهن تي مرزا رستم صفويءَ ٿوري سختي ڪئي ته جهانگير کيس معزول ڪري گهرائي ورتو ۽ تيسين شاهي عتاب هيٺ رهيو، جيسين ڏکويل ماڻهن کان معافي نه ورتائين. اهڙين حالتن هيٺ جڏهن ته انهيءَ وقت ميرزا غازيءَ جا هندو امير ٺٽي ۾ موجود هئا، انهن کان سواءِ ٻيا ڪيترا اثر وارا هندو خود مغل نواب جي ماتحت مختلف عهدن تي فائز هئا، اُهي سڀ اعتراض اٿاري سگهيا ٿي، بادشاهه وٽ سندن شڪايت فوراً پهچي ٿي سگهي. پوءِ ڪهڙيءَ طرح اها روايت قبول ڪري سگهجي ٿي ته انهيءَ مسجد جا بنياد، نهال دريا مڙهيءَ جي انهدام تي استوار ڪيا اويا. جڏهن ته مٿين سڀني حقيقتن کان علاوه، خود مسجد جي جوڙائيندڙ، مير معموريءَ جو ڪردار به اسان جي سامهون آهي. نهايت نيڪ، خدا شناس ۽ صاحب فضيلت امير هو، جنهن مان اهڙي غير شرعي حرڪت جي اميد رکڻ ئي عبث آهي.
بهرحال، مير معموريءَ اها مسجد ان وقت جي گودڙي بازار ۾ ٺهرائي، ۽ اها پهرين مسجد آهي، جيڪا مغل حڪومت جي ماتحت ٺٽي خواهه سنڌ اندر ٺهي. مسجد چونڪه ٺٽي جي وچ شهر ۽ تمام آباد حصي ۾ آهي، تنهنڪري اڄ تائين موجود ۽ نئين نويلي لڳي ٿي. ڇت پيل حصو ٽن طبقن يا حصن ۾ آهي، ۽ هر حصي مٿان خوبصورت گنبذ آهي. اندر فرش ۽ ٻاهر ٽائيل جو فرش آهي، جيڪو پوئين زماني ۾ مرمت ڪندي لڳايو ويو آهي. ڇِت جي ٻاهران واري حصي ۾ ڪشاود ايوان آهي، اترين طرف کان پنج فوٽ کن مٿي ٿلهو آهي، جنهن ۾ نمازين جي وضوءَ لاءِ تلاءُ ٺهيل آهي. مسجد جو دروازو ڏکڻ طرف شاهي بازار جي هڪ ننڍيءَ شاخ ۾ کلي ٿو، جيڪا شايد ان زماني ۾ گودڙي بازار هئي يا شاهي بازار جو اتهون وارو ڪجهه حصو انهيءَ نالي سان سڏيو ويندو هو. مسجد جو محراب پنج گوشو يعني پنج پهلو آهي. ٽن گوشن جي ڪنارن تي خوبصورت طغرائي خط ۾ قرآني آيت اُڀريل اکرن ۾ لکيل آهي، ۽ آخري ٻن پهولوئن تي هيءَ عبارت آهي:
(1) خـــــــاک آســـــــتان حـــــــضـــــــرت نبـــــــوي ﷺ. عـــــــبدالـــــــرزاق
(2) الحسيني المعموري الملقب بمظفر خان. بتاريخ تمام شد
سنه 1022هه
اهو ڪتبو قرآني آيات سميت، اتر کان شروع ٿي ڏکڻ تي ختم ٿئي ٿو. انهيءَ ڪتبي ۾ ”مظفر خان“ جو لقب به ڄاڻايو ويو اهي، جيڪو مير معموريءَ کي جهانگير اجمير شريف جي منزل تي عطا ڪيو. جڏهن، بقول ترخان نامـﮧ، هو ٺٽي مان خسرو چرڪس، ميرزا عبدالعلي ترخان، جنهن کي ميرزا غازيءَ جي وفات بعد خسروءَ ٺٽي ۾ مسند نشين ڪيو هو، ۽ سمورو ترخاني قبيلو وٺي وڃي شاهي حضور ۾ پهتو، ۽ ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اها مسجد مير معموريءَ ٺٽي ۾ پهچي ٺهرائڻ شروع ڪئي هوندي. 1022هه جي 1- محرم جو، جڏهن ميرزا رسٽم ٺٽي پهتو تڏهن هن خسرو ۽ ترخاني قبيلي کي سهيڙي مير معورٽيءَ ذريعي اجمير موڪليو. اتان جڏهن مير موصوف خطاب حاصل ڪري ٺٽي پهتو، تڏهن مسجد به جُڙي راس ٿي ۽ هن مٿس ڪتبو هڻايو، جنهن ۾ سندس لقب به شامل آهي.
جهانگير مير معموريءَ ۽ ميرزا رستم کي هدايت ڪئي هئي ته ٺٽي ۽ سنڌ جي ماڻهن تي حڪومت ڪرڻ لاءِ اوهين پهريان ڪامورا آهيو جيڪي وڃو ٿا. ماڻهو ضرور پنهنجي وطني حڪومت ختم ٿيڻ ۽ ڌاريءَ حڪومت هيٺ اچڻ سبب دلگير هوندا، تنهنڪري اوهان جو فرض آهي ته اهڙي پاليسي هلجو، جو سندن دليون هٿ ڪري وٺو، جيئن هو ڌاريءَ حومت کي ڌاريو سمجهڻ نه لڳن. مرزا رستم انهيءَ پاليسيءَ تي نه هليو، جنهن ڪري معزول ٿيو. مير معموري نهايت سياست ۽ سمجهه سان هليو، جنهن ڪري نه فقط ديوانيءَ ۽ بخشگيريءَ جي عهدي تي قائم رهيو، بلڪ پوءِ پاڻ به ٺٽي جو نواب ٿيو. اها جامع مسجد به اسان جو خيال آهي ته هن مٿين پاليسيءَ جي ماتحت مذهبي ذريعو اختيار ڪري، ٺٽي جي مسلمانن جي دلين وٺڻ خاطر، اچڻ سان ٺهرائڻ شروع ڪئي.
اها مسجد تيرهين صديءَ جي شروع ۾ يا ان کان اڳ ٻارهين صديءَ جي آخر ۾ تقريباً منهدم ٿي جيڪي هئي، ۽ 1229هه ۾ ان کي ٻيهر مير ڪرم علي خان ٽالپر (والي سنڌ) تعمير ڪرايو، جنهن جو مذڪور مير مائل جي هيٺئين قطع تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو:

(1) اخيء دهر و کرم يار زمان مير کريم
که بوصفِ کرم از نام علي داد نمود
ديده اين مسجد منهدم و افتاده
مسجد الله پئي شغل صلواة معبود
حاليا طرفا ز تعمير بناي او دل
از شرف بخشيءِ ترميم، جلايش افزود
سال ترميم بخيرش کـﮧ بود خير کرم
”خير مسجد بکرم آمده“ سالش فرمود
1229هه
باد ازين خير کرم، مائل حق بر بابش
داعي خير شهه ذوالکرم از رب ودود
________
(2) چون مير ما کرم علي آن شاه حق شعار
کز حق موفق آمده في الخير بر مزيد
اکنون بعد کرامت ترميم نو بخير
داده جلائي تازه باين مسجد مجيد
تاريخ اين مبارک ترقيم دل ز غيب
”خيري کرم بداده بمسجد جلا“ شخيد
1229هه
خير کرم بداده بمسجده چه زيب بهه
ديگر بدل ز غيب بسالِ ندا رسيد
هم سال آن ز لفظ ”بجا خير تازه“ دل
1229هه
روح القدس پئي مطلع احباب برکشيد
يا رب بحق خوبيء اين تازه خير شاه
بادا بخير تازه ز اکرام مسفيد
________
(3) يافت اين مسجد چو از خيرِ شههِ بزمِ کرم
آنکــﮧ تعميرِ مساجد خيرش آمد ماه و سال
حالي ز ترميم نو خوشتر ز تعميرِ قديم
بهرِ شغلِ مومنين زيب و صفاي لايزال
طبع داعي ديده اين ترميم با خير از کرم
”باد از اهلِ کرم خيرِ مساجد“ گفت سال
1229هه
”باد اين سجد ز ترميمِ کرم بازيب و زين“
1229هه
سال آن با باي بسم الله اگر آمد بقال
1227+2=1229هه
باد دائم في الصلواة الخمس چون مائل بحق
هر مصلي سائلِ خيرش ز فضلِ حق تعال
مير مائل جا قطعـﮧ سٺا آهن يا ساده، اهو جدا سوال آهي، اسان انهيءَ ڪري خوش آهيون ته مرحوم مائل جي ذريعي اسان کي مرمت ۽ مسجد جي نين تعمير جو سال معلوم ٿي ويو. انهيءَ مسجد تي، اهو نالو (جامع خضري) ڇو پيو، ان جو سبب معلوم ٿي نه سگهيو. شروع کان اهو نالو هو، يا پوءِ ڪنهن نسبت سبب پيو، اهو خدا کي علم آهي. هڪڙيءَ روايت موجب انهيءَ مسجد ۾ خواجه خضر نماز پڙهندي ڏٺو ويو، تنهنڪري مٿس اهو نالو پئجي ويو.

مسجد اميرخاني:
ٺٽي جي جامع شاهجهانيءَ جي اُترينءَ ۽ اولاهينءَ ڪئنڊ تي، مسجد کان ٻه سؤ کن قدم پري، گنبذ سان هڪ ننڍي چؤديواري موجود آهي، اها مسجد اميرخاني آهي، جنهن کي ابوالبقا امير خان جيڪو اميرخانن جو وڏو هو ۽ جنهن ٺٽي تي ٻه دفعا گورنري ڪئي، ٺهرايو. انهيءَ مسجد جي سلسلي ۾ به اهائي روايت آهي ته مڙهي ڊهرائي مسجد ٺهرائي ويئي(1). اها مسجد ڀائي خان جي محلي چوڪ ملڪ مان ۽ چوڪ عبدالغنيءَ جي وچ ۾ هئي. ٻارهين صديءَ ۾ مسجد سان متصل ٺٽي جي مشهور شاعر خاندان شيخ محمد مريد قانونگو جو گهر هو. محمد محفوظ ’سرخوش‘ ان جو پٽ هو، ۽ ميان قمرالدين ”عشرت“ سندس ڏوهٽو هو. شيخ محمد مريد 1171هه ۾ وفات ڪئي(2)، ۽ ان بعد به سندس اولاد انهيءَ گهر ۾ رهندي آئي.
اها مسجد 1039هه ۾ ٺهڻ شروع ٿي ۽ 1040هه ۾ جُڙي تيار ٿي. هيٺينءَ طرح انهيءَ مسجد تي ڪتبا لڳل آهن:
ڏاکڻي ديوار تي اندران:
همين کردم طلب سالِ بنايش
خرد گفتـﮧ کـﮧ ”بيت الله باني“ 1039هه
مسجد جي ڪوٺيءَ اندر داخل ٿيڻ لاءِ اوڀر کان هڪ دروازو آهي، انهيءَ دروازي جي اتر ۾ ٻاهران هي ڪتبو آهي:
اين مسجد بهشت نشان را بنا نهاد
مهِرَ سپهر دولت و اقبال اميرخان
دروازي جي ڏکڻ کان، ٻاهرئين طرفان:
چون ختم بود، در همـﮧ اوصاف فيض و لطيف
سال تمام گشتن او نيز ”ختم“ دان 1040هه
ظاهر آهي ته جنهن مسجد هڪ سال ٺهڻ ۾ ورتو هوندو، اها فقط اها ڪوٺي ڪانه هوندي، جيڪا اڄ موجود آهي، ضرور مسجد خوبصورت ۽ ڪشادي هوندي. جتان رستو وڃي ٿو، اتي ضرور مسجد جو صحن هوندو.
مقالات الشعرا ۾ ملتفت خان مير عبدالڪريم امير خان، جيڪو امير ابوالبقا جو فرزند هو، ان کي اُن مسجد جو باني لکيو ويو آهي(1)، جا روايت سراسر غلط آهي، البت تحفـﺔ الڪرام ۾ مير قانع صحيح لکيو آهي ته مسجد ابوالبقا اميرخان ٺهرائي(2).
مسجد زبون ٿي چڪي هئي، ٽي_ چار سال ٿيا جو ان جي پي. ڊبليو.ڊي وارن مرمت ڪئي آهي.
مسجد شاهجهاني: هن مسجد جي مسقف حصن ۽ ان جي گنبذن اندران ٽائيلس جو جيڪو خوبصورت ڪم ڪيو ويو آهي، اهو اسلامي فنڪاريءَ جي تمام اوچن چند نمونن مان هڪ آهي. نه فقط سهڻي ۽ سٺن رنگن واري ٽائيلس ڪتب آندي ويئي آهي، بلڪ سرن ۽ رنگن کي اهڙيءَ طرح پاڻ ۾ ملايو ويو آهي، جو اندر داخل ٿيڻ شرط ڏسندڙ کان ڇِرڪ نڪري وڃي ٿو ۽ ڏسندڙ نه فقط خوبصورت جڙاءَ ۽ فنڪاريءَ جي چابڪدستيءَ کي ڏسي حيران ٿئي ٿو، بلڪ سندس دل هڪ قسم جي خوشي، مسرت، انبساط، اطمينان ۽ سڪون محسوس ڪري ٿي_ اهڙي خوشي يا اهڙو سڪون ۽ اطمينان، جيڪو هڪ مسافر کي وڏي ڪشالي ڪاٽڻ بعد پنهنجي منزل مقصود تي پهچي حاصل ٿيندو آهي، ۽ حقيقت ۾ اهوئي راز ۽ اهوئي ڪمال انهيءَ ميناڪاريءَ ۾ رکيو ويو آهي. هڪ عبادتگذار پنهنجي طويل ۽ عمر ڀر جي عبادتگذاريءَ جي مقبوليت بعد جيڪا راحت روح ۾ پسند آهي، سا هڪ ڏسندڙ کي هن مسجد جي ڇت هيٺان محسوس ٿئي ٿي.
مسجد جو اوڀاريون ۽ اولاهيون حصو ڇت هيٺ آهن، جنهن تي ٽي وڏا گنبذ مرڪزي آهن. اتر ۽ اولهه جي ديوارن سان پڻ ڇتائيون رواق آهي، جيڪو غالباً مدرسن جي مقصد لاءِ ٺاهيو ويو آهي. ٻيئي رواق ونگن تي آهن ۽ متعدد ونگون هرڪ رواق هيٺان آهن. مسجد جو رقب 305x170 فوٽ آهي. وچ ۾ تمام ڪشاود صحن آهي، جنهن ۾ هڪ وقت ۾ ئي ٽي هزار عبادتگذار، نماز پڙهي سگهن ٿا. رواقن مٿان، ننڍا ننڍا جملي 92 گنبذ آهن. محڪمـﮧ آثار قديمـﮧ جي رپورٽ (نمبر 8- طبع بمبئي 1879ع) مان معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ مسجد تي شاهجهاني دؤر جا نَوَ لک رپيا خرچ ٿيو هو. مسجد جي ڪرسي پٿر جي آهي، ۽ باقي عمارت ننڍين سرن جي آهي. اندر داخل ٿيڻ لاءِ ڏکڻ کان دروازو آهي، ۽ اوڀارين مسقف عمارت جي ڏاکڻيءَ ڪنڊ کان پڻ هڪ ننڍو دروازو آهي، جنهن مان نڪري اميرخاني محلي ۾ داخل ٿجي ٿو. مسجد جي ٻنهي ڇتائن عمارتن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ وچ تي هڪٻئي جي سامهون عاليشان ۽ بلند ونگن تي دروازا آهن، اتريون ۽ ڏاکڻيون رواق ٻاهر کليل آهي ۽ دروازن جي بجاءِ منجهس ٺل آهن.
انهيءَ جامع جي داخلي دروازي اڳيان ڏکڻ کان جيڪو ڪشادو ميدان پيو آهي، انهيءَ ۾ ٺٽي جو ”قلعـﮧ حاڪم نشين“ هو، ۽ مسجد خود غالباً ڀائي خان جي محلي ۾ هئي. اوڀر کان مير احمد بيگ جو محلو هو، جنهن جاءِ تي بعد ۾ امير ابوالبقا امير خان پنهنجو محلو آباد ڪيو، جيڪو اڄ تائين موجود آهي. اهو مسجد وارو علائقو، شهر جو مرڪزي ۽ اهم حصو هو، ڇاڪاڻ ته ارغوني دؤر کان وٺي مغل نوابن تائين، بادشاهه، حاڪم ۽ انهن جا امير امراءَ انهيءَ ايراضيءَ ۾ رهندا هئا. شهر خواه سنڌ جي سياست انهيءَ ايراضيءَ ۾ فيصل ٿيندي هئي. انهيءَ حصي ۾ مغلن جا فرمان پهچندا هئا، ۽ انهيءَ حصي مان ملڪ تي حڪم صادر ٿيندا هئا. لٽ مار، ڦر ڌاڙي، قتل ۽ غارتگريءَ جا واقعات، جيڪي ٺٽي شهر خواه ملڪ ۾ ڌارين حڪامن ڪرايا، تن سڀني جو منبع شهر جو اهو حصو هو، ۽ اهو ئي شهر جو حصو اڄ برباد ۽ ويران آهي_ اهي آهن خدا جي قدرت جا رنگارنگي کيل!
اها مسجد، شاهجهان جي دؤر ۾ ٺٽي جي نواب امير ابوالبقا امير خان پنهنجي صاحبيءَ جي زماني ۾ ٺهرائي، مسجد ۾ ڪتبا هيٺينءَ ريت آهن، جن مان مختلف تاريخن جو پتو پوي ٿو.
اولهائين، ڇتائين عمارت جي داخلي دروازي تي، ٻاهران ٽن ڪنارن تي، بخط ثلث:
(1) ”لقد صدقالله رسولـﮧ الرؤيا_ تا_ مغفرة و اجرا عظيما_ کتبـﮧ سيد علي بن عبدالقدوس(1) 1104هه“.
(2) ”اقم الصلواة_ تا_ زهوقا_ مشقـﮧ العبدالفقير بنڀو(2) بن حسن.“ انهيءَ حصي جي وڏي مرڪزي گنبذ هيٺان عمارت مثمن آهي، انهيءَ مثمن جي پاسن تي بخط ثلث هي ڪتبو آهي:
(3) ”سب مان الذي اسرا_ تا_ عذابا اليما_ ڪتبـﮧ فقير طاهر(3) بن حسن ڪاتب“.
اوڀاري عمات ۾ اندر، داخلي دروازي جي ڏاکڻي پاسي کان هي ڪتبو ٽن پٿر جي ٽڪرن تي آهي:

(4) بادشاه زمانـﮧ شاه جهان جامعِ تتـﮧ دلکشا پرداخت
مرتفع جامعي کـﮧ گنبد او سايـﮧ برقبـﮧ سما پرداخت
خاصـﮧ بهرِ خداي ظل خدا خانـﮧ رحمت خدا پرداخت
خوش جامع بحکم شاهجهان زبده آل مصطفيٰ پرداخت
رضوي انتساب مير جلال کـﮧ وزارت ازو صفا پرداخت
گشت فرشي کـﮧ سنگ آن ز صفا رشک جام جهان نما پرداخت
ســــــال تعمير آن دبير خرد ”فرش مطبوع و دلکشا“ پرداخت
(1068هه)
هيءُ ڪتبو عبدالله(1) ڪاتب جو لکيل آهي، ۽ ان مان 1068هه فرش هڻائڻ جو سال معلوم ٿئي ٿو، جيڪو مير سيد جلال رضويءَ وزير(؟) هڻايو. اهو سال شاهجهان جي حڪومت جو آخري سال هو. انهيءَ اوڀارين حصي ۾ طاق جي اندرئين طرف خط ثلث ۾ هي ڪتبو آهي:
(5) ”تبارک الزي نزل الفرقان_ تا_ انـﮧ غفورالرحيم. صدق الله، صدق الله اعلي العظيم_ شيخ محمد فاضل“(2).
انهيءَ اوڀارين حصي جي داخلي دروازي جي ٻاهران هيٺيا ٻه ڪتبا دروازي جي ڏاکڻي ۽ اترئين پاسي کان پٿر جي ٻن سرن تي اڪريل آهن، ڏکڻ کان بخط نستعليق.
(6) چون ز صاحب قِران شاهجهان يافت ترتيب مسجد اعليٰ
اترئين طرف کان ٻن سٽن ۾ مٿئين ڪتبي وانگر:
(7) هاتفم گفت سال اتمامش ”گشت زيباچو مسجد: اقصيٰ“
1057هه مشقـﮧ عبدالغفور(3)
ڏکڻ کان جيڪو رواق آهي، ان ۾ داخلي دروازي جي اولهائين طرف ٻئي نمبر ونگ جي مٿان هي ڪتبو آهي:
(8) نديده چشمِ فلڪ مسجدي بدين خوبي
کـﮧ آمدند ملايک براي ديدن فيض
بجستم از خرد و عقل سال تعميرش
بديد، کرد اشارت کـﮧ ”هست معدنِ فيض“1054هه
مسجد ۾ هن وقت ڪل اهي ڪتبـﮧ آهن، جن جا سال ترتيبوار هيٺينءَ طرح آهن: 1054، 1057، 1068، 1104_ محڪمه آثار قديمـﮧ وارن مٿين ڪتبن جي سالن مان اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته سال 1054هه ۾ مسجد ٺهڻ شروع ٿي؛ 1057هه ۾ جُڙي راس ٿي؛ شاهجهان جي آخري سال 1068هه ۾ مير سيد جلال رضويءَ وزير (؟) فرش هڻايو، ۽ عالمگير جي پوئين دؤر ۾ 1104هه ۾ مسجد ۾ ڪي ترميمون ٿيون.
اسان کي معلوم نه آهي ته مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دؤر ۾ انهيءَ مسجد جي ڪا مرمت ٿي يا نه، البت ٽالپرن جي پهرينءَ چوياريءَ مان مير مراد علي خان ٽالپر 1227هه ۾ ان جي چڱيءَ طرح مرمت ڪرائي. مير مائل انهيءَ مرمت تي هيٺيان تاريخي قطعا چيا آهن:

وه اين مسجد شاهي آنگه سالش بر ”معدن فيض“ پيش ازين 1054
در حـــــــال ز فـــــــيـــــــض رشد تـــــــازه از دســـــــت مـــــــيـــــــر نـــــــيـــــــک آئـــــــين
کـــــــز نـــــــام عـــــــلي مـــــــراد يابست دائـــــــم بـــــــه بـــــــبـــــــقاي دولــــــت و دين
از فـــــــيض مـــــــراد تـــــــازه تـــــــرمـــيم بـــــــگرفت بـــــــکام دل چـــــــو تـــــــزئيـــن
فرمود سروش غيبم اين سال
”اين معدنِ: فيض حاليا بين“1227هه
_________
باز از مجد و شرف اين جامع شاهي گرفت
با هزاران زيب و زينت تازه تزئين الرشاد
گفت طبعم در دعا تاريخ ترميمش چنين
”باد دائم امجد اين جامع و ترميمِ مراد“ 1227هه
_________
حسبـﺔ لله بکام آنکـﮧ في الليل و النهار
دارد از شوقِ دلي شغلِ عبادت دل نهاد
برد از طبعِ براهم مسجدِ حق کز قديم
دارد از سعي صفا با کعبـﺔالله اتحاد
چون بترميمِ مراد از نو چو تعميرِ قديم
داد با صد زيب و زينت تازه تزئين الرشاد
در خوشي خوش سال ترميمش سروشِ غيب گفت
”آمده نو باز اين مسجد ز ترميمِ مراد“
1227هه
ديده هرکس بر مرادِ طبعش اين ترقيم خير
از جزاک الله خيرا صد نويدِ کام داد
تا بود ’مائل’ بيادِ حق قلوب المومنين
ورد شان دائم در اين مسجد دعاي مير باد
_________
شکر حق کـﮧ پيرويء سنت ختم الرسل
آنکـﮧ واجب کرد تعمير مساجد بر عباد
رونقِ عباد دوران مير نام آور کـﮧ او
دارد از نام علي حاصل بدوران هر مراد
مسجد کي وري مرمت جي ضرورت ٿي، جنهن تي ٺٽي جي معززن، مخدوم محمد ابراهيم (المتوفي 1317هه) صاحب تڪملـﮧء مقالات الشعراء کان هڪ درخواست تمام وڏن ۽ طول طويل القابن سان فارسيءَ ۾ ٺهرائي، مير علي مراد خان والي خيرپور ڏانهن موڪلي، جنهن ۾ کيس التجا ڪيل هئي ته ٺٽي جي جامع شاهجهانيءَ کي مرمت جي ضرورت آهي ۽ هو اهو ڪارخير ڪري(1). جواب ڇا آيو؟ ليڪن ايترو يقين آهي ته مير انهيءَ طرف توجهه ڪونه ڏنو. مير مرحوم جي سڄي زندگي شڪارن پٺيان جهنگ ۾ گذري، شهري ڪاروبار ۽ اهڙن معقول ڪمن سان سندس واسطو ڪونه هو.
انگريزن پنهنجي دؤرِ حڪومت ۾ ان جي ٻه دفعا مرمت ڪرائي. پهروين دفعو سر بارٽل فريئر 1272هه (1855ع) ۾(2)، ۽ ٻيو دفعو مسٽر جيمس ڪمشنر 1311هه (1894ع) ۾ ٿي(3). هن وقت تائين مسجد جي حالت بلڪل زبون ٿي چڪي هئي. مسجد آثار قديمـﮧ جي تحفظ ۾ آهي، ليڪن ان جي مرمت پي.ڊبليو.ڊي وارا ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري ان جي تاريخي ۽ تعميري روش خواهه خوبي ختم ٿي چڪي آهي(4).
مسجد حفظ الله خاني: شاهجهان جي مشهور وزيراعظم سعدالله خان جو پُٽ، حفظ الله خان، 1103هه ۾ ٺٽي جو حاڪم ٿي آيو. سيوهڻ به سندس تحت ڪيو ويو. نهايت نيڪ، پرهيزگار ۽ ديندار هو. حضور ﷺ جن جي عرس تي هزارن ماڻهن کي دعوت کارائيندو هو، ۽ هٿ سڀني جا پاڻ ڌوئاريندو هو. 1112هه ۾ سيوهڻ ۾ سج لڳڻ (سن اسٽروڪ) سبب فوت ٿي ويو. مير غلام علي ’آزاد’ بلگرامي_ فَلهُم جَناتُ الماويٰ نُزلا بما کانُو يَعمَلوُنُ(1) مان سندس وفات جو سال ڪڍيو.
ترخاني دؤر وارو قلعـﮧ حاڪم نشين زبون ٿي چڪو هو. حفظ الله خان ان کي ٺهرائڻ شروع ڪيو، ليڪن بادشاهه جي حڪم پهچڻ سبب مڪمل نه ٿي سگيو(2). ڪم اڌ ۾ ڇڏيو ويو. انهيءَ نيڪ نفس نواب 1109هه ۾ انهيءَ قلعـﮧ حڪام نشين جي دروازي اڳيان، انهيءَ مرمت واري دوران ۾ مسجد به ٺهرائي جيڪا شاهي حڪم پهچڻ کان اڳ ۾ ئي تيار ٿي ويئي، ۽ ان جي ٺهڻ جي تاريخ تي، مخدوم محمد عابد ولد مخدوم رحمـﺔ الله مدرس، هيٺيون قطعو چيو:
شده اين مسجدِ فرخنده انجام
بناي خير حفظ الله خاني
خرد تاريخ تعميرش بگفتـﮧ
”جزاي خير باد بهرِ باني، 1109هه(3)

محلـﮧ تندسر جي مسجد:
تندسر جي محلي ۾ متعدد ننڍيون ننڍيون مسجديون هيون، جن مان هڪ مسجد هن ڪري تاريخي ۽ مشهور ٿي ويئي، جو ان ۾ ٺٽي جو مشهور حال ۽ قال جو صاحب، حاجي سليمان، جيڪو فقهه ۽ حديث جو به جيد عالم هو، دفن ٿيو. اها مسجد 1190هه تائين قائم هئي(4).
ميان ملوڪ شاه واري مسجد: تندسر جي محلي جي ٻي مشهور مسجد ميان ملوڪ شاه جي هئي. ميان مرحوم جڏهن مسجد ٺهرائي رهيو هو، ان وقت مسجد جي اوڀارين ديوار هڪ منهدم ٿيل مزار مٿان کنئي ويئي، جيڪا هڪ بزرگ سيد حسين جي هئي. رات جو ميان ملوڪ شاه خواب ۾ اها حقيقت معلوم ڪري، صبح جو ديوار سورائي ۽ بزرگ جي مزار نروار ڪري ڇڏي(1).
اها مسجد زياده تر هن ڪري مشهور ٿي ۽ تاريخي بنجي ويئي، جو ان ۾ ٺٽي جي مشهور واعظ ميان عبدالله عرف ميان موريي واعظ جو جيد شاگرد ميان نور محمد ايترو پرتاثير وعظ ڪندو هو، جو سڄو ٺٽو اچي پرٽبو هو. مرحوم ميان نور محمد ڏهه_ ٻارهن سال متواتر وعظ ڪيو، ۽ 1176هه ۾ فوت ٿيو(2). اها مسجد صديءَ جي اختتام تائين ته آباد هئي، ان کان پوءِ ڪيترو وقت قائم رهي، سو خدا ڄاڻي.
مير عبدالعليءَ واري مسجد: اها مسجد مسڪرن جي محلي ۾ هئي، جنهن لاءِ پڻ مير قانع جي روايت آهي ته اتي پهريون ”مهر“ نالي هندن جي مڙهي هئي، جنهن کي ٺٽي جي مشهور لوڌي خنادان (سادات مارﱞندراني) جي هڪ فرد، مير عبدالعلي بن سيد محمد بن سيد ابوالفتح بن مير ڪمال الدين بن سيد بدرالدين، ڊهرائي، بقول مير قانع، ”مشهور“ مسجد ٺهرائي(3).
سيد بدرالدين 967هه ۾ سنڌ ۾ پهتو، مير عبدالعلي سندس چوٿين پيڙهيءَ ۾ آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اها مسجد مير عبدالعليءَ عالمگير جي عهد ۾ ٺهرائي هوندي. مير قانع جي روايت آهي ته انهيءَ خاندان جو هڪ بزرگ، سيد محمد خليق، ڪيترا سال ٿيا جو انهيءَ مسجد مان گم ٿي ويو ۽ وري نه لڌو، ان جو پٽ سيد گل 1181هه ۾ موجود هو(1)، ۽ اها مسجد پڻ ٻارهن صديءَ جي خاتمي تائين قائم هئي.

مسگرن جي محلي واري مسجد:
انهيءَ محلي ۾ هيءَ ٻي مسجد پڻ تاريخي حيثيت سان هن ڪري اهم هئي، جو منجهس ٺٽي جا چند مشهور بزرگ ۽ الله وارا پوريل هئا. مثلاً:
سيد دائود ۽ سيد اسماعيل، جيڪي ٻيئي ڀائر هئا، ۽ بقول شيخ اعظم_ در واديء تحقيق و توفيق رتبـﮧ عالي داشتند_ انهيءَ مسجد ۾ مدفون هئا(2).
ميان نور شاهه ٺٽي جو مشهور مجذوب به انهيءَ مسجد ۾ مٿين ٻن بزرگن جي پيرانديءَ کان رکيل هو(3). اهو بزرگ شيخ اعظم جي زماني جو آهي. شيخ پنهنجو ذاتي تجربو بيان ڪندي لکي ٿو ته ”مان ڪنهن سخت مشڪلات ۾ ڦاٿل هوس. ان جي فڪر ۽ سوچ ۾ هڪ ڏينهن پنهنجي گهر اڳيان غم ۽ اندوهه جي تصوير بڻيو بيٺو هوس. اتفاقاً مجذوب اچي اتان لانگهائو ٿيو. مون ڏي ڏسي فرمايائين ته فڪر نه ڪر، ٽن ڏينهن بعد تنهنجو ڪم ٿي ويندو!“ مـؤلف لکي ٿو: برابر ٽئين ڏينهن ٻن سالن جو روڪيل منصب، جنهن جي جاري ٿيڻ جي ڪا صورت ڪانه هئي، پنهنجو پاڻ جاري ٿي ويو(4).

مسجد لکي:
مٿئين محلي مسڪرن جي هيءَ ٽين مسجد به مشهور ۽ معروف هئي. انهيءَ مسجد جو نالو، شيخ اعظم ”مسجد لکي“ رکيو آهي، جنهن جي نسبت جو پتو پئجي نه سگهيو. انهيءَ مسجد ۾ پڻ ٺٽي جو هڪ وڏو الله وارو بزرگ ستل هو، جنهن جو نالو سيد ابراهيم هو ۽ جنهن لاءِ تحفـﺔ الطاهرين ۾ آهي ته_ ”خداوند معارف قدسيـﮧ و مهبط اسرار الاهيه بود“_ سموري زندگي مجرد رهي خدا جي عبادتگذاريءَ ۾ بسر ڪري ڇڏيائين. سندس چيو هرگز خالي نه ويندو هو. پنهنجي وصيعت مطابق اهيءَ مسجد ۾ پوريو ويو(1).
مسجد اسلامپور: هيءَ مسجد مڪليءَ جي دامن ۾ اڃا تائين آهي. اها پڻ هندن جي هڪ ميلي واريءَ جاءِ ۽ مڙهيءَ جي مقابل، جنهن کي ”ڪالڪان“ سڏيو ويندو هو، ٺهرائي ويئي، ۽ ان جو نالو ”ڪالڪان“ جي مقابلي ۾ ”مسجد اسلامپور“ رکيو ويو. اها مسجد ٺٽي جي مشهور واعظ ميان عبدالقادر جي پٽ محمد حفيظ ٺهرائي. ميان عبدالقادر ميان ابوالحسن جو سؤٽ هو، جنهن جي سنڌي (مقدمـﮧ الصواة) مشهور آهي. ميان حفيظ جي سلسلي ۾ مير قانع جو ارشاد آهي ته هو صاحب وڏو صالح ڪامل ۽ متقي هو. خدا تعاليٰ سندس شخصيت کي ڪرامتن جو جامع بڻايو هو. جيڪو ذمي (ڪافر) سندس منهن ڏسندو هو سو جهٽ اسلام ۾ داخل ٿي پوندو هو. اهڙيءَ طرح ڪيترن ئي مشرڪن سندس زيارت جي برڪت سان اسلام جو شرف حاصل ڪيو(2).
تعجب آهي جيڪڏهن اهڙو بزرگ ٺٽي ۾ موجود هو، ته پوءِ ڪهڙو سبب ٿيو، جو فقط ”ڪيترا مشرڪ“ مشرف به اسلام ٿيا. ڇو نه شهر بلڪ سموريءَ سنڌ جي مشرڪن اسلام قبول ڪيو. نه تبليغ جي ضرورت، نه اسلام جي تعليم جي گهرج ۽ نه اسلام کي سمجهڻ جي تڪليف، ڇڙو منهن ڏسڻ اسلام اچي ٿي ويو، ته هوند اهڙي بزرگ کي ته تڪليف وٺي صوبي جي سڀني مشرڪن کي پنهنجو روءِ ڏيکارڻ کپندو هو، تاڪه نه رهي بانس نه بجي بانسري.
اهو وڌاءُ آهي، مبالغو آهي يا حقيقت، بهرحال، مذڪوره بزرگ جي دؤر کان وٺي پاڪستان جي قيام تائين، ٺٽي ۾ نه فقط مشرڪ موجود هئا، بلڪ سڀني مومنن مٿان حاوي هئا.
مٿي بيان ڪيل مسجد، ٻارهين صديءَ جي شروع ۾ ٺهي هوندي، ڇاڪاڻ ته محمد حفيظ مرحوم انهيءَ زماني جو هو. ٺٽي ايندي مڪليءَ جي لاهيءَ ۾ اها مسجد ويران پيئي آهي.

قمري مسجد:
شهر جي هڪڙي محلي يا پاڙي ۾ انهيءَ نالي سان هڪ مسجد هئي، جنهن ۾ مخدوم محمود جو پوٽو ۽ مخدم حامد جو پٽ، مخدوم صالح محمد، هر جمعي تي وعظ ڪندو هو(1)، ۽ هن انهيءَ شغل ۾ سموري زندگي بسر ڪري، دنيا ۽ عاقبت ٻيئي سنواري، هن دارفانيءَ مان سفر ڪيو.
ممڪن آهي ته انهيءَ مسجد جي نالي جي نسبت مخدوم علي احمد المعروف به ”قمري“ سان هجي. مخدوم موصوف ٺٽي جي مشهور صاحب نسبت بزرگ مخدوم آدم (المتوفي 1066هه) جو ڀاءُ هو، ۽ وعظ جي فن ۾ يگانه روزگار هو. آواز اهڙو مٺو هئس، جهڙو ڳيريءَ جو، انهيءَ ڪري مٿس ”قمري“ لقب پيو(2).

ميان ٺارئي جي مسجد:
اَن بازار (غلـﮧ بازار) جي پويان الهندي پاسي کان هيءَ مسجد هوندي هئي. ٺٽي جو مشهور مُدرس ميان ٺاريو، انهيءَ مسجد ۾ مدرسو هلائيندو هو(3). اها مسجد ٻارهين صديءَ جي پوري ٿيڻ تائين قائم هئي. 1181هه تائين ميان صاحب موصوف زنده هو.

حاجي محمد قائم جي مسجد:
هيءَ مسجد خواجه محلي ۾ هئي، جيڪا پوءِ نورسيـﮧ جي نالي سان مشهور ٿي. مسجد قديمي هئي، ليڪن اهو نالو مٿس ٻارهينءَ صديءَ ۾ پيو. درس للو ابتدا ۾ انهيءَ مسجد ۾ اچي رهيو هو(1) ۽ انهيءَ مسجد جي اڳيان ئي ”جملـﮧ پير“ جو ميدان هوندو هو، جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي.
حضرت مولانا محمد قائم محدث سنڌي جيڪو وقت ٺٽي ۾ رهيو ته هر روز ٽه_پهريءَ جو مسجد ۾ حديث جو درس ڏيندو هو. جيستائين هو مستقل طرح وڃي مدينه عاليه ۾ رهيو، تيسين هن ٺٽي ۾ اهو برڪت ڀريو شغل جاري رکيو. سندس انتقال 1157هه ۾ ٿيو(2). اسان جو خيال آهي ته مٿين مسجد اها هئي، جنهن ۾ حضرت مرحوم درس ڏيندو هو، ۽ ”حاجي محمد قائم واري مسجد“ به انهيءَ سبب ڪري سڏجڻ ۾ آئي. پاڻ اصل ٻهراڙيءَ جو هو، ۽ پوءِ لڏي ٺٽي ۾ اچي ويٺو. قرين قياس اهوئي آهي ته سندس قيام به ان مسجد جي قريب ڪٿي هو. چونڪه اها مسجد ڪنهن به ٻئي بزرگ يا مدرس جي تحويل ۾ به ڪانه هئي، تنهنڪري موصوف انهيءَ ۾ حديث جو درس جاري فرمايو.
مخدوم آدوءَ جي مسجد: مخدوم آدم نقشبندي، عرف مخدوم آدو، جيڪو حضرت خواجه محمد معصوم سرهنديءَ جو مريد هو، ۽ انهيءَ سلسلي جي عظيم مشائخن مان هڪ ٿي گذريو آهي، ٺٽي جي جنهن محلي ۾ رهندو هو، ان ۾ اها مسجد به هئي، مسجد جو متولي پاڻ هو.
مسجد جو مؤذن ۽ پيش امام، آخوند محمد يوسف هوندو هو. سندس دستور هو ته مخدوم صاحب جي اچڻ بعد اذان شروع ڪندو هو. هڪ ڏينهن انهيءَ دستور جي خلاف آخوند اڳ ۾ بانگ ڏيئي ويٺو، ۽ نماز به اڳ ۾ ئي ختم ڪرائي ويٺو. مخدوم صاحب جو نوجوان فرزند، ميان ابوبڪر صدر، جڏهن نماز لاءِ آيو ۽ اهو حال ڏٺائين تڏهن ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ انهيءَ وقت آخوند غريب کي مسجد جي خدمتگذاريءَ تان موقوف ڪري ڇڏيائين. آخوند ٻيو چارو نه ڏسي، مخدوم صاحب وڏي جي خدمت ۾ پهچي، روئندي شڪايت ڪئي. مخدوم فرمايو ته ”آخوند، نوجوان آهي، تون ڀئو نه ڪر، وڃي پنهنجي گهر قرآن جي تلاوت شروع ڪر، ابوبڪر پاڻهي تنهنجي دروازي تي ايندو. پر خبردار ائين صلح متان ڪرين! پنهنجو فيصلو پوريءَ طرح ڪج!“ آخوند ماڙيءَ تي چڙهي تلاوت شروع ڪئي، هيڏانهن ميان ابوبڪر کي اچي پيٽ ۾ سور پيو: مجبور ٿي، ٻيو ڪو واهر وسيلو نه ڏسي، پاڻ پالڪيءَ ۾ وجهرائي، وڃي آخوند جي در تي پهتو. معافيون ورتائين، نذرانو ڏنائين، خلعت پيش ڪيائين، امامت جي سند ۽ ڇهن مهينن جو وجهه پيشگي آخوند جي خدمت ۾ پهتو، تڏهن ميس پاڻي پڙهي ڏنائين ۽ ميان صاحب کي درد شڪم مان نجات ملي(1).

مخدوم ابراهيم جي مسجد:
مخدوم صاحب پڻ نقشبندي سلسلي جو جيد بزرگ هو. روهڙيءَ کان لڏي جڏهن ٺٽي ۾ اچي ويٺو، تڏهن پنهنجي حويليءَ جي ڀرسان مسجد جوڙايائين. هيءُ بزرگ يارهين صديءَ جي آخر جو هو. سندس ننڍو پُٽ، ميان گل محمد، مير قانع جي دﺆر ۾ (1181هه) موجود هو(2).
هڪ ڏينهن مخدوم صاحب جو وڏو فرزند، ميان ابوبڪر،جيڪو پڻ حال ۽ قال جو صاحب هو، چند معتقدن سان انهيءَ مسجد ۾ ويٺو هو. هڪ مست اچي مسجد ۾ پهتو، همنشينن ان کي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي ميان ابوبڪر کين جهليو، ۽ چيائين ته ”هي خانه خدا آهي، جنهن کي وڻي سو هن ۾ اچي سگهي ٿو، جهلڻ نه کپي“. مجذوب تي اهڙو ڪو اثر ٿيو، جو جيسين جيئرو هو، تيسين ان مسجد مان پير ٻاهر نه ڪڍيائين(1).

مخدوم محمد هاشم جي مسجد:
حضرت مخدوم صاحب جي پاڙي ۾ سندن اها مسجد هئي. انهيءَ مسجد منجهان سنڌ جي سَوَن مسلمانن فيض پرايو. ڏاڍي برڪت ۽ خير واري مسجد هئي. انهيءَ ئي مسجد ۾ مخدوم صاحب جن ويهي پنهنجيون ڪيتريون لازوال تصنيفون مڪمل ڪيون. دين جي خدمتگذاري انهيءَ مسجد مان موصوف ويٺي ڪئي. انهيءَ مسجد مان ئي هن دين متين جي فروغ ۽ استقامت لاءِ سنڌ جي حاڪمن ڏانهن خط لکيا، ۽ اهائي اُها مسجد سڳوري هئي، جنهن ۾ ويهي انهيءَ عظيم شخصيت، فقهي مسئلن مطابق فتوائون جاري ڪيون، جن سنڌ ۾ اسلامي قاعدي قانون کي نئين جلا بخشي.
مخدوم صاحب عليه رحمت جو دستور هو ته پاڻ هر جمعي تي جامع خسرو ۾ وعظ جي مجلس منعقد ڪندو هو، ۽ پنهنجي انهيءَ مسجد شريف ۾ هر روز ٽه_پهريءَ جو حديث سڳوريءَ جو درس ڏيندو هو. مخدوم صاحب کان پوءِ (1174هه) سندن فرزند مخدوم عبداللطيف پنهنجي والد جي مسند تي ويهي، ساڳئي برڪت واري شغل کي جاري رکيو. مخدوم جڏهن 1187هه ۾ ميان محمد سرفراز جي لشڪر ۾ قضا جي عهدي تي مقرر ٿي اوڏانهن ويو، تڏهن سندس فرزند ميان ابراهيم اها خدمت بجا آڻڻ شروع ڪئي(2)، تا وقتيڪه هو بزرگ ٺٽي مان لڏي پهرين ڪراچيءَ ويو، اتان مستقل طرح ڪڇ جي مڏئي شهر ۾ وڃي ويٺو.
انهيءَ مسجد ۾ صبح جي وقت مخدوم صاحب وڏي جي وقت کان مدرسو قائم ٿيندو هو، ۽ ٽه_پهريءَ بعد فقط حديث جو درس ڏنو ويندو هو. اها مسجد ٽالپر حڪومت تائين قائم هئي، جنهن بعد ٺٽي ۾ نه مخدوم صاحب جو ڪو اولاد رهيو، نه مدرسو باقي رهيو ۽ نڪو حديث جي درس ڏيڻ وارو ڪو رهيو. انالله وانااليه راجعون. سڀ شئي فنا آهي، بقا فقط الله جي ذات کي آهي.
مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جي مسجد: ٺٽي جي هيءَ مسجد پڻ وڏي فيض ۽ برڪت واري هئي. مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جي حويليءَ جي ڀرسان هوندي هئي. حضرت مخدوم صاحب جن انهيءَ مسجد مان ويهي نقشبندي سلسلو سنڌ اندر ڦهلايو. مير قانع جي والد مير عزت الله اتان تلقين حاصل ڪئي. لنواريءَ جي بزرگ مخدوم زمان عليه رحمت انهيءَ مسجد مان فيض حاصل ڪيو ۽ بيعت ڪيائين. ٺٽي جي جيد عالم، بيپناهه ذهن رکندڙ عالم، مخدوم محمد معين، انهيءَ مسجد ۾ ويهي حضرت مخدوم صاحب جن کان طريقت جو سلسلو حاصل ڪيو. اهڙيءَ طرح سنڌ جا گهڻو ڪري سڀئي نقشبندي بزرگ انهيءَ مسجد جا فيض يافته ۽ انهيءَ مسجد اندر رڪوع ۽ مسجود ڪري ويا آهن.
مخدوم صاحب جن 1138هه ۾ هن جهان مان لاڏاڻو ڪيو، جنهن بعد مخدوم ميان فيض محمد ۽ مخدوم ميان ابراهيم اها مسند والاري. انهن جي وفات بعد ڪوبه انهيءَ خاندان مان، مٿينءَ مسجد سڳوريءَ کي وسائڻ وارو نه رهيو. اهو سمورو افسانو، ٻارهين صديءَ جي ٽئين حصي ۾ اختتام پذير ٿيو.

مخدوم محمد معين جي مسجد:
ٺٽي جي هن عظيم المرتبت صوفيءَ ۽ عالم جي حويليءَ ڀرسان هيءَ مسجد هئي. مخدوم صاحب جو مدرسو انهيءَ مسجد ۾ هلندو رهيو، ۽ ايڏو وڏو تعداد شاگردن جو انهيءَ مسجد ۾ استفادي لاءِ حاضر ٿيندو هو، جو مدرسي ۾ متعدد نائب مقرر هئا، جن مان ميان عنايت الله جو نالو قابليت سبب مشهور آهي(1). انهيءَ مدرسي مان ڪيترا جيد عالم نڪتا، جن هن دنيا کي فيض پهچايو، مثلاّ مولوي محمد صادق(1) مخدوم صاحب جي وڏن شاگردن مان هو، جنهن جي مدرسي پوئين زماني ۾ مخدوم صاحب جون سڪون لاٿيون.
اها ٺٽي جي اها مسجد آهي، جنهن ۾ ڪيترا دفعا شاهه عبداللطيف ۽ مخدوم ممدوح جي مابين ملاقاتيون ٿيون. مخدوم صاحب جي وفات (1161هه) بعد ڪو ڪونه رهيو، جو انهيءَ مسجد واري مدرسي کي قائم رکيو اچي. شاهه عبداللطيف به ٺٽي مان هميشه لاءَ انهيءَ ڏينهن موڪلايو، جنهن ڏينهن سندس يار رخصت ورتي.

(4) حويليون

خسرو خان جي حويلي:
ترخاني امير، خسرو خان چرڪس، جي حويلي پنهنجي ڏينهن ۾ نهايت عظيم الشان ۽ ازحد خوبصورت هئي. عمارتن ٺهرائڻ ۽ يادگار قائم ڪرڻ جو کيس ڏاڍو شوق هوندو هو. هن پنهنجي حويلي به اهڙي ٺهرائي، جو ان جو تعميري حسن نمايان هو. حويلي ٻيماڙ هوندي هئي، غالبا داٻگرن جي محلي ۾، جتي جامع خسرو خان آهي، انهيءَ جي قريب ڪٿي آسپاس هئي. سندس پٽ لطف الله ڀائي خان جي حويلي پيء کان جدا هئي.
شيخ ڪالو قريشي، ترخاني دﺆر ۾ ملتان کان ٺٽي آيو، خسرو خان کيس نياڻي ڏيئي گهر ڄاٽو ڪيو، کيس پنهنجي حويليءَ ۾ جاءِ ڏيئي رهايائين. خسرو خان جي آڪهه ختم ٿيڻ بعد انهيءَ حويليءَ ۾ ڪالي جي اولاد رهندي آئي(2). 1181هه ۾ مير قانع لکي ٿو ته اها حويلي زمين دوز ٿي ويئي آهي، ليڪن اڃا تائين سڏجي ساڳئي نالي سان ٿي، ۽ شيخ ڪالي جي اولاد اڃا منجهس رهندي اچي(1). ڀائي خان مرزا غازيءَ جو صحبتي هو، قنڌار ۾ 1921هه ۾ جڏهن مرزا غازي فوت ٿيو، تڏهن ڀائي خان تي الزام رکيو ويو ته هن کيس زهر ڏيئي ماريو آهي. ڀائي خان اتان نڪري وڃي جهانگير جي درٻار ۾ پهتو، ۽ هاڻوڪي سي_ پيءَ ۾ ڪٿي وڃي فوت ٿيو. سندس مزار به اڃا تائين موجود آهي(2)، تنهنڪري ڀائي خان جي ٺٽي واري حويلي به زياده دير تائين قائم رهي نه سگهي.

عرب ڪوڪي جي حويلي:
عرب ڪوڪو مرزا غازيءَ ۽ سندس پيءُ مرزا جانيءَ جي دﺆر جو امير هو، ٺٽي ۾ سندس حويلي پڻ مشهور هئي. ابوالقاسم سلطان بيگلر کي جڏهن مرزا غازيءَ انڌو ڪرايو، تڏهن کيس عرب ڪوڪو جي نظرداريءَ هيٺ انهيءَ حويليءَ جي بالائي منزل ۾ قيد ڪيو ويو. چند ڏينهن بعد، بندوبست ڪري، ابوالقاسم سلطان انهيءَ بالائي منزل جي دريءَ مان رسيءَ ذريعي لهي ڀڄي ويو، ليڪن وري کيس گرفتار ڪري ساڳيءَ ڪوٺيءَ ۾ سخت پهري هيٺ رکيو ويو(3).

خشتي حويلي:
غلـﮧ بازار جي قريب اها حويلي پنهنجي حسن ۽ خوبيءَ سبب مشهور هوندي هئي. خشتي حويلي غالبا انهيءَ ڪري سڏجڻ ۾ آئي، جو سڄي پڪسِري هئي. انهيءَ جي ڪنڊ ۾ سيد ابراهيم شهيد جي مزار هئي(4). 1190هه تائين انهيءَ حويليءَ جا آثار موجود هئا، ڪنهن جي هئي ۽ ڪهڙي زماني ۾ ٺهي، ان جي تحقيق نه ٿي سگهي.
قاضي ابراهيم جي حويلي: ٺٽي جي مشهور عالم ۽ ڪامل مخدوم فيروز جي پوٽن مان قاضي ابراهيم المتوفي 1073هه، پنهنجي دﺆر ۾ مغليه درٻار ۾ رهڻ سبب امير ڪبير ٿي ويو. پاڻ به عالم هو، ’مخزن اسرار‘ جو شرح سندس لکيل آهي. داراشڪوه سان خاص رستو هيس. شيخ عبدالقادر گيلانيءَ جي هڪ رسالي جو ترجمو فارسيءَ ۾ ڪري هن شهزادي جي نالي سان منسوب ڪيو آهي. ٺٽي ۾ جڏهن داراشڪوه آيو، تڏهن قاضي سندس خدمت ۾ موجود هو. شاهجهان کيس وڏا منصب ۽ اعزاز ڏنا. پهريون درٻار ۾ هو، پوءِ دهليءَ جو قاضي ٿيو، وري لشڪر جي قضا سندس سپرد ٿي، ۽ ڪجهه عرصو ٺٽي جو به امين رهيو.
هن جڏهن شاهي ملازمت مان رٽائر ڪري ٺٽي ۾ رهڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن ٺٽي ۾ هن هڪ عظيم الشان حويلي پنهنجي لاءِ ٺهرائي، جيڪا سندس پرپٺ ٺهي تيار ٿي ۽ انهيءَ زماني جو ڏيڍ لک مٿس خرچ ٿيو. ٺٽي پهچي حويلي ڏٺائين تڏهن ناپسند ڪري ڇڏيائين: ”هيءَ ماڻهن جي رهڻ جي آهي؟ آخر خيال ته ڪرڻ کپندو هيو ته هن ۾ ڪهڙو ماڻهو رهڻ وارو آهي(1)!“
ٺٽي ۾ قاضي صاحب جو اهو شان هوندو هو، جو خود ٺٽي جو حاڪم قلعي مان هلي اچي سندس اوطاق ۾ ساڻس ڪچهري ڪندو هو. محمد بختاور خان ”ده ساله عالمگيريءَ“ ۾ قاضي صاحب جا ڪيئي نقل ضبط ڪيا آهن.
مقالات الشعرا ۾ مير قانع (1174هه) لکي ٿو ته هن وقت انهيءَ حويليءَ جي مٽيءَ جا ڍير لڳا پيا آهن(2).

مرزا فتح علي بيگ جو محلو:
هي مغل امير هوندو هو. وڏي پئسي وارو ۽ طبيعت جو سخت ۽ عياش هو. محلي مسڪر ۾ هن پنهنجي رهڻ لاءِ هڪ نهايت ئي خوبصورت محل تعمير ڪرايو. جڏهن ٺهي راس ٿيو، ان وقت رات ڏينهن منجهس عيش و نشاط جو هنگامو شروع ڪيائين.
انهيءَ محل جي قريب ٺٽي جي هڪ بزرگ حاجيءَ جو مزار هو. جڏهن مرزا فتح عليءَ جو لهو و لعب وڌيو ۽ نفساني خواهشات جي پوئواري به انهيءَ عمارت ۾ ٿيڻ لڳي، تڏهن حاجي بزرگ متعدد مرتبا خواب ۾ کيس تنبيـﮧ ڪئي، ليڪن مغل ڪونه مڙيو. تحفته الطاهرين جي صاحب جو قول آهي ته جلدئي دنيا ڏٺو ته اهو مغل مفلس ٿي نابود ٿي ويو ۽ سندس محل به اچي پٽ پيو(1).
بزرگ جي بددعا جو اثر هو، يا اسراف ۽ عيش و عشرت جو نتيجو هو، بهرحال نه مالڪ رهيو نه محل.

مير عظيم الدين جو بنگلو:
ٺٽي جي مشهور شاعر ۽ مير قانع جي ڀائٽيي، مير عظيم الدين ٺٽويءَ ٺٽي ۾ پنهنجي رهڻ لاءِ هڪ خوبصورت بنگلو ٺهرايو. انهيءَ عمارت تي محل، ماڙي يا حويليءَ جو نالو نه پيو، بلڪه ”بنگلي“ جو نالو پيو، ۽ اهو انگريزي تهذيب جي آمد جو پهريون اثرهو.
اهو بنگلو، 1206هه ۾ ٺهيو، نهايت ڪشادو، سڙڪ جي ڪناري تي، باغ جي اندر، دريون دروازا ڪيئي، ونگون، محراب ايوان، برآمدا ۽ منجهس ڪشادا ڪمرا هئا.
سندس سوٽ مير مائل انهيءَ بنگلي جي ٺهي راس ٿيڻ تي ڪيئي تاريخي قطعا چيا، جيڪي هيٺ ڏجن ٿا.

(1)
براي قصر تو اي مير ما، عظيم الدين
رساند طبع دعاگوي پنج قطعـﮧء سال
چو پنج قطعـﮧ کـﮧ باشند پنج گنج گهُر
چو پنج گنج کـﮧ هستند پر ز گوهرِ قال
بحق پنج تن اين پنج گنج پر گوهر
بطور هديـﮧ ز داعي قبول کن هر حال
اگرچـﮧ نيست سزاوار عرض حضرت، ليک
تو مقبلي و قبوليتت بود ز افضال
هميشـﮧ باد وجودت درين مبارک قصر
نظاره بخش احباب بدولت و اقبال

(2)
چو مير من شهرِ ملکِ سخن عظيم الدين
بروي رستـﮧ بناي عظيم کرد بنا
شگفت از دلِ احباب صد گل عشرت
خليد خار تحسر بديدهء اعدا
زهي خجستـﮧ بناي زهي مبارک قصر
تزئين ميان عرض و سما
چو هست جلوه زنان نور ايزدي در وي
بجاست گر بکنم نسبتش به بيتِ خدا
چـﮧ قصر آنکه مسما به ”بنگله“ کردند
چـﮧ بنگرئي کـﮧ بود رشک جنت الماوا
عمارتيست معليٰ بـﮧ گنبدِ عالي
زهي عمارت و خوش گنبديست نيک نما
برنگ بيت مقدس پئي پرستش حق
چـﮧ گنبديست معلق ميانِ ارض و سما
بحيرتم کـﮧ چرا هشت باب او کردند
به هشت باب نديد است کس ”گلستان“ را
نه بر زمين و نه بر آسمان مگر اين قصر
به هشت باب بهشتي ست درميانِ هوا
هزار نقش نکو درميانِ او موجود
هزار رنگ لطافت بفرق او پيدا
بهر چهار طرف صحن او وسيع السير
کـﮧ مرغ روح پئي سير او، پرد به هوا
براي سير عجب سيرگاه اين قصر است
توان نمود بهر لحظه سير اين خوش جا
عجب مکان و عجب سيرگاه و صد گلشن
کـﮧ هست هر طرفش سير سبزهء و گلها
کسي نديد چنين گلشني بروي زمين
کـﮧ هست هر گلِ او رشک صد گلِ رعنا
چـﮧ گلشني کـﮧ دور زد ز جملـﮧ جهات
نسيم لطف الاهي، برنگِ بادِ صبا
درش گلست، جدارش گلست و سقفش گل
نهاده اند درين قصر نقش صد گلها
برب کعبـﮧ عجب معبديست عاليشان
درو ست شانزده محراب طاعتِ مولا
بموقع است اگر چار سوش محرابت
کـﮧ هست چار طرف روي اهل دل بخدا
کسي نديد بيک بيت شانزده محراب
براي طاعت حق، لااِلله الاالله
عجب مبارک جائيست اين بناي عظيم
عجب خجستـﮧ بنائيست اين مبارک جا
دلم بمزدهء تعمير اين بناي عظيم
”عجب بناي خجستـﮧ“ بگفت سال بنا 1206هه
هميشـﮧ باد خدايا بدولت و اقبال
چنين بناي مبارک بصاحبش برپا
_______
انهيءَ بنگلي جي وچ ۾ هڪ وڏو گبند هو، چوڌاري اٺ دروازا هئا ۽ ارڙهن محراب. صحن ايترو وسيع هو، جو سير تفريح لاءِ نه فقط ماڻهن، بلڪ ارواحن به پرواز ڪري تماشي ڏسڻ جي تمنا ڪئي ٿي. بهشت نما باغ چوڌاري موجود هو، جنهن جي سير جو لطف چانڊوڪيءَ رات جو ۽ موسم باران ۾ روح کي راحت رسائيندو هو. باغ ايڏو ڪشادو، وسيع ۽ دلڪش هو، جو شش جهات جي هوا جڏهن اتي پهچندي هئي، ته اندر نسيم ۽ صبا جو روپ ڌاري داخل ٿيندي هئي. در دروازن، درين ۽ ديوارن خواه ڇت تي گلڪاري ۽ نقش و نگار ٿيل هو. انهيءَ چٽساليءَ ايترو ته بهار لاتو هو، جو اندر اچڻ کان پوءِ ڏسندڙ حيرت ۾ اچي ويندو هو.
جنهن عمارت جي نموني جو مير مائل نقشو چٽيو آهي، اهو ٽالپري دﺆر جو هو، بلڪ ان جو آغاز ڪلهوڙن جي آخري عهد کان وٺي ٿيو. درن ديوارن، ڇتين جي ڪامن، پٽين ۽ شهتيرن تي چٽساليءَ جو ڪم، ڀت ۾ متعدد محراب ۽ انهن جي مٿان سڄيءَ ديوار ۾ اندران ڇت تائين ننڍا ننڍا محراب رکيا ويندا هئا. چٽسالي، مختلف پڪن رنگن جي ذريعي ڪئي ويندي هئي، جنهن ۾ سفيد، هلڪي گلابي ۽ سائي رنگ جي زياده آميزش هوندي هئي. گَهرو آسماني رنگ به ڪم آندو ويندو هو. رنگن جي گلڪاريءَ کان سواءِ، ڇت خواهه دروازن ۽ درين تي رنبيءَ جي اُڪر جو ڪم به ڪيو ويندو هو. ٻيئي ڪم محنت طلب ليڪن وڻندڙ ۽ جٽادار هئا. اُڪر خواه رنگين گلڪاريءَ جو ڪم، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دﺆر جي مقبرن ۽ مسجدن تي ڏسي سگهجي ٿو.
(3)
چو هست بنگلـﮧ مير ما عظيم الدين عجب مکان عظيم و عجب نشان عظيم
دلم بمزدهء اين خوش مکان و خوش منظر بگفت سال عظيمش ”عجب مکان عظيم“
هميشـﮧ باد خدايا چنين بمکين 1206هه
مکان عيش و مسرت درين جهان عظيم
(4)
عظيم الدين محمد مير خوش فکر عجب جائي نکو فرمود برپا
چو دارالعشرت است اين جاي پرعيش شد اين اسمِ مبارک سال اينجا
هميشـﮧ ياد يا رب صاحبِ او
درين ”جاري مبارڪ عشرت افزا“ 1206هه
(5)
عزيز مصر سخن مير ما عظيم الدين عجب بناي مکاني بطور قصر نمود
زهي مکان عجب آنکه سال تعميرش ”عجب مکان زهي خوب قصر“ دلفرمود
هميشـﮧ باد خدايا برايء صاحبِ او 1206هه
تمام ساز مسرت درين مکان موجود
(6)
چو مير خسرو ملکِ سخن عظيم الدين زهي مکان خجستـﮧ بدهر کرد بنا
براي سال بناي چنين مکان عظيم که بهر سير توان گفت جنت الماوا
دلم بياوري پنجتن ز هاتف غيب ”زهي مکان خجستـﮧ“ شنيد نيک صدا
1206هه
بحق پنجتنِ پاڪ مير صاحب آن 1206هه
هميشـﮧ باد درين نو مکان نشاط افزا
اهو بنگلو مير قانع جي وفات کان ٽي سال پوءِ ٺهيو. مير فتح علي خان ان وقت حال حيات هو، جنهن جي دربار جو مير عظيم ملڪ الشعرا هو. انهيءَ ساڳئي سال ۾ مير عظيم ”مثنوي سير دل“ تصنيف ڪئي. 1229هه تائين مير مرحوم انهيءَ بنگلي ۾ رهيو. اهو سال سندس وفات جو آهي.
بنگلي جي ساخت مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو شڪر الاهي محلي ۾ ڪونه هو، بلڪ ڪٿي ٻاهر ٺاهيو ويو هو. اهو اُهو بنگلو ته نه آهي جيڪو ٺٽي جي وڏيءَ سڙڪ تي اڄ به موجود آهي، جنهن ۾ انگريزي دﺆر ۾ اسڪول هو، جنهن کي هاڻي محڪمـﮧ آثار قديمه پنهنجي قبضي ۾ آندو آهي، ۽ جنهن لاءِ مشهور آهي ته اهو بنگلو ميرن جو هو.

(5) باغ

خواجه مير ابو تراب جو باغ:
خواجه مير ابوتراب، خواجه شهاب الدين بن مير ڪمال الدين(1) علوي (ٺٽوي) جي اولاد مان هو. پاڻ گهڻو ڪري پنهنجي جاگير تي نيرون ڪوٽ گذاريندو هو. ٺٽي ۾ سندس عاليشان باغ هو، جنهن لاءِ مير قانع لکي ٿو ته ”هاڻي (1181هه) ان جو رڳو نالو وڃي رهيو آهي(2).“
مير سيد علي ثاني شيرازيءَ جو باغ: سيد صاحب(1) (891_981هه) جو باغ ٺٽي جي بهترين باغن مان هو. رات ڏينهن ائٽ پيو وهندو هو ۽ باغ کي پاڻي ايندو هو. شيخ بهاءالدين ملتاني رحمـﺔ الله عليـﮧ جي پوٽن مان جڏهن پير شيخ عالي(2) ٺٽي آيو ته پهريون ئي اچي انهيءَ باغ ۾ هڪ وڻ هيٺان ويٺو. سيد عليءَ جي ملاقات ساڻس انهيءَ باغ ۾ ٿي، ۽ پير جو شوق ڏسي سيد صاحب اهو باغ ئي کيس نذر ڪري ڇڏيو(3). اهو باغ انهيءَ جاءِ تي هو جتي پوءِ شيخ ۽ شيخ جي اولاد آباد ٿي. اهو باغ ڪڏهن اجڙ ٿيو ان جو پتو پئجي نه سگهيو.
خورشيد باغ: ٺٽي جي شهر ۾ يا شهر سان گڏ اهو باغ مغل دﺆر جي مشهور باغن مان هو. مغليـﮧ گورنر نواب مهابت خان ڪاظم (32_1134هه) ٺٽي جي شاعر ۽ ملا عبدالحڪيم ’عطا‘ جي ڀائٽيي، محمد ضيا کي، جنهن کي ڊيدل عظيم آباديءَ ”قيامت“ جو تخلص ڏنو هو، انهيءَ باغ ۾ کيس هڪ سٺي حويلي ٺهرائي ڏني هئي(1)، محمد ضياء کان پوءِ اها حويلي سندس سـﺆٽ شاهه مسڪين جي حوالي ٿي، جنهن ۾ هن پنهنجو تڪيو ڪيو(2).

مشڪين باغ:
قانع جي روايت مطابق اهو باغ ٺٽي جي مغل نواب ظفر خان ’احسن‘ ٺهرايو. ظفر خان ’احسن‘ 1063هه ۾ آيو ۽ ڇهه سال ٺٽي ۾ رهيو. شاهجهان جي دﺆر جو اهو آخري گورنر هو. 1065هه ۾ ظفر خان ٺٽي ۾ ئي هو، جو ٺٽو داراشڪوه جي پٽ سپهر شڪوه کي مليو، ۽ باقي عرصو ظفر خان ان جي نيابت ڪئي(3). اهو باغ نهايت ئي پُر فضا هو. قانع مقالات ۾ لکي ٿو ته ”مشڪين باغ کـﮧ ساختـﮧء اوست، اکنون زمين ويرانـﮧ ايست“.(4)
تحفـﺔ الطاهرين جي مصنف جو قول آهي ته اهو باغ سمن جي زماني ۾ هو. ساموئي جنهن وقت آباد هئي ان وقت ٺٽي جي سرزمين باغن هيٺ هئي. انهن باغن مان هڪ باغ ”مشڪين باغ“ نالي هو، جيڪو سڀني کان زياده سرسبز شاداب ۽ پُر فضا هو. پير ڇتي نالي هڪ بزرگ اتي گهمندي اچي نڪتو، اتفاقا ان ڏينهن ڄام (؟) جي ڌيءَ به اتي سير و تفريح لاءِ آيل هئي. مائي قلندر کي ڏسي سندس معتقد ٿي پيئي، ان کان پوءِ ساڻس ان باغ ۾ ملندي هئي. ماڻهن اها ڳالهه وڃي ڄام کي ٻڌائي، جنهن غيرت کان ان قلندر کي مارائي ڇڏيو، ۽ جتي قتل ٿيو اتي ئي دفن ڪيو ويو(1).
تحفـﺔ الطاهرين ۾ انهيءَ بزرگ جي مدفن جو ذڪر محلـﮧ مسڪر ۾ آيل آهي، جنهن جي مراد اها آهي ته اهو باغ اتي هو، جتي پوءِ محلو مسڪر آباد ٿيو. ليڪن اسان کي اها روايت صحيح نظر ڪانه ٿي اچي. مشڪين باغ جي سلسلي ۾ قانع جو قول قابل قبول آهي(2).

(6) چوڪ

چوڪ ملڪ مان:
جاني بيگ جي اميرن مان هڪ جو نالو ملڪ امان هو. ٺٽي جو اهو چوڪ سندس نالي سان مشهور ٿيو. شايد انهيءَ چوڪ جي قريب ئي سندس گهر هو، تنهنڪري چوڪ جي ڏانهنس نسبت ٿي. اصل نالو ”چوڪ ملڪ امان“ هو، ليڪن گهڻي استعمال سبب وچ وارو الف نڪري ويو، باقي ”ملڪ مان“ وڃي رهيو(3).
پير شاهي ٺٽي جو وڏو مشائخ هو، ۽ 963هه ۾ گوا جي عيسائين هٿان شهيد ٿيو، ان کي انهيءَ چوڪ جي سامهون دفن ڪيو ويو. جتي دفن ٿيو اهوئي سندس گهر هوندو هو،(4) اهو چوڪ قانع جي ڏينهن تائين به هو (1181هه). اهو چوڪ محلي ڀائي خان ۾ هو، ڇاڪاڻ ته پير شاهيءَ جي مزار جو ذڪر شيخ محمد اعظم محلي ڀائي خان جي تحت ڪيو آهي.

چوڪ عبدالغني:
عبدالغني ڪير هو جنهن جي نالي تي اهو چوڪ مشهور ٿيو، ان جي صراحت ڪٿي به ٿيل ڪانه آهي. اهو چوڪ به ٺٽي جي مشهور چوڪن مان هو. جامع شاهجهانيءَ جي پٺيان اترئين ۽ اولهائينءَ ڪنڊ ۾ رستي تي جيڪا ننڍي مسجد امير خانيءَ جي نالي سان موجود آهي، سا ان زماني ۾ چوڪ مان ۽ چوڪ عبدالغنيءَ جي وچ ۾ هوندي هئي، ۽ جتي مسجد آهي، ان محلي کي ”ڀائي خان جو محلو“ ڪري سڏبو هو(1). اهي چوڪ يا ته مسجد جي ڏکڻ ۽ اتر ۽ هئا يا وري اوڀر ۽ اولهه ۾، ليڪن قرين قياس اهو آهي ته اوڀر ۽ اولهه ۾ هوندا.

ميدان جملـﮧ پير:
”محلـﮧ نورسيـﮧ“ جي سامهون هڪ ميدان هوندو هو، جنهن جو نالو ”جملـﮧ پير“ مشهور ٿيو. ان جو سبب هي هو جو جڏهن درس للو رسول آباد مان لڏي ٺٽي جي خواجه قوم کي مسلمان ڪري سندن محلي ۾ اچي رهيو (جيڪو محلو پوءِ نورسيـﮧ جي نالي سان مشهور ٿيو)، ان وقت انهيءَ محلي ۾ هڪ قديم مسجد هوندي هئي جيڪا پوءِ ”محمد قائم جي مسجد“ مشهور ٿي. ان جي سامهون هڪ ڪشادو ميدان هو، ان ۾ درس للو(2)، شيخ يعقوب(3)، شيخ عثمان(4)، ۽ درس محمد امين(1)، روزانو پاڻ ۾ ويهي رهاڻيون ڪندا هئا. اهي سڀ مشائخ ۽ ڪامل بزرگ هئا، ماڻهو کين روز ڏسندا هئا، آخر انهن روزانين رهاڻين کي ڏسي ماڻهن انهيءَ ميدان جو ئي نالو ”جملـﮧ پير“ رکيو(2).

(7) بازاريون

مرزائي بازار:
هيءَ بازار ارغونن جي زماني ۾ هئي. مرزا باقيءَ جي دﺆر (73_993هه) تائين به هئي. ڇاجي ڪري مٿس اهو نالو پيو ۽ ڪيستائين اها بازار قائم هئي، شهر جي ڪهڙي حصي ۾ هئي، ان جو ڪو پتو پئجي ڪونه سگهيو. ترخان نامـﮧ(3) ۾ انهيءَ بازار ۽ انهيءَ بازار جي نالي سان جيڪو محلو هو، ان جو ذڪر آيو آهي.

گودڙي بازار:
جامع خضري انهيءَ زماني ۾ (1022هه) گودڙي بازار ۾ تعمير ٿي(4). اسان جي خيال ۾ گودڙي بازار انهيءَ مختصر بازار جو نالو هو جيڪا اڄ مسجد جي داخلي دروازي سان ملحق آهي، يا ممڪن آهي وڏيءَ بازار جي انهيءَ ٽڪريءَ جو نالو هجي جيڪو مسجد جي قريب آهي. چيو وڃي ٿو ته جتي مسجد تعمير ٿي، اتي ”نهال دريا“ نالي مڙهي هئي، جنهن کي ڊهرائي مظفر خان معموريءَ اها مسجد جوڙائي (ڏسو ص 90). اها بازار 1181هه تائين موجود هئي.

پتي هٽ بازار:
هيءَ بازار به ارغوني دﺆر جي آهي. صحيح نالو ۽ نالي جي نسبت ڇا آهي، ان جي سڌ ڪانه ٿي پوي، البتـﮧ تحفـﺔ الڪرام(5) مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته 1181هه ۾ انهيءَ بازار جي پويان مازندراني سيدن مان سيد بيگ محمد ۽ سيد ٺارو رهندا هئا.

گدا بازار:
شايد اها بازار ملا گدا علي ڀائي خان، جيڪو مرزا جاني بيگ جو امير هو، ان جي نالي تي هجي. يا ممڪن آهي انهيءَ بازار ۾ گداگر هوندا هجن ۽ ان جي ڪري اهو نالو مٿس پيو. بهرحال اها بازار ٺٽي جي اهم بازارن مان هئي. انهيءَ بازار جي نالي تي هڪ محلو به سڏبو هو ۽ انهيءَ محلي ۾ ئي اها بازار هئي. گويا انهيءَ بازار جي ٻنهي طرفن کان جيڪا آبادي هئي ان کي محلو گدا بازار سڏيو ويندو هو.
پير لڌو، آخري مغل دﺆر جو ڪامل ۽ پهچ وارو بزرگ هو. ان جو ڪپهه جو دڪان انهيءَ بازار ۾ هو. سندس دڪان جي هڪ ڪنڊ ۾ مٽيءَ جا ڦوڙ رکيا هوندا هئا. جيڪو بيمار انهن مان ڦوڙ کڻي کائيندو هو، اهو مرض مان شفا پائيندو هو. اهو بزرگ جڏهن فوت ٿيو ته انهيءَ دڪان ۾ ئي دفن ڪيو ويو. مير علي شير ’قانع‘ تحفـﺔ الڪرام(1) ۾ (1181هه) لکي ٿو ته اهو بزرگ تازو گذريو آهي، ۽ سندس صحبتين سان مير قانع مليو هو. انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته اها بازار ٻارهين صديءَ جي آخر تائين به موجود هئي.

غلـﮧ بازار:
يعني اناج بازار، جنهن ۾ انّ جو وڻج واپار ٿيندو هو، انّ جا گدام هئا ۽ انّ جي واپارين جون ڪوٺيون ۽ دڪان هوندا هئا. سموري ٺٽي پرڳڻي جو انّ اتي اچي لهندو هو ۽ اتان ئي خريد فروخت ٿيندي هئي. بازار جي واپار ۽ اگهن وغيره تي نگراني ڪرڻ لاءِ حڪومت طرفان هڪ داروغو مقرر ڪيو ويندو هو. نواب همت دلير خان مغل گورنر جي ڏينهن ۾، جيڪو 1145هه ٺٽي ۾ وارد ٿيو، ديوان منشارام انهيءَ بازار جو داروغو هو(1). بازار جي چوڌاري جيڪا آبادي هئي، ان کي ”محلو غلـﮧ بازار“ سڏيو ويندو هو.
اها بازار ارغونن جي ڏينهن کان هئي، ڇاڪاڻ ته ميرزا عيسيٰ جي ابتدائي سال 963هه ۾ پورچوگيزن جيڪو ٺٽي تي حملو ڪيو ان ۾ سيد شاهه مسڪين عليـﮧ رحمت شهيد ٿيو، ۽ اهو غلـﮧ بازار ۾ پوريو ويو. گويا جنهن بازار ۾ اڄ شاهه شهيد مذڪور جي درگاهه آهي، ان بازار جو نالو غلـﮧ بازار هو، ۽ ان جي چوڌاري واريءَ آباديءَ کي محلـﮧ غلـﮧ بازار سڏيو ويندو هو. اهو نالو انهيءَ بازار تي 1181هه تائين هو(2)، خبر نه آهي ته هن وقت بازار کي ڇاٿو سڏيو وڃي، اها ساڳي بازار اڄ به قائم آهي.

بازار امير بيگ:
اها بازار، جاني بيگ جي لشڪر جي بخشيءَ ۽ سندس درٻار جي امير، مرزا امير بيگ جي نالي تي هئي، گويا اهو نالو مٿس ترخانن جي دﺆر ۾ پيو. اهو امير سنڌ فتح ٿيڻ (1000هه) بعد مرزا جانيءَ سان گڏجي اڪبر وٽ به ويو هو(3) ۽ پوءِ جڏهن وري سنڌ جو علاقو مرزا کي واپس مليو، تڏهن ٻين اميرن سان گڏ هي به پٺتي موٽي آيو.
پورچوگيزن جي حملي ۾ (963هه) ٺٽي اندر جيڪي گنج شهيدان ٿيا، انهن مان هڪ انهيءَ بازار ۾ به ٿيو. پورچو گيزن جيڪي مسلمان انهيءَ بازار ۾ شهيد ڪيا، سي انهيءَ بازار ۾ ئي هڪ هنڌ دفن ڪيا ويا(4). عيسائين جي حملي جو زور ٺٽي ۾ پنجن جاين تي زياده هو، جن مان اها بازار به هئي. حقيقت ۾ تحفـﺔ الطاهرين جي قول مطابق انهيءَ بازار ۾ ٻه گنج شهيدان ٿيا. انهيءَ بازار ۾ جيڪا مسجد هئي، ان ۾ جيڪي به نمازي شهيد ٿيا، سي مسجد جي ڏاکڻيءَ ديوار سان دفن ڪيا ويا، ۽ ٻيا جيڪي انهيءَ بازار جي رستي تي ڪُٺا ويا، تن کي ٿورو وٿيرڪو مٿين گنج شهيدان وٽ دفن ڪيو ويو(1). مسجد ۾ ٻه سـﺆ مسلمان شهيد ٿيا(2)، ۽ بازار ۾ ٻه_ٽي سـﺆ شهيد ڪيا ويا(3).
تحفـﺔ الطاهرين جي مصنف بازار امير بيگ جي گنج شهيدان جو ذڪر ”محلـﮧ مغلواڙي“ جي ماتحت ڪيو آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته اها بازار مغلواڙي ۾ يا ان جي قريب هئي.

بازار قصابان:
قاصاين جي بازار غالبا شهر جي ڏاکڻين حصي ۾ هوندي هئي، ڇاڪاڻ ته ٺٽي جي گهاٽ کان جيڪو ماڻهو قلعـﮧ حاڪم نشين طرف ايندو هو ته کيس انهيءَ بازار مان لنگهڻو پوندو هو. غالبا هر قسم جي گوشت جا دڪان انهيءَ بازار ۾ هوندا هئا، خاص طرح ڳائي گوشت جا دڪان ڪثرت سان هئا. قانع جو قول آهي ته 1099هه ۾ جڏهن نواب مريد خان، جيڪو اصل ۾ نومسلم هو، جڏهن ٺٽي آيو، تڏهن گهاٽ وٽ پهچي کيس معلوم ٿيو ته قاصاين جي بازار مان لنگهي پوءِ قلعي تائين پهچڻو پوندو، ۽ بازار ۾ ڳئونءَ جي گوشت جا دڪان آهن. هن قاضي محمد حسين(4) ڏانهن پيغام موڪليو ته بازار مان وڏي گوشت جا دڪان بند ڪرائي ڇڏي، ساڻس گڏ راجپوت گهڻي تعداد ۾ آهن، ممڪن آهي ته ڪو فساد ٿي پوي. قانع لکيو آهي ته ”شرع پرور“ بادشاهه يعني عالمگير جو قانون مٿان موجود هو، سو ڪٿي ٿي ڪنهن انهن حڪمن جي پرواهه ڪئي. چنانچه قاضي صاحب دڪانن کي بند ڪرائڻ جي بجاءِ، انهن کي وڌيڪ ڳائي گوشت سان ”سينگارائي“ ڇڏيو. آخر مجبور ٿي نواب موصوف پنهنجي هندو لشڪر سميت انهيءَ بازار مان ٿيندو وڃي قلعـﮧ حاڪم نشين ۾ پهتو(1).

(8) واهه ۽ واهڙ

عالي جان واه:
اهو واهه ٺٽي جي شهر منجهان يا شهر سان متصل وهندو هو. انهيءَ ئي واهه کي غالبا خانواهه به سڏيندا هئا، ڇاڪاڻ ته معصوميءَ ۽ طاهريءَ ۾ ان جو نالو خانواهه آيو آهي(2). انهيءَ واهه جي سلسلي ۾ روايت آهي ته اُهو ڄام نظام الدين جي وزيراعظم ۽ سپهه سالار درياه خان شهيد کوٽايو هو، تاڪه انهيءَ جي ذريعي شهر جي آسپاس خواهه ساڪري جون زمينون آباد ٿين.
انهيءَ واهه وٽ، شاهه بيگ سان درياه خان دولهه جو آخري مقابلو ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي سموري لشڪر درياه خان سميت شهيد ٿي ملڪ مٿان سر ڏنو(3)، ۽ شاهه بيگ سنڌ کي انهيءَ جنگ جي ذريعي کٽيو.
مرزا باقيءَ جڏهن خودڪشي ڪئي، ان وقت سندس پٽ مرزا مظفر بدين کان هلي اچي عالي جان واهه جي ڪپ تي لٿو، تاڪه شهر ۾ داخل ٿي پڳ ٻڌي، ليڪن اميرن پائنده بيگ کي پڳ ٻڌائي، مملڪت جو مختار ڪل ان جي پٽ جاني بيگ کي بڻايو. مرزا اهو اطلاع سڻي، عالي جان واهه جي ڪپ تان منزل ڪوچ ڪري بدين موٽي ويو(4).
شاهه قاسم خان بيگلار جي پٽ ابوالقاسم سلطان، جڏهن مرزا غازيءَ سان بغاوت ڪئي، (1010هه) ان وقت مرزا ڏي نياپو موڪليائين ته تو ۽ منهنجي وچ ۾ ”بارگاه واهه“ جي حد آهي_ هي پاسو منهنجو ۽ پريون پاسو تنهنجو. جيڪڏهن اها ڳالهه تسليم نه آهي ته پوءِ مان ٺٽي پهچي عالي جان واهه کي اچي سرحد بڻائيندس(1).
مير قانع جي قول مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو اوهه قلعـﮧ حاڪم نشين جي اوڀارين دروازي جي سامهون وهندو هو، ڇاڪاڻ ته اڀرندي دروازي کان نواب احمد يار خان (1116_1119هه) ان تي پُل ٻڌرائي هئي(2)
ملا عبدالحڪيم عطا ٺٽويءَ پنهنجي هڪ نظم ۾ انهيءَ واهه جو هن طرح ذڪر ڪيو آهي:
بحيرتم کـﮧ به بيداري است يا کـﮧ بخواب
وصول ذره بخورشيد، وصل تشنـﮧ به آب
عطا ز بخت بنازد کز اتفاق رسيد
ميان نهر علي جان، بپيش بحر کولاب
کـﮧ بود هر قدمش موج موج دريايء
کـﮧ بود گام بگامش چو عکس ماه بر آب
فروغ پرتوِ آن التقاي نورِ صفا
فزوده بينش چشم ز سبکـﮧ اکواب(3)

نارقي واهه:
هي واهه پڻ ٺٽي جي ڀرسان اچي لنگهندو هو. اهو لاهوري بندر جي کاريءَ مان نڪرندو هو. ايڏو ڪشادو ۽ اونهون هو، جو منجهانئس وڏا ٻيڙا مال سميت هلي اچي ٺٽي پهچندا هئا، ۽ سمنڊ کان ٺٽي تائين مال جي اچڻ لاءِ اهو به هڪ رستو هو. 963هه ۾ پورچو گيزن جي حملي کان پوءِ، مرزا عيسيٰ ان ۾ وڏا پٿر وجهرائي ان جي گَهرائي ختم ڪرائي ڇڏي، تاڪه ان مان ڪوبه ٻيڙو لنگهي اچي ٺٽي تائين نه پهچي.لاهوري بندر ۽ دڪي جي وچ ۾ ميرزا هڪ قلعو به ٺهرايو، جنهن ۾ مختصر سپاهي نگهبانيءَ لاءِ مقرر ڪيا ويا(1). ٺٽي جا ماڻهو ان کي نارقي واهه سڏيندا هئا، انهيءَ نسبت جو سبب ڪونه لکيو ويو آهي.

(9) گهاٽ

سنڌوندي هن وقت ٺٽي کان ڇهه ميل پري ڏکڻ ۾ وهي ٿي. اڳئين زماني ۾ شهر جي پکيڙ درياهه تائين پهتل هئي، ۽ درياهه تي سامان جي لاهڻ ۽ کڻڻ، ٻيڙن بيهارڻ ۽ مسافرن جي لاهڻ چاڙهڻ لاءِ وڏو بندر هوندو هو، جنهن کي گهاٽ سڏيو ويندو هو. ملتان، بکر خواهه حيدرآباد وغيره کان جيڪو مال ايندو هو، يا اوڏنهن ويندو هو، سو انهيءَ گهاٽ کان لهندو ۽ چڙهندو هو. ٺٽي تي جيڪي نواب درياهه جي رستي ايندا هئا سي به انهيءَ گهاٽ وٽ اچي لهندا هئا. چنانچه نواب مريد خان ٺٽي تي جڏهن مقرر ٿي آيو، تڏهن انهيءَ گهاٽ تي اچي لٿو(2). دارا شڪوه کي جڏهن قلعو پسند نه آيو ۽ هن ان کي باهه ڏيڻ جو حڪم ڪيو، تڏهن تعميل ارشاد خاطر انهيءَ گهاٽ جي چند ڀونگين کي باهه ڏني ويئي، ۽ ان کان پوءِ اُهو ”سوختـﮧ گهاٽ“ جي نالي سان مشهور ٿيو(3) اهو گهاٽ نهايت سهڻو، پرفضا ۽ نهايت رونق دار هو. شهر جا ماڻهو گهڻو ڪري تفريح لاءِ اتي وڃي ويهندا هئا. ڪيترن مشائخن جا تڪيا انهيءَ گهاٽ تي هوندا هئا، جن مان هڪ ۾ ”موصول“ نالي شاعر به ڪيترا ڏينهن اچي ٽڪيو(4).
شيخ اعظم لکي ٿو ته نواب سيف الله جي هڪ درباريءَ مخدوم محمد معين سان اچي سخت اچائي کنئي. ڪوشش ڪيائين ته نواب کي مخدوم جي سلسلي ۾ ڪاوڙائي، ليڪن کيس موقعو ملي ڪونه سگهيو. آخر ڪوشش ڪري سرڪار چاچڪان جي فوجداري هِن لاءِ حاصل ڪيائين ته اتي پهچي مخدوم جي جاگير کي غيرآباد ڪرائي. مخدوم پريشان ٿي پنهنجي مرشد مخدوم ابوالقاسم نقشِنديءَ وٽ آيو. مخدوم سندس احوال ٻڌي، کيس دلاسو ڏنو. جڏهن اهو ڪامورو ٺهي ٺڪي گهوڙي تي چڙهي، چاچڪان ڏانهن پهچڻ لاءِ انهيءَ گهاٽ ڏانهن درياهه ٽپڻ لاءِ ٿي ويو، ليڪن اوچتو گهوڙو ڇرڪ کائي ڀڳو، ڪامورو گهوڙي تان ڪري پيو، ليڪن سندس پير لغام ۾ اٽڪي پيو، ۽ گهاٽ تائين گهليو ويو، ۽ آخر انهيءَ حالت ۾ مري ويو(5).
ميان نورمحمد جي دؤر ۾، ڌاراجا جي راڻي ۽ ڪڪرالي جي ڄام بغاوت ڪئي، ۽ هڪ دفعي جڏهن صاحبزادو محمد مراد ياب به ٺٽي ۾ هو، ان وقت (ذوالقعد 1151هه) سندن جهاز سمنڊ جي کاريءَ مان هلي اچي ٺٽي جي انهيءَ گهاٽ وٽ بيٺا ۽ اتان وٺي نصرپور تائين هن ملڪ جي ڦرلٽ ڪئي(1).

گهاٽ پير لونگ:
مٿئين مکيه گهاٽ کان سواءِ شهر وٽ درياهه تي ٻيو به هڪ ننڍو گهاٽ هو، جنهن کي ”پير لونگ جو گهاٽ“ ڪري سڏبو هو، ڇاڪاڻ ته اتي ٺٽي جو شهور بزرگ پير لونگ پوريل هو(2).

(10)مسافر خانو

عام طرح ٺٽي خواهه سنڌ جي ٻين شهرن خواهه واهڻن ۾ دستور اهو هوندو هو ته مسافر مسجدن ۾ اچي ٽڪندا هئا، مسجد جو متولي کين يا ته پنهنجي گهران ماني کارائيندو هو يا ڪو پاڙي وارو ڀاڳيو کين ماني موڪلي ڏيندو هو. انهيءَ نظام هيٺ مسافرن کي رهڻ ۽ مانيءَ جي ڪا تڪليف ڪانه ٿيندي هئي، مٿن ڪابه بندش ڪانه هوندي هئي، جيترا ڏينهن ڪوبه مسافر ٽڪڻ گهري ته ڀلي ٽڪي، گهر الله جو ۽ ماني به الله جا هئي.
انهيءَ سلسلي هوندي به ٺٽي ۾ سرڪاري طرح هڪ مسافر خانو ٺهرايو ويو هو، جنهن ۾ عام مسافرن کان علاوه خاص مسافر به اچي ٽڪندا هئا. چنانچه مقالات الشعراﻋ مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته نواب اعظم خان جي دؤر ۾ (1128_1132هه) شاهه حسين نالي هڪ توراني شاعر انهيءَ مسافرخاني ۾ اچي ڪيئي ڏينهن ٽڪيو(1).

(11) ضرب خانو

ٺٽي جي ضربخاني جو پهريون اطلاع اسان کي ميرزا عيسيٰ جي دؤر ۾ پوي ٿو. هن هڪ ضربخانو قائم ڪري ان ۾ ٽامي جو سڪو ڍلرايو، جنهن کي ”عيسائي“ سڏيندا هئا. انهيءَ سڪي جي وزن کي گهٽائي جاني بيگ وري نئون سڪو رائج ڪيو، جنهن جو نالو ”ميري“ هو(2).
جڏهن ٺٽو اڪبر جي هٿ ۾ آيو، تڏهن هن سيوهڻ، لاهوري بندر ۽ ٺٽي جو ضربخانو، شاهي تحت ۾ رکي، باقي ملڪ بطور جاگير جي موٽائي جانيءَ جي حوالي ڪيو.
انهيءَ ضربخاني لاءِ جدا مهتمم جو عهدو هو، ۽ ان کي ”داروغه ضربخانه“ چيو ويندو هو. ڪلشاني سيدن جو خاندان پشت بپشت انهيءَ عهدي تي مقرر ٿيندو آيو. پهريون داروغو مير غروري ڪاشاني هو، جيڪو صاحب ديوان فارسيءَ جو شاعر هو. جهانگير جي دؤر ۾ اهو عهدو سيد کي مليو. شاهجهاني دؤر ۾ ان جو پٽ مير محمد منعم داروغو ٿيو. اهو پٽ پيءُ وانگر شاعر ۽ صاحب ديوان هو. ”حسيني“ سندس تخلص هو. سندن پوين مان، بقول مير قانع، مير ڪامران ۽ مير جهنگلي به ضربخاني جا داروغا ٿيا(1).
سڪن تي اکرن لکڻ يا سڪن کي وزن اندر ڍالڻ لاءِ ”سڪه ڪَن“ هوندا هئا، جن مان فتح الله ولد ميان عبدالله“ سڪه ڪن“ مشهور هو. سندس ڏهٽو محمد جواب ”مُهرڪِن“ پڻ ضربخاني جو ملازم هو. ميان فتح الله فارسيءَ جو چڱو شاعر هو(2). ٺٽي جي ضربخاني ۾ جيڪي سڪا ڍاليا ويا، انهن مان مغل دؤر جا سڪا ڪيترن عجائب خانن ۾ محفوظ آهن.


[”مهراڻ“3_1972ع]

________________________________________
* شهر جي قديم قلعي متعلق مڪلي نامو ڏسڻ گهرجي، جنهن ۾ تغلقن جي حملي
جي وقت واري عظيم قلعي جو تفصيل ڏنل آهي: ۽ رسالو مهراڻ 1_2 سال 1966ع ص 41 کان 56.
(1) تحفـﮧ الڪرام 173
(1) (تحفـﮧ الڪرام 168) مير قالع انهيءَ سلسلي ۾ ٻي روايت به لکي آهي. چوي ٿو ته ”گاديءَ تي ويهڻ بعد، ميرزا عيسيٰ کي ٺٽي جا ارغون ڏاڍو تنگ ڪندا هئا. روزانو شراب پي، لٺيون ۽ نيزا کڻي، سندس حويليءَ تي ڪاهي ايندا هئا، ۽ رڪيب مان پير اچي سندس گلم تي ڪڍندا هئا. اهڙو ڪوبه ڏينهن ڪونه هوندو هو جڏهن هو حوبليءَ جي دروازي کي نيزن جون نوڪون هڻي، اندر داخل ٿي، کانئس شاه حسن وارو خزانو نه اچي گهرندا هئا،... آخر تنگ ٿي، پنهنجي حويليءَ کي ميرزا عيسيٰ هڪ ننڍڙ قلعو ڏياريو.“
اسان جو خيال آهي ته اهو واقعو 962هه جو آهي. پنهنجي حڪومت مضبوط ڪرڻ بعد ميرزا عيسيٰ پنهنجي انهيءَ حويليءَ مان لڏي وڃي قلعي حاڪم نشين وارين حويلين ۾ رهيو، ۽ 963هه ۾ انهيءَ قلعي حاڪم نشين جي مرمت ڪرائي ان کي مضبوط ڪيائين.
(2) تحفـﮧ 173.
(3) تحفـﮧ 176_ ٻئي هنڌ مير قانع لکي ٿو ته ميرزا باقي پنهنجي محل جي ٻانهين مان هڪ سان شادي ڪرائي ص 266
(1) ترخان نامه تحت ميرزا باقي.
(2) تحفـﺔ 193
(3) شاهه قاسم ارغون، خسرو چرڪس، ڀائي خان، عرب ڪوڪو، جمال الـﮧين ديوان.
(1) تاريخ طاهري تحت ميرزا غازي.
(2) ترخان نامـﮧ تحت ميرزا باقي، تحفـﮧ 175
(3) تحفـﺔ 183
(1) تحفـﺔ 181.
(2) تحفـﺔالڪرام، ايڊٽ حسام الدين ص 392.
(3) تحفـﺔالڪرام 405
(4) مقالات 509، تحفـﺔ 240. مقالات ۾ آهي ته قاضي ابراهيم مصنف شرح مخزن الاسرار ان وقت سندس رڪاب سان هو، شهزادي ان کي حڪم ڏنو ته شهر ۽ قلعي کي باهه ڏياري ڇڏ.
(1) تحفـﺔالڪرام ص 242.
(1) تحفـﺔ ص 244.
(2) مقالات الشعراء ص 180.
(3) مقالات ص 383.
(4) تحفـﺔ فارسي ص 99
(1) تحفـﺔ سنڌي ص 249_ مقالات ص 873.
(2) تحفـﺔ 513.
(1) مقالات 187_376.
(2) مقالات 423.
(3) طاهرين ص 111.
(1) طاهرين ص 111.
(2) طاهرين ص 161.
(3) طاهرين ص 163.
(4) مقالات 370.
(1) تحفـﺔ 525.
(2) تحفـﺔ 231.
(1) انهيءَ بزرگ جي شهادت 963هه ۾ پورچو کيز جي هٿان ٿي. تحفـﺔالڪرام ۾ آهي ته ميان ابوالقاسم نقشبندي عليـﮧ حهمـﺔالمتوفي 7 شعبان 1136هه، جو قول آهي ته شاهه مسڪين جي پايي جهڙو ٻيو ڪو بزرگ ٺٽي ۾ مدفون نه آهي. سندس زيارت مرادون پڄائيندڙ آهي. (تحفـﺔالڪرام فارسي 246) تحفـﺔالطاهرين جي صاحب هيٺين القابن سان کيس ياد ڪيو آهي: ”شاهباز لاهوت، يڪته تازان ميدان جبروت، سر دفتر اولياء ڪبار، سالار قوافل ابرار، صاحب مناقب علـيـﮧ، مظهر ڪرامات جليـﮧ، گل، گلـﮧستهء بوستان اصطفا، گل سرسبز حديقهء ارتضا، شهسوار مضمار معرفت و يقين، سيد شاه مسڪين_“ (ص 99). انهيءَ مؤلف ”ثفـﮧ راوين“ کان ٻڌي لکيو آهي ته اولياء الله جي محفل ۾ شاهه عليـﮧ رحمـﺔ، حضرت غوث الثقلين جي جاءِ نشين ٿيندو آهي. اڳتي هلي لکي ٿو ته_ ”زيارت فيض اشاعت او، گره ڪشاي ڪار فرويستگان، و مرهم بند ناسور دلخستگان است. هر ڪـﮧ از صـﮧق ارادات باستانش رسيد بڪام دل آرميد“.
درگاهه اڄ تائين مرمت ٿيندي اچي ٿي، هر سال اتي ميلو لڳندو آهي ۽ هزارين خلق اچي ڪٺي ٿيندي آهي. درگاهه جي ڏاڪڻ ۽ داخلي دروازو بازار مان آهي. بزرگ جي مزار ڪاٺ جي خوبصورت ڇٽيءَ هيٺ مسقف عمارت اندر آهي. هڪ خدمتگار صفائيءَ لاءِ مستقل رهي ٿو ۽ هر وقت زيارتي ايندا ويندا رهن ٿا. بزرگ جي خاص مريد ۽ خدمتگار سيد خاڪي شاه جي مزار به سندس برابر آهي (تحفـﺔالطاهرين 103). بزرگ پاڻ به هر وقت صلواة شريف پڙهندو هو، ۽ ان جون اميدون فوراً پڄائيندو هو، جيڪو ماڻهو صلواة شريف سان شوق رکندو هو.
1228هه ۾ قلات جي هڪ اهل خير بزرگ، ملا غلام احمد بن ملا عبدالڪريم بابيءَ (هنن جو احوال تڪملـﮧ مقالات ۾ ڏسو ص 386_510) درگاهه جي عمارت ٺهرائي، جنهن لاءِ مير مائل ٺٽويءَ هيٺيان ٻه قطعه تاريخ چيا:
1_ باجاه حق چون اين زمان يمنِ شهر مسڪين نواز
بگرفت باز اين مقبره زين نو بنا رشدِ گزين
از خبر اَنڪس ڪو بجان صادق غلام احمـﮧ است
چون باب خود عبدالڪريم در زمرهء ارباب دين
سالِ بنايش صبحدم گفتـﮧ چنين روح القدس
”بر بانيء اين مقبره باجاه حق صد آفرين“ 1228هه
2_ اين رشڪ ارم مقبرهء سيد مسڪين بگرفت چو زين تازه بنا تازه فضا زود
(ڏسو حاشيو صفحي 47 تي)
(حاشيو آندل صفحي 46 تان)
از خير غلام احمد نامي ڪـﮧ در احباب چون باب ڪريم است به هر باب ذوي الجود
تاريخ بنايش ڪـﮧ زنو آمده بالخير ”با خير به از مقبره گو“ هاتف فرمود
مٿين ٻنهي قطعن مان معلوم ٿئي ٿو ته درگاهه ۽ مقبرو 1228هه ۾ نئين سر ملا غلام احمد تعمير ڪرايو، جنهن جي اڄ تائين ٿيندي اچي ٿي.
(1) تحفـﺔالطاهرين ص 102.
(1) طاهرين ص 104.
(2) طاهرين ص 105.
(3) طاهرين ص 107.
(4) طاهرين ص 102.
(5) طاهرين ص 108_109.
(1) طاهرين ص 109.
(2) تحفـﺔ 230
(3) تحفـﺔ 218
(4) تحفـﮧ 230
(1) تحفـﺔ 237
(2) طاهرين 111
(3) طاهرين 112 ۽ تحفـﺔ فارسي 245.
(1) طاهرين 113
(2) تذڪره اميرخاني ص 210.
(3) طاهرين 114.
(1) طاهرين 114
(2) طاهرين 116.
(1) تحفـﺔ 484.
(2) طاهرين 165
(3) طاهرين 148.
(4) طاهرين 149
(1) ”تا کار بجائي رسيد کـﮧ کسان شحنـﮧ ميرزا باقي را، از محلـﮧ مغلواره، و ميرزائي، و آگر، منع کردند کـﮧ: کسان ميرزا باقي در اين محالات نيامده باشند کـﮧ نصف شهر از بازار ميرزائي طرف شمال تعلق به ميرزا محمد باقي دارد، و نصف ديگر از بازار مذڪوره جانب جنوب بما!“_ ترخان نامـﮧ تحت ’باقي‘.
(2) سيد 922 ۾ انتقال ڪيو ۽ ساموئيءَ ۾ دفن ٿيو. قالع لکي ٿو ته هو پويان اولاد ڇڏي ويو، جن مان ڪي اڃا تائين تعلفي ڪڪرالي جي واري ديهه ۾ رهن ٿا، ڪي ٻين پاسن ڏانهن لڏي ويا ۽ ڪي ٿورا آڪر محلي ۾ رهي گذاري ويا_ تحفـﺔ 478.
(1) تحفـﺔ 484.
(1) تحفـﺔ 549.
(2) تحفـﺔ 553.
(3) تحفـﺔ 613_ اهو بزرگ مڪليءَ تي پر آسات جي ڏاڪڻ هيٺان دفن ٿيل آهي.
(4) تحفـﺔ 114.
(1) طاهرين 133.
(2) طاهرين 135.
(3) طاهرين 136.
(4) طاهرين 135
(1) تحفـﺔ 603
(2) تحفـﺔ 575
(3) تحفـﺔ 593
(4) تحفـﺔ 520
(5) تحفـﺔ 575
(1) تحفـﺔ 484
(2) تحفـﺔ 513
(3) تحفـﺔ 605
(1) سيد محمد بزرگ پنهنجي پيءُ مير محمـﮧ فاضل خان کان مشق سکي، پوءِ شاهب ندر جي خوش نويس محمد شفيح جو شاگرد ٿيو. عالمگير کيس وري هدايت الله زرين رقم وٽ ڇڏيو. آخر شاهزادي ڪام بخش جو استاد مقرر ٿيو. بهرحال، 31 ورهيه عالمگير جي خدمت ۾ رهي، سندس وفات بعد ٺٽي موٽي آيو، جتي 1152هه ۾ 80 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين.
(2) تحفـﺔ 519.
(1) تحفـﺔ 495.
(2) تحفـﺔ 511
(1) تحفـﺔ 137 ۽ معصومي 113.
(1) تحفـﮧ ص 575
(2) تحفـﮧ ص 655
(3) طاهرين ص 126، شاهه ڪر گنج چوندو هو ته هي شاهه شمس شمس تبريزيءَ کان هڪ قديم اڳي آهي.
(4) طاهرين ص 127
(1) طاهرين ص 128
(2) طاهرين ص 129_130.
(3) طاهرين 132
(4) طاهرين ص 131.
(1) طاهرين 145، تحفـﺔ 604
(2) اهو بزرگ ٻارهين صديءَ جي شروع ۾ فوت ٿيو، ڇاڪاڻ ته مير قانع لکي ٿو ته ”هن کان (1181هه) ڪي سال اڳ سندس صحبتن مان ڪي ماڻهو ڏسڻ ۾ ايندا هئا“ تحفـﺔ 604
(1) مڪلي نامه 73.
(2) طاهرين 147.
(3) سيد شڪرالله شيرازي، سيد ڪمال شيرازي، شاهه عبدالله صحابي ۽ سيد منبو_ چارئي پاڻ ۾ يار هئا ۽ ٺٽي ۾ به گڏجي آيا. جيترو وقت زنده هئا، روزانو پاڻ ۾ صحبتون ۽ ڪچهريون ڪندا هئا ۽ حال قال ونڊيندا رهيا. مير قانع، جيڪو سيد شڪرالله جي خاندان جو فرد آهي، سو سندس سلسلي ۾ لکي ٿو ته_ ”حضور و مجرد در گذشت، کراماتش اظهر و خوارق آياتش اشهر، زيارتش بر آرنده حاجات عمدم خلق الله“ (ت ڪ 245). سيد شڪرالله جي خاندان جي پوءِ انهيءَ بزرگ سان عقيدت رهي ۽ هميشه ضروت وقت انهيءَ خاندان جا افراد سندس مزار فيض آثار جي زيارت تي ويندا رهندا هئا. حقيقت ۾ سيد شڪرالله جو چوڻ به پنهنجي پوين کي اهوئي هو. انهيءَ گهراڻي جو تعلق جيڪو بزرگ سان هو، ان جو اظهار مير قانع جي فرزند مير سائل تقريباً بزرگ جي وفات کان سؤ ورهيه پوءِ، هن طرح ڪيو آهي.
بدر گاهت اي شاهه سيد مبين مرا زقدم هست چو راهي نياز
ازين راهه و رسمِ نياز قديم کـﮧ دارم بدرگاهت از ضبط ناز
بتقديم عجز و نيار دلم به رويم به فرما در فيض باز
که سازم بدرگاه فيضِ تو عرض ز عجز و نياز دلي جملـﮧ راز
بس اين عرض عجز است ز مائل بحق
ببين عجزم اي شاهه عاجز نواز
(ڏسو حاشيو صفحي 57 تي)

(بقايا حاشيو آندل سفحي 56 تان)
تحفـﺔالطاهرين جي مولف، شاهه مذڪور جي تعريف هن طرح ڪئي آهي_ ”زبده عارفان ڪامل، سلالـﮧ و اصلات اهل دل، مخزن هدايت، مدن ولايت، شاهباز اوج جبروت، محرم خلوت سرائي لاهوت، نخلبند گلستان توحيد، رنگ بخشي بوستان تفريـﮧ، شاربِ رحيق تحقيق، سالک مسالک توفيق، قدوت الموحدان وارسـﺔ، حضرت سيـﮧ منبه“_ اڳتي هلي لکي ٿو ته_ ”گمگشتگان تَبهه حالات را بشهرستان هدايت رهبري ميفرمود، و سرگشتگان ظلمت جهالت رابشغل معرفت لاه مينمود_ مقامات عاليش ازان بلندتر است کـﮧ طائر کلک بر اوج بيانش پرواز نمايد، ومرغ بيان بر فراز اوصافش بال پرواز کشايد_“ سندس مزار جي زيارت لاءِ شيخ محمد اعظم جا جذبات هن طرح آهن:
”مزار فيض آثارش، مهبط انوار الهيٰ و مرقد پر انوارش محل تجليات لامنتهائي است. سائلان درگاهش را هردم گل اميـد بدامان، و اسپ مراد در زير ران_“ (طاهرين 146). اها لفظن جي بازي گري يا محض عبارت آرائي ڪانه آهي، بلڪ اڄ تائين به ماڻهن کي اهائي انهيءَ بزرگ سان عقيـدت آهي جيڪا اڄ کان ٻه سؤ يا چار سؤ ورهيه اڳ هئي. درگاهه جي هر سال مرمت ٿيندي رهي ٿي. بزرگ جي مزار ڪاٺ جي پڃري اندر، ڪاٺ جي خوبصورت ڇٽيءَ هيٺان آهي. سندس پيرانديءَ کان سندس انهيءَ مريد ۽ ان جي وانده جون قبرون آهن، جن جو اهو گهر هو، جنهن ۾ سيد صاحب قيام فرمايو هو. اڄ تائين ساليانو سندس مزار تي ميلو لڳندو آهي، ۽ روزانه حاجت منـد درگاهه جي زيارت ڪندا رهن ٿا.
(1) دراصل انهيءَ محلي جو نالو مِسگر يا مِسگران آهي. مِس ڌات جو قسم آهي. سون ۽ چانديءَ جي ورقن ٺاهيندڙن کي به مسگر چئبو آهي.
اصفهان ۾ بازار مسگران هئي (ڏسو باستان شناسي و هنر ايران 5:1 ص 48)
(2) طاهرين 150.
(1) طاهرين 151.
(2) تحفـﮧ فارسي 198_245 ۽ طاهرين 152.
(3) طاهرين 153
(4) طاهرين 152.
(1) تحفـﺔ 495.
(2) طاهرين 155
(3) طاهرين 156
(4) طاهرين 157
(1) طاهرين 157.
(2) طاهرين 194.
(3) تحفـﺔ 510، ڏسو مسجد جو ڪتبو ۽ احوال تحفـﺔالڪرام حسام الدين ايڊٽ ص 109
(4) طاهرين 120
(5) طاهرين 121
(6) طاهرين 121
(1) طاهرين 125
(2) طاهرين 119
(3) طاهرين 118
(4) طاهرين 123
(5) طاهرين 124.
(1) تحفـﺔ 605
(2) طاهرين 119
(3) طاهرين 174.
________________________________________
(1) شاهه وجيـﮧالدين سيد فتح محمد شاهه جو فرزند ۽ امام محمد تقي بن امام علي موسيٰ رضا جي اولاد مان هو. شاه جميل گرناريءَ جو مريد هو، ۽ سندس مزار به پير پٺي تي شاهه جميل پيرانديءَ کان آهي (تحفـﺔ 620). انهيءَ بزرگ کي چار پٽ هئا، جن مان هڪ جو نالو شاهه آري هو؛ سندس اهو فرزند، شاهه جميل جي درگاهه جي اتر طرف کان جيڪا هيٺانهين زمين آهي، اتي پوريل آهي. پير پٺي جي شهر کي ”پير آر“ به چوندا آهن. اهو نالو هن بزرگ جي نسبت سبب ٿيو.
(2) تحفـﮧ 606
(1) تحفـﺔ 608
(2) طاهرين 166.
(3) طاهرين 166. اهو بزرگ نواب سعيد خان (1119هه) جي زماني جو هو.
(4) طاهرين 137
(1) طاهرين 138.
(2) طاهرين 139
(3) طاهرين 139
(4) طاهرين 144
(5) طاهرين 139.
(1) طاهرين 141.
(2) تحفـﺔ 474.
(3) آخوند شاعر به هو؛ سيد علي شيرازيءَ جي اولاد مان هڪ سيد مير چاند نالي جڏهن فوت ٿيو، تڏهن ان جي هيٺين تاريخ آخوند موصوف چئي:
چاند مير آنک يا دلِ پر درد
سوي عقبيٰ زوار محنت شد
بر زمين زد سروش افسر و گفت
”منزلِ مير چاند جنت شد“
سيـد عليءَ جي گنبذ جي دروازي وٽ، هڪ ڇٽيءَ هيٺ چانـد پوريل آهي. اهو ڪتبو سندس مزار تي موجود آهي:
(1) طاهرين 159
(2) طاهرين 158
(3) طاهرين 158_159.
(4) تحفـﺔ 278
(5) تحفـﺔ 604
(6) قاضي محمد اچيءَ جو اولاد، مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جو مريد هو ۽ انهن مان ڪي مخدوم محمد ابراهيم خليل جي وڏن جا مريد هئا.
(1) تحفـﺔ 519.
(1) مقالات 301_ شيخ الاسلام ميرڪ عبدالوهاب (متوفي 1112هه) بن شيخ الاسلام ميرڪ محمود ثاني_ ڏسو راقم جو مقالو_ پوراني سادات سنڌ ۾.
(2) تحفـﺔ 497_ انهيءَ خاندان تي اسان جو مفصل مقالو ڏسڻ گهرجي.
(3) تحفـﺔ 513.
(1) تحفـﺔ 483
(2) تحفـﺔ 495.
(1) تحفـﺔ 602
(2) تحفـﺔ 585.
(1) تحفـﺔ 496
(2) صداالدين ثاني جي شيخ اسماعيل شهيد بن رڪن الدين بن شيخ صدرالدين بن شيخ بهاؤالدين.
(3) تحفـﺔ 473_474؛ طاهرين 13.
(1) تذڪرة المراد_ تحفـﺔ 474_ طاهرين 14.
(1) انهي ڪتبي جا ٽيئي پٿر، پاڪستان جي قومي ميوزم ڪراچيءَ ۾ رکيا آهن. ڏسو تحفـﺔالڪرام، حسام الدين ايڊٽ، ص 209.
(2) تحفـﺔ فارسي ص 90، سنڌي 224.
(3) تحفـﺔ 513. سيد محمد شجاع جو پٽ سيد سعدالله پيءُ کان پوءِ پيش امام ٿيو. عيدگاهه جي امامت سيد دستور محمود بخاريءَ جي دؤر کان انهيءَ خاندان ۾ هئي، تنهنڪري مٿيون سيد دستور مطابق عيدگاهه جو به امام هو. ازانسواءِ کيس حڪومت طرفان کوهن کوٽائڻ جو ڪم، قلعي جي مرمت جي نگراني ۽ بيت المال جي داروغپ ۾ سپرد هئي. 1181هه ۾ ان جا پٽ سيد روح الله ۽ سليم عليم الدين موجود هئا (513)
(4) تحفـﺔ فارسي 90
(1) طاهرين 115.
(2) تحفـﺔ ص 172؛ طاهرين ص 115
(3) تحفـﺔ ص 609؛ طاهرين ص 115
(4) تحفـﺔ ص 613؛ طاهرين ص 60
(5) تحفـﺔ ص 630؛ طاهرين ص 45
(1) تحفـﺔ ص 511
(2) مقالات ص 310.
(1) تحفـﺔ ص 497
(2) طاهرين ص 131
(3) طاهرين ص 135
(4) تحفـﺔ ص 228.
(1) تحفـﺔ ص 480
(2) تحفـﺔ 566.
(1) تحفـﺔ 239.
________________________________________
(1) تحفـﺔ 237
(2) مقالات 778
(1) مقالات 778
(2) تحفـﺔ 237
(1) تحفـﺔالڪرام جي مصنف هن ڪاتب لاءِ لکيو آهي: ”سيد علي بن عبدالقدوس مارﱞندراني، در خط ثلث و نسخ و سائر خطوط، نظير سيد علي معروف بوده، شاگرد مخدوم الياس خوشنويس است کـﮧ بشاگرديش بسا بزرک بخوشنويسي نامي اند“ (فارسي 3/200)_ ”مخدوم الياس خوشنويس بن مخدوم يوسف در خط نستعليق و نسخ مهارب کلي داشتـﮧ، به استادي وقت مشهور، شاگردان رشيد مثل سيـﮧ علي ازو بهرور فن ڪمال شدند“ (3/241)،
(2) هن ڪتبي جو احوال معلوم نه آهي.
(3) تحفـﺔالڪرام لکي ٿو: ”سيد حسن خوشنويس، درعهد ترخانيـﮧ بفنون خوشنويسي ماهر وقت زيسـﺔ، پسرش سيد محمد طاهر جامع هفت قلم معروف زمان گذشـﺔ“
(فارسي 3/241).
(1) تحفـﺔ الڪرام جي مصنف هن کي سيد عبدالله حسيني ”ٺازڪ رقم، لکيو آهي.
(2) تحفـﺔ الڪرام ۾ آهي ته ”شيخ محمد فاضل ولد شيخ محمد، معاصر عهد شاهجهان، در کتبـﮧ نويسي خط ثلث نادر زمان زيسـﺔ“.
(3) هن ڪتاب جو پتو پئجي نه سگهيو.
(1) انهي درخواست جو نقل مخدوم موصوف جي مڪتوبات ۾، جيڪا ديوان خليل سان ملحق آهي، موجود آهي.
(2) انهيءَ مرمت لاءِ مرحوم مير صابر شاهه شڪرالاهي تتوي ۽ ميان الهه بخش شاڪراڻيءَ چندو گڏ ڪيو.
(3) جيمس ڪمشنر چندي گڏ ڪرڻ لاءِ پاڻ ڪوشش ڪئي، جنهنڪري مير فيض محمد والي خيرپور چار هزار رپيا ڏنا، چار هزار ٻيا ڪٺا ڪيا ويا، حڪومت فقط پنج سؤ رپيا ڏنا. لب تاريخ سنڌ جي روايت آهي، ته مرحوم رسول بخش، مختيار ڪار جي نگرانيءَ هيٺ اها مرمت ٿي ۽ جملي ويهه هزار رپيا صرف ٿيا.
(4) ڏسو مسجد لاءِ تذڪرة اميرخاني
(1) آيت ڪربمـﮧ_ (سندن عملن جي انعام ۾ کين رهڻ لاءِ جنتون ڏنيون ويون آهن)
(2) قانع جو قول آهي ته سوانح نگار عالمگير بادشاهه ڏي موڪليو ته نواب پنهنجي حويليءَ لاءِ قلعو ٿو ٺهرائي، حالانڪه شاهي حڪم جو مقصد اهو هو ته شهر پناهه ٺهي (244).
(3) مقالات 383.
(4) طاهرين 140.
(1) طاهرين ص 144
(2) تحفـﺔ ص 576
(3) تحفـﺔ ص 495
(1) تحفـﺔ ص 416
(2) طاهرين ص 153.
(3) طاهرين ص 154
(4) طاهرين ص 154
(1) طاهرين ص 157
(2) تحفـﺔ ص 560.
(1) تحفـﺔ ص 553
(2) تحفـﺔ ص 554.
(3) تحفـﺔ ص 568
(1) تحفـﺔ ص 575.
(2) تحفـة ص 566
(1) تحفة 578
(2) تحفة 579
(1) تحفة 579
(2) تحفة 566
(1) تحفة 568
(1) تحفة 565
(2) تحفة ص 528.
(1) تحفة ص 230.
(2) ڏسو مڪلي نامـﮧ.
(3) تحفة ص 206؛ بيگارنامـﮧ؛ مقدمـﮧ مثنوي چنيسر نامه
(4) طاهرين ص 107.
(1) تحفة ص 538
(2) مقالات ص 68.
(1) طاهرين ص 156.
(1) خواجه ڪمال الدين خواجه جي اولاد مان هو، همايون بادشاهه سندس ڏاڍو معتقد هو. پاڻ ارغونن جي دؤر ۾ ٺٽي آيو ۽ ڪلان ڪوٽ ۾ جاڳيرن ملڻ سبب قيام ڪيائين. سندس مزار ڪلان ڪوٽ جي ويجهو فتحي ٽڪر تي آهي، سندس پٽ خواجه شهاب الدين جي اولاد مان خواجه محمد شريف اعليٰ درجي جو خوشنويس ۽ مير عليءَ جو شاگرد هو. خواجه مرتضيٰ پڻ بينظير خوشنويس ۽ طبيب هو پهريائين محمد دائود ڪلهوڙي وٽ منشي هو پوءِ ميان نورمحمد وٽ، ان کان پوءِ محمد مراد ياب وٽ، غلام شاهه وٽ ۽ 1181هه ۾ ميان سرفراز وٽ هو. قانع لکي ٿو ته سندس علاج بيمارين جي شفا ۾ تبرڪ جو حڪم رکي ٿو (ص 523)
(2) تحفـﮧالڪرام 523.
(1) سيد علي ثاني بن سيد جلال اول (837_903هه) بن سيد علي اول (795_877) بن سيد احمد (المتوفي 845هه) بن سيد محمد (المتوفي 800هه) انجوي شيرازي، پير محمد حسين عرف پير مراد شيرازي ٺٽي جو ڪامل ولي ۽ سيد احمد بن محمد جو فرزند هو. سيد علي ثانيءَ جو مقبرو پير مراد جي قبرستان جي اوڀر ۾ آهي.
(2) بقول قانع شيخ بهاء الدين ملتاني جي پوٽن مان وڏي ۾ وڏو پير هو، ٺٽي ۾ شادي ڪرڻ بعد سندس اولاد وڌيو، ۽ قانع المتوفي 1203هه جي زماني تائين ٺٽي ۾ موجود هو (تحفـ بقول قانع شيخ بهاء الدين ملتاني جي پوٽن مان وڏي ۾ وڏو پير هو، ٺٽي ۾ شادي ڪرڻ بعد سندس اولاد وڌيو، ۽ قانع المتوفي 1203هه جي زماني تائين ٺٽي ۾ موجود هو (تحفـﺔ 525). شيخ عاليءَ جو مقبرو مڪليءَ تي آهي، جنهن جي سلسلي ۾ مير قانع ”مڪلي نامـﮧ“ ۾ فرمايو آهي ته:
”درگاه والا جاه عاشق رباني، مظهر الطاف سبحاني، شاهباز آشيان وحدت، شمع شبستان قربت، مشرق انوار جلالي وجمالي، پير شيخ عالي است، کـﮧ فقيران درش بشاهان همڪلاه، وسنگهاي آستانش در نور رشڪ مهر و ماه. جن و انس را مرقد امجدش قبلـﮧ، و وحش وطير را ارض اقدسش کعبـﮧ:
فلک خدمت گذار آســــــــــتانـــــــش ملک با صدقِ نيّت پاسـبانش
شرف دارن زمينش برســـماوات هجوم نور، افزون تر ز جَـــنات
جبين مايي درش، خورشيد انور چويثرب، خاک پاکِ او مــطهر
ميان صحنش، از انـبوه انــــــوار نباشد ماه و خور را رونق کار
تعاليٰ الله زهي پاکيزه درگاه کـﮧ نور اوست، وقفِ چهرهء ماه
نه حاجتمند را، آنجاست زاري کـﮧ بي نيت کشد کارش زباري
زبان در وصفِ مدحِ اوست کوتاه
بکوهي، چون توان آو يختن کاه
(3) تحفـﺔالڪرم 525.
(1) تحفـﺔالڪرام 597.
(2) نواب قدردانِ غايت جانب او (ضيا) بسيار مدعي داشتي، وکسي را از روئي حرمت بر تفوق ندادي، با خود بر فيل مينشانـد، و پرداخت بهمـﮧ وجوه خوب ميکرد، و براي وي حويلي معروفـﮧ تعمير فرمود کـﮧ ثاني الحال بمسکين انتقال يافت (مقالات الشعرا ص 369) مسڪين، ملا عبدالحڪيم عطا جو پٽ هو.
(3) تحفـﺔالڪرام 239.
(4) مقالات 380.
(1) تحفـﺔ الطاهرين 155.
(2) ٺٽي جي باغن جو موتيو، گلاب، مختلف گل ۽ ميوا مشهور هئا. عالمگير اُنهن جي پنهنجي خطن ۾ ڏاڍي تعريف ڪئي آهي، امير خسروءَ جي هيٺين شعر پڻ ٺٽي جي گلن جي واکاڻ ظاهر ٿئي ٿي:
سروِ چو تو، در اُچـﮧ و در تتـﺔ نباشد
گل مثلِ رخِ خوب تو، البتـﺔ نباشـﮧ
ڏسو مهراڻ نمبر 1_2 سال 1966ع ص 42
(3) تحفـﺔالڪرام 231.
(4) تحفـﺔالڪرام 603.

(1) طاهرين 112.
(2) درس للو ساڪري پر ڳڻي جي رسول آباد ڳوٺ جو رهندڙ ۽ اتان جي مشهور خليفي بايزيد جي اولاد مان هو. ڪوهستاني ماڻهو گهڻو ڪري سندس مريد هئا. جڏهن ٺٽي آيو تڏهن اچي خواجه قوم جي هڪ جماعت کي مسلمان ڪيائين، ۽ سندن ئي محلي جي مسجد ۾ رهڻ لڳو. ڪجهه وقت بعد اتان لڏي وڃي مغلواڙي ۾ رهيو. سندس اولاد مان خليفو ڇتو تحفـﺔالڪرام لکجڻ (1181هه) وقت موجود هو. (تحفـﺔ 575)
(3) شاهه حافظ الله گجراتيءَ جو مريد ۽ خليفي ابوالبرڪات سان گڏ ارغونن جي دﺆر ۾ ٺٽي آيو ۽ اچي مڪليءَ تي عبدالله شاهه جي مزار ظاهر ڪيائين. سندس مزار عبدالله شاهه جي پيرانديءَ کان آهي. تحفـﺔ 574.
(4) سندس وڏا اميرن وٽ بقاوليءَ جي عهدي تي هوندا هئا، پاڻ ڪنهن جي فيض مان نصيب وٺي بزرگ ٿي پيو. ”بقاولي مشائخ“ سندس لقب ٿيو، سندس پُٽ ميان ملوڪ شاهه هو، جنهن مڪليءَ تي ”جلوه گاهه امامين“ ظاهر ڪئي_ تحفـﺔ 574.
(1) هي بزرگ شيخ يعقوب جو فيض يافتـﮧ آهي. وڏو صاحبدل بزرگ هو. سندس قبر مڪليءَ جي دروازي کان ٻاهر واريءَ سرزمين ۾ آهي ۽ بقول قانع، هر سال الضحيٰ تي سندس مزار مٿان ميلو لڳندو آهي. تحفـﺔ 576.
(2) تحفـﺔالڪرام 575.
(3) ترخان نامـﮧ تحت مرزا باقي.
(4) تحفـﺔالڪرام سنڌي 238.
(5) تحفـﺔالڪرام 495.
(1) تحفـﺔ 604
(1) مقالات الشعرا 203
(2) تحفـﺔ 568
(3) تحفـﺔ 231
(4) تحفـﺔالڪرام 609
(1) تحفـﺔ الطاهرين 131
(2) تحفـﺔ الطاهرين 131
(3) تحفـﺔ الڪرام 609
(4) قاضي محمد حسين (اول) بن قاضي علي محمد (اول) بن قاضي شيخ احمد بن قاضي حضرت شيخ محمد اُچي (متوفي 963هه). قاضي محمد حسين قاضي محمد ابراهيم ٺٽوي المتوفي 1072هه جو نياڻو هو. پاڻ 1107هه ۾ وفات ڪيائين. کانئس پوءِ سندس پٽ قاضي محمد يحيٰ شهر جو قاضي القضات ٿيو. قضي محمد حسين جي نياڻيءَ مان سيد ابوالقاسم ڄائو، جيڪو سيد نظام الدين ثاني جامع فتاويٰ عالمگيريءَ جو ڀاءُ هو. انهيءَ خاندان ۾ ٺٽي جي قضا شاهه حسن ارغون جي دﺆر کان موروثي هلي اچي ٿي.
(1) تحفـﺔالڪرام 242
(2) معصومي 113_ ۽ طاهري
(3) تحفـﺔ 139
(4) تحفـﺔ 185.
(1) تحفـﺔ 211_ تاريخ طاهري تحت غازي بيگ. راقم الحروف جو مضمون ميرزا غازي بيگ تي. طاهريءَ جا لفظ هي آهن: ”مابين شمار سرحد اين بارگاهه است، انطرف حڪم شما و اين صوبـﮧ ماست. بل اگر زياده کاوش خواهند داشت تاکنار علي جان سرحد خواهيم نمود“. ليڪن انهيءَ فساد ۾ آخر ابوالقاسم کي ميرزا سان صلح ڪرڻو پيو. ميرزا سندس اکيون ڪڍرائي ڇڏيون، ڪيترو وقت قيد ۾ هو، پوءِ آزاد ٿيو.
(2) تحفـﺔ 247_ مقالات 880
(3) مقالات 880.

________________________________________
(1) تحفـﺔ 173
(2) تحفـﺔ 242
(3) مقالات 509 تحفـﺔ 240
(4) مقالات 783
(5) طاهرين 81
(1) تحفـﺔ 267
(2) تحفـﺔ 175
(1) مقالات 186
(2) تحفـﺔ 187.
(1) تحفـﺔ 503
(2) مقالات 486

ٺٽي شهر جي آڳاٽي جاگرافي 2

ٺٽي ننگر متعلق وڌيڪ معلومات
_______
(نقشا، تصويرون ۽ انهن جي سمجهاڻي)

هت آءُ ٺٽي ننگر جي ڪيترن مزارن، مسجدن، مقبرن، جاين ۽ عمارتي هنرن جا فوٽا ڏيئي رهيو آهيان، جن مان ڪي فوٽا مون 1962ع ۾ ڪڍيا هئا ۽ ڪي تازو 22_27 سيپٽمبر 1972ع ۾ ڪڍيا اٿم. پهرئين دفعي مرحوم قاضي علي محمد (ڏسو تڪملـﮧ مقالات شجرو ص 118) رهنمائي ڪئي هئي ۽ هن ڀيري ٺٽي جي آخري مشهور شاعر سائين زمان شاهه رضوي مرحوم مغفور(1) جي فرزند سائين گلزار علي شاهه ۽ شيخ محمد امين صاحب سيڪريٽري هسٽاريڪل سوسائٽي ٺٽي جي، منهنجي مدد ۽ همراهي ڪئي، جنهن لاءِ آءُ سندن بيحد ٿورائتو آهيان.
هن دفعي جي ڏسڻ ۽ تحقيق ڪرڻ سان معلوم ٿيو ته خوشقسمتيءَ سبب سنڌ جي هن تاريخي شهر ۾، جنهن کي تاريخ ۾ پنهنجي علمي، تهذيبي ۽ ثقافتي برتريءَ سبب بغداد، بخارا، سمرقند ۽ دمشق جو ثاني سڏيو ويو آهي، اڃا تائين ڪيترا تاريخي آثار موجود آهن_ جهڙوڪ بزرگن جون مزارون، مقبرا، مسجدون، بازارون ۽ محلا وغيره. محلن ۽ پاڙن جا نالا اگرچ هاڻي بدلجي ويا آهن، تنهن هوندي به ڄاڻُنِ کي اُنهن جا پراڻا تاريخي نالا ياد آهن.
ٺٽو روز بروز زبون ٿيندو وڃي ٿو، ممڪن آهي ته اڄ جيڪي تاريخي نشان ملن ٿا سي به ڪن سالن پڄاڻان وڃائي ويهي رهون. تنهنڪري وقت ۽ صورتحال کي غنيمت ڄاڻي، اسان کي انهيءَ شهر جي تاريخي حد بندي ڪري، ان جو تاريخي نقشو ٺاهڻ کپي ۽ جيڪي پاڙا ۽ تاريخي آثار آهن، انهن جي حفاظت جو بِلو ڪيو وڃي.
هنن تازن دؤرن ۾ مون کي معلوم ٿيو ته هيٺيان محلا، پاڙا مزارون، مشهور جايون ۽ مسجدون موجود آهن.

(1) محلا

مل شير، شير خاناڻي، شاڪراڻي، شڪر الاهي، شاهه مين، بٽواڻي، تئندسر (اسلام پور)، کٽي محلو، مخدوم محلو، پتي هٽ (هي تاريخي محلو آهي ۽ اڃا اُنهيءَ نالي سان هليو اچي)، قاضي محلو، عقيلي محلو، گيدڙِنِ جو محلو (هي تازو نالو انهن جي رهاڪن جي نسبت تي آهي)، عابداڻي (شاهه مبين جي ڀر ۾)، ڪشمشي محلو، بٺالا محلو، چانداڻي محلو، عباسين جا ٻه محلا (موليڏني صاحب عباسيءَ جو ۽ ٺيڪرِن جو، پويون محلو شاهه مسڪين جي ڀر ۾ آهي)، لوهارن جو محلو (شاهه مسڪين جي لڳ)، وڏن جو محلو، قاصائي محلو، اميرخاني محلو (جامع مسجد جي اوڀر _ اتر ۾)، انگريزن جو محلو (خضري مسجد جي پٺيان، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي زماني ۾ انگريزن اتي واپاري ڪوٺي ڪڍي هئي ۽ اڄ تائين انهيءَ نسبت سان مشهور آهي)، رضوي ساداتن جو محلو (اهو دراصل اگر محلي جو حصو آهي)، شيرازي محلو، ڀاڀي محلو، جمال محلو، مس گر محلو (مسڪر).

(2) پاڙا

محلن ۾ جدا جدا پاڙا آهن، جيڪي ذات يا ڪنهن بزرگ جي مزار جي نالي پٺيان سڏجن ٿا، مثلاً: شاهه ڪمال پاڙو، کٽي پاڙو، کهنباٽي پاڙو، (شاهه مبين جي محلي ۾)، صابوگر پاڙو (شاهه مبين جي محلي ۾)، بخاري پاڙو (شاهه ڪمال جي محلي ۾). هيٺيان پاڙا محلي تندسر ۾ _ جنهن کي هاڻي اسلام پور چيو وڃي ٿو _ آهن: واسواڻي پاڙو، ڪوٽائي پاڙو، وزن ڪشن جو پاڙو، غني پاڙو، ڀيلن جو پاڙو، حبشي پاڙو، ڇاپائي پاڙو، ڪاٺيارن جو پاڙو، درسن جو پاڙو. ٻين مختلف حصن ۾ هي پاڙا آهن: وارين جو پاڙو، خلالخورن جو پاڙو (هي پتي هٽ محلي ۾ آهي)، سيد تيرهن جو پاڙو، دُبائي پاڙو، سون پاڙو (هي شيرازن جي امام بارگاهه مٿان آهي)، ساد پاڙو، لاسي پاڙو (هي جامع مسجد جي لڳ آهي). مسجد جي اوسي پاسي ۾ ٻيا هي پاڙا آهن: مثلاً حجام پاڙو، ماڻڪاڻي پاڙو، ميمڻ پاڙو، پلنگ پاڙو (هي پاڙو مسجد امير خانيءَ جي ڀرسان سَر اولهه ۾ آهي. اتي ميدان هو، پاڪستان کان اڳ اتي هڪ وڏو صندل، جنهن کي پلنگ چوندا هئا، ٻيل هو. شام جو ڪم ڪار لاهي، چلم ٺاهي، اوسي پاسي ۾ موڙا ۽ کٽون وجهي، هندو ڪچهري ڪندا هئا، اهو سندن روزانو معمول هو. انهن جي وڃڻ بعد ڪيترو وقت پلنگ پيل هو، ڇاڪاڻ ته اهو ڳـؤراڻ سبب کڄي نٿي سگهيو، پر پوءِ ڪنهن شاهينگ اَو يڪِيو پراپرٽيءَ جي آوه ۾ آڻي، ان کي وڪڻي، کائي ڇڏيو يا ڪاٺيون ڪري ساڙي ٻاري ڇڏيو. پلنگ پاڙو گويا هڪ ڪلچرل سينٽر هو، جو ڪم از ڪم مني صدي هلي، هن هلندڙ دؤر ۾ هميشـﮧ لاءِ ختم ٿي ويو.)_ جانگلا پاڙو، رِڊُ پاڙو، کيٽ پال (بديع الزمان جي گهر وارو پاڙو)، دُبل لاسي پاڙو (ميروءَ جي تلاءَ وٽ)، چنڊاڙا پاڙو، اوسيڙا پاڙو (عرف سوداگرن جو پاڙو اگر محلي ۾)، ڪٽ اگر پاڙو، سمن جو پاڙو (کڏ فاضل بيگ جي ڀر ۾. هي شايد اهو ماڳ مڪان هجي جتي پنهنجي دؤر ۾ سمن سلطانن جا محل ۽ ماڙيون هوندا هئا.)، سيدن جو پاڙو (هي به فاضل بيگ جي کڏ وٽ آهي)، سُندراڻي پاڙو (پوليس چوڪيءَ مٿان)، سُوجهائي پاڙو، ڪالاڻي پاڙو (بازار جي مٿان)، سبزپوشن جو پاڙو.

(3) مشهور ماڳ ۽ مڪان

کير بازار، گدا بازار، مجرا مندر، ڪاري ماڙي، پلنگ پاڙي جو ميدان، ميروءَ جو تلاءُ، عالي جان واهه، تندسر جو پيٽ، فاضل بيگ جي کڏ، علي جان جي پل (جنهن جو ”عطا“ذڪر ڪيو آهي)، سبز پوشن جي مسجد (عطا شاعر واري)، مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جو گهر ۽ حُجرو، مخدوم محمد هاشم ۽ مسجد، پير آسات جو گهر، مسجد ۽ مدرسي جي زمين.

(4) مزارون ۽ مقبرا

هن وقت جڏهن ته ٺٽو تقريباً سڄو برباد ٿي چڪو آهي، ڪيترن تاريخي بزرگن ۽ خدا جي بندن جون مزارون ۽ مقبرا اڃا به شهر جي مختلف پاڙن ۽ محلن ۾ موجود آهن. انهن جو تاريخ ۾ ذڪر آهي، انهن لاءِ اهو به لکيل آهي ته ڪهڙي پاڙي ۾ دفن هئا. 962هه ۾ پورچوگيزن جي حملي وقت جن جاين تي شهيدن کي دفن ڪيو ويو ۽ انهن جو نالو ’گنج شهيدان‘ پيو، سي جايون ۽ ميدان پڻ سلامت آهن. تاريخي محلن جا اصلوڪا نالا بدلجي، هاڻي انهن مقبرن ۽ مزارن جي نالن سان مشهور آهن. انهن موجوده ذريعن جي آڌار تي اسين نهايت آسانيءَ سان شهر جي تاريخي حدبندي ڪري سگهون ٿا. هن وقت ڪم و بيش چوهٺ (64) بزرگن ۽ معروف شخصيتن جا مدفن شهر ۾ موجود آهن، جن جا نالا هي آهن:
شاهه ڪمال(محلو مسگر_ پاڙو شاهه ڪمال)_ پير عباس ۽ مسجد پير عباس (مسگر محلو_ ڪشمشن جو پاڙو)_محمود شاهه (مسگر محلو)_ شاهه ڏنو (مرشد شاهه ڪمال_ محلو مسگر)_ بيبي قدم(مسگر_بس اسٽينڊ)_ لال شاهه بخاري (مسگر_ بس اسٽيڊ) شاهه مبين (گدا بازار_ شاهه مبين محلو)_ خواجه اشرف صفي عرف مشرف علي شاهه چشتي (گدا بازار_شڪر الاهي محلو)_ شاهه لڌو (گدا بازار_کير بازار)_ يتيم مردان عرف اتي مردان (گدا بازار_تندسر_ جي ڀر ۾ واسواڻي محلو)_ شاهه منظم ٻانگو(گدا بازار_ تندسر_ واسواڻي محلو)_ شاهه حسين (تندسر_ ميروشاهه جو تلاءُ)_ شاهه ابراهيم جيلاني (تندسر جو ڪنارو_ڪنڀارن جي گهرن وٽ _ محلو اسلام پور)_ ڇتن شاهه_ (تندسر ڇاپائي محلو_ اسلامپور)_ نٿن شاهه (مرشد ڇتن شاهه ٻيئي قبرون گڏ آهن)_ شاهه ابراهيم (تندسر_ڇاپائي محلو)_ ٽي بيبيون (شيرازي خاندان جون، تندسر_ ڇاپائي محلو)_ ميرو شاهه شيرازي (ميرو شاهه جو کوهه_ تندسر)_ لال ڇتو (تندسر_نئين تلاءَ جي اتريين پاسي قبرستان ۾)_مخدوم قاسم(تندسر_ ملاکڙي جو پَٽ)_ شاهه حسين جيلاني (تندسر_چانگن جو ڳوٺ_ ٻاڏن جي گهر سان لڳ)_ شاهه برهان (تندسر_ سوني منڊين جو پاڙو)_ بيبي راڻي (تندسر_ عطارن جو پاڙو)_ حاجي سليمان (تندسر_ٽڪائين جو پاڙو_ محلو اسلام پور)_ شاهه ابراهيم (مغلواڙو_رضوي سيدن جي گهر پٺيان)_ بابو شاهه بودلو (مغلواڙو_ سوداگرن جا گهر_ محلو اگر)_ شاهڏنو ايسار (مغلواڙو_ايسار)_ شاهه البو (پتڻ واري رستي تي الهندي طرف (ناڪي وٽ)_ شاهه گوهر گنج (سهتيه_ گورگنج)_ شمس تبريز (۽ ٻيو درويش _سهتيه _ گورگنج)_ محراب شاهه (سهتيه_گور گنج)_ علي شاهه ناگائي (سهتيـﮧ_گورگنج)_ ننگر فقير (آگر)_ شاهه عبدالواحد جيلاني (آگر_ مضبوطن جي ڊٻ)_ حسين شاهه بخاري (اگر)_ پير دادن شاهه ۽ ٻيون تربتون (اگر_ مهدوي رضوي محلو)_ شاهه اسماعيل بخاري (اگر)_ لاکو شاهه (اگر)_ ابراهيم شاهه بخاري (امير خاني قلعو(1) عرف جامع مسجد جو دروازو_ محلو امير خاني)_ شاهه صدر لڪياري (قلعو عرف جامع مسجد جو دروازو_ محلو امير خاني)_ شاهه عبداللطيف (محلو امير خاني_ ڀاٽين جو پاڙو)_ پير شاهه بخاري (محلو؟) شيخ فريد شڪر گنج (غله بازار_ پتي هٽ_ ڌوڙڌين جي گهر وٽ، نزديڪ مڇي مارڪيٽ)_ شاهه محمد مڪي (غله بازار_بازار جو ڇيڙو_ پتي هٽ_ هن بزرگ جي ٻي تربت حيدرآباد جي ڪچي قلعي ۾ آهي)_ محمد شيرازي (غله بازار_ پٽي هٽ)_ شاهه حسين (غله بازار_ عقيلي محلو)_ شاهه مسڪين ۽ خاڪي شاهه (شاهي بازار_ غله بازار_ ڪپڙي بازار)_ ابراهيم شاهه غازي (غله بازار_مَنگهائي مسجد)_سيد اسماعيل محلـﮧ خواجا شڪر_ بَٽِواڻي پاڙو)_ملوڪ شاهه (مشرف علي شاهه چشتيءَ جو پڙ ڏاڏو_ شيخ بهاع الدين جي الهندي پاسي)_پير سائبو (ٻه تربتون گڏ_ چوڪ عبدالغني_ پلنگ پاڙو)_پير آرڏو (تندسر_ چانگ پاڙو_ الهورائي گوڙ جي پاسي ۾ ڀڳل مسجد وٽ)_ شاهه اسماعيل (ورين جي گهر لڳ)_ جاڙا پير (ٻه قبرون_ مخدوم محمد هاشم جي گهر وٽ)_ٻڍل شاهه (کدڙن جي مڙهيءَ وٽ_سائين جي گهر سامهون)_ڇتن شاهه (اڳڙن جي گهر سامهون وڏي تربت)_ شاهه گل ۽ شاهه گهوٽ (حمالين جي گهر پٺيان رستي تي ٻيئي ڀائر هئا)(1)_ شاهه ابراهيم بخاري (پراڻي گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي گرائونڊ ۾)_ لال ڇٽو (آمون شيديءَ جي گهر الڳ_ تار پاڙي ۾)_ شاهه بندر (هنومان مندر جي پاسي ۾_ مڪليءَ جي دروازي وٽ)(2)_ پير جڏڙو (مشهدي سيدن جي پاڙي ۾_ هاڻي کڏ وارا سيد سڏجن ٿا. کجين جي جُهنڊ ۾ ڪچي رستي تي)(3).

(مٿي ذڪر ڪيل بزرگن مان ڪن جي قبرن جا فوٽا آءُ هن مضمون ۾ شامل ڪري رهيو آهيان).

(5) مزارن جا ڏڻ وار

شهر جي هيٺين بزرگن جي مقبرن تي مقرر تاريخن تي ميلا، ختما ۽ خيراتون اڄ تائين ٿينديون رهن ٿيون:
(1)شاهه ڪمال مليو27 رجب ۽ هر مهيني ۾ ختمون.
(2) شاهه مسڪين ۽ خاڪي شاهه 18_19 جمادي الاول، عرس.
(3) شاهه ابراهيم27_28جمادي الاول، عرس.
(4) شيخ فريد شڪرگنج 10 شعبان، ميلو.
(5) بابو شاهه 17 رجب، ميلو.
(6) شاهه گوهر گنج 27_28 شعبان، ميلو.
(7) شاهه مبين 1 ذي الحج، ميلو.
(8) شرف علي شاهه لودي چشتي 27_29 ربيع الثاني، عرس.
(9) شيخ بهاءُ الدين صفر پوئين اربع، ميلو.
(10) پير قادري 11 ذي الحج، ختمون.
(11) پير ملوڪ شاهه 12 ربيع الثاني، صرف ختمون.
(12) بيبي راڻي 28 جمادي الاول، صرف ختمون.
(13) حاجي سليمان 19_ تاريخ هر ماهه ختمون، 19_رمضان تي عرس.
(14) حسين شاهه (تندسر وارو) 2_ تاريخ عيدالفطر جي مهيني ۾ ختمون.
اهي مشهور ميلا ۽ ڏڻ وار آهن. ٻين مزارن ۽ مقبرن تي به جدا جدا رسمن ۽ سببن ڪري ماڻهو باسون، وٽون ۽ سکائون کڻي ويندا آهن. گويا هرهڪ مزار سان ڪانه ڪا روايت ۽ ڏڻ وار منسوب آهي.

(6) ٺٽي شهر ۾ رهندڙ قومون ۽ انهن جا عرفي نالا

ٺٽي شهر ۾ هن برباديءَ واريءَ حالت ۾ به تقريباً هڪ سـؤ چوهٺ ذاتيون ۽ قبيلا رهن ٿا، جن مان ڪيترا قديمي آهن ۽ ڪن ذاتين تي عجيب عرفي نالا، جن کي سنڌيءَ ۾ آل چيو وڃي ٿو. پيل آهن. هيٺين فهرست سيد گلزار علي شاهه ولد مرحوم سيد محمد زمان شاهه رضويءَ مون کي 22_ سيپٽمبر 1972ع جو مرتب ڪري ڏني آهي، جنهن لاءِ آءُ سندس بي اتنها شڪر گذار آهيان.
هيٺئين فهرست ۾ ميمڻن جا گهڻي ۾ گهڻا پاڙا آهن، جن تي جدا جدا عرفي آلَ پيل آهي. ميمڻن جو ٺٽي شهر ۾ مغل دؤر اندر ۽ مغلن جي زوال واري زماني ۽ وڏو اثر رسوخ هو. سمورو ڪاروبار سندن هٿ ۾ هو، ۽ اقتصادي قبضو سندن هو. عبدالحڪيم عطا، ٺٽي جي مشهور شاعر، پنهنجي ’شهر آشوبن‘ ۾ سندن زبان، هلت چلت ۽ ڪاوباري زندگيءَ ۾ سخت گيريءَ متعلق ڏاڍي شڪايت ڪئي آهي (ڏسو تحفـﺔ الڪرام، مرتب حسام الدين ص 423). ڪيتريون آلون نهايت دلچسپ ۽ پُر معنيٰ آهن_ جنهن قبيلي يا پاڙي تي پيل آهن، انهيءَ جي اطوارن متعلق نشاندهي ڪن ٿيون.
ميمڻن تي آلون: اڳڙا، آٽائي، بَرڙ، بيگاڻي، بجالاڻي، بَڊي، بِندرا، بَٽوئڻان، ڀُنڊ، ڀـؤنڀِڙا، بيڍنگا، بَڊاڻي، تِتِرَ، ٽِڪَ، پَلائي، پُولِڙا، پاڏا، پکيئڙا، پخالي، پيچارا، پٽڪمي، جَنڊڙآ، جوڙن وارا، چاڪي، چِڪن دوز، هيڊڙا، حمال، هالائي، حافظ، دُونگا، دکا، ڌوڙ ڌوئا، ڌَڙِ وائي، ديگلار، ڌمبر، دُبائي، ڏاندڙا، ڊاڳائي، رانئوٽي، زردوش (زر دوز)، سوني منڊي، سونارا، سوکالڙا، شير خاناڻي، شاڪراڻي، شاعر (شايد هنن جي وڏن مان ڪي شاعر هئا)، عطار، غَفي، ڪانگ، ڪارڙا، ڪارَ، ڪاٺيار، ڪينار، ڪاٺوڙا، ڪاٽوني، کُڻ، لُڏائي، کاٽڪي، کونڀائي، ککڙا، کجر، گدڙ، گونرا، گڏوڙا، گونگائي، گوند وارا، ٺوڻا، لونگائي، مَڇَر، مُمبائي (هي شايد بمبئيءَ کان آيل آهن)، ماڻڪاڻي، مڪڙ، مئيندڙا، موراڪي، مَنَ، مُنور، ٺيڪري، نورسيا (شايد هي پوءِ شاهوڪار ٿيا هوندا، موراڪي، مَنَ، مُنور، ٺيڪري، نورسيا (شايد هي پوءِ شاهوڪار ٿيا هوندا، جنهنڪري نورسيا مٿن آل پيئي، نوريسا محلو تاريخي آهي)، نانگ، وزن ڪش، وينجهر، وفاڻي لٽائي.
مُلن تي آلون: بسڪوٽي، بوڳڻي، درس، غسال، خياز، مسوارا، مئيت، مولبي.
سادات: سيدن جا قبيلا هي آهن_ انور، باغائي، بوزائي، بخاري، تيرا، چڪائي، باڏائي، شيرازي، شڪرالاهي صوفي، ڪٽائي، کڏائي، لودي، منگڻاڻي، مهدي (رضوي سيد)، ميرڪي، ميرخاني (امير خاني).

ٻيا قبيلا: ٺٽي جي ٻيا مختلف قبيلا هن ريت آهن_ آسماني (شيدي)، عابداڻي، اوسيڙا (شيخ)، بٽ (ڀٽ فقير)، بوري (اسماعيلي)، بورچي (سما)، ٽَپِڙي (شيخ)، جِنڙي (شيخ)، جَبَلي (شيخ)، جَهويري (شيخ)، جَلواڻي، چَنڊ، ڇالپائي (قريشي)، ڇوڙائي، ڇلي ڪس، خان (مغل)، خليفا، خاناڻي، سبز پوش، سوداگر، سِرائي، سَروان، سنڙا، شِفعاڻي، شيشگل، صابوگر، جَشني، ڪنڙا (ڪولوڙا)!، ڪلاڙَ (شيخ)، ڪوٽائي (قريشي)، ڪوندي (شيدي)، ڪئينڊِڙا، ڪشمشي، ڪوئا، ڪُنڀار، قاصائي، کُماڻ، ڪَرناڻي، مَلِشيري (شيدي)، متزائي (مسقطي)، مرزان، مضبوط، مخدوم، مشقطي، منصبدار (مغل)، مَخول (غالباً هي مسخرا شيدي هوندا هئا). بَٺارا، نقشبندي، ناٿاڻي، نقيب، واسُعاڻي، واڍا (سما ۽ ٻيا).

مٿين معلوماتي ۽ تاريخي شواهدن ۽ ذخيري کي سامهون رکي،
آءُ سنڌ جي حڪومت کي سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ جي تهذيب جو واسطو وجهي عرض ڪندس ته محڪمه آثار قديمه ۽ محڪمه اوقاف جي گڏيل وسيلي سان ٺٽي شهر لاءِ هيٺيان قدم کڻي:

(الف) شهر جي سروي ڪئي وڃي.
(ب) شهر ۾ يا شهر جي آسپاس جيڪي مقبرا، مزارون، مسجدون يا تاريخي آثار آهن، انهن کي نروار ڪيو وڃي ۽ محفوظ ڪيو وڃي، ۽ هر هڪ مقبري، مسجد ۽ ماڳ تي نالي ۽ تاريخ جي تختي هنئي وڃي.
(ج) انهيءَ سروي ڪرڻ ۽ آثارن کي نروار ڪرڻ بعد تاريخي ڪتابن، جهڙوڪ تاريخ معصومي_ تاريخ طاهري_ ترخان نامون_ تحفـﺔ الڪرام_تحفـﺔ الطاهرين_ معيار سالڪان طريقت_ مڪلي نامون_ ۽ راقم الحروف جي مختلف مضمونن کي سامهون رکي، شهر جي قديم محلن، پاڙن، بازارن ۽ چوڪن جي حدبندي ٿيڻ کپي.
(د) ۽ انهيءَ کان پوءِ شهر جو تاريخي نقشو تيار ڪجي، جنهن ۾ اهي سمورا آثار ۽ محلا، پاڙا ۽ بازارون، مقبرا ۽ مسجدون ڏيکاريون وڃن.
اهو وقت جو آواز آهي ۽ اها تاريخ جي صدا آهي، جنهن کي پورو ڪرڻ اسان جو فرض آهي. موجوده حڪومت انهيءَ عمل ڪري دائمي طرح سنڌ جي تاريخ ۾ پنهنجو نالو ثبت ڪري ويندي.
(7) تصويرون ۽ انهن تي حاشيا:
هن کان پوءِ ٺٽي شهر جي متعلق هڪ عام نقشو ۽ 92 تصويرون ڏنيون وڃن ٿيون. نقشو موجوده ميونسپل حدن کي ڏيکاري ٿو ۽ تصويرون ڪيترين تاريخي مسجدن، مقبرن، ۽ مزارن جون آهن. ٺٽي جي جاين جي اڏاوت جي طور طريقي ۽ عمارتي ساخت کي سمجهڻ لاءِ به ڪي تصويرون آنديون ويون آهن. ڪاٺ تي اُڪر ۽ چٽساليءَ کي به ڏيکاريو ويو آهي. وڌاوڙن، بالڪنين ۽ ٻه ماڙن ۽ انهن جي آڳُرن ۽ وچ جاءِ ۾ اڱڻ جو نمونو ۽ ان جي چوڌاري ورانڊو، ٺٽي جي عمارت سازيءَ جي خصوصي نقطن کي ڏيکارڻ، ظاهر ڪرڻ ۽ بجاءِ خود هڪ تاريخي عمل کي محفوظ ڪرڻ لاءِ پڻ ڪي تصويرون ڏنيو ويو آهن. تصويرن کان اڳ ۾ هر هڪ تصوير متعلق نمبر سامهون ڏيئي سمجهاڻي لکي ويئي آهي ۽ سمجهاڻيءَ جي وچ ۾ جتي ڏنگين ۾ (ڏسو صفحو) آهي، ان مان هن ڪتاب ۾ آيل اڳئين مضمون (43_125) جو صفحو مُراد آهي.

تصويرن لاءِ سمجهاڻيون
(1) ٺٽي شهر جي ميونسپل حدن جو نقشو.
(2_3) مسجد خضري جڙيل1022هه_داخلي دروازو ۽ محراب جو تاريخي ڪتبو_ (ڏسو ص90).(1)
(4_5_6_7) جامع مسجد شاهجهاني جا تاريخي ڪتبا_ (ڏسو ص97).
(8) مسجد جامع شاهجهانيءَ جو نقشو.
(9_10) اتر ۽ اولهه جا حجرا، جتي تعليم ڏني ويندي هئي يا مهمان ۽ مسافر رهندا هئا.
(11_12) اولهه ۽ اوڀر جي ڍڪيل حصي (اصل مسجد) جا پيش طاق (مهاڙيون).
(13_14_15) ڇتين تي ڪاشيءَ جو ڪم.
(16_17_18_19_20) محراب ۾ چؤگوشن تي ڪاشيءَ جو ڪم.
(21_22) مسجد امير خاني (ڏسو ص94).
(23_24_25_26) جامع خسرو مسجد دابگير (ڏسو ص 88)
مسجد جو ڇتائون حصو_ محراب جو تاريخي ڪتبو (997هه)_ ڇت تي ڪاشيءَ جو ڪم ۽ محراب ۾ پٿر تي اُڪر جو خوبصورت ڪم.
(27_28_29_30) جامع فرخ جا تاريخي ڪتبا، جيڪي هن وقت نيشنل ميوزم جي اڳيان هنيا ويا آهن (30 نمبر).
28 نمبر واري ڪتبي جي وچ ۾ طغرائي نقشيدار هيءَ عبارت آهي_ الله رسول علي.
ڏسو انهن ڪتبن تي مضمون
A PERSIAN et A PERSIAN
INSCRIPTION OF SHAH HASAN ARGHUN
BY Dr. M.A, Ghafur, J.A S. Pakistan, Dacca,1962, P.277.
(31)مسجد ولي نعمت شاهه مراد شيرازيءَ جي جوڙايل (ڏسو ص84).
(32)مسجد صفه (ڏسو ص 85). هن وقت سيد عاليءَ جي مسجد سڏجي ٿو_ هيءَ تصوير 1962 جي نڪتل آهي.
(33) مسجد صفـﮧ_ هيءَ تصوير مرمت ٿيڻ بعد سيپٽمبر 1972ع ۾ ڪڍي ويئي آهي. اهي ٻيئي مسجدون، مسجد ولي نعمت ۽ مسجد صفه، شيرازي ساداتن جي محلي ۾ آهن.
(34) مئين جي مسجد حاجي اشرف ميمڻ جي تحويل ۾ آهي ۽ هو صاحب هر مهيني يارهين شريف انهيءَ مسجد ۾ ڪندو آهي، تازو آيل ڪاٺياواڙي ميمڻن ان جي مرمت ڪرائي آهي.
محلي تندسر، جنهن کي هاڻي اسلامپور جو نالو ڏنو ويو آهي، اها مسجد انهيءَ ۾ آهي. تصوير 1962ع جي نڪتل آهي.
(35_36) مسجد قمري (گدا بازار) داخلي دروازو ۽ اندرين مُهاڙي، هيءَ مسجد تازو مرمت ٿي آهي. (هن جو احوال پڙهجي ص104تي).مسجد مخدوم علي احمد قمريءَ جي نسبت سان مشهور آهي ۽ ان ۾ ٻين سان گڏ مخدوم علي احمد قمري پڻ درس ڏيندو هو. مخدوم جو سلسلو هن طرح آهي:

مخدوم اسحاق(1)
مخدوم آدم متوفي 1066هه مخدوم علي احمد قمري
| (مدرس)
ميان ابوبڪر متوفي 1085هه
| |
شيخ عبدالباسط مخدوم رحمـﺔ الله
(مدرس_ شاعر، عهد، عهدِ عالمگير) (طالب العلم مدرس)
| |
محمد اشرف مخدوم عبدالجميل
(منشي_ ميان سرفراز 1188هه ۾ زنده هو) متوفي 1154هه، مدرس_
مخدوم ضياءالدين ٺٽويءَ
جو نياڻو
| |
مخدوم نعمت الله متوفي 18 ذوالقعد مخدوم ميان محمد صادق
1179هه مدرس_ استاد مير قانع، شاگرد مدرس_ استاد قانع
مخدوم ضياءٌالدين ۽ مولوي محمد صادق |
(ميان سرفراز سندس معتقد هوندو هو) ميان عبدالجميل عرف
ميان متو، 1188هه
موجود هو.
(37_38) مسجد حاجي سليمان محلو تندسر جنهن کي ٺٽي وارا هن وقت ’ٽِنڊسِرَ‘ چون ٿا. مسجد کي ’ٽڪاڻي واري مسجد‘ سڏيو وڃي ٿو. مسجد چَنڊنِ جي پاڙي ۾ آهي. مسجد جي صحن ۾ حاجي سليمان دفن ٿيل آهي. (ڏسو ص 101).حاجي موصوف فقهه ۽ حديث جو وڏو فاضل ۽ صاحبِ دل بزرگ هو. تحفـﺔ الطاهرين ۾ آهي ته مرقد متبرکـﮧ وي در مسجدي واقع_ (ڏسو ص 146).
(39) مسجد محله ڪشمشيان_هيءُ مسجد درياهه ڏانهن ويندڙ رستي تي آهي، دابگير مسجد جي اورئين پاسي يعني شهر طرف. مسجد جي تصوير 1962ع جي نڪتل آهي. هن وقت مسجد جي چوڌاري ايترو جهنگ آهي، جو مسجد تائين پهچڻ مشڪل آهي، فقط پير چارو آهي. مسجد تي نالو لکيل آهي. مسجد ڪشمشي جي عرف مان ڀانئجي ٿو ته اهو محلو ڪشمشن جو محلو هو.
(40) هن تصوير ۾ ٺٽي جي مشهور بزرگ پيرآسات سان تعلق رکندڙ ٽي جايون نظر اچي رهيو آهن. (1)مسجد پير آسات، (2) سندس گهر ۽ (3) هن وقت ميدان آهي، ليڪن انهيءَ جاءِ تي سندس مدرسو هوندو هو. پيرآسات مڪليءَ تي عبدالله شاهه جي سامهون دفن ٿيل آهي (ڏسو مڪلي نامو تحفـﺔ الطاهرين، تحفـﺔالڪرام).
(41_42)حجره حضوري ٻاهريون پراڻو در ۽ اندريون حجري جو در. مخدوم ابوالقلسم نقشبنديءَ جي عبادت ۽ ويهڻ جو حجرو آهي. تڪلمـﮧ مقالات الشعرا جي مصنف جي روايت آهي ته (ص 183) انهيءَ حجري ۾ حضور جن صلي الله عليـﮧ وسلم تشريف فرما ٿيا هئا، جنهنڪري مخدوم صاحب ان تي ’حجره حضوري‘ نالو رکيو. نقشبندي مخدومن جو محلو جامع مسجد جي ڏکڻ اولهه جي ڪنڊ ۾ آهي. مون اها تصوير 1962ع ۾ ڪڍي هئي. خبر نه آهي ته هن وقت اهو حجرو موجود آهي يا نه. مسجد کان ٻن سون وکن تي محلو ۽ حجرو حضوري آهن.
(43) مقبره سيد ابراهيم تندسر جي ڪناري تي _ سيد ابراهيم مجذوب هو، جنهن کي گاريون ڏيندو هو ان جو ڪم ٿيندو هو. تحفـﺔ الطاهرين (ص106) ۾ آهي: مزار فيض آثارش برڪنار ڪولاب ملاحان واقع_ ڀانئجي ٿو ته اُهو انهن مهاڻن جو تڙ هو. مقبرو تازو مرمت ٿيو آهي، ۽ مقبري جي اڳيان مسجد ۾ اڳياڙي ٺهي رهي آهي.
(44) تندسر جو پيٽ_ هي درياءَ جو پراڻو پيٽ آهي. جيڪو ٺٽي جي اولهه_ ڏکڻ ۾ وهندو هو. هن وقت خشڪ آهي. سيد ابراهيم انهيءَ جي ڪناري تي پوريل آهي. ٺٽي وارا ”ٽِنڊسر“ چون ٿا، ليڪن اصل ۾’تُندسر‘ يعني ’تکو واهڙ‘ نالو هيس، جنهن جي’تند‘ کي’ٽِنڊِ‘ ڪيو ويو آهي.
(45) هي ڪتبو هڪ قديم مسجد جو آهي، جنهن کي تپرن جي مسجد ڪوٺيو وڃي ٿو. مڇي مارڪيٽ جي ڏاکڻين_ اوڀارينءَ ڪنڊ تي آهي. اتر وارو ڪتبو اهو آهي، ڏکڻ طرف جو ڪتبو کاڄي ويو آهي_ ڪتبي مان ظاهر آهي ته اها مسجد بخشي الملوڪ مرزا محمد جعفر صادق ٺهرائي هئي. سال وارو ڪتبو کاڄي ويو آهي.
(46) سيد شاهه حسين جي مزار، تندسر جي ڪناري تي ، انهيءَ حصي کي هن وقت ’ميرو شاهه جو تلاءُ‘ سڏجي ٿو. تلاءَ جي مٿان هڪ ننڍي مسجد هئي، جنهن کي هاڻي نئين سر ٺهرايو وڃي ٿو. اها مسجد ميان ملوڪ شاهه جي هئي. (ڏسو ص 102)مزار جي مرمت ٿيل آهي. (تحفـﺔ الطاهرين 144 ۽ تحفـﺔ الڪرام فارسي ص 192
(47) عالي جان واهه شهر جي اوڀر ۾ آهي. جامع مسجد جي اوڀر ۾ درياهه ڏانهن ويندڙ رستي جي اوڀارئين ڪناري سان لڳ اهو واهه غالباً ڏکڻ کان ڦرندو ڪنهن زماني ۾ تندسر سان ملندو هو، هن تي عطا شاعر ۽ ٻين شاعرن شعر جوڙيا آهن.
(48) تلاءُ مرزا فاضل بيگ محلو سرواڻ، اهو تلاءُ ئي عالي جان واهه مان نڪري ٿو.
(49) شيخ فريد جو مقبرو مسجد غلـﮧ بازار جي ويجهو آهي. هي بزرگ مرزا عيسيٰ ترخان ابتدائي سال (جمعـﮧ 1962هه) ۾ پورچو گيزن جي حملي ۾ شهيد ٿيو (تحفـﺔ الطاهرين ص103). ٻاهران عمارت نئين ٺهرائي ويئي آهي، جنهن تي سال شهادت (شعبان 658هه) غلط لکيو ويو آهي. ٻاهران پوڙهو بزرگ سيد فخرالدين شاهه ولد سيد رجب علي شاهه (باغائي سيد) ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪو ان وقت دعا گهرڻ آيو هو. مزار جو متولي ميان احمدعلي حافظ غلام حسين ميمڻ آهي. (ڏسو ص 53)
(50) مقبرو شاهه ڪمال.محلو مسڪر جنهن کي هاڻي محلو شاهه ڪمال سڏيو وڃي ٿو. شاهه ڪمال پنهنجي حويليءَ ۾ دفن ٿيو (ڏسوص 69) (تحفـﺔ الڪرام ص 981_245، طاهرين ص152).
(51) ڪٽهڙو مزار شاهه مسڪين ۽ خاڪي شاهه (سندس مرشد) (ڏسو ص 52). انهيءَ متعلق ڏسو هن کان پوءِ ايندڙ مضمون ”مير مائل جي بياض ۾ سنڌ جي تاريخ جو مواد“_ (ص145کان).
(52) شاهه گور گنج جي مزار جو ڪهڙو. اها مزار بقول مصير قانع_ بر کنار بيله شمالي مغلواره است_ يعني ٻيلي جي وٽ تي جيڪو مغواڙي جي اوڀر ۾ هو (تحفـﺔ، فارسي 246). سندس پيرانديءَ کان سندس مريد مهربان فقير جي مزار ڏسڻ ۾ اچي ٿي. نهايت پرفضا جاءِ تي مقبري جي عمارت ٺهيل آهي. بقول تحفـﺔ الطاهرين اها مزار محله سهتيه ۾ آهي (ڏسو ص 70).
(53) ڪٽهڙو سيد ابراهيم جي مرزا جو. ڏسو تصوير43_ ٽائيلس جو فرش ۽ عمارت نئين آهي.
(54) مقبرو بابو شاهه جو، شهر جي ڏکڻ ۾ ٻاهران درياهه تي ويندڙ پڪي رستي جي ڪناري تي آهي. عالم، فاضل ۽ پهتل ٻانهو رب جو هو. حاجي شيخ بهاءَ الدين جو ظاهري علمن ۾ شاگرد هو؛ تذڪرة المراد، تحفـﺔ الڪرام ۽ تحفـﺔ الطاهرين ۾ سندس ذڪر آهي، اصل بخارا جو سيد هو، ڪڪرالي ۾ کهڙن هٿان شهيد ٿيو. پير مراد شيرازيءَ جو معاصر هو.
(55_56) شاهه گور گنج جي مقبري جي عمارت ۽ اندر مزار تي ڇٽي. پيرن کان مهربان فقير جي قبر (ڏسو تصوير 52) محلـﮧ سهتيـﮧ (طاهرين ص 119).
(57) مزار شاهه مبين_ جنهن کي پير منبو چون ٿا. محلي گدا بازار ۾ سندس مقبرو آهي. (ڏسو”مير مائل جي بياض ۾ سنڌ جي تاريخ جو مواد“، (ص145کان).
(58) شاهه غيب ۽ شاهه ڪمال جي مزار_ (شاهه گورگنج، محلـﮧ سهتيه) (تحفـﺔ الطاهرين 118).
(59) گلاب شاهه جي مزار_ جامع مسجد جي اوڀر ۾ عاليجان واهه جي ڪپ تي.
(60) شاهه صدر لڪياري_ (؟)عاليجان واهه جي ڪپ تي جامع مسجد جي اوڀر ۾ درياهه تي ويندڙ سڙڪ جي ڪناري تي.
(61_62) پير دادن_تحفـﺔالطاهرين (ص 166) ۾ هن جو ذڪر ’سواد بلده‘ جي تحت آيل آهي، شهر جي ٻاهران آهي. رضوي ساداتن جي محلي قريب سيد محمد يوسف رضويءَ جو چوڻ هو ته ”مشڪل جي وقت جيڪو مون وٽ نه پهچي سگهي سو پير دادن وٽ وڃي، سندس تڪليف دُور ٿي ويندي.“ مزار جي ٻاهران حاطو ڏنل آهي. تازي مرمت ٿيل آهي.
(63) مزار حضرت يتيم مردان المعروف به آتي مردان(تحفـﺔ الطاهرين ص 137)_گچ سان ليپو آيل آهي. محلي تندسر ۾ آهي، جنهن کي هاڻي واسواڻي محلو سڏيو وڃي ٿو. گدا بازار جي ڪناري تي آهي. ميان نور محمد ميمڻ ڪاٺياواڙي اُن جو مجاور آهي (ص 77).
(64) سيد برهان جي مزار_ محلو تندسر، نزديڪ جَوار سيد ابراهيم(ص77).
(65) سيد ڇٽو ۽ ميان ڇتو_ محلو تندسر، جنهن کي هاڻي ڇاپائي محلو ۽ اسلامپور چئجي ٿو. مرمت تازي ٿيل آهي. (ص76)
(66) شاهه ابراهيم جي مزار_ محلو تندسر، ميان ڇٽي ۽ ميان ڇتي جي ڀر ۾ (ڏسو ص 76).
(67) حاجي موذن جي مزار_ محلو اگر (آڳڙيه) (ڏسو ص 60). تحفـﺔ الطاهرين ۾ آهي ته: ارباب حاجات هر مشڪلي بخدمتش مي بردند، بيمن انفاس متبرکـﮧ او آسان ميشد. اکنون نيز طوائف انام براي انجاح مدام خود بمرقد وي سائل شوند و بکام دل باز روند (ص 136).
(68) پير محمود جي مزار_محلو مسگر (ڏسو ص 69).
(69) شاهه حسين جي مزار_ تندسر جي ڪناري تي، موجوده نالو ”ميرو شاهه جو تلاءُ“ (ڏسو تصوير 46). جيڪا مرمت کان پوءِ تازو سيپٽمبر 1972ع ۾ ڪڍي ويئي آهي. هيءَ تصوير 1962ع جي آهي، جڏهن مرمت ٿيل ڪانه هئي.
(70) شاهه عبدالوهاب جيلانيءَ جي مزار_ مضبوطن جي ڊِبَ، محلو اگر_ دابگرن جي اولهه ۾ سڙڪ جي ڪناري تي.
(71) شيخ محمد مڪائي_محلو غلـﮧ بازار_(ڏسو ص 53).
(72) سيد محمود جي مزار_غله بازار (عقيلي محلو) ڏسو ص 53).
(73) بيبي راڻيءَ جي مزار_ محلو تندسر، چَنڊَن جو پاڙو (ڏسو ص 77).
(74) شاهه لڌو_ گدا بازار (کير بازار)، سامهون هندن جو مندر آهي. مزار جي جاءِ تي سندس دڪان هوندو هو. وجيهه ۽ ٺاهوڪو مڙس هو (ڏسو ص 22).
(75_76_77_78)ٺٽي جون بازاريون.
(79_80) پاڻيءَ جا مٽ_ بهشتي ڀري گهرن ۾ پهچائيندا آهن، ڇاڪاڻ ته مٺي پاڻيءَ جا کوهه ڪونه آهن ۽ نه اڃا نلڪن جو بندوبست آهي. پيئڻ جو پاڻي نهايت گندو آهي.
(81_82_83_84_85) ٺٽي جي جاين جو نمونو ۽ ساخت
ديوار جي اندران ڪاٺين جا جڙاءُ، ان جي مٿان گچ لڳل. ٻه ماڙيون، ٽي ماڙيون، انهيءَ ڪاٺن ۽ ڪاٺ جي مامري سان راس ٿيل آهن. هن وقت مرمت نه هجڻ سبب ۽ (هندو) مالڪن جو لڏي وڃڻ سبب ويران پيون آهن. مهاجرن کي مليون، ليڪن اهي جاين کي قائم رکي نه سگهيا. سمورو شهر ناس ٿي ويو.
(86) شيرازي ساداتن جي حويليءَ جي ڏيڍي_دروازي تي شمعدان ڏسڻ ۾ اچي ٿو، اهو خاص ٺٽي جو مقامي نمونو آهي.
(87_88) گهرن جي اندر چوڪور کليل ايوان، چوڌاري ڇتائون ورانڊو ۽ وچ ۾ ڇت کان سواءِ اڱڻ. ورانڊي مان ڪمرن جا در کُلن ٿا. ويهڻ، کائڻ ۽ ٻي اٿي ويٺي، مرداني خواهه زناني انهيءَ اڱڻ ۽ ورانڊي ۾ ٿيندي آهي.
(89_90) ٻه ماڙ جايون، ڪاٺ جون بالڪنيون، ڪاٺ تي اڪر جو ڪم_ٺٽي جي هر جاءِ ۾ اها خاصيت آهي.
(91_92) مٿينءَ ماڙيءَ تي آڳر وارا ڪاٺ جا ورانڊا ۽ ڇتيون.
(93_94) دروازن جي مٿان ڪاٺ جي ڪم جون ڄاريون_ گذريل پنجويهن سالن ۾ سنڌ جو اهو خاص هنر ۽ ڪم ختم ٿي چڪو آهي. هن وقت ڪاٺ تي اُڪر جو ڪم ڪونه ٿو ٿئي.
(95_96) ڇت جا شهتير ۽ مٿن اُڪر جو ڪم.
(97_98) خوبصورت چٽساليءَ تي ڪاٺ جون ڇتيون ۽ اُڪَر ٿيل شهتير.

[مڪمل ڪيل_ ڪراچي،10آڪٽوبر 1972ع_”مهراڻ“4_1972ع]

________________________________________
(1) ڏسو مڪلي نامـﮧ ص 641، تحفـﺔالڪرام ڇاپو حسام الدين ص 363، تڪملـﮧ مقالات ص 657
(1) تاريخي واقعن ۽ آهڃاڻن مان ظاهر آهي ته ٺٽي جو قلعو حاڪم نشين، جتي صوبيدار يا حاڪم رهندا هئا، سو جامع مسجد جي داخلي دروازي جي سامهون ڏکڻ واري ڦٽل ميدان ۾ هو، ابراهيم شاهه جي مزار جي وقوع لاءِ مٿين روايت انهيءَ ڳالهه کي صاف ڪري ٿي. جيڪڏهن اهو ميدان کوٽبو ته قلعي جا آثار نڪرندا. عاليجان واهه به انهيءَ قلعي جي قريب هو، سو اڄ به انهيءَ جي گواهي ڏئي ٿو.
(1) مشهور آهي ته ڪڇو راڙي جنهن کي هجي، سو ست ڏينهن تربت تي وڃي رات جي وقت ۾ نم جي وڻ ۾ اڳڙيون ٻڌي اچي. اٺين رات تائين ڪڇوراڙي ختم ٿي ويندي.
(2) مڪليءَ جو دراوازو تاريخي شئي آهي، گويا اهو ماڳ موجود آهي.
(3) مزارن متعلق هيءَ سموري معلومات ميان محمد امين شيخ مهيا ڪري ڏني آهي، جنهن لاءِ آءُ سندس ٿورائتو آهيان.
(1) انهيءَ مير معموريءَ سان گڏ عبدالقيوم نالي شاعر هندستان کان آيو هو. شهرن تي هن پنهنجي ’شهر آشوب‘ ۾ هجو چئي، جيڪا بقول مير قانع (مقالات 425) مشهور ٿي. سندس ٻه شهر هي آهن:
گرچه در سندام زخيلِ نو کرانِ پادشـﮧ
مير معموري مظفر خان، شمارا بنده ام
ميخورد، گويند، يک مرغ و دو نان، نواب ما
باوجودِ کيفِ افيون، اشتها را بنده ام
(1) ڏسو تحفـﺔالڪرام سنڌي ص 554، قمر، خوش الحانيءَ سبب، حضورجن کان لقب عطا ٿيل هوس.

تاريخ

---

مير ”مائل“ جي بياض ۾ سنڌ جي تاريخ جو مواد

(1) ذاتي حالات، خاندان، عزيز ۽ دوست.

خاندان:
مير علي شير”قانع“، سنڌ جي عظيم المرتبت مؤرخ، تذڪره نويس ۽ شاعر کي ھرڪو سڃاڻي: مير غلام علي ”مائل“ انھيءَ بزرگ جو وڏو فرزند ھو. مير علي شير ٺٽي جي مشهور صوفي خاندان يعني سيد شڪر الاھي خانوادي جو چشم و شراغ ھو. انھيءَ گهراڻي جو وڏو ڏاڏو سيد شڪر الله جنھن جي نالي جي نسبت سان آئنده ھلي خاندان جي سڃاڻپ شروع ٿي، سو شاھه حسين ارغون جي عھد ۾ (928ھ)ھرات کان ٺٽي ۾ وارد ٿيو، ۽ ساڻس گڏ انھيءَ طرف جا ٽي ٻيا بزرگ به سنگتي ٿي، ساڻ اچي ٺٽي پھتا: ھڪ سيد مبين، ٻيو سيد ڪمال، ۽ ٽيون سيد عبدالله _ اھي ٽيئي ٺٽي جا مشھور ولي الله ٿي گذريا آھن.
شاھه حسين، سيد شڪرالله کي، سندس علم، فضل، ۽ ديني عظمت ۽ وقار کي پيش نظر رکندي، ٺٽي جو منصب قضا پيش ڪيو، جنھن کي ڪجھه وقت ته سيد صاحب ھلايو، ليڪن پوءِ ڇڏي گوشه نشين ٿي، ياد الاھيءَ ۾ ڏينھن پورا ڪيائين(1).
سيد علي شير جو نسب نامو ھن طرح آھي: سيد علي شير بن سيد عزت الله، بن سيد محمد ڪاظم، بن سيد محمد مقيم، بن سيد ظھير الدين ثاني، بن سيد شڪرالله ثاني، بن سيد ظھير الدين اول، بن سيد شڪرالله اول، بن سيد وجيھه الدين، بن سيد نعمت الله، بن سيد عرب شاھه، بن سيد امير نسيم الدين محدث، بن سيد امير عطاالله جمال الدين محدث، بن سيد فضل الله محدث(1)، بن سيد عبدالله الحسيني الدشتڪي الشيرازي.
مير علي شير قانع پنھنجي والد سيد مير عزت الله جي وفات جي تاريخ ھن طرح چئي آھي:
خرد گفت تاريخ سال، وفات،
که ”پيوست با رحمت ايزدي.“ 1161ھه
سيد عزت الله کي ڇھه فرزند ٿيا: سيد فخر الدين، سيد يار محمد، سيد محمد امين، سيد علي شير ”قانع“، سيد محمد صلاح ۽ سيد ضيا الدين ”ضيا“.
مير علي شير جو ڀاءُ، سيد ضياالدين ”ضيا“، پنھنجي دور جو بلند پايه شاعر ھو. سندس ٻئي ڀاءُ يار محمد کي ٻه پٽ ٿيا: ھڪ مير ڪريم الدين ۽ ٻيو مير عظيم الدين ”عظيم“، جيڪو مير فتح علي خان ’فاتح سنڌ‘ جي درٻار جو ملڪ الشعراﻋ ھو.
مير علي شير 1140ھه ۾ ڄائو: ”خلق انسانا من السلالـﺔ“ مان اھو سال نڪري ٿو. سنه 1203ھه ۾ سندس انتقال ٿيو. سندس فرزند مير غلام علي ’مائل‘، ھن فقري مان اھو سال ڪڍيو _ ”اُبشره بالجنـﺔ النعيم ابدا“(1) مير علي شير کي ٽي پٽ ٿيا: مير امير علي جنھن جي تولد جو سال ميان غلام محمد ٺٽويءَ ”در چمن جاه شگفـﺔ گلي“ (1171ھه)مان ڪڍيو، ۽ ميان محمد پناھه ”رجا“ ٺٽويءَ، ھيءَ تاريخي سجع تيار ڪئي: ”امير علي بن علي شير حسيني“ (1171ھه)؛ ٻيو مير غلام علي ”مائل“، جنھن جي بياض تي ھي مضمون لکيو ويو آھي؛ ۽ ٽيون فرزند مير غلام ولي.
ولادت: مير غلام علي ”مائل“،
مير علي شير ’قانع‘ لکي ٿو (تحفـﺔ الڪرام ج 2، ص 33) ته مير سعدالله پوربي، ھڪ زبردست عالم ۽ معقولات ۾ بي نظير دسترس رکندڙ ھو؛ کيس ٻه فرزند ھئا: مير عبدالعلي، ۽ مير عبدالولي(2) انھن نالن جي ترتيب ۾ عجيب قسم جي ندرت رکيل ھئي. سندس پنھنجي نالي سميت جيڪڏھن ٽنھي نالن جا آخري لفظ گڏبا ته ”علي ولي الله“ جو جملو ٺھي پوندو.
مير علي شير جو وڌيڪ بيان آھي ته جڏھن 1160ھه ۾ ھو سورت پھتو، ان وقت کيس مٿي ذڪر ڪيل نالن جي ترتيب جو علم ٿيو، ۽ بطور نذر جي ان وقت ھن باس باسي، ته جيڪڏھن الله پاڪ کيس فرزند جي دولت عنايت ڪري ته ھو به انھيءَ رعايت جي لحاظ سان مٿن نالا رکندو.
حسن اتفاق يا فضل ايزديءَ سان 1181ھه ۾ کيس ھڪ فرزند ڄائو؛ مٿئين لفظي رعايت سان نالي رکڻ سان گڏ، ھن اھا به ڪوشش ڪئي ته نالو تاريخي ھجي. چنانچه ”غلام علي“ نالو برآمد ٿيو، جنھن مان سال ولادت 1181ھ نڪري ٿو. اھڙيءَ طرح ٻن سالن بعد، 1183ھه ۾، کيس ٻيو پٽ ٿيو، ۽ مٿين ٻنھي رعايتن کي مدنظر رکندي، ان جو نالو ”غلام ولي الله“(1) رکيائين، جنھن مان تولد جو سال 1183ھه به نڪري ٿو، ۽ ٻنھي نالن جي پھرين حصن کي ڇڏي ڏيڻ سان ”علي ولي الله“ به ٺھي اچي ٿو؛ ۽ اھڙيءَ طرح، مير علي شير جي باس پوري ٿي.
مٿئين مذڪور مان معلوم ٿيو ته مير غلام عليءَ جو 1181ھه(1) ۾ تولد ٿيو. مير علي شير جي عمر ان وقت 22 ورھن جي ھئي. مير علي شير پنھنجي پٽ جي تعليم ۽ تربيت جو ڪوبه ذڪر ڪونه ڪيو آھي، جنھن مان اسان کي ’مائل‘ جي ابتدائي زندگيءَ جو پتو پئجي سگهي.ٽالپري دور جي ادبي اثاثي مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته مير ’مائل‘ ٽالپري دور جو قادر الڪلام شاعر ۽ شاعريءَ جي سڀني اصنافن جو استاد ھو؛ سندس ديوان خواھه بياض ۾ اسان کي سخن جون سڀيئي صنفون ملن ٿيون، جنھن مان پڻ سندس سخنوريءَ جي ڪمال جي خبر پوي ٿي.
سندس قصيدن، تاريخي قطعن ۽ مدحيه غزلن مان معلوم ٿئي ٿو ته مير ڪرم علي خان جي درٻار سان سندس وابستگي ھئي. ھن، ٽالپرن جي پھرينءَ چؤياريءَ جي زماني ۾ جيڪي اھم واقعا ٿيا آھن، تن سڀني تي تاريخي قطعا چيا آھن؛ ليڪن زياده تر ڪلام اسان کي اھو ملي ٿو، جنھن جو تعلق مير ڪرم علي خان جي ذات سان آھي.
مير ’مائل‘ جا حالات، مخدوم محمد ابراھيم ”خليل“ جي تذڪري ”تڪلمـﮧء مقالات الشعراﻋ“ ۾ لکيل آھن، ليڪن اھو اسان جي پيش نظر نه آھي. پاڻ به مير صاحب ھڪ تذڪرو ”مجمع البلغاﻋ“ جي نالي سان لکيو ھو، ليڪن اھو به اڃا تائين دستياب نه ٿي سگهيو آھي؛ جنھنڪري سندس مڪمل حالات معلوم ڪين ٿيا آھن. سندس بياض جي تاريخي قطعات مان سندس سوانح حيات جي ڪن پھلوئن تي روشني پوي ٿي، جن کي ترتيبوار ھيٺ ڏيون ٿا.

اولاد:
مير صاحب کي ڪيترو اولاد ٿيو، ان جو پتو ڪونه آھي؛ بياض ۾ پنھنجن ھيٺين فرزندن جي نالي تي تاريخي قطعا چيا اٿائين:

(1) مير عسڪر علي:
ڀانئجي ٿو ته ھي مير صاحب جو وڏو فرزند ھو، جنھن کي جڏھن سيد صدرالدين نالي ھڪ پٽ ڄائو، تڏھن مير صاحب ھيٺيون قطعو چيو:
يافت چون ميلاد اين پور گزين، آنــــــــک دائم باد از حـــــق کــــــــام او؛
سال مــــــــيلاد شريفش گفت دل، ”ھست صدر الدين مبارک نام او“.
1215ھه _ ص 30
ساڳئي مير عسڪر عليءَ کي ٻيو پٽ مير علي بخش نالي ڄائو، مير صاحب ھيٺيون قطعو چيو:
بخشيد چون بسيد عسکر علي، علي، فرزند نامـــــور به نبي بخش ازعــــــطا؛
تاريخ زادنـــــــــش ز کمال، رجا ســـــــحر، فرموده دل، ”زاد علي بخش با رجا“.
1221ھه _ ص 76
مير عسڪر عليءَ کي ٽيون پٽ ڄائو، جنھن جو نالو مير لطف علي رکيو ويو؛ مير ’مائل‘ ھيٺيون قطعو چيو:
آمد از لطف علي چون که بما اين فرزند،
که رسانده به پدر مرﱞده نعم البدلي؛
سال ميلاد سعيدش خردم گفت سحر،
”حبڌا لطف علي آمده با لطف علي“
1223ھه _ ص 73
ساڳئي پوٽي لاءِ ٻيو قطعو چيائين:

ايزد از لطف چوبخشيد بما اين فرزند، که معمر به پدر باد ز لطف ازلي؛
گفت با روي ”بھي“ سال ولودش ھاتف، ”حبذا لطف علي داد بما لطف علي.“
2 2112+2= 1223هه _ص 73
ٽيون قطعو ھي جوڙيائين:
سروش غيب بسال، ولادتش فرمود، ”ابد به لطف علي مير ماست لطف علي“.
1223ھه _ ص 73
پھرئين قطعي مان معلوم ٿئي ٿو ته 1223ھه کان اڳ مير عسڪر عليءَ جو ڪو پٽ انتقال ڪري ويو ھو، جنھن جو نعم البدل مير ’مائل‘ لطف عليءَ کي سمجھيو.

(2) مير علي شير:
مير ’مائل‘ کي 1222ھه ۾ ھڪ پٽ ڄائو، جنھن تي پنھنجي والد جو نالو يعني مير علي شير رکيائين، ۽ خوشيءَ وچان ٻه تاريخي قطعا چيائين:
شکر حق کامده اين خوش فرزند، نامـــــــيء عـــــــصر چو جد ممتاز؛
آمـــــــد و داد به مـــــــن چــــون ھاتف، از غـــــــلاميء عـــــــلي شير اعزاز؛
ســـــــال مـــيلاد شـــــــريفش گـــــــفتم، ”نامـــور مير علي شير آمد باز“.
1222ھه

ٻيو قطعو:
صد شکر که از يمن غلاميء علي شير،
حق کرد عطا چون بمن اين گوھر مقصود؛
از يمن علي شير بکام، دلم از مجد،
زين نام، مبارک شرف، تازه بيفزود؛
تاريخ ولودش بدم صبح دل، من،
”بـا شــاديء دل ميـــر علي شـيــر“ بفرمود.
1222ھه _ ص 30

(3) مير امام بخش:
1225ھه ۾ مير صاحب کي ھڪ فرزند ڄائو، جنھن جو نالو، مير امام بخش رکيائين؛ سندس تولد جي تاريخ ۾ ھيٺيون قطعو جوڙيائين:
ز بخش حق چو امام، امام بمن بخشيد، گل، حديقئه بخشش امام بخش بنام؛
بروز بخشش او گــفت طبعـم اين تـــــاريخ، ”امام بخش بقاﻋ بما بداد مام“.
1225ھه

(4) مير مختار علي:
مير صاحب کي، 1232ھه ۾، مير بختار علي نالي پٽ پيدا ٿيو؛ ھيٺينءَ طرح قطعو چيائين:
چو حق بخشيد بامن مير بختار، که در پيش آمدش، آمد دوان بــــــخت؛
سر وشم سال مولد، شــــريفش، بمن گفتا ”جوان طالع جــــوان بخت“
1232ھه
ٻيو قطعو چيائين:
صد شکر که حق به من چو بخشيد، مختار علي بنام مولود؛
تاريخ ولادتش ســــــــر وشم، ”با رشــــــــد چه به خـــلف“ بفــــــر مود.
1232ھه _ ص 76
اھو فرزند غالباً ساڳئي سال فوت ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته بياض ۾ ھڪ قطعو ملي ٿو جيڪو مير بختار عليءَ جي انتقال تي چيو ويو آھي، اگرچه قطعي ۾ ”نامور“ جو لفظ ڪتب آيل آھي، جيڪو ھڪ سال جي ٻار لاءِ ڪم آڻڻ مناسب نه آھي:
نامور ما مير مختار از علي، چون زد اندر قــصر جنـــــت قال وصـــل،
روز وصل، اوبجنت ايـــــــزدش، ”ھــشت جنت جايش“ آمد سال وصل.
1232ھه _ ص 122

(5) بيبي سڪينه:
مير صاحب کي ھڪ نياڻي بيبي سڪينه نالي به ھئي، جنھن جي انتقال تي ھيٺيون قطعو چيو اٿائين:
شد چو اندر جنان سکينئه من، ھم مکان با سکينه پيش قبول؛
گفت تاريخ ھاتفم ”وﻵ باد“ ”در جنان با ســــــــکينه پيش بتول“.
23 23+1206_ 1229ھه _ ص 121
مٿين قطعن مان معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب کي چار پٽ ۽ ھڪ نياڻي ھئي: (1)مير عسڪرعلي، (2)مير علي شير (1222ھه)، (3)مير امام بخش (1225ھه)، (4)مير مختارعلي (1232ھه)۽ (5)بيبي سڪينه (وفات 1229ھه)؛ ليڪن سندس ھڪ ٻئي پٽ جو نالو به اسان کي ملي ٿو، مير صابر علي ”سائل“، جنھن جو پٽ مير حسن علي ”ضيا“ ٿيو، ۽ ان کي مير صابرعلي ثاني ٿيو، جنھن جو تخلص ”صابر“ ھو، ۽ ان جو پٽ، سيد حسين علي شاھه، ھن وقت ٺٽي ۾ موجود آھي، جنھن جي عمر تقريباً 55 ورھيه کن ٿيندي”

تصانيف:
مير ’مائل‘ جو انتقال 1251ھه ۾ ٿيو؛ ھن وقت تائين سندس تصنيفون ھيٺينءَ طرح اسان کي معلوم ٿيون آھن:

(1) ديوان مائل:
جنھن ۾ 232 غزل موجود آھن، ۽ 108 ورق اٿس؛ اھو نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ آھي؛ ديوان جي پھرئين غزل جو پھريون شعر آھي:
الاھي درھمه پنھان وھم از جمله ھويدا،پنھان چه ھويداست ظھورت ز ھمه ھا.
آخري غزل جو مقطعو آھي:
با ”مائل“ حق آنکه ز دل مايل حق است، باشاه حق ماَب دل حق به آب ده.
ھن ديوان جا آخري ورق گم آھن، جنھنڪري منجھس ”ي“ جو رديف ڪونه آھي.

(2) مجمع البلغاﻋ:
1218ھه ۾، مير صاحب سنڌ جي فارسي گو شاعرن جو ھي تذڪرو مرتب ڪيو. ان ۾ ارغوني عھد کان وٺي ٽالپري زماني تائين جي شاعرن جو ذڪر ڪيو ويو آھي. انھيءَ جو ڪوبه نسخو دستياب ٿي ڪونه سگهيو آھي. ھن جو حوالو اسان کي برٽش ميوزم ۾ مسٽر ايليٽ جي فائلن ۾ ڏسڻ ۾ آيو“: ڪتاب ۾ 639 ورق بيان ڪيل آھن.

(3) بياض مير ”مائل“:
ھي ننڍي سائيز جي تقريباً 200 ورقن تي تمام باريڪ شڪسته خط ۾، مير صاحب جي پنھنجي ھٿ اکرين لکيل آھي. ھن وقت اھو ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي ملڪيت آھي. منجھنس قصيدا، منقبت، نعتون، سلام، تاريخي قطعا ۽ متفرق اشعار جمع ڪيل آھن، ۽ نھايت سليقي، قريني، ۽ ترتيب سان لکيا ويا آھن؛ ڪاغذ تمام پراڻو ٿي چڪو اٿس، ۽ ھٿ لڳڻ سان پيو ڀُري. ھن مضمون جو مواد انھيءَ بياض مان ورتو ويو آھي.

(4) بياض:
سنڌي ادبي بورڊ ۾، مير صاحب جا پنھنجا ۽ پنھنجي هٿ اکرين لکيل 3 ٻيا به بياض ساڳئي سائيز ۾ ساڳئي نموني جا آھن، جن مان ھڪ اھو آھي، جنھن تان مٿيون بياض نقل ڪيو ويو آھي. ھي غالباً مسودو ھو. ٻيا ٻه به سندس ئي بياض آھن، جن ۾ پڻ قصيدا، سلام، مرثيا ۽ منقبت آھن.
ھن ھيٺ اسان انھن ماڻھن جو ذڪر ڪريون ٿا، جن جي سلسلي ۾، مير صاحب جي بياض ۾ تاريخي قطعا ملن ٿا. انھن مان ڪي مير صاحب جا عزيز ۽ سنڌ جا نامور شاعر آھن، جن سان مير صاحب جو دوستيءَ جو رستو ھو، ۽ ڪي اُھي نامور آھن، جن جو تعلق سنڌ جي تاريخ سان آھي.

مير عظيم الدين ٺٽوي:
مير عظيم الدين، سيد يارمحمد بن سيد عزت الله جو فرزند، مير علي شير جو ڀائٽيو، ۽ مير ’مائل‘ جو سڳو سؤٽ ھو؛ سندس تولد 1163ھه ۾ ٿيو. مير علي شير، سندس ولادت جي ھيٺينءَ طرح تاريخ ڪڍي:
”انالـﮧ الحافظون“ (مقالات، ص 206)
1163ھه
مير عظيم الدين، ٽالپري دؤر جو عظيم الشان شاعر، ۽ مير فتح علي خان جي دربار جو ملڪ الشعراﻋ ھو. ”فتح نامه سنڌ“ سندس شھره آفاق تاريخي مثنوي آھي، جنھن کي ھن مير فتح علي خان جي حڪم تي، 1209ھه ۾، شاھنامي جي طرز تي تصنيف ڪيو. ڪلھوڙن جي آخري دور، ٽالپرن جي معرڪن، ۽ ميرن جي ابتدائي دور جي تاريخ جا چشمديد واقعا منجھس بيان ڪيا ويا آھن. اھا مثنوي، ميرن جي دور ۾ ڏاڍي مقبول ۽ مشھور ٿي. دربار خواه دربار کان ٻاھر وقت پڙھي ويندي ھئي، ۽ ماڻھن کي ان جا سوين اشعار بر زبان ياد ھوندا ھئا. ڊاڪٽر برنس لکي ٿو ته:
“The Futtehnamah is rehearsed in durbar, and many of the courtiers mark their adulation, by I.committing the most fulsome passages to memory.”
(Visit to the Court of Sinde _ p 46)
اسان کي مير عظيم الدين جون فقط ٽي تصنيفون معلوم ھيون: (1)ديوان، (2)مثنوي ھير رانجھن ۽ (3) فتح نامه؛ ليڪن مير ’مائل‘ جي بياض مان معلوم ٿئي ٿو ته ھڪ ٻي مثنوي ”سير دل“ جي نالي سان به تصنيف ڪيائين. مير ’مائل‘ مير صاحب جي سڀني ڪتابن جي تصنيف جا سال، تاريخي قطعن جي ذريعي، ٻڌايا آھن. انھن قطعن جي عنوانن مان اھو به معلوم ٿئي ٿو ته مير ’مائل‘، نه فقط سندس سؤٽ ھو، بلڪ شعر ۾ سندس شاگرد به ھو، ڇاڪاڻ ته سندس نالي جي اڳيان ھميشـﮧ ”استاد“ لکي ٿو. ھن ھيٺ اسان ترتيب سان اھي تاريخي قطعا ڏيون ٿا:

(1) مثنوي ”سير دل“:
مير ’مائل‘ جي ھيٺئين قطعي مان معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب اھا مثنوي 1206ھه ۾ تصنيف ڪئي:
شـــھه، شــــاعران مــــير بزم ســــخن، که اسمش عظيم است بنام خدا؛
پــــئي تـحفـﮧﻋ بزم سلطان ســــند، که ســــلطانيــــش داد عــــھد وفــــا؛
چه سلطان که نامش به فتح،علي، کند کار رستم به دشــت وغــــا؛
عجب مثنويﻋ نــکو ”ســـــير دل“، مــــرتب نــــمــــوده بــــطــــرز صــــــــفا؛
اگــــرچه مــــجازست بــــظاھـــر، ولــــي، بــــسوي حــــقيقت بــــود رھـنمــــا؛
کسي کــو بگويد مجازست ايــــن، کــــجا بــــا حــــقيقت بــــود آشــــنا؛
پــــئي ســــال اتمــــام ايـن مـــــثنوي، که باشد عجب نـــسخهﻋ بي بھا؛
زطبعم شده کل سه تاريخ نيک، بتائيــــد آن ملھــــم، بـــا صــــفا؛

”عجب سير دل نام نسخه بزيب“، ز الھام غيب آمد اين خوش صدا؛
(1206ھه)
”زھي مثنوي تحفـﮧﻋ اھل بزم“، د گر آمد اکنون ز غيب اين نـــدا؛
(1206ھه)
”دگر تحفـﮧﻋ خاص با زيب عقل“، مــــکرر بــــگوشــــم رســــانــــد نـــــــــدا؛
(1206ھه)
ھميشه چنين تحفـﮧﻋ بزم دل پئي اھل دل باد عشرت فزا._ص 80
انھيءَ مثنويءَ جو ھڪ نسخو مون وٽ موجود آھي؛ منجھس 316 اشعار آھن، جن مان پھريان چند شعر ھي آھن:
بنــــام مــــشتريء دل فــــروشــــان، بســــوداي مــــحبت گرم جــــوشان؛
ز نقد حسن در گنجينهﻋ اوست، ھــــمه را در نظر گنجينهﻋ اوست؛
پئي سوداي عشق آراست بازار، بنقد حسن شد دل را خريدار ...
ڪتاب ۾ ”توحيد“ کان پوءِ مختلف عنوان قائم ڪيا ويا آھن. عشق جي ماھيت بيان ڪندي، پوءِ معشوق جي سراپا بيان ڪئي ويئي آھي؛ ڪاڪل، زلف ابرو، چشم وغيره وغيره، جو بيان ڪندي، پستانن جي وصف ھن طرح ڪري ٿو:
بر آن لوح از کمال لـــطف صنعت، دو دستنبو نھاده دست قدرت؛
دو دسنوي خوش پر مــــــغز و رنـــگين، کزو خون شه دل صد نار ياسين؛
چــــــو دل ايــن باغ فيض ايزدي ديــــد، چه خوش برداشت اينجا دست اُميد؛
انار دلڪش ايـــــــن نــــــــــو گلــــستان، بــــدل دادنــــد امـــــان دستگر دان؛
ازان دار الصــــّفا دل را گــــذر شـــــــد، گذارش بر سر موي کمر شــد.
ان کان پوءِ ڪمر، شڪم ۽ ناف تي طبع آزمائي ڪندي، ”ڪان جواھر“ تي پھچي، اشھب قلم کي انھيءَ صاف ميدان تي ھن طرح ڊوڙائي ٿو:
دلا اين جا ست آن کان، جواھر کــــزان پــيــــدا شــــود جــــان جــــواھــــر؛
عجائب گوھر آرد اين صدف بـار، کــــزو حــــيران بــــمانــــد در شــــھــــوار؛
دل آنجا فاتحه خوانده باخلاص، که يا رب کي کشايد عقدهﻋ خاص؛

خبيثات ز براي اخبثين اســـــــت، و ليڪن طيبات از طيبين است؛
در اين دفتر نه ذکر خبثيات است، که اينجــــا جمله وصف طيبات است؛
دلا بر گرد کاين جنات ماواست، که گـندم رھزن آدم در ينجاست؛
در اينجا باز سر کــــن راه نــــو را، که مــــي دز دنــــد ايـنـــجــــا راه رو را؛
مکن ايدل در اين ره ســــر تماشا، تمــــاشــــائــــي شــــود گـم در تماشا؛
چو اين ره طي نميگردد رھاکــن، بسير دست و پايش دست پاکن.

اھڙي طرح، مير عظيم الدين دل کي حسن جي سموريءَ سراپا جو سير ڪرائي، مثنويءَ کي ھن طرح ختم ڪيو آھي:
بحسن خلق وبا عـشق الاھـــــــــي، کنــــــد مير زمان پيوسته شاھي.
خدايا کام خـسرو بــــاد شــــيرين، ز شيرين ميوھاي حسن رنگين.
بــــدولت خانهﻋ شــــھه بــــاد تــــيار، ھميشه شــــاھد دولــــت پــــرســــتار.
الاھــــي تــــاکه دور آســــمان بــــاد، بــــکام شـــاه و اخوانش روان باد.
چو نامم در گنه گاري عظيم است، چه خوش نامت بغفاري عظيم است.
آخري شعرن کان ڪجھه مٿڀرو ھي شعر به آھن:
اگر بر طبع خود نازم گناه است، بلند يھا ھمه از الطاف شاه است.
بــــافـــــضـال شــــھه، والا نــــگاھــــان، کشيدم سرمه در چشمه صفاھان.

(2) فتح نامه:
مير عظيم الدين انھيءَ مثنويءَ بعد ”فتح نامه“ تصنيف ڪيو، جنھن جي تصنيف جو سال 1209ھه آھي: شاھنامي جي بحر تقريباً ٻن سؤ صفحن تي آھي. مير ’مائل‘ جي بياض ۾ ان تصنيف لاءِ ڪوبه قطعو موجود نه آھي؛ بياض جا بعض ورق غائب آھن، ممڪن آھي ته اُنھن ۾ اھو قطعو به ھجي.

(3) ديوان ”عظيم“:
مير صاحب جو ھي پھريون ديوان آھي، جيڪو 1210ھه ۾ مڪمل ڪري، مير فتح علي خان جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو. انھيءَ ديوان جو پھريون نسخو، جنھن کي مير صاحب پاڻ مير فتح علي خان لاءِ مرتب ڪيو، ۽ مير ’مائل‘ ان جو قطعو چيو، سو منھنجي پيش نظر آھي. مير عظيم الدين، ديباچي ۾ لکيو آھي ته ”ھي حقير اڃا انھيءَ قابل نه آھي ته پنھنجو ديوان مرتب ڪري، ليڪن مير صاحب جو حڪم آھي، تنھنڪري جيترو ڪلام ھن وقت تائين گڏ ٿيو آھي، سو درج ڪيان ٿو: ھن وقت منھنجي عمر 40 سال آھي، ھن کان پوءِ جيڪي چوندس تنھن کي حاشيي تي لکندس.“ چانچه ديوان جي حاشيي تي سندس پنھنجي ھٿ اکرين ھر رديف ۾ پوءِ جا جوڙيل غزل درج آھن: پاڻ قطعو ھن طرح چيو اٿائين:
چو آغاز ترتيب ديوان نمود، مدد خواست دل از جناب احد،
دلــم بھر تــــاريخ آغــــاز آن، بــــگفتا ”عـلــــي العظيما مدد“.
1210ھه
ديوان جو پھريون شعر ھي آھي:
”اي در ھمه موجود هم از جمله مبرا، تو در ھمه پنھان وز تو ھر ھمه پيدا“.
219 صفحن تي غزل، 8 صفحن تي رباعيون، 50صفحن تي تاريخي قطعا، 71 صفحن تي قصيدا، منقبت، وغيره، 36صفحن تي سلام ۽ مرثيا، 14صفحا تاريخي قطعا، 16 صفحا مثنويون، 33 صفحا مثنوي ”سير دل“، 11 صفحا عريضه منظوم در خدمت مير صاحب، ۽ 10 صفحا ساقي نامو.
انھيءَ ساڳئي ديوان لاءِ مير ’مائل‘ ھيٺيون قطعو چيو آھي:
ديوان عظيم يافت خوش نظم، اين نظم نکو اَدا ببينيد“.
شد سال عظيم اين نکو نظم، ”ديوان عظيم ما ببينيد“.
1210ھه
ٻيو قطعو آھي:
ديــــوان مــــعانــــيﻋ عــــظمــــت، حق کرده عظيم چون عظيما؛
دل سال عظيم او سحر گاه، ”ديــــوان عــــظيم“ گفــــت حــقا:
1210ھه
مير عظيم الدين جو انتقال 1229ھه ۾ ٿيو، يعني ديوان جي مرتب ٿيڻ کان 19 سال پوءِ؛ ۽ ھي ديوان جنھن وقت جوڙيو ويو تنھن وقت اڃا چاليھن ورھين جو جوان ھو: تنھنڪري ڀانئجي ٿو ته انتقال تائين جيڪو ڪلام تيار ٿيو، سو ڪنھن ٻئي ديوان ۾ داخل ڪيو ويو ھوندو، ڇاڪاڻ ته ھن ديوان جي حاشيي تي تمام ٿورا غزل سندس ھٿ اکرين لکيل آھن.

(4) مثنوي ھير رانجھن:
ھيءَ مثنوي، 1214ھه ۾، مير صاحب تصنيف ڪئي. مير فتح علي خان جي زماني ۾، ۽ مير ڪرم علي خان جي دؤر ۾ ڪيترن سنڌي شاعرن انھيءَ قصي کي نظم ڪيو آھي. مير صاحبن جي فرمائش تي جيڪي مثنويون مرتب ٿيون سي آھن:

(1)مثنوي ھير رانجھن از مير عظيم الدين.
(2) ” ” ” از ولي محمد خان لغاري.
(3) ” ” ” از مير ضياﻋ الدين ”ضيا“ ٺٽوي.
(4) ” ” ” از منشي شيوڪرام ”عطارد“.
شاھه آفرين لاھوريءَ، ميان آزاد لاھوريءَ، ۽ نواب احمد يار خان ”يڪتا“ به ساڳئي قصي کي نظم ڪيو آھي. پويون صاحب مغل دؤر ۾ ٺٽي جو نواب ھو. سندس مثنوي سنڌ اندر مشھور ٿي، جنھن جي تتبع تي مير پنھنجي درٻاري شاعرن کان مٿيون مثنويون لکرايون. سڀ کان پھريون، مير فتح علي خان جي فرمائش تي، مير عظيم الدين قصي کي نظم ڪيو: مير ’مائل‘ انھيءَ مثنويءَ لاءِ ھيٺيون قطعو تصنيف ڪيو، جنھن ۾ ”يڪتا“ جي مثنويءَ ڏي به اشارو آھي:

طرفه در حسن و عشق رانجھن و ھير،
آمد اين تازه نامه زيب پذير؛
گرچه ز اين پيش خامهﻋ يکتا،
کرده است نظم نامهﻋ يکتا؛
ليکن اين نامهﻋ عظيم، ”عظيم“،
شد دو بالا به نزد طبع فھيم؛
ناظمِ اين رسالهﻋ رنگين،
مير بزمِ سخن عظيم الدين؛
طرفه در عھد فيض دولتِ شاه،
شاه گردون حشم سليمان جاھه؛
خُسروي سند، مير فتح علي،
فيض بخشي جھان به خوش عملي؛
چون به ارشاد خاص حضرت مير،
قدردانِ سخن بطبعِ مُنير؛
با روي سلطنت برادرِ شاه،
با سُليمانِ سند، آصف جاه؛
از کرم بخشيﻋ علي نازان،
مير دوران مراد بخش جھان؛
شد ز ميرِ محمد او دلشاد،
مرﱞدهﻋ شاديش ز يزدان باد؛
مير دوران غلام نام علي،
آنکه نامش بود غلام علي؛
داد اين نامه را بنظم عظيم،
طبق دلخواه زينتِ تنظيم؛
بھرِ تشريح سمال اين نامه،
کرد مائل بدست چون خامه؛
سال اين نامه گفت طبع منير،
”نامهﻋ حسن عشق رانجھن و ھير“؛
1214ھه
تاکه از حسن و عشق باد نشان
باد اين نامه يادگارِ جھان.
_ ص 80
ٻيو قطعو ھن طرح رقم ڪيو اٿائين:
به بحر مثنويﻋ نظم ”يکتا“،
عظيم آمد چو نظمِ حضرتِ مير؛
ز طبعم سر زد اين تاريخ تنظيم،
”زھي نو مثنويﻋ رانجھن و ھير“.
1214ھه

ٽالپرن جي نئين نئين بادشاھت قائم ٿي ھئي: ڪلھوڙن جون درٻاريون، انھن جي علم پروري، داد و دھش، شاعرن، اديبن، عالمن ۽ اھل فن جو اجتماع اکين سان ڏٺو ھئائون؛ انھيءَ دؤر جو پيدا ٿيل علمي ۽ ادبي ذخيرو سڀ سندن سامھون ھو؛ تنھنڪري ھنن لاءِ به لازمي ھو ته گنشته دربار جون سڀئي روايتون قائم رکن، جيئن ملڪ جو علمي طبقو کانئن خوش رھي، ۽ اڳينءَ سلطنت جي ختم ٿيڻ جو احساس ۽ افسوس سندن دلين مان نڪري وڃي.
ٽالپرن، پنھنجي دربار ۾، ملڪي خواه غير ملڪي، شاعر، اديب ۽ عالم ڪيترا آڻي گڏ ڪيا. ازنسواءِ پاڻ به علم جا شوقين، ادب مان شناسا ۽ شعر و سخن جي ميدان جا شھسوار ھئا؛ تنھنڪري نه فقط رسمي طرح قدر داني ڪندا ھئا، بلڪ انھيءَ معزز طبقي تي حقيقي طرح داد و دھش جي ورکا ٿيندي ھئي، ۽ سندن جائز قدر داني ڪئي ويندي ھئي.
مير عظيم الدين انھيءَ دؤر جو عظيم المرتبت شاعر ھو. سنڌ جيڪي چند اعليٰ پايي جا فارسي شاعر پيدا ڪيا آھن، انھن مان ھي به ھڪ ھو. ظاھر آھي ته مير فتح علي خان جھڙي سخي، دريادل ۽ قدردان جو ذاتي شاعر ھو؛ تنھنڪري عام شاعرن کان سندس مرتبو بلند ،۽ سخن پرور بادشاھه جي داد و دھش کيس فارغ البال ڪري ڇڏيو ھو. مير ’مائل‘ جي بياض مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته ٺٽي ۾ مير عظيم پنھنجي رھائش لاءِ نئين طرز جو نھايت ئي خوبصورت ۽ وڏي قيمت خرچي بنگلو ٺھرايو ھو؛ اھو بنگلو 1206ھه ۾ ٺھيو، جيڪو سال مثنوي ”سير دل“ جي تصنيف جو آھي. اھو پڻ ڏيکاري ٿو ته ٽالپرن، مير صاحب کي مالامال ڪري ڇڏيو ھو. انھيءَ بنگلي تي مير ’مائل‘ پنج قطعا چيا آھن؛ پھريون تمھيدي قطعو ھي آھي:

براي قصر تو اي مير ما عظيم الدين،
رساند طبع دعا گوي پنج قطعهﻋ سال؛
چو پنج قطعهﻋ که باشند پنج گنج گھر،
چو پنج گنج که ھستند پر ز گوھرِ قال؛
بحق پنجتن اين پنج گنج پر گوھر،
بطور ھديه ز داعي قبول کن ھر حال؛
اگرچه نسيت سزاوار عرضِ حضرت،ليک،
تو مقبلي و قبوليتت بود ز افضال؛
ھميشه باد وجودت درين مبارک قصر،
نظاره بخش احبا بدولت و اقبال. _ ص 82
(1) چو ميرن من شھهِ ملک سخن عظيم الدين،
بروي رسته بناي عظيم کرد بنا؛
شگفت از دل، احباب صد گلِ عشرت،
خليد خار تحسر بديدهﻋ اعدا؛
زھي خجسته بنائي زھي مبارک قصر،
............... تزئين ميان ارض و سما؛
چو ھست جلوه زنان نور ايزدي در وي،
بجاست گر بکنم نسبتش به بيتِ خدا؛
چه قصر آنکه مسما به ”بنگله اي“ کردند،
چه بنگله اي که بود رشک جنت الماوا؛
عمارتيست معلى به گنبدِ عالي،
زھي عمارت و خوش گنبديست نيک بنا؛
برنگ بيت مقدس پئي پرستشِ حق،
چه گنبديست معلق ميان ارض و سما؛
بحيرتم که چرا ھشت باب او کردند،
به ھشت باب نديد است کس گلستان را؛
نه بر زمين و نه بر آسمان مگر اين قصر،
به ھشت باب بھشتي است است درميانِ ھوا؛
ھزار نقش نکو درميان او موجود،
ھزار رنگ لطافت بفرق او پيدا؛
بھر چھار طرف صحن او وسيع السير،
که مرغ روح پئي سير او پرد به ھوا؛
برائي سير عجب سير گاهِ اين قصر است،
تو آن نمود بھر لحظه سير اين خوش جا؛
خصوص در شبِ مھتاب و موسمِ باران،
براي سير بود گلشنِ نشاط افزا؛
عجب مکان وعجب سير گاه صد گلشن،
که ھست ھر طرفش سير سبزهﻋ گلھا؛
کسي نديده چُنين گلشني به روي زمين،
کي ھست ھر گلِ اُو رشک صد گلِ رعنا؛
چه گلشني که در او مي وزد ز جمله جھات،
نسيم لطف الاھي برنگ باد صبا؛
درش گل ست وجدارش گل ست وسقفش گل،
نھاده اند درين قصر فقش صد گلھا؛
بربِ کعبه عجب معبديست عالي شان،
دروست شانزده محراب طاعتِ مولا؛
بموقع است اگر چار سوش محرابت،
که ھست چار لطف روي اھل دل بخدا؛
کسي نديد بيک بيت شانزده محراب،
براي طاعت، حق لا الـﮧ الا الله؛
عجب مبارک جائي ست اين بناي عظيم،
عجب خجسته بنائي است اين مبارک جا،
دلم به مرﱞدﻋ تعمير اين بناي عظيم،
”عجب بناي خجسته“ بگفت سال بنا:
1206ھه
ھـــميشه باد خــــدايا بدولت و اقبال،
چنين بناي مبارک بصاحبش برپا.

مٿئين قطعي مان معلوم ٿئي ٿو ته انھيءَ عمارت کي بنگلو سڏيو ويندو ھو. غالباً انگريزي تمدن جي آمد جو اِھو پھريون مثال آھي. بنگلو لب سڙڪ ھو، ڇت جي وچ تي ھڪ عاليشان گنبذ ھئس، چوڌاري اٺ درواز ھئس، چؤ طرفو صحن ايڏو ڪشادو ھئس جو سير تفريح لاءِ نه فقط ماڻھو بلڪ روح به پرواز ڪري تماشي ڏسڻ جي تمنا ۾ رھيو ٿي؛ چئني طرفن کان اُن جي بھشت نما باغ به ھو، جنھن جي سير جو لطف شب مھتاب ۽ موسم باران ۾ روح کي راحت پھچائيندو ھو. باغ ايڏو ڪشادو، وسيع ۽ دلڪش ھو، جو شش جھان جي ھوا جڏھن اتي پھچندي ھئي. ته اندر نسيم ۽ صبا جو روپ اختيار ڪري داخل ٿيندي هئي درن، ديوارين ۽ ڇت تي گلڪاريءَ ۽ چٽساليءَ جو باغ وبھار ڪيو ويو ھو، اندر لنگهڻ سان ماڻھو حيران ٿي ويندو ھو.
(2) چو ھست بنگله مير ما عظيم الدين،
عجب مکان عظيم و عجب نشانِ عظيم؛
دلم بمرﱞدهﻋ اين خوش مکان و خوش منظر،
بگفت سال عظيمش ”عجب مکان عظيم“:
1206ھه
ھميشه باد خدايا چنين مکان بمکين،
مکان عيش و مسرت درين جھان عظيم.
(3) عظيم الدين محمد مير خوش فکر،
عــــجب جــــاي نکــــو فــــرمود بــــرپا؛
چو دارالعشرت است اين جاي پر عيش،
شــــد ايــــن اســــمِ مــــبارک سال اين جا؛
ھميشه باد يا رب صاحبِ اُو،
دريــــن ”جــــاي مبــــارک عــــشرت افــــزا“؛
1206ھه
(4) عــــزيز مصر سخن مير ما عظيم الدين،
عجب بناي مکاني بطور قصر نمود؛
زھي مکان عجب آنکه سال تعميرش،
”عجب مکان زھي خوب قصر“ دل فرمود؛
1206ھه
ھميشـﮧ باد خدايا برائي صاحبِ اُو،
تمام ساز مسرت درين مکان موجود.
(5) چو مير خيسروِ ملکِ سخن عظيم الدين،
زھي مکان خجسته بدھر کرد بنا؛
براي سال بناي چنين مکان عظيم،
که بھر سير توان گفت جنت الماوى؛
دلم بياوريﻋ پنجتن ز ھاتف غيب،
”زھي مکان خجسته“ شنيد نيک صدا:
1206ھه
بحق پنجتن، پاک مير صاحب آن،
ھميشه باد درين نو مکان نشاط افزا ! ص 82
مير عظيم الدين جي انتقال جي تاريخ جو ھن وقت تائين پتو ڪونه ھو. ممڪن آھي تڪملهﻋ مقالات شعرا جي صنف ان جي خبر ڏني ھجي؛ ليڪن چونڪه ڪتاب دستياب نه آھي، تنھنڪري ان جي مندرجات کان اسان بيخبر آھيون. مير ڪرم علي خان، مير حسن الحسينيءَ کان ھڪ تذڪرو ”زبدة المعاصرين“ جي نالي سان 1240ھه ۾ مرتب ڪرايو؛ ان ۾ چند سٽون، مير عظيم الدين لاءِ به لکيون ويون آھن، جنھن ۾ سندن سال وفات 1234ھه ڏيکاريو ويو آھي؛ مصنف لکي ٿو:
”سندي اصلش، از ديول (ٺٽه) مي باشد، و در کمال فصاحت وبلاغت و سخن پردازي عديل و نظير نداشته، و آخرالامر بمرض سوزناک (؟) بعالم بقا ر حلت نموده در 1234ھه.“
مير ’مائل مير عظيم جي انتقال تي ھڪ طولاني مسدس لکيو آھي، جنھن مان معلوم ٿئي ٿو ته سندس انتقال 1234ھه ۾ نه بلڪ 1229ھه ۾ ٿيو؛ مير ’مائل‘جي ھن فقري مان به ساڳيو سال نڪري ٿو: ”و ھو العلي العظيم بجوده“. _ص 114
مير ’مائل‘ھي مرثيو چيو آھي:
افسوس کاين زمان دگر از خواھشِ قضا،
بعد از گلذشتنِ مهِ عاشوره بلا؛
در غرهﻋ صفر که بود ھم مهِ عزا،
دردِ عظيم کرد جھان تعزيت سرا؛
کاين ھردو ماه ماتم سبطين اعظم اند،
ماه محرم و صفر از بھر ماتم اند.
زين ماتمِ عظيم که در آل مصطفى است،
فرياد يا حسين و حسن باز جابجاست؛
چون ورد اين دو نام پئي درد دل دو است،
نامِ شھهِ حسين و حسن ورڊ دل بجاست؛
ايدل بجاست گر نه تواند ز غم عظيم،
کردم بيان درد شھان ماتم عظيم.
روزِ وفات آن سخن آراي نکته دان،
از درد فرقتش که شده عام در جھان؛
ميگفت خاص و عام ز ھر پير وھر جوان‘،
اين فرد درد وردِ دل و جان بصد فغان؛
کاين مشعلِ عظيم چرا کرد گل قضا،
کز روشنيش بزم سخن داشته جلا.
آن واقفِ رموز سخن فخر صد کليم،
ناميﻋ اھل فطرت با شوکتِ عظيم؛
شيداي طرز ھر سخش ”قدسي“ و ”سليم“،
مداح خاص احمد و ھم آلـﮧ الکريم؛
چون در جنان باھل سخن کرد سر سخن،
بشنيد بارک الله ز تحسين بھر سخن.
از بسکه ’حب خاص علي العظيم داشت،
و از شوق ياد نام حبيب کريم داشت؛
حب علي و آل عظيمش صميم داشت،
ز الھام روح قدس تخلص ”عظيم“ داشت؛
روح القدس بسال وفاتش ز غيب زود،
گفتا ”بجا محب علي العظيم بود“.
1229ھه
چون واصل ودود شد از غايتِ وِ داد،
آن شاد دل بمرﱞدهﻋ صد وصل دل نھاد؛
نام آور ديار عظمت بصدر شاد،
کز نام او محبت اينست مستفاد؛
وسالِ وصال باز خرد بھر اين غمين،
فرمود ”با ودود وصالِ عظيم بين“.
1229ھه
چون اھل درد بود و دردِ عظيم داشت،
با خويش درد عشق بھر دم نديم داشت؛
دردِ شھادت شھدا مستقيم داشت،
با اھل درد ربطهِ دلي از قديم داشت؛
سالش ز درد مائلِ غمگين بلوح غم،
”دردِ عظيم“ کرد رقم با سرِ آلم.
1228 ھه ( 1228+1= 1229ھه)

اين سخت شد عزا که چنين صاحبِ کمال،
يکبارگي بفضلِ کمالات قال و حال؛
داده بجان اھل عزا داغ صد ملال،
از غم برسته شد بجنان شاد در وصال؛
او شاد در وصال و من اندر غمش غمين،
خوش گفته اند شادي باغم بود قرين.
اي واصل جناب علي العظيم ما،
در ماتمت ز عرش عظيم آمد اين صدا؛
کاين غمکش عظيم شھيدانِ کربلا،
در کربلا بسيد شھدا ست دائما؛
بنمود مقبلت چو حق اي محتشم کلام،
بشنو ز جان ”مائلِ“ حق عرض صد سلام.
چون در عزاست فاتح خواني ز لازمات،
و از لازمات فاتحه خواني بود صلوات؛
بر مصطفى و آل و بھر فرد کائنات،
پس بر صلوات ختم کلامست و واجبات؛
صلوا علي النبي مع الاَل صبح و شام،
کاين ختمهﻋ عظيم شود مغفرت پيام. _ص114
ھن مرثيي مان معلوم ٿيو ته مير صاحب جو انتقال، 1 صفرالمظفر 1229ھه جو ٿيو، ۽ ان وقت سندس عمر 67 ورھيه ھئي.
مير ضياءُ الدين ”ضيا“ ٺٽوي: مير ضياءُ الدين ”ضيا“، مير علي شير جو ڀاءُ ۽ مير ’مائل‘ جو چاچو ھو. مير عظيم الدين جي انتقال واري سال ۾، سنڌ جي ھن ٻئي قادر الڪلام شاعر جو به لاڏڻو ٿيو، ۽ سنڌ کي ھڪ ئي سال ۾ ٻن بي مثل ۽ وڏن فارسي گو شاعرن جي رحلت جو داغ دل تي سھڻو پيو. سنڌ جي آسمان ادب جا اھي ٻيئي آفتاب ۽ ماھتاب ھڪ ئي سال ۾ ھڪٻئي پٺيان راھه رباني وٺي ويا.
مير ضياءُ الدين، صاحب ديوان شاعر ھو، ۽ ھير رانجھي جي قصي کي به مثنويءَ جي بحر ۾ نظم ڪيائين. مير ’مائل‘سندس انتقال تي ھيٺيون قطعو چيو:
دم تسليم جان حضرت عمويم،
که در ھجرش دلم اين داستان گفت؛
بوصفش اکمل الاَل از ....... تفضل،
ز دل ھر اھل فضل اندر جھان گفت؛
ز دنيا رفت چون در قصر جنت،
بحق لبيک وصل از شوق جان گفت؛
ضياي دين بروحش باد ھمدم،
ز دل روح القدس باصد زبان گفت؛
بعونِ پنجتن زان سال وصلش،
”ضياﻋ الدين محمد في الجنان“ گفت؛
1229ھه
بحق پيوسته از خوبيﻋ دارين،
به نزد حق دعاي دوستان گفت؛
بحق ”مائل“ بحق بادا بدارين،
به ارباب حق آن جنت مکان گفت؛
بگاه ختمهﻋ غفرانش الحق؛
عفاک الله پئي اين ختمه خوان گفت؛
(2)
قبله ام چون بوصيت ز اين پيش،
چند از کار شفاﻋالدين گفت؛
سالِ وصل خود خود آندم با من،
”در جنان جاي ضياﻋالدين“ گفت؛
1229ھه _ ص 115
”در جنان جاي ضياءُ الدين“ جو فقرو مير ضياءُ الدين پاڻ چئي ويو ھو.
مخدوم نور محمد بوبڪائي: بوبڪن جو جيد عالم، شاعر، شعر و سخن جو دلدادو، يارن جو يار، دوستن جو دلدار، مخدوم نور محمد بوبڪائي، مير ڪرم علي خان جي دور جو شاعر ھو، ۽ مير ’مائل‘ جو خاص دوست ھو؛ سندس تخلص ”نور“ ھو: ”محڪ خسرويءَ“ ۾ سندس ڪيترائي غزل منتخب ڪيل آھن. سندس شاعريءَ جو رنگ ھي آھي:
رخ از نقاب کشا با ھزار ناز و ادا،
پئي قرار دلِ بيقرار مي آيد.
مير ڪرم علي خان، ھڪ غزل غالباً ’واردات‘ ۾ چيو:
ديدم آن نازنين شبي به شکار،
سروقد، گل عذار و مه رخسار.
مخدوم نور محمد ھيٺيون غزل تصنيف ڪيو، جو پڻ ’واردات ٿو ڏسجي:
دوش ھِندُو زني پري رخسار،
گشت با من بشھر ڻھڻه دوچار؛
گلعذاري که از دو نرگس اُو،
فتنه را بود گرميﻋ بازار؛
تير مرﱞگان آن کمان ابرو،
ھر دلي را که يافت کرد شکار؛
کفتمش اي نگار نام تو چيست؟
گفت با نام من چه داري کار!
گفتم اي شوخ اين چه بي رحميست،
که مسافر چنين نمودي زار،
حاليا چون شکار تو شده ام،
باز از دست خود مرا مگذار!
گفت شيون به کار تو نايد،
جز بصيرت نمي برآيد کار!
گفتمش صبر من نماند بمن،
گفت بي صبر کي بود ھوشيار!
شوخيش چون زحد فزون ديدم،
روي گردان ازان شدم ناچار!
”نور“ از تته شو برون که مباد،
کردت حال شيخ صنعان وار!
چند شعر ملاحظه ٿين:
جورِ چشمِ خوابناکِ يار، ما دانيم و دل،
جنبشِ اين فتنهﻋ بيدار، ما دانيم و دل؛
دل نميدانست بندِ عقل دور انديش را،
آنچه اکنون ميکشد آزار، ما دانيم و دل.
* * *
ترا من وفـــــادار انگاشتم، سراسر غلط آنچه پنداشتم.
* * *
کم ز قيامت نتوانم شمرد، فتنهﻋ آن قيامتِ دلجوي تو.

* * *
اي ز تابِ حسن شوخت خيره چشمِ آفتاب،
و ز بھار عارض تو خانـﮧﻋ گلشن خراب!
نادرشاھه ايرانيءَ جي خونريزي ۽ خاص طرح دھليءَ جي بربادي ضرب الثمل ٿي چڪي ھئي. نادرشاھه جي گهوڙن سنڌ کي به تاخت تاراج ڪري ڇڏيو ھو. سنڌ جي ڪيترن شاعرن نادرشاھه جي آمد ۽ ان جي قتل تي تاريخي قطعا چيا، جن مان نادرشاھي واقعات جو سنڌين جي دل دماغ تي جيڪو اثر پيو، ان جو اندازو ٿي سگهي ٿو. مخدوم نورمحمد، نادرشاھه جو نالو پنھنجي شعر ۾ ھن طرح استعمال ڪيو آھي:
کرد غارت دھليء دل آن شھهِ مھه پيکران،
شوخِ من اندر ستم کمتر ز نادرشاه نيست.
مير ڪرم علي خان جي دؤر ۾، حيدرآباد جو وڏو عروج ھو. ٽالپري دربار اقبال منديءَ جي آسمان تي پھتل ھئي. مير صاحب پاڻ به شاعر ۽ شاعرن جو قدر دان ھو. سڄيءَ سنڌ جا سخنور حيدرآباد ۾ اچي جمع ٿيا. درباري اميرن ڪيترا پڻ شاعر نواز ھئا. حيدرآباد ان زماني ۾ شيراز جون سڪون لاھي رھي ھئي. ھر علم دوست جو گهر، ادبي ۽ علمي ڪچھرين لاءِ کليل ھو. نواب ولي محمد خان، ميان يوسف خدمتگار، خسروبيگ، سيد ثابت علي شاھ، ميان رفيق سبزي فروش، سيد صابر علي شاھه ”صابر“، ديوان صاحب راءِ ”آزاد“، مير غلام علي ”مائل“ سڀ حيدرآباد ۾ موجود ھئا. مير ڪرم علي خان، مير غلام علي خان، ۽ مير مراد علي خان ٽيئي ڀائر ، نه فقط قدردان بلڪ پاڻ به سخن سنج ھئا.
مخدوم نورمحمد رھندو ته حيدرآباد ۾ ھو، ليڪن گهر گهاٽ اڃا به بوبڪن ۾ ھئس، تنھنڪري اچڻ وڃڻ پيو ٿيندو ھئس. دربار جي قدردانيءَ، احبابن جي اصرار، ۽ حيدرآباد جي علمي مجلسن جي ڪشش، مستقل طرح، کيس بوبڪن مان لڏي پلاڻي حيدرآباد ۾ آڻي ڪڍيو. مير ’مائل‘سان گهڻي دل گهريائي ھيس. جڏھن لڏي آيو، ان وقت خوشيءَ وچان مير ’مائل‘ھيٺيان قطعا تصنيف ڪيا:

(1)
مرﱞده، آن ماه اوج فـــــضل وکـــــمال، از رهِ مـــــھـــــر مـــــھـــــربـــــان آمد.
خـــــوش بـــــخـــــير آمـد و ز آمدنش، مـــــرﱞدهﻋ نـــــو بـــــه مخلصان آمد.
دســـــته دســـــته بـــر او دعا و سلام، ورد بـــــلبـــــل بـــــه گــــلستان آمد.
ورد احـــــباب، گـــــاهِ تـــــشريـــــفــــش، خيـــــر مـــــقدم ز شوق جان آمد.
مـــــرحـــــبا کان مھهِ سپھرِ شرف، چـون شرف بخشِ داعيان آمد.
نـــــامـــــش از يُمن نـــــور نـــــام نبي، ورد جــــــــــانِ مــــــــــوالــــيـــــان آمــــد.
والـــــهﻋ حــــــــــرف او دلِ احـــــــــبـــــاب، خـــــوش چـو واله گهر فشان آمد.
رفـــــت ز احـــــباب فـــــکر بـــــيکاري، رونــــــقِ نـــــو بـــــکـــــار شـــــان آمد.
مـــــرحـــــبا کـــــز ازل بـــــه مــــخدومي، فـــــضل و دانــــش ز ھمرھان آمد.
حـــــيـــدرآبـــــاد کـــــرده بنگـــــله اش، چـــــون در آنـــــجا ز بـــوبکان آمد.
”مائل“ حق ز فيض ملھم غيب، در مدحيش چو قطعه خوان آمد.
ديده اين قطعهﻋ موشـــــح گـــــفت، نام مـــــخدوم چـــــون عـيان آمد.
ھي قطعو موشح آھي: ھر شعر جو پھريون اکر وٺي گڏبو، ته ”مخدوم نورمحمد“ بر آمد ٿيندو.


(2)
اي آمدنت عيش جزاي احباب،
با عيش ابد کام رواي احباب،
خوش آمدي و کامده از آمدنت،
صد مرﱞدهﻋ کام از براي احباب!
(3)
از قدومت اي بمجد و اعتلا مخدوم عصر،
مرﱞدهﻋ صد خير و خوبي بخش احباب آمده.
خير مقدم کز نسيمِ لطف تو در شھر ما،
گلشنِکامم بکامِ طبع شاداب آمده.
باد از نورِ محمد نام تو روشن چو مھر،
در دعا ”مائل“ ز مھرت خوش شرفيات آمده.
(4)
اي دلت از پر توِ نورِ محمد با جلا،
.............. کام بخشِ اصدقا!
باد دائم بر سپھرِ نيک نامي کالقمر،
حرمتِ نورِ محمد نام پاکت با صفا.
(5)
اي ز رويت جلوه گر نورِ محمد از ازل،
وي ز نورت تا ابد روشن دلِ اھلِ امل،
شايدم پيش تو عرض عرض کارِ خويش ازانکه،
سعيﻋ اندر کار خير آمد بحق خير العمل.
_ ص 103
مخدوم نور محمد، حيدرآباد ۾ مستقل رھائش اختيار ڪرڻ کان اڳ، پنھنجي لاءِ 1217ھه ۾ جاءِ ٺھرائي ھئي؛ غالباً انھيءَ جاءِ جي تعمير ٿيڻ کان پوءِ، ھو لڏي پلاڻي آيو. اھو سال مير فتح علي خان جي به لاڏاڻي جو آھي: مير ’مائل‘ انھيءَ جاءِ جي تعمير تي تاريخي قطعو چيو:

چـــــــو مخدوم مـــــــــا نامدارِ زمـان، که نامش ز اخلاص دل دلنشين ست،
نــــــــــــموده بــــنا ايـن مبارک بنا را، که اندر صفا رشک خلدِ برين ســت،
....و او عطف آمده سالش الحق، ”مبارک مکان ومبارک مکين ست“.
1217ھه _ ص 83
مخدوم صاحب، جيد عالم، نادر روزگار حڪيم ۽ انھيءَ دور جو پرگو شاعر ھو. سندس حالات ڪٿي به ڪونه ٿا ملن. خدا رحمت ڪري مير ’مائل‘ تي، جنھن محض دوستيءَ جي حق ادا ڪرڻ خاطر، سندس سلسلي ۾ ڪي تاريخي قطعا لکيا؛ جنھن ڪري مخدوم صاحب جي زندگيءَ جي ڪن پھلوئن جي اسان کي ٿوري گهڻي خبر پئجي سگهي.
مخدوم صاحب کي غلام نبيءَ نالي ھڪ فرزند ڄائو؛ مير ’مائل‘ ان جي تولد تي ٻه تاريخي قطعا چيا:

(1)روز ميلاد اين خجسته خلف،
که بجان است غلام نام نبي؛
گفت سالِ ولود او طبعم،
”به ولا آمده غلام نبي“.
1222ھه
(2)حق داد چون بحضرت مخدوم نيک نام،
فرزند نيک بخت بکام دوام جفت؛
ارشاد باد مرﱞدهﻋ ميلاد اسعدش،
آمد ز فيض نورمحمد بدل شگفت؛
سال ولود اسعد آن نيک بخت زاد،
”بادا ابد غلام نبي کامياب“ گفت.
1222ھه _ ص الف
عيد براد ٿيندي ھئي، ته شاعر ٽالپرن جي خدمت ۾ عيدي قطعا پيش ڪندا ھئا، ۽ دوستن احبابن ڏانھن به موڪليندا ھئا. مير ’مائل‘ جا ڪيترا قطعا، مختلف عيدن تي، مير صاحبن جي نالي لکيل ملن ٿا. مخدوم صاحب سان چونڪ گهاٽو تعلق خاطر ھئس، تنھنڪري ھن ڏي به قطعا موڪليندو ھو؛ انھيءَ قسم جا ٻه قطعا سندس بياض ۾ ملن ٿا:
(1)
به مخدوميم بمن نورِ محمد،
چو حق کرد اين عيد اسعد سعيد؛
به افزونيﻋ عمر و اقبال دائم،
ز حق باد از عيش نو مستفيد؛
خدايا بکن مستجاب از کرم،
ز ”مائل“ بحق اين دعا روز عيد.
(2)
اي ز رويت جلوه نورِ محمد آشکار،
نور چشم حضرت يعقوب کنعان با وقار؛
بزم حکمت را مسيح و طور معني را کليم،
باشدت فضل و کمال از صدقِ نيت برقرار؛
در شب عيد اين دعا را گفتم و در روز عيد،
آمدم در حضرتت ز اخلاص دل مدحت گذار؛
باد مخدوما مبارک با تو اين عيد سعيد،
واز سعادت باد بختت را مبارک باد يار؛
تا بنامت باد وردِ دوستان اين قطعه ام،
باد نامت بالفضائل ناميﻋ به روزگار.
_ ص 86
مخدوم صاحب ۽ مير ’مائل‘ جي درميان منظوم محبت ناما به پيا ايندا ويندا ھئا. انھيءَ قسم جي خط و ڪتابت مان اھو پڻ اندازو ٿئي ٿو ته شاعريءَ سان سنڌ اندر ڪيتري نه دلچسپي ھوندي ھئي، ۽ شعر و سخن جو چرچو ڪيڏو نه عام ۽ زندگيءَ جي ھر پھلوءَ تي حاوي ھو. مير صاحب جي بياض ۾ چند قطعا انھيءَ قسم جا ملن ٿا، جيڪي مخدوم صاحب جي خطن جا جواب آھن:
(1)
تـــــــا که نــــــورِمــــــحمدِ مُــــرسل، در جھان ھمچو مھه منير بود؛
نام مخدوميم بفضل و کمال دائــــــما در جــــــھان شــــــھير بود؛
انــــــکه از بـــــس فراست و دانش، در حــــــضورِ شھان مشير بود؛
انــــــکه گــــــلزار نــــــظم رنـگينش، فــــــرحت افــــــزاي طبع مير بود؛
انــــــکه در دم فيض حکمت او، نــــــوجـــــوان کرد و انکه پير بود؛
در حـضورش ز ”مائلِ“ داعي، عــــــرض دعــــــواتِ دلپذير بود؛
ھر دو عالم بدستياريﻋ حق، دســــــت يــــــزدانش دستگير بود.
ھن قطعي مان مخدوم جي زندگيءَ جا ڪيئي پھلو روشن ٿين ٿا؛ مثلاً: طب ۾ کيس ايڏو ڪمال ھو. جو ھڪ دفعو ته پوڙھن کي به جوان ڪري ڇڏيندو ھو؛ مير ڪرم علي خان وٽ کيس تمام وڏي عزت ۽ درجو حاصل ھو، ۽ بطور مشير جي کيس سمجھيو ويندو ھو؛ سندس نظم مير ڪرم علي خان کي بيحد پسند ھئا؛ اھا ڳالھه ”محڪ خسرويءَ“ جي انتخاب مان به معلوم پيئي ٿئي، ڇاڪاڻ ته مير ڪرم علي خان ڪثرت سان مخدوم جي ڪلام کي پنھنجي خاص انتخاب ۾ جاءِ ڏني آھي.
مخدوم صاحب، ھڪ دفعي مير ’مائل‘ ڏي سلام موڪليا: جنھن ڏانھس سلامن کي جواب ۾ ھيٺيون قطعو موڪليو:
(2)
بحمد الله که حق کرد امجدِ دوران،
بمجد نورِ محمد مدام مخدومي؛
زبسکه جلوه فزاي ھزار رشد آمد،
شعاي نورمحمد بکام مخدومي؛
بگفت باد سلامت مدام با اولاد،
شنيده ”مائل“ داعي سلام مخدومي؛
بحضرتش بسلام اين دعاست عرض دلم،
ھميشه باد فزون احترام مخدومي.
(3)
اي صبا در گلشنِ اجلال مخدومِ انام،
عرض کن گلدستهﻋ دعوات داعي با سلام؛
آنکه از نورِمحمد روشن آمد نام او،
ھست چون خورشيد عالم تاب ازوي فيض عام؛
گنج حکمت مخزنِ اسرار صد فضل و کمال،
خسروي بزم فضائل شاعرِ رنگين خيال؛
باد نامش روشنِ عالم بصد مجد و علا،
تاکه از نورِمحمد دارد اين عالم ضيا.
(4)
در خــــــدمت خــــــدام جــــــنابِ مــــــخـــــدوم،
از ’مائل‘ مشتاق ز جان عرض سلام است. _ ص 103
مخدوم دين محمد بوبڪائي: معلوم ائين پيو ٿئي ته ھي بزرگ به مخدوم نور محمد جو ڀاءُ يا ويجھو عزيز ھو. فضل ۽ ڪمالات جو صاحب ۽ بزرگ فطرت انسان ھو. طب ۾ کيس خاص درڪ حاصل ھو. جڏھن مير فتح علي خان آخري بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيو، ان وقت ٻين وقت جي طبيبن سان گڏ ، مخدوم صاحب به وٽس موجود ھو(1). مير ’مائل‘ سان ھن صاحب جو گهاٽو تعلق ھو. جڏھن وفات (1229ھه) ڪيائين، ان وقت مير ’مائل‘ ٻه تاريخي قطعا تصنيف ڪيا:
(1)
بحکم خواھش حق ناگهان چو مخدومي،
ز صدر فضل و کمالات عزم رحلت بست؛
ز شوق دل که بدينِ محمدي مي داشت،
چو اھل دين بحق آمد وصال او سر دست؛
مروش سال وصالش بگفت باسرِ ”آه“،
”ز شوق دين محمد ببين بحق پيوست“.
”1+1228= 1229ھه“
(2)
چون زين جھان شده شادان بوصل حق مخدوم،
که درجنان بحقِ دين ز اھل ارشاد ست؛
سروش سال وصالش ازان چنين فرمود،
”بلي که دين محمد ز وصل حق شاد ست“.
1229ھه _ ص 115
مخدوم مير محمد جي نالي تي به بياض ۾ ھڪ قطعو ملي ٿو؛ غالباً ھي مخدوم صاحب به مخدوم نورمحمد جي ئي آڪھه مان ھو:
اي که نامت به محمد شده مخدوم زمان،
ياورت مير، محمد بود اندر دو جھان،
طرفه در شوق ملاقات شريف از مدت،
بود است نام شريفِ تو مرا ورد زبان،
شکر الله که کنون بر وفقِ خواھشِ دل،
خواھشِ خاطرِ من يافت حصول شايان،
بعد ازين به که بشکرانهﻋ اين دولت خاص،
بکنم شغل دعاي تو ابد از دل و جان،
باد از مکرمتِ دولتِ نيکو نامي،
نامِ پاک تو ابد نقش نگينِ دوران،
ھست ھر خادمِ در گاهِ تو چون مائل حق،
”مائل“ از زمرهﻋ خدام تو بادا ھر آن.
_ ص 100
مخدوم نور محمد صاحب جو انتقال 1230ھه ۾ ٿيو. دوست احباب صدمي ڪري نيم جان ٿي ويا. ادبي محفلون ۽ علمي مجلسون ختم ٿي ويون. حيدرآباد ۾ سندس وجود به ھڪ مرڪزي نقطي جي حيثيت ٿي رکِي. چئن طرفن جا دوست احباب، يار ۽ اغيار، شاعر ۽ اديب، وٽس ھر وقت موجود رھندا ھئا. اھو ھماھميﻋ جو سڄو مرڪز، سندس انتقال تي بند ٿي ويو. دوستن ۽ شاعرن انھيءَ حادثي تي گهڻو ئي ڪجھه چيو ھوندو، جنھن جو اسان کي پتو ڪونه آھي؛ البته مير ’مائل‘ جيڪي چيو سو ھي آھي:

(1)
کجا شد انکه ز دل مخلصِ دعاگو بود،
دريغ آه در اين فرقتش بھرحال است؛
مگر گذاشته با آل صدر مخدومي،
که از بنا بجھان ارث اھل افضال است؛
ز يمن نورمحمد که نقش نامش بود،
جلائي بخش وصال جنان به اجلال است:
سروش غيب چنين قال وصل او فرمود،
”وصال نور بنورِ محمد و آل است“:
1230ھه
کند ز ”مائل“ حق تا حق اين دعا مقبول،
دعاي مغفرتش وردِ دل مھه و سال است.
(2)
چو ناگهان ز قضا اھلِ فضل را مخدوم،
که بود ماميﻋ دوران ز صغرتِ ذاتي؛
ببخت آمد و واصل بحق پس از رحلت،
بحق نورمحمد شفيع عرصاتي؛
کشيده سر ز الم گفت ھاتفم تاريخ،
”بده بنورمحمد ز دل تحياتي.“
1230ھه _ ص 115

سيد ثابت علي شاھه:
سيد ثابت علي شاھه، ڪلھوڙن جي آخري دور ۽ ٽالپرن جي ابتدائي دور جو مرثيه گو شاعر ھو. سنڌ ۾ مرثيي کي رواج، بطور صنف جي ھن صاحب ڏنو. سنڌي، فارسي، سرائڪي ۽ اردو زبان تي ڪامل قدرت حاصل ھيس. جيڪڏھن سيد صاحب کي سنڌ جو مير انيس کڻي چئجي ته بيجا نه ٿيندو.
اصل ملتان جو ھو، جتي 1153ھه ۾ ڄائو. مدار علي شاھه جو پٽ ۽ نورمحمد شاھه جو پوٽو ھو. نواب اعظم خان سان گڏجي سنڌ ۾ آيو. جڏھن نواب صاحب، صوبه داريءَ جو مدو ختم ڪري واپس ويو، تڏھن سيد ثابت علي شاھه ساڻس گڏ واپس وڃڻ جي بجاءِ ھتي رھجي ويو، ۽ سيوھڻ ۾ مستقل طرح سڪونت اختيار ڪيائين. ڪجھ وقت کان پوءِ سندس والد، ۽ سندس ڀاءُ سيد پريل شاھه به مستقل طرح سنڌ ۾ ھليا آيا. سيد صاحب فارسيءَ ۽ عربيءَ جو عالم ھو. ڪلھوڙن جي دور ۾ کيس سرڪاري وظيفو ملندو ھو. ٽالپرن به ان دستور کي سندس زندگيءَ تائين جاري رکيو. مير ڪرم علي خان سندس قدردان ھو. ٽالپرن خانوادي جا بعض افراد چونڪ پاڻ شيعا ھئا، تنھنڪري انھيءَ دؤر ۾ سندس شاعري خوب چمڪي. کيس ٻه پٽ ٿيا، ھڪ امداد علي شاھه ۽ ٻيو احسان علي شاھه. امداد عليﻋ جو اولاد اڃا به ھليو اچي ٿو. ھن وقت جيڪو صاحب حيدرآباد ۾ ٽالپري مقابرن جو خادم آھي، سو انھيءَ فرزند جي شاخ مان آھي، ۽ ان جو به نالو امداد علي شاھه آھي. سيد صاحب جو نسب نامو ھي آھي:


سيد صاحب سان مير ’مائل‘ جا ڪافي تعلقات ھئا. مير صاحب جي بياض ۾ چند قطعا سندس سلسلي جا به ملن ٿا. 1219ھه ۾، سيد صاحب ايران ۽ عراق ڏانھن زيارتن تي ويو؛ جڏھن واپس وريو، ان وقت مير صاحب ھيٺيون قطعو تصنيف ڪيو:
آمده ثابت علي چونکه بمجد و علا،
باز ز ايران بسند طرفه بکامِ جلي؛
سال قدومش بند ھاتف غيبم سحر،
گفت ”بمجد و علا آمده ثابت علي“.
1219ھه _ ص 118
مرزا قليچ بيگ جي قول مطابق، سيد صاحب 27 جمادي الثاني 1225ھه جو انتقال ڪيو _ (قديم سنڌ، 288). مير ’مائل‘ سندس وصال تي ٽي قطعا چيا:

پيش ازين چون محب خاص علي، داعـــــيﻋ مـــــــــــير ما بصدق جـــــلي،
ثــــــابـــــت الحـــــب صـــادق الايمان، آنکه نامش شود ز سال عـــــيان،
مـــي شــد از سد در زمان حيات، بـــــزيـــــارات روضــــــﮧﻋ حـــــــضرات،
در دم عـزم رفتنش في الحال، شده ”ثابت علي صادق“ ســـال:
1208ھه
باز چـــون کرد اين شرف حاصل ســـــال ديـــــگر بسـند شد واصــل،
سال اين خوش قدوم صدق نشان، شد ز ”ثابت علي بصدق“ عيان:
1209ھه
اين زمان باز چون بحکمِ قضا، که بصدقِ دل است مقامِرضا،
بـــــا ثبـــــوتِ ولا و صـــــدق دلـــي، آن مـــــحبِ عـــــلي و آلِ عـــــلي،
از بــــــراي زيــــــــــارت شــــــــــاھــــــــــان، کـــــرد رحـــــلت ازيــن جھان بجنان،
ھـــــاتفم گـــــفت ســـــال رحلت اُو، ”ھــــــاي ثابت عليﻋ صادق“ گو:
1225ھه
در جنان باد دائــــم آن مـــــقبول، داعـــــيﻋ آســـــتانـــــه آلِ رســـــــــول،
خاصه در حضرتِ شھان دايم، بـــــاد داعـــــيﻋ مـــــير بـــــزمِ کرم،
”مائل“ حق بيادش از اخـــلاص، خواھد از حق ابد شفاعت خاص.
_ص 112
ھن قطعي جن ذريعي معلوم ٿئي ٿو ته 1208ھ ۾ به، سيد صاحب، امامن جي زيارتن تي ويو ھو، ۽ 1209ھه ۾ واپس آيو. مير ’مائل‘ جو ٻيو قطعو ھي آھي:
چون محبِ شاهِ دين مداحِ آلِ مصطفى،
آنکه از صدقِ حقيقت در محبت داشت جوش،
رفته از دنيا بجنت گشته ھمبزمِ علي،
ساغرِ وصل از کفِ ساقيﻋ رضوان کرد نوش،
سال وصلِ آن محب واصلِ بزمِ علي،
گفت ”ھمبزمِ علي ثابت علي بادا“ سروش.
1225ھه _ ص 112

محمد يوسف خدمتگار:
ميان يوسف ،مير محمد خان جو ملازم ھو. ملازم ڇا بلڪ دوست، ساٿي، سنگتي ۽ نديم خاص ھو، ۽ ساڳئي وقت مير صاحب جو ڪوڪو يعني ٿڃ ڀائي به ھو. مير غلام علي خان کي مير محمد خان جڏھن ڄائو (1209ھ)، ان وقت يوسف 7_ 8 ڏينھن جو ڄاول ٻار ھو. حرم سراءِ ۾ کير جي قلت ھئي، تنھنڪري ميان يوسف جي والده کي شھزادي کي ٿڃ ڌارائڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. محمد يوسف ذات جو منگواڻون ھو. سندس والد جو نالو محمد صالح ھو. تعليم ۽ تربيت به ٻنھي گڏ حاصل ڪئي. محمد يوسف، فارسيءَ ۽ عربيءَ جي تڪميل ڪئي ھئي. سڄي زندگي، مير صاحب جي خذمتگاريءَ ۽ رفاقت ۾ بسر ڪيائين، جنھنڪري ميان يوسف، خذمتگاري جي نالي سان مشھور ٿي ويو. ”ٽنڊو يوسف“ سندس ٻڌايل آھي. مياڻيءَ جي جنگ کان اڳ، انگريزن وٽ. مرزا خسروءَ سان گڏ ايلچي ٿي ويو ھو. سندس پٽ محمد صالح(1) مياڻيءَ جي جنگ ۾ شامل ھو.
ميان صاحب فارسيءَ جو صاحب ديوان شاعر ھو. مثنوي ”ماه و مشتري“ به سندس تصنيف آھي: ان مان معلوم ٿئي ٿو ته قادر الڪلام شاعر ھو. سندس شعر جو رنگ ھي آھي:
بُتي آشوب دين غارتگرِ دل فتنهﻋ ايمان،
ستم کيشي، جفاکاري، بلائي کرده ام پيدا.
* * *
نقش روي تو نشد از لوح دل زائل ھنوز،
گرچه عمري شدکه از يادت فراموشيم ما.
رفتي و باز ندانم که چه ادفتاد آنجا،
که نکردي ز منِ سوخته دل ياد آنجا.
* * *
اي بادِ صبح، بنما کز يار تا چه داري،
شد مدتي نديدم آن يار آشنار را.
* * *
از قيام تو قيامت بجھان گشت عيان،
وز خراميدنِ سرو توِ خراميده بلا؛
عشوه ناز تو تنھا نه بلاي جانھا ست،
خط بلا، خال بلا، زلف تو گرديده بلا؛
بک بلا نيست که آنرا بشمارم ”يوسف“،
ھست سر تا به قدومش ھمه برچيده بلا.
* * *
آھسته نه قدم که مبادا شود تباه،
نورِ نگاه خلق ھمه فرش راه تست؛
کردن نگاه بر رخِ خوبان گناه من،
دل بُردن و نگاه نه کردن گناه تست؛
معلوم نيست شب بکجا باده خوردهﻋ،
مخمور مي نمائي و چشمت گواه تست.
* * *
بھاي بوسهﻋ لعلِ لبِ تو صد جان گفت،
ھزار جان بفداي تو وه چه ارزان گفت؛
ھزار گونه گل اطراف بوستان بشگفت،
بگوش غنچه ندانم صبا چه پنھان گفت؛
ز سلسبيل و جنان ترک گفت بتوان ليکه،
به ترک شاھد و ساقي حديث نتوان گفت.
* * *
شمع از بيکسي و سوز من آگاھي يافت،
که ببالين من امشب ھمه شب زار گريست.
* * *
خوش آن شبي که ترا تنگ در کنار کشيم،
سحر بروي تو ديدن چه فال ميمون ست.
* * *
نقاش صنع خواست کشد تاکه نقش او،
بر قامتش رسيد قيامت کشيد و رفت.
ياران نظر کنيد که آن سنگدل چسان،
بر رغم غير رشتهﻋ الفت بريد و رفت.
* * *
يا ندارد بجھان روزِ فراقت پايان،
شبِ ھجرانِ ترا يا سحري نيست که نيست.
* * *

ني ھواي بوستانم ني سر رفتن بباغ،
تاکه افتادم بدامت گلشنم از ياد رفت.
* * *
نه فصل گل نه نسيمِ بھار شد باعث،
بباده خوردنم امروز يار شد باعث
* * *
شب خيالت در برِ من بود ھمدم تا سحر،
بستر و بالين من چون گلشنِ کشمير شد.
* * *
جھان و ھرچه درو منزلِ شکر خوابست،
پياله گير که دنيا چو نقش بر آبست.
* * *
در کوي تو ھر کس که گذر داشته باشد،
حاشا که بفردوس نظر داشته باشد.
* * *
بھار شوق بديدن نمي شود آخر،
حديث گل بشنيدن نمي شود آخر.
* * *
خورم آن روز که يارم بکنار آيد باز،
دلِ سودا زدهﻋ من بقرار آيد باز.
* * *
برون ز ديده پر خون نمي شوي، چکنم:
فرامش از دلِمحزون نمي شوي، چکنم!
چنان گرفت خيالِ تو نقش در خاطر،
که ھيچ وجھه به بيرون نمي شوي، چکنم!
* * *
دل ز دستم برده و دادم ز کف صبر و قرار،
باز آن نامھربان بر غارتِ دين ميرود.
* * *
صد شکوه بدل داشتم از جورِ رقييان،
ليکن چکنم فرصتِ اظھار نديدم.
* * *
ميان محمد يوسف جو، مير نصير خان (تولد، 14 محرم 1219ھ) بن مير مراد علي خان سان به خاص تعلق ھو. مير صاحب پاڻ به ڪيترن ڪتابن جو مصنف ۽ شعر وسخن جو دلدادو ھو؛ ”جعفري“ تخلص ڪندو؛ ڪيترا شاعر، اديب جو انتقال، 7 ربيع الثاني، 1261ھه جو، ڪلڪتي جي قيد خاني ۾ ٿيو. ميان يوسف، پنھنجي ڪيترن شعرن ۾ مير صاحب جو نالو آندو آھي:
نامور ميرِ نصير آن کز کفش درگاه جود،
خازنِ کان منفعل شھد بھر دُ ر فرياد رفت؛
”يوسف“ از جور و جفايت بس بجان آمدازان،
بر درِ ميرِ زمان امروز بھرِ داد رفت؛
”يوسف“ از مدختِ داراي زمان ميرِ نصير،
پس گهر در سرِ اين رشته کشيدن باقيست.
* * *
يوسف بمدح شه شده طبعم چو گلشني،
کز خامه ام چکيد بھر سو ھزار گل؛
داراي دھر مير محمد نصير خان،
کز دست جود او ست طراز، بھار گل.
مير ’مائل‘ سان به ميان محمد يوسف جو خاص رستو ھو. ميان صاحب دوستن جو دوست ۽ يارن جو يار ھو. پنھنجي انھيءَ وصف جو اظھار ڪيترن شعرن ۾ به ڪيو اٿائين:
يک لحظه زنده بودن بي دوستان عذاب است.
* * *
عذاب نار جھنم فراق احباب است.
* * *
نيست يک لحظه مرا فرقت احباب لذيذ.
مير ’مائل‘ جي بياض ۾ سندس نالي تي ٻه قطعا ملن ٿا:
(1)
اي صبا در گلشنِ فضل و کمال؛
با محمد يوسف آن يوسف خصال؛
از دلِ ’مائل‘ بحق عرضِ سلام،
عرض کن با صد دعا ھر صبح و شام؛
باد يا رب آن عزيزِ پر تميز،
در عزيزانِ جھان دائم عزيز.
_ ص 103
(2)
اي به اوصافِ عزيزي اکملِ ايزد تعال،
وي به اعزازِ محمد يوسفِ مصرِ کمال؛
آمد الحق با کمالِ ذاتي و حسنِ صفات،
ذاتت از حسنِ صفات اندر جھان نيکو خصال؛
ھست در شوقِ لقايت بھرِ يعقوبِ دلم،
باد نامت دائما از شوق دل حزب الوصال؛
تا بود نامِ محمد سبحئه نام آوران،
باد ز اعزازِ محمد عز نامت لايزال؛
مي کنم عرضِ دعا در حضرتت خوش با سلام،
باد افزون عمر و اعزازت بصد جاه و جلال.
_ ص 103
ميان صاحب 1261ھه ۾ زنده ھو. ڇاڪاڻ ته سندس ديوان ۾ مير نصير خان جي انتقال تي قطعا ملن ٿا.

مرزا خسرو بيگ:
مرزا خسرو بيگ، ٽالپرن جي حڪومت جو امير ڪبير، اصلي گرجستاني ھو. ايران ۽ روس جي وچ ۾ جيڪا جنگ لڳي، ان ۾ مرزا جو والد مارجي ويو: ۽ مرزا ستن ورھن جي ڄمار ۾ قيدي ٿي، ايراني سپھه سالار، حاجي محمد ابراھيم خان، وٽ اچي پھتو. ڪجھه وقت بعد انھيءَ سپھه سالار جو اقتدار ختم ٿيو، ۽ سپھه سالار جيل ۾ وڃي پيو: مرزا ان وقت کانئس جدا ٿيو.
ملا محمد اسماعيل، فتح علي شاھه قاچار جي زماني ۾ مير ڪرم علي خان طرفان وڪيل ٿي ايران ويو، جتان موٽندي، ھن مرزا خسروءَ کي پاڻ سان گڏ ٽالپري درٻار ۾ آندو؛ ان وقت مرزا جي عمر 15 ورھيه ھئي. مير ڪرم علي خان کي اولاد ڪونه ھو. جنھنڪري ھن مرزا کي پٽيلو ڪري پاليو، ۽ تعليم تربيت ڏيئي وزارت جي درجي تائين پھچايو. 1827ع ۾، مير صاحب جي وفات کان پوءِ، مرزا گوشه نيشني اختيار ڪري ويھي رھيو. انگريزن سان ميرن جي عھد نامي وقت، ھي پنھنجي حڪومت طرفان وڪيل ھو. مياڻيءَ جي جنگ ۾ به شريڪ ھو، ۽ شڪست بعد قيد ٿيو. انگريزن کيس آزاد ڪري، ٽالپري حرم سراءِ جي سنڀال لاءِ مقرر ڪيو. 1860ع ۾ وفات ڪيائين؛ پٺيان چار پٽ ڇڏيائين: مرزا محمد علي، مرزا ولي محمد، مرزا محمد رحيم، ۽ مرزا غلام مرتضى: سندس اولاد اڃا ٽنڊي ٺوڙھي ۾ ھليو اچي ٿو(1).
مرزا خسرو فاضل ترين امير ھو. فارسي سندس مادري زبان ھئي. تعليم ۽ تربيت به اعلى پيماني تي ٿي ھيس: تنھنڪري نه ڇڙو راڄنيتي، ۽ سياسي سوچ سمجھه ۾ برک ھو، بلڪ علم و فضل ۾ به سندس درجو بلند ھو. شعر و سخن سان به دلچسپي ھيس؛ ”غلام“ تخلص ڪندو ھو.
مير ’مائل‘ جي بياض ۾، صاحب جي نالي تي به ھڪ موشح قطعو ملي ٿو:
من از پي مھريﻋ چرخِ جفا کار، سپـــــــردم کارِ خود با مھربان يار؛
رود کي از دلِ من باد مــــھرش، کــــه مــــي بــايد رخِ او مھر انوار؛
ز دل از مخلصانِ خاص احـــمد، بــــجــــان از دوســــتانِ آل اطــــھار؛
اديب و نيک خلق ونيک خصلت، ز آدابِ ادب نيــــکــــــــو خــــبــــردار؛
خــــرد پــــرور خــــرد مــــندانِ عالم، بود خوش از خرد منديش گفتار؛
ســــلامِ شـوق من در خدمت او، رسان اي نامه بر با شوق بسيار؛
رسد گو اين زمان اين نامـﮧﻋ من، به آن ناميﻋ عصر از قرب سرکار؛
وجــودش از مخلصان کار مردم، بــــود ســــرمــــايهﻋ خوبيﻋ ھــر کار؛
بــــحقِ او حـــريفان ’مائلِ‘ حـــــــق، از اخــــلاصِ دلــــش جوياي اخبار؛
يقين ز اخلاص اوخوشدل چوداعي است، خـــدا يا دائمــــــــش در دھـــــر خوشدار؛
گــــــــل آسا گل شود اين نامهﻋ من، سرِ ھر بيت سازي چون بھم يار.
_ ص 101
ھن نامهﻋ منظوم جا پھريان لفظ وٺي گڏبا ته ”مرزا خسروبيگ“ مرتب ٿيندو.

مخدوم عبدالڪريم صاحب:
معلوم نه آھي ته ھي بزرگ اصل ڪٿان جو ھو: ليڪن مير ’مائل‘ جي ھيٺئين قطعي مان ائين پيو معلوم ٿئي ته پنھنجي دور جو فاضل ترين بزرگ ۽ وقت جي مشاھير مان ھو. مير صاحب سان ھن مخدوم صاحب جو به قرب ھو؛ قطعي ۾ مير ’مائل‘ چوي ٿو:
من از پي شوق و ذوقِ ديدنِ يار،
ندارم جز بذکرِ خير او کار؛
خوش آمد ھر طرف خوش باد دائم،
بکارِ خير مردم آن خوش اطوار؛
دلش ز انوار ايمان پر تجلي،
زخش چون مھر تابان پر ز انوار؛
وفاي عھدش از يوفون بالنذر،
د ھد بر صدق عھدش راست اخبار؛
مطيعِ ايزد و ايزد مطاعش،
بود ز آدابِ طاعت بس خبردار؛
علومِ دين حق معلومش از حق،
ز فيضِ علم حق داناي اسرار؛
بجا ھرجا ست ذکرِ نيکيﻋ او،
نکو نامِ جھان و نيک اطوار؛
ديانت پيشور ھر جا به پيشش،
خوش از ترويج دين ست ذکر و اذکار؛
ارادت مند يارانِ صفا کيش،
مريدِ مصطفى و آلِ اطھار؛
لـﮧ مِني بشارات الترقي
لـﮧ مني دعاي خوبي آثار
کجا باشد دعا گويش چو من بس،
ز اخلاصِ دلي ھردم بھر کار؛
رساند کس به وي از ’مائلِ‘حق،
بنامِ حق سلامِ شوق ديدار؛
يقين کز خواندنِ اين شوق نامه،
شود خود ھم ز شوقم اندرين کار؛
موشح کردم اين نامه بنامش،
خدا يا در دو عالم ناميش دار.
ھن نامهﻋ منظوم جي ھر شعر جو پھريون لفظ وٺبو ته ”مخدوم عبدالڪريم“ جو نالو برآمد ٿيندو.

مير غلام محمد ٺٽوي:
بياض جي ڪيترن قطعن مان معلوم ٿئي ٿو ته ٽالپري دور ۾، سنڌ ۽ ايران جي وچ ۾ گهاٽا تعلقات ھئا. سرڪاري ايلچين ۽ وڪيلن کان سواءِ به ھتان جا سرنديءَ ۽ پڄنديءَ وارا ماڻھو ايران عام جام ايندا ويندا ھئا. ايران جي ڪشش لاءِ، امامن جي زيارت جو به ھڪ سبب ھو. ٺٽي جو ھڪ سيد، مير غلام محمد، ايران ويو؛ مير ’مائل‘ سندس واپسيءَ تي قطعو تصنيف ڪيو. ثابت علي شاھه ۽ ٻين جي ايران وڃڻ جو ذڪر مٿي اچي چڪو آھي. اھڙيءَ طرح معلوم پيو ٿئي ته ايران ۽ سنڌ جي وچ ۾ عام جام اچڻ وڃڻ ٿيندو ھو. سرڪاري معاملات کان سواءِ، وڏو سبب زيارتن جو به ھو. مير غلام محمد لاءِ مير ’مائل‘ھيٺيون قطعو چيو:
چو با خوشي خلفِ مير ما علي اصغر،
که در خوشي قدومش دلم چو گل بشگفت؛
بکام طبع معلىﻋ آن گزيدهﻋ آل،
به تته از سفر آمد بخير و خوبي جفت؛
بروز آمدنش طبعم اين چنين تاريخ،
که ”به بجاه غلامِمحمد آمد“ گفت؛
1225ھه
دگر ”غلامِ محمد بيامده“ تاريخ،
1224+1 = 1225ھه دلم ز پيک فرح با سرِ املِ بشنفت؛
خدا به آل علي جمله کامِ دل بخشد،
دل بکام دلش اين دُرِ دعا خوش سفت.
_ص 104
مير صاحب جي بياض ۾، انھيءَ دور جي چند شاعرن ۽ اديبن جي انتقال جون به تاريخون موجود آھن. ھونءَ ته منجھس اڪيچار تاريخون آھن، ليڪن جنھن صورت ۾ انھن ماڻھن جي متعلق سردست اسان کي ڪابه معلومات فراھم ٿي نه سگهي، تنھنڪري في الحال سڀني تاريخن کي نظرانداز ڪندي، فقط انھن شخصيتن جون تاريخون نقل ڪيون ٿا، جن جي نالن سان سنڌ جي ادبي تاريخ آشنا آھي.

محمد پناھه ”راجا“:
ميان محمد پناھه ”رجا،“ ڪلھوڙن جي دور جو صاحب ديوان ۽ صاحب طرز شاعر ھو. اصل ٺٽي جو ھو، ليڪن رھندو مير لطف الله عرف مير متاري(1) وٽ ھو. حيدرالدين مير ابو تراب ڪامل شعر ۾ سندس استاد ھو. مير علي شير ’قانع‘ لکي ٿو:
”بلطف طبع و جودت فکر اِتصاف دارد“_ (مقالات 108) ”در اشعار خوش تلاش، و در تاريخ يابي نادرالفکر، مردي نمکين صحبت آرامي باشد. با فقرا و اھل الله معتقدانه درخور دارد. !کنون تته در صاحب سخنان غنيمت است.“
(تحفـة الڪرام ص 244)
3
”بخدمت مير لطف الله عرف مير متاره وزير سنڌ آب وتابي خوب داشته. مدت بمصاحبت بسر برد، و در صحبت آن قدر شناسِ اھلِ کمال، کارھاري نمايان کرده.“ (مقالات 108)
تاريخ گوئيءَ ۾ کيس ڪمال حاصل ھو. سندس ڪيتريون نادر تاريخون ”مقالات“ ۾ درج آھن. صاحب ديوان شاعر ھو. ”مقالات“ جي انتخاب مان، سندس چند شعر نموني خاطر ھيٺ ڏجن ٿا:
نيست غم در بيکسيھا گر نه کس باشد مرا،
تکيـﮧ لطفِ علي و آل بس باشد مرا.
* * *
نيم بسمل مگذار اين دلِ بيتاب مرا،
ميتوان کُشت بيکبار چو سيماب مرا.
* * *
يک ابر اشک ريز نشد آنقدر که ما،
يک بحر اين نداشت بسامان گهر که ما.
تيغي نکرده قتل شھيدان که چشمه تو،
زخمي نخورد پر جگر خود سر که ما.
برق اين ھمه بخنده نيامد که لعل تو،
ابر اين قدر بگريه نشد چشم تر که ما.
* * *
ميدھد بسمل شرف تسکين دل بيتاب را،
بعد کشتن بيقراري مي رود سيماب را.
* * *
من و مشقِ نگه بازي، تو و دزديده ديد نھا،
من و نظارهﻋ حسنت، تو و ناز آفريدنھا.
من و محوِ رخت بودن، تو و در جلوه افزودن،
من و بيخويش گرديدن، تو وبر خويش چيدنھا.
بشمشيرِ تغافل نيم بسمل شد ”رجا“ ظالم،
تو و بر پا حنا بستن، من و در خون طپيدنھا.
* * *
سيه روزي که لافِ ھمسري با نوخطان دارد،
سراسر موبمو چون زلف در کارش شکست افتد.
کمالِ رفعتِ اقبال را باشد زوال از پي،
دو پاس آخر فروغِ آفتاب از بام پست افتد.
* * *
باين حسن و جمال آن بدرِ سيما،
به از يوسف عزيزان ميتوان گفت.
ز لعلش بسکه سرخي مي تراود،
دھانش بيرهﻋ پان ميتوان گفت.
* * *
موبمو بشکست آخر اين دل صد چاک ما،
شکوهﻋ زلفِ ترا بر شانه مي بايد نوشت.
* * *
حسن صد رنگ بھنگام تماشاي چمن،
رنگ گلزار بيک جلوهﻋ طائوسي ريخت.
* * *
در محفلي که ساغر چشمش بدور نيست،
پيمانهﻋ شراب چه مدھوشي آورد؟
بپاي شوق در راهِ طلب ھرچند گرديدم،
ھمان آغاز باشد چون خطه پر کار انجامم.
* * *
محمد پناھه ”رجا“ جي انتقال جي تاريخ معلوم نه ھئي. ”مقالات“ ۽ تحفـة الڪرام“ ٻيئي سندس زندگيءَ ۾ لکجي ختم ٿيا. اھا مشڪل مير ’مائل‘ جي بياض آسان ڪئي. مير صاحب سندس انتقال تي ھيٺيون قطعو چيو آھي:
وا دريـــــغا ”رجـــــا“ وفـــــات نـــــمود، ھر که بشنيد شد حزين و ملول؛
گفت دل سان فوتِ آن مرحوم، ”ھست مقبول در جناب رسول.“
1197ھه _ ص 107

ميان محمد اشرف مداح:
فارسيءَ جو شاعر ۽ بھترين ڪاتب ھو. ٺٽي ۾ رھندو ھو. مير ’مائل‘ جي ھيٺئين قطعي مان معلوم ٿئي ٿو ته مدح نبي سندس شعر جو ميدان ھو. انھيءَ ڪري ”مداح“ تخلص ڪيائين:
(1)داشت از بس شغل جان مدحِ نبي،
جان ما شاد از محمد اشرف است؛
سال دخلِ او بجنت گفت دل،
”دائما ياد از محمد اشرف است“.
1222ھه
(2) چون محمد اشرفِ ما، زين جھان،
کرد در صحنِ جنان نقلِ مقام،
سال نقلِ او بجنت گفت دل،
جاي اشرف جنت الماوى مدام.
1212ھه _ ص 107

آخوند غلام محمد سالڪ:
ٺٽي جو باشندو، عالم ۽ فارسي زبان جو شاعر ھو؛ مير ’مائل‘ سندس وفات تي ٻه قطعا چيا آھن:
(1)داشت از بس که دخل در تاريخ،
شد چو آخوند ما وصال طلب،
بھرِ تاريخ وصل خود، خود گفت،
که، ”غلامِ محمدم بادب“.
1222ھه
(2)آخوند ما غلام محمد که سالک است،
در سلک سالکان شده چون متصل بدوست،
ذکر سلوکش آمده از بسکه غم فزا،
”ھي ھي غلام سالک“ تاريخ وصل اوست.
1222ھه _ ص 107
پھرئين قطعي مان معلوم ٿيو ٿو ته آخوند صاحب کي تاريخ گوئيءَ ۾ مھارت خاص ھئي.
سيد محمود عرف سيد پيرو شاھه: سيد صاحب، ٺٽي جي مشھدي ساداتن مان ھو. سيد محمد اشرف سندس والد جو نالو ھو. مير ’مائل‘ جو ماسڙ ھو. مير ’مائل‘ ھيءَ نادر تاريخ سندس انتقال تي ڪڍي:
”اللھم صلي علي محمد الاشرف والال المحمود ابدا“. _ ص 108
1216ھه
ڄام بجار جوکيو: ڪلھوڙن جي دور ۾، بجار جوکيو وڏو بھادر ۽ جوان مرد ٿي گذريو آھي. بجار جوکيي، ميان غلام شاھه جي اشاري تي ڌاراجه (تعلقو ميرپور ساڪرو) جي راءِ کي قتل ڪري ڇڏيو، جنھن کان پوءِ اھو علائقو ڪلھوڙن جي قبضي ۾ آيو، ۽ ڪلھوڙن، بجار کي ڄام جو لقب ڏيئي، کيس حب نديءَ کان وٺي گهاري تائين جو علائقو رھائش لاءِ ڏيئي ڇڏيو. ڪراچيءَ کان ٺٽي جيڪو واپاري مال ايندو ھو، ان جي محصول اڳاڙڻ جو به ڄام کي اختيار ڏنو ويو. جوکيه قوم، راجپوت نسل مان آھي، ۽ مڪران کان آيل ٿي ڏسجي. ڄام بجار جي سرڪردگيءَ ۾ مٿي بيان ڪيل علائقي ۾ ھنن پنھنجو وڏو اثر قائم ڪيو. ڄام بجار 1211ھه ۾ انتقال ڪيو، ۽ مير ’مائل‘ سندس وفات جي ھيٺين تاريخ تصنيف ڪئي:
”دادند جام رضوان با جام“ ھاتفم گفت.
1211ھه _ ص 108

(2) قديم آثار، مقبرا، مسجدون ۽ قلعا.
مير ’مائل‘ جي بياض ۾ اسان کي ڪيترا قطعا ملن ٿا، جن ۾ تاريخي جاين جي مرمت، درستيءَ ۽ تعمير جون تاريخون ڏنل آھن. انھن قطعن مان معلوم ٿئي ٿو ته ٽالپرن خواه انھيءَ زماني جي ٻين سرنديءَ وارن، تاريخي عمارتن ۽ قلعن ٺھرائڻ ۽ قديم آثارن ۽ مقبرن ۽ مسجدن جي تحفظ، ۽ مرمت ۾ انتھائي فراخ حوصلگيءَ کان ڪم پئي ورتو.
ٽالپرن کي عمارتن جي تعمير جو خاص شوق ھو. ھنن ڪيترا مضبوط ۽ مستحڪم قلعا ٺھرايا، سير تفريح جون جايون، مسافرخانا ۽ باغ تيارڪرايا، ۽ پنھنجي رھائش لاءِ بھترين شاهي محل اڏايا. انھيءَ دؤر جي ڪيترن شاعرن جي ديوانن مان، اسان کي تاريخي قطعن جي ذريعي، انھيءَ قسم جي معلومات ملي ٿي. ٽالپرن جي حالات مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته کين چند ڳالھين سان خاص شوق ھو: شڪار، ھٿيار، ھيرا جواھر، علم، عمارتون ۽ باغ _ اھي شيون سندن خاص شوق جون ھيون.
مير ’مائل‘ جي بياض مان جن آثارن جي مرمت ۽ تعمير جا قطعا ملن ٿا، انھن جو ذڪر ھيٺ ڪيون ٿا.

مسجد خضري:
اھا مسجد اڄ به ٺٽي ۾ پنھنجي اصلي حالت ۾ مضبوط، مستحڪم، جيئن جو تيئن موجود آھي. انھيءَ مسجد کي ٺٽي جي مغل ڪاموري، مير عبدالرزاق ”معموري“ معروف به نواب مظفر خان جھانگيريءَ، ٺھرايو. اتي انھيءَ زماني ۾، ٺٽي جي مشھور ”گودڙي بازار“ ھوندي ھئي. اڄ خبر نه آھي ته مسجد سان لڳ جيڪا بازار آھي ان کي ڇا ٿو سڏيو وڃي.
مرزا غازي بيگ ترخان جي انتقال (1021ھ) بعد، مرزا رستم صفوي ٺٽي جو گورنر ٿي آيو. ساڻس گڏ مير عبدالرزاق ”معموري“ به جمعداريءَ(1) جي عھدي تي مقرر ٿي آيو، جنھن 1022ھه ۾، اھا خوبصورت مسجد، پنھنجي نالي قائم رکڻ لاءِ، گودڙي بازار ۾ ٺھرائي. مسجد مغليه طرز تعمير تي ٺاھيل آھي. مسقف عمارت ٽن گوشن ۾ تقسيم ٿيل آھي ۽ مٿان ٽي گنبذ اٿس. مسجد ۾، ٻاھر ڪشادو ٽائليس جي فرش سان ايوان آھي، ايوان جي اترئين طرف ۾ 10 فوٽ کن اوچي ٿلھي تي وضوءَ لاءِ تلاءُ ۽ ان جي پاسي ۾ سايه دار ڇٽي آھي. مسجد جو داخلي دروازو بازار ۾ کلي ٿو. مسجد جي اندر خوبصورت ڪاشي ڪاريءَ جو ڪم آھي. غالباً ھر زماني ۾ ان جي مرمت ٿيندي آئي آھي، جنھن ڪري اڄ به بلڪل نئينءَ حالت ۾ ڏسجي ٿي.
مسجد جو محراب پنج گوشو آھي؛ ھر گوشي جي پيشانيءَ تي خوبصورت طغرائي خط ۾ آيات قرآني اڀريل اکرن ۾ اڪريل آھن: آخري ٻن گوشن تي ھي ڪتبو آھي:
(1) خاک آستانِ حضرت نبوي صلي الله عليـﮧ والسلم، عبدالرزاق
(2) الحسيني المعموري الملقب بمظفر خان بتاريخ اتمام شد.
1022هه
مير عبدالرزاق(2)، عالم فاضل ۽ فارسيءَ جو زبردست شاعر ھو. ”معموري“ سندس تخلص ھو. شاعرن جي ھميشـﮧ سرپرستي ڪندو ھو. چنانچه ٺٽي ۾ عبدالقيوم ”ظريف“ شاعر ۽ ميان دانشور ”شھري“ وٽس رھندا ھئا. مير عبدالرزاق جي، سنڌ جي سلسلي ۾، ھڪ رباعي مشھور آھي:
يکچند درين سند پريشان گشتم، گفتيم گران شويم، ارزان گشتيم؛
در طـــــالع مـــــا کساد بازاري بود، آئينه فروش شھر کوران گشتيم.
مظفر خان مسجد ٺھرائي، ۽ خدا جو شڪر، جو اڄ تائين اھا قائم رھندي آئي آھي، جنھنڪري اسان کي اھو به معلوم ٿئي ٿو ته انھيءَ بازار جو اڄ کان چار سؤ ورھيه اڳ ڇا نالو ھو! انھيءَ قسم جي تاريخي شواھدن کي جيڪڏھن مرتب ڪبو ته ٺٽي جي قديم شھر جو اڄ به سڄو نقشو تيار ڪري سگهبو.
مير ڪرم علي خان انھيءَ مسجد جي تمام چڱيءَ طرح مرمت ڪرائي. مير ’مائل‘ خوشيءَ وچان ٽي قطعا جوڙي راس ڪيا. مير ڪرم علي خان وٽ سون رپئي جو خزانو ھو؛ ھن مسجد کي مرمت ڪرايو: اسان جو شاعر سون رپئي کان خالي، ليڪن شعر و سخن جي دولت سان مالا مال ھو، تنھن قطعا تيار ڪيا: مير صاحب جي مرمت ڪرائڻ جي اڄ ڪنھن کي خبر ڪانه پوي ھا، جيڪڏھن مير ’مائل‘، پنھنجي قطعن جي ذريعي، مير صاحب جي انھيءَ عمل خير کي زندگي جاويد نه بخش ھا:
(1)چون مير ما کرم علي آن شاه حق شعار،
کز حق موفق آمده في الخير بر مزيد؛
اکنون بصد کرامت ترميم نو بخير،
داده جلاي تازه باين مسجدِ مجيد:
تاريخ اين مبارک ترميم دل ز غيب،
”خيرِ کرم بداده بمسجد جلا“ شنيد:
1229ھه
خيرِ کرم بداده بمسجد چه زيب بهه،
ديگر بدل زغيب بال ندارسيد،
هم سال آن ز لفظ ”بجا خير تازه“ دل،
1229ھه
روح المقدس پئي مطالعه احباب بر کشيد:
يا رب بحق خوبيﻋ اين تازه خير شاه،
بادا بخير تازه ز اکرام مستفيد!
_ص 83
(2)اخيﻋ دھر و کرم يار زمان مير کريم؛
که بوصفِ کرم از نام علي داد نمود؛
ديده اين مسجد حق منھدم و افتاده،
ساجداً لله في پي شغل صلواة معبود؛
حاليا طرفه ز تعمير بناي او دل،
از شرف بخشيﻋ ترميم جلايش افزود؛
سال ترميم بخيرش که بود خير کرم،
”خير مسجد بکرم آمده“ سالش برمود؛
1229ھه
باد ازين خير کرم ’مائل‘حق بر بابش،
داعيﻋ خير شھهِ ذولکرم از ربِ ودود.
_ 84
(3)يافت اين مسجد چو از خيرِ شھهِ بزم کرم،
آنکه تعميرِ مساجد خيرش آمد ماه و سال؛
حالي از ترميم نو خوشتر ز تعميرِ قديم،
بھرِ شغلِ مومنين زيب و صفائي لايزال؛
طبع داعي ديده اين ترميم با خير از کرم،
”باد از اھل کرم خيرِ مساجد“ گفت سال:
1229ھه
”باد اين مسجد ز ترميم کرم بازيب و زين“،
1227ھه سال آن با باي بسم الله اکر آمد بقال:
2 1227+2 = 1229ھه
باد دائم في الصلوات الخمس چو ’مائل‘ بحق،
ھر مصلي سائل خيرش ز فضل حق تعال!
_ ص 84
ٻئي نمبر قطعي مان معلوم ٿئي ٿو ته مسجد منھدم ٿي ويئي ھئي، جنھن کي مير صاحب نئين سر ساڳيءَ طرح مرمت ڪري، نئين زندگي بخشي. موجوده حالت مان اندازو ٿئي ٿو ته محراب ۽ مسقف عمارت ساڳي پھرينءَ تعمير واري آھي؛ ممڪن آھي ته بيحد خسته ٿي ويئي ھجي ۽ ٻاھريان حصا منھدم ٿي چڪا ھجن، جن کي مير صاحب نئين سر تعمير ڪرائي، سڄيءَ مسجد کي نئون ڪري ڇڏيو. مير صاحب کان پوءِ به مسجد جي وقت بوقت، مرمت ٿيندي رھي آھي، جيئن ته اڄ به ڄڻ نئين بيٺي آھي. مسجد ۾ سواءِ مير عبدالرزاق واري ڪتبي جي ٻيو ڪوبه ڪتبو ڪونه آھي.

جامع مسجد:
ٺٽي جي جامع مسجد، شاھجھان جي دور ۾، ٺٽي جي گورنر، مير ابوالبقا امير خان(1)، ٺھرائي. اڄ اگرچه خسته حال ۽ ھاڻوڪن مسلمانن ۽ ھاڻوڪي اسلامي حڪومت جي زبون حاليءَ تي مرثيه خوان آھي، تاھم اڄ به ان جي ساخت، طرز تعمير، شڪوه، ڪاشي ڪاريءَ جو باغ و بھار ڏسڻ وٽان آھي. آثار قديمه جي ماھرن جو قول آھي ته ڪاشي ڪاريءَ جو جوڙجڪ جيڪا ھن مسجد ۾ ڪئي ويئي آھي، تنھن جو مثال ايران ۾ به ڪونه ٿو ملي. اڄ مسجد جي حالت زبون آھي بعض حصا ته تقريباً زمين دوز ٿيڻ تي اٿس. سنڌ جي حڪومت، ڪيترن سالن کان ڍل جي ذريعي، سنڌ جي مسلمانن کان لکين رپيا مرمت جي بھاني تي ورتا آھن، ليڪن معلوم نه آھي ته اڃا ڇو کين ٻي ڪا توفيق ڪانه ٿي آھي! جيڪڏھن خدانخواسته اھا مسجد شھيد ٿي ويئي ته ثقافت جو ھڪ وڏو نشان سنڌ مان ھليو ويندو.
محڪمه آثار قديمه جي رپورٽ (نمبر 8، طبع بمبئي، 1879ع) مان معلوم ٿئي ٿو ته انھيءَ مسجد تي 9 لک رپيا، شاھجھان جي حڪم سان، امير ابوالبقا خرچ ڪيا ھئا. مسجد جي ڪرسي ۽ بنياد پٿر جا آھن، باقي مسجد پڪين سرن سان تعمير ٿيل آھي. ڇت ۾ ننڍا وڏا جملي 92 گنبذ اٿس، جن مان ٽي گنبذ وڏا ۽ مرڪزي آھن. انھن گنبذن جي اندران ڪاشيءَ جي چٽسالي، نھايت چابڪدستيءَ سان ڪئي ويئي آھي. سرون اھڙيءَ خوش مذاقيءَ سان ملايون ويون آھن، جو سڄي مسجد باغ و بھار بنجي ويئي آھي. وچين عمارت جو رقب 305 170 فٽ آھي. مسجد ۾ چار تاريخي ڪتبا آھن، جيڪي ھيٺين ڪاتبن جا لکيل آھن:

1_ عبدالله، سنه 1068ھه.
تحفـة الڪرام انھيءَ ڪاتب جو ذڪرخطاطن جي زمري ۾ ڪيو آھي؛ سندس نالو آھي سيد عبدالله حسيني؛ کيس ”نازڪ رقم“ جي خطاب سان ياد ڪيو اٿائين.

(2)شيخ محمد فاضل.
تحفـة الڪرام لکيو آھي: ”والد شيخ محمد، معاصر عھد شاھجھان، در کتبه نويسي خط ثلث نادره زمان زيسته.“ شيخ فاضل جي پٽ جو نالو به محمد ھو، جيڪو پڻ صاحب تحفـة الڪرام جي قول مطابق ”در کتبه نويسي مثل پدر مھارت مي افراشت.“ ص 241/3
3_ عبدالغفور، سنه 1057ھه.
4_ سيد علي، سنه 1104ھه.
تحفـة الڪرام ھن لاءِ لکيو آھي ته ”سيد علي بن عبدالقدوس، مارﱞندراني، در خط ثلث و نسخ وسائر خطوط نظير سيد علي معروف بوده، شاگرد مخدوم الياس(1) خوشنويس است، که بشاگرديش بسا بزرگ بخوش نويسي نامي اند“.(200/3)
5_ ڀنڀو بن حسن.
6_ طاھر بن حسن ڪاتب.
تحفـة الڪرام ۾ آھي ته ”سيد حسن خوشنويس در عھد ترخانيه (962_ 1021ھه) بفنون خوش نويسي ماھر وقت زيسته، پدرش سيد محمد طاھر جامع ھفت قلم معروف انام گذشته.“ ص 241/3
مسجد ۾ قديم ڪتبا ھيٺينءَ طرح آھن:
مشرقي ايوان جي مغربي دروازي جي اندروني ۽ بيروني طرفن ۾ ڪتبا آھن؛ اندرئين طرف جو ڪتبو طاق سان گڏ ٽن ٽڪرن ۾ بخط نستعليق آھي:
بـادشـــــاهِ زمـــــانه شـــــاه جـــــھان، جـــــامـــعِتــته دلکشا پرداخـــــت؛
مـــــرتفع جـــــامعي که گنــــبد او، ســـايه بر قبـﮧﻋ سما پرداخـــــت؛
خاصه بھرِخــدائي ظـــــلِخـــــدا، خانـﮧﻋ رحــمتِ خدا پرداخـــــت؛
فرش جامع بحکم شاه جھان، زبدهﻋ آل مــصطفى پرداخـــــت؛
رضويﻋ انتساب مـــير جــــــلال، که وزارت از و صفا پرداخـــــت؛
گشت فرشي که سنگ آن ز صفا، رشک جام جھان نما پرداخت؛
ســـــال تعمير آن د_ بـــــير خرد، ”فرش مطبوع ودلکشا“ پرداخت؛
1068ھه
ھن ڪتبي مان سنگين فرش جي ھڻائڻ جو سال نڪري ٿو، جنھن کي مير جلال رضوي وزير ھڻايو. فرش ايترو لسو ۽ چمڪدار ھو، جو ڄڻ جام جھان نما ھو: اڄ انھيءَ فرش جي جيڪا حالت آھي، سا ھرڪو ڏسي سگهي ٿو.
طاق جي اندرئين طرف، خط ثلث ۾ ھي ڪتبو آھي:
تبارک الزي نزل الفرقان ......... (تا) ............ انـﮧ غفور الرحيم صدق الله صدق الله العلي العظيم. شيخ محمد فاضل.
انھيءَ طاق جي کٻي ۽ سڄي، بخط نستعليق، ھي ٻه ڪتبا آھن:
(1)چون ز صاحب قران شاھجھان، يـــــــافــــــت تـــــرتـــيب مــسجدِ اعلى،
(2) ھاتفم گفت سال اتــمامش، ”گشت زيبا چو مسجد اقصى“.
1057ھه
_ مشقه عبدالغفور.
مغربي مسقف حصي ۾، ٻاھرئين طرف کان، بخط ثلث ھي ڪتبو آھي:
لقد صدق الله رسولـﮧ الرؤيا ...... (تا) .......... مغفرة و اجرا عظيما.
کتبه سيد علي بن سيد عبدالقدوس، 1104ھه.

محراب جي مٿان جو ڪتبو بخط ثلث ھي آھي:
اقم الصلواة .......(تا) ......... زھوقا.
مشقه العبدالفقير بنبو بن حسن.
انھيءَ حصي جي وڏي گنبذ جي ھيٺان عمارت مثمن آھي، انھيءَ مثمن جي پاسن تي بخط ثلث لکيل آھي:
سبحان الذي اسرى .......... (تا) .......... عذابا اليما.
ڪتبه فقير طاھر بن حسن ڪاتب.
صحن جي اترئين ۽ ڏاکڻي طرفن جي وچ ۾ ٻه ايوان آھن، اترئين ايوان جي ٻاھرئين طرف کان آيات قرآني اڪريل آھن، ۽ ڏاکڻي ايوان جي اندران مغربي ديوان تي ھيٺيون ڪتبو نستعليق خط ۾ پٿر تي اڪريل آھي:
نديده چشم فلک مسجدي بدين خوبي،
که آمدند ملايک براي ديدن فيض؛
بجستم از خرد و عقل سال تعميرش،
بديده کرد اشارت که ”ھست معدن فيض“.
1054ھه
ڪتبن جا سال ترتيبوار ھن طرح آھن: سنه 1054ھه _ سنه1057ھه _ سنه 1068ھه _ سنه 1104ھه . محڪمهء آثار قديمه جي ماھرن انھن ڪتبن مان ھي نتيجو ڪڍيو آھي ته 1054ھه ۾ عمارت ٺھڻ شروع ٿي، 1057ھه ۾ ختم ٿي، شاھجھان جي آخري سال 1068ھه ۾ مير جلال فرش ھڻايو، ۽ عالمگيري عھد جي 1104ھه ۾ انھيءَ ۾ ڪي ترميمون ٿيون.
انگريزن جي دور ۾ انھيءَ مسجد جي ٻه دفعا مرمت ٿي: ھڪ دفعو سر بارٽل فريئر 1272ھه (1855ع) ۾ ڪرائي، ۽ ٻيو دفعو مسٽر جيمس ڪمشنر جي زماني ۾ 1311ھه (1894ع) ۾ ٿي. منھنجي نظر مان مخدوم محمد ابراھيم ”خليل“ نقشبنديءَ جو بياض گذريو، جنھن ۾ ھڪ خط جو نقل ھو، جيڪو مخدوم مرحوم، ٺٽي جي عوام طرفان مير علي مراد خان ٽالپر واليﻋ خيرپور ڏانھن انھيءَ مسجد جي مرمت لاءِ لکيو ھو؛ معلوم نه آھي ته مير صاحب مرمت ڪرائي يا نه: ليڪن مير ’مائل‘ جي بياض مان معلوم ٿئي ٿو ته مير مراد علي خان پنھنجي دور ۾ چڱيءَ طرح انھيءَ جامع جي مرمت ڪرائي. مير ’مائل‘ پنھنجي بياض ۾ انھيءَ مرمت تي چار قطعا نقل ڪيا آھن:
(1)وه اين مسجد شاھي آنگه سالش به ”معدن فيض“ پيش ازين؛
1054ھه
در حال ز فــيض رشـــــد تـــــازه، از دولـــــت مـــــير نيــک آئيــن؛
کز نام علي مراد يــــــــابـــــست، دائـــــم بــه بقاي دولت و ديـن؛
از فـــــيض مـــــراد تازه ترمـــــيم، بــگرفت بکام دل چو تزئين؛
فرمود سروش غيبم اين سال، ”اين معدن فيض حاليا بين“.
1227ھه _ص 82
(2) باز از مسجد و شرف اين جامع شاھي گرفت،
با ھزاران زيب و زينت تازه تزئين الرشاد؛
گفت طبعم در دعا تاريخ ترميمش چنين،
”باد دائم امجدِ اين جامع ز ترميمِ مراد“.
1227ھه _ ص 82
(3) حسبـة للـﮧ بکام آنکه في الليل و النھار،
دارد از شوقِ دلي شغلِ عبادت دل نھاد؛
بر مراد طبعِ بھر اين مسجد حق کز قديم،
دارن از سعي مفابا کعبـﺔالله اتحاد
دارد باصد زيب و زينت تازه تزئين الرشاد؛
چون بترميم مراد از نوچو تعمير قديم،
داد باصد زيب و زينت تازه تزئين الرشاد،
در خوشي خوش سال ترميمش سروش غيبي گفت،
”آمده نو باز ايب مسجد ز ترميمِ مراد“:
1227ھه
ديده ھر کس بر مراد طبعش اين ترقيم خير،
از جزاک الله خيرا صد نويدِ کام دل؛
تا بود ”مائل“ بيادِ حق قلوب المومنين،
ورد شان دائم در اين مسجد دعاي مير باد.
_ص 82
(4) شکر حق کز پيرويﻋ سنت ختم الرسل،
آنکه واجب کرد تعمير مساجد بر عباد؛
رونقِ عباد دوران مير نام آور که او،
دارد از نامِ علي حاصل بدوران ھر مراد؛
...........................................................
...........................................................
ھيءَ جامع مسجد، محلي ڀائي خان ۾ آھي، ۽ جتي مسجد آھي، ان پٽ کي انھيءَ زماني ۾ چوڪ امان ۾ چوڪ عبدالغني ڪري سڏبو ھو: ھن وقت نه اھو محلو انھيءَ نالي سان آھي، نه چوڪ امان ۽ چوڪ عبدالغني موجود آھن _ خدا جو شان آھي(1).
تالاب جلوه گاه امامين: مڪليءَ جي قبرستان ۾، مرحوم ميان عبدالرحيم شاھه سجاول واري جي بنگلي کان 5 سؤ قدم پري اولھه طرف، جلوه گاھه امامين آھي. انھيءَ متعلق ”تحفـة الطاھرين“ جو مصنف لکي ٿو ته ”چوڻ ۾ اچي ٿو ته ھڪ ٻڪرار روزانو اتان اچي ٻڪريون لنگهائيندو ھو؛ ٻڪريون جڏھن اتان لنگهنديون ھيون، ان وقت بالڪل خاموش ۽ اھڙيءَ طرح پاسو ڪري وينديون ھيون، جو ڄڻ ڪو اسرار ھنن ڏنو آھي: اھا حالت روزانو ٿيندي ھئي. ھڪ ڏينھن ٻڪرار ھڪ بزرگ کي اتي دعا گهرندي ڏٺو. جڏھن بزرگ دعا کان فارغ ٿيو، ان وقت ٻڪرار پنھنجي روئداد کيس ٻڌائي، تنھن تي بزرگ کيس وراڻي ڏني: ’اين جاي پاکان و برگزيدگان الاھي است که عالم ملک وملکوت گردن اطاعت بزير ايشان نھادند‘. ڄام نندي جي زماني ۾، جڏھن حضرت مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد، ولدان مخدوم اسحاق (ھالن وارا) ٺٽي آيا، ۽ مڪليءَ جي انھيءَ زمين تي زيارت لاءِ پھتا، ان وقت جتيون لاھي، نھايت ادب ۽ احترام سان دعا گهرڻ بيھي رھيا. ماڻھن جي پڇڻ تي ھنن ٻڌايو ته ’اين جاي ست که بر عرش مجيد تفوق دارد‘. ڇاڪاڻ ته ھتي ’جلوهﻋ جمال جھان آرائي حضرت امامين ڪريمين ڏسڻ ۾ ايندو آھي‘. چون ٿا ته ھڪ دفعي ’حقائق آگاھه ۽ معارف دستگاه‘، حضرت ملوڪ شاھه قدس سره، اتان اچي لانگهائو ٿيو. کيس انھيءَ جاءِ تي امامن سڳورن جي جلوي جا انوار نظر آيا. ھن فوراً اتي ويھي انھيءَ ٽڪريءَ جي چوڌاري پٿرن جي ديوار ڪڍي، حد نشان قائم ڪيا. ان کان پوءِ روزانو پاڻ ميدان کي ٻھاري ڏيندو ھو. نواب سيف الله خان ٺٽي جي مغل گورنر انھن حد نشانن تي نئين سر پڪي ديوار ڪڍائي، ۽ ڪلھوڙن جي زماني ۾ صاحب زادي خدا دادخان انھيءَ حصي تي گنبذ ٺھرايو(1).
نواب سيف الله خان، بواب مھابت خان ”ڪاظم“ کان پوءِ ٺٽي جو گورنر ٿي آيو، ۽ 5 سال اتي رھيو؛ وفات کان پوءِ سندس وصيت تي لاش انھيءَ اراضيءَ ۾ دفن ڪيو ويو(2). آقا محمد ڪريم صفاھاني ”عاشق“ نادري دؤر جو مشھور شاعر، جنھن کي نادر شاھه پنھنجو وڪيل ڪري سنڌ ۾ موڪليو ھو، سو به انھيءَ جوار ۾ دفن ٿيل آھي: جلوه گاھه ڏي ويندي، دروازي کان سؤ قدم اوري، چاري جي ڪناري تي، ھڪ پٿر جي ٿلھي تي، سندس مزار موجود آھي؛ 1155ھه ۾ سندس انتقال ٿيو؛ مزار جي ڪتبي جو ھڪ شعر آھي:
بتاريخ ھر سو شنيد اين ندا، مکان يافتي درجوارِ حسين.
جلوه گاھه امامين جي چوڌاري ھزارين قبرون آھن، جن ۾ ڪيترا نامي بزرگ ۽ مشاھير محو خواب ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ھن وقت به جلوه گاھه نھايت سٺيءَ حالت ۾ آھي؛ چوڌاري ديوار آھي، اندر ڪشادي صحن جي اولھه ۽ اتر جي ڪنڊ ۾، ڇٽيءَ ھيٺان ۽ پٿر جي پڃري اندر، زمين جو اھو مقدس ٽڪرو آھي، جنھن لاءِ بزرگن چيو آھي ته ان جو مرتبو عرش کان به اعلى ۽ افضل آھي! صحن جي ايوان جي ڏاکڻيءَ ديوار جي دروازي مان ٻاھر نڪرجي ٿو، ته پٿر جي ٺل تي ھڪ پٿر نصب ٿيل آھي؛ ان تي ٻن قدمن جا نشان آھن؛ جن لاءِ روايت آھي ته اھي حضور جن جي قدم مبارڪ جا نشان آھن!
انھيءَ جلوه گاھه جي تلاءَ جي درستي، ٺٽي جي سيد ابراھيم شاھه، 1211ھه ۾ ڪرائي ھئي، جنھن جي تاريخ ۾ مير ’مائل‘ ھيٺيون قطعو لکيو:
به مکلي اين گزين تالاب خوش آب،
که آبش در صفا چون مھر و ماھه ھست؛
بــــــراي خـــــرچ درگـــــاهِ امـــــامـــــين،
نشـــــانِ ســـــيد ابراھيم شاه ھست؛
خرد تاريخ تعميرش چنين گفت،
”که اين تالاب وقفِ جلوه گاه ھست“.
1211ھه _ ص 82

قلندر لال شھباز:
سنڌ جي روحاني شھنشاھه، حضرت قلندر شھباز شاه جي روضـﮧﻋ پر انوار جي ترميم، مرمت، ۽ درستي ھر دؤر ۾ ٿيندي رھي آھي. وقت جي ھر بادشاھه ڪجھه نه ڪجھه انھيءَ درگاھه ۾ تعمير ڪرائي، پنھنجي لاءِ سعادت دارين حاصل ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آھي.
سڀ کان پھريون، سلطان فيروز تغلق جي دؤر ۾، ملڪ اختيار الدين والي سيوستان، روضو مبارڪ، 7 رجب 757ھه جو ٺھرايو _ ھڪ ڪتبي مان اھو معلوم ٿئي ٿو. ٻئي ڪتبي مان پتو پوي ٿو ته روضي مٿان گنبذ، ملڪ جلال الدين، 7 صفر 757ھ جو جوڙايو. ديندار خان (سيد ڀورو عرف ديندار خان _ وفات 1045ھه) جي ڪتبي مان پتو پوي ٿو ته مرزا جاني بيگ به انھيءَ گنبذ جي مرمت ڪرائي، ۽ فيروزي دؤر جا اھي ڪتبا ھن لھرائي ھيٺ رکي ڇڏيا. شاھجھان جي زماني ۾، جڏھن ديندار خان مرمت ڪرائي، ان وقت ھن وري انھن ڪتبن کي ديوار ۾ ھڻائي ڇڏيو. ديندار خان، 1040ھه ۽ 1041ھه ۾، روضي ۾ ڪجھه ترميمون ڪيون؛ سڄي خانقاھه جي مرمت ڪرائي ۽ ايوان ۾ فرش ٻڌارايو؛ ٻه مسجديون به 1043ھه ۾ خانقاھه اندر تعمير ڪرايون. انھيءَ ساڳئيءَ ديندارخان، ڇٽي امراڻيءَ جو مقبرو به 1044ھه ۾ ٺھرايو. مرزا جانيءَ جي پٽ مرزا غازيءَ (1008_ 1021ھه)، والد جي اڌ رھيل مرمت کي تڪميل تي پھچايو. ميان غلام شاھه 1173ھه ۾ درگاھه کي ھڪ نشان پيش ڪيو، خانقاھه ۽ روضي جي نئين سر مرمت ڪرائي، ۽ ھن وقت جيڪا ڏيوڍي آھي؛ سا انھيءَ وقت ميان غلام شاھه ٺھرائي(1).
ٽالپري عھد ۾، مير ڪرم علي خان درگاھه جي مرمت ڪرائي، ۽ درگاھه ۾ چانديءَ جو دروازو ھڻايو: مير ’مائل‘ انھيءَ سلسلي ۾ ھيٺيان قطعا تصنيف ڪيا:
(1)
چون به اين روضـﮧﻋ جنان رفــــــعت، که بـــــه بـــــابـــش بود فلک دربــان؛
روضـﮧﻋ شــاھباز روضـﮧﻋ قـــــدس، لـعل شـــــھباز شيـــــخنا عـــــثــــــــمان؛
داد اکنون کرم علي خـان مـــــير، از کـــــرم ھــــــــاي ايــــــــــزدِ مّـــــنــــــــــــان؛
بـــــھر تـــــرويـــــج کـــــار خــير و اجر، که بـــــود احـــــسن از شـھانِ زمــــــان؛
خـــوش به ترميم روضه زين نو باب، زيـــــب و تکميل زيــــنتِ شــــــــــاھــــــان؛
بــــاب اين روضـة الصفا کردنـــــد، از زر و سيم مھر و مھه رخشان؛
لوحش الله که بخت و اقبال ست، از درش بـــــخـــــش مــقبلان جھان؛
بسکه بابِکشود کامِ دلســــــــت، باب اين بارگاھِ فــيض نـــــشان؛
دلم از شــوق آســـــتان بـــــويـــــش، صـــــبحد در دعـــــاي بـــــالـــيﻋ آن؛
خواند تاريخش اين چنين ”بکمال“، ”قـــــــبل الله خــــــيــــره ز احـــــســـــــــــان“:
91 91+1140= 1231ھه
باز سالش به ”باب“ گفت دگــــر، ”ضــــــاعـــــف الله اجـــــره بـــــرخـــــوان“:
5 5+ 1226= 1231ھه
حـــــبذا بـــــارگـــــاهِ بـــــابِ ســلام، بـــــا ســـــر کـــــام بـــــاز کـــــرد بـــــيـان؛
20
ھم دگر کرده گل دلم اين سال، ”آمد اين باب روضـﮧ باب جنان“:
20+1211= 1231ھه
خوش بر اين باب ”مائل“ حق است، سائل خير و خوبيش ھمه آن.
_ ص 84
(2)
حبذا اين باب بابِ روضـﮧ جنت نظير،
کامد از خيرِ اميرِ ذوالکرم اکرام جفت؛
ھاتفم سالِ درستيش ز لوحِ سيم و زر،
از طلا و نقره مھر و مه است اين باب گفت.
_ ص 84

مسجد اقصى:
مير ’مائل‘ جي ھيٺين قطعن مان معلوم ٿئي ٿو ته مير غلام علي خان ھڪ نئين مسجد ٺھرائي ھئي، جيڪا خوبيءَ ۽ خوبصورتيءَ ، نزاڪت ۽ حسن تعمير جي لحاظ سان مسجد اقصى جي مماثل ھئي. اھا مسجد 1226ھه ۾ جڙي راس ٿي؛ پر قطعي مان اھا خبر ڪانه ٿي پوي ته ڪھڙي شھر ۾ جوڙائي ويئي؛ گمان آھي ته حيدرآباد ۾ ٺاھي ويئي ھوندي. ھيٺين قطعن مان ميرن جي تعمير جدوجھد ۽ ڪارگذاريءَ جو پتو پوي ٿو.
(1) نام حق کز پيرويﻋ سنتِ مبعوث حق،
انکه در شھرِ مدينـﮧ ساخت مسجد اولا؛
گشت تعميرِ مسجد از پئي شغلِ صلواة،
بر خداوندان قدرت لازم حکمِ خدا؛
خاصه بر اصحاب دين و جمله شاھانِ قديم،
واجب آمد ھمچو فرض اين سنتِ لازم ادا؛
زين جھـة در شھر کوفه سنتا تعمير ساخت،
ھمچو بيت الله نو مسجد علي المرتضى:
شکر للـﮧ کاين زمان بر پيرويﻋ سنتش،
شاهِ والادل غلام نام شاهِ اوليا،
خسروِ سند آن مخاطب با عنايت خان شاه،
پيروِ دينِ نبي و ملجاي اھلِ رجا؛
ساجداً الله پي شغل صلواة المومنين،
طرفه مسجد کام از سعي و صفائي بيش؛
کرد اين مسجد بطرح مسجد اقضى بنا،
کعبهﻋ طاعات عالم قبلهء اھل رجا؛
حبذا نو مسجدي عالي که بابِ طاعتش،
باز چون باب السلام آمد بصد صدق و صفا؛
حبذا نو مسجدي عالي که آمد ز ارتفاع،
قبه ھائش مرتفع چون قبه ھاي بر سما؛
حبذا نو مسجدِ روشن که خورشيد و قمر،
ميکند از پرتوِ روز و شبش کسبِ ضيا؛
تا نمايد اقتدا بشنيده صوتش اھل عرش،
مي رود صوتِ اذانش راست تا عرش علا؛
کو امام و مقتدى گاه دعا خواھد ز حق،
حرمتِ محراب اين مسجد حصولِ مدعا:
سال تعميرِ شريفش چون ھمي جستم ز غيب،
”طرفه اعلا مسجد اقصى ست“ اين آمد ندا:
1226ھه
باد يا رب از مساجد تا جھان روشن چراغ،
باد روشن تر چراغ دولتش صبح و مسا!
تا دعائش از کرم ايزد نمايد مستجاب،
’مائل‘ حق در صلواة الخمس مي گويد دعا.
_ ص ج
(2) چون شھه سند غلام علي آن خان کريم،
ساخت از بھر حق اين مسجد زيبا بازيب؛
ھاتفِ غيب چنين سال بنايش فرمود،
”گشت اين مسجد از مسجد اقصى با زيب“:
1226ھه
يارب اين مسجد شاھي ابداً با شه سند،
باد چون کعبهﻋ حق قائم و برپا با زيب!
_ ص ج
مقبره شاھه مسڪين: ٺٽي ۾ شاھه مسڪين عليـﮧ رحمـة جو مقبرو اڄ تائين مشھور زيارتگاھه آھي؛ اھو بزرگ مرزا عيسى جي زماني جو مشھور ۽ ڪامل ولي الله آڳي: مرزا عيسى جي زماني ۾، پورچو گيزن جيڪو ٺٽي تي حملو ڪيو ان ۾ اھو بزرگ به شھيد ٿيو.
مرزا عيسى ۽ سلطان محمود بکريءَ جي وچ ۾، مرزا حسين ارغون جي انتقال کان چند ڏينھن اڳ (962ھه)، مصحف شريف تي جيڪو ٺاھه ٿيو ھو، سو سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورھائي کڻڻ کان پوءِ به ھلي نه سگهيو. چنانچه ورھاست جي پھرئين سال ئي، سلطان محمود ۽ مرزا جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيو؛ نوبت جنگ جدال تائين وڃي پھتي. مرزا عيسى، امداد وٺڻ لاءِ، پورچو گيزن ڏانھن سفارت، بسين (BASSEIN) شھر ۾ موڪلي. پورچوگيزي گورنر فوجي امداد ڏيڻ قبول ڪئي: سنڌ سان تجارتي مقاصدن خاطر، تعلق قائم ڪرڻ لاءِ ھونءَ به خواھشمند ھو ۽ ھي موقعو ھن کي غنيمت نظر آيو. چنانچه ھن 28 جھاز ۽ ست ھزار سولجر فوراً، پيڊرو باريٽو رولم (PEDRO BARETTO ROLIM) جي ڪمان ھيٺ، سنڌ ڏانھن ڏياري موڪليا. اھا ڪمڪ جنھن وقت ٺٽي پھتي، ان وقت مرزا عيسى، سلطان محمود جي مقابلي لاءِ ٺٽي کان ٻاھر ويل ھو؛ جنگ جي نوبت ڪانه آئي، ۽ ٻنھي ڌرين جي وچ ۾ صلح ٿي ويو. جڏھن اھو اطلاع ٺٽي پھتو، ان وقت پورچوگيز جنرل پنھنجا اخراجات طلب ڪيا. مرزا عيسى اڃا پھتو ڪونه ھو؛ مرزا جي پٽ تاوان ڏيڻ ۾ پس و پيش ڪئي؛ پورچو گيزن اوچتو ھڪ ڏينھن منجھند جو ٺٽي تي حملو ڪيو؛ سڄي شھر کي باھه ڏنائون؛ دڪان، گهر ۽ بازاريون لٽيائون؛ ۽ تقريباً 800 سؤ مسلمانن کي مسجدن ۾ جمعي جي نماز پڙھندي شھيد ڪري ڇڏيائون. ٺٽي ۾ انھيءَ ريت جيڪا لٽ ڦر ٿي ان جو بيان ڪندي، مسٽر ايڪٽن، سنڌ جو گزيٽئر نويس، لکي ٿو ته:
“...... destroying property worth two million of gold, and went off with such loot, as had rarely been taken in Asia. This is a Portuguese version of the affair”.
_ Sind Gazetteer, Vol: A, 104_5
تحفـة الڪرام لکي ٿو ته اُھي فرنگي، گوا کان اچي، لاھوري بندر تي لنگر انداز ٿيا: جمعي ڏينھن، 962ھه ۾، عين نماز جي وقت، ھو شھر ۾ داخل ٿيا، ۽ بيدريغ لٽ ڦر ۽ قتل غارت شروع ڪري ڏنائون؛ بازار اميربيگ ۽ جامع فرخ ۾ گنج شھيدان لڳي ويا؛ اھي ٻه جايون خونريزيءَ جون خاص طرح آماجگاهه بڻيون، ليڪن متفرق طرح به سڄي شهر ۾ خون خرابو ڪيائون؛ ويندي وقت، سڄي شھر ۾ بارود وڇائي باھه ڏيئي ھليا ويا.
مرزا عيسى فوراً اچي ٺٽي پھتو؛ ڀڳل ٽٽل جاين کي درست ڪرايائين؛ شھر پناھه نئين سر ٺھرايائين؛ ازانسواءِ سمنڊ کان جيڪا ڪشادي نار لاھوري بندر تائين ايندي ھئي، ان جا ٻئي پاسا پٿرن سان لٽرائي، ان کي ايترو سوڙھو ڪري ڇڏيائين، جيئن جھاز اچي نه سگهي؛ سمنڊ ۽ بندر جي وچ ۾ پھري لاءِ ھڪ ننڍو قلعو ٺھرايائين جنھن کي شاھه بندر سڏيو ويندو ھو. (تحفـة الڪرام، ص 67/3)
تحفـة الطاھرين مصنف جو قول آھي ته ’جامع فرخ ارغون ۾ پھچي، پورچو گيزن قتل عام شروع ڪري ڏنو، ۽ ”انداز دو ھزار کس که بسياري از اولياﻋالله دران ميان بودند، بدرجـﮧﻋ شھادت رسانيدند“.
_ ص 65
انھيءَ مسجد ۾ جيڪي شھيد ٿيا، تن کي مسجد جي اترينءَ ديوار سان دفن ڪري، گنج شھيدان تيار ڪيو ويو. ساڳئي مصنف جي قول مطابق، بازار اميربيگ ۾ به اھڙيءَ طرح حادثو ٿيو، پر اتي،
”زياده 5 صد کس که درميان شان ابرار و احرار بودند
بدرجـﮧﻋ شھادت فائز ساختند“. _ ص 75
اھو ٻيو گنج شھيدان، جامع بازار اميربيگ جي ڏکڻ ۾ ٺاھيو ويو: اھي ٻيئي گنج شھيدان مغلواڙي ۾ ھئا. ٽيون گنج شھيدان اگر محلي ۾ ٿيو. تحفـة الطاھرين جو صاحب لکي ٿو ته ’انھيﻋ مسجد ۾ به پنج سؤ کن مسلمان شھيد ٿيا، جن کي پڻ مسجد جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو.‘ _ ص 78
انھيءَ خونريزيءَ ۾ جيڪي بزرگ ۽ اولياﻋ شھيد ٿيا، انھن ۾ شاھه مسڪين عليـﮧ رحمـة به ھو. تحفـة الڪرام جو صاحب لکي ٿو ته:
”شاه مسکين فقيري کامل، سيدي والا نسب تکيه دار مکان مدفنست، در فترت فرنگيان شھادت يافته، در صاحب کمالان آسوده، در تته بقدم بزرگي وقفوق کمالات اشھر؛ ميان ابوالقاسم نقشبندي فرموده، در تته بزرگي به اين کمال مدفن نيافته، الحق زيارتش برارندهﻋ ھر گونه مرادات واقع“. _ ص 246/3
ھن شھيد درويش جي جيڪا ھن وقت درگاھه آھي، اھا ڪنھن وقت سندس رھڻ جي جاءِ ھئي. انھيءَ بازار کي جنھن ۾ مرحوم جي خانقاھه آھي، ارغون دؤر ۾ غلـﮧ بازار (اَن جي بازار) سڏيو ويندو ھو، ۽ انھيءَ بازار جي نسبت ڪري انھيءَ محلي جو نالو ”محلهﻋ غلـﮧ بازار“ ھو (تحفـة الطاھرين ص 55). تحفـة الطاھرين جي مصنف، سندس احوال لکندي ھيٺيئن طرح کيس ياد ڪيو آھي:
”شاھباز فضاي لاھوت، يکه تازان ميدان جبروت، سر دفتر اولياي کبار، سالار قوافل ابرار، صاحب مناقب عليـﮧ، مظھر کرامات جليـﮧ، گلدستهﻋ بوستان اصطفا، گل سرسبز حديقهﻋ ارتضا، شھسوار مضمار معرفت و يقين، سيد شاه مسکين“. _ص 55
اڳتي ھلي لکي ٿو _
”از روات ثقات منقول است که آن بزرگوار بعالم روحانيت در محافل اولياﻋالله بمنصب جانشينيﻋ حضرت غوث الاعظم قدس سره سرفرازي دارد ..... زيارت فيض اشاعت او، گره کشاي کار فروبستگان، و مرھم بند ناسور دلخستگان است، ھر کـﮧ از صدق ارادت باستانش رسيد بکام دل آرميد“. _ ص 55
’بزرگ ھميشـﮧ ذڪر فڪر ۾ مشغول رھندو ھو، ۽ صلوات شريف ھميشه زبان تي ھوندي ھيس. جيڪو ماڻھو صلواة پڙھندو ھو ، ان کي نھايت ئي قرب ڏيندو ھو، ۽ ان جي حاجت روائي فوراً ڪندو ھو. پنھنجي زندگيءَ ۾ ھن ڪيترن کي ئي صدق وفا جي مقام تي پھچائي ڇڏيو؛ انھن مان ھڪ خاڪي شاھه به آھي، جنھن سموري زندگي شاھه مسڪين جي خدمتگذاريءَ ۾ گذاري ڇڏي، ۽ ”آنچه يافت يافت“: انھيءَ خاڪي شاھه جي مزار به پنھنجي مرشد سان گڏ آھي.‘ (تحفـة الطاھرين ص 55_56)
ٺٽي ۾ اڄ تائين شاھه مسڪين جو وڏي ڌوم ڌام سان عرس ٿئي ٿو. سوين ماڻھو روزانو زيارت ڪندا رھن ٿا. خانقاھه جي مرمت ھر سال ٿيندي رھي ٿي.ٽالپرن جي عھد ۾ ھڪ اھل خير بزرگ، ملا غلام احمد ولد ملا عبدالڪريم، 1228ھه ۾، درگاھه جي مرمت ڪرائي ھئي، جنھن تي مير ’مائل‘ ھيٺيان قطعا تصنيف ڪيا:
(1) باجاھه حق چون اين زمان يمنِ شھهِ مسکين نواز،
بگرفت باز اين مقبره زين نو بنا رشدِ گزين؛
از خير آنکس کو بجان صادق غلامِ احمد است،
چون باب خود عبدالکريم در ’زمره ارباب دين؛
سالِ بنايش صبحدم گفته چنين روح القدس،
”بر بانيﻋ اين مقبره باجاه حق صد آفرين.“
1228ھه _ ص 82
(2) اين رشک ارم مقبره سيد مسکين،
بگرفت چو زين تازه بنا تازه فضا زود؛
از خير غلام احمدِ نامي که در احباب،
چون باب کريم است به ھر باب ذوي الجود؛
تاريخ بنائش که ز نو آمده بالخير،
”با خير به از مقبره گو“ ھاتف فرمود.
1228ھه _ ص 100
مٿين قطعن مان معلوم ٿئي ٿو ته سڀ کان پھريون خانقاھه ۾ مقبرو ملا غلام احمد ٺھرايو، جنھن کي اڄ تائين ھر سال ٺٽي جا اھل خير مرمت ڪرائيندا اچن ٿا.
علي آباد جو قلعو: ٽالپرن، سنڌ جي دفاع لاءِ راجپوتانه ۽ ڪوھستان طرف ڪيئي مستحڪم ۽ مضبوط قطلعا پنھنجي دؤر ۾ ٺھرايا.رني ڪوٽ جي قلعي کي نئين سر آباد ڪيائون، تاڪ قلات جي حملن کي اتي روڪي سگهجي، ۽ اھڙيءَ طرح ريگستان جي وسيع سرحد ۾ 8_ 9 قلعا تيار ڪرايائون، تاڪ راجپوتن جي پيش دستن کي سندن سرحد تي ئي ٻنجو ڏيئي سگهجي. چند قلعا اڃا ڪن جاين تي موجود آھن، جن جي طرز تعمير ۽ پختگي ڏسي ٽالپرن جي دفاعي اھتمام ۽ مضبوطيءَ جو داد ڏيڻو پوي ٿو.

(1)نئون ڪوٽ، جنھن جو اصل نالو فتح ڳڙھو، سو مير فتح علي خان، 1204ھه ۾ ٺھرايو، جيڪو اڃا تائين موجود آھي.جھڏي لائين تي، نبي سر ڏانھن ويندي، واٽ تي نئين ڪوٽ جي اسٽيشن اچي ٿي، جتان لھي نئين ڪوٽ جي ڳوٺ ۾ وڃجي ٿو: قلعو موجود آھي، ۽ ڳوٺ به چڱو موچارو آھي.

(2) اسلام ڪوٽ يا اسلام ڳڙھه به ساڳئي سال 1204ھه ۾، مير فتح علي خان، فتح ڳڙھه کان چاليھه ڪوھه پري اتر طرف ٺھرايو؛ اھو به اڄ تائين موجود آھي، ۽ ان نالي سان ڳوٺ ٿر ۾ وڏو واپاري مرڪز آھي.
مير حسن علي خان مصنف ”شاھنامهﻋ سنڌ“ انھن ٻنھي قلعن لاءِ لکي ٿو:
انـــھيءَ طـــــرح دو قلعهﻋ شاھوار، بنا ڪيئين به سرحد يڪ يڪ حصار:
نئون ڪوٽ ھن وقت جنھن کي چون، اھــــــو فــــــــتح ڳڙھه قلعو ٿيو بي سخن؛
ٻيو اسلام ڳڙھه مير جو يادگار، جــڙيا ٿر ۾ ھي ڪوٽ ٻئي استوار.
_ ص 75

(3) رني ڪوٽ، مير ڪرم علي خان جي دؤر ۾، نواب ولي محمد خان لغاريءَ جي نگهداريﻋ ھيٺ، 1812ع ڌاري، نئين سر آباد ٿيو. اھو قلعو، سن جي شھر کان اتر تي 8_ 10 ڪوھه پري ٿيندو؛ مٿي پھاڙ تي آھي؛ موھن جي نئين به منجھانئس ٿي لنگهي؛ تعمير جي قابليت حيرت انگيز حد تائين اٿس، جنھن مان اُن جي تاريخي قدامت ظاھر آھي. مير حسن علي خان انھيءَ ڪوٽ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:
رنيءَ جو ٻڌو ڪوٽ ھوندو اوھان،
ھي ان جي عمارت جو شرح و بيان:
عجب جھڙو ڪوٽ آھه در ڪوھسار،
بزرگن کان منھنجي رھيو يادگار؛
ائين سنگتراشن تراشيا پھڻ،
تراشيو ٿي جيئن بي ستون ڪوھه ڪن؛
سراسر بنا ٿيو ز سنگ رخا،
ٿي ڪوھن ۾ ديوار ان جي بپا؛
بنا ھن تي ان ڪوٽ جي استوار،
بپا ڪيا سوين برج استاد ڪار؛
انھيءَ ڪوٽ جي وچ ۾ محڪم مڪان،
بنا ڪيئون رکيئون شير ڳڙھه ان جو نانءُ؛
جڙي ٻي به ان طرح محڪم سرا،
چون جنھن کي ميري ٿا از ابتدا؛
عجب تر ته ان ڪوٽ جي درميان،
وھي نئين ٿي ان ۾ به آبِ روان؛
قلعي کان ٻھر نئين جي اندر ميان،
نه ڏسندين تون پاڻيءَ جو نام و نشان؛
فقط ڪوٽ جي وچ ۾ ڏسندين تون آب،
درن کان پوءِ ٻاھر سراسر سراب؛
تري ۾ پوءِ ان نئين جي بھرِ گذر،
اُلھندي اڀرندي بيھاريئون ٻه در؛
سوين لوھه جا مڻ مٿس صرف ٿيا،
مگر زور پاڻيءَ جي موڙي ڇڏيا؛
چيئون سترھه لک سترھه سؤ ٿيا ھزار،
ٿيا خرچ ٿيو راس تڏھن حصار؛
درِ آھني ڪين ٿيا ڪارگر،
رھڻ ات تڏھن ٿيو به دشوار تر؛
اچيو ڪوٽ ڀي ڪم وڃي گاه گاه،
نه ڄاڻو قلعو محض بيڪار آھه.
_ ص 92

رنيءَ ڪوٽ جي نئين سر آبادي واقعي ميرن جي تعميري ڪاوشن ۽ قابليتن جو قابل تعريف يادگار آھي. اُن مان وھندڙ نئين موھن کي جنھن نموني تي قلعي ۾ اندر بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪيل آھي، سو پڻ ڪاريگريءَ جو تعجب انگيز مثال آھي. نئين جو قلعي کان ٻاھر ٻيو ڪوبه رخ نظر ڪونه ٿو اچي، جنھن مان دشمن فائدو وٺي سگهي ھا.
اھڙيءَ طرح ڪوھستان خواه راجپوتانا جي سرحدن تي ميرن ڪيئي قلعا جوڙايا. ٿر جي سرحد وارن قلعن جي مضبوط قطار، راجپوتن کي سيخ پا ڪيو؛ گهڻو ئي اعتراض ڪيائون، ليڪن ميرن ٻُڌي اڻ ٻُڌي ڪري پنھنجو دفاعي بندوبست سمورو پورو ڪري ڇڏيو؛ جنھن بعد جوڌپور ۽ بيڪانير طرفان ھر قسم جي حملي جو خطرو ھميشه لاءِ دور ٿي ويو.
ميرن جي انھن چند قطلعن جا نالا تاريخ ۾ ملن ٿا؛ پر ڪن ڪوٽن جا نالا ئي تاريخ جي صفحن تان مفقود آھن، جيئن ته قلعي علي آباد جو نالو تاريخ ۾ موجود ڪونه آھي. اھو قلعو مير ڪرم علي خان ٺھرايو. قلعو ڪٿي ٺھيو، ان جو پتو ڪونه آھي؛ البته مير ’مائل‘ جي بياض مان تعمير جي تاريخ جا قطعا ملن ٿا(1).

(1)صد شکر حق که يمن نبي و علي و آل،
کز يمن شان شھانِ زمان اند نامدار؛
شاهِ زمان کرم علي شه مراد بخش،
فرمان رواي سند بصد عز و اقتدار؛
روشن چو مھر و ماه ز انوار خسروي،
والا نسب خجسته حسب عالي التبار؛
يکدل به بزم و رزم بھم ھمچو جسم و جان،
از يک دلي بشاھد عيش و ظفر دو چار:
کردند طرح برسرِ کوھي فلک شکوه،
با صد شکوه تازه فصلِ جھان مدار؛
گردون بنا وسيع فضا ما من الورى،
خيبر نما قرص صفاً در صفِ شمار؛
از بسکه در عمارت سنگين نموده اند،
سنگين بکوه آمده ھر سنگ اين حصار؛
از بسکه اين حصار فلک رفعت آمده،
بگرفته زو حصار فلک تازه افتخار؛
فکرِ رسا برفعت شانش نمي رسد،
گر حرفِ وصف او بکند جمله روزگار؛
تا سرفراز جمله حصارِ جھان شده،
سر کوبيﻋ عدوي شھان کرده اختيار؛
عالي حصار آنکه بھر برج باره اش،
ميبارد از حصار فلک فضل کردگار؛
ھر شير ھمچو روبـﮧ گريزان شود ز وي،
گيرد ببرج سير گرش کرگسي قرار؛
حصرِ صفات محکميش کي توان نمود،
باشد به روم و روس کجا ھم چنين حصار؛
عونِ علي چو ساختـﮧ آباد از کرم،
بگرفتـﮧ طرفه با ”علي آباد“ اشتھار؛
من جاءَ فيـﮧ کان لـﮧ الامن من ھموم،
نقش است روي باب بلندش بصر نگار؛
ھوش و خرد بطول صفايش چو ماند گم،
ديده دلم بسال بنايش در انتظار؛
سال شروع اين علي آباد نام حصن،
بھرِ نشان نامِ شھانِ نکو شعار؛
فرمود بامراد چنين صبحدم خرد،
”کرد از کرم علي آباد اين حصار“:
تا برقرار باد حصار فلک مدام،
باد اين حصار و شاھه شھان دائم القرار!
_ ص 78

اھو قلعو ڪنھن پھاڙ تي ٺھرايو ويو ھو. تمام ڪشادو ۽ مضبوط ھو. شان شڪوه ۾ به بيمثل ھو. سڄو پٿر جو ٺھيل ھو، ۽ ايڏو محفوظ ۽ مضبوط ھو، جو ڇڙو ڳجھه قلعي جي مٿان ويھي رھي، ته شينھن به لومڙ وانگر دُم دٻائي ڀڄي وڃي. مير ’مائل‘ مبالغي جي حد ڪري ڇڏي آھي، جڏھن لکي ٿو ته انھيءَ قلعي جو مثال روم ۽ روس ۾ به ڪونه ھوندو!
(2) خوش به رشدِ کرم زعونِ علي، بمراد شه اين گزين حصن اســــت؛
نامور زين شـــھان نيـــــکو نـــــام، علي آباد نام اين حـــصن اســــــت؛
بسکه بر کوهِ آسمان فرسا وسعت، در نظر آسمان زمين حــصن اســـــــت؛
آسمان رفعت و زمين وســـــعت، کي بروي زمين چنين حـــصن است؛
با کــــــــــمالِ مـــــتانت و رفـــــعت، حبذا آسمان قرين حـــصن اســــــت؛
بسکه آباديش ز حفظ علي ست، ھمچو حصنِ حصين ھمين حصن است؛
تــــــا ســـــر فـــــتنه از ســـــرش بـــــرد، طرفه سر کوب خصم اين حصن است؛
بــھرِفتح المبين ديـــــن مـــــتين، ھـــــمچو ياسين به سي مبين حصن است؛

گفـــــت ســـــال درســــتيشِھاتف، ”عـــلي آباد بھه متين حصن است“؛
1234ھه
حـــــق کند عافيت قرين شـــــھان، الحق اين عافيت قرين حصن است؛
ورد ’مائل‘ بحق دعـــــاي شھــــــان، ھردم الحق بوصف اين حصن اســـــت؛
اصل آھن چو سنگ مي باشد، طرفه از سنگ آھي حصن اســــت؛
شاه مبين: مير ’مائل‘ ھڪ قطعو لکيو آھي، جيڪو ٺٽي جي مشھور ولي الله، حضرت شاھه مبين رحمـة الله عليـﮧ، جي سلسلي ۾ آھي.حضرت شاھه مبين جنھن کي شاھه منبو به سڏيو وڃي ٿو، سو حضرت غوث الثقلين جي اولاد مان ھو، ۽ شاھ حسين ارغون جي ڏينھن ۾ (927ھه) سيد شڪرالله شيرازيءَ سان گڏجي ٺٽي ۾ آيو. سيد ڪمال شيرازي ۽ شاھه عبدالله حسيني به انھيءَ سنگت ساڻ ھتي آيا. قاضي سيد شڪرالله ۽ شاھه صاحب جي وچ ۾، تحفـة الڪرام جي لکڻ مطابق، ڏاڍو گهرو مٺ _ محبت جو رستو ھو (3/245). مير علي شير لکي ٿو ته:
”حصور و مجرد در گذشت، کراماتش اظھر و خوارق آياتش اشھر، زيارتش برآرندهﻋ حاجات عموم خلق الله“. _ ص 3/245
ھيءُ بزرگ، ٺٽي ۾ پنھنجي ھڪ مريد جي گهر ۾ اچي رھيو؛ جڏھن انتقال ڪيائين ته سندس لاش انھيءَ گهر ۾ ئي دفن ڪيو ويو. جنھن مريد وٽ رھيو، اھو ۽ ان جي والده به سندس پيرانديءَ کان دفن ٿيل آھن. گويا جتي ھاڻي مقبرو آھي، دراصل اِھو اُھو گهر آھي جنھن ۾ بزرگ قيام پذير ٿيو. اھو گهر (يعني، اھو مقبرو) گدا بازار ۾ ھو؛ انھيءَ محلي کي ئي محله گدا بازار سڏيو ويندو ھو: اڄ اھو پير منبي جو محلو ڪري سڏجي ٿو. تحفـة الطاھرين جي مصنف ھنن القابن سان درويش کي ياد ڪيو آھي:
زبدهﻋ عارفان کامل، سلاله واصلات اھل دل، مخزن ھدايت، معدن ولايت، شاھباز اوج جبروت، محرم خلوت سراي لاھوت، نخلبند گلستان توحيد، رنگ بخش بوستان تفريد، شارب رحيق تحقيق، سالک مسالک توفيق“ قدوة الموحدان وارسته، حضرت سيد منبه .................. “
اڳتي ھلي لکي ٿو ته:
”گم گشتگان تبه حالات را بشھرستان ھدايت رھبري مي فرمود، و سر گشتگان ظلمت جھالت را بشغل معرفت راه مي نمود، مقامات عاليش ازان بلند تر است، که طائرِکلک بر اوج بيانش پرواز نمايد و مرغ بيان بر فراز اوصافش بال پرواز کشايد“.
سندس مرزا جي زيارت لاءِ لکي ٿو:
”مزار فيض آثارش مھبط انوار الاھي، و مرقد پر انوارش محل تجليات لامتنھائي است، سائلان در گاھيش را ھردم گلِ اميد بدامان، و آب مراد در زير ران“. _ ص 84
سيد شڪرالله، اسان جي شاعر سيد غلام علي ’مائل‘ جو وڏو ڏاڏو ھو، ۽ سيد مبين ان جو ساٿي، سنگتي ۽ محبتي ھو؛ تنھنڪري مير صاحب پنھنجي ھيٺئين قطعي ۾ انتھائي معتقدانه جذبات پيش ڪيا آھن؛ اھو قطعو زيارت ڪندي ڪندي، شاعر، مزار پر انوار جي ضيا بارين ۽ تجليات کان متاثر ٿي لکيو آھي؛ فرمائي ٿو:
بدر گاھت اي شاهِ سيد مبين، مرا از قديم است چو راھي نياز؛
ازين راهو رســــمِ نــــيازِ قــــديــــم، که دارم بدرگاهت از فرطِ ناز؛
بـــه تــــقدير عــــجــــز و نــــياز دلــــم، به رويم بــفرمــــا درِ فــــيض بــــاز؛
که سازم بدرگاه، فيضِ تو عرض، ز عــــجز و نــــيازِ دلــــي جــمله راز؛
بــــس اين عرض عجز است ز ”مائل“ بحق،
ببــــين عـــــجزم اي شـــــاه عـــــاجز نـــــواز. _ص119
قطعي ۾ تخاطب ائين ڪيو اٿائين ڄڻ پاڻ شاهه مبين جي دربار ۾ حاضر آهي، ۽ سندس روبرو پنهنجا معروضات پيش ڪري رهيو آهي.

3_ سنڌ جا سياسي ۽ سماجي واقعا

مير’مائل‘ جي بياض ۾، انهيءَ زماني جي سياسي ۽ سماجي واقعن تي پڻ ڪيترا قطعا ملن ٿا، جن کي سنڌ جي تاريخ ۾ هر لحاظ سان اهميت حاصل آهن. هن هيٺ ترتيبوار اُهي قطعا پيش ڪجن ٿا.

زمان شاهه افغان:
نادر شاهه جي ڪاهه کان پوءِ سنڌ جي دامن دهليءَ کان ڇٽي، ليڪن وري وڃي افغانن سان اٽڪي. نادرشاهه جي قتل بعد، افغانستان ۾ درانين جي حڪومت قائم ٿي. سنڌ، حسب دستور، ڪلهوڙن واري رسم رواج کي ٽالپري عهد ۾ به قائم رکندي آئي. احمد شاهه ابداليءَ بعد، تيمور شاهه تخت تي ويٺو. ان جي زماني ۾، سنڌ سان سندس نئون عهد نامو ٿيو؛ اهو عهد نامو 1207هه (1792ع) شڪارپور ۾ ٿيو، ۽ سنڌ جي حڪومت جو پروانو، هڪ جوهر دار تلوار ۽ هڪ هاٿيءَ سميت، مير فتح علي خان تي عنايت ٿيو. جنهن جي قيمت ۾ 24 لک رپيا سنڌ بقايا ۾ ڏيڻ قبول ڪيا. تيمور شاهه کان پوءِ زمان شاهه تخت تي ويٺو؛ ليڪن سخت ظالم ۽ خونخوار هو، جنهنڪري افغانن ان کي لاهي، ان جي ڀاءُ شجاع الملڪ کي تخت تي ويهاريو. زمان شاهه تخت تي ويهندي شرط ڍل جي وصوليءَ لاءِ سنڌ تي ڪاهه ڪئي، ليڪن پٺيان جي انتشار سبب کيس واٽ تان ئي موٽڻو پيو. مير ’مائل‘ انهيءَ خوشيءَ ۾ هڪ قطعو چيو آهي:
چڱويم ز تشريف شه سوي سند، که در شـــور تشريف يکماه رفــــت؛
ولــــي بــــاز آمــــد بخير اين خبر، که واپـــس ز ره شاه جمجاه رفــــت؛
مگر بهر پيش آمدِ فوج شاه، ز دلــــهادي مــــا لــــشکرِ آه رفــــت؛
بين حــــکم شاھنشهِ عــــالمين، که حکمش چسان برسرِ شاه رفت!
بوجه طرب سال اين خوش خبر، بــــفرمود ھــــاتف ”شــه از راه رفت“.
1208ھه
ڀانئجي ٿو ته عھدنامي موجب، جيڪا ڍل سنڌ جي حڪومت کي ڏيڻي ھئي، سا پھچي ڪانه سگهي، جنھنڪري زمان شاھه چڙھائي ڪئي ھئي. 1218ھه (1803ع) ۾ شاھه شجاع الملڪ سان وري عھدنامو ٿيو، جنھن مطابق 10 لک روپيا روڪ ھن بقايا ۾ وصول ڪيا، ۽ 5 لک سالياني جو واعدو ٿيو. اھو عھدنامو مير غلام علي خان سان ٿيو. شجاع الملڪ جي حالت به گهرو لڙائيءَ سبب ڪمزور ٿي ويئي، جنھنڪري 1240ھه (1824ع) ۾ آخري طرح سنڌ پنھنجي جند ھميشـﮧ لاءِ ڇڏائي ڇڏي، ۽ نه فقط ايترو بلڪ شڪارپور جو صوبو جيڪو ھميشـﮧ کان وٺي افعانستان جو ھڪ حصو ٿي ويو ھو، سو به اتان آزاد ڪرائي، سنڌ سان شامل ڪيو ويو.
مير ’مائل‘ زمان جي موٽڻ تي ٻــــيو بــــه قــــطعو تــــصنيف ڪـــيو:
شاھا بتو اين مرﱞده نو باد مبارڪ، واز بھر شھان فتح خداداد مبارک؛
زين مرﱞده که رفت واپس از سند، ساھنشهِ دين با تو فرستاد مـــــبارک!
_ ص 88

ايران سان تعلقات:
سنڌ جي ٽالپري حڪومت جا ايراني حڪومت سان دوستانه تعلقات تمام استوار ھئا. سفيرن وڪيلن جي به ڏي _ وٺ ٿيندي رھندي ھئي. سوکڙيون پاکڙيون به ھڪٻئي ڏانھن اينديون وينديون ھيون. غالباً انھن تعلقاتن جو اھو نتيجو نڪتو جو ايراني تمدن سنڌ جي درٻار تي ڇانئجي ويو، جنھن ٽالپرن جي مذھبي اعتماد تي به اثر ڪيو، ۽ منجھانئن ڪي شيعيت ڏانھن مائل ٿي ويا. مشي آوتراءِ پنھنجي ڪتاب ”سنڌ جا مير“ ۾ لکي ٿو ته ”ٽالپر ڏاڏي پوٽي مڙيئي مذھب جا سني ھئا، مير نصير خان کان سواءِ، جو شيعو ھو ۽ تابوت جھنڊا وغيره ڪڍندو ھو“ (ص 41) اھا ساڳي راءِ ڊاڪٽر برنس به لکي آھي:
“The Talpurs were originally Soonnees like Balochees and Sindhians in general. But their connection with Persia has infected the court with the heresies of that kingdom: and with the exception of Muradali & Sobdar, who are Still attached to the orthodox doctrines, they have become Sheah,s or followers of Ali” . P. 81
مٿينءَ شھادت مان به معلوم ٿئي ٿو ته ٽالپرن ابي ڏاڏي ته شيعا ڪونه ھئا، ليڪن ايراني دربار سان دوستانه وابستگيءَ سبب منجھن اھو اثر آيو؛ مگر تنھن ھوندي به منجھانئن ڪي حڪمران پنھنجي اصلوڪي عقيدي تي قائم رھيا.
ٽالپرن ايران ڏانھن سفيرن موڪلڻ جو سلسلو غالباً سڀ کان پھريون 1214ھه ۾ شروع ڪيو. ان وقت ايران جو بادشاھه فتح علي شاھه قاچار ھو. ميرن مرزا محمد عليءَ نالي ھڪ وڪيل ايران موڪليو، جيڪو واپسيءَ ۾ مرزا اسماعيل نالي ايراني سفير ورتيون آيو. انھيءَ کان پوءِ اھا آمدرفت برابر قائم رھي. مير ڪرم علي خان جي زماني ۾ ملا محمد اسماعيل سفارت وٺي ويو ھو، جيڪو واپسيءَ ۾ پاڻ سان گڏ خسروخان گرجي خريد ڪيون ورتيون آيو، جيڪو اڳتي ھلي سنڌ جو وزير ۽ امير ٿيو.
پھرئين سفير مرزا محمد عليءَ جي واپسيءَ ۽ ايراني سفير مرزا محمد اسماعيل جي آمد تي اسان جي شاعر، مير ’مائل‘، ھيٺيان قطعا تصنيف ڪيا:
_قطعه در مبارک باد آمدن ميرزا محمد علي وکيل از ايران،
بمعه وکيل سلطان فتح علي خان قاچار _
بـــنازم کز ايــــران دگــــر در وطــــن، مــــحــــمد عــــلي مــــيرزا آمــــده؛
چو ھنگام رفتن دعا خواه بـــود، خــــدا کــــرد بــــا مــــدعــــا آمـــده؛
ز سلطان ايــــران گــــرفته وکــــيــــل، بــــاقــــبال شــاھــــانِ مـا آمــــده؛
خوش آمد که خوشنودي طبع من، ز بــــشنيدنِ ايــــن صـدا آمده؛
دلِ مـن بشکرانهﻋ ايــــن نــــويــــد، بــشارت دھهِ مــــرحــــبا آمــــده؛
بحمد الله کاين مسلمِپاک دين، ســــلامــــت بــــحــــفظ خدا آمده؛
فــــبــــلــــغ دعــــــــاي الـــــــى مــــن لـﮧ، نــويــــدِ حــــصولِ رجــــا آمــــده؛
فــــبلّغ تســــاليم شــــوقــــي الــــيـﮧ، پيامم به پيکِ صــــبا آمده؛
بــــبــــزمِشــــھــان با روي سرخرو، ز ’مائل‘ بحق اين دعا آمده؛
_ ص 186
_قطعه مبارک باد تاريخ تشريف آوريﻋ ميرزا محمد اسماعيل وکيل سلطان ايران در سند _

مرﱞده اي دل کاين زمان از حضرت خاقان و شاه،
مرﱞده تشريف مرزاي بما خوش آمده؛
ميرزايم سيد اسماعيل ذوالمجد و شرف،
بارک الله خير مقدم مرحبا خوش آمده؛
خوش ز سمتِ شاهِ ايران جانبِ شاھانِ سند،
از صداقت آن وکيلِ با صفا خوش آمد؛
در قدومِ پر نشاطِ آن نشاط افزاي دل،
گفت از شادي دلم صبح و مسا خوش آمده؛
از صداقت شاد دل آمد ز ايران چون بسند،
شاديﻋ دوران بکامِ اصدقا خوش آمده:
سال تشريفِ شريفش زان مکان در ملک سند،
چون ز دل جستم بگفتا ”ميرزا خوش آمده“:
1214ھه
باد دائم فضل حق بر مدعايش کام بخش،
از دلِ’مائل‘ بحق عرضِ دعا خوش آمده! _ص 118
ميرن جو وڪيل، مرزا محمد علي، خود ايراني نسل جو معلوم ٿئي ٿو. ايران سان تعلقات ڪلھوڙن جا به ھئا، ليڪن تمدن جا اثرات ھنن قبول نه ڪيا، ۽ پڇاڙيءَ تائين ٺيٺ سنڌي رھيا. نادرشاھه جي ڪاھه کان پوءِ ايرانين جي آمدرفت جو سلسلو ٻيھر تازو ٿيو ھو؛ نادرشاھه جا ڪيترا وڪيل وصوليءَ لاءِ ھتي آيا، جن مان آقا محمد ڪريم صفاھاني به ھڪ ھو، جيڪو وڪالت ڇڏي سنڌ ۾ رھي پيو. ڪلھوڙن جا به وڪيل ايران ويندا ھئا. مير ابراھيم شاھه ڪلھوڙن جي دور جو سنڌي سفير ھو، جيڪو حڪومت طرفان ڪيئي دفعا ايران ۽ خراسان ويو. انھيءَ آمد و رفت جي سلسلي ۾ مرزا محمد عليءَ جو خاندان به ھتي آيل ٿو ڏسجي، ۽ ٽالپري دور ۾ ھو سنڌ مان پھريون وڪيل ٿي ايران ويو، ۽ ٻنھي حڪومتن جي نئين سر دوستي قائم ڪرايائين.
عمرڪوٽ جي فتح: عمرڪوٽ ڪلھوڙن جي حڪومت ۾ شامل ھو. ميان عبدالنبيءَ جي چوڻ تي، جڏھن جوڌپور جي راجا پنھنجا ٻه ماڻھو موڪلي مير بجارخان کي 1194ھه (1781ع) ۾ شھيد ڪرايو، تڏھن ميان انھيءَ معاوضيءَ ۾ بطور شڪراني جي، عمرڪوٽ جو شھر ۽ آسپاس جو علائقو راجا کي ڏيئي ڇڏيو.
ھالاڻيءَ واريءَ جنگ جو نتيجو جڏھن جوڌپور جي راجا کي معلوم ٿيو، ان وقت ھن عمرڪوٽ تي مڪمل طرح پنھنجي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ راجپوتن جو چونڊ لشڪر قلعي جي حفاظت لاءِ موڪليو. مير فتح علي خان جڏھن اھا خبر پيئي، تڏھن جيتوڻيڪ ھالاڻيءَ واريءَ جنگ کان پوءِ سندس لشڪر ٽڙي پکڙي ويو ھو، تاھم ڪجھه سپاھي گڏ ڪري، ھن مير سھراب خان جي ننڍي ڀاءُ مير غلام محمد خان جي ڪمان ھيٺ ڏياري موڪليا. مير صاحب جوانمرديءَ سان وڃي مقابلو ڪيو، پر جنگ ۾ ٽالپري لشڪر کي شڪست آئي ۽ مير غلام محمد پاڻ به شھيد ٿي ويو. مير فتح علي خان اھا خبر ٻڌي، پاڻ لشڪر سميت اوڏانھن روانو ٿيو. ليڪن جيسين پھچي پھچي، ان کان اڳ راجپوت قلعو خالي ڪري ھليا ويا، جنھنڪري مير صاحب موٽي آيو. اھو قلعو تقريباً 1201ھه يا 1202ھه ۾ ٿيو، پر ان کان پوءِ به ڀانئجي ٿو ته راجپوتن جو قبضو عمرڪوٽ تي رھندو آيو.
مير ڪرم علي خان جي زماني ۾، مير سهراب خان، مير صاحب کي عمرڪوٽ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ اڀاريو. مير سهراب خان کي راجپوتن ڏانهن پنهنجي ڀاءُ جو وير رهيل هو، سو سالن کان وٺي تمنا هيس ته عمرڪوٽ فتح ڪري، راجپوتن کان اهو وير وٺجي. نيٺ مير ڪرم علي خان پنهنجو لشڪر تيار ڪيو؛ هوڏانهن مير سهراب خان به تياري ڪئي. اهي خبرون جوڌپور جي راجا کي به پيون. انهيءَ زماني ۾ ٽونڪ جو نواب، امير خان روهليو، راجپوتن جو وڏو مددگار هو؛ راجا ان کان مدد طلب ڪئي. مير ڪرم علي خان کي جڏهن خبر پيئي، تڏهن هن ڏانهن فارسي نظم ۾ هڪ دردناڪ خط لکي موڪليو. مير حسن علي، سنڌ جي شاهنامي ۾ لکي ٿو:
انهيءَ وقت روهليو هو ميرخان،
مدد تي ٿيو راضي ۽ همداستان؛
ٻڌي مير صاحب به ايها خبر،
ته ڪئي ميرخان شر تي محڪم ڪمر؛
لکيو ان ڏي خط هڪڙو يا آب وتاب،
ته”بيدار ٿي، ناهي هن وقت خواب؛
مسلمان آهين بدينِ نبي،
مسلمان تي ڪينءَ ٿو ٿئين اجنبي؛
خدا کي تون ڏس، ڪهڙو ڏيندين جواب،
جتي ڏيڻو آهي حساب و ڪتاب؛
بکفار دين گشتهﻋ همرڪاب،
رسولِ خدا را چه گوئي حساب!“
_ص 91
مير صاحب قادر الڪلام فارسي شاعر ھو. چوندا آھن: ”از دل خيزد بر دل ريزد“ _ جڏھن خط وڃي امير خان کي مليو، ان وقت اميرخان جون اکيون کلي ويون: ھونءَ به مرد مجاھد ۽ پڪو مسلمان ھو، تنھن راجا ڏي جواب ڏياري موڪليو(1).
ھيڏانھن ٻنھي ميرن پنھنجا پنھنجا لشڪر تيار ڪيا؛ مير حسن علي خان لکي ٿو:
ٿيو حڪم لشڪر جي جمع آوري، وڃي راجــــــپوتن تـــــــي ڪـــــن داوري؛
ولــــي مــــحمد جــــو ھــــو نــــامـــور، ٻيو طاھر جو ھو جنگ جــــو شــير نر؛
روانا پوءِ في الفور ٿيا باسپاھه، عمر ڪوٽ جي ڏس ورتائون راه.
_ ص 91
مير ’مائل‘جي بياض ۾ انھيءَ جنگ تي ھڪ تاريخي فتح نامو آھي، جيڪو اڳتي ھلي پيش ڪنداسين؛ ليڪن ان کان ريادھه اھم ٻيو منجھس تاريخي دستاويز آھي، جيڪو معلوم ٿئي ٿو ته مير ڪرم علي خان جو يا مير مراد علي خان جو لکيل آھي، ۽ جنگ جي سموري روئداد ان ۾ ڏنل آھي. انھيءَ نثري دستاويز جا اھم حصا ھي آھن:
(1)عمرڪوٽ جي فتح لاءِ جيڪو لشڪر عمرڪوٽ روانو ٿيو، ان جا سرڪردا ھي ھئا:
برادران مھربان: ميان ڄام خان، ميان ولھيو خان،
ميان غلام علي خان، ميان ڪرم خان، ۽
اخوت پناھان: ميان ولي محمد لغاري، موسى کٽياڻ،
بھادر خان کوکر، دريا خان نظاماڻي، فضل محمد ٽالپر؛
سيادت و شرافت پناه: مير علي اڪبر؛
فدوي شعار ان: طاھر ۽ ڇٽو خدمتگار، ۽ الھه بخش
خدمتگار، برادرم مھربان مير ٺاري خان جي طرفان؛ ۽
سيادت و شرافت پناه: سيد گولوشاھه، عمويم صاحب
مھربان مير سھراب خان جي طرفان.
مٿين القابن مان معلوم پيو ٿئي ته اھا روئداد ضرور ڪنھن حڪمران ٽالپرن جي لکيل آھي؛ ازانسواءِ ھي فقرو پڻ ان ۾ اتي لکيل آھي، جيڪو به ان ڳالھه جي تصديق ڪري ٿو: ”براي تسخير قلع مذکور و قلع قمع بتخانهﻋ ھستيﻋ کفار فجار تعين و تزئين نموديم.“
(2)اھو قلعو ٽيھه ورھيه راجپوتن جي حوالي ھو.
(3) عمرڪوٽ جي علائقي ۾، ان وقت سخت ڏڪار ھو؛ گاھه جو ھڪ ڪک ۽ اَن جو ھڪ داڻو به مھيا ڪونه ٿي ٿيو.
”در آن مرزبوم آشيانهﻋ بم، از ممر خشک سالي قحط غله نوعي رخ نما بود که يکدانه غله پيدا نمي شد، و قلت گياه بحدي ھويدا بود که خلالي بدست کسي نمي رسيد“.
(4) ٽالپري لشڪر، ھيٺينءَ طرح پنھنجا بندوبست ڪيا: ”غازيان ظفر نشان خيام گلگون و سراوقات رنگا رنگ ”بر افراشته “ آن زمين را چون چمن چمن رنگين ومانند فضاي گلشن ”طراوت آگين“ ساختند، و ھزاران شتران گيــــــــــــــــاه از مــــــــســــافـــــــــــت صــــــــــــدھــــــــــــاي کــــــــــــروه آورده، ”تودھاي“ کوه نما مھيا ساخته، ھزاران خروار از اجناس غلات فراھم آورده انبارھا کرده، واسطهﻋ آسائش آدميان و دواب نمودند“.
(5) جنگ جو نقشو انهي دستاويز ۾ هن طرح ڏنو ويو آهي:
”گولهاي توب وتفنگ قلعه گيان رامانند قطرات باران رحمت انگاشته پيشتر رفته، سلامت کوچه هاري کنديده، بعضي بمفاصلهء بيست قدم وبرخي بمفاصلهء پانزده قدم، و نبذي به مسافتها قدم قلعه را از هر چهار طرف چون نقطهء پرکار در دائرهء محاصره سخت گرفته، دمدمه هاي قائم نموده، يکطرف جزنا (؟) ضرب توبخانه و خم پارها مانند لوارق (؟) آسماني بر وري زمين درخشيدن و دودشان بسان ابر بر روي فلک پوشيدن و گوله هاي مانند تگرگ بالاي قلعه باريدن، و صدي اتواب زهره اعداي را دريدن گرفت. و از يکطرف تبرزنان گزين کار، که در تراشيدن کوه و هامون فرهاد را ديوانه و مجنون مي دانند، بکار گنجِ گاد و نواقب تعين کردند، نقب زنان کوه کن مانند غواص بحار در زمين غوط زدند، و يک نقب را از زير خندق قلعه را بقدر بيست دست عمق داشت، رسانيدند، از ضرب تيشهء آنها آوازي از گاو زمين برخواست، وبگوش کفاران گاو پرست رسيد، کفار فجار از آنجا بکندگي خندق روي نقب مذکور را ضايع کردند، غافل از اينکه باز اجل از سوراخ ديگر برسد و برق بلا از آسمان بر خرمن حيات شان مي افتد، در جنگ توب و تفنگ پيش از پيش چستي وچالاکي بکار بردند، سرکردگان لشکر ظفر پيکر، بنا بر رخصت جلو بر قلعه دم بدم معروض مي داشتند، از حضور ممانعت صادري شد، که بر قلعه جلو نکنند، مبادا کي سپاهي ضايع بشود، از آن قرار غازيان پيل تن و بهادران کوه افگن، در ضرب و شلق توبخانه دران نقب هاي چنان کوششات دليرانه بکار بردند، که ديوار قلعه بقدر بيست دست بر زمين افتاد و سونه لله گوله انداز، که سر حلقه مُفسدان بود، بر خاک عدم غلطيد، بطرفي ديگر بعضي نقب زنان تيز دستي بکار برده يک نقب به اهتمام اخوت پناهان موسيٰ کهتيان، وبهادر خان کهو کهر، و دريا خان نظاماني، و فدويت شعاران طاهر و چُهته خدمتگاران از پشت کهائي به عمق پنج دام کنديده(1) از خندق غرب کهائي دهانيده، در برج قلعه فروبرده، در آنجا حوض عظيم ترتيب داده پنجاه خرواري باروت ريخته آتش داد، خشت خشت برج قلعه را چون کاغذ بادي بر هوا پرانيدند، چند کس کفار فجار در همان برج بگور هلاکت تدفين يافتند، در اين اثنا دلاوران ديهک جو داد مردانگي داده جلو ريز شده، بر کنگرهاي کلان چسپيده در صدد آن شدند، که بالاي قلعه برآمده قلعه گيانرا طعمهء تيغ بي دريغ سازند، همان وقت کفار فجار تصاوير مرگ را از هر طرف ديوار قلعه ديده، بانگ ملک الموت را بگوش جان شنيده بعضي از ديوار شکستهء توبحانه رو بفرار نهادند.
چنان ترسناک و حراسان گريخت
کـــــــه زُنَار را از گــــــراني گسيخت.
و اکثري زنار خود پرستي را از گردن جان گسيخته داغ اطاعت و انقياد را قشقه وار زينت ناصيه اقتضار خود ساخته از قلعه برون آمده، الامان الامان گويان نزد سرکرده هاي عساکر منصوره آمد، مکاليد قلعه را معه اسلاح خود تسليم قلع کشايان فيروزمند ساختند، و اُمان جان خواستند، غازيان شير شکار بمقتضادي عفومن الاقتدار جان بخشي آنها نموده، از قلع اخراج دارند، وقلعه را تحت تصرف خود آوردند.“
(6) انهيءَ فتح بعد دستاويز ۾ رکيل آهي ته ٽالپر سرڪردن، قلعي ۾ پنهنجو قلعه دار مقرر ڪيو؛ تحفظ لاءِ ڪجهه لشڪر به ڇڏيائون ۽ علائقي جو انتظام ڪري پٺتي خير سلامتيءَ سان موٽي آيا.
(7) انهيءَ دستاويز جي تحرير جي تاريخ ماه ربيع الاول 1228هه آهي. ڪنهن به تاريخ ۾ انهيءَ جنگ جو چشمديد حال ڏنل ڪونه آهي، فقط هيءَ ئي هڪ تحرير آهي، جنهن مان انهيءَ جنگ جو مفصل حال معلوم ٿئي ٿو، ۽ انهن جرنيلن جي فهرست به ملي ٿي، جيڪي انهيءَ معرڪي ۾ شامل هئا. مرزا قليچ بيگ، عمرڪوٽ جو فتح جو سال 1229هه لکيو آهي، جيڪو هن تحرير جي ڏسڻ کان پوءِ غلط ثابت ٿئي ٿو؛ انهيءَ معرڪي جو مهينو به هن مان ئي ملي ٿو.
مير’مائل‘ هيءَ تحرير پنهنجي بياض ۾ بطور ياد داشت جي نقل ڪئي آهي، منهنجو ذاتي خيال آهي ته اها تحرير ٽالپر حڪمرانن مان ڪنهن لکي آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ انهيءَ فتح جي خوشيءَ ۾، چراغ بندي ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ويو آهي: تحرير جو خاتمو هن فقري تي ٿئي ٿو:
”بايد که شکرانه اين مرتبت عظميٰ را برخود لازم داشته شاديانه شادي بلند آوازه و در هر شهر چراغ بندي نمايند، و خاطر خود جمعداشته احوالات را معروض داشته باشند، درين باب تاکيد تمام دانند.“
مير’مائل‘، انهيءَ فتح تي طولاني قطعو چيو آهي، جنهن ۾ پڻ سال 1228هه ڏنو ويو آهي:
صد شکر حق که کرد بکام دوام فتح،
زين فتح تازه شهره آفاق نام فتح؛
فتحي که هست فتح عمرکوت نام او،
در افتتاح دين متين خوش بکام فتح؛
فتحي که خوش بحرمتش از مدعا فزود،
فتح المبينِ دين بجهان احترام فتح؛
فتحي که دين مير محمد عيان نمود،
در هر مکان بيارش از اهتمام فتح؛
زين فتح دين که کردش کفر برطرف،
آمد بکام امت خيرالانام فتح؛
زين فتح دبن که بهر شهان نظم تازه داد،
آمد مُمُدِ شاهيء شان انتظام فتح؛
زين فتح دين که مرﱞده دهِ صد فتوح نواست،
بادا رفيق فوج شهان هر مقام فتح؛
منصور حق کرم علي شام ذوالحشم،
کافزوده شوکتِ شهيش احتشام فتح؛
فيروز دين مراد علي مير نامدار،
کز يمن نامش آمده حاصل مدام فتح؛
آن يک بعزم رزم سليمان شکوه دهر،
وان ديگري چو آصف دوران بکام فتح؛
خوشتر بعهد دولت و اقبال شان نمود،
روشن بدهر فتح عمرکوت نام فتح؛
صد آفرين بجمله سرانِ قشون شاه،
بودند بسکه جمله مدارالمهام فتح؛
نازم که روز فتح شما قوم راجپوت،
پامال همچو نقش قدم ز ارﱞدهام فتح؛
خاصه بحضرتِ شهِ ما ذوالکرم که داد،
باصد کرم عليش ز حق مستدام فتح؛
يعني به هر وغا علي از مکرمت بداد،
در دست غازيان قشونش زمام فتح؛
تا مقتداي تازه فتوحات نو شود،
اين فتح تازه آمده از حق اما فتح؛
چون سال فتح،”فتح عمرکوت“ بودعرض،
1224هه
ز اين بيشتر بروي دعا در پيام فتح؛
+4=1228هه
باد اين نشان فتح کنون نيز در دعا،
معروض حضرتش به بشارات نام فتح؛
تا دستگيريم ابد از مکرمت کند،
بادا به دستش از کرم، شهه ’حسام فتح؛
خــوش در دعـــــــا بـــــســـــلـــّمـﮧ ربّــــــﮧ مـــــدام،
از’مائل‘ حق است حضورش سلام فتح. ص_44

ٽالپرن، پنهنجي دؤرِ حڪومت ۾، سنڌ جا اهي سڀ حصا بزور شمشير وري حاصل ڪيا، جن کي ڪلهوڙن جي آخري نا اهل حڪمرانن، پنهنجي هٿان وڃائي ڇڏيو هو. 1795ع ۾ هنن ڪراچيءَ جو شهر قلات کان واپس ورتو، جنهن کي ڪلهوڙن، خان قلات کي سندس ڀاءُ جي خون بها ۾ ڏيئي ڇڏيو هو. اهڙيءَ طرح شڪارپور، جيڪا مدت مديد کان افغانستان جي دراني حڪمرانن جي حوالي هئي، ان کي به 1824ع ۾ واپس ورتائون. سرحدي راجپوت رياستن جو هميشـﮧ کان سنڌ سان خرخسو هليو ٿي آيو؛ عمر ڪوٽ جي هن فتح اهو خدشو به هميشه لاءِ دور ڪري ڇڏيو.
ڀانئجي ٿو ته 1228هه جي شڪست بعد، راجپوتن ٻيهر عمرڪوٽ جي حدن ۾ انتشار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي: مير ’مائل‘ جي بياض ۾ ٻيو به هڪ قطعو ملي ٿو، جنهن مان 1235هه جو سال برآمد ٿئي ٿو:
.................................. ..................................
.................................. ..................................
.................................. ..................................
.................................. ..................................
بهر پنج وقت دعــا خـــــوش بنـــــا، ”دهه و دو“ امام هديٰ بار ياد!
خصوصــــاً بفوجِ شهِ ذوالـــکـــــــرام، عــلي بالکرم جـــــابجا يار باد!
”به فتح عمر کوت“ از بهر سال، ز الـــــهام روي دعـــــا يـــار باي!
1231هه 4
1231+4=1235هه
ابديار ’مائل‘ بحق چون حق است، دعـــــايــش به اين مدعا يار باد!
_ص 127

مير ’مائل‘، ٻن قطعن کان سواءِ، هڪ طولاني قصيدو به چيو آهي، جنهن ۾ فتوحات جو ذڪر ڪندي، عمرڪوٽ جي فتح تي مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان کي مبارڪون ڏئي ٿو:
ز تشريف جانان بجان مرﱞده باد، چه جــان، بل به جانِ جهان مرﱞده باد!
بجانِ جهان جـاودان زين خــوشي، ز خـــوشنوديﻋ جـــــــــاودان مرﱞده باد!
چه خوشنوديﻋ جــاودان فـــتح ديــن، کزين با همه مومنـــان مـــــرﱞده بـــــاد!
درين مـرﱞده ام گــــفت گـــــويندهﻋ، ز حق از پيﻋ مرﱞده خـــوان مرﱞده بـــاد!
من اين مرﱞده در مرﱞده مي گويمت، کزان دم بـــدم با شهان مرﱞده بــــــاد!
ز تشريف جانان و از فتحِ ديـــــن، بشان بـــر تمناي جان مـــــرﱞده بـــــاد!
چو شهه داد نصرت به بهراميان، به احباب ايــــن خاندان مـــرﱞده بـــــاد!
بود صوبداري چو مخصوص شان، بـــــهر ســـــو...........اوان مـــــرﱞده بــاد!
بر اين مرﱞده که اين مرﱞده فتح علي ست، به آن شام جـــنت مکان مرﱞده باد!
بکام غلامِ عـــــلي نـــــام شـــــهه، ازين فتح نـو في الجنان مرﱞده باد!
ز شاهان پيشين به شاهان حال، زين فتح فرحت نشـــان مرﱞده بـــــاد!
فبشرلَهُم من فـــنوحـــــات ديـــــن، ازين نو بشارت بشـــان مرﱞده بـــــاد!
ازين نـــــو بشارت که آمد ز غيب، بشان با همه دوستـــان مـــرﱞده بـــــاد!
بشاهان ز اين مرﱞده در مرﱞده ام، ز شاهنشهِ دو جهــــــــان مــــرﱞده بـــــاد!
چو هرجاست فتحِ بلوچان سندهه، زحق بهر اين غازيــــان مــــرﱞده بـــــاد!
بشاهان پيﻋ دفع هر شور و شــر، ز نو دفعهﻋ مـــيرخـــــان مـــــرﱞده بـــــاد!

به تخريب ارباب کفر و نــــفـــاق، ز حق بهر اين مــومنان مرﱞده بـــاد!
ز مخذولــيﻋ کفرهﻋ راجـــــپــوت، بهردم به اين مــقبلان مرﱞده بـــــاد!
بشاهان مقبول من عنــــد حـــــق، ز مخذوليﻋ دشــــمــنـــان مــرﱞده باد!
ز اعدا نشان در مکان............ ازين نو نشان هر مکان مرﱞده باد!
فـــــسبحان من خذل اعدائــهــم، ازين تازه نصرت بشان مرﱞده بــاد!
ز انـــــا فتحنا لـــــهم فتح ديـــن، بشاهان اين خوش زمان مرﱞده بــاد!
بـــــود چون کرم بالعلي نامـــور، به آن شاه نام آوران مــــــرﱞده بــــــاد!
قرينِ کرم چون مراد از عـــــلـي، به شهه زين مـــبارک قران مـرﱞده باد!
به آن هردو شه ناظمِ ملک سـندهه، ز تنظيم اين داســتان مرﱞده بـــــــاد!
ز تنظيم ايـــــن داســـــتــان دعــــــا، بشان از دل داعــيان مـــــرﱞده بـــــــــاد!
ازين فتح نو يُمن مـيـــــرِ محمد، به شاهان و شــهزادگان مرﱞده بـــــاد!
لنعم الکرام من عـــلي العظيم، بشه زين کرم جــاودان مرﱞده بــــــاد!
بَعَهدش ز ترويج ديــــنِ مـــتين، ز مسدوديﻋ کــافران مـــــرﱞده بـــــــاد!
همه راجپوتان خدا خوار کــــــــرد، بشه از خواريﻋ شـــان مـــــرﱞده بـــــاد!
بعالم پيﻋ خواريﻋ راجـپوت، ز تشريع اين داســـتان مـــــرﱞده بــــاد!
به آن شيردل شاه مقبول حـــق، ز مخذولي اين سگان مــرﱞده بــــاد!
چو نام فساد از جهان شد بشه، ز گمناميﻋ مفسدان مرﱞده بـــــــــــاد!
ز نصر مَـن الله فــــتح قـــــريـــــب، به آن شاهِ نصرت نشان مرﱞده بــــــــاد!
به آن شاه منصور من عند حق، ز نعم النصير اين زمان مرﱞده بــاد!
خدا گفته چون فاقتلوا المشرکين، بشه دائمه از قتل شان مـــرﱞده بـاد!
ز اقبالش آمد چو اين کــــار راست، به آن مقبلِ کـــــاروان مـــــرﱞده بـــــــاد!
ز عـــــدلــــش که آباد عالم نمــــود، بعالـــــم ازان و امـــــان مـــــرﱞده بـــــاد!
شهنشاهِ ثقلين چـــون يار اوســـت، بشاهيش از انس و جان مرﱞده باد!
چو اخلاص آل از حق ست رســــم خاص، به آن مخلص ٖ خاص شان مرﱞده باد!
محيط ٖ زمين است چو دوران عيش، بدورش ز هفت آسمان مرﱞده بـــــاد!
ز تکريمش آمد چو عالم بکام، به آن بالکرم کـــــامران مرﱞده بـــــاد!
فَــکَــرّمُ هُـــــوَ بالکرم يـــــا کـــــريم، بوي زين دعا هر زمـان مرﱞده بـــــاد!
چو شغل ٖ دلم حمد حق در دعاسـت، ز آمين به اين جملـﮧ خوان مرﱞده باد!
به شه در دعاي عـــــطـاي خـــــــلف، ز يعطـي لـﮧ المستعان مرﱞده بـــــاد!
بود مرﱞده در مرﱞده ايـــــن نــــامه ام، بـــــشه از هـــــمه هـــــر زمان مرﱞده باد!
بهر شعر و مضمون رنگين وي، ز شعراي رنگين بيــان مرﱞده بـــــاد!
ز شيرين کلاميﻋ اين خــــوش کلام، به آن خـــــسرو، خســــروان مرﱞده باد!
چو”مائل“ بحق سائل فصل اوست،
ز فضل ٖ حقش جاودان مرﱞده باد!
بهاولپور ۽ ٽالپرن جي آويزش

پهرين رجب1224هه(1809ع) جو، محمد بهاول خان، واليﻋ بهاولپور، انتقال ڪيو؛ نواب صادق محمد خان ثاني تخت نشين ٿيو. محمد بهاول خان جي زماني ۾ ثالپري حڪومت ۽ بهاولپور جا تعلقات نهايت مستحڪم ۽ شگفته هئا، انهيءَ حد تائين جو آڏي وقت ۾ به هڪٻئي سان هميشه همدردي ڪندا رهندا هئا. تيمورشاهه جڏهن مدد خان کي بهاولپور جي لٽ ڦر لاءِ موڪليو، ان وقت مير فتح علي خان فوراً نواب ڏي همدردانه خط لکي ۽ مدد جي آڇ ڪئي. نواب صاحب، مير صاحب ڏي شڪريي جو خط لکي موڪليو، جيڪو ”صادق التواريخ“ (ص68) ۾ موجود آهي.
نواب صادق محمد خان جي دؤر ۾، اوچتو تعلقات ۾ ڪشيدگي پيدا ٿي پيئي، مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته ” اًچ جي هڪ آبرودار سيد ذوالفقار شاه کي نواب محمد صادق خان تڪليف پهچائي، جنهنڪري هو اتان ڀڄي، ميرن وٽ آيو. ميرن سفارشي خط لکي نواب ڏي موڪليو، پر خط جو ڪو اثر ڪونه نڪتو، ۽ الٽو سيد کي وڌيڪ تڪليف ڏني ويئي. ٽالپرن ڪاوڙ مان طاهر محمد خدمتگار کي لشڪر ڏيئي بهاولپور موڪليو، جنهن رياست جا ڪيترا ڳوٺ وڃي هٿ ڪيا. نواب مجبور ٿي ساڻس صلح، ۽ سيدن کي به سندن جاگيرون واپس ڏيئي راضي ڪيو. ٽالپرن ڏانهن پنهنجو پٽ بهاول خان ثاني، بطور يرغمال جي، موڪلي ڏنائين، ۽ سبزل ڪوٽ جو قلعو به جنگ جي تاوان ۾ ڏنائين.“ (قديم سنڌ، ص 237)
مرزا قليچ بيگ، پنهنجي انگريزي تاريخ (جلد ٻيو، ص 211) ۾ لکيو آهي ته ’طاهر خدمتگار، شهزادي کي وٺي، جڏهن ڪشمور ۾ آيو، تڏهن اتان درياهه رستي حيدرآباد طرف روانو ٿيو، ۽ حاجي ميرخان جي ٽنڊي وٽ پهچي، ٽالپرن ڏانهن، شهزادي جي اچڻ جو اطلاح موڪليائين. ميرصاحب غلام علي خان، مير محمد خان کي سندس استقبال لاءِ ڏياري موڪليو، جنهن عزت سان شهزادي کي حيدرآباد آندو.‘
ميرحسن علي خان، سنڌ جي شاهنامي ۾ لکيو آهي ته ’مير سهراب خان، خيرپور جي واليءَ، پنهنجو لشڪر بهاولپور ڏياري موڪليو، جيڪو احمدپور وٽ پهچي، هڪ سڪل واهه جي تري جو بچاءُ وٺي، جنگ جو مورچو ٺاهي ويهي رهيو. محمد صادق خان به پنهنجو لشڪر وٺي اچي آڏو ٿيو. جنگ شروع ڪرڻ کان اڳ، نواب انهيﻋ واهه جو منهن کولرائي ڇڏيو، جنهنڪري ٽالپري لشڪر، پنهنجو سامان، پٽڪا، جتيون، سڀ واهه ۾ ڇڏي وٺي ڀڳو، محمد صادق خان، پٽڪن ۽ جتين جون هڙون ٻڌرائي، حيدرآباد ٺٺوليءُ طور، موڪلي ڏنيون، جنهن تي مير غلام علي خان کي تاءُ آيو، ۽ هن پنهنجو لشڪر طاهر محمد هٿ، جنگ لاءِ ٺاهي ٺڪي موڪليو.‘
جتين جو ۽ ٽوپن جو بار ٖ گران، وجهي اٺ تي هن طرف ڪيائين روان؛
اگرچه سو لشڪر نه هو مير جو، په هو صاحب ٖ غيرت هئو نام جـــو؛
اهو حال خاطر تي ٿيــو ناگــــــوار، ته صادق محمد هيءَ ڪئي ڪهڙي ڪـار:
[مير صاحب، طاهر محمد سان گڏ، فقيري خدمتگار کي به ڏياري موڪليو هو]
چو طاهر فقيري(1) کي آن شيــر نر، ڪــــــريو خون دشمن منجهان خاڪ تر.
_ص 83

مير حسن علي خان لکي ٿو ته سبزل ڪوٽ جي قلعي ۽ 12 هزار رپيا ساليانه ڍل تي صلح ٿيو، ۽ پنهنجو شهزادو به صادق محمد خان ڏياري موڪليو. طاهر خدمتگار کي، انهيءَ فتح جي عيوض، مير صاحب ”نواب“ جو لقب عنايت ڪيو، ۽ قلعداري به سندس سپرد ڪيائين.
”صادق التواريخ“ بهاولپور وارن جي نقطه نگاهه سان لکيل آهي؛ انهيءَ معاملي متعلق، انهيءَ تاريخ جي روايتن جو اختصار هن طرح آهي:
(1) 1809ع/1224هه ۾، فضل علي خان هالاڻي (هالي پوٽو) ۽ مير اسلام خان، مير سهراب خان ڏانهن دانهن کڻي ويا ته نواب سندن ناحق علائقو ضبط ڪري ڇڏيو آهي، سو مهرباني ڪري کين وٺي ڏنو وڃي:
(2) مير سهراب خان انهن جي حالت کان متاثر ٿي، پنهنجي جرنيل، سيد گولي شاهه (روهڙيءَ واري) کي لشڪر سميت موڪلي ڏنو؛ انهيءَ پيش قدميءَ کي روڪڻ لاءِ نواب صادق محمد خان پنهنجي وزير ۽ سپهه سالار، نصير خان گور گيچ، ۽ فتح محمد غوريءَ کي ڏياري موڪليو:
(3) ساڳئي وقت، نواب، نورمحمد خان نمبردار کي مير غلام علي خان ڏي مير سهراب جي پيش قدميءَ جي شڪايت سان، ڏياري موڪليو؛ مير سهراب خان به پنهنجو ماڻهو موڪلي حملي جي نوعيت ۽ حقيقت کان آگاهه ڪري مير غلام علي خان کان امداد طلب ڪئي؛ مير صاحب معاملي تي غور ڪرڻ بعد، نواب ولي محمد جهڙي مدبر سياستدان ۽ تجربيڪار امير کي ڪجهه لشڪر ڏيئي روانو ڪيو؛ ۽ مير سهراب ڏي چورائي موڪليائين ته جنگ جي بجاءِ جيڪڏهن معاملو صلح سان طي ٿي وڃي ته بهتر آهي:
(4)ولي محمدخان لغاري سر زمين تي پهچي، مير نصيرخان گورگيچ کي چورائي موڪليو ته معاملي کي صلح سان طي ڪرڻ بهتر آهي؛ اوهان جي طرفان جسونت راءِ، جيڪو اڳ حيدرآباد ۾ بطور وڪيل جي آيو هو، اچي مون سان ڳالهيون هلائي؛ مير نصيرخان گورگيچ، فوراً جسونت راءِ کي ڏياري موڪليو؛ ڳالهيون ٻولهيون هليون ليڪن صلح ٿي نه سگهيو:
(5) ولي محمدخان ۽ سيد گولي شاه پيش قدمي شروع ڪري ڏني؛ سندن خيال هو ته محمدپور تي حملو ڪجي؛ گورگيچ پنهنجا سپاهي فوج کي روڪڻ لاءِ محمد واه تي ڏياري موڪليا؛11،شوال 1224هه/1809ع جو ولي محمد خان ۽ گولي شاه اهو پاسو ڇڏي، بهاولپور جي ويجهو اچي مورچو ٺاهيو؛ ننڍا ننڍا معرڪا ٿيا، جن ۾ طرفين جا ڪيترا ماڻهو ماريا ويا؛ آخر فيصلو ٿيو ته نواب ولي محمد خان ۽ مير نصير خان پاڻ ۾ گڏجي صلح جا شرائط طي ڪن، چنانچه 12 شوال جو ٻيئي سپهه سالار پاڻ ۾ گڏيا:
(6) نواب ولي محمدخان نهايت عقلمند ۽ زبردست مدبر هو؛ مير گورگيچ کي ڳالهائڻ ۾ هن ايترو مجبور ڪري ڇڏيو، جو آخر هن نواب ولي محمدخان جا پيش ڪيل سڀئي شرط قبول ڪيا:
(7) 16ذيقعـــده 1224هه جـــــــو، شـــــــهزادو رحيـــــــم يــــــــارخان، خيرمحمد گورگيچ ۽ مولوي شير عليءَ جي معيت ۾ حيدرآباد پهتو، جتي ٽالپرن کيس شايان شان عزت آبروءَ سان رهايو، ۽ هر طرح سان سندس خاطر مدارات ڪندا رهيا؛ تان جو 22، محرم 1225هه جو شهزادو يرغمال جي مدت پوري ڪري، احمد پور شرقيه، پنهنجي والد وٽ پهتو.
مير مائل، انهيءُ جنگ ۾ فتح حاصل ڪرڻ تي هڪ قطعو چيو آهي، جنهن جو عنوان آهي: قطعه در مبارک بادي تاريخ فتح بلوچان و شکست فوج محمد صادق خان دائود پوتره، و آوردان پسر او در برسم يرغمال، مرتبهﻋ اوليٰ.“
بحمد الله که آمد از شـــهه ديـــــن، ز فتح ٖ او دل ٖ شهه کرد خوشنود،
شه از او در مبارک باد اين فتح، بروي دهر بــاب ٖ عيش بکـــــشود؛
شه ٖ سندهه آن سکندر جاه و جم بخت، که عون ٖ شـــاه جـاه و بخش افزود؛
غلام ٖ نــــام شه شـــــاهي که آمد، علام ٖ هر ايازش صد چو محمود؛
........................................... ............................................
يکي زان خسرو ٖ بزم کـــرامـــــت، که آمـــــد از کـــــرم رونـــق ده ٖ جود؛
دگر نـــــام آور از حُـــــسن ٖ ارادت، که بخشد هر مرادش را عــلي زود؛
چو در تائيد فوج ٖ مير سهراب، که بي تائيد اين ســــــو بود بي سود؛
از امـداد، قشون ٖ فـــــاتـــــح شـــــان، ز ارشـــــادٖ فتوح ٖ بخت مـــــسعـــــود؛
بـــــسرداريءَ نـــــواب نـــــکـو نـــــام، که نامش از خطايش باد مــشهود،
بعزم شـاهـــــيءَ جـــــزم تـــــوکـــــل، روان زين ســـو قشون ٖ فتح بنمود؛
و ازان ســـــو نيز پور خان بهاول، که صادق با محمد نـــام او بـــــود؛
به ارشاد ٖ نصير آن خان گرگيچ، بــــــه امـــــداد ٖ دگـــــر اقـــــوام مـــــردود؛
بـــــهــمراهٖ اخ و خـــــانـــــان ٖ ديـــــگر، روان پيﻋ هم بسي افواج بنمود؛
از ين سو جمله پاک اندر ارادت، وزان ســـــو هر هم زين فيض مترود؛
ازين سو جمله ثـــابت در محبت، وزان سو جمله چون ”اصحاب اخـــــدود“؛
ازاين سو جمله نيک از فيض خلت، وزان سو جمله بد چون آل نـــمرود؛
ازاين سو جمله خوشدل عازم جــــنگ، و ازان سو جمله.........................
چـــــو افـتادند بـــــاهم دل نقابـــــــل، ز صلح و جنگ چندي گفتگو بـود؛
ولي بلا آخرة فوج ٖ دو جـــــانـــــب، ز ارض اندر سماوات آتش و دود؛
ز ضرب شلف شان گـــرچه آنروز، بيامد کـــــوشش بـــــلوچ بي ســـــود؛
ولي از تـــــاب شـــــمشير بلوچـــــان، چو خائف بود فوج خصم مرد ود؛
نـموده درميان ســـــادات مصحف، امان خواه آمدند از فوج شهه زود؛
دريــــن بازي عدو راديده شش پنج، چنين نقش ٖ دو شــــــش زد نرد مقصود؛
که از يـــــاريﻋ حق افواج نصرت، جـــــنود ٖ خصـــــم را بنموده نــــــابود،
کرفته پور خـــــان و چـــــند ســـــردار، بـــــرســـــم يـــــرغمال از خـان مطرود؛
بخرج ٖ لشکر و عــــهد اطاعـــــت، رسانيدند خود را پـــــيش شهه زود؛
.........................دل از دســـــت، .............................................
بغارت رفته يک سر ملکش از جهل، ز جهلش ديده آخر ملکش اين سود؛
خرد تاريخ ايـــــــن نو فتح د لخواه، ”زهـــي دلخواه اين به فتح“ فرمود؛
1224هه
”مبارک آمد اين نصرت ز حق“ باز، دلم تاريخ اين نـــو فتح پيمود؛
1224هه
مـــــبارک باد ايــن فتح ٖ خـــــداداد، بکام جمله شاهان ٖ ذوي الـــجود!
ز جودت ياد يارب عشرت و فتـح، ببزم و رزم شان پيوسته بر جود!
بظل ٖ مکرمت خوش ’مائل‘ٖ حق، ابد ز اکرام شاهي باد خـــوشنود!
هيٺيان ٻه قلطعا به انهيءَ جنگ جي تاريخ ڏين ٿا:
(2) زين فتح نوکه کرد قشون ٖ شهان سندهه؛
رفته از زمين بگوش فلک چون پيام فتح؛
روح القدس بروي امل بهر سال آن،
گفته ”بلند باد به اين فتح نام فتح“،
1+1223=1224هه
(3) چونکه با فوج ٖ شبان برونق ٖ خواهش دل،
داد از ياريﻋ اقبال چنين فرح خدا؛
سال اين فتح چنين جلوه گر آمد ز دلم،
”آمد اين فتح به اقبال شهان جلوه فزا”.
1224هه _ص.ج
مٿئين قطعي مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته بهاولپور وارن مصحف ۽ سادات وچ ۾ ميڙ طور آندا هئا، ۽ شهزادي کان سواءِ چند سردار به يرغمال طور ڏنا هئائون. ”صادق التواريخ“ فقط ٻن سردارن جا نالا ڏنا آهن، جيڪي سمجهڻ گهرجن ته همرڪاب ٿي نه آيا هئا، بلڪ يرغمال ۾ حيدرآباد پهتا. مرزا قليچ بيگ ۽ مير حسن علي خان فقط انهيءَ هڪ جنگ جو احوال سرسري طور ڏنو آهي، ليڪن مير ’مائل‘ جي بياض مان هڪ قطعي جي ذريعي معلوم ٿئي ٿو ته ٻن سالن بعد،1226هه وري ٻيهر سنڌ ۽ بهاولپور جي آويزش ٿي، ۽ ان جي تصديق ”صادق التواريخ“ مان به ٿئي ٿي.

بهاولپور سان ٻي جنگ:
ٻيءَ جنگ جا اسباب ”صادق التواريخ“ جي ذريعي هيٺئين طرح معلوم ٿين ٿا:
(1) شهزادو رحيم خان،22، محرم1225هه جو، سنڌ مان موڪلائي، پنهنجي رياست ۾ وڃي پهتو. بهاولپور جي سرحدي محافظن، ڪجهه عرصي بعد، مير سهراب خان سان مخفي طرح تعلق پيدا ڪيو. پنهنجي نواب سان هنن جي شڪر رنجي ٿي. مير صاحب کي هنن آڇ ڪئي ته جيڪڏهن هو کين مقبول صلو ڏيندو، ته هو بهاولپور جي سرحدي علائقن تي سندس قبضو ڪرائي ڇڏيندا.
(2) نصير خان گورگيچ جيڪو رياست جو نه فقط وزيراعليٰ، سپهه سالار ۽ مدار المهام هو، بلڪ نواب جو به لاڏلو امير هو، سو به نواب صاحب کان ناخوش ٿي پيو. هن به، صالح افغان جي ذريعي، مير سهراب خان ڏانهن خفيه خط موڪليو. جنهن ۾ بهاولپور تي حملي ڪرڻ جي آڇ ڪيل هئي. مير گورگيچ هڪ طرف مير صاحب ڏي خط لکيو، ٻئي طرف پنهنجي رازدار دوستن جهڙوڪ فتح محمد غوريءَ، احمد خان افغان، غلام قادر ۽ ڌمان سنگ کي، جيڪي رياست ۾ وڏن وڏن عهدن تي هئا، گهرائي کين سمجهايو ته جڏهن ٽالپرن جو لشڪر سرحد تي پهچي، ان وقت هو پاڻ ته ٻار ٻچا وٺي فوراً سنڌ ڏانهن هليو ويندو، پٺيان اهي امير ملڪ ۾ انتشار پيدا ڪري، نواب کي تخت تان لاهي، صاحبزادي رحيم يار خان کي مسند نشين ڪري ڇڏين.
(3) ٽالپرن، اهڙي موقعي کي غنيمت ڄاڻي، پنهنجو لشڪر موڪلي ڏنو. مير مبارڪ ۽ سيد گولو شاهه خيرپوري، لشڪر جا مهندار هئا، ۽ نواب ولي محمد خان ۽ مير هالوخان ٽالپرن، حيدرآبادي لشڪر جا سردار هئا. ٻيئي لشڪر پيش قدمي ڪندي ڪندي، صادق آباد تائين پهچي ويا. نصيرخان جي طرفان رياستي لشڪر کي حڪم مليل هو ته هو ڪٿي به ٽالپري لشڪر سان مزاحمت نه ڪري، جنهنڪري نهايت آرام ۽ اطمينان سان، سنڌ جي لشڪر صادق آباد تائين قبضو ڪري ورتو.
(4) نواب صاحب، فتح محمد غوريءَ ۽ محمد يعقوب بخشيءَ کي فوج ڏيئي، مقابلي لاءِ موڪليو؛ مير گورگيچ جي سازش کان نواب قدري واقف ٿي چڪو هو، جنهنڪري هن کي پاڻ وٽ روڪي ويهاري ڇڏيائين: نواب نيڪ دل هو، سو گورگيچ هيٺانهيون ڏيکاري، آخر موڪل ورتي، ۽ دربار مان نڪري اچي لشڪر سان مليو، ۽ پنهنجي ڀاءُ، گل محمد، کي ٽالپري لشڪر ۾ موڪلي، کين چورايائين ته هو ٻيڙين جي ذريعي مٿان مٿان احمد پور شريقه پهچي وڃن؛ تنهن تي، ميرن پنهنجي خيرانديش جي مشوري مطابق احمد پور رخ رکيو.
(5) فتح محمد غوري، نواب جو لشڪر وٺي، احمد پور روانو ٿيو. نواب جڏهن احمد پور ڏي دشمن جي اچڻ جي خبر ٻڌي، تڏهن پاڻ وڃي ديراوڙ جي قلعي ۾ ويهي رهيو. نصيرخان، ٽالپري لشڪر ڏي نياپو موڪليو ته ميدان صاف آهي، تنهنڪري بنا هٻڪ جي اُچ کان ٿيندا، رضا محمد موساڻ جي ڳوٺ ۾ پهچي وڃو. چنانچه، ميرن جي لشڪر اتي پهچي مورچي بندي شروع ڪري ڏني. نصيرخان، ڏيکاءَ خاطر، لڙائيءَ جي تياري ڪئي، ۽ ٽن ڏينهن تائين معمولي طرح مقابلو به ڪندو رهيو، ليڪن اندرون اندر هن هر طرح ٽالپري لشڪر کي تقويت پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، تان جو مير مبارڪ جا دستا مشرقي علائقي ۾، قائم پور تائين پهچي ويا.
(6) انهيءَ موقعي تي، نصيرخان ٻارن ٻچن کي سنڌ موڪلي ڇڏيو، ۽ پاڻ به ڀڄڻ جي موقعي جو منتظر رهيو. جڏهن ٽالپري لشڪر جو گهڻي ڀاڱي رياست تي قبضو ٿي ويو، تڏهن نواب ششدر ٿيو. نصيرخان گورگيچ ڏانهس نياپو موڪليو ته هاڻي سواءِ پيش پوڻ، آڻ مڃڻ ۽ صلح صفائي ڪرڻ جو ٻيو ڪو چارو ڪونه آهي؛ صلح جي حالت ۾ وري به صاحبزادي رحيم يار خان کي يرغمال ۾ ڏيڻو پوندو. نواب، ٻي ڪابه واهه نه ڏسي، ڏانهس چورائي موڪليو: ”منظور فرموديم اگرچه مصلحت نديديم“.
(7) 12محرم1226هه (1811ع) جو ،صاحبزادو رحيم يارخان، ٻيهر سنڌ ڏي بطور يرغمال جي، بهاولپور مان روانو ٿيو؛ مولوي شيرعلي ۽ مير حافظ گل محمد پرجان به ساڻس گڏ آيا.
مرزا قليچ بيگ هن ٻيءُ جنگ جو ذڪر ڪونه ڪيو آهي؛ پهرينءَ جنگ جي سلسلي ۾، سبزل ڪوٽ جي ملڻ جو واقعو بيان ڪري ٿو، جيڪو پهريون حيدرآباد وارن جي قبضي ۾ رهيو، ۽ پوءِ حيدرآباد وارن خيرپور جي حوالي ڪيو.
مير’مائل‘ هن ٻيءَ جنگ تي به قطعو چيو آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن پوئينءَ جنگ ۾ ٽالپرن کي ، تاوان جي طور، ٻه قلعا مليا، هن قطعي جو ڪجهه حصو ضايع ٿيل آهي، پهريان چار شعر ڦاٽي ويا آهن، ۽ عنوان هن طرح اٿس: ”قطعه در مبارک باد تاريخ فتح بلوچان و شکست محمد صادق خان دائود پوتره، و گرفتن دو قلعه او بمعه خرچ لشکر و آوردن پسر او در حضور برسم يرغمال، مرتبهﻋ ثاني“.
شکر لله که خــوش بفتح و ظفر، يـــــمـــــن امـــــــــداد ايـــــزدي مـــــــــنــــّـــــان؛
فوج شاهان ســـــند گـــــردون فـــــر، صاحبِ شــوکت و حشمت و شان؛
شاهه سنڌ آن غلام نام عــلي، ............................عنايت خان؛
......................................... ...........................................
......................................... ...........................................
......................................... ...........................................
کرده در ملک وي نزول اجــلال، ســـــاخته جـــــمله ملـــک وي ويران؛
يرغمال و دو قــــلعهﻋ مضبوط، که رســـــيدنـــــد در تـــــصرف شـــان؛
يــا عهد و اداي خـــــرچ قـــشون، آن چه انجام يــــابد از شـــــاهـــــان؛
بــــــــــه طمانـــــيتِ کـــــلام مجيد، بـــــگـــــرفـــــتـــــه ز خـــــان روگــــــــــردان؛
فتح ياب آمده بجاه و جـــــلال، بـــــــــــــــارک الله هـــــمتِ مـــــــــــــــردان؛
بـــــــارک الله کـــــه درهمه آفـــــاق، کـــــرد ايـــــن فتح نـام فتح نشان؛
ســـــال ايــــن فتح هاتفم فرمود، ”فـــــتح ياب آمده جيوش شهان،.
1226هه
مٿين قطعي مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته ٻن قلعن سان گڏ تاوان جنگ جو، خرچ جي صورت ۾ به ورتو ويو، ۽ ڪلام مجيد وچ ۾ ڏيئي بهاولپور وارن آئنده لاءِ پنهنجي روش متعلق اطمينان ڏياريو.
مرزا قليچ بيگ، مير حسن علي خان، خواه (صادق التواريخ“ وارن جيڪا اسباب بهاولپور تي چڙهائيءَ جا بيان ڪيا آهن، تن ۾ هڪ ته اختلاف آهي؛ ان کان سواءِ اهي ايترا ڪمزور آهن، جو سنڌ وارن کي انهن سببن ڪري بهاولپور تي يلغار ڪرڻ جو ڪوبه حق ڪونه ٿي پهتو. اسان جي خيال ۾ ٽالپرن لاءِ ضرور ڪي قوي سبب پيدا ٿيا هوندا، جن جي تحقيق ڪرڻ لازمي آهي.
انهيءَ سلسلي ۾، محمد اعظم بن مولوي محمد صالح اسدي الهاشميءَ جي تاريخ، ”اقبال نامهﻋ سعادت آيات“ جو مطالعو مفيد ٿيندو، ڇاڪاڻ ته مصنف 25_1226هه بهاولپور جي طرفان انهيءَ سلسلي ۾ ٽالپرن جي دربار ۾ پهتو هو، ۽ هن سمورا واقعات تفصيل سان پنهنجي تاريخ ۾ ڏنا آهن افسوس آهي جو هن مضمون لکڻ وقت اهو ڪتاب مهيا ٿي نه سگهيو(1).
ٺٽي جا هندو ۽ مسلمان: سنڌ جا ٽالپر حڪمران مذهبي تعصب ۽ ديني جهيڙن جهڳڙن کان بلڪل پاڪ صاف ۽ پري پوندا هئا. مذهبي تعصب کان انهيءَ حدتائين لا تعلق هئا، جو هنن پنهنجي خاص عقيدي کي به زور زبردستيءَ يا حيلي حوالي سان فروغ ڏيڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي. اهو طريقو نه فقط مرڪزي حڪمرانن جو هو، بلڪ ميرپورخاص ۽ خيرپور وارن به انهيءَ طور طريقي تي پاڻ هلايو. خيرپور وارن جي تخت نشينيءَ جون ته سموريون رسمون کهڙن جا سني مخدوم بجا آڻيندا هئا، ۽ انهيءَ حد تائين ٽالپر، مخدومن تي پاس خاطر ڪندا هئا، جو کهڙن جي ڳوٺ ۾ محرم جو ماتم به سرڪاري طرح ممنوع هو.
اهو ئي سلوڪ ٽالپرن جو پنهنجي هندو رعايا سان هو. ديوان آوتراءَ ملڪاڻي لکي ٿو ته ”سندن صاحبيءَ ۾ مسلمان هندن کي مذهب نسبت ڪونه ستائيندا هئا.“ (سنڌ جا ٽالپر، ص41) هندن جي حالت، ٽالپري دؤر ۾، ڪن حالتن ۾، مسلمانن کان به وڌيڪ بهتر ۽ مضبوط هئي. مذهبي، معاشرتي ۽ تمدني آزادي کين مسلمان رعيت کان زياده هئي. انهيءَ وقت جي علمائن انهيءَ سلسلي ۾ چند رسالا لکيل آهن. جن مان هندن جي حالت جو پورو پورو اندازو ٿي سگهي ٿو. علما جو طريقو بيحد ناراض هو ته هندن کي ايتري آزادي ڇو ڏني ويئي آهي، جو هر لحاظ سان مسلمانن تي فوقيت حاصل ڪري ويا آهن: وياج عام جام کائين ٿا، شراب نوشي کلم کلا ڪن ٿا، نماز جي وقت ڄاڻي واڻي ناقوس وڄائي، نماز ۾ خلل وجهن ٿا، سمورا سرڪاري عهدا سندن هٿ ۾ آهن، جتي کين وڻي ٿو اتي پنهنجا بت خانا ٺاهيندا وتن ٿا، مسلمان شريفن جي مخلن ۾ پڪيون عمارتون ايتريون بلند ٺاهين ٿا جو مسلمانن جي گهرن ۾ سندن نظر پوي ٿي. هٿيار پنهوار هميشه ٻڌيون وتن ٿا. راڳ، ناچ، گانا هر وقت سندن محفلن ۾ ٿين ٿا. مسلمان غلام هو خريد ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن ڪو خوشيءَ سان هندو مسلمان ٿئي ٿو ته ان کي قتل ڪري ڇڏين ٿا. مسلمان قاضي جيڪڏهن اعتراض ٿو ڪري ته ان کي ايترو تنگ ڪن ٿا، جو هو اتان لڏي جند ڇڏائي ٿو(1)_ چنانچه، مخدوم محمد ابراهيم جي پنهنجي چوڻ موجب، خود هو پاڻ هندن جي خصوصيت کان ٺٽو ڇڏي ڪراچيءَ لڏي ويو، (؟!)
بهرحال انهيءَ ذڪر ڪرڻ مان مطلب هي آهي ته ٽالپرن پنهنجي سر مذهبي جنگ و جدول کان قطعي پرهيز ڪندا هئا، انهيءَ حد تائين جو خود ڪن مسلمان علمائن کي سندن انهيءَ پاليسيءَ سبب سخت شڪايتون پيدا ٿيون، ۽ ايترو گرما گرم بحث شروع ٿيو، جو ان معاملي تي 4_5 رسالا لکجي ويا.
ٺٽو هندن جي اثر رسوخ جو وڏو مرڪز هو، ۽ ساڳئي وقت ٺٽي ۾ مخدومن، قاضين ۽ ساداتن جو به زور هو. هندو رهڻيءَ ڪهڻيءَ، پيسي پائيءَ، جاءِ جڳهه، ۽ اثر اقتدار ۾ وڌيل هئا؛ ۽ مسلمان هر لحاظ سان پٺتي پيل، ليڪن مذهبي معاملن ۾ نهايت متشدد هئا، جنهنڪري ڪڏهن ڪڏهن ٻنهي فرقن جي وچ ۾، دلين ۾ لڪل اختلاف ظاهري جهيڙي جهڳڙي جي صورت به اختيار ڪند هئا.
مير’مائل‘ جي بياض ۾ چند قطعا ۽ ڪجهه قصيدا اسان کي ملن ٿا، جن مان انهن اختلافن جو پتو پوي ٿو. معلوم ٿئي ٿو ته هڪ نوجوان هندو، پنهنجي رضا خوشيءَ، اسلامي تبليغ جي زد ۾ اچي ويو؛ مسلمان خوش ٿيا، هندن ۾ هيجان اچي ويو. مير ’مائل‘ انهيءَ واقعي تي نه ڇڙهو پاڻ خوش ٿيو؛ ملڪ جي واليءَ کي به اسلام جي انهيءَ فتح تي مبارڪباد پيش ڪري ٿو:
(1) مبارک باديﻋ اين تازه مــــسلم، بود عرض ٖ شهه ٖ صدر ٖ کرامـــت؛
شهه ٖ ما آنکه از صد گونه اکـــرام، بـــــاقبـــــال ٖ ابـــــد بــــــــــادا ســـــلامــــت؛
_ص 100
(2)خـــوش ايزد رونق ٖ اسلام افزود، سلام الله عليٰ من اسلم است ايــــن؛
بــــــشــــاه ٖ ذوالکرم از بارک الله، مبارک باديﻋ نو مسلم است اين؛
_ص100
ڀانئجي ٿو ته هندن انهيءَ نو مسلم کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن تي ٺٽي جي مسلمانن ۾ سخت اضطراب پيدا ٿيو. ميرن جي طرفان ٺٽي تي جيڪو ڪردار هو، اهو به هندن جو حمايتي هو. مير’مائل‘، انهيءَ سلسلي ۾ هڪ گذارشي قطعو ٽالپر حڪمران جي خدمت ۾ موڪليو، جنهن جو عنوان هي آهي: ”قطعهﻋ گذارش در هجو کاردار نابکار، هنگام اسلام نو مسلم و شهادت او از دست کفار فجاره و حمايت وي“.
اين نابکار نو کـﮧ شده کاردار شهر،
درکربلاي تته کم ازين زياد نيست؛
او خصم آل بوده و اين خصم آل ودين،
کارش بال و دين همه جز عناد نيست؛
کاري که رفتـﮧ است زبد کاريش بدين،
والله که طبق نص کم از ارتداد نيست؛
با مصطفا است از ستم اين رجيم داد،
کز داد ظلميش بکس از خوف ياد نيست؛
بايد نسب بقوم ثمودش درست کرد،
اين کهوکهر ٖ خبيث که از قوم عاد نيست؛
مي گويد او که حکم شهان بهر من چنين ست!
والله بکس بر اين سخنش اعتماد نيست؛
بر حرف مفسدان نه سزد گاه اعتماد،
زين افترا چو ماحصلش جز فساد نيست؛
شد شهر تته شهر محن ز زانکه زين اداش،
جز اهل کفر هيچکس از شهر شاد نيست؛
فرض است برشهان ٖ زمان داد اين ستم،
چون اين زمان بجز در ٖ شان جاي داد نيست؛
بايد نمود جهد به تخريب اهل کفر،
با اهل کفر چون ره ٖ شان جز جهاد نيست؛
يا ربّ هبَ لهم عملاً من ولاي دين.
خوش غير ازين وظيفه بزاد المعاد نيست؛
بادا دعاي خوبيﻋ شان وِرد ٖ اهل حق،
چون جز دعا به ’مائل‘ حق هيچ باد نيست!
_ص120
ٺٽي جو ڪاردار، کوکر ذات جو هو. شهر ۾ جيڪا پاليسي هو هليو ٿي، تنهن لاءِ هن مسلمانن کي ٻڌايو ٿي ته ائين ڪرڻ لاءِ هن کي سرڪار جو حڪم مليل آهي، جنهن تي مير ’مائل‘ جو قول آهي ته هن جي انهيءَ قول تي مسلمانن کي ڪوبه اعتبار ڪونه آهي، ليڪن سندس انهيءَ غلط ۽ ظالمانه روش جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو_
شد شهر تته شهر محن زانکه زين اداش.
جز اهل کفر هيچکس از شهر شاد نيست؛
فرض است بر شهان ٖ زمان داد ابن ستم،
چون اين زمان بجز در ٖ شان جاي داد نسبت.
مير’مائل‘ هندن سان هيٺئين سلوڪ ڪرڻ جو مشورو ڏئي ٿو:
بايد نمود جهد به تخريب اهل کفر،
با اهل کفر چون رهِ شان جز جهاد نيست.
انهيءَ ڪاردار تي مير صاحب ٻيو به هڪ قطعو چيو آهي:
درعهد عدلت اي شه ٖ نوشيروان عهد،
وين ظالم خبيث دل خلق بسته است؛
يک دل شکست نيست که گويم ز حال او،
ظلم ٖ فلاني است که صد دل شکسته است.
_ص126
معلوم ٿئي ٿو ته ٺٽي جي مسلمانن جي دانهن جي، ٽالپري دربار ۾، داد رسي ٿي ۽ انهيءَ ڪاردار جي اتان بدلي ٿي ويئي. هيٺئين قطعي مان اهو ئي قرينو ڪڍي سگهجي ٿو: عنوان آهي ”قطعه شکر گذاري درستيﻋ کار.“
نازم بداد بخشيت اي شاه ذوالکرم،
کز داد بخشيﻋ تو جهان ز ظلم رست؛
زين داد بخشيت که جهان ست بشکر آن،
با عدل و داد مَکَر مَتَتُ تازه بندوبست؛
کي مي شود درست بجز بيخ بشکني،
از فرط ظلم آن که دل مردمان شکست؛
هر خاص و عام شهر به اين داد بخشيت،
برداشت سوي حق ز دل اندر دعا دو دست؛
يا رب بکام ’مائل‘ حق باد دائما،
خوشنود با کرامت اين شاه حق پرست!
_ص 100

انهيءَ هندو مسلم تلخيءَ جي لپيٽ ۾ ڀانئجي ٿو ته ٺٽي جا سادا زياده اچي ويا آهن. سيد صاحب جا ٻه طولاني قصيدا نهايت دلچسپ آهن، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته هندو سڀ متحد هئا؛ مسلمانن ۾ نفاق هو؛ ساداتن سان هندن جو خاص دشمنو هو؛ ٺٽي جي شهر جو صوبه دار هڪ هندو هو، جنهنڪري هندن جون دليون وڌي ويون هيون. پهرئين قطعي جو عنوان آهي: ”قطعه گذارش، که در ايام خرخشه چهته هندو کلالي ، و تقويب کفاران و عدم اتفاق مسلمان، و داد خواهي، اين گذارش نموده بود“،
داد بخشـا ز ظلـــــم اعـــــدا، داد! بـــــشـــــنو از اهـــــلبــــيت اين فرياد!
بـــــرســـــر، آل پـــــاک مصطفوي، کم نبوده است ظلم پورا زيـــاد؛
که کـــــنون باز کـــــافران عـــــنيد، ظـــــلـــــم هـــــاي کـــــنند بــــــــر اولاد؛
گهه به بي حرمتيﻋ وگاه به شتم، حـــــرمـــــت آل مـــــي دهند بـــه باد؛
زان تظلم که مي رود بر مــــــــا، خــــــــــانـﮧ ظلـــــم شـــــد ز نو آبـــــاد؛
گوئيا نيست مومني در شــهر، که با آل ٖ نـــــبـــــي کـــــنـــــد امــداد؛
مومنان که مانده انــــد کـــــنـــــون، رفته از ياد شـــان طـــــريـــــق و داد؛
کافران جمله در رفـــــاقـت هـــــم، مـــــسلمانان همه بـــــهم بـــــفـساد؛
چه بـــگويم ز ظلـــــم ٖ کـــــفاران، غـــــيـــــر از آه و نـــــالـــــه و فــــــريـــــاد؛
حــاکم شــهر هست چون کافر، مـــــي نـــــمـــــايـــــد بـــــکافــران امداد؛
در دل آزاريﻋ مـــــسلـــــمـــــانــــان، ســـخت دل همچو تيغهﻋ فـــــولاد؛
حکم حق جاري است برهمه کس، اين حکومت باين خبيث که داد؛
ورنه در عهد داد بخشيﻋ مير، هيچ جا نيست اين چنين بيداد؛
شـــــد کجـــــا اجــتماع اين امت، بود آن هــم مـــــگـــــر پـــــيﻋ اولاد؛
کافران جمله يک دل و يک جان، مـــــسلـــــمـــــانـــــان همه ز هـــــم آزاد؛
ازديانت چو نيست غير از نام، کي شود کس به امر ايـــــن منقاد؛
الحق از اهل بـــيت مصطفوي، خانه اي نيست در جـــــهان آبـــــاد؛
عالمان هم در اختلاف هم اند، من ندانم چه اخـــــتـــلاف افـــــتـــــاد؛
علم غير از عمل نيايد کـــــار، کار علما ســـــت از چرا افـــــســـــاد؟
قاضيﻋ ما ست در قضا حيران، از قـــــضـــــا و قـــــدر نـــــدارد يـــــــــــاد؛
محتسب در حساب اخذ و جر است، نيست يادش کــنون حساب معاد؛
مفت فتويٰ نمي دهد مـــــفتي، هســت فـتويٰ از و که چيزي داد؛
خوشتر آن کس که رفت ازين عالم، گـــــوئـــــيـــــا شـــــــد ز قيـــد غم آزاد؛
جمله ازخوف اجـــــتمــــــاع هـــــنــــود جـــــز صبـــــوري نمي کنند ارشـــــاد،
تـــــابـــــکي صبــر مي توان کردن، بـــــر جـــــفا ؤ ســـــتيـــــز اهـــــل عــــناد؛
گر چنين است حال مــا مـــــردم، بعد ازان ما و داد ايــــــن بـــــيـــــــداد؛
اين قضيه که رفته است ز قضا، کـــــه قـــــضـــــا ؤ قـــــدر نـــــــدارد يـــــاد؛
عرض اين حال در حضور شريف، دوش در خواب شد مـــــرا ارشــــــــاد؛
که رساند کســـي بحضرت مير، از دل اهـــــلـــــبـــــيت ايـــــن فـــــريــــــــاد؛
تـــــا بـــــتائـــــيـــــد امـــــر ديـن متين، اهل دين را بـــــجـــــان نـــــمايد شاد؛
جهـــد بـــــايد بـــــسعي رونق دين، زانکه سعي است بکار دين چو جهاد؛
تـــــا در اســـــلام آرد آن کـــــافـــــر، آنــــکـــه دشنــــام بهـــر سيـــــد جلال
يـــــا کـــــند امـــــر قــــتل در حق او، يا برحمش کـــــنـــــد بـــــمـــــا ارشـــــاد؛
تـــــا شـــــود تـــــقـــويت بدين متين، هم بگيرند عبرت اهـــل عـــــنـــــاد؛
”قـــــاتـــــلـــــوا“ اهـل کفـــــر در قــران، هست در شان اهل کـفـــــر ارشـــــاد؛
حکم قتل است براي آن کافر، آنکه بر طعن دين زبان بـــــکشاد؛
نيست طعني چو سب آل نبي، طبق قول ٖ نبي به استـــــشـــــهـــــاد؛
زانکه تعذير و حبس و ضرب شديد، هســـــت در شان کلمه گـو ارشـــــاد؛
چـــــه بـــــگويـــــم ز مــــفسدان دگر، کار شان دائما ست فسق و فـــــساد؛
”تيجن“ و ”گهچن“ اند مفسد دين، آن چو فرعون و اين دگــــر شـــــداد؛
مفســـــدان را ســـــــزا بــــــــــود لازم، تا فساد از مـــــيان شـــــود بـــــربـــــاد؛
هست در شان اين جماعت دون، گـــــوئـــــيـــــا آيــــــﮧﻋ ”لباالــمرصـــــاد“؛
شو درين غم دلا تو ’مائل‘حق، بـــــعـــــد ازيـــــن ما ؤ هرچه بادا باد؛
بعد ازين در دعــاي دولـــــت وي، مـــــيـــــتـــــوان تـــــازه کـــــرد اســتعداد؛
باد دائم بــــمير فـــــتـــــح عـــــلـــــي، فـــــتـح و نصرت ز شاه دين امداد؛
زانکه از جان و دل بود آن مير، هـــــم غـــــلام عـــــلي و هـــــم اولاد؛
باد مـا ان امـــــيـــــر بـــــزم کـــــرم، از عـــــلـــــي مـــــرﱞدهﻋ حـــــصــول مراد؛
بـــــاد از يــــمن داد بخشيﻋ مير، بـــــــاد مـــــا مرﱞدهﻋ مـــــبـــــارک بـــــاد؛
بارک الله في ديانت مير،
بهر ما در دعاش بادا ياد؛ _ص50_52
ساداتن ۽ هندن جو تنازعو، مير فتح علي خان جي زماني ۾ ٿيو. مٿئين قطعي مان انهيءَ زماني جي ٺٽي جو پورو اندازو ٿئي ٿو. حسب دستور هندو سڀ متفق هئا، ۽ مسلمان هميشه جيان پاڻ ۾ دست وگريبان. شهر جو حاڪم ان وقت هندو هو، جنهن جي موجودگيءَ هندن جي اتحاد ۽ اتفاق کي تقويت پهچائي هئي. مير صاحب چوي ٿو ته ’هتي اهڙو ظلم ڇو ٿيو آهي؛ ڪنهن هن کي مقرر ڪيو آهي؛ ٻين شهرن ۾ ته مير صاحبن جي عدل ۽ انصاف جي هاڪ آهي!‘ علمائن جي حالت بيحد خراب هئي؛ سو ميرصاحب، مايوسيءَ مان، پاڻ کان سوال ٿي پڇي:
علم غير از عمل نيايد کار، کار علماست از چرا افساد؟
شهر جو قاضي حيران هو. انهيءَ حد تائين جو کانئس قضا جا ڪتاب به وسري ويا هئا. محتسب پنهنجي حساب ڪتاب ۽ اوڳاڙيءَ جي جمع خرچ ۾ مشغول هو. مفتيءَ جي حالت هيءُ هئي جو جنهن ڪجهه هٿ تي رکيو ٿي، ان جو ٻيڙو پار هو؛ غريب غربي ۽ مفلس داد خواهن جو ٻيڙو لهرين ۽ لوڏن ۾ هوندو هو. مير صاحب چوي ٿو ته’حالتون ايتريءَ حد تائين مايوس ڪندڙ ٿي ويون آهن، جو هن وقت مري جان ڇڏائڻ ۾ زياده مصلحت آهي،_
خوشتر ان کس که رفت زين عالم، گوئيا شد ز قيد ٖ غم آزاد.
اهلبيتن سان انهيءَ هندو عملدار جو سخت آزار هو؛ سيدن جي حق ۾ هن گنده دهنيءَ کان به ڪم ورتو ٿو ڏسجي؛ ازانسواءِ دين متين جي سلسلي ۾ به هن گستاخي ڪئي ٿي ڀانئجي، جنهنڪري مير صاحب جو خيال آهي ته ان کي يا ته سزا طور مسلمان ڪيو وڃي يا کيس قتل ڪري ڇڏجي(!)_
تاشود تقويت بدين متين، هم بگيرند عبرت اهل عناد.
تعذير، حبس، ضرب شديد ته ڪلمه گوﻋ جي غلطين ۽ گناهن جي لاءِ آهن: هيءُ ڪافر آهي، جنهنڪري سواءِ قتل ڪرڻ جي ٻي ڪابه صورت ڪانه آهي(!)_
’مفسدان را سزا بود لازم، تا فساد از ميان شود برباد‘.
ڀانئجي ٿو ته مير صاحب جي فرياد جو داد ڪونه ٿيو، جنهنڪري هن وري درد دل جو اظهار ٻئي قطعي ۾ ڪيو، جنهن جو عنوان آهي: ”قطعه گذارش_ مذمت کفار نابکار و عرض تنبيه شان مطابق شريعت حضرت احمد مختار“_
در حيرتم شها که بعهدِ ديانتت،
ارباب کفر بهر چه در شور گشته اند!
و از شورشان که کرد شر کفر آشکار،
ارباب دين بگوشهﻋ عزلت نشسته اند!
’مشتاق سگ‘ بجمله سگان گروه کفر،
عوعو کنان بخبث دل از حد گذشته اند؛
اين دستهﻋ سگان که خدا خوار کرده است،
از خار خار کين همه چون خاردسته اند؛
اين مفسدان که دشمن اولاد اطهر اند،
صد تهمت فساد بر اولاد بسته اند؛
اين مبغضان که نار جهنم سزاي شانست،
از نار بغض و کين همه چون شعله تفته اند؛
گاهي بطعن آل نبي که بطعن دين،
دلهاي اهل دين همه يکبار خسته اند؛
اين کافران که جنگ به اسلام مي کنند،
ز اسلام شيخ جمع به ماتم نشسته اند؛
بد کام شان که باز نمايند مرتدش،
زين ارتداد نو همه از کام رفته اند؛
زين ارتداد کفر توان گفت که اين سگان،
بوزينـﮧ سان ز ممبر اسلام جسته اند؛
مابي زريم و سر بگريبان ز فکر ٖ شان،
بر زور و زر چه خود سر و مغرور گشته اند؛
کفار شهر تهته کنون دار حربي اند،
چون برخلاف شرع درين حکم رفته اند؛
از حکم حاکمان بسر ٖ عند مستقيم،
گويا درين مقدمه يکسر گذشته اند؛
بايد نهاد جزيه بر اين دار حربيان،
درحيرتم که بهرچه از جزيه رسته اند؛
بايد بحکم حق همه بتهاي شان شکست،
شان حاليه چو عهد اطاعت شکسته اند؛
فرض است بدين ٖ مير محمد قتال شان،
چون شان بدين امجد وي خصم گشته اند؛
ارباب دين که حاميﻋ شان از کرم علي ست،
خوش داد خواه از کرم شه نشته اند؛
بخشد مراد ميرعلي بالکرم مدام،
ارباب دين بشغل دعايش چو رفته اند؛
خوش اين دو شه بر اوج ديانت بصد جلا،
هر هفت روز رشد چو ماه ٖ دو هفته اند؛
بايد کنون ز ”مائل“ حق حرف حق شنيد،
ارباب حق ز بسکه، شها دل شکسته اند.
هي قصيدو مير فتح علي خان ۽ مير غلام علي خان جي زماني کان پوءِ جو چيل آهي. ان وقت مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان سنڌ جي تخت وتاج جا مشترڪه وارث هئا. جهڳڙو مير فتح علي خان جي دؤر کان وٺي شروع هو، جنهن جو فيصلو آخري طرح ڪرم علي خان جي دؤر ۾ به ٿي ڪونه سگهيو، ۽ سيد صاحب برابر دانهون فريادون ڪندو آيو. سيد کي شڪايت وڏي ۾ وڏي هيءَ هئي ته ساداتن کي هندو گاريون گند ڏين ٿا ۽ مذهب اسلام تي چٿرون ڪن ٿا، جنهنڪري مسلمانن جون دليون ڦٽجي پيو آهن_
’گاهي بطعن آل نبي گهه بطعن دين ، دلهاي اهل دين همه يکبار خسته اند‘.
پنهنجي حالت هيءَ ٿو بيان ڪري:
’مابي زريم وسر بگريبان ز فکر شان، بر زور و زر چه خود سر و مغرور گشته اند!‘
مير صاحب، غصي ۾ اچي عرض ڪري ٿو ته ’ٺٽي جي هندن اطاعت جا فرائض ٽوڙي ڇڏيا آهن، جنهنڪري دار حربي آهن، ۽ مٿن جزيه وجهڻ کپي، سندن بت ڀڃي ڇڏڻ گهرجن ۽ کين قتل ڪيو وڃي‘_
’بايد بحکم حق همه بتهاي شان شکست، شان حاليه چو عهد اطاعت شکسته اند؛ فرض است بدين مير محمد قتال شان، چون شان بدين امجد وي خصم گشته اند‘.
انهيءَ فساد ۽ تلخيءَ جا اسباب ففط اهي نه هئا. بلڪ سڀ کان زياده محرڪ مسلمانن جي اقتصادي بدحالي ۽ هندن جي سماجي برتري هئي. ازنسواءِ سنڌ جي هندن جون همدرديون ان وقت جيسلمير ۽ جوڌپور جي راجائن سان ٻڌايون وڃن ٿيون، جن جو مير بجار جي قتل کان پوءِ، ٽالپرن سان وير ٿي پيو هو. مخدوم ابراهيم ”نشر حلاوي المعارف والعلوم في الرد علي من نصر الکفار و اهل رسوم“ ۾ جيڪي لکيو آهي، ان مان انهيءَ زماني جي هندن ۽ مسلمانن جو اندازو ٿي سگهي ٿو، ۽ حڪومت جي متعلق ٺٽي جي مخدومن جو ڇا خيال هو، اهو به معلوم ٿئي ٿو. مخدوم ابراهيم جوڌپور جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:
”اتي مسلمانن سان سخت آزار آهي. ٺٺول ڪرڻ خاطر هڪ نا معقول مسلمان کي قاضي بڻائي، ان جو نالو قاضي گنگارام رکي ڇڏيو اٿن. جيڪڏهن ڪو مسلمان حلال جانور ذبح ڪري ٿو، ته ان کي قتل ڪري، ان جا ٻار ٻچا نيلام ڪيا وڃن ٿا. سنڌ سان به انهن جو سخت آزار آهي. مرحوم مير بجار کي جوڌپور جي راجا ڌوڪو ڏيئي قتل ڪرائي ڇڏيو؛ ۽ سنڌ ۾ ايڏو عظيم فتنو برپا ڪيو ويو، جنهن جي باهه جا اُلا اڄ تائين وسامي نه سگهيا آهن. اسان جي ملڪ تي هنن ڪيترا دفعا چڙهائي ڪئي آهي؛ هڪ ۾ مير فتح علي خان ٽالپر زخمي ٿيو، ٻئي معرڪي ۾ مير سهراب جو ڀاءُ غلام محمد، قتل ٿيو: اڄ تائين سنڌ جي اميرن کان اهو پڄي نه سگهيو جو کڻي عمرڪوٽ جو قلعو انهن کان خالي ڪرائين، ۽ نه ڪنهن کان اهو پڄي ٿو ته مير بجار ۽ مير غلام محمد جي خون جو بدلو وٺي؛ حالانڪ انهن جي جانشينن ۾ مير فتح علي خان، مير غلام علي خان ، مير ڪرم علي خان، مير مراد علي خان، مير غلام حسين خان، ميربهرام ۽ مير سهراب جهڙا سورهيه به موجود آهن“.
سنڌ ۾ هندن ۽ مسلمانن جي حالت بيان ڪندي لکي ٿو ته:
”اسان جي ملڪ مان اسلام جو غلبو غائب ٿي چڪو آهي. اعلانيه شراب ڪڍيو وڃي ٿو. شطرنج ۽ چوسر رات ڏينهن کيڏي وڃي ٿي. رنڊين کان سندن ناجائز آمدنيءَ تي ٽيڪس ورتو وڃي ٿو؛ کدڙن تي به ٽيڪس لڳايو ويو آهي. چانورن مان شراب ڪڍيو وڃي ٿو. دڪانن تي عام بت پرستي چالو آهي. مسجدون غيرآباد آباد آهن. هندن جي عبادتگاهن جا ڏيا آسمان تائين روشن آهن، ۽ مسجدن ۾ انڌيرو آهي. مقدما مُکين جي حوالي ڪيا وڃن ٿا. قاضي جيڪڏهن فيصلي ۾ مکين جي مخالفت ڪري ٿو ته ان کي سخت تڪليف ڏني وڃي ٿي. مان انهيءَ آزار کان ٺٽو ڇڏي ڪراچيءَ هليو ويس، حالانڪ اتي بدعت ۽ فساد جو ڪافي زور هو، ليڪن مير فتح علي خان جي عملداريءَ کان گهٽ. اتي جو حاڪم مير محمد نصير خان هو؛ ان جي وفات بعد، جڏهن اهو بندر به مير فتح علي خان جي هٿ آيو، ته اتي به ساڳي حالت شروع ٿي ويئي. ٽالپرن جي زماني ۾ ڪيترن هندن، مسلمان عورتن سان خرابيون ڪيون؛ ڪيترا مسلمان مرد ۽ عورتون هندن وٽ غلام آهن. ڪراچيءَ ۾ پنيو نالي هڪ قاصائي هو، جنهن ڳئون ذبح ڪئي؛ هندن گهڙيءَ جو گهڙيءَ ۾ ان کي شهر بدر ڪري، سندس گهر ٻار لٽي ڇڏيو؛ ڪنهن به مسلمان کي طاقت ڪانه ٿي، جو کڻي حرف ڪڇي سگهي. نواب مير فتح علي خان جي زماني ۾، هندن جو اقبال ۽ اثر وڌي ويو آهي(1)“.
اهي اسباب هئا جنهنڪري ٺٽي جي هندن ۽ مسلمانن ۾ تلخي هئي، جيڪا شايد حڪومت جي دور ڪرڻ کان ٻاهر هئي! مير ’مائل‘ جي بياض ۾ هڪ قطعو آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته مير فتح علي خان جي زماني ۾، مسلمانن، هڪ ڪلاميءَ (؟) نالي هندوءَ کي ٺٽي ۾ قتل ڪري ڇڏيو: مٿس ڏوهه اهو هو ته هن دين اسلام جي خلاف لبڪشائي ڪئي هئي، جنهن بعد هو غالباً توبه تائب ٿيو ۽ پڻ معافيءَ ورتائين. انهيءَ تي مسلمانن ۾ اخلاف ٿي پيو: هڪڙن جو چوڻ هو ته معافيءَ وٺڻ بعد هن کي قتل ڪرڻ جائز نه هو، ٻين جو خيال هو ته کيس قتل ڪرڻ جائز هو! قطعي جو عنوان آهي:
”قطعه در جواب شخصي که حرف گيري بر قتل ملائي کلامي(؟) مي نمود“.
چو در پاس کلامي گفت شخصي، که جائز قتل وي در شرع کي بود!
بگفتم بس جوابش سال قتلش، ”به حکم شرع جائز قتل وي بـود“:
1209هه
شمرده ســـــال قتلش گفت تـــــوبه، چو تائب شد دگر اين بحث طـي بود.
_ص120
ٺٽي ۾ ڏڪار: مير’مائل‘جي بياض ۾، ٺٽي جي ڏڪار متعلق به چند دلچسپ قطعا موجود آهن:
(1) ز قحطه غله چنان عالمي بجان شده است،
که جان عالم در ناله و فغان شده است؛
بود تدارک اين امر بر شهان معروض،
ز امر حق چو چنين بر شهان شده است؛
تدار کش بود اين آنکه باز پس طلبند،
هر آنچه غله ازين شهر ما روان شده است؛
دگر شود ز کرم وجهه داعيان جاري،
زاهل مَکرُ مَتَ اين عرض شايگان شده است؛
هميشه باد جهاني ز فيض شان آباد،
خوش اين عريضهﻋ آباديﻋ جهان شده است!
_ص 117
(2) شهريارا طرح غله شهر را ويران نمود،
فکر ويرانيش خلق ٖ شهر را حيران نمود؛
چند از ويرانيش در حيرت آرم ذکريش،
چونکه ذکر ٖ عدل شاهان خلق راشادان نمود،
تا کنند آباد شاهان ملک خود با عدل و داد،
حق صفات ٖ عدل شاهان ذکر در قران نمود؛
از کرم اي شاه صدر ٖ عدل و احسان بالمراد،
بايدت باالعدل اين مشکل ز شان آسان نمود!
باد آبادان ابد از عدل شاهان ملک سندهه،
’مائل‘ حق اين دعا در عرض ورد ٖ جان نمود!
_ص124
(3)برشهان دائم ز حق واجب رعيت پروري است،
کز رعيت پروري اقبال شان را برتري است.
_ص124
(4) مير’مائل‘ هيٺئين قصيدي ۾ قحط جي مفصل حالت بيان ڪندي، ڪي نهايت دلچسپ پهلو بيان ڪيا آهن:

در تجاهل گناه بـــر مــــــن نيست، عقل در روغن است، روغن نيست؛
مردميت ز مـــــردمان گــــــم شــــــد، مرد بي عقل کم تر از زن نيست؛
روح حيواني ســــت غلهﻋ قــــــوت، از گرانيش روح در تــــــن نيـــست؛
روح از تن چو رفت_ رفت و گذشت، چيست باقي که در گذشتن نيست؟
روغن و غله عقل و روح چو برد، جــــــز تمنـــا بخويش بردن نيست؛
زندگاني وبال جان شــــده اســــــت، چــــــاره ديــــــگر بغير مردن نيست؛
مردن آسمان ولي پــــس از مردن، طاقت نان و حلوه کـــــردن نيست؛
مرده هم نان و حلوه مي خواهد، چه توان کرد هردو بــا من نيست؛

مير صاحب لکي ٿو ته ”قحط تباهه ڪري ڇڏيو آهي؛ ان جي گرانيءَ بدن مان روح فنا ڪري ڇڏيو آهي؛ زندگاني وبال ٿي پيئي آهي؛ هن وقت ته مرڻ کان سواءِ چارو ڪونه آهي؛ ليڪن ڇا ڪجي مرڻ به ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ ته مردي کي به جمعاڻي تي ماني ۽ حلوو گهرجي؛ مرجي ته سهي پر اهو پويون ماني ۽ حلوو ڪيئن مهيا ڪجي! نه ختمي جي طاقت، نه خيرات جي قوت: نه جمعاڻو، نه چاليهو ڪري سگهبو!“
تته ويران شد و دريــــن مذکــــــور، ذکــــــر ويــــــرانـــــيش نهفتن نســـيت؛
کار دارش زکــــار رفته ســــــگــــــي، آن که کارش بجز گزيدن نيســــت؛
وان دگر سگ که کوتوال ٖ ويست، کم تر از شمر ابن جوشن نيست؛
من چه سازم کزين خرابيﻋ حال، اين خرابه ســـزاي مسکن نيســــــت؛
ماندن اين جلست مشکل و ليکن، چه کنم دســــــت وپاي رفتن نيست؛
وحشت آباد شد جهان يــــــکسر، هيــــــچ جــــــا جـــاي آرميدن نيست؛
جنس غله ز نقد جانست گــــران، زيــــن گران تر کـﮧ جان درتن نيست!
مير صاحب چوي ٿو ته ’ٺٽي جو سڄو شهر ويران ٿي ويو آهي؛ جيڪا حالت آهي ان کي ڪيترو لڪائجي؛ هڪ ته ڪاردار بيڪار، نڪمو ۽ فضول ڪتي جهڙو آهي، جنهن جو ڪم سواءِ ان جي ٻيو ڪونه آهي ته سڄو ڏينهن وتي ڏاڙهيندو؛ ڪوٽوال صاحب ڄڻ شمر جو اولاد آهي؛ ٺٽو، حقيقت هيءَ آهي ته هاڻي رهڻ جهڙو آهي ئي نه: پر ڇا ڪجي ’چه کنم دست و پاي رفتن نيست!‘
جان به لب عالمي ست زين شيون، شيونـــــي همچو جان سپردن نيست؛
رفت چون جان ز تن کجا جويم، جان ز تن رفته را نشيمن نيست؛
قول ارباب حــق بــــــود مــــــقـــبول، اعتــــــمادي بقــــــول ميمـــن نيست؛
گويد از زر شود حصول مـــــدام، حاصــل ٖ اين يقين بجز ظن نيست؛
ميکند نرخ پيش حاصل بــــــيش، اين سخن در خـور ٖ شنيدن نيست؛
بــــــخـزانه شــــــود ازيــــــن تـــــــــــوفـير، اين خبر در کــتاب مخزن نيست؛
زر بــــــده غــــــله خــــــر اگــــــــر داري، زانــــــکه زر بـــــــــراي ديــــــدن نيست؛
جاي حرفست ولي چه بايد گفت، بنده را جاي حـرف گفتن نيست؛
مي خرند اهل دولت و جز شان، به کسان قــدرت ٖخــــــريدن نيست؛
عالم جان بلب بگرسنگي ست، سيريﻋ شان ز يک دو خرمن نيست؛
غله داران بعشرت و عيش اند، در غريبان بغير شــــــيون نــــيست؛
خله خر حالياکــــــسي درسنــــدهه، جـــــز بکفـار وچند ميمن نــــــيست،
طرفه بد مشرب اندشان، که بشان، بــــــيم از پــرسش مهيمن نيست؛
غله از سندهه مي کشند ولــــــي، هــــــيچ بـهبود در کشيدن نيست؛
مــــــي شود حق ازين گران خاطر، اين گران خاطريش احسن نيست؛
نيست اين کار از خــلل خــــــالي، چاره اش جز بـــمنع و قدغن نيست؛
چند گويم شکايت ٖ ايـــن قوم، که مــــرا دخل اندرين فــــــن نيست.
’بليڪ مارڪيٽ ڪندڙ ميمڻ قوم ڪاري قيام ڪري ڇڏي آهي، اگهه ايترا چاڙهي ڇڏيا اٿن جو جان ڏني به داڻو ملي ڪونه ٿو سگهي؛ سڄيءَ سنڌ جو اَنّ انهيءَ قوم ۽ هندو زردارن اچي ڪٺو ڪيو آهي؛ هن وقت اسان سڀ مصيبت ۾ آهيون؛ عيش و عشرت فقط اهي بلئڪ مارڪيٽر ڪن ٿا، جن کي نه خدا جو خوف آهي ۽ نه ڪنهن بالا دست جي پرواه!‘

حيدرآبــــاد حــــــيــــــدرآبــــــاد ســــــت، خوش در آنجا نــــــشان رهزن نيست؛
ز اهل اسلام مرﱞده درکـــار ســــــت، کــــــار بــــــا مرﱞدهﻋ بــــــرهمـن نيست؛
بر شهان لازم است تدارڪ کار، کـــار من جز بعرض کردن نيست؛
خاصه شاهي که با دل و دستش، درکرم هيچ جــــــاي معدن نيست؛
آنــــکه در روز کــــــين تقابــــــل وي، صد چو استنديار و بهمن نيست؛
گـــر نسيمٖ کــــــرم وزد بيشــــــک، در جهان همچو سندهه گلـــشن نيست؛
ورنه از شور اين خس و خــاشاک، حاليا سندهه کم ز گلخن نيست؛
رسم اين عرضه گو ز من با شه، چــــــون مرا طاقت ٖ رسيدن نيست.
مير صاحب کي عرض ٿو ڪري ته ’انهيءَ معاملي جو تدارڪ ڪرڻ اوهان تي لازم آهي؛ منهنجو ڪم ته فقط عرض ڪرڻ آهي؛ جيڪڏهن مير ڪرم علي خان جي ڪرم جي هوا گهلي ته سنڌ جهڙو گلشن سڄي جهان ۾ ٻيو ڪونه آهي؛ ٻيءَ حالت ۾ هن وقت سنڌ جو حال اهو آهي جو ڌوڙ اڏامي رهي آهي؛ مان پاڻ پهچي ڪونه ٿو سگهان؛ هتان ويهي عرض پهچائڻ کان سواءِ چارو ڪونه آهي!‘
شــــــه بــــــه شــاهان ابد سلامت باد، کس دعاگوي شاه چون من نيست!
کــردم از دوستي نــــــصيحت وي، گــفتن پند کــــار دشــــــمن نيست؛
حال فضل اين شد و کنون اميد، جز بفضل ٖ کريم ذوالمن نيست،
حــــــق کــــــند آشکار يُسر از عُــــــسر،
عرض ’مائل‘ بحق نهفتن نيست. _ص42

نشيدار شين تي بندش:-
شراب، ڀنگ، چرس، ۽ ٻين نشيدار شين کان ذاتي طرح ٽالپر حڪمران يا شهزادا خواه امير قطعي درو هئا، انهيءَ حد تائين هو انهيءَ معاملي ۾ پاڪباز هئا، جو حقو به سندن حلقن اندر استعمال ڪونه ٿيندو هو.
ٽالپر، انگريزي دوائون پاڻيءَ ۾ گڏيل، هن ڪري استعمال نه ڪندا هئا ته متان منجهن شراب جي آميزش هجي. ڊاڪٽر برنس، ذاتي مشاهدي بعد، بيان ٿو ڪري ته ”مسلمان حاڪم گهڻو ڪري عياش، سست ۽ نڪما ٿين ٿا، ليڪن سنڌ جا سردار انهن عيبن ۽ علتن کان آجا آهن: عياشيءَ سان رغبت غالباً هن ڪري به نه اٿن، جو هو تمام خود دار ۽ نهايت بلند خيالن وارا آهن: نشيدار شين کان به صفا پري آهن.“
هڪ دفعي جي ڳالهه ٿو ڪري ته ”مون کان مراد علي خان ڏاڙهونءَ کائڻ جي اجازت گهري. مان ’ڏاڙهونءَ‘ جي لفظ کي ’دارون‘ سمجهي، چيو ته هن بيماريءَ ۾ شراب جهڙي محرڪ شيءِ مفيد نه آهي، متان خون جو دورو وڌي وڃي. مير صاحب جو چهرو لال پيلو ٿي ويو، هن مون کي چيو ته ’اوهان کي منهنجي اڳيان اهڙيءَ شيءِ جو نالو نه کڻڻ گهرجي، جيڪا اسان جي لاءِ حرام آهي‘.“ ڊاڪٽر برنس اڳتي لکي ٿو ته ”پڙهندڙ متان ائين سمجهن ته هن منهنجي اڳيان فقط ڏيکاءُ ٿي ڪيو _نه، بلڪل نه. اها حقيقت ۽ منهنجو ذاتي مشاهدو آهي ته امير نشيدار شين جي استعمال کان پاڪ ۽ صاف آهن. مون کي معلوم آهي ته ڪن وقتن تي درٻار ۾ ڪو ماڻهو شراب پي آيو ۽ سندس وات مان بوءِ مير صاحبن تائين پهتي، ته ان کي سخت بي عزتو ۽ ذليل ڪري دربار مان ڪڍرايو ويو: جيئن ته هڪ دفعي بهارخان کوکر، هڪ بلوچ سردار، جيڪو مير مراد علي خان جو خاص ماڻهو هو، سو نوڪريءَ مان ڪيتري وقت تائين محض هن ڪري ڪڍيو ويو، جو هڪ دفعي کيس نشي ۾ ڏٺو ويو هو.“ ڊاڪٽر آخر ۾ لکي ٿو ته ”ٽالپر دوا طور به شراب ڪڏهن استعمال ڪونه ڪندا هئا؛ ساري ڪٽنب ۾ آفيم به ڪو ڪونه کائي، ۽ نه حقي جي ئي ڪو ويجهو آهي“.
منشي آوتراءِ به انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو. پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جا مير“ ۾ چوي ٿو ته ’مير صاحب نشو ڪنهن به قسم جو ڪونه وٺندا هئا؛ انهيءَ نسبت هو بلڪل پرهيز گار رهندا هئا‘._ ص44
ٽالپرن جي انهيءَ روش جو البته عوام تي اثر ڪونه هو. هو پنهنجن نشن پتن، ڀنگ ڀڳڙن، آفيم ۽ چرسن ۾ مشغول رهندا هئا. ڊاڪٽر برنس لکي ٿو ته ”جيڪر ڀانئجي ته انهيءَ ڪري، حاڪمن جي پرهيز جو رعيت تي چڱو اثر ٿيو هوندو، پر آزمودي مان ظاهر ڪرڻو ٿو پوي ته اڪثر سڀ سپاهي ۽ ڪيترا درٻاري هر طرح جي نقصانڪار ۽ ڪمزور ڪندڙ عيش ۽ عشرت ۾ مبتلا آهن. آفيم وٺڻ اهڙو عام جام آهي، جهڙو ڪَڇَ ۾: ۽ ڏٺم ته برانڊيءَ جون ٻه بوتلون وڏي ۾ وڏي سوغات ليکيون وڃن ٿيون“._ص88
مسٽر برٽن، مشهور انگريز سياح، حسب معمول پنهنجي زنده دلانه انداز ۾ انهيءَ مسئلي تي هيٺينءَ طرح رقمطراز آهي:
”هاڻوڪيءَ حالت ۾، سنڌ اندار اشراب نوشيءَ جي علت ڦهلجي ويئي آهي. سڀني درجن جا ماڻهو، سواءِ عالمن ۽ ديني رهنمائن جي، سڀ پيالي ڀائي آهن. شراب ۾ اڪثر اڌ تي پاڻي ملائي پيئن ٿا. پيسي وارو ماڻهو کاڌي کان اڳ به چڪو پئي ٿو: وڌيڪ ڪنهن کي مزو وٺڻو ٿئي ته شراب مٿان ڀنگ جو پيالو به چاڙهي ٿو_ ان مان کين خيال آهي ته نشو تيز، تازو ۽ سوادي ٿئي ٿو“.
برٽن صاحب، حسب دستور، هر معاملي کي تفصيلي حد تائين لکندو آهي. چنانچه هن تفصيل ڏنو آهي ته انهيءَ زماني ۾ سنڌ اندر شراب جا ڪهڙا قسم هئا. اسان به گهرون ٿا ته اهو پهلو ناظرين جي سامهون اچي.
سنڌ ۾ شراب جا ٻه نمونا مروج هئا:
(1) ڳڙ جو دارون_ هيءُ، ڳڙ ۽ ٻٻر جي ڇوڏي مان ٺاهيو ويندو هو. برٽن صاحب لکي ٿو ته ”اهو شراب تکو ۽ بي ذائقي آهي. ان کي هندو، شوق شان پيئن ٿا؛ سڄي سڄي بوتل، 15 منٽن جي وقفي سان، چڪو چڪو ڪري پِي وڃن ٿا“.
(2) ڇهارن يا کارڪن جو دارون_ ”اهو شراب اگرو ۽ سخت گرم ٿئي ٿو، گهڻو ڪري ان کي غريب ماڻهو واپرائين ٿا“.
انهن کان سواءِ، ٻيا به قيمتي شراب هيٺين قسمن جا چالو هئا:
(1)”انگوري شراب جنهن کي ڪشمشي به سڏجي ٿو؛ (2) سونفن يعني وڏف جو شراب جيڪو نهايت عمدو ٿئي ٿو؛ (3) مشڪي شراب؛ (4) ترنجي شراب؛ (5) مصري شراب _ هي شراب پڻ قيمتي ٿئي ٿو؛ (6) گلابي شراب؛(7)ڪيسري شراب“.
برٽن وڌيڪ لکي ٿو ته ”عام غريب طبقو ڀنگ ۽ آفيم کي واپرائي ٿو، ۽ هڪ دم ان کان سواءِ ڪونه ٿو سرين. اميرن جي زماني ۾، ڀنگ آني سير هئي. جڏهن انگريزن ان جو ٺيڪو کنيو، تڏهن 6آني سير ٿي. ڀنگ پيئڻ ڪري، عام سنڌي، بدني ۽ دماغي ڪمزوريءَ ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، ۽ منجهن ٻيا به ڪيئي مرض پيدا ٿي پيا آهن“. (35_34،ميراڻي سنڌڙي)
نشيدار شين جي انهن مضر اثرات کي محسوس ڪري، آخر مير ڪرم علي خان ملڪ ۾ سڀني نشن تي بندش وڌي. ٺٽي جي عالمن کي ته اڳ ئي اعتراض هو، هنن پنهنجي مختلف رسالن ۾ اڳ ئي انهيءَ سلسلي ۾ سخت تنقيدون لکيون هيون. جڏهن بندش پيئي تڏهن سڀ کان پهريون ٺٽي جي هن شاعر يعني مير ’مائل‘ تهنيت جو قطعو تصنيف ڪري، مير صاحب جي خذمت ۾ پيس ڪيو:
بنـازم کاندريــــــن عهد ٖ ديــــــانت، پيﻋ ترويج حکم ٖ شــرع بــــــاري؛
بــــــحــــــکــــــم خسروان تايع شــرع، که بادا حکم شان پيوسته جاري؛
ز منع شــــــرب خــمر و نوش بوزه، که بوده حاصل آن هردو خـــــواري؛
بکــــــام انهــــــدامٖ بــــــيخ افــــــساد، بـــــنــــــاي ديــــــن گــــــرفـة اســــــتواري؛
بحمدالله که از ترويج اين حکم، بــــــدهــــــر از رجـس آمد رستگاري؛
درين شکريه مي سازد بحق عرض، دل ٖ’مائل‘ بحق از حـــق شعاري؛
علي خوش بالکرم بخشد بشاهان، همه کــــــام از مراد ٖ کــــــامگـــــاري!
_ص100

وظيفا ۽ ٽڪس:
ٽالپرن، سنڌ ۾، ساداتن، عالمن، مخدومن، تڪيه نشينن ۽ علمي خواهه ديني خاندانن جا وظيفا مقرر ڪري ڇڏيا هئا: روزينو، يڪ ماهو، دو ماهو، ساليانو، کين ملندو هو؛ ڪن کي سيريون به هونديون هيون. وظيفو نقدي به هو ۽ جنس جي صورت ۾ به ڏنو ويندو هو.
اهڙيءَ طرح، جيئن زمينن تي ڍل ورتي ويندي هئي، تيئن شهري ڌنڌن ۽ صنعتن تي به سرڪاري ٽئڪس پوندي هئي. شهر ۾ نين جاين ٺهرائڻ تي جيئن اڄ ڪالهه ميونسپالٽي ٽئڪس وجهي ٿي، تيئن ان زماني ۾ به اهو رواج موجود هو. اسان کي تفصيلي طور انهن ٽئڪن ۽ وظيفن جي انداز جي معلومات ڪانه آهي، البت انهيءَ سلسلي ۾، مير ’مائل‘ جي چند قطعن مان اشارا ملن ٿا، جن کي اسان هيٺ درج ڪيون ٿا. هڪ قطعي جو عنوان آهي! ”قطعه در باب دوماهه!“
اي ز فتحت بباب کــــام فتوح، وي به بابت ز فتح کــــام رفاه؛
’مائل‘ حق بکــــــام مرﱞدهﻋ فتح، که ز حق بــاد وقت اين درگــــــاه؛
ميکــــــند عـرض بهرِ عفو فتوح، بيت استاد خود بحضرت شاه:
”ما براي تــــو فتح خــــواسته ايم، خـــسروا تو ز مــــــا فتوح مخواه!
از کــرم خسروا بکــــــام عظيم، فــــــتح بــــــاب فــــتوح کــــــن لله!“
_ص119
ٻئي قطعي جو عنوان آهي: ”عريضه منظوم در..........مجراي شکست بته نو احدات از وجــــــوهـــــات اهل وجوهه“:

بحق در حضور ٖ شـــهان ٖ زمــــــان، همين ست عــرض ٖ دل ٖ داعيــــــان؛
که از وجهه خير ٖ خود و قوت شان، مسازيد کم درِ همـي ايــــــن زمــــــان؛
کـــــه از دادن ٖ خــــــير بــــــي اشتباه، فزون مي شود عمر و اقبال و جـاه؛
کند خير چون هر شکست ٖ درست، نبايد به اين امــــــر دادن شکســــــت؛
که اين خير خمس وزکواة ٖ شماســــت، شرف بخش ذات و صفات ٖ شماست؛
بسادات خمس است با ديگــران، زکواة است هم صدقه اين خير شان؛
بود خير هرچند افزون خوش اســـت، فزايش درين کار ميمون خوش استک
کنــــــد خير رد ٖ بــــــلا دم بـــــــــدم، به نص ٖ حــــــديث ٖ رســــــول ٖ اُمــــــم؛
زحق عرض اين کار خيراست چو فرض، ازين وجهه خيرات شد عين فرض؛
که اول بدهه سالم اين وجهه شـــان، همـــان کهنه دســــــتوري بيگمــــــان؛
شده نصف پس باز از نصف هم، شد از بدعتٖ بته يک حصه کم؛
کنون باز کم کردنش نا روا سـت، که قوت ٖ مساکين اهل ٖ دعاست؛
درين کار خيرست خوبي بــــسي، بود سائل ٖ خير شــان هــــــرکــــــسي؛
بود عمر و اقبال شاهان ٖ سندهه، فزون از دعــــاي ضعيفان ســــــندهه؛
ز شان اين دعا از خدا دم بدم، بــــود لفظ آمــــــين بمعروضه ضم!
ز’مائل‘ بحق اين نصيحت بس است، که يک حرف بس گربه خانه کس است.
_ص 117
هڪ قطعي جو عنوان آهي: ”گذارش درباب معافي قصور بته نو احداث از وجوهات اهل ٖ وجوهه“:
شاها پيوسته زير قصر گـــــردون، چـــــو قصر دولتت دارالسرور اســت؛
درين دارالسرور از فرط بهجت، بياد ٖ ما کجا حور و قصور اســت؛
و ليکن از تکاليف قــــــصورات، چنين عرض دلم اندر حضور اســـت؛
که تــکاليف ٖ قصور ٖ بـــــتهﻋ نو، ز نو از وجهه ما ز انصاف دور اســـت؛
ندارم چون قصور اندر رعايـت، معافيﻋ قصور از ما ضرور است؛
هميشه باد قصر جـــاهت آبـــــاد، ابد تا قصر جنت پر ز حور است!
_ص 117

هيٺئين قطعي جو عنوان آهي: ”قطعه گذارش که بر بندي تنقيح وجوهات اهل وجوهه هنگام گذارش نوشته بود (؟)“:
اي بنديﻋ وجهه خير، قوت ضعفاست، که اِجرائيش از ازل به اسناد دعـــــــاست؛
گيرند جمع و خرچ شاهان چو حـــساب، مجرا ز خدا به دفتر ٖ فضل و عطاست.
_ص 120

(4) ٽالپرن جون تاريخون
مير ’مائل‘ پنهنجي بياض ۾ ٽالپر حڪمرانن، شهزادن ۽ ڪن شهزادين جي ڄمڻ ۽ وفات جون تاريخون به ڏنيون آهي. اهي تاريخون، تاريخي لحاظ سان بيحد قيمتي آهن ڇاڪاڻ ته ڪيترن ٽالپرن جي تولد ۽ انتقال جون تاريخون، تاريخ ۾ اسان کي ڪونه ٿيون ملن. اسان انهيءَ قسم جي قطعن کي ترتيب ۽ تشريحي نوٽن سان هيٺ ڏيون ٿا.

ميرفتح علي خان جي شهزادي:
فاتح سنڌ مير فتح علي خان کي ڪيتريون نياڻيون هيون، غالباً ان جو تاريخي رڪارڊ ڪونه آهي. سندس هڪ نياڻي، بيبي بلقيس، وڏي علم ۽ فضل واري هئي. نثر خواه نظم تي کيس قدرت ڪامله هئي. ڪتب بينيءَ ۽ ڪتب خاني سان سندس گهڻو شوق هو. رات ڏينهن مطالعي ۾ صرف ڪندي هئي. اڄ به ڪيترا ڪتاب نظر مان گذرن ٿا جيڪي ان بلند اقبال ۽ پاڪيزه ذوق واريءَ سنڌي شهزاديءَ پنهنجي خاص ڪتب خاني لاءِ نهايت اهتمام سان نقل ڪرايا هئا. انهيءَ شهزاديءَ جو عقد مير نورمحمد خان سان ٿيو، ۽ سندس انتقال 16صفر 1287هه جو ٿيو. (مضمون مرزا احسن ڪربلائي، ”نئين زندگي“، مارچ1945ع).مير ’مائل‘ جي بياض ۾ مير مرحوم جي هڪ نياڻيءَ جي وفات جو قطعو ملي ٿو، جنهن جو انتقال 1216هه ۾ ٿيو، يعني والد جي وفات کان هڪ سال يا ڪجهه مهينا اڳ:

مير ما در هر که غمگين مبـــــاد، يمن فيض ٖ غمگسار ٖ بي نـــظير؛
مير ما فتح ٖعـلي خـــــان نامـــــدار، آنکه نامش در جهان آمد شـــهير؛
رفت چون معصومه اش زين دار غم، در جوار ٖ بضفهﻋ حـضرت بشـــــير؛
ساخت اين غم گرچه جانش را غمين، هست انسان را ازين غم نا گزير؛
ليکه با هر غم چو فرحت لازم است، ميشود زين غم دگر فرحت مـــسير؛
هست چون الله مفتـــــاح الـــــفرح، بـــــاد از لاتقنطوا فـــــرحـــــت پـــــذيــر؛
گفت با طبعم پيﻋ تبئين سال، در عزا پرسي چــــــنين روح القدير؛
”از براي دفع اين افسوس زود، مـرﱞدهﻋ نعم البدل آيد به مير(1)“:
1216هه
بمن الهام ازل اين تازه بـــــيت، ساخت دل عرض ٖ حضور ٖ آن امير؛
بسکه کامٖ عالمي زو حاصل است، بـــــاد از افضال يزدان کـــــام گـــــير؛
در دعايش هَبَ لـﮧ‘ يا رب خلق،
’مائلا‘ کن بعد ازين ورد ضمير. _ص 109

نعم البدل مير صاحب کي انهيءَ رات عطا ٿيو جنهن رات سندس هن جهان مان لاڏاڻو ٿيو. کيس10محرم 1217هه جو پهريون شهزادو ڄائو؛ رات جو پهريون پهر هو، ميرصاحب تي سقرات جو عالم طاري هو؛ اوچتو محل تان سجاول ڪار آئي، جنهن اچي اها بشارت ڏني. مير صاحب اکيون کوليون، اٿي ويٺو، پٽ کي ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمري ۽ محل جي ڪمري جي ڀت ڀڃايائين، جيئن پنهنجي ولي عهد کي هن جهان مان موڪلائيندي موڪلائيندي هڪ نظر ڏسي وڃي. مير حسن علي خان سنڌ جي شهنامي ۾ لکي ٿو:
رهي ڪـــــــانه ٻي آرزو ۽ مــــــراد، جا بخشي نه هئي ان کي رب العباد؛
مگر رهندي هس دل ۾ هــيءَ آرزو، خدا کيس فرزند ڏي نيڪ خـــــــــو؛
ڪيئين عمر ان آرزوءَ ۾ تمام، ٿيو آخري وقت ۾ شــــاد ڪــــــام؛
ڏنو ان کي فــرزند رب الــــــعباد، خدا ان جي دل جي ڪي حاصل مراد؛
سجاول جڏهن آندي هيءَ تهنيت، گهڻو خوش ٿي ويو مير زان بي جهت؛
هي مرﱞدو ٻڌي تن ۾ طاقت وري، جڙي هنڌ تي ويٺو اٿــي ان گهڙي؛
چيائين اُٿي شڪر پـــروردگــــــار، عطا مون کي ڪيو جنهن وري صوبدار؛
چيئين ڀت ڀڃي در ڪريو درزکان، ته فرزند اکين سان ڏسي خوش ٿيان؛
مگر ضعف طاري وري ٿي ويو. تڏهن دل جو مطلب سو رهجي ويو؛
رکايائين ڀر پنهنجيءَ ۾ جا ترار، سجاول کي سا ڏئي ڪيئين ڪامگار.
_ص77
مير صوبدار جي آمد ۽ مير فتح علي خان جي روانگي انهيءَ هڪ رات عمل ۾ آئي. بس مير صاحب جي انهيءَ اولاد جو پتو پوي ٿو، يعني هڪ شهزادو ۽ ٻه شهزاديون.

مير فتح علي خان جو انتقال:
مير صاحب کي پٺيءَ ۾ سرطان جي ڦرڙي هئي، جا هميشه علاج معالجي سان رفع دفع ٿي پئي ويندي هئي؛ ليڪن جڏهن لاڏاڻي جو وقت اچي ويجهو ٿيو، ان وقت ڪنهن به ستيءَ ڦڪيءَ فائدو ڪونه پهچايو، ۽ مير صاحب جو انتقال 10 محرم 1217هه جي رات جو ٿيو. سنڌ جي ٽالپر خاندان جو باني، ۽ سنڌ جي ٽالپر گهراڻي جو پهريون فرمانروا؛ سند جو فاتح، مير فتح علي خان امامن واريءَ رات، رب ڏي راهي ٿيو. ٽالپر گهراڻي ۾ ماتم مچي ويو: سڄيءَ سنڌ تي غمن و غبار ڇانئجي ويو. مير غلام علي خان کانئس پوءِ ٻئي نمبر تي هو، اهو مسندنشين ٿيو. مير ڪرم علي خان ۽ مراد علي خان ساڻس شريڪ ڪار ٿيا، ۽ مير فتح علي خان جي معصوم ٻار مير صوبدار کي پيءُ جي پڳ ٻڌائي، رسمي طور حڪومت ۾ شريڪ ڪيو ويو. مير ’مائل‘، انهن سڀني ڳالهين کي پيش نظر رکندي، هيٺيون تاريخي قطعو تصنيف ڪيو:
فغان و آه که اندر عزاي شاه شهيد،
عزاي خسروي دوران بدهر گشت عيان؛
غرضکه در شب ٖ عاشوره آن مير کبير،
ز تختگاه ايالت نمود نقل مکان؛
گذشته درصف ٖ شهداي دين بصد اعزاز،
گذاشت مملکت ٖ ملک از پيﻋ اخوان؛
درين قضيه که شد رخنما بحکم قضا،
خداش کرد عطا پور نيک نام ٖ زمان؛
که گفت سال ولود ٖ شريف او هاتف،
”بود ابد بشرف مير صوبدار ايوان“؛
1217هه
خدا زياد کند عمر و بخت و اقبالش،
بياريﻋ حسنين و عنايت يزدان؛
درين عزا که بيامد به تهنيت همگام،
هزار شکر براين و هزاره آه بران؛
به تخت مملکتش مير ما غلام علي،
جلوس کام نموده بشرکت ٖ اخوان؛
بصبر و شکر که شرط عزا و تهنيت است،
سروش غيب چنين بهر سال کرد بيان؛
چوُ مير فتح علي خان‘ ’ز تخت سند‘ گذشت،
1499 1514
بگو ”بزيب غلام ٖ علي“ نشست بران؛
1202هه
1499_1514=15 / 15+1202=1217هه
بحق آنکه شد آن مير واصل ٖ حسنين،
هميشه باد دعاگوي زمرهﻋ اخوان!
_ص 109

هيٺئين قطعي ۾ فقط وصال جي تاريخ ڏنل آهي:
گشت چون مير واصل ٖ شــــهدا، جائش اندر بهشت بنمودند،
سال فوتش بهشتيان بخطاب، ”راضي الله عنک“ فرمودند.
1217هه _ص 109

مير صاحب جو مقبرو هالن واريءَ خداآباد ۾ آهي. قبي جي گنبذ تي سيد ثابت علي شاهه جو هي قطعو اُڪريل آهي:
شب ٖ شهادت شاه شهيد رحلت کرد، امير فتح علي خان خديو صاحب عصر؛
بگفت ثابت زوار سال تاريخش، ’مکين ٖ قصر بهشت‘ ومکان بهشتي قصر.
1217هه

انهيءَ مقبري ۾ مير فتح علي خان وڏي جي مزار، مير غلام علي خان جي مزار، مير صوبدار بن مير فتح علي خان جي مزار، ميرفتح علي خان بن مير صوبدار خان ۽ مير محمد علي خان بن مير صوبدار خان جون قبرون آهن.


بيبي خيرالنسا جي وفات:
مير فتح علي خان جي والده، بيبي خيرالنسا، جنهن کي قرب وچان بيبي خيران يعني خير ڪندڙ، سخياڻي سڏيو ويندو هو، ان جي وفات تي مير ’مائل‘ طويل قطعو چيو آهي. بيبي صاحبه سخياڻي، رحمدل، ۽ وڏي خير ڌياڻي هئي. ڪيتريون مسجدون ٺهرايائين؛ تعليم سان سندس شوق هو؛ هڪ عاليشان مدرسو قلعي جي دروازي جي ويجهو تعمير ڪرايائين، جنهن ۾ مفت تعليم ڏني ويندي هئي ؛ شاگردن ۽ استادن جي مانيءَ ۽ لٽي جو سڄو خرچ پاڻ برداشت ڪندي هئي؛ ٽالپر شهزادين ۾ جيڪا تعليم آئي سا به هن برگزيده مائيءَ جي بدولت آئي.
مير’مائل‘ ڏاڍو پر سوز قـــــــطعو تـــــــصنيف ڪـــــــيو آهي:
دريغا که ناگــهه بـــــحکـــــم قـــــدر، قضا اين قضيه نمود آشـــــــــکار؛
قدر خواند منطوقهﻋ کــــل نـــــفس، قضا گفت از موت آيــــن الفرار؛
بـــــدادنـــــد از فـــــادخـــــلـــــي جـــــنتي، بـــــشارت بمرضيـﮧﻋ نـــــــامـــــــدار؛
که اندر جنان بـــهر آن مـــــرضـــــيه، خـــــــواتيـــــن دين انـــــد در انتظار؛
بر اين مرﱞده اُم السلاطين سندهه، کــه بــــادا بشان سلطنت بــرقرار؛
بـــــفـــــرمـــــان مـــــدلــولهﻋ ارجـــــعـــــي، بـــــفـــــــرموده عهد ٖ رضا اســتوار؛
بخاتون دين اُم سبطين پـــــاک، شد اندر جنان همدم و همجوار؛
فرستاد حـــق رحـــــمت و مغفرت، به پيش آمدش از يمين و يســــار؛
نـــــمودنـــــد حـــــوران قـــــصر ٖجـــنان، بقصر ٖ جنـان جاي آن حق شــــــعار،
شـــــد انـــــدر خـــــواتين دوران عــزا، چوخاتون، دهر از جهان بست بار؛
بـــــخـــــوانـــــدنـــــد اِنـــــا لـــــﮧ راجعون، دريـــــــن غـــــــم بفرمــــــان ٖ پروردگار؛
ز بـــــشـــــنيدن ٖ ايـــــن صـداي الم، بـــــــر آمـــــــد ز دل ناله بــــــي اختيار؛
فـــــسبـــــحــان حي الذي لايموت، شـــــــده ســبحهﻋ دل به ليل و نهار؛
فـــــطوبيٰ لـــــراضيـة نـــــــــــــــامـــــيــــــﮧ، فـــــــطوبـــــــيٰ لـــــــمـــــــرضيـةﻋ نـــامدار؛
فطوبـــــيٰ لتشريفهـــــاءِ الجـــــنـــــان، فـــــــطوبـــــــيٰ لتکريمها في العشار؛
غرض چونکه مرحومهء حق سرشت، کــــه در يـــــــاد حــق بود ليل و نهار؛
بليل ٖنخستين ز مــــاهٖ صـــــيام، کـــــــه بـــــــاشــد م ٖ رحمت ٖ کردگار؛
بسر مــايـــــهﻋ رحـــــمـــــت ٖ ايـــــزدي، بسوي جنان زين جهان بست بار؛
ز حوران جنت شد اين سال کـلُ، ”بـــــــه خـــــــيرانـــساﻋ از ولا باد يار“؛
1222هه
”بخيرالنسا از دل آمد مـــلاقي“، دگـــــــرگـــشت سالش ز دل آشکار؛
بجـــــنت ابـــــد بـــــاد آن مـــــرضيه، دعـــــــا گـــــــوي اولاد عـــــــالــــي تبار؛
درين تعزيت بَــشرالصـــــابـــــريـــــن، بـــــــود ورد ”مـــــــائــل“ بليل و نهار.
_ص 109

مير ’مائل‘ ٻيا چار قطعا به انهيءَ حادثي تي لکيا آهن:
بوده در اين دار چو اين صاحبه، مـــــــخلصهﻋ بـــــــنت رســـــــــول ٖ خدا؛
باد دران دار هم از بعد فـــــــوت، واصـــــــلهﻋ اکـــــــمـــــــلهﻋ دوســـــــــــــــــــــرا؛
ماحصلش آنکه چو اين صاحبه، گـــــــشـــــــت ز اخلاص دل ٖ با صفا؛
در مه ٖ رمضان بـــــــشبٖ اولـــــــين، واصـــــــلهﻋ مـــــــحـــــــفل ٖ آن مــــهتدا؛
سال وصالش دل من گفت بـــــــاد، ”صـــــــاحبهﻋ مـــــــحفل ٖ خيرالنسا“.
1222هه _ص110
(3) چون شد اين مقبولهﻋ حق زين جهان، درجنان، نزد ٖبــــــتول ٖ ذي العطاﻋ؛
سال ترحيلش سروش ٖ غيب گفت، ”زبيد اين مقبوله بـــــــا خيرالنساﻋ“.
1222هه _ص 110
(4) چونک پيﻋ وصل حق سوي جنان ز اين جهان،
شد بجوار ٖ بتول صاحبهﻋ حق شعار؛
در دم ٖ ترحيل او سال وصالش سورش،
”گفت بخيرالنسا باد ابد همجوار“.
1222هه _ص 110
(5) شد چو اين مرحومﻋ عفت پناه، واصل ٖ جنت به تشريف ٖ وصـــال؛
هاتف ٖ غيبم بــروز ٖ وصـــــــل او، ”ادخلي جنات عدني“ گفت سال.
1222هه _ص 110

انهن قطعن مان معلوم ٿئي ٿو ته مرحوآ، پهرين تاريخ رمضان 1222هه جو، رات جي وقت، انتقال ڪيو.

ميرغلام علي خان:
مير فتح علي خان کان پوءِ، پڳ مير غلام علي خان تي آئي. ميرصاحب 6جمادي الاول 1227هه جو انتقال ڪيو. سندس لاش خداآباد (هالن واريءَ) ۾ دفن ڪيو ويو. مير’مائل‘ هيٺيون قطعو تصنيف ڪيو:
شهي که گاه جلوسش بمسند ٖ شاهي، سند به مهر ولايت ز شاه ما آمد؛
بحکم آن سند ٖ شاهي و جهان گيري، شکوه شاهجهانش بمرحبا آمد؛
بمرحباش گهه ٖ عزم رزم آرائي، زشش جهت ظفر و فتح پيشوا آمد؛
بعهدشاهيﻋ او يکسر ازشهان، جهان، بحضرت ٖ شهيش عهد صد وفا آمد؛
وليﻋ سندهه غلام علي ولي الله، که از غلاميء شهه بخشش اين عطا آمد؛
زيمن صدق غلاميش از صداقتدل، غـــلام درگهه او عــــــز و اعــتــلا آمد؛
کنون بحق چوشوق ٖ وصال آن شه دين، ز صــدر نشـــــــينان دوســـــــــرا آمـــــــد؛
بخلد نيز ز يمن ٖ غلاميﻋ نامش، رفيق صدر نشينان دوســـرا آمـــــــد؛
بروز واقعه رحلتش ز صد اندوهه، که رخ بجهان ناگه از قــضا آمد؛
’زهي غلام علي بوده‘ گفت دل باآه، دام بسال و صالش چو در حصاﻋ آمد؛
1227هه
بجا غلام علي هم بگفت خود تاريخ، چوکامور ز غلاميش جابجا آمــد؛
دلش ز مير محمد مدام خوشدل باد، بحق ز ’مائل ٖ‘ حق عرض اين دعا آمد.

ميرغلام علي خان شڪار جو بيحد شوقين هو. هڪ دفعي هرڻن جي شڪار تي ويو. هڪ هرڻ کي پاڻ تڪبير ٿي وڌائين ته هرڻ جي سنڱ جي چهنب زور سان سندس پير ۾ گهڙي ويئي. موت لاءِ اهو بهانو بنجي آيو. زخم ڦهلاءُ ڪيو، رت ۾ زهر ملي ويو، ۽ آخر لا علاج ٿي مير صاحب انتقال ڪيو.

مير ڪرم علي خان تي پڳ آئي؛
مير مراد علي خان ساڻس شريڪ ڪار هو؛ ۽ مير غلام علي خان جي شهزادي مير محمد خان کي پڻس جي پڳ ٻڌائي کيس به شامل ڪيو ويو.
ميرصاحب جي زماني ۾، بهاولپور واريون جنگيون ٿيون، شڪارپور جو شهر هٿ ڪيو ويو، ڪراچي قلات کان واپس ورتي ويئي، ۽ سبزل ڪوٽ حاصل ڪيو ويو. انگريزن سان 1224هه ۾ معاهدو ڪيو ويو.(1). شڪار جو شوقين ۽ بهادر ماڻهو هو. سيکاٽ جي ٻيلي ۾ ماڻهن مار شينهن کي سامهون ٿي، ترار سان ماريائين. شاهه شجاع الملڪ، جڏهن ڍل اڳاڙڻ لاءِ سنڌ تي افغانن جو ڪٽڪ چاڙهي آيو، ان وقت مير صاحب کيس کتو جواب ڏيئي موٽائي ڪڍيو. ميرحسن علي خان لکي ٿو:
تڏهن مير صاحب چيو،نــــــامور! انهيءَ خيال موهوم کان درگـــــذر؛
زمانه دگرگـــــــون آئـــــــين نـــــــهاد، شد آن مرغ که او بيضه زرين نهاد؛
سپهر آن بساط کهن در نوشت، نشاط ٖ دگر ملک را تـــازه گشت؛
هينئر ڪهڙي ڍل، جو آ ذڪر ڇا، ڏيـــــــڻ ۽ وٺڻ وارا ٻئي ويـــــــا هليا؛
جي وڙهڻو هجئي شاه تان آ برون، هــي گوءِ ۽ هي ميدان، آءُ ۽ تون.
_ص86
[چيائين جيڪا ڪڪڙ سونا آنا ڏيندي هئي، سا هلي ويئي؛ ڏيڻ وارا به ويا ۽ وٺڻ وارا به ويا؛ هاڻي جي جنگ ڪرڻي آهي ته ميدان ۾ نڪر: هيءَ گوءِ ۽ هي چوگان].
مير’مائل‘ ٻيو هڪ تاريخي قطعو به چيو آهي، جنهن ۾ مير غلام علي خان جي تعزيت ۽ سندس شهزادي مير محمد خان جي مسند نشينيءَ تي تهنيت پيش ڪيل آهي!
چون شه ٖ سندهه آن غلام ٖ نام شاهنشه علي،
آنکه مي بد مسند آراي شهي در ماه وي،
همچو شاهان ٖ سلف در شوق وصل ٖ حق بحق،
کرد رحلت زين جهان روي جنان ناگاه وي؛
بعد ترحيلش چو شهزاده محمد مير نام،
جلوه بخش آمد بر اوج ٖ سلطنت چون شاه وي؛
ز استماع ٖ اين خبر بشنيد اين سال از سروش؛
”جلوه بار آمد مهه ٖ نو بعد سلخ ٖ ماه دي“:
1227هه
تا بود از امروز فردا ذکر در بزم ٖ شهان،
باد افزون عمر و جاهش زان شهه ٖ جمجاه وي! _ص 110

ولادت مير عبدالله خان:
مير عبدالله خان بن مير غلام حسين خان بن مير عبدالله خان بن مير بجار خان بن مير بهرام خان بن مير شهداد خان جي تولد تي مير ’مائل‘ هيٺيون قطعو چيو: معلوم ٿئي ٿو ته مير غلام حسين کي اهو فرزند وڏيءَ ڄمار ۾ ڄائو:
فضل حق با مرﱞده خوبي خوش ثمر، زائد العمر اين خلف بالــــخير دار؛
مرد دوران کز غلاميﻋ حـــــسين، ناميﻋ عصر است بر صدر ٖ رشـــاد؛
نورچشمٖ خاص عــــبدالله مـــــــير، خوش شيم والا همم عالي نرﱞاد؛
نيک نام ونيک خلق و نيک بخت، مخـــــلـــــص الـــــــســـــــادات اعـــتـــقـاد،
بسکه دارد مُـّکا بــــــــر صدر جاه، صدر جاهش زين خلف آباد بـاد؛
تا شود چون جد ٖ ماجــــد نـامور، نام وي خوش مير عبدالله نهاد؛
شوکت ٖ بهرامـي و بجـــــــار وي، باد از شان و شکوهش مستفــاد؛
در نشاطٖ زادنش از بسکه حـــــق، بـــــــر رخٖ دل بـــــاب خيريت کشاد؛
گفت دل سال ٖ چنين روز ٖ نشاط، ”مير عبدالله چه بهه با خير زاد“؛
1232هه
’مائل‘ حق خواهد از حق در دعاش،
بـــــــاد عـــــــمر و بـــــــختش اندر ازدباد! _ص77
مير’مائل‘ مير غلام حسين جي مدح ۾ به هڪ قطعو چيو آهي:
اي ز رويت جلوه گر نور ٖ غلاميﻋ حسين،
ميرعبدالله بن بجارخان را نور عين؛
شوکت ٖ بهراميت چون طيش بهرام ٖ(1) فلک،
زمره اعداي دين را افگند در شور شين؛
بسکه داري دريمين اقبال و دولت در يسار،
در رکابت مي رود فتح و ظفر از جانبين؛
ديده از دست ٖ سخايت فتح باب کام دل،
دائم آمد دستيارت فاتح ٖ بدر و حنين؛
ز استماع ٖ نيکيﻋ نام و صفات ٖ نيک تو،
ورد دلها نام نيکت آمده چون فرض عين؛
دائما اقبال و دولت دائما عيش و نشاط،
باد با عهدت قرين هم چون قران، نيـّرين؛
بحرمت حسنين ٖ سرور ٖ زود بخشد ايزدت،
همچو خورشيد و قمر پيﻋ هم دو روشن اخترين.
_ص104

مير ٺاري خان جا فرزند:
مير ٺارو خان ميرپورخاص جو پهريون ٽالپر حڪمران هو.1198هه ۾ تخت نشين ٿيو، ۽1245هه ۾ انتقال ڪيائين. وڏو بهادر ۽ جانباز سردار هو. پنهنجي دؤر ۾ هن ريگستاني علائقي جو ڪيترو حصو بزور شمشير پنهنجي مملڪت ۾ داخل ڪيو. مير شير محمد خان، جنهن کي ”شير سنڌ“ جو لقب عوام ڏنو هو، سو سندس تخت جو آخري وارث هو، جيڪو انگريزن سان جوانمرديءَ سان وڙهندي گرفتار ٿيو، ۽ نظربنديءَ جي حالت ۾، 1294هه ۾، انتقال ڪري ويو.
مير ٺاري خان کي، 1226هه ۾، مير غلام محمد نالي پٽ ڄائو. مير ’مائل‘ جو انهيءَ خاندان سان به راه رسم جو تعلق هو. مير ضياالدين ’ضيا‘ مير ٺاري جو درباري شاعر هو، جيڪو مير’مائل‘ جو چاچو هو؛ انهيءَ ڪري مير’مائل‘، مير غلام محمد جي تولد تي، هيٺيون قطعو پيش ڪيو:

چون فضل ٖ حق بکام دل ٖ مير تهاره خان،
که او دائماست کامور از فضل حق تعال؛
خوش بر مراد مير که نامش علي مراد،
مشهور عالم است بسر نامهﻋ جلال؛
از غايتِ تفضل کان بخش خاص شانست،
بخشيد اين مبارک مولود خوش خصال؛
مولود نيک مير غلامِ محمد اسم،
که اسمش مبارکست ز افضال لا يزال؛
بر کام آنکه باد ابد کامياب فيض،
اين خوش خلف بجاه سلف در جميع حال؛
از استماع مرﱞدهﻋ ميلاد اسعدش،
فرمود دل ”غلام محمد بکام“ قال؛
1226هه
يا رب مدام تا که بدلها ثناي تست،
يا رب مدام تاکه ز افضال تست قال،
دائم ز فضل نام نبي و غلاميش،
دائم به يمن نام علي و جميع آل؛
ياد اين گرين خلف به اميران نام دار،
نام آور ٖ زمان بصد بخشش و نوال!
ميرن مان هر هڪ ٽالپر پنهنجي مهر يا منڊيءَ لاءِ سجع ٺهرائيندو هو، مثلاً_
مير فتح علي خان جي سجع هئي:
”داد نصرت خدا به فتح علي ، به مددگاريﻋ نبي و علي“.
مير غلام علي خان جي سجع هئي:
”ناصر ٖ من بود نبي و ولي، منم از جان و دل غلام ٖ علي“.
مير ڪرم علي خان جي سجع هئي:
”کرد با من کرم عليﻋ عظيم، بحق حضرت نبي و کريم“.
مير مراد علي خان جي سجع هئي:
”بحق ٖ حضرت ٖ نبي و ولي، يافت از حق همه مراد علي“.
مير مراد عليءَ جي ٻي جمع هئي:
”بـــــــــــــــنــــــــــــدهﻋ مــــــــــــصــــــــــــطــــــــــــفيٰ مــــــــــــراد عــــــــــــلــــــــــــي داشــــت“.
ميرنور محمدخان جي سجع هئي:
”ز نــــــــــــور ٖ مــــــــــــحــــــــــــمــــــــــــد جــــــــــــهــــــــــــان روشــــــــــــن اســــــــــــت“.
مير محمد نصير خان جي سجع هئي:
”علي و حسين و حسن دستگير، خدا يار و ياور محمد نصير“.
مير محمد خان جي سجع هئي: ”مــــــيــــــــــر محمد مهٖ اوج کــــــرم“.
مير صوبدارخان جي سجع هئي: ”ظل احمد تاج فرق ٖ صـــــوبدار“.
سنــــــدس ٻــــــي ســــــجــــــع هــــــئـــــي: ”خاکپاي مرتضيٰ شهداد خان“.
مـــــيــــــر حــــســــيــــن عــــلـــــي خـــــان جــــي ســـجــــع هئي:
”کرد روشن ز فيض لم يزلي، آفتاب ٖ جهان حسين علي“.
مــــــيــــــر نصير خــــان جــــي ٻي به هڪ سجع هئي:
”ســـزد گرنهد بر ثرُيا سرير، کسي را که باشد محمدنصير“.
مــــــير’مائل‘ شهزادي غلام محمدخان جي سجع ٺاهي:
”حب ٖ علي مراد غلام ٖ محمد است“. _ص75

مرزا قليچ بيگ مير ٺاري خان جي ٽن پٽن جا نالا ڏنا آهن: مير غلام حيدر، مير علي مراد ۽ مير غلام الله. مير غلام محمد جو نالو شجري ۾ ڪونه ڏنو آهي. مير غلام الله جي وفات 1228هه ۾ ٿي: مير ’مائل‘، ان جي وفات تي هيٺيون قطعو چيو:

در جواني مير ما چون کرد فــــــو، انگه دل در جزن فوتش آه گفت؛
سال فوت ٖ آن جوان ٖ نيک دل، ”واي بر حزن ٖ غلام الله گــفت“.
1228هه _ص121
تولد مير بجارخان بن مير بهرام خان: ميربجار خان، مير بهرام خان بن مير شهداد خان جو پٽ هو؛ سندس تولد تي مير ’مائل‘ هيٺيون قطعو چيو:
مــــــيــــــر بهــرام خــــــان نــــــام آور، آنکه کامش ز حق مــــــدام آمد؛
خوش بکام ٖ دلش زبخشش حق، خلف سعد نـــــيک نــــام آمــــــد؛
گست هــــاتف بســــــال ميلادش، ”مير بجارخــــــان بکــام آمــــــد“؛
1215هه
باد از حق مبارک اين فــــــــرزند، شب بخوابم چنين پيام آمد؛
بــــــــــــارک الله بــــــعمــــــره ابــــــــــــــدا!
ورد ’مائل‘ بصبح و شام آمد. _ص73

مير علي محمد خان:
مير علي محمد خان، مير احمد خان جو فرزند هو، جيڪو فرزند هو مير محمود خان ولد مير بهرام خان بن مير شهداد خان جو. انهيءَ مير صاحب جي نالي تي مير ’مائل‘ جي بياض ۾ هڪ مدحيه قطعو ملي ٿو:
خان ما کز کمـال ٖ عــــــزو شــــــرف، هست نامش علـي محمد خــــــان؛
در دعــــــايـــش بخمسـة الاوقــــــات، بـــا محمدعلي ســــــت ورد زبــــــان؛
ميبرم تحفـﮧﻋ دعــــــا پيــــــشـــــش، تا چه پيش آيدم کند ز احسان؛
باد نامش چو ايــــــن دو نام نکو، دام نقش ٖ نــــگين ز دور زمــــــان؛
دائم از صدق حب اين حضرات، باد مقبول حق بهر دو جــــــهــــــان.
_ص105

مير رستم خان:
مير رستم خان، مير فتح علي خان، ۽ غلام علي خان جن جو سـؤٽ هو. سندس شجرو هن طرح آهي: رستم خان بن سهراب خان بن مير چاڪر بن مير شهداد بن مير هوتڪ خان بن ڪڪو خان بن شاهوخان.
قضاي طبع خود رشک ٖ هزاران گلستان کردم،
بمدح مير رستم خان زبان تا گلفشان کردم؛
نمودم سر چو توصيف عُلـّو رتبه و قدرش،
پيﻋ معراج ٖ طبع ٖ خود ز کيوان نردبان کردم؛
سخن در وصف جودش همچو گوهر جلوه زن آمد،
چو خوش گر در سخن سرمايهﻋ صد بحر و کان کردم؛
ز يادم رفت يکسر شيوهﻋ نامهربانيها،
چو ياد ٖ مهربانيهاي آن خوش مهربان کردم؛
عجب نبود اگر نازم بطبع نکته سنج ٖ او،
چو عرض، اين غزل در حضرت ٖ آن نکته دان کردم؛
چو ميدارن ز دل ’مائل‘ بحق شغل دعاي او،
بحق باشد اگر خود را شمار از داعيان کردم.
_ص 49

ميرچاڪر خان:
مير رستم جي ٻئي ڀاءُ مير چاڪرخان جي سلسلي ۾ به هڪ قطعو بياض ۾ ملي ٿو:
ميرچاڪرخــــان والا مــــــرتــــــبــــــت، آنکه از جان چـــــاکر ٖ آل عباست؛
بـــــس کــــــه دارد از دل بــــــا خــــــدا، دائما ورد ٖ دلــــــش نــــــام خداست؛
نيک نام و نيک خلق و نيک بخت، نيک نامي خوش به بختش آشناست؛
هم اديب و هم خليق و هم شفيق، وصف اخلاق ٖ شريفش جـــابجاست؛
باد دائم نامور با اين صــــــفات، ورد ’مائل‘ دائما اين خوش دعــاست؛
_ص49

مير رستم خواه ميرچاڪر خان تي ٻيئي قطعا نهايت گرم جوشيءَ سان لکيا اٿائين. معلوم ٿو ٿئي ته مير رستم خان وڏو سخي ۽ دريادل شهزادو هو؛ جود و ڪرم، داد و دهش ۽ عام بخشش سندس خاص وصفون هيون؛ ساڳئي وقت سخن فهم ۽ نڪته دان به هو. اهڙيءَ طرح مير چاڪر خان نيڪ، خليق، شفيق ۽ اهل دل شهزادو هو_ شريف الطبع ۽ نيڪ نفس.

مير سهراب خان:
مٿين ٻنهي شهزادن جي والد مير سهراب خان جي مدح ۾ به هڪ قطعو بياض ۾ موجود آهي، جنهن ۾ مدح جي رسمي الفاظن بعد، مير’مائل‘ مير سهراب خان کان شاديءَ جو خرچ گهريو آهي، ۽ ٻيو گذارن لاءِ وظيفي جي به طلب ڪئي اٿائين. انهيءَ مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته مير ’مائل‘ اگرچ مير ڪرم علي خان جي دربار سان متعلق هو، ليڪن ضرورت جي حالت ۾ ٻين ٽالپر اميرن کان به طلب امداد ڪندو هو. قطعو هي آهي:
ايــا مير ســــــهراب خــــــان نامــــــدار، بنام آوري شــــهــــــرهﻋ روزگـــــــــــار!
کند حق فزون ننگ و ناموس تو، که آيد جهاني بــه پــــــابــــــوس تو!
دعا گوي دولـت غــــــلام ٖ عــــــلي، غلام ٖ غـلاماــــــن ٖ نــــــام ٖ علــــــي؛
بـناموس نــــــام ٖ تــــــو از رام دور، رسيد است بهرٖ دعــــــا در حضور؛
کنون شرط ناموس و نام آوري، همين است که کامش تمام آوري؛
بود کام او کـــز کــــــمال ٖ ســــــخا، کــــنــــــي ايــــــن دو مقصود اورا روا؛
يکي خرچ شادي که دارد به پيش، دويم وجهه از بهر گذران خويش؛
اگر مي دهي مي دهد حق بــــتو، بــــــنـــام آوري عــــــز و اقــــــبال نــــــو؛
وگر نه خدا کام فرما بس است، عطا ساز کام دل ٖ هر کس است؛
خــــــدا يا به آن نــــــامــــداري ديـــار، به آفـــــزونــــــيﻋ دولــــــت ٖ پــــــــائــــــدار؛
موفق بکن با صفات ٖ نــــــکـــــــو، که باشد فزون ننگ و نـــاموس او!
کنون عرض داعي تمام آمده،
ز ’مائل‘ بحق والسلام آمــده. _ص50
مير’مائل‘، وظيفي ۽ شاديءَ جو خرچ ته گهريو آهي، ليڪن پنهنجي خودداريءَ، عزت ۽ بردباريءَ کي قائم رکيو اٿائين؛ چوي ٿو:
اگر مي دهي مي دهد حق بــــتو، بـــنــــام آوري عــــــز و اقــــــبــــال نو،
وگر نه خدا کام فرما بس است، عــــــطا ساز کام ٖ دل ٖ هر کس است.
]جيڪڏهن حاجت روائي ڪندين ته تنهنجي مهرباني، تنهنجو نالو ٿيندو ۽ تنهنجي عزت ۽ اقبال بلند ٿيندو: ورنه ڪم خدا تي آهن، هر ڪنهن کي ڏيڻ وارو اُهو آهي.[

شهزادي جي شادي:
مير’مائل‘ جي بياض ۾ هڪ قطعو ملي ٿو، جيڪو ڪنهن ٽالپر شهزادي جي شاديءَ تي چيو ويو آهي؛ نالو ڏنل ڪونه آهي:
شکر خدا که اکنون از لطف خود خدا داده،
زين تازه کتخدائي خوش کان شاه داده؛
شاديﻋ شاهزاده چون شاه سندهه بنمود،
يکسر بروي دوران باب فرح کشاده؛
تاريخ شاديش دل با غايت ٖ فرح گفت،
8
”بادا شهٖ مبارک شاديﻋ شاهزاده“.
1216+8=4 122هه _ص82

معلوم ائين ٿئي ٿو ته هي قطعو مير غلام علي خان جي شهزادي جي شاديءَ تي چيل آهي، ڇاڪاڻ ته 1224هه ۾ اهو ئي سنڌ جو بادشاهه هو.

مير مراد علي خان:
مير مراد علي خان ٽالپرن جي پهرينءَ چـؤياريءَ جو آخري رڪن هو، جنهن تي مير ڪرم علي خان جي انتقال کان پوءِ، 16 جمادي الثاني 1244هه جو، پڳ آئي.
سنڌ ۾ پهريون دفعو، مير مراد علي خان، حيدرآباد ۾ سڪي ٺاهڻ جو ضربخانو کولرايو؛ انهيءَ ڪارخاني جو مهتم فتح محمد لوهار هو. مير صاحب نموني طور 40_50 اشرفيون پنهنجي نالي تي ٺهرايون، جن کي پسند ڪري، حڪم ڪيائين ته خزاني جو سمورو سون ضربخاني ۾ آڻي، سڪا ٺهرايا وڃن. اهو ڪم اڃا شروع ئي نه ٿيو ته مير صاحب رحلت ڪري ويو، ۽ اهو ضربخانو بند ٿي ويو. مير ’مائل‘ مير مراد علي خان جي نالي به ڪيترائي گذارشي ۽ مدحيه قطعا ۽ قصيدا چيا آهن؛ انهن مان چند هن هيٺ درج ڪجن ٿا:
زهي بنام نکو شهره زمين و زمان،
مراد بخش جهان ٖ مرادياب جهان؛
بود مراد علي خان مير خوش نامش،
ز عون نام شريف ٖ علي بن عمران؛
ز بسکه هست مريد ٖ جناب آل علي،
بود مراد دلش حاصل از علي هر آن؛
به اتحاد نبي و بدوستيﻋ علي،
ز هي بصدق ارادت مريد در گهه شان؛
سخن شناس و سخن فهم قدردان ٖ سخن،
غريب دوست و فقير آشنا و معني دان؛
بقدردانيﻋ آن قدردان ٖ اهل سخن،
نهال طبع سخن مي شود ابد رَيـّان؛
چو هست کام رواي جهان بجود و سخا،
هميشه کام دلش باد حاصل از يزدان؛
ز بس به در گهه ٖ او کام خواه مي آيند،
سزد که کام دل ٖ داعيان دهد ز احسان؛
بدر گهش چو برات ٖ وظيفه ام کردند،
بود وظيفهﻋ داعي دعاي وي هر آن؛
بعون طالع مسعود با فروغ ازل،
دلش ز نور محمد بود ابد رخشان؛
هميشه باد محمد نصير وي همه جا،
بعون ينصرالله في الهم اکوان:
خدا زياد کند عمر و بخت و اقبالش!
بود ز ’مائل‘ داعي همين دعا شايان. _ص50

مير ڪرم علي خان وانگر، هي مير صاحب به علمي ذوق جو صاحب هو. پاڻ به فارسي شعر چوندو هو ۽ شاعرن جو به قدردان هو. ”محڪ خسروي“ جنهن ۾ فارسي شاعرن جو انتخاب آهي، پاڻ 1237هه ۾ مرتب ڪيائين. ”طب مراد“ (1246هه) سندس مشهور آهي. ازانسواءِ فارسي ديوان به اٿس. سندس حڪم تي مير حسن الحسيني ”زبدة المعاصرين“ جي نالي سان هڪ ٻيو انتخاب به 1240هه ۾ تيار ڪيو، جنهن جي ديباچي ۾ انهيءَ دؤر جي ايراني ۽ سنڌي شاعرن جو احوال ڏنل آهي. انهيءَ ادب پروريءَ ۽ سخندانيءَ ڏانهن مير ’مائل‘ مٿئين قطعي ۾ آشارو ڪيو آهي. مير صاحب 6 جمادي الثاني 1249هه جو انتقال ڪيو. ”باب باغ ارم“ مان اهو سال نڪري ٿو.

مير صاحب کي ٻه نياڻيون ۽ چار پٽ هئا:
مير نور محمد خان، مير نصير خان، مير محمد خان ۽ مير يار محمد خان. مٿئين قطعي ۾ فقط ٻن شهزادن جو نالو آيو آهي، غالباً باقي ٻه شهزادا قطعي جي تصنيف کان پوءِ ڄاوا. مير ’مائل‘ جو ٻيو قطعو هي آهي:
مرا به نام تو چون اتحاد هم نامي ست،
سزد که نام تو نقش ٖ نگين دل سازم؛
غلام نام علي نامدار دوران باد،
رقم بنام شريف ٖ تو اين سجل سازم؛
مدام تاکه دلم ’مائل‘ حق است بدعا،
دل و دهان بدعاي تو مشتغل سازم.
_ص 120

مير ڪرم علي خان ۽ مير مائل:
مير ڪرم علي خان سخن فهم، سخن سنج ۽ اهل فن جو وڏي ۾ وڏو قدردان هو. ڪيترائي شاعر، اديب، عالم ۽ مصنف سندس دربار ۾ رهندا هئا، ۽ مير صاحب هميشه سندن پرورش ڪندو رهيو. حقيقت ۾ ٽالپري دؤر ۾ فارسي ادب، زبان، نثر ۽ شعر محض هن هڪ بادشاهه جي ڪري زرو ورتو. مير ’مائل‘ براه راست سندس مدح ۽ ثنا ۾ صرف ڪيو آهي. سـؤ سـؤ ۽ ٻن ٻن سون شعرن جو هڪ هڪ قصيدو لکيو اٿائين. انهيءَ طولانيءَ سان قصيدا سندس ديوان ۽ بياض ۾ موجود آهن. هونئن ته سڀني ٽالپرن جي مدح سرائي ڪئي اٿائين، ليڪن اها سڀ ’آورد“ معلوم ٿئي ٿي. حقيقي جوهر ۽ سچو پچو زور، مير ڪرم علي خان جي مدح ۾ ئي ڏيکاريو اٿائين.
طويل قصيدن کي نظرانداز ڪندي، اسان هن هيٺ چند مختصر قطعا پيش ڪيون ٿا، جيڪي مادح ۽ ممدوح جي زندگيءَ جا بعض پهلو پيش ڪن ٿا. حقيقت ۾، مير ’مائل‘ جي شاعرانه ڪمال ۽ سخنورانه قدرت کي ڏسڻ لاءِ قصيدن ڏانهن توجهه ڪرڻ گهرجي، جيڪا شيءَ سردست اسان جي موضوع کان ٻاهر آهي.
مير ڪرم علي خان بيمار ٿي پيو. مير’مائل‘ هڪ قطعو پيش ڪيو، جنهن جو عنوان آهي: ”قطع گذارش در ايام ناسازيءَ مزاج وهاج بدرگاه حضور کرم گنجور“.

ناسازش ٖمزاج بعيش و سرور باد، دور از مزاج اقدس شه هر فتور باد!
با صحت ٖ مزاج که بادا رفيق شاه، ناسازيﻋ مزاج شها از تو دور باد.
_ص126
مير صاحب جي هٿ ۾ زخم ٿي پيو. مير’مائل‘ مختلف طريقن سان دست مبارڪ لاءِ دعائيه قطعا تصنيف ڪيا:
بخش يا رب بدست مير شـــــفا، تــــــا کنــــــد دســــــتگيــريﻋ ضعُفا؛
دست فضل ٖ تو دستيارش باد، بسکه برداشت دل دو دست دعا.
_ص126
ٻيو قطعو هن طرح چيائين:
اي بدستت فضل يزدان دســـــتيار، دستيارت بــــاد فضل ٖ کـــــردگار؛
درد عايت دست دل کردم بــــــلند، کز دل و دست ٖ تو آيد بهرمند؛
باد در عهد ٖ تو دستور الـــــــعمـــل، دولت و نــــــصرت بـــا قبال ٖ ازل؛
در حضورت ’مائل‘ بي دست و پا، دست مـــي کــــــند عــــــرض ٖ دعا؛
تا بر آيد دست فضل از آســـتين، دست ما ؤ دامن ٖ شــــــاهان دين.
_ص126

هڪ قطعي ۾ هٿ جو مضمون هن طرح ادا ٿو ڪري:

شاها توئي که دست تو هنگام مکرمت،
دائم بدستگيريﻋ ضعفاست دستيار؛
تا دستيار دست تو آيد شفاي حق،
برداشتيم دست دعا سوي کردگار.
_ص126


مير صاحب هڪ دعائيه قطعو چيو آهي:
خسروا فضل کـردگــــــار کــــــريــــــم، از کــــرم دائمــــــا بــــــکــــــار تــو باد!
تا ز انجم بود نــــظام فــــــلــــــک، دور گــــــردون در انــــــتظام تـو باد!
شــــوکــــــت جــــــم شــــــکــــــوه داراي، مـسند آراي هـــــر ســــــلام تـو باد!
جــــــود طــــــائــــــي و عــدل نوشروان، همدم ٖ فيض مــــستدام تــو باد!
شــــــاديﻋ دهــــــر عــــــشرت ٖ دوران، عشرت افزاي صبح و شــــام تـــــو باد!
هست جام جهان نما چـــــو دلت، عالم مست فيض ٖ جام تـــو بـــــاد!
گوهر و رشک خاتم ٖ جــــــمشيد، بر نگيني که نقش نــــــام تو باد!
خسـروا چون توئي غـــلام عــــــلي، بخت دولت ابــــــد غــــــلام تو باد!
پا بر ادهم(1) نهي چو از پيﻋ زوم، نصرت و فتح هم زمام تو بــاد!
کرد بر تو کرم عــــــلـــــيٖﻋ ولــــــي، کرم ٖ شـــهه رفيق نــــــام تو باد !
داد شــــــــــاهــــــا تــــــرا مــــــراد عــــــلي، بمراد ٖ تو جمله کــــــام تــــــو بــاد !
بــــــاد مــــــيــــــر محمدت يـــــــــــــــــاور، از محمد همه مــــــرام تــــــو بــــــاد !
فيض روح القدس بصد تقديس، جلوهگر هـــردم از کلام تو باد !
تا شود کام خــــواه تو عــــــالــــــم، کام عالم ز فيض عـــــام تو باد !
چون دلم در دعاست ’مائل‘حق، دمبدم فضل حق بکام تــو باد!
_ص126

مير’مائل‘ ڪيترا گذارشي قطعا چيا آهن. هڪ قطعي ۾ سرديءَ جي پوشاڪ طلب ڪري ٿو:

شاها ز قد تو سرو قامت پيراست،
دائم بقدت قباي شاهي زيباست؛
سرما ست و ندارد چو قباي با خويش،
زيبا بدعا گوي خود امداد قباست!
_ص 100
شاديءَ تي خرچ جي ضرورت ٿيس؛ مير سائينءَ جي حضور ۾ قطعو پيش ڪيائين: ڇا مليو، ڪيترو مليو، خبر نه آهي؛ ليڪن قدردان آقا ضرور گهڻو ئي ڪجهه ڏنو هوندس.
شاها بخرچ شاديم امداد کن مرا،
شادان کنون ز بار غم آزاد کن مرا؛
در خرچ شادي است چو درکار مکرمت،
اي گنج مکرمت بکرم شاد کن مرا.
_ص100
هڪ قطعو گذارش ۾ چوي ٿو:
شاها دلم مدام بشغل دعاي تست،
شاغل بحق پيﻋ طلب ٖ مدعاي تست؛
آمد ز دل چو ’مائل‘ حق کام خواه تست،
اميد کامش از کرم ٖ دلکشاي تست.
_126

ٻيو به هڪ گذارشي قطعو آهي؛ چوي ٿو:

شــــــــاهــا ذوالکرمت که مکرمتش، پيش از عــرض کــــــــام دلها داد؛
ديد چون اين عريضه در دســـــتم، از کرم دست مکرمت بـــــکشاد؛
خواند مضمونش از کرم فرمــود،
عرض ’مائــل‘ بحق قبول افتاد؛
در زمان از ره ٖ کـــــــــرم بخشــــــي،
سند ٖ وجهه تـــازه کــــــــرد امـــــــــداد؛
بعد اين عرض آنکه کردم عرض،
آمد عرض ٖ دعــــــــا بمن ارشــــــاد؛
بسکه شاد آمده دل از کــــــرمش،
بــــــــاد دائــــــــم بکـــــام دل دلشاد!
_ص 126

بياض ۾ هڪ گذارش غزل به آهي:
من چه گويم چه کسم بهر چرا آمده ام،
داعيم، بر درت از بهر دعا آمده ام؛
بر در ٖ دولتت اي مير نکو نام زمان،
داعيﻋ دولتت از فضل خدا آمده ام؛
باد راضي ز تو پيوسته خدا ؤ حضرات،
برضاي دل خود خوش برضا آمده ام؛
دارم از در گهت اميد سرفرازيها،
که سراپا بدرت بي سروپا آمده ام؛
اي کرم بخش جهان کام رواي احباب،
باميد ٖ کرمت کام روا آمـده ام؛
هست کام ٖ دل من چونکه دعاي دولت،
از کجا بهر دعايت بکجا آمده ام؛
’مائل‘ حقم نازان به غلاميﻋ علي،
طرفه اندر حق ٖ ارباب ولا آمده ام. _ص50

]”مهراڻ“ بهار_1955ع[

________________________________________
(1) سيد صاحب جي استعفيٰ بعد، شاهه حسين، قاضي محمد اُچيءَ کي بکر مان گهرائي، قضا جي عهدي تي مقر ڪيو؛ ۽ اهو منصب پوءِ هميشـﮧ انهيءَ خاندان ۾ رهندو آيو.
(1) امير نسيم الدين، امير عطاالله، ۽ سيد فضل الله جي سلسلي ۾، تاريخ روضـﺔ الصفا، تاريخ حبيب السير ۽ هفت اقليم ڏسڻ گهرجن. اهي ٽيئي بزرگ جيد عالم ۽ پنهنجي دور جا مشهور مهدث ۽ مصنف هئا.
(1) هتي ”جنـﺔ“ ۾ ”ة“ جا 400 عدد شمار ٿيل آهن: حالانڪ تاريخ گوئيءَ جي ماهرن جي اڪثريت هن ڳالهه تي منفق آهي ته ان جا 5 عدد يعني ”هاي هوز“ جي برابر هئڻ گهرجن.
(2) اهي ٽيئي بزرگ وڏا عالم هئا، ۽ ڪيترن ڪتابن جا مولوي محمد صادق ٺٽوي سندس شاگرد هو؛ مخدوم محمد معين سان انهيءَ گهراڻي جو گهاٽو تعلق هو.
(1) مير غلا۾ ولي الله جي هڪ فرزند، محمد شاهه، جي ڄمڻ تي ”مائل“ هيٺيون قطعو چيو:
چون باخوي کز غلاميء علي نامش جلي ست،
حق محمد شاه نام اين پور با فرحت بداد؛
گفت با روئي ”جلا“ تاريخ ميلادش سروش،
”از ولي الله محمد شاه فرحت ياب باد“.
3 1226+3= 1229هه
تا بود نام محمد فرحت افزائي قلوب، عمرش از عون ولي الله خدا افزون کناد!
_ص 76
(1) مير ”مائل“ جي وفات، 19 ذي الحج 1251هه جو ٿي، ۽ مڪليءَ تي پنهنجي آبائي قبرستان ۾ دفن ٿيو.
(1) احسن صاحب ڪربلائي_ ”نئين زندگي“، مئي 1954ع

________________________________________
(1) ميان محمد صالع جنگ مان بچي آيو. کيس هڪ پٽ ٿيو، جنهن جو نالو محمد اسحاق هو. ان کي سومر نالي پٽ ڄائو، جنهن کي ٻه پٽ، ڦوٽو ۽ وڪيو، ٿيا، جيڪي ٻيئي هن وقت حيات آهن، ۽ هوسڙيءَ طرف پاٽون ۾ پنهنجي زمين تي رهن ٿا. (مرزا احسن ڪربلائيءَ کان ورتل احوال).
(1) حيدرآباد ۾ ٽاليون جي مقبري جي سامهون، اوڀر ۽ اتر جي ڪنڊ ۾، مرزا خسرو ۽ سندس پويرن جو قبرستان آهي: مرزا مٿي ٿلهي تي پٿر جي ڇٽيء هيٺ آهي؛ مٿس هي ڪتبو آهي: ”وفات مرحوم خسروبيگ 2 ماه جمادي الثاني، 1277هه“. انهيءَ مزار جي اڀرندي پهلوءَ ۾، هيٺ زمين تي: سندس پٽ مرزا ولي محمد جي مزار آهي، جنهن تي ڪتبو آهي: ”تاريخ مرحوم جنت آرامگاه مرزا ولي محمد بيگ_ 29 شعبان 1289هه“. مرزا ولي محمد جي سيرانديءَ کان سندس ڀاءُ محمد رحيم جي مزار آهي، جنهن تي ڪتبو آهي: ”وفات مرحوم مغفور جنت آرامگاه جناب آقا محمد رحيم بيگ مرزا، خلف الرشيد مرحوم مغفور امير ڪبير خلد آشيان، آقا خسروبيگ مرزا گرجي، بروز شنبه، بتاريخ نهم رجب المرجب، 1223هه“.
(1) مير لطف الله عرف مير متارو ولد سيد عبدالڪريم، شاهه صدر لڪيءَ واري جي اولاد مان هو. پنهنجي دﺆر جو امير ڪبير ۽ صاحب تدبير ۽ سياست هو. ابتدا ۾ دهليءَ جي طرفان هتي وڪيل هو، ۽ پوءِ ميان نورمحمد جي زماني ۾ سندس وزير ٿيو. ”تحفـﺔ الڪرام“ ۾ آهي ته ”نام نيکو بسلوک عام و خاص ياد گار مانده، در ايام دولت باسترضا و تهشيت مهام سادات و اکابر و علما توفيق وافي بافته نام آور سند و هند بر آمد“ ص 139 . 1161هه ۾، انقال ڪيائين. ميان محمد پناهه ”رجا“ سندس دامن
3
دولت سان وابسته هو، ۽ سندس انتقال جي تاريخ چيائين:
هر که آمد برسرِ قبرش بتاريخ وفات،
”رحمتِ ايزد بجانِ مير لطف الله“ گفت.
1161هه
(1) جمع داري: مالي محڪمي جو مهتم.
(2) معموريءَ جو حال تحفـﺔالڪرام ص 96/3 ۽ مائرالامرا ص 376/3 ۾ ڏسڻ گهرجي.
(1) امير ابوالبقا ۽ سندس خاندان تي منهنجو مفصل مضمون، انجمن ترقي اردوءَ جي رسالي ”اردو“ ۾ پڙهڻ گهرجي.
(1) مخدوم الياس خوش نويس بن مخدوم يوسف در خط نستعليق و نسخ مهارت کلي داشته به استادي وقت مشهور، شاگردان رشيد مثل سيد علي از و بهرور فن کمال شدند“. تحفـﺔالڪرام ص 241/3
(1) محلو ڀائي خان، مرزا خسروبيگ چرڪس جي پٽ لطف الله عرف ڀائي خان جي نالي تي هو. ڀائي خان جو خطاب، مرزا غازيءَ کيس ڏنو هو. ”چوڪ امان“ ملڪ محمد امان جي نالي تي هو، جيڪو مرزا جانيءَ جي اميرن مان هو، ۽ چوڪ کي چوڪ ”ملڪ مان“ ڪري سڏيندا هئا: ”امان“ لفظ مان ”الف، حذف ڪري ڇڏيندا هئا. اهو چوڪ، محلي ڀائي خان ۾ چوڪ عبدالغنيءَ سان گڏ هو. چوڪ عبدالغني غالباً اهو آهي جنهن ميدان کي هاڻي ”پلنگ پاڙو، سڏين ٿا ۽ جتي هن وقت هڪ وڏو پلنگ پيو آهي. مسجد امير خاني، جيڪا مسجد جامع جي اترئينءَ ڪنڊ تي 200 کن قدمن جي مفاصلي تي آهي، سا ان وقت بلڪل چوڪ امان جي وچ ۾ هئي؛ ۽ ديوار سان لاڳيتو گهر شيخ مريد قانون گو جو هو: اڄ اها مسجد به زبون حالت ۾ ويران پيئي آهي. هيءَ مسجد، مير ابوالبقا امير خان جي ڀاءُ مير عبدالڪريم امير خان ٺهرائي هئي، انهيءَ جاءِ تي هندن جو هڪ ٽڪاڻو هو، جنهن کي ڊهرائي اها مسجد ٺهرائي ويئي هئي.
________________________________________
(1) تحفـﺔ الطاهرين، ص 42_43
(2) مقالات الشعرا، ص 159.
(1) هيءَ معلومات درگاهه تي لڳل ڪتبن مان حاصل ڪئي ويئي آهي.
(1) تعلقي ٽنڊي باگي ۾، ڪارياڻو ۽ نئين ڏاڏاهه جي ڀرسان، علي آباد ديهه، ۽ براج جي علي آباد ڊسٽريبيوٽري موجود آهن؛ اتي، قريب ئي، ڳوٺ ۽ قلعي جا ڦٽل آثار به ڏسڻ ۾ اڃن ٿا: ممڪن آهي ته اتي قلعو علي آباد هجي؛ اها جاءِ ٽنڊي باگي کان 7_8 ميل پري آهي: ليڪن هن قطعي مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو قلعو ڪنهن بلنديءَ تي يا ٽڪريءَ تي هوِ ڳوٺ علي آباد جن ڏٺو هوندو، اهي بهتر اندازو ڪري سگهندا!
(1) اميرالدوله اميرالملڪ نواب محمد اميرخان بهادر شمشير جنگ واليء ٽونڪ، ضلعي مراد آباد جي سنبهل ڳوٺ ۾، 1182هه (1768ع) ۾، هڪ معمولي سپاهي محمد حيات خان جي گهر ۾ پيدا ٿيو. محمد حيات جا وڏا، علائقي بُنير (افغانستان) مان، محمد شاهه جي زماني ۾ هندستان آيا، ۽ مختلف زميندارن وٽ بطور سپاهيءَ جي جنگي ڪم ڏيندا رهيا. ويهن ورهين جي ڄمار ۾، روزگار کان پريشان ٿي، مفلسيءَ کان تنگ ٿي، امير خان ملازمت لاءِ گهر کان نڪتو. رفته رفته نوڪريون ڪندي، بهادر جرنيل ٿي پيو؛ روهيلن، راجپوتن، ۽ مرهٽن، جي وچ ۾ سندس وجود فيصلي ڪن ثابت ٿيو؛ جنهن ڏي اميرخان ٿيندو هو، فتح ان جي حوالي ٿيندي هئي!. ٿيندي ٿيندي، وٽس به وڏو لشڪر جمع ٿي ويو. بيڪانير، گواليار، ۽ ٻين راجپوت رياستن کي وقت بوقت امداد ڏيئي، وڏين مصبيتن مان بچايائين. مهاراجا هولڪر جڏهن انقال ڪيو ۽ راجپوت رياستن جو انگريزن سان صلح ٿي ويو، ان وقت اميرخان تنها رهجي ويو، ۽ آخر انگريزن ساڻس صلح ڪري، کيس رياست ٽونڪ ڏني. نواب، 30 سيپٽمبر 1834ع جو انتقال ڪيو. نواب، سيد احمد شهيد بريلويءَ جو خاص معتقد هو. سيد صاحب سالن جا سان ساڻس گڏ رهيو. جهاد جي تياريءَ ۾ به ناب صاحب هر وقت سندس امداد ڪندو رهيو. سيد صاحب جي شهادت بعد، مجاهدن جا ٻار ٻچا ۽ اهل و عيال، پير سائين پاڳاري وٽ پير ڳوٺ ۾ رهيل هئا، تن کي نواب صاحب ٽونڪ ۾ گهرائي ورتو ۽ سڀني مصيبت زدن سان آخري وقت تائين نباهيندو آيو.
________________________________________
(1) مير حسن علي خان سرنگهه هڻڻ جو واقعو هن طرح بيان ڪيو آهي:
ڦري ڪوٽ کــــــي ويـــــــــــو اســــــان جو ســـــــپاهه، ڪــــــيئون بـــند اچ وڃ جا رستا ۽ راه؛
هئين سرنگ طاهـــر * ســــــا ٿــــــي پــــر خـــطر، رســــاڻيو عمرڪــــــوٽ کــــــي ان ضــــــرر؛
ڀڄي ڪوٽ ڄي ٻانهين پئي سرنگهه سان، لنگهي فوج ساري ويئي ان منجهان؛
زبــــردســــــت هــــــن طــــــرح جــــــو هــــــو ســــــپاهــــــه، مــــــري فــــــوج راجـپوت سڀ ٿي تباهه؛
ڪـي مـــاريــــا ڪي ٿيا قيد ڪي ويـــا ڀڄــــي، ٻــــــڌي چـــــــﺆ کـــنڀو ڪن کي آيا وٺي؛
انــــــهيءَ طــــــرح ســــــان ڪــــــوٽ تسخير ٿــــيو، نــــــه پــــــوءِ دشــــــمنن جو ڪو نالو رهيو.
_ص 91
* اهو طاهر خدمتگار مشهور بهادر ۽ جرنيل هو؛ حيدرآباد جي طاهر بازار انهيءَ جي نالي تي آهي.
(1) فقيرو، مير صاحبن جو خاص ملازم هو: فقير جو پڙ انهيءَ جي نالي تي حيدرآباد ۾ آهي.
(1) انهيءَ مصنف جا انهيءَ سلسلي ۾ هي ڪتاب پڻ ڏسڻ گهرجن: ”مقصود اعظم“ ۽ ”جواهر عباسيه“.
(1) هن مسئلي تي هيٺيان ڪتاب پڙهڻ گهرجن، جن مان ان زماني ۾ هندن جي حالت جو ڪنهن قدر اندازو ٿي وڃي ٿو: (1) اماطـﺔ اذي البيد عن طريق جواز استعمال اموال الکافرالعنيه، تصنيف مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي، 1209هه؛ (2) نشر حلاوي المعارف والعلوم في الرد علي من نصر الکفار و اهل الرسوم، مخدوم محمد ابراهيم، 1210هه؛ (3) دماج المغنم، مخدوم محمد ابراهيم، 1209هه؛ (4) ذب الظلمه عن مال اهل الذمه، مخدوم محمد صادق، شاگرد ملا عثمان بن ٺارو، 1209هه.

________________________________________
(1) ڏسو مضمون ”کڏي جي ڪتب خاني جا مخطوطا“ از مولانا عبدالرشيد نعماني، مطبوعه رساله ”دعوت الحق“_ جنوري، 1953ع.
(1) هتي، مير ”مائل“، ’آ‘ جا ٻه عدد ڪيا آهن: تاريخ گوئيءَ جي اصول مطابق ان جو عدد هڪ شمار ٿيڻ گهرجي ها.
________________________________________
(1) انگريزن ۽ سنڏ جي وچ ۾ هيٺين سوالن ۾ معاهدا ٿيا:
22 سيپٽمبر 1758ع، محصول جي سهوليتن لاءِ ڪمپنيءَ سان ٿيو؛
22 اپريل 1761ع، تحارتي سهوليتن لاءِ ڪمپنيءَ سان ٿيو؛
22 آگسٽ 1809ع (1224هه)، انگريزن ۽ مير غلام علي خان جي وچ ۾ معاهدو ٿيو؛
9 نومبر 1820ع (1236هه)، مير ڪرم علي خان ۽ انگريزن جي وچ ۾ عهدنامو ٿيو؛
28 نومبر 1836ع (1256هه)، نئين سر عهدنامو ٿيو،
20 اپريل 1838ع (1254هه)، نئين سر عهدنامو ٿيو؛
1843ع ۾، عهدناما انگريزن پاڻيءَ ۾ پسائي سنڌ تي قبضو ڪيو.
(1) بهرام مريخ ستاري جو نالو آهي، ”جلاد فلڪ“ به ان کي چئبو آهي: بهادر انسان کي ان سان تشبيهه ڏبي آهي.
(1) گهوڙي جو قسم.

سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن جو ن مهرون

سنڌ جي آخري ٽالپر حڪمران خاندان، جنهن کان انگريزن ڪوڙ ڪپت، دغا ۽ دولاب، مڪر ۽ فريب، بد عهدين ۽ حيله جوئين جي هڪ طويل سلسلي کان پوءِ مياڻيءَ واري نام نهاد لڙائيءَ بعد سنڌ کسي_ اُن جي ابتدا مير فتح علي خان کان ٿي ۽ اختتام مير نصير خان تي ٿيو. انهيءَ گهراڻي پنهنجي دور حڪومت ۾ سنڌ کي تهذيب تمدن، علم ۽ا دب جو هڪ عظيم الشان ثقافتي ورثو ڏنو، جيڪ سنڌ جي تاريخ لاءِ هميشـﮧ ناز ۽ افتخار جو سبب رهندو.
صاحبزادو مير نور محمد خان، انهيءَ گهراڻي جو چشم و چراغ ۽ نهايت صالح دل ۽ دماغ، سنجيده طبيعت ۽ فطرت جو مالڪ آهي. حيدرآباد ۾ سندس ڪتب خانو ۽ عجائب گهر موجود آهي، جو عرب ۽ عجم يعني شاهه ايران کان وٺي شاهه مسعود تائين خراج تحسين حاصل ڪري چڪو آهي. تاريخ سنڌ جي سلسلي ۾ انهيءَ نيڪ بخت ۽ نيڪ نهاد نوجوان تاريخي ۽ ثقافتي مواد مهياڪري ڏيڻ ۾ منهنجي جيڪا مدد ڪئي آهي، ان جي احسان کان نه فقط آءُ بلڪ اڳتي هلي سڄي سنڌ سبڪدوش ٿي نه سگهندي. تازو هن شريف النسل نوجوان مون کي پنهنجي ابن ۽ ڏاڏن يعني سنڌ جي شاهن ۽ شهزادن جون مهرون ڏيکاريون، ۽ انهن جو عڪس ڪڍڻ ڏنو: منهنجي اکين عبرت حاصل ڪئي؛ دل گهريو ته ”مهراڻ“ جي مطالع ڪندڙ دانشمندن کي به انهن جي زيارت ڪرايان، ته جيئن اهي سنڌ جي آخري آزاد ۽ خود مختيار رياست جون نشانيون ڏسي پنهنجي ماضيءَ سان روشناس ٿين، حال جو اندازو ڪن ۽ مستقبل لاءِ سوچين.
اِهي اُهي مهرون آهن، جيڪي تقريباً منيءَ صديءَ تائين، سنڌ جي آخري خودمختيار حڪومت جي شاهي فرمانن، انتظامي نوشتن، ۽ سياسي مراسلن تي استعمال ٿينديون رهيون؛ اِهي اُهي مهرون آهن، جن کي سنڌ جي حڪمران آڱرين زيب ۽ زينت بخشي؛ اهي ڪڏهن مجرمن جي موت وارن فرمانن تي لڳيون، ڪڏهن جان بخشيءَ جي حڪمنامن تي ثبت ٿيون؛ انهن ئي مهرن جي ذريعي جاگيرن بخشيون ويون؛ ۽ انهن ئي مهرن ايران ۽ سنڌ جي هزارن هنر وارن تي لکن رپين جي ورکا وسائي؛ اِهي ئي اُهي مهرون آهن، جيڪي انگريزن جي بد عهدين جي عهدنامن تي، گهُريون آڻ گهُريون، ۽ خوشيءَ ناخوشي، ثبت ٿيون؛ هي مهرون سخن جون سچيون هيون_ انهن پنهنجا قول پاڙيا_ ليڪن ٻاهران کان جيڪي مهرون آيون، انهن پنهنجو هڪ به واعدو وفا ڪونه ڪيو_ دغا ۽ فريب سندن خمير ۾ داخل هو؛ تاريخ ته اهو ئي چوندي ته هِنن مهرن ٽالپري حڪومت جي ابتدا آندي ۽ هِنن ئي مهرن ان جي انتها به آندي_ ليڪن ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته حقيقت ۾ ڇا وهيو واپريو!
اسان انهن مهرن جا عڪس هن لاءِ هتي شايع ڪري رهيا آهيون ته تاريخ جو مطالعو ڪندڙ اکيون، حڪومتن جي ترقيءَ ۽ تنزل جا داستان پڙهندڙ نگاهون، ۽ قومن جي بلنديءَ ۽ پستيءَ جون حقيقتون پسندڙ بصارتون انهن کي ڏسن ۽ عبرت حاصل ڪن.
اڄ اگرچه اهي مهرون خاموش، بي حس و حرڪت، صاحبزادي مير نور محمد خان جي عجائب گهر ۾ پيون آهن؛ ليڪن بد عهديُن جي تاريخ جا هزارين دلچسپ ۽ حيرت انگيز داستان دل ۾ رکيو ويٺيون آهن. اڄ کان ڪيئي سال اڳ، انهن تي شاهي چوبدار پهرو ڏيندا هئا، درباري مهر بردار انهن جي حفاظت ڪندا هئا، ۽ درٻار ۾ داخل ٿيڻ وقت، انهن جو دست بسته سرو قد ٿي استقبال ڪيو ويندو هو: ڪهڙو تعجب، جيڪڏهن وري هڪ دفعو سنڌ جي اهڙين با اختيار مهرن جو وارو وري، شاهي چوبدار اٿي کڙا ٿين، مهر بردار موٽي اچن، ۽ درباري دسته بسته انهن جو استقبال ڪن، سنڌ جي قسمت پلٽو کائي، ۽ سنڌ جو مقدر جاڳي_ ڇاڪاڻ ته دنيا دورنگيءَ جو دستور اهو ئي آهي، هميشـﮧ کان ائين ٿيندو آيو آهي، ۽ هميشـﮧ ائين ئي ٿيندو رهندو!
انهن مهرن جو تفصيل ۽ مهرن جي مالڪن جو مختصر احوال هيٺ ڏيون ٿا.

(1) مير ڪرم علي خان
مير ڪرم علي خان ٽالپرن جي پهرينءَ چوياريءَ جو ٽيون پڳدار هو، جيڪو مير غلام علي خان (وفات 6 جمادي الثاني 1227هه_1811ع) کان پوءِ سنڌ جي شاهيءَ تي ويٺو. سندس ننڍو ڀاءُ مير مراد علي خان ۽ سندس ڀائٽيو مير محمد خان بن غلام علي خان ساڻس شريڪ رهيا.
ميرصاحب جو دور سنڌ لاءِ نهايت آرام ۽ آسودگيءَ جو دور هو_ علم ادب، تهذيب ۽ تمدن، وڻج ۽ واپار، وڏو زور ورتو. انگريزن سان پهريون واپاري معاهدو انهيءَ زماني ۾ ٿيو_ سرجان ملڪم بمبئي جو گورنر هو، ميجر اسڪين (SKeene)وٽانئس سفير ٿي آيو؛ عهد نامي ٿيڻ بعد انگريزن جو عملداريءَ ۾ سنڌ جو مال وڃڻ لڳو ۽ سنڌ ۾ اتان جي مال جي آمدرفت ٿي. شاهه ايران، فتح علي شاهه قاچار، سان دوستيءَ جو پيمان ٿيو_ ايلچين جي آمدرفت وڌي، تمدني ۽ ثقافتي رستو پيدا ٿيو؛ ڪيترا شاعر، اديب، خطاط ۽ مصور سنڌي درٻار ۾ اچي پهتا. جن جي سرپرستي مير صاحب ڀلئون ڀل ڪئي. مرزا خسرو بيگ جو اڳتي هلي ميرڪرم علي خان جو پٽيلو ۽ سنڌي درٻار جو امير ڪبير ٿيو، سو هن ئي دور ۾ ايران منجهان خريد ٿي آيو.
1230هه ۾، شاه شجاع الملڪ، محمد عظيم هٿان شڪست کائي، حيدرآباد ۾ اچي پناه گزين ٿيو_ ڦليليءَ جي ڪپ تي ٽنڊي آغا ۾ ابراهيم شاه وٽ اچي لٿو؛ حيدرآباد جي فوجدار (ميان علي بخش ابن ميان فقير محمد خدمتگار) جي خبر ڏيڻ تي، ميرصاحب سندس شايان شان استقبال ۽ بندوبست ڪيو. محمد عظيم انهيءَ خبر ٻڌڻ تي ڪابل کان لشڪر چاڙهي ميرن تي موڪليو. شڪارپور وٽ ٻيئي طرف آمهون سامهون ٿيا. لڙائي ڪانه لڳي. ليڪن خير کٽندي، ميرصاحب پنهنجا هٿ ساڙايا_ افغاني سپـﮧ سالارن سان ميرن معاهدو ڪيو_ ٻارهن لک تاوان ڏيڻ جو، ۽ سنڌ ۾ افغاني سڪو چالو ڪرڻ جو واعدو ڪري، لشڪر موٽايائون _ شجاع الملڪ رات ڏيئي شڪارپور مان لڌياني ڀڄي ويو، جنهنڪري ميرن کي اهو نقصان سهڻو پيو.
انهيءَ ئي دور ۾ خبر آئي ته ”پنجاب جي حاڪم راجا رنجيت سنگ جي پوٽو سنڌ تي لشڪر ڪشيءَ جي خيال سان مٺڻ ڪوٽ تائين اچي پهتو آهي.“ مير ڪرم علي خان جو خيال هو ته پنهنجو لشڪر وٺي، هلي شڪارپور جي سرحـد تي ساڻس ٻه هٿ ڪجن؛ ليڪن مير مراد عليءَ اهو مناسب نه سمجهيو. آغا اسماعيل شاه ايلچي ڪري بمبئيءَ ڏانهن سرجان ملڪم ڏانهن موڪليو ويو، تاڪه انگريزن کان امداد وٺي اچي، جنهن بعد سکاشاهيءَ جو مقابلو ڪجي. سرجان ملڪم، ايلچيءَ جي پهچڻ کان اڳ وطن روانو ٿي چڪو هو؛ نئين گورنر لارڊ ايلفنسٽن ٽالپري سفير جي پذيرائي ڪئي. لارڊ ايلفنسٽن لڌياني ۾ رهندڙ انگريزي ريزيڊنٽ، ڪيپٽن ويڊ، جي ذريعي رنجيت سنگ سان لکپڙهه ڪئي. رنجيت سنگ لکي موڪليو ته سندس پوٽو دسهڙي: جي موڪل ملهائڻ مٺڻ ڪوٽ ويل هو، سنڌ تي لشڪر ڪشيءَ جو ڪوبه خيال سندس دل ۾ ڪونه هو؛ اهڙي طرح اهو معاملو رفت گذشت ٿي ويو. رنجيت سنگ ساڳئي وقت ملتان جي نائب حاڪم ديوان سانوڻ مل جي معرفت ٽالپرن ڏانهن دوستانو خط موڪلي؛ ذاتي طرح به غلط فهمي دور ڪئي.
1240هه ۾، مير مراد علي خان بيمار ٿيو. مقامي علاج معالجو ڪرايو ويو. آخر لارڊ ايلفنسٽن ڏانهن انگريزي ڊاڪٽر کي موڪلڻ لاءِ لکيو ويو. ڊاڪٽر برنس علاج لاءِ آيو ويهن ڏينهن اندر مير صاحب خوش ٿيو، ۽ تقريباً ڏيڍ مهيني بعد صحت مند ٿي ويو. ڊاڪٽر برنس پنهنجو مشهور ڪتابA Visit to the court of Ameers of Sind انهيءَ زماني ۾ لکيو.
1240هه ۾ مرحوم فتح علي خان جي صاحبزادي، مير صوبدار خان، مال ملڪيت ۽ ملڪ جي ورهاڱي ڪرڻ لاءِ پنهنجن چاچن سان بغاوت ڪئي. ميرڪرم علي خان لا ولد هو، تنهنڪري هن کيس پٽن جيان پاليو هو_ محبت وچان هن گهريو ته سندس خواهشون پوريون ڪجن؛ ليڪن مير مراد علي خان انڪار ڪيو. مير صوبدار شڪار جي بهاني سان قلعي مان نڪري وڃي لاڙ پهتو. غلام علي (ولد فيروز) ٽالپر سندس مدد ڪئي، ۽ هيرا جواهر وڪڻي مير صوبدار 8 هزار لشڪر گڏ ڪيو. هوش محمد شيدي ۽ ديوان پرتابراءِ ساڻس گڏ هئا. مير غلام علي اٺن سوَن ماڻهن سان وڃي سندس مقابل ٿيو. اهو حال ڏسي، مير صوبدار کان لشڪر ٽٽڻ لڳو، ۽ چند ڏينهن اندر وٽس وڃي باقي ٻارنهن سـؤ ماڻهو بچيا. مير ڪرم علي خان وري به اچي وچ ۾ پيو، ۽ آخر ڀائٽئي سان صلح ڪري، کيس تنخواه ۽ جاگير ڏيئي راضي ڪيو ويو.
مير ڪرم علي خان پويون سال ڏيڍ بيماريءَ ۾ گذاريو، ۽ آخر 12 جمادي الثاني 1244هه/1828ع جو هي جهان ڇڏيائين. هي پهريون حڪمران هو، جيڪو پراڻيءَ خداآباد جي بجاءِ حيدرآباد ۾ دفن ٿيو.
دستور مطابق هر سال نئين مهر ٺهرائي ويندي هئي، جنهن تي نالي يا سجع سان گڏ نئون سال به اڪريل هوندو هو.
اسان جيڪا مهر پيش ڪري رهيا آهيون، اها سال 1231هه جي آهي ۽ ان تي هيءَ مهر اڪريل آهي:
”بندهﻋ آل علي ڪرم علي_1231هه“
ميرڪرم علي خان جي هڪڙي هيءَ به سجع هئي:
”کرد با من کرم عليﻋ عظيم_
بحق حضرت نبي و کريم.“


(2) مير مراد علي خان
مير مراد علي خان پهرينءَ چـؤياريءَ جو آخري فرد ۽ وڏن ميرن مان پويون مير هو. مير ڪرم علي خان کان پوءِ سنڌ جي حڪومت جو هي سربراهه ٿيو؛ سندس تخت نشيني 16 جمادي الثاني 1244هه/1828ع جو عمل ۾ آئي.
مير مراد علي وڏي شان شوڪت ۽ فهم فراست جو صاحب هو. سياسي تدبر ۽ عقلمندي، حڪومت ڪرڻ جو رنگ ۽ ڍنگ ڀلئون ڀل ڄاڻندو هو. گاديءَ تي ويهندي شرط هن سنڌ جي سڀني سربراهن، بلوچ سردارن ۽ قومن قبيلن جي پڳدارن سان پنهنجا ناتا نوان سوان ڪيا. ميرپور ۽ خيرپور جي ٽالپرن سان به هن نئين سر محبت ۽ مُودکت پيدا ڪري، پنهنجي سياسي قوت ۽ ملڪي يڪجهتيءَ کي سنواري سڌو ڪيو. ملڪي فضا کي درست ڪرڻ بعد، هن سرحدي ملڪن ڏانهن توجهه ڪيو: پنجاب جي راجا رنجيت سنگ، جيسلمير جي راجا، ڪڇ جي راؤ، مسقط جي امام ۽ مڪي معظمه جي شريف سان هن نئين سر ناتا ڳنڍيا؛ بمبئيءَ جي گورنر سان به تعلقات پيدا ڪيائين. ميجر پاٽنجر اُن وقت ڪڇ ۾ انگريزن طرفان ريزيڊنٽ هو_ اتان ڪهي اچي مير صاحب سان ملاقي ٿيو، ۽ ايتري قدر سندس شخصيت کان متاثر ٿيو، جو هميشه پيو سندس واکاڻ ڪندو هو. مرزا قليچ بيگ مرحوم جو قول آهي (”تاريخ سنڌ“. جلد ٻيو، ص 220) ته ’فتح علي شاهه قاچار مٿس ايترو اڪن ڇڪن ٿيو، جو هن پنهنجي نياڻيءَ جو سنڱ کين ڏيڻو ڪيو، ليڪن مير صاحب دوريءَ ۽ پنهنجي عمر رسيدگي جو سبب ڏيئي، اها پيشڪش ٽاري ڇڏي‘.
شاهه شجاع الملڪ وري ٻيو دفعو هن ميرصاحب جي دؤر ۾ لڌياني مان لڏي، اچي سنڌ پهتو؛ ميرصاحب مهمانداريءَ کان مجبور ٿي، شڪارپور جو شهر کيس رهڻ ۽ ٻئي خرچ لاءِ ڏنو.
سڪي سازيءَ جو ڪارخانو پهريون دفعو ميرصاحب حيدرآباد ۾ قائم ڪيو؛ ارادو هوس ته سنڌ اندر ٽالپري سڪو چالو ڪري، ليڪن موت مهلت ڪانه ڏنيس ۽ اهو ضربخانو کلندي ئي بند ٿي ويو.
مير مرحوم 6 جمادي الثاني 1249هه/1833ع جو هي جهان ڇڏيو_ 15 ڏينهن کن سيني جي سور ۽ ڀيڏيءَ جي درد ۾ مبتلا رهي، ان مان ابدي نجات حاصل ڪيائين.
نهايت نيڪ، ارادي جو پڪو ۽ پختو، ۽ فيصلي جي قوت جو صاحب هو. پٺيان چار شهزادا ۽ ٻه نياڻيون ڇڏيائين_ مير نورمحمدخان، مير نصيرخان، ميرمحمدخان ۽ ميريارمحمدخان (مصنف_ ”فريئر نامه“) کانئس پوءِ سندس يادگار رهيا. هن خوش قسمت ٽالپر پنهنجا پوٽا به اکئين ڏٺا_ ميرنور محمد جا نينگر،مير شهداد علي خان ۽ مير حسن علي خان، ۽ مير نصير خان جا صاحبزادا، ميرحسن علي خان ۽ ميرعباس علي خان.
مير صاحب مرحوم جي فقط هڪ مهر موجود آهي، جيڪا هن وقت پيش ڪئي وڃي ٿي؛ ان تي سجع جو هي شعر اڪريل آهي:
”از تقاضاي حکمت، ازلي
گشت مير، جهان مرادعلي _1235هه“
ميرصاحب مرحوم جون ٻيون سجعون هي به هيون:
”بحق حضرت نبي و ولي،
يافت از حق همه مراد علي“.
بندهﻋ مصطفيٰ مرادِ علي داشت“.
انهن سجعن واريون مهرون موجود نه آهن.




(3) ميرنور محمد خان
ميرمراد علي پهرينءَ چوياريءَ جو آخري فرد هو، جيڪو رب ڏي راهي ٿيو_ پوئتي سڀ وڃي صاحبزادا بچيا. بلوچن ۽ سردارن، دستور مطابق، مير مراد علي خان جي وڏي شاهزادي، مير نور محمد خان، کي پڳ ٻڌرائي، نئينءَ چوياريءَ جو بنياد وڌو.
ميرمرحوم، شجاع الملڪ کي مهمانداريءَ لاءِ شڪارپور جو شهر ڏيئي ويو هو_ سندس جهان ڇڏڻ بعد، افغاني امير پڪيءَ طرح هضم ڪرڻ لاءِ ان ۾ اکيون وڌيون. نئين پڳدار، آغا اسماعيل شاهه جي فرزند آغا محمد ڪاظم ڏانهن، جيڪو ان وقت شڪارپور جو ناظم هو، لشڪر موڪليو. خيرپور جي ميرن به سيد گولي شاهه جي سپهه سالاريءَ هيٺ پنهنجو سپاهه روانو ڪيو. ارڙهن هزارن جو لشڪر شڪارپور کان ڇهه ميل اوري لکيءَ جي آسپاس وڃي پهتو. هڪ _ ٻه مقابلو ٿيو، جنهن ۾ آغا ڪاظم شاهه ۽ سيد گولي شاهه، جان جهان آفرين سپرد ڪئي. ٽالپري لشڪر غيظ و غضب ۾ اچي ويو. افغاني امير شاهه شجاع الملڪ مقابلي جي توانائي نه سمجهي، صلح جو پيغام موڪليو، ۽ زاد راهه لاءِ 12 لک سنڌي روپيا، جيڪي انگريزي 9 لکن جي برابر هئا، طلب ڪيائين. ٽالپر نيڪ طبيعت ۽ نرم سرشت هئا _ سو، شاهي نسل جي هن جلاوطن شهزادي جي گهر پوري ڪري، کيس هڪ دفعو وري لڌياني ڏانهن روانو ڪري ڇڏيائون، ۽ شڪارپور جي نظامت آغا محمد ڪاظم شهيدجي ڀاءُ، آغا زين العابدين جي سپرد ڪئي ويئي. اهو واقعو شوال 1249هه/1833ع ۾ ٿيو.
1252هه/1836ع ۾ شجاع الملڪ انگريزن کي التجا ڪئي ته هو کيس امدادي لشڪر ڏيئي، ڪابل جو تخت ۽ تاج کيس وٺي ڏين. هندستان جي گورنر جنرل، لارڊ آڪلنڊ، سر وليم ميڪناٽن کي انهيءَ ڪم تي مقرر ڪري، بمبئيءَ جي فوج کي، سر جان ڪين جي ڪمان هيٺ، ڪابل وڃڻ جو حڪم ڏنو؛ ڪرنل پاٽنجر کي ڪڇ مان موڪليو ويو ته هو سنڌ پهچي، ٽالپر حڪومت کان لشڪر جي لنگهڻ لاءِ اجازت نامو حاصل ڪري. سنڌ جي بدبختي انهيءَ ڏينهن شروع ٿي، جنهن ڏينهن، ڪابل جي تخت حاصل ڪرڻ جو منصوبو، شجاع الملڪ ۽ انگريزن سٽيو.
ڪرنل پاٽنجر جي اچڻ تي، مير نور محمد اجازت نامي ڏيڻ لاءِ آماده ٿيو؛ ليڪن ٻين ميرن ۾ ان جي خلاف ايترو اچي تاءُ پيدا ٿيو، جو هينري پاٽنجر مٿان غصي وچان بازار مان لنگهندي پٿر اڇلايا ويا. جتي هاڻي ٽنڊو مير نور محمد آهي، اتي اُن وقت ”آباد“ نالي هڪ ننڍو ڳوٺ آباد هو_ اتي انگريزن جي ڪيمپ هئي. بلوچ ايترو جوش ۽ ڪاوڙ ۾ هئا، جو لٺيون، لوڙهيون، تير ۽ تلوارون کڻي اوڏانهن ڪاهي هليا. مير شير محمد لاءِ به مشهور ٿيو ته ”ٻارهن هزار لشڪر وٺيو، انگريزن جي ڪئمپ تي اچي رهيو آهي“. حالتون ضابطي کان ٻاهر ٿيڻ تي هيون، جو مير نور محمد پنهنجي ڀائرن سميت قلعي کان ٻاهر اچي ان مشتعل هجوم کي قبضي ۾ ڪري، معاملي کي رفع دفع ڪيو.
اڃا اجازت نامي جون ڳالهيون هليون ئي ٿي، جو ڪراچيءَ جي ناظم، جمعدار الهه رکيي، اطلاع موڪليو ته ”انگريزن جي لشڪر جهازن تان لهي، زوريءَ ڪراچيءَ جي بندر تي قبضو ڪيو آهي“. حالتن جي نزاڪت کي ڏسندي، مير نور محمد خان، آغا اسماعيل شاهه کي ايلچي ڪري ڪراچيءَ، سر جان ڪين سان ملڻ لاءِ موڪليو. هينري پاٽنجر حيدرآباد جون حالتون ڏسي، آغا اسماعيل کان اڳ ئي ڪراچيءَ پهچي چڪو هو. حالتن جي اوچتي ڦيري، ۽ خلاف توقع انگريزن جي اچانڪ پهچڻ، ميرن کي مجبور ڪيو، ۽ هنن انگريزن سان نئون عهد نامو ڪيو، جنهن جا مکيه شرط هي هئا:
1_سنڌ ۾ انگريزن جو ريزيڊنٽ رهندو:
2_ٽيويهه لک روپيا انگريزن کي ڏنا ويندا؛
3_ٽي لک روپيا ساليانا لشڪر جي خرچ لاءِ ڏنا ويندا؛ ۽
4_ ٽي هزار انگريزي لشڪر آئينده ڪراچيءَ ۾ رهندو.
سنڌ جي برباديءَ واري دستاويز جو عنوان انهيءَ عهد نامي سان شروع ٿيو. پهريون ريزيڊنٽ ڪرنل هينري پاٽنجر ٿيو، ۽ خيرپور ۾ مسٽر راس بيل کي مقرر ڪيو ويو. ڏيڍ سال بعد، راس بيل جي مرڻ ڪري، خيرپور جي چارج به ڪرنل پاٽنجر کي ڏني ويئي. ستن مهينن بعد، ڪرنل پاٽنجر بيمار ٿي لنڊن هليو ويو، ۽ ڪيپٽن ليڪي (LecKie) جو تقرر عمل ۾ آيو. ٿوري وقت بعد ان جي به بمبئي بدلي ٿي، ۽ ڪئپٽن اِيسٽوڪ ريزيڊنٽ ٿي آيو. اِهو اُهو سِنڌي دوست انگريز هو، جنهن پوءِ ”Dry Leaves from young Egypt“ نالي پنهنجو مشهور ڪتاب لکيو، جنهن انگريزن جي فريب ڪارين ۽ مظالمن جو پردو چاڪ ڪري ڇڏيو. ريزيڊنن جي سلسلي جي آخري ڪڙي ڪرنل آئوٽرام هو، جنهن جي دؤر ۾ نيپئر آيو، ۽ مياڻيءَ واريءَ جنگ اُنهيءَ ڊرامي جو ڊراپ سين آندو، جيڪو مٿي ذڪر ڪيل معاهدي کان شروع ٿيو هو.
سرجان ڪين جو لشڪر درياهه جي رستي کان حيدرآباد پهتو. لشڪر جي انگريز عملدارن حيدرآباد جو شهر ڏسڻ گهريو_ شهر جي ڪوٽوال، سيد جئندل شاهه، سخت خطري جي حالت هوندي به ايترو بهتر انتظام ڪيو، جو انگريز صبح کان شام تائين شهر ۽ شهر جون تاريخي جايون اطمينان سان ڏسندا رهيا.
1254هه/1838ع جي ذي القعد مهيني ۾ ، سر جان ڪين شجاع الملڪ کي تخت تي ويهاري، بمبئيءَ واپس وڃڻ لاءِ حيدرآباد اچي پهتو. مير نور محمد خان 16 توپن جي کيس سلامي ڏياري، ريزيڊنسيءَ ۾ پهريون پاڻ سندس آجيان ڪرڻ ويو؛ ۽ سندس ڀائرن سان شاهي دربار ۾ مليو، ۽ مير صوبدار خان سان، ان بعد، جدا وڃي سندس جاءِ تي ملاقي ٿيو.
مير نور محمد خان کي انهن صدمن جلد ئي نهوڙي وڌو_ جمادي الثاني 1255/1840ع ۾ بيمار ٿيو. مقامي علاج کان سواءِ بمبئيءَ مان انگريز ڊاڪٽر به گهرايا ويا، ليڪن فائدو ڪونه ٿيو. خاندان ۽ حڪومت جي جنهن برباديءَ جي ابتدا سندس دﺆر ۾ شروع ٿي چڪي هئي، اُن جي انتها کي پنهنجي اکين سان ڏسڻ کان کيس بچائي ورتو، ۽ اربع ڏينهن اَسُر مهل 10 شوال، 1256هه/1840هه ع جو مير صاحب پنهنجي جان جان آفرين جي سپرد ڪئي.
سندس مزار مير ڪرم علي خان جي روضي جي ڀر واريءَ تجر ۾، مير نصيرخان ۽ مير شهداد خان جي وچ ۾ آهي، ۽ مٿس هي ڪتبو لکيل آهي:
”تاريخ وصال مرحوم مغفور مير صاحب نورمحمد خان تالپور عليـﮧ رحمت
_دهم شوال 1256هه“
مير صاحب جي هڪ سجع هئي:
”ز نور مِحمد جهان روشن است“.
هتي جيڪا مهر ڏني ويئي آهي، اُن تي سجع جو هي شعر اُڪريل آهي:
گرفت نورمحمد ز لطف يزداني،
نگين خاتم جمشيدي وسليماني_ 1247“


(4) مير محمد نصير خان
مير نورمحمد خان کان پوءِ، مير مراد علي خان جو ٻيو نمبر فرزند، ۽ کانئس ننڍو ڀاءُ، مير محمد نصيرخان سنڌ جي ناپائدار ۽ عنقريب زوال سان همڪنار ٿيندڙ تخت تي جلوه افروز ٿيو. چوندا آهن ته جڏهن بخت منهن موڙيندو آهي، ته سڀ کان پهرين گهرو مشڪلاتون منهن ڪڍنديون آهن: تخت تي ويهندي ئي مير محمد نصير خان کي گهرو جهڳڙن ۾ مبتلا ٿيڻو پيو. سندس ٻيئي ڀائر، مير حسين علي خان مير شهداد خان پاڻ ۾ وڙهي پيا. مير صوبدار، جيڪو گهڻي زماني کان وٺي مخالف رهندو پئي آيو، تنهن انهيءَ باهه کي هوا ڏني، ۽ قريب هو ته تير ۽ تلوارون اچي وچ ۾ پون، ليڪن مير نصير خان جي معتمد خاص، آخوند محمد بچل، دانشمنديءَ کان ڪم وٺي، انگريز ريزيڊنٽ ڪرنل آئوٽرام کي آڻي وچ ۾ وڌو، جنهن، خبر نه آهي ڇو، همدردي ڪري انهيءَ جهيڙي کي ٽاري وڌو.
1257هه/1841ع ۾ ڪرنل آئوٽرام بيمار ٿي مصر هليو ويو، ۽ سندس اسٽنٽ، ڪئپٽن ميلن (Mylne ) قائم مقام ربزيڊنٽ ٿيو. 1258هه/1842ع ۾ حيدرآباد اندر سخت وبا پيئي. جنهن سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙي ملڪ جا رانڱا لاهي وڌا. حڪمران خاندان حيدرآباد ڇڏي مياڻيءَ ۾ وڃي رهيو، ۽ مير حسين علي خان ۽ مير صوبدارخان اڳهيماڻن ۾ قيام پذير ٿيا. ٽي مهينا ساندهه اها بلا ملڪ تي مسلط رهي. جڏهن خير شير ٿيو، تڏهن جمادي الثانيءَ ۾ هر ڪو موٽي اچي گهرين تڙين ٿيو.
1258هه جي شعبان (سيپٽمبر 1842ع) ۾ سر چارلس نيپئر پوني مان ريزيڊنٽ ٿي، سنڌ اچي پهتو. اچڻ سان هن نئون معاهدو تيار ڪيو، جنهن جا مکيه شرط هي هئا:
سنڌ جي سڪي تي انگلستان جي بادشاهه جو نالو لکيو وڃي،
ڪراچي، شڪارپور، عمرڪوٽ ۽ سبزل ڪوٽ جا شهر ۽ انهن جي ملحقه زمين انگريز جي حوالي ڪئي وڃي؛ ۽
درياهه جي ٻنهي ڀرين واري زمين، هڪ سـﺆ وال جي ويڪر ۾ انگريزن کي ڏني وڃي.
انهيءَ معاهدي تي دستخط ڪرڻ کان ميرن انڪار ڪيو. خدا ڄاڻي انگريز اِنهيءَ انڪار کان پوءِ ڇا سوچين ها، ليڪن فوري مدد کين ٻين سببن ڪري پهچي پيئي_ مير علي مراد پنهنجي ڀاءُ مير رستم خان کان تخت حاصل ڪرڻ لاءِ انگريزن سان سازش رٿي، ۽ حيدرآباد ۾ مير صوبدار ڳجهه ڳجهاندر ۾ پاڻ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ سر چارلس سان ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي. انهيءَ ڳالهه ٻولهه جو نتيجو اهو نڪتو، جو جڏهن ڪرنل آئو ٽرام موڪل تان مصر مان موٽي آيو، تڏهن مير صاحبن ڏانهس جيڪي سوکڙيون سوغاتون موڪليون، سي هن واپس ڪري ڇڏيون، ۽ مير صوبدار جا موڪليل تحفا هن کڻي اکين تي رکيا!
انهيءَ کان پوءِ ڇا وهيو واپريو، ۽ ڇا ڇا ٿيو، سو هڪ درد ناڪ داستان آهي. بهرحال نتيجو اهو نڪتو، جو مياڻيءَ واري ميدان تي، 17محرم 1259هه (1843ع) جو انگريزن اهو کيل کيليو جنهن جو مدت کان وٺي کين انتظار هو_ يعني سنڌ جو نه بخت رهيو، نه تخت رهيو؛ نه تاج رهيو، نه تاجور رهيو.
ٻئي ڏينهن تي ٽالپرن ڪرنل آئوٽرام جي خيمي ۾ پهچي، سر چارلس نيپئر جي سامهون حڪمرانيءَ جي تلوار ڪمر مان کولي سندس حوالي ڪئي. مير صوبدار کي انتظار هو ته انگريز ساڻس به اهو ئي سلوڪ ڪندا، جيڪو هنن مير رستم جي مقابلي ۾ مير علي مراد سان ڪيو آهي. موسيٰ آرمني ۽ منشي آوتراءِ سڄي رات ڊڪيا، ليڪن وريو ڪجهه ڪونه، ۽ آخر 10 ربيع الاول جو هيٺين مير صاحبن سان گڏ، مير صوبدار به باندي بڻجي، جلاوطن ٿي، ”نمرود“ جهاز ۾ ڪلڪتي ڏانهن روانو ٿيو؛مير نصير خان بن مير مراد علي خان،
مير محمد خان بن مير غلام علي خان،
مير شهداد خان بن مير نورمحمد خان،
ميرحسن علي خان بن مير نصير خان،
ميرعباس علي خان بن مير نصير خان،
ميرفتح علي خان بن مير صوبدار خان، ۽
مير محمد علي خان بن مير صوبدار خان.
23ربيع الاول 1259هه (اپريل 1843ع) جو باقي رهيل هيٺيان مير صاحب به ٻاهر روانا ڪيا ويا؛
مير حسين علي خان بن مير نور محمد خان،
مير محمد خان بن مير مراد علي خان،
مير يار محمد خان بن مير مراد علي خان،
مير نصير خان ۽ ٻيا ٽالپر ڪلڪتي، پوني، ساسور، عظيم آباد، ۽ هزاري باغ ۾ قيد و بند جا ڏينهن گذاريندا رهيا. مير نصير خان جيڪي خط پنهنجي ديري ڏانهن بندي خاني مان لکيا آهن، انهن مان نهايت ئي دردناڪ ۽ اندوهناڪ ڪيفيات جو پتو پوي ٿو.
مير نصير خان کي وطن ورڻ نصيب ڪونه ٿيو_ 7 ربيع الاول 1261هه (1854ع) جو ڪلڪتي ۾ سندس انتقال ٿيو. اتان لاشو کڄي اچي حيدرآباد واري هِديري ۾ دفن ڪيو ويو. مير صوبدار خان ۽ مير نور محمد خان جي وچ ۾ سندس مزار آهي، جنهن تي هي ڪتبو لکيل آهي ؛
”وفات حضرت مير صاحب مغفرت رضوان مير محمد نصير خان عليـﮧ رحمـة والغفران بتاريخ هفتم ماه ربيع الثاني 1261هه“.
سندس ٻه مهرون پيش ڪيون وڃن ٿيون، جن تي ٻه مختلف سجعون آهن؛
”بندهء آلِ علي مير محمد نصير_ 1235هه“
”امامم علي و محمد نصير_ 1257هه“



مير صاحب مرحوم جون وڌيڪ ٻه سجعون هي هيون ؛
”سزد گر نهد بر ثُر ّيا سرير،
کسي را کـﮧ باشد محمد نصير“.
”علي و حسين و حسن دستگير،
خدا يار و ياور محمد نصير“.

(5) مير محمد خان
مير محمد خان ٽالپر مير غلام علي خان جو فرزند هو. والد جي وفات بعد، پنهنجن چاچن جو دست وباز رهيو، ۽ بنديخاني ۾ به پنهنجي خاندان سان گڏ هليو ويو.
1270هه (1854ع) ۾ جڏهن لارڊ ڊلهائوسيءَ جي سفارش تي ڪمپني بهادر جي ڊائريڪٽرن ميرن کي ملڪ موٽڻ جي اجازت ڏني، ان وقت سڀ کان پهريون ربيع الاول 1271هه (نومبر 1855ع) ۾ دهلي ۽ پنجاب کان ٿيندو، مير محمد خان حيدرآباد پهتو، ۽ چند مهنن بعد 15 جمادي الثاني 1271هه جو فوت ٿيو. ثالپري مقابرن ۾ سندس جدا مقبرو آهي، جنهن ۾ ساڻس گڏ فقط سندس پٽ مير شاهنواز خان رکيل آهي. روضي جي اندران ديوار تي هي ڪتبو آهي ؛
”فغان از جفاهاي دورِ سپهر،
هم از بازوي روزگارِ کهن.
خوش آن کو دربن کهنه ديرِ خراب،
بناي نکو نامي افگنده.........ن.
بيالدار (؟) ميرِ محمد کـﮧ بود،
اميرِ زمان شهريارِ زمن.
خديوِ خردمند والا شکوه،
کـﮧ پاکيزه دين بود پاکيزه تن.
باخر زحق چون شنيد ’ارجعي‘،
روان شد بسوي بهشتِ عدن.
چو ”حيدر“ پيء سالِ تاريخِ او،
به بحرِ تفکر شدم غوطه زن؛
بناگـﮧ رسيد از سروش اين صدا،
کـﮧ ”بادا به خلدِ برين شد وطن!“ _1271هه
مزار تي ڪتبو آهي؛
”وصال مرحوم مغفور مير صاحب مير محمد خان
ٽالپر_ دوشنبـﮧ 15 جمادي الثاني 1271هه“.
مير صاحب جي سجع هئي؛
”مير محمد مـﮧ ِ اوج کرم“.
اسان جيڪي سندس ٻه مهرون ڏيون ٿا، اهي سجع کان خالي آهن، ۽ مٿن فقط نالو اُڪريل آهي_
”مير محمد خان ٽالپر _ 1249هه“
”مير محمد خان ٽالپر _ 1267هه“


(6) مير صوبدار خان
مير فتح علي خان 10 محرم 1217هه جو انتقال ڪيو. جنهن رات مير صاحب جو لاڏاڻو ٿيو، انهيءَ رات مير صوبدار خان ڄائو. مير فتح علي خان جي آرزو پوري ٿي، مرڻ کان چند ڪلاڪ اڳ اِها نويد کيس ملي ۽ شهزادو گهرائي ڏٺائين_ بوسو ڏيئي، دعا گهري، پوءِ پاڻ دم ڏنائين.
ميرصوبدار خان جي زندگيءَ جا اهم واقعات مٿي ڏيئي چڪا آهيون _ هتي زياده تفصيل جي ضرورت نه آهي. پاڻ جڏهن سنڌ کان ٻاهر فرنگين جي بندي خاني ۾ هو، ان زماني ۾ ”جدائي نامي“ جي عنوان سان نهايت ئي دردناڪ، الم انگيز ۽ غريب الوطنيءَ جي جذبات سان ڀرپور هِڪ عظيم الشان مثنوي تصنيف ڪيائين.
1263هه (1864ع) جو مير صاحب جلاوطنيءَ ۾ فوت ٿيو. سندس لاش اتان کڻي، اچي پراڻي خدا آباد ۾ مير فتح علي خان سان گڏ سپرد خاڪ ڪيو ويو.
اسان جيڪا مهر هتي پيش ڪري رهيا آهيون، سا 1258هه جي آهي، ۽ ان تي هيءُ سجع اُڪريل آهي؛
”صوبدارم من از نبي و ولي_ 1258هه“

سندس ٻيون سجعون هي هيون ؛
”ظل احمد تاج فرق صوبدار.“
”صوبدار جهان ز فتح علي.“


(7) شهداد خان بن نور محمد خان
مير شهداد خان، مير مراد علي خان جو پوٽو ۽ مير نور محمد خان جو پٽ هو. پيءُ جي انتقال بعد، جڏهن مير نصيرخان تخت تي ويٺو، تڏهن مير شهداد خان ۽ مير حسين علي خان جي وچ ۾ ملڪيت تي تڪرار ٿيو. مير نصير خان، مير شهداد خان جو طرف هو، ڇاڪاڻ ته کيس حق تي ٿي سمجهيائين. احمد خان لغاريءَ جي چُرچ تي مير صوبدار، مير حسين علي خان کي هوا ٿي ڏني؛ جهيڙو شايد وڌي وڃي ها، ليڪن ڪرنل آئوٽرام جي وچ ۾ پوڻ ڪري صلح صفائي ٿي ويئي.
مياڻيءَ جي جنگ کان پوءِ، مير شهداد خان به گرفتار ٿي جلاوطن ٿيو. مٿس هي سنگين الزام هو ته هن انگريزي فوج جي ڪئمپ کي باهه ڏياري هئي ۽ ڪيپٽن اِنس (Ennis) کي هن ئي قتل ڪرايو هو. انهيءَ غصي ۽ ڪاوڙ سبب ٻين سڀني ٽالپرن کان جدا ڪري، کيس اڪيلو سورت ۾ بند ڪيو ويو. ڪيترن ڏينهن بعد، جڏهن لارڊ ڊلهائوسيءَ کيس بيقصور ثابت ڪيو، ان وقت تنهائيءَ جي قيد مان نڪري اچي ڪلڪتي ۾ مائٽن ڀيڙو ٿيو.
مير شهداد خان، 7 محرم 1284هه (28آگسٽ 1857ع) جو ڪلڪتي ۾ هي جهان ڇڏيو. اتان سندس لاش کڻي اچي حيدرآباد واري هديري ۾ مير مراد علي خان ۽ مير نور محمد خان جي وچ ۾ دفن ڪيو ويو. مزار تي هي ڪتبو لکيل آهي؛
”تاريخ وصال مرحوم مير صاحب مير شهداد خان
ٽالپر عليـﮧ رحمـة_ هفتم ماهه محرم 1274هه.“
سندس سجعون مختلف هيون_ اسان جيڪي ٽي مهرون پيش ڪري رهيا آهيون، انهن تي هي سجعون آهن؛
”خاکپاي مرتضيٰ_ شهداد خان_
1249هه.“

”خاکپاي مصطفيٰ و مرتضيٰ_
شهداد خان سربلند از فضل حق
پيو سته باشد در جهان_ 1256هه“
.
”خاکپاي مصطفيٰ و مرتضيٰ و مرتضيٰ_ شهداد خان سربلند
از فضل حــــــــق پيوسته بــــــــاشــــــــــد درجهــــــــان_ 1257هه.“

(8) حسين علي خان بن نور محمد خان
مير حسين علي خان به سڀني ٽالپرن سان گڏ ڪلڪتي ۾ جلاوطن هو، ۽ جڏهن سنڌ موٽڻ جي سڀن کي موڪل ملي، تڏهن شعبان 1275هه (مارچ 1859ع) جو وطن واپس آيو، جتي 26 ربيع الاول 1295هه جو آچر ڏينهن 7 بجي شام رب ڏانهن راهي ٿيو. ٽالپرن جي هديري ۾ مير مراد علي خان ۽ مير علي بخش خان مرحوم جي وچ ۾ دفن ٿيل آهي. هيٺيون ڪتبو سندس مزار تي موجود آهي؛
”حضرت بندگان، سرکار دولت مدار مير صاحب مير محمد حسين علي خان ٽالپور عليـﮧ رحمـة و الغفران تاريخ بيست و ششم ماه ربيع الاول 1295هه، شب يکشنبه بوقت هفت کلاک.“
مير صاحب جون ٽي مهرون پيش ڪجن ٿيون، جيڪي هڪ ئي سال (1271هه) جون آهن؛
”هست روشن ز فيض لم يزلي آفتاب جهان حسين علي _ 1271هه“
”ز نورِ محمد بود منجلي چراغِ مرادِ حسينِ علي _ 1271هه“

”سرکار دولتمدار عالي تبار امير صاحب مير ميان محمد حسين علي خان ٽالپر بلوچ حمزوي العلوي القرشي_ 1271هه“ هڪ ٻي به مهر آهي، جنهن تي لکيل آهي_
”ادر کني يا حسين _ 1277هه“

اسان سمجهون ٿا ته اها به مير صاحب جي ئي آهي.

(9) مير حسن علي خان بن مير نصير خان
مير حسن علي خان مير نصير خان جو فرزند هو. سندس ٻه مهرون پيش ڪجن ٿيون_

”آسوده بر سرير امارت بخوشدلي
فخرالملوک ظل الاهي حسن علي_ 1254هه“
”محمد حسن علي _ 1273.“


(10) امير محمد علي خان ٽالپر
هڪ مهر مٿئين نالي سان ڏني وڃي ٿي، جنهن تي هيٺين اُڪر آهي؛
”امير محمد علي خان ٽالپر _ 1244هه.“

مير محمد علي خان مير صوبدار خان جو فرزند هو، جنهن جي ولادت 4 صفر 1243هه جو ٿي. جنهن صورت ۾ مهر جو سال 1244هه آهي، تنهنڪري اها مهر ڪنهن ٻئي هم نام ٽالپر جي آهي، جنهن کان اسان واقف ٿي نه سگهياسين.

[”مهراڻ 1_ 1956ع]

سنڌ ۾ يوناني طب

سنڌ ۾ يوناني طب جي سلسلي ۾ ڪهڙو ڪم ٿيو، ڪهڙا هتي حڪيم ٿيا، جن انهيءَ فن کي نه فقط رائج ڪيو، بلڪ ان کي عروج تي پهچايو_ انهيءَ موضوع ۽ عنوان تي علمي طبقو ته ٺهيو، پر خود سنڌ جي حڪيمن به اڄ تائين توجهه ڪونه ڏنو آهي ۽ نه اسان جي تاريح جي انهيءَ ورق کي ئي ڪنهن ورايو آهي.
هي پهريون دفعو آهي، جو انهيءَ عنوان جي منتشر مواد کي اسان فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن اميد تي ته سنڌ جا حڪيم ۽ لکندڙ هن کان پوءِ وڌيڪ معلومات ۽ مواد جي فراهميءَ طرف توجهه فرمائين_ تاڪه اڳتي هلي، سنڌ جي ”طبي تاريخ“ لکڻ لاءِ آسانيون پيدا ٿين. موضوع نهايت اهم ۽ اڄ تائين وسريل آهي، تنهنڪري انهيءَ ڏس ۾ ڏاڍيءَ ڪوشش ۽ درد سريءَ جي ضرورت آهي.
سنڌ ۾ اسلام کان اڳ، تاريخ جي صفحن تي جيڪي اشارا ۽ ڪنايا اسان کي ملن ٿا، انهن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ اندر طب جي فن کي ڏاڍي ترقي هئي، ۽ اسان جا طبيب انهيءَ ڏس ۾ گهڻو برک هئا. هتان جي ويدن ۽ سنياسين، جڙن ٻوٽين ۽ انهن جي استعمال ۽ خاصيتن ڄاڻڻ ۾ چڱيءَ پر مهارت حاصل ڪئي هئي. مرڪب ۽ مفرد دوائن ۽ ڪشته جات ۾ سندن مٽ ثاني ڪو ورلي هو. افسوس آهي، جو تاريخي ذخيرن جي برباد ٿي وڃڻ سبب، انهن طبيبن جا نالا ۽ انهن جي ڪوشش جي نوعيت اسان جي معلومات لاءِ محفوظ رهي نه سگهي؛ جنهنڪري اڄ تاريخي اشارن مان فقط اندازو ڪري سگهون ٿا، ليڪن تفصيل معلوم ڪرڻ کان عاجز آهيون.
اسلام کان پوءِ، اهي ئي اسان جي غير مسلم طبيب ۽ ويد، عربي دنيا کي طب مان آگاهي بخشڻ جا ڪارڻ ٿيا. دمشق خواهه بغداد انهيءَ ابتدائي دؤر جا ٻه وڏا علمي مرڪز هئا. خود اهي ٻيئي مرڪز سنڌي حڪيمن جو مماثل انهيءَ اوج واري زماني ۾ به پيش ڪري نٿي سگهيا. اهو ئي سبب ٿيو، جو اسان عباسي دؤر ۾، بغداد اندر ڪيئي هتان جا حڪيم ڏسون ٿا، جن پنهنجي علم ۽ فضل جو عربن جي دلين تي سڪو ويهاري ڇڏيو ۽ پنهنجي ديسي طب کي وڃي عربي دنيا ۾ رائج ڪيو. هارون خواهه مامون جي دؤر ۾ ڪيترا سنڌي هتان خاص طرح گهرايا ويا، جن کي وڏي مان ۽ مرتبي سان دربار ۾ رکيو ويو ۽ کانئن حڪمت جا رموز ۽ نڪتا معلوم ڪري، عربن آگاهي پيدا ڪئي. سندن ڪتابن جا عربيءَ ۾ ترجما ڪرايا ويا، ۽ خود طب کي ترجمو ڪرائڻ وقت ڪيترا مشڪل مسئلا انهن جي ذريعي حل ڪرايا ويا. انهن ذاتي طرح، جيڪي اتي علاج ڪيا، سي پڻ معرڪي جا ثابت ٿيا، جن عربي طب ۾ انقلاب آفرين اضافو ڪيو.
193هه ۾ جڏهن هارون بيمار ٿيو ته کيس شفا هتان جي حڪيم هٿان نصيب ٿي. اهو طبيب هتان جو ئي هو ۽ سندس نالو گنگا هو. مڻڪي طبيب کي به هتان ئي هارون پنهنجي علاج لاءِ گهرايو هو ۽ جڏهن شفاياب ٿيو، تڏهن کيس اتي رهڻ لاءِ مجبور ڪيائين، جنهن مان پوءِ سَوَن عربي حڪيمن فائدا حاصل ڪيا. انهيءَ ئي حڪيم شاناق هنديءَ جي ”ڪتاب السموم“ جي ترجمي ڪرڻ وقت، ابو حاتم بلخيءَ جي رهنمائي ڪئي. صالح بن ڀلو هتان جو ئي نو مسلم طبيب هو، جيڪو بغداد جي مشهور درباري حڪيم بخت يشوع جو مد مقابل سمجهيو ويندو هو. انهيءَ ئي اسان جي ويد هارون جي همشيره عباسيه جي خاوند، ابراهيم بن صالح، جو معرڪـة الارا علاج ڪري، بغداد وارن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو.
اهي سڀ واقعا ۽ شهادتون انهيءَ ڳالهه جو ئي دليل آهن ته سنڌ ”طب جو معدن ۽ مخزن هئي“. اسلام جي ابتدائي صدين ۾ هتان جي ئي طب مان عربي طب استفادو ڪندو رهيو.
عربي حڪومت جي زماني ۾، سنڌ ۾ عرب کان به حڪيم ايندا ويندا رهيا. هنن هتي رهي علاج معالجا ڪيا ۽ هتان جي طبيبن سان، سندن اصلي وطن ۾ اُنهن جي لهه وچڙ ٿي. مثلاً قفطيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته غسان بن عباد مهلبيءَ، سنڌ جي عرب گورنر، پاڻ سان گڏ حڪيم ابراهيم بن فزارون کي آندو، جيڪو ڪيترو وقت هتي هو ۽ پوءِ موٽي هليو ويو. اهڙيءَ طرح سنڌ جي طبيبن جي عرب ۾ ۽ عرب جي حڪيمن جي سنڌ ۾ آمدو رفت ٿيندي رهي.
واقعات جنهن صورت ۾ مفصل ڪونه ٿا ملن، تنهنڪري معلوم نٿو ٿي سگهي ته عربي حڪيمن مان سنڌ ڪيترو لاڀ پرايو. البت سنڌ جي ويدن مان جيڪا عربن خوشه چيني ڪئي، ان جا ڪي مثال مٿي عرض ڪري آيا آهيون.
سومرن ۽ سمن جي دؤر جي تاريخ تاريڪيءَ ۾ آهي. نه تاريخ سلامت، نه ڪو تذڪرو لکيل. ڇڙيون ڏند ڪٿائون، جن مان اسان جي طبي تاريخ تي ڪا روشني پئجي ڪانه ٿي سگهي. فقط اهو اندازو ٿئي ٿو ته طب جي سلسلي ۾ اهي ٻيئي دؤر اڳ کان اڳرا هئا_ هندو خواه مسلمان تمام شوق سان اهو فن سکندا هئا ۽ خلق خدائيءَ جي خدمت ڪندا رهندا هئا. انهيءَ دؤر جا ڪهڙا ڪهڙا حڪيم پنهنجي فن ۾ جيد ٿيا، اهو البت ٻڌائڻ مشڪل بلڪ ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته انهن جو جداگانه احوال ڪونه ٿو ملي.
اڳتي هلي، سنڌ ۾ جڏهن عربي ۽ فارسيءَ جي باقاعدي تعليم شروع ٿي، ان وقت نصاب ۾ ٻين علوم سان گڏ طب جا به ڪتاب شامل هئا، تنهنڪري هر تعليم يافتو ماڻهو، ديني علوم سان گڏ، طب جو به ڄاڻو ٿي پوندو هو. تعليمي فراغت بعد هرڪو پڙهيل ڪڙهيل، ٿورو ٿڪو علاج پيو ڪندو هو. ڪي انهيءَ فن ۾ خاص ڪمال پيدا ڪري، آئنده زندگيءَ لاءِ ان کي ئي پنهنجو مشغلو بڻائيندا هئا.
سنڌ ۾ سخت پردي ڪري، هر شريف گهراڻي جو هڪ_ ٻه فرد طبي ڄاڻ ضرور رکندو هو، تاڪ پنهنجي مستورات جو هو پاڻ علاج ڪري سگهي. زناني علاج لاءِ گهرن جون وڏڙيون ۽ پوڙهيون ٽوڻا ۽ ٽوٽڪا اهڙا تير بهدف ڄاڻنديون هيون، جو ستيءَ ڦڪيءَ وٺڻ سان ٺهه پهه مرض هليو ويندو هو. داين جا ڪي خاص ٽريننگ اسڪول ڪونه هوندا هئا، داين جي قوم جون عورتون سڄي سنڌ ۾ ويم وڙو ايڏيءَ قابليت سان ڪرائينديون هيون، جو ڇا مجال آهي، جو ويم مان ڪا بيماري پيدا ٿي پوي يا انفيڪشن ٿئي.
سنڌ ۾ انهيءَ فن کي پاڪ ۽ پوتر، محض خلق خدا جي خدمت جو ذريعو ڪري سمجهيو ويندو هو، ۽ ڪوبه طبيب انهيءَ کي پنهنجي معاش جو ذريعو ڪونه بڻائيندو هو. علاج معالجو هميشـﮧ مفت ڪري، انسان ذات ۽ غريب غربي جون دعائون حاصل ڪيون وينديون هيون. اڄوڪن ڊاڪٽرن ۽ طبيبن وانگر، اسان جا اڳيان حڪيم ڪونه هئا، جو علاج ڪندي ڪندي مريض جي مرڳو کل ئي لاهي ڇڏين، يا وري سندن گذر بسر ئي ڪو طب تي هجي. معاش جا ذريعا ٻيا هوندا هئا. طب محض پنهنجي ذوق جي تسڪين ۽ خلق خدا جي ڀلي لاءِ ڪندا هئا. اهو ئي سبب هو، جو سنڌ ۾ طبيب جو درجو روحاني پيشوا، يعني پير فقير جيترو هوندو هو. طبيب جي پيشوائي ۽ پذيرائي ڪرڻ هرڪو سنڌي پنهنجو اولين فرض ڪري سمجهندو هو.
متفرق طبيبن کان علاوه، سنڌ اندر ڪيترائي اهڙا خاندان به هوندا هئا، جن ۾ پيڙهين تائين طب ورثي طور پيو هلندو هو. انهن گهراڻن هن فن کي تمام اوج تي پهچايو، ۽ سوين علمي آثار ڇڏيا. انهن ئي گهراڻن جا سنڌ جي ذاتي ذخيرن ۾ اسان کي طبي ڪتاب ۽ مجربات جا بياض سَوَن جي تعداد ۾ ملن ٿا. اڄ جيڪڏهن هتي ڪا طبي اڪيڊمي قائم ٿئي ۽ انهيءَ قسم جي ذخيرن کي يڪجا ڪري، تحقيق بعد انهن کي شايد ڪيو وڃي، ته هوند هڪ طرف اسان غيرن جي تاليف ڪيل ڪتابن کان بي نياز ٿي پئون، ٻئي طرف انهن آثارن جي شايع ٿي وڃڻ سبب طبي خواهه علمي دنيا ۾ اسان جو ڳاٽ اوچو ٿي پوي.
جيئن اسان مٿي ڄاڻائي آيا آهيون، سنڌ ۾ نه ڪا طبي تاريخ لکيل آهي، نه وري ڪو مسلسل تذڪرو ئي مرتب ٿيل آهي، جنهن مان اسان کي سنڌ جي طبيبن ۽ حڪيمن جو احوال معلوم ٿي سگهي. ڪتابي روايتن ۽ ٻين ذريعن سان، سنڌ جي ناميارن حڪيمن جو جيڪو احوال مهيا ٿي سگهيو آهي، تنهن کي تاريخي ادوارن جي ماتحت اسان هيٺ ڏيون ٿا.

ارغون ۽ ترخان دور؛
هي دؤر، عربن بعد، ٻيءَ ڌاريءَ حڪومت جو سنڌ تي ٿيو، جيڪو مني صدي هليو. يعني 927هه کان هڪ هزار(1000هه) تائين. هن دؤر ۾ ايران ۽ افغانستان منجهان سنڌ ۾ عالمن ۽ اديبن سان گڏ حڪيم به آيا، ۽ پهريون دفعو سنڌ ۾ ايراني طب ۽ ان تي لکيل ايراني حڪيمن جا ڪتاب سنڌين جي مطالعي هيٺ آيا. هيٺين حڪيمن جو احوال هن دؤر سان متعلق اسان کي معلوم ٿي سگهيو آهي:

(1) حڪيم شهاب الدين محمد:
سنڌ جي سمن حڪمرانن جي پنهنجي معاصر گجراتي سلطانن سان سنڱابندي هوندي هئي. ۽ انهيءَ دور ۾ سنڌ ۽ گجرات ۾ اچڻ وڃڻ جو ڏاڍو رابطو ضابطو هوندو هو. ڪيترا سنڌي اهل ڪمال گجرات ۾ رهندا هئا، ۽ ڪئين گجراتي اهل فن سنڌي درٻار جي سونهن ٿيندا هئا. اسان جو سنڌي حڪيم شهاب الدين محمد بن شمس الدين به سلطان محمود گجراتي (متوفي 916هه) جي طلب تي وڃي سندس درٻار ۾ رهيو هو. پنهنجي دور جو جيد حڪيم ۽ حاذق طبيب هو. ”نور السافر“ جي مولف جو بيان آهي ته هڪ دفعي ڪنهن بادشاهه وٽان سلطان محمود ڏانهن خوبصورت ٻانهي تحفه طور آئي. سلطان محمود اها پنهنجي هڪ امير کي ڏيئي ڇڏي. حڪيم شهاب الدين حاضر هو، جنهن ڪنيزڪ جي نبض ڏسي راءِ ڏني ته جيڪو هن سان مباشرت ڪندو سو هڪدم مري ويندو. امتحان وٺڻ تي حڪيم صاحب جي ڳالهه صحيح ثابت ٿي. سلطان سبب پڇيو، حڪيم عرض ڪيو ته جڏهن ڇوڪري ماءُ جي پيٽ ۾ هئي، ان وقت ماڻس ڪنهن زهري وڻ جا پن کاڌا هئا، جنهن جو اثر هن ڇوڪريءَ جي رت ۾ موجود آهي. سندس عام حالت ڏسي حڪيم صاحب کي شڪ پيو، جنهن تي نبض ڏسي هن اها راءِ ڏني.

(2) شيخ عبدالوهاب پوراني:
هي بزرگ پوراني ساداتن جي مشهور خاندان مان هو. مرزا شاه حسن ارغون جي ابتدائي دور ۾ اهو خاندان افغانستان مان سنڌ ۾ آيو ۽ وڏيءَ عزت آبروءَ سان هتي آباد ٿيو. ديني علوم سان گڏ طبي مهارت ۾ به ڪامل هو. شاه حسن جو خاص معالج هو. شاه حسن جڏهن مرض الموت ۾ مبتلا ٿيو، ان وقت سندس طبيعت ڏسي عبدالوهاب ٻڌايو ته هاڻي بچي نه سگهندو. چنانچه ٿيو به ائين ۽ شاه حسن ٿوري وقت بعد 962 ۾ انتقال ڪيو. مير معصوم جو بيان آهي ته ”در علم طب مهارت کامل داشت“. هن بزرگ 990هه ۾ انتقال ڪيو.

(3) حڪيم محمد عثمان بوبڪائي:
شيخ عيسيٰ بن شيخ ابراهيم صديقيءَ جو فرزند ۽ مخدوم عباس پاٺائيءَ جو شاگرد هو. شيخ و جيهه الدين علوي احمد آبادي، قاضي محمد موريي ۽ شيخ حسين بغدادي کان به تعليم ورتي هئائين. حضرت مخدوم نوح هالائيءَ سان پڻ رابطو هيس. طب ۾ مهارت ڪامل هيس. 983هه ۾، سنڌ مان نڪري گجرات ويو، ۽ مختلف صوبن جي حاڪمن ۽ اميرن جو مرجع بڻيو. آخر شعبان 1008هه ۾ چورن هٿان شهيد ٿي، هن جهان مان لاڏاڻو ڪيائين. شيخ عيسيٰ سنڌي برهانپوري کان روايت آهي ته سندس چاچو شيخ محمد طاهر محدث چوندو هو ته حڪيم صاحب جهڙي نوڙت، عاجزي ۽ گمناميءَ واري زندگي هن ڪنهن ٻئي ۾ ڪانه ڏٺي. برهانپور جو ولي ۽ ڪامل صوفي حضرت شيخ لشڪر محمد عارف سندس معتقد هو. تفسير بيضاويءَ جو حلشيو ۽ صحيح بخاريءَ جو شرح سندس مشهور آهن. طب جي فن کي هو خلق خدا جي ڀلي لاءِ سکيو هو. حقيقت ۾ پاڻ عارف ڪامل هو.

مغل دؤر؛
ترخانن کان 1000هه ۾ اڪبر جي حڪم تي عبدالرحيم خان خانان سنڌ فتح ڪئي. تقريباً ڏيڍ سئو ورهيه دهليءَ جي پايه تخت منجهان سنڌ تي مغلن جا گورنر ايندا رهيا، ۽ انهيءَ عرصي ۾ سنڌ جو ربط ضبط هندوستان سان وڌيو. هندوستان جا حاڪم هتي ايندا رهيا، هندوستاني طب مان سنڌي انهيءَ دور ۾ واقف ٿيا، ۽ هندي طبيبن جي لکيل ڪتابن سان انهيءَ عرصي ۾ سندن آشنائي ٿي. هن دور جي متعلق پڻ اسان کي معلومات ملي ڪانه ٿي سگهي. سنڌ ۾ اها روايت مشهور آهي ته روهڙيءَ جي هڪ طبي خاندان جي شاگرديءَ جو شرف، دهليءَ جي شريفي گهراڻي کي نصيب ٿيو.

(1) مير محمد معصوم بکري:
سنڌ ۾ اگرچ هڪ مورخ جي حيثيت ۾ مشهور آهي، ليڪن هو سڀني علوم ۽ فنون جو جامع هو. ”مجربات نامي“ يا ”طب نامي“ جي نالي سان هن پنهنجي مجربات جو ڪيترن بابن تي مشتمل هڪ بي مثل ڪتاب مرتب ڪيو، جنهن جا خطي نسخا ڪتب خانن ۾ اڃا به محفوظ آهن. هن بزرگ جي عمر جا تقريباً 45 سال ترخاني دور ۾ گذريا، ليڪن هن جوانيءَ کان وٺي ٻڍاپڻ تائين جو زمانو مغلن جي ملازمت ۾ هندوستان ۽ هندوستان کان ٻاهر مختلف جاين تي گذاريو. سندس انتقال 1014هه ۾ ٿيو.

(2) حڪيم احمد ٺٽوي؛
اصل ٺٽي جو هو، ليڪن سندس بزرگيءَ جو سڄو وقت تعليم ۽ تجربي جي سلسلي ۾ عرب ۽ عجم ۾ گذريو، ۽ زندگيءَ جون پويون دور اڪبر بادشاه جي درٻار ۾ بسر ڪري، شيعي هجڻ سبب فولاد نالي هڪ متعصب سنيءَ هٿان شهيد ٿيو. ملا عبدالقادر بدايوني پاڻ بيحد ڪٽر مذهبي ماڻهو هو، تنهنڪري حڪيم احمد ٺٽوي لاءِ هن گهڻوئي ناشانائتو لکيو، تاهم ”ملائي خوب“ ۽ ”جامع الفضائل“ جا اکر سندس لاءِ ڪتب آڻي ٿو. ملافيضيءَ ”بيست و پنج ماه صفر“ مان سندس تاريخ ڪڍي. مخالف ڌر وارن ”خوڪ سقري“ مان تاريخ چئي. اهڙيءَ طرح ملاعبدالقادر ”زهي خنجر فولاد“ تاريخ چئي پنهنجو تعصب پورو ڪيو.

ڪلهوڙن جو زمانو؛
سنڌ ۾ يوناني طب هن دؤر ۾ انتهائي عروج تي پهتو. حڪومت جي سرپرستي انهيءَ فن کي حاصل ٿي، ۽ ڪلهوڙن جي درٻار هميشـﮧ حڪيمن سان ڀريل هوندي هئي. ميان يار محمد جو پٽ، ميان دائود خان، پاڻ وڏو حڪيم ۽ سڀني علوم ۾ طاق هو. ۽ طب سان خاص شغف هئس. مير ’قانع‘ لکي ٿو ته_ ”در حکمت دست و افي و فکرشافي داشت“. حڪيم عبدالرزاق مشرب وغيره جن جو ذڪر هيٺ ايندو، سندس دامن دولت سان وابسته هئا. انهيءَ شهزادي پاڻ ٻه لا جواب تصنيفون طب ۾ ڪيون؛ (1) بازنامو، جنهن جو نالو آهي ”صيد المراد في قوانين الصياد“؛ اهو ڪتاب بازن ۽ باز داريءَ خواهه انهن جي علاج معالج ۾ لاجواب آهي. وڏي خوبي اُن جي هيءَ آهي جو دوائن جا مقامي (ديسي) نالا منجهس لکيا ويا آهن. (2) ”طب دائودي“ جي نالي سان ميان صاحب ٻيو ضخيم ڪتاب مرتب ڪيو، جنهن جو هڪ قديم نسخو حضرت پير سائين پاڳاري جي ڪتب خاني ۾ راقم الحروف ڏٺو آهي. شهزادي جي هڪ هندو درٻاريءَ پڻ طب جو هڪ ضخيم ڪتاب لکي سندس معنون ڪيو آهي. اهو هندو طبيب شهزادي جي نسبت سان پاڻ کي ”دائودي“ سڏائيندو هو. انهيءَ ڪتاب جو هڪ نسخو، قاضي سچيڏني صاحب (ڊپٽي ڪمشنر نوابشاهه) وٽ موجود آهي. انهيءَ شهزادي کان سواءِ به هر هڪ ڪلهوڙو سلطانِ طب جو شائق ۽ طبيبن جو سرپرست هو. ايراني خواهه هندستاني طبيب سندن درٻار جا هميشه خوشه چين هئا. سنڌي طبيبن جي ته هنن خاص طرح سرپرستي فرمائي ٿي. هيٺ جن حڪيمن جو اسان احوال ڏيئي رهيا آهيون، تن مان اڪثر سندن درٻاري هئا.

(1) مولوي مرزا احمد جعفر؛
اصل شيراز جو هو، ليڪن سير ڪندي هتي اچي نڪتو. ميان نور محمد جي فرزند ميان خدا داد خان کيس پاڻ وٽ رهائي ڇڏيو. 1167هه ۾ فوت ٿيو. طب جفر ۽ علم تڪثير ۾ ڪامل هو. ميان نور محمد جي لاءِ هن ”جامع جفر“ نالي هڪ ڪتاب تاليف ڪرڻ شروع ڪيو هو، ليڪن ختم ٿي نه سگهيو. پهرين ميان صاحب پاڻ فوت ٿيو ۽ پوءِ ستت ئي مرزا صاحب به رب ڏي راهي ٿيو. مير ’قانع‘ ڪجهه وقت تائين سندس شاگرديءَ ۾ رهيو.

(2) مير عبدالرزاق مشرب؛
مفاهان جو سيد، ۽ سڀني علومن جو ماهر هو. خاص طرح جفر ۽ نجوم ۾، جهڙس ڪو مشڪل انهيءَ دؤر ۾ هو. طب ۾ مير ’قانع‘ جو قول آهي ته وقت جو سقراط هو. عالمگير جي دؤر ۾ بريليءَ وڃي وطن اختيار ڪيائين، ۽ اتان جي ساداتن سان قرابت ڪيائين. ڪجهه وقت لکنوء ۾ به گذاريائين، ۽ ڪيترو وقت ڪشمير جي صوبيدار نوازش خان روميءَ وٽ پڻ هو. آخري عمر ۾ سنڌ ۾ اچي ميان دائود خان جي درٻار ۾ رهيو. ميان صاحب سندس بيحد عزت ڪندو هو. 1146هه ۾ هتي ئي فوت ٿيو.

(3) حڪيم عبدالرئوف بکري:
هن دؤر جو جيد طبيب ۽ مير عبدالجليل بلگراميءَ جو گهرو يار هو. ميان يار محمد جي درٻار ۾ ملازم هو. مير ’قانع‘ جو قول آهي ته ”منصب عالي داشت، و در حکمت بي نظير، بفن موسيقي علم مهارت مي افراخته“. موسيقي جي فن ۾ ”باب النعم“ نالي ميان يار محمد لاءِ ڪتاب تاليف ڪيائين..

(4) حڪيم شيخ ڪرم الله:
مٿئين حڪيم عبدالرئوف جو وڏو پٽ هو، ۽ طب ۾ پيءُ جهڙو يڪتاي روزگار هو. مير’قانع‘ لکي ٿو ته ”بفن طبابت همچو پدر نامي است“. ميان غلام شاه جي سرڪار ۾ ملازم هو ۽ 1181هه تائين جيئرو هو.

(5) خواجه مير مرتضيٰ ٺٽوي:
سندس وڏا هرات جي ويٺل ۽ خواجه احرار جي اولاد مان هئا. خواجه شهاب الدين ولد خواجه مير ڪمال الدين علوي، اڪبر جي زماني ۾ هرات مان هندوستان آيو. ٺٽي جي مير محمد حسين گيلاني هرويءَ جي نياڻيءَ سان مڱيل هو، جنهنڪري شاديءَ لاءِ ٺٽي پهچي، هميشـﮧ لاءِ اتي رهي پيو. خواجه مير مرتضيٰ انهي بزرگ جي اولاد مان هو. سندس نسب هن طرح آهي؛ خواجه مرتضيٰ بن مير شريف بن خواجه محمد مير بن خواجه مير قاسم بن خواجه مير ابو تراب بن مير شهاب الدين بن مير ڪمال الدين هروي.
خواجه مرتضيٰ طب ۾ جيد هو، مير عبدالرزاق مشرب وٽ انهيءَ فن جي تحصيل ڪئي هئائين. پهرين صاحبزادي دائود خان وٽ رهيو، ان کان پوءِ ميان نور محمد جي درٻار ۾ آيو، جنهن بعد ميان مراد ياب جي حضور ۾ پهتو ۽ آخري عمر ميان غلام شاهه جي سرڪار ۾ گذاريائين. 1181هه کان پوءِ فوت ٿيو. طب سان گڏ اعليٰ درجي جو خطاط به هو.

(6) حڪيم مرزا عبدالهادي:
اصل ايران جو هو، ٺٽي سير خاطر آيو هو. صاحبزادي ميان محمد خدا داد خان (ولد ميان نور محمد) کيس پاڻ وٽ رکيو. جڏهن صاحبزادو هندستان ويو ته ميان نور محمد کيس پنهنجي درٻار ۾ جاءِ ڏني. 1167هه ۾ ميان صاحب جي وفات بعد هندستان هليو ويو، جتان 1175هه ۾ ميان غلام شاهه کيس پاڻ وٽ گهرائي ورتو.
مير’قانع‘ لکي ٿو ته انهيءَ درٻار ۾ ”سندس اعزاز حد تائين پهتل آهي، جنهن جو مثال ڪونه آهي“. طبي ڪمال سبب مرجع خلائق هو. اوري پري جا مريض وٽس رات_ ڏينهن ايندا ويندا هئا. بکر کان هڪ دفعي سيد فتح خان ولد مير حسين قلي خان رضوي، فالج ۾ مبتلا ٿي، وٽس محمد آباد ۾ آيو، جنهن کي مير ’قانع‘ ڏٺو.

(7) حڪيم مير محمد روهڙيائي:
ميان نورمحمد ڪلهوڙي وٽ ملازم هو، ڪجهه وقت بکر جي نظامت تي به رهيو، 1167هه کان اڳ فوت ٿيو. پنهنجي دؤر جو قابل حڪيم هو. ميان صاحب جي درٻار ۾ نهايت عزت ۽ احترام سان زندگي بسر ڪيائين. مير سراج الدين، تاج الدين، معين الدين ۽ نورالدين سندس پٽ هئا. محمداڪرم جو ڀاءُ مير افضل ملتان ۾ رهندو هو، حڪيم صاحب جي وفات بعد پنهنجن ڀائٽين کي ملتان وٺي هليو ويو.

(8) مخدوم جلال محمد:
جيد عالم ۽ تقرير تحرير تي قادر هو. ’قانع‘ جو قول آهي ته_ ”نادرهء روز گار گذشت، در جامعيت علوم عديلي نداشته“. مخدوم معين سندس معتقد هو ۽ ڪيترن علوم جي سلسلي ۾ وقت جي عالمن مٿان کيس برک سمجهندو هو.
قرات ۽ نجوم و غيرهه ۾ بلڪل ڪمال پيدا ڪيو هئائين، ۽ طب ۾ مير ’قانع‘ کيس بو علي ثاني لکيو آهي. 76_1177هه ڌاري گذاري ويو.

(9) مرزا عبدالله:
اصل ايراني هو، ڪيترو وقت سورت ۾ گذاريائين، 1180هه ۾ ڪلهوڙي حڪمران گهرائي کيس پنهنجي دربار ۾ رکيو؛ جامع العلوم هو، ۽ طبابت ۾ خاص طرح ڪمال هئس، انهيءَ سبب ڪري ئي ڪلهوڙي سلطان کيس پاڻ وٽ گهرايو. نجوم ۾ به ڪافي دسترس هيس. مير ’قانع‘ کيس ”مستجع الکمالات“ سڏيو آهي.

(10) حڪيم سيد عبدالڪريم:
ولد حاجي مير سيد نورمحمد بکري، شاهه حيدر حقاني بکريءَ جي اولاد مان هو، ۽ پنهنجي دؤر جو حاذق حڪيم هو. ميان غلام شاهه جي دربار سان وابسته هو، جتي طب ۾ چڱو نالو ڪڍائين. 1181هه کان پوءِ به جيئرو هو.

(11) حڪيم سيد اسد الله غالب:
هندستان جي بارها سادات جي خاندان مان هو، مير منعم علي خان سندس ڀاءُ هو؛ نواب همت دلير خان جي زماني ۾ حج ڏانهن ويندي، ٺٽي مان لانگهائو ٿيو. ۽ موٽندي، ميان نورمحمد ڪلهوڙي کيس پاڻ وٽ رهائي ڇڏيو، نادر شاهه جي حملي تائين (1152هه) وٽس هو. ’قانع‘ کيس وقت جو ”بقراط“ لکيو آهي، ۽ چوي ٿو ته سندس علمي ڪمالات لاءِ جيترو لکي اوترو گهٽ آهي.

(12) حڪيم مير محمد علي:
اصل مشهد جي طبا طبائي سيدن مان هو. نجوم ۽ حڪمت ۾ سندس جهڙو ڪو ورلي هوندو. 1169هه ۾ ٺٽي آيو. صاحبزادي ميان محمد مرادياب (1167_1170هه) بن ميان نورمحمد کيس پاڻ وٽ ملازم رکيو، ۽ ڪي سال وٽس رهي، پوءِ وطن هليو ويو.

(13) مرزا علي مدد:
اصل ايراني هو، ميان نورمحمد جي دربار ۾ ملازم ۽ وڏي مرتبي جو صاحب هو. مير ’قانع‘ جو قول آهي ته_ ”دران ولا کسي از منتسبان آن سرکار، باين رتبه کم رسيده.“ حڪمت، جفر نجوم ۾ وقت جو استاد هو، سيوهڻ ۾ آخري طرح مستقل اقامت ڪري، شادي ڪيائين ۽ صاحب اولاد ٿيو.

(14) حڪيم شيخ محمد بکري:
هن بزرگ جا وڏا اصل بکر جي ٻهراڙيءَ جا هئا، جن مان سندس ڏاڏو شيخ محمد (اول) بکر وارو ڳوٺ ڇڏي ٺٽي اچي رهيو. حڪيم محمد، علم پرائڻ خاطر، ابتدائي جوانيءَ ۾ اوري پري تائين سفر ڪندو رهيو، ۽ جڏهن سڀني علوم ۾ ڪمال پيدا ڪيائين تڏهن موٽي ٺٽي آيو. علم تشريح ۽ طبابت ۾ بقراط ثاني هو، اکين جي بيمارين ۾ کيس خاص درڪ هو ۽ ان مخصوص فن ۾ ڪمال پيدا ڪيو هئائين. اکين جي بيمارين تي هن جامع ڪتاب لکڻ شروع ڪيو هو، سالن جا سال ان تي صرف ڪيائين، ليڪن مڪمل ڪرڻ کان اڳ سندس زندگيءَ جي 1174هه ۾ تڪميل ٿي ويئي، جنهنڪري ڪتاب اڌ ۾ رهجي ويو.

(15) حڪيم محمد بکري:
هي ٻيو ساڳئي نالي وارو حڪيم به بکر جو هو، ۽ حڪيم عبدالڪريم رضوي بکري، جنهن جو ذڪر هيٺ اچي رهيو آهي، ان جو شاگرد هو. طبابت جي فن ۾ ڏاڍو نالو ڪڍيائين، ۽ سون هزارن منجهائس فيض پرايو.

(16) حڪيم عبدالڪريم رضوي بکري:
هي بزرگ بيمثل حڪيم هو. ميان نور محمد، سندس شهرت ٻڌي، کيس پنهنجي دربار ۾ گهرائي رکيو. دهليءَ جو حڪيم عبدالفتاح نمڪين سندس استادن مان هو. ميان صاحب جي وفات (1167هه) تائين وٽس رهيو. حڪيم محمد بکري، جنهن جو ذڪر اسان مٿي ڪري چڪا آهيون، سو سندس شاگرد رشيد هو. ”جامع المنافع“، طب ۾، سيد عبدالڪريم جي تاليف آهي، جنهن جو خطي نسخو جهنڊي جي ڪتبخاني ۾ آهي.

(17) حڪيم مير سيد يعقوب خان بکري:
مير صاحب به سکر جو جيد طبيب هو، ڪلهوڙن جي دؤر ۾ سندس وڏو نالو ۽ طبي مهارت جو شهرو هو. مير ’قانع‘ لکي ٿو ته ”محمد شاهه جي دؤر ۾ ملتان کان بکر آيو؛ سيد مير تقي الدين کيس پنهنجي نياڻي ڏني، جنهن کان پوءِ بکر ۾ توطن اختيار ڪيائين“. مير ’قانع‘ جو قول آهي ته ”طب ۾ هڪ جهان کانئس فائدو وٺي رهيو آهي“. مير ’قانع‘ سان سندس ملاقات مراد آباد ۾ ٿي. 1181هه جي لڳ ڀڳ فوت ٿيو. مير معصوم بکريءَ جي خاندان جو هڪ ناميارو فرد، مير اسد الله شاهه ’ساقي‘، طب ۾ سندس شاگرد هو.

(18) حڪيم مير اسد الله شاهه ”ساقي“ بکري:
مير معصوم بکريءَ جي ڏهٽاڻن مان هو، شعر وسخن سان گڏ طب جو به وڏو ماهر هو، ’قانع‘ سان مراد آباد ۾ سندس ملاقات ٿي، ميان مرادياب وٽ ڪافي وقت مقيم هو، سندس سجع ”اسد الله ساقيء ڪوثر“ مير ’قانع‘ جي ٺاهيل آهي. طب ۾، مٿي بيان ڪيل حڪيم سيد يعقوب جو شاگرد رشيد هو. طب جي مشهور ڪتاب ”ذخيرهء خوارزم شاهيءَ“ جو پاڻ اختصار ڪيائين. 1181هه کان پوءِ فوت ٿيو.
ڪلهوڙن جي آخري دؤر ۾ افغانستان کان جڏهن سنڌ تي حملا ٿيا، ان وقت شڪارپور جي هندن جا ڪيترا طبي خاندان، افغاني حمله آور پاڻ سان افغانستان وٺي ويا. چنانچه اسان کي معلوم ٿيو آهي ته احمد شاهه ابدالي شڪارپور مان انهيءَ قسم جي ٻن مشهور هندو خاندانن کي وٺي ويو، جن اتي وڃي يوناني طب کي رائج ڪيو، ۽ انهن گهراڻن جا پوءِ اڃا تائين قنڌار ۾ انهيءَ فن جي خدمت ڪندا رهن ٿا. لالا بيربل ۽ لالا راجڪور انهن ئي گهراڻن جو اڄ يادگار آهن، ۽ پنهنجي فن ۾ کين مهارت ڪامل حاصل آهي.

ٽالپوري دؤر؛
1196هه ۾ عبدالنبي ڪلهوڙي پنهنجي ٽالپر اميرن هٿان شڪست کائي ڪلهوڙن جي سلطنت وڃائي. مير فتح علي خان فاتح سنڌ ٽالپر گهراڻي جو پهريون حڪمران ٿيو. ميرن جو دؤر به طبي ترقي لاءِ ڪلهوڙن جي زماني جهڙو ئي مفيد ثابت ٿيو. حڪمرانن طب جي سرپرستي ڪئي، طبي ڪتاب لکيا ويا، چڱا چڱا حڪيم سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهران گهرائي شاهي دربار ۾ رکيا ويا، مفرد دوائن جا سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ دڪان کولرايا ويا. مسلمانن سان گڏ هندن ۾ به ڪيترا بلند پايه طبيب پيدا ٿيا، ۽ پڻ هندو قوم ۾ پسارڪي ڌنڌي جو عام رواج ٿيو. ميرن جي دؤر ۾ ايران جا ٻه خاندان حيدرآباد ۾ آيا، جن ملڪي سياست سان گڏ طب جي به خدمت ڪئي ۽ ڪيترا ڪتاب انهيءَ فن ۾ هنن تاليف ڪيا. هڪ مرزا خسرو جو خاندان ۽ ٻيو ٽنڊي آغا جي آغائن جو گهراڻو. لکي وارن ساداتن جو خاندان اگرچ ڪلهوڙن جي آخري دؤر سان وابسته آهي. راشدي خاندان جون طبي ڪوششون به انهيءَ دؤر ۾ شروع ٿيون، جيڪي اڳتي هلي انگريزي عهد ۾ طبي تاريخ جو طره امتياز بڻيون. نواب ولي محمد لغاريءَ جو گهراڻو به ٽالپري عهد ۾ اُسريو؛ نواب صاحب پاڻ جيد حڪيم هو ۽ کائنس پوءِ سندس خاندان ۾ پڻ ڪيترا حڪيم ٿيا.
ٽالپرن جي حاڪمن مان، مير مراد علي خان (1224_1249هه) پاڻ حڪيم هو، ۽ هڪ طبي ڪتاب ”طب مراد“ جو مؤلف آهي. انهيءَ ڪتاب جي تاليف ٿيڻ بعد ئي ٻين اميرن ۾ به طبي ڪتابن لکڻ جي تحريڪ ٿي، ۽ طب ولي، طب خسروي، طب احمدي ۽ طب مرزا عباس، وغيرهه انهيءَ دؤر جون تاليفون آهن.
شڪارپور ۽ سکر ۾ مفرد دوائن ۽ هيرن جواهرن جا جيڪي دڪان کليا، تن جي اگرچ ابتدا ڪلهوڙن جي آخري دؤر ۾ ٿي هئي، ليڪن ٽالپرن جي سرپرستيءَ سبب انهن ٻن شهرن انهيءَ سلسلي ۾ مرڪزي حيثيت حاصل ڪئي، سکر جو آڏو پساري، جنهن جو دڪان پاڪستان بنجڻ کان پوءِ مهاجرن جي هٿ آيو، تنهن جي ابتدا ٽالپرن جي دؤر ۾ ٿي هئي. شڪارپور ۾ جيڪي پسارن ۽ جواهر فروشن جا عظيم الشان دڪان هئا، سي پڻ انهيءَ دؤر جو يادگار سمجهڻ گهرجن. ٽالپري دؤر جي چند ناميارن طبيبن جو هن هيٺ اسان ذڪر ڪيون ٿا.

(1) مخدوم نور محمد بوبڪائي:
بوبڪن جو جيد عالم ۽ بيمثل طبيب هو. مير ڪرم عطر خان جي زماني ۾، ٽالپر حڪمران جي طلب تي ڳوٺ ڇڏي اچي حيدرآباد ۾ رهيو. مير ’مائل‘ سندس لاءِ هيٺيان شعر چيا آهن.
آنکه دردم، ز فيض حکمت او نوجوان کرد و آنکه پير بود
مخدوم صاحب جو انتقال 1230هه ۾ ٿيو.

(2) مخدوم دين محمد بوبڪائي:
مخدوم صاحب اصل بوبڪن جي مخدومن مان هو، مير فتح علي خان جو خاص طبيب هو، مير فتح علي خان جي مرض الموت جو علاج به مخدوم صاحب ۽ حڪيم آغا ابراهيم شاهه ئي ڪيو_ ليڪن مرض سرطان جو هو، تنهنڪري ڪو علاج ڪارگر ٿي ڪونه سگهيو. مخدوم صاحب 1229هه ۾ وفات ڪئي.

(3)
آغا ابراهيم شاهه: سندس والد بزرگوار سيد عبدالهادي شاهه اصفهان کان نادرشاهه جي دؤر ۾ مدراس ويو، جتان ڪلهوڙن جي دربار ۾ پهتو، ۽ 1193هه ۾ سنڌ ۾ انتقال ڪيائين. آغا ابراهيم شاهه ميان سرفراز جي دؤر ۾ سنڌ ۾ اچي پيءُ سان گڏيو. ٽالپرن جي دؤر ۾ هن خاندان ملعداريءَ ۾ تمام گهڻيون خدمتون ڪيون. آغا ابراهيم شاهه جي پٽ آغا شاهه اسماعيل کي 8 پٽ هئا، جن مان آغا زين العابدين شاهه، آغا تقي شاهه، آغا ڪاظم شاهه وغيرهه شڪارپور جا گورنر ٿيا. آغا ابراهيم شاهه پاڻ وڏو حڪيم هو، ۽ مير فتح علي خان جو خاص معالج هو. کائنس پوءِ سندس خاندان ۾ طبابت رهندي آئي. آغا زين العابدين به جيد حڪيم هو. اهڙيءَ طرح آغا جعفر علي شاهه به پنهنجي دور جو نالي وارو طبيب ٿيو.

(4) مرزا خسرو بيگ:
مرزا خسروبيگ ايران کان خريد ٿي، مير ڪرم علي خان وٽ بطور غلام جي آيو، جنهن کيس پالي، آزاد ڪري، اميريءَ جي منصب تي پهچايو. سڀني علومن ۾ طاق هو، طب سان به خاص شغف هئس، ۽ انهيءَ فن ۾ ”طب خسروي“ جي نالي سان ڪتاب مرتب ڪيائين، جيڪو سندس خاندان ۾ محفوظ آهي. 3 جمادي الثاني 1277هه جو انتقال ڪيائين ۽ مير ڪرم علي خان جي مقبري اڳيان پنهنجي خانداني قبرستان ۾ دفن ٿيو.
سندس مزار تي جيڪو ڪتبو اُڪريل آهي، ان جا چند شعر سندس طبي ڪمال متعلق آهن_
از علومي طبع برد معنيٰ تراش، حکمت يونيان بيشش.....ش،
درنجوم و علم طب ثاني نداشت، بر عروج معرفت معراج يافت،

(5) مرزا رحيم بيگ:
مرزا خسرو جو فرزند ۽ طب جو ماهر هو. پنهنجي خانداني قبرستان ۾ پيءُ جي قبر جي قريب دفن ٿيل آهي. سندس منار تي جيڪو ڪتبو آهي، ان جي هيٺين بيتن ۾ سندس طبي ڪمال جو ذڪرٿيل آهي_
بحکمت چنين شهره آفاق گشت، زکـﮧ تا همـﮧ بر زبان شد ثنـــــا،
و ’شيخ الرئيس‘ زمان خويش شد، فلاطون بگوئيم آنهم بجــــــــا.
بدار الشفائش مريض نــــــــمــــــــانــد، چنين داد شافي بدستش شفا.
آخري شعر مان معلوم ٿئي ٿو ته مرزا صاحب مستقل طرح مطب ڪندو هو. سندس وفات (شنبـﮧ 9 رجب 1243هه) جو ٿي. انهيءَ ئي مرزا گهراڻي مان اڳتي هلي ڪيترا حڪيم پيدا ٿيا، جن مستقل ڪتاب پنهنجي مجربات جا مرتب ڪيا، مثلاً مرزا فيض احمد بن بنده علي جنهن جي ”طب احمدي“ مشهور آهي ۽ مرزا عباس علي جنهن جي تاليف ”طب عباسي“ آهي.

(6) نواب ولي محمد خان لغاري:
ٽالپري دؤر جو امير ڪبير ۽ وقت جو عظيم الشان سياست ۽ ملڪرانيءَ جي معاملن جو ڄاڻو هو. افغانن جون سنڌ تي جيڪي ڪاهون ٿيون، تن ۾ هن بزرگ سنڌ جي بچاءَ ۾ وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا. شعر و سخن ۽ ملڪداريءَ جي فن طرح سان گڏ، کين طب ۾ به ڪامل مهارت هئي، خاص طرح قوت جي دوائن، ڪکن ۽ ڪشتن تي نواب صاحب مرحوم کي وڏو دسترس هو. 1832ع ۾ فوت ٿيو، ۽ حيدرآباد جي اتر ۾ پنهنجي باغ اندر فن ٿيو. باغ اجڙ ٿي ويو آهي، ليڪن سندس مقبرو اڃا موجود آهي. ديوان ۽ ”مثنوي هير رانجها“ کان سواءِ طب ۾ ”طب ولي“ جي نالي سان سندس مجربات جو هڪ ضخيم ڪتاب موجود آهي.

(7) حڪيم لالا مينهون مل:
مير ڪرم علي خان جي دؤر جو سرڪاري حڪيم هو. حيدرآباد ۾ مطب هئس. ڦٽ ڦرڙيءَ جو علاج خاص طرح ڪندو هو. جراحت جي فن کان به بهرور هو. هڪ دفعي مرزا خسرو بيمار ٿي پيو. پير ۾ زخم ٿيس، حڪيم مينهين مل جي دوا شروع ڪيائين. ڏينهن ٿي ويا، جو مير صاحب جي خدمت ۾ حاضر نه ٿي سگهيو. هڪ دفعي معذرت لاءِ هيٺيون قطعو لکي مير صاحب ڏي موڪليائين، جنهن ۾ حڪيم مينهين مل ڏانهن به اشارو آهي_

اي عدل شهان به پيش عدالت شد پشت،
تدبير ز هرچار طرف راهم بست؛
از زخم دوتي ”لالـﮧ“ نه رفتن راه،
راز تنگي جائيست دمر جائي نشت؛
از مي شود از جناب بر جراحي،
کز سعي دهد دوا بمن دست بدست؛
مامور شود به مـﮧ کـﮧ معمار دهد،
تابخدهء خود آباد کند جاي نشت.

(8) مخدوم سعد الله سيوستاني:
بن مخدوم محمد حسن، سيوهڻ جو هو، ۽ مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي (حضرت صاحب بياض) وارن جو ڀائٽيو هو. سڀني علومن جو ڄاڻو ۽ طب جو خاص ماهر هو. سيوهڻ جي علائقي جي قضا ٽالپري دؤر ۾ سندس ڀاءُ مخدوم محمد عارف جي هٿ ۾ هئي. هڪ دفعي مير مراد علي خان مخدوم محمد عارف ڏانهن پنهنجي ڪنهن عزيز کي حيدرآباد ڏانهن موڪلڻ جي طلب ڪئي، تاڪ حيدرآباد ۾ محڪمـﮧ قضا جي اچي چارج وٺي. مخدوم صاحب، مخدوم سعد الله کي ڏياري موڪليو، ۽ جيڪو تعارفي خط مير صاحب ڏانهن لکي ڏنائينس، تنهن ۾ هن لاءِ ”جامع العلوم“ جو خطاب ڪم آندائين، ۽ مير صاحب خط پڙهي کانئس مختلف علومن جي سلسلي ۾ سوين سوال امتحان خاطر پڇيا. جڏهن هر فن ۾ سندس جواب باصواب ٿيو، ان وقت مير صاحب چيو ته مخدوم صاحب واقعي تون ”جامع العلوم“ آهين. طب ۾ مير صاحب کي خود درڪ هو، تنهنڪري زياده سوال طبي پڇيائين.
مخدوم صاحب، آزاد منش، لا ابالي ۽ لا پرواهه هو. مهينو کن حيدرآباد ۾ رهيو، پوءِ وڃي ٽنڊي ڄام ۾ مير ڄام وٽ رهيو، جيڪو سندس ڏاڍو معترف هو. زندگيءَ جا پويان پساهه به اتي ئي پورا ڪيائين.

(9) مخدوم محمد صالح صوفي سيوهاڻي:
مٿئين مخدوم سعد الله جو ڀاءُ ۽ وڏين صلاحيتن جو صاحب هو. پنهنجي ڀاءُ محمد عارف جي مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪيائين. جفر، نجوم ۽ طب ۾ يگانه روزگار هو. ابتدا کان ئي تنهائي پسند هو. رات_ ڏينهن ڪتابن جي مطالعي ۾ مشغول رهندو هو. آخر ۾ سڀئي ڳالهيون ڇڏي عشق الاهيءَ ۾ مشغول ٿي ويو، انهيءَ حد تائين جو سڄي ڄمار شادي به نه ڪيائين. محويت ۾ ڪيترا ڏينهن بنا کاڌي جي فقط وڻن جي پنن تي گذاري ڇڏيندو هو. دل جو آئينو صاف انهيءَ حد تائين ٿي ويو هئس، جو ايندڙ واقعات جو فوراً دل تي ڪشف ٿيندو هئس. نذر نياز ڪونه وٺندو هو. حيدرآباد ۾ رهڻ واري زماني ۾ جعفر نالي کٽيءَ کي شڪ پيو ته مخدوم صاحب ڪيميا ڄاڻي ٿو. جعفر جي همشيره انتها درجي جي خوبصورت هئي. انهيءَ آسري تي ته ممڪن آهي ڪيميا جو نسخو ڏيئي وجهي، جعفر کيس پنهنجي ڀيڻ جو سڱ آڇيو. مخدوم صاحب کيس کلي فرمايو ته ”ادا تنهنجي بک سا ڀڄي پوندي، باقي مون کي ڇو ٿو ڦاسائين“. ٿورن ڏينهن بعد اها مائي مير صوبدار خان ولد مير فتح علي خان جي حرم ۾ داخل ٿي. جنهن بعد جعفر کٽيءَ کي ڪيميا سکڻ جي ضرورت نه رهي. مير نصير خان مخدوم صاحب کي ديهه سامٽياڻن جي جاگير ڏني هئي، جنهن جو پروانو 1257هه جو نڪتو، جنهن ۾ سندس نالي اڳيان ”حقايق و معارف آگاه، کمالات دستگاه“ جي عبارت آيل آهي.

(10) شيخ محدث، حڪيم حسين سيوهاڻي:
هي بزرگ نه فقط حڪيم هو، بلڪ محدث پڻ هو. سنڌ جو جليل القدر محدث، رئيس العلماءَ، شيخ محمد عابد سنڌي سندس ڀائٽيو هو. شيخ حسين جي والد جو نالو شيخ الا سلام مراد انصاري سيوهاڻي هو. ننڍي هوندي شيخ حسين پنهنجي والد سان مدينه عاليه هجرت ڪري ويو. ابتدائي علوم سيوهڻ ۾ حاصل ڪيا هئائين. ۽ باقي تعليم عرب ۾ رهي حاصل ڪيائين. شيخ مراد انصاري، مخدوم محمد هاشم جو شاگرد هو. قصيده بردي جي اجازت شيخ مراد، مخدوم هاشم کان ورتي، شيخ حسين پنهنجي والد کان ۽ کانئس مخدوم محمد عابد ورتي، جنهن کان شاهه عبدالغني مجددي دهلوي حاصل ڪئي. شيخ محمد عابد حديث ۾ به کائنس ۾ به کانئس اجازت ورتي ۽ طب جي مهارت به وٽائنس حاصل ڪئي. ”البانع الجني“ ۾ شيخ حسين جو سلسله حديث هن طرح آهي.
_علامه الشيخ محمد حسين السندي عن الشيخ ابي الحسن بن محمد صادق نقشبندي سنڌي تتوي، عن الشيخ محمد حيات سنڌي، عن الشيخ العلامـﮧ ابي الحسن الکبير سنڌي، عن الشيخ عبدالله بن السالم البصري (شيخ عبدالله، شاه ولي الله جو حديث ۾ استاد هو).
شيخ حسين ٽالپرن جي اوائلي دؤر ۾ يمن جي شهر حريره ۾ انتقال ڪيو.

(11) حڪيم حبيب الله بکري:
بکر جو باشندو ۽ خواجه ابراهيم بکريءَ جو فرزند هو. عالم، شاعر ۽ ڪيترن طبي ڪتابن جو مؤلف هو. پير سائين حضرت محمد راشد عليـﮧ رحمـة کان بيعت ٿيل هو.
طب ۾ هيٺيون تاليفات ڪيائين_
(1) رسالـﮧ در نبض.
(2) دلائل البول.
اهي ٻيئي رسالا فارسي نظم ۾ آهن.
(3) دافع الامراض.
طب کان سواءِ هيٺيان ڪتاب پڻ تاليف ڪيائين_
(4) شجره منظوم مشائخاف قادريه.
(5) رسالـﮧ در علم تصوف.
”دافع الامراض“ 19 بابن ۾ ورهايل آهي، هر باب متعدد فصلن ۾ تقسيم ٿيل آهي. پاڻ لکي ٿو ته:
”اين نسخـﮧ در علم طب از کتابان معتبران، چند فوائد انتخاب نموده و اکثر دوائها را در تجربـﮧ خود آورده براي نفع مردمان، درينجا نوشتـﮧ که طالبان اين فن را سهل و آسان شود. اميدوارم که هرکه ازان نفع گيرد، دعاي ايمان و مغفرت گناهان در حق اين ضعيف از درگاه خدا تعاليٰ جل شانـﮧ ياد کند. و اسم اين کتاب ”دافع الامراض“ داشتـﮧ شد، و مشتمل بر نوزده ابواب، و در هر باب چند فصول جمع کرده شد......الخ“.
منهنجي پيش نظر جيڪو نسخو آهي، اهو آخر کان ناقص آهي، ۽ باب نائين تائين آهي ۽ آخر جا ڏهه باب منجهس ڪونه آهن. مولانا وفائي مرحوم جي نظر مان جيڪو نسخو گذريو هو، ان تي 9 ذوالحج 1221هه سال لکيل هو. شرح منثوي مولانا روم جو هڪ نسخو مولوي وفائي مرحوم جي نظر مان گذريو هو، جيڪو پڻ انهي بزرگ جي هٿ اکرين لکيل هو، ۽ آخرڪار ڪتابت جو سال 22 جمادي الثاني 1218هه لکيل هو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته هي بزرگ ڪلهوڙن جي آخري دؤر جو هو ۽ ٽالپرن جي ابتدائي دؤر ۾ زنده هو.
طب ۾ حڪيم بکريءَ جو شاگرد هو، جيڪو حڪيم عبدالڪريم رضوي بکريءَ جو شاگرد هو ۽ اهو شاگرد هو حڪيم سيد عبدالفتاح نمڪين دهلويءَ جو. انهن ٻنهي بزرگن جو ذڪر اسان ڪلهوڙن جي عهد ۾ ڪري آيا آهيون.

(12) حڪيم محمد تقي ٺٽوي:
هي حڪيم صاحب ديڌاڻي ذات جو ۽ ٺٽي جو ويٺل هو. سندس زمانو غالباً ٽالپرن جو ابتدائي دور آهي. اسان جي پيش نظر سندس هڪ طبي تاليف ”سفاء المستقيم“ آهي، جيڪا آخر کان ناقص آهي. منجهس 16 فصل آهن. معلوم ٿئي ٿو ته حڪيم صاحب کي شعر و سخن سان به شوق هو ۽ ”تقي“ تخلص ڪندو هو. ڪتاب جي ابتدا پنهنجن هنن شعرن سان ڪئي آٿس:
بـــــود حمـــــد بيحد يا يزد جليل کـﮧ بستان کند نار را بر خليل
صلوات و درود شد بصدق و يقين بخـــــوان بـــــر محمد و آل مبين
بخـــــاتـــــون جـــــنـــــت بشير خـــــدا بـــــاولاد حســـــنـــــــيـــــن آل عـــــبـــــا
الاهـــــي بـــــامـــــداد ايـــــن پنجتــن بـــــخـــــاک مـــــرا کـــــربلا کن دفن
تقـي را رســـــانـــــي بشـــــاه نجف کــــــﮧ يـــــابـــــد ازان بـــــارگاه شرف

(13) حڪيم مير محمد وفا لکوي:
سکر ۽ شڪارپور واريءَ سڙڪ تي، لکيءَ جو شهر موجود آهي، جنهن کي ڪنهن زماني ۾ ”حسن آباد“ سڏيو ويندو هو ، ۽ بهاولپور جي دائود پوٽن جو ڪلهوڙن جي زماني ۾ مرڪز هو. انهيءَ شهر ۾ ساداتن جو هڪ عظيم الشان خاندان هو، جنهن پشتها پشت تائين سنڌ ۾ يوناني طب کي پنهنجو مشغلو بڻائي، ان کي آسمان تائين پهچايو. انهيءَ گهراڻي جو سلسلو اڃا تائين قائم آهي.
انهيءَ خاندان ۾ جيڪي حڪيم ٿي گذريا، انهن جو مفصل احوال ڪونه ٿو ملي. سنڌ جا جيڪي طبي بيان ملن ٿا، تن سڀني ۾ انهيءَ خاندان جا مجرب نسخا لکيل آهن. گويا سنڌ جا اڪثر حڪيم انهيءَ گهراڻي جا خوشـﮧ چين هئا. ڪلهوڙن جي وچ واري زمان ۾ اهو گهراڻو طب ۾ مشهور ٿيو. ٽالپرن جي سڄي دور ۾ انگريزن جي ابتدائي زماني تائين انهيءَ گهراڻي جو هر هڪ فرد وقت جو بقراط ۽ جالينوس ٿيندو رهيو.
(1) حڪيم محمد وفا لکوي مولف نسيم الصبا الاصلاح هوالوبا.
(2) سندس فرزند سيد غلام محمد صاحب، ۽
(3) سيد مير نور علي شاهه_
انهيءَ ابتدائي دور جا مشهور معروف حڪيم آهن. سندن مجربات جا بياض ۽ سندن طبي تاليفات ممڪن آهن اڃا به انهيءَ گهراڻي جي پوين وٽ محفوظ هجن.
ٽالپرن جا ٽي خاندان سنڌ تي بيڪ وقت حڪمران هئا. مرڪزي حڪومت حيدرآباد وارن جي هٿ ۾ هئي. ميرپور خاص ۽ خيرپور ۾ سندن ٻيون ٻه شاخون حڪمران هيون. مٿي جن حڪيمن ۽ انهن جي تصنيفن جو اسان ذڪر ڪيو آهي، اهي سڀ حيدرآباد واري مرڪزي سرڪار سان تعلق رکندڙ آهن. ميرپورخاص ۽ خيرپور جي دربارين سان ڪهڙا حڪيم وابسته هئا، يا انهن دربارين جي سرپرستيءَ هيٺ ڪهڙا طبي ڪتاب تاليف ٿيا، انهن جو پتو پئجي ڪونه ٿو سگهي.
البت مير علي خان والي خيرپور، طب تي هڪ ڪتاب ”طب مراد“ جي نالي سان تاليف ڪرايو هو، جنهن جو هڪ نسخو جهنڊي جي ڪتبخاني ۾ آهي. اهڙيءَ طرح ”بازنامه“ به سندس تاليف آهي جنهن ۾ بازن جا علاج ۽ بيماريون ڏنل آهن ۽ ان جو نسخو پڻ جهنڊي واري ڪتبخاني ۾ آهي.
احمد يار خان ٽالپر به انهيءَ دؤر ۾ ”باز نامه“ ساڳي ڍنگ تي تيار ڪيو، جنهن ۾ ٽي بازن جون بيماريون هيون ۽ انهن جا معالجات لکيل آهن. انهيءَ ڪتاب جو به هڪ خطي نسخو جهنڊي واري ڪتبخاني ۾ موجود آهي.

انگريزي عهد:
1842ع ۾ سنڌ، ٽالپرن جي هٿان ويئي. انگريزن اچي سنڌ تي قبضو ڪيو. جيتوڻيڪ فيڪٽرين جي پوڻ ۽ انگريزن جي آمدرفت سبب، انگريزي دوائن ۽ ولائتي ڊاڪٽرن سان سنڌي، ڪلهوڙن جي آخري دور ۾، واقف ٿي چڪا هئا، تاهم ان جو رواج سنڌ ۾ ڪونه ٿي سگهيو.
مير مراد علي خان هڪ دفعي بيمار ٿيو ته ڪڇ جي انگريز ريجمنٽ وٽان ڊاڪٽر برس کي پنهنجي علاج لاءِ گهرايائين. 1838ع کان جڏهن سنڌ ۾ انگريزي عمل دخل وڌيو ان وقت کان انگريزي ڪئمپن ۾ يا انهن سان متعلق سپاهين ۽ سولجرن ۾ انگريزي دوا جو استعمال ٿيندو هو، ليڪن عوام يا ملڪ تي ان جو ڪوبه اثر ڪونه هو.
انگريزن جو قبضي کان پوءِ به، اڌ صديءَ تائين، سنڌ ۾ ديسي طب جو زور رهيو.مدرسن جي تعليم ۽ فارسي عربي نصاب جيسين هو، تيسين طبيب پيدا ٿيندا رهيا. ليڪن پوءِ جيئن زمانو گذرندو ويو، تيئن انگريز ڊاڪٽر ۽ انگريزي دوائون ماڻهن جي مزاج ۽ ذهنيت تي قبضو ڪري ويون. جنهن وقت انگريزن سنڌ ڇڏي، ان وقت گويا يوناني طب جو زوال مڪمل ٿي چڪو هو، جيڪو پاڪستان جي ڏهن سالن ۾ به وڌندو رهيو ۽ اڄ به اسان کي حال وانگر مستقبل تاريڪ نظر اچي رهيو آهي.
هن هيٺ اسان انهن طبيبن جو احوال ڏيون ٿا، جن جو تعلق انگريزي دور سان آهي. گهڻا ته انهن مان هيءُ فاني جهان ڇڏي ويا آهن ۽ باقي جيڪي چند وڃي رهيا آهن، خدا کين وڏي حياتي ڏئي، ليڪن آهن پا به رڪاب؛ جن جي وڃڻ بعد ڏسڻ ۾ ائين پيو اچي ته يوناني طب جو ڏيئو اجهامي ويندو.

راشدين جو خاندان:
هن خاندان جي نسبت، سنڌ جي روحاني رهنما ۽ ڪلهوڙن جي آخري ۽ ٽالپرن جي ابتدائي دؤر جي ڪامل ولي الله، حضرت پير سائين محمد راشد عليـﮧ الرحمـة (1170_1233هه) سان آهي. سنڌ جي هن عظيم خاندان نه فقط سنڌ اندر تصوف ۽ طريقت، عرفان ۽ ايقان جي ڪرندڙ ديوار کي جهلي ورتو ۽ نئين سر انهيءَ عمارت کي مستحڪم ڪيو، بلڪ ساڳئي وقت علم ادب ۽ شعر و سخن، طب خواه فنون لطيفه جي ايڏي وڏي خدمت ڪئي، جو ان جو مثال سنڌ جي تاريخ ۾ ملڻ ناممڪن آهي. تصوف، حديث، لغت، طب ۽ ادب تي انهيءَ خاندان سوين ڪتاب تاليف ڪيا، ۽ گذريل ٻن صدين تائين گهراڻي جي هرهڪ فرد انهيءَ تحريڪ ۾ حصو ورتو، ۽ سنڌ ۾ ڪتابن جي جمع ڪرڻ ۽ ڪتب خانن قائم ڪرڻ ۽ ديني خواه دنيوي تعليم لاءِ ادارن کولڻ جو عظيم الشان ڪم پڻ ڪيو. سنڌ جي غريب عوام کي صحتمند رکڻ، ۽ سنڌي قوم ۾ روحاني صحت سان گڏ جسماني صحتمندي قائم رکڻ لاءِ گهراڻي جي گهڻو ڪري هر فرد طبي پيشو مذهبي عقيدي طور اختيار ڪيو، ۽ نه فقط علاج معالج ڪيائون، بلڪ ڪيئي فني ڪتاب پڻ لکيائون. مرڪب، مفرد ۽ ڪشته جات جي سلسلي ۾ نوان نوان تجربا ڪري مجرب شيون مستعمل ڪيائون، جيڪي اڄ تائين سنڌ جي حڪيمن وٽ مستند ۽ تير بهدف تصور ڪيون وڃن ٿيون.
هن گهراڻي طبي خدمت ڪلهوڙن جي دور کان ئي شروع ڪئي هئي، ليڪن اسان دانسته انهيءَ خاندان جي حڪيمن جو انگريزي عهد ۾ يڪجا ذڪر ڪيون ٿا_ انهيءَ ڪري، جو ڪلهوڙن ۽ ٽالپري دور ۾ جيڪي حڪيم ٿي گذريا آهن، انهن جا تذڪرا محفوظ نه آهن. اسان کي هن پوئين دؤر جي مشاهيرن جا حالات ملن ٿا، جن مان ڪيترن کي اسان پاڻ ڏٺو ۽ سندن زيارت جي سعادت اسان کي نصيب ٿي.

حضرت پير سائين تخت واري جا فرزند:
پـــــيـــــرسائين تـــــخـــــت وارو عليـﮧ الرحمـة سيد خرب الله شاهه (1258_1308) بن حضرت گوهر شاه (1230_1263) بن حضرت سيدنا صبغت الله شاهه (1246) بن حضرت محمد راشد(1170_1233) (روضي وارو) فارسي، عربي زبانن جو جيد عالم ۽ ديني علوم ۾ يکتاي روزگار هو، فارسي شعر و سخن ۾ ”مسڪين“ تخلص ڪندو هو. سندن والد بزرگوار سنڌيءَ جو يگانه روزگار شاعر هو، ”اصغر“ تخلص هو. پير سائين حزب الله شاهه منهنجي والد مرحوم جو سڳو نانو هو. سندن فرزندن مان ٻه بزرگ پير غلام مصطفيٰ شاهه ۽ پير علي اصغر شاهه جيد طبيب هئا. پويون بزرگ فارسي ۽ سنڌيءَ جو نفيس شاعر ۽ بي مثل خطاط ۽ مصور هو، ٻنهي بزرگن طب کي بيحد ترقي ڏياري ۽ ڪئين شاگرد پيدا ڪيائون، جن جا سلسلا اڃا تائين قائم آهن. پوئين بزرگ کي مون گهڻو ڏٺو، سندس عملي صحبتن مان استفادو ڪيم، ۽ منهنجي سامهون 1935ع ۾ سندس انتقال ٿيو. هن بزرگ وٽ خطي ڪتابن جو نادر ذخيرو هو، جيڪو پوءِ منتشر ٿي ويو. پير غلام مصطفيٰ شاهه جي سرپرستيءَ هيٺ قاضين جي خاندان طبي تربيت حاصل ڪئي، جن مان غالباً اڄ ڪوبه زنده ڪونه آهي.

حضرت پير سائين تجر ڌڻيءَ جا فرزند:
پير سائين تجرڌڻيءَ رحمـة الله عليـﮧ يعني حضرت پير محمد صبغت الله شاه (متوفي 1246هه) بن حضرت پير محمد راشد عليـﮧ رحمـة جي صاحبزادن مان پير علي حيدر شاهه، شاهه مراد شاهه ۽ پير علي محمد شاهه وڏا حڪيم ٿيا. پير علي محمد شاهه (1234_ 1284هه) راقم الحروف جو پڙڏاڏو هو. پنهنجي دؤر جو بوعلي ثاني هو. جفر، نجوم، رمل ۽ ٻين عمليات جو پڻ استاد هو. طب ۾ کيس مجتهد جو درجو حاصل هو. کانئس پوءِ سندس سمورا فرزند پنهنجي پنهنجي زماني ۾ طب اندر ڪامل استاد ۽ يگانا ٿي گذريا آهن. پير احمد شاهه اول (متوفي 1309هه) ۽ پير حسام الدين اول (متوفي 1318هه) جي حيثيت ۽ پابي جو، سنڌ مشڪل ڪو ثاني پيدا ڪيو هوندو. بمبئي، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، راجپوتانا ۽ گجرات تائين سندن علاج معالجي جي هاڪ هئي، ۽ انهن ڏور انهن ڏينهن ۾ هنن معرڪي جا حيرت ۾ وجهندر علاج ڪيا. پير حسام الدين جا ڪيترا شاگرد هئا، جن مان مولانا عبدالرحمان پير ڳوٺائي مون گهڻو ڏٺو. طب ۾ سندس ڪو مٽ ثاني ڪونه هو. پير احمدشاهه جراحيءَ جو به استاد هو. سندس شاگرد گلو حجم منهنجي سن شعور تائين جيئرو هو ۽ لاڙڪاڻي ۽ سکر ضلعن ۾، ڦٽ ڦرڙيءَ جي علاج لاءِ، آئي رات گهر ۾ ڪانه هوندي هيس. مدئجيءَ جو نيوندمل هندو، پير صاحب جو خاص پساري هو، جنهن جي خاندان ۾ پوءِ ڪيتري زماني تائين طب ورثي طور هلي. پير صاحب جي صدري نسخن جي ڄاڻ فقط نيوندمل کي هوندي هئي. پير علي محمد شاهه جو ٽيون نمبر فرزند منهنجو ڏاڏو پير شاهه (متوفي 1931ع) ۽ ان جو فرزند يعني منهنجو والد پير حامد شاهه (متوفي 1937هه) ٻيئي حڪيم هئا ۽ سندن انتقال بعد راقم الحروف جي گهر مان طب جو خاتمو ٿي ويو. پير علي محمد شاهه جو چوٿون نمبر فرزند پير سلطان (متوفي 1311هه) پڻ حڪيم هو. ان جا ٻه فرزند پير فخرالدين شاهه ۽ پير انورالحق شاهه به حڪيم هئا. انهن جي وفات بعد انهيءَ شاخ مان طب ختم ٿي ويئي. پير علي محمد شاهه جو ٻيو پٽ پيربچل شاهه پڻ جيد حڪيم هو ۽ لا ولد فوت ٿيو.
پير سائين تجر ڌڻي عليـﮧ رحمـة جي فرزند پير عبدالله شاهه (متوفي 1283) به وڏو حڪيم ٿيو. ان جو فرزند پير عبدلقادر شاهه هو، جنهن جا فرزند حضرت پيرحسين شاهه (ميان سائين) ۽ پير تراب علي شاهه (شاهه سائين) ٿيا، جيڪي هن آخري دؤر جا بيمثل حڪيم هئا. انهن ٻنهي بزرگن جي راقم الحروف تي خاص عنايت هوندي هئي. شاهه سائين عليـﮧ رحمـة جو طب ۾ وڏو دررجو هو. ٻيئي ڀائر قمبر علي خان ۾ رهندا هئا ۽ 1926_1927ع ڌاري سندن انتقال ٿيو. ميان سائينءَ جو فرزند پير گل محمد شاهه ۽ شاهه سائينءَ جو فرزند عبدالقادر شاهه هن وقت انهيءَ شاخ جا نمائندا آهن ۽ طبي مشغول منجهن اڃا آهي.
پير سائين تجر ڌڻيءَ جي فرزند پير شاهه مراد شاهه جي اولاد ۾ کائنس پوءِ به طب هلندي آئي. چنانچه ميرپورخاص، جهڏي ۽ تلهار جي طرف انهيءَ بزرگ جو اولاد اڄ تائين يوناني طب جي چاراغ کي روشن ڪيو اچي ٿو. پير جعفر علي شاهه ۽ پير عبدالله شاهه هن وقت جا طبيب آهن.
پير سائين روضي واري جي ڀاءُ جو اولاد: حضرت پير سائين روضي واري عليـﮧ رحمـة جي والد حضرت پير سائين ”پٽ رهي“ رحمـة الله (پير محمد بقا 1135_1198هه) جي ٻين فرزندن جي اولاد مان جيڪي سلسلا شروع ٿيا، انهن ۾ پڻ ڪيترا نالي وارا طبيب ٿيا، مثلاً شاهه جي ڳوٺ (لڳ نوديرو) وارن پيرن مان پير محمد زمان شاهه، پير ڀورل شاهه ۽ پير شاهه محمد شاهه وغيرهه نهايت ئي اعليٰ درجي جا طبيب هئا ۽ سندن شاگردن جو سلسلو پري پري تائين ڦهليو. بلوچستاني حڪيم گهڻو ڪري انهيءَ گهراڻي جا شاگرد آهن. پير باقر شاهه ۽ پير بدرالدجيٰ شاهه اڃا تائين طبي مشغول جاري رکندا اچن ٿا.
گهٽهر (تعلقي قمبر) وارا پير به انهي شاهه ڳوٺائي شاخ مان آهن، جن ۾ پير محمد عاشق شاهه ۽ پير محمد معشوق شاهه به زبردست حڪيم ٿي گذريا آهن. پوئين بزرگ کي مون ڏٺو. ان جو فرزند پير الهڏنو شاهه اڃا به حڪمت ڪري ٿو.

جهنڊي واري شاخ:
پير سائين روضي واري رحمـة الله عليـﮧ جي ٻئي فرزند پير محمد ياسين جي اولاد کي جهنڊي واري شاخ چيو وڃي ٿو، جن جي مسند ارشاد و هدايت نوابشاهه ضلعي ۾ قائم ٿي ۽ ان جون شاخون، ٺلاهه ۽ هلين (لاڙڪاڻي ضلعي) ۾ آهن. انهيءَ گهراڻي جي پڳدارن علوم ديني، خاص طرح حديث، جي لافاني خدمت ڪئي ۽ هڪ عظيم الشان خطي ڪتابن جو نادر ڪتبخانو قائم ڪيو، جنهن جي قلمي نسخن جي هاڪ سڄي عالم اسلام ۾ اڄ تائين قائم آهي. ٺلاهه ۽ هلين واري شاخ طبي خدمت ۽ مهارت ۾ نالو ڪڍيو.
ٺلاهه ۾ ابوالبقا مظهرالدين بن حاجي هدايت الله بن پير محمد ياسين بن پير سائين روضي وارو پنهنجي دؤر جو وڏو حڪيم هو. پنهنجي والد کان تعليم حاصل ڪيائين، ان کان پوءِ مطالعي جي ذريعي علمي استعداد وڌائي، ديني علوم ۾ ڪامل ٿيو. سندس ڪتبخانو بيمثل هو، ڪيتريون تصنيفون ڪيائين جن مان ”مجربات مظهريه“ مشهور ۽ معروف آهي. 42 ورهين جي ڄمار ۾ اربع ڏينهن 22 ربيع الثاني 1318هه 9 بجي صبح جو وفات ڪيائين. سندس فرزند پير مٺل شاهه جنهن جو خلافت تحريڪ ۾ وڏو حصو رهيو آهي، اڃا تائين باوجود سن رسيدگيءَ جي به طبي مشغول ڪندو اچي.
ساڳئي ڳوٺ جو مسند نشين پير حاجي امام الدين شاهه بن سيد رشيد الدين (صاحب العلم ثالث) بن محمد ياسين (صاحب العلم ثاني) بن پير سائين محمد راشد عليـﮧ رحمـة، پنهنجي دؤر جو نه فقط روحاني پيشوا هو، بلڪ جيد حڪيم پڻ هو. سنڌ جي فاضل عالم ۾ مؤرخ مرحوم مولانا وفائيءَ پنهنجي زندگيءَ جو ابتدائي دور ان بزرگ جي سرپرستيءَ هيٺ گذاريو. ان مرحوم جو قول آهي ته ”پير صاحب طب جو وڏو ماهر هو. بعض خانداني نسخا صاحب موصوف وٽ تير بهدف هئا، خاص طرح قوت مردانگيءَ جا ڪشتا ۽ بواسير خونيءَ جو نسخو وٽن بيحد مجرب هو. فقط استعمال جي دير هئي.“ مولانا مرحوم جو قول آهي ته ”پير صاحب ڪيميا به ڄاڻندو هو ۽ اهڙي قبوليت هن مولوي صاحب سان ڪئي هئي“.” ياقوتي جامع الجواهر“ جو نسخو انهيءَ بزرگ وٽان ئي حڪيم علي محمد قادري مرحوم کي مليو، جنهن مان هن لکين رپيا ڪمايا. پير صاحب جفر، رمل ۽ نجوم جو به ماهر هو. 27 ربيع الثاني 1350هه جو سندس وفات ٿي ۽ باوجود اولاد جي به سندس سجادو خالي ٿي ويو. پير محمود شاهه موجوده دور جو شعله نوا شاعر سندس فرزند آهي.
ٺلاهه ۾ پير ابراهيم شاهه بن عبدالوهاب شاهه بن شاهنواز بن حضرت پير سائين روضي وارو پڻ جيد حڪيم هو. انهن ٻن بزرگن جي مون به زيارت ڪئي ۽ ٻيئي عزازت سبب مون تي مهربان هئا.
انهيءَ جهنڊي واريءَ شاخ مان هلين وارو پير محمد نصر الله شاهه بن هدايت الله شاهه بن پير محمد ياسين بن حضرت پير سائين روضي ڌڻي پڻ وڏو حڪيم هو. انهيءَ بزرگ کي مون گهڻو ڏٺو. سندس فرزند پير مولاشاهه اڃا حڪمت ڪري ٿو.
انهيءَ خاندان جي ذڪر کي ختم ڪري هاڻي اسان انگريزي عهد جي ٻين مشاهير حڪيمن جو ذڪر خير ڪيون ٿا.
(1) ميان عبدالله روحاني لاڙائي:
شاهه ڪريم جي سلسلي جو مريد ۽ وڏو صاحب ڪمال بزرگ هو. طبابت به عجيب نموني سان ڪندو هو. مريض کي ڏَسَ هميشه ابتو ڏيندو هو، جيڪو بيماريءَ جي سراسر خلاف هوندو هو، ليڪن خدا ان مان هن کي شفا بخشيندو هو. چند مثال هيٺ ڏجن ٿا.
1_ سيد ميان محبن شاهه جيلاني سلهه ۾ مبتلا هو. جڏهن علاج ڪندي ڪندي عاجز ٿيو، تڏهن مجبور ٿي پنهنجي هڪ دوست ميان محمد عابد کي ساڻ ڪري ميان صاحب وٽ پهتو. ميان صاحب سندس پهچڻ کان اڳ ئي پنهنجي ماڻهوءَ کي چئي ڇڏيو هو ته اڄ اسان وٽ بادشاهه پير دستگير اچي ٿو، تنهنڪري جاءِ تيار ڪري ڇڏ. سيد صاحب جي پهچڻ تي کيس نسخو ڏسيائين: مکڻ هڪ دُڪو، ڪارن مرچن جي ٻن ماسن ۾ ملائي روزانو استعمال ڪر، ليڪن بيماري ڇڏي وڃڻ تي ٻئي ڪنهن جو علاج نه ڪيو وڃي، ورنه بيماري اٿلي پوندي. سيد صاحب کي چند ڏينهن اندر شفا ڪامل حاصل ٿي ويئي، ليڪن ڪمزوري اڃا هئي. هڪ ڏينهن هالار (ڪاٺياواڙ) مان شاهه صاحب جا ڪي مريد آيا، جن ڪمزوريءَ ۽ خود بيماريءَ جي بقايا کي دفع ڪرڻ لاءِ هڪ ڏس ڏنو، جنهن جي استعمال ڪرڻ شرط وري بيماري اٿلي پيئي ۽ سيد صاحب کي ميان صاحب وارو قول ياد آيو. چند ڏينهن اندر، جڏهن سيد صاحب فراش ٿيو، ان وقت ميان صاحب ڏانهن ماڻهو موڪليائين؛ جنهن ساڳئي نسخي جو ڏس ڏنو، ۽ آخر ٻيهر استعمال بعد کيس شفا ٿي.
2_ ساڳئي ميان محمد عابد کان روايت آهي ته هڪ دفعي سيد ميان حيدرشاهه بيمار ٿي پيو، پنهنجي هڪ عزيز کي ميان صاحب ڏي موڪليائين، جهن ڏانهس ڏَسَ ڏياري موڪليو ته 7 گهڙا ڪورا رات جو و لِهه تي پاڻيءَ سان ڀري رکي ۽ صبح جو سوير انهن سان تڙ ڪري. سيد صاحب سخت ڪمزور هو، ٻيو هو سرديءَ جو زمانو، سو ڊڄي ويو؛ آخر زندگيءَ کان تنگ اچي هڪ ڏينهن ائين ڪيائين ۽ ان مان شفاياب ٿي ويو.
3_ خليفي محمود ڪڙيي واري جي روايت آهي ته سندن هڪ عزيز ميان عبدالله فقير نظاماڻيءَ کي اڌ رنگ جو مرض ٿي پيو. ميان صاحب کيس ڏَس ڏنو ته سنامڪي ۽ جرڦل گڏي جلاب وٺي ۽ پوءِ سخت ٿڌي پاڻيءَ سان تڙ ڪري. قدرت خدا جي، ميان عبدالله فقير کي ان مان شفا ٿي ويئي.
4_ حاجي ڪلاتي نظاماڻي نقل ٿو ڪري ته پاڻ ميان عبدالله جي خدمت ۾ حاضر هو ۽ هڪ مريض آيو. ميان صاحب جو دستور هو ته پهرين مريض کان نذرانو ٻولائيندو هو ۽ پوءِ ڏَس ڏيندو هو. مون کي ان وقت چيائين ته هن سان ٻول ڪر. آخر پنجن رپين تي فيصلو ٿيو؛ ڏَس مليو، بيمار ڇٽو، پر شفا حاصل ڪرڻ بعد هن 5 پائليون آڻي نذر ڪيون، جيڪي ميان صاحب کيس موٽائي ڏنيون. گهر پهچڻ تي اهو شخص وري بيمار ٿي پيو ۽ مجبور ٿي جڏهن 5 رپيا کڻي آيو، تڏهن ساڳئي ئي ڏَس مان ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو.
اهڙيءَ طرح ميان صاحب جي علاج جا عجيب و غريب طريقا هئا؛ پاڻ جيڪي نذر وٺندو هو، سي مختلف ڳٺڙين ۾ ٻڌي دريءَ ۾ اڇلي ڇڏيندو هو، اُنهن مان پاڻ هڪ پائي به ڪونه خرچيندو هو. سندس وفات بعد پوين اهي ڳنڍيون کوليون، جن مان جملي چار هزار رپيا نڪتا.

(2) حڪيم مولوي محمد صديق سيتائي:
هي بزرگ معقول ۽ منقول جو وڏو ماهر هو، متڪلم ۾ مناظر ۾ به سندس جهڙو ڪو ڇڊو هوندو. اهڙيءَ طرح طب ۾ پڻ لاثاني هو، صبح کان شام تائين مريضن جو انبوهه وٽس لڳو پيو هوندو هو. مخدوم حاجي حسن الله پاٽائيءَ وٽان علومن جي تحصيل ڪئي هئائين، ۽ سيتا ۾ مدرسو کولي ويهي رهيو. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مولوي عبدالعزيز ملڪاڻي، مولوي عبدالرزاق بوبڪائي، مولوي عبدالله سيتائي، مولوي رحمت الله سيتائي، مولوي عبدالقيوم بختيارپوري ۽ مولوي عبدالرؤف بختيارپوري انهيءَ مدرسي جا فارغ التحصيل هئا.

(3) مخدوم بصر الدين سيوهاڻي:
هي بزرگ هن پوئين دؤر جو ڪامل ولي ۽ جيد طبيب هو، سندس ولايت ۽ ڪرامت جون سوين ڳالهيون سنڌ ۾ مشهور آهن. ليڪن طبي ۽ ڪيميا جي فن ۾ جيڪو کيس ڪمال هو، سو به ولايت کان گهٽ ڪونه هو. خانبهادر حاجي مولابخش صاحب سان سندس ڏاڍي روح رهاڻ هئي؛ ڪيترا صدري نسخا هن بزرگ حاجي صاحب کي ڏسيا، جيڪي اڃا تائين وٽس محفوظ آهن ۽ انهن ئي نسخن جي آڌار تي حاجي صاحب اڃا تائين جوان بڻيو وتي ٿو.

(4) حڪيم محمد يعقوب ڪؤنريجو:
هي بزرگ غالباً هو ته عطائي حڪيم، ليڪن طب ۾ ايتري خدا داد مهارت هيس جو سندس معالجات کي ڪرامت سمجهيو ويندو هو. سندس علاج جا حيرت انگير واقعا مشهور آهن.

(5) حڪيم سيد محمد اختر:
هي بزرگ اصل هندستان جي ڪنهن رياست جو، ۽ وڏي خاندان مان هو. ويهين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ ترڪ وطن ڪري، پير صالح شاهه راڻيپور واري وٽ آيو ۽ پوءِ لاڙڪاڻي جي لاهوري محلي ۾ مستقل قيام ڪيائين ۽ مولانا محمد صادق راڻيپور وارو سندس شاگرد آهي. خانبهادر الهه بخش شهيد جي والد حاجي محمد عمر مرحوم ۽ پير تراب علي شاهه سائينءَ سان سندس گهرا مراسم هئا. هن بزرگ جي طبابت ۽ علاج معالجي جون جيڪي روايتون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون، سي حيرت ۾ وجهندڙ آهن؛ سندس مزار لاهورن ۾ آهي. مولانا محمد صادق راڻيپوري ۽ خانبهادر حاجي مولابخش وٽ مرحوم جا صدري نسخا موجود آهن.

(6) حڪيم صمصام:
هن بزرگ کي مون ڪراچيءَ ۾ ميمڻن وٽ گهڻو ڏٺو: سنهو، پوڙهو، خسخسي سونهاري، هندستان جي ڪنهن چڱي خاندان سان تعلق هئس، سالن کان وٺي ترڪ وطن ڪري ڪراچيءَ ۾ اچي رهيو. سڄي زندگي ڪنهن کان پيسو ڪونه ورتائين؛ علاج مفت، کائيندو پيئندو الائي ڪهڙي خدائي خزاني مان هو، ڏاڏي سائين ۽ والد مرحوم سان ڪافي مراسم هئس، سندس نسخا اسان جي بياضن تي لکيل آهن، غالباً پاڪستان جي پهرئين ٻئي سال ۾ فوت ٿيو.

(7) حڪيم علي نواز علوي:
شاهه فقير الله علوي شڪارپوريءَ جي خاندان جو چشم و چراغ، جيد عالم، بيمثل شاعر ۽ لاثاني طبيب هو. ميان علي نواز جي والد جو نالو ميان فخرالدين هو، جيڪو پڻ جيد طبيب هو. مير علي نواز ٻين علومن سان گڏ طب تي به ڪيتريون تصنيفون ڪيون، جن مان سندس طبي مهارت سان گڏ علمي ۽ فني ڪمال جو اندازو ٿئي ٿو. سندس انتقال (1920ع)کان پوءِ نه فقط انهي گهراڻي مان حڪمت هلي ويئي، پر خاندان جو عظيم الشان ڪتبخانو، جيڪو ٻن سَون سالن کان گڏ ٿيندو ٿي آيو، سو پڻ برباد ٿي ويو.

(8) مولانا عبدالغفور همايوني:
سنڌ جي هن آخري دؤر جو جيد عالم ۾ اهلِ دل بزرگ حضرت مولانا عبدالغفور همايوني، ديني علوم جي ڪري سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور آهي، ليڪن پاڻ طب جي فن جو به ڄاڻو ۽ ماهر هو ۽ انهيءَ فن ۾ پاڻ ٻه ڪتاب تاليف ڪيائين، جن مان هڪ فارسيءَ ۾ آهي ۽ ٻيو سنڌيءَ ۾: (1) رساله در ترجمه ادويات سندي ۽ (2) لغات الادويه، فارسي.

(9) ميان حڪيم محمد بچل سنڌي:
هي بزرگ به ساڳئي دؤر جو حڪيم ۽ فاضل شخص هو. طب جي سلسلي ۾ سندس هڪ تاليف ”گنجينه حيدري“ جي نالي سان جهنڊي واري ڪتبخاني ۾ موجود آهي.

(10) حڪيم فتح محمد سيوستاني:
حڪيم صاحب مرحوم سيوهڻ جي مشهور خليفي (عباسي) خاندان مان هو. سندس والد حڪيم خليفو غلام محي الدين صاحب پاڻ به حڪيم هو، ۽ سندس اولاد به طب جي شغل کي نه ڇڏيو. خليفي غلام محي الدين جو والد حڪيم فتح محمد صاحب ڪبير، ٽالپري دؤر جو طبيب ۽ وڏي اثر رسوخ ۽ ڪمال جو صاحب هو. حڪيم غلام محي الدين کي ٽي فرزند ٿيا: حڪيم محمد زمان، حڪيم فتح محمد ۽ حڪيم قاضي عبدالقيوم. وڏي جي ٽن فرزندن مان ڊاڪٽر عبدالعزيز عباسي ۽ حڪيم غلام قادر ۽ مسٽر غلام محي الدين عباسي (انجنير) آهن. ڊاڪٽر عبدالعزيز عباسي سنڌ جو ناميارو ڊاڪٽر ۽ خاندان جي سڀني خصوصيتن جو مالڪ آهي. حڪيم غلام قادر ڪراچي ڪارپوريشن ۾ آهي. قاضي حڪيم عبدالقيوم کي چار فرزند ٿيا، جن مان وڏو حڪيم محمد اڪبر صاحب آهي. ابتدائي دؤر ۾ مطب ڪندو هو، ۽ ڪامياب طبيب هو، ليڪن سياسي چسڪو جڏهن کان لڳو اٿس، ان ڏينهن کان پنهنجي خانداني پيشي کان ڪناره ڪش ٿي، سر تاپا سياسي حڪيم بڻجي ويو آهي. سندس باقي ٽي ڀائر_ محمد اعظم، قاضي محمد عابد، ۽ محمد اڪرم_ طبابت ڪونه ڄاڻن، ليڪن سڀيئي ڀائر ذهين آهن.
حڪيم صاحب مرحوم فتح محمد سيوهاڻي 1300هه ۾ ڄاڻو ۽ ان وقت سندس والد حڪيم غلام محي الدين مرحوم جي عمر 60 ورهيه هئي. حڪيم صاحب وڏي علم ۽ اخلاق جو بزرگ هو، اسان ٻنهي ڀائرن تي خاص شفقت هيس، مکڻ جهڙو نرم ۽ ماکيءَ جهڙو مٺو ماڻهو هو، سرتاپا محبت ۽ وفا هو، مجلس جو مور ۽ علمي صحبتن جو ڪوڏيو هو. ڪراچيءَ ۾ مطب ڪندي زندگي گذاريائين. سندس مطب جومرڪز هو. علم ادب ۽ طب ۾ ڪيتريون تصنيفون ڪيائين. ”طب فتح محمدي“ طب جي فن ۾ سندس لاجواب ڪتاب آهي. حڪيم صاحب مرحوم 1360هه ۾ انتقال ڪيو، (18ڊسمبر1942ع). پنهنجي وفات کان اڳ هيٺين تاريخ چيائين، ۽ انهيءَ ئي مهل لاڏاڻو ڪيائين:
مشت خاکم بخاک پيو ستم، ”مشت خاک ست“ سال رحلت من. نهايت مختصر جسم جو، بيحد لطيف مزاج هو، حقيقت ۾ ”مشت خاک“ هو. سندس وڏو فرزند برادر عزيز حڪيم محمد احسن صاحب طيه ڪاليج جو سند يافتو ۽ ڪراچيءَ جو ڪامياب ترين حڪيم ۽ ڊاڪٽر آهي. ساڳيون پنهنجي والد مرحوم واريون خوبيون ۽ خصوصيتون اٿس. سندس وجود پڻ سرتاپا شرافت ۽ محبت آهي، صحيح معنيٰ ۾ پنهنجي والد جو جانشين آهي. سندس بيگم صاحبه ڊاڪٽر مسز عباسي، قاضي محمد اڪبر جي همشيره ۽ ليڊي هارڊنگ ڪاليج دهلي مان ايم_ بي_ بي_ ايس پاس ڪيل آهي ۽ حڪيم صاحب سان گڏ مطب ڪندي آهي، ۽ پنهنجي فن ۾ ڪامياب آهي، حقيقت ۾ ٻنهي جي ازدواجي زندگي ”قرآن السعدين“ آهي.

(11) حڪيم قائم الدين احمد:
حڪيم اجمل خان وٽ طب جي تحصيل ڪئي هئائين، ۽ سندس خاص شاگردن مان هو، جيڪب آباد ۾ مطب کوليائين ۽ سڄي زندگي دوستن ۽ انهن جي متعلقين جو مفت علاج ڪيائين. اهو ئي سبب ٿيو، جو مرحوم ڪا جائداد ڪري ڪونه سگهيو. صاحب فضيلت، دوستيءَ جو پڪو ۽ سچو، اخلاق جو بلند ۽ اعليٰ، مجلس جو مور ۽ احبابن جو فدائي هو. سڄيءَ ڄمار ۾ مون جهڙس ڪونه ڏٺو. جيسين جيئرو هو تيسين جيڪب آباد، گويا آباد ۽ شاد هئي. ڄڻ سڄو شهر پيو بکندو ۽ جر ڪندو هو. جڏهن فوت ٿيو آهي، ته ڄڻ شهر ويران ۽ ڀڙڀانگ پيو لڳي. پويان 20_25 سال اسان سان گهاڻو تعلق بلڪ عزازت کان وڌيڪ رستو هيس. جيد حڪيم، طبي فن تي قادر، تشخيص ۽ علاج جو بي مثال ماهر هو.
سندس فرزند محي الدين ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهي ٿو ۽ سندس ڀاءُ حڪيم عبدالڪريم صاحب ڪنڌ ڪوٽ ۾ مطب ڪري ٿو. رب ڪريم شل حڪيم صاحب مرحوم جي پوين کي شاد ۽ آباد رکي، هڪ عقيدت ڪيش ۽ نيازمند اهائي دعا ڪري سگهي ٿو.
اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.

(12) حڪيم شمس الدين صاحب:
دهليءَ جي طبي ڪاليج جو بهترين شاگرد، ۽ هن وقت سنڌ جو عظيم ترين حڪيم آهي. حيدرآباد ۾ مطب ڪري ٿو، ڪنهن وقت ته وڏو زنده دل هو ليڪن عمر رسيدگيءَ ۽ ڪيترن سالن جي بيماريءَ کيس وسائي ڇڏيو آهي، رب پاڪ کيس صحت ڏئي ۽ زندگي بخشيس. سندس طفيل سنڌ ۾ يوناني طب جو چرچو آهي، ورنه کانئس پوءِ اهو فن يتيم ۽ لاوارث ٿي ويندو.

(13) حڪيم محمد معاذ صاحب:
نواب شاهه ۾ مطب ڪندو آهي، وڏو صاحب اخلاق ۽ نيڪ سيرت آهي، قومي تحريڪن لاءِ سندس وجود روح جو ڪم ڏيندو رهيو، ليڪن ڪيتري زماني کان وٺي هو گوشه نشين ٿي طب جي خدمت ڪري رهيو آهي، تقريباً 60 ورهيه کن عم ٿينديس خدا شل کيس خوش رکي.

(14) حڪيم مخدوم محمد معين صاحب:
نواب شاهه ۾ رهي ٿو، بهترين حڪيم آهي، ڪن مخصوص بيمارين لاءِ ته سندس علاج تيربهدف آهي. سنڌ جي قديم حڪيمن جا نادر صدري نسخا سندس سيني ۾ محفوظ آهن. هن وقت سندس عمر تقريباً 60 ورهيه کن هوندي. طبي ڪتابن ۽ خطي نسخن ۾ سندس ڪتبخانو مشهور آهي.

(15) حڪيم فصل الله صاحب:
شڪارپور جو هن وقت وڏي ۾ وڏو حاذق حڪيم آهي. 60 ورهين جي لڳ ڀڳ ٿيندو، سندس طبي مهارت جو شهرو سڄيءَ سنڌ ۾ آهي. خدا گهڻي ڄمار کيس عطا فرمائي، جيئن حڪيم صاحب هن زوال جي دور ۾ ديسي طب جي گهڻي وقت تائين خدمت ڪري سگهي.

(16) حڪيم مولوي محمد صادق صاحب:
هي بزرگ راڻي پور ۾ رهي ٿو، وڏو صاحب ڪمال ۽ اهل دل آهي، طب ۾ مرحوم محمد اختر جو خاص شاگرد آهي. خاص صدري نسخا جيڪي هن بزرگ وٽ محفوظ آهن، سي شايد ئي ڪنهن ٻئي سنڌ جي بزرگ وٽ هجن. علم ادب ۽ شعر وسخن جو ڏاڍو درڪ ۽ سليقو اٿس. بهترين ڪتابن جو مؤلف آهي. هن وقت سندس عمر 85 ورهيه آهي، ليڪن اڃا پيو اولاد پيدا ڪري ۽ جوان پيو ڏسڻ ۾ اچي. اهو سڀ انهن نسخن جو ڪمال آهي، جن جي حڪيم صاحب ”تحفا خوري“ ڪندو رهي ٿو. دوستن، احبابن، نيازمندن ۽ عقيدت ڪيشن جي به کيس سار سنڀار لهڻ گهرجي.

(17) حڪيم در محمد خان گهمرو:
تعلقي خيرپور جي ڳوٺ مير محمد خان گهمري ۾ رهي ٿو، آبائي پيشو زمينداري اٿس، ليڪن ذاتي دلچسپيءَ خاطر طب سکيو ۽ ان ۾ وڏي مهارت پيدا ڪيائين، ۽ ڪشته جات جي سلسلي ۾ غالباً سڄيءَ سنڌ ۾ سندس ثاني ورلي لڀندو، هن وقت 55 ورهيه کن عمر اٿس.

(18) سرهندي بزرگ:
هن طويل مضمون جو اسان اختتام سنڌ جي هڪ متبرڪ روحاني خاندان جي ٻن نهايت شاندار حڪيم بزرگن تي ڪيون ٿا.
حضرت پير محمد هاشم جان سرهندي، حضرت پير خواجه حسن خان رحمـة الله عليـﮧ جو فرزند ۽ هن دؤر جو نهايت ئي قابلِ فخر حڪيم آهي، ٽنڊي سائينداد ۾ سندن رهائش آهي. ديني علوم جي تعليم هن آخري دؤر جي وڏي ۾ وڏي فاصل مولانا محمد معين اجميريءَ وٽ حاصل ڪئي. سندس طبي مهارت ۽ فضيلت، ۽ فني تجربو ۽ ڪمال، انتهائي درجي تي پهتل آهي.
پير سليم جان سرهندي، مٿئين بزرگ جو ڀاءُ آهي ۽ هن دؤر جو بهترين فارسي شاعر ۽ جيد طبيب آهي. ٽنڊي محمد خان ۾ سندس مطب آهي. وڏين خوبين ۽ خصوصيتن جو صاحب آهي.
هي داستان اگرچ طويل ٿي ويو آهي، ليڪن اڃا به تشنـﮧ، نامڪمل ۽ سرسري آهي. سنڌ جي طبي تاريخ تاريڪيءَ ۾ آهي، خدا شل ڪنهن کي توفيق ڏئي جو هن داستان جي تڪميل ڪري.

[روزانه ”مهراڻ“_ سالگره نمبر 16_ نومبر 1957ع]

شاهه عنايت شهيد جي سوانح جا ماخذ

شاهه عنايت الله شهيد جي لاڏاڻي ڪئي اڄ پورا اڍائي سؤ سال گذري چڪا آهن. روايتون، داستان، ڪهاڻيون ۽ قصا ته سوين مشهور آهن، ليڪن اها خبر ڪنهن کي ڪانه آهي ته اهو سنڌ جو عظيم المرتبت صوفي ڪڏهن هن جهان ۾ آيو، سندس ابا ڏاڏا ڪهڙي مانَ ۽ مرتبي وارا هئا، سندس پنهنجي تعليم ۽ تربيت ڪٿي ۽ ڪيئن ٿي، زندگيءَ جي ابتدا ڪهڙيءَ ريت ڪيائين، طريقت ۽ سلوڪ جون ايتريون ۽ ايڏيون بلند منزلون ڪنهن جي نظر ڪرامت اثر هيٺ طئي ڪري، انهيءَ درجي تي پهتا، جو اڄ تائين نه فقط سندس پنهنجي خانقاهه عرفان ۽ ايقان جو سرچشمو آهي، بلڪ سندس سلسلي جون ٻيون به ڪيئي درگاهون _ سنڌ، خواهه سنڌ کان ٻاهر_ اڄ به پرت جي پانڌيئڙن لاءِ دل جي سڪون ۽ روح جي راحت جو سبب آهن.
پوين کي ڪهڙو ڏوهه ڏجي، خود انهيءَ دؤر، يا ان کان پوءِ ويجهي زماني ۾ به، شاهه شهيد جي سوانح ڪنهن قلمبند ڪانه ڪئي_ جڏهن سندس صحبتي موجود هئا، ۽ اهي جيئرا هئا، جن کين ڄمندي ڏٺو، تعليم پرائيندي ڏٺو، ۽ معرفت جون منزلون طئي ڪندي ڏٺو، ۽ سندس شهادت جو جانگداز ۽ جانڪاهه واقعو جن جي اکين آڏو ٿيو. اڄ اڍائي سؤ سالن جي طويل زماني گذرڻ بعد ڪير آهي، جو اسان کي اهي سڀ حال احوال ٻڌائي، ۽ ڪهاڻين ۽ داستانن، روايتن ۽ ڏند ڪٿائن منجهان سوئي سموهي اسان کي اصل حقيقت کان آگاهه ڪري.
شاهه شهيد جنهن دؤر ۾ شهادت جو جام نوش فرمايو، اهو دؤر هند خواهه سنڌ ۾ مغل سلطنت جي زوال جو زمانو هو. عالمگير 1118هه ۾ فوت ٿيو، ۽ پٺيان پٽن ۽ پوٽن جو هڪ لشڪر ڇڏي ويو. جيڪا روايت تخت حاصل ڪرڻ لاءِ هن پيءُ کي جيل ۾ وجهي پاڻ قائم ڪئي هئي، برادرڪشيءَ جو دستور جيڪو هن پاڻ جاري ڪيو هو، سندس جهان ڇڏڻ بعد سندس اولاد به اهو چالو رکيو. تخت ۽ تاج جي حصول لاءِ هندستان اندر اها ڪشت و خون ٿي، ايڏو هنگامو برپا ٿيو ۽ برادرڪشيءَ جو اهو دور دورو هليو، جو مغلن جي مستحڪم ۽ عظيم سلطنت جا پرزا پرزا ٿي ويا. 1118هه کان 1124هه تائين چار شهزادا تخت نشين ٿيا. شاهه عالم بهادر شاهه اول ٻن سالن جي ڪشت و خون ڪرڻ بعد جڏهن لاهور ۾ مئو، ته خانه جنگيءَ جي باهه ۾ ڪنهن کي سندس ڪفن دفن جو خيال ڪونه رهيو، ۽ برابر هڪ مهينو بادشاهه سلامت جو لاش لاوارث پيو رهيو. سندس ئي زماني لاءِ ضرب المثل مشهور هئي ته ”شاهه عالم از دلي تا پالم“، يعني فقط دهليءَ کان پالم تائين سندس حڪم هلندو هو، باقي سڀ ٿيو ڀلو. کانئس پوءِ، سال کن لاءِ معزالدين جهاندار شاهه تخت تي آيو. بيڪار، عياش، ۽ انهيءَ حد تائين فضول هو، جو سلطنت جو سڄو ڪاروبار لال ڪنور نالي، سندس هڪ رنگيلي سينڌي هلائيندي هئي؛ جنهنڪري بادشاهت جو رهيو کهيو وقار، رعب ۽ مانُ به هليو ويو. رنگيلن، رذيلن، دهلارين ۽ ميراثين کي وزارتون، صوبيداريون ۽ فوجي عملداريون مليون، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو شرابن ڪبابن، ۽ دهلن دمامن جو انتظام ته بهتر ٿي ويو، باقي سلطنت جو نالو نشان ميٽجي ويو. ڪامورخان لکيو آهي ته ”سندس زماني ۾ باز جي آکيري ۾ چٻرا آباد ٿيا ۽ بلبل جي جاءِ ڪانءَ اچي ورتي.“ سال کن اهو رنگ رهيو، جنهن بدعد فرخ سير بن عظيم الشان بن شاهه عالم بن اورنگزيب عالمگير، انتهائي سفاڪيءَ ۽ بيرحميءَ سان کين مارائي، پاڻ تخت تي قبضو ڪيو. اهو سڀڪجهه 1118هه کان 1124هه تائين، 6_7 سالن ۾ ٿيو. فرخ سير 1124هه کان 1131هه تائين رهيو. اهي اٺ سال ئي حڪومت جي حالت اڳ کان به ابتر رهي. قتل، خون، غارتگري، سازشون، منصوبا، بي عملي، قحط ۽ سڃائي، مطلب ته اهڙي ڪابه برائي ڪانه هئي، جيڪا سندس دؤر ۾ نه ٿي. سڃائيءَ ۽ بي وقاريءَ جي حالت انهيءَ حد تي وڃي پهتي، جو خزانو خالي ۽ بادشاهه بيحال، بزدل ۽ بي همت ٿي ويو. انهيءَ زماني جي مشهور ظريف شاعر، جعفر زٽلي، هڪ ئي شعر ۾ سڄي ماحول جو نقشو چٽي ڇڏيو آهي: ”سکه زد بر گندم موڻهه و مڻر، بادشاه پشه کش فرخ سير“ (1).
انهيءَ ئي بادشاهه جي آخري ڏينهن ۾ جهوڪ شريف جي جنگ ۽ شاهه شهيد جي قتل جو واقعو پيش آيو(1).
مرڪز جي انهيءَ طوائف الملوڪيءَ، بدحاليءَ ۽ بي وقاريءَ جو اثر مغل سلطنت جي جيئن ٻين صوبن تي پيو، تيئن سنڌ تي به ٿيو، ۽ هتي به حڪومت جو رعب، دٻدٻو ۽ وقار ختم ٿي ويو. مقامي قوتون جيڪي اڳ دٻيون پيون هيون، سي اڀري آيون. سنڌ تي ڪلهوڙن جو اثر وڌي ويو، جنهن اڳتي هلي آزاد حڪمرانيءَ جي صورت اختيار ڪئي. 1118هه کان 1131هه تائين، چوڏهن سالن ۾، پورا نَوَ صوبيدار دهليءَ کان سنڌ تي آيا. جن مان ڪو سال ته ڪو چند مهينا هتي رهيو. خود فرخ سير جي زماني ۾ چار صوبيدار آيا ۽ ويا. جن مان هڪ صوبيدار عطرخان، ٺٽي جي ٻئي صوبيدار مير لطف علي خان رضويءَ سان وڙهندي، ٺٽي ۾ قتل ٿي ويو. ٻه سال کن اهو جنگ و جدل ٺٽي جي شهر ۾ هليو، جنهن شهر تي ايڏي تباهي آندي، جو انهيءَ دؤر جي شاعرن ان تي شهر آشوب لکيا. قحط، بدحالي، شريفن جي بربادي ۽ رذيلن جي پوئواري هتي به اهڙي ئي پيماني تي ٿي، جهڙي دهليءَ ۾ ٿي رهي هئي. رات_ ڏينهن ٺٽي ۾ سازشون ۽ منصوبا هلي رهيا هئا. هڪٻئي جي پٽڪي لاهڻ جي فڪر ۾ ماڻهو سرگردان هئا. نوان پراڻا وير ورتا ٿي ويا. ٺٽي جي بدحاليءَ، ويرانيءَ ۽ ملڪي انتشار جي جيڪا حالت ٺٽي جي شاعرن چٽي آهي، تنهن کي ڏسيو تعجب وٺيو ٿو وڃي.
جڏهن حڪومت جو تنزل ٿيندو آهي، ماڻهو بي عمل، حاڪم بيوقار، ۽ ڪاهلي ۽ سستي زندگيءَ جي رڳ ۽ ريشي ۾ اچي ويندي آهي، عمل ۽ زندگيءَ جون سموريون قوتون ختم ٿي وينديون آهن. ان وقت سڄو ماحول مضحڪ خيز ٿي پوندو آهي. مذهب جو حقيقي روح به انهيءَ دؤر ۾ موڪلائي ويندو آهي، ۽ ان جي بيجان جسم تي خوامخواهه جي جهنجهوڙ پيئي هلندي آهي. واندڪائيءَ جي ورونهن لاءِ فروعي مسئلا اهميت حاصل ڪري ويندا آهن. انهن تي مباحثو ۽ مناظرو هلي، آخر جنگ و جدل جو روپ اختيار ڪندو آهي.
شاهه شهيد اهڙي ماحول ۾ دکن کان هتي اچي پهتو، ۽ پهچڻ سان خلق جي رجوعات ڏانهس انهيءَ حدتائين ٿي، جو پاسي پلؤ جون خانقاهون ۽ سجادا هڪ طرف دهلجي ويا، ته مذهبي اجاري دارن جي ايوانن ۾ ٻئي طرف زلزلو اچي ويو. ڪلهوڙن جي جيڪا قوت، پيريءَ جي پوشاڪ ۾ حڪومت جا خواب ڏسي رهي هئي، ان کي ٽئين طرف ڏڪڻي وٺي ويئي. مرڪزي حڪومت عقل جي انڌي، حالتن کان بيخبر، پرمتڙي ۽ پَر ٻُڌڙي هئي، ۽ صوبي جا رکپال فضول، ناڪارا ۽ ناعاقبت انديش هئا. الغرض، انهن سڀني ڳالهين گڏجي، سنڌ جي هن عظيم الشان صوفي سڳوري ۽ محبت ۽ پريت جي هن پيغامبر جي شهادت آندي.
انهيءَ واقعي، خواهه شاهه شهيد جي سوانح ۽ سيرت جا تفصيل ڪونه ٿا ملن. ڇاڪاڻ ته نه انهيءَ زماني ۾ ڪنهن سوانح قلمبند ڪئي، ۽ نه ان کان پوءِ ڪنهن انهيءَ طرف توجهه ڏنو. خدا ڀلو ڪري سنڌ جي بالغ نظر ۽ وسيع المشرب مؤرخ، مير علي شير ’قانع‘ جو، جنهن پنهنجن ڪتابن ۾ جيتوڻيڪ مختصر ۽ مجمل، ليڪن وري به شاهه شهيد لاءِ ڪي قدر احوال قلمبند ڪيو، ورنه ايتري احوال کان به اسان محروم هجون ها. اڄ ڪم از ڪم شاهه شهيد جي چند پيڙهين جا نالا معلوم ٿين ٿا. اها خبر پوي ٿي ته اهو گهراڻو پشتن کان علم ۽ ايقان، خدا آگاهيءَ ۽ معرفت جو سرچشمو رهندو ٿي آيو. ۽ خود شاهه شهيد، معرفت ۽ سلوڪ جي سڀا جو صدرنشين هو، ۽ سندس شهادت ڪيئن ۽ ڪهڙن اسبابن جي بناءَ تي ٿي.
اسين هن هيٺ مير علي شير جي ڪتابن جا اهي جنسي اقتباس پيش ڪريون ٿا، جن جو واسطو شاهه عنايت ۽ ان جي خاندان سان آهي. ازانسواءِ ڪن اهڙن ماخذن جو ذڪر به آخر ۾ ڪري رهيا آهيون، جيڪي هن وقت تائين عام جي اکين کان ٽريل هئا. پڙهندڙن کي تمهيد ۾ پيش ڪيل ملڪي ۽ سياسي ماحول کي ذهن ۾ رکي، هيٺين اقتباسن جو مطالعو ڪرڻ کپي.

(1) مقالات الشعراءَ:
شاهه شهيد جي سلسلي ۾ سڀ کان پهرين اسان کي مير علي شير ’قانع‘ جو مرتب ڪيل شاعرن جو هيءُ تذڪرو ملي ٿو، جيڪو شهادت جي واقعي کان 44 سال پوءِ، 1174هه تائين مڪمل ٿيو؛ ۽ جنهن ۾ مؤلف، نواب اعظم خان جي دؤر ۾ شهادت جي واقعي جو مختصر ذڪر ڪيو آهي.
اهو نواب، فرخ سير جي دؤر ۾، مير لطف علي خان جي معزوليءَ بعد، 1128هه ۾ ٺٽي ۾ آيو ۽ 1131هه تائين رهيو. مير صاحب لکيو آهي ته ”سندس قدم ملڪ ۾ سخت نڀاڳو هو. هڪ ته ملڪ ۾ سخت ڏُڪر ۽ ڏوجهرو پيدا ٿيو، ۽ ٻيو مصيبت جو ڪم اهو ٿيو، جو هن شاهه عنايت الله کي شهيد ڪرائي ڇڏيو“.
مير علي شير، شاهه شهيد جو ذڪر هيٺين القابن سان شروع ڪيو آهي:
”شيخ حق شناس، شريعت اساس، آهُوي صحرا گرد طريقت، خمخانهء وحدت، جوش حقيقت، ساقيء سرمست، بزم ارشاد، ساغر سرشار، بادء جواد، آئينهء معرفت مجردي، رهنماي ملک بيخودي، از کثرت يکتاي گزين، بمحفل خلوت نشين، صوفيهء راه، شاه عنايت الله“. انهن القابن ۽ خطابن مان مؤلف جي قلبي جذبات ۽ اندروني احساسات جو پتو پئجي سگهي ٿو. مير صاحب شاهه شهيد جي چند پيڙهين جو نسب نامو هن طرح لکيو آهي:
شاه عنايت الله بن مخدوم فضل الله بن شهاب الدين بن ملا يوسف بن ملا آجب بن مخدوم خداآگاه، حضرت صدو لانگاه.
شهادت جي واقعي جو احوال هن طرح لکي ٿو:
شاهه عنايت الله، صوفي مشرب فقيرن جي جماعت ۽ صلح مذهب خادمن جي گروهه سميت، هڪ مدت کان پنهنجي قديمي ڳوٺ جهوڪ، جنهن کي ميرنپور(1) به سڏجي ٿو ۽ غازياهه جي ڪناري تي بٺوري پر ڳڻي ۾ آهي، ياد الاهيءَ ۾ زندگي گذاريندو هو ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي خانقاهه جو گذر_ بسر انهيءَ زرعي زمين کي آباد ڪري، ڪندو هو، جيڪا سندس گهراڻي کي تيموري سلطانن کان معافي ڍل سان مدتن کان وجـﮧ ُ معاش لاءِ مليل هئي.
بلڙيءَ جي سيد، ميان عبدالواسع بن عبدالغني بن سيد عبدالدليل بن سيد دين محمد بن سيد عبدالڪريم، جيڪو پڻ انهيءَ ساڳئي پرڳڻي جو رهاڪو هو ۽ هدايت و معارف آگاهه، الواصل با الله، مقبول بارگاهه احد، گزيدهء درگاهه حمد، زندهء جاويد لطف جي قديم، ميان عبدالڪريم عليـﮧ رحمـة الملڪ العليم جي خاندان مان هو، نفسيات جي چڪر ۾ اچي، (شاهه عنايت الله) سان وير وڌو. (سبب اهو ٿيو، جو) اڪثر فقير جيڪي سندس سلسلي جا هئا، تن وڌيڪ فيض حاصل ڪرڻ خاطر، صوفي بزرگ جي آستاني ڏانهن ڇڪ کاڌي. (انهيءَ سيد) پاڙي جي ٻين اربابن ۽ رئيسن سان ٻڌي ڪري، ٺٽي پهچي، مير لطف علي خان(1) کي دانهن ڏني. جنهن هم قبيلي هجڻ سبب (يعني سيد هجڻ ڪري) ۽ ساداتن سان تعلقات هئڻ جي بناء تي کين اجازت ڏيئي ڇڏي ته هو انهيءَ معاملي کي جيئن وڻين تيئن پاڻ وڃي طيءِ ڪن.
نور محمد ولد منبو بن راڌو بن پليجو، پليجار جو زميندار، جيڪو ابوجهل جي اولاد مان هو، پنهنجي دلي مقصد جي پورائيءَ لاءِ، موڪل ملڻ بعد پاسي پلؤ، اوڙي پاڙي ۽ جابلو ماڻهن کي اڪيچار تعداد ۾ گڏ ڪري، اوچتو ئي اوچتو صوفي سڳورن جي شهر تي وڃي ڪڙڪيو.صبر جي صاحبن، جڏهن وڌيڪ صبر ڪرڻ غير مناسب سمجهيو، تڏهن ٻاهر نڪري اچي ساڻن ڀتا ۽ ڪيترن شهادت جو شربت پِي، پنهنجي جان کي پنهنجي مخدوم تان صدقو ڪري، رهائي حاصل ڪئي(2). شهيد ٿيل فقيرن جي وارثن، بادشاهه جي بارگاهه ۾ (غالباً دهليءَ وڃي) فرياد ڪئي.

و کتبنا لهم فيها ان النفس بالنفس، و العين بالعين،
و الانف بالانف، والاذن بالاذن، والسن بالسن، والجروح قصاص
جي مطابق، ڏوهن لاءِ قصاص جو حڪم وٺي آيا، ته هو شاهي درٻار ۾ پهچي بيگناهن جي خون جي جوابدهي ڪن. ڏوهين انهيءَ فرمان تي عمل ڪونه ڪيو؛ جنهنڪري سندن زمينداريون ضبط ٿي شهيدن جي وارثن کي خون بها ۾ مليون. جنهن بعد اوڙي پاڙي جا غريب ۽ مسڪين، زميندارن جي ظلم ۽ آزار کان ڇٽي، انهيءَ اهل الله جي آمان ۽ پناهه هيٺ خير جو وقت گذارڻ لڳا.
حمل ولد لاکو جت پڻ انهيءَ گروهه جو دشمن هو؛ جنهن سندن خلاف پنهنجي همخيال ماڻهن کي اڀارڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. انهيءَ وچ ۾ انبوهه ماڻهن جا فقيري اختيار ڪري، ۽ ڪن زماني جي ڏاڍائين سبب، امان حاصل ڪرڻ خاطر، (خانقاهه ۾) اچي گڏ ٿيا. قال، حال ۽ توحيد جو غلغلو پيدا ٿي ويو، ۽ روز بروز فقيرن ۽ طلبگارن جو تعداد وڌندو ويو.
بيخوديءَ واري جنس جي قيمت پر کيندڙ هن صراف، اهو حال ۽ ان جو مال ڏسي، پنهنجي زبان ڪرامت ترجمان مان فرمايو ته ’اسين عشق جي بازار ۾ انهيءَ سودي لاءِ ڪونه آيا هئاسين ۽ نه اهڙي هل هنگامي ۽ شور و غل جي ڪا آرزو هئي.
چو خود کردند سر عشق خود فاش، ”عراقي“ را چرا بدنام کردند. ليڪن، مطابق ڪلام ڪرامت پيام، حضرت شاهه اولياء ڪرم الله وجهه،
”عرفت ربي بفسخ العزائم“ جي، ڄاتم ته اختيار جي ڏور انهيءَ مالڪ مختار جي هٿ ۾ آهي، جاڏي گهري اوڏانهن موڙي، ۽ جنهن رستي تي چاهي ان تي هلائي.
يفعل الله ما يشاءُ و يحڪم ما يريد.‘
ان عرض حال ۽ قال جو چرچو ۽ چهچٽو وڌي ويو، و حدت وارو شراب سينن جي مٽڪن مان جوش کائي ٻاهر نڪرڻ لڳو، ۽ هر هڪ دور وديوار مان ”همه اوست“ جي صدا اٿڻ لڳي.
انهيءَ زماني (1128هه) ۾ اعظم خان(1) صوبي جو ناظم ٿي آيو، جنهن اچڻ سان فقيرن کان معافي_ زمين جي ڍل اڳاڙڻ جي تقاضا ڪئي. جنهن تي فقيرن شاهي معافي هئڻ سببان ڍل ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ناظم کي انهيءَ تي ڪاوڙ لڳي، ۽ جيڪي ڪيني پرور ۽ مدعي ماڻهو موقعي جي تاڙ ۾ هئا، تن کي به وجهه ملي ويو. پيشڪارن ۽ متصدين جي مشوري سان بادشاهه جي خدمت ۾ عريضو موڪليو ويو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته ”فقيرن بادشاهي حاصل ڪرڻ جي سِٽ سِٽي آهي، ۽ ’خليفـة الله‘ (يعني بادشاهه) جي حڪمن مڃڻ کان انڪاري آهن“.
غفران منزلت، ميان يارمحمد ملقب بخدايارخان بن نصير محمد بن الياس بن دائود بن آدم ڪلهوڙي ۽ ٻين سڀني زميندارن ۽ اربابن ڏانهن_ جن جي فقيرن جي جماعت سان پراڻي عداوت هئي_ حڪم پهتا. پڻ سيوي ۽ ڍاڍر جي خوجن کي به گهرايو ويو. اهڙيءَ طرح ايتري فوج گڏ ڪئي ويئي، جو شمار ڪونه ٿِي ٿِي سگهيو. ماڪوڙين وانگر هَشام ۽ ارﱞدهام اچي مڙيا. اهي سڀيئي فقيرن جي مسڪن تي اچي پرٽيا.
خادمن (بزرگ کي) گهڻو ئي عرض ڪيو ته پهچڻ کان اڳ، واٽ تي پهچي کين منهن ڏجي؛ ليڪن شاهه خدا آگاهه اڳرائي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني، ۽ ڪنج عزلت اندر ياد الاهيءَ ۾ مشغول ٿي، خدائي ڪارخاني جي تماشي جو انتظار ڪرڻ لڳا. تان جو لشڪر پهچي، سڄي شهر پناهه کي وڪوڙي ويو، ۽ چئني طرفن کان هاٿيءَ جيڏيون توبون تيار ڪري بيهاريون ويون.
”اقتل الموذي قبل الايذا“ جي حڪم مطابق، 18_ ذيقعد 1129هه جو، اڃا رات جو چوٿون پهر باقي هو، جو (خاموشيءَ سان) قلعي مان نڪري، هٿيارن پهنوارن جي ڪميءَ هوندي به، ڪاٺ جي مُٺن واريون تراريون کڻي، فقير مخالف لشڪر تي اچي پرٽيا، ۽ اهڙو وڙهيا جو رستم جو پتو به هوند خوف کان ڦاٽي پوي. ڪيترا مخالف اجل جو شڪار ٿيا ۽ جيڪي بچيا، سي
کانهم حمر مستنفرة فرت من قورة(1).
جي مصداق اٿي ڀڳا. خبر نٿي پين ته ڪاڏي وڃن يا ڪنهن سان وڙهن. ”شاڪت الوجوه“(2) جي سرائي اکين ۾ گهميل هين، ۽ ”وما رميت اذا رميت ولا کن الله رميٰ“(3) جو تير جگر ۾ پيوست هئن.
انهيءَ ڀاڄڙ ۾، اچتو هڪ فقير کي پير ۾ ڪاٺي لڳي، جنهن تي سندس زبان مان ”يا الله، جي صدا نڪري ويئي. سڀني فقيرن پنهنجي دستور مطابق انهيءَ صدا تي ”الله! الله!“ جو نعرو بلند ڪيو، جنهنڪري دشمن جي فوج کي خبر پئجي ويئي ته اهو حملو فقيرن جي جماعت جو آهي، ۽ هنن مُڙي فقيرن تي ايڏي زور سان حملو ڪيو جو کين هزيمت کائڻي پئي.
شاهه عنايت الله فقيرن کي جهلي ڇڏيو هو ته هو ڪوبه نعرو نه هڻن، ۽ جيڪڏهن ”من سڪت سلم“ جي وصيت تي عمل نه ڪندا ته شڪست کائيندا. ليڪن تقدير اڳيان ڪنهن جو چارو!
آخر ڪار چار مهينا اهو محاصرو هليو، ۽ ”اشد البلاء علي الانبياء ثم الامثل ٽم الامثل“(4) جي مصداق جماعت قلعي بند، سختيءَ ۾ رهي؛ 3_ صفر 1130هه جو نيٺ ”السيف آخر الخليل“(1) تي ڪاربند ٿي، شوق الاهيءَ ۾ سرمست ۽ مشيت نامنتائي تي آمادو ٿي، سڀني فقيرن سميت مقابلي لاءِ ٻاهر نڪتا_ تاڪ قدرت جي مرضيءَ ۽ منشا جو مشاهدو ماڻجي.
مدعين جون تراريون ماٺيون هيون. فقيرن جي مقابلي ۾ مخالفن جي پاسي جو پلؤ هيٺ هو، تنهنڪري هنن حيليبازيءَ ۽ مڪاريءَ کان ڪم ورتو. محمد خان ولد خدا يار خان (ڪلهوڙي) ۽ شهداد بلوچ(2) وغيرهه سپهه سالارن ڪلام مجيد وچ ۾ آڻي، فقيرن جي گروهه سان واعدو ڪيو ته بزرگ جيڪڏهن نواب (اعظم خان) اڳيان اچي پيش ٿيندو ته هر ڪنهن جي جان ۽ مال محفوظ رهندو.
اجائي ڪشت و خون ٿيڻ کان پرهيز ڪندي، آخر انهيءَ واعدي تي لڳي، 15_ صفر 1130هه تي بزرگ (نواب وٽ) اچي پيش ٿيو. ”اولائک کالانعام بل هم اضل سبيلا“(3) جي مصداق ”فمن نکث فانما ينکث علي نفسـﮧ“(4) تي عمل ڪندي، مدعين واعدن کي پٺيءَ پاڏنهن اڇلائي ڇڏيو.
مير علي شير مرحوم انهيءَ جاءِ تي وضاحت ڪانه ڪئي آهي ته بزرگن سان نواب، ان وقت ڪهڙو سلوڪ ڪيو. ليڪن اڳتي هلي جيڪي عبارتون آيون آهن، تن مان ظاهر ٿئي ٿو ته بزرگن کي گرفتار ڪري ٺٽي آندو ويو ۽ ڪجهه عرصي بعد کين شهيد ڪيو ويو، شهادت جو واقعو، مير علي شير هيٺئين ڪنايي ۽ تلميح سان بيان ڪيو آهي:
”جڏهن انهيءَ وارستهءِ ازل، دنيا جي پنجن وقتن تي چار تڪبيرون هڻي، حواس خمسه کي وداع چيو ته پنجن عددن جي ڪميءَ سان، جيڪي حواس خمسه جي نڪرڻ ڏانهن اشارو ڪن ٿا، ”ما قتلوه يقيناً بل رفع“(1) مان 1130 کان 1135هه جا لفظ، تاريخ لاءِ نڪتا. ”آه مظلوم حق“ مان به اهو سال (1130هه) بر آمد ٿئي ٿو، ۽ راقم جي هيٺئين بيت جي آخري مصرع مان پڻ ساڳيو سال نڪري ٿو:
کلک ’قانع‘ خادم خدام آن ذوالمجد و همم،
”بوده قطب عهد خويش او“ سال وصلش زد رقم.“
_1130هه
’قانع‘ مرحوم، ان کان پوءِ نواب اعظم خان ۽ شاهه شهيد جي وچ ۾ (ٺٽي ۾) جيڪي سوال جواب هليا، سي هن ريت ڏنا آهن. لکي ٿو ته سوال جواب جيڪي ٿيا، تن جو قصو ته ڊگهو آهي؛ حافظ جي بيتن، قرآني آيتن خواهه حديثن کان علاوه، ٻيو هڪ به اکر شاهه شهيد جي زبان مان ڪونه ٿي نڪتو. مثلاً، ٿوري ۾، هن طرح سوال جواب هليو:
ناظم سوال ڪيو: تو اها شورش ڇو برپا ڪئي؟
پاڻ هيءَ رباعي جواب ۾ چيائون:
آن روز که توسن فلک را زين کردند، آر ايش مشتري ز پروين کردند؛
اين بود نصيبِ ما ز ديوانِ قضا، مارا چه گنـﮧ! قسمتِ ما اين کردند،
شيخ محمد رضا شاعر نواب جو همراهي هو، تنهن وچ ۾ ورندي ڏني:
دوست بيدار بشو، عالم خوابست اينجا،
حرف بيهوده مگو، پاي حسابست اينجا.
پاڻ فرمايائون:
درکوي نيک نامي ما را گذر نداند،
گر تو نمي پسندي تغير کن قضا را.
نواب چيو: هاڻي مصيبت اچئي ٿي، تيار ٿيءُ !
پاڻ چيائون: البلاء للولاءِ کاللهب للذهب“ (1)
نواب چيو: پاڻ کي بدنام ڪري، مصيبت جي تير جو ڇو نشانو بڻايئي؟
پاڻ فرمايائون:
عاشق چه کند گر نکشد بار ملامت، با هيچ دلاورِ سپر تيرِ قضا نيست.
نواب چيو: هن وقت تون ڪُسين ٿو، تڏهن به ڊيگهه ڪونه ٿو ڇڏين.
پاڻ چيائون:
هرگز نميرد آنکه دالش زنده شد بعشق، ثبت است بر جريدهء عالم دوام ما.
نواب چيو: ”اولوالامر“ جي حڪم کان تو ڇو منهن موڙ ڪئي؟
پاڻ فرمايائون:
مان مريدان رو بسوي کعبه چون آريم، رو بسويء خانهء خمار دارد پيرِ ما.
نواب چيو: ٻڌاءِ، هاڻي ڪهڙي آرزو اٿئي؟
شاهه شهيد فرمايو:
من هماندم که وضو ساخته از چشمهء عشق،
چار تکبير زدم يکسره بر هرچه که هست.
جڏهن کين جيل ۾ بند ڪيو ويو. ان وقت هي بيت پڙهيائون:
ساقيا برخيز در ده جام را، خاک برسر کن غم ايام را.
جڏهن شهادت جو پيالو پيئڻ لڳا، ان وقت زبان حال سان فرمايائون:
رهانيدي مرا از شرِ هستي، جزاک الله في ادارين خيرا.
بزرگ جي طالبن ”يا ايها الذين آمنو اذڪرو الله ذڪرا“(1) جي مصداق، توحيد جو دم هڻندي، دمبدم تيغ بيدريغ جي اڳيان پنهنجي ڳچي آندي ٿٻي.

در مطبخ عشق جد نکو را نکشند، لاغر صفتان زشت خو را نکشند؛
گر عاشق صادقي! ز کشتن مهراس، مردار بود هر آنکه، او را نکشند.

مير علي شير لکيو آهي ته ’ان کان پوءِ (يعني شهادت کان پوءِ) نواب شهر ۾ پڙهو گهمارائي ڇڏيو ته ڪوبه ماڻهو ”يا الله!“ جو نعرو نه هڻي، ۽ جيڪو حڪم عدولي ڪندو، ان کي ترار جي ڌار تي رکيو ويندو“.
فاعتبرو يا اولو الابصار!“
مير’قافع‘ لکي ٿو ته ”سبحان الله، خالق جا رنگ آهن، پنهنجي نالي وٺندڙن کي ڪهاڻي ڇڏي ٿو. ليڪن عشقبازن جو مقام آهي ئي اهو.
منه پا بوالهوس در عشق کين ره بس خطرناک است،
درين منزل سر عاشق فتاده بر سر خاک است“.
”مقالات الشعراء“ ۾ شاهه شهيد جي فقط هڪ مريد مير جان الله شاهه رضويءَ جو ذڪر آيو آهي، ۽ سندس ”ساقي نامه“ جا اهي شعر به ڏنا اٿس، جيڪي شاهه شهيد جي سلسلي ۾ آهن. مير صاحب لکي ٿو:
”سر گروه مشائخ کرام، زبدهء اولياءِ ذوالاحترام، صاحبي سلسله سنيه، ذکر اذکار خفيه و جليه. يعني مير جان الله شاهه رضوي بکري، شاهه شهيد جي مريدن مان آهي، ۽ اڃا تائين (1174هه) ايقان جي ساڳيءَ واٽ، ۽ عرفان جي انهيءَ مسلڪ جو سالڪ ٿيو، پنهنجي ڳوٺ (روهڙيءَ) ۾ هڪ جهان کي ارشادن ۽ اذڪارن جي ذريعي، مٿينءَ واٽ تي لائي رهيو آهي“.
انهيءَ ڪتاب تيار ٿيڻ وقت مير صاحب اڃا حال حيات هو. مرشد جي ڳولا ۾ جيڪو پاڻ ”ساقي نامه“ چيو اٿس، ان جو هيٺيون اقتباس مير علي شير ڏنو آهي،(1)
دم تحقيق در جانم اثـــر کـــــــرد، بجستجو دل ديــــوانه ســـــــر کـــــــرد.
تفحص گير پيران گشتم از جان، نشان جستم زهر کوه و بيابــــان.
جنون را مشتري گرديد هـــوشم، شکيباي بغـــارت دار جـــــــوشـــــــم.
محبت کرد اسباب سفر راست، دل از خط وطن في الفور برخاست.
طلب از شوق در آتش نشاندم، گلِ و حشت بفرقِ دل فشانـــــــدم.
چو بويء گل بغربت سر کشيدم، دل آشـــــفـــــتـــــه در بـــــر مـــــيدويدم.
گـﮧ از دريا طلب کردم بخــاري، گــــــﮧ از کهسار ميجستم شـراري.
دماغم شد ز سودايءِ طلب خشک، بهر آهو نشان ميجستم از مشک.
_____
نمي آسودم از بي تـــــابـــــيءِ دل، دوان چون موج از ساحل بساحل.
چو نقشِ پا بهر راهي که رستم، نشانِ گلشن مقصود جـــــســـــتـــــم.
گهي از گريه در دريــــــا فـــــتـــــادم، گـﮧ از آهي بصر صر سر نهـــادم.
”بسيوستان“ رسيدم دردمنـــدي، طلبگـــارِ جـــــمـــــال هـــــوشـــــمنـــــدي.
تماشاي ”قلـــندر“ کـــــردم آنجـــــا، هوايء فقر درس کـــــردم آنـــــجـــــا.
بسي ديدم در آنجا ”هائي هوئي“، نـــــديـــــم از گـــــلِ مقصود بـــــوئــــي.
نديدم مرهم آنجــا ريـــش دلـــــرا، سـراسيمه کشيدم ســـــر بصحـــــرا.
بچشم خونفشان و چهره کاهي، شدم در آب سويء ”تته“ راهــي.
سر از شور طلب لــــبـــــريز ســـــوادا، بصد رنگم پريـــــشـــــانـــــي مهيـــــا.
گهي نوميد در حسرت نشستم، گهي سير عرب را نقش بســـتم.
بديسان بــــود روزم بـــــيـــــقــــراري، شبم مير فت در اختـــر شمـــــاري.
شنيـــدم در سواد سند پيريست، ز پـا افتاد گـــــان را دستگيريست.
نشسته بـــــر ســـــريـــــر اوج ارشـــــاد، دلِ غم کشتگان را ميکند شـــاد.
کشيده خويش رابيرون ز کثرت، چکان در جام جان سرجوش وحدت.
چو دريا موج زن پيوسته جامش، کدوي مستفيض فيض عــامـــــش.
فتان خيزان بدان سوره گــــــرفتم، سراغِ گلشن آن شهه گـــــرفـــتـــــم.
رسيدم بر در........................، طلبگـارِ جـــــمـــــال جـــــانـــــفـــــزايـــــش.
خبر کـــردند نـــــزديکـــــانِ درگـــــاهه، کـــــز اينسان آمــده شوريده از راهه.
چو مشتاقان سراپا شوق خدمت، تمـــــنـــــا مـــــيـــــکــــند ديدارِ حضرت.
بـــجـــــوش آورد دريـــــاي کـــــرم را، اشارت کرد کاريــد آن درم راهـــــه.
ز سرپا ساخته در پيش رفـــــتــــــم، جمالش ديدم و از خويش رفــتم.
دل و ديده همه محـــو لـــــقـــــايـــــش، ســـــرِ آشفته افگنـــــدم بـــــپـــــايـــــش.
بلطف و مرحمت بنشاند پيشم، کرم کرد از نواز شهاي خـــويشم.
باستفسار احوالم بــــــپـــــر داخـــــت، دلم ممنون اخلاق حسن ســـــاخت.
کمالي ديدم از حـــــد بـــــشــر دور، دل و جان در هوايءَ عشق رنجور.
مجســم صــــــــــورت نـــــورِ الاهـــــي، تماشا کرد اشـــــيـــــا را کـــــمـــــاهـــــي.
محقق عارفي کـامـــــل عـــــيـــــاري، بــــــهـــــارِ حـــــســـــن را آئـــــيـــــنه داري.
مُـــــبـــــرهــــــن از رخش انوارِ عرفان، مُـــبين در دلـــش اســـــرارِ رحـــــمـــــان.
کشيده خويش را بيرون ز تلوين، نشــسته بر سريرِ عـز و تمکـــــيـــــن.
درون مجذوب بيرون سالکِ وقت، بــروزِ معرفت شد مــالـــــکِ وقـــــت.
بذات اندر صفات خويش ساري، تـصرف بر همه اکـــــوانـــــش جـــاري.
بـــــراهِ مستقيـــم شـــــره مـــــســــــــاح، تماشــا کـــــردهء اشـــــبـــــاح وا ارواح.
نـــــرفـــــتـــــه در ره پـــــا لغز نقصــــان، مبرا ذاتش از تلـــــويـــــث امـــــکـــــان.
دلـــــش را تـــــکـــيه بر نـورِ تــجــلي، تصور را ز تصديـــقـــــش تــــســـــلي.
نيفگنـده مـــــصـــــلا بـــــرســـــــــرِ آب، چو خش هرگز نگرديده بگر داب.
چو گوهر در دل درياست جايـــش، همه امواج رقـصـــان در هـــــوايـــــش.
رموزِ غيــر را بـــــيـــــنـــــد هـــــويــــــــدا، بکشفش جمله پنهانست پـــيـــــدا.
زمغز خويشتن چون پوست برکند، فتاده تا گلو خون بسته در قـنـــــد.
بتعليم حـقـــــش کـــــردنـــــد دانـــــــا، وراثت يـــافـــــت از عـــــلـــــم لـــــدنـــــا.
فـــــرو بـــــســـــت آرزو را در بــــروي، درين ميدان بچو گان بــرد گــــوي.
بدرد عــاشقي هـــــمـــــراز گـــــشـــــته، بـــــمـــــعـــــشـــــوق ازل دمسـاز گشته،
نه بندد برهم اوهـام گـــــمـــــانـــــي، کلامش مخبر از کشف عيـــــانـــي.
برون دارد ز دست هجر وصــــــلي، عدو را نيست همچون زوج فــصلي.
ترشح کــــرده در اطـــــوارِ حـــــالـــــش، جهد حکمت برون از قيل و قالش.
ز شدتهاي ره آمـــــد بـــــفـــــرحـــــت، کشاده در بيــــان ينبوع حــــــکمت.
بتلقينم چو لب را آشنــــــا کـــــرد، بحرفي مسکه از دوغم جدا کـــرد.
حجاب چشم را از جان برانداخت، نهان را در عيانم جلوه گر ساخــت.
شرابِ بيخودي درجام من ريخت، غبارم از پرند حيرتــم بـــــيخـــــت.


”مقالات الشعرا“ ۾ شاهه شهيد جي فقط هڪ مريد مير جان الله شاهه رضويءَ جو ذڪر آيو آهي، ليڪن دوران مطالعي سندس هڪ ٻئي مخلص عقيدتمند، شاهه اسماعيل صوفيءَ، جو به ذڪر، بحيثيت شاعر جي، ملي ويو. ٻئي ماخذ تي لکڻ کان اڳ مناسب آهي ته انهيءَ بزرگ سان به ملاقي ٿيندا هلون. ”مقالات الشعرا“ جي صاحب، هن ريت سندس احوال بيان ڪيو آهي.
شاهه اسماعيل صوفي، شيخ عبدالله انصاريءَ(1) جي اولاد مان هو؛ شاهه عاشق الله جو مريد ۽ جناب حضرت شاهه عنايت الله صوفيءَ جي مخلصن مان هو. هن ويجهڙائيءَ ۾ سندس جهڙو صاحب ڪمال ۽ اهل حال ڪونه ڪو ٿيو. زبان سندس صفت ۽ ساراهه کان معذور آهي، جيتري به وصف ڪجي اها ٿوري آهي؛ سندس ڪرامتن مان هڪ ته سندس طبابت هئي، جو لاعلاج ۾ مرندڙ مريضن کي اهڙيءَ دوا جي ذريعي جيئندان ڏيندو هو، جو هوند اها دوا ڪو عقلمند طبيب ان مرض لاءِ نه ڏئي. گويا دوا بهانو هئي، حقيقت ۾ سندس نظر شفا اثر جو ئي سارو کيڏ هو.
هميشـﮧ استغراق ۾ رهندو هو، ۽ مولانا روم(1) جي مثنويءَ جو درس دل نشين نموني ۾ ڏيندو هو. جنهن کي سندس زيارت نصيب ٿي هوندي، اهو ئي ڄاڻندو هوندو ته ڪهڙي پايي جو بزرگ هو. مير ’قانع‘ نموني طور هڪ فارسيءَ جو شعر ڏنو آهي:
دوست گرچه جملـﮧ مغز و پوست ماست
در برون هر چيز بينم دوست ماست(2).
اسان مٿي هڪ شاعر محمد رضا جو ذڪر ڪري چڪا آهيون، جيڪو نواب اعظم ۽ شاهه عنايت جي مڪالمي وقت موجود هو ۽ مڪالمي هلندي، شاهه کي مخاطب ٿي، هي بيت چيو هئائين:
دوست بيدار بشو عالم خوابست اينجا،
حرف بيهوده مگو پاي حساب ست اينجا.
مير علي شير”مقالات الشعرا“ ۾ ان جو به ذڪرآندو آهي. لکي ٿو ته ”اهل ٺٽي جو هو، ليڪن بکر ۾ بود وباش ڪئي هئائين، فارسيءَ ۽ عربيءَ جو ماهر هو. عالمگير کان وٺي، محمد شاهه تائين (1068هه تا1161هه) بکر ۾ سرڪاري حدن تي رهندو آيو. علامه عبدالجليل بلگرامي(1) سان خاص دوستي هيس. علامه مرحوم جڏهن موڪل تي هندستان ويو ته پنهنجي پٺيان کيس ئي نائب ڪري ويو. ٺٽي ۾ پڻ سرڪاري ماڻهن وٽ ايندو ويندو هو؛ شاهه عنايت واريءَ جنگ ۾ نواب اعظم خان سان گڏ هو. سندس عزيز ٺٽي ۾، پت بکر ۾ رهندا هئا. مير ’قانع‘ سندس وفات (1143هه) جي تاريخ هن طرح چئي:
محمد رضا داده جان، در جنان شد(2).
”جان“ جا عدد سندس نالي جي عددن مان ڪڍي ۽ ”جنان“ جا عدد وجهبا ته سن نڪري ايندو.

بياض ”قانع“:
اسان جي سامهون مرحوم مير ’قانع‘ جو پنهنجي هٿ اکرين لکيل هڪ بياض آهي، جنهن ۾ هن مختلف شاعرن جي پسنديده فارسي بيتن جو انتخاب ڪيو آهي. شاهه عنايت جي نالي تي ان ۾ هيٺيون شعر درج آهي:
سرو مي ترسد که بالِ قمريان را بشکند
سخت مي پيچد بخود از حيرتِ رفتار او
هن وقت تائين اسان کي نه شاهه جو ڪو ٻيو بيت مليو آهي، ۽ نه وري ڪو تفصيل ئي مليو آهي ته شاهه شهيد سنڌيءَ يا فارسيءَ جو شاعر به هو. مير ’قانع‘ ”مقالات“ ۾ به انهيءَ سلسلي ۾ ڪو ذڪر ڪونه ڪيو آهي؛ شاهه شهيد جيڪڏهن شاعر هجي ها، ته هوندو ضرور سندس ذڪر ”مقالات“ ۾ ڪيو وڃي ها. بهرحال بياض ۾، جنهن صورت ۾ مٿيون شعر سندس نالي منسوب ڪيو ويو آهي، تنهنڪري اسان به ان کي هن مضمون ۾ آڻڻ مناسب سمجهيو.

تحفهه ”الڪرام:
”مقالات“ جي ختم ٿيڻ کان ست سال پوءِ مير ’قانع‘ پنهنجو شهره آفاق ڪتاب ”تحفـة الڪرام“ 1181هه ۾ لکيو، جنهن ۾ پڻ هن مختلف جاين تي شاهه شهيد، سندس خاندان ۽ سندس متعلقين جو ذڪر ڪيو آهي. سڀ کان پهرين نواب اعظم خان جي ضمن ۾ شهادت واري واقعي کي بيان ڪيو اٿس، لکي ٿو ته_
”نواب اعظم خان ولد صالح خان بن فدائي خان، سيد هو، ۽ خان جهان ڪو ڪلتاش جي ڀاءُ جو ڏهٽو هو. مير لطف علي خان (رضوي ٺٽوي) جي معزول ٿيڻ بعد پنهنجي جلوس فرخ سيريءَ ۾ 1128هه ٺٽي جي صوبيداري کين ملي. پهرين هن خواجا محمد خليل کي پنهنجو نائب ڪري موڪليو ۽ پوءِ پاڻ به اچي پهتو. مير ’قانع‘ اڳتي هلي لکي ٿو ته ”شيخ حق شناس، شريعت اساس، گوهر يڪتا ۽ بحر حقيقت، شناساي دفايق رموز طريقت، مرشد مرشدان خدا آگاه، شاهه عنايت الله صوفيءَ جي شهادت جو واقعو سندس دؤر ۾ ظهور پذير ٿيو.“
واقعي جا تفصيلات اهي ئي ساڳيا ڏنا ويا آهن، جيڪي ”مقالات“ ۾ ا چي چڪا آهن، البته چند ڳالهيون نيون ۽ ڪن واقعن جي وضاحت ٿيل آهي، جا هن ريت آهي:
1_ بلڙيءَ جي سيدن جي نا اتفاقي هن ڪري ٿي، جو سندن مريد کانئن ڇڄي، شاهه شهيد جي سلسلي ۾ داخل ٿيا ٿي.
2_ نور محمد پليجي ۽ حمل جت جي مخالفت جو سبب اهو هو، جو انهن جا ڪڙمي ڪاري، سندن زمينون ڇڏي، شاهه جي خذمت ۾ وڃي رهيا هئا.
3_ اعظم خان بادشاهه جي حضور ۾ عرض ڪري، اتان ميان يار محمد ڪلهوڙي ۽ ٻين اثر ماڻهن جي نالي، امداد ڏيڻ لاءِ حڪم گهرايا.
4_ 9 صفر 1130هه جو،جيڪي نواب جي دل گهريو سو ڪيائين، (يعني شهادت عمل ۾ آئي).
5_ ٺٽي ۾ موٽي اچڻ بعد نواب، لشڪر ۽ جنگ تي ٿيل خرچ ٺٽي جي واپارين مٿان مڙهيو، جنهن جي ڪري سخت ناراضگي پيدا ٿي، ۽ مخدوم رحمت الله طالب العلم(1) جيڪو انهيءَ دؤر جو جيد عالم، خداشناس ۽ وڏي اثر وارو بزرگ هو، سو نواب جي انهيءَ ظلم تي سخت ناراض ٿيو ۽ بيحد مخالفت ڪيائين؛ ليڪن جڏهن نواب نه مڙيو، تڏهن مخدوم صاحب پاڻ شهر ڇڏي هليو ويو؛ ڇاڪاڻ ته جتي اهڙا ڪلور پيا ٿين، اتي رهڻ کيس جائز نظر نه آيو. نواب جون اکيون، جنهن صورت ۾ حق شناسيءَ کان پوريل هيون، تنهنڪري، ظاهر ۽ باطني علومن جي انهيءَ جامع بزرگ کي تڪليفون ڏيئي، شهر ۾ واپس گهرائي، کيس بنديخاني ۾ وجهي ڇڏيائين. انهيءَ سبب ڪري، ويتر خلق خدا جي ۾ نارضپو وڌيو، ۽ آخر جڏهن فرخ سير جو ستارو غروب ٿيو (1131هه) ۾ رفيع الدرجات (1131هه) ۽ رفيع الدوله (1131هه) جي به پڄاڻي ٿي ۽ محمد شاهه بادشاهه غازيءَ جي بخت جو سج اڀريو، ان وقت 1131هه ۾، نواب اعظم خان به معزول ٿيو ۽ سندس جاءِ تي نواب مهابت خان آيو.(1)

شاهه شهيد جي خاندان جو احوال:
مير ’قانع‘، ”تحفـة الڪرام“ ۾ شاهه شهيد جي خاندان جو ذڪر ڳوٺ نصريي جي عنوان هيٺ آندو آهي. اهو ڳوٺ ميران پور جهوڪ سان گڏ آهي ۽ هاڻي ڦٽو پيو آهي، شاهه شهيد جي بزرگن جون قبرون انهيءَ ويراني ۾ اڃا به ظاهر آهن.
”مقلات الشعرا“ جي عنوان هيٺ اسان شاهه شهيد جو جيڪو نسب نامو ڏيئي آيا آهيون، سو هن ريت آهي، جنهن کي ذهن ۾ رکي ”تحفـة الڪرام“ ۾ آيل احوال پڙهڻ گهرجي. _ شاهه عنايت الله بن مخدوم فضل الله، بن ملا يوسف، بن ملا شهاب الدين، بن ملا آجب، بن مخدوم صڌو(2) لانگاهه،
مٿين بزرگن جو احوال تحفـة الڪرام جي صاحب هن ريت ڏنو آهي:

(1) مخدوم صڌو:
هي بزرگ، وقت جي اجل مشائخن مان هو، ترڪ مال جي هيءَ حالت هئي، جو رات ٿيڻ تي مَٽن مان پاڻي به هاري ڇڏيندو هو ۽ فرمائيندو هو ته ”نئون سج نئون رزق“. سندس ڪافيون ۽ ڪرامتون ڳڻائيءَ کان مٿي آهن. بزرگ جي مزار نصريي ڳوٺ ۾ عقيدتمندن لاءِ زيارتگاهه آهي. سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي اولاد مان اڪثر سادات انهيءَ بزرگ جا مريد هئا.

(2) مخدوم آجب:
مخدوم صدوءَ جو فرزند پڻ وڏيءَ ڪرامت جو صاحب هو. هڪ دفعي جي ڳالهه ٿا ڪن ته بزرگ ڪنهن ديهه تي ويو ٿي، ٽپهريءَ جي نماز وقت درياءُ جي ڀڪِ تي پهتو، ٻيڙيءَ وارو پرينءَ ڀڪِ ڏانهن هو، جنهنڪري درياءَ اُڪرڻ جو ڪو وسيلو ڪونه هو. ڏينهن اچي لڙيو، سرديءَ جو زمانو هو؛ ملازم عرض ڪيو ته جيڪر موٽي هلجي ۽ وري سڀاڻي صبح جو اچي درياءَ ٽپجي. ليڪن پاڻ واپس ڪونه ٿيو ۽ رات اتي ئي رهي پيو. پهر رات گذري، خدا جي قدرت سان درياءُ پنهنجو پاڻ سڪي وڃي ڍنڍ جي مانند ٿيو؛ ۽ آواز آيو ته ’اي شيخ! جي اُڪرڻ جو خيال هجئي ته اِجها واٽ حاضر آهي؟‘ پاڻ انڪار ڪيائين، جنهن تي ٻيهر به ساڳيو آواز آيو، جنهن تي مخدوم جواب ڏنو ته ’اسان جو تڪيو الله تي آهي، نتيجو احسان نه کڻبو.‘ آخر جڏهن صبح ٿيو ته پاڻ ٻيڙيءَ جي ذريعي درياءُ ٽپيو(1).

(3) ملا شهاب الدين:
ولد ملا آجب، صالح ۽ ڪامل ٻانهو رب جو هو؛ کيس ملا يوسف نالي پٽ ٿيو، جيڪو پڻ فقر ۽ توڪل جو صاحب ۽ معرفت وارو درويش هو. مخدوم فضل الله انهيءَ درويش جو فرزند هو، ۽ آبائي طريقي جو سالڪ ۽ فقير بي رياءُ هو؛ انهيءَ بزرگ جو پٽ شاهه عنايت جهوڪ وارو آهي.

(4) شاهه عنايت الله:
مير ’قانع‘، شاهه شهيد جي سوانح بيان ڪندي لکيو آهي ته ”ابتدائي زندگيءَ ۾ حق جي ڳولا لاءِ، عنايت الله صوفيءَ سياحت ۽ سير ۾ ڏاڍي تڪليف سر تي سَٺي. آخر ڪيتريءَ ڳولا بعد، ڪنهن زماني کان پوءِ، شاهه عبدالملڪ وٽ دکن ۾ وڃي رهيو، ۽ اتان فيض وٺي، بزرگيءَ جي انهيءَ درجي ۽ مرتبي تي پهتو، جو زبان انهيءَ جي بيان کان عاجز ۽ قاصر آهي. پنهنجي مرشد جي حڪم مطابق رياضت ۾ ڏاڍيون محنتون ڪيائين. ظاهري علومن ۾ هو شاهه غلام محمد جو شاهجهان آباد (دهلي) ۾ وڃي شاگرد ٿيو، جيڪو بزرگ شاهه عبدالملڪ جو مريد ۽ سندس ئي ارشاد تي دهليءَ ۾ رشد و هدايت جي مسند وڇايو ويٺو هو.
شاهه غلام محمد، ظاهري علومن جو درس، شاهه عنايت الله کي ڏيئي، پاڻ باطني علومن ۾ سندس شاگرد ٿيو ۽ سندس بيعت ڪيائين. جڏهن شاهه عنايت الله سڀ ڪم پورا ڪري ٺٽي موٽيو ته شاهه غلام محمد به ساڻس گڏيو آيو، ۽ اتي جڏهن شاهه غلام محمد کي وقت جي علمائن، شاهه عنايت جو پنهنجي خاص صوفياڻي طريقي تي سجدو ڪندي ڏٺو، تڏهن اچي هنگامو پيدا ڪيائون ۽ شرعي محڪمي ۾ کيس گهرائي تعزير ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائون. آخر پنهنجي مرشد جي ارشاد تي، شاهه غلام محمد موٽي دهليءَ ويو، جتي مدت مديد تائين سندس خانقاهه مرجع خلائق رهي.
انهيءَ کان پوءِ، مير’قانع‘، شاهه جي شهادت جو واقعو اختصار سان لکي، سندس اولاد جي سلسلي ۾ هيٺينءَ طرح بيان ڪري ٿو:
شاهه عزت الله: شاهه شهيد جو ناميارو فرزند، سندس شهادت بعد، 1186هه ۾ فوت ٿيو.
شاهه سلام الله: سندس ٻيو فرزند، شاهه سلام الله، سالن جا سال صحرا نوردي ڪندو رهيو. رياضت ۾ سخت اذيتون برداشت ڪندو رهيو، ۽ ڪيترو وقت بيخوديءَ ۾ محويت جي انتهائي عالم ۾ غرق هو. ڪن سالن، بلڪ ايامن پڄاڻان انهيءَ حالت مان ٻاهر نڪتو. مشهوريءَ کان بلڪل ٽهندو هو، ۽ وتندو هو لڪندو ۽ ڇپندو؛ سندس متوسل رنج، تڪليف، ڏک ۽ اذيت کي روح جي ريجهه سان راحت ۽ آرام تي ترجيع ڏيو وتندا هئا ساڻس گڏ گهمندا.
سندن ڪيتريون ڪرامتون مشهور آهن. غلام شاهه ۽ عطرخان ڪلهوڙي جي وچ ۾ مخاصمت واري زماني ۾ ڪنهن کي يقين نه هو ته غلام شاهه تخت ۽ تاج جو وارث ٿيندو. هڪ دفعي ماڻهن ڳالهين ڪندي شاهه کان پڇيو، پاڻ فرمايائين ته ”(غين) ڪامياب ٿيندو، پر (آهه) غلام شاهه!“ ٿوري گهڻي ڏينهن آخر ٿيو به ائين. اهڙيءَ طرح جيڪي زبان مان ڪڍندو هو، سو پورو ٿيندو هو؛ غلام شاهه ڀاءُ جي جيئري ئي پاڻ گذاري ويو.

ميان زاهد:
ولد شيخ خدا آگاهه شاهه ابراهيم صوفي، شاهه عزت الله جو نياڻو ۽ انهيءَ گهراڻي جو روشن ڏيئو آهي.
مير ’قانع‘ انهيءَ خاندان جو ذڪر هن عبارت تي ختم ڪري ٿو_ ”خامهءِ خامکار چـﮧ قدر شرح اوصاف بزرگيءَ اين خاندان کند؟ خدام اين سلسلـﮧ امروز هم با آنکه، هزاران هزار در فترت شهادت مرشد بکار آمدند، و کسي ازان دودمان مشيخت دوست نيست، در سنده مريدان بيشمار عيان و نهان اند، و در ديگر بلاد مشائخ کبار(1) بتوسل ارادت اين در، داخل اجلـﮧ اهل کمال ميباشند“ (171)

شاهه شهيد جا متوسل ۽ معتقد:
تحفـة الڪرام ۾، شاهه غلام محمد جو ذڪر ضمناً پنجن ڇهن جاين تي (170، 233، 250) آيو آهي، تفصيل سان ذڪر ڪونه آندو اٿائين(2).
شاهه اسماعيل صوفي، جنهن جو ٿورو ذڪر مقالات الشعرا جي سلسلي ۾ اچي چڪو آهي، تحفـة الڪرام ۾ ان جو احوال ڪي قدر تفصيل سان آيل آهي. مصنف لکي ٿو ته ”ٺٽي جو شاهه اسماعيل صوفي، جنهن جو نالو شاهه اسد الله هو، جيڪو پٽ هو ميان نعمت الله جو، اهو پٽ جي محمد يوسف جو، اهو پٽ محمد يعقوب جو، جيڪو پٽ هو ٺٽي جو مشهور ۽ وڏي بزرگ شاهه ابوالقاسم انصاريءَ جو(1)_ اهو شاهه اسماعيل، شاهه عنايت الله جو گهرو دوست هو، ۽ ويجهڙائيءَ ۾ جهڙس ڪامل بزرگ ۽ پهتل ٻانهو رب جو ٻيو ڪونه گذريو آهي؛ زبان سندس صفت کان عاجز آهي، مثنويءَ جو درس ڏاڍيءَ محويت سان ڏيندو هو.“
شاهه اسماعيل صوفيءَ کي ٻيو ڀاءُ به هو، جنهن جو نالو شاهه عزت الله هو، ۽ اهو عالمگير بادشاهه جي حضور ۾ پهچي. ملازمت وٺي، برهانپور ۾ وڃي مقيم ٿيو هو ۽ اُتي ئي شادي ڪئي هئائين، جنهن مان کيس پٽ به ٿيا. شاهه حسين الله انهيءَ بزرگ جو پٽ هو، جيڪو پنهنجي چاچي شاهه اسماعيل جي ڪوٺڻ تي، اتان لڏي اچي ٺٽي ۾ مقيم ٿيو. سندس چاچو شاهه اسماعيل سندس پهچڻ کان اڳ انتقال ڪري چڪو هو، جنهنڪري پاڻ ڪجهه وقت رهي، شاهه مسعود ولهاريءَ سان گڏجي شاهه غلام محمد ڏانهن دهليءَ ويو، ۽ اتان وري موٽي اچي ٺٽي رهيو. مير ’قانع‘ لکي ٿو ته ”هن وقت (1181هه) وڏن درويشن مان آهي ۽ خلق الله جي خدمت ۾ مشغول آهي.“
مير ’قانع‘، شاهه اسماعيل جو وري ذڪر ڇيڙي، چوي ٿو ته ”شاهه اسماعيل صوفي، شاهه عاشق الله(1) جو، جيڪو هندستان مان آيو هو، مريد آهي.هڪ ڏينهن درس جي دوران ۾ اوچتو سندس طبيعت متغير ٿي ويئي، ۽ سڄي بدن تي چهبڪن جا نشان ظاهر ٿي آيا، لڪائڻ خاطر رلهي گهرائي ڍڪي ويهي رهيو. آخر ظاهر ٿيو ته ان وقت ٺٽي جي ڪوٽواريءَ ۾، چبوتري تي، هڪ ماڻهوءَ کي، سرڪاري ملازم بنا ڏوهه جي، محض سياسي ضد سبب، ديڙا هڻي رهيا هئا، ۽ اهي ديڙا شاهه جي بدن تي ظاهر ٿي رهيا هئا.“ ان بعد سندس طبابت ۽ ڪرامتن جو مير ’قانع‘ ذڪر ڪيو آهي، جيڪو مقالات جي عنوان هيٺ اچي چڪو آهي. آخر ۾ لکي ٿو ته ”سندس مزار تي هر سال ميلو لڳي ٿو، ۽ هزارين ماڻهو زيارت ڪرڻ اچن ٿا، هن بزرگ اولاد ڪونه ڇڏيو 3/233“.
شاهه اسماعيل صوفيءَ جو وڏو جيد مريد شاهه مسعود ولهاري هو، جنهن ظاهري علومن جو درس مخدوم حاجي محمد قائم(2) کان ورتو هو. ۽ وڏيءَ فضيلت وارو صاحب هو. مير ’قانع‘ لکي ٿو ته ”فضيلت جي شهرت اوري پري اٿس ۽ مثنويءَ کي ڏاڍي شوق ذوق سان پڙهندو آهي؛ پنهنجي مرشد جي ارشاد تي، سندس انتقال بعد، دهليءَ ويو ۽ شاهه غلام محمد وٽان رهيل امانت هٿ ڪري موٽي آيو؛ هن وقت سندس جهڙو صوفي ٺٽي ۾ ٻيو ڪونه آهي؛ مثنويءَ جو درس خوب ڏئي ٿو؛ زماني جي وهمن ۽ سلسلن کي ڇڏي، قناعت ڪيو، پاسيرو ٿيو، پيو ٿو پنهنجي يار سان ريجهه ۽ رهاڻ ڪري (233).“
شاهه لطيف ڀٽائيءَ لاءِ، مير ’قانع‘ لکي ٿو ته ”شاهه اسماعيل سان دوستيءَ سبب ڀانئجي ٿو ته شاهه سڳوري کي شاهه عنايت شهيد لاءِ قرب ۽ پيار هوندو ، ۽ ممڪن آهي ته چند بيت، جيڪي شاهه شهيد جي سلسلي ۾ چيا وڃن ٿا، سي حقيقت ۾ شهادت جي واقعي کان متاثر ٿي شاهه ڀٽائيءَ چيا هجن(1).“
دهليءَ واري شاهه غلام محمد جو اثر ڏسجي ٿو ته شاهه شهيد جي تعلق سبب سنڌ تي گهڻو هو، ۽ انهيءَ سلسلي جا جيڪي معتقد ۽ متوسل هئا، سي سڀ شاهه غلام محمد سان به عقيدت رکندا هئا. مخدوم عربي هالن واري جي ڀاءُ حضرت پير آسات جي اولاد مان ميان محمد حسين هو، جنهن کي ٻه پٽ هئا _ هڪ احمد ۽ ٻيو محمد؛ انهن مان احمد دهليءَ وڃي شاهه غلام محمد جي خذمت ۾ رهيو هو ۽ سندس لنگر و سمورو ڪم ڪار پيو سنڀاليندو هو (250).
تحفـة الڪرام جي مصنف لکيو آهي ته ”بڪيرن جي شيخ فاضل شاهه(1) قريشيءَ جي ناٺيءَ شيخ شهدالله جو پٽ شاهه سراج الدين وڏي مانَ ۽ مرتبي سان ٿي گذريو آهي؛ جنهن وقت شاهه کي شهيد ڪيو ويو، ان وقت هي پاڻ شاهي درٻار ۾ دهليءَ ۾ هو، ۽ انهيءَ معاملي ۾ سندس پڻ چرچ هئي (159).“
مٿئين واقعي مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهه شهيد جو سنڌ اندر وڌندڙ اقبال ۽ اثر ڏسي، فقير، پير، گادي نشين ۽ امير، سڀ دهلجي ويا هئا، ۽ پنهنجي پنهنجي وِت ۽ وس آهر، هر ڪنهن کيس ختم ڪرڻ ۾، پنهنجي آڏاڻي ۽ اقتدار کي بچائڻ خاطر، ڪسر ڪانه ڇڏي. بلڙيءَ وارا سيد، بڪيرن جا خانقاهه نشين، ٺٽي جي مسند قضا جا مالڪ، نور محمد پليجي ۽ حمل جت وارا زميندار، اپر سنڌ جا ٺيڪيدار ميان يار محمد ڪلهوڙي وارا، ٺٽي جي رضوي خاندان وارا سيد مير لطف علي وغيرهه، الغرض انهيءَ فهرست ۾ سڀ پير، گادي نشين، امير يا زميندار ڏسڻ ۾ پيا اچن.
تحفـة الڪرام جو صاحب لکي ٿو ته ”درويش صابر ولهاري به انهيءَ دور جو وڏو خدا رسيدو بزرگ ۽ شاهه شهيد جو ننڍو معاصر هو (166).“
ٺٽي جي انجوي شيرازي ساداتن مان سيد لطف الله عرف مير بطن، شاهه شهيد جو مريد ۽ شاهه اسماعيل صوفيءَ جو صحبتي ۽ معتقد هو، پنهنجي دور ۾ اهو بزرگ به توڪل، تسليم ۽ رضا جي وڏيءَ ڪڙيءَ تي رسيل هو (189).
شاهه شهيد جي سلسلي ۾ مير علي شير ’قانع‘ جي ٻئي ڪتاب ۾ انهيءَ طريقي جو بيان موجود آهي، اڳتي اسان مير صاحب جي ٽئين ڪتاب ”طومار سلاسل“ ۽ چوٿين ڪتاب ”معيار سالڪان طريقت“ مان مٿئين سلسلي ۾ جيڪي ڪجهه آيل آهي، سو پيش ڪنداسين.
”طومار سلاسل طريقت“: مير علي شير 1202هه ۾ بزرگن جي طريقت جو هڪ شجرو تيار ڪيو، جنهن ۾ شاهه شهيد جي طريقت جو سلسلو، هن ريت ڏنو اٿائين:

شيخ عنايت الله صوفي، مريد شيخ عزيز الله (بن جان الله)، اهو مريد پنهنجي والد جان الله المعروف بـﮧ شيخ محمد سنوري قادريءَ جو، اهو مريد شيخ ميرانجي برهانپوريءَ جو، اهو مريد شاهه عبدالشڪور جو، اهو مريد شاهه برهان الدين جو، اهو مريد شيخ نجم الدين جو، اهو مريد شيخ علي خطيب احمد آباديءَ جو، اهو مريد شيخ برهان الدين (بن سيد محمود) جو، اهو مريد سيد محمود(1) بن مخدوم جهانيان جو، اهو مريد پنهنجي والد سيد مخدوم جهانيان جهان گشت(2) جو (جيڪو فرزند هو سيد احمد ڪبير جو ۽ اهو پٽ هو سيد جلال سرخ بخاريءَ(3) جو)، اهو مريد شيخ رڪن الدين بن صدر الدين بن حضرت بهاء الدين زڪريا ملتانيءَ جو، صدرالدين مريد هو پنهنجي والد حضرت بهاءالدين جو ۽ اهو مريد هو خواجـﮧ شهاب الدين سهرورديءَ جو.

”معيار سالڪان طريقت“:
1202هه ۾ مير علي شير ’قانع‘ انهيءَ نالي سان ٻيو هڪ ڪتاب بزرگن جي تذڪري ۾ مرتب ڪيو، جنهن ۾ پڻ شاهه عنايت ۽ سندس متعلقين جو ذڪر آيو آهي.

شاهه شهيد:
شاهه شهيد جي ساسلي ۾ لکي ٿو ته ”در آغاز حال بطلب حق رياضت شاقه کشيده، خدمت و صحبت مشائخ بسيار دريافتـﮧ“. اڳتي هلي لکي ٿو ته ”شاهه شهيد شاهه عبدالملڪ جو مريد هو، ۽ ان جو طريقو قادري آهي، جيڪو هن ريت هلي ٿو_
شاهه شهيد مربد شاهه عبدالملڪ جو، اهو مريد مولانا برهان الحق والدين شيخ عزيز الله جو، اهو مريد پنهنجي والد شاهه جان الله قادريءَ جو (عرف شيخ جان محمد سنوري قادري)، اهو مريد قدوة المحققين شيخ ميرانجي برهانپوريءَ جو، اهو مريد شاهه عبدالشڪور قادريءَ جو، اهو مريد برهان الدين جو، اهو مريد شاهه نجم الدين جو، اهو مريد شيخ علي خطيب احمد آباديءَ جو، اهو مريد سيد ڪمال بهروچيءَ جو، اهو مريد شيخ ميرانجي قادريءَ جو، اهو مريد ملڪ لاد محمد جو، اهو مريد شاهه عالم عرف منجهن بخاريءَ گجراتيءَ جو.
مٿئين سلسلي ۾ ان کان اول واري سلسلي ۾ فرق آهي، جيڪو غور ڪرڻ ۽ تحقيق ڪرڻ جي قابل آهي، ڪڏهن وقت مليو ته انهيءَ سلسلي ۾ آءُ پنهنجي تحقيق پيش ڪندس.
”معيار سالڪان“ ۾ مير ’قانع‘ لکيو آهي ته ”شاهه شهيد طلب حق جي سلسلي ۾ تمام گهڻي سياحت ڪئي ۽ ان کان پوءِ ڳوٺ آيو“. مير ’قانع‘ ان کان پوءِ حمل جت ۽ نور محمد پليجي جي اختلاف جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ ان بعد لکي ٿو ته ”ٺٽي جي حاڪم (اعظم خان) بادشاهه ڏانهن لکي موڪليو: شاهه عنايت خروج جو ارادو ڪيو آهي، اڃا ابتدا آهي، جيڪڏهن سڀني سرڪارن جي فوج ملندي ته هن وقت استيصال ڪري سگهبو، ورنه ان کان پوءِ ناممڪن ٿي پوندو“. انهيءَ کان پوءِ مير ’قانع‘ شهادت جو واقعو بيان ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪابه نئين ڳالهه ڪانه لکي اٿائين.

شاهه جو اولاد:
شاهه شهيد جي فرزند شاهه عزت الله لاءِ لکيو اٿائين ته ”هو شاهه کان پوءِ سجاده نشين ٿيو، ۽ شهادت کان بچي ويل فقير ساڻس گڏ رهڻ لڳا. 1200هه جي لڳ ڀڳ شاهه عزت الله فوت ٿيو. شاهه ابراهيم صوفيءَ جو پٽ محمد زاهد، جيڪو شاهه شهيد جو ڄاٽو هو، شاهه عزت الله کان پوءِ سجاده تي ويٺو_ ڇاڪاڻ ته شاهه عزت الله لاولد فوت ٿيو.
شاهه شهيد جو ٻيو پٽ، شاهه سلام الله، جذب جو صاحب هو، سڪر جي حالت ۾ برپٽ ۽ بيابانن ۾ بسر ڪندو هو، مريدن جو مٿس ايترو اعتقاد هوندو هو جو هڪ ڏينهن هڪ مريد کي سڏ ڪري ان کي ڪهڻ جو ارادو ڪيائين، مريد جهٽ کڻي ڪنڌ سندس اڳيان نوايو. ان کان پوءِ مير ’قانع‘، غلام شاهه ۽ عطرخان جي سلسلي ۾ شاهه سلام الله جي پيش گوئيءَ جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪا تحفـة الڪرام جي سلسلي ۾ اڳ لکي چڪا آهيون_ اهو بزرگ شاهه عزت الله جي حياتيءَ ۾ برقعو مٽائي ويو.
مير ’قانع‘ لکيو آهي ته شاهه شهيد جا مريد ۽ معتقد اڪيچار آهن، جن جو احوال هن هيٺ لکجي ٿو.

شاهه غلام محمد:
شاهه شهيد جو رفيق ۽ ساڻس گڏ شاهه عبدالملڪ وٽ رهندو هو، شاهه وٽانئس ظاهري علوم حاصل ڪيا، ۽ پنهنجي مرشد (شاهه عبدالملڪ) جي حڪم تي خود شاهه غلام محمد، شاهه شهيد وٽان سلوڪ جي راهه طيء ڪري، سندس بيعت ڪئي، ۽ جڏهن شاهه ڳوٺ موٽيو ته هي به ساڻس گڏ آيو. ٺٽي جي عالمن جڏهن ٻڌو ته شاهه غلام محمد، شاهه شهيد کي تعظيمي سجدو ڪري ٿو، تڏهن هنن سخت هنگامو پيدا ڪيو ۽ کيس دارالشريعت ۾ گهرائي شرعي تعزير ڏنائون. ان کان پوءِ شاهه شهيد جي حڪم تي، شاهه غلام محمد دهليءَ هليو ويو، ۽ _ ”و آنجا ظهور کامل فرموده، معتقد عليـﮧ ملوک و امراء و مرجع فقراي اهل الله گرديده، روز گاري دراز زيست، در عهد محمد شاه بادشاه چون وي در مشائخ کم کسي صاحب فيض بوده_.“

شاهه اسد الله:
شاهه اسد الله المعروف بشاهه اسماعيل صوفي، ولد شاهه نعمت الله، بن شيخ يعقوب، بن شاهه ابوالقاسم انصاري هروي، وڏي مانَ ۽ مرتبي وارو ڪامل درويش هو. شاهه عنايت ۽ سندس وچ ۾ گهرو ۽ گهاٽو تعلق هو، حال ۽ قال جو مجلسون ۽ صحبتون پاڻ ۾ ڏاڍيون ڪندا هئا. 1140هه کان پوءِ فوت ٿيو، مڪليءَ تي سندس مزار آهي ۽ سندس وفات واري ڏينهن تي هرسال عرس ٿيندو آهي. شاهه اسد الله جو ڀائٽيو شاهه احسن الله بن شاهه عزت الله، شاهه غلام محمد جو مريد هو، ڪيترو وقت دهليءَ وڃي مرشد وٽ رهيو ۽ پوءِ ٺٽي موٽي آيو، 1200هه جي لڳ ڀڳ فوت ٿيو.

شاهه مسعود صوفي:
”شاهه مسعود صوفي به انهيءَ خاندان جو مريد آهي، ٺٽي ۾ شاهه اسماعيل صوفيءَ کان فيضياب ٿيو، ان جي وفات بعد سندس ئي اشاري تي دهليءَ وڃي شاهه غلام محمد وٽ حاضر ٿيو، ۽ جڏهن موٽي ٺٽي آيو ته پنهنجي مرشد جي مرشد (شاهه عنايت) واري سلسلي جي خليفن ۾ شمار ٿيڻ لڳو، 1203هه ۾ اڃا حال حيات آهي.“
شاهه لطيف پڻ شاهه اسماعيل جي يارن مان هو، اهڙيءَ طرح مخدوم محمد معين(1) جهڙو يگانه ءِ روزگار عالم پڻ انهيءَ سلسلي جو يار غار هو.

سيد جانشاهه مير تخلص:
سيد حيدر رضوي (جيڪو سيد محمد مڪيءَ جي اولاد مان هو) ان جي ڏوهٽي سيد جانشاهه، سڄي سنڌ مرشد جي طلب ۾ گهمي، ليڪن پنهنجي مقصد برابريءَ لاءِ ڪٿي به اوجر ڏسڻ ۾ ڪونه آيس. آخر شاهه عنايت وٽ سندس دلي مراد پوري ٿي ۽ اتي رهي، سلوڪ جي تحصيل ڪري، مرشد جي موڪل سان ڳوٺ وڃي رشد هدايت جو سلسلو جاري ڪيائين. جڏهن فوت ٿيو ته سندس پٽ مير قلندر علي گاديءَ تي ويٺو، جو فقر فنا ۾ پيءُ کان به وڌي ويو.

شاهه شهيد جو خط:
شاهه شهيد جي دؤر ۾ مخدوم روح الله بکري وڏو جيد عالم هو ۽ بقول مير علي شير ”جامع علوم، منقول و معقول، حاوي معالم فروغ و اصول“ ۽ پنهنجي دؤر ۾ صلاحيت ۽ تقويٰ سان مشهور ۽ معروف هو، ميان نور محمد ڪلهوڙو سندس معتقد هو ۽ کانئس دعا گهرڻ لاءِ هميشه احتياج ڏيکاريندو هو.
مير علي شير ’قانع‘ سان مخدوم صاحب جي ملاقات 1166هه ۾ محمد آباد ۾ ٿي، ان وقت هو ميان نور محمد ڪلهوڙي کي دعا ڪرڻ تشريف فرما ٿيو هو. مير صاحب لکي ٿو ته کيس معلوم ٿيو ته مخدوم صاحب سمورين ڪماليتن جي باوجود، ڪڏهن ڪڏهن شعر شاعريءَ ڏانهن به توجهه فرمائيندو آهي. مخدوم پاڻ بيان فرمايو ته نادرشاهه جي تخت نشينيءَ جي تاريخ ”الخير فيما وقع“ جي فقري مان ڪنهن شاعر ڪڍي هئي، مگر مخدوم صاحب ”لا خير فيما وقع“ مان تاريخ ڪڍي، ۽ جڏهن نادرشاهه سنڌ ۾ آيو تڏهن مخدوم صاحب ”الخير فيما هو واقع“ مان سندس آمد جو سال ڪڍيو. (تحفـة الڪرام)
شاهه شهيد انهيءَ بزرگ جي فضيلت ۽ علمي ڪمال کان ڏاڍو متاثر هو. غائبانه مير امير علي صاحب (؟) کان سندس تعريف ٻڌي موهت ٿي پيو. شاهه شهيد ڏانهس هڪ خط لکيو آهي، جيڪو مرحوم مولانا وفائي صاحب پنهنجي بياض ۾ نقل ڪيو آهي، ۽ اهو جنسي خط مولانا صاحب پاڻ ڏٺو هو، انهيءَ خط مان شاهه عنايت جي ادبي ڪمال جو پتو پوي ٿو، ۽ سندس ذوق شعريءَ جو پڻ ان مان اندازو ٿئي ٿو، خط جو اصل لطف سنڌي ترجمي ۾ هليو ويندو، تنهنڪري اسان ان کي فارسيءَ ۾ ئي نقل ڪيون ٿا:

بسم الله الرحمان الرحيم
نازم بمذهب مشرب قلندر جنون هنري را کـﮧ دست از دامن صبح اميد کو تاه داشتـﮧ. شادم نا اميدي را کـﮧ غريب شهرستان آرزوي هوشمندان حيرت ملاک تواند بود، گريبان سر مقصود انديشيده، در خود شکنيها کـﮧ بت شکني مردان حقيقت آگاه است، دست و پاي ميزند، و تيشـﮧءِ فرهاد عشق کوه سينـﮧءِ خود ميکند.
شيشها چيد است بر طاق دلم دست اميد
گرفتد سنگي ز نوميدي تماشا ميشود
چـﮧ بلا شد رجاءِ مطالب دنيوي، کـﮧ باصطلاح جگر خونان دگر گون ياس باده صهباي سبک روحي مقرر شده، کدام جاذبـﮧءِ جان فرساي تمنا پا در هوا است، که در زنگ گرد وباد جوشش نهاده بريشش وبروت اهل صورت معني خراب پيچيده، و هر سر مو را بشاخ مطلب آويزان ساخـﮧ، خيمـﮧءِ سر خشک سران بصد طناب ميبندند، و صورت مضمون يک سر هزار سودا را بروي صفحه حال تشتت فال زمانيان نقش مي کشد:
مرد باش و سخرهءِ مردان مباش
رو سر خود گير، سر گردان مباش
سر ديوانگي سلامت، گو پشت جنون نيرنگي ساز بي نياز کـﮧ التجاي مشت هوسنا کان چندي را کـﮧ از را حت گزيني خسخانه دنيا سر بازار، در نسائم بھار اسرار ذکام زده دماغ اند، کفر ھمت شناختـﮧ دلق درويشي را رسوا نساختـﮧ، ويرانـﮧءِ گمنامي را آباد سازد، وخيال خود را از سواد خاطرھا اھل روزگار، کـﮧ دام مکر و تزويري، بـﮧ ازين در آئينـﮧ وھم صورت نـﮧ بستـﮧ چون آھو وحشت سرشت رم داده، قدم عظمت را از پل عالم آنطرف نھد.
وحشتم کاش باندازهءِ صحرا ميبود
يک رميدن برد از ھر دو جھان بيرونم
نا آشنايان دارالشفاء خاکساري ، کـﮧ نشتر تيز زبان در آند مشھد تسليم جنبش نبض را کوچـﮧ مي دھد، در مقام انسکار در آمدن طالع فقر را وارﱞگون نمودن ست نعوذ بالله سبحانـﮧ من الحور بعدالکور.
چون چتر سنجري رخ بختم سياه باد
با فکر گر بود ھوس ملک سنجرم
مٿين عالمانه ۽ صوفيانه تمھيد، رمزن ۽ نڪتن بعد، اصل خط ھيٺينءَ طرح آھي:

حضرت مخدوم معظم مکرم من سلامت!
بعد اسمه، نياز سراسر گداز معروض باد، کـﮧ اوصاف وابستگي و برگشتگي آن زبدهءِ ارباب کمال، از مير صاحب مھربان مير امير علي صاحب شنيده، آنقدر انجذاب و کشش دل بملاقات حيات مساوات، آن معدن ِ فيوضيات حاصل شده کـﮧ بيرون از احاطهءِ تقرير و تحرير است.
مصاحبت چـﮧ ضرور است آشنائي را
ھنوز ياد يمن محو نکھتِ عربي است
فقرهء چند مذکور کـﮧ قبلـﮧء کونين استادي و مرشدي قدسنا بسره الاقدس، در ايام جواني ھا در جوش مشرب قلندريھا و وارستگي املا فرموده بودنـد، بي اختيار آشنا قلم نقصان رقم اين نافض گرديد، زياده بجز سوز و گداز و ماتم و وحشت و تنھائي چـﮧ عرض دھـد، والسلام.
محرر الحروف احقر الناس عنايت الله
انھيءَ خط جي لفافي تي ھيءَ عبارت مرقوم ھئي:
بگرامي مطالعه، قدوهء ارباب کمال، زبدهء اصحاب قال
و حال، جامع کمالات انساني، معدنِ فيوضات رحماني،
حضرت مخدوم روح اللـﮧ، سلمه الله تعالى مشرف باد.
نياز نامـﮧ خاکسار عاجز عنايت اللـﮧ عفي عنه
.......................................................
اھو دستور ٿيندو آھي ته جڏھن مخالفت جا سڀ حربا بيڪار ٿي ويندا آھن، تڏھن مذھب جو دامن جھلي اُن جي آڙ ۾ ذاتي بغض ۽ عناد جو پاڙ پاڙبو آھي. يا وري حڪومت جي اھلڪارن کي اُڪسائي انھن جي ذريعي پنھنجي دشمنيءَ جا عيوض معاوضا ورتا ويندا آھن. اھي ٻيئي طاقتون جڏھن ڪنھن جي به خلاف برسر پيڪار ٿينديون آھن، ان وقت جيڪو نتيجو نڪرندو آھي سو سڀني کي معلوم آھي : جنھن جي مخالفت ڪئي ويندي آھي، ان جي لاءِ ھِن دنيا ۾ انڌا انڌوڪار ٿي ويندو آھي.
شاھه شھيد سان اختلاف ته ٿيو پاڙي اوڙي جي وڏيرن ۽ پاٿاريدارن جو ، ابتدا ۾ دشمني ته ٿي بلڙيءَ وارن ساداتن جي، جن مان ڪنھن جا ڪڙمي ڀڄي وڃي شاھه شھيد جي اَجھي پيا ھئا، ۽ ڪنھن جا مريد پنھنجو پلاند ڇڏائي وڃي ھن صوفي فقير جي پَناري لڳا ھئا. ليڪن ھنن جڏھن ھر حربو استعمال ڪري ڏٺو ۽ ھن پاڪ باطن بزرگ جو ڪجھه نه ڪري سگهيا، ان وقت گڏجي ھڪ طرف مير لطف علي ۽ اعظم خان کي سندس خلاف ڀڙڪايائون ۽ ٻئي طرف ٺٽي جي علمائن سڳورن کي جنبشن ۾ آڻي، ھن درويش جي خلاف صف آرا ڪيائون.
چيو وڃي ٿو ته ھڪ دفعي اعظم خان پاڻ شاھ شھيد وٽ لنگهي ويو، پر دروازي تي دربان کيس روڪيو ته ھن وقت شاھه صاحب ورد وظيفي ۾ مشغول آھي ٿورو ترسو. اعظم خان کي مٺيان ته لڳي، پر ٿوري دير ترسي پيو. جڏھن شاھه شھيد سان ملاقات ڪيائين، تڏھن پھرين ئي کيس اھو ڏوراپو ڏيندي چيائين: ”در ِ درويش را دربان نشايد“.
جنھن تي شاھه وراڻي ڏني ته: ”بشايد، تا سگ دنيا نيابد“.
اعظم خان چيو ته ”درويش جي در تي دربان نه ھئڻ گهرجي“. شاھه جواب ۾ چيس ته ”ھئڻ گهرجي، ته جيئن دنياوي ڪتا اندر اچي نه سگهن.“ چيو وڃي ٿو ته اھو اعظم خان جي مخالفت جو سبب ٿيو. ليڪن اھو محض ڏند ڪٿا ڏسڻ ۾ اچي ٿي؛ اصل سبب اھي ئي آھن، جيڪي بيان ٿي چڪا آھن . ٺٽي جو حاڪم مخالف، ٺٽي جا علماءِ سڳورا دشمن. انھيءَ حد تائين، جو شاھه غلام محمد کي آخر سندن مخالفت ڪري دھليءَ وڃڻو پيو. مخدوم محمد معين جي محبت شاھه شھيد سان ٿي ، ته نه فقط سندس مرشد ابوالقاسم ساڻس ناراض ٿي پيو، بلڪ مولوي محمد ھاشم جي خاندان جڏھن مخدوم معين جي مخالفت شروع ڪئي ته مٿس ٻين الزامن سان گڏ اھو به الزام مڙھيائون ته ھو شاھه عنايت جو معتقد ھو. شاھه عنايت جڏھن شھيد ٿيو، تڏھن شڪارپور وارو شاھه فقير الله علوي ڏاڍو خوش ٿيو، جنھن جو اظھار ھن پنھنجي خطن ۾ ڪيو آھي.
اصلي مخالف ته پوءِ پري ٿي بيٺا، ھنن فقط تماشبينن جي حيثيت اختيار ڪئي؛ مسئلو اچي بڻيو، ھڪ حڪومت جو ۽ ٻيو مذھب جو. حڪومت وارن اعلان ڪيو ته شاھه شھيد مغل سلطنت جو تختو الٽائڻ گهري ٿو ۽ بغاوت ڪري سنڌ تي پنھنجو تسلط ڄمائڻ چاھي ٿو، تنھنڪري سندس قوت کي تھس نھس ڪرڻ عين ضروري آھي. مذھبي پيشوائن ان تي صاد ڪيو، ۽ اعلان ڪيائون ته منجھانئس نه فقط حڪومت کي خطرو آھي بلڪ مذھب کي ان کان وڌيڪ خطري جو انديشو آھي، تنھنڪري جيترو جلد کيس دفعي ڪيو وڃي اوترو بھتر. انھن ٻنھي قوتن جي پروپيگنڊا ايترو زور ورتو، جو حقيقت تائين پھچڻ جي ڪنھن ڪوشش ڪانه ڪئي. شاھه شھيد ھر چند حق تي ھو، ليڪن ان وقت ڪنھن کيس ڪونه ٻڌو. يڪطرفي پروپيگنڊا ھڻي وڃي ھنڌ ڪيو، ۽ سڄي فضا سندس خلاف مڪدر ٿي ويئي. حتى ڪ ٺٽي جي شاعرن تي به ان جو اثر ٿيو، ۽ انـــــھيءَ دور جـــــــــــــي ھــــــــــڪ وڏي شــــــــــــــاعــــــــــــــر مـــــــــــــــــلا عبدالڪيم ’عطا‘ پنھنجي سخن سنجيءَ جي واڳ انھيءَ طرف موڙي ڇڏي.

”عطا“ شاعر جي مخالفت:
ملا عبدالحڪيم ’عطا‘ جي ڪلام جو ھڪ حصو اسان کي ھٿ آيو آھي، جيڪو غزلن ۽ چند ٻين صنفن تي مشتمل آھي. سندس قصيدن جو ديوان اڃا تائين ميسر ٿي نه سگهيو آھي. خيال آھي ته قصيدن ۾ ھن اڃا به وڌيڪ شاھه عنايت شھيد واري معرڪي ۽ مخالفت کي ساراھيو ھوندو. سنڌي ادبي بورڊ سندس ڪلام جو جيڪو حصو شايع ڪيو آھي ان ۾ فقط چند قطعا شاھه شھيد جي مخالفت ۾ اسان کي ملن ٿا.
دکن ۾ شيواجي مرھٽو، مغل سلطنت جو سخت مخالف ھو: ملا عبدالحڪيم ’عطا‘، شاھه عنايت کي شيواجيءَ سان مناسبت ڏسندي، ھڪ قطعو چيو آھي، جنھن مان سندس مراد آھي ته دکن ۾ شيواجي مغلن جي اسلامي حڪومت جي درپيء آھي، ۽ ھتي سنڌ ۾ عنايت الله شھيد انھيءَ اسلامي حڪومت جون پاڙون پٽڻ گهري ٿو. قطعي جي زبان سخت ڏکوئيندڙ آھي، ليڪن چونڪ ’عطا‘ جو اھو ڪلام مخالفت گروھه جي ڪيل پروپيگنڊا جي نمائندگي ڪري ٿو، تنھنڪري ھتي ان کي ڏيڻ ضروري سمجھون ٿا.
شنيده شد بدکن ”شيوا“ کافري بوده است
بشھر تتـﮧ کنون نيز ”شيوا“ پيدا شد
ازو تمرّد ظاھر شده باھل نياز
و زين تمرّد باطن عجب ھويدا شد
دکن جي نالي کڻڻ مان شاعر جو اشارو شاھه عبدالملڪ ڏانھن به ٿي سگهي ٿو، جيڪو بزرگ، شاھه شھيد جو روحاني پيشوا ھو.
ھيٺيون غزل اردو زبان ۾ لکيو ويو آھي، جنھن ۾ پڻ سخت محالفانه جذبات جو اظھار ڪيو ويو آھي_
چگونه سند بستا باز سکھه ســــون ”عنادي“ گر ميان ِ جھوک رھـتـــا
بحالم ديکھنا ياد ازالش ھــــــــــم نظر بـــر مــــورکي مفلوک رھــــتــــــا
ز خرمن خوشـﮧ از خوان ريزه چـــينم نه ياد از گريـﮧء ممــلــوک رھــــــتــــــا
ز بـــا افــــــراط اقــــــطــــــار فقيـــــــــران نگاھي جانب صعـلـــوک رھــــــتــــــا
بسا چون فوج ياجوج و شکم عوج بمن وابستگان در ’بھوک‘ رھتا
ترا عمر خضر ”فيــــــاض غــــــازي“ ’عطا‘ در داعيان مسلوک رھتــا
مٿئين قطعي ۾ شاھه عنايت کي ”عنادي“ جي نالي سان ياد ڪيو ويو آھي، ۽ چوي ٿو ته ”عنادي“ جھوڪ ۾ جيڪڏھن رھي ھا ته، ان حالت ۾ سنڌ ۾ سُک جو وقت ڪين بسر ٿئي ھا. ”فياض غازيءَ“ جو اشارو اعظم خان ڏانھن آھي، جنھن جي فياضيءَ واري فيض، ’عطا‘ شاعر کي انھيءَ قطعي لکڻ تي آمادو ڪيو. اھو قطعو شاھه شھيد جي گرفتار ٿيڻ وقت لکيو ويو آھي. ھيٺيان ٻه قطعا به انھيءَ موقعي تي جوڙيا ويا آھن، جن ۾ گرفتاريءَ جو سال پڻ ڏنو ويو آھي _
لشکرِ نواب غازي جابجا فيروزمند
مشعل اقبال او در ملک سند افروخته
زان شھاب ِ ديو کش، شد رجم ديوان خبيث
عقل اين تاريخ گفتا ”جام بدبو سوخته“.
18 ذي القعده 1129ھه جو شاھه شھيد گرفتار ٿيو. مٿيون قطعو انھيءَ موقعي تي چيو ويو آھي، جنھن ۾ اعظم خان کي ”غازيءَ“ جو لقب ڏنو ويو آھي ۽ سندس انھيءَ ”فيروزمنديءَ“ کي سنڌ ۾ سندس اقبال جي مشعل روشن ٿيڻ جو سبب قرار ڏنو ويو آھي.
اھڙيءَ طرح ھيٺئين قطعي ۾ پڻ گرفتاريءَ جي تاريخ بيان ڪئي ويئي آھي _
سنِ غين و قاف و فزون لا بود کـــــــﮧ پــــــيدا شد از سند مــکار ديو
بسيرت فقيرو بــــــوصح شــــــرير، غـــبـــار ”عـــنـــاد“ اســت اطـــوار ديـــــو
خــــــرد سال تــــــاريــخ از اخــــــذ او، بگفتا ”گرفتار ادبار ديو“ 1129هه
مٿين اشارن مان فقط ھڪ شاعر جي بد باطن جذباتن جو اسان کي مثال ملي ٿو. ٺٽي جا ٻيا ڪيترا درٻاري شاعر ھوندا، جن پڻ انھيءَ موقعي تي اعظم خان جي پٺڀرائي ڪئي ھوندي، ليڪن جيئن ته سنڌ جو ثقافتي ورثو زير و زبر ٿي ويو آھي، تنھنڪري وڌيڪ تاريخي شھادتون ملي ڪونه ٿيون سگهن .

شاھه شھيد جو بيت ڪلھوڙن جي لاءِ:
سنڌ ۾ اھا ئي ڳالھه مشھور ۽ معروف آھي ته شاھه شھيد کي ميان يار محمد ڪلھوڙي پنھنجي دشمنيءَ سبب شھيد ڪرايو. اعظم خان ۽ ٻيا مخالف محض ڪلھوڙن جي ڪري اچي وچ ۾ پيا. حالانڪ تاريخي لحاظ سان اھا ڳالھه غلط آھي. ھر چند دل ۾ ڪلھوڙن کي به ڪو بغض ھجي، شاھه جي وڌندڙ طاقت ھنن کي به نه آئڙبي ھجي، ليڪن بظاھر اھڙي ڪابه شھادت اسان کي ڪانه ٿي ملي . دھليءَ جي مغل شھنشاھه طرفان، جيئن ٻين جاگيردارن ۽ منصب دارن کي امدادي ڪمڪ ڏيڻ جو حڪم مليو، تيئن ميان يارمحمد کي به ٺٽي پھچڻ ۽ اعظم خان جي مدد ڪرڻ جو پروانو پھتو، ۽ ڇاڪاڻ ته ھو به ان وقت مغل سلطنت جو ھڪ منصبدار ۽ جاگيردار ھو، تنھنڪري انڪار نه ڪري سگهيو. ان کان پوءِ جيڪي واقعا ٿيا، ميان يار محمد ان ۾ ڪجھ ڪري نٿي سگهيو. بھرحال انھيءَ سلسلي ۾ سنڌ اندر ڪيتريون ئي ڏند ڪٿائون مشھور آھن. ضرب الامثال، چوڻيون، ۽ ڪيترا بيت ڪلھوڙن جي مخالفت ۾ ماڻھن کي زباني ياد آھن، جنھن مان ھيٺيون بيت خود شاھه شھيد جي نالي منسوب ڪيو ويو آھي.
ڪاھي ڪلھوڙن آئيو، ڪري مَندي صلاح
اچي اَڙيو اّنھن سان، جنھين وٽ الله
ڪلھوڙي جي باھِه، وساڻي ورھين کي.
ظاھر آھي ته اھو بيت شاھه شھيد جھڙي صوفي باصفا جو ٿي نٿو سگهي. ازنسواءِ انھيءَ بددعا کان پوءِ نه فقط ڪلھوڙن کي سنڌ جي بادشاھت ملي، بلڪ ڪم و بيش ايڪھتر سالن تائين سنڌ ۾ سندن باھه وساڻي نه سگهي.
شاھه شھيد جي تعليمات جو مرڪز فقط سنڌ اندر محدود ڪونه ھو. بلڪ سنڌ کان ٻاھر پڻ سندس مريدن ۽ خليفن جو ھڪ وڏو تعداد ھو، جن پنھنجي پنھنجي حلقي اندر، مرشد جي افڪارن ڦھلائڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي.
سنڌ جي مختلف مرڪزن کان پوءِ، سنڌ کان ٻاھر جو ٻيو مکي مرڪز سورت جو شھر ۽ ان گرد و نواح وارو علائقو ھو. انھيءَ مرڪز جي ڪيترن ئي بزرگن جو احوال اسان کي ”تذڪره صلحاء سورت“ ۾ ملي ٿو، جنھن کي اسان ترتيب وار ھن ھيٺ ڏيون ٿا:

گلدستـﮧ صلحاء سورت:
انھيءَ تذڪريءَ جو تاريخي نالو ”حقيقت السورت“ (1315ھه) آھي. مؤلف جو نالو آھي شيخ بھادر عرف شيخو ميان، بن شيخ احمد عرف بخشو ميان، بن شيخ حامد، بن شيخ بھادر،بن عمدة التجار شيخ محمود، بن عمدة التجار شيخ محمد فاضل الشھيد العبيدي الحجازي البدوي ثم الھندي السورتي.
شيخ بھادر جي والد شيخ احمد (المتوفي 1265ھه) ٽن جلدن ۾ ”حديقه احمدي“ نالي سان ھڪ ضخيم ڪتاب لکيو، جنھن جو ٽيون جلد اھل سنت جي عقيدن جي تشريح ۽ انھيءَ عقيدي رکندڙ 4687 عالمن ۽ مشائخن بزرگن ۽ صوفين جي شرح حال تي مشتمل ھو(1).
شيخ بھادر عرف ”شيخو“ ميان لکي ٿو ته دوستن جي مسلسل اصرار تي انھيءَ آخري ضخيم جلد مان فقط سورت جي عالمن ۽ مشائخن جي احوال کي جدا ڪري، 1315ھه ۾ ھن اھو تذڪرو ”گلدستـﮧ صلحاء سورت“ جي نالي سان تيار ڪيو(2)، جنھن جي متن ۾ ھن پيءُ واري عبارت قائم رکي، ۽ جتي نئون احوال مليس، اتي حاشيي ۾ ھن ان جو اضافو ڪري ڇڏيو.
انھيءَ تذڪري اندر شاه شھيد جي سلسلي ۾ ڪيترن مشائخن جو احوال ملي ٿو، جيڪو اسان جي سنڌي ناظرين لاءِ بلڪل نئون آھي. ھن کان اڳ شايد ئي ڪنھن کي خبر ھجي ته شاه شھيد جي پوئلڳن جو ھڪ وڏو مرڪز گجرات اندر سورت شھر ۽ ان جي آس پاس به ھو.

شاه پير محمد اورنگ آبادي:
پنھنجي دور جو وڏو خدا رسيدو بزرگ ۽ درويش صفت انسان ھو. طريقت ۾ ھو بزرگ ”شھباز ملڪوت شاه عنايت صوفي شھيد“ جو خليفو ھو.

شاه فاضل سورتي:
اصل ۾ احمد آباد جي بوھرن مان ھو؛ مولانا غلام محمد برھانپوريءَ کان ظاھري علوم جي تڪميل ڪري، طريقت ۾ خرقـﮧءِ خلافت مٿئين شاه پير محمد اورنگ آباديءَ کان حاصل ڪري، سورت ۾ ، مسجد مرجان ھاشميءَ ۾ مستقل طرح اچي مقيم ٿيو، جتي 26 محرم 1199ھه تي ھن جھان فانيءَ مان لاڏڻو ڪيائين ۽ انھيءَ مسجد جي احاطي ۾ دفن ٿيو.
مير شاه عبدالله ھيٺينءَ طرح سندس وفات جي تاريخ چئي:

’شاه فاضل‘ بود چون پير کمال،
1199ھه زين جھان، سوي جنان کرد انتقال:
پس، ز نام، او بجو سال وصال،
ھيچ در خاطر ميار، از قيل و قال.
شاه شھيد جي طريقت جو سلسلو سورت ۾ انھيءَ بزرگ جي ذريعي شروع ٿيو ۽ ڪيئي جيد عالم ۽ اھل دل ان ۾ داخل ٿيا.

شاه شھيد جي طريقت جو سلسلو:
ھن وقت تائين اسان کي فقط اھو معلوم ھو ته شاه شھيد، شاه عبدالملڪ دکنيءَ کان باطني تعليم حاصل ڪري ان جو خليفو ٿيو، ليڪن شاه عبدالملڪ کان اڳتي جي سلسلي ۾ اختلاف ھو. خوش قسمتيءَ سبب مذڪوره تذڪري ۾ انھيءَ طلائي سلسلي جون سڀئي ڪڙيون شاه فاضل سورتيءَ جي ضمن ۾ محفوظ ڪيون ويون آھن، ۽ جي ھن ريت آھن:_
شاه فاضل خليفو ھو شاه پير محمد اورنگ آباديءَ جو، اھو شھباز ملڪوت شاه عنايت شھيد جو، اھو شاه عبدالملڪ جو، اھو شيخ شاھيءَ جو ، اھو شاه عنايت شھيد جو، اھو مخدوم ابوالفتح جو، اھو مخدوم ابراھيم جو، اھو شمس الدين جو، اھو بھاء الدين دولت آباديءَ جو، اھو ابولعباس احمد جو، اھو مير حسن جو، اھو سيد موسى قادريءَ جو، اھو سيد عليءَ جو، اھو سيد محمد بغداديءَ جو، اھو سيد حسن بغداديءَ جو، اھو سيد عبدالرزاق جو، اھو حضرت غوث الاعظم سيدنا شيخ عبدالقادر گيلاني رحمـة الله عليـﮧ جو(1).

شاه قطب الدين سورتي:
شاه فضل کان اھو سلسلو سورت ۾ شروع ٿيو. سندس انتقال بعد شاه قطب الدين جيڪو سندس خليفو ھو، جانشين ٿيو.
شاه قطب الدين، حضرت خليفـﮧ ثاني سيدنا عمر فاروق رضه جي اولاد مان ھو. پٽن جي شھر ۾ ڄائو، ۽ بعد از تڪميل علوم، بندر سورت ۾ اچي چوڙيگرن جي مسجد ۾ رھڻ لڳو. عالم ۽ عارف ڪامل ھو. جڏھن وعظ فرمائيندو ھو ته ٻڌندڙ حال ۾ اچي ويندا ھئا. پنھنجي مرشد شاه فاضل کان پوءِ چوڙيگرن جي مسجد ڇڏي، اچي مسجد مرجان شاميءَ ۾ پنھنجي مرشد جي مسند مقيم ٿيو.
شاه موصوف جي وفات 26 جمادي الثاني 1217ھه جو سومر ڏينھن ٿي، ۽ پنھنجي مرشد شاه فاضل جي ڀرسان ڏکڻ طرف کان سپرد خاڪ ٿيو. سندس وفات جي تاريخ آھي:
صوفي صــــاف بخلــــــق حميــــــد، چون ز دنيا به لامکان برسيــــد
شش و بست از جمادي الثاني، مرغ روحش ز آشيان بــــــپريـــد
سال تاريخ، چون رقــم کــــــردم، جگر خامـﮧ، از الــــم بــــــدريــــــــــد
گفت ھاتف که قطب ديـــن خدا ’قول در راه‘ وصل يار کشيد.
1217ھه
سندس ھڪ ٻئي مريد غلام جيلانيءَ ھيءَ تاريخ ڪڍي:
يک ھزار و دو صد و در ھفده سال، شاه قطب الدين، فرمودند وصال
لفظ ”شاه فاضل“ مان به تاريخ (1217ھه) نڪري ٿي(1).

سيد احمد شاه:
المعروف سيد ميان صاحب رحمـةالله عليـﮧ، حضرت شاه قطب الدين جو پوٽو ھو، ظاھري علومن جي تڪميل سيد محمد ھادا صاحب وٽ ڪري، باطني تعليم پنھنجي ڏاڏي کان حاصل ڪيائين ۽ خرقـﮧء خلافت کانئس ورتائين .
16 ربيع الاول جو، جڏھن شاه دولـﮧ، جيڪو انھيءَ سلسلي جي فقيرن جو سرگروه ھو، رحلت ڪري ويو، تڏھن سٺي جماعت سيد (؟) شاه احمد کي لائق ۽ فائق سمجھي، پڳ ٻڌائي، پنھنجي گروه جو سرخيل بڻايو .
”تذڪره حديقه احمديءَ“ جو مؤلف، شيخ احمد ”صلحاء سورت“ جي مؤلف جو پڙ ڏاڏو) سندس شاگرد ھو. سيد صاحب ھميشـﮧ درس ۾ مشغول رھندو ھو، ۽ ڪيترا شاگرد سندس درس مان زماني جا اڪابر ٿي نڪتا.
سيد صاحب 15 ذي الحج 1255 ھه تي فوت ٿيو ۽ شاه فاضل ۽ شاه قطب الدين جي ڀر ۾ مسجد مرجان شاميءَ واري قبرستان اندر دفن ٿيو. سيد مرحوم جي شاگرد، منشي عبدالحڪيم المخاطب زرين رقم خان جيڪا تاريخ چئي، ان جي ھيٺئين شعر مان سال برآمد ٿئي ٿو:
گفت رضوان: سال از اوج بھشت
سيد احمد فاضل و قطب زمان (1255ھه)
سندس ٻئي ھڪ شاگر، شيخ غلام محمد چيو:
چو اھل فضل بدو التفات ميکردنـــد
ازان سبب شده تاريخ: مرجع الفضلا (1)
1255ھه

شيخ عبدالرؤف:
بن محمد فياض بن شيخ زين العابدين متوفي 1112ھه بن محمد بن عبدالله بن مولانا شيخ زين العابدين احمدآبادي رحمت الله عليـﮧ . شاه قطب الدين جو ظاھري علم ۾ شاگرد ھو ۽ باطني تعليم به وٽانئس حاصل ڪري خرقـﮧ خلافت ورتائين.
شيخ عبدالرؤف شاھه قطب الدين کان خرقـﮧ خلافت وٺڻ بعد سنڌ ۾ آيو ۽ ڪيترو وقت جھوڪ شريف ۾ رھي، شاھه شھيد جي جانشين کان پڻ روحاني فيض حاصل ڪيائين ۽ ”وڏي مرتبي“ تي وڃي رسيو. فقر ۾ ايڏو ڪامل ٿيو، جو زماني کان صفا لاتعلق ٿي ويو. گويا ھن جھان ۾ ھوئي ڪونه! جھوڪ مان موٽي اچڻ بعد، سورت ۾ انھيءَ سلسلي جي مسند تي، مسجد مرجان شاميءَ ۾ اچي مقيم ٿيو، جتي 19 شعبان 1249ھه جو وفات ڪيائين ۽ پنھنجي والد جي ڀڪ ۾ دفن ٿيو.
شيخ عبدالرؤف کي ٻه پٽ ھئا: شيخ زين العابدين ۽ محمد عبدالله . ٻنھي کي پاڻ سان گڏ سنڌ ۾ وٺيو آيو ھو. ھتي اچي کين شاھه عزت الله جو مريد ڪيائين، جنھن جي عمر ان وقت سؤ سال ٿي چڪي ھئي.
شاھه عزت اللـﮧ لاءِ تذڪري جو مؤلف لکي ٿو ته خليفي ابراھيم جو مريد ھو، جيڪو خليفو ھو شاھه شھيد رحمـة اللـﮧ عليـﮧ جو.
شيخ عبدالرؤف جو فرزند، شيخ زين العابدين سنڌ کان موٽندي واٽ تي فوت ٿيو. محمد عبداللـﮧ شاھه خيريت سان سورت پھتو. سندس وصال پيءُ جي جيئري، سال 1246ھه ۾ وبا، جي مرض وگهي ٿيو ۽ ساڳيءَ مسجد مرجان واري قبرستان ۾ دفن ٿيو(1).
سورت ۾ ۽ ان جي گرد نواح اندر انھن بزرگن جي تعليمات سبب شاھه شھيد جي عقيدتمندن جو حلقو وسيع ٿيو ھوندو، ليڪن افسوس آھي، جو انھن تاريخ جي صفحن ۾ جاءِ حاصل نه ڪئي، جنھنڪري اھي سڀئي بي نام و نشان رھجي ويا.
سورت جي انھن بزرگن جا، ممڪن آھي ته ، اڃا به ڪي پويان ھجن، ۽ ٿي سگهي ٿو ته شاھه شھيد جي سلسلي جا ڪيترا نادر آثار سنڌ مان منتقل ٿي سورت پھتا ھجن، مثلاً: ڪتاب، تذڪرا، يا ٻيون سوکڙيون يعني تبرڪ وغيره.

انيس المساڪين (راحت السالڪين):
مصنف قاضي غلام ھادي مرحوم . سنڌ جي صوفي تحريڪ تي ھڪ مفصل ڪتاب. ”انيس المساڪين“ عرف ”راحت السالڪين“ ڪتاب ٻارھن بابن ۾ سنڌي زبان ۾ لکيل آھي. ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخ متعلق به ڪي اھم ڳالھيون لکيون ويون آھن، مثلاً شاھه عنايت صوفيءَ واري جنگ وغيره. ھتي ڪتاب جي عنوانن جي فھرست ڏجي ٿي، جنھن مان ڪتاب جي اھميت ۽ مطالب جو اندازو ٿيندو. اھو ڪتاب بيدل سائينءَ جي مجازي دوست ميان پير محمد جي صاحبزادي ميان غلام مھدي مرحوم، مسٽر لکا سنگهه وڪيل روھڙيءَ واري جي تحريڪ تي تصنيف ڪيو. ڪتاب جي ابتدا ۾ نظم آھي ۽ تصوف جو ٿورو احوال بيدل جي تاليف ”فوائد المعنوي“ مان ڏنو ويو آھي. ان کان پوءِ ھيٺينءَ طرح باب ۽ مضمون آھن:

باب پھريون:
تصوف سنڌ ۾ ڪيئن آيو؟ شاھه عنايت صوفيءَ جو تولد ۽ ننڍپڻ جو احوال .

باب ٻيو:
مرشد جي ڳولا ۾ نڪرڻ، مرشد جي ڪچهري، مرشد کان موڪلائي سنڌ ۾ اچڻ ، شاھه شھيد جي شادين جو ذڪر، يارمحمد ڪلھوڙي جو ضد پوڻ، سنڌن مريدن جو ارادو، لڙائيءَ جو بيان، 18_ ذولقعد 1129ھه کان 11_ صفر 1130ھه تائين ڪلھوڙن جو ڊوھه، سندن ڀاءُ ۽ ڀائيٽي جي شھادت ھمراھن سميت، قصيدهء وفات، سر مبارڪ جو دھليءَ وڃڻ لاءِ نيزي تي چڙھڻ، مير جان الله شاھه رضويءَ جا ٽي غزل، سر مبارڪ جي مخدوم ٺاري ۽ ھڪ ٻئي فقير سان گفتگو، سر مبارڪ جو رستي ۾ مريد ٿيڻ، دھليءَ ۾ سر مبارڪ جي پھچڻ جون وارداتون، سر مبارڪ جو سنڌ ۾ رسڻ، صوفين لاءِ وقتي سختيون، ڪرسي نامـﮧ نمبر 1 مصنف: فقير عبدالقادر بيدل، ۽ ڪرسي نامـﮧ نمبر 2 مصنف: فقير عبدالقادر بيدل .

باب ٽيون:
حضرت شھيد جي خليفن جو بيان، مير جان الله شاھه رضوي، ساقي نامـﮧ جان الله شاھه _ 131 بيت فارسي، ميخانه مير جان الله شاھه رضوي _ 131 بيت فارسي، مير قلندر علي شاھه جو بيان، ميان باقر علي شاھه، مير منورعلي شاھه ۽ مير فتح علي شاھه جو بيان، مير سيد ميان علي اڪبر جو بيان، سيد ميان جان الله شاھه ٽئين جو بيان، شاھه عبداللطيف ٺٽويءَ جو بيان، خليفي شاھه جو بيان، خليفي خواجه عبدالله جو بيان، خليفي سليمان ھنديءَ جو بيان، خليفي ابن جو بيان، ۽ خليفي ميان اسماعيل شاھه ٺٽويءَ جو بيان .

باب چوٿون:
حضرت صوفي صاحب جي اولاد شاھه خليل اللـﮧ جو بيان، شاھه عزت اللـﮧ جو احوال، شاھه غلام اللـﮧ قلندر جو بيان _ ڀٽ تجل شريف ۾ سندن حالات _ تجل ڳوٺ جو ٻَڌجڻ ۽ سندن روضي مبارڪ جُڙڻ جو احوال .

باب پنجون:
حضرت صوفي صاحب جي گاديءَ جو ڦرڻ، پير محمد زاھد شاھه جو بيان، ميان ابراھيم شاھه ثالث جو بيان، شاھه فضل اللـﮧ قلندر جو بيان، مخدوم پني لڌي جو بيان، ساھه فضل اللـﮧ جو ڪنبي جو کوھه تان ميرانپور ھلڻ ۽ شاھ فضل اللـﮧ جي وفات جو بيان.

باب ڇھون:
شاھه فضل اللـﮧ جي ٻن خليفن جو بيان، فقير محمد صديق جو بيان، فقير ميان عبداللـﮧ جو بيان، سيد فتح الدين شاھه جھانيان پوٽي حيدرآباديءَ جو بيان ۽ مدئي فقير حجام جو بيان.

باب ستون:
شاھه عزت اللـﮧ ثانيءَ جو بيان ۽ شاھه رحمت اللـﮧ قلندر جو بيان.

باب اٺون:
شاھه ابراھيم چوٿين جو بيان ۽ مخدوم ميان زاھد جو بيان.

باب نائون ۽ ڏھون:
ميرانپور جي گاديءَ جو تجل شريف وارن بزرگن جي ھٿ اچڻ ۽ عبدالستار سجاده نشين جو بيان.

باب يارھون:
عبدالستار جو سجاده نشين ٿيڻ ۽ مخدوم شھاب الدين جو بيان.

باب ٻارھون:
بي سر نامون ڇا آھي؟
(ڪتاب پورو ٿيو. 25 رمضان، ڏينھن اڱارو، ٽي پھري، 1340ھه برابر 23_ مئي 1932ع.)
ڪتاب جي مضمونن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي صوفي تحريڪ، ڪلھوڙن جي مخالفت ۽ سنڌ ۾ صوفي تحريڪ جي علمبردار، شاھه عنايت جي شھادت ۽ انھيءَ تحريڪ جي مکيه افرادن جي متعلق ڪافي مواد ڏنو ويو آھي. افسوس آھي، جو مطالعي جو موقعو نه ملڻ سبب اھو چوڻ مشڪل آھي، ته ڪتاب جو مواد تاريخي لحاظ کان ڪيتريقدر وسيع آھي؛ تاھم ايترو چئي سگهجي ٿو، ته ڪجھه نه ڪجھه تاريخي حقائق ان مان ضرور ملي ويندا.
حضرت بيدل سائينءَ جو خاندان، شاھه عنايت جي مريد خاص سيد جان اللـﮧ شاھه رضويءَ جو مريد ھو، بلڪ بيدل جي والد ۽ چاچي کي خلافت به مليل ھئي، تنھنڪري خود بيدل جي سلسلي ۾ پڻ ھي ڪتاب ھڪ اھم ڪڙيءَ جو ڪم ڏيئي سگهي ٿو.

[”نئين زندگي“ _ اپريل 1957ع،
مئي 1957ع، آڪٽوبر 1957ع،
نومبر 1957ع، جولاءِ 1963ع،
آگسٽ 1963ع.]



________________________________________
(1) جعفر زٽليءَ کي انهيءَ شعر جي سلسلي ۾ فرخ سير مارائي ڇڏيو.
(1) فرخ سير کي 1231هه، يعني شاهه عنايت شهيد کان هڪ سال پوءِ، نهايت بيرحميءَ سان، انڌو ڪري ماريو ويو. ”فاعتبروا يا اولي الابصار“ مان اهو سال برآمد ٿئي ٿو. کانئس پوءِ، ساڳئي سال ۾، ٽي شهزادا تخت تي ويٺا۽ هئا. رفيع الدرجات، رفغ الدوله ۽ زڪو سير. آخر ۾ ساڳئي سال منجهه محمد نصيرالدين تخت نشين ٿيو، جنهن کي اڳتي هلي عوام، ۽ آخر ۾ تاريخ محمد شاهه رنگيلي جو ٺهڪندڙ لقب ڏنو.
(1) سيد ميران جونپوري المعروف به مهدي، ڄام نظام الدين جي دﺆر ۾ انهيءَ ڳوٺ ۾ اچي ڪجهه ڏينهن لاءِ رهيو هو. تنهنڪري انهيءَ مناسبت سان ان تي ”ميران پور“ جو نالو پيو.
(1) سيد جو نالو مير محمد شفيع هو، سيد يارمحمد جو پٽ هو، جيڪو سيد يوسف بکري رضويءَ جي اولاد مان هو. لطف علي خان ۽ شجاعت علي خان بادشاهه طرفان لقب مليل هئس. ”همت“ سندس تخلص هو. 1125هه کان 1127 هه تائين ٺٽي جو گورنر ٿي رهيو. سندس وفات 1144هه ۾ ٿي.
(2) اهو واقعو 1126هه يا 1128هه ۾ ٿيو هوندو، ڇاڪاڻ ته 1127هه ۾ سيد لطف علي معزول ٿيو ۽ 1128هه جي آخر ۾ اعظم خان آيو.
(1) اعظم خان ولد صالح خان بن فدائي خان، لطف علي خان جي معزول ٿيڻ تي ٺٽي جو نواب مقرر ٿيو. پهرين خواجا محمد خليل خان کي نائب ڪري موڪليائين، پوءِ پاڻ آيو. 1128 کان 1131هه جي آخر تائين رهيو. کانئس پوءِ 1132هه ۾ نواب مهابت خان ڪاظم خلف محمد منعم خان آيو.
(1) ترجمو: ڄڻ ته اهي گڏهه آهن، جيڪي ڇرڪ ڀري، شينهن کان وٺي ڀڳا آهن.
(2) اهي لفظ حضورجن ”جنگ بدر“ جي موقعي تي، پٿرن جي مٺ مخالف لشڪر ڏانهن اڇلائيندي فرمايا هئا، ۽ انهيءَ مٺ وارن پٿرن، دشمن جي سڄي لشڪر جي اکين کي انڌو ڪري ڇڏيو هو.
(3) ترجمو: جڏهن تو پٿريون هنيون هيون، ته اهي تو نه، بلڪ الله هنيون هيون.
(4) سڀ کان سخت آزمائش نبين جي ٿيندي آهي، پوءِ اوليائن جي، ۽ ان کان پوءِ درجي بدرجي. (حديث)
(1) آخري حيلو ترار آهي.
(2) روايت آهي ته مير شهداد بلوچ، شاهه شهيد جو سينڍوُ هو.
(3) هو ته چوپايا آهن، بلڪ انهن کان به زيادهه گم ڪردهه راهه آهن،
(4) جن واعدا ٽوڙيا، انهن ڄڻ پاڻ سان عهد شڪني ڪئي.
(1) کيس يقيناً قتل ڪونه ڪويو ويو بلڪ مٿي کنيو ويو. مٿينءَ عبارت ۾ پنجن وقتن جو اشارو نماز جي وقتن ڏانهن آهي، ۽ چئن تڪبيرن جو استعارو جنازي نماز جي تڪبيرن ڏانهن آهي. جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته دنيا جي پنجن وقتن نماز تي (جيڪو فقيرن جو دنيا ۾ ڪم آهي) جنازي نماز جون چار تڪبيرون هڻي، حواس خمسه کي وداع چيائون، يعني شهيد ٿيو.
(1) دوستيءَ لاءِ آزمائش ائين آهي جيئن سون لاءِ باهه.
(1) اي اميان وارﺆ! الله جو تمام گهڻو ذڪر ڪندا رهو.
(1) مير جان الله شاهه جي ديوان ۾ بزرگن جي سلسلي ۾ ڪيئي قصيدا موجود آهن. سندن شهادت تي، مير صاحب هڪ قصيدو لکيو، جنهن جو هڪ شعر هي آهي:
برخاست تا نشاند شمع وجود حق را، غافل که سر بريدن افزون کند ضياي.
________________________________________
(1) شيخ الاسلام ابو اسماعيل عبدالله بن محمد بن علي الانصاري، الهروي الحنبلي مشهور به ”پير هري“ تولد 2 شعبان 396هه_ وفات ذوالحج 481هه.
(1) مولانا جلال الدين محمد بن سلطان العلماء بهاء الدين محمد بن حسين الخطيبي_ تولد 604هه، وفات 676هه
(2) تحفـﺔالڪرام پڻ هن بزرگ جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو پنهنجي جاءِ تي ايندو.
(1) علام عبدالجليل بلگرامي (ولادت 13 شوال 1071هه_ انتقال شب_ شنبه 23 ربيع الاخر 1138هه) سنڌ ۾ 1117هه کان وٺي 1136هه تائين وقايع نويسيءَ جي عهدي تي سرفراز هو. سيوهڻ ۾ رهندو هو ۽ بکر ۾ پنهنجي نائب رهائيندو هو. وقت جو جيد عالم ۽ اهل دل بزرگ هو؛ 1126هه ۾، محمد رضا کي نائب ڪري پاڻ دهليءَ ويو، اتان وري پنهنجي پٽ مير سيد محمد بلگراميءَ کي ساڳئي عهدي تي مقرر ڪرائي موڪليائين، جيڪو صاحب 1133هه ۾ سيوهڻ پهتو ۽ 1143هه تائين اتي رهي، انهيءَ سال ۾ مير غلام علي آزاد کي پنهنجو نائب ڪري، ڳوٺ هليو ويو. 1145هه ۾ وري آيو، ۽ 1147هه ۾ مير غلام علي هتان هليو ويو، ۽ مير محمد پاڻ هتي رهيو، جيسين نادرشاهه وارو هنگامو ٿيو؛ ۽ سنڌ مان 25 تاريخ رمضان 1155هه جو آخري طرح هليو ويو.
(2) مير غلام علي آزاد، شيخ محمد رضا جو ذڪر ”يـﮧ بيضا“ ۾ ڪيو آهي، مير ’قانع‘ وارن لفظن ۾ ئي سندس حال بيان ڪيو اٿس، وڌيڪ فقط اهو اضافو آهي ته مير غلام عليءَ سان به سندس ملاقاتيون هيون، ۽ لکي ٿو ته نهايت عزيز ماڻهو هو (تسخه خطي). مير غلام عليءَ جو نانو مير غبدالجليل سنڏ جي وقايع نويسيءَ لاءِ مقرر ٿي، 24 رجب 1117هه جو پنهنجي هيڊ آفيس سيوهڻ ۾ اچي مقيم ٿيو، ۽ 1126هه ۾ شيخ محمد رضا کي نائب مقرر ڪري، ٿوري عرصي لاءِ موٽي دهليءَ ويو. اهوئي دور آهي جنهن ۾ عطرخان ۽ لطف علي خان جو فساد شروع ٿيو، ۽ لطف علي خان بلڙيءَ جي ساداتن جو طرف وٺي، شاهه جي مخالفن کي موڪل ڏيئي ڇڏي. مير عبدالجليل 1126هه ۾ ويو ۽ 1133هه ۾ سندس پٽ ۽ محمد آيو، اهو سمورو وقت شيخ محمد رضا نائب هو، ۽ شاهه شهيد جي جهڳڙي ۽ شهادت وارو واقعو سڄو سندس وقايع نويسيءَ واري دور جو قصو آهي. مٿين سيدن مان هونـﮧ ڪو هتي هجي ها، ته انهيءَ طرح مرڪزي حڪومت، ٺٽي جي نواب جو ساٿ نه ڏئي ها، ۽ واقعي جي اصليت کان اُها ايترو بيخبر نه هجي ها. وقايع نويس چونڪ محمد رضا هو ۽ محمد رضا جو نواب اعظم خان سان رستو هو، تنهنڪري هن جيڪي هتان اطلاع موڪليا هوندا، سي پڻ سٽيل منصوبي جي پٺڀرائيءَ ۾ هوندا. سيدن جي موجودگيءَ ۾ ڪم از ڪم صحيح واقعات شاهي درٻار تائين پهچن ها.
(1) مخدو رحمـﺔالله، مخدوم آدم جي ڀاءُ، مخدوم علي احمد قمري جي اولاد مان هو، وڏو صاحب فضيلت بزرگ ۽ عالم هو، درس تدريس جو مشغل هئس. مخدوم عبدالجليل، ٺٽي جو مشهور عالم، مخدوم ضياءُالدين جو ڄاٽو سندس فرزند هو. سندس ٻيا پٽ محمد صادق ۽ مخدوم نعمت الله پڻ وڏي مان ۽ مرتبي وارا بزرگ هئا. وڌيڪ احوال ڏسو تحفـﺔالڪرام جلد 3_236، 222، 195_ مقالات الشعرا_ مخدوم رحمـﺔالله 1137هه ۾ فوت ٿيو.
(1) شاهه عالم جي وزير اغظم نواب محمد منعم خان، خان خانان جو پيءُ نواب مهايت خان، 1133هه ۾ آيو؛ نهايت نيڪ، شريف، ڪم آزار، چڱيءَ نيت وارو امير هو. غربا پروري ۽ ساز سلوڪ ۾ مشهور هو، فارسيءَ شاعريءَ ۾ استاد هو، تخلص ”ڪاظم“ هئس. 1135هه ۾ ٺٽي منجهه فوت ٿيو، سندس پٺيان سندس صغير پٽ في الحال قائم مقام ٿيو، نواب جي بيگم انتظام سنڀالڻ لاءِ رضي محمد خان کي موڪليو، جيڪو 1136هه وارو هڪ سال رهيو، جنهن بعد نواب سيف الله خان ٺٽي جي صوبيداريءَ تي مقرر ٿيو، جنهن شاهه عبدالغفور هالائيءَ جي ڀاءُ عبدالسميع خان کي ليابت لاءِ ڏياري موڪليو ۽ پاڻ 1137هه ۾ آيو.
(2) صڌو، سنڌيءَ ۾ غالباً صدرالدين جو مخفف آهي.
(1) ڪرامتن جا اهي قصا هن مادي دور ۾ وسهڻ جهڙا نه آهن؛ جنهن دور جو اهو قصو آهي، انهيءَ ۾ اهڙا بزرگ به هئا ۽ اهڙا نيڪ دل ويساهي به هئا. اڄ نه خدا شناس بزرگ، نه ڪافي ڪرامت ۽ نه وري ماڻهن ۾ ئي ويساهه رهيو آهي؛ اکين سان جو ڪنهن اهو لقاءُ ڪونه ڏٺو آهي، تنهنڪري ان تي اعتبار ڪونه ايندو.
(1) سنڌ کان ٻاهر شاهه شهيد جا جيڪي معتقد هئا، انهن جو ذڪر اسان اڳتي هلي ڪنداسين.
(2) هن بزرگ جو احوال ٻين ڪتابن تان اڳتي هلي ڪيو ويندو.
(1) هيءُ بزرگ شيخ عبيدالله انصاريءَ جي اولاد مان هو ۽ هرات مان ٺٽي آيو هو،
(1) شاهه عاشق الله گجرات جو رهاڪو ۽ وڏو خدا شناس بزرگ هو.
(2) مخدوم محمد قائم آخري دور جو جيد عالم ۽ محدث هو، 1157هه ۾ وفات ڪيائين.
(1) اڄ نه اوطـــــــــــــاقــــــن ۾، طــــــالــــــب تــــــنــــــواريــــــن،
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
شاهه جي پنهنجي عمران ان وقت 28 ورهيه هئي.
(1) فاضل شاهه قريشي، مخدوم بهاءالدين زڪريا ملتانيءَ جي اولاد مان هو، ۽ سال هزار ۽ ڪن سالن مٿي سنڌ ۾ آيو ۽ بڪيرن ۾ مقيم ٿيو. (وڌيڪ ڏسو تحفـﺔالڪرام 3/159
(1) مخدوم ناصرالدين محمود بن مخدوم جلال جهانيان جهانگشت (ولادت 2 ذيقعده 740هه_ وفات 22 رمضان 800هه).
(2) ولادت 4 يان 14 شعبان 707هه_ وفات 1 ذي الحج 785هه
(3) ولادت 5 ذي الحج 595هه_ وفات 19 جمادي الاول 690هه.
(1) مولانا محمد هاشم جي فرزند مخدوم ابراهيم ”القسطاس المستقيم“ نالي، مخدوم محمد معين جي ڪتاب ”دراسات اللبيب“ جو رد لکيو آهي، مٿس ان ۾ اهو پڻ هڪ اعتراض ڪيو اٿائين ته مخدوم معين پهرين حضرت مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جو مريد ۽ م معتقد هو، جڏهن شاهه عنايت جو غلغلو بلند ٿيو، ان وقت مخدوم نقشبنديءَ کان منهن مٽي وڃي شاهه جي معتقدن ۾ داخل ٿيو، مخدوم ابراهيم جي عربي عبارت جو ترجمو هن ريت آهي: ”خود معترض (يعني مخدوم معين) به وڏيءَ مدت تائين، قطب عارف، صاحب والا معارف، انسان ڪامل، نسخـﮧء جامع و حافل، شاه ملک ولايت، شهسوار راه هدايت، القائم بامر الله الدائم، شيخ ابوالقاسم نقشبندي قدس الله سره و و نفعنا ببره“ (آمين)، جي خدمت سڳوريءَ ۾ حصول طريقت لاءِ بسر ڪندو رهيو، ۽ ابتدا ۾ تربيت پڻ حاصل ڪندو رهيو، ۽ اثر به قبول ڪيائين، ليڪن جڏهن شاهه عنايت الله لانگاهه صوفيءَ (الله کيس اها جزا ڏئي جنهن جو مستحق آهي) جي غلوءَ جي شهرت ٿي، تڏهن طلب طريقت ۾ دوي اختيار ڪري، اوڏانهن جو رخ ڪيائين. جنهنڪري شيخ قدس سره کانئس بيزاريءَ جو اعلان ڪيو، پوءِ وري تويهه ڪري شيخ ڏانهن رجوع ڪيائين، ليڪن جلد ئي شيخ برقعو مٽائي ويو.
ٺٽي جي عالمن جو شاهه شهيد ڏانهن ڪهڙو رخ هو، مٿين عبارت مان ان جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.

________________________________________
(1) انهي ڪتاب جي تيار ڪرڻ ۾ مـﺆلف 444 ڪتاب پنهنجي سامهون رکيا هئا.
(2) مطبع شهابي، واقع بمبئيءَ، ۾ ڇپيو.
(1) ”صلحاء سورت“ صفحو، 62_ اڳين مقالن ۾ ٻه سلسلا ڏنا ويا آهن: هي زياده معتبر معلوم ٿئي ٿي.
(1) ايضا ض ص 64_65. شاه قطب الدين هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي پٺيان ڇڏي.
(1) ايضاً ص: 67. شاه احمد پٺيان هڪ نياڻي ۽ هڪ پٽ ڇڏيو. پٽس جي عمر ان وقت (1255هه) ڏهه ورهيه هئي. تاريخ وفات مـﺆلف ”حديقـﮧ احمدي“ جي تڙ ڏاڏي شيخ محمـد فاضل چئي:
شيخ زين العابدين، آن کان علم از فراقش گريـﮧ، در جـــوش آمــــده
گفت تــــــاريـــــــخ وصـــــــــالِ او خــــــرد علم زان ماتم، سيـﮧ پوش آمده
1112هه
شيخ عالم عارف ۽ اجلـﮧ مشائخ مان هو. ديني علومن ۾ سندس ڪيتريون تصنيفون آهن، جهڙوڪ: نحو ۾ ”ڪتاب بصري“، ”آداب الباقيءَ“ تي حاشيـﮧ زين العابدين ۽ ٻيا ڪيترا حاشيـﮧ. تذڪري جي مـﺆلف شيخ احمد جي وڏي ڏاڏي شيخ محمد فاضل وٽانئس علم حاصل ڪيو، ۽ پنهنجي نياڻي به کيس ڏني، جنهن مان شيخ عبدالرﺆف جو والد شيخ محمد فياض ڄائو. (ص 65_77)
(1) ايضاً ص: 65-66
________________________________________
(1) شيخ الاسلام ابو اسماعيل عبدالله بن محمد بن علي الانصاري، الهروي الحنبلي مشهور به ”پير هري“ تولد 2 شعبان 396هه_ وفات ذوالحج 481هه.
(1) مولانا جلال الدين محمد بن سلطان العلماء بهاء الدين محمد بن حسين الخطيبي_ تولد 604هه، وفات 676هه
(2) تحفـﺔالڪرام پڻ هن بزرگ جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو پنهنجي جاءِ تي ايندو.
(1) علام عبدالجليل بلگرامي (ولادت 13 شوال 1071هه_ انتقال شب_ شنبه 23 ربيع الاخر 1138هه) سنڌ ۾ 1117هه کان وٺي 1136هه تائين وقايع نويسيءَ جي عهدي تي سرفراز هو. سيوهڻ ۾ رهندو هو ۽ بکر ۾ پنهنجي نائب رهائيندو هو. وقت جو جيد عالم ۽ اهل دل بزرگ هو؛ 1126هه ۾، محمد رضا کي نائب ڪري پاڻ دهليءَ ويو، اتان وري پنهنجي پٽ مير سيد محمد بلگراميءَ کي ساڳئي عهدي تي مقرر ڪرائي موڪليائين، جيڪو صاحب 1133هه ۾ سيوهڻ پهتو ۽ 1143هه تائين اتي رهي، انهيءَ سال ۾ مير غلام علي آزاد کي پنهنجو نائب ڪري، ڳوٺ هليو ويو. 1145هه ۾ وري آيو، ۽ 1147هه ۾ مير غلام علي هتان هليو ويو، ۽ مير محمد پاڻ هتي رهيو، جيسين نادرشاهه وارو هنگامو ٿيو؛ ۽ سنڌ مان 25 تاريخ رمضان 1155هه جو آخري طرح هليو ويو.
(2) مير غلام علي آزاد، شيخ محمد رضا جو ذڪر ”يـﮧ بيضا“ ۾ ڪيو آهي، مير ’قانع‘ وارن لفظن ۾ ئي سندس حال بيان ڪيو اٿس، وڌيڪ فقط اهو اضافو آهي ته مير غلام عليءَ سان به سندس ملاقاتيون هيون، ۽ لکي ٿو ته نهايت عزيز ماڻهو هو (تسخه خطي). مير غلام عليءَ جو نانو مير غبدالجليل سنڏ جي وقايع نويسيءَ لاءِ مقرر ٿي، 24 رجب 1117هه جو پنهنجي هيڊ آفيس سيوهڻ ۾ اچي مقيم ٿيو، ۽ 1126هه ۾ شيخ محمد رضا کي نائب مقرر ڪري، ٿوري عرصي لاءِ موٽي دهليءَ ويو. اهوئي دور آهي جنهن ۾ عطرخان ۽ لطف علي خان جو فساد شروع ٿيو، ۽ لطف علي خان بلڙيءَ جي ساداتن جو طرف وٺي، شاهه جي مخالفن کي موڪل ڏيئي ڇڏي. مير عبدالجليل 1126هه ۾ ويو ۽ 1133هه ۾ سندس پٽ ۽ محمد آيو، اهو سمورو وقت شيخ محمد رضا نائب هو، ۽ شاهه شهيد جي جهڳڙي ۽ شهادت وارو واقعو سڄو سندس وقايع نويسيءَ واري دور جو قصو آهي. مٿين سيدن مان هونـﮧ ڪو هتي هجي ها، ته انهيءَ طرح مرڪزي حڪومت، ٺٽي جي نواب جو ساٿ نه ڏئي ها، ۽ واقعي جي اصليت کان اُها ايترو بيخبر نه هجي ها. وقايع نويس چونڪ محمد رضا هو ۽ محمد رضا جو نواب اعظم خان سان رستو هو، تنهنڪري هن جيڪي هتان اطلاع موڪليا هوندا، سي پڻ سٽيل منصوبي جي پٺڀرائيءَ ۾ هوندا. سيدن جي موجودگيءَ ۾ ڪم از ڪم صحيح واقعات شاهي درٻار تائين پهچن ها.
(1) مخدو رحمـﺔالله، مخدوم آدم جي ڀاءُ، مخدوم علي احمد قمري جي اولاد مان هو، وڏو صاحب فضيلت بزرگ ۽ عالم هو، درس تدريس جو مشغل هئس. مخدوم عبدالجليل، ٺٽي جو مشهور عالم، مخدوم ضياءُالدين جو ڄاٽو سندس فرزند هو. سندس ٻيا پٽ محمد صادق ۽ مخدوم نعمت الله پڻ وڏي مان ۽ مرتبي وارا بزرگ هئا. وڌيڪ احوال ڏسو تحفـﺔالڪرام جلد 3_236، 222، 195_ مقالات الشعرا_ مخدوم رحمـﺔالله 1137هه ۾ فوت ٿيو.
(1) شاهه عالم جي وزير اغظم نواب محمد منعم خان، خان خانان جو پيءُ نواب مهايت خان، 1133هه ۾ آيو؛ نهايت نيڪ، شريف، ڪم آزار، چڱيءَ نيت وارو امير هو. غربا پروري ۽ ساز سلوڪ ۾ مشهور هو، فارسيءَ شاعريءَ ۾ استاد هو، تخلص ”ڪاظم“ هئس. 1135هه ۾ ٺٽي منجهه فوت ٿيو، سندس پٺيان سندس صغير پٽ في الحال قائم مقام ٿيو، نواب جي بيگم انتظام سنڀالڻ لاءِ رضي محمد خان کي موڪليو، جيڪو 1136هه وارو هڪ سال رهيو، جنهن بعد نواب سيف الله خان ٺٽي جي صوبيداريءَ تي مقرر ٿيو، جنهن شاهه عبدالغفور هالائيءَ جي ڀاءُ عبدالسميع خان کي ليابت لاءِ ڏياري موڪليو ۽ پاڻ 1137هه ۾ آيو.
(2) صڌو، سنڌيءَ ۾ غالباً صدرالدين جو مخفف آهي.
(1) ڪرامتن جا اهي قصا هن مادي دور ۾ وسهڻ جهڙا نه آهن؛ جنهن دور جو اهو قصو آهي، انهيءَ ۾ اهڙا بزرگ به هئا ۽ اهڙا نيڪ دل ويساهي به هئا. اڄ نه خدا شناس بزرگ، نه ڪافي ڪرامت ۽ نه وري ماڻهن ۾ ئي ويساهه رهيو آهي؛ اکين سان جو ڪنهن اهو لقاءُ ڪونه ڏٺو آهي، تنهنڪري ان تي اعتبار ڪونه ايندو.
(1) سنڌ کان ٻاهر شاهه شهيد جا جيڪي معتقد هئا، انهن جو ذڪر اسان اڳتي هلي ڪنداسين.
(2) هن بزرگ جو احوال ٻين ڪتابن تان اڳتي هلي ڪيو ويندو.
(1) هيءُ بزرگ شيخ عبيدالله انصاريءَ جي اولاد مان هو ۽ هرات مان ٺٽي آيو هو،
(1) شاهه عاشق الله گجرات جو رهاڪو ۽ وڏو خدا شناس بزرگ هو.
(2) مخدوم محمد قائم آخري دور جو جيد عالم ۽ محدث هو، 1157هه ۾ وفات ڪيائين.
(1) اڄ نه اوطـــــــــــــاقــــــن ۾، طــــــالــــــب تــــــنــــــواريــــــن،
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
شاهه جي پنهنجي عمران ان وقت 28 ورهيه هئي.
(1) فاضل شاهه قريشي، مخدوم بهاءالدين زڪريا ملتانيءَ جي اولاد مان هو، ۽ سال هزار ۽ ڪن سالن مٿي سنڌ ۾ آيو ۽ بڪيرن ۾ مقيم ٿيو. (وڌيڪ ڏسو تحفـﺔالڪرام 3/159
(1) مخدوم ناصرالدين محمود بن مخدوم جلال جهانيان جهانگشت (ولادت 2 ذيقعده 740هه_ وفات 22 رمضان 800هه).
(2) ولادت 4 يان 14 شعبان 707هه_ وفات 1 ذي الحج 785هه
(3) ولادت 5 ذي الحج 595هه_ وفات 19 جمادي الاول 690هه.
(1) مولانا محمد هاشم جي فرزند مخدوم ابراهيم ”القسطاس المستقيم“ نالي، مخدوم محمد معين جي ڪتاب ”دراسات اللبيب“ جو رد لکيو آهي، مٿس ان ۾ اهو پڻ هڪ اعتراض ڪيو اٿائين ته مخدوم معين پهرين حضرت مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جو مريد ۽ م معتقد هو، جڏهن شاهه عنايت جو غلغلو بلند ٿيو، ان وقت مخدوم نقشبنديءَ کان منهن مٽي وڃي شاهه جي معتقدن ۾ داخل ٿيو، مخدوم ابراهيم جي عربي عبارت جو ترجمو هن ريت آهي: ”خود معترض (يعني مخدوم معين) به وڏيءَ مدت تائين، قطب عارف، صاحب والا معارف، انسان ڪامل، نسخـﮧء جامع و حافل، شاه ملک ولايت، شهسوار راه هدايت، القائم بامر الله الدائم، شيخ ابوالقاسم نقشبندي قدس الله سره و و نفعنا ببره“ (آمين)، جي خدمت سڳوريءَ ۾ حصول طريقت لاءِ بسر ڪندو رهيو، ۽ ابتدا ۾ تربيت پڻ حاصل ڪندو رهيو، ۽ اثر به قبول ڪيائين، ليڪن جڏهن شاهه عنايت الله لانگاهه صوفيءَ (الله کيس اها جزا ڏئي جنهن جو مستحق آهي) جي غلوءَ جي شهرت ٿي، تڏهن طلب طريقت ۾ دوي اختيار ڪري، اوڏانهن جو رخ ڪيائين. جنهنڪري شيخ قدس سره کانئس بيزاريءَ جو اعلان ڪيو، پوءِ وري تويهه ڪري شيخ ڏانهن رجوع ڪيائين، ليڪن جلد ئي شيخ برقعو مٽائي ويو.
ٺٽي جي عالمن جو شاهه شهيد ڏانهن ڪهڙو رخ هو، مٿين عبارت مان ان جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.

________________________________________
(1) انهي ڪتاب جي تيار ڪرڻ ۾ مـﺆلف 444 ڪتاب پنهنجي سامهون رکيا هئا.
(2) مطبع شهابي، واقع بمبئيءَ، ۾ ڇپيو.
(1) ”صلحاء سورت“ صفحو، 62_ اڳين مقالن ۾ ٻه سلسلا ڏنا ويا آهن: هي زياده معتبر معلوم ٿئي ٿي.
(1) ايضا ض ص 64_65. شاه قطب الدين هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي پٺيان ڇڏي.
(1) ايضاً ص: 67. شاه احمد پٺيان هڪ نياڻي ۽ هڪ پٽ ڇڏيو. پٽس جي عمر ان وقت (1255هه) ڏهه ورهيه هئي. تاريخ وفات مـﺆلف ”حديقـﮧ احمدي“ جي تڙ ڏاڏي شيخ محمـد فاضل چئي:
شيخ زين العابدين، آن کان علم از فراقش گريـﮧ، در جـــوش آمــــده
گفت تــــــاريـــــــخ وصـــــــــالِ او خــــــرد علم زان ماتم، سيـﮧ پوش آمده
1112هه
شيخ عالم عارف ۽ اجلـﮧ مشائخ مان هو. ديني علومن ۾ سندس ڪيتريون تصنيفون آهن، جهڙوڪ: نحو ۾ ”ڪتاب بصري“، ”آداب الباقيءَ“ تي حاشيـﮧ زين العابدين ۽ ٻيا ڪيترا حاشيـﮧ. تذڪري جي مـﺆلف شيخ احمد جي وڏي ڏاڏي شيخ محمد فاضل وٽانئس علم حاصل ڪيو، ۽ پنهنجي نياڻي به کيس ڏني، جنهن مان شيخ عبدالرﺆف جو والد شيخ محمد فياض ڄائو. (ص 65_77)
(1) ايضاً ص: 65-66

سنڌ جو پھريون زرعي سڌارڪ، شاه عنايت صوفي

خونــــــي نه کرده ايم، کسي را نه کشته ايم؛
جرمم ھمينست، عاشق روي تو گشته ايم.
ٻارھين صدي ھجريءَ جي سنڌ، بيپناھه مصيبتن، آفتن، ڌارين جي حملن ۽ پنھنجن جي نفاق ۽ اختلاف ۾ مبتلا ھئي. مغلن جي غلاميءَ جو طوق، مرڪز جي ڪمزور ٿيڻ سبب، اگرچه ڍرو ٿي چڪو ھو، ليڪن ان ھوندي به سندن گورنر ھڪٻئي پٺيان ٺٽي مٿان جلد به جلد مقرر ٿيندا ۽ ايندا رھيا. صوبيدارن ڏٺو ٿي ته سندن اقتدار جا پويان پساھه آھن، تنھنڪري جيڪي پُڳن ٿي، سو ميڙي چونڊي پنھنجا گهر ٿي ڀريائون. پنھنجي نابود حالت ڏسي، نيٺ مغل حڪومت کي اتر سنڌ، سيوي کان سيوھڻ تائين، ڪلھوڙن کي ٺيڪي تي ڏيڻي پيئي.
سنڌ جون مقامي قوتون وڏيرن، زميندارن، پيرن ۽ مغل ڪامورن تي مشتمل ھيون، باھمي نفاق، مسھائپ ۽ حسد، بغض ۽ عناد جي باوجود به، سنڌ جي غريب عوام تي انھن ئي سڀني قوتن جو گڏيل قبضو ھو. جنھنڪري ھتان جي رھاڪن جو جسم غلام، ذھن مفلوج، ڪڇڻ پڇڻ جي قوت سلب ۽ سڀيئي انساني حق کانئن کسيل ھئا. سنڌ ھڪ عجيب وغريب بحراني ڪيفيت ۾ مبتلا ھئي، ۽ بيان ڪيل حالتن، سنڌ جي اقتصادي حالت حد کان زيادھه زبون ۽ بدتر ڪري ڇڏي ھئي. آب _ رسانيءَ جو سلسلو پوريءَ ريت ڪونه ھو ۽ نه چارن پيچرن کان سواءِ آمدرفت لاءِ ڪي عام رستا ۽ شاھي سڙڪون ھيون. افلاس، تنگدستي ۽ بک پيڙا انتھا تي پھچي چڪي ھئي. ڪنھن به مظلوم جو سڏ واڪو ڪونه ٿي سُڻيو!
اھو ھو سنڌ جو سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حال، جنھن وقت جھوڪ جو شاھه عنايت صوفي، جيڪو تصوف ۽ طريقت جي تعليم لاءِ دکن ويل ھو، سو اتان موٽي سنڌ اندر پنھنجي ٿاڪ يعني جھوڪ شريف ۾ اچي پھتو.
عالمگير ڪم و بيش پنجويھه ورھيه حيدرآباد دکن جي مسلم رياستن کي تھه و بالا ڪرڻ ۾ گذاريا. شاھه عنايت صوفي انھيءَ جنگ و جدل، ڪشت و خون ۽ مسلسل تباھين ۽ بربادين جا ڪيئي نظارا پاڻ اکين سان ڏسي چڪو ھو ۽ ڪنن سان ڪيترا خوني داستان ۽دردناڪ ڪھاڻيون خود انھن مظلومن جي واتان ٻڌيون ھئائين، جن مٿان اھي ويل وھيل ھئا.
غلبي، قوت، تشدد، بي انصافيءَ ۽ انسانذات جي مظلوميت جو احساس انھيءَ وقت سندس فڪر ۽ ذھن تي نقش ٿي چڪو ھو، جڏھن پاڻ دکن ۾ ھو. ويتر جو سنڌ ۾ پھچي ھن عوام جي ھيءَ زبون حالت ڏٺي، تنھن کيس سخت حساس ۽ رنجيدو بنائي ڇڏيو.
سندس خاندان مدتن کان معزز ۽ محترم ھو. خدا آگاھي انھيءَ خاندان جي خمير ۽ ضمير ۾ موجود ھئي. خانقاھه موجود، مسند قائم ۽ مريدن جو وڏو گروھه انھيءَ پراڻيءَ گهراڻي سان وابسته ھو. مغليه دستور مطابق انھيءَ خاندان کي ڍل جي معافيءَ سان پنھنجي ڳوٺ جي پسگردائي ۾ زمينون پڻ مليل ھيون، جن تي سندن بزرگن جو گذارن ھو.
شاھه عنايت صوفي دکن مان موٽي اچي جڏھن پنھنجي بزرگن واريءَ مسند تي ويٺو، انھيءَ وقت ھن عبادت اِلاھيءَ سان گڏ خدمت خلق جو پڻ سلسلو سٽيو، جيڪو عبادت الاھيءَ جو حقيقي مفھوم به آھي.
زميندار ۽ ھاريءَ جي وچ ۾ انھيءَ وقت ڪو قانون يا حدون مقرر ڪونه ھيون. جيڪڏھن زميندار ڏاڍو آھي، ته پوک جا ٻيئي سرا سندس گهر پھچندا ھئا ۽ ڏوھاري اوڇڻ ڇنڊي ديري مان نڪرندو ھو، ۽ ھونئن به دستوري طرح قرضن ۽ ٻين ڏيتين ليتين سبب بٽائيءَ بعد ڪڙميءَ جي پلَوَ ۾ مشڪل سان ڪي داڻا پوندا ھئا. اھوئي سبب ھو، جو سنڌ جو ھاري آواره نشينن وانگر ڪٿي به پڪيءَ طرح رھي نه سگهندو ھو. بک ۽ افلاس کي دور ڪرڻ لاءِ ھو ھڪ ھنڌان لڏي ٻئي ھنڌ، اميدن پٺيان اميدن جا جھوپڙا اڏيندو ۽ مايوس ٿيڻ بعد ڊاھيندو وتندو ھو. اھو ئي ڪارڻ ھو، جو سنڌ جو مجبور طبقو زمين جي پيدائش تان آسرو لاھي، پيٽ گذارن جي ٻي ڪا راھه نه ڏسي، پنھنجي پنھنجي ٻارن جي بک دور ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي اخلاقي گناھن ۾ مبتلا ٿي ويو ٿي _ جھڙوڪ ڌاڙا ھڻڻ، چوريون ڪرڻ، کاٽ ھڻڻ ۽ مال ڍڳي جي ٻڌ _ ڇوڙ. اھي اخلاقي پستيون سڀ انھيءَ ڀيانڪ معاشري جون پيداوار ھيون، جنھن ۾ اقتصادي حالت ھٿ سان غير متوازن ۽ ڊانواڊول ڪئي ويئي ھئي.
شاھه عنايت صوفي پھريون ماڻھو ھو، جنھن انھيءَ ڏکوئيندڙ صورتحال کي دکن کان ايندي شرط شدت سان محسوس ڪري، پنھنجي آبائي زمين کي گڏيل ملڪيت قرار ڏيئي، پيداوار تي مساوي حق ۽ حصي جي رٿا تي، ۽ مريدن، ڳوٺاڻن ۽ پاڙيسرين کي گڏي، انھيءَ اسڪيم تي عملي قدم کنيو. سندس ڳوٺاڻا، سندس اھل خاندان ۽ سندس مريد يا ھاري ناري گڏجي زمين ۾ ھرَ ڪاھيندا ھئا، آمدنيءَ ۽ پيداوار تي سڀني جو گڏيل حق ھو ۽ ونڊڻ وقت ھر ڪو ھڪجيترو آن ورھائي کڻندو ھو. اھو تجربو بيحد ڪامياب ٿيو. انھيءَ رٿا ۾ شامل ٿيل ماڻھو مطمئن ٿي ويا ۽ سندن اقتصادي حالت سڌري ويئي، ھرڪو ريان کيان ڏسڻ ۾ آيو ٿي.
انھيءَ نئين ۽ انوکي طريقي ڪار، پاسي پلؤ جي مفلس ۽ بکئي عوام جو توجه پاڻ ڏانھن ڇڪايو، چنانچه تنگدست ۽ بکايل ھاري اوسي پاسي جي زميندار جي زمينن کي ڇڏي، پنھنجي لڏکڻي جھوڪ جي ”مشترڪ اقتصادي نظام“ ھيٺ اچي ڏسڻ ۾ آيو ٿي .
زميندارن لاءِ اھو عمل وڏي خطري جو سبب ھو. نه فقط عوام تان سندس اثر ختم ٿيو ٿي ۽ سندن زمين کي آباد ڪرڻ ۾ ڪنھن دلچسپي ڪانه ٿي ورتي، بلڪ انھيءَ کان وڌ سندن لاءِ اھا تباھي ھئي، جو ھنن جيڪا ڪاڪ ٺاھي ھئي ۽ جيڪو ٽڪساٽ حڪومت جي آڌار تي اڏيو ھئائون، سو سمورو شاھه عنايت جي انھيءَ رٿا سبب عنقريب ڊانواڊول ۽ ڊھڻ وارو ھو.
پاڙيسري جاگيردار، زميندار، وڏيرا، پير خواھه خانقاھي، پرائيءَ پيدائش تي پلجدڙ پڳدار ۽ مسند نشين انھيءَ انقلاب ۽ لڏپلاڻ سبب بنھه مڇرجي پيا. بلڙيءَ ۽ جھوڪ جي ڀر وارا پليجا ۽ پير انھيءَ پيدا ٿيندڙ قوت کي ختم ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيا. مختلف سازشون سٽيائون. ڪلھوڙن پڻ فقيري روپ ۾ سنڌ اندر نروار ٿيا ھئا. اڌ سنڌ ٺيڪي ۾ کڻي چڪا ھئا، باقي سنڌ تي سندن نگاھون ھيون. شاھه عنايت جي قوت انھن جي پروگرامن کي ڊاھڻ لاءِ پڻ ڪو گهٽ خطرو ڪانه ھئي . الغرض، آھستي آھستي، سڄا پاڙيسري، شاھه عنايت ۽ سندس حلقي کي ختم ڪرڻ لاءِ پنھنجا سمورا نفاق، عداوتون ۽ اختلاف وساري، متحد ٿي ويا. پھرين دھليءَ ۾ درخواستون ڪيائون، پوءِ ٺٽي جي مغل صوبيدار اعظم خان جي ذريعي مرڪز جي اميرن ۽ وزيرن جا ڪَن ڀريائون. شاھه عنايت خلاف فرخ سير بادشاھه تي ھي اثر ويھاريو ويو ته سندس اھا تحريڪ خانقاھي ۽ درويشي نه، بلڪ دراصل حڪومت جي خلاف ھڪ مڪمل بغاوت جي تحريڪ آھي. ھو ماڻھن کي انھيءَ لاءِ تيار ڪري رھيو آھي ته ھڪ ڏينھن انھن جي ذريعي مغل حڪومت سان جنگ جوٽي، سنڌ کي آزاد ڪرائي ۽ پاڻ ان جو سلطان بڻجي ويھي! شاھه عنايت جي خلاف اھا سازش ايڏي وڏي پئماني تي رٿيل ھئي، جو ھو پنھنجن خانگي ماڻھن کي دربار ۾ موڪلي به ان جي صفائي ڪري ڪونه سگهيو. فرخ سير زوال پذير بادشاھت جو پر _ وھيڻو جاءِ نشين، جيئن ته ڪمزور، پر ٻڌڙيو ۽ ڪنن جو ڪچو ھو، تنھنڪري ھن جي انھيءَ ڪمزوريءَ کان مخالفن ۽ اعظم خان گڏجي پورو فائدو ورتو ۽ ھن کان شاھه عنايت سان جنگ جوٽڻ جو پروانو حاصل ڪري ورتائون.
جھوڪ جي مرڪز جي تباھيءَ ۾ تنھا شاھه عنايت جو سوال نه ھو، ھي انھن سڀني مفلسن ۽ مظلومن ۽ بکايل انسانن جي موت ۽ زندگيءَ جو مسئلو ھو، جيڪي ھِتان ھُتان جي زمينداري آڙاھه مان نڪري شاھه عنايت جي رٿيل ” اقتصادي نظام“ ھيٺ ڪجھه وقت کان سک جو ساھه کڻي رھيا ھئا. جيڪڏھن اھو نظام درھم برھم ٿيو ٿي ته سندن لاءِ وري ساڳيو اونداھه ۽ انڌوڪار ھو. يعني اھو افلاس، اھا بک، اھا غلامي ۽ اھا ئي ذلت، خواريءَ ۽ خجالت واري زندگي!
سبيءَ، اپر سنڌ ۽ لوئر سنڌ جي سڀني جاگيردارن ۽ زميندارن جو جڏھن ڪٽڪ اعظم خان جي ڪمان ھيٺ ڪاھي اچي جھوڪ مٿان ڪڙڪيو، ان وقت شاھه عنايت ۽ سندس ساٿين ”الارض للـﮧ، جو نعرو ھڻي، پنھنجي مساوي ۽ گڏيل ملڪيت کي بھر صورت بچائڻ جو فيصلو ڪيو. جڏھن جنگ جي نوبت آئي، تڏھن مردانه وار پنھنجو بچاءُ ڪيائون ۽ ايڏيءَ بي جگريءُ سان پنھنجي مدافعت ۾ سينا تاڻي اڳتي وڌيا، جو ھيڏي ساري لشڪر جا بنھه ڇھه ڇڄي پيا.
اھو ياد رکڻ گهرجي ته دستوري طرح انھيءَ لشڪر کي به مذھبي پيشوائن جي پشت پناھي حاصل ھئي. انھيءَ دور جي تاريخن مان معلوم ٿئي ٿو ته شاھه عنايت جي مٿان ڪفر جون فتوائون حاصل ڪيون ويون ھيون ۽ کيس پنھنجي سڄيءَ جماعت سميت بي دين ٺھرايو ويو ھو.
بھرحال مقابلي ۾ زور آورن ۽ زبردستن جو لشڪر کانئن کٽي ڪونه سگهيو. نيٺ ٻيو چارو نه ڏسي، صلح جي بھاني سان، اعظم خان شاھه عنايت کي پاڻ وٽ اچڻ آماده ڪيو، جيئن صلح جا شرط روبرو طيء ڪري، ۽ شاھي ڪٽڪ پٺتي موٽي وڃي.
شاھه عنايت جي دل ۾ فتور ڪونه ھو ۽ نه ڪا فتني جي خواھش ھئي . تنھنڪري ھو سواءِ ڪنھن شڪ شبھي جي اعظم خان وٽ ھلي اچي پھتو. ڏاڍي جي ڪردار ۾ وعده خلافي ۽ ڌوڪو ڏيڻ پڻ وصف ٿي شمار ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته فريب، دغا ۽ ڌوڪو شڪست خورده زور آور قوت جو آخري ھٿيار آھي! جڏھن اعظم خان ۽ زميندار شاھي گڏ ٿي به شاھه عنايت کي زير ڪري ڪونه سگهيا، تڏھن ھنن انھيءَ ھٿيار کان ڪم وٺي کيس پاڻ وٽ آڻي گرفتار ڪيو. گرفتاريءَ بعد جھوڪ جي سڄي ڳوٺ، حويليءَ جي ڪوٽ ۽ ھارين نارين جي جھڳين ۽ جھوپڙن کي تھس نھس ڪري، ھڪ طرف انھيءَ مرڪز جو بنياد ھميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو ويو ته ٻئي طرف شاھه عنايت صوفيءَ کي پابه جولان ڪري، ٺٽي وٺي وڃي ساڻس اھو ئي ڪيائون، جيڪو منصور جو مَرڪ ھو يا جيڪو سرمد سان ٿي چڪو ھو.
شاھه عنايت جو ڪو ڏوھه ڪونه ھو، ھن گهريو ٿي ته سنڌ ۾ اقتصادي نظام اھڙي نموني رائج ٿئي، جيڪو سنڌ جي رھاڪن لاءِ ھڪجھڙو ۽ ھڪجيترو روزگار ميسر ڪري. غير متوازن نظام معيشت ختم ٿئي ۽ ماڻھن جا جسم، ذھن ۽ فڪر زبردستن جي زنجيرن جي جڪڙ مان آزاد ٿين. اھو نه خدا جو ڏوھه ھو ۽ نه اسلام جي انحرافي! بلڪ اھو عين اسلام ھو. اھو اسلام جيڪو اسان جي رسول محمد مصطفى آندو. بھرحال تيرھن سؤ ورھيه اسلام جي انھيءَ روح کي زماني ۽ وقت جون قوتون ڪچليندريون رهيون آهن. هتي سنڌاندر به اهو روح شاهه عنايت جي صورت ۾ ڪچليو ويو. پر جن انھيءَ روح کي فنا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، آخر اھي پاڻ به جلد ئي فنا ٿي ويا. نادرشاھه جي ڪاھه، افغانن جو ڪٽڪ ۽ مددخان پٺاڻ جي گهَل يقيناً انھيءَ بيگناھه خون جو نتيجو آھي، جيڪو شاھه عنايت جي سسيءَ مان، ڌڙ کان ڌار ٿيڻ وقت، نارا ڪري اعظم خان جي پيرن ۾ ڪريو ھو.
ديدي که خون ِ ناحق ِ پــــروانه شمــــــع را
چندين امان نه داد که شب را سحر کند

[”سجاڳي“ _ مارچ 1970ع]

لڪياري سادات

تاريخي پس منظر:
تحفـة الڪرام جي روايت آهي ته بغداد جي خليفي (؟) چوٿين صدي هجريءَ ۾،ڇٽي امراڻيءَ جي داد طلب دانهن تي، سامره مان سيد علي موسوي (بن سيد عباس، بن سيد حسين، بن سيد ارشد،بن سيد زيد، بن سيد جعفر، بن سيد عمران، بن سيد ھارون، بن سيد عبدالله الاشرف، بن سيد قاسم، بن سيد عبدالله، بن امام حضرت موسى ڪاظم) کي سؤ سوارن سان دلوراءِ جي گوشماليءَ لاءِ ڏياري موڪليو.
سيد صاحب پھچي، ان کان اڳ ئي ڇٽي امراڻيءَ جي دانھن جو داد دربار باري تعالى مان ٿي ويو. نه الور رھيو، ۽ نه دلوراءِ جي ننگري قائم رھي. ٻيئي شھر غضب الاھيءَ ھيٺ تھه و بالا ٿي ويا. اتفاق چئجي يا منشاءِ ايزدي، پاڻ دلوراءِ بچي ويو، ۽ سيد صاحب جيئن عراق کان سنڌ اندر پھتو، تيئن ئي دلوراءِ سندس خدمت ۾ پھچي، پنھنجي ڪئي تي پشيمان ۽ توبه تائب ٿيو، ۽ پنھنجي نياڻيءَ جو سڱ به سيد جي سپرد ڪيائين. سيد پنھنجو مرڪز لڪيءَ کي بڻايو، جنھنڪري ”عليءَ “ جي پٺيان اھا سرزمين ”لڪعلويءَ“ جي نالي سان مشھور ٿي، ۽ دلوراءِ جي نياڻيءَ مان جيڪو اولاد ٿيو، سو ”لڪياري“ ساداتن جي عرف سان نه فقط انھيءَ زماني ۾ منسوب ٿيو، بلڪ صدين گذرڻ بعد اڄ به ساڳيءَ ئي نسبت سان معروف آھي.
اھو آھي انھيءَ روايت جو اجمال، جنھن کي مير علي شير ’قانع‘ تحفتـﮧ الڪرام ۾ محفوظ ڪيو آھي. سنڌ جي تاريخ ۾ انھيءَ خاندان جو شرح حال سواءِ انھيءَ ھڪ ڪتاب جي، ٻئي ڪنھن ۾ آيل ڪونه آھي. مير ’قانع‘ نون صدين جو اھو پراڻو مذڪور، 1181ھه ۾ ڪنھن کان ٻڌي لکيو، ڪٿان آندائين، ڪير راوي آھي، ان جو ڪوبه ذڪر ڪونه ڪيو اٿائين؛ فقط ”قيل“ جو لفظ لکي، روايت کي لکي ويو آھي، جنھن جي معنى آھي ته ”چوڻ ۾ اچي ٿو.“
انھيءَ روايت جي سلسلي ۾ ھيٺيان نڪتا قابل غور آھن:
1_ سامرو، جنھن مان سيد صاحب ڪمڪ وٺي سنڌ ڏانھن اُسھيو، تنھن جي تعمير معتصم باالله (خلافت 19 رجب 218ھه وفات 20 ربيع الاول 227ھه)_ سال 221 ۾ ڪري، بغداد جي بجاءِ خلافت جو مرڪز ۽ فوج جو ھيڊ ڪوارٽر ڪيو. ڪم و بيش سٺ سالن بعد 279ھه ۾، معتمد علي اللـﮧ (256_ 279ھه) سامري مان مرڪز کڻي، وري وڃي بغداد کي وسايو.
چوٿين صديءَ ۾، جنھن ۾ سيد عليءَ جو اتان فوج وٺي ھيڏانھن اچڻ بيان ڪيو وڃي ٿو، سامرو ويران ٿي چڪو ھو، سرڪاري عمارتون ۽ فوجي بيرڪون ڊھي ڦٽي ويون ھيون، چند باغ، ھڪ جامع مسجد ۽ ڪي ساداتن جا روضا وڃي بچا ھئا. اھو وسھڻ مشڪل آھي ته چوٿين صديءَ ۾، جڏھن ته نه سامارو خلافت جو مرڪز ھو، نه فوجي اڏو ھو، ۽ نه آباد ۽ شاداب ھو، ڪا فوج وٺي سيد علي سنڌ ڏانھن ھليو ھجي.
جيڪڏھن چوٿين صديءَ واري روايت کي پٺتي ھٽائي، ٽين صديءَ جي مٿي ڏيکاريل عرصي اندر سيد عليءَ جي آمد کي تصور ڪيو وڃي، ته ان حالت ۾ پڻ اھو باور ڪرڻ مشڪل پيو لڳي ته ھو فوجي ڪمڪ کي وٺي سنڌ ۾ آيو ھوندو. انھيءَ دور ۾ سنڌ خود عربن جي مضبوط حڪومت موجود ھئي، خلافت طرفان ھتي گورنر، فوج ۽ ٻئي سموري شاھي لاءُ لشڪر سميت موجود ھئا. اھڙيءَ حالت ۾ ڇٽي امراڻيءَ جو سنڌ جي عرب حڪومت کي ڇڏي بغداد ڏانھن دانھن کڻي وڃڻ ۽ بغداد جي خليفي جو ھتان جي گورنر کي در گذر ڪري، ايتري دور دراز ملڪ تي فقط ھڪ سؤ سپاھين سان سيد کي موڪلڻ، ڪھڙيءَ ريت مناسب ۽ موزون ٿي سگهي ٿو؟
ازنسواءِ سنڌ اندر ، جڏھن ته عربي حڪومت چئن ڪنڊن تي قابض ھئي، ان حالت ۾ اروڙ ۽ برھمڻ آباد تي ھڪ غير مسلم حاڪم دلوراءِ جو قبضو ڪھڙيءَ ريت ٿيو. برھمڻ آباد جي ڀڪ سان عربي حڪومت جو مرڪز منصوره موجود ھو، جتي سنڌ جو عربي حاڪم رھندو ھو. اروڙ پڻ انھيءَ زماني ۾ عرب قبيلن جو مستحڪم رھائش گاه ھو. ھڪ غير مسلم جو اھڙين حالتن اندر اقتدار حاصل ڪرڻ، ۽ اقتدار به اھڙيءَ قوت جو، جو کيس نيچي نوائڻ لاءِ ھڪ فرياديءَ جو سنڌ جي حڪومت ۾ آسرو نه رکي خليفي تائين پھچڻ، قطعي نه وسھڻ جھڙو معاملو ۽ ھڪ بي معنى ڳالھه آھي.
تحفـة الڪرام ۾ ھڪ جاءِ تي اھو پڻ لکيو ويو آھي ته سيد صاحب سان جيڪي سؤ سپاھي آيا، سي سامره جا سومرا ھئا _ حالانڪه سنڌ جي تاريخ دانن کي اھو معلوم آھي ته سومرا خواه سما ٻيئي عربي نسل جا قبيلا نه پر ھتان جا مقامي خاندان ھئا.
مٿين نڪتن جي بناءَ تي، مير قانع جي بيان ڪيل لشڪر ڪشيءَ واري روايت ۽ اھا به سامري مان چوٿينءَ صديءَ اندر، وسھڻ جوڳي نه آھي.
اسان جو ذاتي خيال آھي ته چوٿين صديءَ ۾، سيد صاحب ڪنھن به فوجي مقصدن سان نه، بلڪ ديني صلاح جي لحاظ سان، يا سامري جي تباه ٿي وڃڻ سبب، ترڪ وطن ڪري ھتي وارد ٿيو ھوندو . ساڻس جيڪي ھڪ سؤ سپاھي چيا وڃن ٿا، سي فوجي افراد نه بلڪ سندس مريد ۽ معتقد يا چئجي ته سندس سنگتي ساٿي يا اوڙي پاڙي جا متعلقين ھوندا .
دلوراءِ جي سلسلي ۾ مير قانع جيڪا روايت بيان ڪئي آھي، ان جي حيثيت سنڌي تاريخ جي لحاظ سان تمام اھم آھي، ڇاڪاڻ ته انھيءَ روايت جي دامن سان سنڌ جي ٻن عظيم ۽ تاريخي شھرن جي تباھيءَ جو داستان وابسته آھي.
انھيءَ روايت جي روئداد ھن ريت آھي ته دلوراءِ ولد آمر (آمر، جنھن جي نالي پٺيان ”آمريءَ“ جو شھر آباد ٿيو) اروڙ ۽ برھمڻ آباد جو حاڪم سخت ظالم ۽ زناڪار ھو. ٻيا ته ڪيئي ڪڌا ڪرتوت ھئس، ليڪن ھو پنھنجي سڳي ڀاءُ جي گهر واريءَ سان به ھٿ چراند ڪرڻ مان ڪين گٿو. ڀاڻس ڇٽو امراڻي جڏھن مسلمان ٿي، عرب مان فاطمه نالي ھڪ نينگريءَ سان نڪاح ڪري، ڳوٺ پھتو، تڏھن دلوراءِ مائيءَ جي ست وڃائڻ جي ڪوشش ڪئي. جنھن تي ڇٽو رات ڪري ڳوٺان ڀڳو. سيوھڻ ۾ ٻار ڇڏي پاڻ عراق ھليو ويو. اتان جيسين فرياد جو داد لھي موٽي، تنھن کان اڳ پھريان اروڙ ۽ پوءِ برھمڻ آباد قھر الاھيءَ ھيٺ اچي تباھه ٿي ويا.
دلور جي ڍيرن ۽ ڇٽي امراڻيءَ جي مزار موجود ھجڻ سبب، انھن ٻن شخصيتن جو ھجڻ ته تسليم ڪري سگهجي ٿو، ليڪن اھو تعجب ضرور ٿئي ٿو ته جنھن دلوراءِ جي ڪڌن ڪمن ڪري ٻن عظيم شھرن تي قھر الاھي نازل ٿيو، ۽ ھزارين بي گناه انسان ۽ سوين پالتو جانور اجائي آوي ۾ شھر جي دڙن ھيٺ دٻجي ويا، اھو اصلي گهنگار دلوراءِ پاڻ وري به صحيح سلامت بچي ويو ۽ نه فقط پاڻ بچيو ليڪن انھيءَ ظالم جو غالباً سمورو گهر ٻار پڻ محفوظ رھجي ويو. ليڪن جڏھن سيد علي رحمـة اللـﮧ عليـﮧ عراق کان آيو، تڏھن ھن پنھنجي وڏور نياڻي، سيد صاحب جي عقد ۾ آڻي، نجات اخروي حاصل ڪئي.
سنڌ جي قديم تاريخ انھيءَ قسم جي روايتن سان ڀرپور آھي، رب ڪريم ڄاڻڻھار آھي ته مٿي ڏيکاريل روايتن جي نوعيت ڇا آھي؟ انھيءَ روايت جي ٽن ڪردارن يعني دلوراءِ، ڇٽي ۽ حضرت سيد عليءَ جي شخصيتن جو پاڻ ۾ تعلق ڪھڙو آھي. بھرحال دلوراءِ جي ننگري ”دلور جي دڙن“ ۾ موجود آھي؛ سيد عليءَ جو اولاد لڪياري ساداتن جي نسبت سان سنڌ جي سڀني حصن ۾ اڄ تائين ھليو اچي ٿو، ۽ مائي فاطمه سميت ڇٽي امراڻيءَ جي قبر پڻ سيوھڻ ۾ ھن وقت زيارتگاه خاص و عام آھي، جنھن تي شاھجھاني دور جي ھڪ دين پرور حاڪم ديندار خان ، ھيٺيون ڪتبو لڳارائي ڇڏيو آھي:
بــــــدور شــــــھــــنــــــشــــــاه شــــــاهه خديوي خردمند صـــــاحــــــب قــــــرآن
چوخلد برين روضـﮧ شھه ڇٽه بنــــــــا کــــــرد نــــــواب دينــــــدار خــــــان
ز سال بنايش طلب داشتـــن ”بھشتي بروي زمين“ گفت عثمان
(1042ھه)


لڪياري سادات:
جيستائين سيد عليءَ جي سنڌ ۾ آمد جو تعلق ھو، اوستائين جو تاريخي پس منظر مٿي پيش ٿي چڪو آھي، ان کان زياده نه مير قانع بيان ڪيو آھي ۽ نه ڪنھن ٻيءَ تاريخ ۾ اسان جي نظر مان گذريو آھي.
سيد عليءَ جي سلسلي ۾، اھو پڻ معلوم ٿي نٿو سگهي ته سندس انتقال ڪٿي ٿيو، ۽ سندس مزار آھي به يا نه. البت سندس اولاد جو ذڪر پنھنجي دور تائين مير قانع ڪيو آھي، ۽ ڪن لڪياري مشاھيرن جي مختصر احوال کي پڻ پنھنجي تاريخ ۾ حسب دستور نھايت اختصار سان جاءِ ڏنائين، جنھن مان معلوم ٿئي ٿو ته انھيءَ گهراڻي جيد علماء، ۽ باڪمال اھل اللـﮧ پيدا ڪيا. حضرت شاھه صدر عليـﮧ رحمه، جنھن کي قانع _ ”صاحب آيات باھره و ڪرامات ظاھره ، ولي وقت، سرخيل مشائخ روزگار، فخر سادات، جامع البرڪات“ _ لکيو آھي، سو انھيءَ گهراڻي جو وڏي ۾ وڏو اولياءُ ٿي گذريو آھي.
سيد عليءَ کي، معلوم نه آھي ته دلوراءِ جي دختر مان يا ڪنھن ٻئي محل مان، جملي چار فرزند ٿيا:
1_ سيد محمد، 2_سيد مراد، 3_ سيد حاجي عرف سيد ڀرڪيو، 4_ سيد چڱو.
تحفـة الڪرام جي روايت مطابق پھرئين فرزند سيد محمد جو فرزند حضرت سيد شاه صدر عليـﮧ رحمه ھو. چوٿين فرزند چڱي جي اولاد مان حضرت پير سائين روضي ڌڻي رحمـة اللـﮧ جو اولاد آھي. سيد چڱو، مير قانع لکيو آھي، ليڪن راشدي خاندان جي ڇپيل شجري ۾ انھيءَ بزرگ جو نالو شاھه ڇڪڻ آندو ويو آھي. اھو نالو پڻ تحقيق طلب آھي، ڇاڪاڻ ته ”ڇڪڻ“ يا ”چڱو“ خالص سنڌي ۽ ديھاتي نالا آھن ۽ عرب کان آيل نو وارد سيد جي پھرينءَ پيڙھيءَ ۾ پنھنجي پٽن تي ديھاتي نالا رکڻ، مثلا سيد ڀرڪيو يا سيد چڱو يا ڇڪڻ بلڪل محل نظر آھن. خاص طرح چوٿينءَ صديءَ ۾ جڏھن ته سيد جتي به ويا، ايران خواھه ھند، يا دنيا جي ڪنھن ٻئي گوشي ۾، اُتي نالا انھن پنھنجي ابن ڏاڏن جا رکيا. سيد ڀرڪئي جو اصل نالو سيد حاجي ھو، ۽ حاجي بطور نالي يا نسبت جي پڻ چوٿينءَ صديءَ ۾ رائج نه ھو.

نئون مواد:
لڪياري خاندان جي سلسلي ۾، 11 صديءَ جي ھڪ ٻئي تاريخي ڪتاب مان پڻ قدري معلومات ملي ٿي. اھو تاريخي ڪتاب ”مظھر شاھجھاني“ آھي، جيڪو مير ابوالقاسم نمڪين (ستين جي ٿان واري) جي فرزند، يوسف ميرڪ، 1044ھه ۾ شاھجھان جي لاءِ سنڌ جي انھيءَ دؤر جي حالات تي تاليف ڪيو.
ميرڪ يوسف جو والد، سيد نمڪين ۽ ڀاءُ مير ابوالبقا امير خان (جنھن ٺٽي جي جامع مسجد جوڙائي) سنڌ جي مختلف صوبن تي ڪيئي ڀيرا مغلن طرفان گورنر ٿي رھيا.
انھيءَ دؤر جي تاريخ جو بيان ڪندي ميرڪ يوسف جيڪو لڪياري ساداتن جو ذڪر ڪيو آھي، سو ھن ريت آھي.

صحيح النسب سادات: لڪيارن جي صحيح النسب ھجڻ جي سلسلي ۾ لکي ٿو ته:
”السادات لڪعلوي بسيار صحيح النسب اند“. (274/2)
اڳتي ھلي لکي ٿو ته ”ھو ايتري قدر صحيح نسب آھن ۽ پنھنجي نسب تي ناز اٿن، جو پنھنجيون نياڻيون ٻين ساداتن کي سڱابنديءَ ۾ ڪونه ڏيندا آھن.
”لڪي، آمري، ۽ ٺٽي ولي محمد جا ڳوٺ انھن ساداتن جا مرڪز آھن، جتي کين زمينون آھن، ۽ وافر مال ملڪيت سندن حصي ۾ آھي.“

ھمايون ۽ لڪياري سادات:
شاھه حسن ارغون جي دؤر ۾، جڏھن شير شاھه سوريءَ کان شڪست کائي، ھمايون سنڌ ۾ (947_950ھه) آيو، ان وقت شاھه حسن سڄيءَ سنڌ کي ويران ڪرائي ڇڏيو ھو _ خاص طرح انھن حصن کي، جن لاءِ کيس احتمال ھو ته ھمايون پنھنجي منزل ڪندو. آباديون ساڙائي ڇڏيائين، کوهه لٽرائي ڇڏيائين، گاھه ۽ ڪاٺين جا ذخيرا ڪجهه ساڙائي، ڪجهه قلعن ۾ بند ڪرائي، اھڙيءَ ريت ملڪ ويران ڪرائي ڇڏيائين، جيئن ھمايون ۽ سندس لشڪر کي نه اَن ملي، نه گاهه ۽ داڻو ملي ۽ نه کين جلائو ڪاٺيون ميسر ٿين، اهڙيءَ ريت ڏڪار ۽ ويراني ڏسي، بادشاھه سنڌ ۾ قيام ڪري نه سگهي.
لڪياري ساداتن جو ان دؤر ۾ ڏاڍو زور ھو، ڀريل تريل ۽ وڏي اثر رسوخ وارا ھئا. اگرچ وقت جي بادشاھه جي پاليسي مختلف ۽ مخالفانه ھئي، ليڪن لڪياري ساداتن ان جي پرواھه نه ڪندي، مھمانداريءَ جا فرائض پوريءَ ريت ادا ڪيا. ھمايون لاءِ ۽ سندس سموري لاءُ لشڪر لاءِ اَن، گاهه، داڻو، ڪاٺيون ڪليون ۽ جانور وغيره مھيا ڪيائون. ميرڪ يوسف لکي ٿو ته:
”خدمت خوب از دست سادات لکعلوي در حق عساکر ظفر
ماثر آمده بود ....... اين جماعـﮧ سادات بجا و مقام خود نشستـﮧ بودند، و از دانه و گاه و بز و گوسفند وغيره اشياي که بمردم سپاه درکار مي باشد، خبرداري ميگرفتند.“ (275/2)
بادشاھه کي سندن اھي خدمتون ڏاڍيون ڀاءِ پيون . ان وقت اگرچه ھو پاڻ غريب الوطن ھو، ليڪن انھيءَ اميد تي ته ڪڏھن نه ڪڏھن وري ھندستان سندس ھٿ ايندو، سيد کي انھيءَ خدمت جي عيوض، جاگيرون ۽ ٻين انعامن اڪرامن جا پروانا لکي ڏنائين:
”و حضرت جنت آشياني (ھمايون) خدمتھاي اين جماعـة را ديده، خوشحال شدند، و فرمان عاليشان در باب سيورغال ديھه ايشان عنايت کردند.“ (274/2)

مير نمڪين ۽ سادات:
ميرڪ يوسف لکي ٿو ته ”ڪيتري زماني کان وٺي ملڪي مصيبتن ۽ مقامي تڪليفن سبب، ساداتن جو حال ھيڻو ٿي ويو ھو. ھو پنھنجا گهرگهاٽ، ڳوٺ ۽ مال ڇڏي، ڪاھان جي پرڳڻي ۾ منتشر ٿي ويا ھئا. جن ۾ اھا طاقت ڪانه ھئي!، جو ھو موٽي ماڳين اچن ۽ پنھنجا وساڻل وٿاڻ وري وسائين.
مير نمڪين جڏھن سيوھڻ جو صوبه دار ٿي (1009_1013_1017_1019ھه) آيو، ان وقت ساداتن سان ھن ڏاڍا سٺا سلوڪ ڪيا. سڀني کي جدا جدا جاين تان گڏ ڪري، کين پنھنجي اصلي ڳوٺن ۾ آباد ڪيائين ۽ ڍلن جي کين معافي ڏنائين ۽ سندن ويران ٿيل زمينن کي وري آباد ڪري ڏنائين. انھيءَ امداد سبب ھڪ دفعو وري سيد خوشحال ٿي ويا، ۽ سندن ڦٽل مرڪز وري مستحڪم ٿي ويا.
انھيءَ ئي دؤر ۾، مير نمڪين کين صلاح ڏني ته ھو ھمايون وارا پروانا کڻي جهانگير جي درٻار ۾ وڃن، ۽ وڃي پنھنجي لاءِ جاگيرون ۽ انعام اڪرام وٺي اچن. سيد ھندستان وڃڻ جي تيارين ۾ ھئا، جو سندن گهرن کي اوچتو باهه لڳي جنهن ۾ ٻين ٽپڙن سان گڏ اهي شاهي پروانا به ڀسم ٿي ويا.

ويرانيءَ جو سبب:
مير نمڪين جي آمد کان اڳ لڪياري ساداتن تي مصيبتون ڇو ۽ ڇاجي ڪري آيون، ھو پنھنجا گهرگهاٽ ڇڏي، ڪاھان جي پرڳڻي ۾ ڇو منتشر ٿي ويا، ان جو تفصيل مير يوسف ڪونه ڏنو آھي. ھڪ ھنڌ فقط اشارتاً جيڪا ڪيفيت ڏني اٿائين، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته سيوھڻ ضلعي جي سميجن ۽ ٽڪر جي ڌاڙيلن جو من وڌي ويو ھو، جن لٽ ڦر ۽ خون ڌاڙن جي ذريعي سڄي صوبي اندر ھيجان برپا ڪري ڇڏيو ھو. سيوھڻ جا صوبه دار ڪمزور ۽ نڪما آيا ٿي، جي نه حڪومت جو رعب قائم رکي سگهيا ٿي ۽ نه صوبي جو انتظام ھلائي ٿي سگهيا، جنهنڪري ڏوهاري قومن جو دماغ خراب ٿي ويو، ۽ هنن سڄي ملڪ کي تاراج ڪرڻ شروع ڪيو.
انهن ئي قومن، بار بار سيدن جي ڳوٺ تي پڻ حملا ڪيا، ڪيترا دفعا لٽ ڦر ڪيائون، ڪيترن سيدن کي شھيد ڪيائون ۽ ھزارن جي تعداد ۽ مال متاع ڪاهي هليا ويا. سيدن بارھا مقابلا ۽ مجادلا ڪيا، ليڪن مجبور ٿي آخر کين پنھنجا وٿاڻ ڇڏڻا پيا.
انھيءَ لٽ ڦر ۽ خونريزيءَ آمريءَ ۽ ٺٽي ولي محمد کي ويران ڪري ڇڏيو. جيسين سيوھڻ جو حاڪم شمشيرخان ھو، تيسين اھو علائقو آباد ۽ سرسبز ھو، ليڪن ان جي تبديل ٿيڻ بعد ٿوري عرصي اندر تباھي ۽ بربادي اچي ويئي. ميرڪ يوسف لکي ٿو ته:
”رفته رفته از دست سميجه و مردم کي کوھي، خراب و ضايع شده.چنانچه از مواضع سادات، دو موضع يک تتي ولي محمد و ديگر کوه آمري ويران مطلق شدند. واکثر سادات اين مواضع را مردم کوهي و سميجه بدرجه شھادت ريسانيدند و رعيت متفرق شده رفت.“ (376/2)
ٻئي ھنڌ ميرڪ لکي ٿو ته:
”تا انقراض شمشير خان اوزبک نھايت آبادان و معمور بودند، و گذشت عمل او اکثر سادات اين ھر دو مواضع از دست مردم نھمردي و سميجه بدرجهء شھادت رسيدند وقليل کلـﮧ ماندند، متصرف شده بھرجا رفتند.“ (386/2)
ديندارخان جڏھن سيوھڻ جو صوبه دار ٿي آيو، ان وقت ھن پڻ مير نمڪين وانگر سيدن جو گهڻو خيال رکيو. آمريءَ جو علائقو ھن سمن جي ارباب يوسف جي تحويل ۾ ڏنو، ۽ ٺٽي ولي محمد، سيد حسن لڪياريءَ جي حوالي ڪيائين. سيدن انھيءَ دؤر۾ انھن ٻنھي علائقن کي ڏاڍي اطمينان سان سرسبز ۽ شاداب ڪيو. ديندار خان کين اھي ئي رعايتون ڏنيون، جيڪي مير نمڪين جي زماني ۾ کين حاصل ھيون. يعني ھڪ حصو سيد ابوبڪر لڪياريءَ رحمـة الله جي اولاد کي ملندو ھو ۽ باقي ھڪ حصو ٻين ساداتن ۾ تقسيم ٿيندو ھو. ٻه حصا رعيت لاءِ مقرر ٿيا.
خاتمهء ڪلام: ڪيترين صدين گذرڻ بعد اڄ به لڪياري ساداتن جو مرڪز سيوهڻ (يعني ضلو دادو) آھي. ڪيترا ڳوٺ انهيءَ پسگردائيءَ ۾ آهن، جيڪي سندسن زمينداريءَ ۽ اثر رسوخ ۾ آھن. لڪي ۽ آمري اڄ به سيدن جا آھن. خدا جي فضل سان سڀيئي سادات ڀريا ڀاڳيا ۽ ھلنديءَ پڄنديءَ وارا آھن. انھيءَ گهراڻي جو هڪ روحاني مرڪز لڪيءَ ۾ حضرت شاهه صدر جو مقبرو آھي، ٻيو مرڪز حضرت پير سائينءَ روضي وارن جي درگاهه آھي، ۽ ٽيون صاحب جھنڊي وارن جي خانقاهه آھي. انھن ٽنهي خانداني مرڪزن کان سواءِ انهيءَ گهراڻي جي ڪيترن جيد خليفن جا پڻ روحاني مرڪز سنڌ اندر موجود آهن. خليفي چوٽيءَ واري جي خانقاهه، خليفي دين پور واري جي خانقاهه، خليفي ڀرچونڊيءَ جي خانقاهه ۾ امروٽ شريف جي خانقاهه اپر سنڌ ۾، اھي وڏيون خانقاھون آھن. لوور سنڌ ۾ پڻ اهڙيءَ طرح ڪيترن خليفن جون خانقاھون موجود آھن، جيڪي قادري سلسلي ۽ نقشبندي طريقي جي فروغ کي قائم رکيو اچن ٿيون.

[”روزانه مھراڻ“_ 27_ جنوري 1958ع]

ڏھين صديءَ ھجريءَ جي سنڌ

[ترڪي ٻيڙي جو اميرالبحر سيدي علي رئيس ڏھينءَ صديءَ ھجريءَ ٽينءَ چوٿائيءَ جي شروعات ۾ سنڌ ۽ ھند ۾ پهتو. هن پنهنجو سفرنامو مراة الممالڪ جي نالي سان لکيو، جنهن ۾ هن ڪيئي چسم ديد واقعا، جيڪي سياسي طرح وڏي اهميت رکن ٿا، آندا آهن. ڪيتريون ڳالهيون اهڙيون آنديون اٿائين، جيڪي پنهنجي تاريخ ۾ ڪونه ٿيون ملن _ سفرنامي جي ٻن بابن جو ترجمو ھتي ڏجي ٿو، جن مان ھڪ جو تعلق ارغوني ۽ ترخاني دؤر جي سنڌ سان آھي ۽ ٻئي باب جو تعلق ھمايون واري ھندستان سان آھي.]

سيد علي رئيس جو احوال
سيدي علي رئيس بن سيدي حسين رئيس _ پڻس خواهه ڏاڏاهنس ٻيئي درياهي جهاز رانيءَ جا ڪماندار ۽ انهيءَ فن جا استاد ۽ ماهر هئا. سيدي علي رئيس پڻ پنهنجو آبائي پيشو اختيار ڪري، ڪيترين درياهي جنگين ۾ بهرو ورتو ۽ مهمن کي منهن ڏيئي نالو ڪڍيائين.
رمضان سنه 960ھه ۾ سلطان سليمان ثانيءَ (926_ 947/1520_1566ع) جي ملازمت ۾ حلب جي منزل تي داخل ٿيو.
مصري ٻيڙو _ جيڪو ويهن جهازن تي مشتمل ھو _ اميرالبحر پيري بڪ جي ڪمان هيٺ سوئيز موڪليو ويو ھو، سو طوفانن جون ٿڦڙون کائيندو، رستو وڃائي وڃي عدن پهتو. طوفان ۽ ڌنڌ جهازن کي خراب ڪري ڇڏيو هو. ڪي چند جهاز وڃي صحيح سلامت بچيا، جن کي وٺي اميرالبحر پيري، مسقط ۽ عمان پهچي، مسقط کي فتح ڪيو. اتان ئي معلوم ٿيو ته پرتگالي جهاز اُلرون ڪندا اچي سوڙھا ٿيا آهن. انهيءَ حملي کان بچڻ خاطر پيري بڪ سڀيئي جهاز ڇڏي فقط ٽن جهازن جي ذريعي اتان فرار ٿي ويو. رستي ۾ ٻه جهاز تباهه ٿي ويا، باقي بچيل هڪ جهاز جي ذريعي ھو پهتو.
اھا خبر ٻڌي قسطنطنيـﮧ مان مراد بڪ کي ٻيڙي جي ڪمان ڏيئي مسقط واري ٻيڙي کي موٽائي آڻڻ لاءِ موڪليو ويو. ليڪن ھرمز وٽ پرتگالي ٻيڙي سان مقابلو ڪندي، سڀني اميرن ۽ سپاهين سميت اهو ٻيڙو به تباهه ٿي ويو.
جڏھن انھيءَ ٻيءَ تباھيءَ جي خبر ذي الحج 960 ھه جو دارالخلافـﮧ ۾ پھتي، ان وقت سخت تڪليف ۽ تشويش محسوس ڪئي ويئي. نئين سر مصري ٻيڙي جي ڪمان سيد علي رئيس جي حوالي ڪري کيس انھيءَ مھم لاءِ تيار ڪيو ويو. چنانچه ھو پھرين تاريخ محرم 961ھه (7_ڊسمبر 1553ع) جي حلب مان پنھنجي انھيءَ مھم تي بصري طرف پڳهه کڻي، ٻيڙا ڇوڙي، ھليو. صفر 961ھه (آغاز فبروري 1554ع) جو ھو خير سلامتيءَ سان بصري پهچي ويو.
سيد علي رئيس اتي پهچي ٻيڙي جي چارج ورتي. جهاز خراب ٿي چڪا ھئا، تن کي ٺھرائي تيار ڪري سفر شروع ڪرڻ لاءِ موسم بھار جي انتظار ۾ ترسي پيو. آخر پھرين شوال 961ھه جو بصرو ڇڏيائين ۽ چاليهه ڏينهن هلندي، جڏهن جاوا جي ڪناري سان پهتو، ان وقت ڏهين رمضان جو، پورچو گيزن جي ٻيڙي سان سندس تصادم ٿيو. سيد علي رئيس لکي ٿو ته ”ايتري شديد جنگ لڳي، جو تاريخ ۾ ان جو مثال ملڻ مشڪل آھي! لفظ ڪونه ٿا ملن جو ان جي ھوبھو حقيقت لکي سگهجي. بهرحال، دشمن کي شڪست آئي ۽ پسپا ٿي هليو ويو.“
ڇهين رمضان جو ھو مسقط جي پسگردائيءَ ۾ پهچي ويو. مسقط جي بندرگاهه ۾ گهڙڻ سان وري سندس مقابلو پورچوگيزن جي ٻيڙي سان ٿي پيو. ٻنهي ڌرين جو نقصان ڏاڍو ٿيو ۽ سيدي علي رئيس وارا بچيل ٻيڙين کي هيڏي هوڏي هلائيندا آوارگيءَ جي حالت ۾ ڪيچ مڪران جي بندرگاهه ۾ اچي پهتا. مخالف هوا سبب اتي بيهي نه سگهيا ۽ بندرشهبا (شاربار) وڃي بيٺا. اتان گوادر آيا، جتان جو حاڪم بلوچ قبيلي مان ملڪ جلال الدين بن ملڪ دينار ھو.
گوادر کان يمن پڳهه کڻندي، واٽ تي کين وري اوکي واءُ سان منھن ڏيڻو پيو، جنھنڪري ڦيريون گهيريون کائيندا اچي پرتگالي جزيري ڊيو (Dev) ۾ سهڙيا، ۽ اتان نڪري گجرات جي ساحل ڀيڙا ٿيا. ليڪن اتي پهچندي هڪ وڏي ڪُن ۾ ڦاٿا، جنھن ۾ ڪيئي جهاز غرق ڪري اڳتي وڌيا. بمبئيءَ جي خليج ۾ ھڪ پرتگالي بندر دامان (ڊَمن) ۾ جڏھن رسيا، ان وقت چوماسي شروع ٿيڻ سبب برسات کين گهيري ۾ آڻي ڇڏيو .
سيدي علي رئيس ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، لاچار ٿي، پنھنجي ٻيڙي جو سمورو سامان دامان بندر جي گورنر ملڪ اسد جي حوالي ڪري، پاڻ هڪ ڪشتي وٺي، سورت بندر پهتو. بصري کان هلي سورت پهچڻ تائين کيس ڀريا ٽي مهينا لڳي ويا.
سورت جي مسلمانن سندس وڏو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ کيس چيائون ته ھو گهڻي وقت کان عثماني ٻيڙي جي انتظار ۾ ھئا، جيئن ھو ڪافرن (بورچوگيزن) جي گهيري کان آزاد ٿين ! گجرات ۾ ان وقت انتشار جي ڪيفيت ھئي. سلطان بهادر گجراتيءَ (932_943هه/1526_1537ع) جي عزيزن مان سلطان احمد ثالث (961_968هه/ 1554_1561ع) تخت تي ويٺو ھو، ليڪن عمر جي ڪَچائيءَ سبب سندس وزير ناصر الملڪ سندس بيعت نٿي ڪئي ۽ پنھنجي حڪومت جو اعلان ڪري، پورچوگيزن کان مدد وٺي، پاڻ کي مضبوط ڪرڻ جي ڪشمڪش ۾ ھو.
سلطان احمد، سيدي علي رئيس کان انھيءَ سلسلي ۾ امداد جي گهر ڪئي. ناصر الملڪ، سيد علي رئيس کي پھرين قتل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، ان کان پوءِ زهر ڏيارڻ جو بِلو ڪيائين، ليڪن ٻنهي منصوبن ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيو. ناصر الملڪ جلد ئي فوت ٿي ويو، جنھنڪري قدرتاً سلطان احمد جي جان انھيءَ جنجال مان آزاد ٿي ويئي. اهڙي خلفشار جي عالم ۾ سيدي علي رئيس گجرات ۾ پير پاتو ھو. سندس ساٿي مسلسل ناڪامين ۾ مصيبتن سبب بيزار ٿي چڪا ھئا. جيڪو ٻيڙو بچيو ھو، ان جي ذريعي مصر پهچڻ ناممڪن ھو. تنھنڪري ڪيترن ھمراھن گجرات ۾ ملازمت وٺي، سيد علي رئيس کان خدا حافظي ڪئي، ڪن ٻئي نموني پاڻ ڇڏائي ٻئي ڪنھن پاسي منهن ڪيو. بهرحال، اھڙي صورتحال کي ڏسندي، سيدي علي رئيس ٻيڙي مرتب ڪرڻ جو خيال لاحاصل سمجهي، شروع محرم 962هه ۾ گجرات کي الوداع چئي، بيلورا (جوڌپور جو ڳوٺ بلوترا ) کان ٿيندو، چمپانير پهتو. اتان محمودآباد آيو، جتان اچي احمد آباد پهتو. احمد آباد ۾ سيدي علي رئيس، سلطان احمد ۽ سندس وزير عمدة الملڪ سان ملاقات ڪئي. ڪجهه وقت رھي، سلطان ۽ وزير کان موڪل ڪري، خشڪيءَ جي رستي سان پنچ ڏينھن هلي (پتنـﮧ _ پٽن) پهتو، اتان راڌڻپور آيو، جتان اُٺن جي ذريعي سنڌ ڏانهن مهار موڙي پهرين تاريخ ربيع الاول 962هه جو اچي پارڪر پهتو (1)(1).
سيدي علي رئيس سنڌ ۽ هندستان ۾ ڪجهه وقت گذاري افغانستان، خراسان، فارس ۽ آذر بائيجان کان ٿيندو، سال 964 هه ۾ بغداد پهتو ۽ بغداد کان قسطنطنيـﮧ آيو. دارالخلافـﮧ ۾ زندگيءَ جا باقي ڏينهن سلطاني ملازمت ۾ ڏاڍي مان ۽ مرتبي سان گذاري، سال 980هه (1574ع) ۾ هن دنيا کي ڇڏيائين.
سيد علي رئيس ھيٺيان ڪتاب لکيا آھن

(1) محيط:
بحيرهء ھند ۽ خليج عمان جي احوال ۽ موسم جي اڳڪٿيءَ ۾ آھي. اھو ڪتاب ھن 961هه (1554ع) ۾ لکيو، جڏھن سامونڊي سفر جو تجربو ڪري گجرات جي سر زمين احمد آباد ۾ مقيم ھو. ڪتاب جو اصل متن جرمن ترجمي سميت ڇپجي چڪو آھي.

(2) مرات الڪائنات:
ايسٽرالاجيءَ جي مضمون تي پنجن بابن ۾ ورھايل آھي. ھي ڪتاب ڪونه ڇپيو آھي.

(3) شعر:
سيد علي رئيس عثماني، ترڪي ۽ چغتائيءَ ٻولين جو شاعر ھو، ”مراةالممالڪ“ مان ان جو ثبوت ملي ٿو. سندس شعر جو ڪوبه مرتب مجموعو ھٿ ڪو نه آيو آھي؛ ’ڪاتبي‘ سندس تخلص ھو ۽ انھيءَ تخلص جي ڪيترن شاعرن جو ترڪي مصنفن ذڪر ڪيو آھي، ليڪن سيدي علي رئيس ڪهڙو ’ڪاتبي‘ ھو، ان جو پتو ڪونه آھي.

(4) مرات الممالڪ:
ھي سندس سفر نامو آھي، جنھن جي ٻن بابن جو ترجمو ھيٺ ڏنو وڃي ٿو. سيدي علي رئيس ھن ۾ (961_964هه) تائين جي چؤسالي سفر جو احوال قلمبند ڪيو آھي. اھو ڪتاب ھُن 964هه ۾ لکي سلطان (سليمان) وٽ پيش ڪيو، جنھن کيس خوب انعام اڪرام ڏنا. انھيءَ ڪتاب جا ھيٺيان ايڊيشن ۽ ترجمان شايع ٿيا آھن:


(الـــــف) مــــرات المماڪ
: (تـــــرڪــــــي متن 99 صفحا 5X 7) ڪتابخانهء اقدام طرفان احمد جودت 1313هه (1895ع) ۾ شايع ڪيو. نجيب عاصم ان تي مقدمو لکيو آھي.

(ب) جرمن ترجمو: Heinrich Friedrieh Von Deiz پنھنجي ڪتاب Denkwurdigk Eiten Von Asien جي ٻئي جلد ۾ برلن مان سال 1815ع ۾ شايع ڪيو.


(ج) فرانسسي ترجمو: انھيءَ جرمن ترجمي تان مسٽر Morris فرانسسي ترجمو ڪري Journal Asiatique سال IX جي صفحي 27_ 29 ۽ سال X جي صفحي 46_112 ۾ ڇاپيو آھي.

(د) انگريزي ترجمو: انھن ٻن ترجمن کان پوءِ V. Vambery سال 1899ع ۾ ترڪيءَ واري ڇپيل نسخي کي سامھون رکي، انگريزي ترجمو ڇاپيو آھي. ترجمي ۾ ھُن ڪن جاين تي اختصار ڪيو آھي، جنھن جو تفصيل اسان جي لاءِ ضروري آھي. اھڙيءَ طرح سندس شعر کي ترجمي مان خارج ڪري ڇڏيو اٿائين، جيڪو پڻ پنھنجي لاءِ ضروري ھو(1).

(هه) اردو ترجمو: انگريزي ترجمي کي سامهون رکي، اخبار وطن جي ايڊيٽر مولوي انشالله خان مرحوم اردو ترجمو ڪيو آھي، جيڪو اپريل 1906ع ۾ حميديه پريس لاھور مان شايع ٿيو. انھيءَ ترجمي جو انحصار جنھن صورت ۾ ويمبريءَ واري ترجمي تي آھي، تنھنڪري ترجمي تان ترجمو ٿيل ھي اردو ايڊيشن ھر لحاظ سان ناقص آھي.
ويمبريءَ جي انگريزي ترجمي ۽ اصل ترڪي متن کي سامهون رکي، مون ھيٺين ٻن بابن جو مڪمل ترجمو ڪيو آھي. جيڪي ڪجهه ويمبريءَ خارج ڪيو ھو، سو اُن ۾ آڻي، سيدي علي رئيس جا شعر ڏيئي ، هر صورت ۾ ترجمي کي اصل مطابق ڪيو ويو آھي. ترڪيءَ تان ترجمي ڪرڻ ۾ منھنجي دوست ڊاڪٽر محمد صابر منھنجي مدد ڪئي آھي. ملاياري ۽ سلطان محمود جي خطن ۽ شعر جو ترجمو ڊاڪٽر محمد صابر جو ڪيل آھي، جنھن کي اردوءَ مان سنڌي ڪيو ويو آھي. تشريح طلب مسئلن ۽ معاملن تي وضاحتي حاشيا آخر ۾ ڏنا ويا آھن. خط ۾ شعر متن اندر ترڪيءَ ۾ ڏنل آھن، جن جو ترجمو حاشين ۾ آيو آھي. شعر ۽ خط تاريخي آھن، تنھنڪري انھن جو اصل سنڌي متن ۾ شامل هجڻ ضروري ڄاتو ويو.
سنڌ تي سيدي علي رئيس جو باب اھم تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. ھو سنڌ ۾ ان وقت پھتو جڏھن شاه حسن ارغون جو ستارو غروب ٿي چڪو ھو ۽ انھن فاتحين ۽ قابضين جي وچ ۾ پيماني تي گهرو گهوٽالو شروع ھو. شاه حسن پاڻ بيمار ۽ معذور ھو، ارغونن ۽ ترخانن سندس خلاف انھيءَ ڪري بغاوت شروع ڪئي ھئي ته ھُن مقامي ماڻھن کي اھم سرڪاري ۽ ملڪي عهدن تي ڇو رکيو ھو. ميرزا عيسى کي مهندار ڪري ٺٽي ۾ انھيءَ مهم جي شروعات ڪئي ويئي. سلطان محمود بکري بظاھر ميرزا شاه حسن سان بيٺو ھو، ليڪن اندر خاني ملڪ جي ورھاست تي ميرزا عيسى سان عهد و پيمان ڪري وقت ڪڍي رھيو ھو. سلطان محمود ۽ ميرزا عيسى جي جنگ ۽ صلح، ميرزا شاهه حسن جو موت، سنڌ جو ورھائجڻ، اھو سڀڪجهه سيدي علي رئيس جي موجودگيءَ ۾ ٿيو. تاريخ طاھريءَ ۾ ٿورو اشارو آھي، مير معصوم خاموش آھي، ليڪن سيدي علي رئيس صاف لکي ڇڏيو آھي ته ماه بيگم تي شاهه حسن کي زهر ڏيئي مارڻ جو الزام ھو. ميرزا مري ته اڳئي رھيو ھو، ليڪن سيگهه ڪرڻ لاءِ ڌڪو جوڻس به (جيڪا پوءِ ميرزا عيسى جي زال بڻي) ڏيئي ڇڏيس. ملاياريءَ جا ترڪي شعر ۽ خط اسان جي سياسي خواه ادبي تاريخ جو اھم ۽ عجيب و غريب سرمايو آھن. ميرزا شاهه حسن جي موت جو مهينو ۽ ترڪيءَ ۾ چيل تاريخ وڏي اهميت رکي ٿي(1).
سيدي علي رئيس جو هندستان تي لکيل باب پڻ اسان جي تاريخ سان متعلق آھي. ھمايون وٽ سلطان محمود بکريءَ جي سفارش ۽ تعلقات استوار ڪرڻ واري خط و ڪتابت، انھن موقعن تي چيل اشعار ، اھو سڀ اھڙو مواد آھي جنهن کان اسان جون مقامي تاريخون خالي آھن. سيدي علي رئيس ھمايون جو موت اکين سان ڏٺو، اڪبر جي تخت نشيني سندس سامهون ٿي، همايون جي ادبي دلچسپين ۽ محفلن جو ذڪر پنهنجي جاءِ تي دلچسپ آھي.
آءُ آخر ۾ ترڪي متن به بلاڪن جي ذريعي ڏيئي رھيو آھيان، جيئن ترجمو ۽ اصل ٻيئي هڪ وقت تحقيقي ڪم ڪرڻ وارن جي آڏو رهن.
پڄاڻيءَ تي آءُ پنهنجي دوست ڊاڪٽر محمد صابر جو شڪر گذار آھيان، جنهن نظم جو ترڪيءَ مان ترجمو ڪيو ۽ مراة الممالڪ جو اصل ترڪي ڇاپو پڻ ڪيترن ڏينھن لاءِ منھنجي حوالي ڪري ڇڏيو.
_سيد حسام الدين راشدي، ڪراچي، _19710208ع

(1) ولايت سنڌ جي واقعن جي سرگذشت
پهرين تاريخ ربيع اولال (962هه) جو روانا ٿي، ڏهن ڏينهن کان پوءِ (10_ ربيع الاول ) راجپوتن جي ڳوٺ پارڪر (1) ۾ پهتاسين، جتي ڪفارن اسان کي گهيري ۾ آندو، پر شڪر ٿيو جو پرواني ڏيکارڻ ۽ ڪجهه پئسن ڏيڻ ڪري اسان جي مٿان اها بلا ٽري ويئي. انهيءَ کان پوءِ اسين ڪڏهن غافل ڪونه رھياسين ۽ خطري جي مقابلي لاءِ هر وقت چوڪس رهڻو پيو. ٻئي ڏينهن (11_ ربيع الاول ) تي وري راجپوتن (راشپوت) جي هڪ ٻي ٽوليءَ رستي _ روڪ ڪري، اسان سان سخت ويڙهه شروع ڪري ڏني .

کو رندو کي کيبي راشپوت الايي دوه جيلر کو تور دي ردلايي (2)
(ص 360)
مون پنهنجي ساٿين کي حڪم ڏنو ته اٺن کي چوڌاري ويهاري حلقو قائم ڪيو. جنهن کان پوءِ اسان چوڌاري باهه وسائڻ شروع ڪري ڏني. ڪفار اهڙي مقابلي لاءِ تيار ڪونه هئا. نياپو موڪليائون ته اسان وڙهڻ ڪونه ٿا گهرون، اسان کي فقط محصول ڏيو. مون کين جواب موڪليو ته اسان واپاري ڪونه آهيون، اسان وٽ دوائون ۽ مَڻِ (دارو مهره) آهن، جنهن جو محصول اسين ادا ڪري چڪا آهيون. جيڪڏهن محصول جهڙي ڪابه شيءِ هجي ها ته اسين خوشيءَ سان پاڻهرتو ڀريون ها. انهيءَ جو اثر حملي ڪندڙن تي خاطر خواه ٿيو ۽ هنن ضد ڇڏي ڏنو.
اسين قريباً ڏهه ڏينهن رڻ ۾ هلي (12_ ربيع الاول( ونگـﮧ (3) ۾ پهتاسين، جيڪو سنڌ جو سرحدي شهر آهي. هتان اسان ٻيا اُٺ ڀاڙي ڪيا ۽ پنج ڏينهن پنڌ ڪري جوڻ ۽ فتح باغ (4) (جونـﮧ و شهر باغ فتح) ۾ آياسين. انهيءَ وقت سنڌ جي تخت تي شاهه حسن ميرزا متمڪن هو. هن چاليهه ورهيه راڄ ڪيو ۽ گذريل پنجن سالن (5) کان فالج (نيم تن) جي مرض ۾ مبتلا ٿي پيو ھو، جنهنڪري گهوڙي سواريءَ کان لاچار ٿي، سنڌو درياهه (درياء سيحو نده) ۾ ٻيڙيءَ رستي اچ وڃ ڪيائين ٿي.
انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي دارالخلافـﮧ ٺٽي (پاء تختند تتـﮧ) جو ڪماندار عيسى ترخان، شاهه حسن ميرزا جي چند لائق اميرن کي قتل ڪري خزاني تي قبضو ڪري ويٺو ھو (6)، جيڪو نصرت آباد (7) جي قلعي ۾ گڏ ٿيل هو. هن نقد پنهنجي ماڻهن ۾ ورهائي پاڻ کي همايون بادشاهه جو لقب ڏيئي جمع جي خطبي ۾ پنهنجو نالو شامل ڪري نقارو وڄرايو.
انهيءَ تي شاهه حسن ميرزا سلطان محمود نالي پنهنجي ديني ڀاءُ (کوکلتاش _ کوکلداشني_ ٿڃ شريڪ ڀاءُ) کي بري فوج جو ڪماندار ڪري، پاڻ چار سؤ جهازن جو ٻيڙو وٺي، مير عيسى بيگ باغيءَ جي سرڪوبيءَ لاءِ هليو (8).
جڏهن منهنجي پهچڻ جي کيس خبر پيئي ان وقت هن وڏي مان ۽ آبروءَ سان منهنجو آڌر ڀاءُ (استقبال) ڪيو. اها ربيع الثانيءَ جي شروعات هئي. هن مون کي سروپا (خلت) پهرائي. ۽ اسان جي ٽولي کي غيبي لشڪر ڪري سڏيو (لشڪر غيب). ساڳئي وقت لاهوري بندر يعني ديول سند (بندر لاهوري يعني ديول سندي) جي صوبيداريءَ جي به آڇ ڪيائين، ليڪن مون انڪار ڪيو.
مون کانئس اڳتي وڃڻ جي موڪل گهري، جنهن تي چيائين ته جيسين پيش آيل مهم ڪاميابيءَ سان پوري نه ٿي آھي تيسين موڪل جي درخواست منظور نه ٿيندي. انهيءَ باري ۾ هن منهنجي بادشاه جي حضور ۾ پڻ عريضو موڪلي ڏنو. ساڳئي وقت جيسين اها پڪ نه ٿيس ته اسين مير عيسى جو طرف نه آهيون، تيسين کيس آرام نه آيو. اسان ڪيترو به يقين ٿي ڏياريو ته اسان جي هٿيارن سان _ مسلمان هجڻ سبب_ کيس ڪوبه آسيب ڪونه ٿيندو، ليڪن هن اهوئي چيو ٿي ته ڇا اسان هڪ قوم نه آهيون؟ بغاوت ۾ اسان جا ئي ڀائر ۽ عزيز شامل ڪونه آھن؟ اهو واقعي سچ به هو!
آءُ سنڌ جي مشائخن مان شيخ عبدالوهاب (9) سان مليس ۽ کانئس دعائون حاصل ڪيم. شيخ جمالي ۽ شيخ ميرڪ (11) جي مقبرن جي به زيارت نصيب ٿي.
بيان ٿيل مير عيسى واري مهم هڪ مهينو جاري رهي. مٽيءَ جا دمدمـﮧ ٺاهي، انهن تي توبون رکيون ويون، ليڪن جنهن صورت ۾ ٺٽو هڪ هيٺانهينءَ ۾ (جزيره) واقع هو، تنهنڪري گولا اوستائين پهچي ڪونه ٿي سگهيا. ان هوندي به ٻنهي طرفن کان جاني نقصان گهڻو ئي ٿيو ۽ نيٺ اچي صلح تي مسئلو نبريو (12). مير عيسى همايون جو طرف ڇڏي خطبو شاهه حسن ميرزا جي نالي پڙهايو ۽ سندس نالي جو نقارو وڄرايو. هن پنهنجي پٽ مير صالحيءَ (ميرزا صالح) کي تحفا تحائف ڏيئي سندس خدمت ۾ روانو ڪيو (13). شاهه حسن ميرزا اُهو خزانو، جو مير عيسى تصوف ۾ آڻي ورهائي ڇڏيو هو، سو مير صالحيءَ کي بخشي ڇڏيو، ۽ مير عيسى کي ساڳئي عهدي تي قائم رکيو ۽ ملاياري (14) وزير جي هٿ اکرين اهڙي قسم جو عهدنامو ۽ فرمان ڏانهنس ڏياري موڪليو ۽ توغ بيگيءَ جي هٿان نقارو به موڪلي ڏنائينس ۽ مير عيسى جا ڏهه ارغون ۽ ترخان طرفدار جيڪي قيدي ٿيا هئا سي پڻ آزاد ڪري ڇڏيائين (15).
مير عيسى، شاهه حسن ميرزا جي گهر واريءَ حاجي بيگم کي ڏياري موڪليو (16). جمادي الاول جي پهرين ڏينهن (شهر جمادالاول ئي اوائلنده ) سلطان محمود خشڪيءَ جي رستي ۽ شاهه حسن ميرزا درياه ڏيئي بکر طرف اُسهيا (17).
گهر واريءَ جي پهچڻ کان ڏهه ڏينهن پوءِ ميرزا وفات ڪئي، ماڻهن ۾ چؤ پچؤ هلي ته جوڻس کيس زهر ڏيئي ماريو آهي (19).
اريسک عورتـﮧ ايننمـﮧ اخي، عورت ال اُتدي انبيايـﮧ دخي (20) (ص 48).
پنهنجي بزرگ مرحوم ميرزا جي فوت ٿيڻ بعد سلطان محمود انھيءَ دم مال ۽ مڏيءَ کي ٽن حصن ۾ ورهائي هڪ حصو مرحوم جي گهر واريءَ کي ڏنو ۽ ٻيو پنهنجي لاءِ رکيو، باقي ٽيون حصو هڪ خواجه (ملازم) جي ذريعي مير عيسى ڏانهن ڏياري موڪليو.
لاش کي ٺٽي اُماڻي، پنهنجو هڪ جهاز (سلطان محمود) کي سفر لاءِ ڏيئي، پاڻ گهوڙن ۽ اُٺن تي خشڪيءَ رستي بکر روانو ٿي ويو. جنهن وقت ميرزا جو لاش سندس بيگم کڻائي، پنجاهه جهازن جي ٻيڙي سان ٺٽي وڃي رهي هئي، ان وقت باقي جهازن تي لشڪرن حملو ڪري انهن کي لُٽڻ شروع ڪيو. ميربحرن ڀڄي پاڻ بچايو، لاچار اسان کي ٻيڙي جي ڪمان وٺڻي پيئي. جڏهن اسان کي وچ ايشيا جا چغتائي حملي آور چوڌاري ويڙهي ويا، ان وقت لاچار ٿي اسان به هٿيار ڇڏي ڀڄي جان ڇڏائي. ۽ ڏهه ڏينهن پاڻي جهاڳي ناصرپور (21) (نصرپور) پهتاسين. شهر کي راجپوتن جي سردار (راشپوت بيگلري) اڳ ئي لُٽي ڇڏيو هو.
اسان کي اتي ٻڌڻ ۾ آيو ته مير عيسى ڏهن هزارن جوانن جي لشڪر سان سلطان محمود تي چڙهائيءَ لاءِ روانو ٿي چڪو آھي. ۽ سندس پٽ مير صالحـﮧ (مير صالح) پڻ اسي جهازن جي ٻيڙي سان اسان جي پٺيان اچي رهيو آهي. اها خبر ڀوائتي هئي، تنهنڪري مون فوراً پٺتي موٽڻ جو فيصلو ڪيو. اسان سڀني گڏجي ڪافي وقت تائين دعائون گهريون ۽ ٺٽي طرف موٽ کاڌي.
ٽئين ڏينهن تي اسان نديءَ ۾ اچي مير صالح جي ڊَهوبَڊههِ ٿياسين. آءُ مختصر سوکڙيون کڻي سندس جهاز تي ويس. هن پڇيو ته ”ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟“ مون جواب ڏنو ته ”اوهان جي والد ڏانهن.“ وراڻي ڏنائين: ”مون سان گڏجي هلو.“ مون چيس: ”اسان وٽ ملاح ڪونه آهن.“ هن ان تي پندرهن ميربحر موڪلي ڏنا، جنهنڪري اسين موٽڻ تي مجبور ٿي پياسين، ۽ ٻيا ڏهه ڏکيا ڏينهن پاڻ کي ڪاٽڻ مشڪل ٿي پيا.
هڪ ڏينهن آءُ مير عيسى سان ملڻ سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ويس، جتي اسان کي ميرزا مرحوم جا چند طرفدار مليا، جيڪي ويڙهه کان بيزار ٿي ۽ مقابلي کان ٿڪجي، صلح جا طالبو هئا. مير عيسى منهنجو تمام گهڻو آڌر ڀاءُ ڪيو. گذريل ڳالهين کي وساري هن مون تي زور رکيو ته آءُ ٻه _ ٽي ڏينهن وٽس رهي پوان. چيائين: ”آءُ جلد ئي انشاء الله مير صالحيء کي همايون بادشاهه ڏانهن موڪلي رهيو آهيان، تون سندس حفاظت ۾ آسانيءَ سان سفر طيء ڪري سگهندين.“ اهو به چيائين ته ”سلطان محمود تو کي بکر کان اڳتي ٽپڻ ڏيندو ئي ڪونه . هو فرخ ميرزا جو پٽ آهي (22) ۽ پاڻ بادشاهه ٿيڻ گهري ٿو!“
بهرحال، سندس اها رٿ مون کي ڪانه آئڙي. مون پنهنجو سفر جاري رکڻ گهريو ٿي. مون کيس چيو: ”اسان کان جيڪي جهاز ورتا ويا آهن، سي واپس ڏنا وڃن، ۽ اڳواٽ قاصد موڪليو وڃي. الله ۾ اميد آهي ته سلطان محمود بادشاهه (همايون) جي اطاعت قبول ڪري خطبو پڙهائيندو، ۽ اهڙيءَ طرح امن ٿي ويندو.“ مير عيسى اها ڳالهه مڃي وڌي ۽ ملاحن سميت ست جهاز منهنجي حوالي ڪري، هڪ خط بادشاهه لاءِ ڏنائين، جنهن ۾ پنهنجي اَڻ ٽُٽندڙ وفاداريءَ جو يقين ڏياريل هو.
اهڙيءَ ريت اسين سيوهڻ (سياوانـﮧ) پهتاسين ۽ پوءِ جلد ئي پاٽ ۽ دبلـﮧ (23) (پاتري و دبلـﮧ = در ٻيلو؟) وارو رستو ڏيئي، بکر جي قلعي وٽ پهچي وياسين. اتي آءُ سلطان محمود ۽ ميرزا مرحوم جي وزير مُلاياريءَ سان مليس، مون ڪجهه تحفا پيش ڪيا. سلطان محمود، همايون بادشاهه جي تابعداري مڃي، خطبو پڙهائڻ قبول ڪيو، ۽ مير عيسى سان ٺهڻ پڻ قبول ڪيائين. مون مرحوم ميرزا جي وفات جي تاريخ ۽ ٻه غزل سلطان محمود وٽ پيش ڪيا:
لمؤلفـﮧ
شاه حسن سند کـﮧ شـﮧ ايردي ولي جيکتي اجل جا ميني تاپتي فنا
هــاتف غيب ايستي تــــــاريخني: ”جنت فردوس مکافي اولا“ (24)
962هه (ص 40)
سلطان محمود کي تاريخ تمام وڻي. غزل هي آهن:
لمؤلفـﮧ
فرقت الي ني طور اولور بيلماس ايديم
اصلامين آ نينک خياليني قيلماس ايديم
آخر ميني او چراتي سينک عشقينک انکا
او ز حاليمـﮧ قالسـﮧ سندين ايريلماس ايديم
درد مني سنکا بيفلاسـﮧ اي مـﮧ چشم!
بيردم کوز و مينک ياشيني مين سيلماس ايديم
بيلسام ميني رد ايتکبينکي آخرسين
هر کز ايشيکينکـﮧ اي پري کيلماس ايديم
هجر آتشيني (کاتبي) اول تانيسام
عشقي يوليدا مونجـﮧ زمان ييلماس ايديم (25)
(ص 40)
ٻيو غزل آھي:
لمؤلفـﮧ
يارسز هر قابدا بولسام بيت الاحز اندور منکا
عالم اول يوسف لقادين اير و زنداندور منکا
دشمن ايتور ميش مينک چون يولينگا اولماس سينک
دوستوم اول سوز باري و الله بهتاندور منکا
شربت لئلينک عطا قيلغاندا جان بيرسام ني تنک
اي طبيبم سنکا مشکل ايرسـﮧ آساندور منکا
الغاج اطرافيم ملامت سنکي کونکلوم شادا ولور
غم چريکين دفع او چون اول بخشي قور و غاندور منکا
ايتلا نبک لا (کاتبي) بند نکني قيلد ينک هم سفال
نعمتينک حقي بيکوم اول اوليغ احساندور منکا (26)
(ص 40)
انهيءَ کان پوءِ مون سلطان محمود کان اڳتي سفر جي اجازت گهري، ۽ منهنجي گذارش قبول ڪئي ويئي. جنهن صورت ۾ قنڌار وارو رستو، سلطان بهادر ولد سلطان حيدر اوزبڪ جي حملن سبب غير محفوظ هو، ۽ گرميءَ جي موسم به مٿان اچي ويئي هئي، تنهنڪري سلطان اسان کي پهرو ڏيئي، لاهور جي رستي اماڻڻ جي رٿا ڪئي ۽ ساڳئي وقت اهو به چتاءُ ڏنائين ته ”رستي ۾ جاٽن (طايفـﮧء جَد) جي مخالف گروهه کان ڪَن رکجي ۽ هوشيار رهجي. رستو ڪهڙو به وٺجي، ليڪن چند ڏينهن ترسڻ ضروري آهي.“ آءُ هڪ مهينو ترسيو رهيس.
هڪ رات جو مون کي پنهنجي ماءُ خواب ۾ نظر آئي، جنهن بشارت ڏني ته کيس خواب ۾ بيبي فاطمـﮧ رضي الله عنها واڌائي ڏني آھي ته آءُ جلد صحيح سلامت پنهنجي وطن پهچڻ وارو آهيان.
ٻئي ڏينهن تي انهيءَ خواب جو واقعو جڏهن مون پنهنجن ساٿين کي سڻايو تڏهن هو ڏاڍو خوش ٿيا ۽ سندن حوصلا وڌي ويا. سلطان جڏهن ٻڌو، تڏهن اهو به موڪل ڏيڻ تي راضي ٿي ويو. هن مون کي هڪ اعلى درجي جو گهوڙو، ڏهن اُٺن ۽ هڪ خيمي شامياني ۽ سائبان سميت ڏنو. سفر جي خرچ لاءِ نقد به ڏنائين، ۽ همايون بادشاهه جي نالي تي اطاعت جي عرضداشت ڏيئي، اڍائي سؤ سنڌي شتر سوارن جي حفاظت ۾ اڳتي اماڻيائين. اهڙيءَ ريت اسان شعبان مبارڪ جي وچ ڌاري روانا ٿي، سلطانپور جي رستي سان مَئوءَ جي قلعي (ماوقَلعه ) (27) وٽ پنجن ڏينهن ۾ پهتاسين. جنهن صورت ۾ جاٽن (جلد طايفـﮧ) جو خطرو هو، تنهنڪري ٻيلي (جنگلستان) وارو رستو ڇڏي اسان ريگستاني ويراني مان وڃڻ مناسب ڄاتو.
ٻيئي ڏينهن تي اسان هڪ چشمي وٽ پهتاسين، ليڪن اهو خشڪ هو. منهنجا ڪيترا سنگتيءَ گرميءَ ۽ اُڃ سبب ساڻا ٿي پيا هئا، مون کين اعلى درجي جو آفيم (ترياق فاروق) کارايو، جنهنڪري ٻئي ڏينهن تي کين افاقو پيو. اهو حال ڏسي، مون انهيءَ رستي کي ڇڏڻ ضروري سمجهي، قلعي مَئو (ماو قلعه) ۾ موٽي آياسين. چوڻي آھي ته
(يتيم)
قادر اولان نيجـﮧ شيــــــــر افــــــگنـﮧ صــــونـﮧ تدارکلـﮧ صونــــر دشــــــمنـﮧ
راي قــــــوي واحد الـــف اولســـﮧ ار راي قوي سمتي در اهـــــــــــل ظفر
بيز اولاو ز واحد و دشمن مــــايـﮧ بزه يتر آيت: ’کم من فايـﮧ!‘(28)
(ص 42)
انهيءَ ويراني ۽ ريگستان ۾ اسان جهرِڪَن جيڏي ماڪڙ ڏٺي. اسان جا سنڌي محافظ ٻيلي (جنگلستان) جي رستي کان ڊنا ٿي. مون کي پنهنجي ماڻهن جو به حوصلو قائم رکڻو هو، تنهنڪري مون ڏهه بندوقچي اڳيان، ڏهه وچ ۾ ۽ ڏهه قافلي جي پٺيان مقرر ڪيا. اهڙي نموني الله توآهر ڪري اسين اڳتي هلياسين. سنڌين کي به همٿ ٿي ۽ اسان کي ويندو ڏسي ساڻ ٿي هليا.
اهڙيءَ ريت ٻيلي (جنگلستان) جي رستي جا خوف خطرا سهندا، ڏهين ڏينهن اسان اُچ (اوچيـﮧ) پهتاسين. اتهن شيخ ابراهيم سان ملاقات ڪري، سندس دعائون حاصل ڪيم. آءُ حضرت شيخ جماليءَ ۽ شيخ جلاليءَ قدس الله سرهما العزيز جي مزارن(1) تي پڻ زيارت ڪرڻ ويس.
اسان رمضان مبارڪ جي شروعات ۾ وري پنهنجو سفر شروع ڪيو. ۽ ڪاريءَ نديءَ (آب کاره) تي پهچي ان تان لَڪِڙن جي تُرهَن ذريعي اُڪرياسين. سنڌي محافظن اسان کي ماڇيواڙي نديءَ (آب ماچواره) تي پهچائي موڪلاڻي ڪئي. اسان ٻيڙين جي ذريعي انهيءَ نديءَ کي پار ڪيو. ٻيءَ ڀر تي ڏٺوسين ته پنج سؤ جاٽ اسان جي تاڙ ۾ بيٺا آهن. پر اسان جون بندقون ڏسي ڊڄي ويا، جنهنڪري حملو ڪونه ڪري سگهيا. اسين بي ڀوا ٿي هلندا رهياسين، تان جو رمضان جي وچ ڌاري ملتان شهر ۾ پهچي وياسين.
ديار هندستان ۾ پنهنجي سر گذشت
ملتان ۾ مون حضرت شيخ بهاء الدين زڪريا ۽ شيخ رڪن الدين ۽ شيخ صدرالدين رحمهم الله جي مقبرن جي زيارت ڪئي. شيخ محمد راجوءِ سان ملاقات ڪري سندس دعائون حاصل ڪيم. پوءِ مير ميران ۽ ميرزا حسن سلطان کان موڪلائي، لاهور طرف سفر شروع ڪيوسين. سَدِڪري (سَدِڪره) ۾ شيخ حامد سان ملي کانئس دعائون حاصل ڪيم. شوال جي شروعات ۾ اسين لاهور پهتاسين.
هندستان جي سياسي صورتحال ھيءَ هئي، جو شير شاهه جي پٽ سليم شاهه جي فوت ٿيڻ تي اسڪندر خان بادشاهه ٿيو هو (29). همايون بادشاهه کي جڏهن اها سُڌ پيئي، تڏهن ان وقت ڪابل کان هلي سڌو اچي لاهور فتح ڪيائين. سرهند (سحرند _ سهرند) وٽ اسڪندر خان سان سندس مقابلو ٿيو، ۽ مٿس فتح حاصل ڪري، چار سؤ هاٿي، ڪيئي توبون ۽ چار سؤ رَٿ (عربـﮧ) هٿ ڪيائين. اسڪندر خان ڀڄي وڃي منڪوٽ (30) (مانڪوٽ) قلعي ۾ پناهه ورتي. همايون ڪشمير جي ميرزائن مان شاهه ابوالمعاليءَ نالي سردار کي فوجي دستي سميت سندس پٺيان موڪلي، پاڻ پايهء تخت دهليءَ ڏانهن روانو ٿيو، جتي پهچي هن پنهنجي فوج جا دستا چوڌاري موڪلي ڏنا. اسڪندر اوزبڪ کي آگري ڏانهن روانو ڪيائين. ٻين اميرن (خانلري و سلطانلري) کي ڪوٽله فيروز شاهه (حصار فيروز شاهـﮧ) سَنڀل (سنبلـﮧ)، بيانه (بيانـﮧ) ۽ قنوج (ڪنويجـﮧ Kanwitch طرف موڪلي، چوڌاري مقابلا شروع ڪرائي ڇڏيائين (31).
آءُ جڏهن لاهور پهتس تڏهن اتان جي صوبيدار ميرزا شاهه سفر جاري رکڻ کان منع ڪئي، جيستائين ڪ مون بادشاهه سان ملاقات نه ڪئي آهي. هن منهنجي اچڻ جو اطلاع موڪلي، مون کي دهليءَ موڪلڻ جو حڪم گهرائي ورتو. انهيءَ ۾ پورو مهينو لڳي ويو. آخر اسان کي محافظ ساڻ ڏيئي دهليءَ روانو ڪيو ويو. سلطانپور درياهه (درياء سلطانپور) کي پاڻ ٻيڙن جي ذريعي پار ڪيوسين، ۽ ويهن ڏينهن جي پنڌ کان پوءِ ڪوٽله فيروز شاهه (حصار فيروز شاهه) جي رستي کان هند جي پايه تخت يعني دهليءَ ۾ پهتاسين. اسان جي پهچڻ جو همايون بادشاهه کي جڏهن اطلاع مليو، ان وقت هن خانخانان ۽ ٻين ڪيترن اميرن (خانخاني و ساير خانلرين و سلطانلرين) چئن هاٿين ۽ وڏي سپاهه سميت استقبال لاءِ موڪليو، ۽ اسان جي سعادت واري بادشاهه جي تعظيم ۽ تڪريم سبب اسان جي وڏي خاطرداري ڪئي ويئي. انهيءَ ڏينهن جي ضيافت جو سهڻو ۽ خصوصي اهتمام خانخانان ڪيو (32).
هندستاني رواج مطابق جڏهن شام جو دربار لڳي، ان وقت اسان کي ڏاڍي مان ۽ مرتبي سان شاهي محل ۾ نيو ويو. مان بادشاهه جي خدمت ۾ جنهن وقت پيش ٿيس، ان وقت ڪجهه تحفا نذر رکيم، ۽ هندستان جي فتح جي تاريخ ۽ ٻه غزل پيش ڪيم:
لمؤلفـﮧ
شــــــاه جــــم رتبت همايون بخت يتي اقليم هند که چون آتــــــش
قيردي افغانني دهلي ني آلدي بولدي فرمان بري باري سرکش
اول فــــــتحــــــوه ايتــديلر تــــــاريــــــخ ”طالع دولت همايونـــسش“ (33)
(962هه) (ص 44)
غزل هي آهي:
لمؤلفـﮧ
اکر کـﮧ حاليمـﮧ رحم ايتمکاي حبيب مينينک
علاجي قايدا قاپار در ديمـﮧ طبيب مينينک
وصال ياري منکا قيلماس ايردي حق روزي
از لدين اي دل اکر بو لماسـﮧ نصيب مينينک
شراب لعلينک ايچوپ مست او لندي اي ساقي!
مگر که کير مکاي ايلکيمکا هيچ رقيب مينينک
روا مي دور ديمکاي سين مينک او چون هرکز
نيچو کدور ور غم هجر يمدين اول غريب مينينک
يوزيني (کاتبي) کور کاج هـــزار عــشوه بيلان
قول ايتمدي کو نگلومي اول شوخ دلفريب مينينک (34) (ص 44)

ٻيو غزل آهي:
لمؤلفـﮧ
وصل اميدم يوق مينک مشتاق روي يار مين
آرزو قيلمام بهشتي عاشق ديدار مين
اي طبيبم ايشيکينک دارالشفا سيدين منکا
شربت لعلينگني بير درد ينگ بيلان بيمار مين
عقل و فکر و صبر و هوشيم قيلدي يغما عشق يار
واديء هجرانده قالديم ني قيلاي ناچار مين
مجلس حاضـﮧ رقيب روسيـﮧ ني چا للمـﮧ
ساقيا شکل قبيحيدين آنينک بيزار مين
”کاتبي“ خسرو بوليدر نظم ارا شيرين کلام
وصف لعل يار بير لـﮧ مين شکر گفتار مين (35)
(ص 44_ 45)

بادشاهه منهنجو ڪلام ٻڌي تمام خوش ٿيو. مون پنهنجي سفر کي جاري رکڻ لاءِ موڪل گهري، ليڪن منهنجو عرض قبول نه پيو. مون حقير کي بادشاهه هڪ لک رپيا خرچ لاءِ ۽ پرڳڻو (پر گنـﮧء خرچـﮧ) جاگير طور آڇيو، ليڪن آءُ انڪاري ٿيس ۽ موڪل تي اصرار ڪيم. جواب مليو ته ”گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال توکي هتي رهڻو پوندو!“ مون عرض ڪيو ته ”مون حقير کي پنهنجي سعادت واري بادشاهه گجرات جي ڪفارن سان جنگ لاءِ موڪليو هو، ليڪن آءُ طوفان ۾ اچي ويس ۽ منهنجو جنگي ٻيڙو ديار هند جي ويجهو غرق ٿي ويو. هاڻي خاڪسار جو فرض آهي ته پنهنجي بادشاهه وٽ پهچي ۽ کيس حقيقت حال کان واقف ڪري. مون کي يقين آهي ته گجرات پڪ ئي پڪ سان ڪافرن هٿان ڇڏائبي.“ اهو ٻڌي هُن (همايون) پنهنجو خاص ايلچي بادشاهه ڏانهن موڪلڻ گهريو:
(ميرڪ)
قال فخر الانام والامم اتقواعن مواضع تهمم (36)
(ص 45)
ليڪن آءُ راضي نه ٿيس، انديشو هو ته بادشاهه ضرور خيال ڪندو ته آءُ پاڻ انهيءَ تجويز جو محرڪ ٿيو آهيان. آءُ پنهنجي ارادي تي قائم رهيس. نيٺ منهنجي موڪل منظور ٿي، پر ٽن مهينن ترسڻ لاءِ چيو ويو، ڇاڪاڻ ته برسات (برشگال) جي موسم شروع ٿي چڪي هئي ۽ بارش ۽ طوفان سبب رستن تان اُڪرڻ مشڪل هو. انهيءَ عرصي ۾ چيو ويو ته آءُ چنڊ ۽ سج گرهڻ جي حساب ڪرڻ ۾ مشغول رهان ۽ انهن جي نجومين کي سج جي گردش ۽ خط استوا جا نُڪتا پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ مدد ڏيان (عمل کسوف و خسوفي زيچه و تقويم کلي مراجعت اولمدن اسطرلاب)، ۽ انهيءَ کان پوءِ آءُ پنهنجي سفر جي شروعات ڪري سگهان ٿو.
اهي سڀيئي ڳالهيون نهايت گنڀيرتا ۽ فهميدگيءَ سان چيون ويون، جنهنڪري مون کي ٻيو ڪوبه چارو ڪونه ٿيو، ۽ لاچار ٿي پنهنجي قسمت تي شڪر ڪري ويهي رهيس. مون سپرد ڪيل سمورو ڪم جلدي جلدي ڪري ختم ڪيو. اتفاق سان انهن ۾ آگرو فتح ٿيو، جنهن جي مناسبت سان مون هيءَ تاريخي نظم چئي:
لمؤلفـﮧ
فلک رفعت همايون شاه غــــــازي ســــالور پـــــرتـــو لواسي مهرو ماهـﮧ
ييتشتي هند کي قيلدي دهلي ني فتح نــــزول ايــــــتــــــي حـــصار دين پناهـﮧ
يياردي نيجـﮧ خان ني اگره ساري بيريب کوب استمــالت لار سپاهـﮧ
دوام دولـتيدا فتحي انــــــيــــــنــــک ميسر بــــــــولـــــــــدي منت اون الاهـﮧ
ايتي انکابير ايکسکلي تــــــاريـــخ مبارک بولسون آگره پادشاهـﮧ (37)
(962هه) (ص 46)
اها تاريخ ڏاڍي پسند ڪئي ويئي ۽ جلد ئي مشهور ٿي ويئي.
انهيءَ موقعي تي هڪ ڏينهن سلطان محمود بکريءَ جي ڳالهه نڪتي، مون صلاح ڏني ته ساڻس عهدنامو ڪرڻ گهرجي. منهنجو اهو التماس قبول ڪري بادشاهه عهدنامو لکرايو، ۽ ان تي پنهنجي شاهي مهر (طغرا) رعفران سان هڻي، اهو سلطان محمود ڏانهن اماڻيو ويو.
سلطان محمود ۽ سندس وزير ملاياريءَ خوش ٿي شڪريي جا خط مون ڏانهن موڪليا، جيڪي هن ريت آهن:

سلطان محمود جو خط
اشتياق و آرز مندليق لاردني سونگ سوز اوليکم تايق محب دولت ملاقات و سعادت مقالات دين محروم بولدي. کيجـﮧ بوفکر و ذکر دا ايدي کيم يا رب قاجان بولفان کيم اول سعادت پناه حضرت پادشاه ظفر دستکاهينک در کاهيدا هر سوزينـﮧ بو فقير ديننک اراسيرا دولتخواليق بابيد اونوب تور عرضفـﮧ يتيکو روب هر قيل و قالي کيم اول مجلس عاليدا او پکاي بارچـﮧ ني مشروح بينيپ بويتيپ ساري يبار گاي لار. بواثناده آدم کيليپ تاج خاصـﮧ و مفتوح تون کيتو روپ فرمان و عهدنامـﮧ ني بيرديلار؟ چون حضرت پادشاه دين پناه نينگ مبارک پنجـﮧ لاريني اول فرمان يوزيدا بو فقير کوردي بيلدي کيم بونيابت اول سعادت پناه نينگ دور:
زعفر انليغ پنچـﮧ سي کون پنچـﮧ سيني قيلدي پست
بومثل مشهور دور کيم دست بر بالاي دست
و اول فرمانينک حاشيه سيدا پادشاه دين پناه اوز لاري کلک گوهر نثار لاري بيلان مرقوم قيليب ايرديلار کيم وحيدالدهر فريد العصر امير سيدي علي باري سوز و نک ني عرضفـﮧ يتيکوردي و درجـﮧء قبول ثاپتي ديو ببوريلش انشاءالله بو رابطـﮧ که سيزنينک بيزنينک ارامزدا دينادا کيم نصيب بولوب تور آخرت تـﮧ هم يوز مونجـﮧ بو لغاي (38)
(ص 46_ 47)
انهيءَ محبت آميز عبارت سان خط پورو ڪيل آهي. ملاياريءَ جو خط هي آهي: (39)

ملاياريءَ جو خط
”يوقاري تابوغيدا عرض دعا و ثناد ني سونک معروض راي مهر آراي و ضمير فرح افزاي اولکيم تابوذره قليل الاستطاعت دولت ملازمت و سعادت مواصلت دين محروم دور لحظـﮧ بلکه لمحـﮧ ياد لاريدين غافل ايلماس
ملاياري
چون غربت ايچرا منکا و صلينکيز نصيب ايلماس
مــــــن غــــــريــــــب نــــــي کرسور سانکيز غريب ايلماس
داغي اول حضرت دين عهدنامـﮧ بيرلا مکتوب شريف کيلتور ماديلر حضرت نواب سلطان و بواسير وادي هجر انکايي کلفت بولدي و هر زمان سلطان ايتور لار کيم اولاردين کوب منفعل بيز خدمت شايسـة قيلمادوک و تقصير کوب بولدي:
ياري
اي دوست خلاف دوستداري قليما
غربت تـﮧ قويوب کوب سکا خواري قيلما
غفلت ني نونيت مونجـﮧ ميننک حايمدين
”ياري“ ني اونو تماترک ياري قيلما
چون اطناب موجب ملال خاطر ايردي بو رباعي غـﮧ اختصار قيليب دعا بتيلدي .....“ (40) (ص 47_ 48)
سلطان جو خط بادشاهه جي حضور ۾ پيش ڪيو ويو. ”دست بربالاي دست“ جي ترڪيب کي ڏاڍو پسند ڪري، هن حقير کي جواب ۾ غزل لکڻ جي فرمائش ڪندي، فرمايائين ته ڏاڍو چڱو موقعو آهي! (المامور معذور و العذر عند کرامالناس مقبول).
چنانچه مون انهيءَ بيت جي جواب ۾ هيٺيون غزل چئي، شاهي خدمت ۾ پيش ڪيو:
لمؤلفـﮧ
دست خون آلودينک ايتي پنجـﮧء مرجانني پست
بومنلدور ايل اراکيم دست بربالاي دست
اول لبي ميگون اگر مجلسده بيروم بولغاي
ساقي تان ييغلاب صراحي جام مي بولون شکست
مست عشقـﮧ اهل تقوا طعني قويسون ايتيکيز
دايما هشيار اراسيدا بولور معذور مست
ظاهرين کورمـﮧ کيشيننک باطيني غـﮧ قيل نظر
زاهدا معني غـﮧ باق آدم ايماس صورت پرست
باعث کيفيتيکني قايدا ذوق ايتکاي سينينک
ايچمکان وحدت شرابن ”کاتبي“ روز الست (41)
(ص 48)
بادشاهه غزل ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ آفرين چوندي، هن حقير کي ”مير علي شير ثانيءَ“ جي لقب سان مخاطب ڪيو. مون چيو ته آءُ ڪجهه به نه آهيان ۽ نه انهيءَ لقب جي لائق آهيان! بلڪ مون کي ته جيڪڏهن ان جو ٽُڪريل (خوشـﮧ چين) چيو وڃي، تڏهن به منهنجي لاءِ وڏي فخر جي ڳالهه آهي! بادشاهه وراڻي ڏني ته جيڪڏهن آءُ هڪ سال مشق ڪيان ته چغتائي زبان ۾ ”مير علي شير“ جو نالو ڀلائي ڇڏيان! مطلب ته بادشاهه منهنجي ايتري ساراهه ڪئي، جو آءُ شرم جي وڏي بوجهه ھيٺيان اچي ويس.
هڪ ڏينهن آءُ شاهي تير انداز خوشحال (خوشحال بيگ) سان ڳالهائي رهيو هيس _ هو بادشاهه جو خاص معتمد هو ۽ شاعراڻي صحبتن جو خاص ڄاڻو هو _ هن مون کي ٻن غزلن جو مضمون ۽ قافيو رديف ڏنو. مون هيٺيان غزل ٺاهيا:
لمؤلفـﮧ
رخ لاري کيفيت ميدين قچان کيم آل دور
ساقيا تانير مين اول گلچهره ني خوشحال دور
نقد عمر نيکيني متاع وصل غـﮧ خرج ايتکا نيننک
ديل بيلان کنکاشني قوي عالم غـﮧ اول دلاّل دور
مرده لار احبا سيد العلي مسيحا دور ولي
زلفي جادو، چشمي فتان، غمزه سي قتال دور
لب لاري يارينک چوچوکدور، دل نيچون ميل ايتمکاي
هر نيمر سـﮧ کيم چوچوک بولغاي کوکل ميال دور
تيلبـﮧ بولوب بيغلامـﮧ تلاش مين ديب ”کاتبي“
سيم اشک بيرلا درون سينـﮧ مالامال دور (42)
(ص 49)
ٻيو غزل هي چيم:
لمؤلفـﮧ
چين دور ور زلفينککـﮧ جادو ينع اني يلغان ايماس
کفر اسنادي خطينککـﮧ اي صنم بهتان ايماس
شربت لعلينکني بيرمين خسـﮧ کسه داروني قوي
اي طبيبم اول مينينک در ديمغـﮧ هيچ درمان ايماس
عيب ايما سمولاف عشق اوراق کيليب عشاق ارا
عشق ميدانيدا آيننک کيم باشي غلتان ايماس
يار غـﮧ اتينک قيلماسون اغيار بيرلاکفت و کوي
هم نفس بولماق ملک شيطان بيلان چسبان ايماس
عيد و صلي بير کاي ايل اول قاشي يايننک ”کاتبي“
قبلـﮧ دين يانسون يوزي هم کيم انکا قربان ايلماس (43)
(ص 49_ 51)
اهي ٻيئي غزل ولايت هند ۾ مشهور ٿي ويا ۽ خاص و عام جي زبان تي چڙهي ويا. بادشاهه جي آفتابچي، عبدالرحمان بيگ، جي دوستيءَ سبب منهنجو ستارو چڙهي ويو. هو نورسيده جوان، بادشاهه جو معتمد ۽ خاص مجلسن ۾ ويهندڙ، همراز ۽ مصاحب هو. شعر و سخن جي مجلسن جو پڻ ڄاڻو هو. سندس مناسبت تي مون هيٺيان ٻه غزل چيا:
لمؤلفـﮧ
اول پريچهره قاچان ناز ايلکــــــاي نالـﮧ غـﮧ عشاق آغاز ايلکاي
يير ايدور اول غنچـﮧ نيک دل بلبلي گلشن کو ييدا پرواز ايلکاي
عاشق او لدور بزم غمدا ســــــاقيا! نالـﮧ سين ني بير لا دسماز ايلکاي
ايتلا ريلـﮧ هم سفال ايلاب ميني او مرين عالمدا ممتــــاز ايلــکـــــاي
دلبر او لــــدور عــــــاشقـﮧ ”کـــــاتبي“ لطيفي کوب، جو ديني از ايلکاي
(ص 50)
لمؤلفـﮧ
تشبيهه ايتيب لبينککـﮧ او زين باده قيلدي نفع
نرگس کو زينککـﮧ او خشار ايتري خماري دفع
دعوت ميسر او لسـﮧ دعا بيرلا اول پري
اغياري بر دعا بيلان آسان ايروردي دفع
اول اي حجاب ايتر يوز يکـﮧ زلفين ابدوش
کيل اي صبا يتيش آرادين قيل حجابي رفع
کور دو کجـﮧ قامتينکني سجود ايتيکيم بو کيم
دير لار نماز جايز ايماس بولما ينجـﮧ شفع
يا نيب يا قبلسـﮧ دل نولا در دمني ”کاتبي“
نار فراق بارچـﮧ وجود مني قيلدي سفع (45)
(ص 51)
مطلب ته انهن ڏينهن ۾ شعر وسخن جي رات ڏينهن (روز شب) رس رهاڻ رهندي هئي، تنهنڪري گهڻو ڪري منهنجو وقت شاهي حضور ۾ گذرندو هو.
هڪ ڏينهن هن حقير کان پڇيائين ته ولايت روم وڏي آهي يا هندستان جو ملڪ ؟ مون وراڻي ڏني ته جيڪڏهن ولايت روم مان اهي سڀ ملڪ مراد آهن، جيڪي ماتحت آهن، ته پوءِ هندستان ان جي ڏهين پتيءَ (عشر عاشر) ۾ به نه ايندو، پر جيڪڏهن مقصد فقط ولايت سيواس آهي ته يقيناً هندستان جو ملڪ وڏو آهي. بادشاهه چيو: منهنجو مطلب سموري سلطنت جو آهي. مون عرض ڪيو ته ”اسان جو بادشاهه انهن ستن ئي اقليمن تي حڪومت ڪري ٿو، جيڪي اسڪندر جي سلطنت ۾ شامل هيون. ليڪن جيڪا اسڪندر جي سوانح بيان ڪئي وڃي ٿي ۽ سندس حڪومت جي تاريخ ٻڌائي وڃي ٿي، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن ذاتي طرح نه اُهي ملڪ ڏٺا هئا ۽ نه شخصي طرح انهن آبادين تي هن حڪومت ڪئي ٿي. ڇاڪاڻ ته آباد دنيا _ جيڪا موجوده آباد دنيا جو چوٿون حصو ٿئي ٿي _ ان جي ڊيگهه 180 ڊگريون ۽ خط استوا کان ان ايراضي يا رقبو 670، 668، 1 فرسخ ٿيندو. تنهنڪري ناممڪن آهي ته ايڏيءَ وسيع سرزمين تي ڪوبه ماڻهو شخصي طرح حڪومت ڪري سگهي. ٿي سگهي ٿو ته انهن اقليمن مان هر هڪ جي ڪجهه حصي تي هن حڪمراني ڪئي هجي. جهڙيءَ ريت هن وقت بادشاهه روم (ترڪي) حڪومت ڪري رهيو آهي.“ بادشاهه سوال ڪيو ته بادشاهه روم انهن سڀني اقليمن جي حصن تي حڪومت ڪري ٿو ڇا؟ مون عرض ڪيو: هائو! پهرينءَ اقليم جو حصو يمن آهي، ٻيءَ اقليم جو حصو مڪو شريف، ٽينءَ مان مصر جو ملڪ، چوٿينءَ اقليم مان حلب، پنجينءَ مان دارالسطنت محروسـﮧ قسطنطنيـﮧ، ڇهينءَ مان حيفـﮧ (کفـﮧ _ Kaffa) ۽ ستينءَ اقليم مان Vienna ۽ Ofen (بدون و بچ). انهن مان هر هڪ تي بادشاهه روم پنهنجا حاڪم (بگلر، بيگلري) ۽ قاضي (قاضي لري ) مقرر ڪندو آهي، جيڪي سندس نالي ۾ حڪومت ڪندا آهن. علاوه ازين جڏهن گجرات ۾ هئس ان وقت _ خدا ڄاڻي ڪيتريقدر صحيح آهي _ مون سان سورت بندر (سرت نام بندرده) جي حاڪم (خواجه بخشي) ۽ قره حسن نالي سوداگر ڳالهه ڪئي ته چين ولايت (ولايت چينده) ۾ سوداگرن رمضان جي عيد تي بادشاهه روم جو نالو خطبي ۾ پڙهائڻ چاهيو ۽ خاقان چين کي چيو ويو ته جنهن صورت ۾ اسان جو بادشاهه مڪي ۽ مديني ۽ قبلي جو _ جنهن ڏانهن منهن ڪري سجدو ڪيون ٿا _ بادشاهه آهي، تنهنڪري سندس نالو عيدن جي خطبي ۾ وجهڻ ضروري آهي. ان وقت خاقان چين _ جيڪو غير مذهب آهي _ انهن جو چوڻ واجبي سمجهي نه فقط مڪي، مديني ۽ قبلي جي بادشاهه جو نالو وجهڻ جي اجازت ڏني، بلڪ خطيب کي خلعت پهرائي، هاٿيءَ تي سوار ڪري، شهر ۾ جلوس ڪڍرايو ويو. انهيءَ زماني کان بادشاهه روم جو نالو خطبي ۾ هليو اچي ٿو؟“ تنهن تي بادشاهه پنهنجي اميرن ۽ وزيرن (خانلرينـﮧ و سلطانلرينـﮧ) کي مخاطب ٿي چيو ته ”واقعي بادشاهه روم کي حق پهچي ٿو ته هو بادشاهه سڏائي! روء زمين تي ٻيو ڪوبه ان جو مستحق نه آهي!“
ٻئي موقعي تي ڪريميا جي خان (قرم خانندن) جي ڳالهه نڪتي. مون چيو ته اهو به اسان جي بادشاهه جي تحت آهي. بادشاهه چيو: جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ سندس نالي خطبو ڇو ٿو پڙهيو وڃي؟ مون عرض ڪيو: اسان جي بادشاهه کي اهو اختيار آهي ته خطبي ۽ سِڪي جو حق ڪنهن کي به عنايت ڪري. انهيءَ ڳالهه سڀني کي مطمئن ڪيو ۽ سڀني گڏجي اسان جي بادشاهه لاءِ دعا خير گهري .
هڪ ڏينهن بادشاهه ارادو ڪيو ته گهوڙي تي سوار ٿي دهليءَ ۾ مشائخن جي مقبرن جي زيارت ڪئي وڃي. آءُ به ساڻس گڏجي هليس. اسين دهليءَ جي پير شيخ قطب الدين، شيخ نظام الدين وليءَ، شيخ فريد شڪر گنج، مير خسرو دهلويء، ۽ مير حسن دهلويء (46) جي مرقدن تي وياسين. مير خسرو جي شعر تي گفتگو نڪتي. مون سندس ”درياي ابرار“ مان چند بيت پڙهيا، جن جو منهنجي دل تي اثر هو ۽ چيم ته منهنجي مجال نه آهي، جو سندس مقابلي ۾ ڪجهه چئي سگهان. بهرحال، هڪ غزل چيو اٿم. بادشاهه چيو: ٻڌاءِ! مون مطلع پڙهيو:
لمؤلفـﮧ
هر که قانع شد به يک نان پاره مَرد ِ مهتر ست
کار او از جملـﮧء شاهان ِ عالم بهتر ست (47) (ص 53)

بادشاهه خوش ٿيو، چيائين والله العظيم اين بهتر است! هتي پنهنجي شاعري ڏيکارڻ مقصد نه اٿم، بلڪ بادشاهه جي قدردانيءَ جو تذڪرو ڪرڻ مقصود آهي.
هڪ دفعي آءُ شاهي مهربردار شاهين بيگ سان ملڻ ويس، ۽ کيس التجا ڪيم ته مون کي سفر جي اجازت وٺي ڏئي! خالي هٿين وڃڻ مناسب نه هو، پنهنجا ٻه غزل کنيو ويس. هڪ غزل هي آهي.
لمؤلفـﮧ
هر سحر اي يوزي کل گلشن کو ينيککـﮧ يا ريب
ييغلار امو اليني دل شبنم اشکمي تاريب
کور کاج اين غنچـﮧ دهن کل يوزوکي گلشندا
کل بيلان غنچـﮧ خجل بولوي حيا دين ميزا ريب
اين طبيبم دل مجروح شفا تاپسـﮧ ني يار
سين شکر لبني قرا باغريغـﮧ بير لحظ ساريب
يو را کيم هجر المي بيرلا نيچون پرخون دور
کو کاز اين دل آني اول خوني غـﮧ باغر ينکي ياريب
”کاتبي“ سين ره عشق ايچرا سرامد بولدونک
تاشلـﮧ فرهاد ايلـﮧ مجنونني الار قالدي هاريب (48)
(ص 53)
ٻيو غزل هي هو:
لمؤلفـﮧ
کپريکي اوقينـﮧ قاشي يارينک کمان ياسار
دلي سينم اوزره پنبـﮧء داغيم نشان ياسار
مغرور بولما حسينکـﮧ اي قاشلاري کمان
رستم لارينک کمانيني آخر زمان ياسار
بيتاب بولسـﮧ دل تب هجرنيکدين اي پري؟
آهم ترحم ايلاب الکا سايبان ياسار
قصر و صال ياره کونکل قيلمغـﮧ عروج
عاشق کمند آهي آنکا نردبان ياسار
دل رشتغـﮧ چيکار در اشکمني ”کاتبي“
او خشار کـﮧ ياره بار ماغ ايچون ياسار (49)
(ص 53_ 54)
شاهين بيگ ڪوشش جو واعدو ڪيو ۽ سچ پچ هڪ ڏينهن موڪل جي خوشخبري کڻي اچي پهتو ۽ چيائين ته موڪل لاءِ آءُ بادشاهه جي خدمت ۾ عريضو موڪليان! برسات جي موسم (برشگال) ختم ٿي چڪي هئي، مون رسمي طرح بادشاهه جي خدمت ۾ اجازت جي درخواست موڪلي ۽ گڏ پنهنجا ٻه غزل به اُماڻيم: هي غزل چغتائي زبان ۾ آهي:
لمؤلفـﮧ
دولت سنينک بيلان اکر اي دل بولـﮧ رسـﮧ يار
قيلغاي وفا لار اول صنم شوخ و شيوه کار
بير بير کاکيلسـﮧ خاک رهک بيرلا اي پري!
تو قراقچـﮧ بولما نمايدي انينک البدا ايپار
شفتالو سورسم اول لبي عناب لارغـﮧ کر
هر قاليسي بولسـﮧ خثم ايتيب ايتورکـﮧ ناري يار
کريه قيلوب ايشيککـﮧ يوز سورت دو کيم بو کيم
کوز ياشيني بولور سـﮧ سوبير غال قيلاي نثار
يوقاري تا بونميدا شها قورقـﮧ ايمنـﮧ
دردني ”کاتبي“ سنکا غرض ايلسـﮧ ني بار (50)
(ص 54)

هيٺيون غزل عثماني ترڪيءَ ۾ چيل آهي:
لمؤلفـﮧ
غافل اولمـﮧ دو شد و کک ير ملک هندوستاندر
ميل ايدوب آنده قلانر جملـﮧ سرگرداندر
عالمي کشت ايلينر ديديلر بالا نماق
حق بودر دنياده جنت ملکت عثماندر
واروب آنده برنظر کورمک احبانک يورين
بلمشس اول اي خستـة دل هر درد کـﮧ درماندر
دوش اياغينـﮧ همايون بادشاهک رخصت آل
دايما دوشمشلره آنوک ايثي احساندر
ميل ايدرسـﮧ قالمغـﮧ دل طفلي هندوستانده
”کاتبي“ اويمـﮧ سن آکا اول دخير اوغلاندر (51)
(ص 55)
منهنجي انهيءَ درخواست ۽ غزلن جي جواب ۾ بادشاهه مرحمت ۽ شفقت فرمائي مون کي موڪل عنايت ڪئي ۽ ساڻ ئي سروپا خلعت ۽ حفاظت لاءِ راهداريءَ جو پروانو عطا ڪيائين.
سفر جي هر شيءِ تيار هئي. بادشاهه مون کي جمعي جي ڏينهن شام جو موڪلاڻيءَ جي ملاقات لاءِ گهرايو. حڪمت الاهي آءُ موڪلائي هلڻ تي هئس، جو مؤذن ٻانگ ڏني ۽ بادشاهه ڏاڪڻ لهڻ لڳو. سندس عادت هئي ته ٻانگ ٻڌي جهڪندو هو. ڏاڪڻ تي به هن ائين ڪيو ۽ پير ٿڙڪي ويس. ڪيئي ڏاڪا لڙڪندو وڃي ھيٺ پيو. مٿي ۽ ٻانهن کي سخت ڌڪ لڳس. (52) سچ چوندا آهن: الحذر لايغني عن القدر تقدير پڇي ڪانه ايندي آهي.
محلات ۾ تشويش ۽ مايوسي پيدا ٿي ويئي، ليڪن معاملي کي ٻن ڏينهن تائين مخفي رکيو ويو ۽ مشهور ڪيو ويو ته الحمد الله بادشاهه خوش آهي! غريب اهل حاجت ۾ خيرات ۽ سپاهين ۾ انعام تقسيم ڪيا ويا. ٽئين ڏينهن سومر جو بادشاهه زخمن جي سختيءَ سبب فوت ٿي ويو (53) انا لله و انا اليـﮧ راجعون!
بادشاهه جو وليعهد جلال الدين اڪبر، ميرزا خانخانان سان گڏجي شاهه ابوالمعاليءَ سان ملڻ ويو هو. فوراً ڏانهس انهيءَ افسوسناڪ واقعي جي خبر موڪلي ويئي. انهيءَ وچ ۾ اميرن ۽ خانن (خانلر و سلطانلر) ۾ پريشاني ۽ اضطراب پيدا ٿي ويو، کين اهو سمجهه ۾ نٿي آيو ته اوستائين ڇا ڪن؟ مون سندس همت ٻڌرائي ۽ ٻڌايو ته مرحوم مغفور سلطان سليم خان عليـﮧ الرحمـة و الغفران جي فوت ٿيڻ وقت پيري باشاهه ڪيئن نه عقلمنديءَ سان مسئلي کي منهن ڏنو هو ۽ بادشاهه جي وفات کي في الحال مخفي رکيو هو. مون کين صلاح ڏني ته شهزادي جي پهچڻ تائين ڳالهه لڪائڻ نهايت مناسب ٿيندي. سڀني کي اها صلاح وڻي. دستوري طرح مصاحب ۽ امير دربار ۾ ايندا رهيا، حڪم احڪام ملندا رهيا. مشهور ڪيو ويو ته بادشاهه گهوڙي تي سوار ٿي ٻهراڙيءَ ۾ ويندو، ليڪن وري موسم جي خرابيءَ جو بهانو ڏيئي اهو ارادو ملتوي ڪيو ويو. ان جي بجاءِ اڳئين ڏينهن دربار عام منعقد ٿيڻ جو اعلان ٿيو. نجومين اهو ڏينهن به نحس ٻڌائي ٽاري ڇڏيو. انهيءَ ٽار ٽور هڪ قسم جي چوءَ پچوءِ پيدا ڪري وڌي، جنهنڪري اربع ڏينهن شاهي درشن لازمي سمجهي اعلان ڪيو ويو. اتفاق سان شاهي مصاحب مولا بيگ (54) (مغلابي) جي شڪل بادشاهه سان ملي ٿي آئي، البت ڪي قدر سندس قد منڌرو هو. انهيءَ کي شاهي لباس پارائي ديوان عام ۾ هڪ خاص مسند تي ويهاريو ويو، جيڪا انهيءَ مقصد لاءِ تيار ڪئي ويئي هئي. اکيون ۽ منهن خاص طريقي سان ڍڪي، خوشحال بيگ کي پاسي ۾، ۽ مير منشيءَ کي پٺيان بيهاريو ويو. اميرن شهر جي معززن (سلطانلر و مير _ زالر و رعايا و عوام الناس) رعيتي ۽ عوام الناس پنهنجي بادشاهه جو ديدار ڪيو، خلق خوش ٿي، اميرن ۽ معززن کي اطمينان ٿيو، طبيبن کي بادشاهه جي صحتيابيءَ تي انعام ۽ پهراڻيون ڏنيون ويون. اهڙيءَ ريت شاهي صحتيابيءَ جو مرﱞده سڀني کي خوشي ڏيئي ڇڏي.
انهيءَ حال ۾ مڙني کان موڪل ڪري آءُ شاهي صحتيابيءَ جي خبر سان لاهور روانو ٿيس. اهو ربيع الاول جو وچ ۽ رواني ٿيڻ وارو ڏينهن خميس جو هو. سوني پت، پاڻي پت، ڪرنال ۽ ٿانيسر (سوني پته، پاني پته، قرناله، تاني سره) کان ٿيندو، ساماني شهر (ثمانيـﮧ) ۾ پهتس. انهن جي حاڪم کي بادشاهه جي سلامتيءَ ۽ دربار ڪرڻ جي خوشخبري ٻڌايم. اتان هلي سرهند (سهرند) واري سڻڪ ڏيئي، ماڇيواڙي کان بجواڙي (ماچواره، باجواره) آيس. اتان وري سلطانپور درياءَ ٻيڙين تي اُڪري، تيزيءَ سان ڪوچ ڪندو، لاهور پهتس.
جلال الدين اڪبر ميرزا انهيءَ وچ ۾ بادشاهه ٿي چڪو هو (55) ۽ لاهور وغيره ۾ سندس نالي جو خطبو پڙهجي رهيو هو. لاهور جي حاڪم ميرزا شاهه مون کي اڳتي وڃڻ کان روڪ ڪئي ۽ چيائين ته بادشاهه حڪم ڪڍيو آهي ته ڪابل ۽ قنڌار طرف ڪو ڪونه وڃي! منهنجي لاءِ ٻيو رستو ڪونه هو، لاچار بادشاهه سان ملڻ لاءِ موٽ کاڌيم. اڃا ڪلانور پهتس ته جلال الدين اڪبر بادشاهه ۽ خانخانان، قلعي مانڪوٽ جي محاذ تي ملي ويا. بيرم خان جي خواجه ملا پير محمد جي ذريعي مون کي آڇ ڏني ويئي ته آءُ ڪجهه وقت ترسي پوان، ان کان پوءِ مون کي سنڌ يا هند ۾ جتي وڻندو اُتي عهدو ڏنو ويندو! مون جهٽ مرحوم بادشاهه جو مليل اجازت نامون ۽ سندس وفات جي تاريخ ۽ هڪ غزل سندس اڳيان رکيو:

لمؤلفـﮧ
هند ايچيدا برهماي ايردي همايون پادشاه
بيردم ايچرا بولدي شونقار ايلادي عزم اِلَـﮧ
اول مصيبتي ايشتگاج فجغيرب زاري بيلان
ايتيگيز تاريخ فوت: بولدي همايون پادشاه (56)
(ص 57)
غزل هي آهي:
لمؤلفـﮧ
غزل جور و جفا ايماس جهانينک شاهي بولماقدبن
ساقين عشاق نينک اي مـﮧ خدنک آهي بولماقدين
شـﮧ رومک ايشيکيدا باريب دايم کدا بولماق
منکابـﮧ راک دور ور کوب هند و سند نينک شاهي بولماقدين
حبيبنک کوييدا منکا رقيب او لماق تيلار همراه
خدايا ميني سين ساقلـﮧ انينک همراهي بولماقدين
ميني او لتورسـﮧ اول خوني قوينيک معنى صيلينک ترغيب
مرام او لدور ليشينينک کيشي دولتخواهي بولماقدين
وفا قيلماق ميسر بولسـﮧ سنکا اول جفا پيشـﮧ
رقيبنک ”کاتبي“ غم تار تمفين اکاهي بولماقدين (57)
(ص 57_ 58)
ميرزا پنهنجي والد جو فرمان ڏسي ۽ اهي نظمون ٻڌي تمام خوش ٿيو ۽ مون کي وڃڻ جي اجازت ڏنائين. پر شرط وڌائين ته آءُ چئن اميرن سان گڏجي وڃان، جيڪي عنقريب ڪابل وڃڻ وارا هئا.
انهيءَ عرصي ۾ شاهه ابوالمعالي گرفتار ٿي چڪو هو ۽ لاهور جي قلعي ۾ بند هو. تاريخ چوڻ جي انعام ۾ مون کي هڪ لک راهه خرچ جو حڪمنامو مليو. آءُ چئن اميرن سان گڏجي وڃڻ جي تياريءَ ۾ لڳي ويس.
[هن کان پوءِ هندستان جي چند عجائبات جو ذڪر ڪري ٿو _ مثلاً هندن جو مذهب، لاشن جو ساڙڻ، ستي ٿيڻ، هرڻن جي شڪار ڪرڻ جو طريقو، جهنگلي پاڏن جي پٺيان هاٿي ڇڏي شڪار ڪرڻ، وغيره وغيره.]
ربيع الاول جي وچ ڌاري اسين ڪابل روانا ٿياسين. اسين لاهور جو درياهه (درياء لاهور) ٻيڙين ذريعي ٽپياسين. ٻيءَ نهر (نهر عظيمـﮧ) تي آياسين. اتي اُڪرڻ جو وسيلو ڪونه هو. اسين تختا ۽ ڪاٺ ٻڌي (گت لر يعني سريرلر و ڪوزه لر)، انهيءَ جي ذريعي ٽپياسين. ٻي نهر واٽ تي بهره (درياء بهره) جي آئي. اها ٻيڙيءَ تي ٽپيسين. انهن جي حاڪم کي مون بادشاهه جي پئسن ڏيڻ لاءِ حڪم ڏيکاريو. هن قسم کڻي چيو ته بادشاهه جي فوت ٿيڻ سبب ڍلَ اڳڙي ڪانه سگهي آهي، ترسڻو پوندو، جيسين چوڌاري ماڻهو موڪلي اوڳڙ ڪرائي وٺجي!
پنهنجي ساٿي اميرن (بيگلر) ۽ مير بابوءَ (مير بابوس) سان صلاح ڪيم. انهيءَ چيو ته شاهه ابولمعالي قلعي مان فرار ٿي چڪو آهي، پڪ ئي پڪ هو پنهنجو ڀاءُ ڪمرد بيگ (کهمرد بيگي Kihmerd Begy = وٽ ڪابل ويو هوندو. تنهنڪري رستو غير محفوظ آهي، اسين وڃون ٿا، تون پئسا وٺيو اسان جي پويان اچ. مون لالچ ڇڏي اهڙيءَ حالت ۾ گڏجي وڃڻ مناسب ڄاتو. اسين گڏجي ٻيڙيءَ تي درياء خوشاب ٽپي نيلاب وٽ آياسين، اهو پڻ ٻيڙيءَ جي ذريعي اُڪري اسان سرزمين باختر ۾ قدم رکيو. اسان مبارڪ مهيني جمادي الاول (963 هه) جي شروع ۾ نيلاب ٽپي ڪابل ڏانهن راهه ورتي! ........ [صفحي 36تان 60 ترڪي _ صفحي 36 تا 62 انگريزي.]
سمجهاڻيون
(1) ڏسو هيوز جو گزيٽير ص 583 _ ننگر پارڪر.
(2) راجپوتن جي ولر کي ڏسندي، مون اوٺنِ کي حڪم ڏنو ته پنهنجن مَهرين کي ويهاري ڇڏين، جيئن حلقو قائم ٿئي ۽ توب هلائڻ ۾ آساني ٿئي.
(3) وڳهه ڪوٽ. معصوميءَ ۾ قلعي واهکه (ص 61) آيو آهي، وگـﮧ ڪوٽ يا وجهه ڪوٽ پُراڻ درياهه کان پنج ميل مشرق طرف الله بند جي مٿان. رڻ ڪڇ ۾ جڏهن پاڻي هو ۽ ٻيڙيون هلنديون هيون، ان وقت وڳهه ڪوٽ بندر هو (دائود پوٽو، ص 294_ بحوالـﮧ ڪزنس ص 123).
(4) جوڻ _ فتح باغ _ ماتليءَ جي قريب آهن. شاهه حسن ارغون، همايون کي سنڌ مان ڪڍڻ جي خوشيءَ ۾ اهو ڳوٺ آباد ڪرايو هو (طاهري ص 77). ماتليءَ کان اٺ ميل ڏکڻ ۾ فتح باغ جا آثار موجود آهن. جوڻ وٽان همايون درياهه ٽپي قنڌار راهي ٿيو هو، 7_ تاريخ ربيع الاخر 950هه جو _ جوڻ تي ٻڌايل پل جي تاريخ آهي: صراط مستقيم (معصومي ص 180)
(5) ڏسو معصومي ص 183 _ سيدي علي رئيس پنج سال بيماريءَ جي مدت لکي آهي. انهيءَ حساب سان ميرزا تي 56_957هه ۾ فالج ڪريو.
(6) ڏسو معصومي ص 183 کان 190 تائين، ۽ طاهري 91_94. معصوميءَ ۾ آهي ته پهرين محرم 962 هه جو ٺٽي ۾ ارغون ۽ ترخان اميرن متفقه طور ميرزا عيسى جي بيعت ڪئي ۽ ميرزا شاهه حسن کان باغي ٿي ويا_ ميرزا جي غلامن، هر هڪ عربي گاهي، شنبه ۽ رفيق کي، جن کي ميرزا 960 هه جي اوائل ۾ ٺٽي مٿان مقرر ڪيو هو (معصومي ص 284)، قتل ڪيو ويو (معصومي ص 187). سيدي علي رئيس کين ”لائق امير“ لکي ٿو ۽ مير معصوم انهن لاءِ، مردم اراذل (184) ۽ اوباش (183) جا لفظ ڪتب آندا آهن. (تاريخ، ڏسو ص 91)
(7) نصرت آباد دراصل تغلق آباد کي (ڪلان ڪوٽ، مڪليءَ جي ڏکڻي ڇيڙي تي) سڏيو ويو آهي. انهيءَ فساد ۾ ميرزا شاهه حسن پنهنجي زر خريد غلام رفيق ۽ شبنه کي انهن جو قلعدار مقرر ڪيو هو، ذيقعده 960 هه جي آخر ۾. (معصومي ص 184)
(8) 22_ محرم 962 هه جو سلطان محمود لشڪر وٺي، ميرزا شاهه حسن جي منزل تي پهتو. (معصومي ص 189)
(9) شيخ عبدالوهاب پوراني، شيخ الاسلام، ٺٽو. ڏسو منهنجو مضمون ”سنڌ جا پوراني سادات“.
(10) شيخ جماليءَ جو مقبرو مڪليءَ تي موجود آهي. (ڏسو مڪلي نامو، ص 81_ 84)
(11) شيخ الاسلام شيخ ميرڪ محمود متوفي محرم 962 هه بن شيخ جلال الدين ابو سعيد پوراني. سندس قبر پنهنجي خانداني قبرستان ۾ (مڪليءَ تي) موجود آهي. جنهن صورت ۾ ميرڪ وفات تازو ٿي هئي، تنهنڪري سيدي علي رئيس، شيخ الاسلام ميرڪ عبدالوهاب سان ملاقات ڪري اوڏاهين فاتح پڙهڻ ويو. (ڏسو راقم جو مضمون ”سنڌ جا پوراني سادات“)
(12) اهي جنگيون ساپاره؟ وٽ لڳيون (معصومي ص 189). جنگ هلندي ميرزا عيسى ۽ سلطان محمود جي وچ ۾ ( 2_ ربيع الاول 962 هه) قرآن مجيد تي اندروني صلح ته ملڪ کي ميرزا جي مرڻ بعد ٻه حصا ڪري کڻندا (معصومي 189_ 190). انهيءَ کان پوءِ ميرزا شاهه حسن کي ميرزا عيسى سان صلح ڪرڻ تي آمادو ڪيو ويو. صلح جا محرڪ شيخ عبدالوهاب پوراني، ميرزا قاسم بيگلار هڪ طرفان ۽ ٻئي پاسي کان سلطان محمود خان، مير شاهه محمود، مير شاهه حسين تڪدري هئا. مير معصوم جو قول آهي ته اهو واقعو (صلح) صفر مهيني جي آخري تاريخ ۾ ٿيو (962 هه _معصومي 190).
جنگ هلندي ڪي خاص امير قتل ٿيا، جن جا سِر شاهه حسن جي آڏو پيش ڪيا ويا. شاهه حسن روئي ويٺو. کيس چيو ويو ته جيڪڏهن مخالفن ۽ باغين جا سِر اچن ٿا، تڏهن به توهان روئو ٿا! جڏهن اوهان جا سپاهي قتل ٿين ٿا، تڏهن به ڳوڙها ڳاڙيو ٿا. جي اهو حال آهي ته پوءِ صلح ڇو نه ڪجي.
شاهه حسن جو اهو روڄ فقط ارغونن ۽ ترخانن جي لاءِ هو، هن جڏهن پاڻ ملتان کان وٺ ٺٽي تائين ڪوس ٿي ڪيو، تڏهن اکين مان هڪ لُڙڪ ڪونه وهيس؟ جنهن وقت پڻس ٺٽي ۾ قتل عام ڪيو ۽ جڏهن بکر جي قلعي تان بيگناهه سنڌين کي ڳوڻين ۾ وجهي درياهه ۾ ڪيرايو ويو، ان وقت اک آلي ڪانه ٿيس؟ پڻس بکر سرڪار ۾ رهندڙ سمورا جتوئي جنهن جي رات جو ٻارين ٻچين ڪُهرائي ڇڏيا، انهيءَ رات ننڊ ڪانه ڦٽيس؟ ليڪن جنهن وقت پنهنجن جا ٻه ٽي سِر آڏو آيا، ان وقت اکين مان لُڙڪن بس نٿي ڪئي _ فاتحن جي موت ئي روئڻ قانون آهي! مفتوحن جو موت ته ڪتي جي موت مثل آهي. ان تي ڪهڙي اک ورائي واجهائجي؟
(13) ميرزا صالح کي ميرزا قاسم بيگلار ٺٽي مان وٺي اچي شاهه حسن وٽ پيش ڪيو (3_ ربيع الاول 962 هه _ معصومي 190_ 191).
(14) ميرزا شاهه حسن، ملاياريءَ کي فرمان، ٻه نقارا ۽ خلعت فاخره ڏيئي، ميرزا عيسى ڏانهن موڪليو (معصومي 191). گويا ملاياري فرمان لکي پاڻ خلعت سميت ٺٽي ويو.
(15) ڏسو معصومي، 188_ 190
(16) صفر 962 هه جي آخري تاريخ جو ماه بيگم شاهه حسن وٽ پهتي (معصومي، 190).
(17) شاهه حسن جي طبيعت کي شيخ عبدالوهاب پورانيءَ سخت خراب ڏسي منزل کڻائي، سيوهڻ طرف رخ رکيو. بکر ڪونه پهتا، جو شاهه حسن فوت ٿي ويو (معصومي 191_ 192).
(18) معصوميءَ ۾ ماه بيگم جي پهچڻ جي تاريخ (آخر) 29_ صفر 962 هه آهي (190م). مير معصوم شاهه حسن جي وفات جي تاريخ ٻارهين ۽ روز دوشنبه لکيو آهي. ليڪن سيدي علي رئيس جي لکڻ مطابق 9_ جمادي الاول ٿيڻ گهرجي. مير معصوم جي بيان ڪيل تاريخن مطابق واقعات جي جدول هن ريت بيهي ٿي:
1_محرم962 هه ارغونن بغاوت ڪري ٺٽي ۾ ميرزا عيسى جي بيعت ڪئي (معصومي 187).
1_محرم962 هه ساڳئي ڏينهن ميرزا شاهه حسن جي خاص ماڻهن عربي گاهي، شنبه ۽ رفيق کي قتل ۽ شاهه حسن جي گهر واريءَ ماه بيگم کي قيد ڪيو ويو (معصومي 187).
_محرم962 هه احمد ولي (خمير مايـﮧء فتنه و فساد) کي بکر ۾ قيد ڪري، مستي ساربان جي ذريعي سيوهڻ جي قلعي ۾ قيد رکڻ لاءِ موڪليو ويو ( معصومي 188). ۽ سندس مائٽ علي حسين ارغون کي قتل ڪري سندس سِسِي نيزي تي رکي ڦيرائي ويئي، جنهنڪري ارغونن جو غصو (يکي در ده) ڏهوڻون وڌي ويو (معصومي (188).
_سلطان محمود کي بکر جي ايالت ڏني ويئي. مير جاني ترخان، احمد خان، حمزه بيگ، ۽ مراد حسين بيگلار کي قيد ڪري، سلطان محمود شاهه حسن ڏانهن وٺي هليو. يادگار محمد ڪوٽوال کي مير شاهه محمود جي مخالفت واري ڏوهه ۾ قتل ڪيو ويو. قاضي قاضن جا ٻار ٻچا بکر جي قلعي مان ٻاهر ڪڍيا ويا (معصومي 188).
_ محرم 962هه سلطان محمود بکر کان ٻن منزلن تي هو ته
؟ سيد جعفر مشهدي روضـﮧ رضويه جي نقيبن جو ڏانهنس موڪليل نقارو کڻي اچي پهتو، جنهن کي هن نيڪ فال سمجهيو (معصومي 189).
22_ محرم962هه سلطان محمود لشڪر سميت شاهه حسن وٽ
؟ اچي پهتو (معصومي 189). ساپاه (ساپاه _ سامارو) وٽ سلطان محمود ۽ ميرزا عيسى جي وچ ۾ جنگيون ٿيون. ٻنهي جي وچ ۾ مخفي صلح ٿيو (معصومي 189).
آخر 29_صفر 962هه شاهه حسن اميرن جي _ جن جا نالا مٿي ڏنا ويا آهن_ وچ ۾ پوڻ ڪري. ميرزا عيسى کي معاف ڪيو (معصومي 190).
آخر 29_صفر 962هه ماه بيگم ٺٽي کان شاهه حسن وٽ پهتي (معصومي 190). ميرزا عيسى ماه بيگم را مڪه!خاصـﮧء خيلان ميرزا رخصت داده همـﮧ را بيارد و رسانيدند و آن واقعـﮧ در اواخر ماه صفر سنـﮧ مذکور (962) بود _ آخر ماه صفر مان مراد 29 _ صفر آهي.
1_ ربيع الاول 962هه شيخ عبدالوهاب پوراني ۽ ميرزا قاسم، ترخانن جو قصور معاف ڪرائي کين ٺٽي موڪليو (معصومي 190).
2_ ربيع الاول 962هه سلطان محمود ۽ ميرزا عيسى جي وچ ۾ ٻيو دفعو ڪلام مجيد تي صلح ٿيو ته مرزا جي وفات بعد اپر سنڌ (ٺٽي) تي مرزا عيسى حاڪم ٿيندو. عهدنامو لکيو ويو، جنهن تي ٻنهي مهرون هنيون ۽ ٻين حاضر اميرن پڻ شاهديون وڌيون (معصومي 190_ 191).
3_ ربيع الاول 962هه (روزديگر) ميرزا قاسم بيگلار ٺٽي ويو ۽ محمد صالح ترخان کي پاڻ سان ميرزا شاهه حسن وٽ وٺي آيو (معصومي 191). شيخ عبدالوهاب ۽ امير سلطان (برادر سلطان محمود خان) ٺٽي ويا ۽ ميرزا عيسى سان مليا. شاهه حسن ميرزا صالح کي انعام ۽ سروپا ڏنو ۽ ملاياريءَ هٿان خط ۽ خلعتون ميرزا عيسى ڏانهن ٺٽي موڪليون (معصومي 191).
5،4 _ربيع الاول962هه (روز ديگر) شاهه حسن، پنهنجي ڏاڏي امير
ذوالنون وارو عَلم جيڪو کيس شاهه حسن بايقرا ڏنو هو_ تمن توغ، نقارو ۽ پنهنجي مهر سلطان محمود خان بکريءَ کي ڏنا (معصومي 191).
5،4ربيع الاول962هه انهيءَ ڏينهن امير سلطان (برادر سلطان محمود) ٺٽي کان موٽي اچي منزل تي پهتو (معصومي).
6_ ربيع الاول962هه شيخ عبدالوهاب پورانيءَ ميرزا جي طبيعت دگر گون ڏٺي ۽ منزل کڻي سيوهڻ ڏانهن روانا ٿيا (معصومي 191).
11_ربيع الاول962هه صبح جو علي پوتره ڳوٺ (علي پوترو ۽ شاهه ويس ٻيئي لڳ آهن _ طاهري 89) ۾ پهتا، ۽ اتي منزل ڪيائون (معصومي 192).
12_ ربيع الاول962هه دوشنبه (4_ فيبروري 1555ع) بوقت عصر ميرزا شاهه حسن وفات ڪئي. شيخ عبدالوهاب پوراني ۽ ميرزا قاسم سندس پاسي ۾ موجود هئا. سومهڻيءَ تائين غسل ڏيئي نماز پڙهي ويئي (معصومي 192).
13_ربيع الاول962هه سلطان محمود ڪوشش ڪئي ته لاش بکر هلي ليڪن ماه بيگم ٺٽي کڻي هلي ويئي. سلطان محمود معصوم ساڳئي ڏينهن بکر روانو ٿيو (معصومي 192_ 193).
مٿئين مذڪور مطابق شاهه حسن سومر ڏينهن 12_ تاريخ ربيع الاول 962 هه (4_ فيبروري 1555ع) جو فوت ٿيو. در حقيقت مير معصومي تاريخن ۽ مهينن ۾ گهڻو ڪري احتياط کان ڪم ڪونه ورتو آهي، جنهنڪري اکيون بند ڪري تاريخ قبولڻ ۾ پاڻ کي احتياط ڪرڻ گهرجي. ٻئي هنڌ ميرزا عيسى جي تخت نشينيءَ جو مهينو ڏيندي، پنهنجي پهرين لکڻيءَ کي پاڻ مشڪوڪ بڻائي ڇڏيو اٿائين _ لکي ٿو ته ”شاهه حسن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ اوائل جمادي الاول (962 هه) جو ميرزا عيسى تخت تي ويٺو (307)“ جيڪڏهن ميرزا جي وفات جو مهينو ربيع الاول قبول ڪجي ته انهيءَ حساب سان ميرزا عيسى ڪم و بيش پوڻا ٻه مهينا کن پوءِ تخت نشين ٿيو. جيڪا ڳالهه ڪهڙيءَ ريت قرين قياس ٿي سگهي ٿي! ڪوبه سبب نه هو ته اهڙي انتشار جي حالتن هيٺ پنهنجي حصي ۾ آيل ملڪ کي ميرزا عيسى تخت نشينيءَ کان خالي ڇڏي.
انهيءَ جي مقابلي ۾ سيدي علي رئيس _ جو واقعي جو اکين ڏٺو شاهد آهي _ لکي ٿو ته ”ميرزا شاهه حسن 1_ جمادي الاول (962 هه) جو بکر طرف واپس ٿيو، ۽ ماه بيگم جي واپس ٿيڻ کان ڏهين ڏينهن تي ميرزا انتقال ڪيو.“ مير معصوم ماه بيگم جي واپس ٿيڻ جي آخر ماه صفر (29) تاريخ لکي آهي. ليڪن سيدي علي رئيس جي حساب سان اها تاريخ 29_ ربيع الثاني ٿيڻ گهرجي، ۽ ميرزا شاهه حسن جي وفات جي تاريخ 9_ جمادي الاول 962 هه (1_ اپريل 1555ع) بيهندي. مير معصوم جو ڏنل مهينو صفر به غلط آهي.
مير معصوم وفات جو ڏينهن سومر لکيو آهي. 12 _ ربيع الاول تي به سومر هو ۽ 9_ جمادي الاول جو ڏينهن به سومر جو هو. تنهنڪري مير معصوم جي مقابلي ۾ سيدي علي رئيس جي ڏنل تاريخ 9_ جمادي الاول 962 هه (1_ اپريل 1555ع) زيادهه درست ۽ قرين قياس سمجهڻ گهرجي (هن تي ڏسو ڊاڪٽر محمود الحسن صديقيءَ جو انگريزي ترجمو تاريخ معصوميءَ جو (Appendix I) مطبوع انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالوجي حيدرآباد.)
(19) زهر ڏيڻ جو الزام سيدي علي رئيس ماه بيگم لاءِ لکيو آهي. مير معصوم خاموش رهيو آهي. تاريخ طاهريءَ جي مصنف لکيو آهي ته ”بعض گفتـﮧ اند که چيزي در بيماري بدو دادند اما اصح آنست که بهمان عارضهء اصلي ..... از تخت بر تختـﮧء خاک تيره فرورخت (ص 94).“ اهو هُل ضرور هُليو هوندو، ڇاڪاڻ ته ماه بيگم (بنت ميرزا مقيم ارغون) جلد ئي ميرزا عيسى سان شادي ڪئي. فخري هرويءَ _ تذڪرو جواهر العجائب _ سندس نالي معنون ڪيو آهي (ڏسو مقدمو روضـة السلاطين از راقم الحروف).
(20) بيت جو ترجمو: اي برادر! جي مڙس آهين ته عورت تي اعتبار نه ڪر. عورت نبين کي به نه ڇڏيو آهي. (حمدي شاعر)
(21) ناصرپور غلط آهي. نصرپور جيڪو شهر اڃا موجود آهي.
(22) سلطان محمود جي والد جو نالو مير فاضل ڪوڪلتاش هو. تحفـة الڪرام (حصـﮧ اول مرتب راقم الحروف) جي صفحي 200 تي سندس سلسلو ڏسو.
(23) دبله غلط آهي، درٻيلو هجڻ کپي. انگريزي مترجم Dible لکيو آهي (ص 42).
(24) ترجمو: شاهه حسن سنڌ جو شاهه هو، ليڪن جام اجل جو پِي فنا ٿي ويو _ هاتف غيب سندس مرڻ جي تاريخ چئي: جنت فردوس ۾ سندس جاءِ هجي!
(25) ترجمو: 1_ اهل فرقت ڪيئن ٿيندا آهن؟ مون کي خبر ڪانه هئي، ۽ نه وري ڪڏهن مون خيال به ڪيو هو. 2_ نيٺ تنهنجي عشق مون کي آڻي منهن مقابل ڪيو. جيڪڏهن منهنجي وس ۾ هجي ها (حال ۾ هجي ها) ته هوند توکان جدا ڪونه ٿيان ها. 3_ اي مـﮧ چشم! جيڪڏهن درد رئاڙي ته ڳوڙهن اگهڻ جو دم به ڪونه اٿم! 4_ جيڪڏهن مون کي اها سُڌ هجي ته تون مون کي رد ڪندينءَ ته اي پري! آءُ هرگز تنهنجي در تي ڪونه اچان ها! 5_ ”ڪاتبي“ جيڪڏهن هجر جي باهه کي اڳ ۾ ڄاڻي ها، ته عشق جي واٽ ۾ هوند ايترو وقت سر گردان نه ٿئي ها!
(26) ترجمو: 1_ يار کان سواءِ آءُ جتي به آهيان، اها جاءِ منهنجي لاءِ بيت الاحزان آهي. انهيءَ يوسف لقا کان جيڪڏهن جدا آهيان ته هيءَ دنيا منهنجي لاءِ زندان آهي. 2_ منهنجي دشمن چيو آهي ته آءُ تنهنجي عشق ۾ جان ڏيئي نه سگهندس! اي منهنجا محبوب! اهو سراسر بهتان آهي. 3_ تنهنجي شربت جي عطا ٿيڻ وقت آءُ جيڪڏهن ساهه ڏيئي وجهان ته اها حيرت جي ڳالهه نه ٿيندي. اي منهنجا طبيب! چاهي تنهنجي لاءِ مشڪل آهي، ليڪن منهنجي لاءِ اها ڳالهه بلڪل آسان آهي! 4_ پنهنجي چوطرف سنگ ملامت ڏسي منهنجي دل خوش ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته غم جي لشڪر کي دفعي ڪرڻ لاءِ اهو بهترين قلعو آهي. 5_ ”ڪاتبي“ افسوس! ڪتن جي بند کي تو هم سفال ڪري ڇڏيو. اي منهنجا مالڪ (بيکوم)! تنهنجي نعمتن جا وڏا احسان آهن.
(27) انگريزي مترجم لکيو آهي ته جنهن صورت ۾ سلطانپور ۽ MAV جي نالي سان ڪيترا مقام آهن، تنهنڪري خبر نٿي پوي ته مذڪوره ڳوٺ ۽ قلعو ڪٿي هو (ص 44). رحيم يار خان (بهاولپور) کان ڇهه ميل اتر طرف مئو مبارڪ جي قديمي قلعو موجود آهي. سلطان حميد الدين حاڪم مڪراني (تربيت يافته مخدوم بهاء الدين زڪريا و خليفـﮧ اعظم شاهه رڪن عالم ملتاني) جي قبر اتي آهي، جنهن سبب مئو مبارڪ سڏيو وڃي ٿو. (قلعي جو احوال ڏسو: خطـﮧء پاڪ اُچ، ص 398_ 400 از مسعود حسن شهاب، 1967ع).
(28) ترجمو: 1_ ڪيترن شيرافگن تي قادر ٿيڻ وارا آهن، دشمن کي زير فقط تدراڪ ۽ تدبير سان ڪري سگهجي ٿو. 2_ قوي راءِ رکندڙ ڇڙو هڪ هجي ۽ ان جي مقابلي ۾ هزار جوان هجن، پر فتح جي موڙ ۽ مُهَڙ هميشـﮧ قوي راءِ (صاحب تدبير) واري ڏانهن هوندي آهي. 3_ جيڪڏهن اسين متحد هجون ۽ دشمن سَوَ هجن، اسان کي ڪو ڀؤ ڪونه آهي. پاڻ لاءِ آيت سڳوري ”ڪم من فايـة“ ڪافي آهي. (يتيم شاعر)
(29) سليم شاهه نه بلڪ اسلام شاهه ( 952_ 961هه) بن شير شاهه سوري (947_ 952هه). اسلام شاهه کان پوءِ محمد عادل شاهه (961هه) ۽ ابراهيم سوم (961 هه) ٿوري عرصي لاءِ تخت تي ويٺا، آخر سڪندرخان ٽيون (962 هه) نخت نشين ٿيو.
همايون 2_ ربيع الاخر 962هه (4_ فيبروري 1555ع) جو ڪابل کان هتي پهتو. سرهند وٽ 2_ شعبان 962هه (22_ جون) جو مقابلو ٿيو. جنهن ۾ سڪندر شڪست کائي ڀڳو. بيرم خان هيٺين تاريخ چئي پيش ڪئي:
منشيء خرد طالعِ ميمون طلبيد انشاي سخن ز طبع موزون طلبيـد
تحرير چو کرد فتح ِ هندوســـــتان تاريخ ز ”شمشير همايون“ _طلبيد
962 هه
(”همايون“ _ بينرجي ص ص 235 _ 236)
(30) قلعـﮧ مانکوٽ (بايزيد بيات همايون و اکبر 941ع ص 194).
(31) بادشاهه 2_ جولا 1555ع جو دهليءَ جي قلعي سليم ڳڙهه کي هٿ ڪيو ۽ ٽن ڏينهن بعد يعني 23_ جولاءِ تي پايه تخت دهليءَ ۾ داخل ٿيو. مختلف علائقن تي هيٺيان امير مقرر ڪري روانا ڪيائين:
1_ اڪبر حصار فيروزه
2_ مير شاهه ابوالمعالي پنجاب
3_ بيرم خان سرهند
4_ تردي بيگ خان ميوات
5_ سڪندرخان اوزبڪ آگرو
6_ محمد خان آختـﮧ بيگي بيانـﮧ
7_ علي قلي خان سنڀل
(بينرجي ص 246)
(32) بيرم خان خانخانان همايون جو امير ۽ سنگتي، اڪبر جو اتاليق، عبدالرحيم خانخانان جو والد.
(33) ترجمو: 1_ شاهه جم رتبت ۽ همايون بخت _ هفت اقليم هند جي باهه مثل. 2_ افغانن کي شڪست ڏيئي، سندن طاقت ٽوڙي، دهليءَ کي ورتو ۽ سمورا سرڪش سندس تابع ٿيا. 3_ انهيءَ فتح جو موقعي تي ماڻهن تاريخ چئي: طالع دولت همايونش ”ڪاتبي“.
(34) ترجمو: 1_ جيڪڏهن منهنجو حبيب ئي منهنجي حال تي رحم نه ڪندو ته منهنجي درد جو علاج طبيب ڪهڙو ڪندو! 2_ اي دل ! وصال يار مون کي هڪ ڏينهن به ڪونه ٿيندو، روز ازل ۾ ئي جيڪڏهن منهنجي نصيب ۾ نه هوندو! 3_ تنهنجي شراب لال کي پِي مست ٿي آهيان، اي ساقي! پر ڪو رقيب شل نه اچي وڃي. 4_ اهو ڇا روا آهي؟ تون ڪڏهن به ڪونه پڇندين ته غم هجر ۾ مون واري مسڪين جو ڇا حال ٿيو! 5_ اي ”ڪاتبي“! چهري کي ڏسندي ئي هزارن عشون هُن شوخ دلفريب منهنجي دل کي قابو ڪري ورتو! ”ڪاتبي“
(35) ترجمو: 1_ مون کي وصل جي اميد ڪانه آهي، آءُ دوست جي منهن ڏسڻ جو مشتاق آهيان. بهشت جي آرزو انهيءَ ڪري اٿم ته اتي سندس ديدار ڪيان. 2_ اي منهنجا طبيب! مون کي پنهنجي دارالشفا جي در تان پنهنجو شربت لال ڏيار. تنهنجي درد ۾ آءُ مبتلا آهيان. آءُ بيمار آهيان. 3_ يار جي عشق منهنجي عقل، فڪر، صبر ۽ منهنجي هوش تي چڙهائي ڪئي آهي. هجر جي واديءَ ۾ حيران آهيان، ڇا ڪريان؟ 4_ پنهنجي مجلس ۾ رقيب روسياه کي نه سڏاءِ، اي ساقي! آءُ سندس قبيح شڪل کان بيزار آهيان. 5_ ڪاتبي! خسروءَ وانگر نظر ۾ شيرين ڪلام ٿي ويو آهي. لعل يار جي وصف ۾ شڪر گفتار ٿي ويو آهي! ”ڪاتبي“
(36) ترجمو: مخلوق ۽ امت جي افتخار فرمايو ته تهمتن جي جاين کان پاسو ڪيو! ”ميرڪ“
(37) ترجمو: 1_ فلڪ رفعت همايون بادشاهه غازي! سندس پرچم جو شعاع مهر ۽ ماهه تائين وڃي پهتو هو. 2_ هند پهتو ۽ دهليءَ کي فتح ڪيائين. دين پناهه جي ڪوٽ وٽ منزل ڪيائين. 3_ ڪيترن خانن کي آگري روانو ڪيائين. سپاهه کي ڪافي استمالت ڪيائين! 4_ دوام دولت ۾ کيس فتح نصيب ٿي. انهيءَ خدا جو شڪرانو آهي. 5_ انهيءَ تي هڪ تاريخ چيم: مبارڪ هجي آگرو بادشاهه کي. ”ڪاتبي“
(38) ترجمو سلطان محمود جي خط جو: اشتياق ۽ اميدن بعد عرض ته محب جي دولت ملاقات ۽ سعادت مڪاتبت (خط و ڪتابت ۽ مقالات) کان محروم، رات ڏينهن انهيءَ فڪر ۽ ذڪر ۾ هئس ته يا رب! ڪڏهن ٿا سعادت پناهه حضرت بادشاهه ظفر دستگاهه جي درگاهه ۾ سڀيئي معروضات، جيڪي دولت خواهيءَ جي سلسلي ۾ آهن، مفصل عرض رکي، جيڪي ڪجهه قيل و قال هلي هجي، اها هن مسڪين تائين ذري پرزي پهچائين ٿا. انهيءَ حال ۾ ڪارندا پهتا، جن تاج خاصو ۽ مفتوح؟ ۽ خلعت (تاج خاصـﮧ و مفتوح و تون ڪيتو روب فرمان وعهد نامـﮧ ) فرمان ۽ عهدنامي سميت آڻي پهچايو. جڏهن حضرت بار شاهه دين پناهه جي مبارڪ چنبي (مبارڪ پنجه) (تمغا، يعني شاهي چنبي جو نشان ڳاڙهي رنگ سان خاص فرمانن يا عهدنامن تي هنيو ويندو هو) جو نشان انهيءَ فرمان جي پيشانيءَ تي ڏٺو، ان وقت هن فقير سمجهيو ته اها ڪوشش ۽ نيابت انهيءَ سعادت پناهه (سيدي علي رئيس) جي آهي:
ياري
1_ زعفراني پنجي ڏيهن جي چنبي کي پست ڪري ڇڏيو. جيئن مثال مشهور آهي ته ”دست بر بالاي دست!“
۽ انهيءَ فرمان جي حاشيي تي حضرت بادشاهه دين پناهه جي ڪاڪ گوهر نثار سان لکيل هو ته ”وحيد الدهر فريدالعصر امير سيدي عليءَ سموريون ڳالهيون عرض ڪيو آهن، جن سڀني کي قبوليت جو شرف بخشيو ويو، ۽ انشاالله اهو رابطو، جو هن دنيا اندر توهان جي ۽ اسان جي وچ ۾ ٿيو آهي، سو آخرت ۾ به سوين دفعا وڌيڪ رهندو!“ اهڙيءَ طرح (سلطان محمود جو) محبت ڀريو خط پهتو ۽ ملاياريءَ جو مڪتوب هن ريت آيو (نمبر _ 4 پڙهو).
(39) ملاياري هرات جو باشندو هو، شاهه بيگ جن سان گڏجي سنڌ ۾ آيو. پهرين شاهه حسن وٽ هو، ان جي فوت ٿيڻ بعد سلطان محمود جي وزارت اختيار ڪيائين. غالباً شاهه حسن جي فوت ٿيڻ وقت، جڏهن سلطان محمود بکر روانو ٿيو، ان وقت هي به منزل تان ساڻس گڏ هليو ويو. مير معصوم لکي ٿو ته ”خوش طبع هو، بلاغت ۾ ڪمال هئس، انشا ۾ بيبدل هو، شعر پڻ خوب چيائين ٿي. سلطان محمود کيس ايلچي ڪري بادشاهه ڏانهن موڪليو هو، ليڪن ناڪام ٿي واپس آيو. اتان موٽي سيتپور ۾ اچي رهي پيو، جتي وفات ڪيائين.“ مير معصوم فارسيءَ جو هڪ شعر نموني لاءِ ڏنو آهي (239_ 240). مقالات ۾ آهي ته ”ملاياري همايون ڏانهن ويو هو، ليڪن مقصد ۾ ناڪام ٿي موٽيو (876).
سيدي علي رئيس جي لکت مان معلوم ٿئي ٿو ته 1_ ملاياري ترڪيءَ ۾ پڻ شعر چوندو هو. 2_ خط و ڪتابت انهيءَ دؤر ۾ ترڪي زبان ۾ ٿيندي هئي. 3_ ملاياري همايون وٽ پاڻ ڪونه ويو هو، بلڪ سيدي علي رئيس جڏهن بکر کان موڪلايو ٿي، ان وقت سلطان کيس چيو ته هو وڃي ڪوشش ڪري. چنانچه مٿي آندل خطن مان به اها ڳالهه ظاهر آهي.
(40) ترجمو ملاياريءَ جي خط جو: خدمت عاليءَ ۾ دعائن ۽ واکاڻن (دعا وثنا) بعد معروض راءِ مهر آراءِ ضمير افزاي ٿئي ته جيستائين هيءُ ذرهء قليل الاستطاعت، دولت ديدار (ملازمت) ۽ سعادت مواصلات (دولت ملازمت و سعادت مواصلات) کان محروم رهيو، تيسين هڪ لحظو بلڪ هڪ لمحو به اوهان جي يادگيرين ۽ خيالن کان غافل نه هو!
ياري
جڏهن ته غربت ۾ مون کي توهان جو وصل نصيب نه آهي، انهيءَ حالت ۾ مون مسڪين جي جيڪڏهن خبر لهو ته اها تعجب ۽ حيرت جي ڳالهه نه آهي.
اوهان حضرتن وٽان عهدنامون ۽ مڪتوب شريف نٿي آيو، جنهنڪري حضرت نواب سلطان (محمود بکري) خواهه هن واديء هجران کي ڏاڍي ڪلفت هئي ۽ هر وقت سلطان چيو ٿي اسين منفعل آهيون، شايد جڳائيندڙ (شائستـﮧ) خدمت نه ڪري سگهياسين ۽ ڪا تقصير ٿي ويئي آهي.
ياري
1_ اي دوست! دوستداريءَ جي خلاف نه هل. مون کي وڇوڙي (غربت) ۾ وجهي حد کان وڌيڪ خوار نه ڪر.
2_ اهڙيءَ ريت غفلت ۽ فراموشي منهنجي حال تي نه ڪر. پنهنجي يار کي نه وسار ۽ ياريءَ کي ترڪ نه ڪر، متان طوالت ملال خاطر پيدا ڪري، تنهنڪري آءُ مٿينءَ رباعيءَ تي اڪتفا ڪندي خط کي مختصر ڪريان ٿو.
(41) ترجمو (ڪاتبي): 1_ تنهنجي خون آلود هٿ پنجـﮧء مرجان کي مات ڪري ڇڏيو، جيئن چوڻي آهي ته دست بر بالاي دست! 2_ اهو لب ميگون وارو جيڪڏهن مجلس ۾ هڪ گهڙيءَ لاءِ به اچي وڃي ته ساقي رت روئي، ۽ جام ۽ صراحي ٽٽي ٽڪرا ٿي پون. 3_ تون حڪم ڪر ته اهل تقويٰ عشق جي مستيءَ واري تي چٿرون نه ڪن، طعنا نه ڏين. هوشيارن جي وچ ۾ ئي هميشـﮧ معذور مست هوندو آهي. 4_ انسان جي ظاهر کي نه ڏس، ان جي باطن تي نظر رک. اي زاهد! معنى کي پرک، انسان کي صورت پرست ٿيڻ نه کپي. 5_ اي ڪاتبي! جنهن روز الست ۾ شراب نه پيتو هجي، اهو تنهنجي ڪيف جي باعث ۽ ذوق کان ڪيئن واقف ٿي سگهندو!
(42) ترجمو (ڪاتبي): 1_ جنهن وقت سندس ڳل، ڪيفيت مئي سبب لال آهي، ساقيا! آءُ ان وقت سمجهان ٿو ته گلچهره فرحت ۾ (خوشحال) آهي. 2_ پنهنجي نقد عمر کي متاع وصال تي صرف ڪندڙ جي زباني مشوري تي نه لڳ _ هو دنيا جو دلال آهي. 3_ مردن جي مسيحائيءَ ۾ سندس لعل (لب) ته مسيحا آهي. ليڪن، سندس زلف جادو، سندس اک جي اڻي فتنه پرور ۽ سندس غمزو قاتل آهن. 4_ يار جا لب شيرين آهن، انهن ڏانهن دل رغبت ڪيئن نه ڪري! هر مٺيءَ شيءِ ڏانهن ظاهر آهي ته دل جو لاڙو ٿئي ٿو. 5_ اي ڪاتبي! ديوانو ٿي، پاڻ کي قلاش سڏي نه رو! لُڙڪن جي چانديءَ سان سينو سڄو ڀرپور آهي.
(43) ترجمو (ڪاتبي): 1_ اهو سچ آهي جيڪڏهن تنهنجي زلف جو ذڪر بطور جادوگر جي ڪيو وڃي، اي صنم! جيڪڏهن تنهنجي خط کي ڪفر سان تشبيـﮧ ڏني وڃي ته اهو بهتان نه ٿيندو 2 _ اي طبيب! پنهنجي دوا رکي ڇڏ. مون بيمار کي سندس لعل لبن جو شربت پياري ڇڏ. منهنجي درد جو درمان تنهنجي دوا ڪانه آهي. 3_ ڇا اها ڳالهه بري نه آهي ته عاشقن جي وچ ۾ انهيءَ شخص جي عشق جي ڳالهه ٿئي، جنهن جو سر ميدان عشق ۾ غلطان نه هجي. 4_ يار کي چئو، اغيار جي سامهون گفتگو نه ڪري. ڇاڪاڻ ته فرشتي سان گڏ شيطان جي همنفسي نه ٿيندي آهي. 5_ اي ڪاتبي! انهيءَ ڪمان جهڙن ڀِرنِ واري جي وصل جا جيڪي خواهشمند نه آهن، انهن مان هر هڪ شخص جو چهرو قبلي کان ڦري وڃي، جيڪو مٿس قربان نٿو ٿئي!
(44) ترجمو ( ڪاتبي): 1_ هو پري رو جنهن وقت ناز جو آغاز ڪري ٿو، عاشق ان وقت نالو ڪرڻ شروع ڪن ٿا. 2_ انهيءَ غنچي جي جاءِ تي دل آهي. هن جي بلبل گلشن طرف پرواز ڪندي. 3_ اي ساقي! عاشق اهو چوائيندو جو بزم غم ۾ پنهنجيءَ دانهن کي نڙ سان دمساز ڪندو. 4_ مون کي پنهنجي ڪتن سان هم سفال ڪري هو عالم ۾ ممتاز ڪندو. 5_ اي ڪاتبي! دلبر اهو آهي جيڪو عاشق تي لطف ته گهڻو ئي ڪري ليڪن مٿس مهر (جود) نه ڪري!
(45) ترجمو (ڪاتبي): 1_ تنهنجي لبن سان تشبيـﮧ پيدا ڪري شراب نفعو حاصل ڪيو آهي. نرگس تنهنجي اک سان مشابهت رکي ميءَ جي خمار کي دفع ڪيو ٿي. 2_ دعا سان گڏ جيڪڏهن دعوت ميسر ٿئي ته اغيار کي دعا سان هُن پريءَ کان پري ڪرڻ هوند آسان ٿي پوي. 3_ هن چنڊ جهڙي چهري تي زلف پردو وجهي ڇڏين ٿا. اي صبا! پهچ. وچ مان انهيءَ پردي کي اچي هٽائي ڇڏ. 4_ تنهنجي قد ۽ قامت کي ڏسندي ئي سجدا ڪياسين. انهيءَ لاءِ جو چوڻي آهي. ته نوڙڻ کان سواءِ نماز جائز نه ٿيندي آهي. 5_ منهنجي دل جيڪڏهن اُبتي سبتي ٿي سڙي وڃي ته منهنجي درد جو ڇا چئجي. اي ڪاتبي! فراق جي باهه تي منهنجي سڄي جسم کي رڌي ڪري ڇڏيو آهي!
(46) امير حسن سنجري دهلوي (652_ 737هه) دولت آباد دکن ۾ دفن ٿيل آهي. معلوم ٿئي ٿو ته سيدي علي رئيس غلطيءَ کان غالباً امير خسرو جي نسبت سان سندس ذڪر ڪري ويو آهي، ورنه امير حسن سنجري دهليءَ ۾ مدفون ڪونه آهي.
(47) هن بيت مان ظاهر آهي ته فارسيءَ جو به روان شاعر هو.
(48) ترجمو (ڪاتبي): 1_ هر صبح جو اي گلرو! تنهنجي گلشن مثل گليءَ ۾ پهچي، منهنجي ڳوڙهن جي شبنم کي ڏسي، دل حالات تي روئي ٿي. 2_ اي غنچه دهن! تنهنجي گل جهڙي چهري کي گلشن ۾ ڏسي، گل سان گڏ غنچا با حياءَ کان سرخ ۽ خجل ٿي ويا. 3_ اي منهنجا طبيب! جيڪڏهن منهنجي زخمي دل شفا حاصل ڪري ته ڪهڙو عجب آهي! تون شڪر لب کي منهنجي جگر تي تحفي طور رکي ڏس. 4_ منهنجي دل هجر جي الم کان خون سان ڀرپور آهي. اي دل! خونيءَ کي جگر کولي ڏيکار. 5_ اي ڪاتبي! تون پڻ عشق جي راهه ۾ مشهور ٿي وئين! فرهاد ۽ مجنونءَ جو ذڪر ڇڏي ڏي، اهي ته ائين پٺتي رهجي ويا.
(49) ترجمو (ڪاتبي): 1_ يار جو ابرو (فاش) پنبڻين مٿان ڪمان جيئن لڳي ٿو. سندس دل منهنجي سيني مٿان زخم جي ڪپهه جو نشان ٺاهي ٿي. 2_ اي ڪمان جهڙن ابرن وارا! پنهنجي حسن تي مغرور نه ٿيءُ. رستم جهڙن جي ڪمان کي به ته زمانو درست ڪري ڇڏي ٿو! 3_ اي پري! جيڪڏهن تپ هجر سبب دل بيتاب ٿي وڃي ٿي، تڏهن منهنجي آه مهر ڪري مٿس پاڇو (سائبان) ڪري بيهي رهي ٿي. 4_ يار جي وصال واري محلات (قصر) تي چڙهڻ لاءِ عاشق جي آه جي ڏور (ڪمند) ڏاڪڻ جو ڪم ڏيندي آهي. 5_ اي ڪاتبي! منهنجي ڳوڙهن جي موتين کي دل رشتي ڏانهن ڇڪي ٿي. اهڙيءَ ريت جو يار تائين پهچڻ لاءِ ارمغان ٿي پون ٿا!
(50) ترجمو (ڪاتبي): 1_ اي دل! جيڪڏهن دولت (خوش نصيب) توسان ساڻي ٿئي، ته هوند اهو شوخ ۽ شيوه ڪار صنم پنهنجو پاڻ وفا ڪرڻ شروع ڪندو. 2_ جيڪڏهن محبوب مون سان قدم بقدم (گڏوگڏ) هلي ته سندس قدمن سبب رستي جي جيڪا مٽي اڏامي سان بي قدر قيمت خاڪ نه ، بلڪ عطر بيز خاڪ هوندي. 3_ جيڪڏهن عناب جهڙن لبن کي شفتالو(1) سمجهي چوسيان ته هوندو هر رقيب اهائي ڪوشش ڪندو ته آءُ پري هٽان. 4_ روئي روئي هن جي دروازي تي مون پنهنجو سمورو منهن رڳڙيو. معشوق کي منهنجا ڳوڙها درڪار هئا ته آءُ اهي تحفي طور گهوري ڇڏيان ها! 5_ اي بادشاهه! مان ڊڄان ٿو، متان مون کي الٽو ڪري، ٽنگي، سزا ڏئي(2). ڪاتبي پنهنجي دک کي تنهنجي خدمت ۾ پيش ڪري ٿو، ان ۾ ڪهڙو هرج آهي ۽ کيس ڪهڙو خوف ۽ انديشو آهي.
(51) ترجمو (ڪاتبي _ عثماني ترڪيءَ ۾): 1_ غافل نه ٿيءُ، تون جتي آيو آهين اهو ملڪ هندستان آهي، جيڪي ماڻھو مٿس موهجي رهي پيا آهن سي سڀ سرگردان آهن. 2_ دنيا جي گشت ڪندڙن جو هڪ زبان ٿي چوڻ آهي ته حقيقت ۾ دنيا ۾ جنت فقط عثماني مملڪت آهي. 3_ اُنهن پنهنجي دوستن جو ديدار ڪرڻ ئي اي خستـﮧء دل! تنهنجي هر درد جي دوا آهي. 4_ همايون بادشاهه جي قدمن تي ڪِري اجازت وٺ، هر ماڻھوءَ تي احسان ڪرڻ سندس مشغلو آهي. 5_ اي ڪاتبي! جيڪڏهن طفل دل هندستان ۾ رهي پوڻ تي ڪروڌ ڪري ٿي ته ان جي چوڻ تي نه لڳ، نيٺ هوءَ ٻار آهي.
(52) بادشاهه 7_ تاريخ ربيع الاول 963 هه (20 جنوري 1556ع) جو پنهنجي ڪتبخاني جي ڇت تي ويٺو هو. اهو ڪتبخانو شير منڊل ۾ جامع مسجد جي ڀرسان (مسجد قلعه ڪهنه مسجد شير شاهي ) ٺاهيو ويو هو. وٽس ان وقت مختلف طرفن کان امير آيل هئا، جن کان ويٺي حال احوال ورتائين. مثلاً: شاهه بداغ، عالم شاهه، بيگ ملڪ (اهي حج تان موٽيا هئا)، چغتائي خان (گجرات کان)، پهلوان دوست ۽ ملا اسد (ڪابل کان). بادشاهه جو ارادو هو ته انهيءَ نشست بعد سانهجيءَ جو دربار ڪري، جنهن لاءِ ڇت تي ستارن جي ذريعي ويٺي حساب ڪيائين. سيدي علي رئيس جي لکت مطابق هو پاڻ به ان وقت موڪلاڻي ڪرڻ لاءِ مٿي ڇت تي موجود هو.
بادشاهه ٿوري دير آرام ڪرڻ لاءِ هيٺ لهڻ چاهيو. اڃا پهرئين ڏاڪي تي هو جو اذان آئي، جنهنڪري پهرئين ڏاڪي تي ويهي رهيو ۽ پير ٻئي ڏاڪي تي رکيائين. کيس سرديءَ سبب ان وقت پوستين ڍڪيل هئي. ٻانگ ختم ٿي. لهڻ تي هو، جو ترڪڻي ڏاڪڻ تان پير کسڪي ويس ۽ پاڻ جهلي نه سگهيو ۽ وڃي منهن ڀر ڪريو. ڪَنن مان رت وهيس ۽ بيهوش ٿي ويو. کيس فوراً محل ۾ پهچايو ويو.
ٿوريءَ دير بعد هوش آيس ۽ اڪبر ۽ بيرم خان ڏانهن خط لکرايائين، انهيءَ کان پوءِ وري بيهوش ٿي ويو، ۽ مرڻ تائين هوش ڪونه آيس. (بينرجي، ص ص 244_ 258).
(53) ڌڪ لڳڻ واري ڏينهن کان اٺ ڏينهن پوءِ بادشاهه تاريخ 15_ ربيع لاول 963 هه (28 _ جنوري 1556ع) سج لهڻ وقت وفات ڪئي. سندس ٻي بادشاهي ڇهه مهينا اَٺ ڏينهن هلي (بينرجي، ص 256).
(54) ملا بيڪسي (بينرجي، ص 257) مولانا بيڪسي (تذڪرهء همايون و اڪبر بايزيد، 177).
(55) اڪبر جو خطبو 28_ ربيع لاول 963 هه (10_ فيبروي 1556ع) جو پڙهيو ويو. اڪبر جلوس ڪلانور ۾ ڪيو (همايون و اڪبر، 195). اڃا اتي ئي هو، جو سيدي علي رئيس دهليءَ کان وٽس اچي پهتو.
(56) ترجمو (ڪاتبي): 1_ هندستان ۾ هڪ ئي همايون بادشاهه هو، هڪ گهڙيءَ ۾ اوچتو انتقال ڪري الله ڏانهن هليو ويو! 2_ انهيءَ مصيبت تي زاري ڪندي تاريخ چئو: ”همايون بادشاهه فوت ٿي ويو!“
(57) ترجمو (ڪاتبي):1_ جتان جي بادشاهه ٿيڻ جو غرض ۽ غايت جور و جفا ڪرڻ نه آهي؟ اي مهه خدنگ! عاشقن جي آه کان خبردار ۽ هوشيار رهه. 2_ سلطان روم جي آستاني تي پهچي هميشـﮧ گدا ٿي رهڻ، منهنجي لاءِ هندستان جي بادشاهيءَ کان گهڻو بهتر آهي. 3_ يار جي ڳليءَ ۾، رقيب مون سان گڏ هلڻ گهري ٿو. اي خدا! تون انهيءَ جو همراهيءَ کان مون کي بچاءِ. 4_ مون کي جيڪڏهن مارڻ گهرين ته ان کي روڪ ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، بلڪ کيس ترغيب ڏي. مطلب هي آهي ته انسان کي انسان جو دولت خواهه (ڀلائي چاهيندڙ) ٿيڻ گهرجي! 5_ اي ڪاتبي! جيڪڏهن گهرين ٿو ته وفا جي راهه تي رهين، ته پوءِ اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن پنهنجي جفاپيشـﮧ رقيب جا عذاب برداشت ڪندو رهين!

(ڪراچي، 27_ فيبروري، 1971ع)
[سماهي ”مهراڻ“ _ 1_1971]



________________________________________
(1) گجرات جو احوال پڻ دلچسپ ۽ معلوماتي آهي، ليڪن ان جو ترجمو في الحال نه ڪيو ويو.
(1) سيد علي رئيس جي ڪتابن جي تفصيل ۽ انهن جي قلعي نسخن ۽ ترجمن لاءِ ڏسو
Turkish Literature by H.F. Hofman vol: PP 52-60_ علاوه ازين ويمبريءَ جو مقدمو. ليڪن سڀ کان مڪمل Hofman جو تفصيل آهي.
(1) سيدي علي رئيس 20- ربيع الاول کان (وچ شعبان) 15- شعبان 962هه تائين، جملي پنج مهينا ۽ پنج ڏينهن، سنڌ ۾ رهيو.
(1) شيخ جماليءَ مان غالباً شيخ جمال الدين خندان رو آهي، جيڪو بهاءالدين زڪريا ملتانيءَ جو تربيت يافتو ۽ صدرالدين عارف جو خاص خليفو هو. سندس خانقاهه اُچ ۾ آهي. شيخ جلاليءَ مان مراد غالباً شيخ جلال الدين سرخ بخاري آهي، جنهن جي خانقاهه پڻ اُچ ۾ آهي. بهاءالدين زڪريا جو دوست ۽ عقيدتمند ۽ مخدوم جلال الدين جهانيان جهان گشت جو ڏاڏو هو.
________________________________________
(1) ترڪستان ۾ هڪ شفتالو ٿئي جنهن کي وڻ ۾ بيٺي کل لاهڻ جي چوسبو آهي. انهيءَ ڏانهن تشبيـﮧ آهي.
(2) جيئن کل لاهڻ وقت ٻڪري اُلٽي ڪري وڻ ۾ ٽنگبي آهي، شايد، سزا ڏيڻ جو انهيءَ طريقي دستور هو.

سنڌ جي تاريخ جا چند واقعا

[سنڌ جي ادبي تاريخ سان تعلق رکندڙ چند منتشر واقعا ھن ھيٺ ڏجن ٿا، جيڪي نھايت اھم ۽ ضروري آھن، جي اسان جي تاريخ تي نئين روشني وجھن ٿا. اميد اٿم ته تحقيق ڪندڙن لاءِ ڪارائتا ثابت ٿيندا.]

(1) خسرو چرڪس جي وفات ۽ مدفن
جاني بيگ ۽ ميرزا غازي بيگ ترخان جي امير، ميرزا خسرو بيگ چرڪس جي نه وفات جي تاريخ معلوم آھي ۽ نه اھا سُڌ اٿئون ته ڪٿي دفن ٿيو. سنڌ جي تاريخ مان ڪو ڏَس پتو ڪونه ٿو پوي. مڪلي نامه(1) ۾ سندس متعلق مواد ڪَٺي ڪرڻ ۾ وَس پُڄندي راقم ڪوتاھي ڪانه ڪئي آھي، ليڪن انھيءَ زماني ۾ ڪٿان سُڌ پئجي ڪانه سگهي. مڪلي نامه ۾ سندس آخري دؤر متعلق ھيٺين ٽن روايتن تي اڪتفا ڪئي ويئي آھي:
_ چون عبدالعلي ترخان و خسروخان وغيره ..... بنظر اشرف اقدس (جھانگير پادشاه) گذشتـﮧ اند، حکم شد که: عبدالعلي (ترخان) و خسروخان و پسرش، را محبوس سازند... خسروخان دربندي خانه فوت شد_(2)
ٻي روايت آھي:
’__خسرو با جميع توابع ولواحق ميرزا غازي، بدارالبرکـة اجمير
بملازمت پادشاه عالم رسيد ....__‘(1)
آخري روايت تحفـة الڪرام جي آھي:
’__ و بقولي وي از تتـﮧ سوي بندر لاھوري شد و از اينجا به
ايران شتافـة و بقولي ھمين جا در گذشتـﮧ __‘(2)
ميرزا غازيءَ جي فوت ٿيڻ (1021ھه) بعد ميرزا خسرو چرڪس، عبدالعلي ترخان کي سنڌ جي تخت تي ويھاريو. جھانگير بادشاھه ميرزا رستم صفويءَ کي ٺٽي جو حاڪم مقرر ڪري سنڌ ڏانھن اماڻيو، جنھن جي پھچڻ بعد عبدالعلي ترخان ۽ ميرزا خسرو چرڪس کي ارغونن ۽ ترخانن جي سموري قبيلي ۽ ڪٽڪ سميت گرفتار ڪري، مير عبدالرزاق معموري اجمير ڏانھن جھانگير بادشاھه جي سامھون پيش ڪرڻ لاءِ وٺي ھليو. بادشاھه جي ڪيتري وقت کان اتي منزل ھئي(3). عبدالرزاق 26_ ربيع الاول 1022ھه (جمعرات) جو زوال ۾ آيل قافلي سميت شاھي حضور ۾ حاضر ٿيو. انھيءَ کان پوءِ جيڪي ڪجھ خسرو چرڪس تي وھيو واپريو، ان لاءِ مٿيون روايتون تاريخ جي ڪتابن ۾ ملن ٿيون.
تازو ھندستاني دانشمند جناب S. A. I. Tirmizi دھليءَ منجھان (1968ع) “ Ajmir Through Inscriptions” نالي ڪتاب شايع ڪيو آھي، جنھن جي ذريعي مذڪوره مسئلي جي عقده ڪشائي ٿي آھي.
معلوم ٿئي ٿو ته ميرزا خسرو اجمير ۾ پھچڻ بعد، نظربند يا آزاد رھي، پنھنجي زندگي اتي پوري ڪئي، ۽ وفات بعد دفن پڻ اتي ٿيو. خوش بختيءَ سبب سندس قبر اڄ تائين موجود ۽ محفوظ آھي. ترمذي صاحب جو قول آھي ته ”حضرت خواجه معين الدين اجميريءَ جي مقبري جي ويجھو خواجه ناظم الدين محبوب الاھيءَ دھلويءَ جي حجري سان لڳ ميرزا جو مدفن آھي. قبر پڪي پختي آھي، جنھن تي چئن ٽڪرن جو تاريخي ڪتبو (سائيز 53X 2/1 2) موجود آھي. نستعليق خط ۾ ڪتبي جا شعر ھن ريت آھن:
1_آن خسروخان، کـﮧ دست جودش،
از دل، غم فقر و فاقـﮧ ميشست.
2_از خِطـﮧ سند بود، عمري،
بس گوھر عدل و داد را سفت.
3_آخر، بگذاشت اين جھان را،
خود رفت، و بعالم بقا خفت.
4_از دل، جستم چو سال فوتش،
جايش بھشت! ھاتفم گفت(1).
’جايش بھشت‘منجھان 1023ھه سال نڪري ٿو، ليڪن ترمذي صاحب جيڪا پڙھڻي ڏني آھي، ان ۾ مصرعو وزن ۾ ساقط لڳي ٿو. ڪتبي جي

تصوير ڏسڻ سان پڻ ظاھر آھي ته لفظ ’بھشت‘ جي اڳيان ھڪ لفظ ضايع ٿي ويل آھي. مصرعو وزن جي لحاظ سان ھن ريت درست ٿيندو:
جايش به بھشت! ھاتفم گفت
جنھن مان سال 1028ھه نڪري اچي ٿو، ۽ بظاھر اھو ئي خسرو جي فوت ٿيڻ جو سال آھي. گويا خسرو 1022ھه ۾ اجمير پھتو، ست سال کن زندھه رھي، 1028ھه ۾ فوت ٿيو. انھيءَ سال جھانگير بادشاھه ڪشمير جي سفر ۾ ھو، ۽ خسرو جو وڏو پٽ ميرزا لطف الله ڀائي خان _ جنھن تي ميرزا غازيءَ کي زھر ڏيئي مارڻ جو الزام ھو _ پڻ شاھي رڪاب ۾ ھو.
پڙھندڙن جي ملاخطي لاءِ ڪتبي جي تصوير ڏني وڃي ٿي. ميرزا خسرو پنھنجو ۽ پنھنجي خاندان جو مدفن مڪليءَ تي جوڙايو ھو، جيڪو ھن وقت ’ست چڙھڻي‘ جي نالي سان معروف آھي، جنھن جي خوبصورتيءَ جي تعريف ’مڪليءَ نامـﮧ‘ اندر نظم ۽ نثر ۾ ڪئي ويئي آھي. پھريون شعر آھي:
رسد اين جا، اگر ارواح قدسي،
شود با زمرهﻋ سيار انسي(1).
ليڪن خدا جو شان آھي، اتي کيس مٽيءَ پنوڙو نصيب نه ٿيو. اھڙيءَ ريت نه ڄاڻي پُٽس ڀائي خان کي ڪھڙي ملڪ جي زمين پنھنجي پيٽ ۾ جاءِ ڏني؟ سال 1032ھه ۾ مغربي خانديش طرف نندبار ۾ خانقاھه جوڙائيندي سندس ڏَس پوي ٿو(1).

(2) ڄام جوڻي جو شعر
سال 767ھه(2) ۾ سنڌ جو والي ڄام جوڻو، صلح بعد فيروز تغلق جي سامھون آيو بقول تاريخ فيروز شاھي: ھُن فيروز جي اڳيان پنھنجو ھڪ فارسي مصرعو پڙھيو، سراج عفيف جي عبارت ھيءَ آھي:
_ چون جام به آرزوي تمام پايبوس شھريار عظام کرد، شھنشاھه بر سمند عزت سوار بود، در مقام مسرت جولانگري مي نمود. دست مبارک خود بر پشت جام فرود آورد و کلام بلينت تمام بر آورد. جام، زبان بعجز کشاد و آنچه بي فرماني کرده بود يک يک بدرگاھه عالم پناه باز نمود. در اين محل جام اين مصرعه خود خواند، و آن اينست:
شاھه بخشنده توئي، بنده شرمنده منم(3)!
’فيروز شاھي‘ جي انھيءَ لکت جي آڌار تي سڀ کان پھرين ڊاڪٽر سدارنگاڻيءَ پنھنجي قيمتي ڪتاب”Persian Poets of sind“ جي صفحي 10 تي، اھو مصرعو ڏيئي، ڄام کي سنڌ جي قديم ترين فارسي گو شاعرن ۾ شمار ڪيو آھي. جيئن ته فيروز شاھيءَ جا الفاظ آھن _ اين مصرع خود _ ان صورت ۾ ائين ئي سمجھڻ مناسب به ھو. سدارنگاڻيءَ بعد، راقم ساڳيو اطلاح ’مڪلي نامه‘ ۾ (ص 106) درج ڪيو، ۽ ٻيھر ايران شناسن جي تھران واريءَ ڪانگريس ۾ پڙھيل پنھنجي مقالي _’سنڌ ۽ ايران جا تعلقات‘ _ ۾ پڻ انھيءَ روايت جو اعادو ڪيو.
تازو ديوان امير حسن سجزي پڙھندي ظاھر ٿيو ته اھو مصرعو درحقيقت امير مذڪور (603_ 738ھه) جي ھڪ غزل جو آھي. سراج عفيف ڄام جوڻي سان فيروز تغلق جي صلح ڪرڻ واريءَ واقعي کي ’فتح‘ جي غلط رنگ سان پيش ڪندي، حسن سجزيءَ جو مصرعو، صورتحال کي تقويت ڏيڻ خاطر ۽ مناسبت جي لحاظ سان، ڄام سان منسوب ڪري ڇڏيو آھي. سڄو غزل ھن ريت آھي:
باز مين ايم و سر در قدمت ميفگنم
”مير بخشنده توئي! بنده شرمنده منم“
رفتني رفت، ببخشاي کـﮧ باز آمده ام
گر تو دستم ندھي! دست بپاي کـﮧ زنم
بوي رحمت، ز غبار قدمت مي يابم
رخت اميد به کشف ٖ کرمت مي فگنم
زانکـﮧ تا بي تو ھمين باشم بي خويشتنم
دوستيﻋ درِ تو، مايـﮧﻋ ايمان منست
ميکشد ھم بسر کوي تو حبّ وطنم
ھيچ اندوه نبود، در دل گورم، والله!
تا ز اندوه تو پيوند بود بر کفنم
چـﮧ شد آخر؟ که خداوندي خود کم کردي
جان من! من نه ھمان بنده مسکين حَسنم(1)
عفيف واقعي کي جيڪو رنگ ڏنو آھي، تنھن تي سڄو غزل ٺھڪي اچي ٿو. ڀانئجي ٿو ته کيس ھڪ ئي مصرعو ياد رھيو، ورنه پورو غزل لکڻ کپندو ھئس!

(3) سنڌ جون ٻه شھزاديون
بيبي مغلي ۽ بيبي مرڪي، سنڌ جي سمي بادشاھه ڄام جوڻي ثانيءَ (تغلق شاھه) جون نياڻيون ھيون(2). ڄام، خانداني خلفشار سبب، ٻنھي نياڻين جي سڱابندي گجرات ۾ ڪري ڇڏي، جيئن وقت سر گجراتي سلطانن جي ھمدردي ۽ امداد ساڻس رھي.
بيبي مغليءَ جو نڪاح سلطان محمد واليﻋ گجرات (846_ 855ھه) سان پيو ۽ بيبي مرڪي حضرت قطب عالم (79_ 858ھه) جي فرزند حضرت شاھه عالم (817_ 880ھه) جي عقد ۾ ڏني ويئي. اھي نڪاح سال 48_ 847ھه ڌاري ٿيا. بيبي مغليءَ مان سال 849ھه ۾ فتح خان پيدا ٿيو، جيڪو اڳتي ھلي گجرات جو ناميارو بادشاھه ٿيو، ۽ تاريخ ۾ سلطان محمود بيگڙي (از 17 رجب 863ھه تا 917ھه) جي سدا حيات نالي سان مشھور آھي. بيبي مرڪيءَ کي ٽي اولاد ٿيا. 1_ بيبي امان، 2_ بيبي وچين ۽ 3_ بيگ محمد عرف سيد ڀيڪڻ، جيڪو پنھنجي والد صاحب ۽ ڏاڏي جيان برگزيدو شخص ٿيو.
سلطان محمد واليﻋ گجرات 20_ محرم 855ھه جو انتقال ڪيو، ۽ بيبي مغلي، خانداني فساد سبب، پنھنجي پٽ سميت نڪري اچي پنھنجي ڀيڻوئي حضرت شاھه عالم جي پناھه ۾ رھي. بيبي مرڪي 57_ 858ھه ڌاري انتقال ڪيو، ۽ وقت جي ضرورت سبب شاھه عالم بيبي مغليءَ کي پنھنجي عقد ۾ آندو.
اھي ٻيئي شھزاديون وفات بعد احمدآباد جي لڳ پنھنجي والد ڄام جوڻي جي مقبري ۾ دفن ٿيون. اھو مقبرو پراڻيءَ اساول ۾ سابرمتي نديءَ جي ڪناري تي قطب پور جي ويجھو آھي. ٻنھي شھزادين جون قبرون اڃا تائين موجود آھن. بيبي مغليءَ جي قبر سفيد سنگمرمر جي آھي ۽ بيبي مرڪيءَ جو مرقد سياھه سنگمرمر جو آھي. ٻنھي تي چٽساليءَ جو لاجواب ڪم ٿيل آھي. ٻنھي قبرن جو فوٽو ھتي ڏنو وڃي ٿو(1).




(4) شاھه حسن ارغون جي تاريخ وفات
تازو راقم ’روضـة السلاطين‘ (سنڌي ادبي بورڊ) شايع ڪري چڪو آھي. شاھه حسن ارغون جي وفات جو قطع تاريخ ان ۾ شايع ڪرڻ کان رھجي ويو آھي. اھو قطعو انھيءَ دؤر جي مشھور شاعر قاسم کاھيءَ جي تصنيف آھي. محفوظ رکڻ خاطر ھيٺ ڏنو وڃي ٿو:
چون شاه حسن پادشـﮧ ِ ارغوني،
زين بحر برآمد چو، در مکنوني،
تاريخ وفاتش ز خرد جستم، گفت:
دردا کـﮧ، برون رفت شـﮧ ارغوني!
ارغونيءَ (1267) منجھان شـﮧ (305) جا عدد ڪڍبا، ته حاصل 962ھه ٿيندو، جيڪو شاھه حسن جي وفات جو سال آھي(1).

(5) مير حسين علي خان ٽالپرن ۽ خادم بردواني
منشي محمدي، ’خادم‘ تخلص، بردوان جو رھاڪو، فارسيءَ جو شاعر ۽ پنھنجي دؤر جو مشھور خطاط ھو. سندس فارسي ديوان 1302ھه(84_ 1885ع) ۾ مطبع قادريـﮧ ڪلڪتي مان شايع ٿيو آھي(2)، جنھن ۾ سرڪار دولت مدار مير حسين علي خان ’حسين‘بن سرڪار مير نورمحمد خان بن سرڪار مير مراد علي خان ٽالپر جي مدح ۾ ’خادم‘جا چيل ٻه قصيدا موجود آھن.
سرڪار مير حسين علي خان پاڻ به خوش ذوق شاعر ۽ مصنف ھو. فارسيءَ ۽ اردوءَ ۾ ٻه ديوان سندس يادگار آھن. آزاد سنڌ جي بادشاھت جڏھن انگريزن جي ھٿان ختم ٿي، تڏھن سرڪار مير حسين علي خان به ٻين شاھي قيدين سان گڏ ڪلڪتي وڃي باندي ٿيو. پاڻ 26_ ربيع الاول 1295ھه (1878ع) ۾ جھان ڇڏيائين ۽ حيدرآباد ۾ سرڪار مير ڪرم علي خان جي پھلوءَ ۾ دفن ٿيو.
’خادم‘ بردوانيءَ جا قصيدا جنھن صورت ۾ ٽالپرن جي ادبي تاريخ جو حصو آھن، تنھنڪري ھن ھيٺ ڏجن ٿا، جيئن سنڌ تي لکندڙن کي ضرورت وقت ڪم اچي سگهن.
(1)
کسيکـﮧ طالع او سعد و کامران آمد
ببزم ھمچو تو، شھزادهﻋ جھان آمد
من اين زمان کـﮧ زمين بوس در گهت گشتم
کلاه گوشـﮧﻋ بختم بر آسمان آمد(1)
خدا يگانا! بمدحت کنم چـﮧ انشاي
کـﮧ طبع مدح گِرم، قاصر از بيان آمد
توئي کـﮧ فتح به پيش سپاه تو بدويد
ظفر رکاب تو بگرفـة در عنان آمد
بروز معرکـﮧ خصمت نداشت پاي گريز
ز دستِ حملـﮧ سرش بر سر سنان آمد
چـﮧ حملـﮧ که زمين يکدگر بخود لرزيد
ز ترس رعشـﮧ بر اندام آسمان آمد
ز سھم، پر بھم آورد نسر طائر چرغ
چو تير مرغ تو، در خانـﮧ کمان آمد
حسودِ جاه، به پيشِ پلنگ ھيبت تو
زبون و خوار، چو روباه ناتوان آمد
سرير جاه تو از اوج آسمان بگذشت
کـﮧ پايه اش به سر فرق فرقدان آمد
پي تياق، کمر بستـﮧ تا سحر مريّخ
ببارگاه جلال تو، پاسبان آمد
بعھد عدل تو، شاھين ز بھر بچـﮧ کبک
گرفـة طعمـﮧ بچنگل، در آشيان آمد
جھان مسخّر حکمِ تو گشـة است يکسر
ھواي بندگيﻋ تو به انس و جان آمد
به پيش حکم تو، خاکست ھمچو باد، سبک
چو خاک باد بعزم تو سرگران آمد
خدا يگانا! چـﮧ گويم ز حال خويش ترا
دلم ز دست جفاي فلک بجان آمد
ستيز او، بمنِ دلفگار تا باشد
به بين! که تيغ جفايش باستخوان آمد
پناه مي برم، اينک بزير سايـﮧ تو
که ھر که مستظلّ تست، کامران آمد
کسيکه، از کفِ جودِ تو بھره حاصل کرد
قدم گهش، بسر گنج شايگان آمد
ز دستِ جودِ اي انجمن طراز کرام!
چـﮧ بحر و کان ھمـﮧ در شورش وفغان آمد
چـﮧ قرب و بعد، که ھريک شدند بر خوردار
چـﮧ نخل جود تو يا رب ثمر فشان آمد
ھواي بزم تو مارا ز راه دور، آورد
نسيم وار شتابان، ببوستان آمد
بباغ مدح تو، امروز بلبل طبعم
صفير سنج، ز گلزار بردوان آمد
شبِ گذشـة ندا داده بود، ھاتف طبع
ھمين قصيده، که امروز بر زبان آمد
گهر شناسا! برگير گوھر نظمم!
چنين گهر نه بدستِ کسي ز کان آمد
ھمين که، برسر ِ خدام تو نثار کنم
وگر نه بھرچـﮧ، کلکم گهر فشان آمد
خموش باش، ازين نکتـﮧ سنجي اي ’خادم‘!
کنون ز بھر دعا رو، کي وقت آن آمد
درين قصيده، دعاي تو برلبِ اظھار
به ختم ِ مدح، که ھمچون نه ديگران آمد
سبب چه شد، که اجابت شتاب آمد و بود
نداد فرصتش از دل که تا زبان آمد
(2)
کجا منم و کجا دعويﻋ مسلماني
بعشق آن بتِ ھندوي ماه پيشاني
ھزار تير نگـﮧ، از کمان ابروي خويش
در افگند بدلم از سر ِ ستم راني
ازان زمان، که فتاد است چشم، بر زلفش
دلم شد است گرفتار صد پريشاني
بعشق آن بت ترسا چو کار من افتاد
شراب ميزنم اينک بجام رھباني
کدام فتنـﮧ و آفت، ز چشم فتنـﮧ گرش
نداشت بر دلِ ريشم، ز لطف ارزاني
مرا بدوستيﻋ خود، چو يافت مستحکم
کمر به بست بکين، گشت دشمنِ جاني
چد سود ازان، که دم عيسوي ست در لب تو
اگر به بيش تو ميرم، تو لب نجنباني
مکن جفا تو دگر، ورنه شکوهء تو برم
”بشاھزاده سندِ“ سکندر ِ ثاني
امير سيد عالي نسب، ”حسين علي“!
که ھست برسر ِ تو، لطفھاي يزداني
علو پايد تو چند ھست، نتوان گفت
ھر آنچـﮧ، مدح تو گويم، ھزار چنداني
شھا! توئي، که بيکدم لباس رنگارنگ
بقد ِ شاھد ِ معني، ز علم پوشاني
خلاف راي تو، گر آسمان کند کاري
ز روي فھر و سياست، بخاک بنشاني
عنان اببق ِ ايام، ھست در کف ِ تو
بھرجھت، که تو ميخواھيش، ھميراني
غمام قھر تو، ھر گـﮧ نمود ميگردد
فلک، ز خوف بجويد، کلاه باراني
براي زينتِ بزم تو، روز شب رضوان
کند، ز گلشن خلد برين، گل افشاني
گرفتـﮧ چنگ بصد شوق، زھره استاد است
براي رقص، ببزمت چرا نمي خواني
ز حال بخشش تو، خامـﮧ در دم تحرير
بجاي حرف، بکاغذ کند زر افشاني
دراز عمر حسودِ تو، بسکـﮧ ميخواھم
مگر بدرد و غم و غصـﮧ و پريشاني
کنون بمدح تو زينسا کـﮧ نکتـﮧ مي سنجم
مرا رسد که، کنم دعويﻋ سخنداني
شھا به بين که بکاخ سخن، دريچـﮧﻋ فکر
ز مھر طبع خودم ھر دمست نوراني
درين قصيده نظر کن که مختصر گفتم
که تا ملال نيايد ترا ز طولاني
بنظم مدح تو يکدم نظر کند اينک
کجا ”ظھير“ و کجا ”عرفي“ ست و ”خاقاني“
کنون، ز بخشش عام تو، نام حاتم طي
نمي رسد بزبان ِ کسي، ز نسياني
بسي اميد، ز انعامھاي تو، دارم
ترا سزد، که مرا بي نياز گرداني
ز بحر مکرمتِ خود، مرا بکن سيراب
که قطره اش، بکند بھر تشنـﮧ عماني
”دو ماه“ شد، که من افتاده ام درين غربت
بصد ھزار عنا و بصد پريشاني
روا مدار خدا را توقفي ديگر
برار مطلب من، زود کن به آساني
بس اين دعاي تو ھردم ھميکند ”خادم“
که تا زمانـﮧ بباشد، تو در جھان ماني(1)

[”مھراڻ“، 4_ 1968ع]


________________________________________
(1) مڪلي نامه، 195_232.
(2) مڪلي نامه، 209، ترخان نامه، 094
(1) ذخيرةالخوانين (خطي)، ص 163.
(2) ايضاً (خطي)، ص 65.
(3) مڪلي نامـﮧ، 270_271.
(1) ص 34 تصوير مقابل ص 33 شماره VIII.
(1) متن مڪلي نامه، ص 30.
(1) مڪلي نامه، ص 23
(2) مڪلي نامه، ص 104
(3) فيروز شاهي، 246_ انهيءَ واقعي جو تفصيل مڪلي نامه جي حاشين ۾ ڏسڻ گهرجي.
(1) ديوان، ص 256، مطبوء، حيدرآباد دکن، 1352هه.
(2) ڏسو مفصل احوال مڪلي نامه_ ص 119 تا 126 ۽ شجرو (ب) سمن سلطان جو.
(1) اهي فوٽا، ڪتاب The Design Development of Indian Architec-ture By C. Batley مان ورتان ويا آهن. ڏسو ڪتاب مذڪور صفحو VIII ۽ پليٽ 22.
(1) مواد التواريخ، ص 281
(2) خادم جو مفصل احوال ڏسو منهنجي ڪتاب_ ”دود چراغ محفل“_ ۾.
(1) کلاه گوشـﮧ دهقاد به آفتاب رسيد_ ڪامران ميرزا جي غزل جو مصرعو آهي.
(1) ديوان خادم ص تا ص 10

اصفھان نصف جھان ۽ سندم سنڌ سونھاري

اين خط جادھا که بصحرا نوشتـﮧ اند
ياران رفتـﮧ با قلم پا نوشتـﮧ اند

ايران ۽ سنڌ جو تعلق ايامن کان ھڪٻئي سان رھيو آھي، تاريخ جي ڪتابن ۾ جڏھن ”ولايت“ جو لفظ اچي ٿو ته ان مان مراد ايران ئي آھي. انھيءَ ولايت ۽ پنـھنجي ديسين جي باھمي سٻنڌ جون قديم ترين نشانيون ۽ اُھڃاڻ ”موھن جي دڙي“ کان وٺي ”تخت جمشيد“ جي پٿرن تائين محفوظ ۽ موجود آھن. اھڙيءَ ريت سنڌ جي تاريخي شھرن ۾ پڻ ايران جي آبادين جا نشان ۽ پتا اڄ تائين انھيءَ تعلق جو اظھار ڪندا رھن ٿا. ويجھيءَ تاريخي ۾ ٺٽي ۾ شيرازين جو محلو، سبزوارين جو محلو، مشھدين جو پاڙو، مغلواڙو، انھيءَ آمدورفت جي سلسلي جون نشانيون آھن.
عالم ھجي، اديب ھجي، شاعر ھجي يا مولوي ۽ مدرس، جڏھن به ڪو صاحب ايران مان نڪتو، تنھن پھرين اچي سنڌ جو سلام ڪيو. ڪن ھتي رھڻ ۾ سعادت سمجھي، ته ڪو ھندستان ھليو ويو. جن جا ھت پساھه پورا ٿيا، انھن مان ڪيترن جون قبرون سنڌ جي پراڻن ۽ مکيه شھرن ۾ موجود آھن مڪليءَ جي تاريخي قبرستان ۾ ايران جي قريباً ھر معروفت شھر جا مڪين مدفون آھن، جن جي ڪتبن مان معلوم ٿئي ٿو ته ھي تبريزي ھو، ھي مرحوم شيراز مان آيو، ھي لاھيجاني ھو ته ھي ڪاشاني يا سبز واري غريب الوطن ھو.
اڳئين زماني ۾ اصفھان ۽ شيراز، ايران جا ٻه مکيه علمي، تمدني ۽ سياسي مرڪز ھئا. انھن ٻنھي شھرن جا ڪيترائي اديب، عالم ۽ شاعر ھتي آيا، جن سنڌ کي پنھنجو وطن بنايو.
ھڪ لڳا ايران جي گاديءَ جو ھنڌ اصفھان ٿيو ۽ تڏھن کان ”نصف جھان“ سڏجڻ لڳو. انھيءَ سمي ۾ سنڌ سان اصفھان جو سڌو سنئون سياسي ۽ علمي تعلق وڌيو. ڪيترا شاعر ۽ اديب سنڌ اندر پھتا، جن مان ڪن شاعرن جا نالا پاڻ کي ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جھڙوڪ: جودت اصفھاني، امتياز خان خالص اصفھاني، امتياز اصفھاني، صدر اصفھاني، شڪيبي اصفھاني، عاشق صفاھاني، مشرب صفاھاني، مير معز صفاھاني، مقبل اصفھاني، مھدي اصفھاني، وحشت اصفھاني، ھوشيار ۽ آصف صفاھاني(1). اھي ته اصفھان جا اُھي شاعر آھن، جن پنھنجو ديس ڇڏي اچي سنڌ جو پرديس وسايو ۽ سندن نالا ڪتابن جي ذريعي پاڻ تائين پھتو. جيڪي غريب الوطن ھن سر زمين ۾ بي نام و نشان رھيا ۽ مئا، اھي ڪيترا ۽ ڪھڙا ھئا، سا خبر خاوند کي آھي!
اسان جي سياسي تاريخ جا پڻ ڪي واقعا اصفھان جي دامن سان ٻڌل آھن. آءُ ڪيترا ڀيرا اصفھان ويو آھيان، ليڪن انھن مان ماڳن ڏسڻ جو موقعو ملي ڪونه سگهيو آھي.
ھن دفعي جڏھن 17مارچ 1974ع صبح جو، آءُ اصفھان جي ھوائي اڏي تي لٿس، تڏھن مون ڀاڪر پائڻ شرط پنھنجي عزيز دوست ڊاڪٽر لطف الله ھنرفر کي (تصوير 1) _ جنھن جي سموري حياتي اصفھان جي آثارن کي ڏسڻ ۽ انھن جي تاريخ لکڻ ۾ صرف ٿي آھي ۽ سندس ڪتاب ”گنجينـﮧء آثار تاريخي اصفھان“(1) ڪلاسيڪ حيثيت رکي ٿو _ چئي ڇڏيم ته ھن ڀيري آءُ اصفھان ۾ فقط چند خاص جاين کي ڏسڻ آيو آھيان، جن مان ٻن جو تعلق سڌو سنئون سنڌ جي تاريخ سان آھي:

(1) جي __ ۽
(2) مسجد علي.

ڊاڪٽر ھنرفر اصفھان يونيورسٽيءَ ۾ تاريخ ۽ فنون لطيفه جو استاد ۽ انھيءَ شعبي جو رئيس آھي. اصفھان جي ”ڪوچهﻋ شھزادگان“ ۾ رھي ٿو ۽ سچ چئبو ته پاڻ به شھزادو مڙس آھي. جھڙو آھي صورت جو سھڻو اھڙو ئي وري آھي سيرت جو صاحب. اصفھان جي خوبصورتيءَ، عمارتن مٿان ڪاشيءَ جي گلڪاريءَ، چھار باغن جي سرونازن ۽ سھي سرون جي بيھڪ ۽ بھاريءَ، باغن ۽ بستانن جي رنگ برنگي نظارن، گلاب ۽ گلن جي رنگين طوفانن، سندس طبيعت ۾ نزاڪت، فڪر ۾ سونھن ۽ سوچ ۾ سوڀيا پيدا ڪري ڇڏي آھي. نزاڪت ۽ نفاست، سندس ٻه خاص علامتون آھن. اصفھان جي تاريخ برزبان ۽ اصفھان جي ھڪ ھڪ سر ۽ ھرھڪ پٿر سان عشق اٿس. اصفھان جي ڳالھ ڪبي ته ٽڙي پوندو.
ھنرفر ھميشـﮧ مون تي مھربان رھيو آھي. اسان جي پاڻ ۾ دوستي آھي. جڏھن مون ساڻس پنھنجو مطلب بيان ڪيو، تڏھن عالمن جي قطار ڇڏي _ جيڪي يورپ جي اٺن ملڪن جي نمائندگي ڪري رھيا ھئا _ فوراً مون سان اچي ڀيڙو ٿيو.
جي:
تاريخ معصوميءَ جي مصنف، بکر ۽ سکر جي خونخوار، ظالم ۽ جابر حاڪم ۽ حڪمران، سلطان محمود بکريءَ جي گهراڻي جو مذڪور ۽ سندس ظالمانه طبيعت جو بيان ڪندي، ابن ڏاڏن جي اصلوڪي وطن بابت لکيو آھي:

”و محل سکونت اجداد او موضع’خراسان‘ بوده، و اصل ايشان از ”ملوک چين“ من اعمال دار السلطنت اصفھان بود(1).“
انھيءَ عبارت ۾ خراسان، ملوڪ چين ۽ اصفھان جو نالو ۽ جغرافيائي فاصلن ۽ تضاد جو مسئلو مدت کان منجھائيندڙ ھو. ليڪن مضمون ۾ گهرو وڃي انھيءَ ڳجھارت کي اڄ سوڌو ڪنھن ڪونه پروڙيو، ڇاڪاڻ ته انھيءَ تضاد ڏانھن يا ته ڪنھن جو ڌيان نه ويو يا مرڳو ئي انھن اڇاترو _ جيئن پنھنجي عادت اٿئون _ اک ترڪائيندا اڳتي ھليا ويا آھن، اھا خبر ڪنھن ڪانه لڌي ته:
ڪاڏي منھه مريم جو، ڪٿي ٽنڊو الھيار!
ڪٿي خراسان، ڪاڏي اصفھان ۽ ڪٿي رھيا ملوڪ چين؟ _ جڏھن وري تاريخ معصوميءَ جو سنڌي ترجمو ٿيو، تنھن وقت به ڇڙو مک مٿان مک ماري ويئي، بلڪ ھڪ وک وڌائي مرڳو غلط عبارت جو ترجمو به غلط ڪيو ويو:
”سندس وڏا خراسان ۾ رھندڙ ھئا ۽ سندس بنياد چين جي بادشاھن سان ملي ٿو، جو اصفھان جي شھنشاھت جو ھڪ پرڳڻو ھو(1)“.

گويا اصفھان جي شھنشاھت، ايران جي بادشاھت کان الڳ شيءِ ھئي، ۽ چين جو ملڪ انھيءَ ولايت جو ھڪ پرڳڻو ھو، ۽ خراسان ڳوٺ ھو، جتان جا رھاڪو سلطان محمود جا ابا ڏاڏا ھئا!
ٻه سال اڳ ايران جي عالمي ڪانفرنس ۾ پڙھڻ لاءِ مون ”سلطان محمود ۽ شاھه طھماسپ جي باھمي تعلقات“ تي ھڪ مقالو لکيو. مقالو لکندي جڏھن انھيءَ عبارت تي پھتس، ان وقت ڪن کڙا ٿيا. خراسان؟ اصفھان جي بادشاھت؟ چين جا مُلوڪ؟ ٻه_ ٽي ڏينھن مٿي ۾ ڀئونڙاٽي رھي. نيٺ ڪتابن جا ورق ورائيندي ھن نتيجي تي پھتس ته مير معصوم عبارت غلط ڪانه لکي ھوندي، ڇاڪاڻ ته پاڻ ڪي ٻه _ ٽي ڏينھن اصفھان ۾ رھي چڪو ھو، انھيءَ عبارت ۾ ضرور ڪاتبن پنھنجي ڪرامت ڏيکاري ھوندي، جنھن عبارت کي ھن شعر جي مصداق بنائي ڇڏيو آھي:
چه خوش گفـته است سعدي در زليخا،
الا يا ايھا الساقي ادر ڪاساً ونا ولھا،
ڪتاب جاميءَ جو، شعر حافظ جو، چيو شيخ سعديﻋ!
ڪتاب اٿلائيندي معلوم ٿيو ته اصل عبارت ھن ريت ھجڻ گهرجي ۽ مير معصوم پڻ ائين ئي لکي ھوندي:
”محل سکونت اجداد او موضع خوراسکان و اصل ايشان از بلوک جي من اعمال دارالسلطنت اصفھان بوده“.
سندس مائٽن جي رھڻ جي ماڳ خوراسڪان ھو، جيڪو ”جي“ جي تحصيل جو ڳوٺ آھي ۽ ”جي“ اصفھان جو تعلقو آھي.
ڪتابن ۾ جي(1) به ملي، ان جو ڳوٺ خوراسڪان به موجود ھو، ۽ ھو به واقعي اصفھان جي حدن اندر.
انھيءَ عقدي حل ٿيڻ بعد مون کي جي ۽ خوراسڪان ڏسڻ جي خواھش پيدا ٿي. ڪانفرنس ختم ٿيڻ بعد اصفھان ته ويس، ليڪن ”جي“ ڏسڻ جو اوٽار دل تان لھي ويو. اصفھان ھڪ اھڙو ماڳ آھي، جتي پھچڻ بعد حيرانيءَ ۾ ماڻھو سڀڪجھه ڀلايو ڇڏي. ڪڏھن ڪڏھن انساني عقل ايترو خطا ٿيو وڃي، جو پنھنجو پاڻ به وسري وڃي ٿو.
ھن ڀيري ھتان ڪراچيءَ مان ئي رومال کي ڳنڍ ڏيئي نڪتو ھئس، سو سترھين مارچ جو پھريون ڪم اھو ڪيم جو شام ٿيڻ کان اڳ ئي اھا تاريخي تشنگي پوري ڪري ورتيم.
اصفھان جي ٻاھران، ليڪن لڳولڳ، ڪنھن زماني ۾ جيڪي وٿاڻ شھر جي حيثيت رکندا ھئا، انھن مان ھڪ ”جي“ آھي. در حقيقت انھيءَ ڳوٺ کي اسان جي اصطلاح ۾ تعلقو چئي سگهجي ٿو، جنھن سان ڪيترائي واھڻ ۽ وستيون متعلق ھئا، جن مان ھڪ خوراسڪان ھو جتان جي پيداوار زياده تر ڪپھه ھئي ۽ ملڪان ملڪ مشھور ۽ معروف ھئي ۽ ھاڻي به آھي. خود ”جي“ جي ڦٽل ڳوٺ جي زمين پڻ نھايت شاداب ۽ سرسبز آھي. مختلف قسمن جو فصل سائو جھڙو چھچ بيٺو ھو. خوراسڪان پرڀرو ھو، اوستائين ته پھچي ڪونه سگهيس باقي ”جي“ جي ڳوٺڙي ۽ انھن جي ڦٽل آثارن کي ڏاڍو گهمي ڦري ڏٺم.
ھخامنشي دؤر ۾ ان جو نالو ”گي“ يا ”گا“ ھو. جڏھن ”جي“ ڦٽي ۽ ڀرسان ٻيو شھر آباد ٿيو، تڏھن رفته رفته ان جو نالو اصفھان ٿيو. صفوي سلطانن جڏھن ”ميران شاھه“ ۽ ان جا محل ۽ ماڙيون ٺھرايون ۽ گاديءَ جو ھنڌ ڪيو، ان وقت مٿس ”نصف جھان“ جو لقب پيو(1). در حقيقت ”جي“ اصفھان جو پھريون نالو چئي سگهجي ٿو. عربن جڏھن ان تي قبضو ڪيو، تڏھن ”گاف“ ڦري (جيم) جي جاءِ ورتي ۽ ”گي“ جي بجاءِ ”جي“ قديم پھلوي اکر آھي، جنھن جي معنى آھي فتح، نصرت ۽ زندگي. اھو ساڳيو لفظ ھنديءَ ۾ ”جيﻋ“ آھي، بنگاليءَ ۾ ”جو“ ۽ سنڌيءَ ۾ به ”جي“ چيو وڃي ٿو. معنى توڙي مفھوم ۾ پڻ بنياد به ھڪ ئي اٿس.
وڌيڪ ۽ تاريخي معلومات جنھن کي حاصل ڪرڻي ھجي سو ته اصفھان جون تاريخون ۽ عربيءَ جو معجم البلدان يا انھيءَ قسم جا ٻيا جغرافيائي ڪتاب پڙھي. آءُ ھتي فقط اھو لکي رھيو آھيان، جيڪي پاڻ اکين سان ڏٺو اٿم.
جي ”زائنده رود“ درياھه جي ٻنھي ڀرن تي آباد آھي. انھيءَ درياھه جي پراڻيءَ شاخ (تصوير 5) تي تاريخي ۽ قديم پُل آھي، جنھن تان ھرڪو فاتح لنگهي اصفھان تائين پھتو آھي. آخري دؤر ۾ افغانن انهيءَ پُل مٿان قبضو ڪيو ۽ پوءِ نادر افشار اهائي پُل اُڪري افغانن کي ماري، باقي بچيلن کي انھيءَ پل تان ٽپائي ڀڄائي ڪڍيو. ”زائنده رود“ تي الھوردي خان جي پل (تصوير2_ 3) ۽ خواجوءَ جو پل پوءِ ٺھيون. اصفھان جو جڳ مشھور ”چھار باغ“ مسجد نادرشاھه کان ٿيندو، ٻيئي پليون ٽپندو، ”جي“ تي اچي کٽي ٿو. ”باغ ھزار جريب“(1) جي ايراضي به ”جي“ ڏانھن ويندي، ٽپڻي پوي ٿي. ”جي“ جي انھيءَ پُل کي ھن وقت ”پل شھرستان“ چيو وڃي ٿو. قديم دؤر ۾ انھيءَ کي ”جسر حسين“ ۽ ”پُل جي“ (تصوير 4) سڏيو ويندو ھو.
جڏھن آءُ گهمي ڦري پل تي پھتس، ان وقت ”زائنده رود“ ۾ سج ٻڏي رھيو ھو ۽ اولھه سڄو ڳاڙھو رتائون لڳو پيو ھو. انھيءَ پل مٿان ٽپي، جن ظالمن پنھنجي دٻدٻي ۽ بالادستيءَ لاءِ انسانن جو قتلام ڪيو آھي، انھن سڀني بيگناھه شھيدن جي ياد گويا تازي ٿي رھي آھي.
ڳوٺ ۾ نيون جايون معمولي قسم جون موجود آھن (تصوير 6). ماڻھو گهڻو ڪري زراعت ۽ ٻئي پورھئي تي گذارو ڪن ٿا.
”جي“ جي چوگرد قديم زماني ۾ شھر پناھه لاءِ مٽيءَ جو قلعو موجود ھو، جيڪو ھاڻي تباھه ٿي چڪو آھي. ھڪ جاءِ تي ديوار جا ڪي نشان موجود آھن. جنھن مان قلعي جي بيھڪ ۽ عظمت جي چڱيءَ پر پروڙ پوي ٿي.
ڪٿي ڪٿي رھڻ جي قديم جاين جا آثار به آھن، جن جون ديوارون ٿلھيون ۽ اندران ٻاھران ڀتين ۾ سنڌ جي پراڻين جاين جھڙيون ميريون ۽ جارا (تصوير 11تا 21) موجود آھن.
مسجدون ته پراڻي شھر ۾ _ جيڪو ايترو اھم ۽ تاريخي آھي _ گهڻيون ئي ھونديون، ليڪن اڄ ڪابه سلامت ڪانه آھي، ايستائين جو جامع مسجد جيڪا اڌ ميل ۾ پکڙيل کڻي چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو، اھا اھڙيءَ ريت ڊھي ويئي آھي، جو جيڪڏھن کوٽائي ڪري ان جون حدون نروار نه ڪن ھا، ته ھوند نالو نشان ڪونه لڀي ھا. ھن وقت فقط زمين آھي ۽ منجھس بنيادن جا ڪٿي ڪٿي نشان.
مسجد جي سر زمين جي سڃاڻپ ھن ڪري ٿئي ٿي، جو انھيءَ جي لڳو لڳ عباسي خليفي الراشد بالله (529_530ھه) جو مقبرو موجود رھجي ويو آھي، جنھن کي ماڻھو، شھزادي ابراھيم ۽ حسين بن زيد بن حضرت علي رضه جو آرامگاھه سمجھي، عقيدت سبب برباد ٿيڻ کان بچائيندا رھيا آھن (تصوير 7 تا 10).
حقيقت ۾ اھو مقبرو المسترشد بالله جي پٽ الراشد بالله جو آھي. پڻس 18ذي القعد 529ھه جو ھڪ باطنيءَ جي ڇُري سان فوت ٿيو. الراشد بالله ساڳئي مھيني ۾ بغداد جي خلافت تي ويٺو، پر نون مھينن کان مٿي اھو به ھلي نه سگهيو. سلطان مسعود (529_547ھ) بن محمود سلجوقي بغداد مٿان ڪاھي آيو. خليفي اتان ڀاڄ کائي اچي ”جي“ ۾ پناھه ورتي. ٻه سال آوارگيءَ ۾ گذاري، دائود بن سلطان محمود سلجوقيءَ (525_ 526) وٽ آذربائيجان ويو، ۽ کانئس لشڪر جي مدد وٺي اصفھان جي محاصري لاءِ اچي دوبارو ”جي“ ۾ لٿو. محاصري جي حالت ۾ باطني فدائين اڱاري ڏينھن ڇويھين رمضان 532ھه جو ٽپھريءَ وقت اوچتو حملو ڪري کيس ماري وڌو.
خليفي جي لاش کي جامع مسجد جي ھڪ گوشي ۾ دفن ڪيو ويو(1). بر وقت ته خلافت سان عقيدت سبب ماڻھو انھيءَ مقبري جو احترام ڪندا رھيا، پر بعد ۾ جڏھن صفوي سلطانن جي بادشاھت قائم ٿي، ته ٻين ڪيترن مقبرن وانگر ھن مقبري کي به ھڪ امام زادي جو نالو ڏيئي مذھبي مرتبو ڏنو ويو.
مقبري جو اوسو پاسو ايامن کان ڊھي ويو آھي، ليڪن مقبري جي خاص عمارت کي وقت بوقت مرمت ڪري اڄ تائين قائم رکيو ويو آھي.
سال 1321ھه ۾ مقبري جي مرمت افتخار الدولـﮧ نالي ھڪ قاچاري خاتونءَ نئين سر ڪرائي ۽ ان تي ڪاشيءَ جو ڪم ڪرايو. ڪاشيءَ تي تاريخي ڪتبو ۽ آيات قرآني لکيل آھن(2). اصل گنبذ سلجوقي دؤر جو ۽ اندران سادو پنھنجي اصلوڪيءَ صورت ۾ قائم آھي.
سج لھي چڪو ھو، ٻي ڪا شيءِ ڏسڻ جھڙي ڪانه ھئي. اسان جو قافلو اھا آخري جاءِ ھئي، جا ڏسي سڙڪ تي بيٺل موٽر ڏانھن واپس ٿيو. آءُ ڪڻڪ جي سائي پوک جو ٻنو وٺي ، ھيٺ ڪنڌ ڪيو اڳتي ھلندو رھيس ۽ سوچيندو رھيس ته ھيءَ ئي اھو ماڳ آھي جتان تيمور، محمود بکريءَ جي ڏاڏن کي تڙي ڪڍيو، جن ھرات ۾ اچي لڏا لاٿا ۽ جائز ناجائز ملڪيت ۽ مال ھٿ ڪري وڃي مانيءَ رسيا.
ارغونن کي جڏھن تيمور جي پوٽي بابر ڪابل ۽ قنڌار مان تڙي ڪڍيو، تڏھن فاضل ڪوڪلناش ۽ پُٽس سلطان محمود، انھيءَ رولو ٽولي سان گڏجي آيا ۽ اسان جي خانه جنگيءَ جو موقعو وٺي(1)، سنڌ مٿان قابض ٿي ويا، ۽ ھي انھيءَ خونيءَ، ظالم ۽ خونخوار جو اصلوڪو وطن آھي، جنھن لاءِ مير معصوم لکي ٿو ته:
”در خونريزي ملاحظه نداشت و به اندک توھم و بدگماني خان و مان مردم برمي انداخت(2)“.
بکر جي قلعي ۾ ”خوني برج“ اڃا تائين سندس ظلمن جا داستان اسان کي ياد ڏياري، اسان جي ضمير ۽ حميت کي ڌانڌولي رھيو آھي.
تاريخ نويس به عجيب ماڻھو ٿين ٿا. جڏھن پنھنجيءَ تي اچن ٿا ته اڇي کي ڪارو ۽ ڪاري کي اڇو ڪيو وجھن. مير معصوم ابتدا ۾ وٽس ملازم ھو؛ جڏھن سلطان محمود بکري، جلندر جي مرض ۾ مبتلا ٿي مئو، تڏھن مير تاريخ ڪڍي _ ”در بھشت آسود“!_ 982ھه
گويا اھڙن ماڻھن جي جاءِ بھشت ۾ به ھوندي! مير صاحب مرحوم، بھشت ۽ ڏيجيءَ جي ڪوٽ ۾ _ ارمان آھي جو ٿوري عرصي جي ملازمت خاطر _ فرق ڪري ڪونه سگهيو!
مسجد علي:
ھن کان مٿي سلطان محمود بکريءَ جي سلسلي ۾ مير معصوم بکريءَ جو ذڪر اچي چڪو آھي. مير مرحوم سنڌ جي ھڪ عجيب و غريب ۽ جامع الصفات شخصيت ھو. ھڪ ئي وقت امير ھو، شاعر ھو، مؤرخ ھو، سياح ھو، سفير ۽ سياست مدار ھو. سنڌ مٿان سندس وڏا احسان آھن. ھڪ ته ظاھري اولاد اھڙو صالح ڇڏيائين، جن دليؤن جانيؤن سنڌ کي پنھنجو ماڳ ۽ مڪان سمجھي، ڪا دوئي دل ۾ ڪانه رکي، ۽ پھرين ڏينھن کان ئي تاڃيءَ پيٽي پٽ سنڌي ٿي ويا. ٻيو ھن علمي اولاد ڇڏيو، جن مان ”تاريخ سنڌ“ اسان جي تاريخ لاءِ ھڪ صحيفي جي صورت رکي ٿي. سندس اھو عظيم علمي ڪارنامو رھنديءَ سنڌ تائين اسان کي سنڌ جي ھڪ نھايت ئي خوفناڪ، ڀيانڪ ۽ ڀو رائتي باب جون يادگيريون ڏياريندو رھندو.
جيڪڏھن مير معصوم پنھنجين اکين ڏٺيون ۽ اھي ڪَنن ٻڌيون ڪھاڻيون ۽ روايتون نه لکي وڃي ھا، ته ھوند سنڌ مٿان پوري ھڪ صدي، ڌارين جي جيڪي ڌاڙا ھنيا، جيڪي ظالم زبردستيون ۽ من مستيون ڪيون، انھن جو اھو سمورو ڪارو باب علمي دنيا جي ڄاڻ کان رھجي وڃي ھا.
مير معصوم سڄي ڄمار ھلندو چلندو رھيو. اميريءَ جي عھدي سبب ڪڏھن ڪٿي، ته ڪڏھن ڪٿي ويو ۽ ويندو رھيو. تاريخي ذھن ۽ ذوق رکڻ سبب ھن جي عادت ھئي ته رستي ويندي جتي ڪا نظاري جھڙي جاءِ، ڪا مسجد ڪا تاريخي عمارت يا ڪو چڱو ٽڪر ڏسندو ته ان تي تاريخي عبارت ۽ پنھنجي چند شعرن جو ڪتبو ھڻي ڇڏيندو ھو، جيئن ايندڙ نسلن کي ڄاڻ پوي ۽ ھو اڳتي ھلي نه ڇڙو سندس پنھنجي زندگيءَ جا، پر ھن بر صغير جي تاريخ جا نقش قدم ڏسندا رھن. ھندستان، پاڪستان ۽ آفغانستان جي ڪيترين راھن ۽ رندن تي، عمارتن ۽ مسجدن تي اھڙا ڪتبا اڄ تائين موجود آھن ۽ سندس روشن دماغيءَ، علمي ذوق ۽ تاريخي ذھن جي عظمت جي ڄاڻ ڏيئي رھيا آھن.
آءُ مير معصوم جي شخصي، سياسي ۽ علمي زندگيءَ تي مفصل ڪتاب تي ڇاپي رھيو آھيان جنھن ۾ سندس انھن ڪتبن، مون کي تاريخي واقعن جي ڪيترن ئي منجھيل مسئلن کي حل ڪرڻ ۾. حيرت ۾ وجھندڙ حد تائين مدد ڏني آھي.
مير معصوم 1012_ 1013ھه ۾ اڪبر بادشاھه طرفان سفير ٿي ايران جي بادشاھه شاھه عباس صفويءَ (996_ 1938هه) جي دربار ۾ ويو ھو. پنھنجي عادت مطابق ھن انھيءَ سفر جي رندن راھن ۽ آمد ورفت جي تاريخن کي اھڙن پٿر جي ڪتبن ذريعي محفوظ ڪري ڇڏيو آھي. پاڻ تاريخ معصومي 1009ھه ڌاري ختم ڪري چڪو ھو، تنھنڪري انھيءَ ۾ اھو مذڪور ڪونه آندو اٿائين. ٻين ڪتابن مان ايران جي انھيءَ سفر جو احوال ملي ٿو، پر واقعات جي تاريخن جو تعين وري به سندس ئي ڪتبن ذريعي ٿئي ٿو.
مير معصوم جڏھن ايران پھتو، ان وقت ايران جي سرحد تي بادشاھ جنگ ۾ مصروف ھو، جنھنڪري مير کي ڪيئي مھينا انتظار ڪرڻو پيو ۽ انھيءَ فرصت جو فائدو وٺي ھن ايران جا ڪيترا شھر ڏسي ورتا. انھن جي شاعرن ۽ اديبن سان ملاقاتون ۽ رھاڻيون ڪري ڪيترن سان دائمي دوستيون رکيائين. انھن جي سياسي، سماجي ۽ ادبي ماحول مٿان انھن ملاقاتن جو تمام چڱو اثر پيو، بلڪ ڪن ڳالھين ۾ ته ايران ۾ مستقل اثر ڇڏيائين.
شاھه عباس جڏھن جنگ تان موٽي ايروان(1) ۾ اچي منزل انداز ٿيو، ان وقت مير معصوم پنھنجي سموري سفارتي عملي ۽ شاھي سوکڙين ۽ سوغاتن سميت پيش ٿيو. ڪجھه وقت شاھي پڙاءَ ۾ مھمان ٿي رھيو ۽ جڏھن موٽ جي اجازت مليس ان وقت اصفھان ۾ اچي ڪجھه وقت لاءِ رھيو. اصفھان ۾ پنھنجي انھيءَ قيام جو درگاھه ھڪ ڪتبو ڇڏيو اٿائين، جنھن جي ڏسڻ ۽ انھيءَ ماڳ ۽ مڪان کي _ جنھن کي مير معصوم ڏٺو، جتي رھيو ۽ جن رستن تي ھليو چليو _ ڏسڻ جي سِڪ، سالن کان دل ۾ سانڍيو ٿي وتيس. اڄ اھو ڏينھن ھو، جڏھن منھنجي اھا آس ۽ اميد پوري ٿي رھي ھئي.
مسجد علي ۽ گنبد ھارون ولايت ٻه گڏيل تاريخي عمارتون اصفھان جي پراڻي حصي ۾ موجود آھن_ اھو پاڙو سلجوقي دؤر جو يادگار آھي.
گنبد ھارون ولايت ۾ امام زادو ھارون بن علي دفن آھي، جيڪو امام علي نقيءَ جو اولاد ھو. گنبد يا آسپاس واري عمارت نھايت خوبصورت آھي، جنھن کي 918ھه ۾ شاھه اسماعيل صفويءَ نئين سر تعمير ڪرايو. صفوي دؤر جي عمارتن ۾ عمارتي فن ۽ ڪاشيءَ جي گلڪاريءَ سبب اھا عمارت شاھڪار شمار (تصوير 26تا 32) ڪئي وڃي ٿي(1).
انھيءَ درگاھه سان گڏ سلجوقي دؤر جي ھڪ جامع مسجد _ مسجد عليءَ _ جي نالي سان موجود آھي. سلجوقي زماني ۾ شھر جي آباديءَ جو اھو اھم ترين ۽ آباد حصو ھو، تنھنڪري ظاھر آھي ته صفوي دؤر واري اصفھان ۾ جڏھن ته عمارتون اڃا نه ٺھيون ھيون، مير معصوم شھر جي انھيءَ ئي حصي ۾ غالباً رھيو ھوندو، گنبد ھارون ولايت جون زيارتون ڪيون ھوندائين ۽ نمازن جي ادائگي به انھيءَ مسجد ۾ ٿي ھوندي. انھيءَ عمارتي مجموعي ۾ ھڪ ڪاروان سراءِ آھي، ڀانئجي ائين ٿو ته انھيءَ دؤر جي رواج مطابق انھيءَ سراءِ ۾ مير صاحب جي قافلي قيام ڪيو ھوندو.
مير پنھنجي عادت کي پوري ڪرڻ لاءِ سوءِ ادب سببان گنبد ھارون ولايت ۾ ته ڪتبو ھڻي ڪونه سگهيو، تنھنڪري مسجد عليءَ ۾ محراب جي مشرقي ديوار تي (تصوير 33_ 34) پٿر ھڻي، ان تي ڪتبو اُڪري، پنھنجو يادگار قائم ڪيائين.
مسجد عليءَ جي تعمير لاءِ مختلف روايتون آھن. صحيح روايت مطابق ان کي سلطان محمود (511_ 525ھ) بن محمد بن ملڪ شاھه سلجوقيءَ اصفھان تي پنھنجي چوڏھن ورھين جي حڪومت دوران جوڙايو، ۽ جنھن صورت ۾ سلطان سنجر (511_ 552ھ) سان ويجھي مائٽي ھيس، تنھنڪري ان تي ”مسجد سنجريه“ نالو رکيائين. محمود سلطان سنجر جو ڀائٽيو ھو، ۽ ڄائو به اتي ھو. صفوي دؤر ۾ مــذھـــبـــي اثــــــر سبب ان تــــــي حــــــــضرت عــــــلي عــــــليه الســــــلام جــــــي احتــــــرام سبب ”مسجد علي“ (تصوير 35) نالو پئجي ويو، جيڪو اڄ تائين ھليو اچي ٿو(1).
جڏھن موٽر گهٽيءَ ۾ داخل ٿي (تصوير 22) ۽ منزل سامھون آئي، تڏھن جذبات ۾ منھنجي دل ڌڙڪي رھي ھئي. پنھنجي قسمت جي خوبيءَ تي ناز ھو، رب ڪريم جي عنايت ۽ احسانن جا شڪرانا بجا ٿي آندم ۽ دل منجھان جناب مھر داد پھلبد، وزير فرھنگ و ھنر، لاءِ دعائون ٿي نڪتيون، جنھن جي ڀاڳين مون ايران جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمي ڏٺي آھي.
مسجد جي در تي (تصوير 23) جڏھن موٽر بيٺي تڏھن ھيڪر ته مون لھي، مسجد جي ميدان ۾ داخل ٿي، پري کان ڪتبو ڏٺو_ گوھر مقصود سامھون ھو! جيئن ھڪ شڪاري شڪار ھٿ ڪرڻ بعد مطمئن ٿي ويندو آھي، تئين آءُ به پنھنجو مقصود ھٿ ڪري، پھرين مسجد جي صحن کي چوڌاري اک ڦيرائي ڏٺم. پوءِ ٻاھر نڪري، رند ۽ راھون گهميس. ان کان پوءِ گنبد ھارون ولايت جي زيارت ڪيم. اھو سڀ ھن ڪري ڪيم جيئن واسي ڏسان ته مير معصوم ضرور ھتي رھيو ھوندو، ھتي ويٺو ھوندو ۽ ھتي گهميو ھوندو، چڱيءَ طرح پنھنجي خيال مطابق ھڪ ھڪ شيءِ جو نقشو اکين ۽ ذھن ۾ ويھاري موٽي مسجد ۾ داخل ٿيس. جيئن جيئن ڪتبي جي ويجھو ٿيندو ويس، تئين تئين جسم ۽ روح ۾ تازگي ۽ توانائي ايندي ويئي.
آءُ ايران ۾ مير معصوم جي اھڙن ڪتبن کي ڳولي لھڻ لاءِ گهڻو ئي ڦريو آھيان، ڪٿي ڪتبا لڌا اٿم ۽ ڪن جاين تي اڃا پھچي ڪونه سگهيو آھيان _ حياتي رھي ۽ قسمت ھوندي ته اھي به ھڪ ڏينھن وڃي ھٿ ڪندس. چوڻي آھي ته:
ھمت مردان مدد ِ خدا!

ھي سنگمرمر جو ڪتبو مشرق واري ايوان سان لاڳيتيءَ ديوار تي لڳل آھي. ڊيگهه ۾ 16X1 ميٽر ۽ چوڙائيءَ 95سينٽي ميٽر اٿس. جيئن تصوير مان خبر پئجي سگهندي (تصوير 36)، مٿانس مثنوين جا مختلف اشعار آھن ۽ آخر ۾ سال ۽ سندس نالو. اھو ئي مير صاحب جي ٻين ڪتبن جو انداز ۽ نمونو آھي. ڪتبي جي عبارت آھي:
ني به تمناي تو از خود تھي نالـﮧ ز سودائي تو در فربھي
(از معدن الافڪار)
بحر ز گرداب شــــــده کــــــاسه گـــــــر تــــــا نمي از جود تو يابد مگر
مھر که عالم ھمـﮧ محتاج اوست خال جمالِ شب معراج اوست
(معراج)
نالـﮧء من شعلـﮧء دوزخ ضمير دانهﻋ اشکم شرر دير مير
(حسب حال)
چرخيست اگرچه تيز رفتار برجاست ھمان چو گاو عصار
(توحيد)
ميگردد و گردنش به بند است از مھر مھش چشم بند است
حمدش چو قلم شـروع کــــــرده صد سجده بيک رکوع کرده
(خمسه متحيره)
تا ز تو سايه بر کنار شده آفتاب از تو سايه دار شده
(حسن و ناز)
حديث لعل آن برچشمـﮧء نوش شده پيرايـﮧء لب چون در گوش
بـــــزيـــــر ســايـﮧ ســـــــرو ار ستــــادي بــــــانســــوي، و گر سايـــــــﮧ فتادي
(از اکبرنامـﮧ)
بگل چينيﻋ آن گلستان شدم سراپا صباوار دامان شدم
(در جنگ)
سرو دست ببريده افتاده پست چو گرزي که يابد ز دستـﮧ شکست
در حيني که از ھند به رسالت نزد شاه عالم پناه فلک بارگاه شاه عباس آمده بود، از ايروان در سن 1013ھه مرخص شده بود، باينجا رسيد. اين چند بيت از خمسـﮧ که در راه باتمام رسيده بود، ثمت نمود _ قايلـﮧ و راقمـﮧ محمد معصوم الحسيني النامي.
ڪتبي واريءَ ڪنڊ تي ”منارو سنجريه“ آھي (تصوير 22_ 24_25_26)، جيڪو پڻ سلجوقي دؤر جي منارن ۾ مخصوص حيثيت رکي ٿو(1). ھارون ولايت جي وارد ٿيڻ واري دروازي لڳ ڦٽل مدرسو آھي، جيڪو دراصل سلطان محمد سلجوقيءَ ٺھرايو ھو ۽ ھاڻي مدرسه حاج حسن جي نالي سڏيو وڃي ٿو، انھيءَ مدرسي سان لڳ مٿيون منارو آھي. مسجد جو ڇتائون حصو ڪافي ڪشادو آھي(2).
ھارون ولايت اصفھان جي پشت واريءَ گهٽيءَ ۾ پراڻي ڪاروان سراءِ آھي، جيڪا ھن وقت زبون آھي. قرين قياس اھو ئي آھي، جنھن صورت ۾ انھيءَ دؤر ۾ شھر جو اھو حصو زياده آباد ھو، تنھنڪري مير معصوم پنھنجي قافلي سميت انھيءَ ڪاروان سراءِ ۾ رھيو ھوندو.
بھرحال ڪتبو ڏٺم، مختلف زاوين کان تصويرون ورتيم، ۽ جڏھن آخر ۾ چوڌاري ھڪ سرسري نگاھه وجھي، در کان ٻاھر نڪتس، ان وقت نه فقط دل تان سالن جو بار لٿل ھو، بلڪ منھنجي خوشيءَ ۽ اطمينان جو عالم ڏسڻ وٽان ھو. تاريخ جي متلاشيءَ لاءِ اھو موقعو عيد کان به وڏ سيعد ٿيندو آهي. منهنجي لاءِ اچو ڪي گهڙي سچ پڇو ته عيد کان به وڌيڪ ھئي.
جڏھن جھاز تي سوار ٿيس ٿي، ان وقت استاد ھنرفر کي ڀاڪر پائي، ڳلن مٿان شڪراني جون مٺيون ڏيئي، سندس سوين ٿورا مڃي، کانئس جدا ٿيس.

_ ڪراچي 15_ اپريل 1974ع

1 [”مھراڻ“_ 4، 1975ع]

________________________________________
(1) ڏسو مقالات الشعرء جا صفحا 162_188_193_241_331_363_390_760_
764_766_784_826_850
(1) پهريون ڇاپو 1324هه، ٻيو ڇاپو 1350هه.
(1) تاريخ معصومي، 218.
(1) سنڌي ترجمو 258.
(1) گنجينـﮧ آثار تاريخي اصفهان، ص 16_17 تا 27.
اصفهان تي هي ڪتاب پڙهڻ گهرجن: (1) تصف جهاد في تعريف الاصفهان_ محمد مهدي اصنهاني. (2) محاسن اصفهان_ مافروخي. (3) تاريخ اصفهان_ ابو نعيم اصفهاني. (4) الاصفهان_ مير سيد علي. (5) جغرافياي اصفهان_ مرزا حسين خان. (6) سلجوقي ۽ صفوي بادشاهن جون تاريخون.
(1) گجينـﮧ آثار، ص 392 تا 454.
(1) باغ هزار جريب جي ايراضيءَ تي هاڻي يونيورسٽي ٺهي آهي.
(1) ڏسو تاريخ دولت آل سلجوقي، عماد کاتب، و گنجينـﮧ آثار، ص 207.
(2) گنجينـﮧ آثار، ص 209.
(1) فيروز ۽ صدرالدين سمن جي تخت نشينيءَ واري ڪشمڪش
(2) معصومي، ص 226.
(1) ايرواي: ارمنستان (U.S.S.R) جي گاديءَ جو هنڌ آهي. شاهه عباس ۽ عثماني ترڪن جي وچ ۾ جنگيون ٿيون. آخر 1013هه ۾ شاهه عباس فتح ڪيو. اهو زمانو هو جڏهن مير معصوم ايران ۾ هو. ڏسو ”خلافت شرقي“، لي اسٽرينج_ ترجمو فارسي ص 196_ دهخدا الف، ص 566، کلمه ايروان.
(1) گنجينـﮧ آثار، ص 360. انهيءَ مقبري تي هڪ شعر اُڪريل آهي:
باقبال خان دورمش کامگار، بماند از حسين اين بنا ياد گار
انهيءَ درمش خان ۽ ميرزا حسين جو احوال، ڏسو روضـﺔ السلاطين جو ديباچو از راقم، ص 19_20
(1) گنجينـﮧ آٿار،ص 369.
(1) گنجينـﮧ آثار، ص 377، ص 379، ص 332 تا ص 737_197
(2) مناري جو ڪتبو، ڏسو ص 199.

سوانح

---

ميان محمد عارف ”صنعت“: شڪارپور جو ھڪ فارسي شاعر

تا ز ديوانم که سرمست سخن خواھد شدن
اين مئي از قحط خريداري کھن خواھد شدن
کوکبم را عدم اوج قبولي بوده است
شھرت شعرم بگيتي بعد من خواھد شدن

خدا آباد رکي شڪارپور جي شھر کي _ منجھس ڪنھن وقت ته امل ماڻڪ آباد ھوندا ھئا. توڙي جو اڄ اتي جا فقط ”شڪارپوري شودا“ مشھور آھن، مگر ڪو زمانو ھو جو منجھس ھر گهر خانهﻋ علم ۽ ھر مجلس بزم ادب ھوندي ھئي. اڄ ناظرين ڪرام کي اسان شڪارپور جي ھڪ گمنام، بلڪ نھايت نيڪ نام فارسي شاعر سان روشناس ڪرائڻ جو شرف حاصل ڪندي، مسرت محسوس ڪيون ٿا.
شڪارپور جي اعوان خاندان جو ھڪ فرد ميان محمد عارف نھايت با ڪمال ٿي گذريو آھي. سندس اولاد مان ميان عبدالخالق شڪارپور ۾ وڪيل ھو، جنھن جو فرزند ڪوآپريٽو بئنڪس جو موجوده ڊپٽي رجسٽرار مسٽر محمد اعظم اسان جو مڪرم دوست آھي.
ميان محمد عارف حقيقت ۾ عارف ھو، شعر ڏانھن به سندس لاڙو ننڍي ھوندي کان ئي ھو، جڏھن ميان صاحبڏني مرحوم وٽ تعليم حاصل ڪندو ھو. ميان صاحب ڏنو شڪارپور واريءَ قاضين جي مسجد جو امام ھوندو ھو. مرحوم محمد عارف جو جڏھن شعر وڻندو ھئس، تڏھن بي اختيار ٿي چوندو ھو:
به شعر ’صنعت‘ صاحب اگر تو دم بزني
به خلق ياد دھي معجزهﻋ مسيحا را
سندس ديوان وفات کان پوءِ ڪيترن ورھين بعد سندس پٽ ميان عبدالخالق مرتب ڪيو، جنھن کي پوڪرداس ڇپائي پڌرو ڪيو ھو.
عبدالخالق مرحوم ديوان جي ابتدا ۾ فارسي زبان ۾ لکي ٿو ته:
”مرحوم والد صاحب جن متفرق ڪاغذن تي اشعار لکندا ۽ سواءِ ڪنھن حفاظت جي اڇلائيندا ويندا ھئا. نام نمود کان بلڪل ڪناره ڪش ھئا ۽ اھو ئي سبب آھي جو سندس ديوان سندن حياتيءَ ۾ مرتب ٿي ڪونه سگهيو“_
مرحوم محمد عارف صاحب 2 تاريخ صفر سنه 1266ھه جو داعي اجل کي لبيڪ چيو، ۽ سندس وفات کان پوءِ سندس وڏي پٽ ميان محمد امين کي ديوان مرتب ڪرڻ جو خيال ٿيو . مگر انھيءَ عرصي اندر ڪتب خاني کي اوچتي باھه لڳڻ ڪري ڪجھه مسودا سڙي خاڪ ٿي ويا ھئا ۽ ڪجھ مينھن پوڻ ڪري بالڪل ضايع ٿيا ھئا. باقي جيڪي بچيل ھئا، انھن کي ڇنڊي ڇاڻي ميان صاحب مرتب ڪيو، ۽ ھڪ نامڪمل ڪتاب 27 ربيع الثاني 1278ھه جي مڪمل ڪيائين. يعني ميان عارف جي وفات کان 12 سال پوءِ، موجوده ديوان جو پھريون مسودو تيار ٿيو. باقي پوءِ به جيڪي اشعار ھٿ ايندا ٿي رھيا، سي ھو گڏ ڪندو ٿي ويو ته نظرثاني ڪرڻ وقت ديوان ۾ درج ڪري، مگر قدرت جي اٽل فيصلي ۽ قضا جي اڻ ٽر ھٿ کيس به ھت رھڻ نه ڏنو ۽ ديوان مرتب ٿيڻ واري سال يعني 1278ھه ۾ عدم ڏانھن عزم سفر ڪري، رخت سفر ٻڌي راھي ٿيو.
سندس ننڍو ڀاءُ ميان عبدالخالق ان وقت بقول پنھنجي ”ٻن سالن“ جو ھو. جڏھن ھو صاحب سن شعور کي پھتو، تڏھن ھن وري نئين سر ديوان کي ميان محمد امين جي گهري دوست مولانا شيخ عبدالمجيد وڪيل شڪارپوريءَ جي امداد سان جوڙي راس ڪيو. موجوده ديوان ان صاحب جو مرتب ڪري ڇپرايل آھي.
ميان عبدالخالق لکي ٿو ته: ”ميان محمد عارف کي ان وقت جو سعدي ڪري ليکيندا ھئا. سندس استاد ميان صاحبڏنو صاحب متخلص به ”صاحب“ ته مٿس عاشق هوندو هو. ميان صاحب تي ”ضعت“ تخلص به سيان ميان صاحبڏني ئي رکيو ھو، ورنه پھرين ته نالي جي مناسبت سان ”عارف“ تخلص ھئس.
سندس ڪلام ۾ ايرانيت جو عنصر زيادھه آھي، جيڪڏھن ڪو غير واقف پڙھندو ته محسوس نه ڪري سگهندو ته ڪنھن سنڌي شاعر جو چيل آھي. رواني، آمد، سلاست ۽ زور بيان جا به خوب جوھر ڏيکاريل آھن.
ديوان جي ابتدا ۾ ھڪ قصيدو حمد باري تعالى ۾ چيل آھي ۽ چند قصيدا سرور ڪائنات جي توصيف ۾ ۽ ھڪ جناب محبوب سبحاني حضرت پيران پير دستگير عليـﮧ رحمـة جي مدح ۾ ۽ ھڪ شڪارپور جي مدح ۽ـ اتان جي حاڪم سيد زين العابدين جي تعريف ۾ آھي. مرحوم شڪارپور جي تعريف ڪندي فرمائي ٿو:

شکارپور که رشک رياض رضوانست
گلش ھميشه بھار و شگفته خندان است
خيال جنت کويش ز سينه چون گذرد
ز خلوت دل ناديده صد بھار انست
ز بيخ خارش صد زعفران عشق شگفت
ز زير خاکش شاخ جمال رويانست
شڪارپور جي مھوشن جي تعريف ڪندي چوي ٿو ته _
ھزار سرو سھي قامتان گل رخسار
به ناز و عشوه به ھر کوچه اش خرامانســـت
شڪارپور جي انھيءَ وقت واريءَ صنعتي ترقيءَ ۽ علمي اوج جو ذڪر ڪندي رقمطراز آھي ته:
ز ھوش عقل و ھنر با فرنگ ھم پھلو ست
ز جوش علم و ادب انتخاب ايران ست
مرحوم شڪارپور جي تعريف مان ئي نٿو ڍاپي. تعريف ايتري بھترين انداز ۽ اڇوتي ادا سان ڪري ٿو، جو بي اختيار داد ڏيڻو ٿو پوي:
به غمزه ديده ليلى که دل ز مجنون برد
سياه نرگس شھلا اين گلستان است
به لعل خنده شيرين که جان خسرو داد
نمک برشتهﻋ آن پسته زين نمکدانست
بھار گلشن کشمير و لال زام ارم
سواد سايهﻋ گلھاي اين گلستان است
انھيءَ قصيدي کان پوءِ ”چانڊڪا“ پرڳڻي (موجوده لاڙڪاڻي) جي حاڪم نواب احمد خان جي توصيف ۾ ھڪ قصيدو چيل آھي. ان کان پوءِ غزليات جي ديوان جي ”بسم الله“ ٿئي ٿي. فرمائي ٿو:
به بسم الله کردم ابتدا عنوان ديوان را
نهادم برسرش افسر رحيم و نام رحمان را
”افسر رحيم و نام ......“ جي جملي جيڪا ندرت ۽ ڦڙڪ پيدا ڪئي آھي، سا مشڪل ڪنھن به شاعر جي ابتدائيه غزل جي مطلع ۾ ھوندي _ سبحان الله!
مٿي ميان صاحبڏني ”صاحب“ جي ھڪ مصرع لکي آيا آھيون، جيڪا ھو صاحب ”صنعت“ جا شعر ٻڌي چوندو ھو. ان جي جواب ۾ ميان صاحب فرمائي ٿو:

به شعر ”صاحب“ صنعت چه جاي دم ز دن ست
کجا است حاجت مشاط روي زيبارا
ھن کان ھيٺ چند چيده مصرع ”يک مشت نمونه خروار“ جي مصداق درج ڪندي، مضمون کي بند ٿا ڪيون:
صنعت نماند خشک زمين زير آسمان
از موج آب ديده جيحون بار ما
صنعت به عمر ”چارده سالان دو ھفته ماه“
از خود ربود مردم پنجاه ساله را
ھست شفق بر فلک يک شرر آه ما
آتش اندوه داد خانهﻋ افلاک را
ز بھر جرعه صھبا گروه زاھدان صنعت
گرو کردند در ميخانه صد دلق مرقعه ھا
چو صنعت رقم ساخت از سوز دل
ز زخم قلم آمدش بوي کباب
واي نالهﻋ صنعت بگوش جان بشنو
که شاخسار غمت را ھزار دستانست
مرحوم شاعر بيمار ھو، گردن تي نڪتل ڦرڙيءَ ڏاڍو تنگ ڪيو ھوس؛ حڪيم سڀ جواب ڏيئي چڪا ھئا: ان مايوسيءَ ۽ بيقراريءَ جي حالت ۾ بستر مرگ تي ھيٺيون غزل فرمايو اٿائين:
در مقاميکه سر سوده شده صاحب تاج
تاجداري است درانجا بکلاھي محتاج
بدکاني که خريدار سرير سوداست
بکدوئي نستانند سر صاحب تاج
سر سودا زده اين درد سلامت بادا
که نيفگند سر پيش مسيحا به علاج
باد شه کشور عشق است غم تو که گرفت
داغ از بلبل و سوزان دل پروانه بباج
آننچان شمع بر افروخته داغ تو بدل
که شده روشن زان صد مـﮧ و مھر سراج
آخر اين شام ز وصل تو شود صبح بھار
اي که شد روز من از ظلمت ھجرت شب داج
مرغ اميد چو عنقاست اگر ليک سعي
ھست در مخلب شھباز طلب چون دراج
سخت باري است بدوش و تن صنعت آن سر
که سرفراز در اين دار نشد چون حلاج
مرحبا! مرحبا!! اي مرحوم شاعر، تون اسان وٽ ڪونه آھين، مگر تنھنجا گفتا اسان وٽ آھن، اسان جي دلين سان پيوست آھن، جيڪي اسان کي ھر وقت جھومايو ڇڏين ٿا.
حشر تک تو قبر مين شادان رهــﻶ، رحمتون سـﻶ ان کي پردامان رھي.


[”ستاره سنڌ“، 26_ 8_ 1934]


(1) غلام محمد مرحوم جو پوٽو، رسول بخش زنده آهي، ڪجهه وقت سول ڪورٽ ۾ منشي به هو. غلام محمـﮧ سنه 1261هه ۾ وفات ڪئي.

عشق جو اوتار، حضرت ”بيدل“ ڀوتار (1814ع_ 1876ع)

ڪوڙين ڪايائون تنھنجون، لکن لک ھزار؛
جيءُ سڀڪنھن جيءَ سين، درسن ڌارون ڌار؛
پريم! تنھنجا پار، ڪھڙا چئي؟ ڪھڙا چوان؟
(شاھه)

بيدل سائين، عرف ”سائين وڏو“، 19 صديءَ ۾، ”الستي عشق“ جو اوتارو ٿي گذريو آھي. سچل سائينءَ جو ھمعصر ھو، اُن جا جام پياريل ھئس، سو ساڳيو سندس سر ھو. جھڙو پاڻ ٿيو، اھڙو ئي وري سندس فرزند بيڪس سائين عرف ”سائين ننڍو“ ساماڻو. پيءُ جي پرت واري پيوند کي وري پٽ اچي پختو ڪيو. مطلب ته ٻيئي صاحب عشق جا اوتار، عاشقن جا ڀوتار، ۽ صوفين جا سردار ھئا. اڄ تائين سندن موچارو نالو پيو ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳائجي ۽ وڄائجي.
”ھرگز نه ميرد آنکه، دلش زنده شد به عشق“
(يعني ڪڏھن نٿو مري اھو، جنھن جي دل عشق سان زنده ٿيل آھي).
”سائين وڏي“ جو نالو عبدالقادر ھو. کيس قادر بخش به سڏيندا ھئا. ويٺل روھڙيءَ جي شھر جو ھو، سندس والد بزر گوار، پاٽولپ جو ڪم ڪندو ھو، جنھنڪري ”خواجه“ به سڏبو ھو.
سائين وڏو ڄمندي ئي ڄام ھو. عشق جي ”ع“ سان ٻنڌڻن ۾ ٻول ٻڌي ھئائين، سو ٿورو وڏو ٿيو، تعليم حاصل ڪرڻ لڳو، ان کان پوءِ يڪدم تصوف ڏي تاڻڻ لڳو. صوفين سان صحبتون ٿيس، عاشقن سان مجلسون متيس. ان وقت جي صوفيءَ سرمست حضرت عبدالوھاب عرف سچل سائين کان ”الاھي الفت“ جا انگ سکڻ لڳو. مرد اتان خوب مڻيا ھٿ ڪئي. عشق اھا آڳ لائي ڇڏيس، جو پيرين پيادو، ”سيواڻي سرمست“ ڏي ويندو رھيو. وري اتان جو پور پيس، ته سڌو ڀٽ جي ڀوتار وٽ وڃي پھتو. مطلب ته عشق اُھي اُلا اچي اٿاريس، جو چوڻ لڳو ته:
”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھه، ناھي ويل ويھڻ جي“
”حقيقت جي پانڌيڙي“ کي، منزل جي پيچري پڇائڻ لاءِ، ”مجاز“ جو ھٿ وسيڪو ٿيڻو پيو. غلام محمد درزي، شڪارپور جو رھاڪو ھو، سو ان سان کڻي پرت جو پيوند پيوست ڪيائين. پوءِ ته محبت جي مستيءَ مستانو ڪري ڇڏيس. گهر ٻار، گهوٽ تان گهوري، وڃي ”مجازي استاد“ جي آستان تي ويٺو. جي غلام محمد اڳي ئي مري نه وڃي ھا، ته بيدل سائينءَ جي مزار به جيڪر اڄ شڪارپور ۾ ھجي ھا. مگر قدرت کي اھو منظور نه ھو، جنھنڪري غلام محمد(1) جي فوت ٿيڻ بعد، سنه 1265ھه(1) ۾ بيدل سائين، وري اچي پنھنجو ڦٽل گهر آباد ڪيو. غلام محمد جي وصال تي ھيٺيون قطعو لکيو اٿائين:
چو شد غلام محمد رحيل زين عالم
بماند بردل محزون داغ درد بلا
سوال کردم تاريخ فوتش از ھاتف
ندا رسيد ”بناگه چراغ بزم بھا“.
(سنه 1261ھه)
ظاھري گهر ته آباد ٿيس، مگر باطني ديرو ته اڃا تائين ويران ھئس. دل ڏيئي، ”بيدل“ ٿيو ھو، سو نھايت پريشان گذارڻ لڳو. نيٺ روھڙيءَ جي قاضي پيرمحمد(2) صاحب تي کڻي پرت جا پلاند وڌائين.
ھر رنگ مين يا رب تيرا جلوه نظر آتا ھي
قاضي صاحب جي ھن ”عاشق بيدل“ مٿان ايتري ھلندي ھئي، جو ڪنھن سواليءَ جي ڪم ۾ دير مدار ڪندو هو، ته قاضي صاحب حڪم هلائي کانڻس منٽن اندر ڪم پورو ڪرائيندو ھو.
رشتهﻋ زنجير اُلفت گردنم انداخت دوست
ميبرد ھـــــــرجــــــا کــــــه، خــــــاطر خــــــواه اوست
(يعني محبت جي زنجير جو ڪڙو، دوست منھنجي گردن جي چو گرد ڦٽو ڪيو آھي. ھاڻي جيڏانھن ٿو وڻيس، اوڏانھن پيو ڪاھي).
”بيدل ڀوتار“ پير کان ٿورو رونڊو ھوندو ھو، سو جڏھن قاضي ڪاوڙيو ھئس ۽ معشوقانه انداز ۾ ابتا سبتا لفظ چوندو ھئس، تڏھن ”محبت جو مستانو“ کلي کڻي ماٺ ڪندو ھو. ڇا ڪري:
”ھرچه از دست دوست آيد، خوش آيد“
(جيڪي دوست جي ھٿن کان ٿو اچي سو راحت آھي).
ميان پيرمحمد جو گهر، ننڍن قاضين جي گهٽيءَ ۾ ھو. ان جي سامھون، رستي جي اتر پاسي، وري عاشق جو اوتارو ھو، جتي ھي ”مست الستي“ ھر وقت ديرو دمايو ويٺو ھوندو ھو. سندس اصلي گهر ته ڍڪ بازار جي ڀرسان ھو، جتي اڄ به ساڳيءَ حالت ۾ موجود آھي.
بيدل سائينءَ جو گهڻو وقت بيخوديءَ ۾ بسر ٿيندو ھو، ۽ مولا جي محبت جو ڪيف مٿس ھر وقت رھندو ھو. ننڍي ھوندي کان ئي پنھنجي وجود کي ”مولا جي محبت“ ۾ وڃائي ويٺو ھو. انھيءَ رمز جو سبق سيکاريندي فرمائي ٿو:
”نھين حاجت پڙھڻ پڙھاوڻ دي، سک رمز وجود وڃاوڻ دي“
سچوءَ سرويچ جو سبق پڙھايل ھوس، سو جڏھن اچي بيخودي وٺندي ھيس، ته راڳ ٻڌي، وجد ڪندو ھو. ڪنھن وقت ته اھـــــــــڙو اچــــــي جـــــــار جــــــــاڳنـــدو ھئـــــس، جـــــو پھـــرن جــــــــا پھر پيو ”سرود“ سڻندو ھو. محرم ۾ وري ”تعزين“ ڏسڻ جو شوق اچي ٿيندو ھوس. تعزيا کڻي نڪتا، ۽ فقير صاحب چادر ڪلھي تي رکي، پيراھن جي ٻانھن سان ڳوڙھا اگهندو، گهر کان نڪتو. صبح جو نڪتو، شام جو به موٽي گهر ڪين ايندو ھو. سارو ڏينھن ”تعزين“ جي تماشي ۾ غرق ھوندو ھو. سائين وڏو جھڙو ھو، ”عشق جو اوتار“ اھڙو ئي وري ظاھري علم جو ھو ڀوتار. عربي، فارسي، اردو ۽ سرائڪي زبانون ته ڄڻ مادري ٻوليون ھيس. جڏھن انھن زبانن ۾ ڪلام چوڻ ويھندو ھو، ته بس درياھه پلٽائي ۽ واھڙ وھائي ڇڏيندو ھو. تصوف مان به واھه جو واقف ھو، ڪيتريون عمديون تصنيفون ڪيائين. مذھب جو به ماڻڪ ھو، طريقو قادري ۽ پيروي ڪندڙ ھو ”امام حنفيءَ“ جي. چوي ٿو:
”فقير عبدالقادر که صوفي و حنفي است“ ........ الخ
طريقت جو پير (”مرشد ) ھوس، ”درازن جو داتا، حضرت سچل سرمست، جنھن لاءِ چوي ٿو:
“عشق جو يارو! درازن ۾، عجب اسرار ھو؛
مست سالڪ مھه ”سچو“، عارف اتي اظھار ھو؛
برھه جي برسات جو، تنھن وير تي وسڪار ھو؛
ظاھر و باطن تنھين وٽ، درد جو ڌڌڪار ھو؛
وجد وحدت جو سدا، خاصو تنھين خمار ھو؛
مرد سو ”منصور“ وانگر، عشق جو اوتار ھو؛
منجھه سخن تنھن جي، اُلوھيت سندو آثار ھو؛
جنگ جذبي، جوش مستيءَ ۾، مثل ”عطار“ ھو؛
پنھنجي رائي پرين، نوي ورھيه نروار ھو؛
وصل جي پوءِ موج ماڻي، ذوق کئون ذخار ھو؛
قربدارن جي ڪٽڪ ۾، مرد منصبدار ھو؛
در تنھين داتا جي، ”بيدل“ پرت جو پينار ھو“.

مرشد مريس ٿو، ته ھن طرح ٿو سندس قطعو تاريخ ٺاھي:
”سالک مستانه ”سچو“ چونکه پيوست بحق
عاشق سرمسته ھو بوشته شد تاريخ آن“
سنه 1242ھه
عقائدن جو بيدل ڀوتار نھايت پختو ۽ پورو ھو. انھن جو اظھار سندس ھيٺين قولن مان ظاھر آھي:
(1)الله پاڪ جي ذات شڪ شبھه کان بالاتر آھي.
(2)رسول الله، سڀني نبين جو سردار ۽ برحق آھي.
(3)پنجتن پاڪ ڪنھن به تشريح جا محتاج نه آھن.
(4)چارئي خليفا برحق آھن.
(5)ٻارنھن امام بيشڪ برحق آھن.
(6)اولياءَ مقرب ٻانھا آھن.
(7)چئن طريقن جا امام، دين جا ٿنڀا آھن.
(8)معاويه کي توڙي جو چڱو نٿو سمجھان، تڏھن به بڇڙي چوڻ جي لائق نه آھي.
(9)يزيد، جيئن خلق سمجھيس ٿي، لعنتي آھي.
(10)خليفن ۽ اھلبيتن جو منڪر مردود آھي.
اڄوڪا صوفي، ڪامل تڏھن ڪوٺبا آھن، جڏھن دين کي وسارين، ڀنگن ۽ چرسن ۾ دنيا وڃائين، ۽ بوالھوسن ۾ شان مان خراب ڪن. مگر ”بيدل سائين“ اھو صوفي باصفا ھو، جنھن نه دين وساريو، نه دنيا خراب ڪئي ۽ نه شان مان وڃايو. نماز روزي جو پابند، نشن کان ڪوھين دور، ۽ اخلاقي ڳالھين ۾ ھماليه جبل جھڙو سخت ۽ پختو ھو. سندس اخلاق جي پروڙ، سندس ھيٺئين ڪلام مان پئجي سگهي ٿي _ پنھنجي مولا کي ٿو منٿون ڪري، ۽ پنھنجي الله کي ٿو آزيون ڪري ته:
الاھي! مطلع انوار وحدت ساز جانم را
ز ظلمتھاي کثرت، رستگاري ده روانم را
خيالم را چنان مھميز غيرت زن که از ھرسو
نمايد جلوهﻋ وحدت وجود اين ديد گانم را
ھميخواھم که از يادت، نباشم يکه نفس غافل
بذکر و فکر خود پرداز پنھان و عيانم را
”يعني اي ڌڻي! منھنجي جان کي پنھنجي وحدت جي نور سان چمڪاءِ . منھنجي رڳن کي ڪثرت جي اونداھيءَ کان ڇوٽڪارو بخش. منھنجي خيال کي اھڙي غيرت جي مھميز ڏي جو منھنجي اکين جي کوپن ۾ ھر طرف کان وحدت جو جلوو پيو پڌرو ٿئي. منھنجي آروز آھي ته تنھنجي يادگيريءَ کان هڪ دم به عافل نه رھان. منھنجي ظاھر خواھه باطن کي پنھنجي ذڪر ۽ فڪر سان مشغول رک.“
بيدل سائين جي ڪلام تي اول کان آخر تائين نظر ڪندؤ، ته توھان کي اھو ئي رنگ چڙھيل نظر ايندو، تصوف ۽ عشق الاھيءَ جو ھڪ درياھه بي پايان ڏسڻ ۾ ايندو. خدا جو شان آھي. عجيب مستانو ھو.
مست الست جو شوق دنياوي شونقن شغلن سان اصل ڪين ھو، رات ڏينھن الفت الاھيءَ جي لات پيو لوندو ھو ۽ انھيءَ اوٽار ۾ ھميشـﮧ ٽمٽار رھندو ھو. شادي به مائٽن جي ميڙين ۽ مدارين کان پوءِ فقط ھڪڙي ڪيائين، جنھن مان حضرت بيڪس عرف ”ننڍو سائين“ پيدا ٿيو.
”جھڙو باپ تھڙو بيٽو“. ”بيدل“ ته موجود ھو، وري جو ساڳئي گهر ۾ ”بيڪس“ به پيدا ٿيو، سو گهر ئي روشن ٿي پيو. ميان محمد حسن (بيڪس) به پيءُ وانگر ڄمندي ئي ڄام ٿيو. اڃا ننڍوئي ھو ته پڙھڻ لڳو. استاد(1) ڪير ھو؟ ڪو ”ملا“ ڪونه ھئس، مگر سندس باپ. يعني عاشق يزدانو، حضرت بيدل مستانو. عربي ٿوري سکيو، باقي فارسيءَ جو ڄاڻو ته جھڙس وري ٻيو ڄميو ئي ڪونه. طريقت جو مرشد به پيءُ کي ئي ڪيائين، چوي ٿو _
”’بيدل‘ مرشد منھنجو، ھادي غريب نواز ھو.“
مڙس ظاھري لباس سو لاکيڻون پائيندو ھو، باقي باطن ۾ سو فقير تن ھو. ظاھر ڏيک ويک ۾ مڻيا اصل نه لڪس. پيءُ واريءَ مستيءَ جي سرڪ چکيل ھئس، سو موج ايندي ھيس ته پاڻ به گهنگهرو پائي، يڪتارو کڻي، ڪن تي ھٿ رکي ”...... الو ..... ميان ......“ ڪندو ھو.
”ڪنيي“ نالي ھندو ڇوڪري سان مجازي محبت جو پيوند ھيس. ڇوڪرو بازار ۾ ويٺو برتن ۽ وٽان وڪڻندو ھو. سندس دڪان وٽان جڏھن ”بيڪس“ سائين اچي لنگهندو ھو ته مست ٿي ويندو ھو. رقص ڪري چوندو ھو _ ”ڪنيا ڪول آ ميري ..... الخ“
شــــــادي عــــــزيزن مــــــان ڪــــــيــــــائــــــيــــــن، مــــــگر افسوس جو ”بيڪس“ مان وري ”بيوس“ پيدا ڪونه ٿيو، يعني اولاد اصل نه ٿيس. پاڻ به پور جوانيءَ (1298ھ) ۾ روھڙيائن کي روھه ۾ ڇڏي عدم ڏي راھي ٿيو. پنھونءَ جي پچار ڪندي مرحوم چوي ٿو _
”آھون ۽ دانھون، ويچاريءَ وڏيون ڪيون
وٺيو گس گنگن جان، ڀڳائين ٻاھون
پنھونءَ آڳاھون، سڏ نه سُئا مُٺيءَ جا.“
وري ٿو چوي _
”ڪيچ نه ٻجھي ڪوڪ، ويچاريءَ جو وس ويو
ڦوڙائو فقير کي، پنھونءَ ڪاڻ پيو
لھي ڏينھن ويو، مُٺيءَ کي ماتم ۾.“
چوي ٿو_
”ھينءَ نه لائق ھوءِ، مارڻ مسڪينن کي
ڇوري ڇڏي ڇپرين، متان پڇتائين پوءِ
ھينءَ نه گهريو ھوءِ، جو ’بيڪس‘ کي بيران ڪيئي“
خير، وچ ۾ ”بيڪس سائين“ جي ٿوري، موچاري مقال اچي ويئي. ھاڻي وري ٻڌو ”بيدل سھڻي“ جو مٺو مذڪور. سندس ڪلام جي ڪماليت، ۽ شعر جي شيرينيءَ جو ڇا بيان ڪجي! اُنھيءَ جو مزو ۽ لطف ڪو پڇي انھن فقيرن کان، جيڪي سارو ڏينھن ڪن تي ھٿ رکيو پيا چون _
”سک رمز وجود وڃاوڻ دي، نھين حاجت پڙھڻ پڙھاوڻ دي.“
سندس ڪلام نه ڇڙو سنڌيءَ ۾ آھي، مگر فارسيءَ ۽ عربيءَ ۾ به آھي، ۽ اھڙو ئي پختو آھي جھڙو پنھنجي مادري زبان جو. فارسي ڪلام ۾ تصوف جا واھڙ وھايل ۽ درياھه پلٽايل آھن. انھيءَ زبان جي ڪلام جو به وڏو ديوان آھي، جيڪو ڳولا سان دستياب(1) ٿي سگهندو، جھڙو فارسي ۽ سنڌي ڪلام، زبان خواھه فن شعر جي لحاظ سان پختو ۽ پورو آھي، اھڙو ئي وري عربي به اٿس. ھن کان ھيٺ اسان سندس ٽنھي زبانن جي ڪلامن جا چند شعر نموني طور ڏيون ٿا_
فارسي ڪلام ملاحظه ڪيو _
يا رب از پيمانهﻋ ”ھو“ سرمست وجدان کن مرا
ميکش از خمخانهﻋ توحيد و عرفان کن مرا
ھمچو طفلان تابکي، بفريبدم نقش و نــــــگـــــار
در مشاھد جلوه اِي، بي کيف حيران کن مرا
[اي رب تعالى! پنھنجي ”ھو“ جي پيالي مان مون کي مست ۽ مدوھوش ڪري ڇڏ. مون کي ھيڪڙائيءَ ۽ ڄاڻ جي ڪلالخاني جي سرڪيءَ جو شائق بڻاءِ. مان ڪيستائين ٻارن جيان ظاھري رنگن روپن ۾ ٺڳيو رھندس. پنھنجي جلوي جي مشاھدي ۾ مون کي بنا نشي حيران ڪر.]
”زاھد از مسجد يکبار به ميخانه در آ
عھد و پيمان شکن و طالب پيمان در آ
تا شود بردلت اسرار شھودي مکشوف
در شبستانهﻋ توحيد چو پروانه در آ
نام و ننگ از شود ت مانع از مستيﻋ عشق
عقل را خانه بھم برزن، ديوانه در آ
چند در مدرسه خواني سبق بيدردي؟
سوز از شمع بياموز بکاشانه در آ
مفتيﻋ عشق بميخوار چنان فتوا داد
بادهﻋ وحد کش و بيخود و مستانه در آ“
[اي زاھد! ھڪ دفعو مسجد مان شراب خاني ۾ اندر اچ. انجام ۽ واعدا ڀڃي ڇڏ ۽ (شراب جي) پيالي جو طالب ٿي اندر اچ، تان جو تنھنجي دل تي لڪيل اسرار ظاھر ٿئي. توحيد جي چمڪندڙ ڪمري ۾ پرواني وانگر اندر اچ. جيڪڏھن ننگ ۽ ناموس عشق جي مستيءَ کان منع ڪري، ته عقل جي گهر کي ڀڃي ڇڏ ۽ ديوانن جيان اندر اچ. ڪيستائين تون مدرسي ۾ ويھي بيدرديءَ جو سبق سکندين؟ بتيءَ کان سوز سک ۽ گهر جي اندر اچ. عشق جي مفتيءَ شراب پيئندڙ کي ھيءَ فتوى ڏني (آھي)_ ”ھيڪڙائيءَ جو شراب پيءُ ۽ بيخود ۽ مستانو ٿي اندر اچ.]
عربي شعر جي شيريني پسو _
حرفت العمر جھلاً في الخطايا حسبتک معجباً خيرالــــورايا
فـــــلا تـــــنس البدايته و النھايته از استکبرت عجباً با لھوايا
ھاڻي وري سنڌيءَ جي سوکڙي ڏسو _

’بيڪس‘ ڪاڻ ڀنڀور ۾، آرياڻي تون اچيج
ھيءَ جا تنھنجي آسري، تنھن جي سار لھيج
نماڻيءَ جي نجھري، پيھي حال پڇيج
سوز عشق جو سپرين، بھرو ڪو بخشيج
پنھونءَ ھٿئون پانھنجي، وحدت واٽ وٺيج
محويت ڏي مون پرين، ”بيدل“ کي منھن ڏيج
* * * *
ڳولا ڪرين جنھن جي، سو تون آھين پاڻ
پاڻ ڪنا پاسي ڪيو، توکي تنھنجي ڄاڻ
پنھنجو پاڻ سڃاڻ، تون ناھين آدمي

ڳولا ڪرين جنھن جي، سو ئي تون سلطان
پيھي پس تون پاڻ ۾، پنھنجو سر سڃاڻ
ناحق ٿي نادان، ليا وجھين ٿو لوڪ ۾.

ڳولا ڪرين جنھن جي، ساڳيو تون سو ئي
جي پاڻ پروڙين پنھنجو، ته ناھين ٻيو ڪوئي
ھي، ھو، ھڪوئي، سڏ پڙاڏو سمجھه تون.

عشق جو اوتار، صوفين جو سردار، ۽ مجاز جو مھندار، سائين ”بيدل“ ڀوتار، اھي لاتيون لوين، بلبل جيان باتيون ڪري، ساريءَ سنڌ کي روئندو ڇڏي، پاڻ (16 ذوالقعد، سنه 1289ھه) جو، ھن جھان مان لاڏاڻو ڪري، وڃي بھشت جي بستان ۾ نغما نوازيون ڪرڻ لڳو. (انا لله و انا اليه راجعون)
”حق مغفرت کري، عجب آزاد مرد تھا!“
عاشق جي آخري آرامگاھه، روھڙيءَ جي ڏکڻ طرف، شھر جي ٻاھران، ۽ ريلوي لائين سان لڳولڳ، اڄ تائين ڏسڻ ۾ اچي ٿي. جتي ھزارين معتقد، عقيدت جي گلن جي ورکا ڪرڻ لاءِ، ھر وقت پيا ھيرا ۽ ڦيرا ڏيندا آھن. مقام ۾ ھڪ قبو جڙيل آھي، جنھن ۾ ڪاٺيءَ جي ڪٽھڙي اندر ٽي تربتون آھن. انھن مان وچين ”بيدل سائين“ جي ۽ ٻاھرين مان ھڪ ”بيڪس سائين“ جي ۽ ٻي فقير عبد الله ”آخوند“ جي آھي. ”بيدل سائين“ جي تربت تي ھيٺيون ڪتبو لڳل آھي _
رحلت نمود: تاريخ وفات مرحوم فقير ميان قادر بخش وا ! دريغا که سالک کامل راند ناگه ز دار دنيا رخش ھاتفم گفت سال رحلتش بود ”طالب وحيد قادربخش“
سنه 1289ھه
اھي سالڪ سچا، ۽ صوفي با صفا، توڙي جي اڄ دنيا مان بظاھر ھليا ويا آھن. ۽ اسان جي ڏسڻ کان پري آھن، مگر حقيقت ۾ ھو اڃا تائين موجود آھن، ۽ اسان پنھنجي دلين ۾ انھن کي ڏسي سگهون ٿا _
اي ھم نفسان ز محفل ما رفتيد! ولي نه از دل ِ ما

[”سنڌو“ _ سيپٽمبر، 1933ع]


________________________________________
(1) روهڙيءَ ۾ موٽي اچي ويهڻ جي تاريخ هيٺئين قطعي ۾ بيان ڪئي اٿائين:
”فقير ”عبدالقادر“ که صوفي و حنفي است،
فگندم چه سکونت بقصبهء لهري*“ (*روهڙيءَ جو قديم نالو)
1 2 6 5
به يکهزار دو صد شصت پنچ کرد رقم (1265هه)
سطور چند به ترتيب نغز نـــــــظم دري“

(2) پير محمد، قاضي ميان گل محمد جو فرزند هو. سندس وصال ”بيدل سائينءَ“ جي وفات کان 3 سال اڳ ٿيو. ان جا پوٽا، ميان غلام علي، غلام نبي ۽ غلام مصطفيٰ اڄ تائين جيئرا آهن. ميان پير محمد، فقير صاحب جو فارسي ديوان پنهنجي اکرن ۾ اُتاريو هو، جيڪو اڄ به سندس پوٽن وٽ موجود آهي. قاضي حميدالدين ناگوريءَ جو ”عشقيه“ بيدل پنهنجي اکرن ۾ اُتاريو هو، ۽ جو 100 کن صفحا هو. سو به مٿين قاضين وٽ آهي.
(1) آخوند عبدالله (بيدل جي سـﺆٽ) کان به سبق سکيا هئائين، جنهن جو مڪتب ”بيدل“ جي اوطاق ۾ هوندو هو. سندس مزار ”بيدل“ جي پهلوءَ ۾ اولاهين پاسي کان آهي. اُن جي لوح تي هيٺيون ڪتبو لڳل آهي_
هو الڪويم
”لا الله الا الله محمد الرسول الله“
تاريخ وفات مرحوم فقير ميان عبدالله
وه معلم و فقير حق آگاه گــــــل گــــــلـــــزار فيض عبدالله
يــــــــوم يــــــــکشــــنبه پنجم کرد رهلت ”بجنب باغ ارم“
سنه 1301هه
غلام حيدر ولد قاضي پير محمد (مجازي استاد حضرت ”پيـدل“) هيٺين قطعي مان آخوند جي وفات جو سن ڪڍيو آهي.
در مکـــنون فـــــيــــــــاض عبـــــدالله بــــود معلم فقير فيض آگــــاه
گشت عارج به عاشيان مکان هــــاتفم گفت سال شاه زمان
”بيست يکشنبه ماه بود پنجم سه بجه رفت گل ز باغ ارم“
(1) ديوان جو هڪ نسخو قاضي پير محمد جي هٿ اکرين لکيل، قاضيءَ جي پوين وٽ لڀندو ٻيو هڪ نسخو روهڙيءَ ۾ قاضي جان محمـﮧ ولد ميان عبدالڪريم وٽ آهي، جتان اسان کي شعر هٿ آيل آهن، جنهن جي آخر ۾ هي نوٽ لڳل آهي_
”...... فدوي علي بخش بن لعل بخش بن فقير ڇتن مغل، ساڪن روهڙي، بتاريخ خامس، شهر صفر المظفر، يوم الاحد، سنه يکهزار سه صد وبيست و يکم، هجريه مقدسه، بنواخت. چهار ڪلاڪ روز صورت تحرير يافت“

بيدل جون تصنيفون

روھڙيءَ جي باڪمال شاعر ۽ برگزيدي صوفيءَ حضرت ”بيدل“ تي ڳچ سال اڳ يعني سيپٽمبر 1933ع جي ”سنڌوءَ“ ۾ منھنجو ھڪ مختصر مگر مڪمل مضمون شايع ٿيو ھو، جنھن ۾ سندس حيات تي روشني وڌي ويئي ھئي، ۽ سندس شعر جو نمونو ڏنو ويو ھو. ھڪ طويل عرصي کان پوءِ اڄ وري موقعو مليو آھي ته آءُ سندس تصنيفن تي ھن مضمون جي ذريعي ھڪ نظر ڪيان.
سنڌ ۾ انگريز سرڪار جي تشريف فرما ٿيڻ کان پوءِ، مغربي تمدن ۽ تھذيب جو جيڪو سيلاب آيو، ان جي چڪر ۾ اچي، سنڌ جي ماڻھن پنھنجي مشرقي تھذيب ۽ علم سان سراسر بي بھريءَ جو برتاءُ ڪيو، جنھنڪري ھڪ صدي اڳ جون جيڪي به علمي بارگاھون ھيون يا اسان جي بزرگن جي علمي ڪاوشن جون سوغاتون ھيون، سي سراسر ناس ۽ نابود ٿي ويون. ٻن تھذيبن جي انھيءَ ٽڪر ۾ جيڪي گهراڻا مغربي تھذيب جي لھرن ۾ لڙھي ويا، انھن پاڻ سان گڏ پنھنجن ابن ڏاڏن وارو علمي سرمايو به غرق آب ڪري ڇڏيو. باقي جيڪي چند خاندان پراڻي وضع قطع تي قائم رھيا، انھن سو ڪنھن عرصي تائين انھيءَ قسم جي سوغاتن کي سيني سان سانڍي رکيو؛ مگر بعد ۾ انھن جا به جيڪي پڙھيل پونير پيدا ٿيا، تن گهڻو ڪري انھن تبرڪن کي تلف ڪري ڇڏيو؛ ان ھوندي به اڄ جيڪي ڪجھه ھٿ اچي ٿو، سو ڇڙو انھيءَ قسم جي گهراڻن مان.
روھڙيءَ جي عظيم المرتبت شاعر ۽ باڪمال صوفي، مولوي قادربخش ”بيدل“ جون علمي سوغاتون به گهڻو ڪري انھيءَ ڪشم ڪشا واري عرصي اندر برباد ٿي ويون آھن. مگر چونڪه ھي صاحب پوئين زماني جو ھو ۽ سندس معتقدن مان ڪيترن جا گهراڻا اڃا قديم حالتن تي قائم آھن، تنھنڪري اڄ به ٿوريءَ گهڻيءَ ڪوشش سان سندس متعلق ڪجھه نه ڪجھه سرمايو ملي پوي ٿو.
ھن ھيٺ اسان جن به ڪتابن جو ذڪر ڪري رھيا آھيون، سي اسان کي روھڙيءَ جي ٻن قديم گهراڻن ۾، جن جو تعلق مرحوم بزرگ سان ھو، ڏسڻ ۾ آيا آھن.
حضرت ”بيدل، جي تصنيف ۽ تاليف جو انداز معلوم ٿي ڪونه ٿو سگهي، البته ايترو معلوم ٿئي ٿو ته کيس انھيءَ شغل سان ڪافي شغف ھو، ۽ حياتيءَ جو وڏو عرصو ھن انھيءَ شوق ۾ صرف ڪيو آھي. ھن وقت به سندس 26 ڪتابن جو اسان ھن ھيٺ ذڪر ڪري رھيا آھيون. ممڪن آھي ته اڃا به ڪي ڪتاب ھجن، جن جو علم اسان کي نه ھجي.
مرحوم ”بيدل“ جي ھيٺين تصنيفن کي اسان ڇڙو چند ڪلاڪ سرسري طرح ڏٺو آھي، تنھنڪري تنقيد يا تبصرو ڪرڻ مشڪل آھي. البت تصنيفن کي ٽن حصن ۾ ورھائي، انھن جو مختصر حال پيش ڪريون ٿا، جيڪو ھڪ فھرست طور ڪتب اچي سگهي ٿو.

(1) عشقيه

(1) سنڌي ڪلام: ”بيدل سائين“ جون سنڌي ڪافيون ، بيت ۽ ڏوھيڙا مشھور آھن. انھن جو ھڪ مجموعو روھڙيءَ ۾ موجود آھي، ان جي آخر ۾ ھندي ڪلام به آھي.

(2)سرائڪي ڪلام: سرائڪي زبان ۾ به مرحوم جي ڪلام جو ھڪ مختصر مجموعو آھي، جنھن ۾ ڪافيون ۽ ڏوھيڙا آھن.
فارسي ڪلام: فارسيءَ ۾ سندس ٻه ديوان آھن. ھڪ ۾ ”بيدل“ تخلص ڪيو اٿس ۽ ٻئي ۾ ”طالب“.

(3)”ديوان بيدل“ جو ھڪ نسخو اسان وٽ به موجود آھي، جنھن م ٻه ھزار کن شعر آھن _ غزل، قصيدا، رباعيون، ترڪيب بند، مرثيا، مسدس، قطعا ۽ مخمس آھن. عربي زبان ۾ به منجھس چند غزل آھن. اھو نسخو 1321ھه ۾ ميان علي بخش بن لعل محمد بن فقير ڇتن مغل، ويٺل روھڙيءَ جي ھٿ اکري آھي. 132 صفحا اٿس. پھرئين غزل جو مطلع ھي آھي _
الاھـــــي مطـــــلع انــــوار وحدت ساز جانم را
ز ظلمتھاي کثرت رستگاري ده روانم را

(4)سلوڪ الطالبين: ۾ ”طالب“ تخلص ڪيو ويو آھي. 35 صفحن جو مختصر مجموعو آھي. 21 جمادي الثاني 1280ھه جو، قاضي پير محمد لکيو، 1259ھه ۾ تصنيف ٿيو، ۽ منجھس 90 غزل آھن. مُھڙ ۾ ٻه صفحا تعارف جا آھن. پھرئين غزل جو مطلع ھي آھي_
الاھـــــي مـــــوج ِ وحـدت بخش درياي خيالم را
به بحر ِ حال کم گردان حباب قيل و قالم را

(5) مصباح طريقت: ھزار کان مٿي اشعار _ غزلن، قطعن ۽ رباعين جي صورت ۾ _ آھن. پھرئين غزل جو مطلع آھي _
بـــــيـــــا مـــــطـــــرب نـــــوائـــــي زن بحــــالت آر مستان را
تو ھم ساقي! جدا از جام و مي مگذار مستان را

(6)مثنوي ھير رانجھا: 89 بيتن جي ھڪ مختصر مثوي ھير رانجھا جي قصي ۾ آھي. ڪتاب جي آخر ۾ نوٽ آھي ته ”ھي قصو وڏيءَ تاريخ مان اخذ ڪري، مختصراً شعر ۾ آندو ويو آھي.“ ڪتاب 3 رجب، 1239ھه جو نقل ٿيو، ۽ پير محمد جي ھٿ اکرين لکيل آھي. مطلع ھن طرح آھي
ز ھـــــرچه خـــــامه نـــــويـــــسد بـــــه نــــاصيهﻋ دوران
سواد ِ حرف غم ِ عشق خوش تر است بدان
مقطع ھي آھي:
بمير ”بيدل“ در عشق، گر بقا خواھي
کـــــه بعد مـــــرگ بيابي حيــات جاودان

(7)مخمسات: ھي 24صفحن جو ھڪ مختصر مجموعو آھي، جنھن ۾ فارسي مخمس ۽ غزل آھن.

(8)ھندي ڪلام: ھن ۾ ھندي ۽ اردو غزليات آھن. اندازً ٻه سؤ شعر ٿيندا. پھرئين غزل جو مطلع آھي _
دل ِ وحدت طلب فارغ ز قيد ِ جسم و جان ھوگا
که بيڻھک عاشقان دائم به ملک لا مکان ھوگا

(9) متفرق ڪلام: روھڙيءَ ۾ جيڪي مجموعا ڏسڻ ۾ آيا، انھن ۾ متفرق غزليات سنڌي، اردو، ھندي ۽ فارسي به ڏسڻ ۾ آيا، جيڪي شايد ڪنھن ديوان ۾ مرتب ٿيل ڪونه آھن.

(2) مذھب

(10) نھر البحر: مولانا روم جي انداز ۾ 48 صفحن جي مختصر مثنوي آھي. ميان پير محمد ان کي 10 ربيع الاول 1280ھه جو نقل ڪيو. مختلف حديثن جا مطالب ۽ معاني تصوف جي رنگ ڍنگ ۾ دلچسپ ۽ دلنشين نموني سان بيان ڪيا ويا آھن. ابتدائي شعر ھي آھن _
بشنواز نــﻶ مغمهﻋ سر ّ الســــت تاچه مي گويد ازان عھد ِ درســـت
ملحنات ِ حسرت ھستي گـــــذار مي سرايد با ھزاران ســـوز و ســـــاز
کز نيستانِ شھود ِ بي چـــــگـــون تا بريدنم به تشويـــــش ِ شـــــيـــــون
زار مي نالم به چندن اضطــــراب کاتش ِ غم کرد جانم را کبـــــاب
جان مــــن زان مجمع ِ روحـــــانـــــيه شد اسير اين مطرح جـــــسمـــــانيـــــه
ھر که دور افتد ز اصل ِ وطن خويش ياد مي آرد ز وصل ِ بطن خويش
آخر جا چند شعر ھن طرح آھن _
بارش ِ عشق و محبت را ببار بر زمين شوره دل ايـن خـــــاکســـــار
پيشتر از نزع جان جـــانرا نـــــما مـــــنـــــزلات ِ معنـــــويﻋ اصـــــفــيــــــــــا
ظاھرم با شرع دمسازي به بخش باطنم با عشق ھمرازي بـه بخش
جرﻋ از جام تعشق کن کـــــرم حـــــرمـــــت ِ ھـــــر اولـــــيـــــاي محتـــرم

(12) رموز القادري في شرح قصيده غوثيه: 20صفحن جو مختصر رسالو نظم ۾ آھي، قصيده غوثيه جو شرح آھي، جيئن نالي مان معلوم ٿئي ٿو. 27 جمادي الاول 1280ھه ۾ پير محمد نقل ڪيو. ابتدائي شعر ھي آھن _
عشق ساقي سالکان ست اي رفيق مــــي دھد پيمانهﻋ لبريز از رحيق
آن رحيق ِ خوشگوار و مشکــبوي کز وي آدم گشته سرخوش باده جوي
خاتمي جو شعر ھي آھي _
ھديه ام بخشا ز باغستان ِ عشق بيدلم فرما عطايم جانِ عشق

(13) رموز العارفين: 5_6 صفحن جو مختصر رسالو آهي. تصنيف تاريخ هيٺئين بيت مان نڪري ٿي:
تــــــــاريخ کتــــــاب آن دل آرام فرمود که باد خوش سر انجام
1268ھه
5 جمادي الثاني 1280ھه جو قاضي پيرمحمد لکيو. وحدت الوجود جي باب ۾ 24عارفن جي منتخب اشعارن جو فارسي نظم ۾ شرح آھي. ابتدائي شعر ھي آھن _
اي آنکه تــــــوئـــــي وجــود مطلق ذات تـــــو حـــــقيقته الحقـــــائـــــــق
با شکل ھر آنچه ھستي پيدا از ملک و ملاک توئي ھويدا
خاتمو ھيٺئين شعر تي آھي _
اين نسخه اصل اصل دين دست نامي به ”رموز عارفين“ ست
شاھه لطيف رحه لاءِ ھيٺينءَ طرح اظھار ڪيو اٿائين _
آن شاه ِ شھـــــان عشق وجـــــدان ســـــر تـــــاج گـــــروه اھـل عرفان
جسمش ز سرشت آب و گل دور سر تا قدمش ز عشق پر نور
معدود در اوليـــــائـــــي کـــــبــــــــــــار مکشوف بر او تـــــمام اســـــرار
درد ســـــت ز شــــــــــعـــــر آشـــــکارا وجد ســـــت کـــــلام او ســـــراپـــــا
گر گوش کند او را دل سست در رابطهﻋ عاشقي شود چست
پنھنجي اعتقادن متعلق به ”بيدل“ ھيٺينءَ طرح وضاحت ڪئي آھي _
بيــــــدل کــــــــه نمــــــود تــــرجمـــاني ايــــــــن رمــــــــوز بــــــس نھـــــــانـــــــي
سني سـت به اعتقاد مـــــذھــــــب صوفي ست به اتحــــــاد مشرب
تــــــن تابع شرع جان به وجــدان بيـــــرون ز خيـــال کفر و ايمــــــان

(14)وحدت نامه: سنڌي نظم ۾ 22 صفحن جو مختصر رسالو آھي، جنھن ۾ سنڌي نموني جا ڏوھيڙا چيل آھن، پھريون بيت ھي آھي _
سدا ڪن سبحان جي، جي منجھان پرت پچار
وَمَا ينطِقُ عَن ِ الھوى، عارف اِن اُچار
تنين جــــــي تــــــنــــــوار، جــــــڏا روح جــــــيــــــاريــــــا.

سدا ڪن سبحان جي، وسريل وائي
تنين کون جائي، راحت رسي روح کي.
آخر جو بيت ھن طرح آھي _
تماشــــــو ھــــــر طــــــور ۾، صــــــوفــــــي ســــــدائي
ٻــــــوڙي ٻيــــــائــــــي، ھمه کــــــي حــــــق چوي

(15)بطن احاديث: 6 حديثن جو شرح آھي. قاضي پيرمحمد جي ھٿ اکرين 5 رجب 1280ھه ۾ لکيو ويو.

(16)قره العين في مناقبت سبطين: واقعه ڪربلا متعلق ھڪ سؤ کن صفحن جو ڪتاب آھي. ابتدا ۾ 29 حديثون واقعي سان متعلق بيان ڪيل آھن ۽ ان کان پوءِ روضـة الشھداءِ مان ورتل بيان ڪربلا پنھنجي نموني ۾ ڏنل آھي. 28 رجب 1280 ھه جو پيرمحمد نقل ڪيو. ابتدا ھن طرح آھي _
الاھي حرمت ِ شاه ِ شــــــھيـــدان در اھــــــل حــــــب او مــــــا را در آور
تو لاليش چنان افگن به جانــم که باشد دل ھوا دارش به محشر
بگردان حشر ما زير ِ لــــــواليــش بمع اشياع آن سلـطــــــان ســــــرور
جمالش نور بخش ِ جان ما باد مشام از نکھت ِ وحدت معطـــر
(3)تصوف

(17) فوائد المعنوي: تصوف جا 187 اصطلاح گڏ ڪري، انھن جو بيان ڪيو ويو آھي. 10 صفحن جو مختصر رسالو آھي.

(18) رياض الفقر: 1258ھه ۾ تصنيف ٿيو. صوفي فقيرن جي مجاھدن ۽ محنتن جو بيان ڪيو ويو آھي. ھزار بيت ٿيندا _ جيئن ته ھن شعر مان معلوم ٿئي ٿو:
غرض اين پارهﻋ الفاظ خوشرنگ ھزار ابيات شد منظوم فرھنگ
تصنيف جي تاريخ ھن طرح بيان ڪئي ويئي آھي _
به ھفتم شھر رمضان وقت پشين بشد آراسته اين پيکر ِ چين
دوازده صد فزون از ھشت و پنجاه بــــــود ســـالش بنزد ِ مدد آگاه
ھيٺين دعائيه مصرعن تي ڪتاب ختم ٿيو آھي _
الاھي نـــامهﻋ قلب ســــــيــــــاھــــــم که لــــــبريز ســت از حرف ِ گناھم
به آب ِ رحمت ِ ديدار خود شوئي که تا گرددز نورت جان صفا جوئي
دلِ چشمم بکـــن محو ِ لقايــــــت فــــــنــــــايــــــم را بده رنگ ِ بقايت
ز عشق خود بجانم آتش افروز وز و خرمن وجود ِ مــــــاسوا سـوز
ابتدائي شعر ھي آھي_
الا اي ساقيﻋ پيمانهﻋ عشق رھم بکشا به سو ميخانهﻋ عشق
رسان بوئي محبت در دماغم لــــــبالــــــب شـــوق خود گردان اياغم
مولانا جامي رحمـة الله عليـﮧ جو شعر آھي:
متاب از عشق رو گرچه مجازي ست که آن بحر ِ حقيقت کارسازي ست
بيدل مرحوم چيو آھي _
متاب از عشق رخ اي آدمي زاد که زين سودا بياني سود ھفناد

(19)تقويت القلوب في تذڪره المحبوب: وحدت جي بيان ۾، شاعرن ۽ صوفين جا اقوال لکي، انھن تي پنھنجي حاشيه آرائي ڪئي اٿائين.

(20)پنج گنج: 80 کن صفحن جو مختصر رسالو آھي، منجھس 40 درجا آھن ۽ ھرھڪ درجي ۾ 5 شاھدن جو بيان ڏنل آھي _ يعني آيت، حديث، مثنوي روم، شاھه ڀٽائي ۽ شرعي ڪنھن ڪتاب جو قول. انيس المساڪين(*) جو صاحب لکي ٿو ته فقير صاحب جن کي ھن پوئين زماني ۾ ڏٺو ۽ ان وقت سندن گفتگو جو انداز انھيءَ ڪتاب جي رنگ ۽ ڍنگ ۾ ھو.

(21) فرائض صوفيه: ويھن تڪن جو مختصر رسالو آھي. سنڌي بيت اٿس. پھريون بيت ھي آھي _
ڪوٺائين ٿو ڪلمه گو، ڪلمون پڙھڻ سک
فڪر جي فرحيءَ تي، ”لا“ جو اکر لک
معنى واري مِک، حرفن مون ھٿ آڻ تون
آخري بيت ھي آھي _
اِلا الله اثبات ڪر، شارڪ ڇڏي شڪ
آگهي اَنَاالحَقُ، مسلماني ماڻ تون
اِلا اللهُ اثبات ڪر، شارڪ شڪ نه آڻ
مسلماني ماڻ، عاشق اَنَاالحَقُ چئي

(22) سند الموحدين: ھي به وحدت جي بيان ۾ آھي ۽ مختلف فقيرن ۽ بزرگن جا منجھس سَنَد طور شعر به ڏنل آھن_ چنانچه ھڪ پير محمد راشد عليه الرحمـة جو شعر آھي_
وحدت مون ڪثرت ٿــــــئي آھي ڪثرت وحدت ڪــــــل
اندر پرين ٻــــــاھــــر پــــــريــــــن ڀــــــول نــــــه ٻيءَ ڪنھن ڀــــل
ھــــــي ھــــــنــــــگامــــــون ھــــــل مڙيو ئي مــحــــــبــــــوب جــــــو
اھڙيءَ طرح شاھه ڀٽائيءَ، مير قلندرعلي رضويءَ، پير سائين محمد راشد، مولانا عبدالحق درازائيءَ، فقير قبول محمد درازائيءَ، ۽ سچل فقير وغيرھه جا بيت ڏنل آھن. 35 صفحا کن ڪتاب ٿيندو . 18 ذوالقعد 1293ھه جو نقل ڪيو ويو.

(4) متفرق

(23) سرود نامه: سنڌي شعر ۾ آھي.

(24) تاريخھاي وفات: سنڌ جي سڀني بزرگن جي وفات تي فارسيءَ ۾ تاريخي قطعا چيا اٿائين. پير علي گوھر متخلص به اصغر جي وفات تي ھيٺيون قطعو چيو اٿائين_
جناب پير علي گوھر آن کريم و رشيد
چو رمز ارجعي از درگاه راز شنيد
گذاشته جسم درين دانگاه ناموتي
به سوي گلشن لاھوت مرغ جانش پريد
بسوي اھل خود آرد رجوع ھرچيزي
به بحر وحدت آخر قطرهﻋ سفيد رسيد
بتافت رخ ز ظھوارت آن سراپا نور
بتافت معنيﻋ سيمرغ وش نھان گرديد
دلم چو سال وصالش بجست ھاتف گفت
به آفتاب به پيوست ”نور حي وحيد“
1268ھه

(25) انشاﻋ قادري: فارسي زبان ۾ ڏھه رقعا آھن، ھن تي ڪابه تاريخ لکيل نه آھي.

(26) خطبات: جمعي جا 3_ 4 خطبا آھن.

(27) عقائد: حضرت ”بيدل“ عربي نثر ۽ فارسي نثر ۾ پنھنجا عقيدا بيان ڪيا آھن ۽ آخر ۾ فارسي نظم ۾ به ساڳيو مطلب بيان ڪيو اٿائين.

(28) وحدت نامه: ھــــــــــــي قــــــــــــاضــــــي پــــــيــــــر مــــــحمــــــد حضرت ”بيدل“ جي تصنيفن جو انتخاب ڪيو آھي. ديباچي ۾ لکي ٿو ته _
”وحدت الوجود جي سلسلي ۾ جيڪي غزل مصباح الطريقـة ۾
فقير صاحب چيا آھن، تن سڀني کي پنھنجي مطالعي لاءِ گڏ
ڪيان ٿو.“
ان کان سواءِ ھيٺين ڪتابن جو به ان ۾ خلاصو ڏنل آھي . 130 صفحا فارسي غزل، قطعا، فرد، رباعيون، 1/22 صفحا رياض الفقرا مان ورتل، 7 صفحا رموز القادريءَ مان اخذ ڪيل، 1/210 صفحا رموز العارفين مان ڪڍيل، 10 صفحا نھرالبحر مان ورتل، بحر مثنوي (؟) مان 15 صفحا ورتل، ھندي غزل 14 صفحا، سنڌي ڪافيون 63 صفحا، سي حرفي روپ جوڳ ۽ سي حرفي روپ بلاول.
مٿيون نسخو محمد محسن ”بيڪس“ جي ھٿ اکرين 20 صفر سنه 1224ھه جو لکيل آھي.

[”توحيد“ ڪراچي، نومبر _ 1941ع]

________________________________________
(*) ”النيس المساڪين“ نالي ڪتاب قاضي غلام مهدي ولد قاضي پير محمـﮧ جو فقير صاحب جي سوانح تي لکيل آهي، جيڪو هن صاحب مسٽر لکا سنگهه وڪيل روهڙيءَ واري جي چوڻ تي لکيو. مصنف سنه 1908ع ۾ پير ڳوٽ پاڳاري ۾ هيڊ ماستر هو ۽ سندس والد ميان پير محمد فقير صاحب جو مجازي معشوق هو.

بيدل جي دل جو ڌڻي (غلام محمد جي موت تي ”بيدل “ جي مرثيه خواني)

بغم خوگر شو ”بيدل“ بسوز ٖ فرقتش ميساز
دريغا روزگار عشرت ندارد پائداريھا

ميان عبدالقادر روھڙيءَ جو باشندو، سنڌ جي بلند پايي شاعرن مان ھڪ ٿي گذريو آھي. ”بيدل“ سندس تخلص ھو. عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ڪافي ڪلام چيو اٿس. فارسيءَ ۽ سنڌيءَ جا ديوان اٿس، عربيءَ ۽ اردو جا اشعار متفرق سندس ديوانن ۾ آھن.
1814ع کان 1872ع تائين زندھه رھيو. تصوف جو قائل ۽ ان جي اصولن جو پابند ھو. زندگيءَ ۾ خدا ٿو ڄاڻي، باقي وصال بعد ته سندس تربت تي جھڙو مسلمان زيارتي اچن ٿا، اھڙو ئي ھندو زائر. سندن روضو روھڙيءَ ۾ ريلوي حد جي ڀرسان آھي، جنھن ۾ ساڻس گڏ، سندس فرزند، ”بيڪس“ شاعر، به ابدي خواب جا مزا ماڻي رھيو آھي.
شڪارپور جي ھڪ درزي نوجوان، ميان غلام محمد، سان سندس دوستيءَ ۽ محبت جو پختو پيوند ھو. پيار ۽ قرب جو اھو عالم ھو، جو مرحوم ”بيدل“، خدا مٿس پنھنجو رحمتون ريل ڇيل نازل ڪري، آخري روھڙي ڇڏي وڃي شڪارپور رھيو. ارادو ۽ اميد ھيس ته زندگيءَ جي زماني جو شڪارپور ۾ خاتمو ڪندو، مگر الله جو شان، ميان غلام محمد جي عمر وفا نه ڪئي، ۽ ڦوھه جوانيءَ ۾ سندس زندگيءَ جو چراغ گل ٿي ويو، جنھن ھن يار جا طاق ئي لائي ڇڏيا؛ سندس اميدون ۽ آسرا اجڙ ٿي ويا، ۽ دل جي دنيا سان گڏ، شڪارپور جو شھر به سندس لاءِ ويران ٿي ويو. چوي ٿو _
آن مخلص يگانـﮧ کـﮧ خوش بود صحبتش
رفت از جھان ماند بدل داغ حسرتش
مقبول حق غلام محمد که ....................
خون شد دلم ز سوز غم، درد فرقتش
يا رب دوام باد بحق ٖ حبيب تو
فيضان ابر رحمت بر خاک تربتش
جانش مدام غرق به بحر ٖ و صال دار
شادان نما ....................................
شب چار شنبه نو و دھم آخرين جماد
رستـﮧ ز قيد ھستي تاريخ رحلتش

مقطع مان معلوم ٿئي ٿو ته 19 جمادي الاخر 1861ع اربع رات جو، مرحوم غلام محمد جھان ڇڏيو. سندس موت تي ”بيدل“ ڏاڍيون رباعيون چيون آھن؛ ڀلا ڪيئن نه چوندو، دلي دوست ۽ محبوب ترين سنگتي ھئس. حقيقت ۾ غلام محمد جو موت ”بيدل“ جي دل جو موت ھو. ڪيئن نه آزاري ڪندو! وصال جي تاريخ تي ھيٺيان قطعا چيا اٿس _
چو شد غلام محمد رحيل زين عالم
بماند بر دل محزون داغ درد و بلا
سوال کردم بتاريخ فوتش از ھاتف
ندا رسيد، ”بنا گه چراغ بزم بھا“
1261ھه
چون غلام ٖ محمد از عـــــــــــالـــــــم به نھان خـــانه بي نشان نھفـــــت
غنچهﻋ تنگ صفات کــــرد قـــــــبا گل جـــانش بباغ ذات شگـــــفت
ســـــــال فـــــوتـــــش ازو بـــــپـــــرسيدم ”نـــــو گل روضـﮧﻋ جنانم“ گفت
1261ھه
رفت از جھان غلام محمد مرا گذاشت
مرھون بحسرت و بتاسف اسير ھم
پرسيد دل چو سال وفاتش ز فکر پاک
”سالک نظر“، بگفت، ”مصفا ضمير“ ھم
1261ھه 1261ھه
چون مونسم غلام محمد وداع کرد
زين عالم بماند بدل داغ درد ھم
پرسيدم از دل ٖ غمزده سال ِ رحلتش
دل درد مند گفت که ”غمگين مانده“ ام
1261ھه

آن مخلص ٖ غلام محمد چو ازان جھان
باجان شتافت بسوي ملک سرمدي
کردم سوال سال ِ وصالش ز عقل گفت
”جاويد حاضري بجناب محمدي“
1261ھه
بيدل عرض ٿو ڪري حضرت محمد مصطفى صه کي، ته پنھنجو وصال ڪراءِ، ڇڙو مون کي نه، مگر ”منھنجي رفيق، يعني غلام محمد کي به. گذارش ڪري ٿو _
اي بر ترين ز درک دو عالم کمال تو
ورد ٖ زبان ملک ملک قيل و قال تو
گرچه جملي تو ز تخيل منزه است
خالي مباد ھيچ دلي از خيال تو
خاک ٖ سيـﮧ طفيل تو اين آبروءِ يافت
عرش ٖ برين است فرش صفت پائمال تو
ھرچند ذات پاک بعالم ظھور کرد
مظھر کمال نيست و نباشد مثال تو
فرما اجازتي بکرم تا ”من و رفيق“
بوسيم خاک پاک جناب جلال تو
يابيم بار در صف ٖ خدام حضرتت
فارغ ز خود شويم بديدن جمال تو
”بيدل“ بمع غلام محمد که بنده تست
گو تا درآيد اندر بزم ٖ وصال تو
غلام محمد جي موت تي ميان صاحب مرثيو چيو آھي؛ مرثيي جي ھر مصرعي مان، مصرعي جي ھر فرد ۽ فرد جي ھر لفظ مان درد، غم، اندوھه ۽ بيتابي ٽپڪي رھي آھي؛ چوي ٿو _
بزير ٖ خاک جا کردي بھرجايت خدا خافظ
غلام ٖ احمدي بادت محمد مصطفى حافظ
ره ٖ نا ديد سر کردي به تنھائي مطاعت را
ز شر ٖ رھزنان بادا علي المرتضى حافظ
مذاق ٖ روح تو شيرين ز شربت جام عرفان باد
ز تلخيھاي غم بادات حسن المجتبى حافظ
بسوي عالم ٖ ارواح زين جا کردهﻋ رحلت
ز ھر کرب و بلا اي جان شھيد ٖ کربلا حافظ
بدرويشي بسر بردي حيات ِ مستعار ٖ خود
بھر سختيت بادا ھمت ٖ آل عبا حافظ
مرحوم ”بيدل“ پيرن کان قدري منڊو ھو، انھيءَ معذوريءَ ۽ مجبوريءَ ڏي اشارو ڪندي چوي ٿو _
ز پا افگند مارا محنت دوري و مھجوري
ترا اي جان! شھه بغداد تاج الاوليا حافظ
نيارد ”بيدل ِ“ مسکين بجز فاتح فرستادن
دعاي مخلصان بادت ز ھر رنج و عنا حافظ
يار کان پوءِ ڀلا شڪارپور جي شھر ۾ رھي ڇا ڪندو ھو، تاھم ٻه ٽي سال دوست جي تربت تي گهاريائين، ۽ نيٺ اچي پنھنجا اصلوڪا ماڳ روھڙيءَ ۾ وسايائين.
فقير عبدالقادر که صوفي و حنفي است
فگند باز سکونت نقصبهﻋ لُھري
بيک ھزار دو صد شصت و ٻنج کرد رقم
سطور چند به ترتيب نغز نظم دري
يعني 1265ھه ۾ شڪارپور موٽي ماڳين آيو، جتي 16 ذوالقعد 1289ھه جو زندگيءَ جا زنجير ڇني، وڃي غلام محمد سان مليو. ھڪ جاءِ تي چوي ٿو _
شھرهﻋ شھر شدم از سبب ٖ عشق بتان
ورنه بسر جان بلب آمدکه بروکس نه گريست
الله ۽ ان جي حبيب جون مٿس رحمتون ھجن_ آمين.
[”ستارهء سنڌ“ سکر، 1935ع]

منشي صاحب راءِ ”آزاد“: ٽالپري عھد جو بيمثل شاعر

سنڌ جي ھندن، انگريزي عھد کان پوءِ، سنڌي زبان جي ادب ۾ بھرو ورتو؛ ورنه ان کان پھريون، مغليه دؤر کان وٺي ٽالپري عھد تائين، سندن پيدا ڪيل سمورو علمي سرمايو فارسي زبان ۾ آھي. فارسي زبان جو ڇاڪاڻ ته دربار خواھه دفتر تي قبضو ھو، تنھنڪري ھندو صاحبن ان کي ابتدا ۾ ته ملڪي رواج ۽ روزگار جي ضرورت ماتحت سکيو، ليڪن اڳتي ھلي ان ۾ ايترو ڪمال پيدا ڪيائون، جو منجھن سوين صاحب طرز اديب، ۽ اھل قلم پيدا ٿيا، جن جي نالي کڻڻ کان سواءِ سنڌ جي فارسي ادب جي تاريخ مڪمل ٿيڻ ناممڪن آھي.
ترخاني دؤر، مغل عھد، ڪلھوڙن جي راڄ ۽ ميرن جي صاحبيءَ تائين، اسان کي ھونءَ ته ھر دؤر ۾ ھندو اديبن جا نالا نظر اچن ٿا، ليڪن پوين ٻن حڪمران گهراڻن جي زماني ۾ ڪثرت سان، سنڌ جي فارسي ادبيات ۾، سندن آثار ملن ٿا. ڪلھوڙن جي راڄ ۾ ڪئين ھندو شاعر ۽ مصنف ٿيا؛ انشا نويس به چڱا چڱا پيدا ٿيا؛ ليڪن سندن حقيقي علمي جوھر ٽالپري دؤر ۾ کليا. ٽالپري عھد ۾، فارسي شعر و سخن طرف دربار جو خاص لاڙو ھو؛ تاجوَرَ پاڻ به فارسيءَ جا شاعر ھئا، ۽ سندن دربار ۾ اديبن، سخنورن ۽ مصنفن جي سرپرستي به ڪشاده دليءَ سان ڪئي ويندي ھئي؛ تنھنڪري سنڌ جي مسلمانن سان گڏ ھندن به انھيءَ ڏس ۾ اڳري کان اڳرو حصو ورتو.
ٽالپري دؤر ۾، ھندو شاعرن جو سرخيل، منشي صاحب راءِ ”آزاد“ ھو، جنھن جو ذڪر اسان ھن صحبت ۾ ڪرڻ گهرون ٿا.
”سنڌ جي ھندن جي تاريخ“ جو مصنف، ڀيرومل مھرچند، لکي ٿو ته ’ملڪاڻي خاندان جا وڏا اصل جيسلمير کان سنڌ ۾ آيا ۽ ساھتيءَ ۾ اچي رھيا، جتان پوءِ ميرن جي زماني ۾ لڏي اچي حيدرآباد ۾ ويٺا؛ حيدرآباد جي ملڪاڻي گهٽي، اڄ تائين انھيءَ گهراڻي جي سڪونت جو يادگار آھي. اھو گهراڻو ٻن نکن ۾ ورھايل آھي _ ھڪ ”روڙا“ ۽ ٻيو ”دڙي.“ آخري نک وارن مان منشي صاحب راءِ ھو؛ انھيءَ خاندان جو ڏاڏو ملڪ مل ھو، جنھن جي نسبت ڪري اڳتي ھلي ”ملڪاڻي گهراڻو“ مشھور ٿيو.‘
خاندان جي بانيءَ، ملڪ مل کي ھڪ پٽ آڏومل ٿيو، جنھن کي چار پٽ ٿيا: گوپالداس، گدومل ، سڀاچند ۽ سيئومل. وڏي پٽ گوپالداس کي ٻه پٽ ٿيا: ھڪ موھنداس ۽ ٻيو مولچند. منشي صاحب راءِ ”آزاد“، ديوان موھنداس جو پٽ ھو.
ڀيرومل مھرچند، انھيءَ سلسلي ۾، ھڪ ٻي روايت به لکي آھي، جنھن مان معلوم ٿئي ٿو ته منشي صاحب راءِ، موھنداس جو نه بلڪ حقيقت ۾ ديوان نئين سنگ جو نيگر ھو، جيڪو صاحب رامچنداڻين جي وڏي ڏاڏي ديوان رامچند جو پٽ ھو. ديوان نئين سنگ، ملڪاڻين مان ديوان موھنداس جي نياڻي پرڻيو، جنھن صاحب راءِ ”آزاد“ پيدا ٿيو. ديوان موھنداس کي نرينو اولاد ڪونه ھو، تنھنڪري ھن پنھنجي ڏوھٽي کي ديوان نئين سنگ کان وٺي پاليو ۽ کيس منھن _ چيو پٽ ڪيو، ۽ انھيءَ ڪري ديوان صاحب راءِ، اصل رامچنداڻي ھوندي به، ملڪاڻي مشھور ٿيو، ۽ نئين سنگ جي بجاءِ موھنداس جو پٽ ٿي مشھور ٿيو.
صاحب راءِ ”آزاد“، مير ڪرم علي (وفات 1244ھه) ۾ مير مرادعلي (وفات سنه 1249ھه) جي زماني ۾، ٽالپري حڪومت جو مالي وزير ھو. سندس گهراڻو، ذي عزت عالمن ۾ شمار ٿيندو ھو، ۽ اقتدار جي ڪري به انھيءَ گهراڻي جو ملڪ تي وڏو اثر رسوخ ھو. منشي صاحب جو پٽ، منشي آوتراءِ ملڪاڻي، مير صوبدار خان (وفات 1262ھه) جو مالي وزير ٿيو. سر چارلس نيپئر جنھن وقت سنڌ فتح ڪئي، ان وقت ميرن جي خزاني جون ڪنجيون منشي آوتراءِ وٽ ھيون. ڀيرومل لکي ٿو ته ’سر چارلس پاڻ ملڪاڻي گهٽيءَ ۾ ويو، تاڪ منشيءَ کان وڃي خزاني جون چاٻيون وٺي ۽ لڪل ٽجوڙين جو نشان پتو حاصل ڪري؛ ليڪن سر چارلس کي ھن وفادار ملازم خزاني جو واءُ به لڳڻ نه ڏنو.“ ان وقت (1843ع) منشي آوتراءِ جي عمر 31 ورھيه ھئي.
ميرن جو منشي آوتراءِ تي ايڏو اعتماد ۽ ايترو آرُ ھوندو ھو، جو حويليءَ جي دروازي تائين جتي نر پکيءَ کي به پھچڻ جي مجال نه ھئي، کيس وڃڻ جي اجازت ھئي؛ ٽالپري محلسراءِ جا مالي معاملات به سندس ئي سپرد ھوندا ھئا.
مير، جڏھن قلعي مان نڪري، گدوبندر واري بنگلي ۾ وڃي نظربند ٿيا، ان وقت منشي آوتراءِ کي انگريزن حويليءَ تي موڪليو، جنھن پنھنجي مالڪن جي رسم و رواج ۽ قاعدي قانون مطابق پرده داريءَ جو انتظام ڪري، ڏولين جي ذريعي، ديرن کي قلعي مان ڪڍي، گدوءَ پھچايو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته منشيءَ، سڀ کان پھريون لڪ چوريءَ ۾، انھن ڏولين جي ذريعي خزانو ڪڍرائي، ميرن ڏانھن موڪليو، ۽ ان کان پوءِ ديرن کي سوار ڪرايائين.
منشي آوتراءِ کي سر چارلس پنھنجي نوڪريءَ ۾ رکڻ گهريو، ليڪن ھن انڪار ڪندي چيو ته ’مان پنھنجي مالڪن کي ڇڏي ڪين سگهندس.‘ منشي صاحب سنسڪرت جو وڏو عالم ھو. سندس اولاد، انگريزن جي زماني ۾ به، وڏي وقار ۽ عزت سان رھيو؛ منشي صاحب کي ٻه پٽ ٿيا: ديوان چيتن رام وڪيل ۽ گوبند بخش(1). منشي آوتراءِ، پنھنجون ياد داشتون، ديوان چانڊومل ٿڌاڻيءَ کي لکرايون، جيڪي ”سنڌ جا مير“ جي عنوان سان 1938ع ۾ شايع ٿي چڪيون آھن؛ ميرن جي تاريخ جا ان ۾ دلچسپ ۽ اکين ڏٺا واقعا ڏاڍي سھڻي نموني آيل آھن.
منشي صاحب راءِ ”آزاد“، مير ڪرم علي خان جي زماني ۾، نه فقط مالي وزير ھو، بلڪ مير صاحب جو صاحب خاص ۽ سندس ديوان انشا جو ناظم به ھو. ھو فارسيءَ جو جيد عالم ۽ انھيءَ دؤر جو بيمثل قادرالڪلام شاعر ھو. معاصر شاعرن سان سندس خاص دوستي ھوندي ھئي. مخدوم نور محمد بوبڪائي، مير غلام علي ”مائل“، صابر علي شاھه ”صابر“، ولي محمد خان ”ولي“ وغيرھه سندس خاص سنگتي ھوندا ھئا، ۽ ھڪٻئي جي تتبع تي شعر چوندا ھئا؛ ”محڪ خسرويءَ“ ۾ گهڻو ڪري انھن جا ھم طرح غزل جمع ٿيل آھن.
مير حسين الحسيني شيرازيءَ، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان جي نالي تي پنھنجو تذڪرو ”زبدة المعاصرين“ 1240ھه ۾ لکي معنون ڪيو: ان ۾ مصنف پنھنجي معاصرن جي شعرن جو انتخاب ڏنو آھي، ۽ ديباچي ۾ انھن شاعرن جو مختصر حال به قلمبند ڪيو اٿائين. سنڌ جي فقط چند شاعرن کي ھن ورتو آھي، جن مان ھڪ منشي صاحب به آھي: چنانچه ھيءُ ايراني النسل ۽ زبان دان نقاد جيڪي لکي ٿو، اھو منشي صاحب جي شاعرانه عظمت لاءِ بيمثل دليل آھي _ لکي ٿو:
”منشي صاحب راءِ ”آزاد“، اصلش ھندو مي باشد، و منشيﻋ سرکاران شو کتمداران مير کرم علي خان و مير مراد علي خان ميباشد؛ و شصت و پنج سال از عمر او گذشته، و در سخنوري عديل و نظير خود ندارد؛ و درميان ھندو ھيچ کس متصف به ابن صفت نيست؛ و ساکن حيدرآباد سند است.“
ھڪ ايرانيءَ جي قلم مان اھو نڪرڻ ته ”در سخنوري عديل و نظير خود ندارد“، ھڪ ايڏو وڏو سرٽيفڪيٽ آھي، جيڪو ڪنھن به ٻئي ھندستاني شاعر کي مشڪل مليو ھوندو؛ ورنه ايرانين جو عام دستور آھي ته ايران کان ٻاھر جي جنھن شاعر کي پسند ڪندا آھن ته اڪثر فقط ايترو لکي ڇڏيندا آھن ته ”در پوچ گويان ھند غنيمت است!“
انھيءَ تذڪري جو صاحب، منشي صاحب کان ايترو متاثر نظر اچي ٿو، جو انتخاب جي عنوانن ۾ مير عظيم الدين جھڙي شاعر جو فقط نالو لکي ٿو، ۽ ھِن لاءِ لکي ٿو ته ”من کلام دولت دستگاه منشي صاحب راءِ آزاد“. اھا عنوان طرازي غالباً ھن ڪري به آھي، جو منشي صاحب مالي وزير ھو، ۽ ٽالپرن جي ”ڏيڻ وٺڻ“ جون ھُنڊيون سندس معرفت ڀربيون ھيون، ۽ اھا ڪشش ھڪ ايراني مسافر لاءِ ڪا گهٽ ڪانه ھوندي! مير حسينيءَ جي ھن اقتباس مان اھو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته 1240ھه (1824ع) ۾، منشي صاحب جي عمر 65 ورھيه ھئي، جنھن جو مطلب اھو ٿيو ته سندس تولد 1175ھه (1761ع) ڌاري ٿيو ھوندو، ۽ 1240ھه کان پوءِ 65 ورھين جي طبعي عمر کي پھچي، ستت ئي انتقال ڪيو ھوندائين.
منشي صاحب پُرگُو شاعر ھو. سندس ديوان به مرتب ٿيو ھو، جيڪو ممڪن آھي ته سندس پڙ پوٽي مسٽر لوڪمل جي نادر ذخيري ۾ موجود ھجي. اسان ھتي جيڪي غزل پيش ڪريون ٿا سي ”مجموﻋ، دلڪشا“، ”زبدة المعاصرين“ ۽ ”محڪ خسرويءَ(1)“ تان ورتل آھن. ”محڪ“ ۾ سندس 43 غزل آھن، ۽ ”مجموعه دلڪشا“ ۾ ھڪ قصيدو ۽ چند شعر ڏنل آھن، ھڪ غزل ”زبدة المعاصرين“ ۾ آيل آھي، ۽ ڪي منتشر اشعار متفرقه بياضن تان به مليا آھن.
مضمون طويل ٿي ويو آھي، تنھنڪري منشي صاحب جي شاعريءَ تي اسان بحث ڪرڻ نٿا گهرون: پڙھندڙن جي پنھنجي مذاق سليم ۽ سخن فھميءَ تي انھيءَ معاملي کي ڇڏيون ٿا.
منشي صاحب راءِ ”آزاد“ جو فارسي شعر
وه چه پرنور است يا رب روي رخشان ٖ شما!
شد خجل خورشيد پيش ٖ ماه تابان ٖ شما(2)؛
چون نه باشد خاطرم آشفته کاندر خواب شب،
ديده ام من بارھا زلف ٖ پريشان ٖ شما؛
تا ز روي لطف بربندي بفتراک سمند
سر بکف استاده ام در راه جولان ٖ شما؛
ماه يا آئينه خوانم يا شعاع ٖ آفتاب،
يا فروزان آتشي يا روي تابان ٖ شما؛
مطلع ٖ خورشيد گويم يا تجلي گاه ٖ حُسن،
شعشعه انوار يا چاک ٖ گريبان ٖ شما؛
اي بصيرت پيشگان زين ھر دو به باشد کدام،
خاک راه ٖ دوست يا کحل ٖ صفاھان ٖ شما!
بر اميد ٖ آنکه روزي رو بميدان آوري،
ھمچو گو افگنده ام سر را بچو گان ٖ شما(1)؛
زلف را فرما که با ما از رسن سازد مدد،
تا کشم بيرون دل از چاھه ٖ زنخدان ٖ شما؛
خود بده انصاف تا بھتر کدام است اي فلک،
چشم اشک افشان ٖ ما يا ابر نيسان ٖ شما!
مي کني سودا اگر با ما بجان يکبوسه اي،
سود من خواھد شدن ھم نيست فقصان ٖ شما؛
بر سر ”آزاد“ آمد، درد مندش ديد، کفت
غم مخور کاندر لب ٖ ما، ھست درمان ٖ شما.

الاھي نو بھار ٖ لطف ٖ معنى کن زبانم را،
گل افشان ساز شاخ ٖ خامهﻋ رنگين بيانم را!
ز بس محو ٖ خيال ٖ رنگ و بوي گلرخان گشتم،
ببال ٖ نالهﻋ بلبل به بنديد آشيانم را؛
نميدانم که مي ريزد نمک بر ريش ناسورم،
که لب برلب نمي آيد سر ٖ زخم ٖ نھانم را؛
کدامي شوخ بر گرد سرم گرديد، حيرانم،
که دل چون مرغ بسمل مي طپد در بر روانم را!
بتي نازک دماغ ٖ من که بوي گل نمي تابد،
کجا تاب آورد يا رب شر و شور و فغانم را!
چه باک از کوه سنگين ٖ گناه ٖ من که عفو او،
بدست ٖ مرحمت بر دارد اين بار ٖ گرانم را!
ھماي بخت چون ”آزاد“ برمن سايه اندازد،
پسندد گر سگ کوي تو جانان استخوانم را.

قدت را نخليﻋ جان آفريـــدنــــد، لبت را آب حيوان آفـــريــــدنــــد؛
ز دل آشفتگيھـــا جمع کــــردنــــد، ســــر ٖ زلف ٖ پريشــــان آفـريدنــد؛
خط ٖ پشت ٖ لبت را ھم چو طوطي، بگرد ٖ شکرستـــان آفــــريــــدنـــــد؛
مرم را برسر ٖ کوي تو جــــانــــان، ميان ٖ خاک غلطان آفريدنــــــد؛
فلک فرمانبر ٖ راي تــو بــــاشــــد، قضا مشتاق ايماي تو باشــــد؛
ميان بسته به گلشن سرو ٖ آزاد، غلام ٖ قد ٖ رعناي تو بــاشـــــد؛
به ابرويت چه نسبت ماه ٖ نـو را، که کم از ناخن پاي تو باشـد؛
بخوبي طاق بـــاشــــد گــــر مه نــــو، کجا چون نـــاخن پـــــاي تـــــو باشد؛
بچشم من نشين در موسم گرم، که اين خسخانه خوش جاي تو باشد؛
سيه چشهان ٖ عالم جمله يـکسر، فداي چشم شـھـــــلاي تـــــو بــاشد؛
به بستان ھمچو نرگس چشم بر ره، گــــــل از بــــھر ٖ تماشاي تو بــاشد؛
سخن شيرين طرازد گرچه طوطي، نه چون لعل ٖ شکرخاي تو بــاشد؛
شھنشاھـــــا عظيمــــا کــــامــــگــــارا، فلک محکوم ايماي تو باشد(1)!
ز تشريف ٖ دو عالم ھر چه بھتر، مـــــھـــــيـــــا بـــــھـــــر بــالاي تو باشد؛
نـــــوازش را سزاوار است ”آزاد“
که نيکو مدح آراي تو باشد.

ترا بکشتن من گر سر ٖ رضا بخشند،
مرا چه بھتر ازين حسن مدعا بخشند!
بجاي قطره فروبارد ابر نافهﻋ مشک،
اگر شميم ز زلف ٖ تو با ھوا بخشند؛
چه مدعاست اگر يکشنبي برم به وصال،
مرا بيار من و يار را بما بخشند !
نباشدش ھدف جز نشانهﻋ دل ٖ من،
اگر کمان ٖ ترا تير ٖ بي خطا بخشند؛
بجز تو نيست مرا ھيچ مدعا ديگر،
اگر مراد دلم حسب مدعا بخشند؛
بپاي يار زنم بوسه ھر زمان گستاخ،
چو زلف او اگرم طالع رسا بخشند؛
شوي مصاحب آئينه طلعتان ”آزاد“،
ز صدق عشق گرت طالع رسا بخشند.
فتنهﻋ چشم او چه ســـــر دارد، عـــــالمي پــر ز شور و شر دارد!
زلف مشکين عنبر افشانش، روز در جيب و شب بسـر درد؛
گل چه لافد بنازک انـــــدامي، کز رخش خار در جــــــگــــر دارد؛
نگه ٖ شــوخ آن بـــــت ٖ طـــــنّاز، بـــــر دلـــــم حکم ٖ نيشتر دارد؛
خط ٖ ســـــبزه بــــفتنه انگريزي، .......................... کمر دارد؛
غنچهﻋ گل گرد نالهﻋ بلبــــل، گـــــرمـــــيﻋ عـــــاشـــقان اثر دارد؛
نه آورد ھيچ ياد کبک دري، لطـــــف رفتار که آن پسر دارد؛
باز آمد بھار و سبزه دمـــــيد، حـــــسن گـــــل نشهﻋ دگــــر دارد؛

چو نازنين ٖ من آيد به آن ناز دگر،
به آن ٖ آن ٖ فزايد مرا نياز دگر؛
نکرد فکر ٖ دقيق مدققان ٖ خيال،
ميان ٖ مو و ميان ٖ تو امتياز دگر؛
متاع جانُ دل ٖ ما ربود يک نگهت،
بترک ٖ چشم مفرما تو تر کتاز دگر،
به رازداريﻋ شيرين است تازه جان پرويز،
ولي بکوھکنش دست ذوق راز دگر (؟)؛
بجز تطاول زلفت ز بخت کوتاھم،
نمي رود به لبم شکوهﻋ دراز دگر؛
تو شمع جمع جمالي مرا چو پروانه،
ببزم عيش تو دادند سوز و ساز دگر؛
منم بمھر تو جانان علم بعالم عشق،
بخوان تو قصهﻋ محمود آن اياز دگر؛
کشيد طوق غلامي بگردن ٖ ”آزاد“،
چو قامتت نبود سر و سرفراز دگر.

بگلشن آمد آن مه چھره گل پوش، ز بـــــلبل کـــــرد ياد ٖ گل فـــــراموش؛
کشد در بند تا صبد ٖ حــــرم را، ز گيسو کرده مشکين دام بردوش؛
کند صد جان ٖ شرين را نـثارش، اگر فرھاد بيــــند آن لـــــب ٖ نــــــوش؛
کنم آه از تھي آغوشيﻋ خـــود، چو بينم ھاله را مه انـدر آغــــــوش؛
محال ست اين که خيزد تادم صور، دلي کز چشم مستش گشت مدھوش؛
کشد گر صورتش ماني ز حيرت، بماند چون لب تصوير خـــــامـــوش؛
به بيند گر مه ٖ نـــــو نـــــاخنش را، کشد ھمچون غلامان حلقه در گوش؛
تــــرا ”آزاد“ وصـــــل ٖ مـــــاه ٖ رويــــــــــان ،
ميسر کي شود، بيھوده کم کوش!

دل نھادن بوفاي تو غلط بود غلط،
بيدماغي بجفاي تو غلط بود غلط؛
بر دل زار ھمه درد بدرد افزودن،
بتمناي دواي تو غلط بود غلط؛
آن جفاھا که کشيدم ز غمت از سر شوق،
در ره عشق براي تو غلط بود غلط؛
دامن افشان ز غبارم گذري زان سر ٖ کو،
خاک گشتن بھواي تو غلط بود غلط
تشنه مردن بدرت و ز لب ٖ جان پرور تو،
جستن ٖ آب ٖ بقاي تو غلط بود غلط؛
بسملم کرده ز حالم نگرفتن خبري،
جان سپردن برضاي تو غلط بود غلط؛
نازنينا ز سر عجز و نياز تو نياز،
ھر چه کرديم بجاي تو غلط بود غلط؛
چشم بد دور که چشم نظرم زان سر ٖ چشم،
چشم کردن ز وفاي تو غلط بود غلط؛
جز برخسار تو ”آزاد“ بھر سوکه کشاد،
چـــــشم اميـــد وراي تو غلط بود غلط.

اي بي تو حرام در چمن حـــــظ، بي روي تو نيست از سمن حــــظ؛
شيرين نبود حــــديث ٖ قـــــنـــــدش، برد آنکه ازان شکـــــر دھــــــن حــــــظ؛
اي سوخته ھمچو خـــــون بخاطر، بي لعل تو لعل در يـــمـــــــن حـــــظ؛
جــــان دريـــــدنـــــم در گـــــريـــــبـــــان، تا يافـــت قـــــبـــــا ازان بـــــــدن حـــــظ؛
بـــــي نـــــافه زلـــــف عـــــنـــــبـــــرينت، از عين خطاست در خـتـــــن حــــــظ؛
آورده ز سنـگ نقش شـــــيريـــــن، زان يافت ز تيشه کوھکـــن حـــــظ؛
يا رب چه رساست بخت ٖ زلفش، کـــــز بـــــوســـــه بـــــرد ازان ذقن حـــظ؛
زان دير بــــــر آيـــــد از دھـــــانـــــت، کـــــز لعـــــل تـــــو يافته سخن حـــظ؛
پروانه صفت بشمع رويت،
”آزاد“ برد ز سوختن حظ.

تيغ بازيﻋ ابروي خم دار ما دانيم و دل،
نيزه داريھاي چشم ٖ يار ما دانيم و دل؛
ھر زمان در خرمن ٖ جانم شراري مي زند،
شعله کاريﻋ آه آتشبار ما دانيم و دل؛
بھر ٖ سامان ٖ نثار ٖ مقدم ٖ ميمون ٖ يار،
درفشاني چشم گوھر بار ما دانيم و دل؛
از ره ٖ لطف ٖ نھاني مخفي از چشم ٖ حسود،
دلنوازي ھاي آن دلدار ما دانيم و دل؛
دم بدم از کاوش مرﱞگانت اي گل پيرھن،
خار خار ٖ سينهﻋ افگار ما دانيم و دل؛
گفته بيزارم ............................ اي دلربا،
گر شدي اذکار ٖ دل بيزار ما دانيم و دل (؟)؛
دل ز من بردي و کردي با من و دل بارھا،
آن چه در جور و جفا تکرار ما دانيم و دل؛
دوش در حرف ٖ رقيبان کار من ميکرد راست،
خوبيﻋ اين بر غلط گفتار ما دانيم و دل؛
از خدنگ ٖ او کدامي دل که او پر خون نشد،
تيزيﻋ آن غمزهﻋ خونخوار ما دانيم و دل؛
خوبيﻋ گل را شناسا نيست جز بلبل کسي،
جلوهﻋ انوار آن رخسار ما دانيم و دل؛
قـــــدر جـــــوھـــــر جوھري داند نداند ديگري،
عشق را اين گرميﻋ بازار ما دانيم و دل.
آن حلقهﻋ زلف تر روئي تو جانان در بغل،
دادند دور ھاله را ماه ٖ درخشان در بغل؛
نازيم اعجاز ترا کز دور خطّ مشک سا،
دادي شب يلداي را خورشيد تابان در بغل؛
نبود عجب سازد کنون کز خانهﻋ مردم زبون،
اشک مرا کز موج ٖ خون جوشيد طوفان در بغل؛
خواھم کنم سر را چوگو بازيچهﻋ ميدان او،
آن شوخ طفل شرّخوگيرد چو چوگان در بغل،
اي لاله روي سيم تن تا رفته اي از پيش من،
جان کشته عاجز دربدن دل مانده حيران در بغل؛
کي عاشق رويت بتا گردد به بستان ره گرا،
باشد گل روي ترا صد باغ رضوان در بغل؛
ھردم خلد خارد بجان کز تير آن ابرو کمان،
چون غنچه دارم من نھان يکمشت پيکان در بغل؛
شب بود احوال توچون در بزم غير اي مه کنون،
مست آمدي آشفته کان زلف ٖ پريشان در بغل (؟)
ھردم ز اشک ھمچو دُر آرم بدامنھا گهُر،
دارم ز فيض چشم تر صد ابر نيسان در بغل؛
پرواي جان دار م کجا صد ره کنم بر تو فدا،
يکدم گر از مھر و وفا باشي تو جانان در بغل؛
تا اي بت ٖ شيرين سخن با غير گشتي ھم سخن،
”آزاد“ رفـــــت از انجمن صـــــد داغ حـــــرمـــــان در بــــغل.

آمدم ياران بجــــان از دســــــت دل، ميزنم ھردم فغان از دســـت دل؛
بارھاي ناله مي بنــــــدم ز غـــــــــم، کاروان در کـــــاروان از دســــــت دل؛
ھردم از مرﱞگان ٖ چشم ٖ پــــرفنش، ميخورم تيغ و سنان از دست دل؛
غم مخور اي جان که در ميدان ٖ عشق، ميبرم اينک عنان از دســت دل؛
زين دو چشم ٖ خون فشان راز دلم، پيش مردم شد عيان از دست دل؛
خوش مصاحب بود عقل و جان مرا، رفت يک يک اين زمان از دست دل؛
شد بکام دشمنان جانم ضعيف، از کدامي دوستان از دســــــت دل؛
گشت در بيماريﻋ عشق ٖ تو جان، ھمچو چشمت ناتوان از دست دل؛
بي تو ھر شب نالهﻋ مـــــن ميــرود، تا سحر بر آسمان از دســــــت دل؛
در کشاکشھاي زلف و کــــاکلــش، جان فگندم درميان از دسـت دل؛
زار مي نالم برنگ ٖ عــــــنــــدليــب، با ھزاران داستـــــان از دســــــت دل؛
دل بسوي محملش من چون جرس، در پس ٖ افغان زنان از دست دل؛
آن چه با ما کرد با صدق و يقين، کي مرا بود اين گمان از دست دل؛
ذرّه وار ”آزاد“ مي غلطد بخاک،
اي مه ٖ نــــــا مھربــــان از دست دل.

مرا که دل بخم ٖ زلف عنبرين دارم
چه حاجت است که پرواي مشک چين دارم!
شراب و شاھد و آب ٖ روان و گل بچمن،
حرام گر ھوس جنّت برين دارم؛
ز خندهﻋ لب و چين ٖ جبين آن گلرو،
پيﻋ حرارت ٖ دل سرکه انگبين دارم؛
صبا بخدمت يعقوب از زليخان گو،
دگر مپرس ز يوسف که من ھمين دارم؛
ز نوبھار رخ او که گلشن ٖ جانھاست،
چمن چمن گل و نسرين و ياسمين دارم؛
فروغ بخت من امروز رشک خورشيد است،
که بر مراد دل آن ماه ھمنشين دارم؛
بنــــــالــــه ھمدم ٖ قمري و بلبلم ”آزاد“،
مگر بدل ھوس ٖ سرو گل جبين دارم.

جانم از درد بجانست بجان ٖ تو قسم،
ھم آنم ز غمت زار به آن ٖ تو قسم؛
قامت از جلوه بر افراختن ٖ خوبان را،
علم ٖ ناز نگون گشت بشان ٖ تو قسم؛
ھمه داري و نه داري بمن اي ماه زمھر،
ذرهﻋ لطف بخورشيد رخان ٖ تو قسم؛
من نگفتم که دھان ٖ تو بود ھيچ ز ھيچ،
ھست شکل ٖ سر ٖ موي بميان ٖ تو قسم؛
نيست امروز درين عرصه کسي از خوبان،
ھم عنان ٖ تو نگارا بعنان ٖ تو قسم؛
در چمن قمري و بلبل شده حيران بي تو،
گلعذارا بسر سرو ٖ چمان ٖ تو قسم؛
ميرسد راست ز ابروي تو تير ٖ مرﱞه ات،
بر دل و جان بسر تير و کمان ٖ تو قسم؛
اين زمان سر بخط بندگيت بنھادند،
سرفرازان ٖ زمانه بزمان ٖ تو قسم؛
بدگماني مکن اي دوست که ”آزاد“ صفت،
بيقين بــــــنــــــــده امت من بگمان ٖ تو قسم؛

ندارد جز جفاکاري دل آزاري که من دارم،
نمي ورزد وفا گاھي جفاکاري که من دارم؛
بخاکم مينشاند چون ھدف از تير مرﱞگانھا،
نشان نه دھدکسي ز نشان کمانداري که من دارم؛
ندارد ياد جان ٖ کوھکن کاه از غم شيرين،
ز جور خسرو ٖ خوبان بدل باري که من دارم؛
بغارت برد دل را ميرسد اکنون بقصد جان،
جفا جو تند خوياري ستمگاري که من دارم؛
دلم از قيد زلف او نمي خواھد رھائي را،
چه الفتھا ست با دامش گرفتاري که من دارم؛
ببازار محبت ميکنم سودا غمش با جان،
که دارد در جھان اين زور بازاري که من دارم؛
اگر بختم کند ياري بتو روشن کنم روزي،
ز ظلم زلف شبرنگت شب تاري که من دارم؛
ببازم سر بکار عشق او ز انسان که کس ھرگز،
نخواھد داشت با عشقش سروکاري که من دارم؛
بــــــتــا از حد مبر درد دل ”آزاد“ مسکين را،
حذ رکن از تف ٖ آه ٖ شررياري که من دارم.

در رخ جانان جمالـــــــي ديــــــده ام، حــــــسن در حـد کمالي ديده ام؛
شب بزانوي تو خواب آمـــد مــــــرا، يا بخواب اندر خيالي ديده ام؛
کوھکن آسا بجان کندن خوشم، دلبر شــــــيرين مــــــقـالي ديده ام؛
........................................... ز ابروي جانان ھلائي ديـــده ام؛
کاکلت را مشک چين گفتم ولي، زين خطا بس انفعالي ديده ام؛
بسکه کاھيد از غم بـدر رخــــــت، ماه ٖ نو را چون ھلائي ديده ام؛
زلف تو شام فراق عــــــاشــــــقـــــــان، روي تو صبح وصالي ديده ام؛
بــــــرسر ”آزاد“ از روي اکرم،
مھرباني را کمالي ديده ام.

ز لعل تو نوش شکــر مي بــــــرم، شـــکر چيست ذوق دگر ميبرم!
دھانش بود ھيچ بل کم ز ھيچ، بــــــرازش گمان اين قدر ميبرم؛
خــــــيـــال رخ صندلــــــين رنــگ او، عـــــلاج از پيﻋ درد سر ميبرم؛
پريشانيﻋ کاکــــــلـــش ديــــــده ام، بجـــــــمعيت دل خــــــبــــــر ميبرم؛
بسوادي زلــف تــــــو عــــــمــــــر دراز، به آ شــــــفنگيھا بــــــســر ميبرم؛
بدامن در افگنده طفل سرشک، يتيـــمــــــانه اش در بــــــدر ميبرم؛
صبا ھم بکويت نيارد گذشت، عبث منت ٖ نــــــامه بــــــر ميبرم؛
بھر حيله گر بخت ياري کــــــند، رقــــــيــــب از در او بـــــدر ميبرم؛
چو بکشايد از قوس ابرو خدنگ، من از سينه پيش سپر ميبرم؛
چو ”آزاد“ صد آرزوھا بدل،
بخود زاد راه ٖ ســــفر ميبرم.

ز تشريف تو گــــر خــــــبر داشـــتم، گــل و لالــــه در راه ميکاشتم(1)
عجب نر گست مردم آزار بــــود، مـنـش ھـــــر زه بيمار پنداشتم؛
خيالت که چشم بدش کم رساد، ز مــــــردم بديده نھان داشتم؛
بمن ذرهﻋ مـــــاه مــھـــــرت نـــــبــــود، غــــلط من وفادارت انگاشـنم؛
بوصف ِ قدت کار بالا کــــــشيد، قلم را علم چون برافراشـتم؛
چو ”آزاد“ در نامه شرح غمت
بخون ٖ دل و ديده بنگاشتم.


غم نامهﻋ خود را سوي جانان چه فرستم،
اين حرف پريشان بسخندان چه فرستم!
احوال دل زار بزلفش ننويسم،
پيغام پريشان بپريشان چه فرستم!
بيتابيﻋ دل را نه کنم عرض بجورش،
ديوانه نيم، قطره بطوفان چه فرستم!
ما و سر آن زلف پريشانيﻋ شبھا،
دل را بعبث در پيﻋ سامان چه فرستم!
از دل ننويسم رقم شکوه بجانان،
کيفيّت موري بسليمان چه فرستم!
دل طاقت ايماي نگاھش چو ندارد،
بازش بصف خنجر مرﱞگان چه فرستم!
مھمان عزيز ست غمش در دل ”آزاد“،
جان نزل حقيرست بمھمان چه فرستم!
اي ترا در سخن گهر معـلــــــوم، وز لــــــبت ريــــزمش شکر معلوم!
جز جمال رخت نــــــظر نــــــکنــــــم، تا بــــود نــــــور در نــــــظــــــر معلوم؛
گشتم از فکر ھمچو مو باريک، از ميانت نشــــــد خــــــبــــــر معلوم؛
شبنم از گريه يافت مسند گل، گشت اقبـال چشم تــــــو معلوم؛
نـــسبت او بــــــود بــــــموھومــــــات، از دھانش نـــــه شــــــد دگر معلوم؛
پــــــســـــر ٖ برھمــــــن ربــــــود دلــــــم، که ز پردش بود ثمر معلوم؛ (؟)
ھـــــــســــــت ”آزاد“ را ز دولــــــت او،
روي چون زر و ليک زر معلوم.
گلرخي، غنچه لبي، مو کمري، بھتر ازين،
ديدهﻋ دھر نديده دگري بھتر ازين؛
به تماشاي جمالت شده لبريز نشاط،
حاصل ديده نباشد نظري بھتر ازين؛
غير خون خوردن بيمار غمت نيست مگر،
چشم فتان ترا خود ھنري بھتر ازين؛
نامهﻋ درد نوشتم مددي آم رسا،
که نداريم دگر نامه بري بھتر ازين؛
دوش در بارگه ٖ بزم تو اي ماه مرا،
بار دادند و ليکن قدري بھتر ازين؛
گل بسر، شيشه ببر، جام بلب، چنگ بکف،
نيست ميخواره بت سيمبري بھتر ازين؛
قاصد از مرگ رقيبان تو ام داد نويد،
خير مقدم نبود خوش خبري بھتر ازين؛
سر ما خاک ره کوي بتان گشت کنون،
بفداي تو بياريم سري بھتر ازين؛
ديده بانان ٖ قفس در بکشايند مرا،
تا بشوقش بزنم پال و پري بھتر ازين؛
شاه ما مير ٖ زمان کرم علي خان ست دلير،
که نباشد بجھان تاجوري بھتر ازين؛
نظم ”آزاد“ چه در سفت بسلکٖ سر کلک،
صــــــدف شــــــعر نــــــدارد گهــــــري بھتر ازيـــــن.
اي طرهﻋ تو خم خم و گيسو شکن شکن،
در ھر شکن اسير دل صد چو من چو من؛
شرمنده از عذار تو گلھا چمن چمن،
شيواي آھوي تو غزالان ختن ختن؛
اي شب ندانمت که چه دلھا شکستهﻋ،
در مجلس تو بود صداي شکن شکن؛
در شام ٖ غربت ٖ خم ٖ زلفت دلم چو ديد،
صبح ٖ صفاي روي تو، گفتا وطن وطن؛
از فيض چشم تر مرﱞهﻋ اشکبار ٖ من،
افشاند بر قدوم تو درھا عدن عدن؛
گفتي زکواة آن لب شيرين دھم دو بوس،
من مستحق ٖ زار ضعيفم بمن بمن!
در سوز و ساز ماتم ٖ پروانه تا سحر،
شمع از جگر گريسته خون شب لگن لگن (؟)؛
در تلخيﻋ فراق تو گاھي ز ذوق ٖ وصل،
نشنيده ايم زان لب ٖ شيرين سخن سخن؛
بر روي غير چون برخ من نظر کني،
بھر خدا که چين بجبينت مزن مزن؛
”آزاد“ واقــــــفي کــــــه دل يار نازکست،
مُھر ٖ سکوت بر دھن ٖخود بزن بزن.

يار با اغيار شد، آثار ياري را ببين!
دشمن جان گشت شرط دوستداري را ببين!
دل درون ٖ سينه مي رقصد ز شوق بسملي،
برسر تيغ تو جانان جان نثاري را ببين!
کامگار ٖ ملک ٖ خوبي دلبر ٖ خودکام ٖ من،
کام ٖ من ناداده ناز ٖ کامگاري را ببين!
زار ناليدم ز دردش سخت جان آزاد شد،
دردا چون سنگ ٖ او تاثير ٖ زاري را ببين!
برسر ٖ کويت رقيبان شرمسار کرده اند،
شرم دار آخر ز من اين شرمساري را ببين!
گــــــر کــــــند ”آزاد“ فريـــــاد از غمت زجرش مکن،
ضعف ٖ طاقت را نگه کن، درد ٖ ياري را ببين!

از کرم شد يار يار ٖ مــــــن بــــــمن، کــــــرد يـــــاري روزگـــــار ٖ من بمن؛
زارتر کــــــرد ســــــت کــــــار ٖ زار ٖ دل، گــريــــــه ھــــــــــاي زار زار ٖ من بمن؛
برخلاف ٖ دشمنان اي دوســــــتــــــان، دوســتــــــدار و دوستدار ٖ من بمن؛
اختيـــــــاري راز پــــــوشــــــيدن نــــــداد، گــريهﻋ بــــــي اختيـــــــــار ٖ من بمن؛
شد ز ساز ٖ بخت سازنده کنـــــون، داد ســـــــرو ٖ گــــــلــــــعذار ٖ من بمن؛
ناله چون بلبل فغان چون عندليب، سازد از مــــــا ســــــازگار ٖ من بمن؛
ميکند صد تيغ بازي از نــــــگهه، چشم ٖ ترک ٖ دل شکار ٖ من بـمن؛
ناگواره کرد ھجر ٖ او چـو مــــــرگ، اين حيات ٖ خوشگوار ٖ مـن بمن؛

باز چون ”آزاد“ غمخواري نمود،
از کرم آن غمگسار ٖ من بمن.

چه خـــوش باشد بفصل نوبھاران، شــراب لــــــعـــــل و لعل ٖ گلعذاران!
چـــو زلفت خــــــانمان آواره گشتند، ازان کاکـل پــــــريشان روز گــــــاران؛
کف خاکم براھت رفت بــــــربــــــاد، چـــه نعمت شـد نصيب ٖ خاکساران!
سر مرﱞگان بکويت خاک ره نيست، که خون نـاکرده چشم اشــکباران؛
ترا من دوست ميدارم و ليــــــکن، شــدي دشـــمن بجان ٖ دوستداران،
بچشم ٖ مست و لعل ٖ مي فروشت، شـــکســــــتي تــــــوبــــهﻋ پرھيزگاران؛
مفرما چشم را ايما بخون ريــــــــز، تــرحـــم کــــــن بــــــحــــــال دلفگاران؛
برنگ ٖ گل گريبان چاک کردند،
بــــــبويت ھمچو ”آزاد“ ت ھزاران.

بلبت که خوش نباشد بلبم شراب بي تو،
بغمت که شد دل ما ز غمت کباب بي تو؛
بنگر به لاله و گل که ستاده اند حيران،
بچمن پياله بر کف ز شراب ناب بي تو؛
ز سر ٖ کرامت اي گل نظري بجان ٖ بلبل،
که فگنده شور و غلغل بدل ٖ خراب بي تو؛
چه کشي ميﻋ مروّق برخ ٖ رقيب ٖ شادان،
چو مرا نيابد از غم به گلو خوش آب بي تو؛
تو بيا که زنده مانم ز غمت وگر نه جانم
بلب آمد روانم ز سر شتاب بي تو؛
دل ٖ عندليب نالان چه کند که خون نگريد،
که گل از غم تو گشته ھمه تن گلاب بي تو؛
چه کنم بشام ٖ ھجرت سر و برگ شادماني،
که نمک بديده ريزد شب ٖ ماھتاب بي تو؛
دل مستمند ”آزاد“ بخدا کــــــه بــــــازيــــــابـــــي،
که کشيد از فراقت غم ٖبي حساب بي تو.

عمرم سر آمد در مھرت اي ماه، گشتي نه يکدم از حــــالم آگـــــــاه؛
استاده خضر است بر آب ٖ حيوان، بر لعل ٖ جان بخش آن خط دلخـواه؛
دل غـــافلانه ســـــــوي زنخ رفـــــــت، يا رب نگه دار مستي است بر چــاه!
گــــــيرم که شمشاد ماند بقدت، گو حسن رفتار گو روي چون ماه؛
رفتند بـــــــپــايت ھر لحظه جانان، عذري که دارد آن زلـــــــف ٖ دلخواه!
شرح ٖ غم ٖ يار ”آزاد“ عاشق،
پـــــــايان ندارد اين قصه کوتاه.

اي که شمشير بکف تاخنهﻋ، يعني چه!
طرح ٖ جور و ستم انداختهﻋ، يعني چه!
راست با جمله جھان ساختهﻋ، يعني چه!
کجک ٖ جور بما آختهﻋ، يعني چه!
در صف سروقدان با قد ٖرعنا چو سھي،
علم ٖ ناز بر افراختهﻋ، يعني!
بي ثباتي گنه اي شوخ بقتل ٖ من زار،
تيغ ٖ ابرو ز ميان آختهﻋ، يعني چه!
بار دل بردن ”آزاد“ بطرز ٖ ’حافظ‘،
مست خــــــانه برون باختهﻋ، يعني چه!

دل ربود دلبر ٖ شنگي که واه واه!
رنگ ٖ رخم بريخت برنگي که واه واه!
بکشاد چين و زلف ٖخود آن کافر ٖ خطا،
در چشم وا نمود فرنگي که واه واه!
سرمست نيم خواب بکف ساغر ٖ شراب،
بر لب نھاده گوشهﻋ جنگي که واه واه!
لعلش به نيم بوسه بمن کرد آشتي،
چشمش ز فتنه خواست بجنگي که واه واه!
در دل نشسته تير تو نازم ز شست تو،
کافگنده بر نشانه خدنگي که وا واه!
ز ابرو کشيد تيغ بتاراج ملک ٖ دل،
گشته سوار برسر ٖ خيلي که واه واه!
”آزاد“ از حـــــــوادث ٖ دوران شھنشھـــــــا،
در دامن ٖ تو بر زده چنگي که واه واه!

زد طعنه رخ و زلف تو بر سنبل و لاله،
چشم تو گرفت آھوي بر چشم ٖ غزاله؛
يا رب نه دھي صبح شبي را که دھد دست،
صھباي دو ساله صنم چار ده ساله؛
خط نيست بروي چو مھت کز بن ٖخونم،
آورد برون شاھد حسن تو قباله؛
از سرمهﻋ چشم تو برم پيش که فرياد،
خون کرده دلم بسته برونم در ٖ ناله؛
”آزاد“ چه تدبير کني در خم زلفش،
کـــــن کار ٖ دل ٖ خويش بتقدير حواله.

تا لعل شکّر ريز تو جانان بگفتار آمده،
شيرين لبان از حسرتش در رنج تيمار آمده؛
تا اي عزيز ٖ مصر ٖ جان رويت ز برقع شد عيان،
يوسف ز جان نقد ٖ روان برکف خريدار آمده؛
با آنکه از اعجاز ٖ لب باشي مسيحا بوالعجب،
چشم تو اندر روز و شب بھر ٖ چه بيمار آمده؛
اي لاله رو، نسرين بدن، تا رو نمودي در چمن،
گل چاک کرده پيرھن بلبل ز گفتار آمده؛
در شرح ٖحسن ٖ دلبران ميرفت حرف ٖ زان ميان،
از گفتگوي در بيان موتي بتکرار آمده؛
اي رشک ٖ ماه و مشتري خوشتر ز مھر ٖ خاوري،
جانان چه ظالم دلبري کز تو دلم زار آمده؛
بر روضهﻋ رضوان دگر ھرگز نيندازد نظر،
در کوي تو اي سيمبر ھر کس که يکبار آمده؛
اي غم کنار از من گزين کان زھره سيما مـﮧ جبين،
آمـــــــد بـــــــر ”آزد“ حـــــــزيـــــــن دلـــــــدار و غم خوار آمده.

دل که جوياي مشت ٖ زر گــــشته، بــــھــــــر آن يــــــار ســــيمبــــر گشته؛
روي تو مطلع ســـــــحـــــــر گـــــــشته، موي تـــــو لــــيــــلـــــة الــــقــــدر گشته؛
پرده از رو چه بـــــــرکـــــــشيد از ناز، رشک صــد شمش وصد قمر گشته؛
حرف ٖ لعل ٖ تو بر زبـــــــان آمـــــــد، دھــــن از ذوق پُــــر شــــکــــر گشته؛
نيست ممکن دگر بھوش آيـــــــد، دل کزان چشم بي خبـــــر گشته؛
موشگافي کند چرا نـــــــه قـــــــلـــــــم، کــــــــاشـــــــــف ٖ راز آن کــــمــــر گشته؛
ھـــــــر ســـــــر ٖ مو ز دشنهﻋ مرﱞه اش، بـــر رگ ٖ جــــان چو نيشتر گشته؛
از غمت چشم تر لب ٖ خشــکم، حسـرت افــــــزاي بحـر و بر گشته؛
مردمـــان در ره ٖ نـــــــظـــــــارهﻋ تـــــــو، ھمه تن چــــــشــــــم منتظر گــشته؛
ز ابر نيسان کلک من ”آزاد“،
صــــــدف ٖ شعر پُر گهر گشته؛

وه که در بزم من اي شمع طراز آمده اي!
چشم بد دور که پروانه نواز آمده اي!
شوخ چشمي چکنم با تو من اي طفيل سرشک،
که ھمه پرده در و کاشف ٖ راز آمده اي؛
توئي اي شوخ ستمگر که بصد شيوهﻋ ناز
بھر دل بردن ٖ ارباب ٖ نياز آمده اي؛
نيست ممکن دل ٖديوانه ز قيد تو رھد،
کز خم زلف دوتا سلسله باز آمده اي؛
جازنينان ٖ جھان جمله بناز برند،
تو که امروز چنين برسر ٖ ناز آمده اي؛
نــــــظــــــري ســــــوي دل ٖ غــمــــــزده ”آزاد“ ت،
جان ٖ من چون ز کرم بنده نواز آمده اي.

از بــــــر ٖ مــــــا ھمان کــــــه ميدانـــــي، کــــــرد يغنا ھمــــــان کــــــه ميداني؛
راست باشد چـو قامتت، ليکــــــن، نيست رعنا ھمان کــــــه ميداني؛
مــــــکــــــش امــــــروز عــــــاشقــــانت را، ھست فردا ھمان کــــــه ميــــــداني؛
چون فـــــروزي ببزم چھره ز نــــــاز، تو شمع ما ھمان کــــــه ميــــداني؛
عيب مجنون مکن بناله که داشت محمل آرا ھمـــان که ميــــــدانــــي؛
رحم بر خستهﻋ غمش ھمه کس کند، الاّ ھمـــان کــــــه مــــــيدانـــــــي؛
در شب ِ وصل مــــونس جــــــانــــــم شود، آيــــــا ھمــــــان کــــــه ميداني؛
ھست ”آزاد“ بر درت ز قديم،
شــــــود آيــــــا ھمــــان که ميداني؛

دلم از درد ھجرت مبتلا ميخواستي کردي،
مگر اين مدعا را از خدا ميخواستي کردي؛
بدين شوخي و بي باکي ز روي کم نگاھيھا،
بکويت مشت خاکم را فنا ميخواستي کردي؛
ز روي کج روائيھا براھت اي کمان ابرو،
مرا قربان ٖ آن تير ٖ جفا ميخواستي کردي؛
چو گل ناسور ٖ زخم ٖ ما مبندد لب بلب ھرگز،
بدين شوخي نمک در ريش ما ميخواستي کردي؛
تو راه عقل و جان ٖ ما به جادو کاريﻋ چشمت،
بچين زلف ٖ مشکينت خطا ميخواستي کردي؛
بمقراص ٖ غم دوري بخارد روي مھجوري،
چو گل پيراھن ٖ عمرم قبا ميخواستي کردي؛
براه ٖ عشقت آخر رفته رفته از نحيفيھا،
تنم را نقش روي بوريا ميخواستي کردي؛
نشستي فتنه بنشاندي بعزم خامشي ناگهه،
ز قامت صد قيامت را بپا ميخواستي کردي؛
به تيغ غمزهﻋ نازت بناحق ريختي خونم،
و زان خون برکف پايت حنا ميخواستي کردي؛
ز خــــــون بيـــــگنـــــاھـــــان ســـــــــيلھا راندي بھر وادي،
بکويت گشت خون چون کربلا ميخواستي کردي.

اي ماه ٖ عکس ٖ طلعت ٖ زيباي کيستي،
مرجان شبيھه، لعل شکر خاي کيستي!
چشم در انتظار تو خون شد برھگذر،
نور ٖ نگاه ديدهﻋ بيناي کيستي!
صد ملک دل به نيم نگه کرده اي خراب،
ھر ھفت کرده باز به يغماي کيستي!
بلبل بدن ز شوق ٖ تو صد خار ٖ غم شکست،
اي گل تو خون بجوش ز سوداي کيستي!
جعد ٖ بنفشه گون بسر ٖ زلف تابدار،
صد تاب داده بھر ٖ تماشاي کيستي!
خون بست نافه در دل ٖ آھو ز شوق تو،
اي وحشيﻋ رميده ز صحراي کيستي!
”آزاد“ گـــــون ســـــتاده بيکپاي قائمي،
اي راست قد ٖ بندهﻋ بالاي کيستي!


کن تازه بمن عھد وفارا دو سه روزي،
بگذار ز خود طرز جفا را دو سه روزي؛
اي خسرو خوبان بدرت ما دو سه روزيم،
کن لطف بران مشت گدا را دو سه روزي؛
بالاي بلاخيز ٖ تو دارد سر رفتار،
بنشين و نشان شور بلا را دو سه روزي؛
دارد دل ٖ ديوانه بزلف ِ سروکاري،
اين سلسله مکشا خدا را دو سه روزي؛
در حسرت ٖ آغوش تو جانم بلب آمد،
بکشا ز ھم آن بند قبا را دو سه روزي؛
مشتاق لقاي تو ام اي ماه ٖ دل افروز،
کم پوش ز من روي دلا را دو سه روزي؛

خستي دل ”آزاد“ ز بيداد ٖ تغافل،
ره داد بتا ناز و ادا را دو سه روزي.

ز چه رو تو اي پري رو ز برم رميده باشي،
چه شود اگر زماني بمن آرميده باشي!
بتو شمع گر ز دعوى بزبان درازي آيد،
بسرت که جاي دارد سرت از بريده باشي!
ز تو اي صبا به رشکم چو روي بکوي يارم،
که مباد خواب باشد تو برو وزيده باشي!
ھمه شب بناله بستم ره ٖ خواب مرغ و ماھي،
تو ھم از زبان ٖ مردم خبري شنيده باشي!
چه خوش است يا رب آندم که به رغم دشمنانم،
تو بدوستيﻋ خويشم ز ھمه گزيده باشي!
بدرت رقيب بدخو چه ستم نموده باما،
که کسي نه کرد باکس تو ھمه اش شنيده باشي!
چه کني ستم بر ”آزاد“ که ز روي صدق باطن،
بـــــوفـــــاي او غـــــلامـــــي نـــــه بـــــزر خـــــريده باشي!

اي از جمال عارضت در رشک ماه و مشتري،
وز جلوهﻋ تاب رُخت بي تاب مھر ٖ خاوري!
آئينهﻋ شمس الضحى يا شعشهﻋ بدرالدجى،
يا مطلع صبح صفا يا روي زيبا آن پري!
گيسو برو آويخني شب را بروز آميختي،
غوغا بخلق انگيختي زين شيوهﻋ جادوگري!
خوبان بکويت خاک ره سيما بخاکت سوده مھه،
در حسن ٖ خوبي بي شبھه از خوبرويان بھتري!
ماني ترا بيند اگر اي لعبت ٖ چين يک نظر،
ماند ز حيرت بيخبر شرمنده از صورت گري!
در انـــــتظار ســـــيمبر ”آزاد“ را خـــــون شـــــد جگر،
در پيش نمي آري گذر جانان چه ظالم برتري!

ھان اي نيسم صبح بکوي که ميروي؟
داري بجيب مشک بسوي که ميروي؟
سر تا بپا لرزه گرفتست در تنت،
اي آفتاب ٖ روي بروي که ميروي؟
دادي بناي خانهﻋ مردم بزير آب،
اي سيل ٖ اشک باز بسوي که ميروي؟
آتش بجان خشک و تر افتاده از دمت،
اي سرو ناز بر لب ٖ جوي که ميروي؟
”آزاد“ سالھا ست که دل رفت از برت؛
اکنون بکو سراغ به سوي که ميروي؟

مخزن سرّشد خدا جز خاطر ٖ آگاه نيست،
ور نه ھر دل را که مي بيني ازو گمراه نيست،
بندهﻋ جور ٖ تو ام لطفت نمي خواھم دگر،
ز آنکه آن دائم بود اين گاه ھست و گاه نيست؛
ناوک ٖ خونخوار ٖ مرﱞگان ٖ درازش را نگر،
کش بقربان ٖ دلم دست ٖعمل کوتاه نيست،
بسکه باريک است آن موي ميان، فکر ٖ مرا
باوجود ٖ مُوشــگافيھا برازش راه نيست،
دل ز مستي بر زنخدان ٖ تو گردد ھر زمان،
وه چه مستت اينکه ھيچش بيم و باک از ماه نيست،
ھر چه ميخواھد دلت از فيض ٖ لطف حق بخواه،
ھيچ منع ٖ کامجوئيھا درين درگاه نيست،
ھـــــرکـﮧ چـــــون ”آزاد“ رخـــــسار تـــــو دارد در نگاه،
چشم جانش را نظر بر روي مھر و ماه نيست،

چنين که عارض ٖ زيباي يار گلرنگ است!
چه جاي گل که گلستان بروي او ننگ است!
گهي بناز برد دل ز من گهي ز ادا،
مدام چشم ترا کار مکر و نيرنگ است!
ميان ٖ سبزهﻋ خط ٖ تو خال ٖ مشکينت،
فتاده حبهﻋ افيون بکاسهء بنگ است!
نمي شود دل ٖ عاشق شود بصبر قريب،
ز عشق و صبر و مسافت ھزار فرسنگ است!
ز رشک جان ببدن ميدرد گريبانم،
تنت گرفته قبا بسکه در بغل تنگ است!
نــــــــــــــگــــــــــــــاه دار دل ٖ خــــــــــويــــــــــش را اي ”آزاد“،
که دلربا بُت من شوخ ظالم و شنگ است(1).

[”مھراڻ“، اونھارو _ 1955ع]

________________________________________
(1) ديوان گوبند بخش 1850ع ۾ ڄائو؛ مئٽرڪ پاس ڪري، ڪوٽڙيءَ جي ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول ۾ ماستر ٿيو؛ آخر وڪالت جو امتحان پاس ڪري، سکر ۾ پرئڪٽس شروع ڪيائين؛ قابل وڪيل ثابت ٿيو، تنهنڪري آمدني ججهي ٿيس. منشي آوتراءِ پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ گوشه نشين ٿيو، ۽ فقيرن سان محبت رکيائين؛ خيرات به ڪندو رهيو. هر مهيني ديوان گوبند بخش پنهنجي والد طرفان خيرات جي هڪ هزار رپين جون چٺيون ڀريندو هو. ديوان بخش پهريون سنڌي آهي، جو آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جي شروع ٿيڻ شرط، ان جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ٿيو. ديوان صاحب 1892ع ۾ 42 ورهين جي عمر ۾ گذاري ويو. کيس هڪ پٽ ٿيو، جنهن جو نالو مسٽر لوڪومل هو. لوڪومل پاڪستان جي بنجڻ تائين سنڌ جي مشهور ماڻهن مان هڪ هو، ۽ وٽس قلمي ڪتابن ۽ نادر شين جو عظيم الشان ذخيرو هو. (هن خاندان جو مڪمل احوال ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“، جلد 1، ص ص 247_260، ۾ پڙهڻ گهرجي.)
(1) ”مجموعه دلڪشا،“ مير ڪرم خان پاڻ گڏ ڪيو؛ ”محڪ خسروي“، 1237هه ۾ مير مراد علي خان جمع ڪرائي: اهي ٻيئي مجموعا مختلف شاعرن جي اشعارن جو انتخاب آهن.
(2) هي غزل حافظ جي تتبع ۾ چيو ويو آهي.
(1) هي خيال هڪ فارسي شاعر هن طرح ادا ڪيو آهي:
همه اُهوان صحرا سر خود بکف نهاده، به اميد آنکه روزي پشکار خواهي آمد!
(1) مير ڪرم علي خان به انهيءَ زمين ۾ غزل چيو آهي. آخري ٻه شعر، ”آزاد“، مير صاحب جي مدح ۾ چيا آهن. هن غزل کي مير ڪرم علي خان پنهنجي بياض ”مجموعه دلڪشا“ ۾ به آندو آهي: بعض شعر (نمبر 8،6،3 ۽ 10) ”دلڪشا“ ۾ وڌيڪ آيل آهن، جيڪي هتي شامل ڪيا ويا آهن.
(1) مير ڪرم علي خان انهيءَ خيال کي هن طرح ادا ڪيو آهي:
بسوي چمن چون روي، پيش زان، گــــــــــل و لالــــــــه از راه بـــــرداشتم؛_
ليڪن ”آزاد“ جو شعر هزار مرتبا بلند آهي.
(1) هي جملي 43 غزل، ”محڪ خسرويءَ“ تان ورتل آهن: هي مجموعو همطرح غزلن جو انتخاب آهي، ۽ فارسيءَ جي مشهور ايراني ۽ هندي شاعرن کان سواءِ، مير ڪرم علي، مير مراد علي، مخدوم نورمحمد بوبڪائي، عظيم الدين ٺٽوي، صابر علي ٺٽوي، ”مائل“ ٺٽوي ۽ ولي محمد لغاري وغيره به هن انتخاب جي بزم ۾ شامل آهن: هي ڪتاب مير ڪرم علي خان جي فرمائش تي مرتب ڪيو ويو.

آخوند محمد بچل ”انوار“: ٽالپرن جي پوئين دور جو فارسي گو شاعر

ٽالپرن حڪمرانن جي غير معمولي علمي سرپرستيءَ ۽ شعر سخن سان سندن غير فاني ذوق ۽ شوق، سنڌ اندر جيڪي فارسي گو شاعر پيدا ڪيا، آخوند محمد بچل ”انور“ به انھن مان ھڪ ھو.
مير نصير خان بن مير مراد علي خان، پنھنجي ڀاءُ مير نور محمد خان جي انتقال (1840ع/ 1255ھه) بعد، سنڌ جي تخت ۽ تاج جو وارث ٿي، سرير آراي سلطنت ٿيو. آخوند محمد بچل، مير نصير خان جو استاد ھو. جڏھن مير صاحب تخت جو مالڪ ۽ مختار ٿيو، ته ”استاد“ ڦري ”مشيرڪار ۽ معتمد“ ٿيو. خط و ڪتابت جو دفتر به سندس نگرانيءَ ۾ ڏنو ويو، ۽ شاھي مُھر بردار به پاڻ ئي ٿيو. سرڪاري لکپڙھون، ۽ حڪومت جا نازڪ سياسي ۽ اھم مخفي مراسلا، آخوند صاحب پاڻ لکندو ھو.
مير صاحب جي ابتدائي دؤر ۾، جيڪي سياسي خواه ملڪي معاملا ٿيا، انھن سڀني ۾ ھن باتدبير ۽ دانشمند مشير جي راءِ کي وڏن وزن ڏنو ويندو ھو. اھڙيءَ طرح ٽالپرن جي خانداني معاملات ۾ به آخوند صاحب کي ڪافي دخل رھندو ھو. مير نصيرخان جي تخت نشينيءَ کان پوءِ، مير نور محمد خان جي ٻن فرزندن، مير شھداد خان ۽ مير حسين علي خان، جي وچ ۾ سخت نفاق پيدا ٿي پيو، ۽ ذري گهٽ معاملو وڃي تير ۽ تلوار تائين پھتو، ليڪن آخوند صاحب ڪوشش ۽ تدبير سان ميجر جنرل آئوٽرام کي وچ ۾ وجھي، ٻنھي شھزادن جي وچ ۾ صلح صفائي ڪرائي، حڪمران گهراڻي کي خانداني خونريزيءَ کان بچائي ورتو.
مير نصيرخان ۽ انگريزن جي وچ ۾ جڏھن آخري عھد نامون ٿيڻ لڳو، اُن وقت سڀئي مير مخالف ٿي بيٺا، ۽ مير نصير خان تي زور آندائون ته معاھدي تي دستخط نه ڪري. آخوند صاحب جون اکيون انگريزن جي قوت، ارادن، ۽ مخالفت جي نتيجن کي ڏسي چڪيون ھيون، تنھنڪري باوجود سخت مخالفت جي به آخوند صاحب مير نصير خان کي اھائي صلاح ڏني ته ’ھو ضرور معاھدو ڪري، ورنه حڪومت خواه ملڪ لاءِ سخت خطرو پيدا ٿيندو. ابتدائي غلطين ۽ روادارين سبب ملڪ تي اقتصادي، تجارتي خواھه فوجي قبضو انگريزن جو ٿي چڪو ھو، تنھنڪري ھن وقت منھن _ موڙ ڪرڻ سبب ملڪ به ھٿان ويندو ۽ حڪمراني به بچي ڪانه سگهندي.‘
آخوند جي راءِ بلڪل صحيح ھئي، ليڪن ٽالپرن ھٺ کان ھيٺ ڪونه لٿا، ۽ مير نصير خان مجبور ٿي انڪار ڪيو. نتيجو اھوئي نڪتو، جيڪو آخوند جي اکين ڏٺو ھو. يعني نه حڪومت رھي نه ملڪ بچي سگهيو. اگرچ حڪومت ٽالپرن جي ھٿان وڃڻي ھئي، ليڪن معاھدي تي دستخط ڪرڻ سبب، ۽ تدبير ۽ دانشمنديءَ کان ڪم وٺڻ سان، آخوند صاحب جو خيال ھو ته شايد زندگيءَ جا ٻه ٽي سال ٻيا به ٽالپرن جي حڪومت کي ملي وڃن ھا.
آخوند محمد بچل مٽيارن جي آخوندن مان ھو. سندس والد جو نالو آخوند محمد صالح ھو. فارسيءَ ۽ عربيءَ جو ماھر، ۽ ديني دنوي علمن ۾ يگانو ھو. شعر و سخن جو شوقين ۽ فن انشا ۾ استاد ھو. انشا جي مھارت سبب ئي مير نصير خان سڀيئي اھم ۽ نازڪ مراسلا کائنس لکرائيندو ھو. آخوند صاحب جو بياض اسان جي سامھون آھي: ان ۾ انھن سڀني اميرن ۽ وزيرن، ديسين خواھه پرديسين لاءِ مخصوص عبارتون ياد داشت طور آخوند صاحب لکي ڇڏيون آھن. جن سان ٽالپرن دربار جي، وقت به وقت ، خط و ڪتابت ٿيندي رھندي ھئي. ھر ھڪ امير لاءِ جدا جدا عبارت، مڪتوب اليه جي مخصوص حيثيت کي نظر ۾ رکي، مقرر ڪئي ويئي ھئي. آخوند صاحب اھي عبارتون اُن وقت ته فقط پنھنجي ياد داشت لاءِ بياض ۾ لکي ڇڏيون، ليڪن ھن وقت اسان لاءِ اھي تاريخي دستاويز جي حيثيت رکن ٿيون. انھن جي ذريعي معلوم ٿئي ٿو ته ميرن جي ڪنھن ڪنھن سان خط وڪتاب ھئي؛ ۽ انھن سان سندن ربط ضبط ۽ تعلقات جي ڪھڙي نوعيت ھئي، عبارتن جي طور طريقي مان گهڻيءَ حد تائين اسان کي معلوم ٿي سگهي ٿي. مثلاً قلات جي واليءَ لاءِ ھيءَ عبارت مخصوص ھئي:
”_ وجود مسعود عاقبت محمود، عالي جاه رفعت جائگاه، شوکت و حشمت دستگاه، امير الامراﻋ العظام، اسوة الکبراﻋ الفخّام، خاني عظيم الشاني، مقرب الخاقاني، اخوي مکاني، عُضد دولـﮧ، امير محمد محراب خان، غالب جنگ بھادر، سلمه القادر“_
پنجاب جي حاڪم مھاراجا رنجيت سنگهه ڏانھن ھيٺين عبارت لکي ويندي ھئي:
”_ حديقهﻋ دولت و کامراني، مھاراجا صاحب، مھربان عظيم الشان عطوفت و الطاف نشان، مجموعهﻋ خوبيھاي بيکران، اميدگاه دوستان، خالصه رنجيت سنگهه بھادر سلمه القادر“_
بھاولپور جي نواب کي خط و ڪتابت ۾ ھن طرح مخاطب ڪيو ويندو ھو:
”_ حديقهﻋ دولت و کامراني، عالي جاه رفيع جائگاه، حشمت و شوکت دستگاه، عمدة الخوانين العظام، اسوة الکبراءِ الفخام، خان صاحب مھربان عطوفت و الطاف نشان، رکن الدولـﮧ، محمد بھاول خان، نصرت جنگ بھادر، سلمـﮧ القادر“ _
عبارتن جي ياد داشت مان معلوم ٿئي ٿو ته ھيٺين انگريزن سان ميرن جي خط و ڪتابت ھلندي ھئي:
سر ھنري پاٽنجر، مسٽر ويٽ، مسٽر منٽوره، مسٽر ميڪسن، ڪپتان رڪ، چارلس (ٿاڻيدار ٻاھڙ مير)، سر اليگزانڊر برنس، مسٽر واٽن، وليم اسٽوڪ، فارڪس صاحب، ۽ اسلمبر صاحب. سر پاٽنجر ڏانھن ھيٺين عبارت لکي ويندي ھئي:
”_ علي جاه رفيع جائگاه، شھامت و بسالت دستگاه، اُبھت و مُکنت انتباه، دوستي و مودت آگاه، کرنيل ھنري پاٽنجر صاحب بھادر، سلمه القادر“ _
بمبئيءَ جي گورنر لاءِ ھيٺين عبارت مقرر ھئي:
”_ حديقهﻋ دولت و کامراني، عالي جاه رفيع جائگاه، حشمت و اجلال دستگاه، عظمت و اقبال ھمراه، امير الامراﻋ العظام، اسوة الکبراءِ الفخّام، رفيع المکان عظيم الشان ھنرابل .......... گورنر صاحب بھادر سلمه القادر“_
عبارتن جي ياد داشتن مان ھيٺين اميرن ۽ وقت جي مقتدر ھستين جا نالا اسان کي ملن ٿا:
عضد دولـﮧ امير محمد محراب خان براھوئي غالب جنگ، نواب سردار دوست محمد خان غازي بھادر (واليﻋ ڪابل)، نواب محمد بھاول خان نصرت جنگ بھادر (بھاولپور)، نواب عبدالرحمان خان سدوزئي، سردار يار محمد خان (وزير شاھزاده ڪامران)، خان فتح محمد خان (ساڪن پنج تاره)، ڄام احمد خان، محمد خان رند، ڄام ميرخان (لاسي)، داد محمد خان براھوئي، حڪيم عزيزالدين (وزيراعظم پنجاب)، مير محمد شاھنواز خان بھادر، مرزا حضوري خان، آخوند فتح محمد، آخوند محمد صديق، نور محمد قلاتي، قاضي محمد جُمع خان، مرزا عبدالسميع منشي باشي، حاجي خان ڪاڪڙ، مخدوم نظام الدين سرھندي، محمد امين خان، مخدوم صاحب الدين صاحب، ملا نصير الله خان، محمود خان بيات، ۽ آخوند عبدالرشيد.
پنجاب جي سک اميرن مان ھيٺين صاحبن سان مير صاحبن جي لکپڙھه ھئي: مھاراج رنجيت سنگ، جمعدار خوشحال سنگ، خالصه فتح سنگ، راءِ رام سنگ، گوبند سنگ، خالصه کڙڪ سنگ، خالصه شير سنگ، لعل سنگ، راجا ڌيان سنگ، ديوان سانوڻ مل (ناظم ملتان)، راول سنگ بھادر، ۽ ٺاڪر پوپٽ سنگ؛ (پويان ٻه صاحب غالباً جوڌپور جا راجپوت راڻا ھئا).
آخوند صاحب جا حالات: آخوند محمد بچل جا مفصل حالات معلوم ٿي ڪونه ٿا سگهن٬ پنھنجي بياض جي آخر ۾ ھن پنھنجي ٻن پٽن جي تولد جون تاريخون لکيون آھن ته ”3، محرم 1274ھه، سومر ڏينھن، 7بجي، ميان عبد الله ڄائو؛ ۽ 19 ربيع الاول 1277، جمعي ڏينھن، 4بجي، ڏينھن جو ميان غلام رسول جو تولد ٿيو.“
آخوند صاحب جو پير طريقت مولانا شاھه عبدالقيوم خلف شاھه فضل الله نقشبندي ھو، جنھن جي وصال تي ھن ھڪ طويل مرثيو چيو آھي:
تعاليٰ الله عجب مرشد مـــــکـــــمل، مريدان را زھي مولا و مخدوم!
چو ”انور“ جست سالش گفت ھاتف، ”نصيب او الاھي فضل قيوم“_
سنه 1271ھه
مير نصيرخان جو لاڙو تشعيت ڏانھن ھو، تنھنڪري آخوند صاحب عام دستور مطابق حضرت علي ڪرم الله وجـﮧ جو اسم مبارڪ ۽ امامن سڳورن جا نالا باربار پنھنجي شعر ۾ آندا آھن، ليڪن پاڻ نقشبندي طريقي جو پيروڪار ۽ حضرت محبوب سبحاني شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جو سخت معتقد ھو _ ھڪ طويل مدح سندس شان ۾ تصنيف ڪيل بياض ۾ موجود آھي، جيڪا شاھه عبدالباقيءَ سرھنديءَ جي تتبع تي آخوند صاحب چئي آھي. ان مدح مان ڪجھه بند ھيٺ ڏجن ٿا:
آنکه باشد آستانش برتر از عرش. برين،
جبه سائي آن همه کرّ و بيان و حور ِ عين،
هر يکي از صدق ِ دل بر مسند اش سايد جبين،
چون چنين دارم شهنشه چيست غم ازآن واين:
من سگِ درگاهِ عبدالقادر ِ جيلانيم.
نور چشم مصطفا دلبند شاهِ اوليا،
قدوهﻋ آل ِ نبي فرزند حسن المجتبا،
لخت جانِ حضرتِ خيرالنساﻋ پارسا،
معدن فضل و کرامت مخزن ِ جود و سخا:
من سگِ درگاهِ عبدالقادر جيلانيم،
قطب اقطابِ جهان و شهريارِ بي بدل،
زبدهﻋ خاصانِ درگاهِ خداي لم يزل،
دست پروردِ دعاي او اجابت از ازل،
مشکلم فر مايد از لطف و کرم في الحال حل:
من سگِ درگاهِ عبدالقادرِ جيلانيم،
غوثِ عالم بيعديل و بادشاهِ بي نظير،
بيکسان را وارث و در ماند گان را دستگير،
خاکپايش توتياي چشم، هر خورد و کبير،
حکم او را جن و انسان و ملک فرمان پذير:
من سگِ درگاهِ عبدالقادرِ جيلانيم.
حبّذا محبوبِ سبحاني شهِ عالي جناب،
قرة العينِ نبي نور دو چشمِ بو تراب:
وه ز بحر: ”انما و هل آنا“ درا خوشاب،
گلبنش از جوئبارِ اصطفا با رنگ و آب؛
من سگِ درگاهِ عبدالقادرِ جيلانيم.
واليﻋ ملک ِ ولايت فيض بخش اوليا،
مستفيض از حضرت ِ او عارفان و اتقيا،
محرمِ سرّ الاهي رازدار ِ کبريا،
افسرِ فرقِ دو عالم تاجدار ”قل کفا“:
من سگِ درگاهِ عبدالقادرِ جيلانيم.
آخوند صاحب هيٺين معاصر بزرگن ۽ دوستن جي وفات جون تاريخون لکيون آهن: پير احمد شاهه بدين وارو، 5 جمادي الاول 1226هه جو انتقال ڪيو؛ آخوند صاحب هيٺيون قطعه تاريخ چيو:
مــــرشــــدِ دهر پير احمد شــــاه، آن وحــــــيدِ زمــــان ولــــي الله،
گـوش کرد ارجعي اليٰ ربک، زده در گــــلشنِ بقا خــــرگــــاه،
پــــنجم از مه جــــمــــادي الاول، سوي جنت قدم نهاده براه،
عــــالم از دردِ فرقتش گرديد، همدمِ صــــد هزار نــــاله و آه،
گفت “انور“ بسالِ او، ”سيد
هادي الخلق بود احمد شاه.“ _1226هه
مخدوم محمد اڪرم نقشبنديءَ، 1260هه انتقال ڪيو؛ آخوند صاحب قطعو چيو:
اي دريغا محمد اکرم!
مرشدِ عصر اکمل و اعلم!
درّ ِ درج ِ ولايت و عرفان،
بدر برج ِ کمال و فضل و کرم؛
مستفيض اهل عالم از فيضش،
فيض ِ او فائض ِ همه عالم؛
نقشبندي که نقش الا الله،
بر دل ِ سالکان نموده رقم؛
مرده را جان دم ِ مسيحا داد،
او دل ِ مرده زنده کرده بدم؛
چون شنيد ارجٿي اليٰ ربک،
سوي خلد ِ برين نهاده قدم؛
شيون ِ ماتمش ز روي زمين،
بر فلک رفته از بني آدم؛
گفت ”انور“ بسال ترحيلش،
”واي فيض ِ محمد ِ اکرم“ _.1260هه
مخدوم ولي محمد ڀَٽي، هالن جي مشهور ڀَٽي خاندان جو همه صفت موصوف فرد هو، 1259هه ۾ فوت ٿيو؛ آخوند صاحب هن طرح تاريخ ڪڍي:
ولي ّ محمد گلِ باغ ِ عرفان،
زهي عالم و عامل و ماه سيما؛
ازين دار شد عازم ِ ملک هستي،
زحي ّ قديم ارجمي يافت ايما؛
قدم چون بفردوس ِ اعليٰ نهاده،
ز رضوان ندا آمدش کن مقيما؛
شده نوحه گر عالمي در عزايش،
بگفتند وا حسرتا وا يتيما!
چو ”انور“ طلب کردسالشرزهاتف،
بگفت ”اِنّـﮧ َ فَازَ فوزا عظيما.“
1259هه
آخوند صاحب جي بياض ۾ اسان کي هجويه اشعار به ملن ٿا. معلوم ٿئي ٿو ته آخوند صاحب ۽ سندس ڀائرن ۽ عزيزن جي وچ ۾ ملڪيت تي تڪرار هو. مٽيارن ۾ سندس باغ هئا، جايون هيون ۽ زرعي زمين سندس مِلڪ هئي، جنهن تي سندس ڀاءُ قبضو ڪيو هو، ۽ انهيءَ سلسلي ۾ مخالف ڌر لاءِ، جن سندس ڀاءُ جي مدد ڪئي، آخوند صاحب هجوگوئيءَ جو حربو استعمال ڪيو. معلوم ٿئي ٿو ته باقر ۽ گدو (؟) سندس ٻه مخالف هئا، جن جي معزوليءَ تي آخوند صاحب خوش ٿي فرمايو:
در فگند از گردش ِ دولاب ِ چرخ،
’باقر‘ اندر رشتهﻋ ’گدو‘ گره؛
سال عزل ِ او چو جستم از خرد،
گفت هاتف ”رفت او در قعر چه.“
1269هه
گدوءَ جي معزوليءَ تي چوي ٿو:
برفته منصبِ ’گدو‘ که، حرفي
نرفته غير رشوت برلبِ او،
چو سالِ عزلِ او جستم ز هاتف،
بگفتا ”بُد غروب کوکبِ او.“
1269هه
محمد بقا جو پٽ، انهيءَ جهڳڙي ۾ سندس سخت مخالف هو؛ هڪ طويل هجو ۾ چوي ٿو:
الاهي چه دين ست و آئين و کيش،
که هستم ز ’پورِ بقا‘ سينه ريش،
چو کرﱞدم زند هر دم کينه نيش،
مرا مشکلي از وي آمد به پيش،
شده شاهدِ شوهرِ دُختِ خــــــويش،
که مزدور خوشدل کند کار بيش.
ڀائرن ملڪيت تي جيڪو جهڳڙو پيدا ڪيو، اُن ۾ آخوند جي خلاف هُن شاهدي ڏني، جنهنڪري اسان جي شاعر کي سخت ذهني ڪوفت پهتي، چوي ٿو:
گلستان و مزروع و مال ِ مرا،
چو اخوانِ من غصب کرد از جفا،
گواه آمد او بهر ِ اين ماجرا،
نه شرم از رسول و نه خوف از خدا،
شده شاهدِ شــــوهرِ دُختِ خــــويش،
کـﮧ مزدور خوشدل کند کار بيش.
گرفته رهِ فتنه و کينه را،
بدل داشته بغضِ ديرينه را،
هميخواند تقريمِ پارينه را،
ز شنبه ندانسته آدينه را،
شــــده شاهدِ شوهرِ دُخت خــــويش،
که مزدور خوشدل کند کار بيش.
زنِ او که چون ’هند‘ مکّاره بود،
بشوهر رهِ مکر و حيله نمود،
کزين کار مار است بسيار سود،
ازين پَس به آرام بايد غنود،
شــــده شاهدِ شوهرِ دُختِ خــــويش،
که مزدور خوشدل کند کار بيش.
مر او را بخاطر رسيد اين خيال،
که مملوکِ دختر شد اين ملک ومال،
چو داماد زين دار کرد انتقال،
بود تُفَ برِ ماؤ آل و عيال،
شــــده شاهدِ شوهرِ دُختِ خــــويش،
که مزدور خوشدل کند کار بيش.
ز بد گوهري پخت سوداي خام،
نفهميد فرقِ حلال و حرام،
نخورده ز صهباي فرجام جام،
شده راکبِ توسن ِ بي لجام،
شــــده شاهدِ شوهرِ دُختِ خــــويش،
که مزدور خوشدل کند کار بيش.
ندانسته کاين گنج را مارها ست،
درين وادي از خونِ دل پارها ست،
در اثناي ابن ره بسي خارها ست،
نه هر سر سزاوار دستارها ست،
شــــده شاهدِ شوهرِ دُختِ خــــويش،
که مزدور خوشدل کند کار بيش.
ڀائرن جيڪا کيس تڪليف پهچائي، ۽ جيئن کيس آزاريائون، ان جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو:
شده غافل از اين که اخوانِ من،
که کردند بقربان شان جان و تن،
چه کردند با من ز ظلم و فتن،
در آخر کنندش بگردن رسن،
شــــده شاهدِ شوهرِ دُختِ خــــويش،
که مزدور خوشدل کند کار بيش.
بباطل گواه گشته آن بدگمان،
نترسيده از خالقِ اِنس و جان،
نه فکري ز بدگوئيﻋ مردمان،
نه انديشه از لعن و طعنِ جهان،
شــــده شاهدِ شوهرِ دُختِ خــــويش،
که مزدور خوشدل کند کار بيش.
خدا و نبي را نباشد پسند،
کزينسان بناحق گواهي دهند،
وبالِ قيامت بگردن نهند،
چنين ملحدان را بدوزخ برند،
شــــده شاهدِ شوهرِ دُختِ خــــويش،
که مزدور خوشدل کند کار بيش.
مخالف شاهد کي بد دعا ڏيندي فرمائي ٿو:
الاهي بمن آنچه کرد آن لئيم،
تو داني که هستي بصير و عليم،
بفر ماي او را بفکرِ جحيم،
گرفتار بندِ عزابِ اليم،
شــــده شاهدِ شوهرِ دُختِ خــــويش،
که مزدور خوشدل کند کار بيش.
پوءِ هن بند تي پنهنجي بد دعا کي ختم ڪري ٿو:
کنون قصه ”انور“ بکن مختصر،
بود منتقم داورِ دادگر،
کشد انتقامم ازين بد گهر،
بسوزاند او را به نار ِ سقر،
شــــده شاهدِ شوهر ِ دُختِ خويش،
که مزدور خوشدل کند کار بيش.
ڀانئجي ٿو ته محمد بقا جو پٽ، آخوند صاحب جي ڀاءُ جو سهرو هو، ۽ هن پنهنجي نياڻي جي طرف شاهدي ڏني، ڇاڪاڻ ته آخوند صاحب جو مال متاع، باغ ۽ مز روع زمين سندس ڌيءَ جي گهر ۾ اچي. آخوند صاحب هر بند جي آخري شعر جو تڪرار ڪندي بيحد لطيف اشارو ڏنو آهي، يعني پنهنجي نياڻيءَ جي شاهدي، سهرن هن ڪري ڏني ته ”که مزدور خوشدل کند کار بيش!“ _ ’مزور جي دل خوش ڪبي ته محنت سٺي ڪندو‘: ”ڪار“ جو لفظ غور طلب آهي:
ملڪيت جي تڪرار، آخوند صاحب جي دل کي سخت صدمو پهچايو. هيءُ نازڪ دل شاعر، ٻيو ڇا ٿي ڪري سگهيو؛ شعر جي ذريعي هن پنهنجي ڏکن جي ڪهاڻي قلمبند ڪئي، ۽ دل کولي مخالفن، ڀائن، ۽ گواهن کي بد دعائون ڏيئي، دل ٺاري آهي؛ هڪ طويل مسدس ۽ درگاهه باري تعاليٰ ۾ ٻاڏائيندي چوي ٿو:

دوش بودم سر بزانوي تفکر ز اضطراب،
و از تظلم هاي اخوان با دل خود در خطاب،
ناگهان از هاتفي آمد بگوشم اين جواب،
کاين دو مصرﻋ رابخوان گردد دعايت مستجاب:
يا اله العالمين کن خانهﻋ ظالم خراب،
انکه ديدستم ز دستِ او بسي رنج و عذاب!
يا الاهي ديدم از دشمن اذيّت ها کثير،
من چگويم، هم عليمي هم سميعي هم بصير!
دستِ احسانت بود در ماند گان را دستگير،
داد من بستان ازين بيداد گر شومِ شرير:
يا اله العالمين کن خانهﻋ ظالم خراب،
انکه ديدستم ز دستِ او بسي رنج و عذاب.
با من از مکر و حيل نَردِ دغا را باخته،
مُهره ام در ششدر از تلبيس و کين انداخته،
غافلم کرد و بکار خويشتن پرداخته،
ابلقِ ظلم و ستم برمن يکايک تاخته:
يا اله العالمين کن خانهﻋ ظالم خراب،
انکه ديدستم ز دستِ او بسي رنج و عذاب!
آنچه برمن رفته زو هرگز نکر ده کس بکس،
ميکشم آزار زين غدار منحوسِ نجس،
تيز مي راند مجيدانِ جفاي من فرس،
يا خدا فرياد رس يا مصطفيٰ فرياد رس !
يا اله العالمين کن خانهﻋ ظالم خراب،
انکه ديدستم ز دستِ او بسي رنج و عذاب.
از وفور بيحيائي کرده با من ريش خند،
ميرساند از غرورم صد گزند اي خود پسند،
مشکلم را حلّ فرما انتظارم تابچند،
درکمندِ قهرِ خود کن بند بندِ او ببند،
يا اله العالمين کن خانهﻋ ظالم خراب،
انکه ديدستم ز دستِ او بسي رنج و عذاب.
هر زمان از جور او مي آيدم فرياد ياد،
دمبدم بر در گهت خواهم ازين بيداد داد،
بي نيازا از کرم کن خاطرِ ناشاد شاد،
بيخ و بنيادِ ستمگر يک قلم برباد باد!
يا اله العالمين کن خانهﻋ ظالم خراب،
انکه ديدستم ز دست او بسي رنج و عذاب.
هيچگه با من نگشت از غدر اين عيار يار،
مي نداند جز فريب و حيله اين مکار کار،
پيشِ تو شام و سحر نالم بحال زار زار،
حکم فرما و سرِ دشمن بفرقِ دار دار:
يا اله العالمين کن خانهﻋ ظالم خراب،
انکه ديدستم ز دستِ او بسي رنج و عذاب!
از ميﻋ رنجم دهد اين نحس بد فرجام جام،
يکدمم نبود غزالِ وحشيﻋ آرام رام،
ساغرِ راحت عطا کن بر من از انعام عام،
شربتم ده تا کنم شيرين ز شهدِ کام کام:
يا اله العالمين کن خانهﻋ ظالم خراب،
انکه ديدستم ز دستِ او بسي رنج و عذاب!
بادشاها! غير لطفت نيست يار و ياورم،
داورا! ظلِ هماي فضلت افگن بر سرم،
چون توئي بيکس نواز از روي احسان و کرم،
گر مرا بنوازي از بحرِ عناياتت چه کم!
يااله العالمين کن خانهﻋ ظالم خراب،
انکه ديدستم ز دستِ او بسي رنج و عذاب!
بينوا و بيکس و مظلوم و زارم يا اله،
صبح و شام اندر حريم، حضرتِ تو داد خواه،
بيکسان را کس توئي و بي پناهان را پناه،
برمنِ مسکين و عاجز بر کشا از غيب راه!
يااله العالمين کن خانهﻋ ظالم خراب،
انکه ديدستم ز دستِ او بسي رنج و عذاب!
گر دري بر بندي از حکمت کشاي صد دگر،
جز درِ خويشم خدايا بر درِ ديگر مَبَر،
قلبِ خود خواهم شود زا کسير الطافِ تو زر،
باشم از جود و عطايت کامياب و بهرور:
يا اله العالمين کن خانهﻋ ظالم خراب،
انکه ديدستم ز دستِ او بسي رنج و عذاب!
انهيءَ طويل مناجات ۾ آخوند صاحب انهيءَ رنگ جا اڃا به ڪيترا بند لکيا آهن. ٻي هڪ مناجات، حضور سرور ڪائنات جي حضور لاءِ لکي ٿو، ۽ ان ۾ به پنهنجي دشمن تي ڇوهه ڇنڊيندي پنهنجي لاءِ داد طلب ڪري ٿو؛ پهريون بند آهي:
اي درِ صفتت صلواة خوانم،
صلواتِ تو راحتِ روانم،
مسکين و ضعيف و ناتوانم،
مَاءِمَنُ بجز از درت ندانم؛
از دســـــــتِ مخنـــــشي بجانم،
يا شاه رسل به بخش امانم!
خورشيد سپهرِ ”اِنّمائي“
”لولاک“ مخاطب از خدائي,
شاها بدرت کنم گدائي،
دانم که تو درد را دوائي؛
از دســـــــتِ مخنـــــشي بجانم،
يا شاه رسل به بخش امانم!
شاها بدرِ تو داد خواهم،
از تست حمايت و پناهم،
رفته بفلک فغان و آهم،
جز لطفِ تو نيست روي و راهم!
از دســـــــتِ مخنـــــشي بجانم،
يا شاه رسل به بخش امانم!
انهيءَ تمهيد بعد اصل مطلب عرض ڪندي چوي ٿو:
بوجهل خصائلي سيه رو،
کلهّ چو کَدو سرش بلا مو،
بد هيئت و بد سرشت و بد خو،
با من ز جفا شده جفا جو؛
از دســـــــتِ مخنـــــشي بجانم،
يا شاه رسل به بخش امانم!
غصبيد ز من حدائق و کاشت،
و از مال و متاع هيچ نگذاشت،
مملوکِ من آنچه بود، برداشت،
از کبر مرا حقير پنداشت؛
از دســـــــت مخنـــــشي بجانم،
يا شاه رسل به بخش امانم!
از کينه کند هر آنچه با من،
دشمن نکند به هيچ دشمن،
بنياد بدش ز بيخ بر کز،
در فکر جهنمش در آفگن!
از دســـــــتِ مخنـــــشي بجانم،
يا شاه رسل به بخش امانم!
اي شاه سريرِ ملکِ سرمد،
شاهنشهِ مرسلان محمّد!
جورش بگذشته بر من از حد،
مقهور کنش بحالتِ بد؛
از دســـــــتِ مخنـــــثي بجانم،
يا شاه رسل به بخش امانم!
هر لحظه به بينم از وي آزار،
هر دم نهدم براهِ صد خار،
اي شاهِ جهان شفيعِ ابرار،
درپيشِ خلائفش کني خوار؛
از دســـــــتِ مخنـــــشي بجانم،
يا شاه رسل به بخش امانم!
اي سيد و سرورِ سرافراز،
صعوه بحمايتت شود باز،
از معجزه رايتي برافراز،
بيخ و بُن غاصبم برانداز!
از دســـــــتِ مخنـــــشي بجانم،
يا شاه رسل به بخش امانم!
آخري بند ۾ فرمائي ٿو:
نالان بدرِ تو آمد ”انور“،
اين ظلم و جفا و جور بنگر،
شد حکمِ تو حکمِ رب داور،
فرياد رس اي شفيعِ محشر!
از دســـــــتِ مخنـــــشي بجانم،
يا شاه رسل به بخش امانم!
اها مناجات، 14 تاريخ 1266هه جي تصنيف ٿيل آهي، ۽ اهو ئي زمانو هو جنهن ۾ آخوند صاحب عزيزن جي جهڳڙي ۾ بريءَ طرح ڦاٿو، ۽ جنهن جو کيس ايڏو صدمو رسيو، جو ان کان پوءِ سندس شاعريءَ جو رخ ۽ محور ئي بدلجي ويو. انهيءَ دؤر جي سندس بي هڪ ڊگهي نظم آهي، جنهن ۾ زماني جي ناسازي، ڀائرن جي بيوفائي، ۽ پنهنجي حالت زار جو روئڻو رُنو ويو آهي. شروعات ۾ لکي ٿو ته ”هڪ ڏينهن صبح جو سوير ڀائرن جي مظالمن جي ياد دل تي تري آئي. دل وندرائڻ خاطر ٻاهر نڪري باغ ۾ هليو ويس:
”اِسُمَعُواُ يا فَريق جِيرُ آني!
شرح حالات ظلم اخواني،
سحر از غصه و پريشاني،
خاطرم خواست سيرِ بستاني،
تا مگر لحظهﻋ بر آسايد،
دل بنظّارهﻋ گلستاني،
در نهادم قدم بصحنِ چمن،
لب بذکرِ ثناي رحماني.“
باغ جي تعريف ڪندي لکي ٿو:
هر طرف نهرهاي آبِ روان،
همچو انهار باغ رضواني،
هر طرف بلبلي بشاخِ گلي،
بود در نغمه و خوش الحاني،
بر سرِ شاخِ سرو هر جانب،
قمريﻋ مست در پَر افشاني،
شده نسرين و سنبل و سوسن،
نزهتِ صَفَحهﻋ خياباني،
گشت از فرطِ عطر لخلخهِ سائي،
بمشامم شميمِ ريحاني.
باغ جا اهي نظارا شاعر جي دل تي خاص اثر ڪن ٿا. تفريح ۽ روح جي ورونهن ته ڪانه ٿي، الٽو کيس پنهنجو باغ ۽ بستان اچي ياد پيو، ۽ باد صبا هٿ، مٽيارن جي شهر ۾ پنهنجي ڀاءُ ڏانهن، جنهن سندس باغ هضم ڪري ڇڏيو هو، نياپا ۽ سهاپا چورائي ٿو موڪلي:
يادم آمد ازان گل و گلزار،
که شده غصب جورِ اخواني؛
با صبا کردم از عتاب خطاب،
که ”تو همراز خيلِ رنداني؛
بگذري گر بشهر متعلوي،
خدمتي دارم ار تو بتواني،
چه شود گر بري پيام مرا،
بسوي آن برادرِ جاني!
آنکه ببريد ز اخوت و اخوان،
بهر حُطام دنياي فاني؛
نام او گر بري بر آبِ روان،
در زمان ايستد ز جرياني؛
’يُعرف المُجرِ مون بسيمهُم‘،
هست مردي سياه پيشاني؛
طمع آموز اشعثِ طمّاع،
مُبخل و ممسکي است لاثاني.“
پوين ٽن شعرن ۾ ڀاءُ جي طبيعت ۽ فطرت، صورت ۽ سيرت جي عڪاسي ڪري ٿو _ ’لالچ، طمع ۽ هٻڇ ۾ اشعث طالع جو به استاد لڳي؛ سندس نالو وهندڙ پاڻيءَ اڳيان جيڪڏهن وٺبو، ته هوند هڪوار اهو به وهڪرو ڇڏي بيهجي ويندو!‘ انهن بيان ڪرڻ بعد ۽ نشانن پارن پتن ڏيڻ کان پوءِ هي نياپو ڏئيس ٿو:
”باز گويش پس از سلام از من،
گر براهِ مروتش داني،
که ’جذ رکن ز رنج خاطرِ من،
تا دلم را دگر مرنجاني؛
چه بَدي باتو کرده ام اي دوست،
که مرا سر گروهِ خصماني!
منم آن کت بناز پروردم،
کردمت جان و دل بقرباني؛
تو بمن آنچه کردهﻋ، ننمود
با اخ ابناي پيرِ کنعاني؛
طبل تا کي زنم بزيرِ گليم،
چيست در پرده رازِ پنهاني!
غصب کردي زمن حدائق و زرع،
نخل بي شرمي از چه بنشاني!
من گذارم بمحنت و عسرت،
با کمالِ جفاي دوراني؛
تو بناز و نعيم و عيش و نشاط،
متمتع ز باغ و بستاني؛
رنج صد بار به ازين راحت،
مرگ بهتر ازين تن آساني؛
گه فريبم دهي بوعدهﻋ کذب،
گاه در فکر مکر و دستاني؛
گه بگوئي که ما غلام توئيم،
که ز جدّ و پدر سخن راني؛
داري از من دريغ مشت گياه،
چه دهم شرح سيب و رمّاني؛
حيف صد حيف بر چنين پسري،
لعنِ حق بر چنين پدر خواني!‘“
ڀاءُ جي ڪارستانيءَ جي اشارن ئي اشارن ۾ پوري شرح ڪري ويو آهي. آخوند صاحب، ڀاءُ کي ناز و نعم سان پاڻ پالي وڏو ڪيو هو؛ سموري زندگيءَ ۾ ڪابه بڇڙائي يا بدي ڀاءُ سان ڪانه ڪئي هئائين؛ ليڪن هُو احسان فراموش، يعقوب جي پٽن جهڙي حضرت يوسف سان ڪئي، ان کان به وڌيڪ ڪري چڪو: سڄي جائداد غصب ڪري ويهي رهيو. پاڻ عيش عشرت ۾ گذارڻ لڳو ۽آخوند تڪليف ۽ عسرت ۾ بسر ڪندو رهيو؛ مال متاع، باغ بستان هضم ڪري وڃڻ کان پوءِ به هو دغاباز کيس ڪوڙا دم دلاسا ڏيندو رهيو، ۽ آخوند صاحب کي پيءُ ڏاڏو ڪوٺيندو ۽ سندس ٽنگ ڪپيندو رهيو. اڳتي هلي آخوند صاحب کيس خطاب ڪندي چوي ٿو:
من گرفتم بظاهرِ احوال،
که تو قاري نبّضِ قراني؛
کي نوشت است در کلامِ مجيد
غصبِ اموال اهلِ ايماني؟
غصبِ حقّ ِ برادرِ مومن،
کفر و شرک است و جهل وناداني؛
غصبِ حقّ ِ برادر ِ مـؤمن،
کار بوجهلي است و مرواني؛
غصبِ حقّ ِ برادرِ مـؤمن،
باشد از شيوهاي شيطاني؛
تو بعقل و کمال و فضل و هنر،
در گماني که به ز لقماني!
قول سعدي مگر ز يادت رفت،
بشنو از من اگر به نسياني؛
”گر تو قران بدين نمط خواني،
ببري رونقِ مسلماني!“

دنيا جي بي وفائيءَ جا مثال بيان ڪندي فرمائي ٿو:
پدرِ ما چو رفت از دنيا،
آنچه با خويش برد ميداني؛
شد کجا کيقباد وکيکاؤس،
شد کجا شوکت سليماني!
شد سکندر کجا کجا دارا،
شد کجا کّر و فرّ قا آني!
شد کجا خسرو و کجا فغفور،
شد کجا آن شکوهِ خاقاني!
شد کجا رستم و کجا شد زال،
شد کجا سام کو نريماني!
شد کجا گرشب وکجا اُترط،
شاه کو رنگ زابلستاني!
شد کجا گيو و شد کجا گودرز،
شد کجا قوَتِ قزل خاني!
شد کجا طوس و بهمن و نوذر،
شد کجا حمله هاي هوماني!
چه شد اسفنديار روئين تن،
چه شد استيزه هاي هاماني!
شده قارون کجا، کجا فرعون،
شد کجا حيله هاي هاماني!
اين چنين تا به آدم و حّوا،
رفت هر يک براهِ سلطاني!
زين جهان جز کفن نبرده کسي،
و آنهم از باشد ار حق ارزاني!
انهن سڀني بادشاهن جي رفتي ۽ گذشتنيءَ جا مثال ڏيئي ڀاءُ کي چوي ٿو:
تو هم اي غرّه در سر اي سپنج،
چند روزي غريب و مهماني؛
آخر از دهر رخت بربندي،
بيگمان تن دهي بعُرياني؛
چار لاچار زين جهان بروي،
گرچه تا نفخِ صور مي ماني؛
بعد مرگت کجا بکار آيد،
آنچه اينجا تو غاصبِ آني!
غصب از نقطﻋ غضب گردد،
مي نترسي ز قهرِ يزداني!
کيس شرمائيندي چوي ٿو:
خوب شد آنچه کردي اي ظالم،
کن دگر نيز هر چه خواهاني!
بگذرد بر من و تو، اين دوران،
رنج و راحت رسد بپاياني؛
عاقبت اين جفا و جورو ستم،
ندهد سود غيرِ خسراني؛
کارت افتد بواحد قهّار،
تاکي اين مکر و غدر و دکراني؛
شرم کن از خداي خود آخر،
گبَر و ترسا نهﻋ، مسلماني!
گر نچيدم گلي ازين گلشن،
نبودم هيچ زان پشيماني؛
من گذشتيم ازين گل و گلزار،
گل و گلزار بر تو ارزاني!
باد صبا هٿ انهيءَ قسم جا درد ناڪ نياپا ۽ سنيها، پيغام ۽ پيام، ڏک ۽ ڏوراپا، پنهنجي ظالم ڀاءُ ڏي چورائي، آخر ۾ بادشاهه پير دستگير جي حضور ۾ هيٺينءَ ريت داد خواهي ۽ داد رسيءَ لاءِ دانهون ٿو ڪري:
بردم داد خواه از دست،
جبه سائي جنابِ جيلاني:
پيرِ ما مير شاه محي الّدين،
قطبِ اقطاب غوثِ صمداني؛
رهبرِ رهروانِ راهِ هدا،
هاديﻋ عارفانِ عرفاني؛
آن شهنشه که حکمِ او نافذ،
بر همه خلق جن و انساني؛
آنکه کرّ و بيان بعجز و ادب،
بر در او نهاده پيشاني؛
آنــــــکه آرد بشارتش ز فلک،
مَلک از بهرِ مشکل آساني؛
آنکه شاهان و خسروانِ جهان،
بر درش مفتخر بدرباني
آنکه درويش درگهِ او را ست،
شوکت و حشمتِ سليماني؛
آنکه شد خاک مرقدِ پاکش،
خوشتر از سرمهﻋ صفاهاني؛
آنکه هرگز سگِ در خود را،
نگذارد برنج و حيراني؛
گويمش با هزار ناله و آه،
که ”تو دردِ مرا چو درماني؛
”سيّدا، سرورا، بدادم رس!
تاکي اين انتظارِ نگراني؛
”بيخ و بنياد غاصبم برکَن!
خانمانش بده بويراني!
”مستغيث آمدم بدر گاهت،
الغياث، اي حبيبِ سبحاني!“
حاليا قصه مختصر ”انور“،
کارساز است لطفِ رباني!
آخوند صاحب جي بياض ۾ انهيءَ درد ناڪ ڪهاڻيءَ جا ايترائي حصا ملن ٿا؛ خبر نه آهي ته سندس داد رسي، جنهن لاءِ هيتريون آهون ۽ دانهون ڪيون اٿائين، هن دنيا ۾ ئي ٿي يا قصو وڃي روز قيامت تي بيٺو.
1843ع (1259هه) ۾ سنڌ تي انگريزن جو قبضو ٿيو، آخوند صاحب جو ولي نعمت ۽ سنڌ جو والي مير نصيرخان ”جعفري“، فرنگين جي قيد ۾ ڪلڪتي هليو ويو؛ ٽالپري دربار جي ڏِئي اجهامڻ کان پوءِ انهيءَ شمع جا پروانا هيڏي هوڏي ٽڙي پکڙي ويا؛ انهيءَ ’سهاڳ‘ کسجڻ کان پوءِ ئي آخوند صاحب جي ملڪيت تي سندس ڀائرن قبضو ڪيو. انگريزن اچڻ سان ماڻهن جي جائداد ۽ جاگيرن جي جانچ پڙتال ڪئي؛ انهيءَ دوران ۾ ڀانئجي ٿو ته آخوند صاحب جا ڀائر، وجهه وٺي سندس ملڪيت ﭰٻائي، شاهديون گواهيون ڏياري، جيئن مٿين نظمن مان معلوم ٿئي ٿو، پنهنجي قبضي ۾ ڪري ويا. اهو معاملو سنڌ فتح ٿيڻ کان 5_6 سال پوءِ وقوع ۾ آيو.
1266هه (1849ع) ۾ مٿيان نظم تصنيف ٿيل آهن. گدو وغيرهه به سندس ڀائرن جا مددگار ۽ آخوند صاحب جا مخالف هئا. انهيءَ ڪري ئي 1269هه م جڏهن گدو معزول ٿيو، تڏهن آخوند صاحب تاريخي قطعو تصنيف ڪيو.
آخري زماني ۾ آخوند صاحب جي حيثيت ڪهڙي به ٿي هجي، ليڪن معلوم ٿئي ٿو ته ٽالپري دؤر ۾ مال ملڪيت جي لحاظ کان صاحبِ حيثيت هو _ باغ بستان، جايون عمارتون، زر ۽ زمينون، مطلب ته کيس گهڻو ئي ڪجهه هو_ اسان کي سندس بياض ۾ هڪ قطعو ملي ٿو، جيڪو هن پنهنجي مهمان سراءِ ٺهرائڻ جي سلسلي ۾ چيو آهي:
ساختم”مهمان سرائي از پيﻋ متردّ دين،
کرده ام نذرِ جنابِ شهريارِ مرسلين؛
تا مگر صاحبدلي در وي گيرد مقام،
مستجاب آيد بدرگاهِ اله العالمين.
آخوند محمد بچل ”انور“ ڪهڙي تصنيف يا تاليف ڪئي، ان جو اسان کي پتو پئجي ڪو نه ٿو سگهي. اسان وٽ سندس ذاتي بياض آهي، جنهن جي آخر ۾ مٿي ڄاڻايل نظم ۽ 50_60 غزل درج آهن. انهيءَ بياض کان سواءِ مير نصيرخان جي ”مثنوي مرزا صاحبان“ تي نثر ۾ سندس ديباچو ملي ٿو. 1235هه ۾ مير نصير خان جڏهن ڦوهه جوانيءَ ۾ هو، تڏهن کيس خيال ٿيو ته ڪنهن لافاني عشق جو افسانو نظم ڪري. صلاح مشوري کانپوءِ، هن ”مرزا صاحبان“ جي قصي کي نظم ڪرڻ لاءِ چونڊيو.آخر، مثنويءَ جي تڪميل ٿي، ۽ آخوند صاحب کي ان جي ديباچي لکڻ لاءِ چيو ويو. آخوند صاحب پاڻ فرمائي ٿو:
”اين قليل البضاعـة کمترينِ غلامانِ درگاِهِ عرش اشتباه، که از آبا و اجداد نمک پرورده اين خاندان عظيم الشان و دائم الاوقات به عتبه بوسي جناب ملائک ماب بسر بود و همواره بعناياتِ خسروانه جهان پناهي سرفراز.......بشرفِ ارشاد مسوده نويسي منظومات آن مشرف شده، و در عرض دو ماه باوجود اشتغالِ عباداتِ پروردگار که گاهي از دامني آن....پر داختـﮧ اند، و مشاغلِ امورِ سلطنت و جهانباني و نشاطِ سير و شکار که اکثر خواهش خاطر فيض مظاهر حضور به فرغيت آن مصروف مي باشد، اتمام پذير فته و بعد اختتام فرمانِ قضا جريان بسر بلندي اين خوشه چين خرمنِ اهلِ کمال بترتيبِ ديباچهﻋ آن شرفِ نفاذ يافته: لهذا حسب الامر جليل القدر اگرچـﮧ مواد.....خامه خود را شايان ديباچه نويسي مشک افشاني منظوماتِ طبع زاد جهان پناهي نميداند؛ ليکن بحکم آنکه’هر عيب که سلطان به پسندد هنر است‘، سطري چند ثبت يافته“
مثنوي مرزا صاحبان جو اهو نسخو 14 صفر 1247هه (1831ع) جو لکيل آهي، ۽ هن وقت صاحبزادي مير نور محمد خان جي ملِڪ آهي.
آخوند صاحب جي بياض ۾ 1277هه تائين جا سال ملن ٿا، اُن کان پوءِ مرحوم ڪيستائين جيئرو هو، انهيءَ معلوم ڪرڻ لاءِ في الحال اسان وٽ ڪوبه ذريعو ڪونه آهي.
آخوند صاحب جو ذڪر مرزا قليچ بيگ جي ”قديم سنڌ“ ۾ نهايت نامڪمل ۽ مختصر ملي ٿو. ان کان پهريون Dry Leaves From Young Egypt ۾ ضمني حوالي طور آخوند صاحب جو نالو آيو آهي؛ يعني مياڻيءَ جي لڙائي ختم ٿيڻ کان پوءِ سر چارلس نيپئر جڏهن اچي حيدرآباد ۾ لٿو ۽ ٽالپر سندس ڪئمپ ۾ اچي نظربند ٿيا، ان وقت سر چارلس، مير نصيرخان ڏانهن ماڻهو موڪليو ته هو قلعو ڏسڻ گهري ٿو، تنهنڪري مير صاحب پنهنجا معتمد ماڻهو کيس ڏِئي، جيڪي هلي قلعو ڏيکارين. ميرنصيرخان، ديوان ميٺارام ۽ بهادر خدمتگار سان گڏ، آخوند محمد بچل کي به سر چارلس سان موڪليو (342). اهو واقعو 21 فيبروري 1843ع جو آهي. سر چارلس ۽ سندس لشڪر قلعي ۾ گهڙڻ سان لٽ ڦر شروع ڪئي ۽ ڪروڙن جي ملڪيت انهيءَ ڏينهن لُٽي ويئي. اها سموري روئداد آخوند صاحب اکين سان ڏٺي هوندي؛ انهن حوالن کان پوءِ آخوند صاحب جي سوانح تي مخدوم محمد ابراهيم ”خليل“ ٺٽويءَ جي تذڪري ”تڪمله مقالات الشعرا“ ۾ هيٺين هڪ سٽ ملي ٿي:
”شيرين بيان رنگين تبيان آخوند محمد بچل ’انور‘ ساکن متعلويست“ _ص 029
مٿين حوالن کان وڌيڪ آخوند جي سوانح ۽ حالات تي اسان کي، باوجود ڪوشش جي، ٻيو ڪوبه مواد ملي نه سگهيو.
ميرنصيرخان جلاوطنيءَ جي زماني ۾، آخوند صاحب سان ڪلڪتي مان خط و ڪتابت ڪندو هو. هن پنهنجي زوجه محترمه ديره سوم (حرم خاص) ڏانهن جيڪي خط لکيا آهن، انهن جو مجموعو اسان جي سامهون آهي. هڪ خط ۾ هي نوٽ ملي ٿو:
”رقعه بعاليقدر آخوند محمد بچل خان نوشسته ام، شفقت فرموده بدستِ ديوان هوتچند در حيدرآباد باشد و يا در متعلوي باشد او را داده، آزاده بردر ديوري خواهد نشانيد که خوب است“ _(227).
’عاليقدر‘ جي لفظ مان اندازو ٿئي ٿو ته آخوند صاحب لاءِ سنڌ جي فرمانروا کي ڪيڏو قدر هو.
آخوند صاحب جيڪڏهن ڪو ديوان مرتب ڪيو هو ته اهو هن وقت ناپيد آهي. سندس بياض ۾ 40_50 غزل ملن ٿا، جن جو انتخاب اسان هن هيٺ ڏيون ٿا (1):
جانا، قدم بمحفل ما گر نهي ز لطف،
افتد هماي اوج سعادت بدام، ما!
شام و سحر ز هجرِ تو خونِ جگر خوريم،
بنگر چسان هميگذرد صبح و شامِ ما!
”انور“ بجان بکوش بمدح خديو عصر،
مير نصيرخان شههِ عالي مقامِ ما!
خوش بود ذکرِ تو ترانهﻋ ما،
نغمهﻋ بزمِ عاشقانهﻋ ما؛
از قدوم تو اي پري پيکر،
رشکِ فردوس گشت خانهﻋ ما!
_______ _______
عيد ست و بهار است شگفته گل و لاله،
ساقي بفگن بادهﻋ گلگون به پياله!
از بسکه کنم گريه ز هجرانِ تو چشمم،
مانند سحابي است که مي بارد رﱞاله.
_______ _______
جانِ من در غم جدائيﻋ تو، اشک من رفته رفته جيحون شد!
_______ _______
کرده رنگين دستهاي خود ز خون عاشقان،
دلبران نامِ حنا شايد که بر خون بسته اند؛
نکته سنجانِ معاني بر بياضِ آفتاب،
بيت ابروي ترا مرغوب مضمون بسته اند؛
”انور“ از چون وچرا هر گز مزن دم درجهان،
حل و عقد اين و آن بر حکمِ بيچون بسته اند.
_______ _______
شکرِ خدا که باز شد آن يار يار من،
آمد ز راه لطف چو جان درکنارِ من؛
گل ميکند ز رشک به تن جامه چاک چاک،
هر گه شود چمان بچمن گلعذارِ من؛
همچون هلال حلقهﻋ چشمم رکاب شد،
شايد مگر سوار شود شهسوارِ من؛
صبحم بيادِ رُوي تو، شامم بفکرِ زلف،
اينست اي ستمگه ليل و نهارِ من؛
سازم نثار مقدمِ تو نقد جان و دل،
آري گر اي بُريد پيامي ز يارِ من.
هر چند که دارد بچمن نشو و نما گل،
از تابِ رخت آب شد از شرم و حيا گل:
بخرام بصحنِ چمن اي رشکِ گلستان،
تا فرش براهِ تو کند بادِ صبا گل؛
اي کعبه ابروي تو محراب نمازم،
شد قبلهﻋ رخسار ترا قبله نما گل؛
با اين رخِ زيبا چو بگلزار درآئي،
از حسرتِ روي تو کند جامه قبا گل؛
در رنگ و صفا گر زند از همسريت لاف،
بندم بکفِ پاي تو بر جاي حنا گل.
_______ _______
آن ماه ده و چار شب آمد بکنارم،
آيا چه خوش افتاد قراني بقريني!
_______ _______
ره و رسم وفا بخدا که زهي چه خوش است ز همچو تو کج کلهي،
عجب است عجب ز شکوه شهي که گهي نگهي بگدا نکند!
_______ _______
چه خوش آن زمان که ز حالِ من خبري به بيخبري رسد،
ز فغان و نالهﻋ زار من اثري به بي اثري رسد!
ز فراقت اي مهِ دلربا بدلم رسيد غم و جفا،
بکند مگر سببي خدا شبِ هجر را سحري رسد؛
تو بمصرِ حسن چو يوسفي چه شود بنامه و قاصدي،
ز شميمِ پيرهنت اگر بصري به بي بصري رسد؛
به دو چشم و ابروي تو بُتا ز خدا کنم طلب اين دعا،
که مباد بر رخ مهوشِ تو ز چشم بدنظري رسد!
دل غمکشيدهﻋ عاشقان که سپند مجمرِ عشق شد،
حذري کني ز جفاي آن که ز دودِ آن فطري رسد،
همه تقدِ جان بفداي او کند ”انور“ از رهِ خرمّي،
اگر اي نگار به پيش او زبر تو نامه بري رسد.
_______ _______
مرﱞدهﻋ وصل نکو بنده نواز،
حرفِ جان بخشش بگو، بنده نواز،
ز انفعالِ قدِ رعنائيﻋ تو سرو،
پا بگل بر لبِ جُو، بنده نواز.
_______ _______
گرفتي آشنا نا آشنا را،
بريدي ز آشنا اي بيمروت،
دلم در دام گيسوي تو گشته،
اسيرِ صد بلا اي بيمروت.
_______ _______
کي نمايد هوسِ جنت و فردوس نعيم،
شد بر آن کو صنما برسرِ کُوي تو مقيم!
در غمِ هجرِ تو گشتيم بصد درد نديم،
چه دهم شرح فراقت که عذابيست اليم؛
غير وصلت بدلم نيست تمناي دگر،
بر همين قول گواه است خداوند عليم.
_______ _______
عمر خود صرف نموديم بعشقِ تو تمام،
شد فرامش مگرت خدمتِ ديرينهﻋ ما،
”انور“ از گردشِ ايام ز حق ميطلبم،
که بخوبي گذرد شنبهﻋ و آدينهﻋ ما.

همي ترسم بناي خانهﻋ مردم خراب آيد،
چـﮧ نيسان دارد ابرِ ديدهاي اشکبارِ من؛
قدم را رنجه فرما يکدمک در ديده ام بنشين،
بکن جانا تمناشاي کنارِ جوئبارِ من.
گرم فرما و شادم کن بوصلِ خود، نميداني،
به اميدِ وصالِ تو سر آمد روزگارِ من.
_______ _______
بخواهم از سرِ کوي تو رفتن، ليک ميترسم،
که همراهم نباشد دل چو من رختِ سفر بندم.
بدين خوبي و زيبائي که داري نيست کس، ورنه
دلِ خود از تو بر گيرم بدلدارِ دگر بندم.
کمربستي ز فرطِ بيوفائي بر جفاي من،
از آن غافل که من هم بر وفاي خود کمر بندم.
_______ _______
مصحف روي تو بينم دمبدم از بهر آنکه
تا مگر فالِ وصالي زين کتاب آيد برون.
لمعهﻋ نُورِ رُخت آتش بجانش زد چنان،
کز کمالِ تاب آن از گل گلاب آيد برون.
_______ _______
جلوهﻋ سرو قدش چون ياد مي آيد مرا،
کي بياد از قامتِ شمشاد مي آيد مرا!
درخورِ فتراک او نبود چو صيدي لاغري،
لاغرم زان شرم از صياد مي آيد مرا.
ميکشم تنگ اندر آغوشش بمانندِ قبا،
”انور“ از طالع اگر امداد مي آيد مرا.
_______ _______
در آرزوي وصلِ تو تاکي ز غمِ هجر،
فرياد ز دل هر سحر و شام بر آرم.
_______ _______
کاتبِ قدرت که خطِ عارفت زيبا نگداشت،
مصحف وري نوشت در جدولِ مينا گذاشت،
کلک اوستاد ازل بالاي دلجوئي ترا،
هم الف، هم سرو، هم شمشاد، هم طوبا گذاشت،
_______ _______
گر بخواني ز وفا، ور تو براني ز جفا،
من بر آئينِ ره و رسم وفايم، چکنم.
_______ _______
آخر ۾ آخوند مرحوم جو هڪ هجويه قطعو ڏجي ٿو، جيڪو هن ڪنهن حڪيم تي ٽوڪ ٽهور ڪندي فرمايو آهي:
اي داده به باد باباؤ جدت،
دجّال خجل گشته ز افعالِ بدت،
خود را تو مسيحا به جهان کردي نام،
اين دعوا اي ديو کُجا مي رسدت.

[”مهراڻ“_سرءُ، 1955ع]


________________________________________
(1) آخونـﮧ صاحب سنڏي شعر به چيو آهي_ چند مرثيا ۽ مدح شاه عبداللطيف رحه، عزيزي مرزا گل حسن ”احسن“ ڪربلائي وٽ موجود آهن؛

مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي

خانداني پس منظر
مير علي شير پنهنجو نسبي سلسلو هن طرح بيان ڪيو آهي: ميرعلي شير، بن سيد عزت الله، بن سيد محمد ڪاظم، بن سيد محمد مقيم، بن سيد ظهيرالدين ثاني، بن سيد شڪرالله ثاني، بن سيد ظهيرالدين والاسلام المعروف بـﮧ سيد جادم اول، بن سيد قاضي شڪر الله شيرازي، بن سيد وجهه الدين، بن سيد نعمت الله، بن سيد عرب شاه، بن امير سيد نسيم الدين محمد المعروف بـﮧ مير ميرڪ شاه، بن امير سيد عطا الله جمال الدين محدث، بن امير سيد فضل الله المحدث الحسيني الدشتڪي (1) الشيرازي.
مير صاحب پنهنجن مٿين بزرگن جو ذڪر ”تحفـة الڪرام“ جي ٻئي جلد ۽ ”مقالات الشعرا“ ۾، پنهنجي سوانح جي ضمن ۾ ڪيو آهي. ”تحفـة الڪرام“ جي ٽئين جلد ۾، قاضي سيد شڪر الله اول کان وٺي پاڻ تائين، خاندان جي سنڌي افرادن جو احوال لکيو اٿس.
پنهنجن ايراني بزرگن جي سلسلي ۾، مير صاحب جا ماخذ تاريخ ”حبيب السير“، ”هفت اقليم“ ۽ ”مجالس المومنين“ آهن، جن تان هن صاحب پنهنجا خانداني حالات نقل ڪيا آهن.
مناسب آهي ته ميرصاحب جي سوانح حيات سندس بزرگن جي مختصر احوال سان شروع ڪئي وڃي، ته جيئن پڙهندڙ، مير صاحب جي حالات پڙهڻ کان اڳ، سندس خانوادي جو علمي پس منظر ذهن نشين ڪن.

(1) السيد الجليل امير اصيل الدين عبدالله (بن سيد عبدالرحمان، بن سيد عبداللطيف، بن سيد جلال الدين يحييٰ محمد الحسيني) تفسير، حديث، ۽ فن انشا جو جيد عالم ۽ پنهنجي زماني جو فاضل ترين بزرگ هو. ”حبيب السير“ جي مصنف، جنهن ادب ۽ احترام سان هن بزرگ جو ذڪر ڪيو آهي، اهو سندس ئي لفظن ۾ پڙهڻ جي لائق آهي.
_”بصفت اصالت و وفور جلالت و نباهت شان، و قدم دودمان موصوف و معروف بود، و بوفور زهد و تقويٰ و دينداري و غايت ديانت و پرهيزگاري، از اکثر علما و سادات بني آدم ممتاز و مستثنيٰ مينمود. زبان گهرافشانش مغسر حقايق صحف آسماني، و بيان بلاغت نشانش مبين دقايق کتب سبحاني، باطن خجسـة ميامنش مظهر آثار ولايت و رشاد، و خاطر فرخنده ما ثرش مهبط انوار هدايت و ارشاد، و بي شائبه مدح گستري آن مهر شريعت پروري، در علم تفسير و حديث و انشا و تاليف شبيـﮧ و نظير نداشت.“ (1)
سيد صاحب، سلطان ابو سعيد جي زماني (855_872هه) ۾، شيراز کان لڏي هرات ۾ اچي مقيم ٿيو، ۽ بادشاه جي تحريڪ تي هفتي ۾ هڪ دفعو مدرسهﻋ گوهر شاد آغا ۾ وعظ فرمائيندو هو. اهڙيءَ طرح، هر سال ربيع الاول جي مهيني ۾ ميلاد جي مجلس منعقد ڪري، حضور صلعم جن جي سيرت پاڪ اهڙي دلنشين پيرايي ۾ بيان فرمائيندو هو. جو سامعين جي تاثر جي ڪيفيت ڏسڻ وٽان ٿيندي هئي.(2) سندس تصنيفات ۾ هيٺين ٻن ڪتابن شهرت دوام حاصل ڪئي:
(1)”شرح درج الدرر“ (بر ”سير سنيـﮧﻋ خيرالبشر“)
(2) ”ڪتاب مزارات هرات.“
پوئين ڪتاب لاءِ صاحب ”حبيب السير“ جو قول آهي ته
_”درميان افاضل اقطار جهان مشهور است، و صحت روايت وبلاغت عبارت آن نسخه بر السنـﮧ و افواه خلايق مذکور.“
سيد صاحب جو انتقال، سلطان حسين بايقرا جي دؤر ۾، 17 جمادي الاخر (3) سنه 773هه ۾ ٿيو. سلطان حسين سندس اولاد لاءِ جا گيرون مقرر ڪيون، مير علي شير سندس ٻن فرزندن جو نالو کنيو آهي: سيد صفي الدين محمد ۽ سيد برهان الدين محمد.

(2) سيد الحڪما و المدققين امير صدرالدين محمد شيرازي (”ابوالمعالي“ ڪنيت؛ ”صـــــــــــــــــــدرالعلما“ ۽ ”صــــــــــدرالحقيقـة“ لقب) سندس والد جو نالو امير غياث الدين منصور هو، جنهن لاءِ ”حبيب السير“ جي مصنف جو قول آهي ته
_”درسلک سادات عالي نسب مملکت فارس انتظام داشت، و مرجع اشراف داعيان بوده؛ پيوستـﮧ نقش خيرخواهي بر الواح خواطر آدميان مي نگاشت.“
امير صدرالدين، مولانا قوامالدين گلباريءَ وٽ علومن جي تحصيل ڪئي.(1) جنهن کان پوءِ شيراز ۾ هڪ عظيم الشان مدرسو _ ”مدرسهﻋ منصوريه“_ ٺهرائي، ان ۾ درس جو سلسلو شروع ڪيائين. ”حبيب السير“ ۾ آهي ته
_”صفت بالاعزاز بنشر علوم محسوس و مفهوم قيام و اقدام مينمود، و بجودت طبع و دقت ذهن از جمبع علماي متبحرين و فضلاي متاخرين ممتازو مستثنيٰ بود(2).“
انهيءَ مدرسي ۾ هزارن طالبعلمن، ۽ ستون ذوق رکندڙ ٻين صاحبن، علم حاصل ڪري، دين ۽ دنيا ۾ سرخروئي حاصل ڪئي.
”مجالس المومنين“ جي صاحب جو انهيءَ بزرگ لاءِ قول آهي ته ”حديث جو جيّد عالم ۽ حافظ هو. علوم حڪميه ۽ شمسيه ۾ دنيا جي عظيم ترين حڪما جي درجي تائين پهتل هو. جن بزرگن کان پاڻ تعليم ۽ فيض پرايائين، سي سڀ پنهنجي دؤر جا بينظير عالم هئا، جن جي استادن جا سلسلا بو علي سينا، ملاقطب الدين، علامه شيرازي، سلطان المحققين خواجه نصيرالدين طوسيءَ، امام غزاليءَ، امام فخرالدين رازيءَ ۽ علامه شيخ جمال الدين حسن جهڙن بزرگن تائين پهتا ٿي.(1)
مولانا جلالالدين دوانيءَ ۽ سيد صاحب جي وچ ۾ علمي نڪتن تي اختلاف ٿيندا رهندا هئا، ليڪن منهن سامهون بحث ڪرڻ جي هام محقق دوانيءَ ڪڏهن نه ڀري، البت اختلافي مسئلن تي هن صاحب ڪيترا رسالا لکيا، جن مان ”حواشي تجريد“ ۽ ”حواشي مطالع“ مشهور (2) آهن_
اهڙيءَ طرح وقت جي ٻين عالمن به سيد صاحب سان ڪڏهن مناظرو ڪونه ڪيو.
”حبيب السير“ هيٺيان ڪتاب سندس تصنيف ڪيل لکيا آهن:
(1) ”رساله تحقيق علم در اثبات واجب“؛ (2) ”حاشيه شرح شمسيه“؛(3) ”حاشيه مطالع“؛ ۽ (4) ”حاشيه تجريد“.
مير ’قانع‘ انهن چئن ڪتابن سان گڏ هيٺين تصنيفات جو به ذڪر ڪيو آهي:(1)
(5)”حاشيه بر ’اوائل شرح مختصر اصول_ ابن صاحب‘“؛ (6)”حاشيه بر ’ڪشاف‘“؛(7) ”رساله در حل مغالطه“؛ (8)”رساله در علم فلاحت“؛ (9)”رساله در علم معرفت قوس قزح“؛ ۽ (10) ”تعليمات برفقـﮧ شامي“.
سيد صاحب جو ڄَم 2 شعبان 828هه اڱاري ڏينهن ٿيو، ۽ 12 رمضان 903هه ۾ جمعي ڏينهن کيس ديار بڪ جي ترڪمانن هٿان شهادت نصيب ٿي.(2)

(3) خاتم الحڪما امير غياث الدين منصور ثاني: هيءُ بزرگ امير صدرالدين جو صاحبزادو هو. سنه 900هه ۾ سندس ولادت ٿي. پنهنجي والد محترم جي خدمت ۾ رهي تحصيل علوم ڪيائين، ۽ ويهن ورهين جي ڄمار ۾ فارغ ٿي، درس جو سلسلو شروع ڪيائين. سندس علمي مرتبي ۽ شان جو ذڪر ڪندي، صاحب”حبيب السير“ هيٺينءَ طرح سندس تعريف ڪري ٿو:
_”آنجناب حالا بوفور علم و دانش در اطراف و اکناف عالم بغايت مشهور است، و مهارتش در فنون حکمي و رياضي ضرب المثل جمهور علماي نزديک و دور “(1)
سيد صاحب جي رياض دانيءَ، ۽ طبي صلاحيتن جو ذڪر ڪندي، نورالله شوستري لکي ٿو ته ’ارسطو ۽ افلاطون، بلڪ سڄي دنيا جهان جا حڪيم ۽ طبيب جيڪڏهن سندس دؤر ۾ هجن ها، ته هوند سندس معتقد ۽ نيازمند بڻجي وڃن ها!“
_”ارسطو وا افلاطون بلکه حکماي دهر قرون اگر در زمان آن قبلهﻋ اهل ايقان بودندي، مفاخرت و مباهات در سلک مستفيدان و ملازمان مجلس عاليش نمودندي(2).“
”حبيب السير“ جو مصنف، سيد موصوف جو معاصر ۽ واقف هو. نورالله شوستريءَ جي قول کي جيڪڏهن مبالغو سمجهيو وڃي، تڏهن به ”حبيب السير“ جي مصنف جي راءِ، سيد صاحب جي علمي بلنديءَ ۽ برتريءَ لاءِ ڪافي وزندار آهي.
سيد صاحب ڪجهه وقت هرات ۾ مقيم ٿي، صدارت جو بلند مرتبو ماڻيو. عراق کان جڏهن مجتهدالزمان شيخ علي بن عبدالعالي هرات آيو، ان وقت بادشاهه جي سامهون، عدم تقليد جي مسئلي تي شيخ ۽ سيد صاحب جو مناظرو ٿيو. بادشاهه ڄاڻي واڻي مجتهد جو طرف ورتو، جنهنڪري سيد صاحب ناراض ٿي، صدارت جي عهدي تان استعفا ڏيئي شيراز هليو آيو.
”حبيب السير“ جي تصنيف وقت سيد صاحب پنهنجي والد واري ”مدرسهﻋ منصوريه“ ۾ درس ۾ مشغول هو، ۽ بقول مصنف:
_”به افاده قيام مي نمايد، و گوش و هوش طلبهﻋ علوم را از نتائج درياي طبع نقاد خود مي آرايد.“
47 ورهين جي جوان عمر ۾، سيد صاحب 948هه ۾ انتقال ڪيو. ”حبيب السير“ جي مصنف سندس تصنيفات جو ذڪر ڪونه ڪيو آهي، البت مير ’قانع‘ ”مجالس المومنين“ تان سندس انهن ٽيهن ڪتابن جا نالا نقل ڪيا آهن(1)، جيڪي نورالله شوستريءَ پاڻ ڏٺا ۽ پڙهيا هئا. هن ڪتاب جو مصنف وڌيڪ لکي ٿو ته ’اُنهن کان سواءِ به سيد صاحب جا تصنيف ڪيل ڪتاب ڪيترا آهن، جيڪي سندس نگاهه تائين پهچي نه سگهيا(1).
مير صاحب جي شعر سخن سان به دلچسپي هئي؛ سندن هيٺيون شعر مثال طور ”مجالس المومنين“ ۾ نقل ٿيل آهي:
_هر کجا بي هنري هست بدومي بخشند،
بيشنر زانکه ز ايام تمنا دارد.
مير علي شير سندس ٻن فرزندن جا نالا ڏنا آهن: (1) مير شرف الدين علي (2) مير صدرالدين محمد.

(4) السيد الاجل امير جمال الدين عطاالله (2) (بن سيد فضل الله المحدث): سيد صاحب، مير اصيل الدين جو ڀائٽيو ۽ مير علي شير جي ڏهين پيڙهيءَ ۾ ڏاڏو هو. ”حبيب السير“ جو صاحب، حسب دستور هن بزرگ جي تعريف ۽ توصيف ۾ به رطب السان نظر اچي ٿو. هڪ جاءِ تي چوي ٿو:
_”آنحضرت، مانند ام بزر گوار خويش امير سيد اصيل الدين، در علم حديث بي نظير آفاق گشته اند؛ و در ساير افسام علوم دينيـﮧ و انواع فنون يقينه از محدثان باستحقاق در گذشـة اند.“
ٻيءَ جاءِ تي جنهن طريقي سان سندس تعريف ڪري ٿو، سا پڻ سندس ئي عبارت ۾ پڙهڻ جي لائق آهي:
_”سدهﻋ سنيـﮧ اش، ملاذ طوايف اکابر و اشراف انام است، وعتبـﮧﻋ عليـﮧ مجمع اعاظم اولاد امجاد خير الانام، لوح ضمير مهر تنويرش مُطرح اشعـﮧﻋ انوار اسرار کتب الاهي و صحيفـهء خاطر عالي ماثرش مهبط لوامع حقايق اخبار حضرت رسالت پناهي، گنجينهﻋ سينه اش بجواهر زواهر علوم مشحون، و عقود در کلمات در رّ مخزن باطن خجسـة ميامنش مخزون، نيّر شمايل نبوي از مشارف جمال خجسـة ماابش طالع و شعشـﮧﻋ آثار فضائل مرتضوي از مطالع خصايص علم و کمالش لامع، راي عالم آرائش کشاف اسرار معالم تنزيل، و طبع مشکل کشايش حلال معضلات موافف تاويل.
زبانش مظهر اسرار تحقيق
ضميرش مظهر انوار توفيق
ز توضيح بيانش گشـة روشن
بر اهل علم هر مشکل ز هر فن
جملل دين مزين ز اهتمامش
علوم شرح واضح از کلامش (1)
سيد صاحب جو مشغلو، پنهنجي بزرگن وانگر، درس تدريس هو. مدرسـﮧﻋ سلطانيه هرات جي انهيءَ گنبد ۾، جنهن ۾ پوءِ سلطان حسين بايقرا دفن ٿيو _ سندس مدرسو هو. ڪجهه سالن بعد وري خانقاه اخلاصيه (2) ۾ درس ڏيندو رهيو. هفتي ۾ هڪ دفعو پنهنجي چاچي امير اصيل الدين جي مسند تي، جامع مسجد هرات ۾ وعظ ۽ نصيحت جي به مجلس ڪندو هو.
صاحب ”حبيب السير“ (880_941هه) جو قول آهي ته ’هن وقت پاڻ گوشه نشينيءَ جي زندگي گذاري ٿو. وعظ جي مجلس به بند ڪري ڇڏي اٿائين ۽ سندس سمورو وقت طاعت ۾ عبادت الاهيءَ ۾ گذري ٿو:‘
_”سلاطين ايام، و حکام اسلام، باقدام ارادت و اعتقاد و ملازمت آنحضرت را بر ذمه همت واجب ميداند، و در ترفيـﮧ حال و فراغ بال خدام عالي مقامش طريقـﮧﻋ اشفاق مبذول ميدارند، بر آنچه ميتوانند.“
”حبيب السير“ جي مصنف سندس هڪ تصنيف_ ”روضـة الاحباب في سيرة النبي والال والاصحاب“_ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن لاءِ چوي ٿو ته ’سڄي آفاق ۾ مشهور آهي ۽ انهيءَ تصنيف جو مثال ملڻ مشڪل آهي‘:
_”در اقطار آفاق اشتهار تمام دارد، و بي شائبه شبـة عقل دراک نظير ان کتاب افادت ماب را در آئينـﮧﻋ خيال امر حال مي شمارد.“
”تحفـة الڪرام“ م سندس هيٺين ٻن تصنيفن جو به ذڪر آهي: ”تحفـة الاخبار؛ ۽ رياض السير“(1).
سندس انتقال جو سال معلوم ٿي نه سگهيو؛ جنهن وقت ”حبيب السير“ تصنيف ٿي رهيو هو، ان وقت پاڻ گوشه نشينيءَ جي زندگي گذاري رهيو هو(2).

(5) امير نسيم الدين محمد مئروف به ميرڪ شاهه:
مير جمال الدين جو فرزند رشيد، ۽ پنهنجي والد محترم جهڙو ئي علم ۽ عمل ۾ يگانو هو. حديث ۾ خاص طرح کيس درڪ هو؛ ”حبيب السير“ جو قول آهي ته
_”در تکميل علوم و فنون سيما علم حديث يگانهﻋ زمانه اند.“
پنهنجي والد بزر گوار جي مسند تي، مدرسـﮧﻋ سلطانيه ۾ درس ڏيندو هو، ۽ هزارين طالب عالم وٽانئس فيضياب ۽ بهره مند ٿي(3).

(6) سيد عرب شاهه، (7) سيد نعمت الله، (8) سيد وجهه الدين:
سيد عرب شاهه، امير نسبم الدين جو فرزند، ۽ ان جو فرزند سيد نعمت الله ۽ ان جو صاحبزادو سيد وجهه الدين هو. اهي ٽيئي بزرگ به هرات ۽ شيراز ۾ پنهنجي بزرگن وانگر علومن جي نشر و اشاعت ۾ زندگي بسرڪندا رهيا.

(9) قاضي سيد شڪرالله شيرازي (ولد سيد وجهه الدين): اهو بزرگ ترين انسان هرات کان قنڌار آيو، ۽ اُتان سيد شاهه مبين، سيد ڪمال ۽ سيد عبدالله سان سنگتي ٿي، سال 927هه ۾ ٺٽي پهتو.
اهي چار ئي بزرگ علم ۽ ايقان، دين ۽ ايمان جا روشن چراغ هئا، جن نه فقط ٺٽي شهر کي، بلڪ سموريءَ سنڌ کي پنهنجي عمل ۽ علم جي ضيابارين سان منور ڪري ڇڏيو. اڄ صديون گذري ويون، ليڪن سندن مقابر اڄ به موڙهل ۽ منجهيل انسانن جي حاجت روائيءَ ۽ مشڪل ڪشائيءَ لاءِ مرجع ۽ مرڪز آهن (1)
سيد شڪر الله ئي اهو بزرگ آهي، جنهن جي نسل مان ٺٽي جي شڪرالاهي ساداتن جو سلسلو هليو، ۽ اهائي اها موتين جي لڙهي آهي، جنهن جو هڪ دُ ر شاهوار، سنڌ جو لافاني مـؤرخ بيمثل تذڪره نگار ۽ بي بدل شاعر، مير علي شير ’قانع‘ هو.
سيد صاحب جا مراسم شاه بيگ ارغون جي گهراڻي سان غالباً هرات ۾ پيدا ٿيا؛ ۽ جڏهن بايقرا جي وفات بعد، هرات جي محفل درهم برهم ٿي؛ شيبانيءَ، شاه اسماعيل صفويءَ ۽ بابر جي معرڪه آرائين، ملڪ جو اهو حصو تيغ زني ڪندي ڪندي، تاراج ۽ تهه ابالا ڪري ڇڏيو؛ تڏهن انهيءَ تعلق سبب سيد صاحب شاهه بيگ وٽ قنڌار آيو؛ ۽ جڏهن سنڏ شاهه بيگ فتح ڪئي ۽ سنڌ ۾ ئي مستقل بود و باش اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيائين، تڏهن سيد صاحب به پنهنجي ٽنهي سنگيتن ۽ پنهنجي فرزند ارجمند سيد ظهير الدين سان گڏجي، ارغونن جي دارالسلطن ٺٽي ۾ اچي قيام پذير ٿيو.
شاه بيگ ته چند مهينن بعد گذاري ويو، ليڪن سندس جانشين شاه حسين جو تعلق ۽ اعتقاد ساڳيءَ طرح سيد صاحب سان رهيو. هن سيد صاحب جي علم، فضل، ديني عظمت ۾ بزرگيءَ سبب کيس پنهنجي حڪومت جو سڀ کان پهريون شيخ الاسلام بڻائي سڄيءَ سنڌ جو منصب قضا سندس سپرد ڪيو. هر چند سيد صاحب انهيءَ منصب لاءِ مناسب ۽ لائق هو، بلڪ جيڪڏهن ائين چئجي ته سيد صاحب جي دات سبب انهيءَ عهدي جو خود شان ۽ مان وڌيو، ته بيجا نه ٿيندو؛ ليڪن منصب ۽ ان جي فرائضن جون پابنديون سيد صاحب جي افتاد طبع جي خلاف هيون، تنهنڪري ڪجهه عرصي کان پوءِ سيد صاحب علحدگي اختيار ڪري، رياضت ۽ عبادت ۾ زندگي گذارڻ شروع ڪئي(1).
سيد صاحب جنهن محلي ۾ ٺٽي اندر اچي قيام ڪيو، اهو اُن وقت انهن انصارن جو محلو هو، جيڪي شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ سان گڏجي برهانپور مان ٺٽي آيا هئا. سيد صاحب پنهنجي فرزند سيد مير ظهير الدين والاسلام_ معروف به مير جادم_ جي شادي، انهن انصارن مان ڪرائي، جنهن مان گويا ٺٽي جي شڪرالاهي ساداتن جو نسل نروار ٿيو. انصارن جي انهيءَ قبيلي جو اڳتي هلي نسل ختم ٿي ويو ۽ محلي جو نالو بدلجي شڪرالاهي ساداتن جي نالي تي مشهور ٿي ويو. اڄ تائين انهيءَ گهراڻي جي پسماندن جو انهيءَ ئي محلي ۾ قيام آهي.
سيد ظهير الدين جادم لاءِ مير علي شير لکي ٿو ته ’درس تدريس سندس ظاهري مشغلو هو، ليڪن باطني طرح فقيري ۽ سلوڪ سان لئون لڳل هيس.‘
_”ظاهرش بتقويٰ و تشرع و تدريس، و باطن بسلوک راه تقر و سبيل سنت اجداد مصروف بود(1).“
سيد ظهير الدين ٻه فرزند يادگار ڇڏيا: هڪ سيد شڪرالله ثاني ۽ ٻيو سيد عبدالرحمان. مير علي شير ’قانع‘، سيد ظهير الدين جي وڏي فرزند سيد شڪرالله ثانيءَ جي اولاد مان آهي_ جهڙيءَ طرح ابتدا ۾ اسان شجرهﻋ نسب ڄاڻائي آيا آهيون.
مير علي شير ”قانع“
ولادت: ميرعزت الله بن سيد محمد ڪاظم، بن سيد محمد مقيم، بن سيد ظهير الدين ثاني، بن سيد شڪرالله ثانيءَ کي، ڇهه پٽ ٿيا: سيد فخرالدين، سيد يارمحمد، سيد محمد امين، سيد محمد صلاح، سيد مير ضياءُ الدين”ضيا“، ۽ مير علي شير ”قانع“(2). مير علي شير 1140هه ۾ اکيون کوليون_ ”خلق انسانا من السلالـﮧ“ مان اهو سال بر آمد ٿئي ٿو.
اهو زمانو، ميان نور محمد جي حڪومت جو هو_ کيس پنهنجي والد ميان يار محمد ڪلهوڙي جي مسند تي ويٺي پورا ڏهه ورهيه ٿيا هئا، جو مير صاحب ڄائو.
هندستان جي مغل سلطنت جو شيرازو، عالمگير جي وفات کان پوءِ، ڪثيرالتعداد شهزادن جي باهمي خون خرابي ۽ هڪٻئي سان جنگ و جدل، منتشر ڪري ڇڏيو هو_ جنهنڪري مرڪزي حڪومت جو ڪوبه وقار باقي ڪونه بچيو هو، ۽ هندستان جي متحد سلطنت ٽڪرا ٽڪرا ٿي، مختلف خود مختيار رياستن ۾ ورهائجي چڪي هئي.
سنڌ جو به تعلق تقريباً ڏيڍ سـؤ سالن کان دهليءَ جي مغيله مرڪز سان هو. تنهنڪري هتي چون حالتون به ٻارهين صديءَ جي شروع کان ئي بدلجي چڪيون هيون. سنڌ تي دهليءَ کان ايندڙ گورنر، مرڪزي بادشاهت جي روزانه تبديلين سبب، پنهنجي قوت ۽ اقتدار، جنهن جي آڌار تي سنڌ سندن قبضي ۾ رهندي ٿي آئي، وڃائي ويٺا هئا، ۽ نتيجو اهو نڪتو، جو سنڌ ۾ مرڪز کان آزاد ٿيڻ جي تحريڪ شروع ٿي. ڪلهوڙن جي هڪ مقامي خاندان، جنهن کي نه فقط زمينداري زور ۽ قبيلي جي قوت پٺيان هئي، بلڪ پيريءَ ۽ روحاني رهبريءَ سبب به سڄيءَ سنڌ تي تسلط حاصل هو، آزاديءَ جي انهيءَ تحريڪ ۾ ڀلئون ڀل حصو ورتو.
مغل سلطنت جي ڪمزوريءَ ۽ انتظاميءَ ابتريءَ جو فائدو وٺندي، سڀ کان پهريون ميان يار محمد اپر سنڌ جو پاسو مرڪز کان سالياني ڍل تي وٺي، پنهنجي قبضي ۾ ڪيو؛ جنهن کان پوءِ ستت ئي سندس جاءِ نشين، ميان نور محمد، لوور سنڌ به ساڳين شرطن تي حاصل ڪري، ملڪي آزاديءَ واري خواب کي تعبير بخشيو.
مير علي شير يارهن ورهين جي ڄمار جو هو، جڏهن 1151هه ۾ ميان نور محمد اهو تاريخي قدم کنيو، جنهن کان پوءِ مغلن جو براه راست تعلق سنڌ سان قطع ٿي ويو.
آزاديءَ جي ٻئي سال تي سنڌ کي هڪ اوچتيءَ آفت سان سابقو پيو، ۽ هندستان جي مغل سلطنت تي ته گويا ڪاري قيام ٽٽي پيئي، محمد شاه بادشاه، جنهن کي تاريخ ۾ عام طور ”رنگيلي“ جي مباسب ۽ موزون عرف سان ياد ڪيو وڃي ٿو، شاهجهان واري تخت طائوس تي جلوه گر هو. ايران جو نو دولت، جابر ۽ قهار حڪمران نادرشاه، وڏو ڪٽڪ ڪاهي اچي دهليءَ م پهتو. بادشاه بي طاقت، رياستون سڀ جدا جدا، لشڪر حفاظت لاءِ ڪونه، مقابلي جي طاقت نه بادشاه ۾، نه ملڪ ۾_ دهليءَ کي نادرشاه نه فقط لٽيو ۽ ڦريو ، بلڪ اهڙي خونريزي ڪيائين، جو انساني نسل قطع ٿيڻ تي اچي پهتو! ڪنهن خدا جي بندي دلسوزيءَ مان ڏانهس لکي موڪليو:
کسي نماند که او را به تيغ ناز کشتي،
مگر که زنده کني خلق را و باز کشي!“
جنهن کان پوءِ ايران جي انهيءَ خونخوار حمله آور کي رحم آيو، ۽ باقي بچيل انسانن جي جان بخشي ڪري، تلوار مياڻ ۾ وڌائين.
دهليءَ کان موٽندي، نادرشاه سنڌ ۾ به آيو. دهليءَ جي خبرن پوري ملڪ کي دهشت زدو ڪري ڇڏيو هو. سنڌ به لرزه براندام هئي. نادرشاه جڏهن اچي لاڙڪاڻي ۾ لٿو، تڏهن سموري سنڌ ۾ ڏهڪاءُ پئجي ويو. ”نادر ته پٺيان ڪونه اٿئي“؛ ”نادر به نادر آ، پر قادر به قادر آ“؛ ”نادر حڪم“_ اهي ۽ ٻيون اهڙيون عام چوڻيون اڄ تائين سنڌ ۾ مشهور آهن، ۽ انهيءَ دهشت انگيز دؤر ڏانهن حافظي جا ورق ورائن ٿيون. ”ياد باد زماني که قيامت است“_ به ڪنهن شاعر انهيءَ دؤر جي تاريخ لاءَ چيو.
نادر شاه جو مقصد لٽ ڦر ۽ ملڪ جي ملڪيت تي قبضي ڪرڻ جو هو_ انساني خون مان ته دهليءَ واري ڪوس ۾ ئي ڍؤ ڪري چڪو هو! ميان نور محمد عمر ڪوٽ ۾ هو. نادر پاڻ اتي پهچي، کانئس هڪ ڪروڙ نقد وصول ڪيو. ويهه لک سالياني ڏَن جي به مٿس چٽي رکيائين، ۽ موٽندي سندس عظيم الشان ڪتب خانو به کنيو ويو، ۽ سندس به نور نظر پڻ يرغمال طور ورتيون ويو(1).
تازي حاصل ڪيل آزاديءَ کان پوءِ، سنڌ کي وري جو هي نئون طوق ايران جي غلاميءَ جو پيو، تنهن ملڪ کي سخت ذهني اذيت پهچائي، ۽ سڄيون خوشيون خاڪ ٿي ويون، نادر جڏهن ايران پهچڻ بعد قتل ٿيو، تڏهن ڪنهن ٻاهرئين شاعر چيو:
”بيک گردشِ چرخ نيلوفري؛
نه نادر بجا ماند ني نادري!“
سنڌي شاعرن پنهنجي جذبي جو اظهار هن طرح ڪيو:
”فنهﻋ نادر چو برون شد زميان،
راحت آمد به همه عالميان؛
خوش خبر هاتف فرمود ز غيب،
”محو شد آفت نادر ز جهان.“
1160هه
اها تاريخ آخوند عبدلقادر ٺٽويءَ چئي. اڌارام ٺٽويءَ فرمايو:
شاه شاهِ نادر ايران ديار،
داشت باغِ دولتش خرم بهار،
تاکه از حکمِ قضا پيک اجل،
نيز بگرفتش عنانِ اختيار؛
بهرِ تاريخ وفاتش عقل گفت،
”رخت بست ازتخت هستي شهريار“
اهو هو ملڪ جو سياسي ماحول، جنهن ۾ ميرعلي شير زندگيءَ جو سفر شروع ڪري، ٻارهن منزلن تائين پهتو هو.

تعليم:
ٺٿو، جنهن کي سنڌ جا مؤرخ، تمدني بلنديءَ، ثقافتي برتريءَ ۽ علمي اوج اقبال سبب، قرطبه، دمشق، ۽ بغداد سان تشبيهه ڏيندا رهيا آهن، سو باوجود دارالسلطنت واري حيثيت وڃائي ويهڻ جي به، اڃا تائين سابقه صديق وارين پنهنجي علمي روايتن کي زنده رکيو ٿي آيو. سوين دارالعلوم، اڪيچار خطاب خانا، ۽ بيشمار مدرسا ۽ مڪتب، ديني خواه دنيوي علومن جي نشر و اشاعت لاءِ، رات ڏينهن روشن ۽ آباد هئا.
مير علي شير جي پيدائش کان ٽيهه ورهيه اڳ،1111هه (1699ع) ۾، هڪ انگريز سياح مسٽر هئملٽن ٺٽي آيو، جنهن لٽي جي علمي برتريءَ جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته ’شهر ۾ چار سـؤ دارالعلوم موجود آهن، جن ۾ هزارين طالب علم، رات ڏينهن تعليم پرائڻ ۾ مشغول آهن.‘
انهيءَ زماني جي ٺٽي ۾ مير علي شير تعليم حاصل ڪئي ۽ تربيت پرائي. پنهنجي تعليم جي روئداد ڪانه لکي اٿائين؛ البته، ضمني طرح، جن چند استادن جو ذڪر ڪري ٿو، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ زماني جي جيد استادن ۽ عالمن کان هن سبق ورتا.
ميان نعمت(1) ۽ ميان صادق(2)، ميان عبدالجميل(3) جا فرزند ۽ پنهنجي دؤر جا جيد عالم ۽ ديني ۽ دنيوي علومن ۽ ۾ ڪامل هئا. ٻنهي بزرگن جو مشغول درس تدريس هو. مير صاحب ٻنهي بزرگن جي مدرسي ۾ پڙهيو. ”مقالات الشعرا“ ۾ هڪ هنڌ پاڻ فرمائي ٿو ته
_”فقير بخدمتِ هر دو صاحبان نسبتِ تلميذي دارد(1).“
محمد صادق جي سلسلي ۾ لکي ٿو ته
_”فقير کيه کمين تلامذهﻋ ايشان است(2).“
ميان نعمت الله وٽ ’ميزان صرف‘ کان وٺي ’شرح ملا‘ تائين تعليم ورتائين(3)، ميان محمد صادق وٽ ڪهڙا ڪتاب پڙهيائين، انهن لاءِ ڪجهه ڪونه لکيو اٿائين. انهن ٻنهي بزرگن جو مدرسو ”مقالات الشعرا، جي تصنيف واري سال تائين نهايت عمدگيءَ سان جاري هو:
_”اکنون (1174هه) مدرسـﮧﻋ علمي بوجودِ فابض الجودِ ايشان گرم است(4).“
انهن ٻنهي استادن کان سواءِ مير علي شير، آخوند محمد شفيع جو به پنهنجي استادن ۾ ذڪر ڪيو آهي؛ لکي ٿو ته
_”فقير، ايامِ پيريش ديده، از جوانان زمانه در خوش باشي صد قدم درپيش داشته، اين قليل البضاعت از قصائد ’عرفي‘ و عروض سيفي و چند سبق بخدمت ايشان استماع نمود(1).“
اهو بزرگ 1156هه ۾ فوت ٿيو. گويا مير صاحب 16 ورهين جي ڄمار جو هو، جڏهن آخوند صاحب انتقال ڪيو، ۽ وٽس عرفيءَ جا قصيدا ۽ عروض سيفي، 13 يا 14 ورهين جي عمر ۾ پڙهيا هوندائين.
آخوند ابوالحسن ”بي تڪلف“ ٺٽوي به فارسيءَ ۾ سندس استاد هو. پاڻ لکي ٿو ته
_”بسيار طباع و پر استعداد است. در مکتب وي جمعي از هندو و مسلمين بهره بردند، فقير در پارسي شاگرد خدمت ايشانست(2).“
مولوي مرزا جعفر شيرازي سير و تفريح لاءِ ٺٽي ۾ آيو هو. ڌاراج جي زميندار، راءِ جمال، وٽ ڪجهه عرصو رهيو. مخدوم محمد مسڪين سندس علم، ذاتي جوهر ۽ بي حد و حساب قابليت سبب، سندس گهرو دوست ٿي ويو. مير علي شير صاحب سان سندس تعلق خاطر پيدا ٿي ويو، جنهنڪري سيد صاحب انهيءَ بزرگ وٽ به ڪجهه پرايو. پاڻ لکي ٿو ته
_”فقير در خدمت ايشان چند ايام بسر برده و از دست و دل شان ممنون ابد است(1)“
شعه و سخن جي مشق: مير صاحب شعر و سخن جي صلاحيت ڄڻ ماءُ پيٽان ئي کڻي آيو هو. ٻارهن ورهين جي ڄمار ۾، جڏهن ته اڃا مدرسن ۽ مڪتبن ۾ سبق آموزيءَ ۾ منهمڪ هو، شعر چوڻ شروع ڪيائين. لکي ٿو ته:
_”بفيض صحبت بزرگان في الجمله آشنا بسفيد و سياه گشت. هرچند درخود آن نمي بيند که در جنب عزيزان جا داشته باشد، اما چون کهان را با مهان آميزش قديم است، باري بوسيلهﻋ توسل بزرگان اگر در نعال آن صدر نشينان مقيم شود، جا دارد.“
ڪسر نفسيءَ جي انهيءَ تمهيد کان پوءِ فرمائي ٿو ته
”در قريب بايام امتياز که نيّر عمر با ختتام سير بروح دوازده گانه از سنين مطلع شوارق هوش بر فلک تبيين وقوع يافته، سر سوادي سخن در پيچيده(1).“
انهيءَ عمر ۾ اٺن هزارن شعرن جو ديوان مرتب ڪيائين، جنهن ۾ سڀئي اصناف سخن مودجو هئا، ليڪن خبر نه آهي ڪهڙن سببن ڪري اهو سڄو ديوان درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيائين. تقريباً ٻه سال کن خاموش رهيو. گويا 1152هه ۾ جڏهن ته سندس عمر ٻارهن ورهيه هئي، شعر چوڻ شروع ڪيائين؛ 1153هه تائين اٺ هزار شعر چئي ديوان جنهن ۾ نالو بطور تخلص جي استعمال ڪيو هئائين، لوڙهي، 54_1155هه جا سال خاموش رهيو، تا آنڪ 1155هه ۾ وري کيس نئين سر سخن سنجيءَ جو شوق جاڳيو.
انهيءَ زماني جو هڪ واقعو بيان ڪندي، مير صاحب لکي ٿو ته ’مظفر علي خان نادري زماني ۾ ٺٽي ۾ آيو، ۽ سندس ڏنل زمين ”مردمک در آب“، ”نمک در آب“ ٺٽي جي شاعرن ۾ تمام مشهور ٿي، ۽ تقريباً سڀني شاعرن انهيءَ تي طبع آزمائي ڪئي.‘ مير صاحب انهيءَ زماني ۾ طفل مڪتب هو. ليڪن کيس شوق جاڳيو، ۽ ساڳيءَ زمين ۾ استادن جي مقابلي ۾ هن به غزل تيار ڪيو، جنهن مان لکي ٿو ته هيٺيون هڪ شعر کيس ياد رهجي ويو:
با صاف مشربان چه زني لاف سرکشي،
صد بار ديده ايم ترا اي فلک در آب(1).
1155هه ۾، مير حيدرالدين ابو تراب ”ڪامل“(2) جهڙي استاد ڪامل سان سندس ملاقات ٿي، ۽ انهيءَ بزرگ جي فيض ۽ صحبت سبب ڇڏيل شوق ۽ وسريل ذوق ۾ وري جولان جاڳيو(3). ۽ سندس شاگردن اختيار ڪري، نئين سر مشق سخن شروع ڪيائين. مير ڪامل سندس تخلص ”مظهري“ رکيو، جنهن مان تجديد شاعريءَ جو سال 1155هه به برآمد ٿئي ٿو.
مير صاحب ڪجهه وقت تائين ”مظهري“ مخلص قائم رکيو، ليڪن ان کان پوءِ، ”قانع“ تخلص اختيار ڪيائين، جيڪو آخر دم تائين سندس نالي سان پيوست رهيو(1).

ملازمتِ:
سنڌ جي آزاد حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙي،1127هه ۾ وفات ڪئي؛ ۽ سندس پٽ ميان مرادياب تخت نشين ٿيو. ميان صاحب جي وفات بعد تخت و تاج جي لالچ ۽ لوڀ، حڪمران خاندان ۾ باهمي آويزش جي ابتدا ڪئي. ميان مرادياب چار سال به پورا نه ڪيا، جو معزول ٿي جيل ۾ وڃي پيو، ۽ سندس ٻيو ڀاءُ ميان غلام شاهه، جيڪو گلان طوائف جي پيٽ مان هو، تخت نشين ٿيو. انهيءَ ئي حڪمران لاءِ ڪنهن سنڌي شاعر جو هي شعر مشهور آهي:
”گلان وچان جو گل کليوسي،
ڪجهه کُلبا هي ڪجهه کُلسي(2).“
ميان غلام شاهه، بيحد سمجهدار ۽ حڪمرانيءَ ڪرڻ لاءِ هر طرح موزون ۽ مناسب هو. هن پنهنجي زماني ۾ ملڪ ۾ نه فقط امن امان قائم ڪيو، بلڪ سرحدي علائقا به ڪيترا حاصل ڪري، سنڌ ۾ شامل ڪيائين. ڪڇ جي راجا کان بست ۽ لکپت جو بندر ورتائين؛ سبزل ڪوٽ ۽ اُڇ، بهاولپور جي نواب کان ڇڏايائين؛ ۽ ڪراچيءَ جو بندر، قلات جي خان کان واپس ڪيائين؛ حيدرآباد جو شهر آباد ڪيائين؛ ۽1182هه ۾ حيدرآباد جو قلعو تعمير ڪرائي، اُن ۾ گادي ڪيائين. انگريزن سندس ئي زماني، 1171هه جو، ٺٽي ۾ پنهنجي تجارتي ڪوٺي قائم ڪئي. اهڙيءَ طرح ملڪ سندس زماني ۾ ڏاڍو وسيو ۽ رسيو، سکيو ۽ ستابو ٿيو؛ ليڪن افسوس، جو 16 سالن جي حڪمرانيءَ بعد 1176هه ۾ لَقوي، فالج ۽ غشيءَ سبب هن انتقال ڪيو، جنهن بعد ڪلهوڙن جي حڪومت جو شيرازو روز بروز درهم برهم ٿيندو ويو.
انهيءَ روشن دماغ بادشاهه، مير علي شير کي پنهنجي خاندان جي تاريخ نويسيءَ لاءِ، پاڻ وٽ رکيو، ۽ مير صاحب ”شاه نامه“ جي طرز تي فارسي نظم ۾، ۽ ٻي مفصل تاريخ نثر ۾، لکڻ شروع ڪئي. سندس تقرر تاريخ نويسيءَ جي عهدي تي 1175هه ۾ ٿيو(1)، ۽ مير صاحب ٺٽي کان خدا آباد هليو ويو. اهو معلوم نه ٿي سگهيو، ته مير صاحب ميان غلام شاه جي دربار سان ڪيتري وقت تائين وابسته رهيو؛ ليڪن جنهن صورت ۾، مير صاحب پنهنجون ٻيئي تصنيفون مڪمل ڪري نه سگهيو، تنهنڪري خيال آهي ته، شايد چند سال يا ڪجهه عرصو مير صاحب، ميان غلام شاه جي دربار ۾ رهي، وري ٺٽي واپس موٽي آيو.
1180هه ۾، مير صاحب ”تحفـة الڪرام“ لکڻ شروع ڪيو؛ ان ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت جو ذڪر شروع ڪندي ابتدا ۾ لکي ٿو ته
_”ذکر ايشان در طبقهﻋ علحده ميگردد، و بنا بر مزيد فائده و اداي حقوق نمک ذکر از اصل مع بيان بزرگان اين سلسله مجملاً گذارش ميکند(1).“
”اداي حقوق نمک“ جي اشاري مان ظاهر آهي ته 1180هه کان اڳ مستقل ملازمت کان آجو ٿي ٺٽي هليو آيو هو، ۽ حق نمڪ نڀائڻ سبب سنه 1180هه ۾ به کيس اهو خيال هو ته هو ڪلهوڙن جي تاريخ جا ٻيئي ڪتاب ضرور ختم ڪندو. بهرحال مير صاحب جي مستقل ملازمت رهي يا نه رهي، ليڪن سندس تعلقات ملازمن ٿيڻ کان اڳ انهيءَ حڪمران گهراڻي سان جهڙيءَ طرح خوشگوار هئا، اهڙيءَ ريت پوءِ به رهيا، جنهن جي تصديق اسان کي انهن فرمانن ۽ سندن مان ملي ٿي، جيڪي وقت بوقت وظيفن، تنخواهن ۾ مزروع زمينن جي سلسلي ۾ مير صاحب کي انهيءَ خاندان طرفان ملندا رهيا.

مير صاحب جو معاش:
قديم خانداني دستاويزن مان(2) معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب سمورو خاندان شروع ايامن کان وٺي، سندس زماني تائين، خوشحال ۽ فارغ البال رهيو، ۽ کانئس پوءِ به حسب دستور اهو گهراڻو، جاگيرون، تنحواهون، وظيفا، خلعتون ۽ انعام اڪرام چوڙيندو ماڻيندو رهيو.
مير سيد شڪر الله جيئن 927هه ۾ ٺٽي پهتو، تيئن ئي ارغونن طرفان سندس وظيفو جاري ٿيو. همايون جي فرمانن مان معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب جي گهر کي هن جي طرفان به بطور ’سيور غال‘ وظيفو ۽ ساڪري پرڳڻي م ڪجهه زمين مدد معاش لاءِ مليل هئي. اهڙيءَ طرح ترخاني دؤر جا دستاويز به ملن ٿا، جن ۾ نه فقط اڳين بادشاهن جي عطا ڪيل وظيفن ۽ جاگيرن جي تصديق ٿيل آهي، بلڪ اُن تي پنهنجي طرفان به، وقت بوقت اضافا ڪندا رهيا آهن، مرزا جانيءَ جي هڪ فرمان (مرقومه 1007هه)مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته جوڻ پرڳڻي ۾ به ڪي ڳوٺ انهيءَ خاندان کي بطور مدد معاش مليل هئا. سنڌ جڏهن مغل سلطنت جو حصو بڻي، تڏهن هن گهراڻي جا سڀئي وظيفا، تنخواهون، ۽ زمينون بحال ڪيون ويون، 1029هه جي هڪ فرمان مان معلوم ٿئي ٿو ته جهانگير، سيد ظهير الدين ثاني خلف سيد شڪر الله ثانيءَ لاءِ ٻه سـؤ خرار سارين جا بطور وظيفي جي ساليانو منظور ڪيا، جن جي وصوليءَ لاءِ ٽَڪر هنڱوري، ۽ ٽَڪر هالي، جي پرڳڻي تي فرمان جاري ٿيو. ڪجهه وقت بعد بجاءِ سارين جي ، ٽَڪر هنڱوري جي جاگير مان 22 هزار دام(1) بطور سالياني تنخواهه جي کيس مقرر ٿي مليا. 1037هه ۾ سيد شڪرالله فوت ٿيو.1039هه ۽ 1040هه جي فرمانن مان معلوم ٿئي ٿو ته اها تنخواهه شاهجهان، سيد صاحب جي اولاد لاءِ بحال ڪئي. جيئن جيئن خاندان وڌندو ويو ۽ گهر جدا جدا ٿيندا ويا، تيئن تيئن اُهي تنخواهون به تقسيم ٿينديون، مختلف شخصن جي نالي تي بحال ٿينديون رهيون. 1138هه جي هڪ فرمان مان معلوم ٿئي ٿو ته پنجاهه هزار دام(1)، اهو خاندان سالياني تنخواهه کڻندو هو.1144هه ۾، خان خانان معظم خان هڪ سَنَد جاري ڪئي، جنهن بناﻋ تي، مير علي شير ”قانع“ جي والد سيد عزت الله کي. 54 بيگا زمين ملي. ميان نور محمد، 1155هه ۾، سيد عبداللطيف بن سيد عبدالمجيد کي پليجي پر ڳڻي تي 70 خرار سارين جي سَنَد ڪڍي ڏني(2). سيد صاحب 1158هه ۾ فوت ٿيو؛ جنهن بعد سندس پٽ عبدالمجيد ثانيءَ جي نالي اهو وظيفو بحال ڪيو ويو، ۽ آخر اهو وظيفو ڦرندي ڦرندي سيد عبداللطيف ثانيءَ وٽ آيو، ۽ ان کان پوءِ مير علي شير جي والده جي نالي تي بحال ٿيو؛ ڇاڪاڻ ته انهيءَ گهر ۾ نرينو اولاد ڪونه ٿيو ۽ مير صاحب جي والده انهيءَ گهر جي وارثياڻي هئي. بيبي صاحبه کان پوءِ، مير علي شير ۽ سندس ڀاءُ مير ضياءُ الدين ”ضيا“ انهيءَ حصي تي متصرف ٿيا. انهيءَ مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته مير صاحب ۽ مير ضياﻋ الدين سڳا ڀائر ۽ انهيءَ بيبيءَ جي بطن مان هئا، ۽ انهيءَ ڪري ئي ڇهن ڀائرن مان فقط اهي ٻه ڀائر وظيفي جا وارث بڻيا. سندس ٽئين ڀاءُ سيد فخرالدين کي جدا پنهنجي ناناڻڪي حصي مان هڪ سـؤ بيگا زمين تصرف ۾ آئي.
ميان نور محمد جو هڪ پروانو ملي ٿو، جنهن مطابق مير علي شير جي والد سيد عزت الله کي جڳت پور ۽ ڪڪرالي وغيره ۾ به ڪي ڳوٺ جاگير طور مليا. انهن جي آمدنيءَ تي هن هيٺينءَ طرح پنهنجي پٽن جون تنخواهون جاري ڪرايون: سيد فحرالدين ۽ سيد يار محمد 14_ 78 رپيا، ۽ سيد علي شير ۽ سيد ضياءُ الدين 0_0_72رپيا.
ڪلهوڙن کان پوءِ ٽالپرن به ساڳيءَ طرح هن خاندان جي جاگيرن، تنخواهن، وظيفن، ۽ ٻين انعامن اڪرامن کي جاري رکيو. ميان نور محمد جي زماني کان وٺي ٽالپرن جي ابتدائي دؤر تائين. ڪي اهڙا فرمان به ملن ٿا، جن ۾ روزانه وظيفي ڏيڻ جو به ذڪر آهي. ميان غلام شاهه جي هڪ فرمان (مرقومه 1172هه) مان معلوم ٿئي ٿو ته ميان نور محمد کان وٺي سيد عزت الله جو روزينو جاري هو، جيڪو غلام شاهه جي تخت نشينيءَ بعد مير علي شير جي نالي منتقل ٿيو. 1188هه ۾ ميان سرفراز جي فرمان ۾ به ان جي تصديق ٿئي ٿي. اهڙيءَ طرح 1191هه ۾، ميان عبدالنبيءَ به ساڳيو روزينو جاري رکيو. ساڳئي سال جي ٻئي هڪ پرواني مان معلوم ٿئي ٿو ته ميا عبدالنبيءَ، مير علي شير، جي پٽ مير غلام علي ’مائل‘ جو 12 رپيا در ماهو وظيفو جاري ڪيو هو.
1197 ۾، مير فتح علي خان _ فاتح سنڌ_ مير علي شير جي نالي هڪ پروانو ڪڍيو، جنهن ۾ 46 رپيا ”بمدِ اِجارهﻋ ميربحري (؟)“ عنايت ڪرڻ جو ذڪر آهي، ۽ اهو وظيفو ڪلهوڙن جي زماني کان مير صاحب جي نالي هلندو ٿي آيو. 1198هه ۾،مير فتح علي خان هڪ فرمان ڪڍيو، جنهن مطابق مير علي شير کي هدايت ڪئ ويئي ته جنهن صورت ۾ حيدرآباد سرڪار جي حصي ۾ سنڌ جو اڌ ملڪ آيل آهي، تنهنڪري اِها سرڪار کيس مقرر ٿيل وظيفن جو آئيندي اڌ ڏيندي؛ ۽ باقي اڌ، مير سهراب، مير ٺاري ۽ مير باگي کان کيس وٺڻ گهرجي.
ڪلهوڙن جي زماني کان جيڪي 70 رپيا بطور وظيفي جي مير علي شير ۽ مير ضياﻋ الدين کي ملندا هئا، سي مير فتح علي خان جي دؤر ۾، ٻنهي ڀائرن جدا جدا ڪرائي، پنهنجن نالن تي پروانا ورتا؛ چنانچه 70 رپين مان 42 رپيا مير علي شير ورتا، ۽ باقي مير ضياﻋ الدين وٺندو رهيو. 1253هه جي هڪ فرمان مان معلوم ٿئي ٿو ته مير نور محمد خان جي زماني ۾ انهيءَ ساڳئي وظيفي جو هڪ حصو مير علي شير جي پوٽي مير صابر علي ولد مير غلام علي ’مائل‘ کي 6_5_7 رپين جي صورت ۾ درماهو ملندو هو. 1255هه ۾، مير محمد خان اڍائي آنن جو اضافو ڪري پورن ساڍن ستن رپين درماهو ڏيڻ جو پروانو جاري ڪيو، ۽ ڪوري ضرب مان ڦيرائي سورتي ضرب يعني انگريزي سڪي ۾ ڏيڻو ڪيو.
اها آهي مير صاحب ۽ اُن جي خاندان جي معاشي پهلوءَ جي منتشر معلومات، جنهن کي اسان مختلف اسنادن جي ذريعي يڪجا ڪري، پڙهندڙن اڳيان پيش ڪيو آهي. اگرچ مٿيان انگ اکر مير صاحب جي مڪمل آمدنيءَ جو خاڪو پيش ڪري ڪونه ٿا سگهن، تاهم اسان هن نتيجي تي پهچون ٿا ته مير صاحب جو خاندان فارغ البال ۽ نهايت خوشحال هو. سندن گذر بسر نهايت ڪشادگيءَ ۽ عزت آبروءَ سان ٿيندو هو. سڀني حڪمرانن انهيءَ خاندان جي عزت ڪئي، وظيفا ڏنائون، جاگيرون جاري ڪيائون، در ماها ۽ روزينا عطا ڪيائون، ۽ وقت بوقت جيڪي انعام اڪرام ۽ خلعتون ۽ پهراڻيون ملنديون ٿي رهيون، سي ان کان علاوه هيون(1).
مير صاحب جي دور جو سياسي پس منظر: مير ’قانع‘، جيئن اسان مٿي ڄاڻائي آيا آهيون، ميان نور محمد جي دؤر حڪومت ۾ پيدا ٿيو. سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو دهليءَ جي بالادستيءَ کان ته آزاد ٿيا، ليڪن نادر جي اچڻ، سندس لٽ ڦر، ۽ آخر ۾ افغانستان جو باجگذار بڻائي وڃڻَ، سنڌين کي آزادي ماڻڻ ڪانه ڏني_ گويا سنڌ جي زيردستيءَ واري قطب نما جو رخ دهليءَ کان ڦري افغانستان طرف ٿي ويو، ۽ فرق فقط هي ٿيو ته دهليءَ جي سنڌ تي گورنرن جي ذريعي براه راست حڪومت هلندي هئي، ۽ هن کان پوءِ اندروني طرح سنڌ آزاد رهندي به افغانستان جو ڍل ڀَرو صوبو ٿي وئي، ۽ بجاءَ گورنرن جي، ڍل جي وصوليءَ ۽ عام نظرداريءَ لاءِ افغاني وڪيل اچڻ لڳا.
ميان نور محمد جي وفات (1167هه) تائين، سنڌ جي حڪمران خاندان ۾ خير جي گذرندي رهي، ليڪن هن جي اکين بند ڪرڻ بعد، تخت و تاج جي سلسلي ۾، رفتي رفتي آويزشن جي ابتدا ٿي. ميان غلام شاه جي دؤر ۾ (1170_1186هه) ڪا خاص خرابي ڪانه ٿي_ مير علي شير تاريخ نويسيءَ جي عهدي تي ڪجهه سال پنهنجو وقت سٺو بسر ڪيو_ ليڪن 1186هه کان پوءِ، جو حڪمران خاندان ۾ خونريزي ۽ ملڪ ۾ انتشار جي ڪيفيت قائم ٿي، تنهن 1198هه تائين سنڌ کي برابر تباهه ۽ تاراج ڪيو. انهن ٻارهن تيرهن سالن جي عرصي ۾ سنڌ جي تخت وتاج ڪيترن حڪمرانن جي مسند آرائي ڏٺي ۽ ڪيترن شهزادن جا ڪنڌ ڪپيا، ۽ ٽالپر سردارن مان ڪيترا ڪونڌر ڪُسندا ڏٺا. سرفراز تقريباً ٽي سال حڪومت ماڻي؛ محمد خان چند مهينا مسند جو مزو ورتو؛ غلام نبيءَ ڏيڍ سال کن تخت نشيني ڪئي؛ عبدالنبيءَ تقريباً ساڍا ٽي سال واڳ ورتي؛ صادق عليءَ چند مهينا؛ ۽ ان کان پوءِ ٻيهر عبدالنبيءَ قبضو ڪيو، ۽ پنجن سالن ۾ اها ڪشت و خون ڪيائين، جو سنڌ بد نصيبيءَ برباديءَ تي نه فقط پنهنجن رت رُنو، بلڪ ڌارين جي اکين مان به لڙڪ وهي نڪتا.
ٽالپر سردار، جيڪي حقيقي طرح حڪومت جا قوت بازو هئا، تن مان ڪيترا سربراهه ناحق خون ٿيا_ مير بهرام ۽ سندس فرزند مير صوبدار خان، ميان سرفراز جي چرچ تي، بناسبب قتل ڪيا ويا، ميان غلام نبيءَ پهريون پنهنجي خاندان جا پنج شهزادا ڪَهرايا_ محمد سرفراز، محمد خان، محمود خان ۽ ٻه ٻيا_ انهيءَ دردناڪ واقعي تي ڪنهن شاعر هيٺين نادر تاريخ چئي:
از گلِ باغِ عباسي پنج کم(1)؛
ٽالپر اميرن جي شهادت جو سلسلو به ساڳئي وقت جاري رهيو_ مير بجار کي ڌوڪو ڏيئي شهيد ڪرايو ويو(2)؛ مير عبدالله خان ۽ مير فتح خان به ساڳيءَ طرح 1197هه ۾ نهايت بيدرديءَ سان قتل ڪرايا ويا.
ٽالپرن جي بيگناهه خونن نه فقط بلوچ قوم کي بغاوت تي آمادو ڪيو، بلڪ سجيءَ سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي انهيءَ ظالم حڪمران جي خلاف باهه ٻري ويئي؛ چنانچ 1198هه ۾، هالاڻيءَ جي ميدان تي حاڪم ۽ محڪومن جو معرڪو ٿيو، جنهن ۾ حاڪم کي شڪست ۽ محڪومن کي فتح نصيب ٿي، سنڌ جي واڳ ٽالپرن جي هٿ ۾ آئي، ۽ ڪلهوڙا هميشه هميشه لاءِ ختم ٿي ويا.
ميان عبدالنبيءَ خانه جنگيءَ سبب افغان حڪومت کان مدد ورتي. اُن حڪومت جو ظالم ترين سردار، مدد خان افغان، سنڌ ڏانهن موڪليو ويو، جنهن 1194هه ۾ هتي پهچي، سموريءَ سنڌ کي تهه و بالا، فاس ۽ نابود ڪري ڇڏيو. انهيءَ مدد خان جي ڪاهه سنڌين کي ايترو متاثر ڪيو، جو ڪيترا سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون اڄ تائين انهيءَ دؤر جي يادگار طور موجود آهن_
”گهوڙا ڙي گهوڙا!“
”گَهل ڙي گَهل!“
”مدد ته پٺيان ڪونه اٿئي!“
فارسي گو شاعرن چيو،
”اي داد، از ظالم بيداديﻋ منجوس“_ سنه 1194هه.
چنان هول در ملک سنده اوفتاد که هولِ قيامت بداده زياد
ڪنهن شاعر انهيءَ ظالم جي وڃڻ جي تاريخ ڪڍي:
”بشر بود رفت“ _ سنه 1194هه.
سنڌ ۾ ايتري لٽ ڦر ٿي، انهيءَ حد تائين خوف رهيو، ۽ ايترا گهر، خاندانيون ۽ ڳوٺ تباهه ٿيا، جو چنگيز ۽ هلاڪوءَ جي خون آشامين ۽ تيمور جي عالم سوزين ۽ هلاڪت آفرينين جي ياد تازي ٿي ويئي. سنڌ انهيءَ قسم جي تباهي ڪڏهن ڪانه ڏٺي هئي؛ دهليءَ تي نادر ۽ بغداد تي هلاڪوءَ به اهڙي بربادي ڪانه آندي، جهڙي ميان عبدالنبيءَ، مددخان جي ذريعي سنڌ تي آندي.
اهو ئي زمانو هو، جڏهن عماد الملڪ، غازي الدين نظام(1)، سنڌ ۾ آيو، ۽ تباهي ۽ برباديءَ جا هولناڪ منظر، اکين سان ڏسي ايتري قدر متاثر ٿيو، جو اهڙو ئي دردناڪ مرثيو چيائين جهرو حضرت سعديءَ بغداد جي برباديءَ تي چيو هو:
در سند چه فتنه و بلا شد
گوئي که قيامتي بپا شد
چون سند که مامن جهان بود
اي آه! گويمت چها شد
هر خانه بخاک شد برابر
هر صاحب دولتي گدا شد
هر تاجوري برهنه برگشت
هر ماه سري برهنه پا شد
تا ناموران به بند افتند
سر رشتهﻋ صبر دل رها شد
مادر ز بسر، پسر ز مادر
سر از تن و تن از سر جدا شد
منعم پيﻋ مشت آرد يک سير
سر گردان هم چو آسيا شد
گل رويان را ز خار صحرا
خونِ کفِ پاي خود حنا شد
هرپرده نشين کنج عصمت
بي برقعه و معجر و ردا شد
زرها به نثار حفط جان رفت
جانها بر آبرو فدا شد
رفت از همه هرچه در گره بود
زين گونه فلک گره کشا شد
يک ظلم نه شد که شد دو صد ظلم
يک کار نه شد که کارها شد
بر اهل زمين عجب بلائي
يک مرتبه نازل از سما شد
دل خون شد زين ستم گري چند
هر چند که جمله از قضا شد
بي ستري طرفه آه! صد آه!
بر سيّدها و پارسا شد
از امت مصطفيٰ چه ظلمي
امروز بر آل مصطفيٰ شد
امروز پس از هزار و صد سال
احوال عراق رونما شد
جستم چو ”نظام“ سال تاريخ
از هاتف غيبي ام ندا شد
کاي بنده اهل بيت بشنو
”.........که سند کربلا شد“
اهو سڄو ملڪي ۽ سياسي پس منظر آهي انهيءَ مُنيءَ صديءَ جو جنهن ۾ مير علي شير اکيون کوليون، پليو، پروان چڙهيو؛ تعليم حاصل ڪري، علم جي انتهائي اوج تي پهتو؛ شعر و سخن جو شغل ڪندو رهيو؛ ۽ تصنيف تاليف کي پنهنجو اوڇڻ ۽ اوڍڻ بڻائي، زندگي بسر ڪندو رهيو. سواءِ انهن چند سالن جي، جيڪي هن ميان غلام شاهه وٽ تاريخ نويسيءَ جي عهدي تي گذاريا_ باقي سڄي زندگي آزاديءَ سان بسر ڪندو رهيو. انهيءَ بادشاه گرديءَ ۾ ڪنهن کي طاقت هئي، جو درباري ملازمت جو بار سر تي کڻي، سازشن ۽ منصوبن ۾ حصو وٺي ۽ خون خرابيءَ، قتل ۽ غارت گريءَ کي اکئين ڏسندو رهي.
مير صاحب جي غير معمولي شخصيت ۽ بي پناهه صلاحيت جو هن مان اندازو ٿئي ٿو ته انهيءَ سموري دؤر جي سڀني بلائن، آفنن ۽ اندو هناڪين جي هوندي به سندس سڪون قلب ضايع ۽ اطمينان دل غارت نه ٿيو. هن بزرگ دنيا جهان جي جهڳڙن، ملڪي تباهين ۽ هلاڪت خبزين کي ڏسندي به، سڀني ڳالهين کي پس پشت وجهي، اکين کي بند ڪري، ڪنن ۾ ڪپهه ڏيئي، تصنيف ۽ تاليف جاري رکي؛ ۽ پنهنجي خالص علمي ۽ ادبي زندگيءَ کي برباد نه ڪيو، ۽ 12 ورهن جي زندگيءَ کان وٺي جهان ڇڏڻ واري سال کان هڪ سال اڳ تائين، برابر دماغ ۽ قلم هلائيندو آيو، ۽ هزارن ورقن جو عظيم الشان ادبي ذخيرو، سنڌ جي آئنده نسلن لاءِ ڏيئي ويو.

سير و سفر:
مير صاحب جي سموري زندگي سراسر علمي هئي. تنهنڪري ڀانئجي ٿو ته هن پنهنجو وقت، دنيا جي ٻين مشغلن ۾ ڪونه وڃايو، ۽ گهڻو ڪري گهر ۾ رهي، تصنيف تاليف ڪندو رهيو_ سواءِ هڪ معمولي وقفي جي، جنهن ۾ هن کي نامعلوم سببن ڪري سورت، ڄام ننگر ۽ ڀُڄ جو سفر درپيش آيو.
”تحفـة الڪرام“ (ج2،ص33) ۽ ”مقالات الشعرا“ مان معلوم ٿئي ٿو ته 1160هه ۾ هو سورت ويو، جتي مير معدالله سورتيءَ تي فرزند مير عبدالوالي ”عزلت“ سان سندس ملاقات ٿي؛ ۽ انهيءَ سفر ۾، چند ٻين اهل علم بزرگن سان به سندس صحبتون ۽ رهاڻيون ٿيون_ جهڙوڪ ”رضائي“ شاعر سورت کان لاهري بندر تائين ساڻس ٻيڙيءَ ۾ گڏيو آيو (”مقالات الشعرا“ ص 109): محمد اڪرم اصل ٺٽي جو شاعر هو، ليڪن سندس زندگي دهلي، دکن، ۽ سورت ۾، مختلف سرڪاري منصبن تي گذري_ميرصاحب جڏهن سورت کان وطن واپس ٿيو، ان وقت محمد اڪرم به ساڻس گڏيو آيو؛ واٽ تي ٻيڙو، ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون، طوفان جي گرداب ۾ ڦاٿو، ۽ اهڙي نااميديءَ جي حالت ٿي، جو مير صاحب ان کي ”حادثهﻋ عظيم“ تصور ڪندي لکي ٿو:
_”که خلاصي از آن تهلکه، محض بفضل حقيقي صورت بست“.
انهيءَ مصيبت ۾ محمد اڪرم هيٺيون شعر حسب حال چيو:
درميان آب و آتش همچو گل
کشتيﻋ اميد ما دارد شنا
گر نه فضل حق نمايد رهبري
نيست مخلص از چنين جوش بلا
(”مقالات الشعرا“ ص 34)
”تحفـة الطاهرين“ جي مصنف شيخ محمد اعظم ٺٽويءَ جي ملاقات به ساڻس سورت ۾ ٿي. اهو بزرگ به انهيءَ زماني ۾ سورت منجهه مقيم هو.
ڄام ننگر عرف اسلام آباد کي به مير صاحب انهيءَ سفر جي دوران ۾ ئي ڏٺو: ۽ اتي ئي سندس ملاقات محمد عاقل ”ابله“ جهونا ڳڙهيءَ سان ٿي، جيڪو صاحب شاعر، ءٌ ٺٽي جي ميان ابوالقاسم جو شاگرد هو (”مقالات الشعرا“ ص 26).
اهڙيءَ طرح غالباً ساڳئي سفر ۾، جڏهن سيد صاحب ڀُڄ(1) ننگر ويو، تڏهن سندس ملاقات هڪ ايراني شاعر ”هوشيار“ صفاهانيءَ سان ٿي، جيڪو پوءِ ٺٽي به آيو، ۽ اتان وري هندستان هليو ويو (”مقالات الشعرا“ ص 311). بندر سورت کان، موٽندي، سيد صاحب سان گڏ ”مفلس“ شاعر به ٻيڙيءَ ۾ همسفر هو، جيڪو سنڌ ڏانهن قلندر لعل شهباز جي زيارت لاءِ ٿي آيو (”مقالات الشعرا“ ص 265).
گجرات سان، انهيءَ سفر کان پوءِ، مير صاحب جي ڪافي دلچسپي پيدا ٿي، ۽ ان کان پوءِ جيڪي به خاص واقعا انهيءَ طرف ٿيندا هئا، انهن تي مير صاحب تاريخي قطعا ۽ شعر تصنيف ڪندو هو.
نور الدين محمد معروف بـﮧ مومن خان، 1170هه گجرات تي قابض ٿيو، ته مير صاحب تاريخ چئي:
چو شد نواب مومن خان بگجرات زکفر کافران گرديد خالي(1)
1165هه ۾ بندر سورت جي حاڪم نواب صفدر محمد خان جو پٽ محمد وقار خان فوت ٿيو. مير صاحب هيٺينءَ طرح سندس تاريخ ڪڍي:
”فلاخوف عليهم ولاهم يحزنون (2)“

مطالعي جو شوق:
مير صاحب جو دور، جيتري قدر سياسي ۽ ملڪي حالتن سبب اونداهو ۽ اندوهناڪ هو، اوتري قدر علمي ۽ ثقافتي لحاظ سان روشن ۽ خوشگوار هو. هڪ ئي وقت سوين مدرسا علم آموزيءَ لاءِ آباد هئا؛ هر هڪ گهراڻو ۽ هر هڪ فرد علم جو مرڪز ۽ منبع هو. هر علم دوست جي اوطاق ۽ بيٺڪ ’ائڪيڊميءَ‘ جو ڪم ڏيندي هئي. هر هڪ عالم، اديب ۽ شاعر وٽ، جدا جدا ڪتبخانا هوندا هئا. گهرن ۾، اوطاقن ۾، رستن تي، دڪانن ۾ ۽ بازارن جي چوراهن تي، علم پرورن جون ملاقاتيون ٿيون، صحبتون مجلسون ۽ مشاعرا، صبح شام ۽ رات ڏينهن ٿيندا رهندا هئا. هڪ ئي وقت مخدوم محمد هاشم (متوفي 1174هه)، مخدوم محمد معين (متوفي 1161هه)، مخدوم ضياﻋ الدين، ميان نعمت الله، ميان محمد صادق، آخوند محمد شفيع، ۽ آخوند ابوالحسن جهڙا يگانهﻋ روزگار عالم، ۽ مير ”محسن“ (متوفي 1163هه)، غلام علي ”مداح“، بالچند ”آزاد“، شيوڪ رام ”عطارد“، شيخ محمد محفوظ ”سرخوش“، غلام علي ”مومن“، محمد پناه ”رجا“، مير ابوالبقا ”بهرورعلي“ ۾ مير ابوتراب ”ڪامل“ جهڙا نغزگو شاعر ٺٽي جي شهر ۾ موجود هئا، جن مان هر هڪ پنهنجي دور جو ”غزالي“ ۽ ”دواني“ ، ”سعدي، ۽ ”انوري“ هو.
اهي سڀ بزرگ پاڻ صاحب تصانيف ۽ صاحب دواوين هئا؛ انهن مان هر هڪ کي جدا جدا ڪتبخانو هوندو هو، جنهن مان نه فقط پاڻ فائدو وٺندا هئا، بلڪ دوست احباب به وقت بوقت استفادو ڪندا رهندا هئا؛ انهن مان هر هڪ بزرگ جي اوطاق ”دارالمصنفين“ ۽ ”ندوة المصنفين“ هوندي هئي ؛ ۽ هر هڪ استاد ۽ عالم جو مدرسو، ”دارالعلوم ديوبند“ ۽ ”ندوة العلوم“ هو.
مير علي شير کي اهڙا معاصر مليا؛ انهيءَ قسم جا مهصر شاعر مليا؛ ۽ اها علمي فضا ۽ ادبي ماحول نصيب ٿيو. هن علمي صحبتن ٿيو. هن علمي صحبتن ۽ ادبي مجلسن جو پورو پورو فائدو حاصل ڪيو. انهن مدرسن ۾ هن علم پرايو؛ ۽ انهن دارالعلومن ۾ هن عربي ۽ فارسي زبانن تي قدرت ڪامله حاصل ڪئي؛ ۽ انهن ڪتبخانن جي هر هڪ ڪتاب جي هن ورق گرداني ڪئي؛ ۽ ڪتابن جي هر هڪ جلد مان هن مطلب ۽ مواد اخذ ڪيو. ڪتبخانا نه فقط هن ٻين جا ڏٺا، بلڪ خود سندس پنهنجو ذاتي ڪتبخانو ايڏو عظيم الشان هو، ۽ ان ۾ ايترا نادر مخطوطا موجود هئا، جو اڄ به ان جي فهرست ۽ ان جا باقي بچيل ڪتاب پڙهي ۽ ڏسي حيرت وٺيو وڃي ٿي(1).
مير صاحب جي مطالعي جي شوق، ۽ ٺٽي ۾ ڪتابن جي فراوانيءَ ۽ دستيابيءَ جو اندازو تڏهن ٿئي ٿو، جڏهن سندس پنهنجي تصنيفن ۾ اهڙن اهڙن ڪتابن جا حوالا پڙهجن ٿا، جن مان اڄ به ڪيترا ناياب ۽ نادرالوجود آهن.
تاريخ فرشته، طبقات اڪبري، منتخب التوارخ، دهه ساله عالمگيري، آئين اڪبري، روضـة الصفا، حبيب السير، مراة احمدي، مراة سڪندري، خزانهﻋ عامره، يدِ بيضا، تذڪرهﻋ واله داغستاني، هفت اقليم ابن رازي، ڪلمات الشعرا، مجالس المومنين، وغيره_ تاريخون ۽ تذڪرا، تصنيف تاليف ڪندي، مير صاحب جي پيش نظر هئا.
ايراني خواهه هندستاني شاعرن مان ڪيترن جا ديوان مير صاحب وٽ موجود هئا. اهڙيءَ طرح سنڌ جي تقريباً سڀني مصنفن جو تصنيفون به سندس پيش نظر هيون. تاريخ معصومي، طاهري، بيگلرنامه، ترخان نامه، تذڪرة المراد، آداب المريدين، حديقـة الاوليا، کان سواءِ ڪيترا ديوان ۽ گهڻو ڪري سنڌين جون سڀيئي مذهبي تصنيفون سندس مطالعي ۾ رهيون هيون. ”طومار سلاسل گذيده“ تيار ڪرڻ وقت، طريقت جي بزرگن جو گهڻو ڪري سڀيئي ملفوظاتيون. ۽ سلسلهﻋ طريقت جون استاد ڏٺيون هئائين. ملفوظات مخدوم جهانيان، منهاج العباد_ شيخ سعدالدين، تحفـة البرر_ شيخ مجدالدين بغدادي، بحرالدقائق شافعي، کتاب استعداد الاخرة، به انهيءَ ڪتاب جي ماخذن مان آهن.
پنهنجي ايراني بزرگن جون به گهڻو ڪري سڀيئي تصنيفون پڙهيون هئائين_ جيئن ته امير غياث الدين منصور جا تصنيف ٿيل ڪيترا ڪتاب سندس نظر مان گذريا هئا. طبقات ابن سعد جهڙو نادر ۽ ناياب ڪتاب، جيڪو اڄ ڇپئي کان پوءِ به ايتري قدر نادر الوجود آهي، جو اسان جي ملڪ جا گهڻو ڪري سڀيئي ڪتبخانا ان کان محروم آهن، اڄ کان ٻه سـؤ ورهيه اڳ ٺٽي ۾ مير صاحب جي مطالعي مان گذريو، جيئن پاڻ هڪ هنڌ (”مقالات الشعرا“212) فرمائي ٿو ته ”25 ربيع الاول 1169هه جو، مخدوم ضياﻋ الدين ٺٽويءَ کان، طبقات ابن سعد جو ٻيو جلد پڙهڻ لاءِ مستعار ورتم“.

مير صاحب جو علمي ورثو
تصانيف: مير علي شير جي زندگيءَ جو مقصد فقط تصنيف تاليف هو، جيئن اسين مٿي ڄاڻائي آيا آهيون_ هن 12 ورهين جي ڄمار ۾ قلم ۽ ڪاغذ کنيو، ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين ان کي هٿ مان نه ڇڏيائين. صحيح پتو ڪونه ٿو پوي ته هن ڪيترا ڪتاب لکيا، ليڪن ”مقالات الشعرا“، ”فهرست ڪتبخانه ٺٽه“ (برٽش ميوزم 2073 O.R.) ۽ ”تحفـة الڪرام“ (مملوڪ خان بهادر مولوي محمد شفيع، لاهور) مان جن ڪتابن جا نالا ملن ٿا، انهن جو تعداد 42 آهي. ڪيترا ڪتاب اهڙا به هئا، جن جا مسودا نا مڪمل رهجي ويا_ جيئن پاڻ فرمائي ٿو:
” اکثر مسودات بهر جا که ماندند ماندند.“ (”مقالات الشعرا“214).
1174هه ۾ ”مقالات الشعرا“ تصنيف ڪيائين. ان ۾ لکي ٿو ته ”الي الحال اگر بجمع شعر مي پرداخت تا سي (30)
هزار بيت کم و بيش رسيده مي بود“_
گويا مٿئين سال تائين، جيڪي هن شعر چيو، سو به گڏ ڪونه ڪيائين، ۽ جن جو تعداد ڪم و بيش ٽيهه هزار ٿئي ها. اهڙيءَ طرح 1174هه کان وٺي 1102هه تائين، 27سال پوءِ به، اهو سلسلو جاري رکيائين: خبر نه آهي ته ان مان ڪيترو ضايع ٿيو ۽ ڪيترو بچيو. بهرحال جن ڪتابن جا نالا معلوم ٿيا آهن، يا جي ڪتاب دستياب ٿيل آهن، انهن جو ذڪر سال تصنيف جي تربيت سان هن هيٺ ڪجي ٿو.


(1) ”ديوان علي شير“_ 1152هه): ٻارهن ورهين جي ڄمار ۾ هي ديوان مرتب ڪيائين، جنهن کي نامعلوم سببن ڪري درياهه ۾ لوڙهي، ايندڙ ٻه سال، 53_1154هه، شعر چوڻ ڇڏي ڏنائين؛ هن ۾ نالو تخلص طور استعمال ڪندو رهيو.

(2)”مثنوي شمهﻋ از قدرت حق“_ (1165هه): مثنويءَ جو نالو تاريخي آهي_ سال تصنيف 1165هه ان مان برآمد ٿئي ٿو. انهيءَ مثنويءَ جو ڪوبه نسخو موجود نه آهي. ڀانئجي ٿو ته مثنويءَ ۾ ڪو قصو بيان ڪيل آهي. ”مقالات الشعرا“ ۾ نمونتاً چند شعر ڏنا ويا آهن، جن مان مٿيون قياس ٿئي ٿو:
_در تعريف بر دکان نشستن آن جوهري پسر_
پسر چون دکاندار شد در ديار
چو خورشيد اندر حمل بسته بار
کفش بر ترازو چو گشتي فرو
قمر در ترازو مکان يافت گو
_قطعات لعل امانت فقرا را جوهري پسر در ستون مخفي ساخته_
ستون گشته کان بدخشان سپس
برو رشک بر وي بسي کان سپس
چو در راستي بوده پا استوار
شده زادگانِ خورش در کنار

(3)”مثنوي قضا و قدر“_ (1167هه):”گل از بهار قضا“ مان اهو سال تصنيف بر آمد ٿئي ٿو. هيءَ مثنوي ”نڪهت“ شاعر جي تحريڪ تي لکي ويئي(1). ڪوبه نسخو موجود نه آهي. ”مقالات الشعرا“ ۾ هيٺيان اقتباس ڏنل آهن:
_ در صفت کشمير_
خور اندر سبزه زارش شپره وار
نيارست آنکه بيند روي انوار
گر آيد بالمثل مه در زمينش
کند گلچين غلط با ياسمينش
ببوي بوي شبويش ز هر باد
گل خورشيد گيرد غنچگي باد
گهي تقرير وصفِ زعفران زار
لب از خنده نيابد راه گفتار
ز بس سَروش بازادي علم شد
ثمر در نخلهايش وقف هم شد
طلاي افتاب آنجا است پر غِش
زبش در بوتهﻋ گل ديده آتش
تونگر گردد آن کو بار دارد
گلستانش گل دينار دارد
_در صفت خوبرويان چين_
ز روي گلر خانش چشم خورشيد
ز بس گستاخ بين افتاد جوشيد
ز گفتارِ ملاحت ريز خوبان
بگيرد عندليب آتش بدامان
ز فرّ جبـﮧﻋ شان حسن آداب
نمايد همچو در مينا ميﻋ ناب
مهِ نو تا به ابرو يافت نسبت
همي بالد بخود از فرط بهجت
مگر دست قضا از صنع ايزد
لطافت جمله اندر ساعدش زد
ز روي بيت صدرِ شان توان يافت
معاني را که اندر دل همان يافت
نهد ار پشت بر ديوار چون مست
توان دريافت نقش او چه چيز است
گهي نظاره خوبيﻋ هر ماه
تماشائي بر آرد الله الله
_صفت هند و نغمه نوازان هند_
بپـــــاکــــــــوبـــــيﻋ رقـــــــــاصــــــــانِ مـــــــﮧوش
فتد نظاره را نعل اندر آتش
صلاي باده نوشي اندر و عام
بود خورشيد آنجا صورت جام
مدام اندر وي از صافيﻋ مهتاب
مـﮧ نو هر شب آفزايد ميﻋ ناب
مگو اختر که رخشانند هر شام
خم گردون شراب انداخت در جام
بهار نشهﻋ سرشار دارد
سرود آنجا عجب بازار دارد
هر آنکو بسته آهنگ حجاز ست
لجام توسنش از تار ساز ست
دف خورشيد اندر دست زهرش
به پيش مطربش کمتر ز مهرش
بهر محفل که نا و نوش دارد
هوس بر سير پا بر دوش دارد
_در وصف مصر و تعريف عمار تهايش_
وزد بادش اگر از جانبِ آب
حباب از ياسمين گيرد فزون تاب
هوايش گر بروي هجر آيد
ز شاخِ خشک مرجان گل بر آيد
بدوش مشرق اندر وقت تعمير
فلک مير ريخت آهک از تباشير
ازان خورشيد بر کف رعشه دارد
که خواهد دستي از بامش بر آرد
که گچکاري از خورشيد تابان
ستاند پنجه رازش دستگيردان
بهر خشت عمارتهاش خورشيد
براي اقتباسِ نور بوسيد
کمانِ طاقش از قوسِ قزح ساخت
رواقش را چو بّنا منشرح ساخت
بود مهتاب آنجا آهکِ کرم
سفيده صبح از خاکش کشد شرم
_رسيدن از خشکي بدريا و صفت آن_
دگر راهِ شتابيدن چو طي شد
بجمله احتياجِ کشتيﻋ شد
بلي کشتي گدايان را ضرور است
که فاقه را بدو راهِ عبور است
مسافر را برطب ويابس است راه،
ز خشکي باز دريا گشت دلخواه
غبارِ ماندگي بست ابر در دل
کنارِ بحر ماندم پاي در گل
چه بحر آن کز کمالِ پاکيﻋ رنگِ
نهنگ چرک را زد قافيه تنگ

(4)”ذو آئين خيالات“_ (1169هه): انهيءَ نالي مان سال تصنيف بر آمد ٿئي ٿو، اهو ڪتاب نثر ۾ آهي، ڪوبه نسخو موجود نه آهي، جنهنڪري معلوم نه ٿي سگهيو ته ڪتاب ڪهڙي موضوع تي هو.

(5) ”مثنوي قصهء کامر وپ“_ (1169هه): هيءَ مثنوي به گم آهي، ”مقالات الشعرا“ ۾ لکي ٿو ته تخميناً ٽي هزار بيت منجهس آهن، ۽ 1169هه ۾ تصنيف ڪيائين. ”مقالات الشعرا“ ۾ انهيءَ مثنويءَ جا هيٺيان اقتباس ڏنل آهن، جن مان نوعيت ۽ انداز معلوم ڪري سگهجي ٿو:

تا قدم از ارض رضاعت کشيد
پايهﻋ قدرش بعليين رسيد
قبضهﻋ قدرش چو کمان گير شد
ناوکِ دستش بفلک تير شد
بخت بلندش نه شمارد يکي
بلکه کند سهو که جم بود وکي
بازوي قدرت چو فشردي به تيغ
زهرهﻋ رستم بزدي رﱞيغ رﱞيغ
_در صفت چترمن مصور_
کز قلم مو چو کشد مشکل باغ
لاله ز شنجرف پر آرد اياغ
آب گهر در صدفش داشت جا
تا ورق سبزه نمايد طلا
غنچهﻋ تصوير وي از بوي فرح
رايحهﻋ خلد برين راست شرح
بر لب تصويرش حرفِ نشاط
گل کند از گوشهﻋ صحنِ بساط
گر بمثل در کشود شکل آب
نقطهﻋ سهوِ قلمش دان حباب
_صفت صيدگاه مينونشان_
آهکش از پرتو مه ببش تاب
در گچش آميخته رنگ سحاب
خشت بزانش پي حسن نظر
بسته نمودند خمير گهر
مخمل سبزه به هجومي که آب
راه نمي يافت ببالين خواب
بر لب هر جدولش از موج آب
نقش نشاط ابدي داشت تاب
بلبلش از نغمه سرائي فرح
از پي سيپارهﻋ گل بسته شرح
فاختهﻋ زاهد مشرب دران
داشت بلب آيهﻋ کو کو روان
حاجيﻋ قمري ز پيﻋ طوف سرو
خواسته احرام ز بال تذرو
پير عصا در کف زنق بنام
داشت بصحن چمن آنجا خرام
موي دماغش ز بس آشفته بود
بينيﻋ وا کرده سحن مي نمود
از گل شب بوش گل آفتاب
گريه همي خواست کند بوي آب
باد صبا داشت دور زر گري
سکه همي زد بزرِ جعفري
_در شکستن جهازات بطوفان_
يوسف مه رفته تـﮧ قعر چاه
يونس شب حوت گرفته پناه
فتنه بپا خواسته در رنگ باد
جوش زده بحر که طوفان فتاد
آتشي افروخت منقل حباب
سوخته هر خار و خسي را بر آب
ماهيﻋ موج از اثرِ برق باد
سينهﻋ خود را بشرر بر نهاد
جامه به تن چاک زده ناخدا
رفته ز سکان سکون جمله را
در کفِ ملاح ز بادي چنان
پنبهﻋ حلاج شده بادبان
ديدهﻋ گرداب ز بس کور بور
در طلبِ مردم پرشور بود
خورد شد آن جمله کشتي بر آب
درنفسي همچو سفالِ حباب
مردم خشکي همه آبي شدند
در چـﮧ ِ آن بحر شتابي شدند
_در صفت جنگ_
صور صرافيل دميده چو نائي
مغز هرﱞبران بچکيده ز نائي
بسکه بپا گشت دَم گاو دُم
گاو زمين و فلک انداخت سم
در کف پر برگ تبيره زنان
خون يلان بسته چو بيره زنان
بحر ستيز آنگه طوفان گرفت
پنجهﻋ خورشيد ببحران گرفت
تير فلک ريخت برنگِ خدنگ
گاهگشان پازده در نيم لنگ
ارﱞدرِ شمشير چو پر وار شد
هر طرف از زخم بهر غار شد
مغز راگنده شد از عطسه تيغ
در سر پيکار کنان بيدريغ
گشت بپا تاکه طريدِ ستيز
جان به برِ رستم شد ريز ريز
هر طرفي خاست ترنگا ترنگ
پنجهﻋ خورشيد شده بر خدنگ
شور چقا چاق نهنگِ خدنگ
ريخت همي مغز دماغِ پلنگ
بسته بخون بود يلان را مگر
لاله صفت کرده سپر در سپر
_صفت مبارزت نانک چند جوهري_
تيغ بکف نانک چند جوهري
بود چو الماس پيﻋ جان جري
تابزدي از سر غصه طريد
لعل ز فيروز همي شد پديد
داشته تيغش عمل کهربا
بهر خسيسان بجان در بلا
_صفت رزم دهنتر طبيب_
دهنتر آنجا که فشردي قدم
تيغش مي جسته ز کف دم بدم
شربتِ مرگ از کفِ او موجزن
بوده پيﻋ نوش عدو زمن
_صفت جنگ رس رنگ کلاونت_
کرده چو رس رنگ سوي رزم راه
جسته ز چنگش اجل آنجا پناه
گوش مخالف ز طريدش بخَست
تيغ دو دستي بزدي همچو مست
کرده بقانون شجاعان نبرد
از سرِ مرادن چو اجل ريخت گرد
گرز گران در کفش از پر دلي
زمزمه خوان بود به نقشِ يلي
_صفت نبرد چترمن مصور_
چترمن آنگه که شدي رزم جو
پاي عدو بود گو اندر فرو
در کفِ او مانده عدو نقش وار
بلکه چو تصوير بديوار يار
صفحهﻋ صحرا ز کفش رنگ بست
بسکه سرانِ سپه اندر شکست
_در فتح شاه و هزيمت دشمن_
شير علم ديده چو روباه شد
بود ز جان سير بلا خواه شد
پرچمِ اقبال شه از بادِ فتح
ترجمه مي بست باسناد فتح

(6)”ديوان قال غم“_(1171هه):ديوان جو اهو تاريخي نالو آهي. منجهس غزل، قصيدا، مخمس، ترجيع بند، و غيره سڀيئي اصنافِ سخن موجود هئا.9 هزار شعرن جو هي مجموعو به زماني جي دستبرد تباهه ڪري ڇڏيو.

(7)”ساقي نامه“_ (1174هه):”ساقي نامه“ جو انداز هي آهي:
ٻيا ساقيا زان ميﻋ ناب ده
بلب تشنگان يکدمي آب ده
که در آتشم از خمار شراب
باتش ز آتش توان داد آب
شب و روز در فکر آنم که کي
شود جان اين مرده دل باز حي
گروهي که رفتند زين تيره خاک
ندانم چه کردند باجانِ پاک
وضو را بابِ عنب مي کنم
نمازِ سرِ شام و شب مي کنم
همي بينم از دور محراب جام
که پيشش صراحي است اندر قيام
باين قائم الليل دارم شروع
که در سجده افتم ز بعدِ رکوع
موذن چو گلبانگ حيّ در زند
صراحي در جامِ مي در زند
در اخلاص مي چار قل بر زبان
چو مينا دهم روح گريه کنان
مناجاتيان تا نيا بند راه
بکوئي خرابات بردم پناه
مغني نواي که مستي دهد
رهي زن که ذوقِ الستي دهد
چو در کاسهﻋ سر نداريم آب
لبم تَر نمائي ز موجِ رباب

(8)”واقعات حضرت شاهه“_(1174هه): هن جو ذڪر به ”مقالات الشعرا“ ۾ آيو آهي، جنهنڪري ڀانئجي ٿو ته 1174هه کان اڳ جي تصنيف آهي. هن مثنويءَ ۾ هڪ هزار شعر هئا. نسخو ڪوبه موجود نه آهي. نالي ۽ هيٺين اقتباسن مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءَ مثنوي ڪربلا جي واقعات ۾ آهي، ۽ منجهس مختلف بحرن ۾ شعر چيا ويا آهن.
مگر هلال که يک کشتي است طوفاني
تنور فتنـﮧ بس جوش کرده عماني
دونيمه گشتهﻋ دل روزگار روزِ عزا
يکي بزير زمين شد دگر بروي سما
زبس گريست محبانه زين مصيبت خون
فتاد ناخنه در چشم ارزقِ گردون
پر از ستاره نباشد بچشم اندهناک
ز ناوک غم گشتـﮧ مشبک اين افلاک
______ ______
مگر که مهر بروي سما نمود طلوع
درين معامله چشم مسيح شد نگران
______ ______
دمِ آبي نبوده جز دم تيغ
مگر از آسمان باريد اين ميغ
لباسِ چرخ زان گرديد نيلي
کزين جورِ زمانه خورد سيلي
برالدامِ خور از آن رعشه افتاد
که روزي کربلا مي باشدش باد

(9)”چهار منزلـﮧ“_(1174هه): مصنف هن مثنويءَ جو ذڪر به ”مقالات الشعرا“ ۾ ڪيو آهي، جنهنڪري مثنوي 4_ 11هه يا ان کان اڳ جي تصنيف ڀانئجي ٿي. هڪ هزار شعرن جي هيءَ مثنوي به گم ٿي ويئي. هيٺين اقتباسن مان اندازو ٿي سگهي ٿو:
_”در صفت حلقه بيني_
بروي راست بينش حلقه ديده
دکانِ حيرتم بر خويش چيده
کدامي بي ادب پيچيده بر راست
که شکل حلقهﻋ بينيش پيداست
تامل کرده تا من خوب ديدم
بروي راست بيني سر کشيدم
سرش گردِ دهانِ يار الحق
طلوعِ آفتابست اين ز مشرق
_در شکايت زمانه_
مرا از زري شد آنچه حاصل
نديده عشر آن قارون تـﮧ ِ گِل
مر او را کرده زر مردود ايزد
منم از بي زري در مردمان بد
بسي از دوستان در بي زري ام
همين رانند اندر زرگري ام
همه اخوان بحقِ اخ نويسند
شدم تا بينوا اخ اخ نمايند
کليم الله بفرض آيد گر باز
ازين قارون سرشتان نيستش ساز
کساني که چنين کالا کشيدند
مگر از خانهﻋ خالا کشيدند

(10)”تزويج نامهﻋ حسن و عشق“_(1174هه): هي ڪتاب به 1174هه کان اڳ جي تصنيف آهي_نه نسخو موجود آهي نه اقتباس، جنهن مان ڪتاب جي مضامين جو اندازو ڪري سگهجي. البته پاڻ لکي ٿو ته هن ۾ مقفيٰ ۽ مسجع نثر لکيو ويو آهي. عنوان مان معلوم ٿئي ٿو ته حسن ۽ عشق جي ميلاپ ۽ معاملات تي ادبي طور طريقي ۾ خيال آرائي ڪئي ويئي هوندي.

(11)”اشعار متفرقه در منايع و تاريخ“_ (1174هه): هي هڪ جدا مجموعو، ڄاڻايل سال تائين مرتب ڪيو هئائين، جنهن ۾ تاريخي قطعا ۽ صنايع جا اشعار، هڪ هزار جي تعداد ۾ هئا. اهو نسخو به گم آهي.

(12)”بوستان بهار“_(1174هه) معروف به”مکلي نامه“:
”بوستاد بهار تازهﻋ دل“ مان سال تصنيف آمد ٿئي ٿو. مڪليءَ جي منظرن ۽ مقبرن تي هن ۾ نظم ۽ مقفيٰ نثر ۾ شاعرانه خيال آرائي ڪئي ويئي آهي. هن جو مسودو سنڌي ادبي بورڊ ۾ مصنف جي خط ۾ محفوظ آهي(1).

(13)”مقالات الشعرا“_(1174هه): مصنف لکي ٿو ته 1169هه ۾، جڏهن هو ”مثنوي کامروپ“ لکي رهيو هو، ان وقت کيس هن پيش بها تذڪري لکڻ جو خيال پيدا ٿيو. انهيءَ سان هن لکڻ شروع ڪيو، ۽ پنجن سالن جي ديده ريزيءَ ۽ محنت بعد 1174هه ۾ جوڙي تيار ڪيائين. نالي مان اختتام جو سال نڪري ٿو، ۽ جيڪڏهن ان مان 5 عدد گهٽ ڪيا ته تصنيف جي شروعات جو سال 1169هه معلوم ٿيندو. سنڌ جي فارسي گو شاعرن تي انهيءَ کان اڳ ڪوبه تذڪرو ڪونه هو. اهو ئي پهريون ڪتاب آهي، جنهن مان سنڌ جي فارسي ادب جي تاريخ معلوم ڪري سگهجي ٿي. مير صاحب سنڌين کان سواءِ، هِن ۾ انهن شاعرن جو به ذڪر ڪيو آهي، جيڪي سنڌي النسل نه هئا، بلڪ ٻاهران اچي سنڌ ۾ رهيا، يا سفر ڪندي سنڌ مان اچي لانگهائو ٿيا. هن تذڪري لکڻ ڪري، مير صاحب جو سنڌ تي اهو احسان عظيم آهي، جنهن جي بار کان سنڌي قيامت تائين آجا نٿا ٿي سگهن. مصنف جي پنهنجي هٿ اکرين لکيل نسخو، سنڌي ادبي بورڊ ۾ موجود آهي، ۽ هڪ نسخو برٽش ميوزم ۾ به (589،21 ADD) آهي، جيڪو 1246هه ۾ مير مراد علي خان لکرايو. انهن ٻنهي نسخن جا نقل مون وٽ آهن؛ انهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه نسخو موجود نه آهي.

(14)”تاريخ عباسيه“_(1175هه):ميان غلام شاهه 1175هه ۾ مير صاحب کي ڪلهوڙن جي تاريخ لکڻ لاءِ مقرر ڪيو. معلوم نه آهي ته مير صاحب ڪهڙن سببن ڪري ان کي مڪمل نه ڪيو، ليڪن ٺٽي جي ڪتبخانن جي فهرست، جيڪا برٽش ميوزم ۾ (2073 O.R.) آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪتاب جو گهڻو حصو لکجي چڪو هو. فهرست نگار لکي ٿو ته
”تاريخ عباسيه“ اعني در بيان ميان صاحبان ڪلهور. از ابتداي آمدن سان در سند، مع تحقيقات نسب اوشان، و تقرر زمينداري آن فرقه در سند، و بدست رسيدن بانها حڪومت سند، و احوال و واقعات آن ايام، سيد علي شير ’قانع‘ مرحوم در نظم و نثر تاليف و تصنيف کرده، و مسوده ناتمام، از هر دو در کتابخانه موجود_ نسخهﻋ نظم قريب بيست هزار ابيات.“

(15)”تاريخ عباسته“_(1175هه): مٿئين اقتباس مان معلوم ٿئي ٿو ته هن جو نامڪمل نسخو به مير صاحب جي ڪتبخاني ۾ موجود هو، ۽ ان ۾ ويهه هزار اشعار هئا. ڀانئجي ٿو ته دستور مطابق اها تاريخ ”شاه نامه“ جي طرز تي ساڳئي ئي بحر ۾ لکي ويئي هوندي. افسوس آهي، جو هنن ٻنهي ڪتابن جا نسخا تلف ٿي ويا؛ ورنه انهيءَ دؤر جي تاريخ تي اهي ٻئي تاريخون مستند ماخذ جو ڪم ڏين ها. جنهن صورت ۾ مير صاحب انهيءَ دؤر جي تاريخ تي جدا گانه ڪتاب لکي رهيو هو، تنهنڪري ”تحفـة الڪرام“ ۾ ڪلهوڙن جو ذڪر نهايت سرسري محض هن ڪري ڪيو اٿس ته
”ذکر شان در طبقه علحده ميگردد، و بنابر مزيد فائده و اداي حقوق نمک ذکر از اصل مع بيان بزرگن اين سلسله مجملاً گذارش ميکند“.

(16)”تحفـة“ الڪرام“_(1181هه):مقالات الشعرا“ کان پوءِ مير صاحب هي ٻيو ڪتاب معرڪي جو لکي، سنڌ ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙ اهل علم ماڻهن تي، عظيم احسان ڪيو. ڪتاب ٽن جلدن ۾ هيٺينءَ طرح وراهيل آهي:
جلد پهريون_انبيا، حڪما، بادشاه ۽ خلفاي اسلام جي حالات ۽ تاريخ ۾ _ چنانچه ٻئي جلد جي ابتدا ۾ بيان ڪندي لکي ٿو ته
”از تاليف مجلد اول تحفـة الڪرام مشعر حالات خلاصه موجودات انبيا و اوصيا، و حکما، و خلفا و سلاطين فراغت يا فته“.
مطبوﻋـه نسخي ۾ جيڪو پهريون جلد آهي، سو حقيقت ۾ ”تحفـة الڪرام“ جي پهريون جلد نه آهي، بلڪ تاريخ ”مراة احمدي“ جي ٻئي جلد جا 86 صفحا ”تحفـة الڪرام“ جي عنوان سان ڪنهن ڇپائي ڇڏيا آهن. ”مراة احمدي“ 1357هه ۾ مطبع فتح الڪريم بمبئي ۾ ڇپيو، جنهن جي ساڳئي ڇاپي جي 86 صفحن کي علحده ڪري غالباً ساڳيءَ پريس وارن، ان تي ”تحفـة الڪرام“ جو نالو لکي، بقيه ٻن جلدن سان پيوست ڪري ڇڏيو آهي.
ٻئي جلد کي ستن اقليمن ۾ ورهائي، ۽ هر هڪ اقليم جو تاريخي احوال ڏيئي، ۽ا ن جي هر هڪ شهر جي بيان ڪرڻ بعد، انهيءَ شهر جي مشاهيرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. مير صاحب اگرچ لکيو آهي ته هن متقدمين ۽ متاخرين جون تصنيفون ڏسي، پڙهي ۽ پوءِ اهو جلد مرتب ڪيو آهي، ليڪن پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته امين رازيءَ جي ”هفت اقليم“ کي هن بنياد بڻايو آهي، ۽ ”حبيب السير“ ۽ ”مجالس المومنين“ تي هن مدار رکيو آهي؛ چنانچه پنهنجي بزرگن جي حالات جي سلسلي ۾، بنان حوالي جي، سموري عبارت، لفظ بلفظ ”مجالس المومنين“ جي نقل ڪري ويو آهي_جيڪو طريقو تقريباً سڀني متوسطين خواه متاخرين جو هو.
مطبوﻋـه نسخي ۾ ٻيو جلد سنه 1304هه ۾ غالباً بمبئيءَ مان شايع ڪيو ويو آهي.
ٽيون جلد حقيقت ۾ ”تحفـة الڪرام“ جو نهايت قيمتي آهي، ۽ سنڌ جي تاريخ تي گويا ’انسائيڪلوپيڊيا“ جي حيثيت رکي ٿو. انهيءَ جلد جي ابتدا ۾، سنڌ جي تاريخ شروع کان ڪلهوڙن جي زماني تائين بيان ڪئي ويئي آهي؛ ۽ ان کان پوءِ سنڌ جي شهرن جو احوال، ۽ ان ۾ رهندڙ مشاهيرن جو تذڪرو آهي؛ آخر ۾ ٺٽي ۾ ان جي مشاهيرن جو مفصل ذڪرڪيو ويو آهي. مير صاحب تاريخ جي سلسلي ۾ ”چچ نامه“، ”معصومي“، ”طاهري“، ”بيگلرنامه“، ۽ ”ترخان نامه“ کي ماخذ بڻايو آهي؛ البت مشاهيرن جو تذڪرو، ۽ سنڌ جي قديم شهرن جي تاريخ تي، هن جيڪا تحقيق ۽ تلاش ڪئي آهي، اها قابلِ داد ۽ اڻ وسرڻ جوڳي آهي. حقيقت ۾ محنت ۽ زحمت برداشت ڪرڻ ۾، مير صاحب ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن اڄ کان پوڻا به سـؤ ورهيه اڳ، مير صاحب اهو مواد گڏ نه ڪري وڃي ها، ته هوند مشاهيرن جي تذڪري، ۽ شهرن جي تاريخ جا سڀئي پهلو، اڄ اسان جي اکين کان پوشيده، بلڪ سڄي ثقافتي ۽ علمي تاريخ گم هجي ها.
مطبوﻋ نسخي جو ٽيون جلد مطبع ناصريءَ دهليءَ ۾ ڇپيو آهي؛ ۽ تقريباً انهيءَ ئي سال جو ڇپيل آهي، جنهن سال ۾ ٻيو جلد شايع ٿيو.
مير صاحب 1181هه ۾ ”تحفـة الڪرام“ جو ٽيون جلد ختم ڪري، هيٺيون اختتامي قطعو لکيو:
شکر خدا که تذڪرهﻋ ”تحفـة اڪرام“
اندر سـﮧ جلد يافته تزئين اختتام
هر جلد اوست روضهﻋ اخبار دلکشا
نظاره کيش مفت شود ديده شاد کام
”قانع“ اگر چـﮧ نيست سزا وار ذکر خير
ليکن بفيض اهل خبر يافت اين مرام
باشد کنند اهل دلش ياد بعد مرگ
يعني که يادگار نکو ماند مستهام
سال تماميت چو نمود از خرد سوال
اينک چه ”منتخب“ ز دل آمد مرا پيام
_1181هه
شکرِ خدا که يافته تزئين انتخاب
اين ”تحفـﮧ.. الکرام“ بائين انتخاب
سال تماميت چو نمودم ز دل سوال
هاتف زده ندا که ”نو آئين انتخاب“
1181هه
مصنف جو پنهنجو دستخطي نسخو، لاهور جي خانبهادر مولوي محمد شفيع صاحب وٽ آهي؛ ۽ برٽش ميوزم ۾ جيڪي به نسخا مصنف جي پنهنجي خط جا آهن، انهن جي فوٽو گراف ڪاپي مون وٽ آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته مصنف 1188هه تائين اضافا ڪندو رهيو آهي.

(17) ”اعلان غم“_ (1192هه): هن ڪتاب جو نالو ايليٽ واري فهرست ۾ ملي ٿو، ۽ لاهور واري تحفـة الڪرام جي سرورق تي به مير صاحب جي تصنيفات ۾ هن جو نالو موجود آهي. فهرست نگار تفصيل هن طرح ڏنو آهي:356 صفحا، في صفحو 34 سٽون؛ 11732شعر؛ تاليف 192: هه، بخط مصنف، هن مثنويءَ ۾ نبين جي مصيبتن ۽ شهيدان ڪربلا جي تڪليفن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هن وقت تائين ڪوبه نسخو دستياب ٿي ڪونه سگهيو آهي.


(18) ”زبدة المناقب“_ (1192هه): هن خلفاﻋ راشدين، ۽ حضرات اثنا عشر جا مناقب آهن. ايليٽ جي فهرست نگار هن طرح تفصيل ڏنو آهي: صفحا 362، في صفحو17 ۽ 20 سٽون؛ 1200 شعر؛ تصنيف 1192هه_ بخط مصنف. لاهور واري نسخي جي سر ورق تي به هن ڪتاب جو نالو موجود آهي.

(19) ”مختار نامه“_ (1194هه):مختيار ثقفيءَ جي حالات ۾ مير صاحب هيءَ مثنوي لکي. فهرست نگار هيٺينءَ طرح تفصيل ڏنو آهي: صفحا 208، في صفحو سٽون 34_36؛ جملي اشعار 7 هزار؛ سن تاليف 1194هه. جنهن نسخي جو ذڪر ايليٽ جي فهرست نگار ڪيو آهي، اهو ئي ساڳيو نسخو هن وقت سنڌي ادبي بورڊ جي ملڪيت آهي.
پهريون شعر هي آهي:
بنام جهانداور کردگار که بر قدرت اوست مختارکار
آخري شعر اختتام جي تاريخ جو آهي.

(20)”نصاب البلغا“_(1198هه):مير صاحب ”قاموس“ جي طرز تي، هي ڪتاب نهايت عجيب و غريب، ۽ انتهائي محنت ۽ تحقيق سان لکيو آهي. هيٺين چند عنوانن مان ڪتاب جي مواد جو اندازو ڪري سگهجي ٿو:
(1) علم طب و متعلقات او؛ (2) اسماﻋ اعضا؛ (3) اسباب غذا؛ (4) ذکر آب و زمين؛ (5) اجناس غله؛ (6) اقسام سبزي و بقول؛ (7)موسم کاشت؛ (8) ذکر لحوم؛ (9) ذکر شير و متعلقاتش؛ (10) عطر يات و عقاقير؛ (11) طعام؛ (12) اقسام فواکه، (13)ـ آلات و ادوات طبخ؛ (14) اقسام پلاءَ؛ (15) اصناف قليـﮧ، (16) برياني و غيران؛ (17) اقسام آش؛ (18) اقسام کشک؛ (19) اقسام آچار؛ (20) اقسام خاکينه؛ (21) اقسام حلويات و ماليده، (22) الوان نان؛ (23) اوقات طعام خوردن؛ (24) حيوانات پوستينه؛ (25) چرم دوزي و آلات آن؛ (26) لباس پشميني، (27) لباس نفيس پشمينه؛
(28) آلات ندف؛ (29) آلات جولاهي؛ (30) الوان اقمشه و اجناس ان؛ (31) صباغي و الوان آن؛ (32) اقسام کسوات؛ (33) پاپوشها؛ (34) اقسام متفرق جامها؛ (35) آلات درزي و کشيده کاري؛ (36) در عمارات؛ (37) درود گري؛ (38) الوان عمارت زمستاني و تابستان؛ (39) لوازم خانه؛ (40) حيوان خانه داري؛ (41) تجملات خانه از فروش و مراکب؛ (42) در بيان طيور؛ (43) لوازم شهريت؛ (44) لوازم ترتيب شهر؛ (45) اهل حرفت؛ (46)تجار و بيع و شراع؛ (47)اسباب حڪومت و متعلقات آن؛ (48) مناصب والقات عهده داران؛ (49) تسجيل و دفاتر؛ (50) ضوابط و قواعد در اسماﻋ اصطلاحات؛ (51) الفاظ متعارفه؛ (52) تاهل و تناکح و توالد؛ (53) آرائش عروس؛ (54) دامادي و صحبت؛ (55)لوازم مولود؛ (56) ابتداي حمل؛(57) لوازم طفل، (58) بازيهائي اطفال؛ (59) تعليم و تعلم اطفال؛(60) اصطلاحات علوم؛ (61) شعر و شاعري؛ (62) آداب دبيري؛ (63) علم لغت، (64) قواعد مساحت، (65) ضوابط علم نجوم؛ (66) اسماي منازل ماه؛ (67) تقسيم منازل بر بروج؛ (68) سال عربي؛ (69) عدد ايام سال فارسي؛ (70) ماههاي بحساب شمس؛ (71) مههاي سندهي و نامهاي فارسي؛ (72) لوازمات سواري؛ (73) اسلحه حرب؛ (74) جانوران شکاري؛ (75) حيوانات؛ (76) طيور خوردني و غير آن؛ (77) تشرب و اقسام آن؛(78) اوقات تشرب؛ (79)تغني و اوقت آن؛ (80) نغمات اهل فرس؛ (81) بيان سي لحن؛ (82) نام سراينده و سازها؛ (83) نغمات اهل هند؛ (84) سياحت و سير؛ (85) صفت جبال ؛ (86) لوازم بحار ۾ مراکب؛ (87) جانوران آبي و اقسام ماهي؛ (88) حشرات موزي وغيرهم؛ (89) اشجار و نباتات؛ (90) اوقات و جهات واماکنه.
ڪتاب 185 صفحن جو آهي؛ باريڪ شڪسته خط اٿس؛ آخر ۾ مصنف لکيو آهي: ”کاتبه و مولفه روز خميس چهاردهم رجب 1198هه“.
ڪتاب جي مٿين عنوانن مان مير صاحب جي همه گير معلومات ۽ تحقيق ۽ تجسس جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. ڪتاب ۾ مٿين عنوانن هيٺ نه فقط عنوان سان متعلق معلومات فراهم ڪئي ويئي آهي، بلڪ انهيءَ سلسلي جي سموري لغت به ڏني ويئي آهي ۽ محاورا به ڏنا ويا آهن، جنهن ۾ خود سنڌيءَ جي ڪيترن متروڪ لفظن جو پتو پوي ٿو.
انهيءَ ڪتاب جو واحد نسخو حضرت مولانا محمد ابراهيم صاحب ڳڙهي ياسينيءَ جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي(1).

(21)”مثنوي ختم السلوک“_ (1199هه):”ختم السلوک“ مان سال تصنيف نڪري ٿو. هيءَ مثنوي تصوف جي سلسلي جي آهي. 286 صفحا، هر صفحي ۾ 15 شمر _ مثنويءَ جو پهريون شعر آهي:
من که باشم تا زنم دم از ثنا چون بلا احصيٰ محمد زد ندا
آخري شعر، جنهن مان سال تصنيف به برآمد ٿئي ٿو، هي آهي:
هاتف اينجا ديد خوش کارم چو.. سال وي گفتا بود ”ختم السلوک“
1199هه
انهيءَ مثنويءَ جو واحد نسخو _ جيڪو مير مرحوم جي پنهنجي خط ۾ آهي_ هن وقت ادبي بورڊ جي ملڪيت آهي. مير صاحب مثنويءَ جي پهرين ٽن صفحن ۾، مثنويءَ جي مضامين جي فهرست ڏني آهي، جنهن کي اسان هن هيٺ نقل ڪريون ٿا، جيئن پڙهندڙ مثنويءَ جي اهميت ۽ افاديت جو اندازو ڪري سگهن:
(1) مقدمه در بيان علم قيام.
(2) مقاله در بيانِ معرفت حق سبحانه: در آنکه صحت عقل و رويت آيـﮧﻋ سبب معرفت است نه علت معرفت؛ اقوال شيخ در معني معرفت، معني معرفت؛ در خلاف نفس؛ معرفت نفس که علم بان علم بحق است؛ اقوال شيخ؛ کيفيتها ارتباط نفس بمعرفت الاهي؛ معرفت روح؛ وصف روح اعظم؛ در بيان آنکه آدم مظهر روح کلي ست.
(3) مقاله در بيانِ توحيد باري: اقوال شيخ؛ توحيد ايماني؛ توحيد علمي؛ توحيد حالي؛ اقوال شيخ؛ توحيد الاهي.
(4) مقاله در بيانِ تصوف: وجهه تسميه؛ تلقين؛ لقب صوفي؛ معني صوفي و متصوف؛ اقوال شيخ در وصف صوفي و متصوف.
(5) مقاله در بيانِ فقر: فقر و غفا؛ جواب و سوال ابن عطار و جنيد؛ اقوال شيخ؛ تقسيم محققان فقر.
(6) مقاله در بيانِ توبه: معني توبه و اقسام آن و خصوصيـﮧ؛ اختلاف اقوال شيخ در وصف و صحت آن؛ احوال و مقامات و ار کان توبه؛ چهار مقام توبه؛ پنج ار کان توبه؛ تنائج توبه و درجات آن.
(7) مقاله در بيانِ تو کل: مواضع اطلاق تو کل؛ اقسام رزق؛ علو توکل و متو کلان.
(8) مقاله در بيانِ صبر : انواع متعلق صبر؛ انواع صبر؛ اقوال شيخ.
(9) مقاله در بيانِ شکر: مواضع شکر؛ اختلاف شيخ؛ معني شکر؛ انواع شکر؛ تبيين و قسم نعمت، و دو قسم شاکران.
(10) مقاله در بيانِ رضا: حقيقت رضا و قسمين آن؛ اقسام راضيان.
(11) مقاله در بيانِ حال و مقام: فرق بين الحال و المقام؛ اختلاف در دوام حال.
(12) مقاله در خوف و رجا: بيان قسمين خوف و وصف هريک؛ و صف رجا و ارتباط آن بخوف.
(13) مقاله در بيانِ جمع و تفرقه_ تفضيل جمع بر تفرقه،
(14) مقاله در سکر و المحو: تبين مقامان واحدين؛ اختلاف در فضل سکر و محو.
(15) مقاله في الغنا و البقا: تبين اقوال دران.
(16) مقاله در بيانِ غيب و شهود.
(17) مقاله در بيانِ تجلي.
(18) مقاله در بيانِ محبت: اقوال شيخ.
(19) مقاله در بيانِ سماع و ما يتعلق بـﮧ: اباحت سماع شعر؛ اباحت اصوات؛ فوايد چند مخصوصه؛ اقوال شيخ؛ مراتب اهل سماع؛ في الوجد والوجود؛ اختلاف شيخ؛ در رقص و پاکوبي؛ خرق خرقه؛ آداب سماع.
(20) مقاله در لبس خرقه.
(21) مقاله در بيان اختلاف احوال مردمان و عد اقسام آن تبين مشتبهان.
(22) مقاله در بيان اهل و لايت.
(23) خاتمه متضمن تاريخ اختتام.
ڪتاب ۾ هڪ مقدمو، ايڪيهه مقالا، ۽ هڪ خاتمو آهي.

(22)”طومار سلاسل گزيده“_ (1202هه): هن ڪتاب ۾ سنڌ جي مشاهير تصوف جي طريقت جا سلسلا بيان ڪيا ويا آهن. تاليف جو سال مٿئين نالي مان بر آمد ٿئي ٿو. سنڌ جي تصوف جي تاريخ لاءِ هي ڪتاب ازحد ڪارآمد آهي. هن مان ئي معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي بزرگن ۽ صوفي سڳورن جي طريقت ۽ بيعت جو ڪهڙو سلسلو هو. مير صاحب هي ڪتاب وفات کان هڪ سال اڳ لکيو _ جيئن هيٺ اچي ٿو. ڪتاب جو واحد نسخو مصنف جي خط ۽ مهر سان، سنڌي ادبي بورڊ وٽ موجود آهن.

(23)”شجرهﻋ اطهر اهلبيت“_ (1202هه): نالي مان تاليف جو سال نڪري ٿو. مير مرحوم مٿئين ڪتاب وانگر، هي ڪتاب لکي سنڌ جي تاريخ تي وڏو احسان ڪيو؛ ليڪن افسوس آهي، جو ان جو نسخو تلف ٿي ويو، ۽ اڄ تائين دستياب ٿي نه سگهيو. ”معيار سالکان طريقت“ جي ديباچي ۾ مير صاحب لکي ٿو:
”در سال دويم و دوازده صد هجري که آفتاب عمر برلب بام، و سبق حيات قريب باختتام، شصت و سه سال از عمر در رفت، و امراض چند طبيعت را تفت، اول شجرهﻋ اهل بيت سنڌ وغيره بقدر دريافت نوشته؛ ثانياً طوماري در ذکر اسماﻋ سلاسل گزيده طريقت نگاشت: تاريخ اول ’شجرهﻋ اطهر اهليت“، و تاريخ ثاني، ’طومار سلاسل گزيده، دست داده(1)“.

(24)”معيار سالڪان طريقت“_ (1202هه): مصنف ”تحفـة الڪرام“ ۾ سنڌ جي سرسري تاريخ بعد، سنڌ جي بزرگن، مشاهيرن، صوفياﻋ ڪرام جو مجمل ذڪر ڪيو آهي. مصنف ان ۾ اصحاب تذڪره جي سال تولد، سال وفات يا سندن زماني جو تعين نه ڪيو آهي، جنهن جو کٽڪو، معلوم ٿئي ٿو ته مصنف کي به هو، ۽ اها ڪمي ۽ ڪوتاهي پاڻ به محسوس ٿي ڪيائين، جنهنڪري وفات کان هڪ سال اڳ، هن مٿيون تذڪرو مرتب ڪيو، جنهن ۾ سنڌ جي پنج سـؤ بزرگن جو احوال بقيد سال يا بقيد زمانه لکي، ”تحفـة الڪرام“ جي ڪوتاهيءَ جو ازالو ڪيائين. مصنف دباچي ۾ لکي ٿو:
”بالجمله عقده خاطر آن ماند، که مشائخ زمان بقيد زمان و مکان و انتساب سلاسل و اصحاب ببيان آرد،اين رساله موجز جاوي آن مقصد شده، و تاريخش در اسم ’معيار سالکان طريقت‘ مبراهن....آنکه صريح وي بتحرير سال وفات معلوم نشد بهم عصران الحاقش کرده، و اگر درحقيقت مابين زيادتي و کمي ده بيست سال بوده باشد........مقصد آنکه گويند فلاني در زمانه فلان......بوده، يا بفلاني صحبت کرده.......“
جن جو نه سان معلوم ٿيو ۽ نه زمانو، انهن کي مصنف آخر ۾ آندو آهي. ڪتاب جو اختتام هيٺئين قطعي تي ٿئي ٿو:
در مرز دل چو تخم و لا نيک کشته شد
خوش رشتهﻋ ز ريشهﻋ....رشته شد
آن رشته بسته گل بسرِ گل ازان نهال
کز دست آبيار کرامات گشته شد
بوده ولائي اهل ولايت مراد من
جز ذکر شان هر آنچه بلب بود شسته شد
بخشد عروج عرش صفا سير اين سوار
زان ره که ذکر هر ولي اينجا فرشته شد
بالفعل آنچه گشت ز قوتِ ظهور آن
روز ازل بطينت طبعم سرشته شد
در آتش مجاهدهﻋ جمع اين کتاب
بسيار روزگار روانم برشته شد
تاريخ اين رساله براي عيار طبع
”معيار سالکان طريقت“ نوشته شد
1202هه
خوش قسمتيءَ سبب، هن قيمتي ڪتاب جو هڪ خوشخط نسخو، برٽش ميوزم (589، 21 ADD) ۾ موجود آهي_ جيڪو 1246هه ۾ مرحوم مير مراد علي خان پنهنجي لاءِ لکرايو هو. انهيءَ تان ’مئڪرو فلم‘ نقل راقم الحروف تيار ڪرائي پاڻ وٽ محفوظ ڪيو آهي.
مير صاحب مرحوم جي علمي انهماڪ ۽ ذوق جو بي اختيار داد ڏيڻو پوي ٿو، جڏهن ڏسجي ٿو ته 23 ورهين جي ڄمار ۾ جيتوڻيڪ مختلف بيمارين ڪري، سندس صحت بيڪار ۽ بدن ضعيف ٿي چڪو هو، ان وقت به قلم هٿ مان نه ڇڏيائين، ۽ وفات کان هڪ ورهيه اڳ به، هڪ ئي سال ۾، مٿيان نهايت ئي قيمتي ۽ ڪارآمد ڪتاب لکيائين.

(25)”روضهه“ الانبيا“: هن ڪتاب جي تصنيف جو سال معلوم نه ٿي سگهيو. ٺٽي جي فهرست نگار، اهو ڪتاب به مير صاحب جي تصنيفات ۾ ڏيکاريو آهي. مير ”مائل“ جيڪا فهرست ”تحفـة الڪرام“ جي سر ورق تي لکي آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪتاب نظم ۾ هو. ڪتاب جو ڪوبه نسخو موجود نه آهي.

(26)”زينت الا خلاق“: هن ڪتاب جو نالو به مير ”مائل“ لکيو آهي. ڪتاب منظوم، ۽ نصائح ۾ آهي.

(27)”غوثيه“: هن جو نالو به مير ”مائل“ لکيو آهي_ سلوڪ ۽ معرفت تي منظوم ڪتاب آهي.

(28)” قصاب نامه“: هي به نظم ۾ آهي: مير ”مائل“ ان جو نالو لکيو آهي.

(29)”ميزان الافکار“: منظوم؛ سلوڪ ۽ معرفت ۾؛ مير ”مائل“ هن جو نالو فهرست ۾ ڏنو آهي.

(30)“تذهيب طباع“: سلوڪ ۾ ڪتاب آهي؛ مير ”مائل“ جي فهرست ۾ ان جو نالو آيل آهي.

(31) ”سر فراز نامه“: پندو نصائح ۾ آهي. نالي جي مناسبت سبب خيال ٿئي ٿو ته شايد هي ڪتاب مير صاحب، ميان سرفراز ڪلهوڙي جي نالي معنون ڪيو آهي، ۽ غالباً نظم ۾ آهي.

(32)”حديقهه البلغا“: مير ”مائل“ هن ڪتاب جي موضوع متعلق ڪجهه ڪونه لکيو آهي؛ نالي مان اندازو ٿئي ٿو ته هي ڪتاب علمي آهي.

(33)”مثنوي کان جواهر“: مير ”مائل“ هن جو به تفصيل ڪونه ڏنو آهي.

(34)”ميزان فارسي“:ڀانئجي ٿو ته صرف نحو جي سلسلي جي تصنيف آهي.

(35)” رساله معما مع شرح“: نظم و نثر.

(36)”لب تاريخ ڪلهوڙه“: مير”مائل“ جي فهرست مان معلوم ٿئي ٿو ته هي ڪتاب به نثر ۾، ڪلهوڙن جي تاريخ تي آهي: گويا هي ٽيون ڪتاب انهيءَ موضوع تي آهي، جنهن جو پڻ نسخو تلف ٿي ويو.

(37)” بياض محڪ الشعرا“: مير صاحب، قديم دستور مطابق هن ڪتاب ۾، متقدمين کان وٺي پنهنجي زماني تائينءَ جي فارسي گو شاعرن جي هم طرح غزلن جو انتخاب ڪيو آهي. هن ڪتاب جي ترتيب جو خيال، کيس ”محسن“ ٺٽويءَ جي انتخاب کي ڏسي آيو، خبر نه آهي ته ڪتاب جي ڪيتري ضخامت هئي. ادبي بورڊ ۾ ٽي نامڪمل نسخا مير صاحب جي هٿ اکرين موجود آهن، جيڪي انهيءَ طرز تي آهن_ ڪن ۾ غزلن جو انتخاب آهي، ۽ ڪن ۾ فقط اشعارن جو. اهي بياض ”محڪ“ جا مختلف جزا آهن يا ”محڪ الشعرا“ نالي ڪو ٻيو مڪمل ڪتاب هو، ان جي خبر ڪانه ٿي پنجي سگهي.

(38)” ديوان اشعرا“_ : مير صاحب جو ڪوبه مڪمل ديوان ڪونه ٿو ملي. مير ”مائل“ جنهن ديوان جو حوالو پنهنجي فهرست ۾ ڏنو آهي، اهو غالباً ضايع ٿي ويو.

(39)”قصائد و منقبت“: جنهن بياض ۾ ”مڪلي نامو“ آهي، انهيءَ بياض جي شروع ۽ آخر ۾، مير صاحب پنهنجا قصيدا، منقبت وغيره لکيا آهن، جن جو تعداد 26 کن ٿيندو. ان ۾ وڏا وڏا قصيدا ۽ طويل منقبت آهن. هڪ قصيدو ”لاميه“ 265 شعرن جو آهي؛ چند رباعيون به آهن، ۽ هڪ نامڪمل مثنوي به منجهس موجود آهي.

(40_41) مير ”مائل“ جي فهرست ۾، ٻن ٻين ڪتابن جا نالا به آهن، جيڪي سمجهه ۾ نٿا اچن.

(42)”انشاي قانع“: سنڌي ادبي بورڊ ۾، مير صاحب جي انشا جو هڪ نامڪمل مجموعو، سندس پنهنجي خط ۾ موجود آهي. مجموعي جا جملي 32 صفحا آهن. صفحي جو سائيز آهي. انهيءَ ڪتاب ۾، خوب عبارت آرائي ڪيل آهي، ۽ جا بجا موزون شعر به ڪتب آندل آهن. چند شعر نمونتاً هن هيٺ ڏجن ٿا:
بسيار صبح شد که نسيمي نمي وزد
اي گل مگر تو پاي صبا را شکسته اي
______ ______
گر بر تنِ من زبان شود هر مو
يک شکر تو از هزار نتوانم کرد
______ ______
نشد که از سر ما هجر دست بر دارد
بهر ديار که رفتيم آسمان پيدا است
______ ______
ز تيغ شوق تو هر عضو بسمل افتاد است
مرا سفر برفيقان کاهل افتاد است
زمانه دشمن و من بيزبان وقت زبون
اگر نه رحم کني کار مشکل افتاد است
______ ______
ز ديده دوري و از دل نمي وري بيرون
خدا بکس ننمايد وصال هجر آميز
______ ______
قلم شکسته تر است از زبان نميدانم
که شرح غم بکدامي زبان کنم تقرير
زبان کس نتواند جهات شکرش را
اگر بهر نفسي صد چو من کند تقدير
______ ______
شکوه نقصان داشته فصل از ميان انداختم
نرخ ارزان بود کالا در دکان انداختم
______ ______
جنون بصف شکني عقل در صف آرائي
دل کرانه طلب درميان تماشائي
______ ______
سوادش نوربخش ديدهﻋ حور
بياضش از فروغ صدق پر نور
______ ______
عباراتش چو آبِ زندگاني
درو پيدا جواهر از معاني
______ ______
ما شرمسار مانده ز تقصير هاي خويش
لطف تو خود نمي نگرد خوب و زشت ما
______ ______
گر عظيم است از فرودستان گناه
از بزرگان عفو کردن اعظم است
______ ______
خواستم تا شرح شوقِ صحبتت سازم بيان
ناشکيبا شد دلم رفت از کفم تاب و توان
______ ______
ضرورت است و گرنه خدائي ميداند
که ترک صحبت ايشان نه اختيار من است

طريقت جو سلسلو:
مير صاحب جو خاندان مائل به تشيعت هو؛ چنانچه انهيءَ سبب ڪري نور الله شوستريءَ سندس ايراني بزرگن کي پنهنجي ڪتاب ”مجالس المومنين“ ۾ جاءِ ڏني. مير صاحب جي ”مختار نامه“، ”اعلان غم“، ”زبدة المناقب، ۽ منقبتن خواهه سلامن جي ڪثرت تعداد مان پڻ اهو ئي اندازو ٿئي ٿو ته سندس پنهنجي طيعت به تشيعت ڏانهن مائل هئي_ ۽ پاڻ کي جاءِ بجاءِ خادم اهلبيت لکندو رهي ٿو؛ ليڪن ساڳئي وقت، سندس وسيع المشربيءَ جي هيءَ حالت هئي، جو ڪيترين جاين تي، هن قسم جا اشعار تصنيف ڪري، پاڻ کي ٽن يارن سان به سرخرو ڪيو اٿائين:
چو رافضي نکنم سرد دل به بغض کسي
ز چهار يار درين دهر گرم محفل ما ست
______ ______
نبود عجب بما نشد ار صاف رافضي
که دل ز گرد کينهﻋ اصحاب شسته ايم
نه فقط ايترو، بلڪ سندس والد خواهه سندس پنهنجي بيعت، طريقهﻋ نقشبنديءَ ۾ ٿيل هئي؛ چنانچه ”طومار سلاسل گزيده“ ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي والد جو سلسلو هن طرح ڏنو اٿائين:
’مير علي شير مريد شيخ عبدالاحد جو، اهو مريد پنهنجي والد حاجي غلام معصوم جو، اهو مريد شيخ محمد اسماعيل جو، اهو مريد حضرت قيوم زمان محمد صبغـة الله جو، ۽ اهو مريد خواجه محمد معصوم بن مجدد الف ثانيءَ جو‘.
’سندس والد مير عزت الله، مخدوم آدم(عرف مخدوم آدو) جي ڏهٽي ميان محمد(1) جو مريد هو، جيڪو ٺٽي جي مشهور بزرگ مخدوم ابوالقاسم (المتوفي 1138هه) نقشبنديءَ جو مريد هو؛ اهو مريد شيخ سيف الدين (برادر محمد معصوم) جو ، ۽ اهو مريد پنهنجي ڀاءُ خواجه محمد معصوم ولد مجدد الف ثانيءَ جو.
اهڙيءَ طرح مير صاحب جي ناناڻڪي آڪهه مان، سيد رحمـةالله عرف سيد مٺو به مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جو مريد هو؛ اهڙيءَ طرح مير صاحب جا ٻه ٻيا عزيز، سيد محمد ناصر ۽ سيد عبدالله (ولدان سيد نعمت الله شڪرالاهي) به مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ کان بيعت ڪيل هئا. اهڙيءَ طرح طريقت جي سلسلي جو تعلق، انهيءَ خاندان جو، نقشبندين سان هو.
مير صاحب جي والد، مي عزت الله، 1161هه ۾ انتقال ڪيو. مير صاحب جي عمر ان وقت ايڪيهن ورهين جي هئي. پاڻ هيٺين تاريخ انهيءِ حادثي تي تصنيف ڪيائين:
خرد گفت تاريخ سالِ وفات ”که پيو ست بارحمتِ ايزدي“_1161هه
بعد ۾ کيس معلوم ٿيو ته منشي چتر ڀوڄ، قاضي محمد امين جي تاريخ وفات، ”برحمت ايزدي پيوست“ (1160هه) مان ڪڍي آهي؛ ۽ کيس خيال ٿيو ته معاصر مٿس سرقي جو الزام نه ڌرين، تنهنڪري سندس قول مطابق ’ملهم غيبيﻋ‘ کيس هي نعم البدل عطا فرمايو:
”الله العزة و للرسل وللمومنين“_ 1161هه

اولاد:
مير صاحب کي 1160هه تائين، نرينو اولاد ڪونه هو. 1160هه ۾ پاڻ سورت ويو، جتي سندس ملاقات علامه سعدالله سورتيءَ سان ٿي. اهو بزرگ جيد عالم ۽ معقولات ۾ بينظير هو؛ کيس ٻه پٽ هئا_ مير عبدالعلي ۽ مير عبدالولي_ انهن ٽنهي نالن ۾ هيءَ رمز رکيل هئي، جو جيڪڏهن ٽنهي نالن جا آخري لفظ گڏ ڪبا ته ”علي ولي الله“ جو فقرو ٺهندو. ميرصاحب کي اها تر ڪيب نهايت پسند آئي، ۽ ارادو ڪيائين ته جيڪڏهن مٿس به الله فضل ڪيو، ۽ کيس اولاد ٿيو ته نالا انهيءَ ترڪيب سان رکندو. انهيءَ واقعي جو ذڪر پاڻ به ”تحفـة الڪرام“ (ج 2، ص 33) ۾ ڪيو اٿائين، ۽ ”تحفـة الطاهرين“ جو مصنف شيخ محمد اعظم ٺٽوي جيڪو پڻ ان وقت سورت ۾ مقيم هو، ان سان به اهو خيال ظاهر ڪيائين، جنهن صاحب انهيءَ واقعي کي هيٺينءَ طرح نظم ڪيو:
علي شير ”قانع“ حسيني که او
بود زبدهﻋ آل خيرالبشر
يکي روز مي گفت با من به راز
که ايزد ببخشد مرا دو پسر
يکي را بخوانم غلامِ علي
غلامِ ولي الله نام دگر
که از اسم شان سال ميلاد شان
به پيشِ سخن گر شود جلوه گر
’علي ولي الله‘ از هر دو اسم
بر آمد بوضع خوش و خوبتر
بخاموش ماندم ازين گفتگو
که اين از کرامات باشد مگر
بدل گفتم آخر اگر عمر هست
شوم تجربه را يکي منتظر
بسه سال آن هردو پور گزين
که ”قانع“ ازان داد سابق خبر
ولادت موافق باعداد نام
خدايش عطا کرد با زيب و فر
تو اي ”اعظما“ زبن شگفتي مدار
که اين گفته ز الهام دارد اثر(1)
الغرض انهيءَ ارادي ۽ عزم کان پوءِ، کيس سڀ کان پهريون پٽ 1181هه ۾ تولد ٿيو، جنهن جو نالو غلام علي(2) رکيائين. نالي مان تولد جو سال بر آمد ٿئي ٿو. 1183هه ۾ کيس ٻيو فرزند ڄائو، جنهن تي ’غلام ولي الله‘ نالو رکيائين، جنهن مان به ڄم جو سال نڪري ٿو. مير صاحب جي آس پوري ٿي؛ اميد بر آئي: نه فقط تولد جا سال نالن مان نڪتا، بلڪ حسب خواهش نالي جي آخري جزن ملائڻ سان ”علي ولي الله“ جو فقرو به ٺهي ويو.
مير صاحب کي ٽيون پٽ 1171هه ۾ ٿيو، جنهن جو نالو ’مير امير علي‘ رکيائين. ميان غلام محمد ٺٽويءَ تاريخ ڪڍي ”در چمن جاه شگفته گلي“_ 1171هه ۾ ميان محمد پناه ”رجا“ هيءَ تاريخي سجع تيار ڪئي: ”امير علي بن علي شير حسيني“_ 1171هه.
مير صاحب جي خاندان جي هاڻوڪي جانشين مير حسن علي شاه_ بن مير صابر علي ”صابر“ بن مير حسن علي ”ضيا“ بن مير صابر علي ”سائل“ بن مير غلام علي ”مائل“ _ وٽان جيڪو مون کي شجرو مليو، ان ۾ چوٿين پٽ جو نالو ”سيد ڪاظم“ لکيو ويو آهي، جنهن جي تصديق ٻئي ڪنهن ذريعي سان ڪانه ٿي. ازان سواءِ ٽئين پٽ جو نالو ”غلام حسين“ لکيل آهي، جنهن کي اسان مير امير عليءَ جو عرف سمجهون ٿا.
شاگرد: مير صاحب پنهنجي شاگردن جو ذڪر ڪونه ڪيو آهي. ”مقالات الشعرا“ ۾ فقط ٻن شاگردن جو نالو کنيو اٿائين_ هڪ پرسرام”مشتري“، جنهن لاءِ لکي ٿو ته ”پرسرام مشتري ڀاٽيو، ولد دوارڪاداس ابن سجا سنگ (اهي ٻيئي صاحب مير ڪمال الدين احمد خان وٽ مير منشي هئا) مير محمود صابر جو هنديءَ ۾ شاگرد هو؛ فارسيءَ ۾ ”مشتري“ ۽ هنديءَ ۾ ”بيربل“ تخلص ڪندو هو، ۽ فارسيءَ ۾ مير قانع کان اصلاح وٺندو هو (مقالات الشعرا“، ص 29). اهو ذڪر ”مقالات“ ۾ آهي، ۽ مير صاحب لکيو آهي ته ”درين وقت نامبرده مشق سخن مي کند“_ جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ”مقالات“ جي تاليف (1169تا 1174هه) وقت، ”مشتريءَ“ سندس شاگردن ڪئي. مير صاحب جو ٻيو شاگرد هو شيخ حسن بخش ”اظهر“، جيڪو اصل هندو هو، ۽ پوءِ پنهنجي والد جهوڙيمل سميت مسلمان ٿيو، ۽ سندس والد عبدالسلام نالو رکرايو. فارسي شعر جي اصلاح، اهو نوجوان به مير صاحب کان وٺندو هو (”مقالات الشعرا“، 40).
مير ”مائل“ ”مجمع البلغا“ نالي جيڪو سنڌ جي فارسي گو شاعرن جو تذڪرو لکيو هو، ان ۾ مير صاحب جي شاگردن جو مفصل احوال هن لکيو هوندو؛ ليڪن افسوس، جو اهو تذڪرو تلف ٿي ويل ٿو ڀانئجي، جنهنڪري مير صاحب جي شاعرانه فيض جو اهو باب به ، تذڪري سان گڏ، گم ٿي ويو.

وفات:
مير صاحب پنهنجي عمر جا پويان چند سال، مختلف بيمارين ۽ جسماني نقاهت ۾ گذاريا، جنهن جو اشارو ”معيار سالڪان طريقت“ جي ديباچي ۾ ڪيو اٿائين 1202هه ۾ سندس عمر ٽيهٺ ورهيه هئي؛ بيماريءَ ۽ ڪمزوريءَ، هوندي به هو پنهنجي علمي مشغلي، شعر و سخن ۽ تصنيف تاليف ۾ مصروف رهيو، ۽ انهيءَ سال ۾ هن ٽي ڪتاب تيار ڪيا، جن جو ذڪر اسان مٿي ڪري آيا آهيون. ايندڙ سال يعني 1203هه ۾، سندس انتقال 64 ورهين جي عمر ۾ ٿيو. افسوس جو ايڏي عظيم المرتبت اديب، مورخ ۽ شاعر جي انتقال جي تاريخ ۽ مهينو ڪنهن محفوظ ڪونه ڪيو؛ ۽ نه سندس مزار تي ئي ڪنهن ڪتبو هنيو_ تاڪ شڪرالاهي ساداتن جي قبرستان ۾، سنڌ جي انهيءَ محسن اعظم جي آخري آرام گاهه تي، اڄ ڪو عقيدت ڪيش پهچي، عقيدت جي گلن ۽ محبت جي سلامن جي ورکا ڪري سگهي.
آخوند غلام محمد ٺٽويءَ ”عليـﮧ الرضوان“ مان انتقال جو سال برآمد ڪيو؛ ۽ مير مرحوم جي فرند رشيد مير غلام علي مائل ”ابشره بالجنـة النعم ابدا“ وفات جي سال لاءِ تجويز ڪيو.
اهو زمانو، ٽالپرن جي پهرينءَ چوياريءَ جي فرمانروائيءَ جو هو، جنهن جو پڳدار مير فتح علي خان هو، ۽ ٻيا ٽي ڀائر، مير غلام علي خان، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان سندس شريڪ ڪار هئا؛ ۽ کين حڪومت هلائيندي ڇهه ورهين ٿيا هئا.

شڪر الاهي خاندان:
انهيءَ خاندان جي بزرگن، جهڙيءَ طرح ايران ۾ علم جو چراغ روشن رکيو، اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ پهچڻ کان پوءِ به انهيءَ ڏئي کي اجهامڻ ڪونه ڏنو؛ ۽ خاندان جو هر فرد ۽ گهراڻي جو هر چشم و چراغ، تيل وجهندو ۽ وٽ سوريندو رهيو: ڪم و بيش ساڍا ٽي سـؤ ورهيه، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ، انهيءَ خاندان جي روحاني ۽ علمي ضوفشانين مان منور ٿيندي رهي؛ جيڪو فرد پيدا ٿيو، سو پنهنجي زماني جو فرد فريد ثابت ٿيو: ڪن روحاني تعليم پکيڙي؛ ڪن دنيوي علومن جي اشاعت ڪي؛ ۽ ڪن شعر و ادب ۽ تصنيف تاليف کي پنهنجو وطيرو بڻايو. ”تهفـة الڪرام“ ۾، مير صاحب پنهنجي خاندان جو جيڪو اجمالي ذڪر ڪيو آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪيترن بزرگن، نه فقط طريقت ۽ سلوڪ جا سجادا آراسته ڪيا، بلڪ خود مير صاحب کان اڳ ڪيترا اهڙا بزرگ به ٿيا، جن شعر و سخن، ادب خواه مذهبي علومن ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو.
سيد شاه ولي بن سيد ابوالقاسم بن سيد علي اڪبر بن سيد عبدالواسع بن سيد محمد حسين بن سيد شڪرالله ثاني، جيد عالم ۽ بي مثال انشا پرداز هو؛ مخدوم رحمت الله جو شاگرد ۽ ”تحفـة المجالس“ جو مصنف هو. انهيءَ بزرگ جو فرزند، مير سراج الدين ابو القاسم، صاحب طرز شاعر ۽ تاريخ گوئيءَ ۾ خاص مقام جو مالڪ هو. اهڙيءَ طرح سيد نظام الدين ثاني بن سيد نور محمد ثاني بن سيد نظام الدين بن سيد نور محمد بن سيد شڪرالله ثاني، انهيءَ درجي جو صاحب ڪمال بزرگ هو، جنهن کي هتان گهرائي عالمگير بادشاه ان وقت جي چونڊ علمائن جو جيڪو ايڊيٽوريل بورڊ، ”فتاواي عالمگيري“ مرتب ڪرڻ لاءِ ٺاهيو هو، ان ۾ کيس شريڪ ڪيو، جنهن لاءِ هر لحاظ سان سيد صاحب پاڻ کي اهل ثابت ڪيو.
مير علي شير جي خود پنهنجي گهر ڪيئي اديب، مصنف ۽ شيرين بيان شاعر پيدا ڪيا: سندس ڀاءُ ضياﻋ الدين ”ضيا“، مير ٺاري خان جي درٻار جو ’ملڪ الشعرا‘ هو؛ ڪيترن ديوانن جو صاحب ۽ ”مثنوي هير رانجهه“ جو مصنف هو. مير مرحوم جو ڀائٽيو مير عظيم الدين ”عظيم“، مير فتح علي خان جي درباري شاعرن جو سردار ۽ پنهنجي دور جو عظيم الشان شاعر هو؛ ديوان، ”مثنوي هير رانجهه“ ۽ ”فتح نامه“ سندس يادگار آهن. مير صاحب جو پنهنجو پٽ مير غلام علي ”مائل“، مير ڪرم علي خان جي دربار جو شاعر ۽ وڏي فضل و ڪمال ۽ اوج اقبال جو صاحب هو. مير ”مائل“ کان پوءِ به سندس ٽي پيڙهيون شعر و سخن جو شغل جاري رکنديون آيون، يعني مير ”مائل“ جو پٽ مير صابر علي ”سائل“، ان جو پٽ مير حسن علي شاهه ”ضيا“ ۽ ان جو پٽ مير صابر علي ”صابر“ پنهنجي پنهنجي دور ۽ زماني جا ناليرا شاعر هئا_ پوئين بزرگ کي تقريباً چاليهه ورهه کن لاڏاڻي ڪئي ٿيا، ۽ انهيءَ بزرگ تي نه فقط شاعريءَ جو سلسلو ختم ٿيو، بلڪ خاندان جي ٽن حدن وارين علمي ۽ ادبي روايتن ۽ ورثي جا به دروازا بند ٿي ويا.
_تلڪ الايام انداولها بين الناس.

[”مهراڻ“_2، 1956ع]


________________________________________
(1) ”دشتڪ“ شيراز جي هڪ انهيءَ محلي جو نالو هو، جنهن ۾ اهي بزرگ رهندا هئا. هن وقت شهر جي انهيءَ حصي کي ”ارب آب“ سڏيو وڃي ٿو.
(1) ”حبيب السير“ ج 3، جز 3، ص 335؛ ”مجالس المومنين“، مجلس پنجم، ص 226.
(2) ”حبيب السير“ ج 3، جز ص 335؛ ”هفت اقليم“، ص 261، مطبوعه بنگال ايشياٽڪ سوسائٽي، ڪلڪتو.
(3) ”مجلس المومنين“ ۾ ربيح الاول لکيل آهي، ص 223. ”خلاصـﺔ الاخبار“ 17 ربيع الاول تاريخ ڏني آهي، ص 32،
(1) ”مجالس المومنين“ جي صاحب لکيو آهي ته مير صاحب شرعي علومن جي تعليم پنهنجي والد ۽ پنهنجي سوٽ مير نظام الدين احمد وٽ ورتي، ۽ عربي علوم ۽ ادب جي تعليم پنهنجي ٻئي سوٽ مير حبيب الله وٽان حاصل ڪيائين صفحو 350.
(2) ”حبيب السير“، ج 3، جز 4، ص 110_ 111.
(1) ”مقالا الشعرا“، ص 208؛ ”مجالس المومنين“، ص 350.
(2) مقالات ص 209.
(1) اها نهرست مير صاحب ”مجالس المومنين“ تان نقل ڪئي آهي (ڏسو مجالس المومنين، ص 350).
(2) ”شرح اثبات واجب“ از مير غياث الدين منصور ثاني (رجال ”حبيب السير“، ص 241)؛ ”مجالس المومنين“، ص 350.
(1) ”حبيب السير“ ج 3، جز 4 صل 111.
(2) ”مقالات الشعر“، ص 209؛ ”مجالس المومنين“، ص 350.
(1) (1) ”کتاب صحـﺔ الکلام“ در در ”حجـﺔ الاسلام“_ امام غزالي)، (2) ”هزار بيت“، (3) ”محاکات“، اول_ ثاني_ ثالث، (4) ”شرح برکتاب اثبات واجب“؛ (5) ”کتاب تعديل الميزان بر منطلق“ (خلاصه ”منطق شفا“)؛ (6) ”معيارالافکار“ (خلاصه ”تعديل الميزان“)؛ (7) ”کتاب لوامع و معارج“ (علم هيئت)؛ (8) ”تحفـهء شاهي“ (17 ورهين جي ڄمار ۾ لگيائين؛ (9) تجريـﮧ در حکمت“ (جامع مسائل حکمت طبيعي و الاهي)؛ (10) رُساله در معرفت قبله“؛ (11) ”کتاب معالم الشفا“ (طب)؛ (12) ”شافي“؛ (13) ”سفرويه هيئت“؛ (14) ”حاثيه بر الاهيات شفا“؛ (15) ”حاشيـﮧ بر شرح حکمت العين“؛ (16) ”رساله در باب خلافت فرزند خود“؛ (17) ”رد بر حاشيه شمسيه_ علامه دوالي“؛ (18) ”رد بر حاشيه محمد“؛ (19) ”خلاصــﺔ التلخيص“ (اختصار رساله تلخيص و معاني وبيان)؛ (20) ”رد بر حاشيه تهذيب“؛ (21) ”رد انموذه“؛ (22) ”رساله تحقيق جهات“؛ (23) ”رد بر رسالهء زوراء“؛ (24) ”رساله مشارف در اثبات واجب کتاب اخلاق منصوري“؛ (25) ”حاثيه بر اوائل کشاف تفسير سورة الانسان“؛ (26) مقامات العارفين“ (تصوف و اخلاق_ پنهنجي پٽ مير شرف الدين عليءَ لاءِ لکيائين)؛ (27) ”رساله قانون السطنت دين“؛ (28) ”شرح کتاب هيا کل انواز“؛ ۽ (29) ”حاشيه بر اشارات“. مير علي شير وڌيڪ هنٺين ٻن ڪتابن جا نالا ٻڌا؛ (30) ”کتاب رياضي الرضوان“؛ ۽ (31) ”کتاب اساس در علم هندسه“. (”مقالات الشرا“، ص 211؛ ۽ ”مجالس المومنين“، ص 351).
(1) ”مجالس المومين“، ص 351.
(2) ڏسو ”خلاصـﺔالاخبار“ ص 42.
(1) ”حيبب السير“، ج 3، جز 3، صل 248
(2) ڏسو خلاصـﺔ الاخبار ص 19_18
(1) .تحفـﺔالڪرام“، ج 2، ص 71؛ ”مجالس المومنين“، ص 222.
(2) ”حبيب السير“ جي مصنف جو نالو غياث الدين بن همالدين محمد خوندير هو؛ هو 880هه جي قريب هرات ۾ ڄائو، ۽ 941هه ۾ گجرات ۾ فوت ٿيو؛ نظام الدين اولياءَ جي مقبري جي ايوان ۾ دفن ٿيو، امير خسرو جي قريب؛ ”حبيب السير“ 930هه ۾ ختم ڪيائين.
(3) ”مجالس امومنين“، ص 222.
(1) ”تحفـﺔ الڪرام“ جو مصنف لکي ٿو ته ”سيد شڪرالله پنهنجي پٽ کي وصيت ڪئي هئي ته ”جيڪڏهن تنهنجي اولاد کي ڪا مشڪل پوي ته منهنجي انهن ٽنهي سنگتين ڏانهن کين رجوع ڪرڻ گهرجي“؛ انهيءَ وصيت مطابق اڃا تائين عمل ٿيندو اچي ٿو_ چنائچ محمد حسين ۽ سيد ظهيرالدين ثاني بن سيد شڪرالله ثانيءَ جو اولاد سيد منبه ڏانهن رجوع ڪن ٿا؛ ۽ سيد نظام الدين جو اولاد سيد ڪمال سان متوسل آهي، ۽ اهڙيءَ طرح سيد عبدالرحمان جو اولاد سيد عبدالله ڏانهن رجوغ ڪري ٿو.“ (تحفـﺔ الڪرام، ج 2، ص 195)
(1) سيد صاحب کان پوءِ، شاه حسين حضرت قاضي محمد اچيءَ کي بکر مان گهرائي، انهيءَ عهدي تي رکيو، ۽ ان کان پوءِ اهو منصب قاضي صاحب جي ئي خاندان ۾ پشت به پشت هلندو آيو، جنهن جو سلسلو انگريزن جي ابتدائي زماني تائين قائم رهيو؛ قاضي علي محمد صاحب ٺٽوي انهيءَ گهراڻي جو هن وقت ياد گار آهي.
(1) ”تحفـﺔ الڪرام“ ج 3، ص 195.
(2) مير قانع جو نالو مير عبداللطيف هو. ڏسو ”مقالات“ ص 205 207.
(1) نادرشاه، 11 محرم 1153هه جو، لاڙڪاڻي مان ڪوچ ڪري، ايران هليو ويو.
(1) هي بزرگ، مخدوم ضياءالدين جو ڏهٽو هو؛ ويهن ورهن جي ڄمار ۾ تعليم جي تڪليل ڪري، درس ڏيڻ شروع ڪيائين مير صاحب لکيو آهي ته سندس مدرسو ايڏو مشهور ۽ عظيم الشان هو، جو شهر ۾ ان جو ٻيو ثاني ڪونه هو. ”منقول“ ۾ پنهنجي ناني ضياء الدين ۽ ”معقول“ ۾ مولانا محمد صادق جو شاگرد هو. 1179هه ۾ حج تي اسهيو، جتي 18 ذيقعـﮧ جي انتقال ڪيائين (تحفـﺔ الڪرام“ 225_ ”مقالات الشعرا“ 295).
(2) ميان نمت الله جو وڏو ڀاءُ هو؛ عالم باعمل ۽ نهايت ئي پاڪ باطن ۽ صاف سيرت بزرگ هو. حرمين ۾ هڪ سال رهي، حديث جي سند ورتائين. جهونا ڳڙهه ۾ به ڪجهه عرصو رهيو. ٻيو دفعو به جهونا ڳڙهه ٿي ويو، جو واٽ تي ڪڇ ۾ انتقال ڪيائين. (”تحفـﺔ الڪرام“ ص 226، ۽ ”مقالات الشعرا“ ص ل132).
(3) ميان رحمت الله جو فرزند ۽ مخدوم علي احمد المعروف به قمري (برادر مخدوم ادم) جي اولاد مان هو_ صاحب نسبت ۽ وڏيءَ ڪڻيءَ وارو بزرگ هو. 1154هه ۾ انتقال ڪيائين. (”تحفـﺔالڪرام“، 226؛ ”مقالات الشعرا“، ص 85).
(1) ”مقالات الشعرا“، ص 85
(2) ”مقالات الشعرا“، ص 143
(3) ”مقالات الشعرا“ ص 295
(4) ”مقالات الشعرا“، ص 75.
(1) ”مقالات الشعرا“، ص 135؛ مير صاحب لکي ٿو ته ”(هيءُ بزرگ) نهايت باوقار ۽ پرتمڪين شخص هو. طبيعت جو خوش باش ۽ نهايت ئي رنگين مزاج هو، خوراڪ پوشاڪ جو به شوقين هو. مير عبدالقدوس شيرازي سندس دوست هو، تاريخ گوئيءَ ۾ کيس ڪمال حاصل هو. شهر خواهه حڪامن ۾ سندس وڏي عزت هئي (تحفـﺔ الڪرام، ص 844) ”مقالات الشعرا“ ۾ مير صاحب سندس تاريخ گوئيءَ جا مثال به ڏنا آهن.
(2) ”مقالات الشعرا“ (ص 58): آخوند صاحب ڳچ عرصي تائين جهانگارن باجارن جي ساداتن وٽ رهيو. تاريخ گوئي ۽ شعر و سخن جو به شوق هوس. مير فخرالدين شيرازي برادر مير علي شير ”قانع“ کي جڏهن علي اڪبر نالي پٽ ڄائو، تڏهن هيٺيون قطعهء تاريخ لکيائين:
بــــــهــــــار هــــــمــــــايـون بعالم رسيد صــــــنوبر به بستان احــــــمد چميـــد
گــــــل گــــــلشــــن بــــــاغ آل رســــــول در روشــــن از درج شــــــاه شــــــهيــــــد
بفــــر همــــــايــــــون و فــــــرخنده نــــــام برول سعيـﮧ از عدم ســــــر کشــــــيد
چـــــــگويم وفاتش کــــــه نــــــايد بعد نجيب و نقيب و حسيب و ســــــعد
نيازم بدرگاهه حق صبح و شام کــــــه نــــــامش علي اکبر آيد پــــــديـﮧ
بــــــســــــال تــــــولد شريفش فــــــتــــــاد چو فکرم بخاطر ز احصي البعيـﮧ
در انداخت نــــــاگاه هــــــاتــــــف نــــــدا ”گل اندر گلــــــستان حــــــيـــــــﮧ ردمــــــيد“_ (11146هه)
(1) مرزا محمد جي علم و فضل جي شهرت ٻڌي، ميان مرادياب بن ميان نورمحمد کيس پاڻ وٽ گهرائي، پنهنجو معتمد خاص ڪري رکيو. ”قانع“، ”مقالات الشعرا“ ص 72 تي لکي ٿو ته ”ڪجهه عرصي بعد اهو درجو حاصل ڪيائين، جنهن کان مٿي تصور ڪرڻ ناممڪن آهي“. صاحبزادو ميان مرادياب جڏهن هندستان ويو، ان وقت ميان نورمحمد کيس پنهنجي دربار ۾ مقرر ڪيو، جتي صاحبزادي کان به وڏيڪ سندس قدر ۽ منزلت ٿي: محمد مرادياب جڏهن تخت تي ويٺو (1168هه) تڏهن کيس ٻيهر پاڻ وٽ رکيائين. ڪجهه عرصي کان پوءِ، ڪن سببن ڪري معزول ٿي ۽ عراق جي زيارتن تي وڃڻ لاءِ ڪڪرالي بندر تي پهتو؛ اتان کيس ڪڪرالي جي ڄام جهاز تي سوار ٿيڻ نه ڏنو، جنهنڪري ڪراچي بندر تان سوار ٿيڻ جو ارادو ڪيائين، ليڪن روانو ٿيڻ کان اڳ سندس انتقال ٿيو. مير علي شير هيٺين تاريخ چئي:
_ ز روي تعميه تاريخش افتاد،
”غريب از دام دنيا گشته آزاد“_
1212 _ 45 =1127هه
جفر ۽ تڪثير ۾ به ڪامل ۽ عامل هو. ”جفر جامع“ نالي ڪتاب ميان نورمحمد لاءِ لکڻ شروع ڪيائين، ليڪن مير صاحب جي انتقال سبب ڪتاب پورو ڪري نه سگهيو.
(1) ”مقالات الشعرا“، ص 214
(1) ”مقالات الشعرا“، ص 66
(2) مير حيدرالدين ابوتراب ”ڪامل“ بن مير رضي الدين ”فدائي“، بن مير ابوالمڪارم ”شهود“، بن مير ابوالبقا اميرخان، بن مير ابوالقاسم ”نمڪين“_ جيد عالم، بلند پايه شاعر ۽ درويش صفت انسان هو. سنڌي، هندي ۽ فارسيءَ ۾ جدا جدا ديوان مرتب ڪيائين. محمد پناه ”رجا“، مير ابوالبقا بهرور علي ۽ ٻيا ڪيترا انهيءَ دور جا شاعر سندس شاگرد هئا. 1164هه ۾ وفات ڪيائين (ڏسو ”مقالات الشعرا؛ ”تحفـﺔ الڪرام“، ۽ ”تذڪره امير خاني“).
(3) ”مقالات الشعرا“، ص 214، ص 254
(1) ”مقالات الشعرا“، ص ل214
(2) ميان مرادياب جي معزولي ۽ غلام شاه جي تخت نشينيءَ تي باللچند ”آزاد“ هيٺين تاريخ چئي:
بنِشست غلام شاه بر مسندجاه، براخاست مرادياب نااميد به آه
(1377 + 123) _ (366 + 6) = 1170
(1) ”مقالات الشعر“، ص 215
(1) ”تحفـﺔالڪرام“، ص 102
(2) جناب قاضي علي محمد صاحب ٺٽويءَ وٽ شاهي فرمانن ۽ استادن جو هڪ مجموعو آهي، جيڪو ٺٽي جي ڪنهن بزرگ انگريزن جي آمد کان پوءِ مرتب ڪيو آهي؛ ٺٽي جي مختلف خاندانن جي سلسلي ۾ منجهس شاهي فرامين هن لاءِ نفل ڪيا ويا آهن، ته اهو مجموعو انگريزن کي ڏيکاري، انهن سَنَدن کي سندن دور حڪومت ۾ جاري ڪرائجي.
(1) چاليهه دام هڪ رپئي ٿيندا هئا_ ٻاويهن هزارن دامن جا 550 رپيا ٿيا.
(1) ساڍا ٻارهن سـﺆ رپيا.
(2) 5 رپيا خرار هو_ مجموعي قيمت 350 رپيا ٿي.
(1) اها خوشحالي، اها عزت ۽ آبرو انگريزي دور تائين قائم رهندي آئي. چرڏهين صدي هجريءَ جي شروعات ۾، مير علي شير جو پوٽو مير صابر علي شاه ثاني زنده هو، جنهن کي نه فقط شهر ۾ عزت هئي، بلڪ سرڪار انگريز وٽ به کيس هر طرح جي آبرو حاصل هئي_ چنانچه انگريزي هندستان جي مکيه ماڻهنن متعلق جيڪو اٺن جلدن ۾ ضخيم ڪتاب شايع ڪيو آهي، ان ۾ سيد صاحب جو به فوٽو ڏنو ويو آهي.
(1) اهو نهايت ئي نادر تعميه آهي، مٿين مصرع جا عدد 1191هه آهن.
(2) مير بجار وزير اعظم هو؛ سندس شهادت جي تاريخ هن ريت آهي:
از سرِ افسوس گفتا هاتفم ”مير شد از جمدر هندو شهيد“
1 + 1193 = 1194هه
”بمحفلِ شهدا جلوه کرد مير بجار“_ 1194هه

________________________________________
(1) مير شهاب الدين (خانبهادر، وزير الممالڪ، عماد الملڪ، عماد الدوله، نصرت جنگ غازي الدين خان ثالث)، بن امير الامرا حافظ محمد پناه (عماد الملڪ، فيروز جنگ غازي الدين خان ثاني)، ابن مير قمرالدين (خان بهادر، نظام الملڪ آصف جاه اول، بانيءَ سلطنت آصفيه_ سندس تخلص نظام هو) 1195هه ۾ سنڌ آيو، ۽ 76 سالن جي عمر ۾، 1215هه جو، انتقال ڪيائين.
(1) هن سفر ۾ مير صاحب جي ڪيترن نامي ماڻهن سان ملاقات ٿي. جيئن ته محمد علي علي گاذروني احمد آباد ۾ مليس. محمد عاقل دانا، ڪڇ جي هڪ مسجد ۾ ملاقي ٿيو، محمد اسلم ٺٽوي سورت بندر ۾ مليو.
(1) نواب مومن خان جا عدد 846 ٿيا، ان ۾ گجرات جا 624 ملائبا ته 1470 ٿيندا، ڪفر جا 200 عدد وقع ڪبا ته سال 1180هه برآمد ٿيندو (”مقالات الشعرا“ ص 154). ص 154).
(2) ”مقالات الشعرا“ ص 287.

(1) ٺٽي جي ڪتبخانن جون فهرستون، ايليٽ جي فائلن ۾، برٽش ميوزم ۾ موجود آهن. مير صاحب جي ڪتبخاني جا ڪيترا ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ۾ محفوظ آهن.
(1) ”مقالات“_ تحت ”نکهت“
(1) هيءُ مسودو پهريائين سنڌي ادبي بورڊ جي سماهي ”مهراڻ“، 2_1156ع ۾ ۽ پوءِ بورڊ طرفان جدا ڪتابي صورت ۾ (19000000) شايع ٿي چڪو آهي.
(1) مٿين فهرست حضرت مولانا صاحب جن مرتب ڪري عزيزم آغا بدرالدين خان جي ذريعي مون ڏانهن موڪلي، جنهن لاءِ ٻنهي صاحبن جو سپاس گذار آهيان.
(1) ديباچه ”معيار سالڪان“_ برٽش ميوزم.

(1) پير محمد زمان لنواريءَ وارو به ساڳئي ميان محمد جو مريد ۽ مير عزت الله جو پير ڀائي هو.
(1) بياض حسام الدين؛ ”تحفـﺔالڪرام“ نسخه لاهور (سرورق بخط مير ”مائل“)
(2) مير غلام علي ”مائل“ تي اسان جو مضمون، مٿي، هن ڪتاب ۾ ص ص 145_ 268

غيرت خان_ ”ماثر جهانگيريءَ“ جو مـؤلف

غيرت خان انهيءَ مشهور جهانگيري امير، خواجه عبدالله فيروز جنگ (موت: 17 شوال 1054هه)، و ڀائٽيو هو، جنهن لاءِ ”ماثر الامرا“ جي مصنف لکيو آهي ته ”هو (خواجه عبدالله) ناصر الدين احرار جي خاندان منجهان هو ۽ جيتوڻيڪ هو خواجه حسن نقشبنديءَ جهڙي اهل دل بزرگ جو ڀاڻيجو هو، تنهن هوندي به ذاتي طور هو هڪ بنهه بيرحم، ڪميڻو ۽ ظالم شخص هو“. خان جهان لوديءَ جڏهن هن مشهور جهانگيري امير، خواجه عبدالله، کي گرفتار ڪري، ڏانهنس شيخ فريد بکريءَ، مـؤلف ”ذخيرت الخوانين“، جي هٿان ڏهه هزار روپيا خرچ پکي لاءِ ڏياري موڪليا، تڏهن خواجه عبدالله ۽ شيخ فريد بکريءَ جي وچ ۾ جيڪا دلچسپ گفتگو ٿي، سان هن طرح هئي:
”عرض ڪيم: نواب صاحب (اوهان) خدا جي راهه ۾ گهڻيون جنگيون ڪيون آهن؟ ڪيترن ڪافرن جا سر ڌڙ کان ڌار ڪيا اٿو؟
”چيائين: (اٽڪل) ٻه لک انگ بيهندو. آگري کان پاٽنا تائين انهن جي کوپرين جا رستي جي ٻنهي پاسي ڍير لڳا پيا آهن!
”چيم: البت انهن ۾ ڪافي بيگناهه مسلمانن جا سر پڻ هوندا؟
”ڪاوڙ جي چيائين: پنج لک ڪافر، زالون ۽ مرد قيد ڪري وڪيا اٿم، جيڪي سڀ پوءِ دين اسلام ۾ داخل ٿيا. اُهي پنهنجي اولاد سميت وڌي ويجهي، قيامت تائين نيٺ وڃي ڪروڙن جي تعداد کي پهچندا! (2)“
اُنهيءَ ئي گفتگو جي سلسلي ۾ آيل آهي ته: خواجه عبدالله فيروز جنگ بهادر وڌيڪ هيءَ به اظهار فرمايو ته:
”خدا جو پيغمبر (صلعم) (پنهنجي سر) هلي، پيڃاري جي گهر ويندو هو ۽ وڃي معجزا ڏيکاريندو هو ته من ڪو هڪ اڌ شخص مسلمان ٿئي! مون ته هڪ ئي ڌڪ سان پنج لک آدمي مسلمان ڪري ڇڏيا! (3)
ائين چئي، آخر ۾ دعويٰ ڪيائين ته:
”جيڪڏهن ڪو حساب ڪتاب پڻ ٿيو، ته به ميزان ۾ منهنجي کتي، لٿي پٿي، مسلمان زياده رهندا!“
شيخ فريد لکي ٿو ته جڏهن اُهو مڪالمو هن موٽي اچي، خان جهان جي اڳيان بيان ڪيو؛ تڏهن هن چيو ته:
”عجب آهي هن شخص تي، جو ههڙن اڻسهائيندڙ عملن تي فخر ٿو ڪري ۽ ڪو شرم ڪونه ٿو اچيس!“
پر ههڙن”اڻسهائيندڙ عملن (اعمالي نڪوهيده“) جي باوجود به، ”ماثرالامرا“ جي مصنف جو چوڻ آهي ته ”هندستان (هند _پاڪ) جا ساده طبع ۽ وهمي مسلمان هن کي ڪرامتن جو صاحب سمجهندا هئا ۽ سندس حضور ۾ نذر ۽ نياز پيش ڪندا هئا!“ (4)

خواجه ڪامگار جو پيءُ:
هن عجيب ڪردار جي مالڪ، خواجه عبدالله فيروز جنگ، جي ٻن ڀائرن جا نالا ”ماثر الامرا“ ۽ ٻين ڪتابن ۾ آيا آهن_ يعني هڪڙو خواجه يادگار ۽ ٻيو خواجه پر خوردار. پر غيرت خان، جنهن جو پنهنجو نالو خواجه ڪامگار هو، تنهن جي پيءُ جو نالو ”ماثرالامرا“ وغيره ۾، ڀائرن جي نالن سان يا هونئن به، ڪٿي بيان ڪونه ٿيو آهي. مغل تاريخن ۾، غيرت خان کي رڳو ”فيروز جنگ جو ڀائٽيو“لکي، ڳالهه کي ختم ڪيو ويو آهي(5). البت انگريزي تاريخ نويس، ايليٽ، جي ڪتاب ”تاريخ هند“ ۾، ”ماثر جهانگيري“ جي تعارفي نوٽ ۾ هن جي پيءُ جو نالو ”سردار خان“ (6) ظاهرڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جهانگيري تاجپوشيءَ جي چوڏهين سال، هو مغل درٻار ۾ داخل ٿيو ۽ کيس حاجيپور ۽ مونگير ۽ بهار ۾ ڪي ديهون جاگير طور پڻ عطا ٿيون.

غيرت خاني لقب:
شاهه جهان جي اوائلي حڪومتي سالن ۾ خان جهان لوديءَ ۽ دريا خان جون بغاوتون مغل تاريخ جا مشهور واقعا آهن. خان جهان مغل سلطنت جي باغي هجڻ جي حيثيت ۾ هونئن به بادشاهه جي ڏمر هيٺ آيل هو پر شاهجهان جي ان ڏمر کان زياده سندس ۽ فيروز جنگ جي وچ ۾ جيڪا ذاتي دشمني هئي، سائي در حقيقت هن لاءِ موتمار ثابت ٿئي. خان جهان جي دل ۾ سلطنت جي خلاف جيڪڏهن ڪي ارادا ۽ منصوبا هئا به سهي، ته اهي دريا خان جي مار جڻ کان اڳي ئي ختم ٿي چڪا هئا ۽ پوءِ هن فقط گمناميءَ جي ڪنهن اهڙيءَ ڪنڊ ۾ لڪي زندگي بسر ڪرڻ ٿي چاهي، جتي هو حڪومت جي نظرن کان پوشيده رهي، آئنده لاءِ بادشاهه جي دل تان بنهه لهي وڃي. پر ”ماثر الامرا“ جي مصنف جي چوڻ موجب، هو جيڏانهن ٿي ويو، اوڏانهن فيروز جنگ هن جي پٺ ڪانه ٿي ڇڏي؛ ايتريقدر جو خان جهان کي ڪيڏانهن بچي نڪرڻ جي اميد باقي ڪانه رهي ۽ هو زندگيءَ منجهان بيزار ٿي پيو (7) ۽ آخر ڪار هو ڪالنجر (8) کان ويهه ڪوهه پري، سهيره جي ڪناري تي پهرين رجب 1040هه (1631ع) تي، فيروز جنگ سان مقابلو ڪندي، مارجي ويو.
عبدالله خان فيروز جنگ جو ڀائٽيو خواجه ڪامگار، جيڪو اُن وقت تائين وڌي صرف 1000پيادن ۽ 400 سوارن جي منصب تائين پهچي سگهيو هو، سو ست ڏينهن پوءِ، 8 رجب تي، جڏهن بادشاهه سلامت تاپتي نديءَ جي ڪناري سان، ٻيڙين ۾ آرامي ٿي، مرغابين جي شڪار سان ”دل وندرائي“ رهيو هو، پنهنجي چاچي فيروز جنگ جو ڪيل هيءُ نئون شڪار_ يعني خان جهان شهيد جو سر_ کڻي وڃي اُتي حضور ۾ حاضر ٿيو (9). اُن انساني شڪار تي نظر پوڻ سان نه صرف اعليٰ حضرت، صاحب قرآن ثانيءَ، جي زبان مبارڪ مان ”شڪر افضال الاهيٰ“ جو ڪلمو نڪتو، ۽ ”ڪوس شادمانيءَ“ جي وڄائڻ جو حڪم جاري فرمايو ويو، پر فيروز جنگ جي هن ڊوڙايل ٻانهي، خواجه ڪامگار، جي بخت ۽ اقبال جي نقاري تي پڻ عروج ۽ بلنديءَ جو ڏؤنڪو وڳو_ يعني اُنهيءَ گهڙيءَ هن کي خلعت ۽ گهوڙي ۽ 500 پيادن ۽ 200 سوارن جي اضافي کان علاوه ” غيرت خان“ جي لقب سان سر فراز فرمايو ويو. شاهي درٻار جا شاعر، جيڪي اهڙن ئي خدا داد موقعن جي تاڙ ۾ ويٺا اوجهرندا هئا، تن مان هڪڙي (10) جي وات ۾، خان جهان لوديءَ (11) جو رت ڄميل سر ڏسندي ئي، پاڻي ڀرجي آيو، ۽ فوراً هڪڙي گرما گرم رباعي هٿ ۾ کڻي، هو اڳتي وڌيو ۽ عرض ڪيائين:
”اين مرﱞدهﻋ فتح از پيﻋ هم زيبا بود
اين کيف دوبالا چه نشاط افزا بود
از رفنن دريا سر پيرا هم رفت
گويا سر او حباب (اين) دريا بود (12)
اُن شاعر اُن فرشي رباعيءَ جي عوض ڪهڙو انعام کٽيو، سو ته معلوم ڪونهي، پر مغلشاهي غيرت جو جلوو بهرحال خواجه ڪامگار جي”غيرت خانيءَ“ جي صورت ۾ اُنهيءَ ئي موقعي ت نمايان ٿيو.
خواجه ڪامگار پنهنجن منصبن، اعزازن ۽ سوارن جي هن واڌو حاصلات معرفت توڙي پنهنجي هن ”غيرت خانيءَ“ جا آڌار تي ته ڪڏهن به تاريخ جي درٻار ۾ باريابي حاصل ڪري نٿي سگهيو ۽ نه وري تاريخ جي غيرت پنهنجي گورستان ۾ هن جي قبر تي ڪو ڪتبو ٽنگي، کيس ڪا دائمي حياتي بخشش ڪرڻ لاءِ ڪڏهن تيار هئي. پر حقيقت هيءَ آهي ته ان لاءِ خود هن جي پنهنجي سوانح ۾ اسان کي هيٺيان ٽي عنوان صاف ۽ وڏن اکرن ۾ لکيل ملن ٿا:
(1) دهليءَ ۾ شاهجهان آباد جا جنهن وقت بنياد پيا، تنهن وقت هو اتان جو ناظم ۽ عمارتن جو نگران هو؛
(2)جهانگيري دور تي هن ”ماثر جهانگيري“ نالي هڪ ڪتاب لکيو، جو هڪ نهايت معتبر ڪتاب سمجهيو وڃي ٿو؛ ۽
(3)مغل تسلط جي دور ۾، هو ٺٽي جو صوبه دار مقرر ٿي آيو ۽ اتان جي مٽيءَ ۾ هن کي ابدي آرام نصيب ٿيو.
جيتوڻيڪ مٿين واقعن مان هن زندگيءَ جا پهريان ٻه واقعا ئي هند_ پاڪستان جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙ بزرگن لاءِ غيرت خان ڏانهن متوجهه ٿيڻ واسطي ڪافي آهن، پر منهنجي ذاتي دلچسپيءَ جو خاص ڪارڻ سندس زندگيءَ جو ٽيون واقعو آهي، جنهن جي آڌار تي اڄ آءُ تاريخ جي عالمن جي هن عظيم اجتماع جي خدمت ۾ غيرت خان جي زندگيءَ ۽ سندس آخرين آرامگاهه متعلق چند صفحن پيش ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيو آهيان.

دهليءَ جي حڪومت:
شاهجهان جي تخت نشينيءَ جي ڏهين سال، يعني ربيع الثاني 1047هه جي 23 تاريخ، ”گوهر بحر خلاقت“ يعني بادشاهزادي محمد اورنگزيب بهادر کي، جنهن اڳتي هلي، خود پنهنجي پيءُ کي گرفتار ڪري پنهنجو قيدي بنايو، بادشاهه سلامت دولت آباد روانو ڪيو، ته جيئن هو اتان لشڪر ساڻ ڪري، ڪافر ڀرجيءَ (13) جي ملڪ، بڪلا نه تي_ جيڪو دولت ۽ خوشحاليءَ ۾ موافق آبهوا کان مشهور هو_ حملو ڪري، ان کي مغل سلطنت سان شامل ڪري ڇڏي. انهيءَ ئي ڏينهن غيرت خان کي به دهليءَ جي گورنريءَ جو فرمان مرحمت ٿيو_”باد شاهه نامه“ جي عبارت هيءَ آهي:
”23 ريبع الثاني (1047هه) تي عبدالله خان فيروز جنگ جي ڀائٽئي غيرت خان کي خلعت ۽ 1000 پيادن ۽ 1040 سوارن جي اضافي سان 2500 پيادن ۽ 2000 سوارن جي منصب، ۽ اصالت خان جي جاءِ تي، گاديءَ واري صوبي دهليءَ جي نظامت جي عهدي سان سرافراز ڪيو ويو. (13)
شاهجهان جي تخت نشينيءَ جي ٻارهين سال، شاهجهان آباد جي شاهي عمارتن ۽ لال قلعي جا بنياد وڌا ويا، انهن جي نگراني غيرت خان جي سپرد ٿي. شاهنواز خان جي چوڻ موجب:
”...مذڪور....صوبي جي حاڪم، صاحب اعتبار (غيرت خان)، 5 ذي الحج 1048هه تي، رٿيل نقشي مطابق، (عمارتن ۽ قلعي جي) بنيادن وجهارائڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو.“ (14)
نئين سال جي شروع ۾، يعني 9_ محرم 1049هه (1639ع) تي، لال قلعي جا بنياد ڀرجڻ شروع ٿيا. ان کان پوءِ چئن مهينن تائين، جيڪو به سامان ۽ مصالحو موجود هو، اُهو بنيادن ۾ وجهي، جيئن اُهو ڪم ختم ڪيو ويو (15)، تيئن، ”ماثرالامرا“ جي مصنف جي چوڻ موجب، غيرت خان جي بخت جو ستارو چمڪيو ۽ ٺٽي جي صوبهداريءَ جي مٿس نوازش ٿي ۽ هو انهيءَ طرف روانو ٿي ويو (16). ”بادشاهه نامه“ جي مـؤلف ان تبادلي جي تاريخ 11_ جمادي الاول 1049هه ڏني آهي ۽ لکيو آهي ته:
”11تاريخ (جمادي الاول 1049هه) تي الله وردي خان کي 1000 پيادن ۽ 1000 سوارن جي اضافي سان 5000 پيادن ۽ 5000 سوارن جو منصب عطا ڪري، غيرت خان جي جاءِ تي گاديءَ واري صوبي دهليءَ جي صوبه داريءَ جي سرافرازي بخشي ويئي ۽ رخصت فرمايو ويو (17).“

ماثر جهانگيري:
غيرت خان جي تاليف، ”ماثر جهانگيري“، جو نالو خافي خان (18) ۽ ”ماثر الامرا“ کان علاوه، خود ڪتاب جي مـؤلف ”جهانگير نامه“ لکيو آهي. شاهنواز خان جي راءِ هن ڪتاب متعلق هيءَ آهي:
”.....مذڪور....(مـؤلف ’ماثر جهانگيريءَ‘،) ڪنهن به ڳالهه کي وڌائڻ گهٽائڻ کان سواءِ ’اقبال نامهﻋ جهانگيريءَ‘ جي مصنف متعلق، (جيڪو مزاح گوئيءَ ۾ بي اختيار گرفتار هو) ۽ خاص طرح جهانگير جي شهزادگيءَ واري دور جي بغاوت جا واقعا، تفصيل سان بيان ڪيا آهن“. (19)
اُن سلسلي ۾ خافي خان جو چوڻ آهي ته:
”عقل جي صاحبن تي پوشيده نه آهي ته جهانگير جي شهزادگيءَ واري دؤر جي بغاوت جو احوال،محمد قاسم فرشته ۽ ٻين مـؤرخن،جيڪي جنت مڪانيءَ جا همعصر هئا، بادشاه جي ملاحظي جي خيال کان، فقط اشارن اشارن ۾ بيان ڪيو آهي، پر ميرزا ڪامگار، مخاطب به غيرت خان، حميدالله خان (؟) جي ڀائٽئي، جنت مڪانيءَ جي احوال پيش ڪرڻ ۾ خاص تفصيل کان ڪم ورتو آهي ۽ معتمد خان متعلق به سچ لکڻ ۾ ڪا ڪمي ڪانه ڪئي آهي ۽ ڪافي احوال شهزادي محمد سليم جي شهزادگيءَ واري دؤر جي بغاوت جو پڻ بيان ڪيو آهي...الخ.“
تاريخ نويسن جي هنن راين منجهان ڪتاب جي اهميت ۽ مـؤلف کي مشاهده نگاريءَ ۽ واقعن کي تفصيل سان بيان ڪرڻ جي جيڪا صلاحيت هئي، تنهن جو پوريءَ طور اندازو ٿي سگهي ٿو.
غيرت خان هيءُ ڪتاب شلهجهان جي تا جپوشيءَ کان ٽي سال پوءِ، يعني 1040هه (1630ع) ۾ ختم ڪيو (20).
ٺٽي جي حڪومت: جيئن مٿي بيان ٿي چڪو آهي، غيرت خان کان دهليءَ جي نظامت جون واڳون وٺڻ لاءِ الله وردي خان 11 جمادي الاول 1049هه تي شاهي حضور منجهان رخصت ياب ٿيو. هو پوءِ ڪڏهن دهليءَ پهتو ۽ ڪڏهن غيرت خان کان دهليءَ جي نظامت سنڀالي ورتائين، ان جي ڪا خبر ڪانهي. بهرحال اٽڪل ساڍن ٽن مهينن کان پوءِ، 16_ شعبان 1049هه تي، جڏهن شاهجهان ڪابل کان موٽندي لاهور ۾ منزل انداز هو، غيرت خان اچي اتي شاهي درٻار ۾ حاضر ٿيو (21). اٽڪل اڍائي مهينا لاهور ۾ رهي، ”تماشاي شگوفهﻋ شفتالو“ منجهان دل تي لطف اندوز ٿي، 25_ شوال 1049هه تي، جڏهن ”فتح ۽ ڪامرانيءَ جا شاهاڻا جهنڊا“، خوش بخت گهڙيءَ جو انتخاب ڪندي، ڪشمير ڏانهن اسهڻ لاءِ هوا ۾ ڦڙڪڻ لڳا، تيستائين غيرت خان شاهي درٻار ۾ موجود هو (22). اوچتو بادشاهه جو سهرو، يمين الدولـﮧ آصف خان، جيڪو اُنهيءَ زماني ۾ لاهور جو حاڪم هو، بيمار ٿي پيو، جنهنڪري بادشاهه سلامت لاهور جي قلعداري غيرت خان جي سپرد ڪري، پاڻ ڪشمير ڏانهن روانو ٿيو (23).
لاهور جي هيءَ قلعداري غيرت خان کي چئن مهينن تائين حاصل رهي، جنهن کان پوءِ ٺٽي جي حاڪم، خواص خان،جي بدليءَ سبب، 4_ ربيع الاول 1050هه تي غيرت خان واسطي فوراً ٺٽي ڏانهن وڃڻ جو حڪم صادر ٿيو ۽ لاهور جي قلعداري ذوالفقار جي سپرد ٿي.
چوٿينءَ تاريخ (ربيع الاول 1050هه) تي، غيرت خان، جنهن کي لاهور جي قلعداريءَ جي عهدي جي سرافرازي حاصل هئي، 500 پيادن جي اضافي سان، 3000 پيادن ۽ 2000 سوارن جو منصب حاصل ڪري، خواص خان (24) جي جاءِ تي، ٺٽي جي صوبه داري سنڀالڻ لاءِ اتان فارغ ٿيو ۽ لاهور جي قلعداري ذوالفقار خان کي، جيڪو هيستائين وڏي شان واري بادشاهزادي مراد بخش جي خدمت خاص ۾ مقرر هو، مرحمت ڪئي ويئي (25).
۽ ساڳئي وقت هيءُ به خاص حڪم صادر ٿيو ته هو، يعني غيرت خان، هڪدم روانو ٿي وڃي ۽ بنا دير جي، وڃي پنهنجو نئون عهدو سنڀالي (25).
سنڌي مـؤرخ، مير علي شير ”قانع“ ٺٽويءَ، ”تحفـة الڪرام“ ۾ ٺٽي جي مغل صوبه دارن جي جيڪا فهرست ڏني آهي، اها ترتيب توڙي تاريخن جي لحاظ کان غلط به آهي ۽ اڻپوري به. چنانچه غيرت خان جو نالو ۽ ذڪر ان ۾ موجود ئي ڪونهي (26)، ۽ پڻ ان ۾ شاهجهان جي اوائلي دور جي صوبه دارن جا نالا ۽ احوال پڻ غائب آهن، ۽ ڇاڪاڻ ته هيءُ ئي ڪتاب ”لب تاريخ سنده“ جو ماخذ آهي، تنهنڪري ان ۾ به اهي اوڻايون موجود آهن. ”لب تاريخ سنده“ ۾ پڻ سال صرف اندازي ۽ قياس جي آڌار تي ڄاڻايل آهن ۽ ان ۾ سنڌ جي مغل صوبه دارن جي آيل فهرست پڻ ساڳيءَ طرح غلط آهي (27).

وفات:
غيرت خان ٺٽي: ۾ جيڪو عرصو رهيو، ان جا تفصيل اسان کي انهيءَ ڪري معلوم نٿا ٿي سگهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي تاريخ جا سمورا ماخذ سندس دؤر جي واقعن ۽ احوال کان خالي آهن. مغل تاريخن مان اسان کي صرف هيءَ معلوم ٿو ٿئي ته غيرت خان ٺٽي ۾ 1050هه ۾ انتقال ڪيو، جنهن جو اطلاح 7 ذي الحج 1050هه تي شاهجهان کي پهتو ۽ انهيءَ ئي ڏينهن بادشاهه ٺٽي جي حڪومت جون واڳون شاد خان جي حوالي ڪيون:
”ستين تاريخ (ذي الحج)_ هن تاريخ تي جڏهن بادشاهه جي حضور اقدس ۾ گذارش عرض ٿي ته ٺٽي جو صوبه دار، غيرت خان، زندگيءَ جون منزلون پوريون ڪري چڪو، تڏهن شاد خان کي (27) خلعت ۽ تلوار ۽ 500 پيادن ۽ 500 سوارن جي اضافي سان 2000 پيادن ۽ 2700 سوارن جو منصب عطا ڪري، هڪ گهوڙو مرحمت ڪيو ويو ۽ مذڪور صوبي جي صوبه داريءَ سان سرافراز ڪيو ويو (29).

مدفن:
غيرت خان جي زندگيءَ جي ٺٽي ۾ ئي پڄاڻي ٿي. ڪنهن به مـؤرخ هيءُ ڪونه لکيو آهي ته ڪٿان جي سرزمين هن جي بيجان جسم کي پاڻ وٽ پناهه ڏني_ يعني هن جي مٽي ڪٿان جي مٽيءَ سان ملي ۽ ڪٿان جي گز زمين ۾ هن کي ابدي آرام نصيب ٿيو.
هن مقالي ۾ منهنجو مقصد غيرت خان جي سوانح حيات بيان ڪرڻ جو ڪونه هو. انهيءَ ڪري جيتريقدر هن جي اصل زندگيءَ جي احوال جو واسطو آهي، ان کي بلڪل مٿاڇري نموني ڇڏيندو، آءُ اڳتي وڌندو پئي ويو آهيان. منهنجي اصل منشا هيءَ آهي ته آءُ تاريخ جي عالمن جي خدمت ۾ هي ظاهر ڪيان ته حضرت ننگر ٺٽي جي خاڪ پاڪ ئي هميشه لاءِ غيرت خان جي خاڪي جسم کي پاڻ وٽ جڳهه ڏني آهي ۽ هو مڪليءَ جي بيمثل تاريخي قبرستان ۾ ئي دائمي طور آرامي آهي.
مڪلي ٽڪريءَ تي، ميرزا عيسيٰ ترخان ثانيءَ،(30) جي مقبري جي مغربي پٺ کان، ڀت کان ڪجهه پرڀرو، ٽي اوچيءَ سطح جا جدا جدا چبوترا آهن. پهرئين چبوتري تي هڪڙي ڀوري پٿر جي هڪ قبر آهي جنهن تي هيءُ ڪتبو آهي:
”نـــــــــدا رســـــــــيد کــــــه وي اصـــــــــل خـــــــــدا شـــــــــد،
گفت غمين مباش که فردوس ساخته روشن“ 1052هه
ان کان پوءِ هڪ ٻيو چبوترو آهي، جنهن تي پڻ صرف هڪڙي ئي قبر باقي وڃي بچي آهي، جنهن تي هيءُ ڪتبو موجود آهي:
”رحلت نمودن مرحومي مغفوري
خواجه محمد لطيف بتاريخ بست
وشـــــــشم شـــــــــهر شـــــــوال دوشنبه“ 1052هه
انهيءَ چبوتري تي هڪڙو پٿر جو ڪتبو مون ڪنهن زماني ۾ پيل ڏٺو هو، جنهن تي هيءُ شعر اُڪريل هو:
سال وفات آن سعيد، جست چو طبع خرد
از نفس مشک بيز پيکر روحانيان 1135هه (؟)
ساڳئيءَ طرز ۽ ساڳئي سلسلي جو ٽيون ۽ سڀ کان آخري چبوترو، ذڪر ڪيل ٻن چبوترن سان لڳو لڳ آهي. ان تي پڻ رڳي هڪڙي قبر باقي وڃي بچي آهي، جا پٿر جي ٺهيل نه آهي ۽ جنهن کي ڪنهن دؤر ۾ چُن جي گَچ سان پلاسٽر ڪيو ويو ٿو ڀانئجي. اُنهيءَ چبوتري تي مون، اڄ کان ڇهه ست سال اڳ، پٿر جو هڪرو ڪتبو هيٺ ڪريل ڏٺو هو، جيڪو غيرت خان جي مزار جو ڪتبو هو. خاطريءَ سان نٿو چئي سگهجي ته جتي مون کي ڪتبو پيل مليو هو، انهيءَ ئي چبوتري ۽ اتان جي ئي ڪنهن ڊٺل قبر جو اهو ڪتبو هو يا اهو ٻئي ڪنهن آسپاس واريءَ قبر کان الڳ ٿي، ڪٽي ڪريو پيو هو ۽ ڪنهن ماڻهوءَ اتان کڻي آڻي انهيءَ چبوتري تي ان کي ڇڏيو هو. حقيقت هيءُ آهي ته مڪليءَ جي مقبرن جي سنڀال، صفائيءَ ۽ حفاظت جو بندوبست جيڪو اڄ موجود آهي، اهڙو اڳي ڪڏهن به ڪون هو، ۽ اُنهيءَ ڪسمپرسيءَ جي ڊگهي عرضي ۾ شيمار تاريخي قبرون ڀُري ۽ ڊهي، زمين سان زمين ٿي، ملبهه ۾ گم ٿي ويون آهن.
منهنجو ذاتي قياس هيءُ آهي ته غيرت خان جي قبر انهن ٽن چبوترن مان ڪنهن هڪ تي موجود هئڻ کپي ۽ هوندي به ؛ زياده امڪان هيءُ آهي ته اُها اُنهيءَ ئي چبوتري تي آهي جتان مون کي اُهو ڪتبو مليو هو،
بلڪ عين ممڪن آهي ته اُهائي چن سان لِتل قبر غيرت خان جي قبر آهي. منهنجو هيءُ قياس اِنهيءَ ڪري به ڀروسي جهڙو ٿي سگهي ٿو، جو آسپاس مقبرن جي انهيءَ حلقي ۾ ٻين مغل حاڪمن ۽ اميرن جون قبرون پڻ موجود آهن.
ڪتبو: آءُ هتي انهن چبوترن جي تصويرن سان گڏ، ان ڪتبي جو چرٻو ۽ تصوير پڻ پيش ڪري رهيو آهيان. ڪتبو اهڙي ئي ڀوري پٿر تي اُڪريل آهي، جيڪو عام طور مڪليءَ جي مقبرن تي استعمال ٿيل آهي. ڪتبي جي پٿر جي ڊيگهه ويڪر 18×35 آهي (31)، ۽ ان تي ٻن سٽن ۾ هيٺين عبارت ۽ تاريخ اڪريل آهي:
”بسم الله الرحمان الرحيم_ لا الـﮧ الا اللـﮧ محمد رسول الله
گفت (32) تاريخ از ميان نام غيرت خان برار_
باقيء آن سال تاريخ وفاتش را شمار_ 1050هه
لفظ ”تاريخ“ جا عدد 1211، لفظ ”غيرت خان“ جي عددن 2261 مان ڪٽ ڪبا، ته وفات جو سال 1050 نڪري اويندو، جيڪو ڪتبي جي ٻنهي مصراعن جي وچ ۾، انگن ۾ لکيل پڻ موجود آهي.
هيءُ معلوم ٿي ڪونه سگهيو آهي ته ”تاريخ“ ڪنهن ٻڌي آهي: ”مفتاح التواريخ“ ۾ هيءُ شعر موجود آهي، پر ڪتاب جي مـﺆلف تاريخ ٻڌڻ واري جو نالو لکيو ڪونه آهي. ڪتاب جي اصل عبارت هيءَ آهي:
”(غيرت خان) ............. نام پدرش سردار خان بود، در سن يک هزار و پنجاه هجري......... فوت کرده و عزيزي در تاريخ فوتش اين بيت خوب يافته“:
”لفظ تاريخ از ميان نام غيرت خان برار
باقيء آن را تو در ابجد بيگر و بر شمار(33)
هن بيت ۽ ڪتبي تي اڪريل بيت ۾ ٿورو لفظي فرق آهي، جيڪو ظاهر آهي.


حاشيا

(1) هيءُ مقالو پاڪستان هسٽري ڪانفرنس جي يارهين سالياني اجلاس (30 مارچ 1961ع) ۾ پڙهيو ويو.
(2) ”ذخيرة الخوانين“ جي اصل عبارت هيءَ آهي:
”قريب پنج لک آدم از ذکور و اناث کفره اسير کرده
فروخته ام و همه مسلمان شده اند، و توالد و تناسل
آنها تا دور قيامت ارب کهرب آدم مي شود..............“
(خطي نسخو، ملک راقم الحروف_ ص 268).
(3) ”ذخيره“ جي اصل عبارت هيءَ آهي:
”.............پيغمبر خدا براي اسلام بخانهء نداف
مي رفت و معجزات مي نمود تا يک کس مسلمان
مي شد_من يک مرتبه پنج لک آدم راه باسلام
آورده ام_اگر عدالت هم مي شود اهل اسلام بيشتر
مي آيند............“
(خطي نسخو، ملک راقم الحروف_ ص 269).
(4) ماثرالامرا_ جلد 2؛ ص 775 ۽ ان کان پوءِ.
(5) ماثرالامرا_ جلد 2؛ ص 863.
(6) اهوئي نالو بيل صاحب ”مفتاح التواريخ“ ۾ ڏنو آهي.
(7) ماثرالامرا_ جلد 2؛ ص 863.
(8) امپيريل گزيٽئر xiv ص 310 (1908).
(9) پڻ ڏسو خافي خان_ جلد 1، ص 442.
(10) طالب ڪليم همداني.
(11) خان جهان لودي جڏهن قنڌار جو صوبه دار هو، تڏهن ملتان سان گڏ بکر پڻ سندس جاگير م شامل هو؛ ۽ خان خانان سان ٺٽي جي مهم ۽ فتح ۾ پڻ غالباً شريڪ هو. سندس شهادت جي تاريخ هيءَ آهي:
”آه و نالـﮧ از افغان برآمد“
”آه“ ۽ ”نالـﮧ“ جا عدد (92)، ”افغان“ جي عدد (1132) مان ڪٽ ڪرڻ سان تاريخ جو سال (1040هه) نڪرندو.
(12) خافي خان_ جلد 1؛ ص 444.
ٻئي شعر جي پهرينءَ مصرع جي پڙهڻي هن طرح به آهي:
از کشتن دريا، سر پيدا هم رفت
”پيدا خان“ اصل خان جهان جو نالو هو. انهيءَ بيت ۾ دريا جي قتل جو اشارو ”کشتن دريا“ مان ڪري، پوءِ خان جهان جي سر وڍجڻ لاءِ ”سر پيدا هم رفت“ چيو ويو آهي.
(13) ”بادشاه نامه“_ جلد 1؛ ص 280.
(14) ”ماثرالامرا“_ جلد 2؛ ص 864.
ڊاڪٽر برگس The chronology of modern India (p.92, ۽ 25 ذي الحج (29 اپريل 1639ع) تاريخ ڏني آهي.
(15) ”ماثرالاامر“_ جلد 6؛ ص 864: جلد3؛ ص 463. پڻ ”عمل صالح“ جلد 3.
(16) غيرت خان کان الله وردي خان جائزو ورتو (”ماثرالامرا“_ جلد 1؛ ص 210. ۽ ٻه سال ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جڏهن درياءَ جي پاسي کان لال قلعي جي ڀت ڏهه گز وڌي چڪي هئي، هن کان ملا مرشد شيرازيءَ عرف مڪرمت خان نظامت جو جائزو ورتو ماثرالامرا_ جلد 2؛ ص 460، 462).
(17) ”بادشاهه نامه“ جلد 1؛ ص 158.
(18) خافي خان_ جلد 1؛ ص 442.
(19) ”ماثرالامرا“_ جلد 2؛ ص 865.
(20) اسٽوري 563_ ريو، جلد 1؛ ص 257، ”ماثر جهانگيري“ جي ديباچي جي حوالي سان.
(21) ”بادشاهه نامه“_ جلد 2؛ ص 128.
(22) هن دور جي واقعن جون چند تاريخون، ”بادشاهه نامه“ جي روايت مطابق هن ريت آهن:
17 ربيع الثاني 1048هه تي شاهجهان آگري کان لاهور روانو ٿيو.
15 رجب 1048هه، لاهور پهتو.
1 ذيقعده 1048هه، لاهور کان ڪابل طرف روانو ٿيو.
25 ربيع الثاني 1049هه، ڪابل کان لاهور طرف موٽيو.
21 جمادي الثاني 1049هه، لاهور پهتو.
16 شعبان 1049هه، غيرت خان دهلي کان اچي لاهور ۾ حاضر ٿيو.
25 شوال 1049هه، بادشاهه لاهور مان ڪشمير ڏانهن روانو ٿيو ۽ غيرت خان کي لاهور جو قلعدار مقرر ڪيائين.
(23) ”بادشاهه نامه“_ جلد 2؛ ص 179.
(24) دولت خان مَئِي، جيڪو خواص خان جي نالي سان مشهور ٿيو (مئي شعبه ايست از طوائف بهڻي که در صوبهء پنجاب ميرسم زمينداري و قطاع الطرقي مي گزرانند). پهريائين شيخ مرتضيٰ خان فريد بخاريءَ جو ”رومال بردار“ هو ۽ هميشـﮧ شيخ سان گڏ حضور ۾ ويندو هو. ”ماثرالامرا“ جي مصنف جي چوڻ موجب ”چون سر آغاز بهار، حسن نظر فرڍمي داشت“_ حضور جنت مڪاني يعني حضرت جهانگير بادشاهه ضل اللـﮧ مٿس ’نگاه ڪرم‘ فرمائيندو هو ۽ شيخ جي وفات کان پوءِ انهيءَ ئي شاهي ڪرم جي نگاهه کيس هميشـﮧ لاءِ پنهنجو بنايو؛ ۽ جڏهن اهڙيءَ طرح شهنشاهه هند سان وابسته ٿي ويو، تڏهن ”دولت خانيءَ“ سان گڏوگڏ پنهنجي خصوصيات جي آڌار تي ”خواص خان“ به ٿي ويو. شاهجهان جي تخت نشينيءَ جي اٺين سال (محرم 1045هه)، خواص خان کي يوسف محمد خان تاشقنديءَ جي تبادلي سبب ٺٽي جي صوبه داري ڏني ويئي. ” ماثرالامرا“ لکيو آهي ته: ”.......مدتها بحڪومت آن ديار گزرانيد“. سندس حڪومت جي مدت جون تاريخون ٻڌايون نه ويون آهن پر ”بادشاهه نامه“ منجهان معلوم ٿئي ٿو ته اٽڪل پنجن ورهين کان پوءِ سندس تبادلو عمل ۾ آيو ۽ غيرت خان اچي کانئس ٺٽي جي صوبداريءَ جي چارج ورتي (”ماثرالامرا“ جلد 1؛ ص24).
(25) ”بادشاهه نامه“ جلد 2؛ ص 198.
(26) خطي نسخو، مڪتوبه 1267هه، ۽ پڻ ڇپيل نسخو.
(27) ”لب تاريخ سنده“، ڇاپو امرتسر 1900ع_ ٻيو ڇاپو، سنڌي ادبي بورڊ 1959ع.
(28) شجاعت خان شادي بيگ پسر جانش بهادر_ شاهجهان جي تخت نشينيءَ جي چوڏهين سال شاهه قلي بيگ جي تبادلي سبب هن کي بکر جي حڪومت واسطر روانو ڪيو ويو، جنهن لاءِ 19 رمضان 1050هه تي حڪم جاري ٿيو (”بادشاهه نامه“_ جلد 2؛ ص 220). پوءِ جڏهن غيرت خان جي وفات جي خبر (1050هه) آئي، تڏهن هن کي ٺٽي تي مقرر ڪيو ويو (”ماثرالامرا“_ جلد 3؛ ص 262). هن جو پيءُ، جانش بهادر، ميرزا حڪيم جو ملازم هو. ميرزا جي وفات کان پوءِ، هو اڪبر جي اميرن ۾ داخل ٿيو. سنڌ جي فتح جي ڪشمڪش ۾ هو خان خانان سان گڏ هو_ 1009هه ۾ وفات ڪيائين (”ماثرالامرا“_ جلد 1؛ ص 511).
شاهه قلي جڏهن شادخان کي بکر جي چارج ڏيئي، پاڻ صوبي ڪشمير جي نظامت سنڀالڻ لاءِ اوڏانهن روانو ٿيو، تڏهن هن رستي ۾ حسن ابدال جي ويجهو وفات ڪئي. هيءَ خبر پهرين ذي الحج 1050هه تي شاهجهان جي گوش گذار ٿي، جنهن تي هن تربيت خان کي ڪشمير جو ناظم مقرر ڪري، اوڏانهن روانو ڪيو (”بادشاهه نامه“_ جلد 2؛ ص 225).
(29) ”بادشاهه نامه“_ جلد 2؛ ص 225).



(30) ميرزا عيسى ترخان ثانيءَ جي احوال لاءِ ڏسو ”حواشي مڪلي نامه“ از راقم الحروف.
(31) پٿر جا ڪنارا ڀڳل آهن ۽ مٿينءَ سٽ جا ڪي لفظ به ڀڄي پيا آهن.
(32) پٿر جي کاڄي وڃڻ ڪري هيءُ لفظ پڙهڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. اندازي طور ان کي ”گفت“ ئي سمجهي سگهجي ٿو.
(33) ”مفتاح التواريخ“_ بيل، ص 245. ۽ پڻ:
The Oriental Biographical Dictionary, by T,w. Beale, Calcutta. 1881_p.94.


[روزنامه ”مهراڻ“، سالگره نمبر، 5 جنوري، 1962ع]

مولانا محب علي سنڌي

سنڌ ۾ ڪيترا اهڙا باڪمال عالم ۽ بزرگ ٿي گذريا آهن، جن جي ذات نه فقط سنڌ لاءِ فخر و مباهات جو سبب رهي آهي، پر سنڌ کان ٻاهرين دنيا به سندن علم ۽ فضل جي فيض کان مستفيد ٿي آهي.
مولانا محب علي سنڌيءَ جي ذات والا صفات، انهيءَ سلسلي جي هڪ سونهري ڪڙي آهي. جنهن بزرگ جي علمي ڪمال ۽ ديني مرتبي، سنڌ کان وڌي هندستان جي تاريخ ۾ به اهم مقام حاصل ڪيو آهي. خان خانان جهڙي عظيم المرتبت سپهه سالار ۽ سخن پرور امير به سندس صحبت ۽ معيت کي غنيمت ۽ سندس وجود مسعود کي باعثِ عزت تصور ڪيو آهي.
مولانا جي متعلق سنڌ جي ڪنهن به تاريخ ۽ تذڪري ۾ تاريخي ۽ مستند احوال ڪونه ٿو ملي، سواءِ مير علي شير ’قانع‘ جي ”تحفـﺔ الڪرام“ ۽ ”مقالات العشرا“ جي، پر افسوس اهو آهي ته انهن ٻڻ ماخذن ۾ به فقط چند ناڪافي فقرا موجود آهن.
جيڪڏهن هو بزرگ هندستان نه پهچي ها، ته پوءِ شايد اسان کي سندس احوال جي سلسلي ۾ فقط اُهي ئي چند سٽون نصيب ٿين ها. ليڪن شڪر آهي جو هو صاحب هندستان ويو، جتي سندس علم ۽ فضل چمڪيو ۽ اڪبري ۽ شاهجهاني دﺆر جي مـﺆرخن ۽ تذڪره نويسن سندس حال احوال قلمبند ڪيو، ۽ ان سان گڏ، سندس علم ۽ فضل جي تعريف ۾ پنهنجا ڪيترا صفحا صرف ڪيا. اهوئي سبب آهي، جو اڄ اسان انهيءَ قابل ٿيا آهيون، جو هي چند سٽون سندس متعلق مرتب ڪري سگهيا آهيون.
مولانا جا بزرگ:
خوشگو، پنهنجي ”سفينه“ ۾، ۽ عبدالباقي نهاوندي، ”ماثر رحيمي“ ۾، مولانا جي والد جو نالو مولانا حيدر علي لکيو آهي، ليڪن ”بادشاهه نامه“ جو مصنف سندس والد جو نالو صدرالدرين محمد ڄاڻائي ٿو. پهريان ٻيئي مصنف لکن ٿا ته ”سندس والد مولانا حيدر علي اوائلي عمر ۾ سمرقند مان لڏي اچي سيوهڻ ۾ مقيم ٿيو“. ان طرح عبدالحميد لاهوري ”بادشاهه نامه“ ۾ ڄاڻائي ٿو ته ”سندس ڏاڏو علي بيگ بابر سان گڏ ٺٽي ۾ پهتو، ۽ مستقل طرح سان اتي بود و باش اختيار ڪيائين.“
انهيءَ سلسلي ۾ عبدالباقيءَ تي وڌيڪ اعتبار ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته هو خان خانان جو مـﺆرخ آهي، ۽ مولانا سندس همعصر به هو ۽ خان خانان جي علمي مصاحبن ۾ وڏي حيثيت جو مالڪ پڻ هو، تنهنڪري کيس وڌيڪ مستند ۽ تحقيقي احوال ملي سگهيو هوندو.
حقيقت هيءَ آهي ته سندس ڏاڏو علي بيگ نه، بلڪ سندس والد مولانا حيدر علي، سمرقند مان لڏي، سيوهڻ ۾ اچي ويٺو، جتي هن مير ابوالمڪارم بن مير غياث الدين سبزواريءَ جي ملازمت اختيار ڪئي.

قبيلو:
مولانا جي قبيلي متعلق، سواءِ ”بادشاهه نامه“ جي، ٻيا سڀ سوانح نگار خاموش آهن. چنانچه عبدالحميد لکي ٿو ته:
”او خود را به گروه ’کوه بر‘، که از قبيله است از
قبائل ’چغتا‘، منسوب مي سازد.“

تولد:
مولانا محب علي، بقول ’رحيمي‘، سيوهڻ ۾ پيدا ٿيو ۽ اڃا ننڍو ئي هو ته سندس والد فوت ٿي ويو. ان حقيقت جي تائيد ۽ تصديق عبدالحميد لاهوريءَ پڻ ڪئي آهي. جڏهن پاڻ سمجهه ڀريو ٿيو، تڏهن سيوهڻ مان لڏي اچي ٺٽي ۾ ويٺو، جتي تعليم حاصل ڪري علم ۽ فضل ۾ ڪمال پيدا ڪيائين.

خان خانان جي ملازمت:
اڪبر جي زماني ۾ جڏهن مرزا عبدالرحيم خان خانان، مرزا جاني بيگ تي فتح حاصل ڪري، سنڌ کي مغل شهنشاهت ۾ داخل ڪيو، تڏهن هن، مولانا شڪيبيءَ جي تحريڪ تي، جيڪو ان وقت ٺٽي ۾ مرزا سان گڏ هو، مولانا محب عليءَ کي پنهنجي ملازمت ۾ داخل ڪيو. عبدالباقي نهاوندي لکي ٿو ته:
”در اوائل سن صبي که آن جناب در ’تته‘ بکسب
کمال مشغولي مي نمود، خدمت حسان الزماني، مولانا
شکيبي اصفهاني که انيس و جليس اين سخندان (خان خانان)
و سخن پرور بود، ايشان دريافته، و اطلاع بر فضل و
کمال و سلامت نفس و فقر و مسکنت اين خورد و
بمعنيٰ بزرگ، پيدا کرده احوال آن جناب را کماحقـﮧ
بخدمت اين دوستدار درويشان عرض نمود.“
جڏهن خان غيرت نشان جي سامهون مولانا پيش ٿيو، تڏهن هيٺيون شعر عرض ڪيائين.
بي غم! عشق تو صد حيف ز عمري که گذشت،
پيش زين ڪاش! گرفتار غمت مي بودم!
اهو واقعو 999هه ۾ ٿيو. مرزا عبدالرحيم خان خانان جي ملازمت کان سواءِ، مولانا ٻئي ڪنهن جي نوڪري اختيار نه ڪئي، جيئن پاڻ چوي ٿو:
مرا چون شد جواني بر در تو،
نخواهم شد به پيري از بر تو.
اهڙيءَ طرح عبدالباقي به چوي ٿو:
”بغير خدمت و صحبت اين بزرگوار رفيع مقدار، خدمت
و صحبت هيچ يک از اهل زمان اختيار نه نمود و نديد.“
خان خانان وٽ، مولانا نهايت عزت ۽ احترام سان زندگي بسر ڪئي ۽ زماني جي سڀني ضرورتن ۽ گهرجن کان بي نياز رهيو. جيئن مولانا پاڻ ان علم پرور امير جي صحبت ۾ خوش ۽ خورم رهيو، تيئن خان خانان لاءِ به مولانا جو وجود مسعود، فخر ۽ مباهات جو سبب هو. چنانچه عبدالباقي لکي ٿو:
اين عالي شان (خان خانان) بوجود فايض الوجود او.......
مباهات مي نمايد، و صحبت او را غنيمت مي شمارند،”

نواب شاهنواز جي اتاليقي:
1025هه ۾ جڏهن خان خانان دکن تي ڪاهيو، تڏهن پنهنجي پٽ نواب شاهنواز خان کي به ساڻ ورتيون ويو، ۽ مولانا کي به سندس پڙهائڻ لاءِ ساڻ کنيائين.
1028هه ۾ جڏهن نواب شاهنواز خان، ڪثرت شراب نوشيءَ جي ڪري وفات ڪئي، تڏهن مولانا به فارغ ٿي وڃي برهانپور ۾ گوشه گير ٿيو.

حج جو سفر:
مولانا شڪيبي، المتوفي 1023هه، جڏهن حج تي اُسهيو، تڏهن مولانا به ساڻس همسفر ٿيو. مولانا شڪيبيءَ کي خان خانان 80 هزار (اسي هزار) رپيا، ٻين سڀني ضروريات سان گڏ، نقديءَ جي صورت ۾، زاد راه لاءِ ڏنا، ۽ ساڳئي وقت مولانا لاءِ بقول رحيمي:
”ما يحتاج راه و خرچ، ضروري آن سفر را، چنانچه
بايد و شايد، بجهت او مستعد و مهيا ساختند.“
انهيءَ سعادت کان سرفراز ٿي جڏهن عدن جي بندر تي سندن ٻيڙي غرق ٿي ويئي. چنانچه ٻين حاجين سان گڏ، هنن ٻنهي بزرگن وٽ به جيڪو مال اسباب ۽ پيسو ڏوڪڙ هو، سو ڪجهه ته غرق ٿي ويو، باقي شهر جي حاڪمن ۽ عالمن جي ور چڙهيو. اهڙيءَ طرح حيران پريشان، بندر سورت تي پهتا، جيڪو ان وقت خان خانان جي جاگير ۾ هو. خان خانان کي جڏهن اهو واقعو معلوم ٿيو، تڏهن وري به انعام اڪرام ڏيئي، کين نهال ڪري ڇڏيائين.
مولانا جيترو وقت، مڪه معظمه ۽ مدينه عاليه ۾ هو، سارو وقت ماڻهن کان پري گوشه نشينيءَ، عبادت ۽ ذڪر و فڪر ۾ مشغول رهندو هو. چنانچه مولانا شڪيبيءَ سان به هر ڏهن ڏينهن کان پوءِ، فقط هڪ دفعو شهر کان پري، ڪنهن ويراني ۾ ملندو هو، سو به تڏهن جڏهن مولانا شڪيبي سندس لاءِ ڳولا جاري رکندو هو.
عبداحميد لاهوري لکي ٿو ته حج تي ويندي سورت بندر ۾ پهچي، مولانا، شيخ محمد فضل الله جي صحبت مان فيضياب ٿيو ۽ کانئس خلافت جو خرقو حاصل ڪري، پوءِ روانو ٿيو.
حج تان موٽڻ بعد وري اچي سپـﮧ سالار جي ملازمت ۾ مشغول ٿيو، ليڪن هن دفعي ’دائم الصوم ۽ قائم الليل‘ رهڻ پنهنجو شعار بنايائين ۽ تسبيح ۽ تهليل ۾ سارو وقت صرف ڪرڻ شروع ڪيائين.

برهانپور ۾:
1028هه ۾ جڏهن نواب شاهنواز خان فوت ٿيو، تڏهن مولانا به دنيا کان آقي باقي تعلق ٽوڙي، مستقل طرح سان وڃي برهانپور ۾ گوشه گير ٿيو. عبدالحميد لاهوري لکي ٿو:
”ٽيهه سال خان خانان وٽ رهڻ کان پوءِ، برهانپور پهتو، ۽ ٿوري عرصي کان پوءِ اتان حج تي ويو ۽ موٽي وري به اچي برهانپور ۾ مقيم ٿيو.“
999هه ۾ مولانا، خان خانان وٽ ملازم ٿيو ۽ 1028هه ۾ نواب شاهنواز جي وفات کان پوءِ گوشه گير ٿيو. تنهنڪري ٽيهه سال نه پر اڻٽيهن سالن کان پوءِ، پنهنجي ڪرم گستر سپهه سالار کان علحدو ٿيو. اهڙيءَ طرح سان بقول عبدالباقي:
”در ايام ملازمت ايشان باين سعادت سرفراز گرديد“
يعني، 1023هه کان اڳ، مولانا حج تي ويو، ڇاڪاڻ ته اهو سَن، مولانا شڪيبيءَ جي وفات جو آهي، جيڪو ساڻس همسفر هو.
ملا عبدالنبي فخرالزماني، مولانا جو ذڪر ڪندي، هڪ دفعي لاءِ لکيو آهي ته مولانا، خان خانان کان موڪل ڪري، پنهنجي وطن جي حب ۾ ڳوٺ ڏانهن ٿي موٽيو؛ ليڪن اڃا پهتوئي ڪين ته وري کيس خان خانان ياد پيو، چنانچه انهن پيرن تان موٽي وڃي درٻار ۾ حاضر ٿيو، ۽ هن طرح معذرت ڪيائين:
”خواستم چون صبت جودت، سر نهم در عالمي_
کوه شوقت ره شد، چون صدا باز آمدم.“
اهڙيءَ طرح، عبدالنبيءَ فخرالزمانيءَ جي ’ميخانه‘ ختم ٿيڻ يعني 1028هه تائين، سندس لکڻ موجب ”مولانا، خان خانان وٽ هو.“

شاهجهان جي ملازمت:
ملا عبدالحميد لکي ٿو ته جڏهن صاحب قرآن ثاني، يعني شاهجهان، 1037هه ۾ تخت تي ويٺو، تڏهن مولانا وري اچي بادشاهه جي ملازمت ۾ داخل ٿيو. اهڙيءَ طرح مولانا جي هموطن، مير علي شير ’قانع‘ به ”مقالات الشعرا“ ۽ ”تحفـﺔ الڪرام“ ۾ سندس احوال ۾ جيڪا هڪ_ اڌ سٽ لکي آهي، ان ۾ کيس شاهجهان جو ملازم لکيو اٿس.
شاهجهان جي درٻار ۾ به مولانا کي وڏو مرتبو حاصل هو. 1047ع ۾ بارش نه پوڻ سبب جڏهن سخت ڏڪار جو انديشو پيدا ٿيو، تڏهن بادشاهه شاهجهان، جن بزرگن کان ان موقعي تي ’باران نماز‘ پڙهائي، انهن ۾ مولانا جو نالو، عبدالحميد لاهوريءَ پ ڻ ڄاڻايو آهي.
مولانا، شاهجهان جي ملازمت ۾ ڪيترو عرصو رهيو، ان جو پورو پتو پئجي نٿو سگهي. ”بادشاهه نامه“ مان معلوم ٿئي ٿو ته 1047ع تائين مولانا، بادشاهه جي حضور ۾ موجود هو. سندس احوال به ”بادشاهه نامه“ جي پهرئين جلد ۾ آيل آهي، جيڪو 1047ع جي واقعات تي ختم ٿئي ٿو، ۽ سندس احوال جي پڇاڙيءَ ۾ عبدالحميد لکي ٿو ته:
”اکنون از پيشگاه حضور مرخص گشته“
ان مان اندازو ٿئي ٿو ته 1037ع کان وٺي 1042ع تائين، مولانا شاهجهان وٽ رهيو.
مير ابوالمڪارم بن مير غياث الدين سبزواري، جنهن وٽ مولانا جو والد سمرقند مان لڏي اچي ملازم ٿيو هو، ان جي پٽ مير عبدالله سلطان عريضي جڏهن شريف الملڪ جي معزوليءَ کان پوءِ، ٺٽي جي منصبداري ڇڏي، تڏهن وقت گذران لاءِ سندس والد جو حق نمڪ ادا ڪندي، مولانا کيس شاهجهان بادشاهه کان پنجاهه هزار سالياني آمدنيءَ جي جاگير ڄام تماچيءَ جي سيريءَ مان وٺي ڏني. انهيءَ واقعي مان به شاهجهاني درٻار ۾ مولانا جي دسترسيءَ جو اندازو ٿي سگهي ٿو.

علم و فضل:
جيئن مٿي لکي آيا آهيون، مولانا ٺٽي ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ علم و فصل ۾ ايترو ڪمال حاصل ڪيائين، جو شڪيبيءَ جهڙي استاد جي نظر، جنهن کي حسان الزمان سڏيو ويندو هو، ٺٽي جي سموري علمي مرڪز ۾ وڃي مٿانئس پئي. نيٺ سندس شخصيت کان متاثر ٿي ايترو مجبور ٿيو، جو کيس به خان خانان جهڙي علم دوست ۽ علم پرور امير جي صحبتن جي سلسلي ۾ شامل ڪرايائين: حالانڪ ان وقت ايران ۽ هندستان جا سوين بهترين عالم ۽ شاعر اتي اڳ ۾ ئي موجود هئا.
عبدالباقي نهاونديءَ سندس ذڪر نهايت شاندار نموني ۾ لکيو آهي؛ ۽ سندس نالي کي نهايت ادب ۽ احترام سان کنيو آهي. سندس علم ۽ فضل جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:
”در فن طلب علمي بينظير و بيمثال و فريد عصر و ييگانه دهر است.“
ملا عبدالحميد لکي ٿو ته:
از علوم ظاهري بهره مند است و از تکلفات رسمي و تصنعات عرفي بيگانه.“
خان خانان وٽ جيڪي عالم ۽ شاعر هئا، انهن جو ذڪر ڪندي ’ماثر رحيمي‘ جو صاحب لکي ٿو ته:
”مثل مولانا محب علي سندهي که از مشاهير روزگار است“ (2_588).
اهڙيءَ طرح ٻيءَ جاءِ تي نواب شاهنواز خان جي احوال لکندي، مولانا لاءِ لکي ٿو ته:
”از آن جمله مولانا محب علي سندهي است که از افاضل و اعيان روزگار ست، و طبع نظم عالي دارد؛ انيس و جليس ايشان است“ (2_634).
مولانا جو اهوئي علم ۽ فضل جو ڪمال هو، جنهن جي ڪري خان خانان به سندس صحبت کي غنيمت ڄاتو ٿي ۽ پاڻ وٽ هجڻ جي ڪري فخر ۽ مباهات محسوس ٿي ڪيو_ باوجود ان جي، جو وٽس ٻيا به يگانه روزگار اهل ڪمال موجود هئا.

ٻيون خصوصيتون:
مولانا نه فقط عالم ۽ فاضل هو، پر مذهبي لحاظ سان به حضرت بايزيد بسطامي ۽ جنيد بغداديءَ جهڙو کيس مرتبو حاصل هو. چنانچه عبدالباقي لکي ٿو ته:
”درويش نهاد و فاني مشرب واقع شده، و در طرز تصوف
و تذکير و تحقيق، جنيد و بايزيد وقت و زمان خود است.“
’ماثر رحيمي‘ جو مصنف، سندس بزرگيءَ کان ايترو ته متاثر ڏسجي ٿو، جو شاعريءَ جي ساڻس نسبت ڪرڻ گستاخي ٿو سمجهي ۽ چوي ٿو ته:
”نسبت شعر و شاعري به ايشان دادن لازم آمد، والا مرتبه
و حالت ايشان را در اقسام حيثيات و استعدادات بتخصيص
فقر و مسکنت، که انسان کامل، عبارت از جمع است
که اين سه رشته بدست در آورده باشد، آن ست. راقم
را ازين گستاخي باز ميداشت.“
ساڳيو مصنف، صوم و صلواة جي پابنديءَ جو ذڪر ڪندي، ٻئي هنڌ لکي ٿو:
”دائم الصوم و قائم الليل بودن را شعار خود ساخته و
در زهد و ورع و تسبيح و تهليل هيچ گونه فوت و
فرو گذاشتي نه مي نمايد. و براه نمونهء قائد توفيق
قدم در اين وادي نهاده موفق گرديده، هادي و مقتدي
و راه نمائي اين فرقه گرامي توانند شد.“
اڳتي هلي ساڳيو ملا عبدالقادر لکي ٿو:
”و زخارف دنيوي را معدوم انگاشته به مضمون عمل مي نمايند.
در دهر که عيب و هنرش ميدانم،
وز هر چه در او ست، کمترش ميدانم؛
بالي نه فشانم و صغيري نکشم،
برخود ز نفس تنگترش ميدانم.
و اين شيوه از يشان بغايت پسنديده و نيکومي نمايد
چرا که از شائبه ريا و کذب مير است، و تمام اوقات
شريف مسلوک ميدارد، که نه از عنايت و مرحمت جهانيان
خوشحال و نه از کم لطفي و بي شفقتي زمانيان آزرده و
صاحب ملال مي گردد، لطف مخلوق را معدوم انگاشته،
بندگيء خلق جز و کز و خدمت و صحبت فقراء و
درويشان را برهمه چيز ترجيح مي نهد.“

مصنف، مولانا جي انهن بزرگانه ۽ درويشانه خوبين ۽ خصوصيتن کان ايترو ته متاثر آهي، جو چوي ٿو ته مون کي تعجب آهي ته اهو صاحب، سپهه سالار جي صحبت ۾ ڪيئن رهي پيو آهي. آخر ۾ مولانا کي ساراهيندي، سندس ذڪر هن فقري تي ختم ٿو ڪري:
”الحق مثل مولاناي مذکور درين جز و زمان نيست
و نخواهد بود، و اهل هند را اعتمادي تمام بفضيلت
و حالت او هت و ميرسد و مي زيبدشان.“

شاعري:
جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي، مولانا محب علي قادرالڪلام شاعر به هو ۽ عبدالباقيءَ جي قول مطابق حڪيم سنائيءَ جو هم پايه هو ۽ شاعريءَ ۾ گهڻو ڪري، تتبع به ان جوئي ڪندو هو. ساڳيءَ طرح سندس هم وطن مـﺆرخ مير علي شير ’قانع‘ به کيس شاعر، اشعر ۽ شاعر جيّد جي لقب سان ياد ڪيو آهي.
”مقالات الشعرا“ ۾ سندس چند اشعار، ”ميخانه“ ۾ سندس ”ساقي نامه“ جا ٻه_ٽي شعر، ۽ ”رحيميءَ“ ۾ سمورو ”ساقي نامه“ ۽ چند قصيدا ڏنل آهن. ”ميخانه“ جو صاحب لکي ٿو ته سندس ديوان اڃا گڏ ڪونه ٿيو آهي. اهڙيءَ طرح ٻئي به ڪنهن سوانح نگار سندس ديوان يا ٻئي ڪنهن تصنيف جو پتو ڪونه ڏنو آهي.

سندس معاصر:
عبدالرحيم خان خانان جهڙي سخن پرور ۽ فياض امير جي بدولت، مولانا کي ان زماني جي بهترين عالمن ۽ شاعرن جي صحبت ميسر ٿي. سندس معاصرين به بلند مرتبه حيثيت جا مالڪ آهن، جن جي مفصل احوال جي گنجائش هت ڪري نٿي سگهجي. حسام الزمان مولانا شڪيبي، مولانا نظيري، نواب قلي بيگ انيسي، شريف ڪاشي، مُلا ڪافي سبزواري، مُلا بقائي وغيره جا نالا معاصرن جي سلسلي ۾ بطور نموني جي ڏيئي سگهجن ٿا. ’مقاصد رحيمي‘ ان لاءِ وڌيڪ رهنمائي ڪري سگهي ٿي.

وفات:
مولانا جي وفات جي تاريخ ۽ سن معلوم ٿي نه سگهيو آهي، ڇاڪاڻ ته مٿيان سڀ سوانح نويس، سندس حياتيءَ ۾ پنهنجا ڪتاب ختم ڪري چڪا آهن. ملا عبدالحميد لاهوري 1065ع ۾ فوت ٿيو ۽ 1047ع جي واقعات تائين مولانا کي برهانپور ۾، ”بپرستش ايزدي“ مشغول ڏسي ٿو.

[”مهراڻ“، 1_1967ع]

حضرت مولانا دين محمد وفائي

مصائب تهـﻶ بهت پر دل کا جانا_ عجب اک سانحـﮧ سا هوگيا هـﻶ

اجل جي اچڻ کان ٻه ڏينهن اڳ، پاڻ ۾ گڏ هئاسين. جنهن شام جو ملاقات ٿي ان جي صبح تي سکر وڃڻ جو ارادو هوس. ”يونين بڪ اسٽال“ جي دروازي تان موڪلايوسين. نه هن کي اهو معلوم ته وري ملڻ ممڪن نه ٿيندو، نه مون کي اها خبر ته ڀاڪر پائي موڪلائڻ، گويا عارضي جدائيءَ لاءِ نه بلڪ قيامت جي وڇوڙي لاءِ آهي.
جيتوڻيڪ دنيا درگذر آهي، ڪئين پيا اچن، ڪئين پيا وڃن، اهو سلسلو شروع کان ئي شروع آهي ۽ آخر تائين رهندو__ ڪنهن جو ڏک ڪري ڪنهن جو ڪبو__ پر مولانا جو اسان کان جدا ٿيڻ اهڙو معمولي ۽ اهڙو عام نه آهي جنهن جو ڏک جلد مٽبو، جنهن جو سور سهنج سان ويندو يا جنهن جو داغ دائما نه رهندو.
____ ____ ____
مولانا جي عمر، انتقال وقت اٽڪل 59 ورهيه هئي. مينديءَ رتل سونهاري، اکيون روشن، پيشاني ڪشادي، نڪ جو نقشو سهڻو، منهن جي تختي نه ڊگهي نه گول، بلڪ درمياني بيضوي، رنگ کليل ڪڻڪ ونون، قد متوسط، هاٺي ۽ هڏ ڪاٺ بلڪل مضبوط، پوشاڪ سادي پائيندو هو، مٿي تي پٽڪو، ڪڏهن ترڪي ٽوپي، بدن تي قميض، هلڪي سٿڻ ۽ انگريزي وضع جو شارٽ ڪوٽ، ڪڏهن ڪڏهن سنڌ جي درزيءَ جي سبيل شيرواني به پهريندو هو. ڪنهن وقت مٿي تي سلڪ جو پٽڪو به پائيندو هو، جنهن کي ترو به ڇڏيندو هو. هوءَ سندس عام وضع، ۽ هي پوشاڪ هوندي هئي. پويون ويس گهڻو ڪري سرديءَ جي سمي ۾ پهريندو هو، هٿ ۾ هميشه بيد جو وچٿرو لڪڻ کڻندو هو.
گهر کان انهيءَ ٺاٺ سان نڪرندو، خرامان خرامان، ڪڏهن الوحيد، ڪڏهن شيخ صاحب قبله جو گهر ۽ ڪڏهن ڪڏهن منهنجي غريب خاني تي به عنايت ڪندو رهيو. ڪتابن جي دڪانن تي به کيس عام طرح ڪنهن ڪتاب جي مطالعي ۾ مصروف ڏٺو ويندو هو. مدرسه مظهرالعلوم به سندس آمدرفت جو مرڪز هو.
ڪو ماڻهو ملندس، کلي، ٽهڪ ڏيئي، سينو کولي، کيس ڳراٽي پائيندو هو. تعلقات وسيع، ڪنهن سان اختلاف نه ڪيائين. هميشه دوستي، سڀ سان محبت ۽ سڀڪنهن سان اُنس رکندو هو. ڪڏهن کڻي ڪنهن تي ڪاوڙيو تڏهن به وات مان ويڻ نه ڪڍندو، ڏکيو لفظ ڪنهن کي نه چوندو، پيشانيءَ تي هلڪو گهنڊ پوندس، ليڪن منهن تي مُشڪ هونديس. ”بيوقوف يا احمق“ جو لفظ نڪتو ته گويا وڏو وس ٿيو، بس ڪاوڙ ختم، غصو ويو، وري هڪدم ٽهڪ ڏيئي ڳالهه آئي وئي ڪري ڇڏيندو.
نبي آباد جو ڳوٺڙو، ڳڙهي ياسين تعلقي ۾ آهي، مولانا اُتي ڄائو، تعليم ڪٿي ۽ ڪهڙي ورتائين ان جو پتو نه آهي. ليڪن علم جو اڪابر هو؛ فارسي، عربي، اُردو ۽ سنڌي زبانون سندس ٻانهن ٻڌيون ٻانهيون هيون. زندگي اڪثر سکر ۾، ۽ گهڻو ڪري ڪراچيءَ ۾ گذاريائين.
هوش سنڀالڻ شرط، قلم هٿ ۾ کنيائين، ڪڏهن اخبار لکيائين، ڪڏهن رسالو ڪڍيائين ۽ ڪڏهن ڪو ڪتاب تصنيف ڪيائين. تاريخ جو سنڌ ۾ امام هو. حافظو پڇاڙيءَ تائين غضب جو هيس. سنڌ جي تاريخ بر زبان، مشاهيرن جون حياتيون ياد، انهن جي تولد ۽ وفات جي تاريخن تائين به ياد ٻڌائيندو هو. سنڌ ۾ اهل حديث جو پهريون علمبردار هو. 30_35 سال حديث جي خدمت ڪيائين.
خلافت جو سرگرم ڪارڪن هو ۽ اسلامي سياست جو عاشق زار، ڪابه اسلامي تحريڪ شروع ٿي ته مولانا متانت ۽ سنجيدگيءَ سان ان ۾ شامل ٿيندو ۽ پڇاڙي تائين ان جو ساٿ ڏيندو هو.
خلافت جي زماني ۾ ”الوحيد“ نڪتي ان جو ايڊيٽر ٿيو ۽ ٻاويهن سالن تائين ان جي ادارت جا فرض نباهيندو رهيو. 30 سالن کان ماهوار رسالو ”توحيد“ ڪڍندو رهيو، جنهن ۾ مذهبي، علمي، تاريخي، اصلاحي ۽ معاشرتي مضمون شايع ٿيندا رهيا. ابتدائي زماني ۾، غالباً 1916ع جي ڳالهه آهي، ته پير عبدالغفور شاه سان گڏجي ”الڪاشف“ نالي سان هڪ علمي ۽ تاريخي رسالو ڪڍيائين_ اهو غالباً سنڌ جو پهريون ئي رسالو هو جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن تي معياري مضمون شايع ٿيا. 1962ع ڌاري ”الحزب“ نالي نهايت خوبصورت هفتيوار اخبار ڪڍيائين_ ان ۾ جيڪي سندس تاريخي ۽ علمي مضمون شايع ٿيا، سي اڄ تائين ماڻهن کي ياد آهن. انهن کان سواءِ هن نصف صديءَ اندر سنڌ ۾ جيڪي به روزانه، هفتيوار يا ماهنامه نڪتا تن سڀني کي مولانا پنهنجن مضمونن سان مزين ڪندو رهيو.
____ ____ ____
مولانا تقريباً 50_60 تصنيفون به ڇڏيون. مذهب، تاريخ ۽ سوانح_ اهي ٽي ميدان هئا جن ۾ هن جي قلم جي جولاني رهي. صحيح بخاري جو ترجمو ”الهام باري“ جي نالي سان 5 جلدن ۾ ڪيائين ۽ چئن يارن جي سوانح نهايت دلنشين پيرايه ۾ قلمبند ڪيائين. ”ياد جانان“ نالي ميان جان محمد جوڻيجي جي حياتي لکيائين، جنهن ۾ ان دﺆر جي سياسي تاريخ به بيان ٿيل آهي. نالا ياد نٿا پون ليڪن ڪئين ڪتاب لکيائين.
هن پوئين زماني ۾ به ڪتابن لکڻ جو وڏو پروگرام سندس سامهون هو. سنڌ جي مشاهيرن جا حالات لکي رهيو هو، خبر نه آهي ته ڪيستائين اهو ڪتاب مڪمل ڪيائين. شاهه عبداللطيف عليه الرحمته جي سوانح خاص ڪاوش ۽ قرينه سان لکي هئائين، جيڪا ڇپجي رهي هئي ۽ ان جو آخري پروف جنهن ڏينهن موت سان ملاقي ٿيڻ سکر اُسهيو ٿي، ان کان هڪ ڏينهن اڳ ڏٺو هئائين. غالباً اڃا سندس مزار جو لوڙه به نه سُڪو ته سندس اهو علمي ڪارنامو نڪري نروار ٿيو.
خوش قسمتيءَ سان اُنهن 15_20 ڏينهن اندر مون کي ساڻس ملڻ جو ڪئين دفعا اتفاق ٿيو. هونءَ ته ڪڏهن ڪڏهن مهينا به لنگهي ويندا هئا ته ملڻ جو موقعو ڪونه ملندو هو. ليڪن هنن چند ڏينهن ۾ ڪڏهن ڄاڻي واڻي ۽ ڪڏهن اتفاقي، جلد از جلد ساڻس ملاقاتون ٿينديون رهيون.
28_ مارچ جو الوحيد ۾ ويس، اڃا در کان منهن ڪڍيم ته مولانا ڏسي ٽهڪ ڏنو. دين محمد عليگ جي قريب ڪرسيءَ تي ليٽيو پيو هو، اُٿي ڳراٽي پاتائين، حال احوال پڇيائين، ڪتابن جون ڳالهيون نڪتيون. ڪجهه هن ڪيون، ڪجهه مان ڪيون، ڪلاڪ ٻن کان پوءِ کانئس موڪلائي هليو آيس.
____ ____ _____

2_ اپريل جو 11 بجي ڌاري، شيخ صاحب، دين محمد عليگ ۽ پاڻ مون وٽ آيا، ڪتبخاني ۾ ويٺا رهياسين، پهريون سنڌ جي تاريخ لکڻ تي بحث ٿيو. مهراڻ پبلشنگ هائوس ۽ نون ڪتابن لکڻ تي گفتگو ٿي، سنڌ جي ضرب المثلن ۽ محاورن گڏ ڪرڻ جي تجويز ٿي ۽ ديهاتي ڏوهيڙن ۽ گيتن کي گڏ ڪري ڇپائڻ جي اسڪيم به تيار ٿي. الغرض 11 بجي صبح کان 5 بجي شام تائين انهيءَ قسم جي گفتگو هلندي رهي. انهيءَ ڏينهن هڪٻئي سان چرچو مذاق به خوب ڪيوسين. خدا مون کي بخشي ۽ هُن تي به رحمت ڪري.
4_ اپريل جي صبح جو مولانا مون وٽ آيو_ اهو ئي آمد جو دلنشين انداز، ترڪي ٽوپي، ننڍو ڪوٽ، هٿ ۾ لڪڻ، خرامان خرامان اچي ڪتبخاني جي هڪ آرام ڪرسيءَ تي ويٺو. لڪڻ پاسي ۾ رکيائين، ترڪي ٽوپي لاهي ٻيءَ ڪرسيءَ تي رکيائين، کيسي مان پَن جي ٻيڙي ڪڍي، مون کان ماچس وٺي دکايائين، هڪ سوٽو هڻي چيائين ”الهام باري“ ڏي. مان ڇوڪري کي ڪتاب ڳولهڻ لاءِ موڪليو. پاڻ تيسين ٻيا ڪتاب ڏسڻ لڳو. ڪٻاٽ مان مرزا حيرت جو لکيل ”چراغ دهلي“ ڪڍرايائين، ان کي ڪن ڪن جاين تان نظر مان ڪڍيائين. ”الهام باري“ آيو، کڻي روانو ٿي ويو.
”چراغ دهلي“ جتي رکيو ويو اتي ئي رکيو هو ته چوٿين ڏينهن شام جو سندس انتقال جي خبر پيئي. رات جو ڪتبخاني ۾ گهڙيس، پهريون ئي نظر ”چرغ دهلي“ تي پيئي، اکين مان ڳوڙها وهي ويا. اڃا 7_8 ڏينهن ٿيا ته مولانا ان کي پڙهي رکي ويو آهي، جتي رکي ويو آهو اتي ئي پيو آهي، پر پاڻ پنهنجي جاءِ تي ٺهي ئي ڪونه.
____ _____ _____

8_ اپريل تي اسان جي آخري ملاقات ٿي. ساڍي 5 بجي شيخ صاحب جي جاءِ تي، ”مهراڻ پبلشنگ هائوس“ واري ڪمري ۾ ويس. شيخ صاحب ننڍيءَ ڪرسيءَ تي ويٺو آهي، ان جي سامهون شيخ ساز علي موجود آهي، مولانا ڪنڊ ۾ پيل آرام ڪرسيءَ تي پلٿي ماريو ويٺو هو، لڪڻ پاسي ۾، ترڪي ٽوپي ٻيءَ ڪرسيءَ تي پيئي آهي، پاڻ ”الهام باري“ جي هڪ جلد کي پڙهندو به وڃي ٿو ۽ ڪٿي ڪٿي تصحيح به ڪندو وڃي پيو.
مان ڪرسي سوري سندس پاسي ۾ ويٺس، ايتري ۾ عثمان علي انصاري ۽ دين محمد عليگ به اچي ويا، ٿوري وقت بعد مولانا غلام مصطفي ۽ ڊاڪٽر شيخ نور محمد جن به آيا، گهڻو وقت گفتگو شاهه جي رسالي جي طباعت تي ٿي، مسلمانن جي ان وقت جي اخلاقي زوال ۽ ذهني پستيءَ تي به ڪلاڪ کن روئڻو رنو ويو، مولانا بحث ۾ منهنجو پاسو ٿي ورتو. شيخ صاحب وچ ۾ بحث کي ختم ڪرڻ جي گهڻي حد تائين ڪوشش ٿي ڪئي. دين محمد عليگ سامهين ڪنڊ ۾ ننڍيءَ ڪرسيءَ تي ويٺو ڇڙو کلي رهيو هو. عثمان علي انصاري ۽ شيخ نور محمد ڪڏهن نرم ۽ ڪڏهن گرم گفتگو ٿي ڪئي.
مولانا ٻئي ڏينهن پنهنجي بيگم کي سکر وٺي وڃڻ لاءِ تيار هو، دين محمد عليگ ۽ شيخ صاحب کيس روڪيو ته صبح جو نه وڃو، آخر سندس وڃڻ جو وقت ٻئي ڏينهن تي مقرر ٿيو.
مان کيس چيو ته مولانا ”حديقـﺔ الاوليا“ مون کي ڏيئي وڃو ته نقل ڪرائي وٺان. چيائين ته دير ٿي ويئي آهي، ڪتاب جا منتشر اجزا آهن هاڻي لڀي نه سگهندا، هفتي بعد موٽي اچي ڏيندس. مان محض مذاق ۾ کيس چيو ته مولانا موت ۽ ملاقات جو وقت ئي ڪونه آهي، معلوم نه آهي ته تون مرين يا مان مري وڃان، تنهنڪري ڪتاب هاڻي ڏيئي وڃ. ”الهام باري“ ڏي اشارو ڪري چيائين ته اسان اڃا ڪونه مرنداسين. ڪيترو علمي ۽ مذهبي ڪم ڪرڻو آهي. ”الهام باري“ جي تصحيح ڪرڻي آهي. مولانا عبيدالله رحه جي تفسير جو سنڌي ترجمو ڪرڻو آهي ۽ شاهه جو رسالو نئين سر مرتب ڪرڻو آهي، سنڌ جي مشاهيرن وارو ڪتاب به اڃا پورو نه ٿيو آهي، تنهنڪري اطمينان رک جلد ڪونه مربو، هفتي بعد اچي ڪتاب ڏيندس.
____ ____ ____

سانجهي ٿي، مولانا نماز پڙهي، مان کيس چيو هل ته هلي قاضي اختر ميان جوناگڙهيءَ سان ملون، اُتان موڪلائي ٻئي گڏجي نڪتاسين، مولوي غلام مصطفى به ساڻ ٿيو. بندر روڊ تي ”يونين بڪ اسٽال“ وٽ پهچي اختر ميان جي جاچ ڪئي سين، معلوم ٿيو ته ڪونه آهي. فوٽ پاٿ تان موڪلايوسين، مان گهر هليو آيس، ۽ مولانا، غلام مصطفى سان گڏجي، گهر طرف روانو ٿيو. وقت تقريباً اٺين بجي جو هو. بس اها آخري ملاقات هئي.
____ ____ ____
9 تاريخ مولانا ڪراچيءَ ۾ هو. 10 تاريخ صبح جو اهليه سميت سکر روانو ٿي ويو. 7 بجي شام جو اُتي پهتو ۽ 5 ڪلاڪن بعد 11 بجي ڌاري انتقال ڪري ويو. ڪراچيءَ موٽي اچڻ جو سندن ارادو قائم رهيو، مون سان جيڪو ”حديقـﺔ الاولياء“ ڏيڻ جو وعدو ڪيو هئائين سوئي وفا ڪري نه سگهيو.
پنچهه اُط گيا ليکن ڊال ابهه تک جهوم رهه هـﻶ.
____ ____ ____
11_ تاريخ شام جو شيخ صاحب وٽ ويس. اکين ۾ آب آڻي ٻڌايائين ته مولانا رات انتقال ڪري ويو. يقين نٿي آيم. ليڪن مختلف پيراين ۾ پڇڻ کان پوءِ آخر پڪ ٿي.
چار ڏينهن اڳ شام جو جنهن ڪرسيءَ تي پاڻ ويٺو هو، اها اڃا انهيءَ ئي انداز ۾ پئي هئي. پاسي ۾ جنهن ڪرسيءَ تي ترڪي ٽوپي رکي هئائين، اها به اڃا اُتي ئي رکي هئي. پَن جون ٻيڙيون ڇِڪي جيڪا خاڪ اُڇلائي هئائين، اُها به هوا اُتان اُڏاري نه سگهي هئي. ڪي اڌڙ 15 نمبر ٻيڙين جا اڃا اُتي ئي منتشر پيا هئا. سڄي ڪمري کي ڏٺم، سڀ شيون ساڳيءَ ريت پيون هيون، ليڪن نه ”الهام باري“ اُتي هو ۽ نه ان جو مصنف مون کي نظر آيو. افسوس!
هنڌ اُهي ئي ماڳ، پر جت نه پسان جوءِ ۾.
____ ____ ____
دين محمد عليگ مليو، چيومانس ته تون ڪنهن وزير کي چئو ته اڌ ڏينهن سنڌ جون آفيسون مولانا جي اعزاز ۾ بند ڪرائين.
ٿڌو ساهه کڻي چيائين ڀاءُ! مان ڪنهن کي چوان! ۽ جي چوان به کڻي ته دين محمد وفائيءَ لاءِ ڪنهن کي پئي آهي جو آفيسون بند ڪندو. هو نه ليڊر هو، نه اسيمبليءَ جو ميمبر، نه وزير هو، ۽ نه امير.
منهنجي اکين ۾ پاڻي تري آيو، دل ۾ خيال ڪيم ته واقعي سچ ٿو چوي، مولانا دين محمد وفائي رڳو عالم هو. فقط الوحيد اخبار جو 22 سال ايڊيٽر رهيو. هن محض سنڌ جي تاريخ پڙهي ۽ سنڌين کي پنجاهه ورهين تائين ان جون ڳالهيون ٻڌائيندو رهيو. مذهب جي خدمت ڪيائين ۽ هن ديس جي ادب جي خدمت ڪئي. نه ورهيه، نه ٻه ورهيه، پر پورا پنجاهه سال. اهي خدمتون ڀلا ان لائق ڪٿي جو سنڌ جا ڪلارڪ سوڳ ڪن.
اسپ تازي شد مجروح بزير پالان
طوق زرين همـﮧ در گردن خرمي بينم

[”يادگار وفائي“، مرتب: علي نواز وفائي، تان ورتل.]

ادب ۽ تنقيد

---

سنڌ جو هڪ محسن گهراڻو

(خاندان راشديه جا سنڌ ۾ علمي ڪارناما)
دامان نگهه تنگ گل حسن تو بيار
گلچين جمال تو ز دامان گله دارد

تعارف:
سنڌ جي سڳوريءَ سرزمين تي خاندان راشديه جيڪي علمي خدمتون سرانجام ڪيون، سي سندن مذهبي فيوضات کان ڪنهن به طرح گهٽ ڪين آهن.
محمد بن قاسم جي معزوليءَ بعد، سنڌ اندر جيڪا بدامنيءَ جي بلا دوباره پيدا ٿي، تنهن کي نهوڙي نوائڻ لاءِ درٻار خلافت، سيد علي مڪيءَ کي سامره جي سپاهين جو هڪ ڪٽڪ ساڻ ڏيئي، سنڌ ڏانهن موڪليو. ان مقدس جماعت ٻيهر اچي خدا ۽ رسول جي پرستش جي هتي پيڙهه پڪي ڪئي.
سنڌ اهڙي وڙئون ويل ڪانه هئي، جو پنهنجي محسن کي موٽائي ماڳ اماڻي، يعني علي عليه رحمـﺔ کي عرب اماڻڻ بدران، هميشـﮧ لاءِ هت رهايو ويو. هن صاحب سيوهڻ جي نزديڪ ”لڪ آري“ پهاڙ جي پهلوءَ ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪئي.
راشديه خاندان، انهيءَ سيد جي سوکڙي آهي. هو صاحب 15 پيڙهيءَ ۾، سيدالشهداءِ حضرت امام حسين سان ملي ٿو، خاندان راشديه جو مورث اعلى حضرت پير سائين محمد بقا عليه رحمـﺔ وري 20 پيڙهيءَ ۾ سيد علي مرحوم سان شرف انتساب حاصل ڪري ٿو.
پير سائين محمد بقا کان وٺي سنڌ اندر مذهبي فيض ۽ برڪتن جو مهراڻ موجون مارڻ لڳو. سندس فرزند پير سائين محمد راشد رحمـﺔالله عليـﮧ جي سر تي وري سوني تي سهاڳي جو ڪم ڪيو؛ ۽ سندس فيض جو اثر سنڌ کان وڌي، هند جي گوشي گوشي ۾ پکڙجي ويو.
اهو ته قدرت جو ڪرشمو آهي، جو مذهبيات سان گڏ، عليءَ جي اولاد ۾ علمي ذوق به هيمشـﮧ موجود رهندو آيو آهي. ”انا مدينـﺔالعام و علي بابها“ واري حديث شريف سندن شان ۾ موجود آهي. مذهبي معاملي کي هڪ طرف رکي، جيڪڏهن انهيءَ گهراڻي جي علمي علامتن تي نظر ڪبي ته معلوم ٿيندو ته انهيءَ سلسلي جو هڪ هڪ داڻو علم جو در شهوار ٿيندو آيو آهي. سنڌ جي سرزمين تي، ٻي اهڙي خاندان شاذ و نادر نظر ايندي، جنهن مذهبيات سان گڏوگڏ علم ادب جي به ايتري خدمت ڪئي هجي.
علم ادب جي هر هڪ شعبي ۾ انهيءَ گهراڻي گوهر پيدا ڪيا. تاريخ، سيرت، رجال، حديث، فقهه، لغت، حڪمت، فلسفه، ادب، شعر، مطلب ته هر هڪ نموني ۾ منجهانئس مستند ۽ مسلم ماهر پيدا ٿيا_ جن سموريءَ سنڌ کي علمي آبياريُ سان سيراب ڪري ڇڏيو.
حضرت محمد راشد عليه رحمـﺔ کان پوءِ، اها خاندان ٻن شاخن ۾ ورهائجي ويئي. هڪ ”گاديءَ واري“، ۽ ٻي ”جهنڊي واري“. ٻنهي شاخن جي علمي اذڪار لکڻ لاءِ هڪ وڏي وقت ۽ وسيع دفتر جي درڪاري آهي. هن مختصر صحبت ۾ آءُ فقط ”گاديءَ واري“ شاخ جي چند انهن نامور افرادن جو احوال لکان ٿو، جو ”شعر و شاعري“ ۾ پنهنجو ناماچار ڪڍيو.

حصرت محمد بقا عليـﮧ رحمت
سندن تولد پنهنجي اباڻي ڳوٺ رسولپور عرف ننڍيءَ سائديءَ ۾، شعبان 1135هه ۾ ٿيو. توڙي جو ظاهري علم، ڪنهن ملا جي مجلس ۾ ويهي ڪونه پرايو هيائون، مگر کين سڀني علومن مٿان قدرت جي قرب ڪري اهو دسترس هو، جو ملا موراڻا سندن اڳيان دم هڻي نه سگهندا هئا.
63 ورهن جي ڄمار هين، جو کين رستي ويندي، ڪتابن جي ڀري مٿي تي ڏسي، چورن ڀل وچان شهيد ڪري رکيو. سندن آخري آرام گاه، شيخ طيب (تعلقه خيرپور) ۾ مرجع خاص و عام آهي. سندن شهادت جي تاريخ هيٺئين ڪتبي مان ملي ٿي، جيڪو مزار جي سيرانديءَ کان لڳو پيو آهي:_
چو سيد محمد بقا شد شهيد
جلاوت ز رحمت الاهي چشيد
بسي بود نافع بهر خاص و عام
کزو زود طالب خدا شد رسيد
خره سال تاريخ او در دلم
بگفتا ”بدرجه شهادت رسيد“
1190 هجري
پاڻ سنڌي زبان ۾ شعر چيو اٿن، جيڪو مون کي هڪ قلمي بياض تان هٿ لڳو آهي. شعر مختصر انداز ۾ ۽ دوهرن جي صورت ۾ آهي. نهايت دل ڀڄائيندڙ نموني ۾ روحاني رمزون سمجهايون ويون آهن. چند بيت هيٺ ڏيان ٿو:

(1)
سڄڻ ڪ سارئين
آءُ ساريان صَحي
اديون آريءَ جن جا
پڇان روز پِهي
ويندس ڪيچ ڪَهي
جيئندس ڪين جتن ريء
(2)
اوڏا جــــــــــــــــــي هئـــــــــــــام
ته نت نياپا آئيا
سنگارا ســـــــــــــانگ پئي
وَهان وس ويام
مـــــــــــــارو ٿـــــــــــــر ٿـــــــــــــيـــــــــــــام
ڏيان ڏوراپا ڪن کي

(3)
عـــــــــــــشق نـــــــــــــه آهـــــــــي راند
محبت ناهه مسخري
لکين ليلائيندي مئا
محبـــــوبـــــن مـــــــهـــــــانـــــــــد
سِـــــــــــــسِـــــــــــــي نيزي پاند
اُڇل ته ٻه اڌ ٿئي
(4)
پير پريان جي پڙ ۾
ڪير چوئي تون پاءِ
تون ٿو سک طلبئين
هڪ سڄڻ سور سهاءِ
هو جئن هڻنين ڪاتي
ته هيءِ هيءِ ڪج ۾ هاءِ
پائي مکڻ سيخ ۾
اڳيان پر پچاءِ
عجب جهڙي آءِ
ڪا ڪِيون ڪاڻ قريب جي
(5)
جي ڪهان ته ڪوڪ نه نڪري
صـــــــــــــبر آءُ نه سهـــــــــــــان
اکـــــــــــــيـــــــــــــن لايون پرکي
ويٺي سور سهان
ڪنهن کي ڪين چوان
ته ڪو پر اُڪنڊي آهيان
(6)
سج لهـــــــــــــي سانجهي ٿي
پکي پيا وڻي
اڏر هئنڙا ڀئنور ٿي
اسهه پر مڻي
ٿـــــــــــــوري ڏينهن گهڻي
مـــــــــــــيڙو ٿيندئي سڄڻين

پير سائين محمد راشد رحمت اللـه عليـﮧ
پير صاحب جي تولد جي مهيني تي اختلاف آهي؛ ڪن جو چوڻ آهي ته پهرين شعبان 1170هه جو تولد ٿيا، ڪن جي تحقيق آهي ته پهرين رمضان جو ڄاوا؛ بهرحال انهن ٻنهي مهينن مان هڪ ۾ پاڻ رحيمڏني ڪلهوڙي جي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيا.
مختلف جاين ۽ استادن وٽ علم پرايائون. حافظ زين الدين، حاجي فقيراللـﮧ شڪارپوري، مخدوم محمد عاقل کهڙوي (المتوفي 232هه)، مخدوم يار محمد ڪوٽڙيءَ وارو، ۽ مولانا نور محمد عاريجوي سندن استاد هئا.
فارسي ۽ عربيءَ تي مڪمل ڪمال حاصل هئن، علم پرائڻ پٺيان خوب رليا؛ شڪارپور، کهڙن ۽ ڪوٽڙيءَ وغيره ۾ سالن جا سال رهي، علم حاصل ڪيائون. مطلعو تمام وسيع هئن، ڪتب بينيءَ جي اها حالت هئي جو کين هر وقت ڪتاب هٿ ۾ رهندو هو.
علم لغت ۾ خاص طرح ڪمال هئن. انهيءَ فن ۾ چئن جلدن جو هڪ ضخبم ڪتاب به لکيائون. وٽن هڪ زبردست ڪتب خانو به موجود هو، جنهن جو مقابلو ان وقت ڪنهن جو به ڪتب خانو ڪونه ٿي ڪري سگهيو. سندن چوڻ هو ته ”جيڪو ڪتاب خريد ڪندو ان گويا بهشت خريد ڪيو“. وٽن جيڪي به ڪتاب ايندا هئا ته واڌاري قيمت به ڌيئي وٺندا هئا. معلوم نه آهي پاڻ ڪيترا ڪتاب تصنيف ڪيائون. اسان وٽ سندن هيٺيان ڪتاب موجود آهن:

(1) جمع الجوامع:
هي ڪتاب لغت تي 4 ضخيم جلدن ۾ آهي، جنهن جا ٻه جلد اسان وٽ، ۽ 4 جلد امروٽ جي ڪتب خاني ۾، هڪ جلد پير ضياءُالدين شاه صاحب وٽ، ۽4 جلد پير احسان اللـﮧ شاه وٽ آهن. هڪ هڪ جلد هزار هزار صفحي جو ٿيندو.

(2) شرح سماءُ الحسني:
فارسيءَ ۽ عربيءَ ۾ مختصر رسالو آهي.

(3) مڪتوبات:
هن ڪتاب ۾ سندن خط درج آهن، جيڪي وقت بوقت روحاني رمزن ۽ مذهبي مذڪورن سمجهائڻ لاءِ پنهنجي عقيدتمندن ڏانهن لکيا اٿن.

(4) مڪتوبات:
هي ڪتاب 186 صفحن جو آهي، جنهن ۾ پڻ خط گڏ ٿيل آهن.

(5_6_7) ملفوظات:
ملفوظات جا 3 جلد مختلف ماڻهن جا گڏ ڪيل آهن، هڪ خليفي محمد حسين جو، ٻيو خليفي محمود جو ۽ ٽيون مختصر ۽ معلوم نه آهي ته ڪنهن جو جمع ٿيل آهي.

(8) اذڪار:
هن ۾ پنهنجي طريقت جا ذڪر ۽ فڪر ۽ انهن جا رموز ۽ نڪات اٿن.
پير سائينءَ جي سوانح تي منهنجي ڀاءُ سيد علي محمد راشديءَ هڪ مڪمل ۽ مفصل ڪتاب لکيو آهي، جنهن ۾ سڀني ڳالهين تي پوري پوري روشني وڌي ويئي آهي.
بروز جمع 1223هه ۾ وفات ڪيائون. 9 ربيع الاخر 1250هه ۾ درياه جي پائيندڙ ڪري سندن مزار رحيمڏني ڪلهوڙي جي ڳوٺ مان منتقل ڪري، پير علي گوهر شاه، هاڻوڪيءَ جاءِ تي ڪرائي.
فقير سچل سندن همعصر هو، مگر پاڻ مٿس ”بدعتي بيماري“ ڪري هميشـﮧ ناراض رهندا هئا، جنهن جو ذڪر ”تذڪره مخاديم کهڙا“ جي صفحي 98 تي آهي. کين شاعريءَ جو به شوق هو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن هڪ اڌ نعت يعني مولود به چوندا هئا، جنهن جو نمونو هي آهي:
وڃي عرض چئو منهنجو پيش پرين
سڻين حال منهنجو شال غور ڪرين
ٻڌي دانهن منهنجي پوي ٻاجهه پرين
احمد تو در عاجزي توڙي ڪوڙا ڪن
بنهه ميـﮧ بسنت جي اي انگ لاڳ لهن
اي اکڙيون آس رکن _____الخ
(ٻيو به هڪ_ٻه مولود آهي، مگر هن وقت موجود نه آهي_)

محمد صبغت اللـﮧ شاه عليـﮧ رحمت
محمد راشد عليـﮧ رحمـﺔ کان پوءِ گاديءَ تي ويٺا ۽ برابر 13 سال سجاده نشين رهيا. سندن تولد جي تاريخ جي تحقيق نه آهي؛ البت وفات رمضان 1246هه ۾ ٿي. مولانا عبدالقدوس سرهنديءَ واقعي تي هيٺيون قطعو چيو آهي:
صبغت الله شهه پير انام
راشد و مرشد هادي انام
رخت بربست ازين دار فنا
کرد در جنت فردوس مقام
روح او خورم و خوش درملکوت
ليک ناسوت ز بهرش ناکام
گفت تاريخ وفاتش هاتف
شنبـﮧء يوم ششم “ماه صيام“ 1246هه
فارسي ۽ عربيءَ تي ڪامل عبور حاصل هئن، ۽ هميشه ڪتب بينيءَ ۾ مشغول هوندا هئا. پير صاحب روضي واري جي ڪتب خاني، سندن ڏينهن ۾ انتهائي ڪمال حاصل ڪيو، ۽ سموريءَ اسلامي دنيا مان ڪتاب گهرائي پاڻ وٽ گڏ ڪيائون. باوجود سرمايه داريءَ جي به، پاڻ هميشه فقيرانه زندگي گذاريندا هئا.
شعر ۽ شاعريءَ ۾ ڪوبه مڪمل ديوان ڪونه ڇڏيائون، البته سندن ملفوظات تان چند اشعار اسان کي هٿ آيا آهن، جن مان چند هيٺ آهن:
ز دردت دلفگارم باکه گويم
ز هجرت بيقرارم باکه گويم
ز گردش گبتي و بيمهريء يار
شکايتهاي دارم باکه گويم
غم خود را بهرکس عالم اندر
چوغم خواري ندارم باکه گويم
_____ _____ _____
دلبر صبر و قرارم بردئي
خانمان بيچاره و ويران کردئي
اي فراقا کر دهد دستم وصال
آن کنم با توکه باما کردئي
_____ _____ _____
ما به دلبر مدتي همخانه بودم يا نصيب
اين زمانه دلبر ز من من زو جدايم يا نصيب
_____ _____ _____
کردم روان ليک اجل راهبر نشد
دردا که رفت يار ز ما کاربر شد
_____ _____ _____
تشنگيء صدف چون شود بسيار
بهر سعيش سحاب مي آيد
_____ _____ _____
اردوءَ جو به هڪ غزل ملي ٿو:

مجهه پر اي ماه رو ستم مت کر
عاشق زار هون ظلم مت کر
من بهجرت رقيب در وصالت
بر رقيبان چنين کرم مت کر
انهيءَ نموني ۾ حضرت امير خسرو مرحوم جو به هڪ ٻه غزل چيل آهي.

پير سيد علي گوهر (اول) عليـﮧ رحمت
4 رجب 1231هه بروز جمه هن جهان ۾ آيا. 17 ورهيه سجاده تي رهي، 11 جمادي الاول 1263هه بروز ڇنڇر وفات ڪيائون. ظاهر خواه باطني علومن ۾ کين ڪامل قدرت حاصل هئي. فارسيءَ ۾ ته ايتري لياقت هين، جو ڄڻ مادري زبان اٿن. هميشه علم ادب جي خدمت ڪندا رهيا. هزارين ڪتاب گڏ ڪيائون، سَوَن عالمن کي اجورا ڏنائون، ۽ ڪوڙين ڪلام گوين کي پاليائون. لکن روپين هوندي به پاڻ هميشه فقير رهيا، ۽ صوفيانه زندگي بسر ڪندا رهيا. حقيقت ۾ سندس زندگي، اسان لاءِ زندگيءَ جو هڪ بهترين سبق آهي.
سندن سمورو ڪلام سنڌي زبان ۾ آهي ۽ نهايت ئي درد انگيز ۽ دل تي اثر پيدا ڪندڙ آهي. شعر تي جنهن وقت نگاهه ڪجي ٿي ته پڙهندڙ پاڻ وڃائي ويهي ٿو؛ مطلب ته الاهي رازن جون الاهي رمزون بيان ٿيل آهن. سمورو ڪلام ٺيٺ سنڌيءَ ۾ شاهه واري تتبع تي آهي. ڪلام جو تعداد ڪثير آهي، جنهن کي مون هڪ ضخيم ڪتاب ۾ جوڙي راس ڪيو آهي، جنهن مان هڪ عنوان هيٺ ڏيان ٿو:
ڪاٿي ڳولي لهان ڙي ڀينر
هيئنڙي هـــــــــــوت سنڀاريـــــــــــو
سڌ نه مان کي سور جي ميان لا
ڪنهن ســـــــــــان سور سلان
هيئنڙي هوت سنڀاريو
بخت ڀڙائي ڀوريءَ جو ميان لا
سنــــــــــــــــــــــدن روءِ رهــــــــــــــــــــــان
هيئنڙي هوت سنڀاريو
امر موسان ائين ڪيو ميان لا
ڪنهن کـــــــــــي ڏوهه ڏيان
هيئنڙي هوت سنڀاريو
هيءَ حقيقت حال جي ميان لا
ڪنهن کـــــــــــي ڪين چوان
هيئنڙي هوت سنڀاريو
اصغر چوي عشق جا ميان لا
ويـــــــــــٺي ســــــــــــــور ســـــــــــهـــــــــــان
هيئنڙي هوت سنڀاريو
سندن تخلص ”اصغر“ هو. سندن ڪلام ۾ سلاست ۽ ميٺاج، ايترو آهي، جو من کي موهي ۽ جسي کي جهومائي ڇڏي ٿو. البته انهيءَ ڪلام جو اڄوڪي ”لال بازاري شاعرن“ کي شعور ڪونه پوندو. باقي شاه جا جيڪي شائق هوندا، اهي ان جا راز ۽ رمزون سهي ڪري سگهندا. ٻيو ڪلام آهي:
عشق، وڃئي شل حال، رليا
مون کي ڪوهه روليو ٿِي!
ڏينهن ته قيام جي سر منهنجي جو ميان لا
پلپـــــــــــل پونـــــــــــدئي بنـــــــــــبـــــــــــال
ٽڪيا مون کي ڪوهه ٽوليو ٿِي!
هتئون هلي هت جڏهن آئين ميان لا
مون ڪو لٽيو هو ڪنهن جو مال
آڻي ڳوٺن منجهه ڳوليو ٿي!
اصغر چوي عشق اوهان جي ميان لا
پـــــــــــيڙي ڪـــــــــــيو پـــــــــــائمـــــــــــال
منهنجو سنڌ سنڌ ڦوليو ٿي!
.... .... .... ....

پير حزب اللـﮧ شاه مرحوم
شوال جي 18 تاريخ (1258هه) بروز ڇنڇر تولد ٿيا، 45 ورهيه سجاده تي رهي 4 محرم 1308هه بروز خميس راهي ملڪ بقا ٿيا. ستن سالن جا هئا جو سجاده تي ويٺا، ان کان اڳ ۽ پو: پڙهندا رهيا، تان جو سڀني علومن جا اڪابر ٿي ويا. سندن پهريون استاد آخوند محمد عرف ميان ممون هو، باقي تعليم مولوي محمد عيسى کان ورتائون. توڙي جو 15 ورهيه پڙهڻ ۾ لاتائون، تاهم ڪسب علوم و فنون ساري عمر ڪندا رهيا، ۽ علم پٺيان ساري عمر سرگردان رهيا.
مطالعو، شعر شاعري، ۽ نقاشي سندن محبوب مشغلا هئا. نقاشيءَ ۾ استاد محمد حيدرآباديءَ کان ڪمال حاصل ڪيائون، ۽ آخر ۾ کين اها لياقت ٿي ويئي، جو وقت جا ماني ۽ بهزاد ليکجڻ لڳا. سندن مطالعو بلڪل وسيع هو، فرصت جو وقت ڪتابن ڏسڻ ۽ شعر چوڻ ۾ صرف ٿيندو هئن. قلمي ۽ طلائي ڪتابن سان کين خاص شوق هوندو هو ۽ هزارين رپيا ڏيئي اهڙا نادر ڪتاب وٺندا هئا. ايران ۽ مصر کان ماڻهو وٽن خاص طرح ڪتاب کڻي ايندا هئا. سندن ڏينهن ۾ ڪتب خانو بلڪل اوج تي پهچي ويو.
عملي ماڻهن لاءِ، سندن وجود املهه هوندو هو. سوين عالم فاضل هر وقت سندن چوڌاري رهندا هئا ۽ سندن بي مثال فياضيءَ مان بهرور ٿيندا رهيا. انهيءَ زماني جا اديب ۽ عالم سندن ناماچاري ٻڌي، ڪوهه ڪهي، وٽن ايندا هئا. سندن مجلس عباسي خليفن جي علمي مجلسن جي ياد تازي ڪندي هئي. شاعر، عالم، فاضل، نقاش، مصور ۽ راڳي هر وقت وٽن موجود ٿي رهيا، ۽ سدائين مجلس کي مچايو ويٺا هوندا هئا.
سندن سخا جي اها حالت هئي، جو هڪ دفعي وٽن هڪ سيد پنهنجي نياڻيءَ جي شاديءَ لاءِ ڪجهه خرچ پکو پنڻ آيو. پاڻ کيس فرمايائون ته ترس شام تائين جيڪي آيو سو تون کڻي وڃج. شام تائين وٽن 10 هزار روڪ، هڪ اُٺ چانديءَ جي زيورن ۽ سازن سان ۽ ٻيا ڪيترا ڍور ڍڳا اچي ڪٺا ٿيا، جيڪي سڀ سيد کي گهرائي ڏيئي ڇڏيائون. سيد حيران ٿي ويو ۽ ايتري ساز سامان کڻڻ کان انڪار ڪيائين. مگر پاڻ زوريءَ کيس کڻائي ڇڏيائون. وفات وقت چيائون ته ”افسوس آهي، جو مون کان بيڪ وقت ڪنهن به لک رپيا ڪونه گهريا.“ پير صاحب جي سخا ڪري، اهو پير ڳوٺ جيڪو اڄ فقط ڪورين ۽ موچين جو مسڪن آهي، سو ان وقت عالمن ۽ فاضلن جو آماجگاه بڻيو رهندو هو.
نه ڇڙو بزم مگر رزم ۾ به يڪتاي روزگار هئا. گهوڙي سواريءَ ۽ تيراندازيءَ ۾ کين خاص ملڪو حاصل هو. هڪ دفعي عصر جي نماز پڙهي، عمر ڪوٽ مان گهوڙي تي نڪتا ۽ سحر جي نماز وري اچي ڳوٺ پڙهيائون. تيراندازيءَ جي اها حالت هئي، جو مير علي مراد سان شڪار تي ويا، مرغابين تان مير هرهر ٿي گٿو، مگر پير صاحب جو تير جنهن به مرغابيءَ کي لڳايو ٿي ته ان کي آسمان ۾ ئي پرزا پرزا ڪري پئي ڇڏيائين. هڪ دفعي بازيگرن جي ڪاٺ وارن ڪبوترن جو هڪ پاسو ڪارو ۽ ٻيو اڇو ڪرائي آسمان تي اڇلرايائون، پوءِ دل جنهن به پاسي کي چاهيو ٿي ان کي تير ٿي هنيائون. ليمن کي آسمان تي اڇلائي هميشه چٽيندا رهندا هئا.
پير حسام الدين، پير احمد شاه، غلام شاه، علي اصغر شاه، مولانا.....، اميد علي شاه ۽ مولوي محمد عاقل هميشه سندن صحبت ۾ رهندا هئا.سندن مجلس ۾ فارسي زبان ۾ گفتگو ٿيندو هو، ۽ هميشه مختلف مباحثا ڏاڍي سج ڌج سان ٿيندا رهندا هئا. انهيءَ وقت جيڪڏهن ڪو به مصرع ٺاهيندو هو، ته سڀني کي انهيءَ تي شعر ٺاهڻ جو حڪم ملندو هو. هڪ دفعي جو ذڪر ڪندي، سندن فرزند پير علي اصغر شاه، جيڪو سندن خاص مصاحب ۽ منظور نظر هوندو هو، فرمائي ٿو ته ”اسان سڀ ڀائر وٽن صبح جي سلامي ڪرڻ وياسين، پاڻ ان وقت ڪنهن خاص فڪر ۾ ويٺا هئا، اسان کي پري جهلي فرمايائون ته اسان مصرعه ٺاهيو آهي ان جو ثاني بند ٻڌايو! مان عرض ڪيو ته ارشاد ٿئي_ چيائون:
اگر شمشير در کف ان بت بيباک برخيزد
مان عرض ڪيو:
فغان از ساکنانِ عالم افلاک برخيزد
پاڻ فرط بجت کان اٿي، اڳتي وڌي، اچي ڳراٽي پائي چمي ڏنائون، ۽ انعام اڪرام ڏيئي مڪمل غزل ٺاهڻ جو حڪم ڏنائون. ٻئي ڏينهن پاڻ به غزل جوڙيائون ۽ مان به غزل ٺاهي عرض رکيو“.
شعر شاعريءَ سان ڏاڍو شغف هئن، هر وقت ڪنهن نه ڪنهن مصرعه جي ڌن ۾ رهندا هئا، ۽ جنهن جو غزل يا مصرع من کي موهيندو هئن، ان کي مالا مال ڪري ڇڏيندا هئا. هڪ دفعي چند مصاحبن سميت صحرا جي سير تي نڪتا، واٽ تي صحرا جي ڪشادگيءَ ۽ دور ديوار جي پابنديءَ کان آزاديءَ واريءَ ادا کي ڏسي چيائون:
صحرا چه خوش است که در ندارد
سندن رڪاب گير، هڪ اڻ پڙهيل، چڻنگيءَ نالي ميراثي هو، جنهن جو گهر برسات پوڻ سبب ڪري پيو هو، تنهن وراڻي ڏني:
چڻنگي چه خوش است که گهر ندارد
علي اصغر شاه چيو:
عاشق چه خوش است که سر ندارد
مولوي عاقل وراڻي ڏني ته:
مفلس چه خوش است که زر ندارد
پاڻ ڏاڍو محظوظ ٿيا ۽ چڻنگيءَ کي خزاني خاص مان جاءِ جوڙائي ڏنائون، عاقل کي خوب پيسا ڏنائون ۽ پير علي اصغر شاه کي خلعت عطا فرمايائون.
ٻئي دفعي جو ذڪر آهي، چانڊوڪي رات ۾ علمي مجلس متي پيئي هئي، چنڊ چوڏهينءَ جو پنهنجي سمورين درخشانين ۽ رعنائين سان عرش ۽ فرش جي مابين ضوفگن هو، وقت به دل لڀائيندڙ هو. پير سائينءَ جن هڪ مصرعو موزون ڪري ورتو:
خط خوبي بگرد مهه کشيده
علي اصغر شاه وراڻي ڏني:
ز چشمي ديدني گوشي شنيده
پير سائينءَ جن جي چهري ۽ اکين ۾ اهو رعب تاب ۽ آب تاب هو، جو هڪ منٽ ساندهه کين ڪوبه چتائي ڪونه ڏسي سگهندو هو. جاهه و جلال جي عجيب حالت هئي، ملاقاتي ڪنبندا وٽن ايندا هئا. خودداريءَ جي اها حالت هئي، جو لينسڊائون پل جي افتتاح وقت جيڪا گورنر پارٽي ڪئي هئي، ان ۾ جنهن وقت شراب جو دور هليو، ان وقت پير صاحب جن پنهنجو پيمانو هٿ ۾ جهلي ۽ مخالفانه انداز ۾ نهايت ڪڙڪيدار تقرير ڪئي_ جنهن جو نتيجو اهو نڪتو، جو شراب جا شيشا پيمانن سميت مجلس مان کڻائي ڇڏيائون.
سندن توڪل ۽ سخا جي اها حالت هئي، جو هڪ ڏينهن سندن توشه خاني ۾ 4 هزار نقد ۽ ٻيو اڪيچار سامان پيو هو، مگر ٻئي ڏينهن اتي هڪ ڪوڏي به ڪانه هئي، جو باورچيخاني لاءِ ڪو ڇيلو کڻي وٺن.
فنون لطيفه مان، ڪاشي گري، خوشنويسي، مصوري، خطاطيءَ ۽ نقاشيءَ سان خاص رغبت هين ۽ فرصت جي وقت کي ان ۾ صرف ڪندا هئا. مزاج ۾ سنجيدگي ۽ سختي هر وقت نمايان رهندي هئي. البته ڪڏهن ڪڏهن ظرافت کي به پسند ڪندا هئا. هڪ دفعي پالن صاحب کين چيو ته ”پير صاحب مزاج و دماغ شاهه جهان داري!“
تصنيفات مان هڪ ديوان آهي ۽ ٻيو ”صنعت چينيءَ“ تي 200 صفحن جو رسالو پير علي اصغر شاهه وٽ موجود آهي. ان کان سواءِ ٻي ڪابه تصنيف نظر ڪانه ٿي اچي. سندن شعر پختو ۽ ابراني سانچي ۾ ڍليل آهي. نمونو هن هيٺ آهي:
بازم از شور جنون عزم بيابان مي شود
وحشت انگيز از بيابان تا بلبيان مي شود
چشم مستش رخنه در دين و ايمان ميکند
غمزهء جاده فريش رهزن جان مي شود
سحرها اندر بغل دارد دو چشم مست او
هم خم زلفش کمند صد مسلمان مي شود
همچو مرغ نيم بسمل خستهء تيغ يتان
گاه افتان گاه خيزان گاه پيچان مي شود
برق مي خندد بحال گريهء ابر بهار
گريهء ابر بهار زيب بستان مي شود
اين خط مشکين که گرد عارضِ تو نقش بست
مصحف روي ترا چون خط ريحان مي شود
دل که از دام سر زلفش رهائي يافته
زود چون زلف پريرويان پريشان مي شود
قطرهء خوني دل عاشق بفيض قهر تو
از شعاع عارضت لعل بدخشان مي شود
رويء دل از جاده فرمان نبايد تافتن
بندهء خدمت نما منظور سلطان مي شود
خندها از گريه دارد پير کنعان در بغل
گنج يوسف را بکف از جور اخوان مي شود
همت اي ”مسکين“ که از فيض دعاي صبحدم
مشکلي دارم و ليکن زود آسان مي شود
ٻيو ٻه هڪ غزل ٻڌو:
ترک من تا گوشهء زرين کله را بشکند
ملک اسکندر ستاند جاه دارا بشکند
گر چنين بر گلشن و بستان نمايد جلوه اِي
غنچه را دل خون کند بازار گل را بشکند
عشق چون منصب دهد آن بوتراب و بوالحسن
پا بدوش مصطفى بنهاد بتها بشکند
پاي مجنون راه صحرا را بپيمايد ز عشق
تيشهء فرهاد آخر کوه خارا بشکند
بيقراري ها ست طوفان ديدهء يعقوب را
عشق يوسف خانهء صبر زليخا بشکند
از کمانِ مدِ ابرويش مرﱞه بر مي جهد
ناوک تير نگاه اندر دل ما بشکند
عشق تا سوزد نمي سازد به ارباب وفا
گر بود صاحبدلي تا اين معما بشکند
شاهباز لا مکان را اوجگاه ديگرت
گر بود جبريل آنجا بال پرها بشکند
جذبهء عشاق در معشوق ميدارد اثر
شوق مجنون پاي محمل را بصحرا بشکند
حيرتي دارم ز ناز دلبر عاشق فريب
وعدهء امروز را بر عيد فردا بشکند
مستيء اهل جنون از چشم ساقي دام شد
نشه ارزاني کند گر نرخ صهبا بشکند
نشکند شاخ اميدم را ز باغ مدعا
بندهء ”مسکين“ کجا فرمان آغا بشکند

پير سيد علي اصغر شاهه مدظله
60 ورهيه عمر، خميده ڪمر، وار برف جهڙا سفيد، اڳين بزرگن جي باقي اهائي هڪ علمي نشاني اسان وٽ آهي_ خدا کين سلامت رکي. شعر و شاعري، نقش نگاري ۽ تصنيف تاليف سندن محبوب مشغلو آهي. فارسيءَ ۽ عربيءَ کان سواءِ، مذهبي تعليم تي به ڪافي دسترس حاصل اٿن. سندن فارسي شعر ۾ درياه جهڙي رواني، قانع جهڙو ترنم، ۽ حافظ جهڙو رنگ جهلڪي رهيو آهي.
حاضر جوابي، بذله سنجي، ۽ في البديهه شعر گوئيءَ ۾ خاص ماڪو اٿن. هڪ دفعي جو ذڪر آهي_ پير حزب الله شاه کين طرح ڏني:

اگر شمشير در کف آن بت بيباک برخيزد
پاڻ يڪدم جواب ڏنائون:
فغان از ساکنانِ عالمِ افلاک برخيزد
ٻئي ڏينهن سمورو غزل تيار هو_ چند اشعار هي آهن:
من از آلائش چشمان اول روز دانستم
که اين طوفان رسوائي ازين نمناک برخيزد
ز گرد ره نورديها نسيم واديء ليلى
طپد درخاک و خون مجنون گريبان چاک برخيزد
علي همنام ساقي کوثر ي در محشر از فيضش
کفت را کرده در کف صاحب لولاک برخيزد
سنڌي ڪلام به چوندا آهن، مگر فارسيءَ ڏانهن، جو سندن دلي رغبت آهي، تنهنڪري گهڻو ڪري سنڌيءَ ۾ شعر ڪونه چوندا آهن. 4 ديوان فارسي زبان جي اشعارن جا جڙي ويا آهن، ان کان سواءِ چند تصنيفون نظم ۾ به ٿيون آهن، جيئن_

سلسله قادريه_
جنهن ۾ خرقهء قادريه جي عطا ٿيڻ جو احوال، ۽ حضرت علي ڪرم الله وجـﮧ کان وٺي، بزرگ محمد راشد عليـﮧ رحمـﺔ تائين جي هڪ هڪ بزرگ جو مختصر احوال ڏنل آهي. ڪتاب ۾ 3000 بيت ٿيندا_ ابتدا ۾ سنڌ جي مختصر تاريخ ۽ ان جي فتح جو ذڪر به قدري آيل آهي_ نيز ٽالپرن جا حالات به ڏنا ويا آهن. پير سائين محمد بقا جو ذڪر هن طرح ڏنل آهي:

بيا اي قدح معنيء غريب
بده ساغري خالي از حرف و عيب
شراب فشرده ز تاک خرد
که عقل و روان را بجان پرورد
ميء روح افزاي خورشيد رنگ
که دنيا ز دانش بوم کم بسنگ
تشبيب ۾ چند مصرع لکي، پوءِ هن طرح بيان ڪيو ويو آهي:

کنون حال آن سيد نامدار
کنم باد تا ماند او يادگار
جهان رهنمائي شريف النسب
سيادت نصاب و نجيب الحسب
گرامي ز آل علي و وفي
تقي ونقي و ولي و صفي__ الخ
مٿيان اشعار نمونناً ڏنل آهن، ورنه ڪتاب ۾ ته اها رواني ۽ دلڪشي آهي، جو دل گهري ٿي ته سڄو لکي ڇڏيان. بهرحال ٻيون به چند تصنيفون آهن، جن جي نالن جي يادگيري ڪانه اٿم.
پير صاحبن جي وڏي ڪتبخاني مان وڏو ذخيرو اڄ فقط وٽن ئي آهي، ٻيو ڪتبخانو ته ڪورين ۽ موچين جي ور چڙهي ويران ٿي ويو. قلمي ڪتابن جو نادر ذخيرو اڄڪلهه اهڙو ڪنهن وٽ موجود ڪونه آهي، جهڙو انهيءَ بزرگ وٽ موجود آهي.
سندن خوش نويسيءَ ۽ نقاشيءَ ۾ ايراني آرٽ جو رنگ جهلڪي رهيو آهي. نيز نثر نويسيءَ ۾ به اهو درڪ کين حاصل آهي، جو ظهوريءَ جون سڪون لهن ٿيون. حديث،فقـﮧ، سير، ۽ علم و ادب ۾ به کين وڏو وقار حاصل آهي. اڄڪلهه عمر جون آخري منزلون طيء ڪري رهيا آهن. خدا کين تا دير سلامت رکي.

پير غلام شاه مرحوم
هن بزرگ کي ”لاڙ جو لال“ سڏيو وڃي ٿو. سن شعور تائين ته پير ڳوٺ ۾ هئا، مگر پوءِ پير حزب الله شاه جي زماني ۾ تعلقي بدين جي ڳوٺ ڳولارچيءِ ۾ وڃي رهيا، جتي سندن آخري آرامگاهه اڄ تائين موجود آهي.
انگريزي، فارسي، عربي ۾ ڪافي خاصي تعليم ورتي هئائون. زباندانيءَ جي اها حالت هئي، جو مختلف ملڪن جون 10_12 ٻوليون به ڄاڻندا هئا. بحث مباحثي ۾ کين خاص مرتبو حاصل هو. سندن ڪلام سمورو سنڌيءَ ۾ آهي، ۽ اهڙو ته مٺو، سليس ۽ دل تي اثر پيدا ڪندڙ آهي، جو ٻڌڻ کان پوءِ بي اختيار ماڻهو وجد ۾ اچي وڃي ٿو.
شعر چوڻ وقت خاص ڪيفيت طاري ٿيندي هئي، ۽ ان وقت جيڪو شعر زبان مان نڪرندو هو، سو تير و نشتر جو ڪم ڪندو هو. لاڙ ملڪ ۾ سندن شعر کي اهو مرتبو حاصل آهي، جيڪو سنڌ ۾ شاه جي شعر کي. مون سندن حياتي هڪ ضخيم ڪتاب ۾ لکي آهي ۽ سندن شعر به گڏ ڪيو اٿم.
ڪلام جو نمونو هن ريت آهي:
ميها موگر مکڻيون مرٽون مانڌاڻان
کهه کوماڻان کنبيون سائون ساماڻان
ويڪر ولهارن ۾ پيڙا لس پچي
مٿئين شعر ۾ لاڙ جي انهيءَ وقت جو نظارو کينچيل آهي__ جڏهن مينهن وسڻ بعد جهنگ جهر پچي پوندو آهي، ۽ گاهه پراهه گوندرن ۾ عام جام ٿيندو آهي. مارئيءَ جا جذبات هن ريت بيان ڪيا اٿائون:
(1)
اباڻن سان عمر! ڀيڙي شال ڀڻان
موسم ٿي، مينهن اُٺا، پاڻي ٿيڙا پلر
ڏٿ ڏيهايان جو لنب لاڻان ۽ للر
لويڙهاريان سين وڃي لوءِ لڻان
ماڙيون مون نه وڻن، ور سي چونڪين چئنرا
کاڄ کٿيڙيان جو ڏيهه سندا هن ڏوئنرا
ميوا موڪ پسي، پيرن آءُ نه پڻان
اٿم آس اها الله ائين ڪري
ويندس ويڙيچن ڏي ڦوڳي ڦانڊون ڀري
ساهيڙين سان سڱر، چوليءَ پاند چڻان
زريون زربفت سندءِ، طول وهاڻان تنهنجا
هو جي آندءِ عمر سانگياڻيءَ لئي سهنجا
کهه کهنبا مون نه وڻن، ٻن تنهنجا ٻانڌڻان
گڏجي ”غلام شاه“ چئي غم گوندر سڀ لاهيان
سي شل جڳ جيئن، اَجهي جن جي آهيان
ڪوسو واءُ ڪنن، سنگهارن جو نه سڻان
(2)
مارن مان ڏي موڪليا ڏک ڏوراپا چائي الا
سانگين مان ڏي موڪليا سوين سنيها چائي
کليو ويٺينءَ کٽن تي، تون ته پر سئي ساڻ پرائي
ٿاريلن ٿر ڄائين کي ڪيئن لقب وڌو تو لائي الا
مارن مان ڏي ... .... الخ
ورڻ وس نه پنهنجي ته به رهڻ تو نه رهائي
ڪڙم اباڻي ڪيڙريءَ توکي جئڻ ڪونه جڳائي الا
مارن مان ڏي ............ الخ
گوندر پئي تو ”غلام شاه“ چوي سانگي تو سامائي
مرين ته موچاري ٿئين جيڪا ڪونڌن جا ڪنڌنائي الا
مارن مان ڏي ............ الخ
مٿين ڪافين تي غور ڪبو ته هڪ خاص درد ۽ اثر ڏسڻ ۾ ايندو، ۽ اهوئي غلام شاه جي سموري ڪلام جو حصو آهي. لاڙ ۾ ته سندس ڪلام کي ڏاڍيءَ عزت وچان ڏٺو وڃي ٿو، ماڻهو جهنگن جهرن ۾ چوندا وتن ٿا. پوئين ڪافيءَ ۾ جنهن نموني جا مارئيءَ کي مائٽن هٿان مهڻا ڏياريا ويا آهن، اهي ڪنهن به سنڌي شاعر پنهنجي ڪلام ۾ اڳ يا پوءِ ڪونه آندا آهن.
خدا کين غريق رحمت ڪري، عجيب آزاد طبيعت جا هئا، سندن سوانح جي هر هڪ پهلوءَ تي آءُ سندن لائيف ۾ پوري روشني وڌي آهي. سندن وفات 2 يا 3 ذواحج 1319هه ۾ 60 ورهيه جي ڄمار ۾ ٿي

محمد معشوق مرحوم
آه! جنهن وقت هن بزرگ جو نالو ياد پوي ٿو ته دل ڇڄي پوي ٿي. عجيب طبيعت خدا کين ڏني هئي. مان 25_1926 ۾ کين ڏٺو. ڊگهو قد، ڀريل جسم، ڪڻڪ ونون رنگ، قدري ڦڪائيءَ تي مائل، 3_4 آڱر سونهاري مينديءَ سان رتل. بودوباش قديم مگر خيالات نئين زماني جا ۽ جديد، بلڪل روشن ۽ بلند ترين.
پارسي، عربي ۽ اردو تي ڪامل عبور حاصل هين. تعليم مولانا غلام محمد صاحب ڪمالديرائي (تلميذ مولانا شهداد پوري) پٽ ورتي هيائون، جتي مخدوم ميان الهه بخش مصنف ”تذڪره مخاديم کهڙه“ ساڻن هم سبق هوندو هو. پير صاحب جن جي حالات تي هيئٺين احوال مان ڪافي روشني پوي ٿي، جيڪو سيد راشديءَ پنهنجي ”تاثرات“ ۾ بيان ڪيو آهي:
”مرحوم پير محمد معشوق جو، مسود اوراق جي جد بزرگوار رحمت اللـﮧ عليه سان دوستيءَ جو گهاٽو رستو هوندو هو، جنهن ڪري وقت بوقت اسان وٽ ايندو رهندو هو. مون کي پنهنجي ننڍڙائيءَ وارو زمانو ياد آهي، جڏهن پهريائين منهنجي سانڀر ۾ پير صاحب منهنجي ڳوٺ ۾ آيو. ان زماني ۾ کين بازن سان شڪار ڪرڻ جو شوق هوندو هو. سندس نزول اجلال هن طرح ٿيو، جو پنج اٺ ماڻهو، سندس وڏو فرزند محمد راشد ۽ هڪ ٻه باز ساڻ. سامان پراڻي دستور مطابق خرجينن ۾ بند ۽ هڪ معمولي بسترو نوڪر کي مٿن تي. اهي ماڻهو پراڻي زماني جا هئا، تنهنڪري سندن دوستي انتهائي خلوص تي مبني هوندي هئي. سنجيدگي ۽ وقار هر حالت ۾ ملحوظ خاطر، حتاڪه چرچي ۾ به سنجيدگيءَ جو پهلو نمايان رهندو هو.
”محبت ۽ سچائي گفتار خواه رفتار مان هويدا، جد بزرگوار ۽ پير ممدوح جي باهمي دوستيءَ جو پايو انهيءَ اصول تي هوندو هو ته هو ڏاڏي مرحوم کي پاڻ کان وڏو سمجهندو هو، ۽ هميشه پيار سان پيش ايندو هو“.
مٿئين ٽڪري مان پير صاحب جي بودباش ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جو پتو پوي ٿو، ۽ هيٺين ٽڪري مان سندن سيرت جو مطالعو ڪري سگهجي ٿو:
”ساري راشديه خاندان ۾ سندس جهڙو مٺو ماڻهو مون ڪونه ڏٺو. سندس وجود محبت، پيار ۽ اخلاق جو مجسمو ۽ سچائيءَ جو نمونو هو. ڪنهن به ماڻهوءَ کيس ڪاوڙبو ۽ زبان مان گندو لفظ ڪڍندو ڪونه ڏٺو يا ٻڌو. سندس پٽ گهڻيون چلولايون ڪندو هو، مگر جڏهن حد کان وڌيڪ وڌندو هو ته پير صاحب فقط هي چوندو هو ته: ‘ميان الهه ڏنه اها ڳالهه ٺهي ته نٿي.‘ بس، جيڪڏهن وٽس ڪوبه درشت جملو استعمال لاءِ هوندو هو ته اهوئي جيڪو انتهائي ڪاوڙ جي حالت ۾ زبان مان ڪڍندو هو. نوڪرن خواه پٽن کي هميشه دوستن وانگر ڀائيندو هو، پاڻ کٽ تي ويهندو هو ته نوڪر سامهون بينچ تي ويٺا يٽ شٽ هڻندا هئا. غرض ته غرور ۽ خودپنداريءَ کي ڪڏهن به ويجهو اچڻ نه ڏنائين.
”رهڻي ڪهڻي بلڪل سادي هوندي هئس، لٽا بلڪل معمولي گهر جا ڌوتل پائيندو هو. سٿڻ ننڍي، پهراڻ وڏو، ڪوٽ ڊگهو، ۽ پير ۾ سنڌي جتي ۽ مٿي تي پٽڪو __ اهو ته هئس درٻاري لباس: باقي گهر ۾ سنهي ۽ ننڍڙي صدري، گوڏ ۽ سنڌي ٽوپڙي پائيندو هو“.
آهه ڪيڏو سٺو لباس ۽ پياري پوشاڪ هئي، بلڪل سادي، بلڪل معمولي ۽ بلڪل ڪم خرچ. نه ڪوٽ نه جورابا، نه بوٽ نه بٽن ۽ نه وري قميص يا واسڪوٽ. اڳتي ٻڌو:
”دنيا ۾ جيڪڏهن ڪنهن به شيءِ جو کيس شوق هوندو هو ته اهو فقط فائونٽين قلمن جو. وٽس هڪ پراڻي زماني جو سونو قلم هوندو هو، جنهن کي سڳا ٻڌي پيو هلائيندو هو“.
پير صاحب موصوف جهڙا طبيب گهٽ ملندا، يونانيءَ سان گڏ انگريزي دوائون به استعمال ڪندو هو. کيس باقاعدي مطب هوندو هو، سوين ماڻهو روزانه شفاياب ٿيندا هئا.
پيري مريدي تمام گهڻي هئس، ملبار، نيلگري خواه ڪڇ ۾ سندس بيشمار مريد هوندا هئا، جن ڏانهن ڪڏهن ڪڏهن ويندو به هو.
علمي استعداد جي اها حالت هئي، جو سندن جهڙو فارسي، اردو ۽ سنڌي انشا پرداز سنڌ ۾ اڄ مشڪل ملندو. 1920 جو واقعو آهي__ خلافت جي هلچل هجي__ پير صاحب، پير تراب علي شاه ڏانهن ڪوئيٽا خط لکيو، جيڪو واٽ تي سنسر پڪڙي وڌو. خط فارسيءَ ۾ لکيل هو. سرڪاري ڪامورا ڊوڙي ڊوڙي بيهي رهيا، مگر خط جو مطلب ڪنهن به پروڙي ڪونه سگهيو. انهيءَ ڪري هنن سمجهيو ته ڪا وڏي سازش آهي، سو خط کي هميشه لاءِ نابود ڪري ڇڏيائون. پير صاحب تراب علي شاه جو رايو آهي ته پير صاحب کي انشا پردازيءَ ۾ ظهوريءَ جو مرتبو حاصل هو.
لکڻ تي جڏهن ويهندا هئا ته اصل ڪين ٿڪبا هئا، ڪلاڪن جا ڪلاڪ قلم وهائيندا هئا. اکر بلڪل سنها ۽ پختا هوندا هين. ڪتابن جا سخت شوقين هئا، ناولن سان ڏاڍي دل هين، مطالعي جي اها حالت هئي جو هميشه ڪتاب منهن ۾ ڏيو ويٺا هوندا هئا.
1927ع ۾ اسان وٽ آخري دفعو آيا، ان وقت مون وٽ ارشد ٿانويءَ جو ناول ”طواف زمين“ هو، جيڪو پير صاحب پڙهڻ لاءِ وٺي ويا. ان کان پوءِ پاڻ ستت وفات ڪيائين، تنهنڪري ڪتاب موٽي نه سگهيو. سندن فرزند پياري محمد راشد کان مون گهڻائي دفعا گهريو، مگر موٽائي ڪونه ڏنائين. هاڻي خيال آهي ته ”حساب ڪتاب“ واري ڏينهن، جڏهن پير صاحب سان ملاقات ٿيندي ته ساڻن اها شڪايت ضرور ڪندس. اميد اٿم ته ميان محمد راشد کي دامن مان جهلي ضرور چوندا ته ”ميان الهڏنه اها ڳالهه ٺهي ته نٿي...........“.
1927ع ۾ کين اچانڪ اسهال ٿيا ۽ پوءِ ستت ئي وفات ڪري ويا. خدا کين غريق رحمت ڪري. سندن جهڙو آزاد منش اڄڪلهه ڪونه ڏسڻ ۾ نٿو اچي.
شعر شاعريءَ سان سندن فطري انس هو، پاڻ سنڌيءَ ۾ دل تي اثر ڪندڙ ڪلام چيو اٿائين، جيڪو هڪ هنڌ جمع ٿيل ڪونه آهي. البته سندن عقيتمندن جي دل واري ڪتاب تي سو لکيل آهي. هڪ ڪافي اٿم، جا هن ريت آهي:
مٽ بويء گيسوَن جي مشڪ ختن جو ڇاهي
قامت مثل قريبن سرو چمن جو ڇاهي
بي آب ٿيا جواهر جلوو ڏسي ڏندن جو
الماس تن جي اڳيان در عدن جو ڇاهي
شفتين جي شرم کان خون ٿيو جگر شفق جو
مرجا، عقيقي، لاله، مٽ تن چپن جو ڇاهي
سيب زنخ سڄڻ جو بخشي عمر ٿو خضري
چشمه حيات مٽ تنهن چاهه ذقن جو ڇاهي
معشوق ٿئي نه ثاني سهڻو سندو خلق ۾
مٽ تنهن عجيب عربي اهل زمن جو ڇاهي

ميان محمد عاشق عليه رحمت
پير صاحب، محمد معشوق جو وڏو ڀاءُ هو__ ساڳيو ڀاءُ وارو مزاج ۽ طبيعت. شعر و شاعريءَ ۾ به هڪ ئي رنگ جهلڪي رهيو آهي. گهڻو ڪري هڪ ئي زمين تي ٻيئي ڀائر طبع آزمائي ڪندا هئا. محمد معشوق کان سندس انتقال اڳ ٿيو.

عاشق جو ڪلام
آه عجيبن جي اچڻ جي واعدي واري رات اڄ
چاه مان چشمن کي ٿي اختر شماري رات اڄ
در تڪيندي دوست لئي ٿيو آب جاري ڏنهن اکين
انتظاري، بيقراري، آهه زاري رات اڄ
بسترا مخمل ٿي ڀانيان خار مانند يار ري
خواب خور خوش نا لڳي ٻي دلفگاري رات اڄ
رات روئندي وئي سڄي هئه ڪونه موٽيو مهه مثال
هئه نصيبا، قسمتا، ڀانيان ڪارزاري رات اڄ
اي فلڪ فوجان فراقن جون ڦٽين تي تون نه چاڙهه
ساهه سورن منجهه سڙي، ڀانيان درد ساري رات اڄ
ناگهان اڄ نصف شب ۾ ٿيو هويدا مـﮧ روش
عاشقا! مونس آيو ٿي خوش گذاري رات اڄ

[”ستاره سنڌ“، بهار نمبر 1936ع]

شاه ڀٽائي (رحه) ڪافيءَ جو موجد نه آهي!

سنڌي ادب جا تقريباً سڀئي محقق، اڄ تائين، هن ئي خيال جا آهن ته ڪافيءَ جو موجد حضرت شاه صاحب آهي، ۽ هن ئي سڀ کان پهريون سنڌي ادب ۾ ”وائي“ جي نالي سان ڪافيءَ جي صنف کي داخل ڪيو. ڪلهوڙن جي آخري دﺆر ۾ ڪافي مقبول ٿي ۽ عام شاعرن انهيءَ ميدان ۾ طبع آزمائي ڪئي. انهيءَ خيال تي قائم رهڻ ۾ سنڌ جا اديب هڪ حد تائين حق بجانب آهن، ڇاڪاڻ ته شاه صاحب کان پهرين جي ڪنهن به شاعر جي ڪلام ۾ وائيءَ يا ڪافيءَ جو نشان ڪونه مليو آهي. دودي چنيسر جي فرضي شعرن کان وٺي، قاضي قاضن ۽ شاه ڪريم جي مختصر ڪلام تائين اسان کي فقط ڏوهيڙن جو سراغ مليو آهي: ڪافيءَ ياڪنهن به ٻيءَ صنف جو ڪوبه نمونو ملي ڪونه سگهيو آهي، جنهن مان سنڌي شعر جي همه گيريءَ جو اندازو لڳائي سگهجي.
سنڌي شعر جي وجود جو هونءَ ته اسان کي اڄ کان 12 سئو ورهيه کن اڳ پتو پوي ٿو ۽ اهو به سنڌ جي ڪتابي ذخيري مان نه، بلڪ عربي ۽ فارسي تاريخن جي طفيل. هارون الرشيد جي برمڪي وزيرن جي داد و دهش ۽ علم نوازيءَ کان ڪير واقف نه هوندو. وزير فضل بن يحى برمڪيءَ جي درٻار ۾ هڪ سنڌي شاعر پهچي هيٺيون شعر پڙهي ٿو:
اره بره کنکره کراکري مندره
انهيءَ وزير جي وزارت جو زمانو 180هه کان 193هه تائين آهي، گويا اهو شعر اڄ کان تقريباً 12 سئو ورهيه اڳ جو آهي.
عربي ۽ فارسي تاريخن انهيءَ شعر جي زبان اهڙيءَ طرح بگاڙي ڇڏي آهي، جو اڄ ان جي صورت سڃاڻڻ به مشڪل پئي لڳي. تاريخ ۾ ان شعر جي معنى هن طرح لکيل آهي:
”جڏهن اسان جي ملڪ ۾ داد و عيش ۽ جود و سخا جو ذڪر نڪرندو آهي، ان وقت فقط تنهنجو ئي نالو ورتو ويندو آهي.“
سومرن جي دﺆر ۾ دودي چنيسر جي قصي جا بيت ملن ٿا، جيتوڻيڪ انهن جي تحقيق نه ٿي سگهي آهي ته انهيءَ زماني جا آهن يا پوءِ ڪنهن سگهڙ انهن کي تصنيف ڪيو آهي. البته جيڪو قصو بيان ڪيو ويو آهي سو تاريخي لحاظ سان گهڻيءَ حد تائين فرضي آهي.
سمن جي دﺆر ۾ سنڌي شاعريءَ جا گهڻائي شواهد موجود آهن، جيئن ته شيخ حماد جماليءَ جي شاعري، شيخ اسحاق آهنگر جا ڏوهيڙا، ماموئيءَ جا ست شعر، مخدوم احمد ڀٽيءَ جو ڪنهن شاعر جا سنڌي بيت ٻڌي ساهه ڏيڻ، ۽ آخر ۾ قاضي قاضن جا 7 شعر.
سمن جي اختتام ۽ ارغونن جي آمد تائينءَ جي انهيءَ مختصر ادبي سرمايي تي، جيڪو ڪنهن به خاص ڪوشش کان سواءِ، اسان کي محض اتفاقي طرح نصيب ٿيو آهي، جيڪڏهن نظر ڪبي، ته فني خواهه لساني لحاظ سان هي يقين ٿئي ٿو ته سنڌ جي شاعريءَ جا اهي ابتدائي نمونا نه آهن، بلڪ هر لحاظ سان اهي اشعار ترقي يافته آهن، زبان بلڪل شسته ۽ شائسته آهي، جن جي لحاظ سان به منجهن ڪا خاص خامي ڪانه آهي: جيڪڏهن اسان فارسيءَ ۽ اردوءَ جي شعر جا ابتدائي نمونا ڏسنداسين ته اسان کي تصديق ٿيندي ته ڪنهن به زبان جو ابتدائي شعر انهيءَ حد تائين پنهنجي پهرينءَ تشڪيل ۾ نفيس ۽ دلڪش نه ٿيندو آهي. جيڪو شعر آءُ 12 صدين اڳ جو مٿي پيش ڪري چڪو آهيان، تنهن جي زبان اگرچه غير مانوس لڳي ٿي، ليڪن ان ۾ لساني رواني، ڪافيه ۽ رديف جي پابندي تمام بهتر نموني سان ڪئي ويئي آهي.
انهيءَ مان منهنجي مراد اها آهي ته سنڌي شعر تمام قديم آهي، ۽ قاضي قاضن جي زماني کان گهڻو اڳ ترقي ڪري چڪو هو، ۽ اهو پڻ خيال آهي ته شعر جون ڏوهيڙن کان سواءِ ٻيون به ڪي صنفون ايجاد ٿي چڪيون هيون، ليڪن چونڪ ڪتابي سرمايو مسدود، ڪوشش ڪمزور، ۽ مطالعو فقط سنڌي زبان تائين محدود رهيو آهي؛ تنهنڪري انهيءَ ڏس ۾ اسان کي جيڪي ڪجهه ڪرڻ کپندو هو، سو ڪونه ڪري سگهيا آهيون: ورنه اسان کي گهڻوئي ڪجهه ملي وڃي ها، ۽ لساني خواه ادبي تحقيقات جي لاءِ اسان اڳيان نيون نيون راهون ۽ جدا جدا رستا کلي وڃن ها.
اسان جيڪڏهن فقط پنهنجي ملڪ ۾ ئي، سنڌ جي ڪتبخانن ۽ خاندانن جي قديم ذخيرن جي دل لڳائي ڇنڊڇاڻ ڪريون ها، ته ”همت مردان مدد خدا“، اسان جي جهولي خالي اصل نه رهي ها ۽ ضرور ڪي نه ڪي ادبي اجزا اسان کي اهڙا ملي وڃن ها، جيڪي اسان جي ٽٽل ادبي ڪڙين کي ڳنڍڻ جو ڪم ڏين ها.
همت هاري، حوصلو ڇڏي، دلگير ۽ دل هير ٿي، اسان کي جيڪي اتفاقي شيون هٿ آيون آهن، اڄ تائين فقط انهن تي اعتبار ڪريو، پنهنجي ادبي تحقيق ۽ تلاش جو مدار رکيو، ويٺا رڳو ڏڌ ولوڙيون؛ انهيءَ ئي ڪم همتيءَ ۽ سست رويءَ جو ڪارڻ آهي، جو اسان حضرت شاه صاحب ڀٽائيءَ کي ئي پنهنجي ادب جو بنيادي ستون بڻائي، ان جي پيا پرستش ڪريون، ۽ 1165هه کان اڳ جي 11 صدي جي سڀني سنڌي ادب جي خدمت گذارن کي وساري ۽ ميساري ويٺا آهيون. اسان جي چشم پوشيءَ ۽ روگردانيءَ جي اها حالت آهي، جو خود قاضي قاضن کان وٺي شاه سڳوري تائين، جن متعدد شاعرن جو ڪلام اسان جي هٿ آيو آهي، ان تي به جيڪو توجهه ڏيڻ کپندو هو، سو ڪونه ڏيئي سگهيا آهيو، حالانڪ خود شاه جي ئي زماني جو سنڌ جو عظيم ترين شاعر شاه عنايت صوفي به اسان جي توجهه ۽ ياد جو مستحق نه رهيو آهي. جيستائين منهنجو مطالعو آهي، اِهو شاعر، يا خود شاه ڪريم يا انهيءَ دﺆر جا ٻيا شاعر، نه رڳو فني ۽ لساني لحاظ سان شاه صاحب جي همسري ڪري سگهن ٿا، بلڪ خود تصوف جي ميدان ۾ به اوليت جو شرف انهن کي حاصل آهي.
خود شاه صاحب جي ذات والا صفات تي جيڪا چند سالن کان اسان جي اديبن ۽ عالمن جي ڌماچوڪڙي ۽ وٺ پڪڙ ٿي آهي، سا به محض سطحي، سرسري، ۽ عاميانه انداز ۾. انهيءَ سموري تنقيدي، تحقيقي، ۽ تعريفي انبار کي جيڪڏهن يڪجاءِ ڪري، پوءِ مطالعو ڪجي، ته معلوم ٿي ويندو ته سواءِ تڪرار ۽ هڪ ئي ڳالهه کي باربار دهرائڻ جي ڪابه مختلف ۽ انوکي يا اڇوتي ڳالهه نظر ڪانه ايندي. شاه صوفين جو سرتاج هو، شاه قومي شاعر هو، شاه راڳ جو ماهر هو، شاه محب وطن هو، شاه ڪانگريسي هو، شاه مسلم ليگي هو، شاه رومي هو، شاه گوئٽي هو، شاه هير کي پيش ڪيو آهي، شاه مارئيءَ کي زنده ڪيو آهي، الغرض شاه هر دور جي دوا آهي ۽ شاه هر مرض جو علاج آهي، مطلب ته جيڪا ڪار غالب ۽ اقبال سان ٿي آهي سا ويڌن اسان حضرت شاه صاحب سان ڪئي آهي.
اسان پنهنجي فطري عقيدتمنديءَ سبب شاه جي تعريف ۾ سڀڪجهه چئي ويا آهيون، ليڪن هن لحاظ سان ڪڏهن به اسان نگاهه ڪانه ڪئي آهي ته شاه جي پيدا ڪيل ادب ۾ علمي، ادبي، لساني ۽ فني خوبيون ڪهڙيون ڪهڙيون آهن، ۽ ٻين زبانن جي ادب ۽ شاه جي ادب جي وچ ۾ ڪهڙيون امتيازي خوبيون ۽ خصوصيتون آهن، ۽ شاه ادب ۾ ڪهڙيون نيون شيون پيدا ڪيون آهن، جيڪي ٻين زبانن جي ادب کان اسان جي ادب جو شان دوبالا ڪن ٿيون.
منهنجو خيال هي آهي ته شاه تي لکندڙن جي اڳيان چونڪه ٻين زبانن جو ادب ڪونه آهي، يا ته هو پڙهن نٿا يا ان تي کين دسترس ڪونه آهي، جنهنڪري تقابل ڪري ڪونه ٿا سگهن. جيڪي لکن ٿا سو رڳو قصيده خواني ٿيو پوي، جنهن مان اسان جي علمي خواهه تحقيقي سرمايي ۾ ڪوبه اضافو ڪونه ٿو ٿئي، ۽ خود شاه جي ادب جو اصلي مقام، خوبيون ۽ خصوصيتون به اسان جي نظر کان اڄ تائين پوشيده رهجي ويون آهن.
مطالعي جي افلاسي تحقيق ۽ اُن جي ڪوتاهيءَ ڪارڻ ۽ نيازمنديءَ جي وهڪري ۾ وهي، اسان هر ادبي ايجاد کي هن وقت تائين شاه صاحب ڏانهن منسوب ڪندا رهيا آهيون، چنانچه آءُ جيئن مٿي ٻڌائي چڪو آهيان ته ڪافيءَ جي صنف جو ايجاد به شاه جي دامن سا ڳنڍيون ٿا، حالانڪ اهو شاه صاحب تي سراسر الزام ۽ بهتان آهي، جيئن ته منهنجي تحقيق آهي ته ’ڪافي‘ سنڌ ۾ شاه جي پيدا ٿيڻ کان تقريباً ڏيڍ سـﺆ ورهيه کن اڳ نه فقط ايجاد ٿيل هئي، بلڪ مقبول ۽ عام هئي. انهيءَ صنف تي ’ڪافيءَ‘ جو نالو به انهيءَ ئي زماني ۾ هو.
شاه صاحب جو تولد 1102هه ۾ ٿيو ۽ سندس وفات 1165هه ۾ ٿي. سندس زماني کان تقريباً ڏيڍ صدي اڳ پاٽ جي ويٺل هڪ صوفي بزرگ شيخ لادجيو سنڌيءَ جو پتو پوي ٿو، جيڪو ڪافيون ڳائيندو هو.
اوهان کي معلوم آهي ته پاٽ سنڌ جو قديم شهر آهي. اسان جي سياسي ۽ ادبي تاريخ جاڪيترا واقعا ساڻس منسوب آهن. سمن، ارغونن ۽ مغلن جا ڪيئي معرڪا انهيءَ شهر جي پسگردائيءَ ۾ ٿيا. سنڌ جي قسمت جا ڪيترا فيصلا انهيءَ سرزمين تي وقوع ۾ آيا. همايون بادشاهه، اڪبر اعظم جي والده حميده بانو بيگم سان شب عروسي انهيءَ شهر ۾ ماڻي. سياسي واقعن کان سواءِ خود علمي ۽ ادبي خواهه روحاني سلسلي ۾ به انهيءَ شهر جي مردم خيز خطي ڪيترا بزرگ پيدا ڪيا، جن نه فقط پنهنجي ملڪ ۾ بلڪ ان کان ٻاهر نڪري به نالو پيدا ڪيو، جيڪي اڄ جيتوڻيڪ اسان جي اسلاف فراموشيءَ واري عادت سبب اسان کي ياد ڪونه آهن، ليڪن تاريخ، سوانح ۽ ادب جي ڪتابن ۾ پنهنجي زرين ڪارنامن سبب زنده آهن ۽ هميشه زنده رهندا.
پاٽ جو بزرگ حضرت قاسم ابن يوسف سنڌي، شيخ طاهر محدث سنڌي، شيخ مبارڪ سنڌي ۽ حضرت مسيح الاوليا شيخ عيسى جندالله شطاري اگرچه اوهان جي نظرن کان پوشيده آهن، ليڪن علمي ۽ روحاني ميدان جا مسافر انهن کان واقف ۽ انهن جي سهڻن ۽ سونهري ڪارنامن کان آشنا آهن.
جنهن ”ڪافي دان“ بزرگ جو نالو مون ورتو آهي، سو به انهيءَ شهر جو باشندو ۽ مٿي ذڪر ڪيل بزرگن جو صحبتي، ساٿي ۽ سنگتي هو. همايون جڏهن شيرخان لوڌيءَ کان شڪست کائي سنڌ ۾ آيو ۽ هتي اچي ڊڪ ڊوڙ مچايائين، تڏهن سنڌ جا ڪيترا درويش، صوفي، اوليا ۽ امن پسند اديب ۽ عالم انتشار ۽ بد امنيءَ سبب هتان لڏي، ٻاهرين ملڪن ڏي هليا ويا. پاٽ جي بزرگن به گجرات، دکن ۽ برهانپور طرف رخ رکيو، چنانچه سڀ کان اول حضرت قاسم، شيخ طاهر محدث ۽ سندن خاندان جي ٻين ماڻهن پنهنجي وطن کي خيرباد چيو، جنهن کان پوءِ انهن جي ڪيترن مريدن، معتقدن ۽ شاگردن خواهه سنگتين ۽ ساٿين، انهن جي ڪشش ۽ قرب ڪارڻ، ديس ڇڏي پرديس اختيار ڪيو ۽ سڀئي وڃي برهانپور ۾ گڏ ٿيا.
انهن سنڌي بزرگن پنهنجي روحاني ۽ علمي قوت جي آڌار تي، اتي وڃي ايڏو وڏو اثر پيدا ڪيو، جو برهانپور جي حاڪم کان وٺي ادنى عوام تائين اُتي سندن معتقد ۽ مريد ٿي پيا. انهن بزرگن جي طفيل اڄ تائين برهانپور ۾ ”سنڌي پوري“ جو محلو آباد آهي ۽ اڄ به سندن معتقد اتي موجود آهن.
روحاني رهاڻ سان گڏ انهن بزرگن علم ۽ ادب جي مسند کي به وڃي آراسته پيراسته ڪيو، چنانچه حضرت قاسم سنڌي، شيخ طاهر محدث، حضرت مسيح الاوليا ۽ بابا فتح محمد سوين ڪتاب عربي ۽ فارسيءَ ۾ مذهبي علومن جي هر شاخ ۾ لکيا.
خود سنڌي ادب جو به چرچو وڃي پرديس ۾ پيدا ڪيائون. شيخ قاسم پاڻ سنڌيءَ جو زبردست شاعر هو، ۽ سندس اولاد مان حضرت مسيح الاولياءَ ۽ اُن جي فرزند رشيد حضرت بابافتح محمد جي به پنهنجي وطني ادب سان بيپناهه دلچسپي هئي. شيخ محمد قاسم جو انتقال 981هه ۾ ٿيو، گويا قاضي قاضن جي دﺆر جي ٻئي به هڪ سنڌي شاعر جو اسان جي ادبي تاريخ ۾ اضافو ٿئي ٿو.
انهن بزرگن سنڌي راڳ کي به فروغ ڏنو، ۽ برهانپور ۾ هميشه راڳ روپ جون مجلسون ڪندا رهندا هئا. انهن ئي مجلسن جو مور شيخ لاد جيو هوندو هو، ۽ ان جي ئي دم خم سان انهيءَ قسم جون مجلسون اُتي آباد رهنديون هيون.
”تذڪرة الابرار“ جو مصنف غوثي لکي ٿو ته ”شيخ لاد جيو حسن صورت ۽ حسن سيرت سان گڏ، خوش گلوئيءَ جي نعمت عظمى سان به مالامال هو، نغمه سنجي ۽ نغمه نوازي سندس رات ڏينهن جو شعار هو، سنڌي ڪافيون اهڙي درد ۽ سوز سان آلاپيندو هو، جو نه فقط پاڻ مست ٿي ويندو هو، بلڪ ٻڌندڙ به محو ۽ مسحوز ٿي ويندا هئا.“
اوهان کي اهو ياد رکڻ کپي ته ٻڌندڙن ۾ فقط سندن بزرگ نه هئا، بلڪ انهن مجلسن ۾ برهانپور ۽ ان جي اطراف جا معتقد ۽ مريد به شامل ٿيندا هئا، ۽ انهن غير سنڌي سامعين تي به سنڌ جو دلنواز نغمو اثر انداز ٿيندو هو، ۽ کين مست ڪري ڇڏيندو هو.
انهن مجلسن جي ڪشش ايتري قوي ۽ کنچاوٽ انهيءَ حد تائين مضبوط هئي، جو جيڪو هڪ دفعو ان ۾ شريڪ ٿيو، سو بار بار شريڪ ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو هو. برهانپور جي فاروقي حڪمران محمد شاه هڪ سنڌي بزرگ شيخ مبارڪ کي برهانپور کان ٻاهر قاضي القضاة جو عهدو ڏيئي اماڻيو، هو بزرگ جلدئي انهيءَ عهدي تان ان ڪري استعفا ڏيئي برهانپور موٽي آيو، جو اتي کيس اهي صحبتون نصيب نه هيون ۽ شيخ لاد جيو جا سنڌي نغما ميسر ٿي ڪونه ٿي سگهيا.
شيخ لادجيو جي وفات ستر ورهيه جي ڄمار ۾ 1007هه ۾ ٿي. انهيءَ حساب سان هن جو تولد 930هه ۾ ٿيو هوندو. اهو زمانو قاضي قاضن جو آهي جنهن جا فقط 7 ڏوهيڙا اسان کي مليا آهن ۽ شاه صاحب جي دﺆر کان پوڻين ٻن صدين اڳ جو اهو قصو آهي.
تذڪره نگار، غوثي، اهو پڻ ڄاڻائي ٿو ته ’ڪافي‘ سنڌ جو مقبول ترين راڳ آهي.
مٿين حقيقت اسان کي هيٺين نتيجن تي پهچائي ٿي__

(1) شاه ’ڪافيءَ‘ جو موجد نه آهي، بلڪ کانئس تقريباً ٻه صديون اڳ سنڌي ادب ۾ ’ڪافي‘ نه فقط موجود هئي، ليڪن مقبول عام هئي.
(2) شاه کان ٻه سـﺆ ورهيه اڳ ڪيئي ڪافي گو شاعر پيدا ٿيا هوندا، جن جون ڪافيون شيخ لادجيو چوندو هو. ظاهر آهي ته هڪ ئي شاعر جو ڪلام باربار ڪونه ڳايو ويندو هوندو.
(3) انهيءَ لحاظ مان هن شڪ جي ڪافي گنجائش موجود آهي، ته قاضي قاضن ۽ انهيءَ دﺆر جي ٻين شاعرن به ڪافيءَ جي ميدان ۾ طبع آزمائي ڪئي هوندي، ليڪن اسان جو اهو سڄو ادبي ترڪ غالباً سمن، ارغونن، همايون ۽ ان کان پوءِ ترخانن ۽ مغلن جي مسلسل انتشار ۽ ڪشاڪش ۾ برباد ٿي ويو ۽ شايد بچيل سچيل پس انداز وري نور محمد ڪلهوڙي جي ڪتبخاني سان گڏ نادر شاه ايران ڏانهن کڻي هليو ويو.
(4) ڪافي، ڪافيءَ جي نالي سان، شاه کان ٻه صديون اڳ ئي مشهور هئي. معلوم نه آهي ته شاه صاحب انهيءَ صنف تي وائيءَ جو نالو ڇو وڌو، ان جا اسباب تحقيق طلب آهن.
(5) سنڌي راڳ خواهه زبان ۾ ايتري ڪشش ۽ ميٺاج هو، جنهن برهانپور جهڙي وسطي هند جي دور افتاده ٽڪري ۾ انهن جي باشندن کي به ان سان مانوس ڪري ڇڏيو، جنهن جو ڪوبه تعلق براه راست سنڌ ۽ سنڌي زبان سان ڪونه هو ۽ نه ڪا آمدرفت هئي.
اسان کي سنڌي زبان ۽ ان جي ادب جي تحقيق ڪرڻ گهرجي: اهو قاعدو ڪليه آهي ته جنهن قوم کي زبان ڪانه آهي، اها قوم نه آهي، ۽ جنهن زبان کي تاريخ نه آهي، اُها زبان زبان نه آهي. اسان تي فرض آهي ته پنهنجي زبان ۽ ان جي ادب جو ذخيرو گڏ ڪريون، ان جي ڇنڊڇاڻ ڪري صدين جو جيڪو گرد و غبار مٿس پئجي ويو آهي ان کي لاهي، صاف ڪري، تحقيق جا رستا کوليون.
جيڪڏهن اسان ڪوشش، تجسس ۽ تلاش شروع ڪئي، ته خود سنڌ جي سرزمين ئي ڪيترا اڻ لڀ امل ماڻڪ اسان جي جهوليءَ ۾ وجهندي.

[”نئين زندگي“، 3_ 1953ع]

سنڌي زبان جا قديم شاعر

سنڌي نظم خواه نثر جي تاريخ اڄ تائين نامڪمل آهي. صدين جي ادبي سرمايي ضايع ٿي وڃڻ ڪري اسان کي اڃا تائين اها سڌ ڪانه پئجي سگهي آهي ته سنڌي زبان جو پهريون شاعر ڪير هو ۽ نه پاڻ کي اها خبر اٿئون ته پهريون نثر نويس ڪهڙو بزرگ ٿيو. قاضي قاضن ۽ شاه ڪريم کان مٿين صدين جو نه ڪو شاعر ملي سگهيو آهي، ۽ نه وري شعر جو ڪو نمونو ئي حاصل ٿيو آهي، جنهن مان سنڌي شاعريءَ جي ارتقا جو پتو پئجي سگهي.
قاضي قاضن يا شاه ڪريم جا ڏوهيڙا ڏهين صدي هجريءَ جا آهن، ۽ ايترو ته ترقي يافته آهن، جو اسان انهن کي سنڌي شعر جو ابتدائي نمونو ڪوٺي نٿا سگهون. اهي ايترو سهڻا پخته وزن ۽ معنى تي بيٺل آهن، جو انهن ۽ شاه جي بيتن ۾ ڪو به فرق معلوم ڪونه ٿو ٿئي. تحفـﺔ الڪرام خواه ٻين ڪتابن مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته قاضي قاضن ۽ شاه ڪريم جي دور ۾ اگرچه ترخاني ۽ ارغوني حڪومت ڪري دربار خواه اعلى طبقي جي زبان فارسي هئي، ۽ عام لکپڙهه پڻ فارسيءَ ۾ ٿيندي هئي، تاهم عوام جي زبان سنڌي هئي. صوفين ۽ سالڪن، خانقاهن جي مالڪن ۽ سجاده نشينن، عوام تائين پنهنجي تعليمات کي پهچائڻ لاءِ فارسيءَ جو نه، بلڪ سنڌيءَ جو ذريعو اختيار ڪيو، ۽ انهيءَ ڏهين صديءَ واري دور ۾ سنڌي زبان جا ڪئين شاعر هئا، جن پنهنجي تعليمات کي سنڌي بيتن جي ذريعي عوام ۾ ڦهلايو. نه فقط بيت سنڌي زبان ۾ چيا ويا بلڪ ڪافيون پڻ تصنيف ڪيون ويون، جيڪي خانقاهن اندر سماع جي مجلس ۾ ڳايون وينديون هيون (ڏسو ”مهراڻ جون موجون“). ”تحفـﺔ الڪرام“ قاضي قاضن واري دور جي ڪيترن سنڌي شاعرن جا نالا ڏنا آهن، ۽ خود انهيءَ دور کان 150 ورهيه کن اڳ جي هڪ صوفي شاعر شيخ حماد جماليءَ جو پڻ نالو آندو اٿائين. انهن سڀني حقيقتن مان اسان کي يقين ٿئي ٿو ته سنڌي شاعريءَ جي ابتدا ڪئين صديون آڳاٽو ٿي هوندي ۽ 10 صدي کان اڳ ئي سنڌي شاعري پنهنجون ارتقائي منزلون طيءِ ڪري چڪي هوندي.
سنڌ جا جيڪي عشقيـﮧ قصا آهن، مثلاً سسئي پنهون، عمر مارئي ۽ ليلا چنيسر وغيره، انهن جي سلسلي ۾ پڻ اڄ تائين اسان جو اهو گمان بلڪ يقين رهيو آهي ته انهن کي سڀ کان پهريون شاه عبداللطيف 12 صديءَ هجريءَ ۾ سنڌي نظم ۾ آندو، ۽ انهن مان حقيقت جا راز، ۽ حب الوطنيءَ جا جذبات آشڪار ڪيائين. ليڪن ”تحفـﺔ الڪرام“، جيڪو شاه جي وفات کان 23 ورهيه پوءِ لکيو ويو آهي ۽ جنهن جو مصنف شاه جي وفات (1165هه) وقت 25 ورهين جو عالم فاضل نوجوان هو، ان جي لفظن تي ڪنهن به غور و فڪر ڪونه ڪيو آهي. ان جي لکڻ مان صاف ظاهر آهي ته اهي قصا سنڌ جي سرزمين تي صدين کان مشهور آهن ۽ صدين کان ئي سنڌ جي سالڪن منجهانئن مجاز جا پردا کولي، حقيقت جا راز ۽ رمزون سنڌي نظم ۾ بيان ڪيا آهن؛ ۽ وجد ۽ سماع جي مجلسن ۾ انهن ئي قصن مان سلوڪ جا صاحب وجد ۽ حال جو مزو ماڻيندا رهيا آهن. اهي قصا ايترو ته مقبول هئا، جو شاه جي تولد ٿيڻ کان هڪ صدي اڳ فارسي مثنوين ۾ پڻ اچي ويا هئا. جڏهن سنڌي نظم ۾ اچي چڪا هئا، تڏهن ته فارسي شاعرن پڻ انهن ڏي توجه ڪيو! انهن قصن متعلق ”تحفـﺔ الڪرام“ جا لفظ هن طرح آهن:

سسئي پنهون:
”بني اميه جي گورنرن جي دور ۾ بنڀور راءِ نالي هڪ راجا ڀنڀور شهر تي، جيڪو سندس نالي پٺيان ٻڌو ويو هو، راڄ ڪندو هو. انهيءَ جي ڏينهن ۾ سسئي پنهونءَ جي عشق جو واقعو ٿيو.“ گويا عشق ۽ محبت جو اهو عظيم داستان 133هه کان اڳ مرتب ٿيو هوندو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ سال تائين بني امين جو سنڌ تي راڄ هو. مير قانع انهيءَ قصي جي سلسلي ۾، سنڌي نظم متعلق جيڪي لفظ لکيا آهن سي غور جي قابل آهن. لکي ٿو: ”انهيءَ وقت کان وٺي هي عجيب قصو عام ماڻهن جي زبان تي جاري آهي؛ ۽ حال ۽ قال جا صاحب هي احوال انهيءَ عاشق ۽ معشوق جي واتان، جن مان هرهڪ درحقيقت عاشق به هو ۽ معشوق به، سنڌي بيتن ۾ ’حسيني‘ سر به ڳائيندا آهن، ۽ انهيءَ مجاز مان حقيقت جو رستو ڳوليندا ۽ لهندا آهن. مطلب ته انهن ٻن واصلن جي تاثير سان وجد ۽ سماع وارن کي عجيب حالت پيدا ٿيندي آهي“(66).
جيڪڏهن فقط شاه ان قصي کي بيان ڪيو هجي ها، ته ضرور ان ڏي اشارو ڏئي ها، يا ڪنهن هڪ شاعر ان کي نظم ڪيو هجي ها ته ان جو نالو ڏئي ها، جيئن فارسيءَ ۾ ان قصي جي لکندڙ مير معصوم جو نالو، جنهن 1010هه کان اڳ ان قصي تي مثنوي لکي، ڄاڻايو اٿائين: پر سندس مٿئين لکڻ مان صاف ظاهر آهي ته قديم الايام کان اهو قصو سنڌي نظم ۾ اچي چڪو هو ۽ وجد ۽ سماع جي مجلسن ۾ ڳايو ويندو هو؛ ۽ هڪ کان وڌيڪ شاعرن انهيءَ کي سنڌي نظم ۾ قلمبند ڪيو هو!

سورٺ:
راءِ ڏياج جو قصو لکندي چوي ٿو ته: ”خاص سورٺ جي سر ۾ [هيءُ قصو] حال جي صاحبن جو هوش ڦري وٺندو آهي“(77).

عمر مارئي:
سومرن جي حاڪم عمر جو اهو قصو آهي جيڪو 8 صدي هجريءَ ڌاري ٿي گذريو آهي.انهيءَ قصي جي سلسلي ۾ مير قانع لکي ٿو: ”مارئيءَ ۽ عمر جي ڳالهه سنڌي زبان ۾ منظوم ۽ مشهور آهي، ۽ حال جا صاحب مخصوص سر ۾ جوڙي ترانن ۾ ڳائيندا آهن ۽ انهيءَ مجاز مان حقيقت جو رستو لهي، وجد ۽ حال پرائيندا آهن؛ ظاهر پرستن تي پڻ انهيءَ جي سر، عشق جي صدا، ۽ ولولي مان تاثير ٿيندو آهي“(103).
ان مان صاف ظاهر آهي ته نه فقط اهو قصو شاه کان اڳ منظوم ٿي چڪو هو، بلڪ ڪيترن ئي حال جي صاحبن ان کي خاص سر ۾ جوڙيو، يعني نظم ڪيو هو، ۽ اُهو سنڌي ترانن ۾ ڳايو ويندو هو.

مومل مينڌرو:
هي قصو همير سومري جي زماني جو آهي، جيڪو، بقول ”تحفـﺔ الڪرام“، سومرن جو آخري بادشاه هو. مير مرحوم ان قصي لاءِ لکي ٿو ته: ”هي احوال سنڌي بيتن ۾ مشهور سر ۾ ڳائيندا آهن، ۽ حال جا صاحب هن مجاز مان حقيقت جو پتو معلوم ڪري، پنهنجو شوق ۽ جذبو وڌائيندا آهن“(108).
سندس مٿئين لکڻ مان پڻ اهو ظاهر آهي ته هن مخصوص سر جا بيت به زماني کان وٺي ڳائبا ٿي آيا ۽ اهو قصو متعدد شاعرن سنڌيءَ ۾ نظم ڪيو.

ليلا چنيسر جو واقعو پڻ قديم قصن مان آهي. قصي جي بيان ڪرڻ بعد قانع لکي ٿو ته: ”حال جي صاحبن هن احوال کي سنڌيءَ جي هڪ سر ۾ ٻڌو آهي، جنهن جي ٻڌڻ سان مٿن عجيب حالت پيدا ٿيندي آهي“(12). گويا ڪيترن ”حال جي صاحبن“ انهيءَ قصي کي به سنڌيءَ ۾ نظم ڪيو هو. هن قصي کي به 11 صديءَ جي شروع ڏهاڪي ۾ ادراڪي بيگلاريءَ فارسيءَ ۾ نظم ڪيو. مير قانع سندس نالو انهيءَ سلسلي ۾ کيون آهي. جيڪڏهن انهيءَ قصي جو سنڌي نظم ڪندڙ به ڪو هڪ يا ٻه شاعر هجن ها ته ضرور انهن جو نالو به آڻي ها. خود شاه جو نالو به ڪونه ڏنو اٿائين، جنهن مان ظاهر آهي ته شاه کان اڳي ئي ڪيترن سنڌي شاعرن ان کي نظم ڪيو __ ڪنهن جا نالا قانع لکي ڪنهن جا لکي!

نوري ۽ ڄام تماچي:
هي قصو سمن جي دور جو آهي. انهيءَ قصي جي سلسلي ۾ مير قانع هي لفظ لکي ٿو: ”ڄام تماچيءَ جي ساڻس (يعني نوريءَ سان) عشق ۽ بيقراريءَ جو قصو، سنڌي زبان جي بيتن ۾ هڪ خاص سر ۾ مشهور آهي“(29). انهيءَ عبارت مان پڻ ساڳئي نتيجي تي پهچجي ٿو.
مٿئين سڄي مذڪور مان مجموعي طرح اسان هن نتيجي تي پهچون ٿا ته سنڌي نظم، بيت، ڏوهيڙا ۽ ڪافيون، قاضي قاضن کان صديون اڳ سنڌ اندر چيا ٿي ويا. نه قاضي قاضن ئي سنڌ جو پهريون سنڌي شاعر آهي ۽ نه شاه عبداللطيف ئي ڪافيءَ جو موجد ۽ سنڌ جي عشقيـﮧ قصن کي سڀ کان پهريون نظم ڪندڙ آهي. بلڪ ائين چوڻ مناسب ٿيندو ته شاه جي دور ۾ اهي قصا سنڌي نظم ۾ ايترو ته مشهور ۽ حال ۽ وجد آڻيندڙ هئا، جو شاه کي خود انهن قصن کي نظم ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيو.
8 صديءَ کان وٺي 12 صديءَ هجريءَ تائين جن سنڌي شاعرن جو ذڪر مير قانع تحفـﺔ الڪرام (1188هه) ۾ اتفاقاً آندو آهي، اسان هن هيٺ انهن جو احوال ترتيبوار يڪجا ڏيون ٿا، جنهن مان اندازو ٿيندو ته مٿين صدين ۾ سنڌي شعر و سخن جو رواج ڪيتري قدر هو.

قاضي قاضن کان اڳ جا سنڌي شاعر
سمن سلطانن جي پنهنجي زبان سنڌي هئي، تنهنڪري عوام خواه خواص ۽ پڻ دربار تي سنڌي زبان جو قبضو هو. فارسي ۽ عربي اگرچه اعلى تعليم جي سلسلي ۾ رائج هيون، ليڪن مدرسن ۽ مسجدن کان ٻاهر انهن ٻولين کي ڪابه اهميت ڪانه هئي. اسان کي يقين ٿئي ٿو ته سنڌي شعر به چڱوئي مقبول هوندو ۽ ڪيترائي سنڌي شاعر پڻ هوندا، ليڪن جنهن صورت ۾ اسان تائين ان دور جي ڪابه لکت پهچي ڪانه سگهي آهي، تنهنڪري اهو سڄو زمانو انڌيري ۾ آهي.
”تحفـﺔ الڪرام“ جي ذريعي اسان کي سمن سلطانن جي دور جي فقط هڪ سنڌي شاعر جو نالو ملي سگهيو آهي. يعني شيخ حماد جمالي، جنهن جي سنڌي شعر جو مذڪور هن ريت آهي:
شيخ حماد جمالي: تحفـﺔ الڪرام جي روايت آهي ته سنڌ جي سمي سلطان ڄام جوڻي، ڄام تماچيءَ ۽ سندس پٽ صلاح الدين کي، انهيءَ خطري کان ته متان اُهي ڪنهن وقت کانئس سنڌ جو تخت و تاج کسين، قيد ڪري، دهليءَ ڏانهن اماڻي ڇڏيو. ڄام تماچيءَ جي والده شيخ حماد جماليءَ جي معتقد هوندي هئي. ان خاتونءَ انهيءَ واقعي بعد روزانو شيخ جي درگاه جي اچي ٻهاري ڏيڻ شروع ڪئي. هڪ ڏينهن شيخ جي نظر شاهي خاندان جي ان پوڙهيءَ مائيءَ تي وڃي پيئي. کانئس سندس پٽ ۽ پوٽي جو احوال پڇيائين، جنهن تي مائيءَ روئي کيس سڄو احوال ڪيو. ٻڌڻ سان شيخ جذبي ۾ اچي ويو، سندس حالت عجيب ٿي ويئي، مٿس ايترو جلال طاري ٿيو، جو ان وقت هڪ سنڌي بيت بلند آواز سان پڙهيائين جنهن ۾ ٻنهي ڄڻن جي نه فقط رهائيءَ ۽ سنڌ ۾ موٽي اچڻ جي نويد هئي، بلڪ ملڪ جي والي ۽ وارث ٿيڻ ڏانهن به اشارو ڪيل هو(458).
اهو بيت نه قانع تائين پهتو ۽ نه اسان تائين پهچي سگهيو، ليڪن ان مان صاف ظاهر آهي ته شيخ حماد عليـﮧ رحمـة سنڌي زبان جو شاعر هو، ۽ هن نه فقط اهو هڪ بيت چيو هوندو بلڪ گهڻائي سنڌي بيت حقيقت ۽ معرفت ۾ چيا هوندائين، جن مان ڪوبه محفوظ رهي نه سگهيو. ان مان اهو به صاف ظاهر آهي ته انهيءَ دور ۾ فقط هڪ شيخ حماد سنڌي جو شاعر نه هوندو بلڪ ٻيا به ڪيترائي هوندا، جن جا نالا اسان تائين پهچي نه سگهيا.
شيخ جي وفات جو سال قانع ڪونه ڏنو آهي، ليڪن شيخ جو هڪ سنگتي، شيخ عيسى برهانپوري، جنهن صورت ۾ 831هه ۾ فوت ٿيو، تنهنڪري قرين قياس اهوئي آهي ته شيخ حماد 8 صديءَ جي آخر جو بزرگ هو ۽ قاضي قاضن کان تقريباً منيون ٻه صديون اڳي هو.

قاضي قاضن جي دور جا شاعر
قاضي قاضن بن قاضي ابو سعيد بن قاضي زين الدين بکري سيوستاني 958هه ۾ فوت ٿيو. هن سمن سلطانن جي پڄاڻيءَ ۽ ارغونن جو سڄو دور ڏٺو. اهو دور فارسي زبان جي حڪمرانيءَ جو هو. ملڪ جي حاڪمن، انهن جي دربارين ۽ انهن جي اميرن جي زبان فارسي هئي. فارسيءَ جي هنن سرپرستي ڪئي، قنڌار، هرات ۽ ايران کان ڪيترا عالم، شاعر، مصنف ۽ صوفي اچي نڪتا، جن جي اچڻ ڪري سنڌ جو سمورو ماحول فارسي ٻوليءَ سان گونجي ويو. تنهنڪري انهيءَ دور ۾ اها اميد رکڻ ته سنڌي زبان جي سرڪاري طرح ڪا سرپرستي ٿي هوندي، ٻٻرن کان ٻير گهرڻ آهي. ازانسواءِ قاضي قاضن جي دور واري اها سموري صدي امن امان ۽ خير سلامتيءَ واري صدي نه هئي بلڪ جنگ وجدل، قتل ۽ غارتگري ۽ ڪشت و خون جي صدي هئي. ارغونن جو سيويءَ کان سنڌ تي حملو، ٺٽي جي فتح وقت وڏيءَ خونريزيءَ بعد صلاح الدين سمي جو حملو، فيروز ۽ شاه حسن جي جنگ، شاه حسن جا حملا بکر، اُچ ۽ ملتان تي، همايون جو سنڌ ۾ اچڻ ۽ ارغونن ۽ ترخانن جي هڪٻئي سان آويزش ۽ خانه جنگي، عيسى ترخان ۽ محمود بکريءَ جي جنگ و جدل، گوا جي عيسائين جو ٺٽي ۾ اچي قتل عام ڪرڻ، ميرزا عيسى جي پٽن جو هڪٻئي سان تخت و تاج لاءِ وڙهڻ، مرزا باقيءَ جي ٺٽي ۽ سنڌ ۾ خونريزي ۽ مظالم، جاني بيگ جا هنگاما ۽ آخر ۾ جاني بيگ ۽ خان خانان جي لڙائي، جنهن ۾ سنڌ وڃي مغلن جي قبضي ۾ پهتي __ اهي سڀ وارداتون ۽ ويل ڏهين صديءَ هجريءَ ۾ ٿيا، جنهن ۾ سنڌ جي ماڻهن کي نه امن امان مليو، ۽ نه سڪون ۽ راحت نصيب ٿي. سموري صدي، سڄو ملڪ غير ملڪي حڪمرانن جي ڏاڍاين ۾ پيڙبو ٿي رهيو. انهن حالتن ۾ سنڌي شعر و سخن ڪنهن کي ياد هجڻ گهرجي! ليڪن خوش نصيبي اها ٿي، جو جڏهن سنڌي زبان جي سرپرستي حاڪمن ڇڏي، تڏهن ان جون واڳون سنڌ جي صوفين، خانقاهن جي سجاده نشينن، سلوڪ جي صاحبن ۽ حقيقت جي رمز ۽ نڪتن پروڙيندڙ بزرگن پنهنجي هٿن ۾ ورتيون. قاضي قاضن اگرچه جيد عالم هو، ليڪن صوفي ۽ سلوڪ جو صاحب هو. ان جا 7 بيت انهيءَ صديءَ جي پهرئين اڌ جا آهن، جيڪي اسان وٽ پهتا آهن، ۽ شاه ڪريم پڻ وليءُ ڪامل هو، جنهن جو رسالو ساڳيءَ صديءَ جي پوئين اڌ جو آهي. علاوه ازين، انهيءَ صديءَ ۾ سنڌيءَ جا ڪيترا ٻيا شاعر پڻ ٿيا، جيڪي گهڻو ڪري سڀئي صوفي ۽ سالڪ هئا، جن پنهنجي تعليمات کي عوام تائين پهچائڻ لاءِ عوام جي ئي زبان جو ذريعو اختيار ڪيو. انهيءَ صديءَ ۾ بيت ۽ ڏوهيڙي ته زور ورتو، ليڪن سنڌيءَ ۾ ’ڪافي‘ پڻ ڪثرت سان چئي ويئي. خانقاهن، مزارن ۽ مقبرن تي سماع جون مجلسون منقعد ٿينديون هيون. انهن ۾ سنڌي ڏوهيڙا ۽ ڪافيون چيون وينديون هيون. نه فقط سنڌ اندر، بلڪ ان صديءَ جي وچ ڌاري پاٽ جو هڪ صوفي خاندان لڏي برهانپور ويو. اتي پڻ جيڪي سماع جون مجلسون اهي بزرگ منعقد ڪندا هئا انهن ۾ سنڌي ڪافيون چوندا هئا، جن جو سُر ۽ چوڻي انهن ماڻهن کي به وجد ۽ حال ۾ آڻي ڇڏيندي هئي، جيڪي سنڌي زبان کان بلڪل ناآشنا هئا.

”تحفـﺔ الڪرام“ هن صديءَ جي متعدد سنڌي شاعرن جا نالا ڏنا آهن، جيڪي هيٺينءَ ريت آهن:
سوناري وارو بيت: مخدوم احمد ولد مخدوم اسحاق، هالن جو ولي الله هو، سماع سان ڏاڍي دلچسپي هوندي هيس، جڏهن راڳ ٻڌندو هو ته ان وقت مٿس عجيب و غريب ڪيفيت طاري ٿيندي هئي. بزرگ جي وفات به سماع ٻڌندي ئي ٿي.
مير ’قانع‘ جي روايت آهي ته ”بزرگ هالن کان ڪهي، نيرن ڪوٽ آيو. اتفاقاً هڪ ڏينهن ڪنهن جاءِ تي سماع جي مجلس قائم هئي، ۽ بزرگ به اچي اتان لانگهائو ٿيو. ان وقت هڪ سونارو ڏاڍي الحان ۽ سوز و گداز سان هڪ سنڌي بيت پڙهي رهيو هو، جنهن جي ٻڌڻ سان بزرگ تي حال طاري ٿي ويو، ۽ انهيءَ ئي ڪيفيت ۾ سندس انتقال ٿيو.“
مير ’قانع‘ سندس وفات جو سال 936هه لکيو آهي (378)، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته سوناري، جنهن شاعر جو اهو بيت پڙهيو، سو ضرور سمن جي دور جو هوندو ۽ قاضي قاضن کان يا ته اڳي هوندو يا سندس معاصر هوندو. انهيءَ واقعي مان اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته جڏهن ارغون پنهنجي اوج تي هئا ۽ شاهه بيگ سڄي سنڌ لتاڙيندو ٿي وتيو ۽ فارسيءَ جو دور دورو هو، ان وقت سنڌ جي سرزمين تي سنڌي سماع ۽ سنڌي نظم جو قبضو هو.

درس علاء الدين سومرو انهيءَ دﺆر جو خدا رسيدو بزرگ هو. سنڌيءَ جو جيد شاعر هو. ’قانع‘ جو قول آهي ته ”سيد علي ثاني ۽ سندس وچ ۾ سنڌي بيتن اندر وڏو سوال جواب هليل آهي، جيڪو مشهور آهي“(621).
افسوس آهي، جو اهو منظوم مڪالمو جيڪو 1188هه تائين محفوظ ۽ مشهور هو، سو اسان تائين پهچي نه سگهيو. بهرحال اهو شاعر پڻ قاضي قاضن جي دور جو آهي.
سيد علي ثاني: سيد علي ثاني ارغوني دور جو وڏي ۾ وڏو پير، جيد عالم ۽ تمام وڏي اثر ۽ اقتدار جو صاحب هو. ارغوني ۽ ترخاني دور ۾ ڪوبه واقعو ٿيندو هو، ته خود حڪومت به ڏانهس رجوع ڪندي هئي. اڪبر جڏهن عمر ڪوٽ ۾ ڄائو (5 رجب 949هه)، تڏهن کيس جيڪو پهريون چولو پارايو ويو، سو برڪت خاطر سيد جي پيراهن مان ٽڪر ڦاڙي سبيو ويو هو (”ترخان نامه“ جو قول). سيد پاڻ فيض، مخدوم اجر کان پرايو ۽ مخدوم نوح جو مريد هو. سندس پٽ، سيد جلال، مرزا محمد صالح بن عيسى ترخان جو ڄاٽو هو.
سيد فارسي، عربي ۽ سنڌي زبان جو وڏي ۾ وڏو عالم هو. عربيءَ ۾ ”آداب المريدين“ نالي ڪتاب لکيو اٿائين ۽ سنڌيءَ جو جيد شاعر هو. افسوس آهي، جو سندس ڪلام جو ذخيرو ضايع ٿي ويو، ۽ درس علاﺆالدين سان جيڪو سندس سوال جواب هليو، سو پڻ محفوظ رهي نه سگهيو. اسان تائين ”معارف الانوار“ جي ذريعي سندس هڪ بيت پهتو آهي، جيڪو هن طرح آهي:
سرتين سانگ سکن جو
مون کي رويو رهائين
آءُ ٿي هلان هوت ڏي
هو ٿيون واريو ويهارين
وريتيون ورن سين
ويٺيون گهر گهارين
کهندا ٿيون کارين
ڪانه هلندي هوت ڏي
سيد صاحب جي عمر قاضي قاضن جي وفات وقت (958هه) 67 ورهيه هئي؛ پاڻ 891هه ۾ ڄائو ۽ 981هه ۾ هن جهان مان برقعو مٽايائين.

مخدوم نوح:
حضرت مخدوم صاحب هالن وري جو ذڪر ”تحفـﺔ الڪرام“ ۾ جابجا آيو آهي، ليڪن سندس سنڌي شاعريءَ متعلق ڪوبه اشارو ڪيل ڪونه آهي، حالانڪ سندس ڪجهه سنڌي بيت مشهور آهن، مثلاً: ”مقالات الشعرا“ ۾ (452) آهي ته شاه ڪريم مخدوم صاحب ڏانهن هڪ سنڌي بيت ڳجهارت طور موڪليو، جنهن جو جواب مخدوم صاحب به سنڌي بيت ۾ کيس ڏنو. جڏهن اهو جواب و سوال سيد علي ثانيءَ ٻڌو، تڏهن هن انهن ٻنهي سنڌي بيتن کي هڪڙي فارسي شعر ۾ هن طرح بيان ڪيو:
جان بجانان ده و گرنه از تو بستاند اجل
خود تو منصف باش اي دل اين نکو يا آن نکو
حضرت مخدوم عليـﮧ رحمـﺔ ارغوني ۽ ترخاني دور سڄو ڏٺو. قاضي قاضن جنهن وقت فوت ٿيو، مخدوم صاحب ان وقت اڌيڙ عمر جو هو. سندس انتقال خميس ڏينهن 27 ذيقعد 998هه جو، مرزا جانيءَ جي دور ۾، ٿيو. سندس انتقال کان هڪ سال پوءِ 999هه ۾ مغل فوجون سنڌ تي ڪاهي آيون.

اسحاق آهنگر:
اسحاق آهنگر جي متعلق اسان کي ڪابه معلومات ملي ڪانه ٿي سگهي، فقط تحفـﺔ الڪرام جي ذريعي ”حديقـﺔ الاوليا“ جي روايت محفوظ رهجي ويئي آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اسحاق آهنگر سنڌيءَ جو شاعر هو.
مير ’قانع‘، ”حديقـﺔالاوليا“ جي مصنف مير عبدالقادر جي روايت بيان ڪندي لکيو آهي ته: ڀريو ويرداس هڪ موحد ۽ خدا رسيد وهندو هو، مٿس جذب جي حالت طاري هوندي هئي. جهنگل ۽ جبل وتندو هو جهاڳيندو ۽ تنواريندو. شهرن ۽ ماڻهن سان ڪانه پيئي هيس. جهنگلي جانورن جو يار هوندو هو. ابتدائي دور خبر نه آهي ڪٿي گذريس، پوئين زماني ۾ اچي حيدرآباد واري گنجي ٽڪر ۾ رهيو. انهيءَ جاءِ تي ماڻهو وٽس سوالي ويندا هئا، ۽ من جون مرادون حاصل ڪري موٽندا هئا.
سيد عبدالقادر (”حديقـةالاوليا“ جو مصنف) پاڻ هڪ ڏينهن سندس خدمت ۾ وڃي حاضر ٿيو. ڀريو ويرداس ان وقت سنڌيءَ جو هڪ بيت پڙهي رهيو هو. سيد جي دل ۾ خيال آيو ته خبر نه آهي ته اهو ڪنهن جو شعر آهي، اها ڳالهه دل ۾ ئي هيس ته ڀرئي ويرداس وراڻي ڏيندي چيس ته ’اهو بيت اسحاق لوهر جو آهي‘(848).
”حديقـةالاوليا“ جو مصنف ميرزا جاني بيگ ترخان جي زماني جو ماڻهو هو، ميرزا جي امير خسرو چرڪس جي دامن دولت سان وابسته هو، هن پنهنجو ڪتاب 10 صديءَ جي بلڪل پڇاڙيءَ ۾ ميرزا جانيءَ جي عهد اندر لکي ميرزا خسرو جي نالي معنون ڪيو. انهيءَ ڪتاب ۾ انهيءَ روايت جي آڻڻ مان اهو صاف ظاهر آهي ته اهو بيت هن، ڀرئي ويرداس جي زباني، 980هه کان ٿورو اڳ يا پوءِ ٻڌو هوندو. تنهنڪري اسحاق لوهار متعلق اهو قرينو آهي ته هو 9 صديءَ جي آخر يا 10 صديءَ جي شروع جو هجڻ کپي، يعني ڄام نظام الدين (المتوفي 914هه) جي زماني جو_جيڪو قاضي قاضن جي ڦوهه جوانيءَ جو دور هو.
شاه ڪريم بلڙيءَ واري جو مفصل ذڪر مير قانع ڪيو آهي (431)، ليڪن ان ۾ سندس سنڌي شاعريءَ ڏانهن ڪوبه اشارو ٿيل ڪونه آهي، حالانڪ ارغونن جي آخري دور، ترخانن جي سموري زماني ۽ مغلن جي ابتدائي عهد (المتوفي 1030هه) جو هي بزرگ، سنڌي زبان جو جيد شاعر هو. مذڪوره دور جي سنڌي ادبي سرمايي مان اسان وٽ فقط قاضي قاضڻ ۽ سيد مرحوم جا ڏوهيڙا بچي پهتا آهن.
قاضي قاضن ۽ شاه ڪريم ٻيئي هڪ هڪ صديءَ جا شاعر هئا__ پهريون ڏهين صديءَ جي پهرئين اڌ جو ۽ ٻيو بزرگ ساڳيءَ صديءَ جي پوئين اڌ جو.
درويش راڄو ستيه دل رائو ڳوٺ جو هڪ مجذوب مطلق ۽ واصل باالله شخص هو. سندس زبان ڪپيندڙ ترار هئي. جيڪي چوندو هو سو ٿيندو هو. کيس جڏهن ڪو معاملو پيش ايندو هو، ان وقت اٿي بيهي، ڏاڍي سر ۽ الحان سان ڪو سنڌي بيت پڙهندو هو.(449)
مير قانع انهيءَ بزرگ جي وفات جو سال 977هه لکيو آهي. جنهن مان ظاهر آهي ته اهو بزرگ به ڏهين صديءَ جو ۽ قاضي قاضن جي دور سان متعلق آهي. مير قانع اهو ڪونه لکيو آهي ته اهو مجذوب پنهنجا شعر پڙهندو هو يا ڪن ٻين شاعرن جا، بهرحال ان مان اهو صاف ظاهر آهي ته قاضي قاضن جي دور ۾ سنڌي شعر عام جام هو، ۽ شاعر به گهڻي ئي هئا. سندن شعر ايترو ته وڻندڙ ۽ ايڏو ته روح کي راحت ڏيندڙ هو، جو نه فقط سامت وارن سالڪن جي زبان تي هوندو هو، ليڪن هوش ۽ حواسن کان نڪتل مجذوبن جي منهن مان پڻ بي اختيار نڪري پوندو هو.

يارهين صديءَ جي سنڌي شاعري
يارهين صدي، سنڌ تي مغل حڪمرانيءَ جي انتهائي عروج جي صدي هئي. اڪبر، جهانگير، شاه جهان ۽ عالمگير، سڀ انهيءَ صديءَ جا مغل حڪمران آهن. سنه 1000هه ۾ جيئن خان خانان سنڌ کي فتح ڪيو، تيئن ئي سنڌ کي ٽن ٽڪرن ۾ ڪپي، ٽن سرڪارين ۾ ورهايو ويو، يعني سرڪار بکر، سرڪار سيوستان ۽ سرڪار ٺٽو. انهن ٽنهي سرڪارن تي هندستان مان جدا جدا صوبه دار، پنهنجي لاءِ لشڪر سميت مقرر ٿي ايندا هئا. فارسي حڪومت جي زبان هئي، تنهنڪري هتي سنڌ اندر به سڄو ڪاروبار فارسيءَ ۾ ٿيندو هو. سنڌ ۾ مغلن جون ٽي درباريون قائم ٿيون، جن ۾ فارسي شعر و سخن جو چرچو هليو، تصنيف و تاليف سندن سرپرستيءَ هيٺ سڀ فارسيءَ ۾ ٿيندي رهي، ۽ مقالات الشعرا جي ڏسڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته ايران خواه هندستان مان فارسيءَ جا ڪيئي شاعر ۽ مصنف سنڌ جي انهن ٽن مرڪزن ۾ اچي پهتا، جن ارغونن ۽ ترخانن جي پيدا ڪيل فارسي رواج کي نه فقط قائم رکيو بلڪ ان کي تمام گهڻو وڌايو ۽ ڦهلايو. ڪيترا فارسيءَ جا ديوان مڪمل ٿيا ۽ ڪيترا نثر جا ڪتاب لکيا ويا. تاريخ معصومي، تاريخ طاهري، بيگلارنامو، مظهر شاهجهاني ۽ ترخان نامو، انهيءَ صديءَ جون فارسي تصنيفون آهن.
ظاهر آهي ته اهڙين حالتن اندر سنڌيءَ جي سرپرستي اعلى طبقو ڪٿي ڪندو ۽ سنڌ جي دربارين ۾ سنڌيءَ غريب جي ڪهڙي پرسش هوندي! ليڪن خدا جو شڪر آهي، جو انهيءَ ظلمات ۾ سنڌيءَ لاءِ ڪي روشنيءَ جا تررا موجود هئا. سنڌ جي خدا رسيده بزرگن، صوفين ۽ ولين، خانقاه نشينن ۽ حجرن جي مڪينن حسب دستور سنڌيءَ جو دامن ڪونه ڇڏيو ۽ ان جي سرپرستي ڪندا رهيا.
تحفـةالڪرام ۾ سنڌي شاعرن جي حالات جو ڪو اهتمام ٿيل ڪونه آهي، تنهنڪري ڪتاب ۾ بيان ڪيل ايترن سارن سنڌي بزرگن مان ڪهڙا سنڌيءَ جا شاعر هئا_ ان جو پتو پئجي ڪونه ٿو سگهي. اتفاقاً ڪٿي ڪٿي مير ’قانع‘ لکيو آهي ته هيءُ يا هو بزرگ سنڌي شعر چوندو هو. يارهين صديءَ جي پهرين ٽن چوٿائين جي هيترن سارن بزرگن جي سوانح ۾ سنڌي شاعريءَ جو ڪوبه انگ آيل ڪونه آهي، البته ان صديءَ جي آخر جا چند بزرگ ملن ٿا، جن لاءِ سنڌيءَ جي شاعريءَ جو اشارو موجود آهي. انهن جي زماني جو تعين به مير ’قانع‘ ڪونه ڪيو آهي، اسان جو پنهنجو گمان آهي ته اهي يارهين صديءَ جي آخر جا بزرگ هوندا. مثلاً:

ميان ابوالحسن، جنهن جي سنڌي مشهور آهي، ٺٽي جو بزرگ ۽ وڏو عالم هو. هن پهريون دفعو مذهبي عقائدن کي سنڌي نظم ۾ آندو ۽ سنڌيءَ ۾ ڪتاب تصنيف ڪيا. ”تحفـةالڪرام“ جي مصنف سندس وفات جو سال يا زمانو ڪونه ٻڌايو آهي. اسان جو قياس آهي ته هي بزرگ يارهين صديءَ جي آخر ۾ هوندو، ڇاڪاڻ ته مير ’قانع‘ جي لکڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته (1188هه) کان گهڻو اڳ گذري چڪو هوندو. سندس گهرواريءَ جو ڀاڻيجو ميان عبدالله واعظ عرف ميان موريو، ميان ابوالحسن جڏهن جهور ڪراڙو هو، تڏهن اڃا 10_12 ورهين جو هو. اهو تمام وڏيءَ عمر جو ٿي، 1167هه ۾ فوت ٿيو. ان جي پٽ جو ذڪر ڪندي ’قانع‘ لکي ٿو ته 1186هه ۾ گذاري ويو. ان مان پڻ اسان جي قياس جي تصديق ٿئي ٿي ته ميان ابوالحسن يارهين صديءَ جي آخري اڌ جو هجڻ کپي. ”تحفـةالڪرام“ ۾ سندس سنڌي نظم متعلق آهي ته ”اسلام جي عقائدن، ايمان ۽ اسلامي فرائض متعلق سندس سنڌي نظم مشهور آهي، جا عام توڙي خاص ماڻهن جو ورد آهي(559).
مرحوم سنڌيءَ جو پهريون شاعر آهي، جنهن سنڌيءَ ۾ نظم ۽ مثنوي چئي ۽ ڪتاب جوڙيا، جنهن جي پيروي مخدوم محمد هاشم ٻارهين صديءَ ۾ ڪئي.

شاه عنايت اللـﮧ رضوي:
هي بزرگ نصرپور جو ۽ سنڌي زبان جو ڪامل شاعر هو. ’قانع‘ سندس شعر جي تعريف ڪندي لکي ٿو ته ”سندس شعر عارفن جي زبان جو ورد ۽ يقين جي حقيقتن تان پردو کڻندڙ آهي. سندس مزار موسى آهيداڻيءَ جي قبرستان ۾ خلق جي زيارت گاه آهي“(398). هن بزرگ متعلق به اسان جو قياس آهي ته يارهين صديءَ جي آخر جو آهي. ’قانع‘، جنهن پنهنجو ڪتاب (1188هه) ۾ لکيو، تنهن کان گهڻو اڳ ٿي چڪو هوندو. امڪان آهي ته سندس انتقال ٻارهين صديءَ جي بلڪل شروع ۾ ٿيو هجي.
سيد هارون ڍوريءَ هنڱوريءَ جو مشهور بزرگ هو. ’قانع‘ لکيو آهي ته ”پوئين زماني وارن بزرگن ۾، فقيريءَ ۽ رضا ۾ گهڻن فقيرن جو سردار ٿي گذريو آهي. سندس ڪيئي کليل ڪرامتون ۽ محققانه شعر آهن. سندس قبر ڳوٺ جي ٻاهران عام مخلوق جي زيارت گاه آهي“(442).
”پوئين زماني“ جي لفظ جو اطلاق ڪم از ڪم ٻارهين صدي، جنهن ۾ ’قانع‘ پاڻ موجود آهي، ٿي نٿو سگهي. ’قانع‘ جو تذڪرو 8_9 سَو سالن جي بزرگن تي حاوي آهي، تنهنڪري اهڙي تذڪري ۾ ”پويون زمانو“ به ڪم از ڪم صدي ڏيڍ اڳ هجڻ گهرجي: بهرحال جيسين ڪن ٻين ذريعن سان هن بزرگ جي زماني جو يقين ڪونه ٿو ٿئي تيسين هن کي به يارهين صديءَ جي آخر ۾ رکي سگهجي ٿو.
ڪامل مجذوب: هي بزرگ، بقول مير ’قانع‘، ٺٽي جو مجذوب ۽ سالڪ هوندو هو. هميشه رڻ پٽن ۾ پيو گذاريندو هو، ۽ جڏهن ڪنهن ڳوٺ ۾ ايندو هو، ته قدرت خدا جي سان ان ڳوٺ جي ماڻهن کي ڪانه ڪا خوشي رهندي هئي. انهيءَ سبب ڪري، ڪيترا ماڻهو کيس پنهنجي پنهنجي ڳوٺ وٺي وڃڻ لاءِ طرحين طرحين جانا ڀريندا هئا، ليڪن هو جڏهن خيال پوندو هئس تڏهن پاڻهُرتو ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃي نڪرندو هو. مير ’قانع‘ لکي ٿو ته ”مسائل جو جواب جيڪڏهن مرضي پوندي هيس ته ڪنهن سنڌي بيت ۾ ڏيندو هو؛ جيڪو مطلب سان ٺهڪي ايندو هو“(627).
هي مجذوب پاڻ شاعر هو يا ٻين جا بيت پڙهندو هو، ان جي صفائي ٿيل ڪانه آهي؛ بهرحال ان مان سنڌي شعر جي عام رواج جي تصديق ٿئي ٿي. هن بزرگ لاءِ پڻ اسان جو قياس آهي ته 11 صديءَ جي پوئين اڌ ۾ ٿيو هوندو.

شاهه لطيف جو دور
ٻارهين صدي، جنهن ۾ سنڌ جي شاعريءَ جو سرتاج يعني شاه عبداللطيف پيدا ٿيو، اها صدي مغلن جي زوال جي صدي هئي، جنهن ۾ عالمگير جي وفات کان پوءِ شهزادن هڪٻئي سان وڙهي، مغل سلطنت جو خانو خراب ڪري ڇڏيو، ۽ آخر سنڌ تان سندن حڪومت جو قبضو ٽٽي، پنهنجي سنڌين يعني ڪلهوڙن جي هٿ ۾ آيو، جن جي مادري زبان سنڌي هئي. ليڪن اها سموري صدي به سڪون ۽ راحت، يا امن امان سان ڪانه گذري. شاه عنايت صوفيءَ جي شهادت جو واقعو، نادرشاه جي سنڌ ۾ آمد ۽ لٽ ڦر، مدد خان پٺاڻ جو سنڌ ۾ وارد ٿيڻ، ڪلهوڙن جون پاڻ ۾ خونريزيون ۽ قنڌار جي پٺاڻ حڪمرانن جون سنڌ تي ترڪتازيون، سڀ انهيءَ صديءَ جا امن سوز واقعا آهن. پر انهن سڀني ڳالهين هوندي به سنڌين کي هن صديءَ ۾ سوکڙيون اهڙيون مليون، جن سندن دک درد ۽ ڏک سور سڀ مٽائي ڇڏيا. هڪ ”شاه جو رسالو“ ٻيو ”تحفـةالڪرام“. هڪ سنڌي زبان کي حيات جاويد بخشي ڇڏي ۽ ٻئي سنڌ جي تمدن ۽ تهذيب، تاريخ ۽ تصوف، مشاهيرن ۽ بزرگن کي هميشـﮧ لاءِ زندگي ڏيئي ڇڏي.
هن صديءَ جي پهرين اڌ تائين مغل صوبه دار سنڌ تي ايندا رهيا، ليڪن جڏهن آخري طرح سموري سنڌ ڪلهوڙن جي قبضي ۾ آئي، ان وقت صوبه دارن جو اچڻ بند ٿيو. ڪلهوڙن جي اگرچه مادري زبان سنڌي هئي، ۽ سندن امير امراءَ ۽ انهن جا متعلقين سڀ سنڌي هئا، تاهم سرڪاري لکپڙهه جي زبان اڃا به فارسي هلندي آئي. هن صديءَ ۾ ٽن ملڪن مان فارسي دان اچي سنڌ ۾ پهتا. صديءَ جي پهرينءَ چوٿائيءَ ۾ مغل صوبه دارن جي توسط سان هندستان مان، وچ صديءَ ۾ نادر شاهه جي ڪري ايران مان ۽ صديءَ جي پوئين اڌ اندر احمد شاه ابدالي وغيره پٺاڻ حڪمرانن جي توسل سبب قنڌار کان. خود سنڌين ۾ به فارسي مقبول هئي. مدرسن جي سموري تعليم فارسيءَ ۽ عربيءَ ۾ ٿيندي هئي. عطا، محسن، قانع، رجا، مداح، تسليم، سرخوش، مشوقي، عزلت، عطارد، مشتاقي، مير جان الله رضوي، جهڙا فارسي گو شاعر خود سنڌ جي سرزمين مان پيدا ٿيا. عبدالرﺆف منشي ۽ نورالحق سيوستاني جهڙا فارسي نثر جا مشاق انشا پرداز، سنڌي نرﱞاد هئا. ڪلهوڙن حڪمرانن جو پنهنجو ذوق به فارسيءَ سان هو. نور محمد جي وصيت فارسيءَ ۾ آهي. طب دائودي ۽ صيدنامو به شاهي خاندان جي افرادن جو لکيل آهي. محمد علي عالي، ۽ سرفراز خان وغيره پڻ فارسيءَ جا صاحب ديوان شاعر هئا.
ليڪن اهي سڀ سهولتون اگرچه فارسيءَ لاءِ مهيا هيون، اها سموري سرپرستي جيتوڻيڪ ڌاري زبان جي لاءِ وقف هئي، ان هوندي به سنڌي هن صديءَ اندر خوب ڦَلي ۽ ڦهلي.
”تحفـﺔ الڪرام“ اندر اگرچه هن دور جي سنڌي شاعرن جو ذڪر ڪونه آيو آهي، ايستائين جو خود شاه عبداللطيف جي بيان ۾ به سندس سنڌي شعر ڏانهن اشارو ڪونه ٿيل آهي، ليڪن سنڌ جي ادبي تاريخ جا ڄاڻو ڄاڻن ٿا ته شاه جا همعصر ڪيترائي سنڌيءَ جا شاعر هئا، جن جو ذڪر هن مضمون جي حدن کان ٻاهر آهي، ڇاڪاڻ ته اسان پاڻ کي هتي ”تحفـﺔ الڪرام“ جي اطلاعن تائين محدود رکيو آهي.
شاه عبداللطيف عليه رحمـﺔ ڏوهيڙا، سنڌ جي قديم شاعرن جا ٻڌي، پوءِ چيا، اهڙيءَ طرح ڪافيون پڻ صدين کان سنڌ جي ادب ۾ مروج هيون، ۽ شاه انهن کي ’وائيءَ‘ جو نالو ڏيئي تصنيف ڪيو. اهڙي طرح سنڌ جي عشقيه قصن جي سلسلي ۾ مشهور آهي ته انهن کي شاه لطيف ڏوهيڙن ۾ آڻي، مختلف حقيقي ۽ روحاني رمزون ۽ مطلب ڪڍيا، ليڪن هن مضمون ۾ اسان ڏسي آيا آهيون ته انهن قصن کي سنڌي نظم ۾ آڻڻ جو رواج پڻ شاه کان ڪيئي صديون اڳ هو. خود شاه جا وڏا معاصر شاه جي دور ۾ اهي قصا پنهنجي ڏوهيڙن ۾ قلمبند ڪري چڪا هئا. ليڪن باوجود انهن سڀني ڳالهين جي، شاه جو مقام سنڌي ادب ۾ ايترو اوچو آهي، جو نه کانئس اڳ ڪو انهيءَ مقام تي پهتو ۽ نه وري پوءِ ڪو پهتو ۽ پهچندو.
”تحفـﺔ الڪرام“ جو مصنف فارسي شاعريءَ جو عاشق هو، سنڌيءَ شاعريءَ جو هو قائل ڪونه ٿو ڏسجي_ انهيءَ حد تائين، جو هن شاه جي شاعريءَ کي به ڪا اهميت ڪانه ڏني آهي ۽ نه ان جو ذڪر ڪيو اٿائين. اسان کي يقين آهي ته هن دور اندر ڪيئي سنڌيءَ جا شاعر ٿيا هوندا، جن جو تذڪرو ”تحفـﺔ الڪرام“ ۾ موجود به هوندو، ليڪن انهن جي احوال ۾ سنڌي شاعريءَ جو چونڪه ذڪر ڪونه آهي تنهنڪري اسان کي خبر پئجي نٿي سگهي.
يوسف سهتو: هن بزرگ جو احوال ٺٽي جي مشائخن ۾ ڪيو ويو آهي، ۽ لکي ٿو ته ”پنهنجي وقت ۾ حال ۽ قال جو صاحب هو، ۽ سنڌي زبان جو مشهور شاعر هو. سنڌي شاعرن جو ميلو سندس خانقاه تي لڳندو آهي“(581).
’قانع‘ سندس زماني جو تعين ڪونه ڪيو آهي، ليڪن قرينو اهو آهي ته هي بزرگ شاه کان اڳ جو يا ڪم از ڪم شاه جو وڏو معاصر هو. ليڪن ٻي اهم ڳالهه، جا مير ’قانع‘ جي مٿينءَ عبارت مان ظاهر ٿئي ٿي، سا هيءَ آهي ته شاه جي دور خواه قانع جي زماني ۾ يوسف سهتي جي مزار تي سنڌ جا سنڌي شاعر هر سال ميلو لائيندا هئا. جنهن مان صاف ظاهر آهي ته:
(1) شاه ۽ قانع جي دور (1165۽1188هه) تائين اهو ميلو لڳندو هو.
(2) ٺٽي خواه سنڌ ۾ ايترا گهڻا سنڌيءَ جا شاعر هئا، جو جڏهن سال ۾ هڪ دفعو اچي يوسف سهتي جي مزار تي گڏ ٿيندا هئا، ته ميلي جيترا ٿي پوندا هئا_ اگرچه غير شاعر به ميلي ۾ موجود هوندا هئا.
(3) انهيءَ ميلي ۾ جڏهن شاعر اچي گڏ ٿيندا هوندا، تڏهن ظاهر آهي ته پنهنجا شعر به پڙهندا هوندا ۽ هڪٻئي جا شعر به ٻڌندا هوندا، گويا شاه عبداللطيف جي زماني ۾ اهو هڪ قسم جو سنڌي مشاعرو ٿيندو هو.

مخدوم محمد هاشم:
سنڌ جو هي لافاني عالم 10_ربيع الاول 1104هه ۾ ڄائو. ”تحفـﺔالڪرام“ ۾ سندس ذڪر آيو آهي. ميان ابوالحسن کان پوءِ هي پهريون بزرگ آهي، جنهن ان جي تتبع ۾ سنڌي زبان ۾ تصنيفون ڪيون ۽ مذهبي معاملات متعلق ڪيئي ڪتاب سنڌي نظم اندر لکيا جيڪي اڄ تائين مشهور ۽ معروف آهن.
مخدوم صاحب شاه عبداللطيف جو معاصر هو ۽ شاه (المتوفي 1165هه) کان چند سال پوءِ يعني 6_رجب 1174هه جي فوت ٿيو.
شاه عبداللطيف جو ساڻس ڪوبه رستو ڪونه هو. البته سندس علمي رقيب مخدوم محمد معين سان شاه جي ياراني هئي ۽ شاهه بار بار ٺٽي ۾ ان کي ڏسڻ ايندو هو.
بهرحال ميان ابوالحسن کان پوءِ سنڌي ادب جو هي ٻيو شاعر آهي، جنهن نظم ۽ مثنوي تصنيف ڪئي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪتاب جوڙيا.

(منيلا، 22_ آڪٽوبر 1959)
[روزنه ”مهراڻ“_ سالگره نمبر، 1959]

اردو ٻوليءَ جو مولد_ سنڌ

اردوءَ کي صورتخطيءَ ۾ آڻڻ جو سڀ کان پهريون فخر ”دکن“ کي آهي، ليڪن اردو زبان اُتي جي پيدا ٿيل نه هئي، بلڪ دهليءَ کان دولت آباد ۾ پهتي ۽ اتان وري گلبرگ، بيدر، بيجاپور وغيره شهرن ۾ پکڙي.
ٻولين جو عام اُصول اهو آهي ته سڀڪا زبان ابتدا ۾ ڳالهائي ويندي آهي ۽ سندس صورتخطي ڪجهه عرصي کان پوءِ وجود ۾ ايندي آهي. هاڻي سوال آهي ته اردو زبان سڀ کان اڳ ڪٿي پيدا ٿي ۽ ڪڏهن کان وٺي ڳالهائڻ ۾ آئي؟
ياد رهي ته اردو ٻولي هندن ۽ مسلمانن جي اها ڳڏيل زبان آهي، جا مسلمانن جي هندستان ۾ اچڻ بعد سرڪاري ۽ تمدني لاڳاپن سبب اهڙيءَ ريت وجود ۾ آئي، جو اسلامي ٻولين جا هزارين لفظ هندستان جي مختلف ٻولين ۾ گڏجي ويا ۽ هندو توڻي مسلم هندستان جي انهيءَ ٻوليءَ کي سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ لڳا. انهيءَ ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته اردو ٻوليءَ کي موجوده معياري درجي تي پهچڻ ۾ هڪ وڏو عرصو لڳو ۽ مختلف منزلن مان لنگهڻو پيو آهي، ليڪن اردو جي وجود ۾ اچڻ جو سبب، جو مٿي بيان ٿي چڪو آهي، سو سڀني هنڌن تسليم شده آهي. ۽ اها حقيقت به اظهرمن الشمس آهي ته مسلمان سڀ کان اڳي سنڌ ۾ آيا هئا_ هت سندن عربي ۽، ان کان پوءِ، فارسي ٻولين جو هندي ٻولين سان گڏجڻ شروع ٿيو هو. تنهنڪري هيءُ هڪ واضع امر آهي ته اردوءَ جي اصلي جاءِ پيدائش سنڌ آهي.
اڄ کان پنجاهه ورهيه اڳ اردو جي ابتدا مغل درٻار ڏانهن منسوب ڪئي ويئي هئي. جڏهن مغلن کان پهرئين دؤر جا ڪي ڪتاب مليا، تڏهن ڪن صاحبن چيو ته هيءَ زبان بهمني، عادل شاهي ۽ قطب شاهي درٻارين جي ٺاهيل آهي. ٻه ٽي آواز گجرات جي باري ۾ به بلند ٿيا. تنهن کان پوءِ مشهور فاضل، حافظ محمود شيراني مرحوم، ”پنجاب ۾ اردو” ڪتاب لکي، هي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اها ٻولي جهلم ۽ چناب جي وادين ۾ پيدا ٿي ۽ ستلج ۽ راويءَ جي هنج ۾ پلي آهي. شيراني مرحوم جي نظريي جو بنياد ٻولين جي کوجنا جي ڀيٽ واري اصول تي رکيو ويو هو. سڀڪنهن جي کوجنا جو اهوئي ذريعو هئڻ گهرجي، ليڪن خود شيراني مرحوم هڪ وچ واريءَ منزل ۾ پنهنجي اصلي رستي کان هٽي ويو آهي: جيئن ته مٿي بيان ٿي چڪو آهي ته مسلمانن جي هندستانين سان مستقل رهڻي ڪهڻي سنڌ ۾ قائم ٿي ۽ هتي جي باهمي تعلقات سبب ٻنهي ٻولين ۾ گڏجڻ جو آغاز ٿيو.
سنڌ جي اسلامي فتح ۽ ان کان پوءِ جي تاريخ کان جيڪي صاحب واقف آهن، تن کي علامه سيد سليمان ندويءَ جي هن قول کي تسليم ڪرڻ ۾ ڪوبه تامل نه هوندو ته هندن ۽ مسلمانن جي گڏيل ٻوليءَ جو پهريون پينگهو سنڌ آهي. مولانا موصوف 1933ع ۾ مسلم يونيورسٽي عليڳڙهه ۾ ”هندستان ۾ هندستاني“ جي عنوان سان هڪ مقالو پڙهيو هو، جو سندس تقريرن جي مجموعي ”نقوش سليماني“ ۾ 19 صفحي کان 77 صفحي تائين شايع ٿي چڪو آهي. انهيءَ ۾ بلڪل صاف طرح تسليم ڪيو ويو آهي ته ” جنهن کي اڄ اسان اردو چوندا آهيون، انهيءَ جو بوتو واديءَ سنڌ ۾ تيار ٿيو هو“ (صفحو 31). لسانيت ۽ تاريخ جي تفصيلي بحث کي ڇڏي، اسين مختصر طور ڏيکارڻ گهرون ٿا ته ٻي ۽ ٽين صدي هجريءَ (يعني اٺين ۽ نائين صدي عيسوي) ۾ خلافت اسلاميه سان سنڌ کي نهايت ويجهڙائيءَ جا پختا سياسي، علمي، تجارتي ۽ تمدني لاڳاپا رهيا. ملتان ۽ منصوره (جو شهداد پور، ضلعي نواب شاه جي ويجهو، آباد هو ۽ آزاد عرب رياست جو هڪ بارونق صدر مقام هو) ۾ چوٿين صدي هجريءَ جي پڇاڙيءَ تائين عربي ۽ سنڌي زبان عام طور ڳالهائي ويندي هئي، جنهن جي شهادت اصطخري، ابن حوقل ۽ مسعودي وغيره همعصر مصنفن ڏني آهي. اصطخري جي قول مطابق مڪران جي شهرن ۾ فارسي ۽ مڪرانيءَ جو رواج هو (”مسالڪ الممالڪ“ صفحي 17 کان 178 تائين). چوٿين صدي هجريءَ ۾ اها نئين فارسي، جا عربيءَ جي ٿڃ تي پلجي وڌي وڏي ٿي، سا ايران کان ترڪمانستان، خراسان ۽ غزنيءَ ۾ نپجي رهي هئي. انهيءَ عربي آميز فارسيءَ اڳتي هلي اردوءَ جي دائيءَ طور خدمت ڪئي هئي. جڏهن عربن جي حڪومت ۾ زوال آيو، تڏهن سنڌ تي پهريائين غزنوي بادشاهن ۽ ان کان پوءِ غورين جو قبضو ٿيو. سلطان شهاب الدين جي امير ”قباچه“ به سنڌ ۾ آزاد حڪومت قائم ڪئي، مگر سندس حياتيءَ ۾ فوري ترڪن جي هڪ وسيع سلطنت دهليءَ ۾ ٺهي ۽ سنڌ تي به ان جو قبضو ٿي ويو، ليڪن اڳتي هلي، تيموري مغلن جي اچڻ تائين، جڏهن به دهليءَ جي مرڪزي سرڪار ڪمزور ٿيندي هئي، تڏهن به سنڌ جا امراءُ ۽ نواب به خودمختار ٿي ويندا هئا.
ابتدائي دور ۾ عراق ۽ عرب مان هزارن جي تعداد ۾ عرب خاندان لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا ۽ ديبل کان ملتان تائين هڪ وڏي تعداد ۾ انهن جون فوجي ڇانوڻيون ۽ آباديون پکڙنديون ويون. وري انهن علائقن مان، جيڪي هينئر افغانستان، بلوچستان ۽ سيستان ۾ داخل آهن، تن مان هڪ وڏي تعداد ۾ سپاهين، جابلو باشندن، شهري ۽ ڳوٺاڻن ٽولن جي اچڻ جو هڪ وڏو سلسلو شروع ٿي ويو. ان کان به وڌيڪ وڏي پيماني تي هڪ ٻي لڏپلاڻ هئي جيڪا تاتارين جي حملي سبب شروع ٿي هئي. هزارين نه بلڪ لکين مسلمانن کي، پنهنجو وطن ڇڏي، سنڌ ۽ ان کان اڳتي هندستاني علائقن ۾ پناه وٺڻي پيئي. انهن ايندڙن جي ٻولي عام طرح فارسي يا ترڪي هئي، ۽ انهن جي عملي زبان فارسي ٿي ويئي هئي. مسلمانن جي آمد ۽ ڪيترين صدين تائين سنڌ ۾ سندن بود و باش هتي جي تهذيب و تمدن جو رنگ بلڪل بدلائي ڇڏيو هو، ۽ هن ڳالهه ۾ شڪ ۽ شهود نه آهي ته هتي جي مقامي ٻولين ۾ هزارن جي تعداد ۾ عربي ۽ فارسيءَ جا لفظ گڏبا ٿي ويا. اهڙيءَ طرح هيءُ به هڪ يقيني امر آهي ته خود نووارد مسلمامن به هتي جا باشندا ٿي ويا ۽ پنهنجن گهرن ۾ هتان جون ٻوليون ڳالهائڻ لڳا. دراصل شمالي هند جي انهيءَ مخلوط ٻوليءَ جو نالو ”اردو“ آهي، جنهن کي هڪ وڏي عرصي کان پوءِ سرڪاري ۽ نثر جي زبان جو مرتبو دهلي ۽ لکنو ۾ نه، بلڪ فورٽ وليم ڪلڪتي ۾ انگريزن ڏنو هو.
هندستاني ٻولين جي هڪ ماهر مسٽر گوري شنڪر اوجها کوجنا ڪري ٻڌايو آهي ته مسلمانن جي آمد وقت گجرات، مارواڙ وغيره ۾، اتر ۽ اوڀر پڻ وچ هندستان ۾، هڪ مخلوط پراڪرت ڳالهائي ويندي هئي جنهن جو ”قديم هندي“ جي ٺاهڻ ۾ ان جي بگڙيل صورت جو وڏو حصو آهي (”نقوش سليماني“ صفحو 24_ ”بحواله وچئين زماني ۾ هندستاني تهذيب“). انهن پراڻين سنڌي ۽ مغربي هندستان جي ٻولين، اسلامي ٻولين جو سڀ کان پهريون اثر قبوليو. هن ڳالهه ۾ ڪنهن به شڪ جي گنجائش نه آهي ته سنڌ ۽ ملتان ۾ ئي اردو زبان جو ٻج پيو، جيڪو وڌي طاقتور وڻ ٿيو.
تاريخي طور ابتدائي اردو ڳالهائڻ جي ٻولي بنجڻ جو سڀ کان قديم ۽ پهريون ثبوت شيخ فريدالدين شڪر گنج رحه جي اها مختصر گفتگو آهي، جا سندس قريبي زماني جي تذڪره نويس ”سير الاولياء“ ۽ ٻين تاريخي ڪتابن ذريعي اسان تائين پهتي آهي. خواجه فريد شڪر گنج رحه جي ولادت 569هه (73_1174) ۾ ٿي هئي، جڏهن مسلمانن جو قبضو سنڌ ۾ پنجاب کان اڳتي نه وڌيو هو. خواجه صاحب ملتان جي هڪ ڳوٺ ”کوت وال“ ۾ ڄائو هو ۽ ملتان ۾ ئي تعليم و تربيت پرايائين. سنڌ جي شهر اُچ جي ”جامع مسجد جاج“ ۾ سندس قيام ۽ سخت رياضت ۽ مجاهدات جو ذڪر مشهور آهي (”اخبار الاخبار“ صفحو 53 وغيره). خود ملتان شهر، جيئن اهل علم کي معلوم آهي ته، سنڌ جي وڏن شهرن ۾ شامل هو. ملتان کي گهڻي عرصي کان پوءِ پنجاب ۾ شامل ڪيو ويو. حضرت خواجه فريد شڪر گنج رحه جي حياتيءَ جا آخرين ڏينهن به ملتان جي پسگردائيءَ ۾ گذريا هئا ۽ آخرڪار 664هه (اٽڪل 1265ع) ۾ انتقال ڪيائين. سندس هڪ بزرگ خليفي شيخ جمال الدين جو هانبي ۾ انتقال ٿيو. انهيءَ بزرگ جي گهر واري، جا ”مادر_مومنان“ جي معزز لقب سان مشهور هئي، تنهن پنهنجي پٽ کي حضرت خواجه شڪر گنج (رحه) جي خدمت ۾ حاضر ڪيو. حضرت خواجه شڪر گنج (رحه) انهيءَ صاحبزاده (شيخ برهان الدين) جي ننڍيءَ ڄمار جي باوجود کيس خلافت عطا ڪئي. ”مادر_مومنان“ عرض ڪيو ته: ”حضرت خوجا بالا هـﻶ“. تنهن تي حضرت شڪر گنج وراڻيو ته ”مادر مومنان، پونم کا چاند بهي بالا هوتا هـﻶ“.
”جمعات شاهي“، ”تذڪرة الاصفيا“، ”جواهر فريدي“ ۽ انهن کان بعد جي تذڪرن ۾ ٻيا به ڪي لفظ ۽ جملا خواجه صاحب جي زباني اهڙيءَ هنديءَ ۾ منقول آهن، جيڪي بڻجي سڻجي اردو ٿي ويا. جناب مولوي عبدالحق صاحب مدظله حضرت فريدالدين شڪر گنج جا ڪي نظم ۽ هڪ ” لولي“ به سندن تصنيف مان هٿ ڪئي آهي ۽ پنهنجي تصنيف ” اردو کي نشو و نما مين صوفيون کان حصه“ ۾ سندس ڪيترا شعر درج ڪيا آهن. ليڪن نظم بابت اسان جي خيال ۾ هيءَ مختصر گفتگو، جنهن جي درست هجڻ ۾ ڪنهن به شڪ جي گنجائش نه آهي، اردو جي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿي ۽ انهيءَ دعوى جي تصديق ڪري ٿي ته ڇهين صدي هجري ۾ جڏهن ”دکن“ ته ٺهيو، خود گنگا ۽ جمنا جو ميدان اڃا مسلمانن جو وطن نه ٿيو هو، سنڌ جي مختلف ڀاڱن جي اوچي طبقي جي ماڻهن ۾ اردو ڳالهائڻ ۾ ايندي هئي.
مرحوم فاضل شيراني لکي ٿو ته ” اردو پنهنجي صرف ۽ نحو ۾ ملتاني ٻوليءَ سان گهڻي قدر ويجهي آهي. ٻنهي ٻولين ۾ اسمن ۽ فعلن جي پڇاڙيءَ ۾ الف ايندو آهي. ٻنهي ٻولين ۾ جمع جو طريقو هڪجهڙو آهي، ايتري قدر جو ٻنهي ٻولين جي جمع جي جملن ۾ هڪجهڙو قاعدو جاري آهي. ٻنهي زبانن جي مذڪر ۽ مـﺆنث جا قاعدا ۽ مرڪب افعال ۽ توابع هڪجهڙا آهن. (”پنجاب مين اردو“، مقدمه).
وري مرحوم پنهنجي کوجنا ۾ هن ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته انهي زبان جو سرچشمو پنجاب آهي ۽ ڏهين صدي هجري (يعني مغلن جي عهد) ۾ اردو دهليءَ ۽ دوآبي جي زبان بنجي وئي. انهيءَ فاضل جي چوڻ مطابق اها ٻولي اڳتي هلي اردو بڻي. ليڪن اٺين صديءَ ۾ چنگيزي مغلن جي ڦرلٽ پنجاب کي تـﮧ و بالا ڪري ڇڏيو هو ۽ لاهور جو شهر بلڪل تباهه و برباد ٿي ويو هو. اڪبر بادشاه جي زماني تائين هي شهر سڌري نه سگهيو. ائين معلوم ٿئي ٿو ته مرحوم شيراني سڌي سنئين دڳ تي هلندي هلندي هڪ طرف مڙي ويو آهي. حالانڪ، زماني جون منزلون طيءِ ڪندي، اسين اڳتي وڌنداسون ته انهيءَ نتيجي تي ئي پهچنداسون، جو هن مضمون جو عنوان آهي.
لسانيت جي تفصيل ۾ وڃڻ جو وقت نه آهي ليڪن ان جي کوجنا جو ٻيو باب هن ريت شروع ٿو ٿئي ته: اسين اردوءَ جي ابتدائي نشو و نما جو زمانو ستين ۽ اٺين صدي هجريءَ کي قرار ڏيون، جڏهن هندستان تي ترڪن جي حڪومت ۽ فارسي زبان جو سرڪار، درٻار، تعليم گاهن ۽ خانگاهن ۾ پورو دخل هو. اُتر هند جي زبانن ۾ فارسيءَ جي آميزش سان اردو ٻوليءَ جو وجود ۾ اچڻ اهڙي ڳالهه آهي، جنهن کان محدود تحقيق ڪرڻ وارو به انڪار نه ڪندو. انهيءَ زماني ۾ سنڌ جا ڪيترائي شهر اسلامي علوم و فنون ۽ صنعت و تجارت جا مرڪز هئا ۽ مغرب کان دهليءَ ڏانهن ويندڙ رستي تي جيڪڏهن هڪ نگاه وجهنداسون ته اسان کي هيٺيان شهر نظر ايندا: ملتان کان علاوه ’بکر‘ ۽ ’اچ‘ وڌيڪ مشهور آهن.
”اخبار الاخبار“ لکيو آهي ته سيد جلال سرخ، جو مخدوم جهانيان جهان گشت جو ڏاڏو هو، سو بخارا کان اڳ بکر آيو ۽ پوءِ اُچ ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. هي ستين صدي هجريءَ جا بزرگ هئا. حضرت جهانيان جهان گشت رحه جي وفات 707 هجريءَ لکيل آهي. انهيءَ بزرگ گهراڻي سان سلطان فيروز تغلق کي گهري عقيدت هوندي هئي ۽ حضرت جهان گشت ڪيترا دفعا انهيءَ بادشاه جي درخواست تي دهليءَ ويو هو. ليڪن اسان لاءِ اهو اهم اطلاع ”جمعات شاهي“ (ملفوصات حضرت شاه عالم رحه) ۾ محفوظ آهي ته هن پنهنجي ننڍي ڀاءُ سيد راجو قتال رحه جي حق ۾ هي جملا فرمايا هئا ته ”اسان خوجــﻶ تسان راجـﻶ“. خود قتال فيروز شاهه تغلق سان اردوءَ ۾ ڳالهايو هو ۽ سندس طبيعت پڇي هئائين ته ”کاکا فيروز چنگائـﻶ“.
انهيءَ بزرگ پنهنجي ڀاءُ جي پوٽي سيد برهان الدين کي تعليم و تربيت ڏني هئي، جو اڳتي هلي ”قطب عالم“ جي لقب سان مشهور ٿيو. قطب عالم رحه جي ولادت اُچ ۾ 790هه ۾ ٿي. پوءَ هو گجرات ۾ وڃي رهيو ۽ اتي ئي انتقال ڪيائين. سندس ڪشف ۽ ڪرامت ۽ گجرات جي حڪمرانن جي ڏانهس عقيدتمنديءَ جا واقعا تاريخ ۾ گهڻائي بيان ٿيل آهن ۽ هنديءَ جا يا انهيءَ اردو جا، جيڪا سنڌ مان آندي هئائين، سندس ڪيترا جملا، گيت ۽ ڏوهيڙا گهڻي قدر مشهور آهن، جن جي بيان ڪرڻ جي هت ڪا ضرورت نه آهي. ليڪن هن مختصر مقالي ختم ڪرڻ کان اڳ اٺين صديءَ جي هڪ واقعي کي بيان ڪرڻ گهرون ٿا، جو اسان جي نزديڪ انهيءَ ڳالهه جو پتو ڏئي ٿو ته انهيءَ زماني ۾ به سنڌ ۾ اردو عام هئي. اهو واقعو هن ريت آهي ته: 751هه ۾ سلطان محمد تغلق سومرن جي گاديءَ جي هنڌ ٺٽي تي فوج ڪشي ڪئي، ليڪن انهيءَ زماني ۾ هو بيمار ٿي مري ويو. ڏهن ورهين بعد وري فيروز تغلق انهيءَ شهر تي چڙهائي ڪئي، مگر رسد نه ملڻ سبب کيس ناڪام ٿي موٽڻو پيو. ”تاريخ فيروز شاهي“ ۾ شمس سراج عفيف صفحي 331 تي لکي آهي ته انهيءَ وقت ٺٽي جا باشندا گهڻو خوش هئا ۽ انهن هڪ تڪ بندي ڪئي هئي ”برکت شيخ پڻها_ ايک موا ايک هڻا“. پڇاڙيءَ واري لفظ ۾ ڪجهه شڪ آهي ۽ ممڪن آهي ته ڪلڪتي جي ڇاپي انهيءَ کي ”تها“ لکيو آهي. پروفيسر هوڙي والا انهيءَ کي ”بهڪا“ پڙهيو آهي. آءُ انهيءَ کي ”هڻا“ يا ”نهڻا“ خيال ڪريان ٿو. شيخ حسين عرف پير پٺو سنڌ جي مشهور ولين مان آهي. ”تحفـﺔ الڪرام“ واري سندس ولادت 560هه ۽ وفات 606هه لکي آهي. هيءُ بزرگ ٺٽي جي نزديڪ سنڌ ۾ گهڻو مشهور آهي. شهر کان ٿورڙي مفاصلي تي سندس مزار عام و خاص جي زيارت گاه آهي. مطلب ته مٿيون بيان ڪيل پهاڪو، جو معتبر ۽ مستند تاريخن مان نقل ڪيو ويو آهي، سو نه فقط پراڻيءَ اردو جو نمونو پيش ڪري ٿو، بلڪ ان مان چٽيءَ طرح اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ زماني ۾ ڏکڻ اولهه ۾ سنڌ جي عام زبان ڪهڙي هئي.

سنڌ جا اردو شاعر
اردو زبان جي پيدائش ۾ سنڌ جو جيڪو مقدم ۽ معظم حصو آهي، تنهن جو هڪ اجمالي احوال اڳ پيش ڪيو ويو آهي. هينئر اسان انهن دؤرن تي هڪ نگاه وجهون ٿا، جڏهن اردو شعر ۽ شاعريءَ جي زبان بڻجي رهي هئي. جيتوڻيڪ حضرت امير خسرو وغيره جا ڪي متفرق اشعار منقول آهن، جي ابتدائي زبان ۾ عربي بحرن ۾ چيا ويا هئا ۽ خود حضرت فريدالدين شڪر گنج رحه جو ڪلام به ملي ويو آهي جنهن جو اسان مٿي ذڪر ڪري چڪا آهيون، تاهم جيتري قدر اڃا تحقيق جي رسائي ٿي آهي اوتري قدر قديم اردو ۾ باقاعده شاعريءَ جو آغاز قطب شاهي درٻار ۾ ٿيو. قلي قطب شاه (988هه تا 1020هه) پهريون شاعر هو، جنهن جو ڪلام مختلف صفحن ۾ دکني اردو ۾ اسان تائين پهتو آهي_ توهان کي شايد هي ٻڌي تعجب ۽ حيرت ٿيندي ته انهيءَ زماني ۾ اسان کي سنڌ ۾ هڪ مقبول عام اردو شاعر جو پتو ملي ٿو. انهيءَ شاعر جو نالو مير محمد فاضل بکري هو، جيڪو صاحب ”تايخ معصومي“ جي مصنف مير معصوم بکريءَ جو ننڍو ڀاءُ هو ۽ هنديءَ ۾ فصيح ۽ بليغ شعر چوندو هو، جيڪو گهڻي قدر مقبول عام هو، ليڪن افسوس جو سندس ڪلام ڪٿي به ڪونه مليو. ”ذخيرة الخوانين“ ۾ لکيل آهي:
”شعر بزبان هندي از قسم کافي بکمال فصاحت ميگفت و قبوليت داشته“ (”ذخيرة الخوانين“ قلمي_ مصنف شيخ فريد بکري).
دکني شاعرن کان سواءِ شمالي هند جي ٻين شاعرن جو يارهين صدي هجري (سترهين صدي عيسوي) تائين ڪو ديوان يا ڪلام جو مجموعو اردوءَ ۾ نٿو ملي. البته انهيءَ صدي جي پڇاڙيءَ ۽ ٻارهين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ ”ولي“ گجراتيءَ جي ڪلام جو غلغلو بلند ٿيو ۽ دهلي ۾ ”ابرو“، ”مضمون“ ۽ ”حاتم“ وغيره جو دؤر آيو، جنهن کي موجوده اردو زبان جي شاعريءَ جو پهريون دور قرار ڏنو ويو آهي. هينئر اسان توهان کي ٻڌايون ٿا ته جڏهن اردو پنهنجي ترقيءَ جي روشن تاريخي منزلن ۾ داخل ٿي ۽ شاعريءَ جي ذريعي ”ريخنه“ يا ”اردو“ جي نالي هڪ جدا زبان بڻي، تڏهن به سنڌ جا (اردو) شاعر هندستان جي سخنورن سان نه فقط همعصريءَ جي دعوى ڪندا هئا، بلڪ هم چشميءَ جا به دعويدار هئا ۽ اردو ادب جي خدمت برابر انجام ڏيندا ٿي آيا. اها ڳالهه هن دعوى جو چٽو ثبوت آهي ته سنڌ جي اردو شاعرن کي سندن ٺاهيل ۽ نپايل زبان سان دلچسپي ۽ دلي لڳاءُ هو.
جهڙيءَ طرح اردو شاعريءَ جا دؤر متعين ڪيا ويا آهن، تهڙيءَ طرح آءُ به سنڌ جي (اردو) شاعرن کي ٽن دؤرن ۾ ورهايان ٿو:

پــــــهـــــريـــــــون دور: 1700ع/1112هه کان وٺي 1747ع/1160 تائين. ٻيو دور: 1747ع/1160هه کان وٺي 1843ع/1259هه تائين. ٽيون دور: 1843ع/1259هه کان وٺي 1900ع/1318هه تائين. اهي دور زبان جي تدريجي ترقيءَ تي مبني نه آهن بلڪ ملڪي حڪومت جي اعتبار سان انهن کي تقسيم ڪيو ويو آهي.

پهريون دور: 1700ع/1112هه کان 1747ع/1160هه تائين.
توهان کي معلوم آهي ته هندستان ۾ اردو شاعريءَ جو اهو ابتدائي دور سمجهيو ويندو آهي. اردو جو پهريون صاحب ديوان شاعر ”ولي“ گجراتي انهيءَ دور ۾ شهرت حاصل ڪري ٿو. دهليءَ جا اهي مشهور شاعر، جي فارسي شاعريءَ سان گڏو گڏ ”ولي“ گجراتيءَ جي طرز تي اردو ۾ شعر چوڻ شروع ڪيو هو، سي هيٺيان هئا:
”ابـــــرو“ 1747ع مــــطــــابــــــق 1119هه، ”مضمـــــون“ 1745ع،
”ناجي“ 1754ع مظهر جان جانان 1781ع، ۽ ”حاتم“ 1781ع. اهو دور مغليه حڪومت جي انحطاط ۽ تنزل جو هو، تنهن هوندي به سنڌ لاءِ دهليءَ کان گورنر مقرر ٿيندو هو. تاهم پڇاڙيءَ ۾ هڪ خاص سنڌي نسل خاندان حڪومت تي قابض ٿيو ۽ اهو خاندان ڪلهوڙه خاندان هو، جنهن جا ٻه حڪمران انهيءَ دور ۾ ٿيا:
(1) يار محمد خان 1700ع/1112هه کان وٺي 1718ع/1131هه تائين ۽ (2) نور محمد خان 1718ع/1131هه کان وٺي 1747ع/1160هه تائين.
انهيءَ خاندان جي پنهنجي زبان سرائڪي هئي، جنهن جي طرز گفتگو ۽ الفاظ اردوءَ سان ملن ٿا. درٻاري زبان فارسي هئي ۽ هتي سوين فارسيءَ جا شاعر موجود هئا. انهيءَ دور ۾ ڪيترا بلند پايه ڪتاب فارسي زبان ۾ لکيا ويا.
خدا آباد، بکر، بوبڪ، روهڙي، سيوهڻ ۽ ٺٽو انهيءَ وقت اسلامي علمن جا مرڪز سمجهيا ويندا هئا. انهيءَ زماني ۾ نادر شاه هندستان ويندي هتي آيو ۽ ايران موٽندي به سنڌ مان ويو.
ايران جا وڏا وڏا شاعر جهڙوڪ مرزا غالب، شيخ علي حزين ۽ والـﮧ داغستاني وغيره انهيءَ زماني ۾ هتي آيا ۽ مهينن جا مهينا سنڌ جي علمي محفلن ۾ شريڪ ٿيندا رهيا.
هندستان مان به انهيءَ زماني ۾ بلگرامي سادات وقائع نويسيءَ جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ آيا هئا. مير عبدالجليل بلگرامي، سيد محمد اشرف، سيد ڪرم اللـﮧ، سيد محمد نوح، سيد محمد بلگرامي ۽ سيد غلام علي آزاد_ اهي بزرگ پنهنجي زماني جا وڏا عالم ۽ فارسي شاعريءَ ۾ يگانهء روزگار هئا. مير عبدالجليل ۽ غلام علي آزاد جا اردو اشعار به ملن ٿا. سنڌ ۾ انهن جو زمانو 1704ع/1116هه کان وٺي 1723ع/1145هه تائين آهي. مغل گورنرن جي سبب هندستان کان سنڌ ۾ ڪي ماڻهو اهڙا به آيا، جي اردوءَ ۾ شعر چوندا هئا. جيئن ته سيد محمود صابري رضوي استر آبادي، جو دهليءَ ۾ ڄائو هو، سو 1140هه مطابق 1727ع ۾ ٺٽي ۾ آيو ۽ مستقل طور تي اچي رهيو. ”مقالات العشرا“ واري لکيو آهي ته: ”بزبان هندي و فارسي ديوانها متعدد در مرثيه و بعضي در غزليات و مناقب درست کرده“
محمد سعيد راهب، گواليار جو هو، نواب سيف الله خان جي زماني (1724_1137هه 1730ع_1143هه) ۾ ٺٽي ۾ آيو. هيءُ صاحب به مير علي شير ’قانع‘ جي قول مطابق: ”شعر هندي بسيار ميگفت و خوب مي گفت.“
مير جعفر علي ”بي نوا“ هندستان مان مهابت خان ڪاظم جي زماني (1719ع/1132هه 1722ع/1135هه) ۾ ٺٽي ۾ آيو. غلباً اِهو اُهو ”بي نوا“ آهي، جنهن جا ٻه شعر اردو جي تذڪرن ۾ ملن ٿا، جن مان هڪ جو مقطع هي آهي:_
بي نوا هون زکوات حسن کي دﻵ، او ميان مال دار کي صورت
سيد فضائل علي خان ”بي قيد“: پهريائين عمدت الملڪ نواب امير خان جي نائبيءَ ۾ ٺٽي ۾ آيو هو، ليڪن ٻيهر پاڻ صوبيدار ٿي پهتو ۽ هتي ئي رهي پيو_ اردو جو سٺو شاعر هو_ سندس مثنويءَ جا اشعار مير حسن ۽ علي ابراهيم خان پنهنجي تذڪرن ۾ نقل ڪيا آهن.
محسن الدين شيرازي: سورت مان ٿيندو سنڌ ۾ آيو ۽ مير علي شير ’’قانع‘ مصنف مقالات الشعرا سان سندس ملاقات ٿي، جنهن بابت هو لکي ٿو ته:
”اگرچه ولايت زا بود اما هندي فصيح ياد داشت“.
عمادالملڪ نواب غازي الدين خان فيروز جنگ: هيءُ اهو بزرگ هو، جو سترهن سالن جي ڄمار ۾ وزارت عظمى جي عهدي تي پهتو. دهليءَ جو عريبڪ ڪاليج سندس نالي تي يادگار آهي. هي صاحب 1780ع/1195هه ۾، ”گلزار ابراهيم“ جي اطلاع مطابق، سنڌ ۾ آيو هو ۽ فارسيءَ سان گڏو گڏ اردوءَ ۾ به شعر چوندو هو.
اهي سمورا شاعر هندستان مان سنڌ ۾ آيا هئا ۽ انهن جي آمدرفت سبب هتي جي شاعر ۾ اردو شاعريءَ جو ذوق وڌيو، ۽ هتي جي فارسي گو شاعرن فارسيءَ سان گڏو گڏ اردوءَ ۾ به شعر چوڻ شروع ڪيو.
سنڌ واسي اردو شاعر جيڪي انهيءَ دور ۾ ملن ٿا، سي هي آهن:
شيخ ورو يا ورد: سنڌ جي اردو شاعرن ۾ متقدم آهي. ٺٽي جي منصبدارن جي قبيلي سان سندس تعلق هو، ”مقالات الشعرا“ وارو لکي ٿو ته:
”جوانـﻶ صاف طبيعت بود“.
مشهور آهي ته ٺٽي جي قاضيءَ جي هجو ۾ شعر چوندو هو ۽ پڇاڙيءَ ۾ ڪنهن قتل جي الزام ۾ شايد انهيءَ ساڳئي قاضيءَ جي فتوا سان ڦاسيءَ جي سزا مليس. اهو واقعو نواب سيف الله خان جي زماني (1730ع/1142_ 1761ع/1173هه) جو آهي. ”مقالات الشعرا“ ۾ سندس هيٺيون شعر ڏنل آهي ۽ اهو قاضي شهر جي هجو ۾ چيل آهي: ليڪن انهيءَ زماني جي معيار سان ڏسبو ته بلڪل صاف ۽ شسته اردو جي شهادت ڏئي ٿو: چوي ٿو ته:
الايا ايهاالمفتي شده ريش تو جنگلها
اکهاڻيون بال يک يک کر بنائون خوب کمبلها
”جنگل“ ۽ ”ڪمبل“ جو قافيو خوب آندو اٿس. شاعر ”ولي“ گجراتي جي زماني جو ۽ آبرو، مضمون، ناجي، سراج، مرزا مظهر ۽ حاتم کان به اڳ جو آهي.
عبدالسبحان فائز ٺٽوي: هيءُ به صاحب انهيءَ زماني (1724ع/1137هه/ 1730ع/1143هه) جو هڪ مشهور شاعر آهي. ”مقالات الشعرا“ جي مصنف لکيو آهي ته سندس فارسي شاعري ته ظرافت ۽ بذله سنجيءَ سبب شعريت کان خالي هئي، ليڪن ”ايهام هندي خوب نويسد“ ۽ ”هندي و پارسي خوب گفتـﮧ و اثر آن در منقبت ۽ مرثيه واقع“.
سيد حيدرالدين ڪامل المتوفي 1750ع/1164هه، مير رضي الدين احمد فدائي المتوفي 1708ع/1120هه جو فرزند هو. ”مقالات الشعرا“ جو مصنف سندس تعريف ۾ رطب السان آهي ته: ”فارسي، سنڌي ۽ هندي ٻوليءَ تي پوري مهارت رکندو هو ۽ انهن ٽنهي ٻولين ۾ شعر چوندو هو.“ وڌيڪ لکي ٿو ته:
”در ايهام هندي بـــﻶ مثل و دهره و گيت و نکات غريب وضعات عجيب و سائر اقسام زين سان بسيار بزبانها است“.
هن پنهنجا ديوان پنهنجي خاص شاگرد ميان محمد پناه ”رجا“ کي ترتيب ڏيڻ لاءِ ڏنا هئا. نه معلوم اهي ديوان ڪيڏاهن ويا ۽ انهن کي ڇا ٿيو؟ هينئر سندس فقط ڪي ٿورڙا شعر اسان کي ملن ٿا، جيڪي ”مقالات الشعرا“ جي ذريعي محفوظ رهجي ويا آهن. ”مقالات الشعرا“ واري لکيو آهي ته:
”هر چند اشعار هندي ايشان عالمگير است اما فقير آنچه ياد دارد نويسد“.
سندس چند شعر هتي پيش ڪجن ٿا:
لبون دلبر کــﻶ ميرﻵ قتل کان بيڙا اڻهايا هـﻶ
خدايا خون سون ميرـﻵ تو اس کون سرخرو کرنا
___
چاک ناموس کا هـﻶ سينه مين
نام کا زخم هـﻶ نگينه مين
___
خال رخسار کا اچنبا هـﻶ،
گال کـﻶ کهيت مين اُگاهـﻶ تل
___
سويا پڙا هـﻶ کيا اﻵ نازک بدن اکيلا
خون جوش دﻵ ڻپکتا جا من اســﻶ اُڻها ديکهه
___
عشق اب دهول هـﻶ زليخا کا
اس سون آگــﻶ هـﻶ چاه مين يوسف
___
گل گل پگل پگل کـﻶ محبت کي راه مين
پاني هوئي زليخا يوسف کي چاه مين
___
دوست بخشــﻶ گا دوست سب کي سب
گرچـه عاصي هون اس کا عاصي هون
___
کـﮧ يا جس کي داغ چهاتي هي
اسکي مرهم کي بات بهاتي هـﻶ
اهي شعر انهيءَ دور جي ’الهام گو‘ دهلي شاعرن کان ڪنهن به طرح گهٽ نه آهن. سنڌ ۾ اردو شاعريءَ جي مقبوليت ڏسي، هن ڳالهه جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن علائقي نه فقط اردو کي پيدا ڪيو آهي، پر هزار سالن کان پوءِ به اُهو اردوءَ جي واڌاري ۽ ترقيءَ ۾ حصه دار بنيو رهيو.
مخدوم محمد معين بيراگي، المتوفي 1748ع_1161هه، سمورن معقول ۽ منقول علوم ۾ جامع ۽ فاضل هو. هن بزرگ عربيءَ ۾ ڪيترا بيش بها ڪتاب لکيا آهن، جن مان ”دراسات اللبيب“ عربيءَ جي ڪتابن ۾ هڪ بلند پايه ڪتاب آهي.
هندستان سان سندس تعلقات گهرا هئا. هن بزرگ شاه ولي الله جي مدرسي ۾ تعليم پرائي هئي، مير سعد اللـﮧ سورتيءَ سان، جو مير عبدالوالي ”عزلت“ جو والد هو، نهايت گهرا تعلقات هئس. فارسيءَ جو هڪ وڏو شاعر هو. سندس تخلص هو ”تسليم“، ۽ هنديءَ ۾ ”بيراڳي“ تخلص لکندو هو. مخدوم محمد معين جو ديوان بلڪل مفقود ٿي ويو آهي، نه ته معلوم ٿئي ها ته سندس ڪلام ڪيتري قدر شاندار هو.

مير حفيظ الدين علي (المتوفي 1767ع_1181هه) مير حافظ الدين جو صاحبزادو ۽ حيدرالدين ”ڪامل“ جو ڀائٽيو هو. علوم و فنون ۾ پنهنجي چاچي وانگر قابل هو. مير علي شير ’قانع‘ لکي ٿو ته ”هو پنهنجي چاچي جي سمورن ڪمالن جو حامل هو. عالي طبع جو مالڪ هو. هندي شاعريءَ ۾ خسرو جو ثاني هو. جن خيالن ۽ معنائن کي پنهنجن ڏوهيڙن، بيتن ۽ ڪلام جي ڪويتائن ۾ ظاهر ڪيو اٿس، اهو سندس ئي حصو آهي. فارسي ڪلام جي مقابلي ۾ سندس هندي ڪلام گهڻو آهي.“ سندس ڪلام جي خوبيءَ جي باري ۾ لفظ لکي ٿو ته:
”ايهام که از دو، سه و چهار و پنج معني هم گاهي گاهي تجاوز دارد.“
سندس ڪلام جو نمونو هي آهي:
اچار هوا کهڻا پاپڙ هـﻶ مچهي
سرکا بنا توآ کي سوي سلوني اچهي
هن هڪ ئي بيت مان ظاهر آهي ته هيءُ ”ايهام گوئي“ جي صنعت سان گڏ شاعريءَ جي حيرت انگيز ذهانت ۽ زبان تي پوري قدرت رکي ٿو. هن شاعر هڪ ئي بيت ۾ آچار، کٽاڻ، پاپڙ، مڇي، سرڪو توو، سوي (سيوين جو واحد) ۽ سلوڻي جي اٺن کاڌن جا موزون لفظ گڏ ڪيا اٿس. اسان کي اها اُميد ناهي ته لکنو جي ”ضلع جگت” جا استاد شاعر، هڪ شعر ۾ ايترا لازمات آڻي سگهن. پراڻو ۽ پهريون دؤر هن بزرگ تي پورو ٿئي ٿو. هي اهو دؤر آهي جنهن ۾ اسان جو قومي شاعر شاه عبداللطيف رحه موجود هو ۽ سنڌ کي پنهنجي سنڌي ڪلام سان مست ۽ بيخود بنائي رهيو هو.
شاه عبداللطيف اگرچ سنڌي زبان جو پهريون شاعر نه آهي، تاهم هو ٽيون شاعر هو، جن جو ڪلام محفوظ رهيو. بيشڪ سندس شاعري پهريائين دؤر جي شاعري آهي. ۽ هيءَ پڻ هڪ وڏي ڳالهه آهي جو انهيءَ دؤر ۾ به اردو جا ههڙا با ڪمال شاعر موجود هئا.
ٻيو دور 1747ع_1160هه کان 1843ع_1259هه تائين): انهيءَ دؤر کي ٻن حڪومتن سان واسطو پوي ٿو، يعني ڪلهوڙن جو خاندان ۽ ٽالپرن جي حڪومت.
ميان نور محمد جهڙي زبردست ۽ عالي همت حاڪم، نادر شاه جي ڏَن کان پنهنجي ملڪ کي آزاد ڪرايو هو ۽ ان سان گڏ مغلن جا گورنر به اچڻ بند ٿي ويا، ڇو ته مغله سلطنت ”بادشاهي شاهِ عالم از دلي تا پالم“ جي حد تائين وڃي رهي هئي. چنانچه بنا ڪنهن شرڪت جي سنڌ جي حڪومت ميان نور محمد خان جي هٿ اچي ويئي. ميان نور محمد جي وفات 1747ع ۾ ٿي.
انهيءَ کان پوءِ مرادياب 1747ع_1169هه کان 1755ع_1169هه تائين حڪومت ڪئي، جنهن کان پوءِ هيٺينءَ ريت بادشاه ٿيا:
غلام شاه 1755ع_1169هه کان 1173ع_ 1186هه تائين؛ سرفراز 1772ع_1186هه کان 1775ع_1189هه تائين؛ غلام نبي 1775ع_1189هه کان 1777ع_1191هه تائين؛ ۽ عبدالنبي 1777ع_1191هه کان 1782ع_1197هه تائين.
انهيءَ آخري حڪمران سان ٽالپرن جو، جيڪي انهن جا پهرين حامي هئا، ڪنهن ڳالهه تي تڪرار ٿي پيو، جنهن هالاڻيءَ جي ميدان ۾ جنگ جي صورت اختيار ڪئي.
ڪلهوڙن شڪست کاڌي ۽ ٽالپر فتحياب ٿيا. ٽالپرن جي حڪومت جو بنياد حيدرآباد سنڌ ۾ 1782ع_1197هه کان 1843ع_1259هه تائين قائم رهيو. انهيءَ خاندان جا حڪمران هن طرح ٿيا:
مير فتح علي خان 1782ع_1197هه کان 1802ع_1217هه تائين. مير غلام علي خان 1802ع_1217هه کان 1811ع_1227هه تائين. مير ڪرم علي خان 1812ع_1227هه کان 1828ع_1244هه تائين. مير مراد علي خان 1828ع_1244هه کان 1833ع_1249هه تائين. مير نور محمد خان 1833ع_1249هه کان 1841ع_1257هه تائين. مير نصير خان 1841ع_1257هه کان 1843ع_1259هه تائين.
ٽالپر حڪمران علم و ادب جا سرپرست رهيا. ٽالپرن جي دربار ۾ رات ڏينهن فارسي شعر و شاعريءَ جو مشغلو رهندو هو. ٽالپرن جي زماني ۾ ڪيترا معياري ڪتاب لکيا ويا. ٽالپر مير پاڻ به نثر ۽ نظم جا ماهر هوندا هئا. ٽالپرن جي زماني ۾ اردو شاعر گهڻا ئي پيدا ٿيا، ليڪن زماني جي ڦير گهير ۾ اردو ادب بچي نه سگهيو، البته فارسيءَ جا ڪتاب محفوظ آهن.
مان انهيءَ دؤر جي سنڌي شاعرن جو احوال بيان ڪرڻ کان اڳ هي ضروري محسوس ڪريان ٿو ته قارئين قرام جو ڌيان ٿوريءَ دير لاءِ هندستان ڏانهن ڇڪيان، ته سندن ذهن تي اها حقيقت روشن رهي ته انهيءَ دؤر ۾ دهليءَ ۽ لکنوءَ ۾ ڪهڙا ڪهڙا ممتاز شاعر هئا. توهان کي معلوم هئڻ گهرجي ته مان ان دؤر تاريخ کي هڪ صديءَ جي ڊگهيءَ مدت تي ڦهلايو آهي. انهيءَ هڪ صديءَ ۾ اردو شاعريءَ جا هي استاد هئا:
سودا 1713ع_1125هه تائين. درد 1719ع_1123هه کان 1785ع_1199هه تائين. مير حسن 1736ع_1149هه کان 1786ع_1201هه تائين. مير تقي 1724ع_1137هه کان 1810ع_1251هه تائين. جرات ......... 1810ع_1225هه. انشا ............ 1817ع_1233هه. مصحفي 1750ع_1164هه کان 1824ع_1240هه تائين. نظير اڪبر آبادي 1740ع_1153هه کان 1830ع_1246هه تائين. رنگين 1756ع_1170هه کان 1834ع_1151هه تائين. ۽ نصير .......... 1838ع_1254هه.
هينئر آئون توهان سان سنڌ جي اردو شاعرن جو تعارف ٿو ڪرايان. سنڌ جا انهيءَ دؤر جا اردو شاعر هندستان جي استاد شاعرن جو مقابلو ته نٿا ڪري سگهن، ليڪن اسان سندن بلند همتن ۽ اردو کي ساراهڻ کان به رهي نٿا سگهون. سنڌ جهڙي ڏورانهين علائقي ۾ جڏهن ته هن علائقي جو سياسي تعلق دهليءَ کان ڇڄي ويو هو، اردوءَ جي خدمت کان غفلت ڪيل ڪانه هئي.

مير علي شير قانع (1727ع_1140هه کان 1788ع_1203هه تائين): هيءَ اها شخصيت آهي، جنهن جي ”مقالات الشعرا“ کان اسان مدد وٺي رهيا آهيون. ”تحفـﺔ الڪرام“، سنڌ جي تاريخ ۾ سندس بينظير ڪتاب آهي. فارسي نظم ۾ به سندس ڪئين ڪتاب آهن. هو فارسي جو اعلى درجي جو شاعر ۽ اديب هو ۽ اردوءَ ۾ به شعر چوندو هو. هو مير حيدرالدين ڪامل جو شاگرد هو. ”مقالات الشعرا“ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته:
”فقير نيز در حضور آل استاد کامل گاهـﻶ فکر هندي مي کرد.“
فارسيءَ جو تکو شاعر هو. فارسي شاعريءَ جو ڪوبه اهڙو قسم نه آهي جنهن ۾ سندس شعر نه هجن. سندس اندازي مطابق هن جا هڪ لک شعر هوندا. ظاهر آهي ته اهڙي وڏي شاعر ضرور اردوءَ ۾ به شعر چيا هوندا، ليڪن افسوس جو سندس اشعار زماني جي خرد برد کان بچي نه سگهيا، البته هڪ ٻه شعر پنهنجا ”مقالات“ ۾ درج ڪيا اٿس. ليڪن اڏوهيءَ جي کاڄي وڃڻ سبب اهي شعر صاف نٿا پڙهي سگهجن. 1788ع مطابق 1203هه ۾ وفات ڪيائين.
منشي پرسرام مشتري ٺٽوي: هي فارسيءَ جو مشهور شاعر هو ۽ مير علي شير ’قانع‘ جو شاگرد هو. اردوءَ ۾ به شاعري ڪندو هو. فارسيءَ ۾ ”مشتري“ ۽ اردوءَ ۾ ”بيربل“ تخلص ڪتب آڻيندو هو. اردوءَ ۾ سندس استاد مير محمود ’صابر‘ رضوي هو. منشي پرسرام جي ديوان جو پهريون بيت هن ريت آهي ته:
الاهي مد بسم الله کن کلک بيانم را،
سر ديباچهء توحيد گردان داستانم را.
جنهن وقت ”مقالات الشعرا“ لکيو ويو ٿي (1760ع مطابق 1174هه)، انهيءَ وقت منشي پرسرام بلڪل نوجوان هو.

سيــــــــد ثــــــابـــــــت عـــــــلــــــــي شــــــــــــــــــاه ســـــــيـــــــــوهـــــــــــڻ وارو (المتوفي1810ع1225هه): سنڌ ۾ مرثيه گوئي ۾ کيس اهوئي مرتبو حاصل آهي، جو هندستان ۾ مير انيس ۽ مرزا دبير کي هو. سنڌي زبان ۾ سندس بيشمار مرثيا آهن، جن جا ڇپيل مجموعا موجود آهن. هن ٽالپرن جي ڏينهن ۾ گهڻي شهرت حاصل ڪئي. ”فريئر نامه“ جو مصنف مير يار محمد بن مير مراد علي لکي ٿو ته:
در عهدش (مير کرم علي خان) دو آدمي عروج کردند_ ازانها (يکـﻶ پير محمد راشد) دوم ثابت علي نام شاعر، اگرچه مذهبش قرامطه بود، ليکن شاعر در زبان سندهي بينظير بود_در مرثياتش که در ماتم داري حضرت امامين کرامين خوب مرغوب گفته است و تا اليوم در ايام محرم الحرام که مرثيات مي خوانند من تصنيفات او است. (لکيل 1807ع مطابق 1274هه)
سيد ثابت علي شاه سيوهڻ جو باڪمال شاعر ۽ عديم النظير تاريخ گو مخدوم نورالحق مشتاقي ۽ ميان غلام علي ’مداح‘ ٺٽويءَ جو شاگرد هو. سيد ثابت علي شاه جو ڪلام ڇپيل آهي، ليڪن سندس ڪلام جو ڪو نسخو راقم الحروف وٽ موجود ناهي، تنهنڪري ڪلام جي نموني پيش ڪرڻ کان معذور آهيان. سيد ثابت علي شاه جي وفات 1810ع مطابق 1225هه ۾ ٿي هئي ۽ 1704ع مطابق 1153هه ۾ ڄائو هو.
شاهو بن روحل فقير: خيرپور ميرس کان چند ميلن جي مفاصلي تي هڪ مشهور خاندان جي خانقاه آهي. اهو صوفي شاعر انهيءَ خانقاه جي باني ميان روحل فقير جو صاحبزادو هو. سنڌي ۽ ملتاني (سرائڪي) سان گڏ اردوءَ ۾ شعر چيو اٿس. هڪ شعر هن ريت آهي:
”کيا مجهه سون هوئي خطا که سجن بولتا نهين،
کس بيدرد سون ملا رﻵ سجن بولتا نهين“.

سچل سرمست (1739ع_1152هه کان 1829ع_1243هه تائين): هي سنڌ جي اهو مشهور سنڌي زبان جو صوفي شاعر آهي، جنهن جا مٺا نغما اڄ تائين سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پڙلاءُ ڪري رهيا آهي، خيرپور ميرس جي رياست ۾ درازن نالي هڪ بستي آهي؛ هي بزرگ اتي جو رهندڙ هو. سندس اردوءَ جا چند بيت نموني طور هيٺ ڏجن ٿا:
”سارا خيال تيرا مجهه پر گناه کيا هـﻶ
تم هي گواه رهنا ديگر گواه کيا هـﻶ

سنون رﻵ آج سر ميرﻵ بره باران آيا هـﻶ
کرم کر که صرف اوپر ابر نسيان آيا هـﻶ

پتهر هـﻶ ايسي زندگي بـﻶ عشق هـﻶ شرمندگي
جسکو سجن کا درد هـﻶ رويت اس کي زرد هـﻶ
سيد ضياء الدين ضياء ٺٽوي: هيءُ بزرگ مشهور شيرازي خاندان مان هو. هن جو مورث اعلى سيد محمد حسين المعروفي 1487ع مطاق 893هه سومرن جي دؤر حڪومت ۾ ٺٽي ۾ اچي آباد ٿيو هو.
هينئر به اهو خاندان سادات شيرازيءَ جي نالي سان ٺٽي ۾ آباد آهي. سيد ضياء الدين ’ضياء‘ فارسيءَ سان گڏو گڏ اردوءَ جو ديوان مرتب ڪيو ۽ ان جي ديباچي ۾ لکي ٿو ته:
”فقير اضعف العباد ضياءُالدين المتخلص به ”ضيا“ ولد سيد عزت الله الشيرازي ساکن بلده ڻهڻه از غزليات در زبان فارسي و قصائد و مناقب بسيار که هنوز او را ترتيب ديوان نداده و يک مثنوي عشقيه ”هير رانجها“ تصنيف کرده در حضور گردانيده بود_ بالفعل ديوان بزبان هندي تصنيف نموده“.
سيد صاحب جو اهو ديوان، مير ٺارو خان ٽالپر (1284ع_1199هه کان 1829ع_1245هه) جي نالي تي منسوب آهي، جنهن مان پتو پوي ٿو ته مير پور خاص جو ٽالپر حاڪم اردوءَ سان ڏاڍي دلچسپي رکندو هو. سيد صاحب جو اردو ديوان ۾ غزل، مستزاد، ترجيع بند، قصيدا، مخمس ۽ مسدس وغيره مختلف اوصاف سخن مشتمل آهن. ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
آج گلشن مين نوبهار آيا
مت کهو کس کو اپنا يار آيا
کسي کي طاقت نهين که ديکهـﻶ اُسـﻶ
جس نـﻶ ديکها هـﻶ بيقرار آيا
__
نه فراموش هوئـﻶ گا دل سون وه
نام اس کا جو يادگار آيا
نظم روشن ”ضياءَ“ کا معنى
سنج گوهر صرف آبدار آيا
__
رات دلبر کو خواب مين ديکها
جلوه تها ماهتاب مين ديکها
هوگي اس کي حديث طولاني
نسخـﮧ انتخاب مين ديکها
__
هون پريشان موبمو اس کا
زلف کو پيچ و تاب مين ديکها
نور از جبـﮧ مير ڻهارا خان
جلوه گر مهتاب مين ديکها
__
عشق کي راه مين جو کـﮧ باز هوا
آگــﻶ عشاق سرفراز هوا
هوکــﻶ پروانه سان بـﮧ محفل راز
شمع ماند جان گداز هوا
بهره ور هئيگا عشق کي ره مين
جون کـﮧ محمود با اياز هوا

خاموش کيا بلبل از نالـﮧ جان کاه
گلشن مين هوا شور کس غنچـﮧ دهان کا

باريک هوا برگ سخن کا نه ضخامت کا
جب ذکر هوا اس کي کبهي موي ميان کا

هر وقت ”ضيا“ رنگ دگر دور جهان هـﻶ
يکجا کهان هـﻶ فصل بهار اور خزان کا

هيءَ شاعر مير علي شير جو سـﺆٽ، ۽ مير ٺارو خان (المتوفي 1829ع_1245هه) جو خاص مصاحب ۽ درٻاري شاعر هو.

نواب ولي محمد خان ”ولي“ لغاري المتوفي 1832ع مطابق 1248هه_ حيدرآبادي ٽالپرن جي حڪومت جي زماني ۾ امير الامراءَ ۾ سپه سالار هو. هن صاحب جي فارسي ۾ مثنوي ”هير رانجها“ ۽ فارسي ديوان شاعرانه ڪمال جو هڪ بين ثبوت آهن. نواب صاحب علم طب ۾ مهارت رکندو هو. سندس هڪ ڪتاب ”مصالح الامراض“ جي نالي سان مشهور آهي. سندس اردو ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
آب حيات چشمه ظلمات کـﻶ هـﻶ اندر
مجهه کو هـﻶ آب حيوان چاه ذقن دهن کا

مير صوبيدار خان راللمتوفي 1832ع مطابق 1247هه): هيءَ مير فتح علي خان ٽالپر، سنڌ جي حڪمران، جو پٽ هو، ۽ فارسيءَ جي خوشگو شاعرن مان هڪ هو ۽ شاعرن جو وڏو قدردان پڻ هو، اردوءَ ۾ به شعر چوندو هو. ڏک جهڙي ڳالهه آهي، جو سندس ڪلام موجود هوندي به دستياب نه ٿيو.

خليفو نبي بخش خان (المتوفي 1834ع مطابق 1250هه): حضرت پير سائين محمد راشد عليـﮧ الرحمـﺔ المعروف به پير سائين روضي ڌڻي 1756ع مطابق 1170هه کان وٺي 1817ع مطابق 1224هه تائين) جو خاص مريد ۽ خليفو هو. حضرت پير صاحب محمد راشد رحه حر تحريڪ جو پايو وجهندڙ حضرت پير محمد صبغت الله شاه (المتوفي 1830ع مطابق 1246هه) جو والد بزرگوار هو. سندس درگاه خيرپور ميرس جي قريب آهي.
مطلب ته خليفي نبي بخش جو روحاني تعلق انهيءَ گهراڻي سان هو. خليفي صاحب جو سنڌيءَ ۾ هڪ رسالو ۽ هڪ مثنوي، ادبي يادگار آهن. سندس رسالي ۾ هڪ وڏو تعداد غزلن جو به آهي. سندس اردو ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
مجهه تشنگي کي آگ بجهانــﻶ کو نه آيا
بهر جام وصل ساقي پلانـﻶ کو نه آيا
تجهه عشق کي آتش مين جلتا هون سدا مين
ڻک نين بهي نينون سـﻶ ملانـﻶ کو نه آيا.

ٽيون دور (1843ع مطابق 1254هه_ 1900ع مطابق 1318هه): هينئر اسان ناظرين ڪرام جي خدمت ۾ سنڌ ۾ اردو شاعريءَ جو ٽيون دؤر پيش ڪريون ٿا. هي دؤر سنڌ ۾ انگريزن جي عهد حڪومت کان شروع ٿي 1900ع مطابق 1318هه تي پورو ٿئي ٿو.
1843ع_1259هه ۾ حيدرآباد (سنڌ) جي ويجهو مياڻيءَ جي ميدان ۾ ٽالپرن کي شڪست آئي ۽ سنڌ تي انگريزن جو قبضو ٿي ويو. نئين زبان ۽ نئون قانون آيو؛ پراڻي تهذيب ۽ تمدن جو بساط بدلجي ويو؛ ڪي بزرگ رهجي ويا هئا، جن پنهنجو چراغ نئين طوفان ۾ به پنهنجي حياتيءَ تائين روشن رکيو.
انهيءَ زماني ۾ بعض هستيون ته اُهي آهن، جيڪي ميرن جي زماني جي پيداوار آهن، ليڪن سندن زمانو انگريزن جي عهد حڪومت ۾ گذريو، ۽ وري ڪجهه اهڙا صاحب علم به هئا، جيڪي انگريزن جي حڪومت ۾ ڄاوا ۽ وڌي وڏا ٿيا. ليڪن ان کان اڳ ته آءُ اهڙن شخصيتن جو احوال بيان ڪريان، بهتر ته ائين ٿيندو ته هڪ دفعو ٻيهر توهان کي دهليءَ ڏانهن وٺي هلان ته توهان جي ذهن ۾ انهيءَ زماني جي اتي جي شاعرن جي ياد اچي وڃي.
اردو ادب جي تاريخ ۾ اهو دؤر ”ناسخ“ (1838ع مطابق 1254هه) کان شروع ٿي، مولانا حالي مرحوم (1838ع_1203هه کان 1912ع_1260هه) تي پورو ٿئي ٿو. انهيءَ دؤر جا اردوءَ جا نامي گرامي شاعر هيٺيان هئا:
مير ممنون (1838ع_1203هه کان 1912ع_1260هه تائين)، آتش (1846ع_1263هه تائين)، مومن (1800ع_1215هه کان 1851ع_1263هه تائين)، ذوق (1789ع_1204هه کان 1862ع_1279هه تائين)، ظفر (1775ع_1189هه کان 1862ع_1279هه تائين)، غالب (1797ع_1212هه کان 1869ع_1285هه تائين)، ۽ حالي (1837ع_1253هه کان 1915ع_1331هه تائين). هينئر وري ناظرين ڪرام جي خدمت ۾ سنڌ جي اردو شاعرن جو احوال بيان ڪجي ٿو.
ميان قادر بخش ”بيدل“ روهڙي وارو (1814ع_1230هه کان 1873ع_1289هه تائين): انهيءَ دؤر جو آغاز ميان قادر بخش ”بيدل“ جي نالي سان شروع ٿئي ٿو. هن جي شخصيت انهيءَ دؤر ۾ اهائي حيثيت رکي ٿي، جا پهرئين ۽ ٻئي دؤر ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه ۽ سچل سرمست رحه جي هئي. شعر و شاعريءَ جو ذوق سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هو. هن ڪيترا ديوان فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ ۽ هڪ ديوان اردوءَ ۾ به ترتيب ڏنو هو. نظم کان سواءِ فارسي نثر ۾ ڪيتريون تصنيفون پنهنجي پٺيان ڇڏي ويو آهي. عربي، سنڌي، فارسي ۽ سرائڪيءَ تي يڪسان قدرت رکندو هو ۽ اردو به ڄاڻندو هو. روهڙيءَ جي شهر ۾ رهندو هو ۽ اتي ئي دفن ٿيو.
ٽالپرن جي عهد حڪومت ۾ (1814ع مطابق 1230هه) ڄائو هو ۽ انگريزن جي صاحبيءَ ۾ 1873ع مطابق 1289هه) وفات ڪيائين. فارسيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ ”بيدل“ تخلص ڪندو هو ۽ اردوءَ ۾ ”طالب“. اردوءَ ۾ سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

دل وحدت طلب فارغ نه قيد جسم و جان هوگا
کـﮧ بيڻهک عاشقان دائم بـﮧ ملک لامکان هوگا
___
معشوق بـﻶ پروا کو گرچه عبث هـﻶ التجا
عشاق کو بهتر نهين زين شکوه کار مگر
___
مرتا هون تيرﻵ ناز کا آغاز هـﻶ هنوز
خوني کفن يه ناوک انداز اور هـﻶ
___
مين هون مشهور عشق بازي مين، خاصهء درد غم مجازي مين
___
آج گلشن مين چلو ديکهو که چرچا اور هـﻶ
باغ مين گل رخ کـﻶ آنـﻶ سـﻶ تماشا اور هـﻶ
___
نکهت سنيل بنفشه سـﻶ معطر هين دماغ
عطر بيزي شاخ آن زلف پريشان اور هـﻶ

مخدوم عبدالڪريم (المتوفي 1855ع_1272هه): مخدوم غلام حيدر ٺٽويءَ جو فرزند ۽ اردو جو هڪ ڀڙ شاعر هو، افسوس آهي ته سندس ڪلام جو نمونو اڃا تائين ملي نه سگهيو آهي. سندس وفات 1855ع مطابق 1272هه ۾ ٿي.
غلام حسين ”افضل“ سبز پوش ٺٽوي (المتوفي 1861ع مطابق 1278هه): هيءُ هڪ نازڪ خيال شاعر هو. نثر نويسيءَ ۾ به وڏو ڪمال رکندو هو. ”تنبيـﮧ المعاندين“، ”مثنوي نان و نمڪ“، ”نظم نوروز“ ۽ انشاء افضل“ سندس ادبي يادگار آهن. اردو ۾ سندس ڪلام جو نمونو ناهي. ۽ جمادي الثاني 1278هه مطابق 1861ع ۾ انتقال ڪيائين. پڇاڙي عمر ۾ ”اسد“ تخلص ڪندو هو.
صورت سنڌي (1881ع مطابق 1299هه). هي صاحب هندو هو، سندس نالو صورت سنگهه هو. سندس اردو ديوان 1881ع مطابق 1299هه ۾ ڪراچيءَ جي ”وديا ونود“ نالي ڇاپي خاني ۾ ”پريم تت“ جي نالي سان شايع ٿيو هو. ڪتاب جي آخر ۾ هيٺين فارسيءَ ۾ عبارت ڇپيل آهي:
”الحمد لله على احسانه و افضالـﮧ کـﮧ درين آوان بهجت افتران اين گوهر ناياب بي بها در مکنون مخفي يکتا اعلى نسخـﮧء هذا المسمى بـﮧ ”پريم پرشا“_ ومعروف بـﮧ ”ديوان صورت بهار“ من کلام بلاغت انجام فصاحت ارتسام شاعر شيرين گفتار رشک شعراي روزگار ديوان صورت سنگهه به انتظام منور برنگ سراج ديوان ليکهراج سابقـﮧ مختيار کار حال پنشن بردار، سکنـﮧ شهر حيدرآباد سندهه، در مطبع ”وديا ونود“ کراچي مطبع شد.“
انهيءَ اردو ديوان جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ منظوم تقريط هڪ ٻئي اردو نوز ”منشي کيمچند“ جي لکيل آهي، تنهنڪري انهيءَ جا چند بيت ناظرين ڪرام جي خدمت ۾ پهريائين عرض رکجن ٿا:
يه گلزار بـﻶ خار صورت بهار
کهلين جس مين معني کـﻶ غنچـﻶ هزار

شگفته هين گل اس مين رنگين نگار
کئي بلبلين اس په هوتين نثار

کئي قسم کـﻶ رنگ اور اس مين ڊهنگ
هندستان، پنجاب، دکهني نيار

محبت کي گلبن هون جس مين کهلـﻶ
صفت صدق کـﻶ نهر جاري هزار

”صورت“ پنهنجي ديوان ۾ غزلن، قصيدن ۽ مثنوين کي هندستاني راڳن جي طرز تي لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ هر هنڌ هندي راڳن ڏانهن اشارا به ڪيا اٿس.
”صورت“ جي سنڌي ديوان ۾ فارسي ۽ سنڌي ڪلام موجود آهي_ اردو جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
جس کو خدا ياد وه آباد هميشـﮧ
آباد هميشـﮧ هـﻶ دل شاد هميشـﮧ
___
درويش کي جهولي مين خزانه هـﻶ غيب کا
طوبى هـﻶ رود نيل هــﻶ کاسه فقير کا
___
اپنـﻶ مرشد کا فقيرون کا خدا طالب کا
ديکهه جاتا هون مين ديدار تيرﻵ کوچـﻶ مين

جهوڪ جي صوفي بزرگ شاه عنايت جي مدح ۾ اهو هندو شاعر چوي ٿو:
خدا کا پيار هـﻶ محبوب يا رب مولا
عجب هـﻶ صوفي سلطان صاحب دولا

جس نگاه مين آتـﻶ هين نور کـﻶ شعلـﻶ
جس کـﻶ جسم مين الله کـﻶ عشق کا اولا
بشر عنايت الله و قلندر هـﻶ
شـﮧ شهيد شهادت که مرتبا پايا

سيد غلام علي ”گدا“ هاشمي: علم معقول و منقول ۾ آخوند روشن احمدي ۽ آخوند روشن حيدرآباديءَ جو شاگرد هو. ٽالپرن جي صاحبيءَ ۾ نهايت عزت ۽ احترام سان رهندو هو. هزهائينس مير حسن عليءَ جي درٻار کان پگهار ملندي هيس. سندس اردو ڪلام جو ڪو نمونو نه ملي سگهيو آهي.

هزهائينس مير علي خان بهادر: هيءُ ٽالپر خاندان مان حڪمران گهراڻي جو چشم و چرغ هو، جنهن جي عمر غريب الوطني ۽ افلاس ۾ گذري. هو شعر و شاعريءَ جو گهڻي قدر شوقين هو. فارسي ۽ سنڌيءَ جو بهترين شاعر، اردو شعر به چوندو هو؛ ليڪن سندس ڪلام جو ڪو نمونو دستياب نه ٿي سگهيو آهي. هن صاحب، مشهور فارسي ڪتاب ”سڪندر نامه“ جو سنڌي نظم ۾ ترجمو ڪيو هو.

مخدوم ابراهيم خليل ٺٽوي: هيءُ هڪ جليل القدر عالم ۽ فارسي زبان جو بلند پايه شاعر هو. پنهنجي بزرگوار مخدوم عبدالڪريم صدي نقشبنديءَ کان تعليم و تربيت حاصل ڪيائين، تنهن کان پوءِ ميان مير زاهدي شاڪراڻيءَ کان تعليم پرايائين. شروع ۾ ”مسڪين“ تخلص ڪندو هو ۽ پوءِ ”خليل“ ڪرڻ لڳو_ پاڻ لکي ٿو ته:
”بزبان هندي هرچه کرده ام در آن هم تخلص ”مسکين“
است و زبان هندي را فقير نداند، مگر از سبب اثر
صحبت سيد غلام محمد ”گدا“ تخلص که چهار و پنج
روزه در بلدهء ڻهڻه بود و ديوان ناسخ و آتش و آباد
را ديده شد ازان اين قدري اثري شد که چند غزل گفته.“
انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ ناسخ، آتش ۽ آباد جا اردو ديوان اچي چڪا هئا ۽ سنڌ جا اهل ذوق انهن کي گهڻي شوق سان پڙهندا هئا. مخدوم ابراهيم ”خليل“ جي ڪلام جو ڪو نمونو اسان کي نه ملي سگهيو آهي. مخدو ابراهيم ”خليل“، مير علي شير قانع جي ”مقالات الشعرا“ جو ’تڪمله‘ لکيو آهي، جنهن ۾ هن 1760ع مطابق 1174هه کان وٺي 1888ع مطابق 1303هه تائين، فارسي شاعرن جو احوال ڏنو آهي ۽ هيءُ اسان جي هڪ پوري صديءَ جي ادبي تاريخ آهي، هن ڪتاب جو فقط هڪڙو ئي نسخو لاهور ۾ موجود آهي.
محمد زمان حبيب (المتوفي 1888ع مطابق 1306هه): هيءُ مخدوم ابراهيم ”خليل“ جو صاحبزادو هو ۽ اردو جو دلداده هو. سندس اردو ڪلام جو نمونو نه ملي سگهيو آهي_ سندس انتقال 1888ع مطابق 1306هه ۾ ٿيو هو.

قاضي غلام علي جعفري طياري (المتوفي 1885ع مطابق 1303هه): هيءُ يحى جعفر جو پٽ هو، سندس اردو ڪلام هن وقت پيش نٿو ڪري سگهجي.
پير حزب الله شاه تخت ڌڻي (1842ع مطابق 1258هه کان وٺي 1890ع مطابق 1308هه): هي بزرگ به پير پاڳارو هو؛ ۽ ”تخت ڌڻي“ سندس لقب هو. فارسيءَ ۽ عربيءَ تي ڪمال عبور هئس. ”تخت ڌڻي“ گهڻي قدر خوشخط هو ۽ شعر و شاعريءَ سان کين گهڻو شوق هو، فارسيءَ ۾ هڪ ديوان سندس ادبي يادگار آهي. ”مسڪين“ تخلص ڪندو هو. سندس درٻار عالمن ۽ اديبن لاءِ مرجع عام هئي. ايران ۽ هندستان مان اهل علم و فاضل سندس خدمت ۾ ايندا هئا، هيءُ انهن جي مدد ڪندو هو. سندس اردو ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
آتا هـﻶ چمن مين بت گلفام همارا
ساقي بخدا بهر دﻵ مجهـﻶ جام همار

گر مين نه کيا اس بت طناز کو سجده
آئيگا کسي کام يه اسلام همارا

محمد يوسف خان ظهير: هي اصل ۾ سنڌي هو، نوڪريءَ جي سلسلي ۾ يو_پي ۾ رهندو هو. هيءُ غلام محمد خان ”خيبر“ جو شاگرد هو، سندس ڪلام ”يادگار ضيغم“ ۾ موجود آهي.
ابراهيم شاه صوفي: سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

جيسـﻶ دن سون سجن بچهڙا، ميرا دل تب سـﻶ هـﻶ جل جل
وداع کي آگ بجلي جون، ابر چشمان جون باران هـﻶ


نظر علي فقير ڪنڊڙيءَ وارو: ڪنڊڙيءَ جي مشهور صوفي شاعر ميان روحل جو پوٽو هو_ سندس اردو ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

ادهر تو مجهه سـﻶ کهتا هـﻶ که چل تو يار کـﻶ ڊيرﻵ
ادهر تن مجهه سـﻶ کهتا هـﻶ که تو دکهه مجهکو مت دﻵ دﻵ

فتح سنڌي: هيءُ به انهيءَ دؤر سان تعلق رکي ٿو_ سندس هڪ بيت هيٺ ڏجي ٿو:
خدا باقي دگر خاکي بقائـﻶ باغ مين جانا
سمجهه سن بات هو سيانا پکڙلـﻶ راه رباني

بهادر سنڌي: هيءُ به انهيءَ دؤر سان تعلق رکي ٿو. انهيءَ جو به هڪ اردو بيت ناظرين ڪرام جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو:
اتني نظر مهر کي کرتـﻶ ”بهادر“ اوپر
پان کا بيڙا صنم تم نـﻶ کهلايا نهين
اسان جي سنڌي شاعر ”پان جو ٻيڙو“ شايد ڪن لکنو جي شاعرن کان مستعار ورتو آهي، نه ته سنڌ جي معاشرت ۾ پان کي دخل ناهي. هونءَ ته سنڌ ۾ پان جي استعمال جي شهادت هندن جي دؤر حڪومت ۾ ملي ٿي_ مـﺆرخن جو چوڻ آهي ته راجا ڏاهر جڏهن محمد بن قاسم جي مقابلي لاءِ اروڙ جي ميدان ۾ پهتو ته هاٿيءَ تي سندس ٻه ٻانهيون پاندان کنيو ويٺيون هيون. سنڌ ۾ هندن جي دؤر حڪومت ۾ پان جو استعمال هوندو هو، ليڪن اسلامي حڪومت جي دؤر ۾ هتي پان جو رواج بلڪل نه هو، نه ته سنڌي شاعر انهيءَ لفظ کي ضرور استعمال ڪن ها.

هزهائينس مير عبدالحسين سانگي (1852ع مطابق 1269هه کان وٺي 1924ع مطابق 1343هه تائين): حيدرآباد جي ٽالپر حڪمران گهراڻي جو آخري چشم و چراغ هو. انگريزن جي صاحبيءَ ۾ پينشن ملندي هيس. سنڌيءَ جو هڪ بلند پايه شاعر هو. سندس ڇپيل ديوان ۾ اردوءَ جا غزل به گهڻي انداز ۾ آهن. سندس اردو ڪلام گهڻي قدر صاف ۽ شسته آهي. ناظرين ڪرام جي خدمت ۾ چند بيت پيش ڪجن ٿا:
جب پريشان صنم زلف دوتا کرديگا
دل ديوانه کو زنجير به پا کرديگا

ايک بوسه جو فقيرون کو عطا کرديگا
اﻵ صنم ميرا خدا تيرا بهلا کرديگا
___
دل عشاق لينـﻶ ولـﻶ هين، کان مين يار کـﻶ جو بالـﻶ هين
ديکهنـﻶ مين جو آئـﻶ تارﻵ هين، مرﻵ آهون کـﻶ وه شرارﻵ هين

چوٿون دور: 1900ع مطابق 1320هه تائين سنڌ ۾ اردو شاعريءَ جو ٽيون دؤر پورو ٿيو ۽ انهيءَ کان پوءِ اردوءَ جو چوٿون دؤر شروع ٿيو. انهيءَ دؤر ۾ ”انجمن ترقي اردو“ جي شاخ قائم ٿي، جنهنڪري ڪراچيءَ ۾ انهيءَ نئين دؤر جا ڪجهه شاعر ٻاهران آيا ۽ ڪجهه اتي ئي پيدا ٿيا ۽ ڪراچيءَ جي فضا ۾ مشاعرن جو شور وڌڻ لڳو. ڪراچيءَ ۾ شاعريءَ جو ذوق پيدا ٿي ويو. اردوءَ جو مشهور ڊراما نويس ”آغا حشر“ مرحوم به ڪجهه عرصي تائين ڪراچيءَ ۾ رهيو. آغا مرحوم جي سبب اردو زبان جي هتي ڪافي ذوق رهيو. انهيءَ چوٿين دؤر جا خاص شاعر مير ايوب، مولا بخش ”همدم“ ۽ ”افسر“ امروهوي هئا، جن مان پهريان ٻه صاحب هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن ۽ ٽيون صاحب جيئرو آهي.
هن مضمون کي ختم ڪرڻ کان اڳ مان هڪ سنڌ جي اردو شاعر جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. اهو شاعر شيرين بيان آهي عاليجناب مير علي نواز خان ٽالپر، خيرپور ميرس جو سابق فرمانروا، جنهن اردو ٻوليءَ کي پهريون دفعو، سنڌ ۾ درٻاري زبان بڻايو ۽ پنهنجي شاعريءَ لاءِ اردوءَ کي چونڊيو. پنجاب جي مشهور افسانه نويس حڪيم احمد شجاع صاحب ۽ حفيظ جالنڌري پنهنجي ابتدائي دؤر ۾ انهيءَ درٻار سان وابسته هئا. هزهائينس جا دهليءَ جي مشهور شاعر، آغا شاعر قزلباش مرحوم، سان به گهڻي قدر گهاٽا تعلقات هئا. سندس وفات بعد ڪيترن ورهين کان پوءِ هينئر وري خيرپور ميرس ۾ اردو ٻوليءَ جي رونق نظر اچي ٿي ۽ اسان کي نئين زندگيءَ جو هڪ پيام ٻڌائي ٿي.

[روزنامه ”مهراڻ“، سالگره نمبر، 15_جنوري 1961ع]

سنڌي هندن جو فارسي ادب ۾ حصو

سنڌ جي اسلامي دؤر ۾، سنڌي هندن، فارسي زبان ۽ ان جي ادب ۾ انهيءَ حد تائين ڪمال پيدا ڪيو، جو منجهانئن ڪيترا اهڙا بزرگ پيدا ٿيا. جن سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ پنهنجي لاءِ هڪ مستقل مقام پيدا ڪيو. جيڪو به صاحب سنڌ جي فارسي ادب جي تاريخ لکندو، ته انهن هندو اهل قلم جي نالي وٺڻ کان سواءِ ان کي پورو ڪري ڪونه سگهندو.
سنڌ ۾، فارسي زبان کي درٻاري سرپرستي اگرچه مغلن جي قبضي بعد حاصل ٿي، ليڪن انهيءَ رواج ۽ رسم کي ڪلهوڙا ۽ ٽالپر حاڪم به هلائيندا آيا. دفتري زبان فارسي هئي، خط پٽ ۽ حڪم احڪام سڀ فارسيءَ ۾ لکيا ويندا هئا، ملڪي ڪاروبار خواه مالي معاملات جا رجسٽر ۽ رڪارڊ سڀ فارسي زبان ۾ لکيا ويندا هئا. دربار ۽ درباري اميرن جي اگرچه مادري ٻولي سنڌي هئي، ليڪن شعر و سخن جي مشق فارسيءَ ۾ ڪئي ويندي هئي. مدرسن جو نصاب به عربي ۽ فارسيءَ جي ڪتابن تي مشتمل هو، تنهنڪري تعليم جو مقصد ئي ان دؤر ۾ فارسي پرائڻ سمجهيو ويندو هو.
هندو بزرگ ملڪي خواه مالي محڪمن ۾ وڏن وڏن عهدن تي هوندا هئا، تنهنڪري ملازمت جي حد تائين به هنن لاءِ فارسي سکڻ لازمي هو، ليڪن منجهانئن ڪيترن صاحبن دفتري ضرورتن کان تجاوز ڪري، فارسيءَ جي ادب ۽ انشا، خواه شعر و سخن ۾ ڪمال جي حد تائين دسترس پيدا ڪري، انهيءَ ڏس ۾ ناموري حاصل ڪئي.
هن وقت مسلمانن جو علمي ذخيرو جيئن اسان وٽان گم ٿيل آهي، ساڳيءَ طرح هندن جو ادبي سرمايو به زماني جي الٽ ڦير ضايع ڪري ڇڏيو آهي. تاهم ڪن مشاهير ادب جا نالا تذڪرن ۾ محفوظ رهجي ويا آهن، ۽ چند ڪتاب به سندن تصنيف ڪيل هتي نظر اچي وڃن ٿا.
”انشاءِ عطارد“ موجود آهي؛ منشي ٽوپڻ مل جي ”تاريخ سنڌ“ به ملي ٿي؛ پنڊت لاله جي ”تاريخ سنڌ“، جيڪا هن ٻارهن جلدن ۾ مرتب ڪئي، سا به ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته سنڌ ۾ ڪنهن بزرگ وٽ محفوظ آهي، سنڌي ادبي بورڊ ۾ ”دستور العمل رامچند ٺٽوي“ موجود آهي. خبر نه آهي ته انهيءَ قسم جا ٻيا ڪهڙا ڪهڙا جواهر پارا سندن قلم مان نڪتا، جيڪي اسان جي دؤر کان اڳ ئي، زماني جي اٿل پٿل غائب ڪري ڇڏيا.
هندو صاحبن، خطاطيءَ جي سلسلي ۾ به پنهنجو پاڻ خوب ملهايو. گهڻو ڪري، ”محڪمهء انشا“ ۾ کين ملازمت ملندي هئي. شاهي خطن ۽ فرمانن لکڻ سبب، هڪ ته کين انشا نويسيءَ ۾ ڪمال حاصل ٿيو، ۽ ٻيو خوشخطيءَ ۾ منجهن سليقو پيدا ٿيو. مون پنهنجي اکين سان سنڌي لکيل ڪتاب ڏٺا آهن، جيڪي خطاطيءَ جي نقطهء نگاهه سان ايراني خوشنويسن کان ڪنهن به طرح گهٽ ڪونه آهن. نندومل قانون گو سيوهاڻي، همت سنگهه، ٽيڪمچند مولچند لاله داس قانون گو روهڙي، ۽ ديوان شوقيرام، هن آخري دؤر جا خوشنويس هئا.
فارسي ذوق ۽ علمي شوق سبب، سنڌ جي ڪيترن عامل ۽ مينشي گهراڻن ۾ ڪتبخانن گڏ ڪرڻ جو به شوق هو؛ چنانچه ڪيئي اهڙا خاندان موجود هئا، جن وٽ ادب ۽ تاريخ تي بيش بها خزانا ۽ نادر ذخيرا موجود هئا. مان پنهنجي سر خيرپور جي هڪ عمر رسيده بزرگ وٽ ويس، جنهن پنهنجي ڪتبخاني جا ڪتاب گهڻو ڪري سڀ بنارس يونيورسٽيءَ کي هديتاً ڏيئي ڇڏيا هئا ۽ باقي جيڪي بچيا هئس، سي هن منهنجو ذوق ڏسي مون کي ڏيئي ڇڏيا؛ جي اگرچه 5_6 مخطوطا هئا، ليڪن سڀئي قمتي ۽ بيش بها هئا. انهيءَ بزرگ موڪلائڻ وقت پنهنجي سنگتين ساٿين ۽ پراڻي زماني کي ياد ڪندي، حافظ جو هيٺيون شعر پڙهيو، جنهن جو اثر اڄ تائين منهنجي دل تي آهي:
حريفان بادها خوردند رفتند،
تهي خمخانها کردند رفتند!
مسٽر گوپ_ آر_ گربخش Indian Historical Records Commission جي1938_1939ع وارن اجلاسن ۾ سنڌ جي تاريخي مواد تي به پيپر پڙهيا آهن، جن مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته راءِ بهادر تارا چند شوقيرام، ديوان لوڪامل گوبند بخش، ارجن سنگ جاگيردار عمرڪوٽ، ديوان وسڻ مل چنديراماڻي، راءِ صاحب ڏيا رام ڇٽومل ۽ راءِ صاحب حشمتراءِ لال سنگ، وغيره. وٽ قلمي ڪتابن جا نادر ذخيرا هئا. هن صاحب ڪن ڪتابن جي فهرست به ڏني آهي، جيڪا هتي ڏيڻ طوالت جو سبب ٿيندو، ليڪن انهيءَ جي ڏسڻ مان خبر پوي ٿي ته سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر جي تاريخ تي انهن بزرگن وٽ تقريباً سڀئي نادر ڪتاب موجود هئا؛ ازانسواءِ فارسي ديوان، ۽ مثنويون به تقريباً سڀئي وٽن هيون؛ اهي صاحب پنهنجي لاءِ هندو ۽ مسلمان ڪتابن کان هميشه ڪتاب نقل ڪرائيندا رهندا هئا. ديوان سوڀراج نرمل داس ”فانيءَ“ لاءِ ته خود کي ذاتي ڄاڻ آهي ته وٽس نادر مخطوطا موجود هئا. خاص طرح سنڌ جي فارسي شاعرن جي ديوانن جو وڏي ۾ وڏو ذخيرو وٽس محفوظ هو.
پاڪستان ۽ هندستان جي جدا ٿيڻ وقت، لڏ پلاڻ سبب انهن ذخيرن مان ڪيترا مجموعا برباد ٿي ويا، فارسي مخطوطن جا ڪيترا ورق پسارين جي پُڙين ۾ ڪتب ايندا اسان ڏٺا، ۽ ڪيترا ڪتاب ڪوڏين جي قيمت ۾ فٽ پاٿن تي واڪن سان وڪامندا ڏٺاسين.
شعر و سخن جي ميدان ۾ به هنن صاحبن، مسلمانن جي دوش بدوش، شهسواري ڪئي. منجهن ڪئين صاحب طرز ۽ صاحب ديوان شاعر پيدا ٿيا. مير علي شير ’قانع‘ جي تذڪري ”مقالات الشعرا“ ۾ ڪيترن هندو شاعرن جو ذڪر آيو آهي: مثلاً
(1) لاله آسارام_ ”شاهنامه ۽ سڪندرنامه جو حافظ هو، ۽ خود به شعر و سخن جي ميدان جو ڪامياب شهسوار هو.“
(2) اوڌي رام _ ”رنگين طبع، مليح بيان، ۽ سنجيده فڪر“ شاعر هو. نادر شاه جي قتل تي هن هيٺيون بيمثل تاريخي قطعو چيو:
شاه شاهان نادر ايران ديار
داشت باغ دولتش خرم بهار
تاکه از حکم قضا پيک اجل
تيز بگرفتش عنان اختيار
بهر تاريخ وفاتش عقل گفت
”رخت بست از تخت هستي شهريار“
(3) بشن گوپال_ نواب مهابت خان ”ڪاظم“ جي دؤر جو ”صاحب طبع“ شاعر هو.
(4) بالچند ”آزاد_ ”جوان باهوش و فطرت و روشن طبع“ شاعر هو، تاريخ گوئيءَ ۾ گهڻي غضب جو ڪمال هو، هجويه ۽ مدحيه تاريخي قطعا نهايت آسانيءَ سان چئي ويندو هو، محمد مرادياب جي تخت ڇڏڻ ۽ غلام شاه جي مسند نشينيءَ تي هيٺيون قطعو سندس چيل آهي:
”بنشست غلام شاه به مسند جاه“
”برخاست مرادياب نوميد به آه“
(5) ٿائنريو مل ”بينا“_ نصرپور جو باشندو ۽ شيوڪرام ”عطارد“ جو شعر ۾ شاگرد هو.
(6) تيغ مل ”ڀاٽيو“_ هڪ مشهور شاعر هو، هيٺيون شعر سندس قادر ڪلاميءَ جو شاهد آهي:
قربانم ازان چشم که در هر نگه از ناز
صد زنده کند مرده و صد مرده کند زنده
(7) چتر ڀوج_ ٺٽي جو مشهور شاعر هو ۽ بقول مير علي شير ”فن انشا ۾ سندس ڪوبه مثال ڪونه هو، سندس منشات مشهور هيون؛ تاريخ گوئيءَ، نظم خواه نثر ۾، بلاغت جو صاحب هو؛ تاريخ گوئيءَ ۾ سحرڪاري ڪندو هو، ٺٽي جي هڪ حاڪم جي مرڻ ۽ ان جي جاءِ تي سندس پٽ جي مسند نشينيءَ تي هيٺين تاريخ چيائين:
نقاب نيست در مصراع ’طوسي‘
که ’مرگ خر بود سگ را عروسي‘
1167هه
ٺٽي جي منصبدار لاءِ هڪ دفعي هيٺين تاريخ چيائين:
خرد يک سال از اين پيش گفته
”سگـﻶ برجائـﻶ کيبائـﻶ نشسته“
1165هه
هجويه تاريخ گوئيءَ سان گڏ، مدحيه تاريخ ۾ به کيس بيمثل درڪ هو؛ قاضي محمد امين جي انتقال تي چيائين:
’به رحمت ايزدي پيوست.،“
1160هه
(8) لاله جميعت راءِ_ ”طبيعت جو سنجيدو ۽ طرز پسنديده“ جو صاحب هو.
(9) بنواليداس ”خوشنود“_نواب سردار خان جي دؤر جو شاعر هو؛ شاعريءَ ۾ کيس دلپسند دسترس هئي.
(10) پرتاب راءِ ”خوشدل“_ دلير خان جي دؤر جو شاعر هو؛ ”پر فهم و صاحب حالت“ بزرگ هو، هي شعر سندس آهي:
جرعه صهبا سحر در عين مستي ريختم
آبروئي آفتاب از ميء پرستي ريختم
(11) درگاهي مل_ مغل دؤر جو، ٺٽي جي منشي گهراڻي مان هو، شعر و سخن طرف سندس طبيعت جو خاص ميلان هو.
(12) دوله مل_ ٺٽي جو شاعر هو.
(13) دولت رام_ ترخاني دؤر جو شاعر هو.
(14) ابي چند_ اصل لاهور جو هو، ليڪن سڄي زندگي سنڌ ۾ گذاريائين.
(15) ذوقي مل_ ”صوفي منشي“ بزرگ هو، هندستان کان لڏي اچي ٺٽي ۾ رهيو؛ سڄي ڄمار شعر و سخن جي خدمت ڪندو رهيو.
(16) سري رام ٺٽئي_ ”طبيعت شعر و سخن ڏانهن ڪمال جي حد تائين مانوس هيس.“ هڪ مثنوي تصنيف ڪيائين؛ غزل جو هڪ شعر اٿس:

داغ عشقت بدل هر که نشاني دارد
روز آفات جهان مهر اماني دارد.
(17) مهته دوله رام ”شوقي“_ هالن جو شاعر ۽ انشا نويس هو؛ تاريخ گوئيءَ ۾ به کيس ڪمال حاصل هو؛ مير ڪرم علي خان پنهنجي ”مجموعه دلڪشا“ ۾ هن جي 84 شعرن جي هڪ مثنوي نقل ڪئي آهي، جيڪا هن مير صاحب جي شڪار تي لکي آهي؛ سندس غزل جو هڪ شعر آهي:
برو اي خواب از چشم که امشب يار مي آيد
بدولت خانه ام آن دولت بيدار مي آيد.
(18) شيوڪ رام ”عطارد“_ پنهنجي دؤر جو عديم المثل ۽ عظيم الشان شاعر هو. شعر ۾ سندس استاد ”محسن“ ٺٽوي هو.
ميان غلام شاه جي دربار ۾ خاص منشي هو. ”انشاء عطارد“ سندس تصنيف آهي. ديوان به يادگار ڇڏيائين. مير علي شير، کيس ”طبع برجسته ۽ طرز گزيده“ جو صاحب سڏي ٿو.
(19) ٽيڪ چند ”فرهنگ“_ ٺٽي ۾، نواب مريد خان سان 1098هه ۾ آيو. ”جوان قابل ۽ منشي بي بدل“ هو، سڄي ڄمار سنڌ ۾ گذرايائين.
(20) کافر ”مجذوب“_ 1111هه ڌاري زنده هو؛ سندس هڪ شعر آهي:
ديوار کعبه کهنه شد از دست بوس خلق
کافر بيا تو سجده حق کن بروي بت
(21) چندر ڀان ”عاجز“_ سيوهڻ جو شاعر هو. سندس شعر هي آهي:
خم شکسته و شيشه خالي، جام عشرت سرنگون،
ميء فروشي، باده نوشي طرب از ميخانه رفت.

تار زنار است گويا بار بر دوش هنود،
بت پرستي از برهمن کفر از بيتخانه رفت.

بست در بزم محبت رنگ و بويء ارتباط،
شور بلبل، لطف گل، سوداي زلف از شانه رفت.
(22) شيوڪ رام ”مخلص“_ چندر ڀان ”عاجز“ جو پٽ هو، ۽ بهترين شاعر هو.
(23) پرسرام ”مشتري“_ قوم جو ڀاٽيو، ۽ هنديءَ جو شاعر هو؛ مير علي شير ۽ محمود ”صابر“ جو شاگرد هو.
(24) منشي مينگهراج_ مصنف ”منشات مراءت الخيال“ نواب حفظ الله خان جي زماني جو شاعر هو.
(25) کيت مل مهتو ”نشاطي“_ نصرپور جو شاعر هو؛ سندس هڪ شعر آهي:
تاز گلگون ساغرت بوي گلاب آمد برون،
زاهد صد ساله از مسجد خراب آمد برون.
(26) پوپٽ راءِ ”وحشت“_ اصل لاهور جو هو؛ نواب احمد يارخان ”يڪتا“ سان گڏجي ٺٽي آيو، ۽ باقي زندگي هتي بسر ڪيائين، مير علي شير لکي ٿو:
”جيتوڻيڪ هندو هو، ليڪن تصوف ۾ سندس مرتبو بلند هو؛ اعتقاد به بلڪل صاف هيس، ۽ سيد سڳورن ۽ مشائخن سان خاص عقيدت هيس؛ شروع جي زماني ۾ مسلمانن وانگر تعزيت داري ڪندو هو.“
(27) ڀائي دلپت رام_ فارسيءَ جو پر گو شاعر هو، سندس مثنوي ”جنگ نامه“ جو هڪ نسخو، راءِ بهادر ڏيارام جي ڪتبخاني ۾ موجود هو، سندس هڪ شعر آهي:
ترياق فضل ايزد در دست هرکه باشد،
”دلپت“ به امن باشد، بيمش ز دل برفت.
(28) دولت رام مهتو_ فارسي شعر و سخن ۾ گوهر يڪتا هو.
(29) منشي صاحب راءِ آزاد ملڪاڻي_ ٽالپر دؤر جو عظيم الشان شاعر هو؛ صاحب ديوان هو، ليڪن افسوس جو سندس ديوان ناياب آهي. ”محڪ خسرويءَ“ ۾ سندس 43 غزل منتخب ڪيا ويا آهن. جيڪي هن پنهنجي معاصر شاعرن، مثلاً ’عظيم‘ ٺٽوي، ’صابر‘ ٺٽوي، ’مائل‘ ٺٽوي، ولي محمد لغاري، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان جي تتبع ۾ چيا آهن.
(30) منشي ننديرام_ انگريزي دؤر جو فارسي دان هو؛ اگرچه شاعر نه هو، ليڪن فارسي ادب سان سندس خاص اُنس هو؛ تاريخ سان زياده دلچسپي هيس؛ تاريخ معصوميءَ کي سڀ کان پهريائين هن صاحب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو.
اسان محض نموني خاطر، چند بزرگن جو ذڪر ڪيو آهي، ورنه سنڌ ۾ جن هندو صاحبن فارسي علم ۽ ادب ۾ حصو ورتو، تن جو تعداد ڪو ڳاڻاٽي ۾ اچڻ جيترو نه آهي.
اِهي ته اُهي بزرگ هئا، جن کي اسان جي اکين ڪونه ڏٺو، ليڪن هن ڪالهوڻيءَ ڳالهه، جيتوڻيڪ فارسيءَ جو چلتو به ختم ٿي ويو هو، پر پراڻي تهذيب ۽ تمدن جا سنڀاليندڙ صاحب ڪيترائي موجود هئا، جن کي نه فقط اسان جي ڪنن ٻڌو پر اسان جي هنن گنهگار اکين به ڏٺو؛ مثلاً ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب، پرنسپل شاهاڻي، ڪاڪو ڀيرو مل مهر چند، دادو ڄيٺمل پرسرام(1)، ۽ ديوان صوڀراج نرملداس ”فاني“: اهي بزرگ هئا ته اگــــرچــــه ســـنـــڌيءَ جـــا بـــيـــمــــثــــل اديـــــــب، لــــــــيـــــــڪن فــــارســــــيءَ جــــــــو بــــــــه کين ايڏو ذوق ۽ شوق هو، جو جڏهن موج ۾ اچي، ’جامي‘، ’رومي‘ ۽ ’حافظ‘ پڙهندا هئا ته سندن جذبي کي ڏسي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويندي هئي. خدا کين بخشي ۽ سندن روح کي راحت پهچائي؛ اسان جي اڳيان هڪ هڪ ٿي اٿي ويا!
ڊاڪٽر هرومل سدا رنگاڻي اسان جو معاصر آهي ۽ اڃا ننڍو نوجوان آهي. سنڌ ۾ تاريخ جو پروفيسر هو_ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ”سنڌ جي فارسي ادب جي تاريخ“ تي حاصل ڪيائين. داڻو پاڻي قسمت جي وس آهي، انسان ڇاٿو ڪري سگهي؛ ورهاڱي جي واءَ وڇوڙي جا ورق ورائي، هتان کيس کڻي وڃي دهليءَ پهچايو آهي؛ اکين کان اڄ اگرچه دور آهي، ليڪن دلين کان دور نه آهي؛ جتي رهي شل اتي خوش هجي_ آمين.
گر به مانيم زنده، مي دوزيم،
جامه اِي کز فراق چاک شده!
ور به ميريم، عذر ما بپذير.
اي بسا آرزو که خاکه شده!

(”شاگرد“ ماهنامه،.... 1957ع)

________________________________________
(1) دادي ڄيٺمل پرسرام مرحوم جي حب الوطنيءَ جي هيءَ ڪيفيت هئي، جو بمبئيءَ ۾ وفات وقت پنهنجن پوين کي وصيت ڪري ويا آهن ته سندس هاٺي يا گورو يعني سندس چکيا جي خاڪ سنڌ جي سدا حيات سنڏو درياءَ جي سپرد ڪئي وڃي:
ساريندي سائينءَ کي، آءُ جي هت مياس،
ميائي جياس، جي وڃيم مڙه ملير ڏي.

سنڌ جي جديد ادب تي سرسري نظر

هر ملڪ، هر سرزمين ۽ هر قوم جون پنهنجون ريتون روايتون، پنهنجا طور طريقا، پنهنجي رهڻي ڪهڻي، ۽ پنهنجي زبان ۽ ادب ٿئي ٿو. انهن سڀني شين جي تشڪيل جغرافيائي حدبنديءَ، قديم تاريخ، آب و هوا ۽ ڪن ٻين قدرتي شين جي ذريعي ٿئي ٿي. سنڌ به قديم ملڪ آهي، ۽ هر چند مختلف قبيلن، قومن ۽ ذاتين تي سندس آبادي مشتمل آهي، ليڪن رهاڪو صدين کان رهندي رهندي قدرتي طرح هن سرزمين جي اُنهن سڀني روايتن سان گهرو ۽ اڻ ٽُٽ لاڳاپو پيدا ڪري ويا آهن، جيڪي ايامن کان هن ملڪ جو جزو ۽ حصو بڻيل آهن.
جيئن سنڌ جي هر شيءِ نرالي ۽ پنهنجي آهي ۽ ٻين کان مختلف آهي، تيئن سندس ادبي روايتون ۽ روشون، فڪر جا طريقا ۽ سوچڻ جا ذريعا پڻ علحدا آهن. مثلاً: شعر ۾ سنڌ جون ٻه شيون خاص آهن، يعني ڪافي ۽ ڏوهيڙا! سنڌ جو سڄو فڪر، ۽ سنڌ جي سڄي ذهني تشڪيل انهن ٻن شعري صنفن ۾ سمايل آهي. انهن کان سواءِ ٻيون جيڪي طرزون، طريقا ۽ نيون جدتون پيدا ڪيون ويون آهن، سي خارجي، غير طبعي ۽ نامناسب آهن. انهن جون پاڙُن واريءَ مٿان آهن، زمين جي پاتال تائين پهتل نه آهن. اهوئي ڪارڻ آهي، جو جن شاعرن مٿي بيان ڪيل ٻن طرزن کان هٽي شعر چيو آهي، تن کي قبول عام حاصل ٿي ڪونه سگهيو آهي. ماڻهن جي دلين تائين سندن اهي گفتا پهچي ڪونه سگهيا آهن ۽ نه ماڻهن جي دماغ ۽ فڪر تي انهن ڪو اثر قائم ڪيو آهي. ڪي قدر سندن ڪتاب موجود آهن، ڪن ڪن شوقينن وٽ لڀي به پوندا، ليڪن انهن جي حيثيت ادب جي تاريخ ۾ اهڙي نه آهي جو هوند انهن کان اکٻوٽ ڪجي ته ادب جي تاريخ ۾ ڪو هاڃو يا وڏو خال ٿي پوي. گويا سنڌ ۽ سنڌي زبان جي خمير ۽ ضمير ۾ ڪابه ڌاري ۽ خارجي شيءِ جٽاءُ ڪري ئي ڪانه ٿي سگهي.
جڏهن سنڌ جي ادب جي تاريخ اسان جي يارن لکڻ شروع ڪئي، ان وقت انهيءَ قسم جي شاعريءَ کي_ جنهن کي آءُ خارجي چئي چڪو آهيان_ هنن ”موزون شاعريءَ“ جو نالو ڏنو. خدا نه ڀلائي ته انهيءَ طرز جو باني خليفي گل محمد کي چيو وڃي ٿو، جنهن جي شعر جو مجموعو ”ديوان گل“ جي نالي سان ٻه دفعا کن ڇپيو بلاشڪ آهي، ليڪن سندس ڪلام ڪنهن به عام يا خاص کي ياد ڪونه آهي. ”موزون شاعري“ درحقيقت غزل کي چيو وڃي ٿو، جيڪو فارسي زبان جي ذريعي هندستان ۾ پهتو ۽ انهيءَ جو نقل هتان جي ماڻهن انهيءَ وقت ڪرڻ شروع ڪيو، جڏهن سندن ذهن ۽ فڪر ۾ انگريزن جي غلامي زوال آڻي چڪي هئي.
اسان جي ڪيترن معزز شعرن انهي ”موزون شاعريءَ“ جي ميدان ۾ شهسواري ڪندي، ڪابه ڪوتاهي يا پاڻئون گهٽتائي ڪانه ڪئي آهي، ليڪن جنهن صورت ۾ غزل جا عناصر ۽ اجزاء ترڪيبي ڌاريا هئا ۽ مڪاني ماڻهو انهن سڀني تشبيهن، استعارن ۽ اصطلاحن کان ناواقف هئا، جيڪي غزل جو زيب ۽ زينت ٿين ٿا، تنهنڪري ان ۾ دلچسپي ڪانه ورتائون. حقيقت ۾ ان کي ”موزون شاعري“ چوڻ به موزون نه آهي، بلڪ انهيءَ کي ”تقليدي شاعري“ چئي سگهجي ٿو، جيڪا نتيجو آهي قومن جي زوال ۽ غلاميءَ جو. جيڪڏهن گستاخي معاف ۽ جان بخشيءَ جي ڪا صورت پيدا ٿئي، ته هن چوڻ ۾ مون کي ڪابه هٻڪ ڪانه ٿيندي ته انهيءَ زمري جي شاعرن کي شاعر نه، بلڪ ”عطائي شاعر“ سڏي سگهجي ٿو.
سنڌ جو فڪر، سنڌ جي تعليم ۽ سنڌي ذهن جي جيڪڏهن تلاش ۽ تحقيق ڪرڻي هجي ته اُها غزل گو شاعرن جي ديوان مان نٿي ڪري سگهجي، بلڪ ڪافين، ڏوهيڙن ۽ ٻين ٺيٺ سنڌي صنفن جي کاڻ مان مَڻين ۽ هيرن کي ڪڍي، پروڙي ۽ پرکي سگهجي ٿي! انهيءَ پنهنجي وَٿ کي سنڌ جا رهاڪو دِلي جي وڄت، چَپڙن جي جهانءِ، ۽ يڪتاري جي سرتار تي، ڪَن جي هٿ رکڻ بعد، ’اَلو ميان‘ سان شروع ڪن ٿا.
سنڌ جي انهيءَ ٺيٺ شعري ادب کي ٽن دورن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهريون اهو دور آهي جيڪو انگريزن جي گرفت کان پهرين، ڪافيءَ ۽ ڏوهيڙي جي صورت ۾ پاڻ وٽ موجود آهي. ٻيو دور آهي جيڪو انگريزن جي قبضي بعد شروع ٿي، مرزا قليچ بيگ مرحوم جي شاعريءَ تي ختم ٿئي ٿو. ٽيون دور اهو آهي جيڪو پهرينءَ عالمي جنگ جي خاتمي کان ٿورو اڳ شروع ٿيو ۽ اڄ تائين هليو پيو اچي.
انهيءَ ٽئين دؤر کي اسان ترقي يافته دور، جديد دور يا اُهو دور سڏي سگهون ٿا، جنهن ۾ سنڌي شاعريءَ تي پنهنجي آسپاس ۾ ٿيندڙ واقعات جو اثر پيو، سماجي صورتحال کان متاثر ٿي طبقاتي تحريڪ منجهس دخل ڏنو ۽ سنڌي شاعري، زبان خواه پيغام ۽ فڪر جي لحاظ سان، اسان جي زندگيءَ جي صحيح ۽ سچي پچي صورتحال ۾ پيوست ٿي ويئي.
انهيءَ جديد دور کي پڻ پاڻ ٽن حصن ۾ ورهائي سگهون ٿا. پهريون دؤر، خلافت تحريڪ کان وٺي 1936ع تائين آهي. ٻيو دؤر 1937ع کان شروع ٿي، 1947ع تائين اچي ٿو، ۽ ٽيون دور 1947ع يعني پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين پهچي ٿو.
پهريون دؤر، جيڪو پاڻ مقرر ڪيو اٿئون، ان ۾ ڪيئي بزرگ شاعر ٿي گذريا آهن، جن ان وقت جي هنلدڙ قومي مسئلن، طبقاتي ظلمن ۽ سماجي بي رحمين کان متاثر ٿي، شاعريءَ جي ذريعي جدوجهد جو جهنڊو بلند ڪيو. درحقيقت پهرين عالمي جنگ کان وٺي، ٻيءَ عالمي جنگ تائين جيڪو عرصو آهي، اُهو وڏي ڪشمڪش جو دور رهيو آهي. سنڌ جو عوام پهرين عالمي جنگ جي بند ٿيڻ کان پوءِ ٽن قومن جي پيڙا ۾ رهيو. پهريون پير، جنهن مذهب جي ذريعي عوام جي ذهن کي مفلوج ڪيو ۽ کين سوچ جو موقعو ڪونه ڏنو! ٻيو زميندار، جنهن عوام جي سماجي صورتحال کي ناقابل بيان ۽ ناشاناتيءَ جي حد تائين خراب ۽ خوار ڪري ڇڏيو! ۽ ٽيون طبقو هو انهيءَ واپاريءَ جو، جنهن وٽان سنڌي عوام، لوڻ ۽ مرچ جي صورت ۾ کڻت کڻندو ۽ ڀريندو رهيو؛ ليڪن رقم ساڳئي جي ساڳي ۽ اوتري جي اوتري قائم رهندي رهي. تنهنڪري ڪامورو هر وقت انهن جو مددگار ۽ حامي ٿي رهيو. انهيءَ پيڙا ۽ صورتحال کي محسوس ڪري، انهيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ جيڪي شاعر پيدا ٿيا ۽ جن جهاد ڪيو، تن ۾ سڀ کان سرويچ ۽ سورهيه حيدربخش جتوئي هو، جيڪو خود ڪامورو هو. ڪامورڪي ماحول ۾ رهي، ٿيندڙ ظلم هن اکين سان ڏٺا؛ جنهن صورت ۾ قلب تي ڪاراڻ ۽ دل تي ڪامورڪي ڪٽ ڪانه چڙهي هيس، پاڻ انسان هو ۽ دل زنده هيس ۽ انهيءَ دل ۾ درد هيس، تنهنڪري نوڪريءَ کي پراڻيءَ جتيءَ وانگر پري اڇلائي، انهيءَ منجهائيندڙ ماحول کي ترڪ ڪري، تياڳ ڏيئي، ٻاهر نڪري آيو. اهو سڀني کان پهريون شاعر آهي، جنهن ”شڪوو“ لکيو، ڪفر جون فتوائون سٺائين، مهراڻ جي موجن سان مخاطب ٿيو ۽ اهڙن عنوانن هيٺ شعر چيائين ، جن ذهني انقلاب آڻڻ ۾ جادوءَ جو ڪم ڪيو. انهيءَ دور ۾ ”هاري ڪميٽي“ پڻ ٺهي. مولانا وفائي ” توحيد“ ڪڍي، پيرن جي جهروڪي ۾ جهانءِ وجهي ڇڏي، انهيءَ ٺيهيءَ کي ڊاهي، ان جا سمورا طلسم ٽوڙي تارتار ڪري، هڪٻئي کان ڌارئون ڌار ڪري ڇڏيا. حيدربخش جتوئي، زمينداريءَ جي قلعي تي نه فقط شعرن جا تير هلايا ۽ ان جي در ديوار ۾ گرزن سان گهاءُ ڪيا؛ بلڪ ”هاري ڪميٽي“ بنائي، زميندارن جي سڄي سسٽم کي تهه و بالا ڪري ڇڏيو. پيريءَ ۽ زمينداريءَ جي خاتمي جو سلسلو انهيءَ دؤر ۾ شروع ٿيو، اگرچه غبارو اڄ تائين هوا ۾ هلندو وتي، ليڪن منجهانئس هوا انهيءَ زماني کان نڪري چڪي آهي. انهيءَ دؤر ۾ ٻيا به ڪيترا شاعر هئا، جن مان کيئل داس ’فاني‘ ڪشنچند ’بيوس‘، قادر بخش ’حقير‘، ليکراج ’عزيز‘ ۽ قادربخش ’بشير‘ جا نالا وساري نه سگهبا. پويان ٻه دؤر، جن جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو، در حقيقت انهيءَ پهرئين دؤر جي جدوجهد جو نتيجو ۽ حاصل آهن.
ٻيو دؤر 1936ع کان شروع ٿئي ٿو، جنهن ۾ سنڌ بمبئي کان جدا ٿي ۽ سنڌ جي ليڊر شپ زميندار شاهيءَ جي قبضي ۾ اچي ويئي. پيسو وٽن جام هو، تنهنڪري انهن پنهنجي مرضيءَ ۽ مقصدن کي پوري ڪرڻ لاءِ وزارتن ۽ اسيمبلين کي استعمال ڪري، هڪ دفعو وري پاڻ کي جيئدان ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
انهيءَ دور اسان جي ادب تي خاص اثر ڪيو. زميندارن ۽ پيرن جي ٽهي اڃا پوريءَ ريت ٽٽي ڪانه هئي؛ ويتر جو وزارتون، ميمبريون ۽ سنڌ جو سڄو صوبو سندن ور چڙهي ويو، تنهن سنڌ جي عوام کان اُسهڻ ۽ اُسرڻ جو موقعو وري کسي ورتو. انهن حالتن اديبن کي نئين سر سوچڻ تي مجبور ڪيو. اسان جي اديبن سمجهيو ٿي ته بمبئي کان جدا ٿي، سنڌ جا سڄا مسئلا حل ٿي ويندا؛ طبقاتي فرق مٽبو، غريبن جا ڏک لهندا ۽ سنڌ جو عوام ريان کيان ٿي، زندگيءَ جي جدوجهد ۾ صحتمند قدم اڳتي وڏائي دنيا ۾ آبرو مندانه مقام حاصل ڪندو! ليڪن مسئلو حل ته ڪونه ٿيو، الٽو غلاميءَ، ڏک ڏاکڙي جا ڪيئي زنجير نئين سر سندن هٿن پيرن، ذهن ۽ سوچ تي پئجي ويا.
انهيءَ دؤر ۾ ضرورت جي مدنظر حيدربخش جتوئي، عبدالڪريم گدائي، قادربخش حقير، نارائڻ شيام، ڪيرت ٻاٻاڻي، هري دلگير، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ محمد ابراهيم جويي نه ڇڙو نظم، بلڪ پهريون دفعو ڊرامي ۽ افساني کي پڻ پراڻين اندر سڀائي روايتن کان ڇني ڌار ڪري، منجهس نئون روح ڦوڪي، بيان ڪيل فرعوني ۽ سلطاني طاقتن جي قلعن کي ڪيرائڻ لاءِ ڪتب آندو.
انهيءَ دؤر جو سمورو ادب، مذڪوره زماني جي سنڌ جي چشم ديد ۽ حقيقت ڀري تاريخ آهي. افسانو، ڊرامو ۽ شعر جيڪڏهن پڙهبو ته معلوم ٿيندو ته سنڌ ۾ سياسي ۽ سماجي طرح ڇا وهي واپري رهيو آهي؟ ۽ ڪهڙيون طاقتون هيون، جن جو ادب جي انهن اوزارن سان مقابلو ڪيو ويو.
دؤر حاضر جو عظيم سنڌي شاعر شيخ اياز، انهيءَ ٻئي دؤر جي آخري حصي جي پيداوار آهي ۽ انهيءَ دؤر ۾ ٿيندڙ ظلمن ۽ ڏاڍاين جي عمل جو ردعمل آهي.
1947ع کان اسان جي جديد ادب جو ٽيون دؤر شروع ٿئي ٿو. هن دؤر کي جيڪڏهن اسان پنهنجي دؤر جو سنهري دؤر، قيمتي دؤر، ابدي ۽ ازلي دؤر سڏيون ته هوند بيجا نه ٿيندو. هنن ٻاويهن سالن جي مختصر عرصي اندر، سنڌي ادب جي صفا ڪايا پلٽجي ويئي هئي ۽ اميد کان وڏو انقلاب آيو آهي.
آءُ هن دؤر کي انهيءَ ڪري قيمتي، سونهري، ازلي ۽ ابدي سڏيان ٿو، جو هن دؤر جو سڄو ادب بامقصد آهي. ڊرامو، افسانو، شعر جيڪي ڪجهه چيو ويو آهي، سو سـﺆ فيصد مقصديت جو حامل آهي. اسان وٽ هن وقت اڻ ڳڻيا اهڙا شاعر موجود آهن، جن جي هڪ هڪ سٽ سون سان تورڻ جي لائق آهي. اگرچه شعر ۾ ڪافي ۽ ڏوهيڙي کان هٽي به، هنن ڪيئي صنفون ايجاد ۽ استعمال ڪيون آهن، ليڪن اُهي سڀئي روايتي ۽ تقليدي قيد و بند کان آزاد آهن ۽ انهن جي بي روح جسم ۾ ڪافيءَ ۽ ڏوهيڙي جهڙي جان وجهي ڇڏي اٿن. شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، نياز همايوني، شمشير حيدري، پروانو ڀٽي، امداد حسيني، ذوالفقار راشدي، تنوير عباسي، محسم ڪڪڙائي، بردو سنڌي، الطاف، قمر شهباز، فتاح ملڪ، سليم ڳاڙهوي، تاج صحرائي، استاد بخاري ۽ آثم ناٿن شاهي، اهي سڀئي شاعر اهڙا آهن، جن کي هر سنڌي پنهنجي ڳچيءَ جو ڳانو سمجهي ٿو! ڪنهن به وقت، ڪنهن به منزل ۽ ڪنهن به صديءَ ۾ انهن کي وساري ڪونه سگهبو.
انهن شاعرن نه فقط سنڌي شعر کي بامقصد بنايو آهي، ليڪن زبان کي جيڪي ڏاج ۽ ڏيوڻ ڏنا اٿن، سي پڻ اچرج ۾ وجهندڙ آهن خارجي لفظ، بيجان محاورا ۽ اڻ ڏٺل استعارا_ جيڪي چور دروازي کان غزل جي ذريعي سنڌي ادب ۾ داخل ٿيا هئا_ سي سڀ پنهنجي اڻ سهائيندڙ ۽ اڻ وڻندڙ حياتي پوري ڪري ڪم ٽوڙي چڪا آهن. هن وقت سنڌ جي ٺيٺ ۽ مٺي زبان، نظم ۽ نثر ۾ ڪتب اچي رهي آهي.
اياز هن دؤر ۽ هن سمي جو وڏي ۾ وڏو شاعر آهي. انهيءَ ۾ ٻه رايون ٿي ڪونه ٿيون سگهن ته اياز جو نالو سنڌ جي ادبي تاريخ جو خاص عنوان ٿي رهندو.
نياز همايوني، عبدالڪريم گدائي، تنوير عباسي، امداد حسيني، ذوالفقار راشدي ۽ پروانو ڀٽي، هن دؤر جي انهن شاعرن مان آهن، جن جو شعر جڏهن آءُ پڙهندو آهيان، تڏهن لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويندي آهي ۽ پڪ اٿم ته هر پڙهندڙ جو اهوئي حال ٿيندو هوندو.
افسانه نويسن ۾ غلام رباني زبان جي لحاظ کان مون کي ڏاڍو وڻندو آهي، ليڪن ارمان آهي جو چند افسانن لکڻ کان پوءِ هن مسڪين جو ادبي انتقال ٿي ويو آهي. جمال ابڙي سان پڻ اهائي ويڌن ٿي. رشيد ڀٽي، علي احمد بروهي ۽ ڪروڙ پتي جهڙا برک مزاح نويس، ڪن قسمت وارين زبانن ۾ پيدا ٿيندا آهن. امر جليل جا افسانه مان پڙهيا آهن، جن مان ڪيترا ڪلاسيڪل ادب جي تحت اچي سگهن ٿا. آغا سليم جا افسانه ۽ ناٽڪ اهڙا آهن جن کي سنڌي ادب جي جان چئي سگهجي ٿو. ذاتي طرح نسيم کرل مون کي ان ڪري پسند آهي، جو هو هڪ خاص خطي جي زبان، محاورا، رهڻي ڪهڻي ۽ اُتان جا مسائل پنهنجي افسانن ۾ بيان ڪندو آهي، جيڪي شايد انهن پڙهندڙن جي دلچسپيءَ جو ڪارڻ نه ٿي سگهن جيڪي انهيءَ خطي جا رهندڙ نه آهن. آءُ انهيءَ خطي جو رهاڪو آهيان، تنهنڪري يقين سان چئي سگهان ٿو ته نسيم کرل کي پنهنجي ماحول، زبان ۽ انداز بيان تي پوري قدرت حاصل آهي. سراج گهڻين صلاحيتن وارو نوجوان آهي، بنيادي طرح هو به ڊرامه نويس آهي، ليڪن خبر نه آهي ته هن ڪهڙيءَ ضرورت تحت غير ضروري مضمونن تي وقت ضايع ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي. ”روح رهاڻ“ جا ايڊيٽوريل جيڪڏهن سچ پچ حميد سنڌيءَ جا لکيل آهن ته زبان ۽ لکت جي لحاظ سان حميد سنڌي مبارڪ جو مستحق آهي.
اسان جي تنقيد نگارن ۽ نثر نويسن ۾ رسول بخش پليجو، محمد ابراهيم جويو. ڊاڪٽر علي احمد قاضي، غلام علي علانا، پرو فيسر محبوب علي چنا ۽ محرم خان جا نالا قابل ذڪر آهن؛ سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ اهي سڄڻ سدائي پيا جيئندا.
هن دؤر ۾ اسان جون ڪيتريون ڀينرون پڻ لکي رهيون آهن، جن جو لکتون اگرچه ايتريون پخته نه آهن، ليڪن بهرحال عورتن جو لکڻ جي ميدان ۾ اچڻ، سنڌي ادب لاءِ سچ پچ ته نيڪ فال آهي.
آخر ۾ آءُ هڪ خاص حادثي جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان، ۽ اهو ذڪر يا عرض ڪرڻ هن ڪري ضروري ٿي پيو آهي، جو ان جو اثر سنڌي زبان ۽ ادب لاءِ ڪجهه وقت کان پوءِ هاڄيڪار ٿيندو. چند سالن کان آءُ ڏسي رهيو آهيان ته شعر ۾ اياز جي زبان بگڙي رهي آهي. غير مانوس ۽ هندي آميز ڌاريا لفظ ايترا ڪتب آڻي ٿو، جو سندس شعر ڪڏهن ڪڏهن ته رڳو سمجهڻ ئي ڏکيو ٿيو پوي. مون کي خبر آهي ته جيڪڏهن هن اها روش قائم رکي ۽ ان جي تلقيد ٻين جدت پسند نوجوانن به ڪرڻ شروع ڪري ڏني ته سنڌي ادب لاءَ هڪ هاڄيڪار سانحو ٿيندو ۽ هيتري ساري ڪيل محنت تي پاڻي ڦري ويندو. مون کي خطرو آهي ته خود اياز جي شاعريءَ کي به انهيءَ روش مان سخت نقصان پهچندو! پر ڌڻيءَ ۾ آس آهي ته جو جلد ئي پنهنجي غير طبعي طريقي تي نظرثاني ڪندو. ”جل جل مشعل جل“ يا انهيءَ قسم جي ڪيل شاعريءَ واري زبان تي اياز کي فوري اصلاح ڪري پاڻ کي پنهنجي انهيءَ ساڳيءَ طرز تي واپس آڻڻ کپي، جنهن کيس هن دؤر جي ادبي ورثي جو سرتاج بڻايو آهي.
هن وقت تائين اسان جي نوجوانن ۽ تعليم يافته طبقي جو گهڻي ۾ گهڻو زور شعر، افساني ۽ ڊرامي تي رهيو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ڪونه آهي ته فن ۽ ضرورت جي لحاظ کان اهي صنفون بيحد ضروري آهن، ليڪن انهن کان سواءِ ڪي ٻيا اهم موضوع پڻ آهن جن تي نئين نسل کي فوري توجهه ڏيڻ کپي. ڪابه قوم فقط شعر، افساني ۽ ڊرامي جي سهاري جيئري رهي نه سگهندي آهي! سنڌ جي تاريخ ۾ به هڪ اهم موضوع آهي، جيڪو هن وقت تائين اکين کان ٽريل رهيو آهي. سنڌ جي تاريخ طرف جيڪڏهن اسان جا لکلندڙ توجهه ڏيندا ته نه فقط کين ٿيل تاريخي هاڃن جي خبر پوندي، بلڪ انهيءَ جي پڙهڻ ۽ لکڻ سان سندن ادبي تخليقات ۾ نئون رنگ ۽ رس ڀرجي ويندو، نوان موضوع ملندا، ۽ نرالا عنوان قائم ٿي ويند! مون کي يقين آهي ته پنهنجن خواهه پراون جون اکيون کلي پونديون.
تاريخ کان علاوه پاڻ کي جهاني تاريخ جي هن سونهري دؤر ۾_ جڏهن ته انسان زمين کان وٺي چنڊ تائين جي ڪائنات تسخير ڪري چڪو آهي_ جيڪي جديد علوم نکري نروار ٿيا آهن، انهن ۾ پڻ وڌئون وڌ قدم وڌائڻ کپي.
هن جدوجهد ۽ هلوتاڻيءَ جي زماني ۾ اهائي قوم قائم رهي سگهندي جيڪا ترقي يافته قومن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي هلڻ جي ڪوشش ڪندي. هن خطرناڪ ۽ عجيب دور ۾ اها قوم جيئري رهندي ۽ اهوئي ماڻهو آبرومند مقام حاصل ڪري سگهندو، جيڪو زماني جي رفتار سان گڏو گڏ پنهنجي رفتار قائم رکندو ايندو. اهو قانون فرد خواهه قوم سان هڪجهڙو لاڳو آهي_ خصوصاً هن وقت جڏهن ته حق ۽ انصاف ڪوڙهه ورتل رن زال جيان زندگيءَ ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ ٽه واٽي تي پيو آهي_ انهيءَ سمي ۾ حق ڇاجو؟ ۽ انصاف ڪهڙو؟ بازي اُهو کٽندو ۽ کڻندو، جيڪو مردانه وار قدم کڻي پنهنجي قوت اراديءَ ۽ پنهنجي اڪيلي آسري تي وڃي منزل اوڏو رسندو.

[ماهنامو ”سوجهرو“، ........ 1970ع]

پنهنجا ساريم سومرا

نسيم کرل جي چاچي، عبدالڪريم کرل مرحوم، ۽ مون عملي، ۽ ڪنهن حد تائين علمي، زندگي گڏ شروع ڪئي. هو وڪالت پاس ڪري، آغا حسن علي خان مرحوم وٽ جونيئر جي حيثيت ۾ اچي سکر ۾ ڪم ڪرڻ لڳو ۽ مان بهمڻ مان بوڇڻ ڪلهي تي رکي سکر پهتس ۽ الاتوآهر ڪري ’سنڌ زميندار‘ اخبار ۾ پنجاه روپين درماهي تي ايڊيٽري شروع ڪيم. اهو سال ڀايان 1929ع_ 1930ع جو هو.
عبدالرحيم سان دوستي حقيقت ۾ منهنجي وڏي ڀاءُ پير علي محمد شاه جي هئي، تنهنڪري مُهڙ ۾ ته هن دوست جي ’بردار خورد‘ واريءَ حيثيت ۾ مون کي ڏنو، پر پوءِ اهو درمياني واسطو ٽپي اسان ٻئي هڪجهڙائيءَ جي بنياد تي دوست ٿي وياسي. خدا بخشيس، مرهائت پڇاڙيءَ جي دم تائين واهه جو دوستيءَ جو دم نباهيو.
انهيءَ شروعاتي دور ۾ اسان ٻنهي ’معارف‘ اعظم ڳڙهه جي ريس تي ’المنار‘ نالي هڪ ماهوار علمي ۽ ادبي رسالو شروع ڪيو. رشيد ڀٽيءَ جو والد، حافظ عبدالحميد، تازو مدرسـﺔ الهدى ٺيڙهيءَ مان پڳ ٻڌي آيو هو، ۽ سکر ۾ جاگيراڻن جي پاڙي ۾ هڪ ٽريڊل ۽ ٽائيپ جا ٻه ڪيس وٺي پريس کولي هئائين. عبدالرحيم ۽ حافظ ٻئي هڪ مدرسي جا شاگرد ۽ همدرس هئا، تنهنڪري مفت ڇپائيءَ جي حامي حافظ کنئي، ۽ ڪاغذ تيرهين آني ريم جي حساب سان اوڌر تي سرڳواسي ٻائي امرداس ڏيڻو ڪيو. رسالو نڪتو، ڏاڍا خوش ٿياسي، پر انهيءَ زماني ۾ سڀڪجهه سستو ۽ پيسو مهانگو هو، اوڌر ۽ مفت تي به ڪم هلائي ڪونه سگهياسي. لاچار رسالو بند ڪرڻو پيو. پوءِ حافظ صاحب انهيءَ کي هفتيوار اخبار جي صورت ۾ ڪڍڻ شروع ڪيو. خدا نه ڀلائي ته ’المنار‘ هفتيوار اڃا به پئي نڪرندي اچي. انهيءَ رسالي، انهيءَ اخبار، انهيءَ پريس ۽ انهيءَ ماحول اڳتي هلي سنڌي زبان ۽ ادب کي رشيد ڀٽي ڏنو.
’المنار‘ اسان ٻنهي جي پهرين علمي ڪوشش هئي. آءُ پوءِ به لکڻ پڙهڻ واري ميدان ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ هلندو آيس، پر عبدالرحيم ڇڏي ويو. البت هن مطالعو ڪونه ڇڏيو ۽ پڇاڙيءَ تائين انهيءَ ذوق کي قائم رکندو آيو.
ڪن سالن پڄاڻان اسان ٻنهي کي سکر ڇڏڻو پيو. عبدالرحيم خيرپور ۾ پهريون سرڪاري وڪيل ۽ پوءِ هاءِ ڪورٽ جو چيف جج ٿيو، آءَ والد جي وفات سبب سکر ڇڏي ڳوٺ اچي زمينداريءَ جو ڪم سنڀالڻ لڳس. اسان ٻنهي جو تعلق اهوئي رهيو، بلڪ پاڻ وڌيو ۽ اسان زياده هڪٻئي سان ويجها ٿياسي. زمينداريءَ جي لِڇَ خيرپور سان به هئي، سو انهيءَ بهاني خيرپور اچڻ وڃڻ ٿيندو رهيو، پر گهڻي ڇڪ عبدالرحيم جي سنگت جي هئي. زمينداريءَ جون ڪم ڪاريون ڇڙو دوست جي در تائين پهچڻ جو بهانو هيون. انهيءَ اچ وڃ ۾ ڪو وقت ته اهڙو به آيو، جو مهينن پاند آءُ عبدالرحيم وٽ ٽڪيل هوندو هوس_ نه ڇڙو آءُ هڪ، پر نوڪر چاڪر، ڪمدار ڪڙا، راڄ ڀاڳ جا ماڻهو ۽ فيصلن ڦڙن وارا به بي ڌڙڪ اچي رهندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ته مانيءَ جي وقت تي منهنجا ماڻهو 10_20 به ٿي ويندا هئا. مجال آهي جو عبدالرحيم يا سندس گهر وارن کي نراڙ ۾ ڪو گهنج به پئي. آفرين هئي بورچياڻي مائي بختان مرهائت کي، جيڪا مانيون ڪُٽيندي هئي. ڪڏهن مانيءَ ۾ فرق نه آيو، هڪجهڙي لذت ۽ سواد، ڀلا ماڻهو ڪَڪ ٿئي ته مانيءَ ۾ به ڦيرو ۽ فرق اچي! نيرن تي اُڦراٽا، مکڻ، ماکي ۽ مُند سارو لَسي يا چانهه، ڏوپهري ۾ اُڦراٽا، ٻه ٻوڙ، خشڪا يا پلاءُ. رات جو ڪڙهيل تريءَ ٻڌل کير، اڇا چانور، ڪانه ڪا ڀاڄي يا گوشت جو ٻوڙ، ۽ جي مُند هوندي ته انب، نه ته مٺو کير ته ضرور. سياري، سانوڻ ڪيترا ڏينهن يا مهينا ٽڪيو پيو رهان، اهوئي دستور هو. مائي بختان جا اُڦراٽا، گوشت جو ٻوڙ يا ڀُونو، مڇيءَ جي تَر يا سيءَ. اڄ به جڏهن انهن طعامن جي لذت ۽ هڳاءُ ياد پوي ٿو ته وات پاڻي پاڻي پيو ڪري. نيرن تي ڪڏهن ڀُڳل سيون اينديون هيون ته سانجهيءَ تائين مٿي هيٺان وهاڻو رکيو سمهيو پيو هوندو هوس، ڍَوَ جو نشو لهندو ئي ڪونه هو. مون ڪڏهن عبدالرحيم جي گهر کي پرائو گهر نه سمجهيو، هميشه ائين ايندو ويندو هيس، ڄڻ پنهنجي اوطاق ۾ آهيان يا پنهنجي ڪکن ۾ رهان ٿو. عبدالرحيم جي سِرَ ڪري سڄو خيرپور منهنجو پنهنجو شهر ٿي ويو هو.
اهي زمانا ڏاڍا برڪت وارا ۽ محبتي هئا، نه ميزبان مهمان مان ڪَڪ ٿيندو هو، نه مهمان کي گهڻي اچڻ وڃڻ سبب شڪي يا شرمندو ٿيڻو پوندو هو. اچڻ وڃڻ، رهڻ ۽ ٽڪڻ ڪري محبت ماٺي ڪانه ٿيندي هئي، پر پاڻ وڌندي رهندي هئي؛ جي ڪجهه ڏينهن وِٿي پئي ته اونو ۽ الڪو ٿي پوندو هو ته خدا شل خير ڪري.
انگريزن جا پويان ڏينهن هئا، ٻي مهاڀاري لڙائي ڇتي لڳي پئي هئي، خبر ڪانه ٿي پئي ته دنيا جو ۽ ان سان گڏ انگريزن جو پنهنجو حشر ڇا ٿيندو، هندستان اندر گهرو وڳوڙ جدا هو، انگريزن سان هندستان اندر ’ڪئٽ انڊيا‘ جو گوڙ ۽ ٻاهر جنگ جي ميدان ۾ ’آزاد انڊين آرمي‘ جي بغاوت، سڀاش چندربوس جو نظربنديءَ مان نڪري وڃي جپان پهچڻ، رنگون تي قبضو ۽ ڪلڪتي تي گولا_ پر انهن سڀني اندرين ۽ ٻاهرين مصيبتن هوندي به، واهه ڙي انگريز! پڇاڙيءَ تائين نه هيٺين ٻوليائين، نه هتان جو انصاف ۽ انتظام ڍرو ٿيو. دنيا فاقن ۾ هئي، پر هندستان اندر سهانگ ۽ سستائي جهڙي هئي اُهڙي ئي رهي.
سستائيءَ جي ڳالهه ٿي هلي ته ٻڌايانوَ ته 1940ع ۾، جڏهن اسان ڪراچيءَ آياسون ته گوشت جو سير 9 آني، نوين روپئين ڪوڪو گولڊ جو 17 سيرن وارو ڊٻو، پنجن روپين جي ڀاڄي وٺ ته مهينو نه کٽي. هرڪا شيءِ سٺي، سستي، صاف ۽ پاڪ، البت گاسليٽ، ڪوئلا ۽ کنڊ راشن تي ٿي ملي، پر کوٽ ڪڏهن ڪانه ڏٺيسي. ڪڻڪ البت مهانگي هئي، جو ٽين روپين مڻ ٿي ملي. مون جڏهن هڪ روپئي ٽين آني سارين جو مڻ وڪيو، تڏهن اوسي پاسسي وارا مبارڪون ڏيڻ آيا ته ”ڀاڳ وارو آهين!“ انگريزن انتظام کي ڄاتو. ماڻهو سچ چوندا هئا ته انگريز ’ڦيل مست‘ آهي،
اهڙي سستي ۽ سڀاڳي سمي ۾ مزمان مان ڪير ڪَڪ ٿيندو؟ دوست دل گهرُيا ته اکين تي، پر اوپرو سوپرو ايندو تڏهن به لک بسملاهيون. چائنٺ ٽپندي دل پئي بهار بهار ٿيندي، نه الڪو نه اوسيئڙو، نه ڏک نه ڏوهه، هرڪو ريان کيان پيو چرندو کائيندو هو.
عبدالرحيم انگريزيءَ سان گڏ فارسي ۽ عربي به پڙهيل هو. انهيءَ عربي ۽ عجمي ميلاپ سبب سندس ذهن ۽ مزاج ڏاڍو رنگين ۽ نفيس هو. مطالعي جو شوق، اخبارون، رسالا، فارسي ۽ انگريزي ڪتاب روز پيا وٺبا هئا، هاڻي ته خيرين سَلهين به ٻاهريان ڪتاب اکئين ڪونه ٿا ڏسجن، انهيءَ وقت جنگ هلندي به ڀريون ڪتابن جون ٻاهرينءَ دنيا کان روز بازار ۾ اينديون هيون، ۽ وري سستائپ اهڙي، جو ٻه_ٽي روپيا ڏيئي ڀري ڪتابن جي کڻ. اهڙي زماني ۾، ظاهر آهي ته مطالعو ۽ علم ڪيئن نه وڌندو، ذهني سوچ ۽ سمجهه ڪيئن نه وسيع ٿيندي!
سکر ۾ ڪڏهن ڪڏهن ملڻ ٿيندو هو، ۽ جڏهن خيرپور ۾ عبدالرحيم ويو ۽ منهنجو به اُتنهن اچڻ وڃڻ جام ٿيو، ان وقت عبدالرحيم جي وڏي ڀاءُ حاجي عبدالڪريم سان لڳولڳ ملاقاتون ٿينديون رهيون ۽ ساڻس به پنهنجائپ وڌي. عبدالرحيم ته لکن ۾ هڪ انسان هوئي، پر سندس ڀاءُ به اهڙو هو جو کيس سون ۾ تورجي تڏهن به سهانگو_ اصل لاکيڻو لعل، محبت ۽ قرب جا منجهس لانڍ ۽ ديرا هئا، ڏسڻ جو به ملوڪ مڙس هو: ڇُڙڪ بت، قد سڌو سنئون جهڙو درياهه جي نئين ٻيٽ جو چَهو، شڪل صورت جو مور، منهن موچارو، ان تي سنهي سونهندڙ سُنهاري، ڳالهائڻ نرم ۽ مهر محبت وارو، آواز ۾ ڏاڍو رس، نه ڏاڍيان ڳالهايائين، نه ڪڏهن ٽهڪ ڏيئي کليو، منهن تي مشڪ سا هميشه هوندي هئس. سندس ڏندن جي بيهڪ، سِٽا ۽ صفائي اڃا تائين ياد اٿم. جڏهن مرهائت کلندو هو ته ڄڻ موتين جي دٻلي کلي پئي. دل پئي گهرندي ته شل پيو کلي ۽ ويٺو ڏسجيس! مٿي تي ململ جي ڦيروين پڳ ڊگهي تُري سان، سنڌي ڳچيءَ سان ۽ ٻانهن ڪشادو پاسن وارو چولو، ڪڏهن اڇي ململ جو، ڪڏهن اسپينسر جي خاڪي پاپلين جو، هيٺ تي ڪائنچ اڇي هرک جي يا خاڪي لٺي جي. ڪوٽ مير محمد جي ٺهيل بخملي جتي ۽ ڪڏهن انگريزي سليپر پيرن ۾. پرهيزگار نيڪ نمازي، هر وقت تسبي (ستبيح) هٿ ۾. صلوات سڳوريءَ ۾ چپ پيا چرندا ۽ داڻا پيا سُرندا.
ماڻهو بيشڪ مذهبي هو، پر اهڙو سبق سکيو ڪونه هيائين، جو بحث ڪندي نڙيءَ جون رڳون ٻاهر نڪري اچن ۽ اکين جا تارا ڦوٽارجي وڃن ۽ ايندو ويندو سمجهي ته ڪو وڏو لٺ باٺو هلي رهيو آهي! هو نه اندر ۾ ابليس هو نه ٻاهر ۾ مُلون، نه ڪڏهن مرونءَ جي ماس ڏانهن وريو نه ڪڏهن ماڻڪ مٽايائين. هن سبق کان وڌيڪ سڄڻ ڏٺو هو. حاجي ميان عبدالڪريم، پاڻ ڪريم جن جي مزاج ۽ مذهب جو پوئلڳ هو. حاجي صاحب کي سڄي مخلوق خدا جي سان پيار هو سواءِ هڪ خانبهادر کهڙي جي، جيڪو ڪچي ۾ سندس دنگئي زميندار هو ۽ پاڻيءَ لٿي هميشه دنگ ۽ دڙيون زور تي سندس پاسي سوري زمين وڌائيندو ويو هو. زمين جي مسئلي ۾ اسان ٻَئي وڏي آزار ۾ هياسي، هن سان کهڙي صاحب جي کانهند ۽ مون سان انهن دنگن سور پور جي سلسلي ۾ ماماڻن جي مصيبت. درياهه ڇڏيندو، سُڪَ سرءُ ٿيندي ۽ اسان جا ٽپڙ ٽيشن تي. ٻئي اچي عبدالرحيم وٽ ڊهو ڊهه ٿينداسي. اتان نڪرنداسي ته سڌو سروي سپريڊنٽ وٽ يا خانصاحب نبي بهَڪِ کان ڊئيم (نبي بخش خان ڪلهوڙو مرحوم، ڊي_ايم) واريءَ ’بالا آفيس‘ ۾ گڏبا هياسي. ڪم گهٽ ۽ اوڀاريون لهواريون گهڻيون. ڪم ٿيندو يا نه، پر بالا آفيسرن وٽان ڏکوئجي ڪڏهن ڪونه نڪتاسي. انهيءَ دؤر ۾ آفيسر به مانائتا هوندا هئا. فضيلت، شرافت ۽ اخلاق جا وٽن ٻنا هئا. جي ڏيندا نه هئا ته ڏکوئيندا به ڪونه هئا.
حاجي صاحب جي دنگن جو فيصلو ڇا ٿيو سا خبر ڪانه پئي، باقي مون سان سو_ انگريز ويو، پاڪستان ٿيو، سنڌ ون يونٽ جي ڏوجهڙي ۾ وئي ۽ وري نڪتي، پاڪستان ۽ هندستان جون ٻه جنگيون ٿي ويون، بنگلاديش 25 ورهيه گڏ رهي جدا ٿي ويو، هڪ نسل ويو ٻيو ڦري آيو_ مامن وارو وڌل ڪال اڃا پيو سنڀران.
سانوڻيءَ جا ڏينهن هئا ۽ چوڏهينءَ جي چانڊوڪي، ڏکڻ جي هِير تي رات ڀڄي پئي هئي. حاجي صاحب نماز کان پوءِ ورد وظيفي ۾ مشغول هو ۽ مون به اڱڻ ۾ کٽ جي ڀِڪ سان آرام ڪرسيءَ تي ويٺي ڪتاب پڙهيو. رات جا يارهن کن لڳا هجن، اوسي پاسي جي ڳوٺن وارا ماهيڙا کير وڪيون، خالي ڪينگهر ۽ چنئوريون مٿي تي رکيون، پنهنجن پنهنجن ڳوٺن ڏانهن واهو هئا. اوچتو ڪنهن آلاپ ڪري ڏوهيڙو ڏنو. بيت وسري ويو آهي، پر مطلب اڃا به جڏهن ياد پوي ٿو ته پلڪ کن پاڻ ۾ گم ٿيو وڃان:
نه درياهه کي پائيندڙ پئي!
نه واهڙ ڀڳا‘
نه کنڊ ڀڳو! ۽
نه ٻڪر واڙ آئي!
سڄڻ!
او منهنجا پرين!
ڀيڄ به اچي ڀيِني!
تون اڃا نه آئين!
ڇو؟
ڪڏهن اوسيڙو لاهيندين!
او منهنجا پرين!

ماهيڙو هليو ويو، پر آلاپ جو پڙاڏو گهڻي دير تائين فضا ۾ ترندو رهيو. مان ڪتاب هنج ۾ رکي، چنڊ کي تڪي رهيو هوس، ڏٺم ته حاجي صاحب به کٽ تان اٿي کڙو ٿيو آهي، هڪ ٻه ڦيرو هيڏي هوڏي ڏيئي منهنجي ڀرسان آيو.
”ٻڌوَ، سائين ميان حسام الدين شاهه!“

آءُ سندس ننڍي ڀاءُ جو دوست هئس، پاڻ عمر ۾ به وڏو هو، پر جڏهن ڳالهائيندو ته ’سائين ميان حسام الدين شاهه‘ چئي نالو کڻندو. سيد هجڻ کان سواءِ آءُ ’مرشد سڳورن‘ جي ’خاندان‘ مان به هوس، تنهنڪري عمر پنهنجي جاءِ تي، ادب ڪئين ڇڏبو؟
ڏٺم ته حاجي صاحب جي آواز ۾ گنڀيرائپ هئي، ڄڻ سندس دل ڀڄي پئي هجي.
سَرءُ شروع ٿي وئي هئي، درياهه شاهه لاٽ کان پوءِ ٻيٽ ۾ ڇڏيو هو ۽ مٿاهون ڪچو به سڀ ٻوڙيو هئائين. هَرنَ جي مند مٿان هئي، ڇَٽان شروع هيون، هَرَ اچي رهيا هئا. دنگن جي نبيري لاءِ هڪ دفعو وري ڪوشش ڪئيسين. حاجي صاحب به اچي پهتو ۽ اسان به هن ڀيري ٻئي ڀائر گڏجي ويا هئاسي.
آءُ ته بلڪل ڪورو آهيان پر علي محمد شاهه کي هر ماڻهوءَ منجها ڪانه ڪا بوءِ بهار جي ايندي آهي ۽ هو روحانيت جون رمزون سهي ڪري ويندو آهي.
رات جو گهڻي گهڻي تائين ڪچهري ڪري سمهي پياسي. مٿيون مُندان هيون، تنهنڪري ورانڊن ۽ کليل ڪمرن ۾ سمهياسين. صبح جو منهنجي اک کلي، ڏٺم ته حاجي صاحب پنهنجي کٽ تي اجرڪ جهُنڊِ ڪيون ورد وظيفي ۾ مشغول هو ۽ علي محمد شاهه، سُمِهيَڙ، پن جي لونگائي ٻيڙيءَ جا سوٽا ٿي هنيا. آخري سوٽو هڻي، ٻيڙي فرش تي اڇليندي چيائين:
”حسام الدين، حاجي صاحب ۾ مڙوئي ڪي داڻا اٿئي“ مان چيو، ”ڇو نه هوندا!“
لفٽ جو ڪانه ملي ته علي محمد شاهه کڻي چپ ڪئي.
حاجي، وليءُ خدا جو هو يا نه، پر ماڻهپي ۽ مرجات ۾ ولين کان به وڌ هو. خاص طرح ’پاڪستاني وليءُ‘ ته سندس جتيون سڌيون ڪن.
حاجي ميان عبدالڪريم کي هڪ اُڻ تُڻ خانبهادر کهڙي جي کانهند جي هئي ۽ ٻي فڪرات هئس، جو پٽ جي اولاد ڪانه هئس. جڏهن رب ۽ رسول جو نالو وٺندو هو ته دل هميشه ڀرجي ايندي هئس. ڀايان پير فقير جو لحاظ به انهيءَ ڪري گهڻو ڪندو هو، متان ڪنهن جي دعا ٿي وڃي، ورنه سندس مرشد مرهائت جي پهچ ۽ پيري ته پڌري پٽ هئي.
آءُ 58_1959ع ۾ منيلا ۾ هوس. هارٽ اٽيڪ بعد سخت نروس بريڪ ڊائون ٿي پَئي، جنهنڪري اونڌي ڪنڌ پيو هوس. يقين ڪونه هو ته سلامت وڃي وطن جا وڻ ڏسندس. ڏيهئون ڏُور، قنڌارئون پري، هڪ ملڪ عجيب، نا اميديءَ جي حالت ۾ ڏينهن ۾ مهينا گذري رهيا هئا. هِت مارشل لا جي مصيبت هئي، هرڪو پنهنجيءَ ۾ پورو هو. مارشل لا جو اوچتو آيو ته رات ۾ مڙس سڀئي ڳوڻيون اوطاق مان کڻائي پاڙي جي کوهه ۾ لهرائي ڇڏيون. کوهه سڄو مٺو ٿي پيو. صبح جو هُل ٿي ويو ته فلاڻي کوهه جو پاڻي قدرت سان شربت ٿي ويو آهي. خدا جي انهيءَ قدرت کي ڏسڻ لاءِ سڄو ڳوٺ اچي گڏ ٿيو. دوست کنڊ اڇلڻ جي نتيجي کي سوچيوئي ڪونه هو، سو جڏهن اهو احوال ڏٺائين ته ڪيڏانهن منهن ڪيون في الحال پاسيرو هليو ويو. اهڙيءَ طرح ٿوري گهڻي خامي جٿي ڪٿي هئي، سو هرڪو ڀاڄ ۾ هو. ڪن ماڻهن ته خوف ۽ هراس وچان آپگهات به ڪئي.
منيلا ۾ پاڪستان مان جڏهن اخبارون اينديون هيون ته کوليندي هٿ ڏڪندا هئا: يا الاهي خير! اوڙي پاڙي جو خير! هندو مسلمان جو خير! اهڙي گنڀير وايو منڊل ۾ منهنجي دل تي ڇڙو ربانيءَ جا دلچسپ خط ٿڌو ڇنڊو هڻندا هئا. منهنجي دل وندرائڻ لاءِ هو طرحين طرحين جا تجربا ۽ ٽوٽڪا لکي مون کي خوش ڪندو رهندو هو. خدا سندس ڀلو ڪري، منهنجي بيمار روح کي اهڙا خط لکي پيو وندرائيندو هو.
هڪ دفعي لکيائين: ’مهراڻ‘ موڪلجي ٿو. هونءَ ته سڄوئي سون آهي، پر ’ڪني آڱر‘ ضرور پڙهجو.
پرچو آيو، ڪهاڻي پڙهيم. مان هونءَ ته ڪهاڻيون ڪونه پڙهان، پر هن لاءِ ربانيءَ خاص طرح لکيو هو. سو پڙهيم ۽ اچرج ۾ پئجي ويس. خاص ماحول، خاص ڪردار ۽ خاص زبان. سڄي ڪهاڻي ائين پئي معلوم ٿي، ڄڻ اهو سڀڪجهه ڏٺل وائٺل آهي. درياهه، ڪيٽيون، هِيءَ ڀر، هُوءَ ڀر، ڀٽيون، مگرجي، صدرجي، ڪچي جا وڏيرا، ٿاڻيدار ۽ آخر ۾ خيرپور ۽ اُتنهن جي اٿڻي ويهڻي. ڪهاڻيءَ ۾ آندل ڪردار، نالا ۽ محاورا خالص ڪچي ۽ خيرپور جي ٻاهراڙيءَ جا هئا.
’ڪني آڱر‘ کان پوءِ به ساڳئي ڪهاڻيڪار جون ٻيون ڪهاڻيون مون پڙهيون، جهڙوڪ:
ڪافر، گذريل واردات، زر ۽ زور، پهرين مراد، لالڻ واه جا ڇيڙا، ڳڻ وغيره.
دل ئي دل ۾ هن منفرد ڪهاڻيڪار جي فني استاديءَ، زبان تي قدرت ۽ ٻين کان هٽي پنهنجي لاءِ راءِ ڳولهي ڪڍڻ جو داد ڏيندو رهيس. مان محسوس ڪيو ته هن جو تعلق ضرور ڪچي ۽ خاص طرح خيرپور ميرس جي ڪچي سان آهي. آندل محاورا، لفظ ۽ ڪردار شهري يا نيم شهريءَ جي رَسَ کان ٻاهر آهن. اسان جا عام ڪهاڻيڪار ته پلاٽ، ماحول ۽ ڪردارن جا نالا به اڙدو ڪهاڻين تان وٺن ٿا.
هڪ ڏينهن حُسين منهنجي واتان انهن ڪهاڻين جي تعريف ٻڌي چيو: ”چاچا، نسيم کرل ته عبدالرحيم صاحب جو ڀائٽيو آهي.“ مان سوچڻ لڳس ته ’عبدالرحيم کي ڀاءُ هڪ حاجي عبدالڪريم، سو به اولاد جو طالب، هي نسيم کرل وري عبدالرحيم جو ڀائٽيو ڪئين ٿيو؟‘
مون کي حيراني اصل ڪانه ٿي، ڇاڪاڻ ته سندن گهر جو علمي ماحول مون کي معلوم هو. حاجي صاحب پاڻ سنڌيءَ جو شاعر هو ۽ عبدالرحيم به لکندڙ ۽ مطالعي جو شوقين. جيڪو ماحول مون ڏٺو هو انهيءَ ۾ لکندڙ اولاد جو پيدا ٿيڻ ناممڪن ته نه هو. اولاد هميشـﮧ پنهنجي خانداني پس منظر ۽ گهرو ماحول ۽ تربيت جو عڪس ٿيندو آهي.
ستَ اٺ سال ٿيا، ۽ هڪ ڏينهن نسيم به نيٺ اچي نڪتو. معلوم ٿيو ته حاجي عبدالڪريم مرهائت جو فرزند آهي، پر شڪل شباهت ۾ وڏو فرق هو. هي قد جو منڌرو، بت جو ٿلهو ۽ بي ڊولو، منهن اڻ وڻندڙ حد تائين موڪرو، چَپَ ٿلها، شڪل شبهات خراب ته ڪانه چئجي، پر اها مرڪ ۽ ميٺاج ڪونه، ڳالهائڻ ٿلهو، تڪڙو ۽ آواز ۾ حاجي صاحب واري نرمي ۽ ملائمت ڪانه، سيل جي سگريٽن جو دٻو هٿ ۾، ان مٿان ماچس، وات ۾ سگريٽ، سُوٽي مٿان سُوٽو، وات مان نڪتل دونهون سامهن ويٺل ماڻهوءَ جي منهن ۾ پيو پوي. هن جو ڊيل ڊول، هلت چلت ۽ نمونو اهڙي نوجوان وڏيري جو ڏسڻ ۾ آيو جنهن جو پيءُ تازو مُئو هجي ۽ پٺيان چڱي رقم خرچ ڪرڻ لاءِ ڇڏي ويو هجي. ظاهر ۾ ته ڪونه پيو لڳي ته هيءُ ’ڪني آڱر‘، ’گذريل واردات‘، ۽ ’پهرين مراد‘ جهڙين ڪهاڻين جو لکندڙ آهي. اندر وري چيو ته: ٿي سگهي ٿو متان ڪَکَ هيٺان لک پيو هجي! البت اکين جي تيزي ۽ چمڪ ڪري ڪجهه شڪ، ڪجهه يقين ٿئي پيو.
ٿوري وقت اندر محسوس ٿيو ته نسيم کرل واقعي غير معمولي ڪهاڻيڪار ۽ سنڌي ادب جي نئين ٽَهِيءَ جو مجيري آهي. زبان سندس قبضي ۾ آهي، قلم سندس چيو ڪري ٿو، ۽ جيڪي لکي ٿو سو واقعاتي آهي ۽ ڪنهن نه ڪنهن پس منظر ۽ حقيقت تي مدار رکي ٿو.
هلندڙ دور جي ڪهاڻيڪارن جي، موضوع جي لحاظ سان، هيٺينءَ ريت گروهه بند ڪري سگهجي ٿي:
سنڌ جي قومي مسئلن جا ڪهاڻيڪار:

(1) ڊاڪٽر نجم عباسي،
(2) امر جليل.

سنڌ جي تاريخي عظمت کي بيان ڪندڙ ڪهاڻيڪار:

(3) آغا سليم،
(4) علي بابا.

سنڌ جي قومي ۽ درپيش مسئلن تي طنزيه انداز ۾ لکندڙ:

(5) رشيد ڀٽي.

شهر خواهه ٻاهراڙيءَ جا مسئلا ۽ انهن جون سماجي اوڻايون:

(6) نسيم کرل.

نسيم کرل زميندار گهر جو آهي. ڪچي ۾ زمين اٿس. عام ماڻهن سان اٿي ويٺي ۽ لهه وچڙ اٿس. مشاهدي جي قوت قدرت اڻ مئي ڏني اٿس. هو هوائي ڳالهيون ڪونه ٿو ڪري ۽ خيالي پلاءَ ڪونه ٿو پچائي. جن ڪردارن ۽ مسئلن تي هو لکي ٿو، سي ٻاهراڙيءَ جا عام ۽ عالم آشڪار مسئلا ۽ معاملا آهن. نسيم پنهنجي انهيءَ آس پاس مان واقعا ۽ ڪردار کڻي ٿو. پهرين پاڻ محسوس ڪري ٿو، پنهنجي انهيءَ احساس کي شڪل شبهات ڏئي اهڙيءَ استاديءَ سان قلمبند ڪري ٿو، جو جيڪي چاهي ٿو اهوئي تاثر پوريءَ شدت سان پڙهندڙن جي به پلئه پئي ٿو. واقعي جي مناسبت سان واقعي جي ماحول جا نج محاورا، لفظ، گفتا ۽ زبان استعمال ڪري ٿو. سندس هر ڪهاڻي جاندار، هُوبهو ۽ اثرائتي انهيءَ سبب ڪري ٿي پوي ٿي. لکندڙ جو ڪمال اهو آهي جو جيڪي ڪجهه لکي، زبان به انهيءَ لکت سان تعلق رکندڙ ڪتب آڻي.
نسيم کرل جي ڪهاڻين مان اُهي پڙهندڙ زيادهه مزو محسوس ڪندا، جيڪي انهيءَ ماحول ۽ ماحول جي زبان مان واقف هوندا. نسيم جو معاملو بنههِ اڙدو جي ليکڪ رشيد احمد صديقيءَ جهڙو آهي. هُنَ جا مزاحيا ۽ تخليقي مضمون علي ڳڙهه جي خصوصي ماحول جي پيداوار آهن. جنهن علي ڳڙهه جي ڪاليج کي ڪونه ڏٺو يا ان ۾ رهيل نه هوندو، ان کي رشيد احمد جي لکت مان ڪو خاص لاڀ ڪونه پوندو.
مثال لاءِ: ’زر ۽ زور‘ جي هيٺينءَ پيراگراف ۾ جيڪي تشبيهون يا زبان استعمال ڪئي وئي آهي سا خاص آهي:
’....... پورا پنج ڏينهن عبدالمجيد خان حويليءَ کان ٻاهر ڪونه نڪتو. نوران لاءِ پي سوچيو، جنهن جو قد ”مانجهاندڙيءَ“ وانگر سڌو ۽ ڊگهو هو، جنهن جو رنگ ”جوئر جي اٽي وانگر ڀورو“ ۽ ڳاڙهو هو، جنهن جون اکيون ڪجل بنا ڪاريون هيون، جنهن جا چپ ”لاليءَ“ بنان به ڳاڙها هئا، جنهن جون ڇاتيون چوليءَ جي ٽيڪ کان سواءِ به هندوڪش جبل جون ”ٻه جاڙيون چوٽيون هيون“ ۽ جنهن جو آواز اهڙو مٺو ۽ سريلو هو ڄڻ ”وڏي اسر مهل ڪنهن نار ۾ ٻڌل ڏاند جون ٽليون پيون وڄن......“
اهي مقامي تشبيهون خالص سنڌي ۽ ٻاهراڙيءَ جي خاص ماحول جون آهن. انهن مان اهو ئي پڙهندڙ پورو لاڀ لهي سگهي ٿو، جنهن کي پنهنجون شيون عزيز هونديون، پنهنجي ماحول کي حقير نه سمجهندو هوندو، انڌي تلقيد ڪرڻ جي عادت نه هوندس ۽ اهوئي پڙهندڙ انهن مان مزو ماڻي سگهي ٿو، جنهن انهن اهڃاڻن ۽ تشبيهن کي پاڻ ڏٺو هوندو ۽ انهن جي خوبين ۽ خصوصيتن مان واقف هوندو.
اهڙيءَ طرح ’پهرين مراد‘ جا هيٺيان لفظ ۽ محاورا چورن ۽ ڪاٽڪن جي خاص ماحول ۽ استعمال جا آهن. انهيءَ زبان ۽ خاص لفظن ڪهاڻيءَ کي ڳالهه مان ڳالهوڙو بڻائي ڇڏيو آهي ۽ هڪ مخصوص ڪردار ۽ عمل جي پوري تصوير اکين آڏو مجسم ڪئي ويئي آهي:

* ٽيون سال پاڪي کنئي
*آلوڙيون
*پِڙُ
*ڍُڪيون ڇِڙيون
*ڪِلو
*گورَ چرنديون
*ويڳَ ۽ ڀَلوڙَ ڇنان
*ڪينگرُ ٿي ڏهائي
*پانڌا سو چڱا اٿس
*ڳُڌَڻُ
*ست بسملاهيون
*ٻاڙائي
*ڍُنگُ مانن جو
*کاواري نه کاواري
*محبت جون لانڍيون
*ڏِڪَ پني ها
*کُرَ ڦاٽوڙي
*سباڻُ
*سَنجهان مهل
*سانڀَرُ
*گَهنجان
*آلوڙيون ڀُري پيون
*ربيع يا خريف
*سو تون ڪهڙا لالڻ ڪرين ها
*ڀاڙي شهرن جو
*سَوَ دلين جا پانور
*ٻه زالون پرڻيون ۽ ڪمايون سي
*کَلي جو زيٻٽ
*اُتر اوڀر ويندي پراوا ننگ نه تڪين ۽ نَڪ تي مَرُ نه لائين
*جنهن مُهانڊي پراوا ننگ تڪيا
*ڀانن جا ڀڙوا
*ڀوڳ ۾ ڀوڳ_ سابِهان جي سابِهان
*جَڙي وَهڙيءَ جيان ڇال ٿيون ڏِينئي
*کوڳَ
*ٻَٽڙَ
*گهُنج آ
*پيرن جو دٻڪو مارِ
*ويڳيون ڇنائون
*ستين مذهبين سوئر
*مون ڏي سَتَ خير اٿئي

انهيءَ ڪهاڻيءَ ۾ هڪ خاص سماج ۽ ان ۾ استعمال ٿيندڙ زبان کي محفوظ ڪيو ويو آهي. ممڪن آهي ڪڏهن نه ڪڏهن سنڌ سنئين نئين ٿئي، ماڻهو پڙهي پون، ۽ سماج مان غربت ۽ لاوارثيءَ سبب پيدا ٿيل اِهي برائيون ختم ٿي وڃن، ان وقت هن دؤر جي تاريخ لکندڙن کي اها ڪهاڻي تاريخي دستاويز طور ڪتب ايندي.
اهڙيءَ ريت فني ڪمال کان سواءِ ’ڪني آڱر‘ جي جملن، جوڙن ۽ لفظن جي سٽا پڻ خاص ماحول تي ٻڌل آهي. اها سٽا تيسين ممڪن ئي نه آهي، جيسين لکندڙ ۾ مشاهدي جي قوت، ادراڪ ۽ پنهنجي ٻوليءَ تي پوري قدرت ۽ پورو قبضو حاصل نه هوندو.

*پڦي نوران
*ناني حاجل
*ماسي زينب
*ناني ملياڻي
*لَمِڪا ڏيندي
*ناس جي دٻلي وَرَ مان ڪڍي
*مڙسالو
*راڪاس گهمي ويو
*پنڊ پهڻ ٿي وئي
*ناس جي چَپُٽي کن نڪ کي ڏئي
*ڳالهه پيرائتي ڪر!
*گهَڙي ته ويهه ڇوري!
*خميسي جي وانڍ
*سورهن آنا سچ
*وَڇيڙ، ڍڳي، مَهاري
*شبن ململ جا گهگرا، ملائي، ساٽن جون سٿيون
*عطر ۾ ٻڏل سائي ڳاڙهي ريشمي رومال ۾ ٻڌي
*چنڊ لٿي يا ڪُڪڙن جي پهرين دَسَ وقت
*ڍورُ سڌو ڪري باڪو وٺي
*شَد مَد سان گاريون
*پاڻ ڏي ساهيندي هئي
*نُورَ مِٺي جو قسم
*ٻن ٽن گهرن کان سواءِ اهڙو گهر بچيل ڪونه هو، جو زينت جي مرڻ بعد سندس جنازي کي ڪلهو ڏئي سگهي.
*ٿوري گهڻين پارين پاڻ جهڙي
*ڇوڪري جو روح سٽ ڏيندو هو
*گيسيون ڪري توبهه
*جواڻ جماڻ
*ڌڪ رحماني ڌڪ شيطاني، ٻار جو ڪهڙو قوت
*سُڄي هِتِ ٿي وئي
*پِچِڪِ ڪري زمين تي ٿُڪ اڇلائي

اهي لفظ، جملا، چوڻيون، نالا ۽ اهڃاڻ ٺيٺ سنڌي ۽ ٻاهراڙيءَ جي واقعاتي ماحول سان مخصوص آهن. ڪيترا اشارا ۽ اکر هڪ پوري پس منظر ڏانهن ڌيان ڇڪائين ٿا.
نسيم ٻهراڙيءَ جي واقعن ۽ واهڻن ۾ ٿيندڙ معاشرتي مسئلن کي ته آڏو آندو آهي، پر هن اتنهن جي زبان ۽ محاورن، ۽ لفظي اشارن کي به محفوظ ڪري هڪ وڏي ادبي خدمت بجا آندي آهي. شهرن ۾ رهي، سچ چئجي ته، اسان پنهنجي زبان وساري ڇڏي آهي. نسيم چڱيءَ قسمت وارو آهي جو سندس سچيءَ پچيءَ سنڌ سان واسطو هليو اچي ٿو.
نسيم تشبيهن ۽ لفظن جي سلسلي ۾ نه ڇڙو ٻهراڙيءَ جي زبان تي قبضو رکي ڄاڻي، پر منجهس ٻهراڙيءَ ۽ شهري زندگيءَ جو هڪ ئي وقت ۾ عجيب و غريب امتزاج آهي. شهرن جي فيشنيبل تشبيهن تي پڻ کيس اوتري ئي قدرت حاصل آهي. مثلاً: ’ڪرنٽ‘ ڪهاڻيءَ جي هنن تشبيهن جو سلسلو ڪيڏو نه دلچسپ ۽ هڪ خاص تهذيب ڏانهن ڌيان ڇڪائيندڙ آهي:
’....... منهنجي وائف جي تند تند، نس نس پيار سان واندڪائيءَ ۾ ٺهيل آهي. هن جو جسم وينس جي بت جيان هر لحاظ کان مڪمل آهي ۽ ان ۾ ڪٿي به فالتو ماس ڪونهي. سندس وهسڪيءَ جهڙي سونهري چمڙي، ساٽن جهڙي ترڪڻي آهي. سندس ڄنگهون شئمپين باٽل جهڙيون متناسب آهن ۽ سندس ڇاتيون فرانسيسي ڪانچ جا ٻه شفاف گول شئمپين پيگ آهن. سندس اکيون سدائين خماريل هونديون آهن. مون کي ساڻس شاديءَ ڪئي ٻارهن مهينا ٿيا آهن. پر هر ڀيري مون کي هوءَ هماليه جبل جي ڪا اَڻ سر ٿيل چوٽي لڳندي آهي......‘
’پهرين مراد‘ وارين تشبيهن کي ڏسي پوءِ مٿين اهڃاڻن ۽ استعارن کي پڙهبو ته نسيم جي ڪمال مشاهدي جي بيمثال قوت جو بي اختيار قائل ٿيڻو پوي ٿو.
تشبيهن کان علاوه انهيءَ ڪهاڻيءَ جي خاص ماحول کي نظر ۾ رکندي، نسيم هيٺين لفظن جي عبارت ۾ آميزش ڪئي آهي، جيڪي انهيءَ سماج ۽ پوءِ ڍائي نقلي معاشري سان مخصوص آهن:

*ڊرائنگ روم
*فرانسيسي دريون
*وڪٽورين ٽائپ ڊبل بيڊ
*هسبنڊ آهيان ميڊم!
*منهنجي وائف
*ڪِيپِ
*عورت نه آهي، فِلڪو جو فرج آهي، ٻاهران سهڻي اندران يخ
*ميلان جو فنڪشن
*مَمي
*پئرنٽس سان
*لوئر مڊل ڪلاس فيملي
*آفر ڪيو
*پنهنجي ڪَزن شاذيءَ سان شادي پروپوز ڪيان
*واءِ ڊونٽ يو انڊرسٽئنڊ
*آرٿوڊڪس فيملي
*فادر، باءِ فيس ۽ باءِ نيچر
*مولانا ٽائيپ
*آبجيڪشن ٿي سگهي ٿو
*اسان به مُسلمس آهيون
*ڊونٽ بي سلي، پپو!
*ڀلا ٽِرآءِ ڪرڻ ۾ ڇاهي؟ واٽ از دي هارم؟
*سمال فيل ڪنداسين
*واٽ اي فَني نيم
*رليجس مائينڊيڊ
*پريئرز آفر نه ڪندو آهي
*شادي اسلامڪ طريقي سان
*ويڊنگ ڪاسٽيومز
*ايسٽرن پرنسيز
*شرم کان بلڊ ريڊ ٿي وئي
*فادر جو ڪانفيڊنس گين ڪرڻ
*ڊارلنگ! آءِ لَو يُو فرام دي ويري ڊي آءِ سا يُو!
*پنهنجي ڪنٽريءَ ۾ افيئرس
*لائيف ۾ پرفيڪٽ لطف
*ٽيريبل حد تائين
*خيالن ۾ چينج آڻڻ
*روز شاور
*واٽ نان سينس
*شرٽ جي زپِ ۾

پلاٽ جزئيات جي تائين مڪمل ۽ سڀني طرحين چوڪس آهي. زبان ۾ انهن لفظن جي ملاوت انهيءَ مردود معاشري جي تصوير اکين اڳيان آڻي بيهاري آهي، جيڪو معاشرو پاڪستان ۾ غنيمت جي مال لٽڻ بعد، پوءِ ڍاون ”مسلمس“ ٺاهيو آهي ۽ جنهن جي خاطر سنڏ کي پاڪستان آئيڊو لوجي“، ”انٽي“، ”شاونزم“ ۽ ”پراونشلزم“ جو ن تهتون ۽ طعنا ٻڌڻا ۽ سهڻا پون ٿا. مڙيئي رنگيءَ جا رنگ آهن! ڪنهن جو وس نٿو پڄي نه ته اسان کي هوند جيئري گڏهه جي پيٽ ۾ وجهرائين!

[ ماهنامه ”سهڻي“، نسيم کرل نمبر 1974ع]

ڪتابيات

---

مولانا محمد هاشم ۽ مولانا عبدالواحد جون تصانيف

سرزمين سنڌ انهن گرانمايه گوهرن کي پنهنجي گود ۾ پاليو ۽ پوسيو، جن جو ثاني وري پيدا ٿي نه سگهيو. سوين اهڙا اڪابر ۽ اولياء پيدا ٿيا، جن جي شهرت جي ڊنڪي ساريءَ دنيا ۾ ڌوم مچائي ڇڏي. ڪيترا اديب، عالم ۽ فاضل اهڙا هن سرزمين مان اٿيا، جن جي شهرت جو شور دنيا ۾ چارسو گونجڻ لڳو. وقت گذرندي دير ڪانه ٿي ٿئي؛ زمانو ڦري ويو؛ چند ڏينهن کان پوءِ اسان ڏسون ٿا ته نه سنڌ ۾ ولي آهن، نه اڪابر آهن، نه عالم ۽ فاضل، ۽ نه شاعر؛ ڄڻ ته هئائي ڪين، ڇڙو ياد جو هڪ هلڪو عڪس دل تي رهجي ويو آهي، سو به اسان جي قلب جي ڪَٽ ڪري اجهو ڪي ميٽجي ويو.
مولانا محمد هاشم بن عبدالغفور السندي الٺٽوي (الله ۽ سندس پياري حبيب جون مٿس رحمتون هجن)، قديم سنڌ ۾ نهايت بلند ترين هستيءَ جو مالڪ هو. الله جو پيارو ٻانهو هو، کيس ذات باري تعاليٰ جو قرب حاصل هو. ٺٽي جي صوبي جو مفتي ۽ قاضي هو. اڄڪلهه سندس تصنيفات ڪٿي به دستياب ڪونه ٿيون ٿين_ الا ماشاالله، سواءِ چند خاندانن جي ٻئي هنڌ نام و نشان به ڪونه آهي. سندس تصانيف گهڻو ڪري مذهبيات تي آهن ۽ عربي زبان ۾.
مولانا عبدالواحد سيوستاني به ساڳيءَ طرح نهايت بلند پايه ڪامل بزرگ هو_ خدا کيس غريق رحمت ڪري. سچ پچ ته اهي بزرگ سنڌ جي سونهن هئا. اڄ ته اوندهه لڳي پيئي آهي، نه اهي بزرگانه محفلون آهن ۽ نه اهي اديبانه درباريون؛ ساري سنڌ هڪ اجڙيل آشياني جيان نظر اچي ٿي، چارسو سنسان ۽ ويران لڳو پيو آهي.
اهي صورتون ته هاڻي پوشيده ٿي ويون آهن، البته سندن تصانيف اڃا موجود آهن، جن مان سندن سيرت ڏسي سگهون ٿا. مگر ڪنهن کي ان جي ضرورت آهي، جو تجسس ۽ تفحص ڪري انهن کي دستياب ڪري. الله جا بي ذوق بندا اهڙا آهن، جو بزرگن کي زمين ۾ دفن ٿيل ڏسي انهن جي تصنيفن کي به ڪاٺ جي کوکن ۾ پوريو ويٺا آهن ۽ ”وڏن جي نشاني“ انهيءَ وقت تائين ٻاهر نٿا ڪڍن، جيسين اندران اڏوهي کائي ٻاهر نٿي نڪري اچي. اهڙن فرعونن لاءِ اسان ٻنهي ڀائرن 1926ع کان ”موسيٰ“ بنجڻ جو خيال ڪيو، ۽ مصمم ارادو ڪيوسي ته ڪيئن به ڪري سنڌي مصنفن جا قلمي ڪتاب گڏ ڪيون. اڄ برابر اٺون سال آهي_ رات ڏينهن جي ڪوششن ۽ محنتن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو ڪافي تعداد ۾ ذخيرو مهيا ٿي چڪو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ تازو اسان کي چند ڪتاب مولانا محمد هاشم ۽ عبدالواحد سيوستانيءَ جا هٿ آيا آهن، جن جي فهرست ناظرين ڪرام جي تفنن طبع لاءِ هيٺ ڏيون ٿا.

مولانا محمد هاشم ٺٽويءَ جا ڪتاب

هيٺيان سڀ ڪتاب عربي ۽ قلمي آهن. ڪاتب جو نالو ڪن ڪن ٿي لکيل آهي، هڪ صديءَ جا پراڻا ڏسڻ ۾ اچن ٿا.

(1) القول الانور في حکم لبس الاحمر
(2) بذل القوت في حوادث سني النبوت
(3) فتاويٰ محمد هاشم
(4) طراز المذهب في ترجيح الصحيح المذهب
(5) نورالعين في اثبات الاشارت في التشهدين
(6) فرائض الايمان

مولانا عبدالواحد جون تصانيف

(1) ڪتاب التخريج الخريج_ فارسي (هن ڪتاب سان گڏ هڪ عربي رسالو به آهي.)
(2) رسالـﺔ في افضلينه الصديقـﮧ
(3) الدرر المتنائره في الاخبار المتواتره
(4) اربعين لارشد الطالبين
(5) مرات الحيلـﺔ
(6) تهديد الغافر بتعذيب الکافر
(7) ارشاد الصواب لمن وقع في بعض الاصحاب
(8) اربعين بروايـﺔ سراج المسلمين
(9) احسن الفهم و العقل في جمع الکسب و التوکل
انهيءَ کان سواءِ ٻيا به ڪيترا ڪتاب آهن، جيڪي ساڳئي مجموعي ۾ آهن، مگر نالا پڙهڻ ۾ نٿا اچن. مولانا محمد عمر، ابو عبدالرحمان، علي بن محمد سلطان، محمد ابراهيم مڏئي ٺٽوي ۽ علامه شيخ محمد البکري وغيرهه جون تصانيف به آهن، جن جو بيان ڪنهن ٻيءَ صحبت ۾ ڪيو ويندو.

[”ستاره سنڌ“، 2 سيپٽمبر 1934ع]

تاريخ عرب جا قديم ماخذ

آنحضرت صلعم جي بعثت کان پوءِ، جڏهن اسلام فروغ ورتو ۽ کلمهء توحيد ٻاهرينءَ دنيا ۾ گونجڻ لڳو، ان وقت عربن کي پنهنجي تاريخ ۽ انساب جي محفوظ ڪرڻ جو خيال جاڳيو. ڇاڪاڻ ته ٻاهرينءَ دنيا جو جنهن صورت ۾ عرب سان رابطو ۽ ضابطو وڌيو، تنهن صورت ۾ لازمي هو ته هنن تائين عربن جا حالات ۽ تاريخي حڪايات به پهچايا وڃن. انهيءِ ڪري ان وقت تاريخ عرب جي منتشر ٺڪرن کي جمع ڪرڻ جي قدري ڪوشش شروع ٿي. مگر عملي صورت اها به وٺي نه سگهي. جنهن جو وڏو ڪارڻ هي هو، جو اصحاب سڳورا ۽ ٻيا پريا مڙس ان وقت زنده هئا، جن کي سلسله انساب ۽ تاريخ جو مخزن سمجهيو ٿي ويو. تنهنڪري قرآن ۽ انهن جي موجودگيءَ ۾ جدا تاريخ جي چندان تڪليف گوارا ڪانه ڪئي ويئي.
اهو دور جڏهن گذري ويو ۽ اسلامي علم پوريءَ طرح عالم تي پنهنجو پرچم لهرائڻ شروع ڪيو، تڏهن ٻاهرينءَ دنيا جي معلوم ڪرائڻ لاءِ ضروري ٿيو ته عرب جا جغرافيائي، سياسي ۽ تاريخي حالات گڏ ڪري، مجموعي جي صورت ۾، دنيا اڳيان پيش ڪيا وڃن. ان وقت مورخن کي جيڪو سامان انهيءَ عزم جي تڪميل لاءِ هٿ چڙهيو سو هي آهي:

(1) قرآن مجيد: قرآن مجيد ۾ عرب جي قومن جا حالات بيان ٿيل هئا.

(2) روايتون ۽ تفسير: مفسرن انهن آيتن جي تفسير ۾ وضاحت کان ڪم ورتو آهي.

(3) اسرائيليات: عرب جي قومن جو اڪثر ذڪر تورات ۾ هو، انهيءَ ڪري عام طرح يهودي انهن مان واقف هئا. مفسرن جي روايتن جو بنياد سمورو اسرائيليات تي آهي. وهب بن نبه، ڪعب الاحبار، ضحاک؛ سدي، کلبي، واقدي؛ مدايني، مجاهد، عڪرمه، وغيره، انهن روايتن جا ماخذ آهن. وهب ۽ کعب ته اسرائيلي هئا ۽ ٻيا صاحب وري اسرائيلين جا خوشه چين. مگر انهن جي روايتن مان گهڻو انداز اهڙو آهي، جنهن تي اعتبار ڪري نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته يهودين جي روايتن جو بنياد تورات ۽ تفسير کان زياده زباني قصن ڪهاڻين ۽ اڻ ڏٺل جمع خرچ تي هو. پر تنهن هوندي به اسرائيليات کي يڪسر ڪاٽا ڪري نٿو سگهجي.
ابن مردويه، ديلمي، مجاهد، مقاتل بن سليمان ۽ ابن جرير طبريءَ جي بناء گهڻو ڪري اهڙن وضعي روايتن تي آهي، جن جو معيار اعتبار جي حد کان لٿل آهي. ضحاک، سدي، کلبي، هشيم بن عدي، واقدي، جيڪي انهن روايتن جا مصنف ۽ ناقل آهن_ تن جي دروغ بيانين ۽ ڪذب گوئين جو اسماءَ الرجال جي محققن ڪچو چٺو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. عکرمه، وهب بن نهه ۽ ڪعب الاحبار به جرح کان ڇٽل ڪين آهي.
مٿين سڀني جو سرمايهء علم يهودي روايتن تي مبني آهي. جنهن جي بناءِ توارت، نبين ترڪوم ۽ تالمود تي ٻڌل آهي ۽ گهڻو حصو عام گپن مان به ورتل آهي.

(4) خانداني روايات: خانداني روايتون جيڪي عربن ۾ نسلن کان وٺي هليون ٿي آيون، جنگين جا واقعا يا سلسلهء انساب جيڪو پيڙهين کان وٺي عربن کي ورثي ۾ ملندو ٿي آيو_ توڙي جو گهڻو ڪري انهن روايتن کي اعتبار ۾ آڻي نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته روايتن جي پرکڻ لاءِ اسلام جيڪا تواتر جي ڪسوٽي مقرر ڪئي آهي، ان ۾ اهي نٿيون اچن_ تاهم گهڻو اندازو اهڙو آهي، جن مان امداد ملي سگهي ٿي.

(5) اشعار ۽ عربي مثال: ان کان زياده محفوظ ذريعي اطلاع اُهي اشعار ۽ عربي ضرب المثل آهن، جن ۾ فخريه ڪلمه ۽ مدح ستايش، اظهار شجاعت ۽ بهادريءَ جا واقعا بيان ڪيا ويا آهن. مگر افسوس جو اهو قيمتي سرمايو به اسان وٽ اسلام کان چند سال پهريون کان اڳ جو ڪونه ٿو ملي سگهي. تاهم قبل اسلام جي ڪيترن خاندانن ۽ قومن جو احوال انهن مان معلوم ٿي سگهي ٿو. طبري، قوم عاد جي احوال ۾، لکي ٿو ته: ”ڪن ايرانين قوم عاد کان انڪار ڪيو آهي. توڙي جو جاهليت جي شعرن ۾ انهن جو مفصل ذڪر ڪيل آهي.“
بهرحال انهيءَ سرمايي کي مسلمانن هيٺينءَ طرح تدوين ڪري، دنيا اڳيان پيش ڪيو:

(1) ڪتب تفسير
تفسير جي ڪتابن ۾ آيتن جي تحت انهن واقعن کي آندو ويو. اهڙي قسم جا تفسير هيٺيان آهن:
(1) تفسير مجاهد بن جبير_ (المتوفي 104هه)
(2) تفسير مقاتل بن سليمان_ (المتوفي 150هه)
(3) تفسير ابراهيم بن معقل النسفي_ (المتوفي 295هه)
(4) تفسير ديلمي_ (المتوفي نامعلوم)
(5) تفسير ابن جرير طبري_ (المتوفي 310هه)
(6) تفسير ابن ابي حاتم_ (المتوفي 354هه)
(7) تفسير ابن حبان_ (المتوفي 410هه)
(8) تفسير ابن مروويه_ (المتوفي 516هه)
(9) تفسير بغوي_ (المتوفي نامعلوم)

(2) تاريخ
ابتدائي تاريخ نويس، جن جو سلسلو حضرت معاويه جي زماني کان شروع ٿئي ٿو، عبيد بن شريه، ابو عبيد، عوانه بن حڪم، هشام ڪلبي، قاضي ابوالبختري، ابن هشام وغيرهه آهن. هي اُهي مصنف آهن، جن ٻي ۽ ٽين صدي هجريءَ ۾ خالص عربن جون قديم تاريخون لکيون، جيڪي هيٺ ڏنيو وڃن ٿيون:
(1) عبيد بن شريه_ ڪتاب ”اخبار الملوک والماضئين“ (يعني گذشته بادشاهن جا حالات). مصنف امير معاويه جو همعصر هو. هن ڪتاب جا ٽڪرا، مسعوديءَ ۾ جابجا ڏنل آهن.
(2) ابو عبيده_ ڪتاب ”مغازات قيس واليمن“، ڪتاب ”خبر عبدالقيس“، ڪتاب ”مناقب باهله“، ڪتاب ”مکه والحرام“، ڪتاب ”بيوتات العرب“، ڪتاب ”ماثرالعرب“، ڪتاب ”ماثر غطفان“. ڪتاب ”قصـﺔالکعبه“، ڪتاب ”الحمس من قريش“، ڪتاب ”الاوس والخزرج“، ڪتاب ”ايلم بني بشکر.“
(3) بمرد_ ڪتاب ”ايام بني مازن“، ڪتاب ”فجطان و عدنان“.
(4) هشام ڪلبي_ ڪتاب ”من نقل من عاد و ثمود و الــــعـــمـــالــيـــق و جــــــــديـــــس“، ڪـــــتـــــاب ”عـــــاد و الاولــــــيٰ و الــــــثـــــانــــيـــــه“، ڪتاب ”تفرق عاد“، ڪتاب ”اصحاب الکهف“، ڪتاب ”الحيرت“.
(5) قاضي ابوالبختري_ ڪتاب ”طسم و جديس“.
(6) ابن هشام_ ”سيرت النبوي“ جي مقدمي ۾ قديم عرب جي تاريخ ڏني اٿائين. ۽ ڪتاب ”التيجان“ به انهيءَ موضوع تي جدا لکيو اٿائين.
(7) ابن الحائڪ همداني_ عرب جو هڪ جغرافيه نويس هو. هن جا ٻه ڪتاب ”صفـﺔ جزيرت العرب“ ۽ ”اڪليل“ آهن. هنن مان پهريون ڪتاب ”جزيرت العرب“ جغرافيه جو آهي، ۽ لنڊن ۾ ڇپجي چڪو آهي. ٻيو ڪتاب فقط يمن جي تاريخ تي آهي، جنهن جو ڪامل نسخو اڃا تائين ڪونه ملي سگهيو آهي. البته ان جي لڌل هڪ ٽڪري کي پروفيسر مولر (O. H. Meellir ) شايع ڪرايو آهي، جيڪو 10 بابن ۾ ورهايل آهي (ارض القرآن). عرب جي قديم تاريخ تي يورپ جا مستشرق ان کان زياده مستند ٻئي ڪنهن ڪتاب کي نٿا سمجهن. همداني چونڪ حميري زبان مان واقف هو، ۽ هن آثار ۽ ڪتبا وغيرهه پڙهيا هئا، تنهنڪري هن کي اهميت ڏني وڃي ٿي.
(8)علقمه بن علڪم_ هڪ شاعر هو، ۽ هن قصيده ”نونيه“ ۾ همير (قوم تبع) جا حالات ۽ عام عمارتن جا نالا ڏنا آهن.
(9) نشوان بن سعيد الحميري_ هن ”قصيده حميريه“ جي نالي سان هڪ تاريخ لکي آهي، جنهن ۾ حمير جي تاريخ ۽ بادشاهن جا حالات لکيا آهن. نشوان خود يا انهيءَ وقت جي ڪنهن ٻئي عالم انهيءَ قصيدي جو شرح به لکيو آهي. ٻيو ڪتاب آهي ”شمس العلوم“ جيڪو گويا هڪ لغت آهي، جنهن ۾ الفاظن، جيڪي حمير ۽ ٻين سان تعلق رکندڙ آهن، جي ضمن ۾ ڪيترن حميري نالن ۽ لفظن جي تصحيح ڪئي ويئي آهي ۽ انهن جو معنائون لکيون اٿائين؛ جنهنڪري يورپي عالمن کي حمير ۽ سبا جي تاريخ لکڻ ۾ ڏاڍي مدت ملي آهي ۽ انهيءَ زبان جي ڪتبن پڙهڻ ۾ به گهڻي قدر سهولت ٿي اٿن. ڪتاب ”التيجان“، ”قصيده حميريه“، ”شرح قصيده“ ۽ ”شمس العلوم“، بانڪي پور جي ڪتبخاني ۾ موجود آهن. ”قصيده حميريه“ کي ”الفريڊ وان ڪريمر“ به شايع ڪيو آهي. ”شمس العلوم“ جو هڪ عمدو نسخو اسڪوريال لائبريريءَ ۾ به آهي (هن ڪتاب جي پهرينءَ طباعت کان پوءِ سنه 1900ع ۾ هن جو هڪ حصو تاريخ يمن تي، ڊاڪٽر عظيم الدين، گب ميموريل لنڊن ۾ ڇپايو آهي).
مطلب ته اسلامي علمي ذخيرو، جيڪو هن وقت موجود ۽ مطبوعه آهي، ان جي آڌار تي چوڻ ۾ اچي ٿو ته سڀ کان پهريون مـﺆرخ ابن اسحاق المتوفي سنه 151هه آهي، جيڪو ان وقت، ”ابن هشام“ المتوفي سنه 218هه جي روايت مطابق، موجود هو ۽ ابن هشام جي ڪتاب ” السيرت“ جو جز اعظم آهي. ان کان پوءِ به مسلمان مـﺆرخن پنهنجي تاريخن جي مقدمي يا تمهيد ۾ تاريخ عرب ۽ قومن تي بحث ڪيو آهي.
بهرحال مـﺆرخين اسلام مان جن جون تصنيفون موجود ۽ مطبوعه آهن ۽ جن جون تصنيفون ”تاريخ عرب“ جي موضوع تي لکيل آهن، انهن مان هيٺين ماڻهن کي اهميت حاصل آهي.
(1) ابــــــــــــــــــن هــــشــــــــــــام_ (الـــــمــــــتـــــوفـــــي 218هه)، ڪتاب ”السيرت“ مطبوعه يورپ و مصر.
(2) ابــــــو الــــــوليد ازرقــــــي_ (المتوفي 223هه)، ”اخبار مکه“ مطبوعه يورپ و مصر.
(3) ابــــــــــــن قــــــتــــــيــــــــــــبه_ (الـــــمــــــتـــــوفـــــي 276هه)، ڪتاب ”المعارف“ مطبوعه يورپ و مصر.
(4) ابن واضح يعقوبي_ (المتوفي 277هه)، ”تاريخ يعقوبي“ مطبوعه يورپ و مصر.
(5) ابو جعفر طبري_ (المتوفي 310هه)، ”تاريخ الرسل و الملوڪ“ مطبوعه يورپ و مصر.
(6) حمزه اصفهاني_ (المتوفي 370هه)، ”تاريخ مني ملوڪ العرض“ مطبوعه يورپ و ڪلڪته.
(7) مسعودي_ (المتوفي 346هه)، ”مروج الذهب“ مطبوعه يورپ و مصر.
مٿيان صاحب قدما جي دﺆر جا آهن، متاخرين ۾ فقط هيٺيان ٻه صاحب قابل ذڪر چيا وڃن ٿا.
(1) ابوالفدا_ (المتوفي 732هه)، ”المختصر في اخبار البشر“ مطبوعه يورپ و مصر.
(2) ابن خلدون_ (نامعلوم) ”العبر و ديوان المبتدا والخبر“، مطبوعه يورپ و مصر.
هن کان پوءِ عرب جي جغرافيه نويسن تي بحث ڪنداسين ۽ ان کان پوءِ تاريخ عرب جي چوٿين ڪڙي يعني ’انساب‘ جو ذڪر ڪيو ويندو.

(2) جغرافيه
مسلمانن ۾ علم جغرافيه جي ابتدا پهريون ئي عربن وٽان ٿي. اڃا هو يونانين جي لفظ ”جغرافيه“ سان آشنا ئي نه هئا، جو انهن اهو سلسلو شروع ڪري ڏنو. ۽ حقيقت ۾ انهيءَ فن ۾ ايترو ڪمال حاصل ڪيائون جنهن جو ٻي ڪابه قوم مثال پيش ڪري نٿي سگهي.
عربن جا انهيءَ فن تي ٻن قسمن جا ڪتاب آهن. هڪڙا اهي جيڪي خالص عرب جي جغرافيه تي آهن؛ ۽ ٻيا اهي، جنهن ۾ ٻين ملڪن جي جغرافيه بيان ڪندي، ضمناً عرب لاءِ به لکيو اٿن؛ جنهنڪري اسان به هن هيٺ ڪتابن کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪريون ٿا؛ چنانچه پهرئين قسم جا جغرافيائي ڪتاب هي آهن:

(1) ابو زياد ڪلابي_ (سنه 200هه)، هن ”ڪتاب النوادر“ جي نالي سان هڪ ڪتاب لکيو، جيڪو انهيءَ فن جو پهريون ئي ڪتاب چيو وڃي ٿو. هي ڪتاب ڪيترن ئي حصن ۾ ورهايل آهي، جنهن جو هڪ حصو خاص عرب تي آهي.

(2)نصر بن شميل_ (سنه 330هه)، هن جو لکيل ڪتاب ”ڪتاب الصفات“ جي نالي سان مشهور آهي، جنهن جي هڪ حصي ۾ عرب جو جغرافيه آهي، ۽ اتان جي خيمه گاهن، گهرن، جبلن ۽ غارن تي نهايت تفصيل سان بحث ڪيل آهي.
هي ڪتاب 740ع ۾ لکيو ويو؛ ”تمدن عرب“ جي مصنف ڊاڪٽر گسٽوليبان جو چوڻ آهي ته ”اهو ڪتاب يهودين لاءِ لکيو ويو هو.“ مصنف نصر بن شميل اصل بصري جو رهاڪو ۽ مشهور محدث ۽ نحوي هو، حريري انهيءَ جو ذڪر پنهنجي ڪتاب ”درت الغواص في اوهام الخواص“ ۾ ڪيو آهي. بصري مان نڪري خراسان ويو، ۽ نحو ۾ مشهور نحوي ”خليل“ جو شاگرد هو. 40 ورهيه کن بدوين سان گڏ رهيو هو، جنهن جا اثرات هن جي ڪتاب تي پيل آهن (علي بلگرامي، ”تمدن عرب“، حاشيه ص 431).

(3) هشام بن محمد ڪلبي_ (سنه 206)، ”ڪتاب البلدان“ ۽ ”ڪتاب الاقابم“ نالي ٻه ڪتاب جوڙيا اٿائين.

(4) ابو سعيد الاصمعي_ (سنه 313)، ”ڪتاب جزيرت العرب“ ۽ ”ڪتاب مياه العرب“ لکيا اٿائين، معلوم ٿو ٿئي ته پهريون ڪتاب عرب جي عام جغرافيه تي آهي ۽ ٻيو خاص تلائن (تالاب) جي بيان ۾ آهي.

(5) سعدان بن مبارڪ_ (سنه 300)، ”ڪتاب الارضئين و المياء و الجبال“ جي نالي سان زمين، تلائن ۽ پهاڙن جي بيان ۾ آهي.

(6) ابو سعيد حسن السڪري_ (سنه 300)، ”ڪتاب المناهل و القري و الابيات“ جي نالي سان عرب جي غارن، آبادين ۽ گهرن جي حالات تي لکيو اٿائين.

(7) عمر بن رسته_ سنه 300)، ”الاعلاق النفسيه“ جي نالي سان ڪتاب آهي، جنهن جو ستون فصل عرب جي جغرافيه تي آهي. ان جو هڪ ٽڪرو ”صنعا“ جي بيان وارو رچرڊ گوٿائيل، سميٽڪ اسٽڊي بريل ۾ 7 نمبر تي ڇاپيو آهي.

(8) ابن هائڪ همداني_ (سنه 320)، ”صفـﺔ جزيرت العرب“، هي ڪتاب جغرافيه عرب تي محقق ترين ڪتاب آهي. عرب جي زمينن، قومن، قبيلن، حيوانن، رستن، پهاڙن، تلائن، چراگاهن، وادين، کاڻين ۽ آثار قديمه وغيرهه تي نهايت مفصل بيان ڏنل آهي. هي ڪتاب 1819ع ۾، ليڊن ۾ ڇپيو آهي.

(9) ابو زيد بلخي_ (سنه 340)، ”ڪتاب البدء و الاخبار“ جي 13 فصل ۾ عرب جو جغرافيه ڏنل آهي. نيز مسجدن، رستن ۽ عجائبات تي به مفصل طرح بيان آهي. فرنچ مستشرق (ڪلمان) ڪتاب کي شايع ڪرايو آهي.

(10) ابو سعيد حسن السيرافي_ (368هه)، ”ڪتاب جزيرت العرب“ جي نالي سان عرب جي جغرافيه تي بهترين ڪتاب آهي.
مولانا سليمان ندوي ”عرب و هند کـﻶ تعلقات“ ۾ لکي ٿو ته ”سيراف، خليج فارس جو مشهور بندرگاهه آهي. ابو زيد اتان جو رهاڪو هو؛ سنه 264هه سندس ڪتاب ۾ ملي ٿو، مسعودي ساڻس سيراف ۾ 300هه ۾ مليو هو، هي عرب تاجر هو، ۽ سليمان تاجر جو سفرنامو پڙهي، 25_30 ورهين کان پوءِ ان جو تڪملو لکيائين.
هندستان ۽ چين جي پاسي تجارت جي خيال سان بحري سفر ڪندو هو. هندستان متعلق به سندس ڪتاب ۾ گهڻو مواد آهي (ص 31_35).“

(11) حسن بن محمد المعروف بالخالع_ (سنه 380هه)، ”ڪتاب الادويه و الجبال“ جي نالي سان، عرب جي پهاڙن ۽ وادين جي بيان ۾ لکيل آهي.

(12) محمود بن عمر زمخشري_ (سنه 398هه)، ”ڪتاب الامکته و المياه و الجبال“ عرب جي جاين، تلائن ۽ پهاڙن تي نهايت سٺو ڪتاب آهي.

(13) البڪري_ (نامعلوم)، ”معجم ما استعجم“ عرب جي جاين، مقامن ۽ ٻين جغرافيه حالات تي آهي.

(14) سيوطي_ (سنه 910هه)، ”مراصد الاطلاع علي اسماءَ الامکنه و البقاع“ 6 جلدن ۾ ڇپيو آهي. عرب جي سڀني جاين جا حالات ڏنل آهن.
مٿيان ڪتاب اهي آهن، جيڪي خاص عرب جي جغرافيه تي لکيا ويا آهن. باقي جن ۾ ضمني طرح ذڪر آهي انهن جو تفصيل هن هيٺ آهي:

(1) ابن خردازيه_ 250هه ۾ موجود هو)، سيد سليمان ”عرب و هند کي تعلقات“ ۾ ابن خردازيه جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”هي عيسوي نائين صديءَ ۾ عباسي خليفه ( معتمد) جي زماني ۾ ٽپال ۽ خفيه رپورٽن جي محڪمي جو عملدار هو، ۽ چونڪه سرڪاري عملدار هو، تنهنڪري هن جي ڪتاب جي معلومات نهايت پڪي ۽ قيمتي آهي“ (صفحو 14). سندس ڪتاب 1889ع ۾ بريل ۾ ”ڊي_غوجي“ (De_ Goete) شايع ڪرايو آهي. ڪتاب جي اڌ ۾ ”تمين“ جي عنوان هيٺ عرب جو جغرافيه ڏنو اٿائين. ڪتاب جو نالو ”ڪتاب المسالک والممالک“ آهي.

(2) ابن فقيه همداني_ (سنه 290)، ”ڪتاب البلدان“، هي ڪتاب يورپ وارن شايع ڪيو آهي، ٻئي باب ۾ مڪه، طائف، مدينه، يمامه ۽ يمن جو ذڪر ڪيو اٿائين.

(3) ابن واضح يعقوبي_ (سنه 300هه)، احمد بن يعقوب بن جعفر عباسيه عهد ۾ دفتر انشا جو افسر اعليٰ هو، هندستان ۽ ٻين ملڪن جي به سير سياحت ڪئي هئائين. هي پهريون ئي مسلمان آهي جنهن دنيا جي سڀني قومن جي تاريخ لکي آهي. 287هه ۾ انتقال ڪيائين. سندس ٻه ڪتاب آهن. هڪ ”تاريخ يعقوبي“ جا ٻن جلدن ۾ آهي ۽ ٻيو جغرافيه ”ڪتاب البلدان“ نالي، اهي ٻئي ڪتاب لنڊن ۾ ڇپيا آهن.

(4) اصطخري_ (سنه 340)، هن جي ڪتاب جو نالو به ”ڪتاب المسالک والممالک“ آهي. يورپ ۾ ڇپيو آهي. پهريون باب عرب جي جغرافيه تي آهي. سيد سليمان لکي ٿو ته ”ابو اسحاق ابراهيم بن محمد فارسي، اصطخريءَ جي نالي سان مشهور هو، بغداد جي محلي ڪرخ جو رهاڪو هو، تمام زبردست سياح هو، هن جا جغرافيه ۾ ٻه ڪتاب آهن، هڪ ڪتاب الاقاليم ۽ ٻيو، ڪتاب مسالک الممالک. پهريون ڪتاب سنه 1839ع ۾ ”گوٿا“ ۽ ٻيو سنه 1870ع ۾ ليڊن ۾ ڇپيو آهي. جو 320هه (901) ۾ هندستان به آيو هو، جتي ابن حوقل سان به مليو هو. هن انهيءَ وقت هڪ دنيا جو نقشو به تيار ڪيو هو، جيڪو سندس بهترين ڪارنامو آهي. (”عرب و هند کـﻶ تعلقات“ صفحو 39، ”تمدن هند“ صفحو 431).

(5) مسعودي_ (سنه 343)، ڪتاب جو نالو ”مروج الذهب“ آهي، مصر ۾ ڇپيو آهي. مسعودي جو نالو ابوالحسن علي آهي، هڪ بلند پايي جو مورخ، ۽ جغرافيه نويس، ۽ سياح جي حيثيت سان مشهور آهي. چنانچه سموري حياتي آزاد ۽ سير سياحت ۾ صرف ڪيائين. پنهنجي وطن بغداد مان نڪتو. عراق، شام، ارمينيا، روم، ايشياي ڪوچڪ، افريقه، سوڊان، رزنگ، چين، تبت، هندستان ۽ سرانديب، کي خوب گهميو. نيز چين، عرب، حبش، فارس ۽ روم جي درياهن جا به چڪر ڪاٽيائين. سندس ڪيترن ڪتابن مان هينئر به ڪتاب ملن ٿا. هڪ ”ڪتاب النبيـﮧ و الاشرف“ جيڪو مختصر آهي، ۽ ٻيو ان کان وڏو آهي ”مروج الذهب و معادن الجوهر“ جيڪو مشهور ترين ڪتاب آهي. ڪتاب جي مقدمي ۾ سموريءَ دنيا جي قومن جي تاريخ به لکي اٿائين. مطلب ته هرهڪ ڳالهه تي نهايت پر از معلومات لکيو اٿائين_ پنهنجي سياحت 332هه ۾ ختم ڪيائين. ۽ ان کان پوءِ اهو ڪتاب لکيائين_ پيرس ۾ فرينچ ترجمي سان اهو ڪتاب 9 جلدن منجهه شايع ٿيو آهي. مصر ۾ به ڪيترا دفعا شايع ٿي چڪو آهي. (ع_هه_ت_ص ص 37_38)

(6) ابن مردويه_ (سنه 352هه)، ”معجم البلدان“ نالي بهترين ڪتاب جغرافيه تي آهي، جنهن ۾ عرب جي شهرن، ام القراي، عام عرب، عمان، مدينه وغيره جو پر از معلومات ۽ احوال ڏنل آهي. بانڪي پور ۽ حيدرآباد دکن جي ڪتب خانن ۾ نهايت قيمتي قلمي نسخا موجود آهي.

(7) ابن حوقل_ (سنه 362هه)، ”کتاب المسالک و الممالک“ مطبوعه يورپ جي باب پهرئين ۾ عرب جو جغرافيه، پهاڙ، ريگستان ۽ رستن جو بيان ڏنل آهي.
ابن حوقل اصل بغداد جو رهاڪو ۽ اتان جو وڏو تاجر هو. سنه 341هه مطابق 943ع جو بغداد ڇڏي، يورپ، افريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن جو سفر شروع ڪيائين. اسپين ۽ سسليءَ کان وٺي ويندي هندستان تائين جي زمين ڇاڻيائين. ۽ ملڪن جا نقشا تيار ڪيائين، سنڌ جو نقشو به تيار ڪيو هئائين جيڪو ايليٽ صاحب ڏنو آهي.

(8) ابوالنباءِ بشاري مقدسي_ (سنه 375هه)، ”احسن التقايم في معرفته الاقاليم“ هن ڪتاب ۾ عرب جي صوبن، قصبن، ڳوٺن، عمارتن، کاڻين ۽ سمندرن جو مفصل بيان ڏنل آهي.
شمس الدين محمد بن احمد بشاري، شام ۾ بيت المقدس جو رهاڪو هو، هن پنهنجو ڪتاب 375هه ۾ ختم ڪيو. ڪتاب جو ٻيو ايڊيشن 1906ع ۾، ليڊن ۾ ڇپيو آهي.

(9) ادريسي_ (سنه 545هه)، ”نزهته المشتاق في الفتراق الافاق“ هن ڪتاب ۾ به ساڳيءَ طرح عرب جو جغرافيه آهي، مگر ڪتاب جو جيڪو ٽڪرو شايع ٿيو آهي، تنهن ۾ عرب جو احوال ڪونه آهي.
ابو عبدالله بن ادريس عرب جو مشهور مـﺆرخ ۽ جغرافيه نويس هو. صقيله جي بادشاهه راجرس وٽ نوڪر هو، ۽ بادشاهه لاءِ هڪ چانديءَ جو ڪره ٺاهيو هئائين، جنهن جي تشريح ۾ هن پنهنجو جغرافيه لکيو. سال ولادت 1109ع آهي ۽ سنه وفات 1164ع (علي بلگرامي، ”تمدن هند“ ص 37).

(10) ياقوت_ (سنه 623هه)،”معجم البلدان“ مصر ۾ 10 جلدن ۾ ڇپيو آهي. عرب جي سڀني تلائن، پهاڙن ۽ جاين وغيره جو بيان ڏنل آهي، ۽ ماپ به لکيل آهي. مصنف جو نالو ”ابو عبدالله ياقوت الرومي الحموي البدادي“ آهي.

(11) زڪريا قزويني_ (مولود سنه 674هه)، ”آثارالبلاد“ يورپ ۾ شايع ٿيو آهي. مختصر ڪتاب ۾ ترتيب اقاليم آهي. هرهڪ اقليم ۾، جتي عرب جو ذڪر آيو آهي، اتي ڏاڍيءَ وضاحت کان ڪم ورتو اٿس. علي بلگرامي لکي ٿو ته ”مصنف جو نالو ’زڪريا بن محمد القزويني‘ آهي ۽ مشهور ترين عالم آهي.“ هن جا ٻه ڪتاب ٺهيل آهن، هڪ ”عجائب المخلوقات“ ۽ ٻيو ”آثارالبلاد و اخبار العباد“ (ص 432).

(12) شمس الدين دمشقي_ (سنه نامعلوم)، ”تاخبته الادهر في عجائب الير و البحر“ يورپ ۾ شايع ٿيو آهي، ڏهون فصل عرب عام جي جغرافيه تي آهي، صوبن، قلعن جي حدن ۽ شهرن جو بيان ڏنل آهي.

(13) ابوالفدا_ (سنه 732هه)، ”تقويم البلدان“ يورپ ۾ شايع ٿيو آهي. پهرئين فصل ۾ عرب جي 42 آبادين جو ذڪر ٿيل آهي، ۽ طول و عرض ماپيل ۽ لکيل آهي.
مٿيان ڪتاب عرب جي جغرافيه تي آهن، جن مان گهڻا اهي آهن، جيڪي اڄ يورپ جي بدولت اسان وٽ پهتا آهن.

(4) انساب

جيڪڏهن تورات کي جدا ڪجي ٿو ته پوءِ دنيا ۾ عربن جي ئي قوم رهي ٿي، جنهن سلسلي نسل و انساب کي هڪ مستقل فن بڻائي ڇڏيو. هڪ عرب جي نگاه ۾ سڀ کان زياده قيمتي ۽ ڪمائتي شيءِ فقط پنهنجو نسب ئي هو، جنهنڪري عرب جو ٻچو ٻچو پنهنجي نسل کي بر زبان ياد رکندو هو.
عرب جا شاعر به ان ڪري قبيلن جا شجرا ياد ڪندا هئا، جو کين مدح ۽ هجو جي موقعي تي اهي ڪم ايندا هئا. اسلام کان اڳ خواه پوءِ عرب ۾ انهيءَ فن جا تمام وڏا وڏا ماهر ٿي گذريا آهن، جن کي تمام عرب جي قبيلن، خاص ڪري مشاهيرن جو سلسله نسب دل تي نقش هوندو هو.
جڏهن تدوين علوم جو وقت آيو، تڏهن ٻين فنون سان گڏ اهو فن به مدون ٿيو، ۽ انساب جي عالمن ان تي ڪيترا ڪتاب لکيا. اسلام جي پهرئين وقت ۾ غفل، بڪري، لسان الحمرت، عبيد بن شريه، ۽ ان کان پوءِ ابن ڪواءِ، قرقبي، عوانه بن حڪم، ابوالفطان، هشام ڪلبي، محمد بن سائب ڪلبي، مدائني، فاڪهاني، معصب بن عبدالله، زبيري، زبير بن بڪار، ۽ مصنف انساب قريش، اصمعي، ابو عبيده، ابن هشام، ۽ مصنف انساب حمير مبرد ۽ ازرقي، ۽ متاخرين ۾ بلاذري، سعاني، ابن حزم ۽ قلشقندي انهيءَ فن جا امام هئا.
انهن سڀني کان مشهور ۽ مستند انسابدان، علامه سمعاني ٿي گذريو آهي، جنهن پنهنجو ”ڪتاب الانساب“ 562هه مطابق 1166ع ۾ لکي پورو ڪيو. مصنف جو نالو قاضي ابو سعيد عبدالڪريم هو ۽ ڪنيت سمعاني هيس. ڪتاب تمام ضخيم ۽ 1206 صفحن تي آهي. يورپ جي بدولت اهو ڪتاب به اسان جي هٿن تائين پهتو. مسٽر اي_جي_برل ليڊن ۾ 1917ع ۾ ڇپايو هو.
باقي ٻين بزرگن جا ڪتاب به انهيءَ فن تي نهايت قيمتي آهن، مگر انهن مان ڪيترا اڄڪلهه بلڪل ناياب آهن، جنهنڪري انهن مان متمتع ٿيڻ محال آهي.
مطلب ته عرب جي قديم تاريخ مدون ڪرڻ ۾ ذڪر ڪيل چئن ماخذن ئي مدد ڏني آهي، جنهنڪري اهو سمورو ذخيرو جڙي راس ٿيو.
[هن مضمون ۾ هيٺين ڪتابن مان مدد ورتي ويئي آهي: 1_ ”ارض القران“_ سيد سليمان ندوي، 2_ ”تمدن عرب“_ علي بلگرامي، 3_ ”فهرست الفداي“_ حسام الدين، 4_ ”فهرست ابن نديم“_ علامه ابن نديم، 5_ ”عرب و هند کـﻶ تعلقات“_ سيد سليمان ندوي.]

[روزانه ”ستاره سنڌ“، 2_9 ۽ 16 ڊسمبر، 1934ع]

سنڌي زبان جا قديم ڇاپي ڪتاب

سنڌي زبان جي ادبي سرمايي جي تلاش ڪندي مون کي ضرورت محسوس ٿي ته آءُ انگريزن جي آمد کان (1843ع) وٺي 1900ع تائين، جيڪي ڪتاب سنڌي زبان ۾ لکرايا ويا آهن ۽ ڇپايا ويا آهن، انهن جي فهرست مرتب ڪريان، تاڪ معلوم ٿئي ته انگريزن اسان جي ادب ۽ زبان سان ڪهڙا ڀال ڀلايا.
مون وٽ به قديم ڇاپي ڪتابن جو ڪجهه ذخيرو موجود آهي، چنانچه ان کي سامهون رکي، برٽش ميوزم ۽ انڊيا آفيس جي ڪيٽلاگن مان به مدد وٺي، هڪ فهرست مرتب ڪئي اٿم، جيڪا هن هيٺ سنڌي ادب جي دوستن لاءِ ڏيان ٿو، تاڪ انهيءَ ڏس ۾ جيڪڏهن ڪو صاحب ڪم ڪري ته ان جي سامهون رهي ۽ وقت سر ان کي ڪتب آڻين.
فهرست نامڪمل آهي، تنهنڪري ضروري آهي ته ان کي مڪمل ڪيو وڃي. 1830ع کان 1900ع تائين جو زمانو سنڌي زبان ۽ ادب جي تاريخ جو اهم دﺆر آهي، جيڪڏهن انهيءَ زماني جي مطبوعه ذخيري جي فهرست مڪمل ڪئيسون ته اها اسان کي ادبي تاريخ مرتب ڪرڻ وقت سنگ_ميل جو ڪم ڏيئي سگهي ٿي، ۽ اسان معلوم ڪري سگهنداسي ته:
(1) انهيءَ مُنيءَ صديءَ ۾ اسان جا ڪهڙا مصنف ۽ مترجم پيدا ٿيا.
(2) انهن جي نظم ۽ نثر جو ڇا انداز هو.
(3) انهن سنڌي زبان ۾ ڪيترو سرمايو ڪٺو ڪيو، ۽ بيروني زبانن جا ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب ترجما ڪيا ويا.
(4) سنڌي زبان خواهه خط ڪهڙا روپ بدلايا ۽ ڪهڙيون ڪهڙيون ان ۾ رنگ آميزيون ٿيون.
(5) انگريزن ڪهڙو نصاب، تعليم لاءِ مرتب ڪرايو، ۽ ان ۾ پنهنجي سياسي مقصدن کي سامهون رکي، ڪهڙي رمز رکي ڇڏيائون.
(6) سنڌي طباعت ۽ پريس جي تاريخ تي پڻ انهيءَ فهرست مان روشني پئجي سگهي ٿي. مثلاً، هن مان انهيءَ سلسلي ۾ هيٺيون ڳالهيون معلوم ٿين ٿيون:
(الف) سنڌ ۾ پهريون ڇاپخانو ڪٿي ۽ ڪڏهن قائم ٿيو، ان جو صحيح پتو ڪونه آهي. هن فهرست مان معلوم ٿئي ٿو ته ”چٽ جي پار“ نالي ڪتاب 1853ع ۾، ڪراچيءَ جي ليٿو پريس مان شايع ٿيو، گويا انگريزن جي اچڻ بعد ڏهن سالن اندر سنڌ ۾ پريس قائم ٿي ويئي.
(ب) ڪوٽڙيءَ ۾ ليٿو پريس 1857ع کان اڳ يا ان سال ۾ قائم ٿي، اُنهيءَ سال ڪوٽڙي پريس مان منشي اُڌارام جو لکيل سنڌي گرامر شايع ٿيو.
(ج) حيدرآباد ۾ 1865ع ۾ يا ان کان اڳ پريس قائم ٿي، ڪتاب ”ڳالهين جي سوکڙي“ انهيءَ سال شايع ٿيو.
(د) سکر ۾ ليٿو پريس 1886ع ۾ يا ان کان اڳ قائم ٿي، ۽ ان پريس مان ”گلدستهء حڪمت“ نالي ڪتاب انهيءَ سال ڇپيو. غالباً اها پريس هريسنگ قائم ڪئي.
سنڌي ٽائيپ ڪڏهن ٺهي، انهيءَ سلسلي ۾ به هن فهرست مان ڪجهه اندازو ڪري سگهجي ٿو. مثلاً لنڊن ۾ ٽرمپ صاحب ”سنڌي ريڊنگ بوڪ“، 1858ع ۾، ٽائيپ ۾ شايع ڪرايو. 1863ع ۾ لنڊن مان ”سسئي پنهونءَ“ جو قصو ٽائيپ ۾ ڇپيو؛ جرمنيءَ جي ليزگ شهر مان 1866ع ۾ ٽرمپ صاحب ”شاهه جو رسالو“ ٽائيپ ۾ شايع ڪرايو.
انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي علم دوستن کي سنڌ مان نڪرندڙ قديم سنڌي، فارسي ۽ انگريزي اخبارن ۽ رسالن جي به فهرست مرتب ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي صحافت جي تاريخ انهيءَ لسٽ جي آڌار تي مرتب ڪري سگهجي ٿي. انهيءَ قسم جون فهرستون، ادبي تاريخ لکڻ وقت، اسان جي گهڻي قدر مدد ڪري سگهن ٿيون.

آرٽ ۽ سائنس
(1) ”چٽ جي پار“، صفحا 35. هي ڪتاب ”اصل نقاشي“، تصنيف سدا سک لالا جو سنڌي ترجمو آهي؛ ليٿو، ڪراچي، 1852ع؛ مترجم_ خان داس ۽ منشي ننديرام.
(2) ”اڪاسي نروار“، صفحا 61، ترجمو_ ”خلاصه نظام شمسي“، تصنيف محمد شاهه؛ واسي ڌارا ليٿو، ڪراچي، 1856ع.
(3) ”سکائتو نروار“، صفحا 94، ترجمو_ ”شرح التعليم“، جرنجي لال؛ مترجم_ ننديرام؛ ليٿو، ڪراچي، 1860ع.
(4) ”سنساري نروار“، صفحا 207، ترجمو_ ”حقائق الموجودات“؛ مترجم_ ننديرام؛ ليٿو، ڪراچي، 1861ع.

سوانح
(5) ”ڪلمبس جي تاريخ“، صفحا 48، ڪوڙومل چندن مل، ليٿو ڪراچي، 1862ع.
(6) ”بيان حضرت امام حسين جو“، صفحا 374، خوجا سنڌي خط ۾، ليٿو بمبئي 1884ع.
(7) ”جنم ساکي اڏيري لعل صاحب جي“، صفحا 58، سخاوتراءِ، ليٿو ڪراچي 1890ع.

تاريخ
(8) ”هندستان جي تاريخ“، صفحا 177، ”تاريخ هند“ مصنفه پرساد جو سنڌي ترجمو، مترجم غلام علي، ليٿو ڪراچي 1854ع.
(9) ”سنڌ جي تواريخ“ صفحا 368، مير معصوم جي فارسي تاريخ جو ترجمو، ننديرام، ليٿو ڪراچي 1861ع.
(10) ”منتخب تاريخ انگلستان“، صفحا 116، انگريزيءَ تان ترجمو، واڌومل چنديرام، ليٿو ڪراچي 1862ع.
(11) ”سنڌ جو نروار“، صفحا 110، راءِ صاحب نرائن جگوناٿ، ليٿو ڪراچي 1865ع.
(12) ”هندستان جي مختصر تاريخ“، صفحا 108، پرتيمداس، حشمتراءِ ۽ قسمتراءِ، ليٿو ڪراچي 1879ع. هيءُ ڪتاب جو چوٿون ايڊيشن آهي.
(13) ”هندستان جي مختصر تاريخ“، صفحا 64، جهامراءِ منگهومل، ليٿو ڪراچي 1380ع. (هن جو ٻيو ايڊيشن ساڳيءَ پريس ۾ 1881ع ۾ شايع ٿيو.)
(14) ”سنڌ جي مختصر تاريخ“، صفحا 48، آلومل ٽيڪمداس، ليٿو ڪراچي 1880ع. (هي ٽيون ايڊيشن آهي، سنڌي خوجا خط ۾ ڇپي آهي، ستون ايڊيشن ساڳيءَ پريس ۾ 30 صفحن تي، 1881ع ۾ ڇپيو.)

ادب (نظم)
(15) ”شاهه جو رسالو“، صفحا 739، E. Trump لپزگ 1866ع. (هي رسالو ٽائيپ ۾ شايع ٿيو.)
(16) ”ديوان گل“، صفحا 88، ليٿو بمبئي 1875ع. ديباچي ۾ سنڌي، فارسي ۽ عربي لفظن تي ريمارڪ به ڏنل آهن. هيءُ ديوان گل محمد مرحوم پاڻ بمبئيءَ ۾ وڃي ڇپايو هو.
(17) ”ديوان قاسم“، صفحا 87، محمد قاسم ابن نعمت الله، ليٿو ڪراچي 1878ع.
(18) “سنڌي ڪافين جو ترجمو“، صفحا 47، Thomas Hart Davis _ بمبئي 1881ع، سنڌي ڪافين جو هي پهريون انگريزي ترجمو آهي.
(19) ”ميزان الشعر“، صفحا 124، فاضل شاهه ابن حيدر شاهه، ليٿو 1882ع. (سنڌيءَ ۾ هيءَ پهريون عروض تي ڪتاب آهي.)
(20) ”ڪافين جو ڪتاب“، صفحا 173، فاضل شاهه ابن حيدر شاهه، ليٿو ڪراچي 1883ع. (سنڌي زبان ۾ هي پهريون تذڪرو ۽ انتخاب آهي).
(21) ”منتخب شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو“، صفحا 143، منتخبه قاضي احمد اَگوني، ٻيو ايڊيشن ليٿو ڪراچي 1883ع.
(22) ”ديوان شاهه عبدالطيف“، (حياتي، مذهب ۽ رسالو)، ليٿو ڪراچي 1890ع. ليلا رام وطن مل، ٻن جلدن ۾، مرتب ڪيو.

آکاڻيون نثر
(23) ڪتاب ”سوکڙي ڳالهين جي“، صفحا 108، ڪيولرام، ليٿو حيدرآباد 1865ع.
(24) ”ڳالهه دودي چنيسر جي“، صفحا 56، اڌارام ٿانور داس، ليٿو ڪراچي 1871ع.
آکاڻيون نظم
(25) ”قصو سسئي ۽ ڄام پنهونءَ جو“، صفحا 73، سر ايف_جي گولڊسمٿ، لنڊن 1863ع. (انگريزي ترجمي سميت_ سنڌي ٽائيپ ۾.)
(26) ”قصو سسئي پنهونءَ جو“، صفحا 49، ليٿو ڪراچي 1867ع.
(27) ”قصو ڪامسين ۽ ڪامروپ“، صفحا 127، اڌارام ٿانور داس، ليٿو ڪراچي 1881ع. (ٻيو ايڊيشن، خوجه سنڌي خط.)
(28) ”راسيلاس“، اڌارام ٿانور داس، (انگريزيءَ مان ترجمو،) ليٿو ڪراچي 1883ع.
(29) ”قصو ڪوئنرو چنيسر جو“، صفحا 86، موريو فقير، ليٿو ڪراچي 1883ع.
(30) ”قصو سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جو“، صفحا 87، بهار ٻٻر ۽ عبدالرحمان ابن محمد ’وفا‘ عباسي. (ٽيون ايڊيشن 1884ع ۽ چوٿون ايڊيشن 1890ع ۾ شايع ٿيو.)
(31) ”قصو هير رانجهي جو“، صفحا 49، حيدر شاه حيدرآبادي، ٻيو ايڊيشن ڪراچي 1885ع.
(32) ”قصو جمجمه جو“، سنڌي ترجمو، صفحا 100، ليٿو پريس بمبئي 1890ع.
(33) ”ايسپ جون آکاڻيون“، اڌارام ٿانور داس، (انگريزيءَ مان ترجمو،) ڪراچي 1892ع.

قصا ديسي زبانن مان ترجما
(34) ”ڀمڀي زميندار جي ڳالهه“، صفحا 24، غلام حسين، ٻيو ايڊيشن، ڪراچي 1854ع. (”ڌرم سنگهه زميندار جي هندستاني قصي“ جو ترجمو).
(35) ”سُڌاتوري ۽ ڪُڌاري جي ڳالهه“، ميران محمد شاه، ڪراچي 1855ع. (”قصهء ڪبودي ۽ سبودي“ نالي، ڪرشنا دتا جي هنديءَ ۾ لکيل آکاڻيءَ جو ترجمو).
(36) ”مفيدالصبيان“، صفحا 68، ميران محمد شاه، ليٿو ڪراچي 1861ع. (”منتخبات هندي“ جوڙيل جون شيڪسپير جو سنڌي ترجمو).
(37) ”سنڌي طوطي نامه“، صفحا 76، اڏارام ٿانورداس، ليٿو ڪراچي 1862ع. (”طوطي نامه“ جو ترجمو.)
(38) ”قصو راءِ ڏياج جو“، صفحا 53، ٻيو ايڊيشن ”ورنيوڪلر لٽريچر سوسائٽيءَ“ جي نظرداريءَ هيٺ شايع ٿيل. پهريون ايڊيشن اڌارام ٿانور داس جو لکيل هو. هيءُ ايڊيشن آخوند عبدالرحيم عباسيءَ، نظرثانيءَ بعد، تيار ڪيو.
(39) ”قصو دل جي وندر يا ڀُل چُڪ“، صفحا 44، ڄيٺانند کلڻداس، ليٿو لاهور 1887ع. (هندستانيءَ مان ترجمو.)
(40) ”طوطي نامه سنڌي“، صفحا 123، گل محمد خان ۽ حبيب الله، ليٿو لاهور 1890ع. (حيدر بخش جي ”طوطا ڪهانيءَ“ جو سنڌي ترجمو.)

طب
(41) ”پڌر نامون“، صفحا 35، ننديرام ۽ اننتا چندروبا، ليٿو ڪراچي 1860ع.
(42) ”تحفـﺔ المجربات“، صفحا 224، ليٿو بمبئي 1876ع؛ (C. F. Collier جي انگريزي ڪتاب جو ترجمو. نانگن ۽ نانگن جي زهر ۽ ڏنگ، ۽ انهن جي علاج جي بيان ۾.)
(43) ”گلدستهء حڪمت، يا علاج المساڪين“، سنڌي طب، صفحا 164، مرتب محمد بچل ۽ هريسنگهه ڊينگومل، ليٿو سکر 1886ع.

مذهب، (اسلامي)
(44) ”حڪايات الصالحين“، صفحا 58، نظم، ولي محمد، ليٿو ڪراچي 1851ع. پبلشر ارد شير رستمجي. Advertiser Press, Karachi
(45) ”حڪايات الصالحين“، صفحا 578، ولي محمد مطبع حيدري، بمبئي 1870ع.
(46) ”زاد الفقير“، ۽ (47) ”راحت المومنين“، محمد هاشم ٺٽوي، هي ٻيئي ڪتاب گڏ ڇپيل آهن؛ ڇاپخانه محمدي، قاضي نور محمد، بمبئي 1870ع.
(48) ”مطلوب المومنين“، مخدوم عبدالخالق.
(49) ”صحيفـﺔ الڪامله“، صفحا 194، ”عبادات“ جو سنڌي ترجمو، بمبئي 1877ع.
(50) ”قرآن مجيد“، ترجمو سنڌي_ متن؛ ترجمو، حاشيا، عزيزالله متعلوي، صفحا 800، ليٿو بمبئي 1877ع.
(51) ”دلائل خيرات“، ترجمو سنڌي_ محمد ابن سليمان، صفحا 288، ليٿو بمبئي 1877ع.
(52) ”ڪنزالعبرت“.
(53) ”مجموعه سه حرفي“، سيد هارون ۽ ميان عبدالله.
(54) ”ليليٰ مجنون“.
(55) ”رسالو شاه لطيف“.
(56) ”مجموعه مدحيات برزبان سنڌي“
(57) ”روضـﺔ الشهدا“ سنڌي.
(58) ”مجموعو ابوالحسن جو“.
(59) ”نورالابصار“.
(60) ”ترتيب الصلواة“.
(61) ”بناء الاسلام“.
(62) ”موضح الشرڪ“.
(63) ”مجموعه تعويذات و فالنامه“.
(64) ”قصص الانبياء“.
نمبر 52 کان 64 تائين، سڀ ڪتاب 1870ع کان اڳ، ڇاپخانه محمديءَ ۾، قاضي محمد ابراهيم بن قاضي نور محمد پوربندري ڇاپيا.

مذهب (ڪرستان)
(65) ”پراڻي ٻولي“، ڪرستاني مذهب جو ڪتاب، خوجا سنڌي خط، ليٿو ڪراچي 1880ع.
(66) ”سچو واپار“، صفحا 12، واپار ۾ سچائي رکڻ لاءِ هدايتون، خوجا سنڌي خط، ليٿو ڪراچي 1881ع.
انهن ڪتابن مان سواءِ، انجيل وغيره جا به ڪيترا نسخا ڇاپيا ويا. 1859ع ۾، ’يوحنا جو باب‘ گرمکي اکرن ۾، لنڊن ۾ ڇاپيو ويو، ان کان پوءِ به مسلسل هر سال مذهبي ڪتاب ڇپبا رهيا.

مذهب (هندو)
(67) ”گنگا اشنان“، صفحا 20، گنگا نديءَ جي ڪهاڻي، گدومل سنتداس، ليٿو ڪراچي 1890ع (ٻيو ايڊيشن).
(68) ”ويترني“، صفحا 20، ويترني نديءَ جي ڳالهه، گدومل سنتداس، ڪراچي 1890ع.

لغت
(69) ”سنڌي ويتپتي ڪوش“، صفحا 188، جهمٽ مل نارو مل، ليٿو ڪراچي 1886ع. سنڌي لفظن جي سنسڪرت پاڙن جي فهرست.

گرامر
(70) ”گرامر سنڌي زبان جو“، صفحا 45، منشي اڌارام، ليٿو ڪوٽڙي 1857ع.
(71) ”سنڌي صرف ۽ نحو“، صفحا 179، ميان محمود حيدرآبادي ۽ پرڀداس نندرام، ليٿو ڪراچي 1860ع.
ايف_جي گولڊسمٿ جي ديباچي سان، گورنمنٽ آف انڊيا جي حڪم تي، هي پهريون ايڊيشن 500 جي تعداد ۾ ڇپيو.
(72) ”مفيد الصالحين“، منشي اڌارام ٿانور داس، ليٿو ڪراچي 1861ع. (گائيڊ سنڌي زبان ۽
انگريزي شاگردن لاءِ)
(73) ”آغاز فارسي“، سنڌي ۽ فارسيءَ جو گرامر، ليٿو ڪراچي 1867ع.
(74) ”سنڌي گرامر“، يعني سنڌي زبان جي صرف ۽ نحو جا قاعدا، صفحا 134، منشي اڌارام ٿانور داس، ليٿو ڪراچي 1868ع.
(75) ”فارسي آموز“، صفحا 55، منشي اڌارام ٿانور داس حيدرآبادي، اسسٽنٽ ترجمان سرڪار، فارسي صرف ۽ نحو جا قاعدا سنڌيءَ ۾، ڪراچي تعليم کاتي جي ڇاپخاني ۾ ڇپيو. ٻيو ايڊيشن 1000 ڪاپيون، في جلد 3 آنا، ڪراچي 1869ع.
(76) ”سنڌي گرامر“، صفحا 97، منشي اڌارام، سنڌي صرف ۽ نحو جا قاعدا. تعليم کاتي جي ڇاپخاني ڪراچيءَ ۾ ڇپيو. پنجون ايڊيشن 1000 جلد، قيمت 6_4_0، ڪراچي 1871ع.
(77) ”سنڌي گرامر“، صفحا 43، منشي اڌارام ٿانور داس، ليٿو ڪراچي 1879ع. (هي اُن جو ٽيون سڌريل ايڊيشن آهي.)
(78) ”انگريزيءَ مان سنڌي ڪرڻ“، صفحا 74، پهريون حصو، چتر ڀڄ لال چند اوجها ۽ اڌڻ مل سترامداس سداڻي، ليٿو ڪراچي 1883ع.
(79) ”ائنگلو ورنيڪيلر گرامر“، صفحا 87، اميد علي ڪريم محمد ۽ علي قلي فريدون بيگ ميرزا، ليٿو ڪراچي 1883ع.

جاگرافي
(80) ”نئون ڌرتي نروار“، مهاديو شاستري ۽ منشي ننديرام، ليٿو ڪراچي 1861ع؛ (”جغرافيه الجديدة“ مورس، جو ترجمو).
(81) ”هندستان جي مختصر جاگرافي“، صفحا 43، اتم چند تارا چند، ليٿو ڪراچي 1888ع.
(82) ”سنڌ جو مختصر نروار“، صفحا 18، محمد رمضان، ليٿو ڪراچي 1880ع.
(83) ”سنڌ جو مختصر نروار“، صفحا 13، محمد رمضان، ليٿو ڪراچي 1890ع، (ٻيو ايڊيشن).

رياضي
(84) ”ضبطي ڪتاب“، صفحا 15، سک لال، ليٿو ڪراچي 1854ع.
(85) ”پئماشي ڪتاب“، صفحا 69، خان داس منشا رام، ليٿو ڪراچي 1855ع.
(86) ”ليکي جو ڪتاب“، صفحا 112، خان داس منشا رام، ليٿو ڪراچي.
(87) ”نقشه خروار“، صفحا 9، پرمانند حيدرآبادي، (اَن جي حساب ۽ قيمت جو نقشو)، ليٿو ڪراچي 1856ع.
(88) ”ڪتاب جبر و مقابله“، صفحا 520، وسواناٿ نرائڻ ۽ ننديرام، ليٿو ڪراچي 1850ع؛ (جان ريڊ فورڊ ينگ جي ڪتاب جو ترجمو.)
(89) ”تحرير اقليدس“، ڪنورمل چندامل، پهريون حصو، ليٿو ڪراچي.
(90) ”کوڙن جو ڪتاب“، صفحا 15، ليٿو ڪراچي 1877ع.
(91) ”دل جي يا زباني حسابن جي واٽن جو ڪتاب“، صفحا 22، ليٿو ڪراچي 1877ع؛ (ڪرشنا شاستري گوڊ بوميءَ جي مرهٽي ڪتاب جو ترجمو).
(92) ”ليکي جي پريڙهه“، (چوٿون ايڊيشن)، صفحا 84، پرتمداس قسمتراءِ، ليٿو ڪراچي 1879ع.
(93) ”تحرير اقليدس“، ڪنورمل چندامل، ٻيو حصو ليٿو ڪراچي 1881ع.
(94) ”سنڌي ريڊنگ بڪ“، E. Trump سنسڪرت ۽ عربي خط، لنڊن 1858ع.
(95) ”سنڌي چوٿون ڪتاب“، پرڀداس انندرام، ڪراچي 1866ع. (ورنيوڪلر اسڪولن لاءِ ٻن حصن ۾.)
(96) ”انگلش پرائمر“، صفحا 48، سنڌي ترجمو_ ائنگلو ورنيڪيلر اسڪولن لاءِ بمبئي 1867ع.
(97) ”سنڌي ٽيون ڪتاب“، (ٽيون ايڊيشن)، صفحا 246، پرڀداس انندرام، ڪراچي 1868ع.
(98) ”سنڌي ٻيو ڪتاب“، (چوٿون ايڊيشن)، صفحا 95، اڌارام ٿانور داس، ڪراچي 1869ع.
(99) ”باب نامون“، صفحا 29، منشي ننديرام، سنڌيءَ جو ريڊر، ليٿو ڪراچي 1869ع.
(100) ”سنڌي پهريون ڪتاب“، صفحا 40، اڌارام ٿانور داس، ستون ايڊيشن، ڪراچي 1877؛ اٺون ايڊيشن، ڪراچي 1880ع.
(101) ”سنڌي پنجون ڪتاب“، (ٻيو ايڊيشن)، صفحا 321، ليٿو ڪراچي 1880ع.
(102) ”سنڌي ڇهون ڪتاب“، (ٻيو ايڊيشن“، صفحا 411، ليٿو ڪراچي 1882ع.


[”نئين زندگي“، آڪٽوبر_ 1953ع]

سنڌ جي تاريخ جا ماخذ

سنڌ هڪ قديم تمدن، تهذيب ۽ تاريخ وارو ملڪ آهي؛ ليڪن ارمان آهي، جو سندس تاريخ ۽ ان جي آثارن تي صدين جي گرد و غبار ايترا ته پردا چاڙهي ڇڏيا آهن، جو هوند ڪو هي ڄاڻڻ گهري ته سنڌ ڇا آهي، ۽ دنيا جي تهذيب، تمدن، تاريخ ۽ آثارن ۾ سندس ڪهڙو درجو ۽ مرتبو آهي، ته هن کي يقيقاَ مايوس ٿيڻو پوندو؛ ڇاڪاڻ ته اسان وٽ ڪابه اهڙي جامع، مڪمل ۽ مسلسل تاريخ ڪانه آهي، جيڪا انهيءَ ڏس ۾ اسان جي رهنمائي ڪري سگهي.
هي ملڪ هميشه کان انقلابن جو گهوارو رهيو آهي. تاخت ۽ تاراج، اندروني خواهه بيروني، پهرئين ڏينهن کان وٺي سندس ڪرمن ۾ لکيل آهي. انساني هٿ چراند، پنهنجن جي بي توجهي، ۽ ذوق جي گهٽتائيءَ سبب هتان جا آثار مٽجي چڪا آهن؛ علمي ذخيرا منتشر ٿي ويا آهن؛ ۽ تاريخ جا ورق اهڙيءَ ريت ٽڙي پکڙي ويا آهن، جو انهن کي دستياب ڪرڻ ۽ انهن جو گڏ ڪرڻ ڏکيو بلڪ ڪنهن حد تائين ناممڪن آهي. سنڌ تي هونءَ ئي تمام گهٽ لکيو ويو آهي، ليڪن جو ڪجهه سرمايو موجود هو، سو به اسان جي پهچ کان ٻاهر هليو ويوِ: هن وقت جيڪي ڪجهه هَڙ ۾ آهي؛ سو انهيءَ قابل نه آهي، جو اسان جي علمي اُڃ ۽ تحقيقي اَساٽ کي دور ڪري سگهي.
عربيءَ ۾ ڪجهه منتشر مواد ملي ٿو؛ ڪي قدر نشان پتا ايراني تاريخن ۾ ملن ٿا؛ چند ورق هندستاني تاريخ ۾ محفوظ آهن. سنڌين، جيڪي ڪجهه لکيو سو گهڻو ضايع ٿي ويو، باقي جيڪو ڪجهه آهي، اهو به قديم رنگ ۾ رڱيل آهي، جنهن ۾ تحقيق گهٽ ۽ روايات زياده آهن، جنهنڪري مطالعي ۽ تحقيق جي جديد اقدارن جي ضرورت پوري نٿو ڪري سگهي.
سنڌ پنهنجي جغرافيائي صورتحال سبب هڪ جداگانه خطي جي حيثيت رکي ٿو: ايراني مـﺆرخ انهيءَ ڪري لاڙو ڪري ويا، جو هيءُ انهن جي حدود اربع کان ٻاهر هو؛ هندستاني تاريخ نويسن چند صفحن يا ضمني مباحثن کان وڌيڪ لکڻ جي ضرورت هن ڪري محسوس نه ڪئي، جو هيءُ ملڪ هندستان کان، سواءِ چند وقفن جي، هميشه الڳ رهيو، ۽ ان کانسواءِ جغرافيائي نقطي نگاهه کان ايترو دور ۽ انهيءَ آخري ڪنڊ ۾ واقع هو، جو ضروري توجهه ۽ مناسب التفات جو مرڪز بڻجي نه سگهيو. عرب مـﺆرخن جي نگاه کان ته هيءُ چوٿين صدي هجريءَ ۾ ئي هٽي ويو، ليڪن جڏهن هو عربي سلطنت جو حصو هو، ان وقت به، دور افتگادگيءَ سبب، خاص دلچسپيءَ جو باعث بڻجي ڪونه سگهيو. مداينيءَ جي تاريخ اڄ ناپيد آهي؛ ”فتوح البلدان“، ”تاريخ يعقوبي“، ”ڪامل ابن اثير“ ۽ چند عربي جغرافيا، ۽ سفرناما نه هجن، ته سنڌ جو عربي دﺆر به اڄ اسان جي نگاهن کان اهڙيءَ طرح لڪل رهي ها، جهڙيءَ ريت عربن کان اڳ جو دﺆر اڄ اسان لاءِ سربسته راز آهي.
منهنجي هن مضمون جو مقصد هيءُ آهي ته سنڌ جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙ بزرگن اڳيان آءُ سنڌ جو تاريخي مواد پيش ڪريان، جنهن کي مون سهوليت خاطر پنجن حصن ۾ ورهايو آهي:
(1) تاريخ جو اهو مواد، جيڪو سنڌ اندر مرتب ڪيو ويو؛
(2) سنڌ تي اهو تاريخي مواد، جيڪو هندي ۽ ايراني تاريخن ۾ ملي ٿو؛ ۽
(3) سنڌ تي اهو تاريخي مواد، جيڪو عربي ڪتابن ۾ آهي.
پهريان ٻه حصا فارسيءَ ۾ لکيل تاريخن تي ٻڌل هوندا، ٽيون عربي زبان ۾ لکيل ماخذن متعلق هوندو، ۽ باقي ٻن ڀاڱن جي ترتيب هن ريت ٿيندي:
(4) انگريزن، تاريخ سنڌ تي ڪهڙا ڪتاب لکيا؛ ۽
(5) سنڌي زبان ۾ تاريخ سنڌ تي ڇا آهي.
پهريون حصو هينئر پيش ڪري رهيو آهيان. مدتن جي مطالعي ۽ سالن جي ڳولا ڦولا بعد؛ ڪٿان ڪک ڪٿان پن هٿ ڪيا اٿم، تڏهن وڃي هي خاڪو تيار ٿيو آهي. آءُ اميد ٿو ڪريان ته پنهنجي وطن جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙ دوستن لاءِ منهنجي هيءَ محنت ڪنهن حد تائين ڪارآمد ثابت ٿيندي.

(1) چچ نامو_ مترجم، علي بن حامد بن ابوبڪر ڪوفي_ تاليف تخميناً 613هه. هي سنڌ جي تاريخ تي پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ غير مسلم ۽ عربي دﺆر جي تاريخ ملي ٿي.
اصلي ڪتاب عربيءَ ۾ لکيو ويو هو؛ جنهن جو فارسي ترجمو علي بن حامد ڪوفيءَ، تقريباً 613هه ڌاري ڪيو. ڊاڪٽر داﺆد پوٽي صاحب جي خيال ۾، ڪتاب جي اصلي مصنف جو نالو خواجه امام ابراهيم آهي، جنهن جو حوالو ڪتاب جي صفحي 151 تي ملي ٿو.
علي بن حامد، جڏهن ڪوفي کان هجرت ڪري اُچ ۾ آيو، ان وقت کيس سنڌ جي تايخ تي هڪ ڪتاب لکڻ جو اچي خيال ٿيو. مواد جي تلاش ۽ تحقيق لاءِ هو سنڌ جي قديم دارالسلطنت اروڙ ۾ پهتو. قاضي اسماعيل بن علي ثقفيءَ کيس ”منهاج الدين و الملڪ“ نالي هڪ عربي ڪتاب آڻي ڏنو، جيڪو سندس قول مطابق سندس بزرگن مان ڪنهن جو تصنيف ڪيل هو. علي بن حامد انهيءَ ڪتاب جو فارسي ترجمو ڪري، سنڌ جي واليء، ناصرالدين قباچ، جي وزير عين الملڪ فخرالدين حسن بن ابي بڪر الاشعريءَ جي نالي سان معنون ڪيو.
ڪتاب جا نالا مختلف آهن، مثلاَ ”چچ نامه“، ”تاريخ نامه“، ”فتح نامه“، ”تاريخ هند و سنڌ“، ۽ ”تاريخ قاسمي“ وغيرهه. خواجه نطام الدين بخشيءَ ”طبقات اڪبريءَ“ ۾ ان جو نالو ”منهاج المسالڪ“ لکيو آهي. ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب جو خيال آهي ته ”چچ نامي“ جون روايتون مدايني تان ورتل نظر اچن ٿيون. مدايني سنه 215_225هه جي وچ ڌاري فوت ٿيو. تنهنڪري ڀانئجي ٿو ته ”چچ نامو“ سنه 225_255هه جي وچ ڌاري تصنيف ٿيو هوندو، ڇو ته سنه 255هه ۾ بلاذريءَ (المتوفي سنه 279هه) ”فتوح البلدان“ پورو ڪيو.
هي پهريون ڪتاب آهي، جنهن مان اسان کي برهمڻ، ٻڌ ۽ راءِ گهراڻي جو احوال معلوم ٿئي ٿو، ساڳئي وقت عربن جي فتوحات ۽ بنو اميه ۽ بنو عباس جي سنڌي حڪومت جي ڪاروبار جو به پتو پوي ٿو. اگرچه ڪتاب قديم رنگ ۾ آهي، ۽ واقعات تحقيق سان ڪونه لکيا ويا آهن، تاهم ڪتاب جي اهميت تي ڪو اثر ڪونه ٿو پوي.
فارسيءَ ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب ان کي انجمن مخطوطات حيدرآباد دکن طرفان، مقدمي، تعليقات ۽ مفيد حاشين سميت 1939ع ۾ شايع ڪيو.
ديباچي، فهرست، مقدمي، متن ۽ انڊيڪس سميت جملي 291 صفحن تي ڇپيل آهي. انگريزي ترجمو سنه 1900ع ۾، مرحوم مرزا قليچ بيگ شايع ڪيو، ۽ ان جو سنڌي ترجمو تازو سنه 1954ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ ڇپيو آهي.

(2) تاريخ معصومي_ مصنف، مير محمد معصوم ”نامي“ بن سيد صفائي ترمذي البڪري (متوفي 1014هه)_ تصنيف سنه 1009هه. مير معصوم جي تاريخدانيءَ جا سڀ تذڪري نگار ۽ مـﺆرخ معترف آهن. خواجه نظام الدين بخشيءَ (متوفي 1004هه)، ”طبقات“ لکڻ وقت مير معصوم کي ئي بطور مددگار ۽ مشير جي پاڻ سان گڏ رهايو هو.
”تاريخ سنڌ“ ۽ تاريخ معصومي“ ڪتاب جا نالا آهن. ڊاڪٽر دائود پوٽي جو خيال آهي ته مير معصوم، 1008_1009هه ڌاري، اهو ڪتاب تصنيف ڪيو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ قسم جي شهادت ڪتاب مان ملي ٿي. ڪتاب جو پهريون حصو، قديم تاريخ، اسلامي عهد، ۽ ارغون ۽ ترخان دﺆر تي منحصر آهي، ۽ پويون اڌ مغل دﺆر جي تاريخ تي آهي. ڪتاب چئن جزن ۾ ورهايل آهي.
تاريخ معصوميءَ جو قديم ترين خطي نسخو، پنجاب يونيورسٽيءَ جي ڪتابخاني ۾ موجود آهي، جنهن جي ڪتاب جو سال 1017هه آهي، يعني مصنف جي وفات کان 3 سال پوءِ لکيو ويو ۽ تصنيف ٿيڻ کان تقريباَ 8 سال بعد ۾ ان جي ڪتابت ٿي. ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب، ”تاريخ معصوميءَ“ کي بمبئي جي ” ڀنڊاڪر اورينٽل ريسرچ انسٽيٽيوٽ“ طرفان، سال 1938ع ۾، ايڊٽ ڪري شايع ڪيو. انگريزي ترجمو، هڪ صدي اڳ 1855ع ۾، مسٽر ميلٽ (G. G. Mellet) شايع ڪيو، ۽ پهريون سنڌي ترجمو منشي ننديرام، 1861ع ۾، ڪراچيءَ مان شايع ڪيو. ويجهو ان جو ٻيو صاف ۽ سليس سنڌي ترجمو ڊاڪٽر دائود پوٽي واري نسخي تان، مولوي امير احمد صاحب ڪيو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان، سنه 1953ع ۾ ڇپيو آهي.
”چچ نامي“ ۽ ”تاريخ معصوميءَ“ جي وچ ۾ ساڍن چئن سوَن ورهين جو خال موجود آهي. انهيءَ وچ ۾ سومرن ۽ سمن جي سنڌ تي حڪومت ٿي؛ انهيءَ کان سواءِ ايراني ۽ هندي به سنڌ تي باربار ڪاهي آيا. انهن ساڍن چئن صدين لاءِ اسان وٽ ڪابه تاريخ موجود ڪانه آهي؛ انهيءَ دﺆر ۾ غالباً ڪابه تاريخ ڪانه لکي ويئي، يا وري ڪا هئي ته اها گم ٿي ويئي، جنهنڪري انهيءَ سموري دﺆر جي تاريخ تاريڪيءَ ۾ آهي.
”تاريخ معصومي“ ارغون، ترخان ۽ اڪبري دﺆر تي ازحد مفيد ۽ معتبر آهي.

(3) بيگلر نامو_ مصنف، ادراڪي بيگ، بيگلاري، ٺٽوي_ تصنيف 1017هه. مصنف جي حالات جو پتو ڪونه ٿو پوي: صرف اها سُڌ آهي ته سندس تعلق سنڌ جي ارغون قبيلي سان هو. هن پنهنجي ولي نعمت، خان زمان امير شاهه قاسم خان بن امير شاهه قاسم بيگلار، جي احوال ۽ جنگي ڪارنامن ۾ هي ڪتاب سنه 1017هه ۾ لکيو، ۽ 1034هه تائين ان ۾ اضافا ڪندو رهيو. ساڳئي مصنف 1010هه ۾، ”چنيسر نامه“ نالي هڪ عشقيه مثنوي به لکي.
ارغوني ۽ ترخاني دﺆر جي سلسلي ۾ هيءَ تاريخ بيحد مفيد ۽ قيمتي آهي. ڪتاب اڃا خطي حالت ۾ آهي؛ يورپ خواه هندستان جي ڪتبخانن ۾ ان جا نسخا موجود آهن؛ مون وٽ به هڪ نسخو آهي.

(4) تـــــــــاريـــــــخ طــــــاهـــــــري_ مصنف، مــــيــــر طاهر محمد ”نسياني“ بن سيد محمد حسن ٺٽوي_ تصنيف سنه 1030هه.
مصنف، مرزا غازي بيگ بن مرزا جاني بيگ ترخان (متوفي 1021هه) جو ملازم هو. مرزا غازيءَ جي انتقال بعد، هن موٽي اچي ٺٽي ۾ سڪونت اختيار ڪئي. هي ڪتاب مرزا شاهه محمد عادل بيگ خان بن شاهه بيگ ارغون (ثاني) گورنر قنڌار (1002_1028هه) ۽ گورنر سنڌ (1028هه) جي فرمائش تي، مير طاهر تصنيف ڪيو. مصنف 1021هه ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ 1030هه ۾ لکي پورو ڪيو. ارغون ۽ ترخان دﺆر تي هي تاريخ نهايت مستند آهي؛ منجهس 1021هه تائين، يعني مرزا غازيءَ جي انتقال تائين احوال آهي.
اڃا تائين هي ڪتاب شايع ڪونه ٿيو آهي؛ خطي نسخا ڪيترن ڪتبخانن ۾ دستياب ٿين ٿا؛ مون وٽ به هڪ نسخو موجود آهي؛ جنهن ۾ 463 صفحا آهن ۽ هر صفحي ۾ 12 سٽون آهن؛ سنڌي ادبي بورڊ ۾ به هڪ نسخو موجود آهي.

(5) مظهر شاهجهاني_ مصنف، ميرڪ يوسف بن ابوالقاسم ”نمڪين“ البکري(1)، سال تصنيف 1044هه.
سنڌ جي تاريخ تي جيڪي ڪتاب اڄ تائين دستياب ٿيا آهن، انهن ۾ صرف بادشاهن جو احوال، اميرن جو بيان، لڙاين جا قصا ۽ ملڪ گيريءَ جا داستان ڏنل آهن؛ ليڪن هيءُ ئي پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ انهن ڳالهين کان ڪنارو ڪندي، سنڌ جي جاگرافيءَ، سنڌ جي تمدن، تهذيب، قومن، زراعت، محصول، آب رسانيءَ، ۽ ملڪ جي عوامي ۽ عام حالتن جو تفصيل سان جائزو ورتو ويو آهي. سنڌ جي هرهڪ صوبي تي جدا جدا باب لکيو ويو آهي، جنهن ۾ مفصل حالات اهڙا قيمتي ۽ انهيءَ حد تائين نادر آهن، جو اسان کي سواءِ انهيءَ ڪتاب جي، ٻئي ڪنهن به ذريعي سان معلوم ڪين ٿي سگهن ٿا.
مون جيڪو نسخو ڏٺو، اهو دراصل پروفيسر آذر مرحوم جي ملڪيت هو، ۽ غالباً هن وقت پنجاب يونيورسٽيءَ جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي، ۽ يقيناً اهوئي اڪيلو نسخو دنيا ۾ موجود آهي، ڇاڪاڻ ته نه ڪنهن تاريخ ۾ ان جو حوالو آيل آهي، ۽ نه ڪنهن ڪتبخاني ۾ ان جي ڪا ڪاپي موجود آهي_ يورپ خواه هندستان جي سڀني ڪتبخانن جون فهرستون مون اٿلائي ڏٺيون آهن.
هي نسخو، 1044هه جو لکيل آهي، ۽ مصنف جو خود اهو پنهنجو نسخو آهي. ڪتاب جي ٻاهرئين صفحي تي مصنف جي پنهنجي هٿ اکرين هي نوٽ لکيل آهي: ”مان هي نسخو پنهنجي وڏي ڀاءُ، ابوالبقا امير خان، جي فرزند ضياءالدين يوسف جي حوالي ڪريان ٿو. ڇاڪاڻ ته هن وقت هوئي ان جو مستحق آهي.“ ڀانئجي اهو ٿو ته اهوئي پهريون ۽ پويون نسخو آهي، جنهن جو ٻيو نقل ڪونه ٿي سگهيو.
ڪتاب خوشخط ۽ بيحد سٺيءَ حالت ۾ آهي، سائيز 2/51 اٿس. 6 صفحن تي فهرست، ۽ 814 صفحن ۾ متن آهي. هر صفحي تي 13 سٽون آهن. ڪتاب جيئن ته نادر ۽ قيمتي آهي، تنهنڪري ڪتاب جي مضامين جي فهرست ڏيڻ مناسب سمجهان ٿو:
ڪتاب، شاهجهان بادشاهه لاءِ لکيو ويو آهي ۽ سندس ئي نالي تي معنون ڪيل آهي. ڪتاب کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي؛ پهرئين حصي ۾، جيڪو 1 ورق کان شروع ٿي، 668 ورق تي ختم ٿئي ٿو. بادشاه کي ملڪراني، سياست ۽ دستور حڪومت جي رمزن ۽ نڪتن کان آگاهه ڪيو ويو آهي؛ فهرست هن طرح آهي:

قسم اول: در آن چه بادشاهان را مجملاً در کار است، و ابن قسم بر چهار باب است:
باب اول: در ترغيب و ترهيب که متعلق اند به سلطنت و اين باب منجر به دو فصل است:
فصل اول: در ترغيب به امارت و سلطنت،
فصل دوم: در ترهيمي که متعلق به سلطنت است.
باب دوم: در آنچه بادشاهان مردم را، امرا بدقت نظر فهميد بکنند.
باب سوم: در رعايت ملڪ و تربيت خدم و حشم، و اين باب منجر به چهار فصل است:
فصل اول: در رعايت ملک،
فصل دوم: در تربيت خدم و حشم و آداب ايشان،
فصل سوم: در تربيت صاحب صوبه،
فصل چهارم: در تربيت خدم و حشم.
باب چهارم: در خلقت بائيست که بادشاهان اولي الامر را حق جل و عليٰ عنايت کرده، و اين باب منجر به بيست فصل است:
فصل اول: در توکل،
فصل دوم: در علو همت،
فصل سوم: در عزم،
فصل چهارم: در جدوجهد،
فصل پنجم: در ثبات،
فصل ششم: در عدالت،
فصل هفتم: در خيرات و مبرات،
فصل هشتم: در شفقت و مرحمت،
فصل نهم: در سخاوت و احسان،
فصل دهم: در انجاح حاجات،
فصل يازدهم: در مشاورت،
فصل دوازدهم: در حزم،
فصل سيزدهم: در غيرت،
فصل چهار دهم: در سياست،
فصل پانزدهم: در تيقظ و خبرت،
فصل شانزدهم: در خواست،
فصل هفت دهم: در کتمان اسرار،
فصل هزدهم: در اغتنام فرحت و طلب نيکنامي،
فصل نوزدهم: در صحبت اخيار،
فصل بيستم: در دفع اشرار.
هن ”قسم“ ۾، مصنف مثال طور ڪيئي سنڌ جا واقعا پيش ڪيا آهن، جي ڪنهن به ٻيءَ تاريخ ۾ موجود نه آهن. ان کانسواءِ ڪي اهڙا به واقعا لکيا اٿس، جيڪي سندس چشم ديد آهن، يا سندس ڀاءَ امير ابوالبقا امير خان صوبه دار سنڌ (متوفي 1057هه) جي صوبه داريءَ سان تعلق رکن ٿا. سنڌ ۾ مغلن جي گورنرن جي زماني جا ڪيترا عجيب و غريب واقعات پڻ هن حصي مان معلوم ٿين ٿا: مالگذاريءَ، ڍل، زراعت، جمع بنديءَ ۽ وصوليءَ وغيره جا جيڪي سنڌ ۾ طريقا ۽ رواج هئا، انهن جو به احوال ڪيترين جاين تي مثال طور ڏنو ويو آهي، ۽ اهڙي قيمتي ۽ ڪارآمد معلومات فراهم ڪئي ويئي آهي، جو سواءِ هن ڪتاب جي ٻئي هنڌان ناممڪن آهي ته ملي.
هن ڪتاب جو ”قسم ٻيو“، ورق 228 کان شروع ٿي، 407 ورق تي ختم ٿئي ٿو، جنهن جي فهرست هن طرح آهي:
قسم دوم: در بيان احوال ولايت سندهه، و اين قسم منجر به چهار باب شد:
باب اول: در بيان احوال ملڪ بکهر؛
باب دوم: در بيان احوال ملڪ سيوي؛
باب سويم: در بيان احوال ملڪ ڻهڻه؛ ۽
باب چهارم: در بيان ملڪ سهوان، و اين باب مشتمل بر پنج فصل است:
فصل اول: در بيان احوال پر گنجات اين ملڪ از روي اجمال،
فصل دوم: در بيان متمردان و مفسدان اين ملڪ،
فصل سوم: در سبب خرابيء رعيت ملڪ سهوان و قوت گرفتن متمردان،
فصل چهارم: در تربيت ملڪ سهوان از روي اجمال، ۽
فصل پنجم: در تربيت فرونشاندن آتش تمرد و مفسدان ملڪ سهوان.
هي حصو سنڌ جي تاريخ تي صرف ڪيل آهي. قومن جي احوال، پيدا ٿيل فسادن جي اسبابن، قبيلن جي نسبن، قبائلي سردارن کي راضي رکڻ جي ترڪيبن، صوبن جي ۽ انهن جي پرڳڻن جي مالگذاريءَ، زراعت، جمع بنديءَ، وصوليءَ، آب رسانيءَ، فصلي موسمن، وغيره، خواه عوام جي حالتن، رهڻيءَ ڪهڻيءَ، ۽ عادتن اطوارن تي مفصل روشني وڌي ويئي آهي. هن ڪتاب مان ملڪ جي اندروني وڳوڙن، سياسي حالتن، تمدني ۽ معاشرتي ڪوتاهين ۽ ڪمزورين جو نقشو اکين اڳيان اچي وڃي ٿو. سنڌ جي مغل دﺆر تي، ان کان اڳ يا ان کان پوءِ ڪوبه ڪتاب ايڏو جامع، قيمتي ۽ نادر معلومات سان ڀريل ڪونه لکيو ويو آهي. افسوس آهي، جو ايڏو بيش بها مخطوطو ٽي سـﺆ سال دنيا جي اکين کان لڪو رهيو.

(6) ترخان نامون: مصنف، سيد جمال الدين بن مير جلال الدين حسيني شيرازي ٺٽوي، تصنيف 1065هه.
مصنف هيءُ ڪتاب، مرزا محمد صالح ترخان بن مرزا عيسى (ثانيءَ) جي فرمائش تي، 1065هه ۾ لکيو. مرزا صالح وٽ ”ترخان نامه“ جي نالي سان پنهنجي خاندان جي تاريخ موجود هئي، ليڪن اها وٽانئس گم ٿي ويئي هئي، جنهنڪري هن ساڳئي نالي سان ٻي تاريخ تيار ڪرائي.
سيد جمال الدين، خانداني روايات ۽ تاريخي ڪتابن جي مدد سان، هيءُ نئون ترخان نامو لکي تيار ڪيو، ۽ ان ۾ ارغون ۽ ترخان گهراڻي جي ابتدائي تاريخ کان وٺي، مرزا عيسـى ثانيءَ جي وفات (سنه 1061هه) تائين جا حالات قلمبند ڪيا.
ڪتاب گهڻو ڪري ناياب آهي، برٽش ميوزم ۾ فقط ٻه نسخا موجود آهن، جن جو فوٽو مون حاصل ڪري پاڻ وٽ محفوظ ڪيو آهي.

(7) منشات نمڪين_ مرتب، مير ابوالقاسم نمڪين (متوفي 1018هه)، تصنيف 1006هه.
مير ابوالقاسم نمڪين، اڪبري دﺆر جو امير هو. سنڌ سندس وطن هو. ٻه دفعا پاڻ هتي جو گورنر به ٿيو، ۽ کانئس پوءِ سندس پٽ ۽ پوٽا به مغل دﺆر ۾ وڏي مان ۽ مرتبي جا صاحب ٿي رهيا، سندس پٽ ابوالبقا امير خان به هتي جو گورنر هو. دنيوي عزت ۽ آبروءَ سان گڏ پورو خاندان، علم و فضل جو سرچشمو رهيو آهي. مير ابوالبقا امير خان جو پٽ مير عبدالڪريم امير خان به سنڌ جو صوبه دار هو. ٺٽي جا اميرخاني سيد انهيءَ قبيلي مان آهن. هن گهراڻي جي هر فرد بلندپايه تصنيفون يادگار ڇڏيون آهن. جن مان ”مظهر شاهجهاني“ ۽ ”رقائم ڪرائم“ جو ذڪر هن مضمون ۾ ٿي رهيو آهي.
مير ابوالقاسم، ”منشات نمڪين“ جي ابتدا ۾، انشا جي تاريخ بيان ڪئي آهي، ۽ آخر ۾ اڪبري دﺆر جا خط ڏنل آهن، جن مان ڪيترن جو سنڌ جي تاريخ سان تعلق آهي. ڪتاب ناياب آهي؛ هڪ نسخو انڊيا آفيس لائبرريءَ ۾ (535 نمبر تي) موجود آهي، جنهن جي ڪتابت 1012هه ۾ ٿيل آهي، ليڪن تصنيف ٿيڻ کان 6 سال پوءِ جو مخطوطو آهي؛ منجهس 412 صفحا آهن، ۽ هر صفحي ۾ 13 سٽون آهن.

(8) ذخيرت الخوانين_ مصنف، شيخ فريد بن شيخ معروف بکري فاروقي_ سال تصنيف 1060هه.
”ماثرالامراء“ جي طرز تي بيمثل تذڪرو آهي. منجهس اڪبر، جهانگير ۽ شاهجهان جي دﺆر جي 513 مشاهيرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. مصنف شيخ فريد پنهنجي ذاتي مشاهدي، معلومات، ۽ اکين ڏٺي حالات تي مدار رکي، هيءُ ڪتاب مرتب ڪيو آهي. روايتون انهن ماڻهن جون قبول ڪيون اٿائين، جن سان سندس ذاتي مراسم هئا ۽ جن جي سچي هجڻ جو کيس يقين هو. انهيءَ تلاش، تحقيق ۽ ذاتي ڄاڻ سبب ڪتاب نهايت قيمتي ٿي پيو آهي، ۽ منجهس اُهي اُهي احوال آيل آهن يا واقعا ڏنل آهن، جيڪي ڪنهن به ٻئي تذڪري ۾ ملي ڪونه سگهندا.
انهيءَ تذڪري ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ ڪيترن مشاهيرن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي. مثلاً: شيخ مبارڪ ناگوري، نواب مرزا رستم خان، نواب محمد خان نيازي، مرزا جاني بيگ، مير معصوم بکري، مير ابوالقاسم نمڪين، مظفر خان معموري، سيد محمد مير عدل، نواب مرزا غازي بيگ ترخان، مرزا عيسـى ترخان، اسد خان معموري، سادات خان بکري، عبدالعلي ترخان، مير بزرگ بن مير معصوم، مير قنڌاري بن مير بزرگ، ۽ علي محمد ٺٽوي، وغيره وغيره.
سنڌ جا صوبه دار، جي مغلن جي ڏينهن ۾ هتي آيا، ۽ سنڌ ۾ جن به ماڻهن کي جاگيرون مليون، الغرض جن جو ڪنهن به طرح سان سنڌ ۾ ڪونه ڪو لاڳاپو رهيو آهي، انهن سڀني جو تذڪري ۾ ذڪر ڪيل آهي. مرزا عبدالرحيم خان خانان سان گڏجي، جيترا فوجي جرنيل، امير ۽ مشاهير سنڌ کي فتح ڪرڻ آيا، انهن سڀني جو احوال به ڏنو ويو آهي.
شيخ فريد پاڻ به وسيع تعلقات وارو هو. ڪيترائي مشاهير ۽ امير هن ڪتاب ۾ نظر اچن ٿا؛ جن سان ذاتي تعلق هو. سوانح نگاريءَ جو کيس خاص ڍنگ آهي. ننڍڙن ننڍڙن واقعن کي به ڪونه ڇڏيو اٿائين: جتي ڪنهن جون خوبيون بيان ڪيون اٿائين، اتي هن جي اوڻاين کي به نظرانداز ڪونه ڪيو اٿس؛ مثلاً مير معصوم جي واکاڻ ڪندي ڪندي، آخر ۾ لکي ٿو، ”به اين همه صفات حسنه دو صفت ذميمه داشت، اولاً چغل دوست بود، دوم شديد العداوت.“ نواب صفشڪن خان جون سموريون خوبيون ۽ خصوصيتون بيان ڪرڻ کان پوءِ آخر ۾، هي به ٻڌائي ڇڏي ٿو ته ”مرد منقلب الحال و طفل مزاج بود“ الغرض، سيرت نگاريءَ ۽ ڪيريڪٽر نمايان ڪرڻ ۾ شيخ کي ڪمال حاصل هو.
”ماثرالامراءُ“ مير غلام علي ’آزاد‘ جو، هيءُ ڪتاب اهم ترين ماخذ آهي. افسوس آهي، جو اڄ ڏينهن تائين، هي ڪتاب شايع ٿي ڪونه سگهيو آهي. ڪتاب بيحد نادر ۽ ناياب آهي. فقط چار نسخا هن وقت تائين معلوم ٿي سگهيا آهن، هڪ مولانا عبدالحق جي ڪتبخاني ۾ آهي، هڪ نسخو مون وٽ آهي جيڪو مولانا جي نسخي تان نقل ٿيل آهي، ٽيون نسخو مرحوم نواب حبيب الرحمان خان شيروانيءَ جي ڪتبخاني ۾ آهي، ۽ چوٿون ويجهڙائيءَ ۾ ڊاڪٽر معين الحق خريد ڪيو آهي، جيڪو قديم ترين معلوم ٿئي ٿو.

(9) برهان الاخوان_ مصنف نامعلوم، ناقص اول و آخر_ تصنيف 11 صدي هجري.
هيءُ ننڍي سائز جي هڪ سـﺆ پنجاهه صفحن جو تذڪرو آهي. پهريان ۽ پويان ورق گم اٿس. هن ۾ بکر جي علماء ۽ مشاهير جو ذڪر آهي ۽ ضمناً تاريخي واقعات به ڪثرت آيل آهن. گمان آهي ته تاريخ معصوميءَ تان مشاهيرن جو احوال ورتل آهي. پير صاحب جهنڊي وارن جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي.

(10) حديقـﺔ اولياء_ مصنف، سيد عبدالقادر بن سيد محمد هاشم بن سيد محمد الحسيني ٺٽوي_ تصنيف آخر 11 صدي هجري.
هي سنڌ جي عالمن، صالحين، ۽ بزرگن جو تذڪرو آهي. خاص طرح ٺٽي جي بزرگن تي تفصيل سان لکيو ويو آهي. منجهس 44 بزرگن جا حالات ڏنا ويا آهن، جن جا نالا هي آهن:
شيخ بهاءالدين ملتاني، شيخ رڪن الدين، مخدوم لعل شهباز، شيخ پٺو، شيخ حماد جمالي، شيخ جيو، شاه مراد، سيد علي شيرازي، سيد نظام بکري، شيخ نوح بکري، مخدوم حسام الدين، مخدوم بلال، قاضي ڏنو سيوهاڻي، درويش احمد ۽ محمد ولدان شيخ هوتي، درويش حسن مقري، مخدوم ساهڙ لنجار، مخدوم عربي ڌياڻو، مخدوم نوح هالائي، درويش وهيو، مخدوم اسماعيل سومرو، درويش رڪن الدين، درويش راڄو، شيخ ڀرڪيو ڪاتيار، درويش چرڪس، شيخ عيسـﻰ آهيداڻي، درويش صدر، منبو ناريجو، درويش سهتو، درويش ابراهيم، درويش علاءُالدين، قاضي سڌو، درويش يحـﻰ، قاضي خيرالدين، يعقوب پليجو، شيخ مغل چاچڪ، شيخ ڀريو، درويش عمر بودلو ۽ درويش الو.
برٽش ميوزم ۾ آنجهاني سر ايليٽ (مصنف ”تاريخ هند“) جا چند فائل محفوظ آهن، انهن مان نمبر 2073 O.R. واري فائل ۾ ٺٽي جي ڪتبخانن جون فهرستون آهن، جن ۾ ”حديقـﺔالاوليا“ جي هڪ نسخي جو ذڪر آهي، ۽ ان جي ڪتابت جي تاريخ 21 ذوالقعد 1068هه بيان ڪئي ويئي آهي ۽ ٻڌايل آهي ته جملي 78 ورقن تي لکيل هو. مون وٽ به هڪ ناقص نسخو آهي. پير صاحب جهنڊي وارن جي ڪتبخاني ۾ به هڪ نسخي جو ڏس آهي، ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ به هڪ نسخو موجود آهي.
مصنف جو ذڪر مير علي شير ’قانع‘ ڪيو آهي. مصنف جو والد سيد محمد هاشم، مرزا جاني بيگ ترخان (متوفي 1008هه) جو معاصر ۽ ”سيرالسلاطين“ جو مصنف هو.

(11) تذڪره المراد_ مصنف، حاجي محمد حسين ”صفائي“ ٺٽئي 11 صدي هجري.
هن تذڪري ۾ ٺٽي جي مشهور بزرگ ۽ ولي الله سيد محمد حسين ولد سيد احمد شيرازي المعروف به سيد مراد (متوفي 893هه) جو احوال ۽ سندس ملفوظات آهن، ۽ منجهس ضمناً تاريخي واقعات ۽ ان دور جي ٻين معاصر بزرگن ۽ مشاهيرن جو به ذڪر آهي. ان کانسواءِ ان دور جي درويشانه ۽ سنڌ جي صوفيانه ماحول جو به هن ڪتاب مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ڪتاب قادر الوجود آهي، هڪ نسخو مولانا محمد ابراهيم ڳڙهي ياسينيءَ وٽ به موجود آهي.

(12) معلومات الافاق_ مصنف، مير امين الدين خان (متوفي 1127هه) بن مير ابوالمڪارم شهود (متوفي 1073هه)، بن مير ابوالبقا امير خان (متوفي 1057هه)، بن ابوالقاسم نمڪين بکري (متوفي 1018هه)، تصنيف1123هه.
هي جغرافيه جو ڪتاب آهي، جو هڪ سنڌي امير لکيو آهي. مغل دور جي صوبن جو احوال، ان دور جي منصبن، درجن ۽ مرتبن جو بيان تفصيل سان لکيو ويو آهي. سنڌ تي 10 صفحا ۽ ملتان تي 13 صفحا لکيل آهن. ڪتاب 1123هه ۾ تصنيف ٿيو. بانڪي پور جي ڪتبخاني ۾ جيڪو نسخو آهي، انهيءَ جي ڪتابت جو سال 1273هه آهي. جملي 152 ورق اٿس ۽ هر صفحي تي 19 سٽون آهن. ساڳئي مصنف ”رشحات الفنون“ جي نالي سان هڪ ٻيو ڪتاب به تصنيف ڪيو.

(13) تاريخ سنڌ_ نالو ”في التحقيق بقاءِ امصارالسند“ مصنف، سيد محب الله بن سيد احمد شاه واعظ بن سيد محمد شاه الملقب به مسيحاءَ الحسني الحسيني الحموي الدهلوي القادري، الاصلاً سندهي، مولداً ”لوهروي مسکناً“، تصنيف 13 صدي هجري.
هن ڪتاب ۾ سنڌ جي مشهور شهرن ۽ ڳوٺن جو ذڪر آهي، گويا سنڌ جو هي هڪ گزيٽئر آهي. ڪتاب جي ترتيب هن طرح آهي: پهريون باب سنڌ جي تاريخ؛ ٻيو باب شهرن، ڳوٺن ۽ قرين جي حالات تي؛ ٽيون باب سنڌ ۾ رائج ٿيل القابن تي، مثلاً امير، وزير، ترخان، ارغون، وغيره؛ چوٿون باب سنڌ جي قومن تي؛ ۽ پنجون بــــــاب ســــنـــــڌ جــــــي واهـــــن، نـــــديــــــن، پـــــــــهـــــــــاڙن ۽ ڍنــــڍن تي. ڪتاب جا ماخذ ديپاچي ۾ هي ڄاڻايل آهن: ”چچ نامو“، ”تحفـﺔالڪرام“، ”تاريخ طاهري“، ”جمع الجوامع“، ”طبقات بهادر شاهي“، ”تاريخ بي بدل“، ”رسالو سيد علي اصغر شاه ٺٽوي“ ۽ ”امصارالسند“. آخري ڪتاب. معلوم ٿئي ٿو ته، سنڌ جي تاريخ تي آهي، ليڪن ان جو حوالو سواءِ هِن ڪتاب جي ٻئي ڪنهن هنڌ نظر نه آيو. تقريباً ننڍيءَ سائيز جي ٻن سَوَن صفحن تي آهي. هڪ ڪاپي پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ آهي، ۽ ٻيو نسخو مولانا محمد ابراهيم صاحب ڳڙهي ياسينيءَ وٽ آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب، سنڌي ادبي بورڊ جي لاءِ، هن کي مرتب ۽ ايڊيٽ ڪري رهيو آهي.

(14) رقائم ڪرائم_ مصنف، مير سيد اشرف خان محمد الحسيني بن مير عبدالڪريم امير خان سنڌي (متوفي 1130هه) بن مير ابولبقا امير خان (متوفي 1057هه) بن مير ابوالقاسم نمڪين (متوفي 1018هه)؛ تصنيف، بعد 1131هه.
هي عالمگير جي رقعات جو مجموعو آهي. هن ۾ ڪيترا اهي خط به آهن جيڪي مـﺆلف جي والد امير خان عبدالڪريم ڏانهن عالمگير لکيا آهن. امير خان سنڌ ۾ به ڪيترو وقت صوبه دار هو ۽ سندس وفات کان پوءِ سندس پٽ سڀني خطن کي گڏي، هي مجموعو مرتب ڪيو. سيد محمد اشرف، ديباچي ۾، لکيو آهي ته ”ڪيترا خط گم ٿي ويا، جنهنڪري خيال ٿيو ته جيڪي بچيل آهن تن کي ڪتاب جي ذريعي محفوظ ڪجي.“
ڪيترن ڪتبخانن ۾ هن جا نسخا موجود آهن. برٽش ميوزم ۾ جيڪو نسخو آهي. اهو فلسڪيپ جي 63 ورقن تي آهي، ۽ منجهس 24 خط، 130 رقعا ۽ 5 فرمان آهن. مون وٽ انهيءَ نسخي جو ميڪرو فلم موجود آهي.
امير عبدالڪريم جي نالي جيڪي خط آهن، اهي ٺٽي ۽ سيوهڻ جي صوبه داريءَ واري زماني جا آهن، جن مان سنڌ جي حالتن جو پتو پوي ٿو.

(15) نامـﮧ نغز_ مصنف، باغ علي خائف، تصنيف 1155هه.
”شاهنامي“ ۽ سڪندر نامي“ جي طرز تي ڪلهوڙن جي دور جي تاريخ، نظم ۾ آهي. مصنف، ميان نور محمد (متوفي 1167هه) جي زماني ۾ سال 1155هه ۾، هي ڪتاب تصنيف ڪيو؛ پاڻ لکي ٿو:
”به عهد خدا يار خان شــــــير نر ســــــپــــــهــــــدار عــــــبــــــاسيء نامور
هزار و صد و سال و پنجاه پنج کشيدم سه سال اندرين نامه رنج.“
انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته مصنف 1153هه ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ 1155هه ۾ ان کي لکي ختم ڪيو. پڙهڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته مصنف 1155هه کان پوءِ جي واتعات جو به ان ۾ اضافو ڪندو رهيو آهي، جيئن ته نادر شاهه ايرانيءَ جي قتل (1160هه) ٿيڻ جو احوال به ان ۾ موجود آهي. ڪتاب ۾ ڪل 16249 اشعار آهن، ۽ چئن بابن ۾ ورهايل آهي.
هي ڪتاب ڪلهوڙن جي دور تي مستند دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. نادر جي حملي ۽ ايرانين جي لٽ ڦر جا اکين ڏٺا احوال منجهنس ڏنا ويا آهن. شعر اگرچ ڪمزور آهي، مگر تاريخي واقعات انهن اوڻاين تي پردو وجهي ٿا ڇڏين. ڪتاب جو هڪ نسخو سنڌ جي قومي ڪتبخاني ۾ آهي، ۽ ان جو نقل سنڌي ادبي بورڊ ۾ آهي.

(16) گلدستـﮧ نورس بهار_ مرتب، منشي عبدالرؤف سيوستاني (متوفي قبل 1180هه).
عبدالرؤف منشي قوم جو سهتو ۽ بکر جي ويجهو هنڱورجا ڳوٺ جو ويٺل هو. پهريائين بختيار خان، حاڪم خانپور ۽ سيويءَ وٽ ملازم ٿيو؛ بعد ۾ ميان نور محمد وٽ منشيءَ جو ڪم ڪرڻ لڳو؛ آخر ۾ هن پنهنجي لکيل خطن جا ٽي_ چار مجموعا گڏ ڪيا، جيڪي انهيءَ زماني ۾ ئي مشهور ۽ مقبول ٿي ويا. انهن مان هڪ مجموعو ”گلدسته نورس بهار“ به آهي، جنهن ۾ ميان يار محمد (1111هه_1130هه) ۽ ميان نور محمد (1131هه_1167هه) جا مڪاتيب جمع ڪيل آهن. انهن خطن مان سنڌ جي تاريخ تي بيمثل روشني پوي ٿي، ۽ تاريخ جا ڪيئي اهڙا پهلو نمايان ٿين ٿا، جيڪي هوند ڪنهن به تاريخ جي ذريعي معلوم ٿي نه سگهن.
منشي عبدالرؤف هندستان جي پهرينءَ صف وارن انشاء پردازن ۾ بيمثل ۽ يگانو آهي. بي تڪلف، آسان ۽ ساديءَ عبارت ۾ وڏي ۾ وڏو مطلب بيان ڪري ٿو، ۽ ساديءَ عبارت ۾ لکڻ جو ڍنگ هن پنهنجي دور جي عام روش کي پري ڇڏي، اختيار ڪيو آهي. سندس بي تڪلف فقرن ۽ ساديءَ عبارت ۾ انتهائي دل نشيني، دلڪشي ۽ پختگي آهي. فارسيءَ کي ائين لکيو اٿس، ڄڻ ڪا مادري زبان اٿس. سندس جهڙو انشاپرداز برصغير هندستان جي تاريخ ۾ ڪو ورلي لڀندو. ابوالفضل وغيره کي گهڻو پٺتي ڇڏي ويو آهي. سندس انتقال، مير علي شير جنهن وقت ”تحفـﺔالڪرام“ (1180هه) ۾ ٿي لکيو، ان کان اڳ ٿي چڪو هو.
”نورس بهار“ جو جيڪو نسخو مون وٽ آهي، تنهن ۾ ننڍيءَ سائيز جا 358 صفحا آهن، ۽ ڪتاب ٽن حصن ۾ ورهايل آهي، ڪنهن نهايت ئي بد خط ڪتاب لکيو آهي.

(17) مجموعه منشات_ ميان عبدالرؤف منشي ۽ ميان هارون_ تصنيف قبل 1167هه.
مڪاتيب جو هي مجموعو مون وٽ موجود آهي. منجهس متفرق ۽ جدا جدا ماڻهن جا لکيل خط آهن_ نمبر 10 کان 20 تائين، ۽ 27_34_35 خط ڪلهوڙن جا آهن. ڪتاب جو حاشيو ڪٽجي چڪو آهي، جنهنڪري هي خط پڙهڻ ۾ نٿا اچن. ڪيئي خط، طرز تحرير جي سبب ميان عبدالرؤف جا معلوم پيا ٿين. مجموعي جي آخر ۾ ”خلاصـﺔ الڪتوبات“ جي نالي سان هڪ ٻيو مجموعو به شامل آهي، جنهن ۾ ميان هارون ۽ منشي عبدالرؤف جا گڏيل مڪاتيب آهن.

(18) منشورالوصيت في دستورالحڪومت_ مصنف، ميان نور محمد عباسي، والي سنڌ (1131_1167)_ تصنيف بعد 1152هه.
ميان نور محمد ڪلهوڙي جي هيءَ پنهنجي لکيل وصيت آهي، جنهن مان تاريخي واقعات سان گڏ، سندس ذاتي اخلاق ۽ ذاتي تصورات جو پتو پوي ٿو. هيءَ وصيت سنڌ تي نادر جي ڪاهه (1152) کان پوءِ ستت ئي لکي ويئي آهي. هن ڪتاب جا متعدد نسخا موجود آهن، هڪ مون وٽ به آهي. مولانا محمد ابراهيم ڳڙهي ياسينيءَ ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب وٽ به نسخا آهن.

(19) بياض رقعات_ قاضي عبدالرسول و جان محمد قريشي (المتوفي 1171هه) سيوستاني، ڪتابت 1123هه.
هي مجموعو، نادر ۽ ناياب مڪتوبات جو، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ موجود آهي. خط تمام تر ڪلهوڙن جي صاحبيءَ سان تعلق رکن ٿا. هن ئي مجموعي ۾ ڪن شاعرن جا قصيدا ۽ منتشر اشعار به آهن، جن جو پڻ سنڌ جي تاريخ سان تعلق آهي. مثلاً، هن مجموعي ۾ مير عبدالجليل بلگرامي، (وقايع نويس، سرڪار سيوهڻ ۽ بکر) جو اهو قصيدو موجود آهي، جيڪو هن ميان دائود خان جي مدح ۾ چيو هو، جڏهن هن سيويءَ ۽ ڊاڍر کي فتح ڪيو. هن ۾ حڪيم عبدالرزاق معموريءَ (تحفـﺔ الڪرام ج 2 ص 230) جون چند رباعيون پڻ آهن، جن ۾ سنڌ تي ناراضگيءَ جو اظهار ٿيل آهي، چوي ٿو:
”يکچند درين سند پريشان گشتيم
گفتم گران شويم، ارزان گشتيم
در طالع ماکساد بازاري بود
آئينه فروش شهر کوران گشتيم.“
مڪتوبات ۾ ڪيترا خط نهايت اهم تاريخي دستاويز جي حيثيت رکن ٿا، مثلاً ميان يار محمد جو اهو خط هن مجموعي ۾ محفوظ آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي پٽ ميان نور محمد ڏي شاهه عنايت صوفي شهيد جي جنگ جو سربستو احوال لکيو آهي. اهو خط تمام قيمتي آهي. جنگ جو چشم ديد احوال سواءِ ان خط جي ڪٿان به ملي ڪونه ٿو سگهي. ان کان سواءِ ٻيا به قيمتي خط منجهس موجود آهن، مثلاً:
(1) مخدوم عيسيٰ خان مخدوم عباس هنڱورجي جو خط،
(2) مڪتايب شيخ محمد سعيد عباسي منشي، نواب مير يعقوب خان بکري،
(3) مڪاتيب شيخ عبدالرؤف منشي سيوستاني از زبان خان والاشان خدا يار خان. بجانب نواب عبدالصمد خان و ديگر مردمان و مکاتبه بطرف راج جئي سنگهه سوائي،
(4) نامهء الهه يار بکري بجانب عبدالرؤف،
(5) رقعات نورالحق مشتاقي منشي سيوستاني، ۽
(6) نامهء مير سيد محمد بخشي سيوستاني به محمد رفيع خلف مخدوم عبدالحڪيم سيوستاني.
يار محمد جي خط کان سواءِ، شاهه عنايت شهيد جي جنگ تي هڪ ٻيو مفصل خط به انهيءَ مجموعي ۾ موجود آهي، جيڪو ميران سنگهه کتريءَ جو لکيل آهي. هيءَ معلومات مون کي منهنجي مربي دوست جناب قاضي احمد ميان اختر موڪلي آهي. انهيءَ مجموعي ۾ سندس چوڻ آهي ته اڃا به زياده بيش بها معلومات آهي.

(20) بياض_ مِلِڪ سنڌ يونيورسٽي.
هي بياض به 12 صديءَ جو معلومات ٿئي ٿو. اڳ پوءِ ناقص اٿس، ۽ هن وقت 117 ورق باقي اٿس. هن ۾ فارسي گو شاعرن جي ڪلام جو انتخاب آهي، ۽ منجهس رقعا، عريضا ۽ تمسڪ به آهن، جن مان ڪيترا سنڌ جي تاريخ سان تعلق رکن ٿا. اڪبر شاه ثانيءَ جي دؤر جا ڪيترا سرڪاري مراسلا آهن، جن جو سنڌ سان تعلق آهي. ابتدا ۾ هڪ رپورٽ اٿس، جنهن جو عنوان آهي ”حقيقت نظم و نسق سرڪار بکر.“ شعرا ۾، ”مثنوي زيبانگار“ جي مصنف رضائي ٺٽويءَ جي اشعارن جو به انتخاب آهي، جو بلڪل ناياب آهي_ ڇاڪاڻ ته مثنويءَ کان سواءِ انهيءَ شاعر جو اسان کي ڪوبه ڪلام ڪونه ٿو ملي. هن بياض ۾ مُلا صفائي سنڌيءَ جي ڪلام جو انتخاب به موجود آهي؛ مُلا صاحب جي شعر جو نمونو هي آهي:
”صد جان بيک کرشمه عوض مي دهم ولـﻶ
ترسم که رنگ طبع خريدار نازکست.“

(21) جغرافيهء سنڌ_ هن ڪتاب جو نالو صحيح معلوم ٿي ڪونه سگهيو آهي. برادرم مڪرم مولائي شيدائيءَ تازو مون کي اطلاع ڏنو (الوحيد جي ذريعي) ته اهو ڪتاب ميان نور محمد جي فرزند ميان عطر خان، 12 جلدن ۾ تصنيف ڪرايو هو، ۽ هرهڪ جلد جدا جدا عنوانن جي هيٺ آهي. مثلاً هڪ جلد سياسي تاريخ تي، هڪ جلد جاگرافيءَ تي، ۽ هڪ جلد سنڌ جي قومن تي، وغيره وغيره. اهڙيءَ طرح اهي ٻارهن ئي جلد گويا سنڌ جي تاريخ لاءِ اکٽ ۽ عظيم الشان سرمايو آهن. مولائي شيدائي صاحب کي اهو اطلاع مسٽر علي محمد صاحب سيال کان مليو، جنهن صاحب اهو ڪتاب ميرپورخاص طرف ڪنهن بزرگ وٽ پاڻ ڏٺو هو، ۽ سمورو ڪتاب پنڊت موهن لال لالا سيوستانيءَ جي هٿ اکرين هو، جيڪو صاحب ميان عطر خان جو منشي، ڪاتب ۽ درباري هو. اهو صاحب نه فقط خوشخط هو بلڪ ساڳئي وقت مصنف به هو. سندس تصنيف ٿيل ”شاه جي رسالي“ جو شرح مسٽر علي محمد سيال پاڻ ڏٺو. تاريخ سنڌ جي سلسلي ۾ خدا ڪري جو هي ڪتاب ملي وڃي، ۽ ان کي شايع ڪري سگهجي. انهيءَ ڪتاب جو نالو ”نگران سنڌ“ چيو وڃي ٿو، ليڪن مون کي اهو نالو غلط معلوم ٿئي ٿو.

(22) نادر نامو_ مصنف ميان نور محمد عباسي والي سنڌ (1131ع_167هه)
هي ڪتاب، نادر جي حملي (1152هه) کان پوءِ 1155هه ۾ تصنيف ٿيو. ڪتاب مرحوم حافظ محمود خان شيرانيءَ جي ڪتبخاني ۾ هو، جو شايد هاڻي پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ هوندو. مون کي مرحوم پاڻ ان جو ڏس ڏنو هو. ميان نور محمد ان ۾ غالباً نادر جي ڪاهه جو احوال لکيو آهي، نالي مان اهو قياس ڪري سگهجي ٿو. ڪتاب نظم ۾ آهي، ۽ انهيءَ نسخي جي ڪتابت جو سال 1222هه هو.

مڪلي نامو_ مصنف، مير علي شير ’قانع‘ ٺٽوي (متوفي 1203هه)_ تصنيف سنه 1174هه.
مير علي شير، صاحب ”تحفـﺔالڪرام“، مڪليءَ جي قبرستان ۾ جيڪي مشاهير مدفون آهن، انهن جي احوال ۾ ۽ مڪليءَ جي خوبصورت مقبرن ۽ عمارتن جي تعريف ۾ هي ڪتاب 1174هه ۾، 54 ورقن تي تصنيف ڪيو. مثنويءَ ۾ 1500 شعر آهن، ۽ مصنف جو اصل مسودو، جنهن جي ڪتابت سندس ئي هٿ اکرين آهي ۽ ڪتابت جو سال 1174هه آهي، سو هن و قت سنڌي ادبي بورڊ ۾ آهي.

(24) مقالات الشعرا_ مير علي شير، ’قانع‘ ٺٽوي (متوفي 1203هه)_ تصنيف 1174هه.
هي سنڌ جي فارسي گو شاعرن جو پهريون جامع تذڪرو آهي. منجهس ايراني ۽ هندي شاعرن جو به ذڪر آيل آهي، جيڪي هتي سنڌ ۾ آيا يا هتي ڪجهه وقت رهي وري هليا ويا.
شاعرن جي تذڪري کان سواءِ منجهس بيمثل تاريخي مواد به آهي. هي نه فقط سنڌ جي ادبي تاريخ جو بنيادي ڪتاب آهي، بلڪ عام سياسي ۽ ملڪي تاريخ لاءِ به ڪارآمد آهي. ڪتاب نادر آهي، چند نسخا موجود آهن. مصنف جي پنهنجي هٿ اکرين لکيل نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي ملڪيت آهي. مون وٽ ٻه نسخا آهن، هڪ انهيءَ نسخي جو نقل ۽ ٻيو برٽش ميوزم جي نسخي جو فوٽو آهي. آخري نسخو، مير ڪرم علي خان پنهنجي لاءِ لکرايو هو.

(25) تاريخ عباسيه_ مصنف، مير علي شير ’قانع‘_ تصنيف 1175هه.
مير علي شير جڏهن عباسي دربار سان وابسته هو، ان وقت هن هيءَ مثنوي ”شاهنامي“ جي طرز تي، ڪلهوڙن جي تاريخ ۾ لکڻ شروع ڪئي، پر ڪتاب نامڪمل رهجي ويو. ان جا اقتباسات مسٽر ايليٽ جي فائل (2073_ O. R.) ۾ موجود آهن.

(26) تاريخ عباسيه_ مصنف مير علي شير ’قانع‘_ تصنيف 1175هه.
مير صاحب ساڳئي وقت نثر ۾ به ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جي تاريخ لکڻ شروع ڪئي هئي. مسٽر ايليٽ جو فهرست نگار هن ڪتاب متعلق لکي ٿو ته ”در بيان ميان صاحبان ڪلهوڙه، از ابتداي آمدن شان در سنده معه تحقيقات نسبت اوشان، و تقرر زمينداري آن فرقه در سنده و بدست رسيدن بانها حڪومت سنده و احوال واقعات آن ايام“ (فهرست ڪتبخانه ٺٽه، برٽش ميوزم (2073_ O. R.). اها تاريخ به غالباً نامڪمل رهجي ويئي، ڪٿي ان جو پتو نشان ڪونه ٿو پوي.

(27) تحفﺔ الڪرام_ مصنف، مير علي شير ’قانع‘_ تصنيف 1180هه.
مير علي شير، هي ڪتاب ٽن جلدن ۾ لکيو آهي؛ آخري جلد سنڌ تي آهي. تاريخ سنڌ جي لاءِ هي ڪتاب انسائيڪلوپيڊيا جو ڪم ڏئي ٿو. تاريخ، مشاهيرن جا حالات، شهرن ۽ قصبن، قومن، ۽ ذاتين جو مفصل بيان هن ۾ ملي ٿو. پهريان ٻه جلد هندستان ۽ اسلامي دنيا جي تاريخ تي آهن. هي ڪتاب، مير صاحب 1180هه ۾ لکڻ شروع ڪيو، ۽ هڪ سال ۾ (1181هه) ختم ڪري، پوءِ به انهيءَ ۾ اضافو ڪندو رهيو، ۽ اهو سلسلو 1188هه تائين قائم رهيو. سنڌ جي مشاهيرن، علمائن، بزرگن، خطاطن، ۽ مصنفين خواه شاعرن جي سلسلي ۾ ”تاريخ معصوميءَ“ کان پوءِ، هي ٻيو تذڪرو آهي. ”معصوميءَ“ ۾ فقط ترخاني ۽ ارغوني دؤر جا مشاهير آيل آهن، ليڪن هن ۾ ڪلهوڙن جي زماني تائين جي مشاهيرن کي آندو ويو آهي. ڪلهوڙن جي تاريخ تي به هي ڪتاب مستند آهي، ڇاڪاڻ ته مصنف انهيءَ دؤر جو ماڻهو آهي.
هن ڪتاب جا ٽيئي جلد، مطبع ناصري دهليءَ ۾ ڇپجي چڪا آهن، ليڪن بلڪل نامڪمل ۽ غلط آهن. مرزا قليچ بيگ مرحوم ان جو ٿوري ترتيب جي ڦير گهير سان ”قديم سنڌ“ نالي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو 1965ع ۾ شايع ٿيو، ۽ ان ۾ برطانوي عهد تائين جو اضافو پنهنجي طرفان ڪيائين. ڪتاب جا قلعي نسخا ملن ٿا. مصنف جو پنهنجي هٿ اکرين لکيل نسخو پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ موجود آهي، ۽ برٽش ميوزم ۾ مصنف جي هٿ اکرين جيڪي ٻه نسخا آهن، انهن جو فوٽو مون وٽ آهي. ڪتاب جي ٽئين جلد جو سنڌيءَ ۾ ترجمو، سنڌي ادبي بورڊ تيار ڪرايو آهي، جو عنقريب شايع ڪري رهيا آهن.

(28) تحفته الطاهرين_ مصنف، محمد اعظم ٺٽوي_ تصنيف 1194هه.
هي انهن بزرگن جو تذڪرو آهي، جيڪي ٺٽي ۽ مڪليءَ ۾ مدفون آهن. ٺٽي جي بزرگن کي، مصنف محله وار تقسيم ڪيو آهي. تاريخي لحاظ سان هن ۾ ڪو مواد ڪونه آهي. البته تذڪري جي لحاظ سان نهايت ڪارآمد ۽ مفيد آهي؛ مون وٽ قلمي نسخو موجود آهي. ٻيو نسخو مولانا محمد ابراهيم ڳڙهي ياسين واري وٽ موجود آهي. هڪ قلمي نسخو شيراني ڪليڪشن لاهور ۾ به آهي، جنهن جي ڪتابت 1194هه ۾ ٿي، ۽ اهوئي سال تصنيف جو به آهي، ممڪن آهي ته اهو نسخو مصنف جو پنهنجو هجي. هڪ نسخي جو ڏس سيد غلام محمد مرتضويءَ ٺٽويءَ وٽ به آهي.

(29) مڪتوبات شاه فقيرالده علوي_ مصنف، شاه فقيرالله علوي بن شاه عبدالرحيم بن شاه شمس الدين جلال آبادي ثم شڪارپوري (متوفي 3 صفر 1195هه).
هي جليل القدر بزرگ اصل جلال آباد جو هو، ليڪن 1150هه ۾ اتان لڏي اچي شڪارپور ۾ مقيم ٿيو. احمد شاه ابدالي سندس مريد هو. ان کانسواءِ سنڌ جا ڪيترا بزرگ ۽ مشاهير سندس حلقه ارادت ۾ شامل هئا. سندس درس مان سنڌ جا ڪئين بزرگ فيضياب ٿيا. پير سائين محمد راشد روضي وارو به سندس ئي شاگرد هو.
شاهه صاحب جي مڪاتب جو هي مجموعو لاهور مان ڇپيو آهي. وقت جي سياسي اڪابرن ۽ عالمن سان سندس خط و ڪتابت رهي آهي. زياده تر ماڻهو کانئس ديني ۽ علمي مسئلا پڇندا هئا، جن جي جوابن ۾ ضمناً تاريخي ڳالهيون به اچي ويون آهن. سڀئي خط اهم آهن، ليڪن تاريخ سنڌ جي سلسلي ۾ هيٺيان خط خاص اهميت رکن ٿا:
احمد شاه ابدالي (1160_1187هه) ڏانهن 4 خط
مير نصير خان والي قلات ” 2 ”
شاهزادي سليمان شاه بن احمد شاه ” 3 ”
ميان سرفراز ڪلهوڙي (1187_1189هه) ” 3 ”
شاه ولي خان وزير اعظم احمد شاه ” 2 ”
مخدوم محمد معين ٺٽوي المتوفي سنه 1161هه 5 ”

(30) قصيده بمدح عبدالنبي_ مصنف، مير علي شاه شائق عرف سيد رحمت الله ولد سيد لطف علي شاه رضوي، بڪاري_ تصنيف قبل 1198هه.
هي قصيدو ميان عبدالنبي واليِء سنڌ (1191_1198هه) جي مدح ۾ چيو ويو آهي. قصيدي ۾ جملي 495 شعر آهن. هن قصيدي مان، انهيءَ عهد جي اميرن، منصبدارن، فوجي جرنيلن جي نالن ۽ احوال جي خبر پوي ٿي، ۽ اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ دؤر ۾ ڪهڙا ڪهڙا منصب ۽ عهدا هئا. ڪلهوڙن جي دؤر تي هي تاريخي لحاظ سان ڪارآمد قصيدو آهي. هن جو هڪ نسخو مولانا محمد ابراهيم صاحب ڳڙهي ياسين واري وٽ آهي، ۽ ان تان نقل ٿيل ڪاپي سنڌي ادبي بورڊ ۾ آهي.

(31) هيئَت العام_ مصنف، محمد اعظم ٺٽوي_ تصنيف 1200هه.
”تحفﺔ الطاهرين“ جي مصنف جي هيءَ ٻي تصنيف جاگرافيءَ تي آهي. بکر، ٺٽو، سيوهڻ ۽ سنڌ جي ٻين اهم مرڪزن جو قيمتي احوال هن مان ملي ٿو. ڪتاب جو نسخو سنڌي ادبي بورڊ ۾ موجود آهي. ٻيو ڪوبه نسخو اڃا تائين معلوم ٿي ڪونه سگهيو آهي.

(32) طومار سلاسل گزيده_ مصنف، مير علي شير ’قانع‘_ تصنيف 1202هه.
مير صاحب جي هيءَ تصنيف نهايت مفيد ۽ ڪارآمد آهي. هن ۾ سنڌ جي صوفين ۽ طريقن جا شجرا ڏنا ويا آهن. هن مان سنڌ جي تصوف ۽ طريقن جي تاريخ ۽ تحريڪن جو پتو پئجي سگهي ٿو. انهيءَ سلسلي جو اهوئي واحد ڪتاب آهي، ليڪن افسوس آهي، جو ان جي ڪنهن به نسخي جو نشان پتو ڪونه ملي سگهيو آهي. ان جي هڪ صفحي جي نقل سنڌي ادبي بورڊ جي وساطت سان مون کي مليو آهي. جنهن ۾ مخدوم ابوالقاسم نقشبندي ٺٽويءَ جو سلسلو مرقوم آهي.

(33) معيار سالڪان طريقت_ مصنف، مير علي شير ’قانع‘ ٺٽوي_ تصنيف 1202هه.
سنڌ جي بزرگن ۽ مذهبي پيشوائن، مشاهيرن ۽ اوليائن جو نهايت ئي مفصل ۽ مستند تذڪرو آهي. مير صاحب ديباچي ۾ لکيو آهي ته هن ”تحفـﺔ الڪرام“ ۾ به مشاهيرن جو ذڪر ڪيو آهي، ليڪن انهيءَ ۾ هن تاريخن ۽ سالن جو اهتمام ڪونه ڪيو آهي. 63 ورهين جي ڄمار ۾ جڏهن زندگيءَ جو سج غروب ٿيڻ تي اچي بيٺس، تڏهن هن سعادت حاصل ڪرڻ خاطر سنڌ جي سڀني مشاهيرن جو تذڪرو، ”بقيد زمان و مڪان“ لکي پورو ڪيو. منجهس 411 مشاهيرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جن جون کيس ولادت ۽ وفات جون تاريخون معلوم ٿي سگهيون آهن، ۽ آخر ۾ اهي بزرگ ڏنل آهن، جن جون تاريخون يا زمانا معلوم ٿي ڪونه سگهيا.
ڪتاب بيحد قيمتي ۽ نادر آهي مون وٽ برٽش ميوزم واري نسخي جو فوٽو آهي، جيڪو مير مراد علي خان (1144_1249هه) لاءَ لکيو ويو، ۽ ڪاتب جو نالو علي حسن آهي، جنهن 1245هه ۾ لکي پورو ڪيو. هي نسخو فلسڪيپ سائيز تي آهي ۽ مير علي شير جي ٻين تصنيفن سان گڏ هڪ ئي جلد ۾ آهي. انهيءَ مجموعي ۾ ”تحفـﺔ الڪرام“ ۽ ”مقالات الشعرا“ به آهي. ڪتاب مجموعي جي 339 ورق کان شروع ٿي 447 ورق تي ختم ٿئي ٿو. اهو نسخو ڪنهن انگريز 11 آڪٽوبر 1856ع تي خريد ڪري برٽش ميوزم کي ڏنو. هن وقت برٽش ميوزم ۾ ان جو نمبر 21089 A. D. D. آهي. خط نهايت خوبصورت نستعليق اٿس، ۽ حاشين تي ميناڪاريءَ جو اوچو ڪم ٿيل اٿس.

(34) شجره اهلبيت_ مصنف، مير علي شير ’قانع‘_ تصنيف 1212هه.
هي ڪتاب مير صاحب سنڌ جي ساداتن جي شجره نسبت تي لکيو آهي. سنڌ جي ساداتن جي نسب نامي تي سواءِ هن ڪتاب جي ٻيو ڪو ڪتاب ڪونه آهي، ليڪن افسوس آهي جو ڪتاب ناياب آهي ۽ اڃا ڪنهن به نسخي جو پتو پئجي ڪونه سگهيو آهي.

(35) فتحنامو_ مصنف، مير عظيم الدين بن سيد يار محمد بن سيد عزت الله (متوفي 1161هه) بن محمد سيد بن محمد مقيم بن سيد ظهيرالدين جادم ثاني شڪرالاهي ٺٽوي_ تصنيف 1209هه.
هي ڪتاب ”شاهنامي“ جي بحر ۽ طرز جي مثنوي آهي. ان ۾ ڪلهوڙن جي زوال ۽ ٽالپرن جي فتح تي مفصل روشني وڌي ويئي آهي، واقعات چشم ديد ۽ نهايت مستند آهن. ڪتاب، مير فتح علي خان فاتح سنڌ (1197_1216هه) جي نالي سان منسوب آهي. مصنف سندس درٻاري شاعر هو. هيءَ پهرين تاريخ آهي، جيڪا ڪلهوڙن جي زوال ۽ ميرن جي حڪومت تي ٽالپري دور ۾ لکي ويئي، ۽ انهيءَ دور ۾ بيحد مقبول هئي. ڊاڪٽر برنز لکي ٿو ته ”ڪتاب انهيءَ حد تائين مقبول هو، جو عوام ۽ خواص کي برزبان هو، ۽ مصنف جو دربار خواه ان کان ٻاهر ڌاڍو قدر هو. ساڳئي مصنف پنهنجو هڪ ديوان به مرتب ڪيو، ۽ ”مثنوي هير رانجهو“ به تصنيف ڪئي، ۽ مڪتوبات جو به هڪ مجموعو تاليف ڪيائين. ڪتاب جا متعدد قلمي نسخا موجود آهي. مون وٽ به هڪ خوشخط نسخو موجود آهي.

(36) مجمع البلغاءِ_ مصنف، سيد غلام علي ’مائل‘ بن مير علي شير ’قانع‘_ تصنيف 1218هه.
مير علي شير جي پٽ ۽ سنڌ جي مشهور شاعر، سنڌ جي شاعرن جو تذڪرو، 1218هه ۾ مرتب ڪيو. مسٽر ايليٽ جي فائلن مان معلوم ٿيو ته تذڪري جا جملي 639 ورق هئا ۽ هرهڪ صفحي تي 17 سٽون هيون. ابتدائي ارغون عهد کان وٺي ٽالپري عهد تائين فارسيءَ گو شاعر، جيڪي سنڌ ۾ ٿي گذريا، يا سنڌ سان جن جو ڪنهن نه ڪنهن طرح سان واسطو رهيو، انهن سڀني جو مفصل احوال ڏنو ويو آهي. ”مقالات الشعرا“ واري سلسلي جي، هيءُ تذڪرو هڪ جامع ۽ مڪمل ڪڙي آهي. افسوس آهي، جو ان جو ڪوبه نسخو دستياب ٿي ڪونه سگهيو آهي. چند اقتباس ايليٽ صاحب جي فائل ۾ موجود آهن.

(37) مڪتوبات عظيم_ مصنف، مير عظيم الدين ٺٽوي_ مڪتوبه 1202هه، 9 صفرالمظفر؛ ڪتابت سيد اشرف علي بن سيد متين الدين رضوي البکري.
مير عظيم الدين ٺٽويءَ جي مڪتوبات جو مجموعو، ننڍيءَ سائيز جي 37 ورقن تي آهي؛ هن ۾ سنڌ جي تاريخ سان تعلق رکندڙ ڪيترا خط موجود آهن. هڪ نسخو سنڌي ادبي بورڊ ۾ موجود آهي.

(38) انشاءِ عطارد_ مصنف، منشي شيوڪرام عطارد، (متوفي 1244هه).
منشي عطارد فارسيءَ جو سٺو شاعر هو. سنڌ ۾ هن جو درجو اهو آهي، جيڪو هندستان اندر لاله لڇمي نرائن شفيق ۽ چندرڀان برهمڻ جو هو. ٺٽي جو باشندو ۽ محسن ٺٽويءَ جو شاگرد هو. مير علي شير سان خاص دوستيءَ جو رستو هئس. ابتدا ۾ ميان غلام شاه جي دربار ۾ (1170_1186هه) هو، ۽ ان کان پوءِ جڏهن سرفراز خان تخت نشين ٿيو ته ان جو مشير خاص ٿي رهيو.
”ديوان“ ۽ ”مثنوي هير رانجهو“ کان سواءِ هن جي مڪاتيب جو هي مجموعو سنڌ جي تاريخ لاءِ بيش بها خزانو آهي، البته اسلوب نگارش پرتڪلف، ۽ شيريني ۽ دلاويزي عبارت ۾ گهٽ اٿس، ليڪن تاريخي لحاظ سان نهايت قيمتي آهي. ميان غلام شاه (1170_1186هه)، ميان سرفراز (1186_1189هه)، ۽ مير بجار (شهيد 1194هه) جي سلسلي ۾ ڪيترا خط تاريخي دستاويز جي حيثيت رکن ٿا. عطارد جو انتقال، مير ڪرم علي خان ٽالپر جي دؤر (1227_1244هه) ۾ ٿيو. مڪتوبات جو هڪ بدخط نسخو مون وٽ موجود آهي.

(39) تواريخ عباسيان_ مصنف، نامعلوم_ تصنيف قبل 1226هه.
هن ڪتاب جو ذڪر مسٽر اسٽوريءَ ڪيو آهي. انڊيا آفيس ۾ ان جو هڪ نسخو (نمبر 755 D. P.) موجود آهي، جنهن جا ابتدائي ورق ڪونه آهن، تنهنڪري نه ڪتاب جو نالو معلوم ٿي سگهيو، نه مصنف جو. ڪتاب ۾ 1226هه تائين جو احوال درج آهي، يعني ميان محمد علي خان بن ميان محمد عارف خان بن ميان عبدالنبي جي سال وفات (1226هه=1811ع) تائين منجهس حالات آهن؛ ممڪن آهي ته ميان عبدالنبيءَ جي پوٽي ميان محمد عليءَ اهو ڪتاب تصنيف ڪرايو هجي.

(40) ڪلهوڙن جو احوال_ مصنف، مظهر علي_ تصنيف جو سال نامعلوم.
هن ڪتاب جو به مسٽر اسٽوريءَ (C. A. Story) ذڪر ڪيو آهي، ۽ لکي ٿو ته ان جي اصل فارسي نسخي جو پتو ڪونه ٿو پوي. البته ان جو انگريزي ترجمو Capt: Pagan ڪيو آهي، جيڪو ڪلڪتي ميگزن جي 1831ع واري پرچي ۾ صفحي 272 کان 288 تائين شايع ٿيو.

(41) ڪلهوڙه نامو_ مصنف، سيد ثابت علي شاه (متوفي 1225هه).
سيد ثابت علي شاه ڪلهوڙن جي آخر دﺆر ۾ ٽالپرن جي ابتدائي دﺆر جو مرثيه گو شاعر هو. ”ڪلهوڙه نامي“ جي تصنيف جو پتو، مرزا احسن ڪربلائيءَ جي ذريعي پيو آهي. ڀانئجي ٿو ته سيد صاحب، ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جي تاريخ تي هيءَ مثنوي تصنيف ڪئي آهي. ان جي نسخي جو ڪوبه پتو ڪونه آهي.

(42) فتحنامو_ مصنف، معزالدوله، معين الملڪ، فيروز جنگ، مير صوبدار خان (ولايت 9 محرم 1217هه_ وفات 14 رجب 1262هه) بن مير فتح علي خان ”فاتح سنڌ“ (1198_1217هه)، تصنيف 1244هه.
مير صوبدار خان، ”فتح نامه“ مير عظيم الدين جي طرز تي هيءَ مثنوي، ڪلهوڙن جي آخري دؤر ۽ ٽالپرن جي پوري دﺆر تي لکي. ٽالپرن جي دؤر جو هي مستند تاريخي دستاويز، مصنف جي ذاتي مشاهدي تي مبني آهي. سنڌي ادبي بورڊ ۾ جيڪو نسخو آهي، ان تي ڪتابت جو سال لکيل نه آهي، منجهس 225 ورق آهن ۽ هر صفحي تي 13 سٽون آهن. ڪتاب ۾ ڪاٽ ڪوٽ گهڻي آهي، تنهنڪري گمان غالب آهي ته مصنف جي زماني جو نسخو آهي.
مير صوبدار ٻيون به تصنيفون ڇڏيون آهن، مثلاً ”سيف الملوڪ“، ”جدائي نامه“، ”مڪاتيب“ ۽ هڪ ”ديوان“.

(43) جدائي نامو_ مصنف، مير صوبدار خان ٽالپر.
انگريزن جي قبضي بعد، مير صاحب به ٻين شهزادن سان گڏ گرفتار ٿي، ڪلڪتي جلاوطن ٿي ويو هو. ”جدائي نامو“ انهيءَ غريب الوطنيءَ جي دؤر جو يادگار آهي، جنهن ۾ حڪومت جي وڃڻ بعد جيڪي ٽالپرن تي مصيبتون نازل ٿيون ۽ جلاوطنيءَ جي دؤر ۾ جيڪي مٿن وهيو واپريو، ان جو تفصيلي ذڪر آهي. ڪتاب جو هڪ نسخو مير علي احمد خان ٽالپر جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي، ۽ ٻيو نسخو مير علي بخش خان جي نادر لائبريريءَ ۾ آهي.

(44) مڪاتيب مير صوبدار خان_ مصنف، مير صوبدار خان ٽالپر.
هي انهن خطن جو مجموعو آهي، جيڪي مير صاحب پنهنجي دوستن ۽ عزيزن ڏانهن جلاوطنيءَ واري زماني ۾ لکيا آهن. برطانوي تسلط کان پوءِ جي حالت تي هي خط ڪافي روشني وجهن ٿا. انهيءَ مجموعي جو نسخو مرحوم مير علي بخش خان صاحب ٽالپر (متوفي 1374هه) جي ڪتبخاني ۾ آهي.

(45) تاريخ بلوچي_ مصنف، ميان عبدالمجيد جوکيو مجيدي_ تصنيف قبل 1244هه.
مصنف، مير ڪرم علي خان (1227_1244هه) جي درٻار سان وابسته هو. هيءَ تاريخ هن ڪلهوڙن جي زوال ۽ ٽالپري فتوحات تي لکي. تاريخ جي شروعات ميان غلام شاه جي مسند نشينيءَ (1170هه) کان ٿئي ٿي. منجهس بيش بها ۽ نادر معلومات آهي. ڪيترا واقعات انهيءَ قسم جا آيل آهن، جيڪي ٻيءَ ڪنهن به تاريخ ۾ ملي ڪونه ٿا سگهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وٽ ان جو هڪ نسخو موجود آهي، جنهن جي ڪتابت محمد عابد، 19 رجب 1269هه بروز پنج شنبه ختم ڪئي آهي. ڪتاب، ڪتابي سائيز جي هڪ سوء ورقن تي لکيل آهي.

(46) تذڪره زبده المعاصرين_ مصنف، مير حسين الحسيني شيرازي_ تصنيف 1240هه.
مصنف شيراز مان، مير مراد علي خان (1244_1249) جي دؤر ۾، سال 1240هه ۾ سنڌ پهتو، ۽ حيدرآباد ۾ اچي مير مراد علي خان جي دربار سان وابسته ٿيو. هن اچڻ سان ئي سنڌ جي فارسي گو معاصر شاعرن تي هي تذڪرو لکيو. انهيءَ تذڪري جو اطلاع مون کي برادرم مڪرم جناب احسن ڪربلائيءَ ڏنو آهي؛ وٽس مصنف جو پنهنجو خطي نسخو ساڳئي سال جو لکيل موجود آهي. ”مقالات الشعرا“ ۽ مجمع البلغا“ جي هيءَ ٽين ڪڙي آهي. انهيءَ تذڪري مان خالص ٽالپري دﺆر جي شاعرن جو اسان کي پتو پئجي سگهندو. ان جو هڪ نسخو شيراني ڪليڪشن ۾ به آهي، جنهن جي ڪتابت جو سال پڻ 1240هه آهي.

(47) دستورالعمل آگهي_ مصنف، رامچند مهتو ٺٽوي_ تصنيف قبل 1261هه.
هي ڪتاب نهايت قيمتي ۽ بيش بها آهي؛ منجهس ٽالپري عهد ۾ جمع بنديءَ، حساب ڪتاب، وصوليءَ ۽ ڍلن جو جيڪو شرح ۽ نمونو هوندو هو، ان جو تفصيلي ذڪر آهي. ان ۾ آمدني روانگيءَ ۽ جمع خرچ جي ڪتابن جو پڻ نمونو ڏنل آهي؛ ان کانسواءِ حاڪم، وزير، امير، جنهن جنهن نموني جا خط لکندا هئا، سرڪاري مراسلا ڪيئن لکيا ويندا هئا، انهن سڀني جا نمونا ڏنا ويا آهن.
ڪتاب جو هڪ نسخو جيڪو 101 ورقن ۾ لکيل آهي، سو سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ آهي؛ ان جي ڪتابت جي تاريخ 11 رمضان 1261هه آهي.

(48) فهرست تاريخ سنڌ_ مصنف، محمد حسين قادري سيوستاني_ تصنيف قبل 1247هه.
هي 24 صفحن جو هڪ ننڍو رسالو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي حڪمرانن جا سلسليوار نالا ڏنا ويا آهن؛ هڪ ٻن سٽن ۾ هرهڪ جو احوال به ڏنو ويو آهي. مون وٽ هڪ نسخو آهي،جنهن جي ڪتابت 1247هه ۾ ٿي، ۽ هر صفحي تي 13 سٽون اٿس. ”تاريخ معصوميءَ“ جو جيڪو قلمي نسخو مون وٽ آهي، ان جي آخر ۾ به اهو رسالو ڏنل آهي. ان کانسواءِ برٽش ميوزم واري ”تاريخ معصوميءَ“ (نمبر 1788O. R. ) جي آخر ۾ پڻ موجود آهي، جنهن ۾ 919هه کان وٺي 1309هه تائين جو حال ڏنل آهي.

(49) خلاصهء تاريخ سنڌ_ مصنف، نامعلوم_ تصنيف قبل 1287هه.
پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ نمبر 158 تي هي نسخو آهي؛ ڪتابت جي تاريخ 18 رجب 1287هه اٿس. معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي تاريخ جو ڪنهن صاحب فارسيءَ ۾ خلاصو تيار ڪيو آهي.

(50) رساله حساب مال و ديوان_ مصنف، خير محمد هالڪنڊي_ زمانه تصنيف نامعلوم.
هي 8 صفحن جو ننڍو رسالو آهي، جنهن جو نالو آهي ”رساله حسابات مال و ديوان و ضبط اراضي“. هي رسالو به نمبر 47 جي نموني تي آهي، ليڪن هن ۾ فقط جمع بنديءَ، ڍلن ۽ زرعي زمين جي ماپ وغيره جو طريقو ڏنل آهي. اهو رسالو مون وٽ آهي.

(51) شجره سومرگان وسمگان_ مصنف، نامعلوم_ زمانه تصنيف نامعلوم.
ابتدا ۽ انتها کان ناقص. هن ڪتاب جا چند اجزا مون وٽ آهن، جنهن ۾ فقط سنڌ جي سومرن ۽ سمن جا شجرا ڏنل آهن. معلوم اهو ٿئي ٿو ته سنڌ جي قبيلن جي انساب تي هي ڪتاب هو، جنهن جي وچ جا اهي اجزا وڃي بچيا آهن. ڪتاب ننڍي سائيز تي بدخط ۾ آهي.

(52) تاريخ تازه نواء_ مصنف، مرزا عطا محمد شڪارپوري_ زمانه تصنيف، برطانوي عهد جي ابتدا.
مصنف شڪارپور جو باشندو هو. هن ڪتاب ۾ برطانوي عهد ۽ شاه شجاع الملڪ جي آمد و رفت جي مڪمل ۽ مستند تاريخ آهي، ڇاڪاڻ ته مصنف انهيءَ دؤر جو ماڻهو آهي ۽ واقعات چشم ديد لکيا اٿائين. ڪتاب جو هڪ نسخو پير علي محمد راشديءَ وٽ آهي؛ ٻيو نسخو ڊاڪٽر دائود پوٽي وٽ آهي؛ ۽ ٽيون نسخو برٽش ميوزم ۾ محفوظ آهي.

(53) خزائن تاريخ_ مصنف، مرزا عطا محمد شڪارپوري_ تصنيف بعد از 1261هه.
”تاريخ تازه نواء“ جي مصنف جو هي ٻيو ڪتاب آهي. هن ۾ سر چارلس نيپئر جي ان حملي جو به ذڪر آهي، جيڪو هن 1261هه ۾ بلوچن تي ڪيو. هن تاريخ جا اقتباسات برٽش ميوزم جي مجموعي (1981 O. R. ) ۾ آهن.

(54) سوانح شجاع الملڪ_ مصنف، شاه شجاع الملڪ، بادشاه ڪابل.
هن جو هڪ نسخو شيراني ڪليڪشن ۾، ۽ هڪ نسخو آصفيه ڪتبخاني ۾ آهي. شاه شجاع الملڪ، هن ۾ پنهنجي سوانح لکي آهي، جنهن ۾ سندس سنڌ ۾ اچڻ ۽ هتي رهڻ جو احوال پڻ موجود آهي. ”تاريخ ڪابل“ به ان ڪتاب جو نالو آهي.

(55) نظارة السند_ مصنف، بشن نرائن_ تصنيف 1858ع.
هي مسٽر T. Postan جي ڪتاب ”The Personal Observations on Sind“ جو فارسي ترجمو آهي. مترجم، 1858ع تائين جي احوال جو پنهنجي طرفان اضافو ڪيو آهي. انهيءَ ڪتاب جو هڪ خطي نسخو، ”بنگال ايشاٽڪ سوسائٽيءَ“ جي ڪتبخاني ۾ نمبر 376_317 O. تي آهي؛ هي نسخو 1859ع جو لکيل آهي.

(56) فريئَر نامو_ مصنف، مير يار محمد خان بن مير مراد علي خان ٽالپر_ تصنيف 1279هه.
هيءَ تصنيف مير ڪرم علي خان واليء سنڌ (1244_1249هه) جي صاحبزادي مير يار محمد خان جي آهي. مصنف خود ميرن جي آخري چوياريءَ جو رڪن هو؛ برطانوي تسلط (1259هه مطابق 1843ع) وقت گرفتار ٿي ڪلڪتي جلاوطن ٿيو. مير صاحب، هزاري باغ ۾ وڃي قيام ڪيو، ۽ 1270هه مطابق 1854ع ۾، کيس وطن اچڻ جي اجازت ملي؛ رجب 1272هه ۾ حيدرآباد پهتو، جتي سندس انتقال ٿيو (22 رمضان 1287هه.)
مصنف جو پنهنجو بيان آهي ته ”12 جمادي الاخر 1279هه مطابق 5 ڊسمبر 1863ع، سر بارٽل فريئر، سنڌ جو پهريون ڪمشنر، سندس بنگلي تي آيو ۽ مير صاحب کي هن فرمائش ڪئي ته ٽالپرن جي عهد جي هو تاريخ لکي، ”ڇاڪاڻ ته کانئس پوءِ ڪوبه اهڙو ڪونه هو جيڪو اکين ڏٺو احوال قلمبند ڪري سگهي.“ مصنف، ٽن مقالن ۾ ڪتاب کي ورهايو آهي؛ پهريون مقالو ڪلهوڙن جي احوال ۾ آهي، ٻيو مقالو ٽالپرن جي دﺆر تي، ۽ ٽيون مقالو برطانوي تسلط تي آهي.
ڪتاب 269 صفحن تي آهي. ابتدائي حصي جو بنياد مير عظيم الدين جي ”فتحنامي“ تي آهي؛ باقي ٻن مقالن کي هن پنهنجي اکين ڏٺي احوال جي آڌار تي مرتب ڪيو. هيءَ تاريخ، ڪلهوڙن ۽ خاص طرح ٽالپرن ۽ برطانوي تسلط جي سلسلي ۾، نهايت قيمتي آهي. هن ۾ ڪلهوڙن جي رقيب خاندان جو نقطهء نگاهه موجود آهي، ۽ خود شاهي خاندان جي هڪ جليل القدر حاڪم جا چشم ديد واقعا موجود آهن. ڪتاب جو هڪ نسخو مسٽر محمد حنيف صديقيءَ وٽ موجود آهي.

(57) تاريخ سنڌ_ مصنف، منشي ٽوپڻ مل_ تصنيف قبل 1259هه.
هيءَ تاريخ، نواب فتح محمد خان ولد نواب ولي محمد خان لغاريءَ (متوفي 1248هه=1832ع) جي فرمائش تي لکي ويئي. نواب ولي محمد خان، ٽالپري عهد جو امير الامرا، بهادر جرنيل ۽ فاضل اديب ۽ نغزگو شاعر هو_ ”مثنوي هير رانجهو“، ”ديوان ولي“ ۽ طب ولي“ (نزهت الابدان) سندس يادگار آهن.
152 صفحن جي هن تاريخ ۾، سنڌ جو سرسري خاڪو پيش ڪيو ويو آهيس. ڪي واقعا منجهس اهڙا به آهن، جيڪي ٻيءَ ڪنهن به تاريخ ۾ ڪونه ٿا ملن. ڪتاب ۾ 1259هه مطابق 1843ع تائين جا واقعات آهن. ڪتاب کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي؛ پهريون حصو (25 ورق) تيمور کان وٺي 1216هه تائين، ۽ ٻيو حصو (25 تا 73 ورق) تاريخ سنڌ تي، از ابتدا تا تسلط برطانوي (1843ع). انهيءَ تاريخ جو هڪ نسخو پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ موجود آهي، جنهن جي ڪتابت جي تاريخ 26 جمادي الثاني 1292هه آهي.

(58) تڪملئه مقالات الشعرا_ مصنف، محمد ابراهيم صديقي نقشبندي ٺٽوي، تخلص ”جليل“ ۽ ”سودائي“ (متوفي 1316هه).
هي تذڪرو ”مقالات الشعرا“ جو تڪملو آهي، ۽ سنڌ جي ادبي تاريخ جي چوٿين ڪڙي آهي. هن تذڪري ۾ 72 شاعرن جو ذڪر آهي. آخري ٽالپري دؤر ۽ ابتدائي برطانوي دﺆر جا سڀئي ممتاز فارسي گو شاعر هن تذڪري ۾ اچي ويا آهن. ڪتاب ۾ 618 ورق آهن. شاعرن جي سلسلي ۾، ضمناً تاريخي واقعا به اچي ويا آهن. هن تذڪري جي هڪ ڪاپي پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ آهي؛ ۽ ٻي ڪاپي جناب خالدي ٺٽويءَ وٽ ٻڌجي ٿي.

(59) لب تاريخ سنڌ_ مصنف، خانبهادر خدا داد خان بکري_ تصنيف 1318هه.
فارسي زبان ۾، سنڌ جي تاريخ تي هي آخري ڪتاب آهي، جو 1318هه مطابق 1900ع تائين جو احوال ٻڌائي ٿو. مصنف، انگريز سرڪار جو ملازم ۽ جاگيردار هو. فارسي ادب ۽ سنڌ جي تاريخ سان مرحوم کي خاص دلچسپي هئي، ۽ هن مختلف عنوانن تي ڪيئي ڪتاب لکيا. سنڌ جي قديم تاريخي ڪتبن کي هن صاحب ٻن ضخيم جلدن ۾ مرتب ڪيو هو. ليڪن افسوس آهي، جو ٻيئي جلد گم ٿي ويا؛ اڄ انهن ڪتبن مان ڪيترا ڪتبا بنهه گم ٿي ويا آهن. هن تاريخ ۾ ڪيئي خاص واقعا مصنف پنهنجي ذاتي معلومات جي بناء تي لکيا آهن، جيڪي ٻئي ڪنهن به ڪتاب مان ملي ڪونه سگهندا.
”لب تاريخ سنڌ“، 1900ع ۾، امرتسر مان شايع ٿي آهي، مگر ڇاپي نسخي ۾ پروف جون اڪيچار غلطيون آهن، خاص طرح تاريخن ۽ سالن ۾.

(60) پل نامه_ مصنف، خانبهادر خدا داد خان بکري_ تصنيف 1307هه.
”لب تاريخ سنڌ“ جي مصنف، هن ڪتاب ۾ لينسڊائون پل سکر واريءَ جي افتتاح جو احوال لکيو آهي. ڪتاب ننڍيءَ سائيز جي 64 صفحن تي آهي، ۽ 1307هه مطابق 1890ع ۾ ڪراچيءَ مان شايع ٿيو آهي. انهيءَ مختصر ڪتاب ۾ مصنف ڪوئٽيا جي سفر جو احوال به ڏنو آهي.

(61) جام جهان نما_ مصنف، مخدوم محمد عاقل کهڙوي_ (متوفي 1337هه).
هي ڪتاب ٽن جلن ۾ آهي، آخري جلد سنڌ جي تاريخ تي آهي. مصنف هڪ عظيم المرتبت بزرگ خاندان مان هو، ۽ پاڻ به وڏو عالم دين هو. سندس گهراڻو ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي زماني ۾ وڏي مذهبي اقتدار جو مالڪ هو.
هن ڪتاب ۾ ڪيئي نادر واقعا درج آهن؛ ان کانسواءِ تاريخي، سياسي ۽ ملڪي حالات سان گڏ اسان کي انهيءَ دؤر جي مذهبي ۽ روحاني تحريڪن ۽ ماحول جو به هن تاريخ مان پتو پوي ٿو.
ڪتاب جو فقط هڪ ئي نسخو موجود آهي، جيڪو مصنف جي خاندان جي موجوده سجاده نشين صاحب وٽ آهي.

(62) تذڪره مخاديم کهڙا_ مصنف، مخدوم الهه بخش بن مخدوم محمد عاقل کهڙوي.
هي تذڪرو، مخدوم کهڙن جي پوري خاندان جي حالات ۾ آهي. ٽالپري ۽ ڪلهوڙه عهد جي تاريخي واقعات تي به هن مان روشني ملي ٿي. ڪتاب جو اصل نالو آهي ”فوزالاخلاف من فيض الاسلاف.“ مصنف، ”جام جهان نما“ جي مصنف جو فرزند آهي. مون وٽ جيڪو نسخو آهي، سو منهنجي ڀاءُ علي محمد راشديءَ جو نقل ڪيل آهي، ۽ 323 فلسڪيپ پنن تي آهي.
هي سڀ اهي ڪتاب آهن، جيڪي دستياب ٿي سگهن ٿا، يا معلوم ٿي سگهيا آهن. سنڌ جي ذاتي ڪتبخانن جي جيڪڏهن سروي ڪئي ويندي ته ممڪن آهي ته اڃا به ڪيئي ڪتاب، سنڌ جي تاريخ سان تعلق رکندڙ، لڀي پون. ان کانسواءِ بزرگن جي ملفوظاتن، بياضن ۽ مڪتوباتن جو سنڌ ۾ اکٽ خزانو موجود آهي. جيڪڏهن ملڪ جو جائزو ورتو ويندو ته انهيءَ قسم جي ذخيري جو به خزانو هٿ لڳي ويندو، ۽ اسان جي وطن جي تاريخ جون سڀ گم ٿيل ڪڙيون ملي وينديون. سنڌ ۾ شاهي دستاويزن ۽ فرمانن جو به هڪ وڏو ذخيرو آهي؛ انهن جي جانچ پڙتال ۽ دستيابي به ضروري آهي.
سنڌ جي سرحد، ڪنهن زماني ۾، ملتان تائين رهي آهي؛ هيڏانهن بلوچستان به سنڌ جو هڪ حصو هو؛ اُچ ۽ بهاولپور به سنڌ جو هڪ جزو هئا. بهاولپور جا حاڪم خود، شڪارپور ۽ لکيءَ جا، ڪلهوڙن جي دﺆر ۾، زميندار هئا، ۽ پوءِ لڏي وڃي اها حڪومت قائم ڪيائون. انهيءَ خاندان جي ابتدائي تاريخ کي خود سنڌ جي تاريخ سان تعلق رهيو آهي، جنهنڪري بهاولپور جي تاريخ کي گويا سنڌ جي تاريخ جو ضميمو سمجهڻ گهرجي.
انهيءَ بناء تي مان بهاولپور جي ابتدائي تاريخن جو، مضمون جي هن ئي حصي ۾ ذڪر ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان، ۽ سلسلي کي قائم رکڻ خاطر، بلوچستان جي ابتدائي تاريخن کي به هتي ئي آڻيان ٿو.

(63) مرات دوات عباسيه_ مصنف، لاله دولت راءِ ابن عزت راءِ_ تصنيف 1227هه.
مصنف جو والد، نواب محمد مبارڪ خان جو ملازم هو. بهلول خان ثانيءَ جي زماني (1186_1224هه) ۾، مصنف دربار سان وابسته ٿيو. ڪجهه ڏينهن پڄاڻان نوڪري ڇڏي ملتان ۾ وڃي مقيم ٿيو. پوءِ مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان جي دؤر ۾ ٽالپري دربار ۾ اچي شريڪ ٿيو، ۽ ڪجهه عرصي بعد، محمد صادق خان جي دؤر ۾ (1224_1241هه)، وري وڃي بهاولپور جي دربار ۾ پهتو، جتي 1246هه ۾ سندس انتقال ٿيو.
هيءَ تاريخ، مصنف، 1224هه ۾، شروع ڪئي ۽ 1227هه ۾ لکي ختم ڪئي. ڪلهوڙن جي دور ۽ ميرن جي صاحبيءَ جو هن ۾ سربستو احوال آهي. پڻ ڪلهوڙن ۽ دائود پوٽن جي معاملات تي هن مان خاص مواد ملي ٿو.
1851ع ۾، هيءَ تاريخ، 476 صفحن تي، دهليءَ مان شايع ٿي، ليڪن اهو نسخو اڄڪلهه ناپيد آهي.

(64) تاريخ بهاول خان_ مصنف، وڏيرو جان محمد خان مارفاڻي. بهاول خان اول (1186_1224هه) جي سوانح ۾ هي ڪتاب لکيو ويو آهي. ان ۾ ڪلهوڙن جي دور ۽ دائود پوٽن جي تاريخ تي ڪافي مواد ملي ٿو.

(65) مقصود اعظم _ مصنف، محمد اعظم اسدي الهاشمي.
هي ڪتاب، محمد صادق خان والي بهاولپور جي سوانح تي آهي. ليڪن ضمناً خانداني احوال جي دوران ۾ منجهس سنڌ جو ذڪر به اچي ٿو. برٽش ميوزيم ۾ ان جو هڪ نسخو 5885 O. R. نمبر تي موجود آهي.

(66) خلاصه تاريخ عباسيه_ مصنف، نامعلوم_ تصنيف، 1241هه کان اڳ.
ڪتاب، هڪ مقدمي ۽ ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ سلطان احمد ثانيءَ کان وٺي مبارڪ خان جي وفات تائين جو ذڪر آهي، ٻئي ڀاڱي ۾ محمد بهاول خان ثانيءَ جو (1186_1224هه) احوال آهي، ۽ ٽئين حصي ۾ محمد صادق خان جي (1224_1241هه) سوانح آهي.

(67) اقبال نامه سعادت آيات_ مصنف، محمد اعظم بن مولوي محمد صالح اسدي الهاشمي فاروقي.
مصنف، محمد صادق خان جي ٻئي سال (26_1225هه) ۾، بهاولپور جو سفير ٿي حيدرآباد ۾ آيو. نواب کي، ان زماني ۾، ٽالپرن جي طرفان، بهاولپور ۽ ملتان تي حملي جو خطرو هو. هن تاريخ ۾، 1230هه کان وٺي 1241هه تائين جو احوال آهي، ۽ سنڌ جو ضمناً منجهس ڪافي ذڪر آهي.

(68) تاريخ بهاولپور_ مصنف، مبارزالدوله پير ابراهيم خويشگي قصوري.
مصنف، 1794ع ۾ پيدا ٿيو. 1817ع ۾، رنجيت سنگهه وٽ ملازم ٿيو. اتان جلدئي طبي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ دهليءَ ويو، ۽ 1837ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ملازمت ۾ داخل ٿي، بطور ايجنٽ جي، بهاولپور ۾ آيو. پهرين سکن واريءَ لڙائيءَ ۾ ڪيترائي نمايان ڪم سرانجام ڪيائين، خلعت ۽ خانبهادري انهيءَ صلي ۾ حاصل ڪيائين. 1848ع ۾، بهاولپور کان فوج وٺي مسٽر هربرٽ ايڊورڊ جي امداد لاءِ ملتان ويو، جنهن ”A year on the Punjab frontier“ ۾ سندس ڏاڍي واکاڻ ڪئي آهي. 1851ع ۾، لنڊن ويو جتان 1852 ۾ بيمار ٿي واپس وريو. بهاولپور پهچڻ تي کيس مبارزالدوله جو خطاب مليو. 1856ع ۾ سندس انتقال ٿيو.
ڪيپٽن ڪنهنگام جي فرمائش تي، هن هيءَ تاريخ مرتب ڪئي، جنهن جو ترجمو، شهامت عليءَ، 1848ع ۾، انگريزيءَ ۾، لنڊن مان شايع ڪيو. سنڌ جي تاريخ تي ان ۾ چڱو مواد ملي ٿو.

(69) جواهر عباسيه_ مصنف، محمد اعظم بن مولوي محمد صالح الهاشمي الفاروقي.
بهاولپور جي هيءَ تاريخ، 1809ع ۽1830ع جي درميان، لکي ويئي؛ ”مراة دولت عباسيه“ تان مواد حاصل ڪيو ويو آهي؛ ڪتاب 471 صفحن ۾ آهي، ۽ اڻ لڀ آهي؛ مولانا غلام رسول مهر وٽ هڪ نسخو آهي.

(70) ڪيچ نامو_ مصنف، ڪمالان بن مير هاشم گيچگي (پنج کور).
هيءَ ڪيچ مڪران جي تاريخ آهي، جنهن ۾ ٽالپرن جو احوال ۽ برطانوي تسلط جو به ذڪر آهي.
انهيءَ مصنف جو ٻيو ڪتاب ”لفظ بلوچستان“ نالي آهي، جنهن کي هن 8 رجب 1290هه ۾ لکي پورو ڪيو. ان ۾ هن بلوچي لفظ گڏ ڪيا آهن. ”ڪمالان“، ”ڪمال خان“ جو بگاڙ آهي. مصنف، امير هاشم جو پٽ هو، جو ملڪ دينار جي چوٿين پيڙهيءَ ۾ هو. امير هاشم جو قبضو ڪيچ ۽ مڪران تي هو، ۽ مير نصير خان والي قلات جي هٿان ماريو ويو.
ڪيچ نامي جو هڪ نسخو، برٽش ميوزم ۾ (1660 O. R. نمبر تي) آهي؛ ننڍيءَ سائيز جا 118 ورق اٿس. ڪمالان اها تاريخ مسٽر Ross جي فرمائش تي لکي، بمبئي جاگرافيڪل سوسائٽيءَ جي 18 جلد جي61 صفحي تي هڪ نوٽ ان متعلق آهي.

(71) تذڪره سلاطين ڪيچ و مڪران_ مصنف، حاجي عبدالنبي افغان.
مصنف کي پهرين افغان ويڙهه ۾ (1838ع)، ڪپتان ليچ، قلات کان مڪران ڏانهن، اتان جي حالات معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو. سندس تحقيقات جو مضمون، 1844ع جي ايشاٽڪ سوسائٽي، بنگال جي رسالي ۾ ٻن قسطن ۾ شايع ٿيو. سندس هڪ سفرنامو به موجود آهي.
هن تذڪري ۾ ڪيچ ۽ مڪران جي سلطانن جو ذڪر آهي. سنڌ جي تاريخ تي به جسته جسته روشني پوي ٿي. ان جو هڪ نسخو انڊيا آفيس ۾ 303 نمبر تي آهي.
بلوچستان جي سلسلي ۾ هيٺيان چند ڪتاب به ضروري آهن، جن جو اطلاع جناب مولائي شيدائيءَ جي مضمون (الوحيد 14 آگسٽ 1954) مان پوي ٿو:

(72) هوتمان جو قصيدو_ هن قصيدي ۾، پورچو گيزن ۽ ڪلمتي بلوچن جي بحري لڙائيءَ جو احوال آهي. پورچو گيزن، ميرزا عيسي جي زماني ۾، ٺٽي کي به ڪاهه ڪري تباه ۽ برباد ڪيو هو، ۽ 1581ع ۾، مڪران جي پسني بندر سان به ساڳي ڪار ڪيائون. هن قصيدي ۾ بلوچن جي جوانمرديءَ ۽ بهادريءَ جي ساراه ڪيل آهي، جن پامرديءَ سان دشمن جو مقابلو ڪيو.

(73) جنگ نامو_ مصنف، قاضي نور محمد گنج آبدي.
هيءَ منظوم تاريخ 226 صفحن تي آهي. مصنف، مير نصير خان واليء قلات سان هم رڪاب هو، جڏهن هو صاحب، احمد شاه ابداليءَ سان گڏ، پنجاب جي سکن سان لڙائي ڪرڻ ويو. قاضي نور محمد، شاه فقيرالله علويءَ جو معاصر هو.
هن ڪتاب جو هڪ نسخو قلات جي شاهي ڪتب خاني ۾ موجود آهي.

(74) بلوچي نامو_ مصنف، آخوند محمد صديق.
هيءَ، خدا داد خان واليء قلات جي خاندان جي تاريخ، قديمالايام کان وٺي مصنف جي زماني تائين، آهي. مولائي شيدائيءَ جو قول آهي ته بلوچي تاريخ ۾ هن ڪتاب کي اهوئي درجو حاصل آهي، جيڪو تحفـﺔ الڪرام کي سنڌ جي تاريخ ۾. تاريخ جو هڪ نسخو خان قلات جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي.

[”مهراڻ“، سيارو، 1955ع]

________________________________________
* هي مضمون پهريائين اردو زبان جي رسالي ”رياض“، ڪراچيءَ ۾ ڇپيو، اُن جو سنڌي ترجمو جناب ”اياز“ قادريءَ ڪيو، ۽ مصنف جي نظرثانيءَ ۽ اضافي بعد، ”مهراڻ“، سيارو، 1955ع ۾، شايع ٿيو.
(1) مير ابوالقاسم لمڪبن ۽ سندس خاندان تي، منهنجو مفصل مضمون پڙهڻ گهرجي، مير ابوالقاسم چو انتقال 1018هه ۾ ٿيو، سندس خاص ۽ خوشنما قبرستان، روهڙيءَ ۾ درباهه جي ڪنارن تي آهي، جنهن کي ”ستين جو ٿانُ“ سڏيو وڃي ٿو.
\

سنڌ جي تاريخ جا ماخذ ۽کوجنا لاءِ پيدا ٿيل دقتون

عزيز دوستو!
توهان هن جلسي ۾ ڪافي عالمانه تقريرون ٻڌيون آهن، ۽ مان سمجهان ٿو ته انهن مسئلن جي وڌيڪ اپٽار ڪرڻ غير ضروري آهي. مون کي چند ڳالهيون عرض ڪرڻيون آهن، جيڪي موجوده حالتن تي روشني وجهن ٿيون.

ڪتبخانن سان ستم ظريفيون
اسان جي ڪتبخانن متعلق مولانا غلام محمد ’گرامي‘ ۽ ڊاڪٽر محمد علي قاضيءَ جي مقالن جو سمورو دارومدار هن نُڪتي تي هو ته اسلام، علم ۽ ڪتاب جي احترام لاءِ ڪيڏو نه تاڪيد ڪيو آهي، ۽ ان متعلق اوهان کانئس اهي سڀ اقوال، تاريخي اسناد ۽ آيتون پڻ ٻڌيون. آءُ سمجهان ٿو ته اها بلڪل حقيقت آهي ته اسان سڀيئي اسلام جي عمل کان روگرداني ڪري چڪا آهيون. اهو ملڪ، جيڪو اسلامي تعليم ۽ اساس تي وجود ۾ آيو، تنهن ۾ ڪتابن ۽ ڪتبخانن سان جيڪا روش اختيار ڪئي وڃي ٿي، سا نهايت شرمناڪ آهي. اهي حال ڏسندي، جڏهن اسان جا مخالف چون ٿا ته اسڪندريه جو ڪتبخانو حضرت عمر جي حڪم سان سڙيو، ته ان الزام جي ترديد لاءِ اسان وٽ ڪهڙو دليل آهي؟
توهان هتي روز اهڙا وقعا ڏسندا رهو ٿا ته جيڪڏهن ڪاوڙ مون تي آهي، ليڪن انتقام منجهن ڪتابن کي ساڙي ورتو وڃي ٿو. مون کي ياد آهي ته لاهور ۾ هڪ هندو عالم وٽ اقتصاديات جي موضوع تي دنيا جي مڪمل ترين لئبريري هئي. مسلمان انهيءَ لئبريريءَ کي ساڙڻ لاءِ تيار ٿيا، جنهن تي انهيءَ هندو عالم چيو ته آءُ اها لئبريري پاڻ سان گڏ هندستان کڻي ڪونه ٿو وڃان، اها پاڪستان جي ئي ملڪيت آهي، توهان کي ايڏو يڪجا ٿيل علمي سرمايو وري هٿ نه ايندو، تنهنڪري ان کي نه ساڙيو. مسلمانن چيو ته انهيءَ کي ڪافرن ۽ پليتن جا هٿ لڳل آهن، سو اُهو اسان ضرور ساڙينداسون. آخر لکن جا قيمتي ڪتاب ساڙي ڍير ڪيا ويا! توهان ڏسو ته ڪلام مجيد، رسول ۽ ٻين بزرگن جي تعليمات جي باوجود، اسان ماڻهن ڪتابن سان ڪهڙو حشر ڪيو آهي!
اجهو اڄوڪيءَ اخبار ۾ اوهان پڙهيو هوندو ته پنڊيءَ ۾ برٽش ڪائونسل جو ڪتبخانو ساڙيو ويو آهي! اسان جا نوجوان الائي ڇا تي ٿا ڪاوڙجن، جو ڪتاب جلائيندا ٿا وتن! کين سوچڻ گهرجي ته آخر ڪتابن ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟ اسان جا نوجوان مون تي يا غلام مصطفﻰ شاهه تي ڪاوڙجن ٿا، ته باهه سنڌالاجيءَ کي ٿا ڏين! مطلب اهو ٿيو ته جنهن ڳالهه جو قرآن شريف جي پهرين ٽن لفظن ۾ تاڪيد ڪيو ويو آهي، انهيءَ جي تحقير ڪرڻ ۽ ان کان انحراف ڪرڻ، اسان پنهنجي ۽ پاڪستان جي ڪردار جو ڄڻ بنيادي اصول ٺاهي ڇڏيو آهي!
سنڌ ۾ اسلام ۽ پاڪستان کان اڳ جيڪي ڪتبخانا هئا، سي هينئر ڪٿي آهن؟ مثلاً فريئر هال لئبريري، ميونسپل لئبريري، ڪراچيءَ جي ڪمشنر لئبريري، وغيره. ازين قسم سنڌ جا جيڪي به ٻيا ڪتبخانا هئا، سي ڪيڏانهن ويا؟ اُنهن جو ڪهڙو حشر ٿيو؟ جيڪڏهن اسان کي واقعي اسلامي تعليم ۽ اساس تي ملڪ ٺاهڻو هو ته پوءِ مولانا غلام محمد گراميءَ ۽ ڊاڪٽر محمد علي قاضيءَ جيڪي حديثون ۽ قرآن جون آيتون اسان کي ٻڌايون، يا بزرگن جا اقوال پيش ڪيا، تن جو ڪو اثر هتي ڏسڻ ۾ ڇو نٿو اچي. تنهن جو مطلب اهو ٿيو ته علم سان اسان جي شوق ۽ دلچسپيءَ جي دعوي محض پروپئگنڊا آهي.
آءُ اوهان کي ڪيترا واقعا ٻڌايان ته ڪتابن جي تذليل ٿيندي رهي آهي! آءُ سمجهان ٿو ته توهان اڳيان اُن جي وضاحت جي ضرورت ڪانهي ته مسلمان فاتحن جي اچڻ کان اڳ اسان جي سنڌ ۾ جيڪو علم جو ذخيرو هو، سو ڪيڏانهن ويو!
جنهن ملڪ جي کنڊرن جي کوٽائيءَ مان نڪتل تهذيبي اهڃاڻن تي پڙهيل لکيل دنيا اوچو ڳاٽ ڪري انهن جا مثال ڏئي ٿي، آيا اها متمدن قوم، جنهن اهي شهر ٺاهيا، ڊرينيج ٺاهيا، نقشا ٺاهيا، اُنهن وٽ ڪو ڪتاب ڪونه هو؟ انهن وٽ شاعري ڪانه هئي؟ انهن وٽ تاريخ ڪانه هئي؟ آخر اهو سمورو علمي ذخيرو ڪيڏانهن ويو؟ آءُ سمجهان ٿو ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اسان جي اکين اڳيان جيڪي حالتون آيون آهن، انهن کي ڏسندي اسان کي انهيءَ مسئلي جي وڌيڪ تشريح ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪانهي ته اهو علم ڪيڏانهن ويو! اسان محض مفروضن ۽ نعرن تي هلون ٿا، مگر اسان جي سامهون جيڪي حقائق آهن، انهن تي اسان ڪڏهن به غور نه ڪيو آهي. مولانا گراميءَ مثال ڏنو ته جڏهن لنڊن ۾ ڌُوڙ پئي وَسِي، تڏهن آشبيليه (اسپين) ۾ ٽي لک ڪتاب هئا. جيڪڏهن اوهان جي پرکڻ جو اهو معيار آهي ته پوءِ هن وقت غير مسلم آسمان تي اُڏامي رهيا آهن ۽ مسلمانن کي قميص جو ڪالر به ٺاهڻ نٿو اچي، ته اها ساڳي شيءِ هاڻي مثال طور نٿي ورجائي سگهجي؟ تنهنڪري پرک جو معيار شرافت، نجابت ۽ علم سان شوق تي قائم ڪرڻ گهرجي، ائين نه ته منجهن ابن ڏاڏن ڇا ڪيو. سوال هي آهي ته جيڪو ملڪ توهان ٺاهيو، ان کي ۽ توهان واري اسلامي ڪردار کي ڏسي، ٻيا ماڻهو اسان جي شرافت ۽ نجابت تي ڪهڙيءَ ريت مائل ٿيندا؟

موهن جو دڙو
الانا صاحب شڪايت ڪئي آهي ته سنڌ ۾ نالا بدلايا پيا وڃن، ۽ موهن جي دڙي بابت اڃا اصلي نالي جو فيصلو ڪونه ٿيو آهي. مون کي ياد آهي ته مان 1925ع ۾ پنهنجي والد سان گڏجي موهن جو دڙو گهمڻ ويو هوس، جڏهن ان جي کوٽائيءَ کي ٻه_ٽي سال ٿيا هئا. مون ان وقت به ”موهن جو دڙو“ نالو ٻڌو هو. اسان وٽ هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ڪشمڪش پيدا ٿي، تڏهن سمجهيوسين ته اهو ’موهن‘، جيڪو هندڪو نالو آهي، تنهن کي مشرف به اسلام ڪري ’موئن‘ جو نالو رکجي، تنهنڪري اسان انهيءَ تي ”موئن جو دڙو“ نالو رکيو. هي وقت اهو هو جو جذباتي مسلمانن جو مسٽر ڄيٺمل پرسرام سان مقابلو هو، ليڪن انهيءَ کان پوءِ اسان کي تاريخ مسخ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت پيش آئي؟ جيئن ٻين ٻولين ۽ اردوءَ وارن وٽ اسان جي زبان جو صحيح تلفظ ادا ٿي نٿي سگهيو، ان ڪري ’موهن‘ جو لفظ ’معين‘ ٿي ويو. هاڻي ان کي انگريزيءَ ۾ لکو ته اسپيلنگ ’معين‘ ٿيندي، يعني معين الدين اجميريءَ يا ٻئي ڪنهن جو دڙو! مان نٿو سمجهان ته اهو تلفظ صحيح آهي، ڇاڪاڻ ته موهن قوم آهي، موهن نئن آهي، موهن ديهه آهي، موهن قلعو آهي. نالن کي مٽائي تاريخ کي مسخ ڪرڻ جي سلسلي ۾ اسان انتهائي ڪوشش ڪئي آهي! آءُ دعوي سان چوان ٿو ته اسان ڪوبه تاريخي نالو ۽ تاريخي آثار اصلوڪيءَ صورت ۾ ڪونه ڇڏيو آهي. مثلاً برهمڻ آباد تي ’منصوره‘ نالو رکي پوءِ ان کي کوٽيو ويو. ڀنڀور_ جنهن سان سسئي ۽ پنهونءَ جو عظيم رومانوي داستان وابسته آهي_ ان کي به کوٽڻ وقت ’ديبل‘ جو لقب ڏنو ويو!
منهنجا دوستو! هاڻي انهيءَ قهر ۽ غضب جي حالت ۾ توهان مون کان پڇو ٿا ته سنڌ ۾ تاريخ جون مشڪلاتون ڪهڙيون آهن، جي مان توهان کي ٻڌايان؟


سنڌالاجي
الانــــا صـــــاحـــــب پـــــنــهــنــجي اداري سنــــــڌالاجــــيءَ جـــــــو بـــيــــان ڪــــنـــدي، هــــزان تـــائـيـن ڪــارڊن جــــو تعداد ٻــڌائـــي، ان ۾ ’اگر‘، ’مگر‘ ۽ ’انشاالله‘ جو لفظ به ڳنڍي ڇڏيو آهي. تنهن جو مطلب اهو ٿيو ته هي به ڄڻ ڪراچيءَ وارو اردو ترقي بورڊ ٿيو، جيڪو 13_14 سالن کان لغت لکي رهيو آهي، جنهن تي ڇٽيهه لک رپيا خرچ ٿيا آهن، ليڪن هيلتائين ان جو هڪ ورق به نه ڇپيو آهي. پوءِ به ائين ٿو چيو وڃي ته اٺ لک رپيا خرچ آيو آهي ۽ ويهه جلد تيـــــار ٿــــيــــا آهــــن. الانــــا صـــــاحــــب! جـــيــڪڏهــــن تـــــوکـــي بـــــه انهيءَ جي تلقيد ڪرڻي آهي ته پوءِ ’سائين‘، ’قبله‘، ’حضرت‘ غلام مصطفيٰ شاهه جي نالي وٺڻ سان تنهنجي جان نه ڇٽندي. تون سنڌ اڳيان جوابدار رهندين. ڇاڪاڻ ته تنهنجي حوالي هڪ اهڙو ادارو آهي، جنهن اداري تي مستقبل جو مدار رهي ٿو.

تاريخ جي کوجنا لاءِ دقتون ۽ ’سورس بوڪ‘
منهنجا دوستو!
تاريخ جي سلسلي ۾ اسان وٽ تمام گهڻا مسئلا آهن. پهريائين توهان کي ياد رکڻ کپي ته اسين پاڪستان ۾ اها تنها قوم آهيون، جنهن قوم جي تاريخ تي عربيءَ کان وٺي فارسي، انگريزي، سنڌي، توراني ۽ عبرانيءَ ۾ هزارين ڪتاب لکيا ويا آهن، ۽ اهي ’سورس بڪ‘ آهن. مون پنهنجي سِر ڪوشش ڪئي آهي ته پهريائين ’سورس بڪ‘ شايع ڪجن. جڏهن توهان سنڌ تي ڪجهه لکو ٿا ۽ توهان وٽ ’سورس بڪ‘ ناهن، ته پوءِ آخر ڇا تي تاريخ لکندﺆ؟ جيڪڏهن فرضي قصا ۽ ڏند ڪٿائون ٺاهي لکندﺆ ته اها ڪا تاريخ نه چئبي. مون ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌ تي فارسي زبان ۾ جيڪي ’سورس بڪ‘ آهن، سي اول شايع ڪجن، جن جي آڌار تي آئنده تاريخ لکي وڃي. مون کي خوشي آهي ته اهڙن سوَن ڪتابن منجهان مکيه 15_16 ڪتاب اسان شايع ڪري سگهيا آهيون. انهن ڪتابن لکندي اسان نئون سائنسي طريقو اختيار ڪيو آهي، جنهن موجب جيڪي توهان جي قوم جا مجرم آهن، جن توهان کي پيڙيو آهي، جن توهان تي ظلم ڪيا آهن، ۽ جن توهان جو استحصال ڪيو آهي، سي اسان ننگا ڪري کڙا ڪيا آهن. اسان تاريخ نويسيءَ جو اهو نئون معيار قائم ڪيو آهي جو ساڌ ۽ چور کي هڪٻئي کان جدا ڪري بيهاري ٿو. مون کي خوشي آهي ته ٻين صوبن جي مقابلي ۾، سنڌ ۾ تاريخي مواد گهڻو آهي. تاريخ ۽ ادب جي سلسلي ۾ سنڌ هميشه حساس رهي آهي، ڇاڪاڻ ته هيءَ نهايت قديم، متبرڪ ۽ متمدن، ۽ تهذيب، ادب ۽ علم جي سرزمين رهندي اچي ٿي، ۽ اهوئي ورثو اسان تائين پهچندو رهي ٿو.

سنڌ يونيورسٽي لئبريري
منهنجي دوست ڊاڪٽر محمد علي قاضيءَ پنهنجي مقالي ۾ تعريف ڪئي آهي ته ڪتبخانن کي ڪيئن ٺاهجي.
علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب مرحوم جڏهن لنڊن ويو هو، تڏهن مون مغلن جي تاريخ تي چئن جلدن ۾ هڪ ڪتاب گهرايو هو. 10_15 سالن کان پوءِ، جڏهن ”ترخان نامه“ پئي ايڊٽ ڪيم، تڏهن مون کي مذڪور ڪتاب جي ضرورت پيئي. توهان يقين ڪندﺆ ته مون کي اُها اڻ ڪَٽيل ڪاپي ملي، جنهن جي اڃا جلد بندي به نه ٿي هئي، ۽ جا ڪنهن ماڻهوءَ به نه پڙهي هئي. اڄ قاضي صاحب مرحوم جا گڏ ڪيل بهترين ڪتاب، يونيورسٽيءَ لئبريريءَ ۾ اُڏوهيءَ ۾ کاڄي رهيا آهن، ۽ انهن جي حفاظت لاءِ ڪو مناساب بندوبست نه ٿيو آهي!
اسان جو سائين غلام مصطفيٰ شاهه بيحد جري، بهادر ۽ منتظم آهي ۽ هُن سنڌ يونيورسٽيءَ کي ترقي ڏياري گويا جيئرو ڪيو آهي. اسان تي سندس وڏا احسان آهن. ليڪن هُن يونيورسٽيءَ ۾ مسجد پهريائين ٺهرائي ۽ ڪتبخانو اڄ ڏينهن تائين ٺهي راس نه ٿيو آهي. حالانڪ هر گهر، رستي، سڙڪ، جتي وقت اچي، اُتي نماز پڙهي سگهجي ٿي، اُن لاءِ ڪا پابندي ڪانهي....
منهنجا سائين! وڏين ۽ عظيم الشان جاين ٺهرائڻ سان ڪابه قوم تهذيب يافته نه سڏبي آهي. اِهي بلند ۽ بالا عمارتون سيٺ دائود به ٺهرايون آهن، توهان جي يونيورسٽيءَ ۾ علم جا عالم پيدا ٿيڻ کپن. اسان کي ڪلارڪن، ماسترن ۽ مُنشين جي ضرورت ڪانهي، اسان کي عالمن جي ضرورت آهي. مون يونيورسٽيءَ کي ان ڪري موضوع بنايو آهي، جو اِها سنڌ ۾ آهي ۽ اُن تي ئي اسان جي آئنده نسل جي موت ۽ حيات جو دارومدار آهي. تاريخ دان ۽ مورخ قسم جا محقق سڀ يونيورسٽين مان ئي پيدا ٿين ٿا..... سنڌ يونيورسٽيءَ اهڙا اُستاد ۽ روحاني بزرگ ته گهڻائي پيدا ڪيا آهن، قبرن تي وڃي ڪشف جي ذريعي حال معلوم ڪن ٿا. ۽ اِهو به ضروري آهي ته مون کي جڏهن ضرورت ٿيندي ته عيسيٰ ترخان جو چهرو ڏسان يا مرزا باقي ظالم جو چهرو ڏسان ۽ اُن جي هيئت معلوم ڪريان ته پوءِ اُن لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جو هڪ اُستاد وٺي وڃي سگهان ٿو! اِهو بيحد نفيس طريقو اختيار ڪيو ويو آهي!

سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ علم جو معيار
اِهو اسان جو رڪارڊ اَٿو ته گذريل پنجويهن سالن ۾، سواءِ غلام علي الانا جي، اسان سنڌي زبان ۾ ڪوبه ڊاڪٽر پيدا نه ڪيو آهي، ۽ انهيءَ تي توهان کي خوش ٿيڻ گهرجي ته علم جو ايڏو اعليٰ معيار اوهان کي حاصل ٿي ويو آهي، ۽ ائين توهان علمي دنيا جي مقابلي ۾ به اچي سگهو ٿا!
اهو به اسان جو رڪارڊ اٿو ته پئسن تي ٿيسز لکائي پيش ڪندڙ يونيورسٽيءَ جي ٻين شعبن مان ڊاڪٽريٽ جون ڊگريون وٺي ويا. مون وٽ ثبوت آهي ته اُهي ٿيسز پئسن تي ڪراچيءَ مان لکايل اٿن. جيڪڏهن اوهان انهن مقالن جا عنوان ڏسندﺆ ته خدا شاهد آهي ته ڪنهن به ڪم جا ڪونه آهن. جيڪڏهن سنڌ يونيورسٽي، جيڪو اسان جو واحد ادارو آهي، انهيءَ نموني سان غلط استعمال ٿيندي رهندي ته پوءِ اهو ماتم جو مقام آهي. ڪراچيءَ ۾ اسان کي موچڙا ٿا لڳن، پنجاب ۾ داخل ٿيڻ نٿا ڏين، پشاور وارا پٺاڻ رپئي تي اَٺ آنا وياج ٿا وٺن ۽ ڪوئيٽا ۾ يونيورسٽي ٺهي نه آهي ۽ جي ٺهي آهي ته ان جو پتو ناهي__ فقط اسان وٽ سنڌ يونيورسٽي آهي. جيڪڏهن انهيءَ ۾ به اها حالت آهي ته پوءِ آءُ سائين غلام مصطفيٰ شاهه کي عرض ٿو ڪريان ته منهنجا سائين! تون هڪڙو دفعو آيو آهين، وري نه ايندي، هاڻي توکي خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. يونيورسٽيءَ ۾ حسام الدين ۽ غلام مصطفيٰ پارا بار بار ڪونه ايندا. توکي جيڪڏهن ڪم ڪرڻو آهي ته تون اسان کي 10_15_20_25 عالم ۽ پڙهيل ڪڙهيل ماڻهو ڏي....
سنڌ يونيورسٽيءَ جي هڪڙيءَ خاتون مون کي لکي موڪليو هو ته آءُ جنهن موضوع تي ڊاڪٽريٽ جي گري وٺڻ گهران ٿي، منهنجو اُستاد انهيءَ علم مان ڄاڻي ئي ڪونه ٿو. اهو هڪ شرمناڪ واقعو آهي. مون اهو خط غلام مصطفيٰ شاهه کي ڏيکاريو آهي.

اهل سنڌ جي تاريخ سان بي توجهي
رباني صاحب فرمايو آهي ته سنڌ ۾ تاريخ نوسيءَ جون جيڪي مشڪلاتون آهن، سي مان توهان کي ٻڌايان.
تازو ”مهراڻ“ رسالي ۾ ”ٺٽي جي آڳاٽي جاگرافيءَ“ تي منهنجو هڪ مضمون ڇپيو آهي*. ماڻهن ان مقالي کي ايترو پسند ڪيو آهي، جو انهيءَ رسالي جي بورڊ ۾ هڪڙي ڪاپي به موجود ڪانهي. علم وارن ماڻهن ان مقالي کي ڏاڍو پسند ڪيو آهي، ليڪن هڪڙي ماڻهوءَ کي شڪايت آهي ته ايڏي طويل مقالي تي ايترو خرچ ڇو ڪيو ويو آهي. اِها آهي سان جي ماڻهن جي سنڌ جي تاريخ سان دلچسپي! خاص ڪري انهن ماڻهن جي، جيڪي صاحبِ اقتدار آهن. جيڪڏهن صاحبِ اقتدار ماڻهن جي پنهنجن ابن_ڏاڏن جي تاريخ سان دلچسپيءَ جو اهو حال رهيو، ته پوءِ اهو ماتم جو مقام چئبو! اهو تاريخي ۽ قديم شهر ٺٽو_ جنهن کي تاريخ ۾ بغداد ۽ دمشق جهڙي علمي حيثيت ڏني ويئي آهي، ۽ اُن جي زوال وقت به ان ۾ ٽي سـﺆ ڪاليج هئا_ انهيءَ شهر جي تاريخ لاءِ جيڪڏهن اسان جو ذوق اهو آهي ته پوءِ تاريخ دان ڇو ويهي وقت وڃائين؟ انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته اسين غريب قوم مان آهيون، مگر ملڪ ۽ ان جي سرزمين سُکي ستابي آهي. منهنجا دوستو! هيءُ آهي سهڻيءَ وارو درياءَ ۾ ڀاڱن ٿيڻ وارو ڪم، تنهنڪري سوچ ۽ ويچار جي ضرورت آهي.

سنڌ جي تاريخ جا ماخذ ۽ سنڌي ڪتابن جي اشاعت ۾ رڪاوٽون
دوستو!
سنڌ جي تاريخ جا ماخذ، جيڪي اسان جي تاريخ جا ذريعا ۽ سُتون آهن، جيڪڏهن آءُ جيئرو رهان ۽ مسلسل پنجاهه سال، پنجاهه ماڻهن جي مدد سان فقط اهي ماخذ ڇپيندو رهان، تڏهن به اهي پورا نه ٿي سگهندا. انهيءَ مان توهان اندازو لڳايو ته اسان جي تاريخ ۽ ثقافت جو اسان وٽ ڪيترو نه سرمايو موجود آهي، جيڪو پئسي جي اَڻ هوند ۽ عوام جي ناقدريءَ جي ڪري ضايع ٿيندو رهي ٿو. حڪومت جي طرفان اسان کي ڪا مناسب مدد نٿي ملي. وري به آفرين آهي انهن نوجوانن کي، جيڪي پنهنجي پگهارن ۽ کيسي جي خرچيءَ منجهان (جيئن جويي صاحب پنهنجي مضمون ۾ ٻڌايو) ڪتاب ڇپائي، گذريل ڏهن سالن ۾ سنڌي ادب کي تقويت رسائيندا اچن ٿا. مون کي الانا ٻڌائيندو ته سنڌالاجي_ جيڪا هڪ غير سنڌي وائس چانسلر ڊاڪٽر رضي الدين صديقي قائم ڪئي هئي_ تنهن گذريل سموري عرصي ۾ ڪيترا ڪتاب شايع ڪيا آهن؟ اوهان اوترا ڪتاب به شايع ڪري نه سگهيا آهيو، جيترا بدين جي هڪڙي مسڪين ماستر شايع ڪيا آهن.
منهنجا دوستو! توهان کي حڪومت جي سرپرستي ڪانهي، توهان جي هٿ ۾ پئسو ڪونهي، توهان لکڻ ۾ مَن جون مُرادون پوريون ڪري نٿا سگهو. جيڪڏهن انهيءَ سست رفتاريءَ سان اسان هلنداسين ته پوءِ اسان جي تاريخ ۽ ادب جا مسئلا ڪڏهن به حل ٿي نه سگهندا.

اردوءَ جي سرپرستي ۽ سنڌيءَ سان ٻه اکيائي
منهنجي دوست ابراهيم جويي پنهنجي مضمون ۾ انگن اکرن ساڻ ٻڌايو ته ’قومي زبان‘ تي ڪيترو نه گهڻو خرچ ٿي رهيو آهي. ليڪن توهان کي خبر آهي ته مُئي کي ڪيتري به مالش ڪئي ويندي تڏهن به ٺيڪ ٿي نه سگهندو. اردوءَ جي ڀيٽ ۾ اسان کي ڪيترا پئسا ملن ٿا؟ سنڌي ادبي بورڊ کي هاڻي به اهي ئي هڪ لک رپيا ملن ٿا، جيڪي پاڪستان کان اڳ ملندا هئا.
اردوءَ کي چئني صوبن جي سرپرستي حاصل آهي. سمورين يونيورسٽين ۾ ان جي شعبن تي بي انداز خرچ ٿئي ٿو. هن جا هزارين پبلشر ۽ سوين ادارا آهن، جن کي لکين رپيا گرانٽ ملي ٿي. مون کي شڪايت ڪرڻ نه کپي، ڇاڪاڻ ته اسين سنڌي مهمان نواز آهيون ۽ منهنجو دوست اِبن انشا اڄ هتي مهمان طور آيو آهي. ليڪن حڪايتاً ان کي چوندس ته ڪراچيءَ ۾ ٿياسافيڪل هال جي مٿان اوهان جيڪو نئشنل بوڪ سينٽر قائم ڪيو آهي، ان ۾ سنڌي ڪتابن جو تعداد ڪيترو آهي؟ اوهان ان ۾ ڀلي اردو زبان جا ڪتاب رکو، مگر سڀ کان بهتر ڪتاب اسان جي زبان جا آهن. سنڌي دوستن کي شروع کان وٺي اها شڪايت رهندي اچي ٿي. انشا صاحب! جيڪڏهن اوهان فقط سرڪاري آفيسر هجو ها ۽ صاحب قلم نه هجو ها، ته آءُ ڪڏهن به اوهان سان اها حڪايت نه ڪريان ها. اوهان کي ويچار ڪرڻ گهرجي ته اسان به هن ئي ملڪ ۾ رهون ٿا ۽ اسان جا به ڪي حق آهن!
پاڪستان رائيٽرس گلڊ جي متعلق اوهان سڀني ٻڌو هوندو ته ان کي هر سال پنج_ڏهه لک رپيا ملن ٿا، جيڪي مختلف واپاري ۽ سرمائيدار انڪم ٽيڪس کان بچڻ خاطر هڪ ٽڪري جي صورت ۾ ڏيئي ٿا ڇڏين. اهي سمورا پئسا ڪهڙيءَ زبان جي ڪتابن تي تقسيم ٿين ٿا؟ سنڌي زبان کي پينوءِ وانگر هڪ ٽڪر ڏنو وڃي ٿو. سنڌي زبان جي ڪتابن لاءِ فقط هڪ هزار رپيا رکيل آهن، ٻين زبانن جي انعامن جا فيصلا ڪراچيءَ ۾ ٿين ٿا، ۽ انهن جي مصنفين کي ڀاڙا ڏيئي گهرايو وڃي ٿو. آءُ به گلڊ جي انعامي ڪتابن واريءَ ڪاميٽيءَ جو جج رهيو آهيان. آخر، سواءِ ان جي ته مون کي ان ڪاميٽيءَ تان لاٿو وڃي، کين ٻي ڪائي صورت نظر نه آئي، ڇاڪاڻ ته مون هر دفعي پئي چيو ته اهي ڪتاب انعام جا مستحق نه آهن؛ جن تي اوهان ڏهه_ڏهه، ويهه_ويهه هزار رپيا ڏيو ٿا.
(مان قومي زبان ۾ ان ڪري خطاب ڪري رهيو آهيان جو منهنجو دوست ابن انشا پنجابي هجڻ جي باوجود سنڌي نٿو سمجهي!)

بين الاقوامي ڪتاب سال
اڄ انشا صاحب ڪتابن جو سال ته ملهائي رهيو آهيو، ليڪن اها به حقيقت آهي ته باوجود ايڏي سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽيءَ جي، اردوءَ ۾ هن سال جي يادگار طور هڪ ڪتاب به شايع نه ٿيو آهي. ۽ فقط غلام مصطفيٰ شاهه جي ٻن ننڍڙن ڪتابڙن کان سواءِ، جي هن جلدي، هن موقعي تي مناسبت سان، شايع ڪري سنڌ جو منهن مٿي ڪري ڇڏيو آهي_ الحمدالله اسان به ڪو هڪ_اڌ ڪتاب شايع نه ڪيو آهي.
جڏهن ايران اهو ڪتابي سال ملهائي ٿو، تڏهن مون وٽ هن وقت تائين فارسي زبان جا تقريباً اڍائي سوء ڪتاب مفت پهتا آهن، جي محض هن سال ملهائڻ لاءِ ايران جي سرڪاري ۽ خانگي علمي ادارن يادگار طور شايع ڪيا آهن، ۽ جن ادارن سان منهنجو تعلق آهي. يعني، اوهان کي لڄ نٿي اچي، جو ڪتاب هڪ به شايع نه ڪيو اٿوَ ۽ ’ڪتابي سال‘ ٿا ملهايو! اهو ته ماڻهن کي ڌوڪو ٿا ڏيو!
هاڻي انهيءَ بي انصافيءَ واريءَ صورتحال ۾ آءُ توهان جي روبرو سنڌ يونيورسٽيءَ کي هڪ التجا ڪندس. مون وٽ تاريخ ۽ تحقيق جي ليبارٽري آهي. مان چاهيان ٿو ته مون کي ٽي_چار شاگرد ملن، جن کي تحقيقي ڪم سيکاريان. ليڪن نه هِتان جي يونيورسٽي ٿي ڏئي ۽ نه ڪراچيءَ واري. جيڪڏهن اوهان کي پنهنجي تاريخ محفوظ ڪرڻي آهي ته سڀ کان پهرين سنڌ جا ڪتاب (سورس بڪ) محفوظ ڪريو، جيڪي تاريخ نويسيءَ جا ذريعا آهن. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ لئبريري ٺاهيو. استادن کي هدايت ڪريو ته هر فن تي معياري ڪتابن جو مطالعو ڪن، علم تي توجهه ڏين ۽ ڪتاب لکن._ خدا حافظ.

(ٽيپ رڪارڊ تان قلمبند ڪيل_ اردو متن جو سنڌي ترجمو.)

[”مهراڻ“، 1_2_ 1973ع]

________________________________________
* ڏسو مٿي هن ڪتاب ۾ آيل هيءُ مقالو ص 43_42، پهريائين اُهو سنڌي ادبي بورڊ جي سماهي رسالي ”مهراڻ“ جي ٻن پرچن_ نمبر 3، سال 1972ع ۽ نمبر 4، سال 1972ع ۾ شايع ٿيو هو.

مرزا قليچ بيگ جي ڪتبخاني ۾ ٻه_ٽي گهڙيون

[سترهن سال اڳ جي ڳالهه آهي. 15 جون 1955ع جو، مرزا صاحب مرحوم جي ٻن فرزندن، مرزا اسد بيگ ۽ مرزا همايون بيگ (مرحوم) جي ڪوٺ تي محمد ابراهيم جويو ۽ آءُ ٽنڊي ٺوڙهي وياسين. مقصد هو ته مرزا صاحب جو گهر ڏسون ۽ اهو ڪتبخانو اکين مان ڪڍون، جتان امر_جوت واري اها مشعل روشن ٿي، جنهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کي علم ۽ ادب سان روشن ڪري ڇڏيو. منهنجي نوٽ بڪ ۾ انهيءَ ڏينهن جون جيڪي يادگيريون درج ٿيل آهن، سي هيٺ ڏيان ٿو جيئن ڇپجي ضايع ٿيڻ کان بچي وڃن.]
اڄ 15 جون 1955ع جو، مون مرزا صاحب جو گهر ۽ ڪتبخانو پهريون دفعو ڏٺو.
(1) 8_9 ڪٻٽ ڪتابن سان ڀريل آهن، گهڻو قيمتي حصو ضايع ٿي ويو آهي. جيئن ته سنڌ جي تاريخ تي ڪوبه قلمي نسخو يا اهم ڪتاب ڪونه آهي. ڀانئجي ٿو ته سڀئي ضايع ٿي ويا يا ڪتابي چورن جي ور چڙهي ويا. ڪنهن به سنڌي مصنف جو ديوان يا بياض ڏسڻ ۾ نه آيو. ورنه ”چچ نامي“ کان وٺي پڇاڙيءَ تائين، سنڌ جي تاريخ جا جيڪي فارسي ماخذ آهن، سي هتي هئڻ کپندا هئا. ايراني مصنفن جا قلمي نسخا رکيل آهن، جيڪي پڻ سنڀال نه هجڻ سبب جيتن جو کاڄ ٿي ويا آهن.
(2) مرزا مرحوم جي ويهڻ ۽ سمهڻ جو ڪمرو، ميز، ڪرسي، آرام ڪرسي، قلمدان ۽ قلم ڏٺم. چمڙي جو هڪ ٿيلهو آهي، جنهن ۾ مرزا صاحب ڪاغذ پٽ رکندو هو. ڪنهن انگريز دوست سوکڙي ڏنو هيس، جنهن جو نالو ٿلهن اکرن ۾ مٿانئس لکيل آهي. مرزا صاحب جي خاص استعمال جون يادگار باقي اِهي شيون بچيل آهن. اُنهن کان سواءِ علمي يادگار هي ڏٺا ويا.
1. دوستن يارن ۽ ملڻ وارن جا وزٽنگ ڪارڊ ڪيترا گم ٿيل آهن ڪيترا موجود آهن، جن مان انهيءَ دﺆر جي مشهور ملڻ وارن جو پتو پئجي سگهي ٿو.
2. تصويرن جا چار البم: جن ۾ سندس دﺆر جي مشاهيرن جون تصويرون، انهن جا دستخط، ۽ انهن جي هٿ اکرين عبارتون لکيل آهن. انهن جا مونوگرام آهن، پوئين دﺆر جي ٽالپرن جون تصويرون نهايت قيمتي ۽ اڻ لڀ آهن. ڪن انگريز عملدارن جون تصويرون به آهن. جهڙوڪ جان جيڪب صاحب، تروٽ صاحب (جنهن لاءِ سنڌ جو عوامي گيت چيل آهي: ”تروٽ واڳون وار ڙي! تروٽ واڳون وار!“). ميهو صاحب، پرنگل صاحب ۽ سر چارلس نيپئر وغيرهه. هي البم سنڌ جي تاريخ لاءِ سهڻو ۽ قيمتي مواد رکن ٿا.
3. اخبارن جا فائل، خطن جا فائل، ۽ مختلف ضروري مضمونن جا فائل ۽ ڪٽنگس. هي سڀئي شيون نهايت قيمتي ۽ سنڌ جي تاريخ لاءِ سوغات آهن.
4. نوٽ بڪ: مرزا صاحب جا تقريباً 20_25 نوٽ بڪ آهن، جن ۾ سنڌ جي تاريخ متعلق ڪيترو مواد ۽ قيمتي واقعا درج آهن، جن ۾ سنڌ جي هرهڪ تعلقي متعلق مختلف عنوان هيٺ انهيءَ زماني جي معلومات گڏ ڪيل آهي. انهن ئي نوٽ بڪن ۾ مختلف شاعرن جا چونڊ شعر، مختلف قبرن جا تاريخي ڪتبا، سنڌ جي واهن جا نقشا ۽ انهن جي ڊيگهه، قومن جي تاريخ، سنڌ جي پيداوار، آدمشماري وغيره، مشاهيرن جي وفات جون تاريخون ۽ تاريخي قطعا لکيل آهن.
5. ذاتي ڊائريون: مرحوم مرزا صاحب 1860ع کان مسلسل روزاني ڊائري لکندو هو. جنهن ۾ روزانو جا واقعا پنهنجي متعلق، ٻين جي متعلق ۽ سنڌ جي هلڻ چلڻ متعلق لکندو رهيو ٿي. اهي ڊائريون انگريزن جي دﺆر جي سياسي ۽ سماجي واقعن متعلق اهم دستاويز جي حيثيت رکن ٿيون. انهن جي مطالعي مان ڪيترا قيمتي واقعا ۽ انهن جون صحيح تاريخون سامهون اچن ٿيون.
6. تصنيفات: مرزا صاحب جا تقريباً ڏيڍ سوء کن ڪتاب اڃا اڻ ڇپيل موجود آهن. (انهيءَ وقت منهنجي تحريڪ ۽ برادرم محمد ابراهيم جويي جي ڪوشش تي سنڌي ادبي بورڊ، مرزا مرحوم جون سنڌي تصنيفون شايع ڪرڻ قبول ڪيون ۽ هن وقت تائين ڪيترا قيمتي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن.) انهن اڻ ڇپيل ڪتابن مان ڪن جو ذڪر هتي ڪجي ٿو:
(1) انگريزي مضمون: انگريزيءَ ۾ لکيل پندرهن علمي ۽ ادبي مضمونن جو مجموعو.
(2) ابڪار الافڪار: هن ۾ هيٺينءَ ترتيب سان مرزا صاحب مختلف شاعرن جو انتخاب ڪيو آهي:_
حصه اول: پنج جلد فارسي شاعريءَ جي انتخاب ۾:
(1) ”درج اللالي“، (2) ”شوا هوالحفاني“، (3) ”انوارالاسرار“، (4) ؟، (5) ”ڪنزالدقايق.“
حصه دوم: هڪ جلد عربي شاعرن جو انتخاب
حصه سوم: هڪ جلد ”سلڪ مرواريد“ جي نالي سان
حصه چهارم: پنجن جلدن ۾ انگريزي شعرن جون انتخاب.
هن ڪتاب ۾ نظم سان گڏ نثر جا ٽڪرا به آهن. فارسي حصي ۾ سنڌ جي فارسي گو شاعرن جا پسنديده اشعار ملن ٿا. هي ڪتاب 1906ع_ 1922ع جي عرصي ۾ تيار ڪيل آهي.
(3) يادگيريون: هن ڪتاب ۾ مرزا صاحب پنهنجي دور جا اکين ڏٺا احوال لکيا آهن. پنهنجي خاندان جو ذڪر، انهيءَ دور جي تعليم جو احوال، مختلف ماڻهن سان ميل ملاقاتيون، صحبتن ۽ مجلسن جو حال احوال، ۽ پهرين تاريخ مارچ 1919ع جو ديباچو لکيل آهي. ست باب آهن. 1_ باب: جاين مڪانن بابت احوال، منهنجي قديم گهر بابت، ناني جي گهر بابت، پاڙي ۽ ڳوٺ بابت، ڳوٺ کان ٻاهر بابت، حيدرآباد بابت، حيدرآباد کان ٻاهر بابت. 2_ باب: اصل، نسل، قوم، مذهب. 3_ باب: ٻولي، تعليم. 4_ باب: پوشاڪ ۽ زيورن بابت، ڪپڙا، زناني پوشاڪ، زيور ۽ انهن ۾ سڌارا، هندن ۽ ٻين جي پوشاڪ. 5_ باب: ٻار ڄمڻ، رسمن جا سڌارا، بيوه زالون، پردو، کاڌو پيتو، روشنائي، نوڪر، رانديون، هنر، ڌنڌو، نوڪري. 6_ باب: گذران جو رستو، شين جا اگهه. 7_ باب: متفرق ڳالهيون.
(4) گرجي نامو: هي هڪ قسم جو تذڪرو ۽ شعرن جو مجموعو آهي. پنهنجي خانداني شاعرن جا شعر ۽ خاندان سان متعلق قطعه تاريخ وغيره. مثلاً: اشعار فارسي از ميرزان گرجي ساڪنان سنڌ يا در باب ايشان_ اشعار طبعزاد مرزا خسرو بيگ، مرزا خيرالدين بيگ، مرزا قليچ بيگ، مرزا علي قلي بيگ، اشعار طبعزاد ديگران در باب بعضي از مرزايان، مرزا بنده علي مرحوم وغيره. تاريخ وفات مرحوم علي محمد بيگ. هي ڪتاب 181 صفحن ۾ آهي، بعضي دلچسپ تاريخون هي آهن:
حيدرآباد ۽ سکر مان نڪرندڙ اخبار ”الحق“ جي تاريخ آهي:

دوش اندر گوش هوشم از سروش آمد ندا
شد شروع اخبار ”الحق“ هم به ايام سعيد

اختر عز و شرف طالع شده بر ملڪ سند
رونق تازه ازان اسلام را خواهد رسيد

بهر سالش فکر کردم، هاتفم گفتا: بلي!
”رونق اسلام شد در سنده از الحق پديد“ 1327هه

تاريخ وفات مير شاهنواز خان علوي، حسب فرمائش مير علي نواز خان علوي:

هاتفم گفت با سر الفت سوي جنت درفت نازان او
ڪڪڙ جي شهر تي هڪ دلچسپ قطعو آهي، جنهن جو عنوان آهي، ”ڪوائف ڪڪڙ“ ٻه شعر آهن:

مرا ”ڪوائف ڪڪڙ“ چو ياد مي آيد
دلم چو خنده گل شاد، شاد مي آيد
عنان کشيد مرا ناگه آنطرف قسمت_ الخ
هن ۾ سنڌ بابت ڪيتريون قيمتي تاريخون آهن.
(5) بدايع الوقايع: مرزا صاحب هن ڪتاب ۾ اهي دلچسپ تاريخي واقعا گڏ ڪيا آهن، جيڪي کيس مطالعو ڪندي وڻيا آهن. تاريخي لطيفا، ادبي لطيفا، سياسي لطيفا ۽ واقعا، عبرت جهڙا واقعا، هن ۾ جملي پنج سوء واقعا آهن. آخري واقعو آهي نادر شاهه جو موت ۽ سندس پڇاڙيءَ جا ڏينهن. معما، موت، نمڪ حرامي، همت ۽ وهم وغيره.
(6) شاهه جي رسالي جي ڪنجي: هيءَ شاهه جي رسالي جي انڊڪس آهي، لفظ ڏنل آهي ۽ هرهڪ اڳيان لکيل آهي ته ڪٿي ڪٿي ڪتب آيو آهي، مثلاً ڌنار، ديانت، ديپڪا، ديت، ديد، ديوان، ڌاڄا، ڌاڙيجو، ڌار، ڌاڻي ۽ ڌڄ. هيءَ سندس پنهنجي جوڙيل رسالي جي انڊڪس آهي. هن کي جيڪڏهن وڌيڪ نظر ثاني ڪري مڪمل ڪجي ته شاهه جو رسالو ريفرنس لاءِ وڌيڪ ڪم اچي سگهندو.
(7) تواريخ مقدس: گلبن تاريخ جي نموني جو ڪتاب 1 انگ کان 2000 هزارن تائين انگن لاءِ قرآن ۽ حديث جا لفظ، جيڪي تاريخ ڪڍڻ ۾ مدد ڏيئي سگهندا.
(8) عجائبات سائنس: هن ۾ انهي دؤر تائين سائنس جا جيڪي عجائبات ظهور ۾ اچي چڪا هئا، انهن جو ذڪر آهي.
(9) جام جم: اوحديءَ جي ڪتاب جو سنڌي منظوم ترجمو.
(10) ’مخزن الاسرار‘ جو سنڌي منظوم ترجمو.
(11) ترڪيب الانسان: مولانا روميءَ جي مثنويءَ جو ترجمو.
(12) اشعار القرآن: انهن قرآني آيتن کي گڏ ڪيو ويو آهي، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن وزن ۾ اچن ٿيون. هي ڪتاب نهايت بيمثل آهي.
(13) قرآن شريف جي انڊيڪس.
(14) لطائف الطوائف: حسين واعظ قاشفيءَ جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو.
(15) ذڪرالموت: هن ننڍڙي رسالي ۾ مرزا صاحب هر سال جيڪي پنهنجي موت لاءِ تاريخون پئي ڪڍيون آهن، تن کي گڏ ڪيو اٿائين. 1331 کان 1346 تائين. مثلاً: غفران (1331)، چراخ رندگاني (1346)، اين قدح بشڪست آن ساقي نماند (1332)، بخت موقر (1348). اها آخري تاريخ آهي، جنهن سال مرزا فوت ٿيو ۽ انهيءَ جو تاريخي قطعو قبر تي آهي.
(16) سوداءِ خام: ديوان.
(17) چندن هار: سندس مثنوين، غزلن، قصيدن وغيره جو ديوان.
(18) املهه ماڻڪ: ڀاڱو ٻيو_ بيتن جو مجموعو.
(19) موتين جي دٻلي: رباعين جو مجموعو.
(20) سنڌ جي تاريخ جون ڳالهيون: سنڌ جي تاريخي واقعات کي ڳالهه ۽ داستان جي انداز ۾ لکيو ويو آهي.
هي ناٽڪ به مرزا صاحب جا اڻ ڇپيل آهن.
(21) شهزادو بهرام: هئملٽ جو ترجمو.
(22) شهزادو شهريار: ڪام سين ۽ ڪام روپ جو ترجمو.
(23) جمشيد ۽ حميده.
(24) بدر منير ۽ بينظير: (آپيرا)
(25) فرهاد شيرين: (آپيرا)

چونڊ ٽڪرا
مرزا صاحب جي مختلف ڪتابن مان هيٺيان قيمتي ۽ تاريخي ٽڪرا ڏجن ٿا:_
1_ ”الحقيقت“ اخبار جي جاري ٿيڻ جي تاريخ پنجن شعرن جي قطعي ۾ چئي ويئي آهي؛ مرغوب طبايع (1340) مان سال نڪري ٿو. (هيءَ اخبار لاڙڪاڻي مان فقير علي محمد عباسي ڪڍندو هو؛ پويون ايڊيٽر غلام عباس ’جوش‘ هوندو هو. نواب امير علي خان لاهوري سندن سرپرست هو. ۽ پوءِ سر شاهنواز خان ڀٽو سرپرست هو. ڪيترن سالن کان اخبار بند ٿي ويئي آهي.)
2_ تاريخ مسند نشيني مير علي نواز خان، خيرپور.

(1) دلم بخواست کـﻶ سال جلوس او گويم
بخاطرم برسيده: خلف سعادتمند 1239هه.
(2) وفات مير امام بخش کرد و بر جانشين
نموده اند همه مير علي نواز پسند (از ”گرجي نامه“)

3_ مير علي مراد خان ٽالپر جو شعر:
از خصابم نبود هيچ دلم را مطلب
غرض آنست که آهو صفتان رم نه کنند

مير سهراب خان ٽالپر جو شعر:

هر آنکس کـﻶ خود پهلواني کند
چه حاجت کـﻶ ”شهنامه“ خواني کند

ميان محمد سرفراز خان جو شعر:

دلا در سينه ساکني شو که اينکه يار مي آيد
طبيبي يا مروت برسر بيمار مي آيد
سرفرازم نمي سازي بدشنامي و پيغامي
اگر صلح است پيغامي، وگر جنگ است دشنامي
...........
هر شور که هست برسر زر
مفلس تو خوشي! کـﻶ زر نداري
...........

مهته بالچند ”آزاد” مثنوي:

شوخيء چشم تو از شورش اشکم افزود
غلط است اينکه نمک تلخيء بادام برد


غلام علي مومن:
هر عقده کـﻶ بر خاطرم از بار خزان بود
از فيض بهار اين دل واسوختـﮧ واساخت
مومن جو انتخاب ٽئين حصي جي صفحي 230 تي آهي.
(افگار الابکار، 1906ع)

1. سجع مير علي مراد از دو عالم علي مراد من است
2. سجع مير الهه يار بهر کار مرا اله يار است
3. وفات مير غلام علي غلام علي مئو 1227هه
(افکار البکار، 1906ع)
4. وفات مير فتح علي خان ٽالپر:

ٿي ارڙهن ورهيه عمر جڏهن ڪل حال
به شاهنشهي بر دهل زد دو دال
دگر ره چو بر دار بيست افزود بست
چهل سال در دار دنيا بزيست
ڪيئين سلطنت سنڌ ايڪيهه سال
۽ ٿيو سال ٻاويهين ۾ انتقال
هو ايڪيهين رمضان جي ڄائو مير
جا هئي رات قتل جناب امير
۽ عاشوره جي رات جو از قضا
ڇڏي دار فاني ويو دارالبقا
5. شهادت مير صوبدار ۽ شهداد خان:
مير بهرام و صوبدار امير
هر دو در ملڪ سند والا دست
خلف نوجوان به پر پدر
شهادت فگند در با دست
زد دو ناخن بدل دو مصرعه سال
هر يکي زو بسال تنها دست
شده با مير صوبدار شهيد
رد بدامان شاه شهداد دست
6. ميرزا جانيءَ جو بيت:
عشقي خدا هم کـﻶ از خودي پاک کند
آب مرﱞه که دهر نم ناک کند
7. وفات قلندر رحمت 648هه
وفات مخدوم نوح فيض حق 998هه
وفات فتح فقير حيدرآبادي
وصال بود فراقش فراق بود وصال
ازانست سال وصالش: فراق فتح فقير 1209هه
شهادت مير بجار حاجي شهيد شد 1194هه
تاريخ وبا افتادن در سند از قاضي عبدالغفور هالائي:
الموت کاسس کل الناس شاريه 1298هه (از: ابکار الافکار و گرجي نامه)

8. مرزا صاحب مئي 1909ع جو مڪليءَ جي قبرستان ۾ ويو هو، جتان جون ڪي تاريخون نوٽ ڪيون اٿائين (اهي هتي نٿيون ڏجن. ڇاڪاڻ ته ”مڪلي نامه“ ۽ ”مقالات الشعرا“ ۾ اهي ڇپجي چڪيون آهي.)
9. مرزا صاحب پنهنجي ”يادگيرين“ ۾ هيٺيان انگ اکر ڏنا آهن: اڪبر بادشاهه جي ڏينهن ۾ ڪڻڪ 9_4. في مڻ، چانور ._8_. في مڻ، دال منڱ _9_7. في مڻ، ٻاجهر _6_5. في مڻ، لوڻ _3_6. في مڻ، کنڊ 3_2_1 في مڻ، بعد _6_2. في مڻ، گيهه _10_0.، تيل _10_0.، هيڊ _04_0.، ڪڏهن ڪڏهن هڪ رپئي 24 سير گيهه ملندو هو ۽ کير 6 مڻ هڪ رپئي.
انگريز سرڪار جي راڄ ۾ جڏهن ڪمپنيءَ جي حڪومت ٿي، تڏهن هي اگهه هئا: ڪڻڪ رپئي جي 39 سير، چڻان رپئي جا ساڍا 16 سير، چانور رپئي جا ساڍا 8 سير، گيهه رپئي جو 4 سير، کنڊ رپئي جي چار مڻ.
1857ع واري هنگامي کان پوءِ اگهه وڌيا. 1890ع ۾ هي اگهه هئا: ڪڻڪ رپئي جا 25 سير، چڻان 28 سير، چانور 16 سير، گيهه 2 سير، کير 9 پائين جو سير.
”بابي مرحوم جي کنڌي ۽ گهر جي حساب مان هيٺيان اگهه نڪرن ٿا: چانور سُڳدانسي 0_0_4 في مڻ، ڪڻڪ 0_14_3 مڻ، چانور ڇڙيل 0_0_4 مڻ، چانور سنڌي ڳاڙها 0_9_3 مڻ، ٻاجهر 0_8_3 مڻ، گيهه هڪ روپيو سير، کنڊ رپئي 8 سير، ڪاٺيون هڪ اُٺ 8 آنا، تيل ڪڙو ساڍا ٽي سير هڪ رپئي ۾، صابڻ عمدو 6_1_0، ڦوٽا في سير 0_9_0؛ ڪپڙي جا اگهه هئا: ململ عمدي 0_12_4 تاڪيو، ڌماچ في گز 0_10_1، ڪناري ريشمي 5 گز هڪ رپئي، بافتو ڪورو 0_13_5 تاڪيو، ڏوريو 0_4_2 تاڪيو، بخمل في وال 0_12_0، الپاڪو في وال 0_12_0، ۽ ڇِيٽ 3_3. وال.“
جاءِ جوڙڻ جا سامان: ڪچيون سرون 0_14_0 هزار، کڻائي 0_10_0 في هزار، پخال 6_0_0، بُهه 0_0_1، رازي جو روز 0_10_0 ۽ 0_8_0، مزدور 0_4_0، ڇوڪرو 0_2_0 ۽ 6_1_0، نوڪر جو پگهار 0_0_5 رپيا.
1919ع جا اگهه مرزا صاحب هن طرح درج ڪيا آهن: اٽو في مڻ 0_10_0، کنڊ هڪ سير هڪ روپيو، گيهه جي سير 0_2_0، ڪاٺيون ڏهه آنا مڻ، رازي جو روز ڏيڍ روپيو، مزدور تيرنهن آنا، ڇوڪرو اَٺ آنا، واڍو ٻه روپيا، بُهه في مڻ ٻه روپيا، مٽيءَ جي گاڏي 0_8_0، نوڪر جو پگهار 12 روپيا، نوڪرياڻي 8 روپيا (يادگيريون).
10. ڪي وڌيڪ تاريخون وفات جون:
وليد بن عبدالملڪ: وليد بيدين 126هه
حجاج بن يسف: بگو ابليس تاريخ وفاتش، دگر فرما که بيدين بود حجاج 103هه
(ياد هجي ته حجاج بن يوسف، سنڌ جي فاتح محمد بن قاسم جو سهرو هو ۽ محمد بن قاسم ذهني ۽ فڪري طرح سندس پروردو هو.)
شمس تبريز: سلطان شمس الدين هه
نادر شاه: سيف اهل جلال قهر خدا 1160هه
رنجيت سنگهه: خورشيد جمله پنجاب 1256هه
ام حسن: واي واي هاي هاي 50هه
ام حسين: واي واي هاي هاي 60هه
منصور حلاج: زهي فنا في الله 309هه
حڪيم سائين: سعادت 535هه
نظام الدين اوليا: قطب ابدال هندستان 725هه
مخدوم جهانيان: مخدوم اهل جهان 785هه
شاه خيرالدين بکري: مرشد ڪامل طريق احمدي 27 رمضان 1027هه
مسجد شاه حسيني در الور: درگاه اعليٰ 941هه
شاهه لطيف: رضوان حق 1165هه
حاجي محمد قاسم: في جنات تجري 1157هه
مرزا قليچ بيگ پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪي مختلف زبانن ۾ ڪتاب لکيا، انهن جا صفحا هيٺينءَ طرح شمار آهن:
قلمي سنڌي 9585
ڇپيل سنڌي 11514
انگريزي 1492
ڇپيل ناياب سنڌي 2390
فارسي 1594
اردو 369
عربي 514
27458
مرحوم مرزا قليچ بيگ 26 محرم 1348هه مطابق 3_7_1969ع جو 77 سال مصروف علمي ۽ عملي زندگي گذاري فوت ٿي ويو. ٽنڊي ٺوڙهي ۾ پنهنجي گهر ڀرسان دفن ٿيو.
(نوٽ: ٻڌو اٿم ته سندس پوٽي مرزا اعجاز علي بيگ ڪتابن جي نئين سر ترتيب ڪئي آهي، ڪتبخانو درست ڪيو اٿائين ۽ مرزا صاحب جي هرهڪ شيءِ کي حفاظت سان سنڀالڻ شروع ڪيو آهي. هن تازو جيڪا فهرست مرتب ڪئي آهي، ان مطابق مرزا مرحوم جا جملي تصنيف ٿيل ڪتاب 457 ٿين ٿا.

ڪراچي 3_ نومبر 1972ع (رات 12 بجي)

[”سنڌي پبليڪيشن“، 1972ع]

ننگر ٺٽي ۾ تصنيف ۽ تاليف جو جائزو

سنڌ جو جهونو تخت گاهه ننگر ٺٽو، اسلامي تاريخ جي اُنهن مردم خيز ۽ تاريخ ساز شهرن منجهان هڪ هو، جتي اسلامي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت نه رڳو جنم ورتو، پر اتي انهن جو نشو و نما به ٿيو.
وسنديءَ واري دﺆر ۾ هن شهر اندر لاتعداد مدرسا، سوين خانقاهون ۽ ديني ۽ ذهني تربيت جا مرڪز موجود هئا، جتي وقت جا نامور صوفي ۽ دين جا عالم، الله جي بندن کي سنئين واٽ ڏيکارڻ ۾ مصروف رهندا هئا. اديب، شاعر، خطاط، علم جا صاحب ۽ قلم جا ڌڻي انهيءَ پايي ۽ مرتبي جا موجود هئا، جن جي هاڪ، سندن ڪارنامن سبب، ديسان ديس پکڙيل هئي___ ننگر ٺٽي جو نالو بلاشڪ صدين تائين اسلامي دنيا جي تهذيبي مرڪزن، جهڙوڪ سرقند، بخارا، بغداد دمشق وغيره جي هم صف ۽ هم وصف رهيو آهي.
هتي اسان ٺٽي ۾ تصنيف ۽ تاليف ٿيل ڪتابن جي فهرست__ حاڪماڻي دﺆرن جي تحت__ ڏيئي رهيا آهيون، جنهن جي ذريعي انهيءَ شهر جي علمي ۽ تهذيبي خدمتن جو هڪ سرسري نقشو ذهن ۾ ويهاري سگهجي ٿو. هيءَ فهرست توڙي جو مڪمل نه آهي__ ۽ نه مڪمل فهرست هيترين صدين ۽ بربادين بعد ممڪن ٿي سگهي ٿي__ تنهن هوندي به علمي ۽ ادبي تاريخ ۽ تحريڪن سان دلچسپي رکندڙ دوستن لاءِ هيءَ فهرست ضرور ڪارائتي ثابت ٿيندي. مٿس هڪ نظر وجهڻ سان معلوم ٿي ويندو ته مختلف حڪومتن هيٺ علم جي ڪهڙي صنف زياده مروج رهي، جنهن مان ان وقت جي معاشري، رجحان ۽ ذهني ۽ تهذيبي پس منظر جو اندازو آسانيءَ سان ڪري سگهجي ٿو.
فهرست ارغون دﺆر کان شروع ٿي، انگريزي عهد تائين اچي ٿي. انهيءَ کان اڳ يعني سومرن ۽ سمن جي زماني جو علمي اثاثو ارغونن ۽ مغلن جي لشڪر ڪُشين سبب تباهه ۽ برباد ٿي ويو، تنهنڪري چئي نٿو سگهجي ته اُنهن زمانن ۾ تصنيف ۽ تاليف جي ڪهڙي صورتحال هئي. تنهن هوندي به اسان ڄاڻون ٿا ته سومرن ۽ سمن جي زماني ۾ مدرسا، تهذيبي مرڪز، بيشمار اهل علم ۽ اصحاب قلم موجود هئا. انهيءَ برباديءَ ۽ لُٽ ڦُر جو سلسلو نادر شاهه افشار، احمد شاهه ابدالي ۽ انگريزن واري ميڙا چونڊيءَ تائين لاڳيتو قائم رهيو، تنهنڪري ظاهر آهي ته ڪهڙا نه قهر ٿيا هوندا!
هتي پيش ڪيل دﺆرن کي هيٺينءَ طرح ورهايو ويو آهي:
(1) ارغون ۽ ترخان دﺆر_ 927_1021هه___1521_1612ع
(2) مغليه دﺆر_ 1021_1150هه___1612_1737ع
(3) ڪلهوڙن جو دﺆ 1150_1196هه___1737_1782ع
(4) ٽالپري دﺆر_ 1196_1259هه___1782_1843ع
(5) انگريزن جو دﺆر_ 1259_1363هه___1843_1947ع
هيءُ جائزو سنڌ جي فقط هڪ شهر جو آهي، حالانڪ عروج ۽ وسنديءَ وارن زمانن ۾ سنڌ جا ڪيترا شهر علمي ۽ ٽقافتي حيثيت ۾ برک ۽ برتر هئا. جهڙو ته حيدرآباد، مٽياري، هالا، ملاڪاتيار، نوشهرو، درٻيلو، ڪوٽڙي ڪبير، روهڙي، سکر، بکر، لکي غلام شاهه، شڪارپور، ڳڙهي ياسين، شهداد ڪوٽ، سيوهڻ، بوبڪ، لڪي شاهه صدر وغيرهه. اهي اهڙا شهر هئا، جتي سوين جيد عالم ۽ بلند مرتبي جا اصحاب علم ۽ فن هئا، جن ڪيئي قلمي آثار ڇڏيا هوندا، جن جي جيڪڏهن فهرست ٺهي سگهي، ته هوند ڪنهن به صورت ۾ ٺٽي کان گهٽ ڪانه ٿيندي. جيڪڏهن علم دوست پيش ڪيل ترتيب تي انهن شهرن متعلق فهرستون تيار ڪن ته هوند سنڌ جي علمي تاريخ تمام آسانيءَ سان مرتب ٿي وڃي ۽ اهڙيءَ طرح اسان کي خود پاڻ کي سڃاڻڻ جو موقعو ۽ پنهنجي اباڻي ورثي جو پتو پئجي وڃي.

ارغون ۽ ترخان دور
(967_1021هه___1521_1612ع)

حاجي محمد حسين الصفائي (المتوفي سنه 931هه).
1. تذڪرة المراد

مخدوم رڪن الدين عرف مخدوم متو (المتوفي 949هه__1542ع)
1. شرح اربعين
2. شرح گيلاني
۽ ٻيا متعدد رسالا

شاهه جهانگير هاشمي (المتوفي 946 هه)
1، مثنوي مظهر الاثار 940 هه_ فارسي(1)

شيخ عبدالوهاب پوراني (المتوفي 972هه )
1. فتاوى پوراني(2)

فخري هروي (معاصر شاهه حسن ارغون و عيسى ترخان)
1. تذڪرهء روضـﺔ السلاطين(3)_ فارسي،تاليف 958 هه موشح به شاهه حسن ارغون
2. صنايع الحسن(4) _ فارسي، تاليف بعد از 958 هه موشح به شاهه حسن ارغون
3. جواهر العجائب _فارسي، تاليف 962 هه، بنام حاجي ماه بيگم زوجه ميرزا عيسيٰ ترخان

علامه قاضي محمود ٺٽوي (معاصر عيسيٰ و باقي)
1. تذڪرة الاوليا _ فارسي
2. شرح العقد _ عربي(5)
3. حواشي شرح زبدة المنطق _ عربي

ملا عبدالعلي ٺٽوي (معاصر باقي)
ساقي نامه _ فارسي

سيد علي ثاني (المتوفي 981 هه)
1. آداب المريدين سنه 954 هه_ عربي
2_ سسئي پنهون _ نثر_ فارسي(1)

علامه قاضي نعمت الله عباسي (معاصر باقي)
(ثاني_ بن قاضي سائينڏنو بن قاضي نعمت الله اول)
1. جواهر التحقيق شرح المبدع و المعاد
2. رسالـﮧ في خلق الاعمال
3.شرح زوراء دواني

سيد محمد هاشم بن سيد محمد الحسيني (معاصر مرزا جاني)
1. سِير السلاطين _ فارسي(2)

ملا مقيم ٺٽوي (معاصر جاني )
1. مثنوي ترنم عشق_ فارسي(3) (1000 هه کان ڪي سال اڳ تاليف ٿيو)

سيد عبدالقادر بن سيد محمد هاشم (صاحب سير السلاطين) بن سيد محمد الحسيني (معاصر جاني و اڪبر)
1. حديقة الاوليا سنه 1016 هه _ فارسي(1)

ادراڪي بيگلاري (معاصر شاهه قاسم ارغون)
1. مثنوي چنيسر نامه سنه 1010 هه _ فارسي(2)
2. تاريخ بيگلر نامه _ فارسي(3)

ميرزا غازي وقاري (المتوفي سنه 1021 هه)
1. ديوان وقاري _ فارسي، پنج هزار بيتن کان زياده سندس ديوان چيو ويو آهي.
2. ساقي نامه _ فارسي

محمد بن بايزيد پوراني ٺٽوي
ا. نصرت نامه ترخان، ج اول، در بيان تاريخ ارغون تا وفات شاه حسن ارغون(4)

مير غروري ڪاشاني ٺٽوي (معاصر مرزا باقي)
1. ديوان غروري _ مير ’قانع‘ سمورو ديوان مطالع ڪيو هو.

مغليه دور
(1021_1150 هه/1612_1737ع)

ملا احمد ٺٽوي بن قاضي نصر الله (معاصر اڪبر)، قتل 996 هه.
1. تاريخ الفي 1000 هه _ فارسي.
2. خلاصـﺔ الحيوة _ فارسي(1).

محمد طاهر نسياتي ٺٽوي (معاصر جهانگير و شاهجهان)
1. تاريخ طاهري 1030 هه(2)_ فارسي.
2. مثنوي ناز و نياز(3) _ فارسي.

مير محمد منعم حسيني ولد غروري ڪاشاني (عهد اڪبر)
1. ديوان حسيني _ فارسي.

ميرڪ يوسف بن ابوالبقا امير خان (عهد شاهجهان)
1. تاريخ مظهر شاهجهاني 1040 هه(4) _ فارسي.

قاضي ابراهيم (امين الملڪ) ٺٽوي (المتوفي 1073 هه)
1. شرح مخزن الاسرار _ يوسف خان، واليء ٺٽه (1041_ 1049 هه) جي نالي معنون ٿيل آهي.
2. ترجمـﮧء غنيةالطالبين، موسوم به دولت قادريه(5).

علامه سيدعبدالرشيد ولد عبدالغفور الحسيني المدني التتوي (المتوفي 1069 هه)
1. فرهنگ رشيدي 1064 هه_ فارسي(1).
2. منتخب اللغات شاهجهاني 1046 هه _ عربي(2).
3. رسالهء مصربات.
4. رسالهء رشيدي (در علم مناظره).
5. تحفـﮧ رشيدي(3).

خواجه امان الله سيفي (معاصر شاهجهان)
1. بهمن نامه _ نظم، فارسي _ ست قصا.
2. هفت اختر _ نثر،فارسي_ ست قصا.

شيخ محمد رضا شهرتي (وفات بعد از 1071 هه)
1. ديوان شهرتي _ فارسي.

مير ابوالمڪارم شهود (المتوفي 1073هه)
1. ديوان شهود _ فارسي
2.مثنوي پريخانهء سليمان(4) فارسي.
3. قصـﮧ بديع الجمال و سيف الملوڪ _ فارسي ناتمام.

عبدالشڪور بن شيخ عبدالواسع ٺٽوي
1.انتخاب منتخب(1).
2. ذڪر الحسين_ تاليف 1079 هه _ در بيان شهادت.

رضا بن عبدالواسع بن داروغـﮧ کهر تتوي
1.بيان العارفين و تنبيـﮧ الغافلين، سنه 1083 هه(2)، فارسي.

ملا عثمان فاضل خان (المتوفي 1096 هه)
1. منشات فاضل خان _ فارسي.

سيد مير محمد بن سيد جلال ثاني بن سيد علي ثاني (آخر دور شاهجهان)
1. ترخانه نامه _ فارسي _ بعد از سنه 1060 هه.(3)

غيوري عرف شڪر تتوي (وفات بعد 1076 هه)
ابوالفتح قابل خان (عهد عالمگير)
1. آداب عالمگيري،عالمگير جي شاهزادگيءَ واري دور جا خط، 1069 هه،(1) فارسي.
2. دستور دانش صغير _ فارسي.
3. دستو دانش ڪبير _ فارسي.
4. تحفـﮧء ڪامروپ _ فارسي

محمد افضل منشي ٺٽوي (عهد عالمگير)
منشات افضل_ فارسي.
سيد نظام الدين ثاني شڪر الاهي (عهد عالمگير)
1. جامع فتاويٰ عالمگيري.

مخدوم ابوالخير ٺٽوي (عهد عالمگير)
1. جامع فتاويٰ عالمگيري.

مينگهراج (زمانه 1103 هه)
1.مر آة الخيال _ فارسي.

مير رضي الدين فدائي (المتوفي سنه 1120 هه)
1. ديوان فدائي _ فارسي.

عبدالواسع صوفي (وفات 1127 هه کان اڳ)
1. شرح مخزن الاسرار _ فارسي.

امين الدين خان حسيني امير خاني (المتوفي 1127هه)
1. رشحات الفنون _ تاليف 1123 هه _ فارسي.
2. معلومات الا فاق(1) فارسي.

محمد حسين شوقي (وفات 1127 هه کان پوءِ )
1. مثنوي نغمات شوقي_ فارسي.
2. مثنوي ناز و نياز _ فارسي.
3. و ديگر مثنويات.

مير محمد حسين اشرف خان بن عبدالڪريم اميرخان
1. رقم ڪرائم، امير خان عبدالڪريم(2).

محمد شفيع لطف علي خان رضوي همت (متوفي 1144 هه)
1. طلسم سعادت(3).

ابوالحسن نور الدين محمد بن عبدالهادي ڪبير (متوفي 1138 هه)
1. تحفة المجين في شرح اربعين.
2. مسند احمد بن حنبل جو حاشيو نهايت نفيس آهي.
3. حاشيه فتح القدير ابن همام (ڪتاب النڪاح تائين.)
4. حاشيه شرح جمع الجوامع ابن قاسم ’الا آيات البينات‘.
5. افڪار _ امام نووي جي افڪار تي حاشيو.
6. فتح الودود في شرح ابي دائود.
7. حاشيه جامع ترمذي (هي حاشيو مڪمل نه ٿي سگهيو.)
8. حاشيه صحيح بخاري.
9. حاشيه نسائي.
10. حاشيه ابن ماجه.
11. حاشيه مسلم.
12. رساله في قرآة الفاتحه خلف الامام (فقـﮧ).

ڪمال الدين احمد خان رضوي (المتوفي 1132 هه)
1. اصطلاحات رضويه _ فارسي.
2. شرح ديوان حافظ _ فارسي.

ملا عبدالحڪيم عطا ٺٽوي (المتوفي بعـﮧ 1130 هه)
1. ديوان غزليات(1) فارسي.
2. ديوان قصائد _ فارسي.
3. ديوان قصائد 1109هه(2) _ فارسي.
4. مثنويات عطا(1) ”هشت بهشت“ 17_ 1118 هه _ فارسي.
5. مثنوي مهر و ماهه(2) 1117 هه _ فارسي.
6. بياض عطا(3).

مير زين العابدين قانع (المتوفي 1132 هه)
1. حرز البشر _ فارسي.
2. ديوان قانع_ فارسي.

شيخ عبدالغني ٺٽوي (المتوفي 1135 هه)
1. ديوان(4) _ فارسي.

محمد ضياء ٺٽوي (وفات 1135 هه کان پوءِ)
1. ديوان ضياء(5) _ فارسي.

مير شاهه ولي الله شڪر الاهي (المتوفي 1150 هه)
1. تحفة المجالس _ فارسي.

آقا محمد ڪريم عاشق صفاهاني (المتوفي 1155 هه)
1. ديوان عاشق_ فارسي.

ملا ضيائي ٺٽوي
1. مثنوي زيبا نگار(1) _ فارسي، تصنيف 1053 هه .

عاقبت محمود خان عيشي
1. ديوان عيشي.
2. مجموعه انشا.

محمد ڪاظم ٺٽوي
1. قصهء ڪامروپ.

محمد محسن امي ولد محمد حسن
رسالهء در هيئت.

مير ابو البقا بهر ور علي
1. تاريخ چراغ هدايت، معروف به بهرور شاهي _ فارسي.

محمد شجاع ٺٽوي
1، انشاء محمد شجاع _ فارسي.

محمد شفيع ٺٽوي
1. مجموعهء انشا، دو جلد_ فارسي.

محمد صالح ٺٽوي
1. دستور السياق_فارسي.

قاضي محمد ظهير ٺٽوي بن اسد العما قاضي عبدالغفار (بنرمان) عالمگير)
1. فتاويٰ ظهيري _ فارسي.
2. حواشي برڪتب درسيـﮧ _ عربي.

عبدالرسول بن ملا يوسف
1. نفائس الافڪار في العرايس الابڪار_ فارسي.

عبدالوهاب بن عبدالرحمان
1. رساله در مذهب اماميـﮧ.

قاضي عطا الله عطا عباسي (از اولاد علامه قاضي نعمت الله) ديوان عطا _ فارسي.
محمد علي بن شيخ عبدالواسع صوفي
1.تصانيف در اڪثر علوم.

محمد باقر جويا ٺٽوي
1. ديوان جويا _ فارسي.

ميان ابوالحسن ٺٽوي
1. مقدمة الصلواة(1) _ سنڌي.

فتح الله ولد ميان عبدالله
1. ديوان(2) _ فارسي

ملا فيض الله
1. مثنوي _ فارسي.

محمد شفيع بن شيخ محمد امين
متعدد تصنيفات.
محمد اشرف بهجت بن قاضي محمد يعقوب بن قاضي قاضن بن قاضي محمد قاسم
ديوان بهجت_ فارسي.
تحسين ملتاني الٺٽوي(3)
1. متعدد رسائل در فقهه.

ابو طيب سنڌي بن عبدالقادر
1. شرح جامع الترمذي، ٻه جلد ڇپيل.
2. حاشيه علي الدر المختار.
3. قرة الانظار شرح تنوير الابصار (پشاور ۾ موجود آهي).

عبدالسبحان ٺٽوي
1. ديوان حسيني _ فارسي.

مخدوم حسن بن الميدنه ٺٽوي
1. شرح شرعة الاسلام المسميٰ بموارد الشريعة.

محمد تقي دوهائي ٺٽوي
1. شفاء السقيم.
2. دافع الامراض(1).

ڪلهوڙن جو دور
(1150_ 1196 هه/ 1737_ 1782ع)

قاضي ميان غلام علي (المتوفي 1154 هه)
1. مثنوي (در بحر مثنوي مولانا رومي _ نامڪمل).

مولانا محمد قائم محدث (المتوفي 1157 هه)
1. تبيان الصواب في مناقب سعيدي الماب_ مناقب_ عربي.
2. رساله في الرد علي اصلاح مقدمة الصلواة _ فقـﮧ عربي.
3. فوز الڪرام(2). بما ثبت في وضع الدين تحت السرة او فوقها (حديث).

مير نجم الدين عزلت (المتوفي 1160هه)
1. رساله يکروزي.
2. طوطي نامـﮧ _ نثر فارسي.
3. ديوان عزلت _ فارسي.

مخدوم محمد معين (المتوفي 1161 هه)
1. رساله اويسيـﮧ، طريقه اويسـﮧ جي بحث ۾ _ فارسي.
2. شرح رموز عقائد الصوفيـﮧ _ عربي، (1133 هه ۾ نواب مهابت خان ڪاظم جي تحريڪ تي لکيائين)، در جواب رساله فيروز صوفي شطاري اڪبر آبادي(1).
3. رساله در بيان اثبات رفع الدين _ عربي.
4. رساله در بيان اثبات رفع الدين_ فارسي.
5. رساله در ترديد ابن الهمام (در بحث تقديم قرا بر اعلم در امامت)، عربي.
6. ايقاظ الوسنان (در بحث کفات قريش) _ عربي.
7. نماية الفسخ لمستلة النسخ (در بحث نسخ اجتهادي)_ عربي.
8. جزء في الکلام علي حديث المصراة ، رساله در بحث حديث المصراة (در اثبات آنکه اين حديث موافق قياس است)_ عربي.
9. رساله در تحقيق اهلبيت، بحث بر آيـﮧء تطهير _ عربي.
10. غاية الايضاح في المحاکمة بين النووي و ابن صلاح _ عربي.
11. ابراز الضمير للمنصف الخبير_ عربي، آثار صحابه و مقاومت احاديث مرفوعه.
12. انوار الوجد من مخ المجد، بحث اسرار باطنـﮧ مطابق ذوق صوفيـﮧ _ عربي.
13. رساله مفردة في انتقاد الموضعين من فتح القدير، در تنقيد بر دو مقام از فتح القدير_ عربي.
14. رساله در تحقيق معني حديث، لانورث ما ترکنا صدقة_ عربي.
15، مواهب سيد البشر في حديث الائمة الاثنيٰ عشر، فضليت اهلبيت، عربي.
16. رساله قرة العين في البکاء عليٰ الامام حسين،تاليف 1142 هه، عربي(1).
17. الحجة الجليـﮧ في نقض الحکم بالافضيلـﮧ، در فضيلت حضرت علي _ عربي.
18. رساله در اثبات اسلام ابي طالب_ عربي.
19. رساله در بحث تناسخ_ عربي.
20. دراسات اللبيب في الاسوة الحسنة باالحبيب_ عربي.
21. شرح ديوان حافظ.
22. حاشيه زوراء _ فلسفه.
23. بهجة النظائر في برات الابرار_ رد مخدوم محمد هاشم.
24. رساله في تحقيق معنيٰ الحديث.
25. الجوهر الثمين _ پيدائش دنيا و فنا، فلسفه.
26. الخواطف للتصوف.
27. رساله اعتدالات الاربعه_ منطق و فلسفه.
28. وحدت الوجود و الموجود_ فلسفه تصوف.
29. الحق الصريح _ سماع جو جواز.
30. رسالة الکلي الطبعي_ منطق.
31. رفع الاشکال و الزحمـﮧ_ شرح بعض اقوال ابن عربي.
32. المدرار الديمة علي حاشيه القديمة_ علم ڪلام.
33. غاية ما ظهر لاضعف الانام في ان الکلام المحتمل لا يوجب الاسلام.
34. رسالت بالاجوابة الفاصلة لاسئلة الڪاملة.
35. مجمع النکات_ عربي(1)

محمد صالح بن ملا زڪريا ٺٽوي.
1. معارف الانوار في بيان فضائل سيد الابرار و ائمـﮧ اطهار و احوال
قطب المختار، تاليف 1140 هه(2) _ فارسي.

سريرام ٺٽوي
1. مثنوي در جنگ مرزا حسين با راهُمـﮧ(3) _ فارسي.

محمد محسن ٺٽوي (متوفي 1163 هه)
1. عقد دوازده گوهر_ مناقب فارسي.
2. طراز دانش_در بيان ولادت صاحب الزمان.
3. حملـﮧء حسيني معروف به اعلام ماتم(4)_بر وزن حملـﮧ حيدري.
4. ديوان قصائد_ فارسي.
5. محک کمال(1) _ فارسي شاعرن جا هم رديف غزل.
6. ديوان محسن(2) _فارسي.

آقا محمد صالح واثق ايراني
1. ديوان واثق_ فارسي.

مير حيدر الدين ابوتراب ڪامل امير خاني (المتوفي 1124 هه)
1. دو بياض ضخيم شعر فارسي(3).

ڇتر ڀوڄ ٺٽوي (المتوفي 1171 هه)
1. مجموعه منشات.

مخدوم ابو الحسن مدني الصغير عرف ميان غلام حسين محدث (المتوفي 1187 هه)بن محمد صادق
1.بهجة النظر علي شرح نخبة الفکر(4).
2. انباء الانبهء في حيات الانبياء _سيرت.
3. شرح جامع الاصول.
4. مختار الاطوار في طوار المختار.
5. الفيوضات النبويه في حل الغازي البرڪويه.

هي ڪتاب 16_ رجب 1178 هه جو مدينه عاليه ۾ تصنيف ۽ 26_ جمادي الثاني 1179 هه جو ڪتابت ٿيل نسخو بنگال ايشياٽڪ سوسائٽيءَ ۾ آهي.

شيخ محمد مريد قانون گو (المتوفي 1171 هه)
1. مجموعه انشا

ميان شيخ محمد ڊگهو (المتوفي 1174 هه )
1. اکين جي بيمارين تي ۽ علاج تي هڪ وڏو ڪتاب، فارسيءَ ۾.

ملا ابوالبقا ٺٽوي (المتوفي قريب 1174 هه)
1. گلستان سعدي، منظوم در بحر شاهنامه.

آخوند فيض الله طپش (1174 هه ۾ زندهه هو).
1. مجموعه انشاء

مخدوم محمد هاشم ٺتوي (المتوفي 1174 هه)

(الف)
1. اصح الاسانيد_ عربي
2. انحاف الاکابر بمرويات الشيخ عبدالقادر_ عربي
3. اصلاح مقدمة الصلواة(1)_ سنڌي
4. ارشاد الظريف لاطوار التصنيف
5. اساس المصلي _ عربي.
6. اجادة النجدة

(ب)
7. البياض الجامع في اقوال الفقها(1)_ عربي.
8. بذل القوه في حو ادث سني النبوه _ عربي.
9. بناء الاسلام(2) _ سنڌي.
10. الباقيات الصالحات في ذکر الازواج الطاهرات_ فارسي.
11. بسط البردة لناظم البردة _ عربي.

(ت)
12. تنقيح الڪلام في النهي عن قراةء الفاتحة خلف الامام،علامه ميمنيءَ وٽ هو _ عربي.
13. تتميم حاشيـﮧ خيالي _ عربي.
14. تحفة الغازي بجمع المغاري.
15. تصحيح المدرڪ في ثبوت اسلام الذي بقولـﮧ انا مثلڪ_ عربي.
16. تمام العناية في الفرق بين صريح الطلاق و الڪناية(1) _عربي
17. تحفة الاخوان في منع شرب الدخان 1134 هه _فارسي.
18. تهذيب الاصلاح في تنوير المصباح.
19. تحرير ڪبير في الرد علي من اعترض علي الحافظ ابن تيميـﮧ فيما تڪلم بـﮧ من التعليق بالشرط_ عربي.
20. تحفة المساڪين الي جناب الامين
21. تحفة المسلمين في تقدير مهور امهات المومنين_ فارسي.
22. تحفة التائبين_ سنڌي.
23. تحقيق الڪلام في الرد علي من نفي صحة اسلام المخطي بڪلمة الاسلام_ عربي.
24. التحفة انهاشمية في شرح القصيدة القاسميـﮧ (المعروف بالحريري في علم العروض)_ عربي.
25. تحقيق الملڪ في ثبوت اسلام الذمي بقولـﮧ للمسلم انا مثلڪ_ عربي.
26. التحفة المرغوبة في عدم ڪراهة الدعاء بعد المڪتوبة سنه 1168 هه_ عربي.
27. تفسير سورة الڪهف_ عربي.
28. تفسير سورة الملڪ و النون_ عربي.
29. ترصيح الدرة علي درهم الصرة _ عربي.
30. تحفة العلماء في قول الصلاة خير من النوم في اذان الفجر حال القضاء_عربي.
31. تفسير القرآن، المعروف بالتفسير الهاشمي(1) سنه 1162 هه_ سنڌي
32. تهذيب الڪلام_عربي.
33. تفسير القرآن، المعروف بالتفسير الهاشمي_ عربي.
34. تحفة القاري بمجمع المقاري_ عربي.

(ث)
35. ثمانية قصائد صغار في مدح النبي صلي الله عليـﮧ وسلم_عربي.
36. ثنائيات موطا امام مالڪ_ عربي.
37. ثلاثيات الاثار بمحمد بن الحسن_عربي.
38. ثلاثيات صحيح البخاري_ عربي.
39. ثلاثيات المعجم الصغير للطبراني_ عربي.

(ج)
40. جنات النعيم في فضائل القرآن الڪريم_ عربي.
41. جمع اليواقيت في تحقيق المواقيت_ فارسي.

(ح)
42. حديقة الصفا في اسماء المصطفيٰ _ عربي.
43. حيات القلوب في زيارة المحبوب(1) _ فارسي.
44. حيات القاري في اطراف البخاري_ عربي.
45. حيات الصائمين(2) _فارسي.
46. الحجة القويـﮧ في الرد علي من قدح في الحافظ ابن تيميـﮧ_عربي.
47. حلاوت الفهم بذڪر جوامع الڪلم _ عربي.
48. الحصن المنوع عما اورد علي من ادرج الحديث الموضوع_ عربي.
49. الحجة القوية في مسئلة القطع بالافضيلة_ عربي.
50. حاشيـﮧ بر تفسير هاشمي_ عربي.
51. الحجة الجلية في حڪم ڪراهة سورء الاجنبية_ عربي.
52. حمل السلاح عليٰ معاند الاصلاح

(خ)
53. خلاصة البيان في القرآن_ عربي.

(د)
54. درهم الصرة في وضع اليدين تحة السّره، سنه 1137هه_ عربي.
(دُن کان هيٺ هٿ ٻڌي نماز پڙهڻ تي)
55. دستور الفرائض،سنه 1130 هه

(ذ)
56. ذريعة الوصول اليٰ جناب الرسول_ فارسي.

(ر)
57. رسالة في المنع عن الماتم في ايام عاشوره.
58. رسالة في تعداد وجوه القراة الجارية في لفظة الان_ عربي.
59. رسالة في جمع وجوه القرائة الجارية في آية سورة البقرة (1) _عربي.
60. رسالة في تحقيق ان الواجب علي العالم المقلد اتباع المجتهد اوالعمل بظاهر الحديث_فارسي.
61. رسالة في ذڪر افضل ڪيفيات الصلواة علي النبي صلي الله عليـﮧ وسلم_ سنڌي.
62. رسالة في موعظة ما يتعلق با حوال القبر و ما بعده _ سنڌي.
63. رسالة في ڪيفيت مسح الراس_ عربي.
64. رسالة في تعداد وجوه القراة الجارية في قولـﮧ تعاليٰ(1) عربي.
65. رسالة في شرح قولـﮧ صلي الله عليـﮧ وسلم لعمار بن ياسر(2) _عربي.
66. رسالة في الجواب عما ڪتب بعض الافضل في الجواب عنها_ عربي.
67. رسالة في صغريٰ تقدير صدقة الفطر_ عربي.
68. رسالة في ان ساب النبي ان اسلم لايسقط عنـﮧ القتل و لوڪان ڪافراً اصلياً_ عربي.
69. رسالة في الحڪم بالاسلام علي الذمي انندرام_عربي.
70. رسالة في تحقيق اسانيد حديث اقتلو الساحر والساحره_ عربي.
71. رسالة في تقدير الوضوء والغسل بموازين بلدة التنـﮧ_فارسي.
72. رسالـﮧ سنديـﮧ (في ترجمة الدعائين)_سنڌي.
73. رفع الخفاء عن مسئلة الراءِ (11 رمضان 1172 هه)_ پروفيسر خسرو وٽ_ عربي.
74. رسالـﮧ در ذبح شڪار.
75. رفع الغطاء عن مسئلة جعل العمامة تحت الرداءِ_ عربي.
76. رفع الغين عن مسئلة الجمع بين العمتين_ عربي.
77. رفع النصب لتڪشير التشهدات في المغرب_ عربي.
78. راحة المومنين (ذبح _شڪار جي سلسلي ۾، 1130هه)_ سنڌي.
79. رشف الزلال في تحقيق في الزوال_ فارسي.
80. رسالـﮧ في وجوه قراعة الاية(1)
81. رسالـﮧ في مسئلة السُڪر.
82. الرحيق المختوم في وصل اسانيد العلوم.
83. روضة الصفا في اسماء المصطفيٰ.

(ز)
84. زاد السفينة في اسامي المدينة _ فارسي.
85. زاد الفقير (روزن جا مسئلا، 1125 هه) _ سنڌي

(س)
86. السيوف القاهره علي ساب الخمسة الطاهرة _ عربي.
87. السيف الجلي علي ساب النبي_ عربي.
88. سفينة السالڪين الي بلدالله الامين_ فارسي.
89. السنة النبوية في حقيقة القطع بالافضيلة.

(ش)
90. الشفاء الدائم عن اعتراض القائم (مولوي قاسميءَ وٽ آهي.)_عربي.
91. الشفاء في مسئلة الراءِ (شوال 1147 هه)(1) _عربي.
92. شفاء الجنان لاهل الصدق والايقان_عربي.
93. شد النطاق فيما يلحق من الطلاق_ عربي.

(ط)
94. الطراز المذهب في ترجيح الصحيح من المذهب.
95. الطريق الاحمديـﮧ_عربي.

(ع)
96. عين الفقهه.

(غ)
97. غنية الظريف بجمع المرويات و التصانيف_عربي.
98. غاية النيل في اختصار الاتحاف والذيل_ عربي.

(ف)
99. فاڪهة البستان، 1132 هه_ عربي.
100. فتح الغفار لعوالي الاخبار_ عربي.
101. فتح القوي في نسب آباء النبي _ فارسي.
102. فتح الڪلام في ڪيفية اسقاط الصلواة والصيام_ فارسي.
103. فتح العلي في حوادث سني نبوة النبي_ عربي.
104. فتح الغلاف بموازين السبعة من الاوقاف_ عربي.
105. فرائض الاسلام_ عربي.
106. فرائض الايمان_ عربي.
107. الفصل المبين بحل عقدة ولهم الشڪ لا يزول اليقين_ عربي.
108. فيض الغني في جواز نڪاح البالغة بدون اذن الولي_ عربي.
109. فيض الغني في تقدير صاع النبي صلي الله عليـﮧ وسلم_فارسي.

(ق)
110. القول الانور في حڪم لبس الاحمر_ عربي.
111. القول المعجب في بيان ڪثرة تشهدات المغرب_ عربي.
112. قال اقوال.
113. قوت العاشقين (اول بمبئيءَ مان ڇپيو، ٻيو ڇاپو سنڌي مسلم ادبي سوسائٽيءَ طرفان ڇپيو) _سنڌي.

(ڪ)
114. ڪشف الغطا عما يحل و يحرم من النوح و البڪا(1)، 1142 هه_ عربي.
115. ڪشف الرين عن مسئلة رفع اليدين، 1149 هه (علامه ميمنيءَ وٽ هو)_ عربي.
116. ڪشف الرمز عن وجوه الوقف علي الهمز_ عربي.
117. ڪشف الستر في تقدير صدقة الفطر.
118. ڪحل العين بمايقع من وجوه القراعة بين السورتين_عربي.
119. ڪفايت القاري(2)_ عربي.

(ل)
120. الؤلؤ المڪنون في تحقيق مدالسڪون، رمضان 1148 هه (پروفيسر خسرو وٽ هو)_ عربي.

(م)
121. مظهر الانوار (في مسائل صيام) _ عربي.
122. معيار النقاد في تميز المغشوش من الجياد(3)_ عربي.
123. مناسڪ الحج، 1135 هه.
124. مفتاح الصلواة
125. مد الباع الي تحرير الصاع _ عربي.
126. موهبة العظيم في ارث حق مجاورة الشعر الڪريم.
127. مقدمة الصلواة_فارسي.
128. المتڪب الي تڪثير التشهدات في صلواة الغرب.

(ن)
129. نور العينين في اثبات الاشارة في التشهدين_ عربي.
130. النور المبين في جمع اسماء البدريين_ عربي.
131. نتيجة الفڪر في تحقيق صدقة الفطر_ فارسي.
132. النفحات الباهرة في جواز القول بالخمسة الطاهرة_ فارسي.
133. نور البصائر ذيل اتحاف الاڪابر_ عربي.
134. نظم الجواهر بذيل اتحاف الاڪابر_ عربي.

(و)
135. الوصية الهاشميـﮧ _ عربي.
136. وسيلة الغريب اليٰ جناب الحبيب (بشرح اسماء الرسول البشير)_فارسي.
137.وسيلة القبول في حضرت الرسول_ عربي.
138. وسيلة الفقير اليٰ اسماء البشير و النذير_ فارسي.

(هه)
139. هذا المنڪب الي تڪثير التشهدات في الصلواة المغرب(1)_ عربي.

مخدوم عبدالخالق ٺٽوي (شاگرد مخدوم محمد هاشم)
مطلوب المومنين، 1157 هه_ مسائل.
مير محمود صابر (المتوفي 1181 هه)
1. ديوان _ هندي.
2. ديوان_ فارسي.
3. مراثي.
4. روضة الشهداء

محمد پناهه رجا ٺٽوي (المتوفي 1197 هه)
1. ديوان رجا
2. بياض رجا(2).
شيوڪ رام عطارد
1.منشات عطارد
2. هير و رانجهه(3).

غلام علي مومن (معاصر قانع)
1. ديوان مومن

مير علي شير قانع (المتوفي 1203 هه)
1.ديوان مظهري، 1152 هه.
2. مثنوي شمـﮧء از قدرت حق، 1165 هه.
3. مثنوي قضا و قدر، 1167 هه.
4، نو آئين خيالات، 1169 هه.
5، مثنوي قصهء ڪامروپ، 1169 هه.
6. ديوان قال غم، 1171 هه.
7. ساقي نامه، 1174 هه.
8. واقعات حضرت شاه، 1174 هه.
9. مثنوي چهار منزلـﮧ، 1174 هه.
10. تزويج نامـﮧ حسن وعشق، 1174 هه،
11. اشعار متفرقـﮧ در صنايع و تاريخ، 1174 هه.
12. بوستان بهار عرف مڪلي نامـﮧ، 1174هه(1).
13. تذڪره مقالات الشعرا،1174 هه(2).
14. تاريخ عباسيـﮧ منظوم، 1175 هه.
15. تاريخ عباسيـﮧ، نثر، 1175 هه.
16. تحفة الڪرام (ٽي جلد)، 1181 هه(3).
17. مثنوي اعلان غم، 1192 هه.
18. زبدة المناقب، 1192 هه.
19. مثنوي مختار نامـﮧ 1194 هه.
20. نصاب البلغا، لغت، 1198 هه.
21. مثنوي ختم السلوڪ، 1199 هه.
22. طومار سلاسل گزيده، 1202 هه.
23. شجره اطهر اهلبيت، 1202 هه.
24. تذڪره معيار سالڪان طريقت، 1212 هه.
25. روضة الانبياء
26. قصاب نامـﮧ مثنوي
27. ميزان الافڪار منظوم
28. تذهيب طباع
29. سرفراز نامـﮧ
30. حديقة غُلبا
31. مثنوي کان جواهر
32. ميزان فارسي
33. رسالـﮧ معما مع شرح
34. لب تاريخ ڪلهوڙه
35. بياض محڪ الشعرا
36. ديوان ”قانع“
37. قصائد و منقبت
38 انشاء قانع
39. مثنوي محبت نامـﮧ
40. ؟
41. ؟ (1)

مخدوم ضياء الدين (المتوفي 1171 هه)
1. سنڌي (سنڌي سيکارڻ جو ڪتاب، جنهن کي مخدوم ضياءُ الدين جي سنڌي چيو وڃي ٿو).

غلام علي مداح ولد محسن ٺٽوي (تولد 1145 هه)
1. ديوان مداح_ فارسي.

پرسرام مشتري (معاصر قانع)
ديوان مشتري _ فارسي.
شيخ محمد اعظم ٺٽوي
1. تذڪرهء تحفة الطاهرين، 1194 هه(2).
2. هيئت العالم، 1207 هه.

مخدوم عبدالڪريم بن مخدوم محمد زمان (جد خليل، در حدود 1212 هه)
1. تفسير سورهء ياسين.
2. تفسير سورهء تبارڪ.
3. تفسير سورهء هل اتيٰ.
4. رسالهء حل الولـﮧ (مڪاتيب _ تصوف)

مخدوم عبدالرحمان بن مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
حيات العاشقين، مناسڪ حج، سنڌي.
مخدوم عبداللطيف بن مخدوم محمد هاشم (متوفي بعد 1174 هه)
ذب الذبابات الدراسات عن المذاهب الاربعة المتناسبات_ عربي(1).
مخدوم محمد ابراهيم بن مخدوم عبداللطيف بن مخدوم محمد هاشم (المتوفي 1225 هه)
1. ابلاغ جهد الدمص في مسئلة قص اللحي و انتف و النمص _ فقهه.
2. اغناء الواصل في جواز تلقي الجواب عن النوازل ................. _ فقهه.
3. اماطلة اذي العيد عن لاطريق جواز استعمال اموال الڪافر العنيد _ فقهه.
4. تحرير في بيان آخر الظهر_ فقهه.
5. تطييب افواه الاخوان في المنع عن شرب الدخان_ فقهه.
6. توثيق الاسباق في مسئلة الصداق _ فقهه.
7. تهذيب البيان في اجوبة اسولة من وحيد من الاڪابر الخلان_ فقهه.
8. الحبل المتين في اوصاف خلفاء الراشدين_ مناقب.
9. رسالـﮧ في بيان السلسلة_ تصوف.
10.سحق الاغبياء من الطباغين في ڪمل الاولياء واتقياء العلماء _ فقهه.
11. سير التقرير في تحقيق مقاصد مسئلة استعمال الحرير_ فقهه.
12. طريدة الحياڪ مماطرده الخصم بقطع شباڪ في مسائل التبناڪ _فقهه.
13. غسل العياڪ عن تصويب قطع التبناڪ _ فقهه.
14. القسطاس المستقيم في الجواب عما وقع .....
15. مفتاح الڪلام_ قواعد فارسي.
16. القول الرضي بتصحيح حديث الترمذي في فضل معاويه الصحاي_ عربي_ فقهه.
17. نثر حلاوي المعارف في العلوم في الرد علي من نصر الڪفار و اهل الرسوم.
18. نشيچ الضحيٰ في حل مسئلة قص اللحي_ فقهه.
19. وصول الغنا في تحريم الدفوف مع الجلاجل و الغناء.
20. وعظالانوار في حڪم مسئلة روية القمر يوم الشڪ في النهار_ فقهه.
21. هداية الناس في البقا الشعر و فرقها و ارسالهاعن الراس_ عربي_ فقهه.
22. غنية البشر في المداخل جفرية الجعفرية الاثنيٰ عشر(1).
23. دماج المغم في مسئلة ان جوده پور دار حرب.
24. رساله في جواب بعض اسولة الشيخ محمد بن احمد بن عبدالرحمان بن عبداللطيف ال شيخ المخدوم ابراهيم السندي.
25. رساله في اجازة والتلقين بالطريقة النقشبندية الاحمدية المعصومية الصفية ڪتبها تفسير قاسم بن علي بن محمد الاسطامي والسيد
مصطفيٰ بن السيد محمد الرهاوي.
مخدوم عبدالغفور بن عبداللطيف ثاني بن محمد ابراهيم بن عبداللطيف بن مخدوم محمد هاشم
1. حجم الذيغ العيون في رد مبيح الفسق الفتون_ فقهه.

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي.
رسالـﮧ در مدح سنڌ(2)_ فارسي.
حڪيم محمد تقي ٺٽوي
شفاء السقيم(3)_ فارسي.
ملا محمد حسين ٺٽوي
مثنوي ناز و نياز (قصه سسئي پنهون)_ فارسي.

ٽالپري دور
(1196_ 1259هه/ 1782_ 1843هه)

مير عظيم الدين ٺٽوي (المتوفي 1229 هه)
1. مثنوي سير دل، سنه 1206 هه_ فارسي.
2. مثنوي فتح نامـﮧ،سنه 1209هه(1)_فارسي.
(ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي تاريخ ۾، بطرز ”شاهنامـﮧ“)
3. ديوان عظيم، سنه 1210 هه_ فارسي.
4. مثنوي هير و رانجهه، سنه 1214 هه_ فارسي.
5. انشاءِ عظيم(2).
6. ديوان عظيم _اردو

مير ضياءُ الدين ضياءُ ٺٽوي (المتوفي سنه 1229 هه)
1. ديوان ضياء(3)_فارسي.
2. ديوان ضياء _ اردو
3. مثنوي هير و رانجهه(4)_فارسي.
4. انتخاب شعرا(5).

مير غلام علي مائل ٺٽوي (المتوفي سنه 1251 هه)
1. ديوان مائل_ فارسي.
2. ديوان مائل(1)_فارسي.
3. ديوان مائل _ اردو
4. تذڪره مجمع البلغا(2)_ فارسي.

انگريزي دور
(1259_ 1367 هه/ 1842_ 1947ع)

غلام علي سبز پوش ٺٽوي
1. بياض بطور محڪ، سنه 1268 هه( مختلف فارسي شاعرن جا هم قافيه غزل)_ فارسي.
2. بياض دو جلد ديوان علي _فارسي.

ميان غلام حسين سبز پوش افضل ٺٽوي (المتوفي سنه 1278 هه)(3)
1. مثنوي تنبيـﮧ المعاندين_ فارسي.
2. مثنوي نان و نمڪ_ فارسي.
3. نوروز (نظم و نثر)_ فارسي.
4. مجموعه انشاء _فارسي.

مير سيد صابر علي صابر ٺٽوي (المتوفي سنه 1286 هه)
متعدد بياض ديوان صابر(4)_فارسي.
سيد موٽيل شاهيل شاهه ڪمتر رضوي (المتوفي بعد 1293 هه)
دو ديوان غزليات و مراثي(1)_فارسي.

مخدوم فيض احمد فيض (وفات بعد 1296هه)
1.ديوان فيض(2)_فارسي و اردو.

مير سيد عباس علي بخاري (وفات بعد 1299 هه)
ديوان علي(3)_فارسي.

قاضي غلام علي جعفري (المتوفي سنه 1303 هه)
1. ديوان جعفري_ فارسي.
2. ديوان جعفري_ اردو.
3. تاريخ هند(4)_سنڌي

قاضي علي محمد فقير (المتوفي سنه 1306هه )
1. ديوان فقير_ فارسي.
2. بياض غزليات_ فارسي.

مشرف علي فدوي
1. ديوان فدوي(5).

سيد امام بخش رضوي فدوي (وفات 1308 هه کان هڪ ٻه سال اڳ)
چند ديوان _ سنڌي و فارسي.
غلام مرتضيٰ مرتضائي رضوي
1. مثنوي يوسف زليخا، سنه 1308 هه(1)_سنڌي.
2. مثنوي سڪندر نامـﮧ نظامي_ سنڌي.
3. مخمس ڪريما_ سنڌي.
4. ديوان سنڌي(2)_سنڌي
5. طوطي نامو_ سنڌي(3)_سنڌي
6. محڪ مرتضائي (هم زمين غزلن جو مجموعو).

مخدوم محمد ابراهيم خليل (المتوفي سنه 1317 هه)
1. تذڪره تڪلمـﮧء مقالات الشعرا، سنه 1307 هه(4)_فارسي.
2. تحفة الفقير(5)_فارسي.
3. ديوان مسڪين_فارسي.
4. ڪشڪول مسڪين، مڪاتيب_ فارسي.
5. ديوان خليل_ فارسي.
6. مائده، خليل، مڪاتيب_فارسي.

مولوي حڪيم محمد واصل بن درس رحمون
مـــــثـــــنـــــوي گـــــلــــــزار واصــــــــل، قــــصـــــو ســــســــئي پـــنــــهــــون، تــــــالــــيـــف 299 هه (1)_ســــــنــــــڌي.
سيد لطف علي بن عسڪر علي شڪر الاهي بن مير مائل بن قانع
سفر نامـﮧ تحفة الباصرين(2)_فارسي.

محمد زمان رضوي زمان ولد ميرزا شاهه مهدوي
1. ديوان _ سنڌي.
2. عشق جي چمق_سنڌي.
هي بزرگوار ٺٽي جو آخري شاعر هو؛ هن کان پوءِ اها ڏات ٺتي وارن مان هلي ويئي.

[ ”مهراڻ“، 1_1980ع]


________________________________________
(1) اها مثنوي راقم الحروف سنڌي ادبي بورڊ جي ذريعي شايع ڪئي آهي،
(2) مخدوم محمد هاشم جي مطالعي ۾ هئي. هن وقت ڪٿي به موجود ڪانه آهي،
(3) جن بادشاهن، شاهزادن ۽ اميرن فارسيءَ ۽ ترڪيءَ ۾ شاعري ڪئي آهي، انهن جي حالات ۾ هي تذڪرو آهي، جيڪو مولف شاهه حسن ارغون جي چوڻ تي ٺٽي ۾ لکيو. راقم الحروف اهو تذڪرو سنڌي ادبي بورڊ جي ذريعي شايع ڪيو آهي،
(4) هي مختصر ڪتاب ساڳئي مولف؛ شاهه حسن جي حڪم تي، فن عروض ۽ صنايع بدايع ۾ لکيو آهي، منجهانئس اقتباس روضـﺔ السلاطين جي مقدمي ۾ ڏنا ويا آهن، ٽيون نمبر ڪتاب ”جواهرالعجائب“ ٻه دفعا ڇپيو آهي. ٽيون دفعو راقم جي تصحيح سان روضـﺔ السلاطين سان گڏ ڇپيو آهي.
(5) ڪتاب 2 حڪيم محمد احسن وٽ هو، جيڪو سندس خانداني ڪتبخاني مان آيل هو. ڪتاب 3 مولوي قاسمي صاحب وٽ آهي ۽ ڪتاب 4 پير جهنڊي جي ڪتبخاني ۾ آهي.
(1) سيد عليءَ، سسئي پنهون جو اهو قصو هڪ سنڌي زبان جي منظوم تصنيف (قصهء سسئي پنهون) فارسي نثر ۾ ڪيو، جنهن تان وري رضائي ٺٽوي ”مثنوي زيبا نگار“ تصنيف ڪئي.
(2) هي ڪتاب مرزا جانيءَ جي نالي معنون ٿيل آهي. هن بزرگ پنهنجي نياڻي سيد احمد شيرازيءَ کي ڏني، جنهن مان سيد مراد شيرازيءَ جو خاندان شروع ٿيو.
(3) مومل مينڌري جو قصو مثنويءَ ۾ بيان ڪيل آهي.
(1) هي سنڌ جي بزرگن جو نظم۽ نثر ۾ تذڪرو آهي، مرزا خسرو چرڪس جي نالي معنون آهي، راقم هن کي سنڌي ادبي بورڊ جي ذريعي شايع ڪيو آهي.
(2) راقم الحروف هيءَ مثنوي بورڊ ذريعي شايع ڪئي آهي. هيءَ مثنوي ابوالقاسم بيگلار جي نالي معنون ٿيل آهي.
(3) هي ڪتاب بيگلار خاندان جي تاريخ آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ان کي سنڌي ادبي بورڊ جي ذريعي شايع ڪري رهيو آهي.
(4) مصنف پنجاهه سال ارغونن ۽ ترخانن سان گڏ رهيو. نهايت مفصل ۽ قيمتي ڪتاب آهي. هن جو هڪ نسخو علي ڳڙهه ۾ آهي
(1) خلاصـﺔ الحيواة، ابوالفتح بن عبدالرزاق گيلاني (المتوفي 997 هه) جي نالي معنون آهي. ڪتاب ۾ هڪ فاتحه آهي، جنهن ۾ پنج فتح آهن ۽ ٻه مقصد ۽ هڪ خاتمو.
(2) هيءَ تاريخ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي ادبي بورڊ جي ذريعي شايع ڪئي آهي
(3) هيءَ مثنوي عمر مارئيءَ جي قصي ۾ آهي.
(4) هيءَ تاريخ راقم الحروف سنڌي ادبي بورڊ جي معرفت شايع ڪئي آهي. پهريون حصو آهي ’بادشاهه لاءِ نصيحتون‘ ۽ ٻيو حصو آهي سنڌ جي تاريخ تي . تازو بورڊ ان جو سنڌي ترجمو پڻ شايع ڪيو آهي، جيڪو نياز همايونيءَ ڪيو آهي.
(5) هي رسالو دار شڪوه جي نالي معنون ٿيل آهي.
(1) ايشاٽڪ سوسائٽي ڪلڪتي ٻن جلدن ۾ (72_ 1875ع ۾) شايع ڪيو آهي. هن جو هڪ قديم قلمي نسخو بنگال ايشياٽڪ ۾ آهي، جنهن جي ڪتاب 1072 هه. ۾ ٿيل آهي. اوراق 305 آهن (نمبر 24 _ B _ 431). ٻيو نسخو، جنهن جي نظرثاني 1088هه ۾ ٿيل آهي (نمبر 25_ B_ (143)٬
(2) هيءَ لغت متعدد دفعا شايع ٿي آهي، هڪ ڇاپو نولڪشور وارن 1891ع ۾ ڪڍيو.
(3) بنگال ايشياٽڪ سوسائٽيءَ ۾ هڪ ڪتاب آهي، ”حدائق الشعر“، فارسي شاعرن جي تذڪري ۾: مرزا امير بيگ بنارسيءَ جي لکيل (تاليف 1262 هه). ان جي ماخذن ۾ هن ڪتاب جونالو به ڄاڻايو ويو آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ”تحفـﮧ رشيدي)به تذڪري جي قسم جو يا شعرن جي انتخاب جو ڪتاب آهي. ان جي ڪنهن به خطي نسخي جو پتو اڃا ڪو نه آهي. ”حدائق الشعر“ جو نمبر آهي (122_111_702).
(4) هن مثنويءَ جو هڪ قديم نسخو سنڌي ادبي بورڊ ۾ موجود آهي، جنهن مان 18 ورق کٽل آهن
(1) محمد يوسف بن رحمة الله جي منتخب التواريخ (مولفه 1056) جي تلخيص آهي. ابتدا ۾ عبدالشڪور پنهنجي گهراڻي جو احوال لکيو آهي. سندس ڏاڏو مرزا جاني بيگ جو استاد هو. اڪبر وٽ پيش ٿيڻ وقت ساڻس گڏ هو. عبدالواسع بهتر خطاط هو. منشي گري سندس پيشو هو ۽ نه ذريعه معاش، عبدالشڪور جو اهو پيشو هو. هن عيسيٰ، باقي ۽ جاني بيگ جو مفصل ذڪر ڪيو آهي. خاندان جي ختم ٿيڻ جو کيس سخت صدمو هو. هي انتخاب 1804 هه ۾ ٿيو، تاريخ آهي:
الـــــحــــــــــــمـــــــد کـــــه انــتــــخــاب والا، از ديــــــــــدهء عقل انتخــــــــاب اســــــــت
تاريخ تمــــام آن فــــــرو گــــــفـــــــت، بــــــــا غـــايــــت فــضلـــ انتخاب اســـت
= 1054+301084
نسخو خطي علي ڳڙهه ۾ آهي (فارسي ادب بعهد اورنگزيب 469_ 471).
(2) مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽي هن ڪتاب کي سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ شايع ڪيو آهي. مرحوم قليچ بيگ به شايع ڪيو هو. هيءَ شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي ملفوظات آهي. سنڌيءَ ۾ هن جو منظوم ترجمو آهي.
(3) ارغونن ۽ ترخانن جي تاريخ ۾ هيءُ ڪتاب 1060 هه کان پوءِ لکيو ويو. انهيءَ ڪتاب کي راقم الحروف سنڌي ادبي بورڊ جي ذريعي شايع ڪيو آهي.
(1) لاهور ۾ ڪتاب ڇپيو آهي.
(1) هن جو نهايت نفيس نسخو 1127 هه جو لکيل، لاهور يونيورسٽيءَ ۾ آهي. گويا هي نسخو مصنف جي زندگيءَ جو آهي. (نمبر 2 A P C).
(2) امير عبدالڪريم، عالمگير جو امير ۽ ابوالبقا امير خان جو پٽ هو. هي سندس خطن جو مجموعو آهي، جيڪي هن عالمگير جي طرفان لکيا آهن. سندس وفات بعد سندس پٽ مير محمد حسين اشرف خان انهيءَ کي جمع ڪيو: ان جا متعدد نسخا آهن.

(3) هن ڪتاب جو هڪ نسخو نامڪمل مير غضنفر علي بن مير لطف علي همت جي هٿ اکرين سنڌي ادبي بورڊ ۾ آهي، ڪتابت 2 صفر 1143 هه آهي. ڪتاب پنهنجن ٻن پٽن جي واسطي، هر هڪ غضنفر علي (عمر ان وقت 9 ورهيه) ۽ ذوالفقار علي (عمر ان وقت 5 ورهيه) لاءِ لکيو. (غضنفر عليءَ کي جڏهن پٽ لطف علي نالي پيدا ٿيو ته محسن تاريخ چئي _ در مخزون حبيب لطف علي _ )ڪتاب ۾ جملي 12 باب هئا، ليڪن موجود نسخي ۾ پهريون باب مڪمل ۽ ٻئي جو هڪ ٻه صفحو آهي. ڪتاب جي شروعات ۾ هر هڪ باب جي مضمون جي فهرست ڏنل آهي،جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪتاب بنـد و نصايح ٿي لکيو ويو آهي. اهوڪتاب هڪ مجموعي ۾ آهي، جنهن جو تاريخي نالو آهي _ رنگين بياض _ ۽ خط آهي مير غضنفر علي خان جو.

(1) عطا ٺٽوي هڪ لک کان مٿي شعر چيو آهي. سندس هڪ ديوان سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي. باقي شعر ۽ قصيدن جو ديوان اڃا دستياب نه ٿيو آهي.
(2) هن ديوان قصائد ۾ منقبت، حمد ۽ نعت جا قصيدا آهن. مرتب ٿيڻ جي تاريخ آهي:
خرد سال تاريخ ترتيب آن، بگفتا قصائد عطا تهتوي.
1109 هه
(1) هي اٺ مثنويون آهن،جن جو نالو ”هشت بهشت“ آهي. هن مجموعي جو هڪ نسخو سنڌي ادبي بورڊ ۾ آهي، جيڪو عطا جي پنهنجي خط ۾ آهي. انهيءَ مجموعي ۾ هڪ مثنوي ”ڪنز الاحسان“ آهي، جنهن ۾ عطا پنهنجي خاندان ۽ پنهنجو احوال منظوم ڪيو آهي. اٺن مثنوين جي ترتيب آهي: 1. روح رضوان، بحر ”حديقه“، 2. حـــط الجنان،بحر ”بوستان“، 3. ڪنزالاحسان، بحر ”يوسف زليخان“، 4. نور الايمان، بحر ”تحفة العراقين“، 5. حصن الامان،بحر ”محزن الاسرار“، 6. بحرالعرفان، بحر سبحة الابرار“، 7. حرز الايمان، بحر مثنوي مولانا روم“، 8. عجز و نياز، بحر ”يوسف زليخان“.
(2) هن جو هڪ نسخو غلام حسين سبزپوش جي خط ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ آهي. اها مثنوي ٺٽي جي گورنر حفظ الله خان جي (1103 هه) فرمائش تي هڪ نثري قصي مان منظوم ڪيل آهي، ۽ بعد ۾ اعظم خان جي نالي (28_ 1131 هه) ان کي منسوب ڪيو اٿائين. اعظم خان جي تعريف ۾ جيڪو مدحيه قصيدو چيو اٿائين، ان جي تاريخ 1128 هه آهي.
(3) هي بياض سنڌي ادبي بورڊ ۾ آهي. عطا کان پوءِ اهو بياض عطا جي ڀائٽئي ضياء جي مِلِڪ ۾ رهيو آهي،
(4) مير علي شير لکيو آهي ته هن تمام وڏو ديوان پٺيان ڇڏيو آهي،
(5) عبدالحڪيم عطا جو ڀائٽيو هو. بيدل عظيم آباديءَ سان دهليءَ ۾ وڃي مليو. سندس هڪ بياض سندس ئي هٿ اکرين سنڌي ادبي بورڊ ۾ آهي
(1) سسئي پنهونءَ جو قصو. هڪ نسخو برٽش ميوزم ۾ آهي. ٻه خطي نسخا مون وٽ آهن. هڪ نسخو مرحوم محمد بخش ميساوا وڪيل خيرپوريءَ وٽ هو. بهترين نسخو، جنهن جو ذڪر اسپرنگر ڪيو آهي، سو بنگال ايشياٽڪ سوسائٽيءَ ۾ آهي، ان جي ڪتابت 1096 هه جي آهي ۽ شاهزادي محمد اعظم کي پيش ڪرڻ لاءِ لکيو ويو هو. (نمبر 56_ Na_743).
هڪ ناقص نسخو شيرانيءَ جي ذخيري ۾ آهي،جنهن کي فهرست نگار ”مثنوي گلزار معاني“ جو نالو ڏنو آهي. هن مثنويءَ جا ڪيترا ئي نسخا موجود آهن.
(1) هن بزرگ جي سنڌي مشهور آهي. هن جي گهرواريءَ جو ڀاڻيجو ميان عبدالله واعظ (المتوفي 1167 هه) اڃا ننڍو هو، جو هي بزرگ پوڙهو ٿيو. ميان عبدالله، قاضي يحيٰ جي وفات جي تاريخ 1137 هه (ر.ک. مقالات 396)۾ چئي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ميان ابوالحسن انهيءَ کان اڳ فوت ٿيو هوندو. هي ابوالحسن، ابوالحسن ڪبير بن عبدالهادي سنڌي المدني (المتوفي 1138 هه/1725ع ) کان مختلف آهي. بهرحال، هن بزرگ، جيڪو ”مقدمة الصلواة“ لکيو، ان جو رد مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ لکيو. مخدوم محمد قائم وري ان جو رد لکيو.
(2) مير قانع جو قول آهي ته هن تمام وڏو ديوان پٺيان ڇڏيو.

(3) هن مصنف جو زمانو معلوم ٿي نه سگهيو، تنهنڪري اسان اندازي تي کيس مغليه دور ۾ داخل ڪيو آهي.
(1) هي ٻيئي ڪتاب قاضي علي محمد ٺٽويءَ کان نيشنل ميوزم ورتا آهن.
(2) مٿيان ڏيئي ڪتاب جهنڊي ۾ آهن ۽ مولانا قاسميءَ وٽ به آهن.
(1) فيروز جي هن رسالي جو جواب 1181 هه ۾ شاهه فقير الله علويءَ به لکيو هو.
(1) مخدوم محمد هاشم هن جو رد لکيو، ڪشف الغطا جي نالي.
(1) مخدوم صاحب جي تصنيفات جي اها مڪمل فهرست نه آهي، ۽ڪيترا رسالا گم ٿيل آهن، سواءِ رسالي ”اويسيـﮧ“ ۽ ”دراسات“ جي ٻيا ڪتاب نادر آهن. ”دراسات“ ٻه دفعا ڇپيو آهي، پهريون دفعو 1866ع/1284 هه لاهور ۾ شايع ٿيو. آخري دفعو سنڌي ادبي بورڊ 1957ع ۾ شايع ڪيو آهي
________________________________________
(2) ابتدا ۾ حضور جن جي سوانح ۽ حضرت علي عليـﮧ السلام جا مناقب آهن. آخر ۾ سيد محمد حسين پير مراد شيرازي ٺٽويءَ ۽ ان جي خاندان جو ذڪر آهي. رسالو فارسيءَ ۾ آهي.
(3) مرزا شاهه حسن ارغون جي راهمه قبيلي سان جنگ جو احوال. هي ارغون تاريخ جو هڪ باب آهي، ليڪن ملي ڪونه ٿو.
(4) غلام حسين سبزپوش ٺٽويءَ جي خط ۾ مڪمل ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ۾ موجود آهي، تقريبا ڏهه هزار بيت ٿيندا.
(1) هڪ نسخو نهايت خوبصورت مون وٽ آهي: هڪ نسخو وچ مان نامڪمل سنڌي ادبي بورڊ ۾ آهي. ۽ هڪ نسخو حفيظ هوشيار پوريءَ وٽ آهي. هڪ نسخو بنگال ايشياٽڪ سوسائٽيءَ ۾ آهي، جنهن کي مير ڪرم علي خان پنهنجي لاءِ 28_ شوال 1231 هه جو محمد صالح بن عبدالله کان لکرايو. ڪيٽالاک ۾ ڪتاب جو نمبر آهي325/1926ع. ڪتاب هم قافيه غزان جو مجموعو آهي، جنهن ۾ ايران جي گهڻو ڪري سڀني شاعرن جا غزل آهن. محسن پنهنجا غزل به ڏنا آهن. ڪتاب ميان نور محمد ڪلهوڙي جي نالي تي معنون آهي.
(2) ديوان جو هڪ خطي نسخو ٽالپوري ڪتبخاني ۾ آهي، جنهن تان سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي ايڊيشن تيار ڪرائي ڇپايو آهي، هڪ خطي نسخو پير جعفر علي شاهه راشدي ٽنڊي الهيار واري وٽ آهي، ۽ هڪ نسخو نقل ٿيل پينسل سان مون وٽ آهي.
(3) قانع جو قول آهي ته مير مرحوم پنهنجي خاص شاگرد محمد پناهه رجا ٺٽويءَ کي ٻه ضخيم بياض شعر جا تدوين لاءِ ڏنا هئا. خبر ناهي ته رجا ديوان مدون ڪيو يا نه!

(4) مطبوعه لاهور _ 1193 هه جو لکيل نسخو بنگال ايشياٽڪ سوسائٽيءَ ۾ آهي.
(1) مولانا ابوالحسن جي ڪتاب ”مقدمة الصلواة“جي اصلاح.

(1) هن جو هڪ خطي نسخو ٽن جلدن ۾ مولانا عبدالعزيز ميمڻ بمبئيءَ مان خريد ڪيو آهي. انهيءَ نسخي تي ٻن جاين تي 1126 هه لکيل آهي. ڪيترن علمائن جون فتوائون هن ۾ موجود آهن. فتاويَ پورانيءَ جا حوالا به آهن. ٺٽي جي ڪيترن ٻين علمائن جون فتوائون به هن ۾ درج آهن
(2) 262 صفن تي (ڪرائون سائيز) 1959ع ۾، نصرپور ۾ ڇپيو آهي. هن کي سولي سنڌيءَ ۾ ڪري ميان محمد اسماعيل ڪنڀار ٺتويءَ 1975ع ۾ ڪراچيءَ مان ڇپايو.
(1) هيءُ رسالو عربيءَ ۾ آهي. مسئله طلاق تي . 1300 هه ۾ (مهيني ذوالقعده) مصطفائي پريس بمبئيءَ ۾ (8 صفحن تي) ڇپيو.محمد عمر ناخدا جي تحريڪ تي خطي نسخو مولف جي پونيرن مان هڪ مولوي غلام محمد جي ذريعي مليو، جنهن تان اهو نسخو ڇاپيو ويو.

(1) هيءُ تفسير ڪريمي بمبئيءَ ۾ 1330 هه ۾، ليٿوءَ ۾، 504 صفن تي ڇپيو آهي. قرآن مجيد جي آخري (ٽيهين) پاري جو ترجمو آهي، جيڪو مخدوم محمد هاشم عليـﮧ رحمة 17_ شعبان 1162 هه جو شروع ڪيو.
(1) هيءُ ڪتاب ڇپيل آهي.

(2) مولانا حماد الله وٽ خوشخط نسخو هو. مخدوم مرحوم هن ڪتاب جي لکڻ ۾ ٽن ڪتابن مان مدد ورتي آهي: 1. ”شرح شرعة الاسلام المسميٰ بموارد الشريعه“ از مخدوم مئيڏنه (محي ڏنو) ٺٽوي. 2. ”فتاويٰ پوراني“ از شيخ عبدالوهاب پوراني.3. ”المتانة بوبڪاني.
(1) آية: و اذ اخذنا ميثاق بني اسرائيل ان لاتعبد و الا الله.

(1) آية: حتيٰ اذا استئيس الرسل.
(2) ويح عمار تقتلـﮧ الفئة الباغية.
(1) و ان من اهل الکتاب.

(1) هي رسالو منهنجي هڪ دوست پروفيسر خسرو وٽ ڪراچيءَ ۾ هو. اُن جو حاشيه تي مخدوم پنهنجي هٿ سان پنهنجو نسب لکيو هو: محمد هاشم ابن عبدالغفور ابن عبدالرحمان ابن عبداللطيف ابن عبدالرحمان ابن خيرالدين السندي البتورائي ثم البهرا مغوري ثم التتوي.
________________________________________
(1) في الرد علي الرسالة المسماة بقرة العين في البکا علي الحسين ملمخدوم محمد معين.
(2) رساله منظوم در ذکر مشتبهات قرآن عظيم.
(3) هيءُ محمد حيات سنڌيءَ جي ”الدره في اظهار غش نقد الصره“ تي تنقيد آهي ۽ اهو ڪتاب مخدوم هاشم جي ڪتاب ”دراهم الصره“ جي تنقيد ۾ لکيل آهي.

(1) مخدوم غلام محمد (نبيره مخدوم محمد هاشم) جو قول آهي ته مخدوم مرحوم جون جملـﮧ 150 تصنيفات آهن.
(2) رجا جي هٿ اکرين ٻه بياض سنڌي ادبي بورڊ ۾ موجود آهن.
(3) ڪلهوڙن جي تاريخي خطن جو مجموعو نهايت قيمتي آهي. هير رانجهي جو قصو نثر ۾ ميان سرفراز خان عباسيءَ لاءِ لکيو هئائين
(1) راقم الحروف هيءُ ڪتاب، مير قانع جي سوانح ۽ حواشيءَ سان گڏ، سنڌي ادبي بورڊ جي ذريعي شايع ڪيو آهي.
(2) راقم الحروف هي تذڪرو سنڌي ادبي بورڊ جي ذريعي شايع ڪيو آهي.
(3) راقم الحروف ٽئين جلد جو پهريون حصو، مصنف جي هٿ اکرين نسخي تان صحيح ڪري، سنڌي ادبي بورڊ جي ذريعي شايع ڪيو آهي.

(1) مير قانع جي ڪتابن جا گهڻو ڪري سڀئي نسخا سنڌي ادبي بورڊ ۾ موجود آهي. انهيءَ سلسلي ۾ قانع جي سوانح تي راقم الحروف جو مضمون (تحفة الڪرام سنڌيءَ ۾ ڇپيل ۽ مقدمه مقالات الشعرا) ڏسڻ گهرجي.
(2) ”تحفة الطاهرين“ تاريخي نالو آهي. ”هيئت العالم“ جو مڪمل نسخو سنڌي ابي بورڊ ۾ آهي. جنهن جا 148 صفحا آهن. سائيز پنج X ساڍا ست، هر صفحي ۾ 13سٽون. هيءُ ڪتاب آغا بدرالدين خان درانيءَ سنڌي ادبي بورڊ جي ذريعي شايع ڪيو آهي. ”هيئت عالم“ سان فقط سنڌ وارو حصو ڪڍي، تذڪري ۾ بطور ضميمي ڏنو اٿائين. آغا صاحب مصنف جو احوال مقدمي ۾ ڏنو آهي.
(1) هيءُ ضخيم ڪتاب مخدوم معين جي دراسات جي جواب ۾ آهي. سنڌي ادبي بورڊ ان کي شايع ڪيو آهي.

(1) هيءُ علم جفر تي عربيءَ ۾ مختصر رسالو آهي.
(2) هيءُ رسالو راقم، مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽي وٽ ڏٺو هو. ڪنهن ٻاهرئين ماڻهوءَ سنڌين ۽ سنڌ جي خلاف ڪجهه لکيو هو. ان تي سنڌ جي مدح ۾ هي رسالو لکيو ويو. ڪتاب جو نالو آهي ”مدح نامه سنڌ“ ۽ هن وقت اهو نسخو سنڌي ادبي بورڊ ۾ آهي:
(3) خطي نسخي نيشنل ميوزم ڪراچيءَ ۾ آهي.
(1) هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي.
(2) ”انشاء عظيم“، ۽ عظيم جا ٻيا سڀئي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ۾ آهن. ”مثنوي هير رانجها“ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪئي آهي.
(3) ديوان فارسي، سنڌي ادبي بورڊ ۾ آهي.
(4) مثنوي، سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪئي آهي.
(5) سنڌي ادبي بورڊ ۾ بخط ضياء موجود آهي.

(1) ديوان مائل فارسي مرتب ڪري هڪ جلد ۾، سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي
(2) هيءُ فارسي شاعرن جو تذڪرو آهي، جيڪو ”مقالات الاشعرا“جي تتمه طور مير مرحوم لکيو، ليڪن ان جو ڪوبه نسخو ملي ڪونه ٿو سگهي.
(3) سبزپوش جو هي خاندان ملا عبدالحڪيم عطا ٺٽويءَ جو رشته دار هو. غلام حسين ٺٽويءَ جو ”حملهء حسين“ ۽ عطا جي مثنوي ”مهر و ماهه“ آهي.
(4) ديوان غير مرتب آهي. ڪيترا بياض سنڌي ادبي بورڊ ۾ آهن.
(1) سنڌي ادبي بورڊ ۾ آهي.
(2) برادر مخدوم محمد ابراهيم خليل ٺٽوي. هن جو ديوان سمنڊ ۾ ٻڏي ويو.
(3) هڪ نسخو سنڌي ادبي بورڊ ۾ آهي، جنهن جي شروعات ۾ آخوند محمد بچل ”انور“ جا ڏهه غزل آهن.
(4) ديبي پرشاد جي اردو تاريخ جو ترجمو، سو بارٽل فريئر جي چوڻ تي 1854ع ۾ قاضي صاحب ڪيو، ۽ آخر ۾ سنڌ تي انگريزن جي تسلط جو باب پنهنجي طرفان وڌائين.
(5) ديوان جو هڪ نسخو سنڌي ادبي بورڊ ۾ آهي.
(1) ليٿوءَ ۾ هيءَ مثنوي ڇپي آهي. جاميءَ جي ترجمو آهي.
(2) ديوان سنڌي مڪمل، سنڌي ادبي بورڊ ۾ آهي.
(3) اسلامي پريس لاهور 1312هه/ 1895ع ۾ ڇپيو.
(4) راقم الحروف هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي ذريعي شايع ڪيو آهي.
(5) در حالات جد خود مخدوم غلام حيدر.
(1) هيءُ مثنوي 1331 هه ۾ ليٿوءَ ۾ ڇپي. مثنويءَ ۾ جملي 7518 شعر آهن.
(2) سيد صاحب 7 ربيع الثاني 1272 هه جو حج ۽ امامين جي زيارت تي سنڌ مان اُسهيو هو. موٽڻ تي هو سفر نامو فارسيءَ ۾ لکي،مسٽر فريئر ڪمشنر جي حڪم تي مطبع جمشيد جي ارد شير جي ڪراچيءَ مان ليٿوءَ تي ڇپايائين. 128 ورق. ”تحفة الباصرين“ تاريخي نالو آهي.هيءُ سفر نامو 12 جمادي الاول 1275 هه (18 ڊسمبر 1858ع) جو ڇپيو. ميجر گولڊ سمڊ، جيڪو جاگيرن ۽ اسڪولن جو ناظر هو، ان پڻ ڇپائيءَ ۾ دلچسپي ورتي.

متفرقات

---

مرزا غازي بيگ ترخان

سنڌ جو ارغون فرمانروا، مرزا شاه حسين، 962 هه(1) ۾ فوت ٿيو. انهيءَ سال ترخان گهراڻي جو پهريون حاڪم مرزا عيسيٰ خان ترخان(2) سنڌ جي تخت و تاج جو وارث ٿيو. مرزا باقي کانئس پوءِ گادي نشين ٿيو، جنهن کان پوءِ مرزا جاني بيگ تي سنڌ جي شاهيءَ جي پڳ آئي. انهيءَ حڪمران جي زماني ۾ اڪبر جو جرنيل مرزا عبدالرحيم خان خانان سنڌ تي چڙهي آيو ۽ سال 1000 هه ۾ هن سنڌ جي خودمختياريءَ کي ختم ڪري، ان کي مغل بادشاهت سان ڳنڍي ڇڏيو.
مرزا غازي بيگ بهادر، مرزا جاني بيگ جو پٽ، پائنده بيگ جو پوٽو، باقيءَ جو پڙپوٽو ۽ مرزا عيسيٰ جو تڙپوٽو هو. سنڌ اگرچه مغلن فتح ڪئي، ليڪن مرزا جانيءَ کان کسيائون ڪانه: مالڪ مختياري وري به جاني بيگ رهيو. پاڻ اڪبر بادشاهه وٽ رهندو هو ۽ پٺيان سندس امير مرزا غازيءَ جي نيابت ۾ حڪم هلائيندا هئا. 1009 هه ۾ جاني بيگ برهانپور ۾ فوت ٿيو. اڪبر بادشاهه سندس ملڪ مرزا غازيءَ جي سپرد ڪيو. مرزا ان وقت 14 سالن جو هو، ليڪن ٻن ٽن سالن ۾ سنڌ اندر هن حڪمرانيءَ جو اهڙو مثال قائم ڪيو، جو بايد و شايد. مرزا جاني بيگ جي با اثر ۽ عمر رسيده اميرن گهڻيون ڪوششون ڪيون ته جاءِ نشين جي نو عمريءَ ۽ ناتجربه ڪاريءَ جو فائدو وٺي، هو پنهنجو اقتدار ۽ اثر قائم ڪن ۽ هن نوخيز نوجوان کي شاهه شطرنج بڻائي رکن. ليڪن مرزا غازيءَ جي اقبال منديءَ ۽ بخت جي يار آواريءَ سندن هڪ به هلڻ ڪانه ڏني؛ جيڪو جتي هو، اهو اتي بيوس ٿي، هٿيار ڇڏي ويهي رهيو.
مرزا غازيءَ کي اڪبر بادشاهه 1013 هه ۾، پاڻ وٽ آگري گهرايو، خيال هئس ته شهزادي کي روبرو ڏسي ته کيس پنهنجن هٿن سان پاڻ خلعت ڏئي. مرزا پهتو، بادشاهه جي حضور ۾ به حاضر ٿيو، ليڪن اڪبر جي حياتيءَ جو پيمانو پورو ٿي چڪو هو. چند مهينن بعد هن لاڏاڻو ڪيو. جهانگير تخت نشين ٿيو، دستور مطابق مرزا غازيءَ ٻين اميرن سان گڏ سندس حضور ۾ حاضر ٿي نذرانو پيش ڪيو. انهيءَ پهرينءَ ملاقات ۾ ئي جهانگير هن نوجوان شهزادي جي هوشمنديءَ، سليقه روءِ ۽ روش کي ڏسي مٿس اڪن ڇڪن ٿي پيو. جيڪي اڪبر بادشاهه ساڻس سلوڪ ڪرڻ گهريو ٿي، اهو ۽ ان کان به وڌ نئين بادشاهه، مرزا غازيءَ سان ڪيو ۽ پهرينءَ ئي چار چشميءَ ۾ کيس ”فرزند ارجمند“ جو خاصو خطاب ڏيئي، سندس مرتبي ۽ اعزاز کي آسمان تائين پهچائي ڇڏيو.
مرزا، جهانگير جي زماني ۾ ڏاڍي لوڏ ڪوڏ سان حڪومت ڪئي، ٺٽو ته سندس پدري ميراث ۾ هو، ليڪن ٿوري وقت اندر جهانگير، ملتان ۽ بکر جي صوبن جو وڏو علائقو به سندس جاگير ۾ ڏيئي ڇڏيو.
قنڌار جو صوبو اڪبر جي زماني کان، شاهه بيگ نالي هڪ اڪبري امير جي حوالي هو. جهانگير جڏهن تخت تي ويٺو، ان وقت قنڌار مقامي بغاوتن ۽ آسپاس جي سرڪشين ۾ مبتلا هو.شاهه بيگ تنگ اچي بادشاهه ڏي ڪمڪ لاءِ عريضو موڪلي، پاڻ قلعه بند ٿي ويهي رهيو. جهانگير وٽ سوين امير ڪبير ۽ جوڌا جرنيل موجود هئا. ليڪن ان ڏوراهين ڏيهه تي، ڪمڪ جي سرداري ڪرڻ لاءِ، هن مرزا غازيءَ کي موزون سمجهي منتخب ڪيو. 17_ 18 ورهن جي نوجوان لاءِ اهو وڏي ۾ وڏو اعزاز هو، جيڪو بادشاهي ڀروسي جي بناء تي کيس حاصل ٿيو. مرزا غازي، ڪاميابيءَ ۽ ڪامرانيءَ سان مهم کي منهن ڏيئي، بادشاهه جي حضور ۾ موٽي آيو. بادشاهه اڳ ئي مٿس مهربان هو، ويتر جو قنڌار جي ڪاميابي ڪيائين،تنهن ته رهندو بادشاهه کي مٿس موهت ڪري ڇڏيو.
نتيجو اهو نڪتو، جو ٺٽي، بکر ۽ ملتان سان گڏ قنڌار جي حڪومت به سندس حوالي ڪئي ويئي.
1015 هه ۾ غازي پهريون دفعو قنڌار ويو، 1016 هه ۾ اتان موٽي آيو ۽ 1017 هه ۾ مستقل حاڪم ٿي اوڏاهين روانو ٿيو. قنڌار وڃڻ وقت بادشاهه کيس شاهي خاندان جي شهزادن وارا سڀيئي منصب ۽ اعزاز عطا ڪيا، ۽ سندس حد اندر جيڪي منصبدار هئا، تن جي معزولي ۽مقرريءَ، تبادلي ۽ ترقيءَ جو اختيار به کيس ڏيئي ڇڏيائين، ۽ بادشاهه عام حڪم جاري ڪيو ته آئينده هڪ هزار منصبدار، مرزا غازيءَ وٽ جڏهن سلام تي وڃن ته سندس سامهون دست بسته بيهي رهن، ۽ هزاريءَ کان مٿي وارا امير سندس مسند کان هيٺ باادب ويهي رهن. اهو اعزاز ذري گهٽ بادشاهيءَ جهڙو هو، ۽ قنڌار جي صوبيداري گويا ڪنهن حد تائين خودمختاري حڪومت جي ممائل هئي.
مرزا غازيءَ جي تدبر، دانشمنديءَ، شاهي شان ۽ اميرانه مان ۽ مرتبي جا اصلي جوهر قنڌار وڃي کليا. وطن ۾ هو ابتدائي چند سال رهيو، جنهن ۾ به گهڻو وقت کيس مقامي مصيبتن ۽ مرزا عبدالرحيم خان خانان واريءَ جنگ جي شڪست ريخت کي سلجهائڻ ۽ سنوارڻ ۾ لڳو. حڪمرانيءَ ۽ انتظامي معاملات کي جنهن ڪڙيءَ تي پهچائڻ جي کيس آرزو ۽ اميد هئي، سا گهڻي حد تائين بر ثواب ٿي نه سگهي. 1013 هه ۾ وطن مان روانو ٿيو ۽ اهڙي ڪنهن نامناسب گهڙيءَ ۾ گهران نڪتو، جو کيس وري وطن ورڻ نصيب ڪونه ٿيو. سمورو وقت جهانگير جي همرڪاب رهيو. ۽ ان کان پوءِ قنڌار ويو، آيو ۽ وري هليو ويو. البته پوئين دفعي قنڌار ويندي وقت چند مهينا انتظامي بندوبست لاءِ بکر ۾ رهي پيو، ۽ وڃڻ کان پوءِ اهڙو ويو جو 5 سالن بعد سندس لاش کڄي اچي وطن پهتو.
قنڌار جي پنجن سالن واري مختصر قيام ۽ حڪمرانيءَ تاريخ ۽ تذڪرن ۾ سندس ساراه ۽ صفت جا مستقل باب پيدا ڪيا. جهڙي جهانگير جي ساڻس دلبري هئي، اهڙي ئي دلبستگي،ايران جي شهنشاهه، شاهه عباس صفويءَ کي به سندس لاءِ پيدا ٿي. دارا ۽ خسرو پرويز جي جاءِ نشين نه فقط خاص خلعتون ڏانهس موڪليون، بلڪه جهانگير وانگر هن به کيس ”فرزند دلبند“ ڪري سڏيو، ۽ مستقل طرح ذاتي خط و ڪتابت ساڻس جاري ڪيائين. مرزا غازيءَ جي انهيءَ روش، هندستان جي مغل حڪومت جو هڪ وڏو سرحدي خطرو هميشه لاءِ دور ڪري ڇڏيو.
مورخ ۽ تذڪره نويس لکن ٿا ته مرزا قنڌار پهچڻ بعد ايڏو بهتر انتظام ڪيو، جو رعيت، فوج، عام ۽ خاص، خوشحال ۽ فارغ البال ٿي ويا. ”ترخان نامه“ جو مصنف لکي ٿو ته ”ماڻهن لاءِ هرڪو ڏينهن عيد جو ۽ هر هڪ رات برات جي رات ٿي پيئي. هن بلند بخت ۽ جوان همت سردار جي شان شوڪت ۽ حڪمرانيءَ جي طور طريقن،عظيم الشان سلطنت جون سڪون ٿي لاٿيون، سندس درٻار، ايراني ۽ مغلي درٻار جو مٽ ۽ شان ٿي پيئي.“
داد و دهش، ڏيڻ وٺڻ ۽ جود و سخا انهيءَ حد تائين ڪيائين جو ڄڻ آسمان مان، ملڪ مٿان سون ۽ رپئي جي ورکا ٿي رهي هئي. ايران، عراق، هند ۽ سنڌ جا عالم، شاعر ۽ فنڪار مڙي سڙي اچي سندس سرپرستيءَ ۾ سهڙيا. مدرسن جا معلم ۽ شاگرد، خانقاهن جا بزرگ ۽ درويش، اهل علم ۽ اهل فن، ڏيهي خواه ڏورانهان، ماهياني خواه سالياني وظيفي تي، مستقل طرح پرورش پائيندا هئا. انهيءَ ڪريم النفسيءَ ۽ درياه دليءَ سندس ساک ۽ ساراهه ديس خواه پرديس ۾ پهچائي ڇڏي؛ ملڪي ته مطيع هئا ئي، ليڪن ڏوراهين ڏيهه،جا ماڻهو به پاڻ کي سندس مفتوح سمجهندا هئا. هن انساني جسم کي زوريءَ ۽ زبردستيءَ مطيع ڪرڻ جي بجاءِ، ماڻهن جي دلين کي مفتوح ڪيو ۽ جيسين جيئرو رهيو، تيسين ڪنهن به هڪ جي دل سندس دام مان نڪري ڪانه سگهي. جهانگير خود مڃي ٿو ته:
”در آنجا به لوازم حفظ و حراست، قيام و اقدام مي
نمود، سلوک او با مترد دين بعنوان پسنديده بود.“
انهيءَ ڏيڻ وٺڻ،ڪريم الطبعي ۽ ڪشاده دستيءَ کيس هميشه قرضدار ۽ تلاش ٿي رکيو. بکر ۽ ملتان جون جاگيرون، ٺٽي ۽ قنڌار جا ملڪ، پورت ڪري ڪانه ٿي سگهيا، ٻين جون جهوليون ڀريندي ڀريندي هن پنهنجا کيسا هميشه خالي رکيا. ”ذخيرة الخوانين“ جو مصنف لکي ٿو ته:
”در زر بخشي بيدريغ بود. خزانه پنج وشش کرسي خود
را، بحاصل جاگير خود که همه خالصه بود، صرف سپاه،
رعيت و شعرا کرده،دغدغه وداعيه پادشاهي مي رسانيد“
متصدي، ڪامورا، ڪاردار، اشارن ڪناين ۾ سندس حضور ۾ گهڻو ئي عرض معروضي ڪندا هئا، ليڪن کين هميشه چوندو هو ته ”روز رزاق تي آهي، بنا محنت ۽ تڪليف جي مون کي مولا ڏئي ٿو، پنهنجو گهر ڀري ڇا ڪندس، مون سان گڏ ڀل سڄو ملڪ ڀاڱي ڀائيوار هجي.“ هڪ دفعي خزانچيءَ حساب ڪتاب جا ڪاغذ کڻي وٽس آيو، عرض ڪيائين ته ”جيئندا قبلا! ڪيئي مهينا گذري ويا آهن، جو آمدني روانگي ملاحظي ۾ ڪانه آئي آهي.“ خزانچيءَ جو خيال هو ته مرزا آمدنيءَ کان روانگيءَ جو وڌيل انگ ڏسي پنهنجو هٿ ڍرو ڪري. مرزا سندس مقصد سمجهي، کانئس ڪاغذ وٺي، ڦاڙي ڇڏيا. کيس چيائين ته ”منهنجو مولا جڏهن مون کي حساب ڪري ڪو نه ٿو ڏئي، ته ان جي ڏنل خزاني جو مان ڇو حساب ڪتاب ڪيان؟“ ايڏو ڪريم النفس ۽ مهربان هو، جو جڏهن معلوم ٿيس ته سندس نائب، خسروخان چرڪس، لٽ لٽان لائي ڇڏي آهي ۽ جيڪي اچي ٿو سو سندس پيٽ ۾ پهچي ٿو؛ تڏهن کلي چيائين ته کيس ڪجهه به ڪونه چئبو، خان دل ۾ ڪندو. ڀائي خان خسرو جو پٽ ۽ مرزا جو خاص نديم هو. ”ماثر الامراء“ جو مصنف لکي ٿو ته:
”در طريق ملڪراني و سلطنت درميانـﮧ سلاطين اين روزگار ممتاز بود.“
يعني انهيءَ زماني جي بادشاهن ۽ سلطانن ۾ سندس درجو ممتاز ۽ بلند هو. اڳتي هلي، ساڳيو مصنف لکي ٿو ته ”جي زمانو کيس مهلت ڏئي ها ۽ حياتيءَ جا ڏينهن هجنس ها ته بهادريءَ ۾ رستم، سخاوت ۾ حاتم ۽ شان شوڪت ۾ خسرو پروزير جو نالو ۽ ناموري وڃائي ڇڏي ها.
ملڪ داريءَ ۽ ملڪ رانيءَ جي سليقي سان گڏ، علم و ادب، شعرو سخن جو شوق ۽ شعور به قدرت جهجهو ڏيئي ڇڏيو هيس. تذڪره نويس لکن ٿا ته فارسي شعر ۾ پنهنجي دؤر جو انوري ۽ خاقاني هو. جهانگير لکيو آهي ته؛
”مرزا غازي في الجمله ڪمالي داشت، شعر هم خوب مي گفت.“
پنهنجن هزارن شعرن جو ديوان مرتب ڪيائين، جنهن جو اڄ هڪ ورق به ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. ’وقاري‘ تخلص هيس، اهو به هڪ ٻئي شاعر کان هڪ هزار روپيا ڏيئي ورتو هئائين. سندس سوانح نويسن لکيو آهي ته مرزا راڳ جو وڏي ۾ وڏو ماهر، بلڪ انهيءَ فن جو استاد ڪامل هو، طنبور نوازيءَ ۾ سندس ثاني ڪونه هو، ٽوڙيءَ جي راڳڻيءَ کي هن نئين انداز ۾ ڍاليو هئائين ۽ ڪيئي راڳ ۽ راڳڻيون نه فقط ايجاد ڪيون هئائين، بلڪ انهيءَ فن ۾ ڪيترا ڪتاب به لکيائين.
مرزا جي علمي ۽ ادبي سرپرستن جو ذڪر ڪندي ”مي خانه“ جو مصنف لکي ٿو ته؛
”جوان خوش خوئي، خوش روئـﻶ، کريمي بود.
اکثر پاس خاطر ارباب معنيٰ مي داشته،
و به آنها بي تڪلفانه سلوڪ مي ڪرد، مروتش،
بمرتبه و سخاوتش بحدي مطلوب بود.“
سوين اهل ڪمال سندس درٻار سان وابسته هئا. ملا اسد، ملا مرشد بروجردي، حڪيم فغفور گيلاني، مير نعمت الله وصلي، مرزا فصيحي؛ ملا شاني تڪلو“ مير الاهي استرآبادي، سنجرڪاشي، محوي اردبيلي، شيدا اصفهاني ۽ طالب آملي وغيره سندس درٻاري شاعر هئا. اهي سڀئي شاعر پنهنجي دور جا بيمثل صاحب ڪمال هئا. طالب آملي اهو شاعر آهي، جيڪو پوءِ جهانگير جي درٻار ۾ پهچي، ملڪ الشعرا ٿيو. مولانا شبليءَ جو قول آهي ته طالب آمليءَ جيڪي قصيدا، مرزا غازيءَ لاءِ چيا، بس اهي ئي قصيدا آهن. جهانگير ۽ ٻين اميرن لاءِ، پوءِ جيڪي هن چيو، ان ۾ نه ايڏو اهتمام آهي نه ايترو جوش ۽ ولولو، نه محبت جي اهڙي گرمجوشي ۽ گرمي ئي انهن ۾ موجود آهي.
سنڌ جي ترخان سلسلي جو هي خوش خوءِ، بلند حوصله ۽ بيدار بخت نوجوان، 31 ورهين جي ڦوهه جوانيءَ، ۾ 11 صفر 1021هه ۾ فوت ٿيو. محوي اردبيليءَ ”شمع محفل جنت“ مان سندس رحلت جو سال ڪڍيو. درٻاري خواهه غير درٻاري شاعرن سندس جوان مرگيءَ تي خوب ماتم ڪيو، ايڏا دلدور مرثيا لکيائون جو سنڌ، هند، ايران ۽ عراق ۾ محرم وارو ماتم مچي ويو. ماڻهن ۾ مشهور ٿيو ته سندس خاص نديم، ڀائي خان، کيس زهر ڏيئي ماريو. قاضي محمود ٺٽويءَ انهيءَ روايت کان متاثر ٿي ”ڪشتهء زهر جفا،“ مان سندس تاريخ ڪڍي، ليڪن حقيقت ۾ ميء نوشي جي بي تحاشا پيمانن، سندس حياتيءَ جو پيالو پُر ڪري ڇڏيو.
مڪليءَ جي قبرستان ۾، ڪراچيءَ واريءَ سڙڪ کان اتر تي هڪ خوبصورت روضو آهي. مرزا غازي ان ۾ پنهنجي والد سان گڏ مدفون آهي، سنڌ ۾ سالن تائين رواج هو ته ضرورتمند ۽ سائل، سندس مزار تي وڃي، ”ٽوڙي“ ڳائيندا هئا ۽ پنهنجي من جون مرادون حاصل ڪندا هئا.
962هه ۾ مرزا عيسيٰ ترخان، جنهن حڪمران گهراڻي جو بنياد قائم ڪيو، اڻهٺ سالن بعد ان جو اختتام، مرزا غازي مرحوم تي ٿيو. کيس اولاد ڪانه هئي، ورنه شايد جهانگير اڃا به سنڌ کي ترخان گهراڻي ۾ رهڻ ڏئي ها. انهيءَ ڪري سنه1021هه ۾، هڪ طرف قنڌار کان هن جوان مرگ سردار جو لاش سنڌ ۾ پهتو ٻئي طرف کان، مغلن ڌاريو ۽ غير، نئون پوءِ ڪيئي حاڪم، حڪم هلائڻ لاءِ موڪلي ڏنو. سنڌ تي مغلن جا مرزا غازيءَ کان پوءِ ڪيئي حڪم آيا، چڱا به آيا، مَٺا به آيا، ليڪن مرزا مرحوم جهڙو نه ڪو ٿيو نه ڪو آيو. سنڌ سندس ڳُڻن کي ڳڻي، سالن جا سال ڳوڙها ڳاڙيندي رهي.

[”نئين زندگي“، آزادي نمبر،1956ع]

________________________________________
(1) 12 ربيع الاول 962 هه بروز سومر.
(2) وفات سنه 979 هه.

ابوالبقا امير خان

روهڙيءَ جي سول ڪورٽ سان لڳولڳ، سکر واري ساڌ ٻيلي جي سامهون، درياه جي ڪناري تي هڪ ننڍيءَ ٽڪريءَ مٿان، خوبصورت قبرستان آهي. اوري پري کان ايندي ويندي ان جو نظارو، بيهڪ ۽ جوڙجڪ ايتري وڻندڙ ۽ دلڪش آهي، جو ماڻهو پهرن تائين بيهو رهي، ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڏسڻ ۾ محو ٿيو وڃي.
پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته اهو ”ستن جو ٿان“ آهي_ سَت واريون ست ڀينر اتي رهنديون هيون، جن سڄي عمر سَت نڀائي، اتي ئي راهه رباني ورتي. انهيءَ عمارت جي مٿئين ايوان تي ڪيئي قبرون آهن، انهن لاءِ پڇا ڪرڻ تي، مجاور سنڌ جي تاريخ جا ورق اٿلائيندي، سينه بسينه روايتون ٻڌائيندي، وڃي 31 سؤ ورهيه اڳ جي خونريز لڙاين تئين پهچندو، جيڪي عربن ۽ راجا ڏاهر جي وچ ۾ اروڙ ۾ لڳيون هيون، ۽ پنهنجي تاريخي ڄاڻ تي اعتماد ڪندي ٻڌائيندو ته هتي ”بول قاسم“ شهيد دفن ٿيل آهي، جيڪو ”بن قاسم“ سان گڏجي عرب کان آيو هو، ۽ ارڙو ۾ راجا ڏاهر جي لشڪر سان وڙهندي شهيد ٿيو.
اڻ پڙهيل، پوڙهي، ۽ پيڙهين کان انهيءَ قبرستان جي سيواداري مجاور اهي قصا دليؤن جوڙيا آهن، يا وڏن وٽان روايت به روايت هلندي، وٽس اچي پهتا آهن، تنهن لاءِ البت چئي نٿو سگهجي؛ باقي انهن قصن بيان ڪرڻ مان سندس مطلب هي هوندو ته جيئن ڏسندڙ مرعوب ٿي، فاتحه خواني ڪن، باسون باسين، من جي مرادن لاءِ دعائون گهرن، ۽ پوءِ هلندي وقت سندس هٿ تي ڪجهه نذر نياز رکي، پنهنجو دين ۽ مجاور جي دنيا به درست ڪيو وڃن.
حقيقت ۾ اهو نه ”ستين جو ٿان“ آهي، نه ”بل قاسم“ شهيد جو قبرستان. ٻيئي روايتون غلط، من گهڙت ۽ ڏند ڪٿا کان به وڌيڪ بي بنياد، ۽ بي حقيقت آهن.
انهيءَ عمارت جو نالو ”صفهء صفا“ آهي، ان جو ٺهرائيندڙ ۽ مالڪ اسان جي ممدوح مير ابوالبقا امير خان جو والد، مير ابوالقاسم نمڪين هو. انهيءَ پُر فضا ٽڪريءَ، شگفته ماحول ۽ حسين نظارن جي آغوش ۾ هن اها عمارت پنهنجي تفريح ۽ تسڪين لاءِ ٺهرائي هئي. جڏهن بکر جو گورنر هوندو هو ته گرمين جي چانڊوڪين راتين ۾ هو انهيءَ عمارت جي مٿئين ميدان تي شعر و سخن جون مجلسون منعقد ڪندو هو، دوستن احبابن کي گڏ ڪندو هو، اروڙ جا هنداڻا، روهڙيءَ جون کارڪون ۽ سکر جا انب کائيندو ۽ کين کارائيندو هو.
اها عمارت انهيءَ زماني ۾ پنهنجي مخصوص طرز تعمير، دلڪش پسگردائيءَ، مجلسن منعقد ٿيڻ ۽ شعر و سخن جي بزم آئين سبب هند ۽ سنڌ ۾ مشهور هئي. ”ماثر الامرا“ جو صاحب لکي ٿو ته ”چانڊوڪين راتين ۾ انهن جو نظارو وسرڻ جهڙو نه آهي.“
ابوالقاسم نمڪين، جڏهن 1018هه ۾ فوت ٿيو ته سندس لاش ڪابل کان آڻي. اُتي دفن ڪيو ويو. کانئس پوءِ سندس جيڪي عزيز و اقارب فوت ٿيا، سي به اتي رکيا ويا، ۽ هلندي هلندي، اهو انهيءَ گهراڻي جو خانداني قبرستان بڻجي ويو. چنانچ 1057هه ۾ جڏهن مير ابوالبقا امير خان فوت ٿيو، ته ان جو لاش به ٺٽي کان آڻي سندس پيءُ جي پاسي ۾ اتي سپرد خاڪ ڪيو ويو.
مير ابوالبقا امير خان جي والد ابوالقاسم نمڪين جا وڏا اصل سبزوار جا رهاڪو هئا. سندس والد ملا ميز سبزواري اتان لڏي مشهد مقدس ۾ امام موسيٰ رضا جي درگاهه جو مجاور ٿيو. مير نمڪين مشهد مان هجرت ڪريپهرين ڪامل آيو، اتان اڪبر جي ابتدائي دؤر ۾ لڏي سنڌ اچي پهتو، ۽ هن ملڪ، يعني ”سند دلبند“، کي هميشه لاءِ وطن بڻائي هتي ويهي رهيو. مير نمڪين ايندي شرط اڪبري اميرن ۾ داخل ٿيو ۽ ٿوري وقت اندر پنهنجي تدبر، فهم فراست ۽ بهادريءَ سبب اڪبري منصداريءَ جي آخري منزل تي وڃي پهتو. بکر ۾ ٻه دفعا گورنر ٿي آيو ۽ 1017هه ۾ مرزا غازي ترخان سان گڏجي ڪابل ويو، جتي سندس انتقال ٿيو ۽ اتان لاش کڄي بکر پهتو، جتي پنهنجي ٺهرايل عمارت ”صفهء صفه“ ۾ دفن ٿيو.
هن ٽن بادشاهن (اڪبر، جهانگير ۽ شاهجهان) جو وقت ڏٺو، ۽ ٽنهي جي زماني ۾ هو مختلف اعليٰ عهدن ۾ ممتاز ملازمتن ۾ هو. هندستان جي ڪيترن صوبن تي گورنري ڪيائين، ڪيترن معرڪن ۾ مردانو ٿي ميدان کي منهن ڏنائين. جهانگير جي آخري دؤر ۾ ملتان ۾ نائب هو. ۽ شاهجهان جي تخت نشينيءَ بعد، جڏهن ٺٽي جو گورنر مرتضيٰ خان انجوءَ وفات ڪئي، تڏهن پهريون دفعو سنڌ جو گورنر ٿي آيو؛ ڪيترا سال رهيو ۽ سنڌ خواه ٺٽي جي دارالسلطنت کي خوب سنواريائين ۽ سينگاريائين. سندس پنهنجو وطن هو، پڻس جي به وصيت هئي ۽ اڳي پوءِ کيس به انهيءَ ملڪ ۾ ئي رهڻو هو؛ تنهنڪري ملڪ کي سرسبز، شاداب ۽ پنهنجي وطني ڀائرن جي خوشحاليءَ ۽ خورميءَ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏيائين. پهريون دفعو 1038هه ۾ حاڪم ٿي آيو، ڪجهه وقت رهي وري بدلي ٿي ويو ۽ هندستان خواهه دکن جي مختلف صوبن صوبه دار ٿيندي ٿيندي، ٻيهر وطن واپس آيو. پهرين سيوهڻ جو ناظم ٿيو ۽ 1052هه ۾ جڏهن ٺٽي جي گورنر نواب شاد خان انتقال ڪيو، تڏهن ٻيهر ٺٽي جي واڳ اچي ورتائين؛ جتي ڇهن سالن بعد، 1057هه ۾ سندس انتقال ٿيو.
پهرئين دفعي ٺٽي ۾ هن ”چوڪ ملڪ امان“ تي هڪ مسجد ٺهرائي، جيڪا 1039هه ۾ ٺهڻ شروع ٿي ۽ 1040هه ۾ جڙي راس ٿي، ۽ پوئين دفعي 1054 ۾ ٺٽي جي مشهور عالم جامع مسجد جوڙائڻ شروع ڪيائين، جيڪا 1057 ۾ ٺهي پوري ٿي. پهرين مسجد، ”مسجد اميرخاني“ جي نالي سان اڄ به پنهنجي شڪسته حاليءُ تي، جامع مسجد جي اتر اولهه واريءَ ڪنڊ تي مرثيه خوان آهي، ۽ پوئين جامع مسجد، ”جامع شاهجهان“ سڏجي ٿي. انهيءَ جامع جي اوڀارينءَ دويوار سان اميرخاني محلو آهي، جيڪو مير صاحب پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد لاءِ پاڻ آباد ڪيو هو. مسجد جي ڏاکڻي دروازي اڳيان جنهن ميدان مٿان هن وقت گند ۽ ڪچرو پيو آهي، ان وقت اتي ٺٽي جو گورنر جو قلعو هوندو هو، جنهن کي ”قلعهءِ حاڪم نشين“ چوندا هئا. اڄ جتي گڏهه ۽ گهوڙا لڏيون لاهن ٿا، ڪنهن وقت اتي سرڪاري محل ۽ ماڙيون هيون ۽ اتي ئي ٺٽي جو حاڪم، سنڌ ۽ سنڌ جي رهاڪن ۽ رعيت جي قسمتن جا فيصلا ڪندو هو، ”بهه ڦرندي ڀاڳ“ چوندا آهن، ڪڏهن ڇا هيو ۽ اڄ ڇا آهي!
ٺٽي جي گرد نواح ۾ مير صاحب هڪ خوبصورت شهر ”امير آباد“ جي نالي سان به آباد ڪيو هو، جيڪو ان وقت بٺوري، بهرام پور، درڪ ۽ پيلجن جي پرڳڻن جو صدر مقام هو. 1203هه تائين اهو شهر آباد هو؛ اڄ خبر نه آهي ته ان جو ڪو نالو به آهي يا نه.
ٺٽي جا امير خاني سادات انهيءَ مير ابوالبقا جو اولاد آهن. انهيءَ گهراڻي سنڌ تي پورا اڍائي سؤ ورهيه راڄ ڪيو. اڪبر جي دؤر کان ڪلهوڙن جي آخري ايامن تائين انهيءَ خاندان جا افراد نه فقط ملڪ داريءَ ۽ سياست ڪاريءَ جي ميدان ۾ انتهائي اوج ۽ اقبال منديءَ سان پنهنجا جهنڊا بلند ڪندا آيا، بلڪ ادب جي بزم آراين ۾ به سندن مٽ ثاني ڪونه هو.
ابو البقا کي جهانگير ’ميرخان‘ جو خطاب ڏنو هو، جنهن ۾ الف جو اضافو شاهجهان ڪري کيس ’امير خان‘ ڪيو. مير صاحب انهيءَ الف جي مناسبت سان هڪ لک روپيه بادشاهه جي حضور ۾ نذراني طور ڏنو. مير صاحب جي ڪارداني، فهم، فراست ۽ دانشمنديءَ جي سڀني مؤرخن تعريف ڪئي آهي. هنن لکيو آهي ته ”مغليه تاريخ ۾ اهو ئي هڪ عجيب و غريب امير هو، جنهن اهڙي ته عقلمنديءَ ۽ سلامت رويءَ سان وقت گذاريو، جو ٽنهي بادشاهن مان ڪنهن به هڪ کي ڪڏهن به سندس خلاف پيشانيءَ تي ڇڙو شڪ به نه پيو.“
مير صاحب جو وڏو پٽ مير عبدالڪريم(1) به پيءُ ۽ ڏاڏي وانگر مغليه سرڪار ۾ امير ڪبير ٿيو، عالمگير جو خاص درٻاري ۽ پيشڪار هو، پيءُ وارو خطاب ’امير خان‘ حاصل ڪيائين، ۽ فرخ سير(2) جي زماني تائين مختلف سرڪاري عهدا ماڻيندو رهيو. مير صاحب جو ٻيو پٽ امير ابوالمڪارم(3) شهود پنهنجي دؤر جو عظيم الشان شاعر ۽ باعمل عالم هو. ”مثنوي پريخانهء سليمان“ ۽ ”سيف الملوڪ“ (فارسي نظم ۾) سندس ئي شاهڪار آهن. اُنهيءَ بزرگ جو هڪ پٽ مير امين الدين خان(4) ٺٽي جو گورنر هو. ۽ ساڳئي وقت ٻن وڏن ڪتابن جو به مصنف هو_ ”معلومات الافاق“ ۽ ”رشحات الفنون“، ٻيئي علومن ۽ معلومات جا انسائيڪلو پيڊيا آهن. سندس ٻيو پٽ مير رضي الدين خان فدائي(1) فارسيءَ جو شاعر هو. اهڙيءَ طرح مير امين الدين خان جو پٽ مير متين الدين خان(2) به سنڌ جي مختلف صوبن جو حاڪم ٿي رهيو ۽ فارسيءَ جو بهترين شاعر هو، ان جا ٻيئي ڀائر، مير محمد عطا(3) ۽ مير محمد گدا(4)، به فارسيءَ جا سخن سنج هئا، مير رضي الدين فدائي جو پٽ مير حيدرالدين ابوتراب ڪامل(5) ڪلهوڙن جي دؤر جو عظيم شاعر هو؛ فارسي، اردو ۽ سنڌي شعر و سخن تي هڪجهڙي قدرت هيس، شعر ۾ ڏهه ديوان مرتب ڪيائين، ليڪن ڏهه ئي اڄ گم آهن. اهڙيءَ طرح مير ڪامل جا ٻيئي پٽ، مير حافظ الدين(6) ۽ مير معين الدين(7)، به پيءُ جهڙائي شعر وسخن ۾ ڪامل هئا. مير حفيظ الدين(8) سندس پوٽو ۽ مير حافظ الدين جو پٽ هو، اهو به پنهنجي دؤر ۾ سخن سنجيءَ جو استاد هو.
مير ابوالبقا امير خان پاڻ به فارسيءَ جو شاعر هو. سندس والد مير نمڪين شاعر هو يا نه، پر انشا جي هڪ بهترين ڪتاب ”منشئات نمڪين“ جو مصنف هو. مر ابوالبقا امير خان جو وڏو پٽ، امير عبدالڪريم اميرخان، صاحب ديوان شاعر ۽ ”رقائم ڪرائم“ نالي هڪ ڪتاب جو مصنف هو.”رقائم ڪرائم“ عالمگير جي انهن مڪتوبن جو مجموعو آهي، جيڪي هن امير عبدالڪريم ڏانهن لکيا؛ ابوالبقا اميرخان جو ننڍو ڀاءُ يوسف ميرڪ، شاهجهاني دؤر جو مؤرخ هو. سنڌ جي تاريخ تي هن ”مظهر شاهجهاني“ نالي ٻن جلدن ۾ اهو بيمثل ڪتاب لکيو، جيڪو قديم دستور مطابق فقط سلطاني تاريخ نه، بلڪ عوامي ۽ ملڪي تاريخ تي آهي. اهڙيءَ طرح ”دستور العمل“ نالي هڪ ڪتاب لکيائين، جيڪو انهيءَ دؤر جي ملڪي ڪاروبار ۾ نظم و نسق تي مڪمل دستاويز آهي.
انهيءَ گهراڻي سنڌ کي نه فقط تاريخ جا ڪتاب ڏنا، شعر و سخن جا مجموعا ڏنا، انشا ۽ علومن جا مستقل ذخيرا ڏنا، بلڪ ڪيتريون مسجدون ڏنائون، ڪيتريون عمارتون ڏنائون ۽ ڪيئي نوان شهر سنڌ کي آباد ڪري ڏنائون. اميرآباد جو ذڪر اسان مٿي ڪري آيا آهيون، انهيءَ هڪ شهر کان سواءِ ٻيا به ڪيترا شهر امير ابوالبقا سنڌ جي مختلف سرڪارن ۾ آباد ڪرايا. بکر ۾ هڪ جامع مسجد، هڪ عظيم الشان بازار ۽ روهڙيءَ ۾ هڪ جامع مسجد ۽ هڪ عيدگاهه انهيءَ گهراڻي ٺهرايون. ميرابوالقاسم نمڪين، جيئن روهڙيءَ ۾ ”صفهءِ صفا“ ٺهرايو تيئن سيوهڻ ۾ به ”صفهء وفا“ ٺهرايو هو.
الغرض انهيءَ گهراڻي ڏهين صديءَ هجريءَ جي آخر کان وٺي ٻارهين صديءَ جي اختتام تائين، ڪم و بيش اڍائي سؤ ورهيه سانده، سنڌ جي ڇڙو ملڪي ڪاروبار ۾ حصو وٺي، سنڌ کي فائدو پهچايو، بلڪ تمدن، تهذيب ۽ ثقافتي ذخيري سان گڏ علمي ۽ ادبي خزاني جو به اڻ کٽ ورثو ڏيئي ڇڏيو.
انهيءَ خاندان جا ڪي بزرگ، يعني مير ابوالبقا اميرخان تائين، ”ستئين جي ٿان“ ۾ دفن آهن، ۽ امير عبدالڪريم اميرخان کان وٺي پوءِ جا مشاهير، مڪليءَ جي قبرستان ۾، ”اميرخاني رانڪ“ منجهه مدفون آهن. ڪن جو مٽيءَ پنوڙو سيوهڻ جي خاڪ ۾ مليل آهي.
ستين جي ٿان کي ته ”بل قاسم شهيد“ ۽ مائين ستين جي نالي، احترام، عقيدي ۽ کڻي چئجي ته برڪت، اڃا تائين زير و زبر ٿيڻ کان محفوظ رکيو آهي، ليڪن مڪليءَ وارن مقبرن جي حالت سخت زبون ٿي ويئي آهي. ڪوبه لوڙهه سلامت نه آهي ۽ ڪابه قبر بچيل ڪانه آهي. جن جو ٿورو گهڻو کڻي اڄ نشان پتو پوي ٿو، سي به سڀاڻي تائين زبون ٿي، هميشه هميشه لاءِ مٽجي ۽ ميسارجي وينديون. پوءِ ڪنهن کي به پتو ڪونه پوندو ته سنڌ جو صوبو ۽ ”معلومات الاقاق“ جو مصنف مير امين الدين ڪٿي دفن هو؛ سنڌ جي حاڪم ۽ شاعر مير متين الدين جي ڪهڙي قبر هئي؛ فارسيءَ جا ٻه نغزگو شاعر ميرمحمد عطا ۽ مير محمد گدا ڪهڙين قبرن ۾ ستل هئا؛ مير رضي الدين فدائيءَ جهڙي باڪمال سخن سنج جي آرامگاهه ڪٿي هئي؛ اورنگزيب عالمگير جي ساٿيءَ، سنگتيءَ ۽ خاص مصاحب امير عبدالڪريم امير خان جي رانڪ ڪهڙيءَ جاءِ تي هئي. رهي نالو ربّ جو. آخر سڀ فنا آهي. ليڪن اهڙو به شل ڪنهن سان ڪلور ڪونه ٿئي، جو سمورو ثقافتي ورثو، تمدني ۽ تهذيبي ذخيرو، ڏسندي ڏسندي قوم جي ڇڙو ڪاهليءَ ۽ عدم توجهيءَ سبب اسان جي سامهون رفتي رفتي مٽبو ۽ معدوم ٿيندو وڃي.

[”نئين زندگي،“10_1956ع]


________________________________________
(1) 1113هه کان پوءِ انتقال ڪيائين.
(2) زمانو 1124هه کان 1131هه تائين.
(3) وفات 1073هه ”بجنت خدا داد جا“ مان اهو سن نڪري ٿو. دفن جوار قلندر لعل شهباز سيوهڻ.
(4) وفات 1127هه ”داخل الجنات او“ مان اهو سن نڪري ٿو. دفن مڪلي.
(1) وفات 1120هه ”هي رضي الدين“ مان اهو سن نڪري ٿو، دفن مڪلي.
(2) وفات 1177هه ”منزل متين الدين جنت“ مان اهو سن نڪري ٿو، مدفن مڪلي.
(3) وفات 1187هه، مدفن مڪلي.
(4) وفات 1188هه کان پوءِ، مدفن مڪلي.
(5) وفات 1164هه، ”ان للمتقين جنت“ مان اهو سن نڪري ٿو.
(6) وفات جو سال معلوم نه آهي.
(7) وفات 1133هه، ان اڪر مڪم عند الله اتقڪم“ مان اهو سن نڪري ٿو.
(8) وفات 1188هه کان پوءِ.

ڄام نظام الدين سمون

سنڌ جا ماڻهو قرب ۽ محبت منجهان کيس ”ڄام نندو“ سڏيندا هئا ۽ اڃا تائين به سندس نالي جي اها تخفيف بدستور مروج ۽ مشهور آهي.
ڄام نظام الدين، سمن جي خانوادي جو آخري ۽ آزاد سنڌ جو پويون تاجدار هو، جنهن 25_ ربيع الاول 866هه(1) کان 914هه تائين نه ڇڙو ملڪ مٿان فرمانروائي ڪئي، بلڪ ماڻهن جي دلين تي به بادشاهي ڪئي.
کانئس پوءِ پُٽس ڄام فيروز ۽ خاندان جي ٻئي هڪ شهزادي ڄام صلاح الدين جي وچ ۾ تخت ۽ تاج لاءِ خانه جنگي شروع ٿي. سنه 914هه کان وٺي سنه 967هه تائين، سنڌ تي، ڪڏهن صلاح الدين گجرات کان ڪٽڪ ڪَهرائي پهتو، ۽ ڪڏهن سبيءَ ۽ قنڌار کان ارغونن کي وٺي، فيروز تي اچي ڪڙڪيو. نيٺ انهيءَ ڪشمڪش ۾ ارغونن نه فقط صلاح الدين کي فيروز جي مقابلي ۾ ختم ڪيو (967هه)، بلڪ سال_ اڌ اندر فيروز جي به پڄاڻي آڻي، انهيءَ گهراڻي جي شاهيءَ جو ڏيو هميشه لاءِ اُجهائي ڇڏيو.
انهن ٻن شهزادن جي ويڙهه جو نتيجو ڏاڍو اُگرو ۽ اندوهناڪ نڪتو. برابر اڍائي سؤ ورهين (927هه/1152هه) تائين ماڻهو ۽ ملڪ، ڌارين جي غلاميءَ جو ڳٽ پنهنجي ڳچيءَ مان ڪڍي ڪونه سگهيا. سواءِ ڪنهن ڏوه ۽ گناه جي، هتان جو هر متنفس صدين تائين اذيت ۽ عذاب ۾ مبتلا رهيو، ۽ بنان ڪنهن ڪَئي ۽ قصور جي مسلسل لوڙ لوڙيندو رهيو.
سنڌ جي انهيءَ سانحه ۽ فيروز_ جنهن کي سنڌ جي مؤرخن ”فيروز ناپيروز“ لکيو آهي_ جي انهيءَ حرڪت جو ذڪر ڪندي، ”ظفرالواله“ جي مصنف عربيءَ جو هڪ شعر مثال طور آندو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته ”_ جيڪو ماڻهو مصيبت جي وقت عَمرو جي پناهه ڳولي ٿو، سو انهيءَ انسان وانگر آهي، جيڪو نٽهڻ اُس کان بچڻ خاطر، باهه ۾ ٽپي پوي ٿو_“
المستجير بعمرو عند ڪربتـﮧ
ڪالمستجير من الرمضاءِ بالنار(1)
افسوس ڪندي مصنف لکي ٿو ته ”فيروز جو حشر به ساڳيو ئي ٿيو، جڏهن مغل سنڌ ۾ پهتا، تڏهن هِرکجي پيا (طمعوا في الملڪ). کين طمع وٺي ويئي ۽ هنن چالبازيءَ سان وزير دريا خان کي قتل ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ بيوفائيءَ ڪندي کين ذري ماتر پرواهه ڪانه ٿي(2).“
ساڳيو مؤرخ اڳتي هلي، سنڌ ۽ سنڌين جي بدبختيءَ ۽ بدقسمتيءَ تي واويلا ڪندي، چوي ٿو: ”سنڌ سنڌين هٿان نڪري ويئي. هو مغلن جي رعيت بڻجي، شاهه مير (شاهه بيگ) جي دؤر کان وٺي جاني بيگ جي عهد تائين، زماني جي پيڙا ۾ مبتلا رهيا_ در حقيقت زماني جي چڪيءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌي، جاني بيگ جي دؤر (1000هه) نه، بلڪ ان کان پوءِ به ڏيڍ صديءَ تائين برابر پيڙبا ۽ پيسبا رهيا.“ مؤرخ سنڌ جي الميه جو اهو عبرتناڪ داستان هن فقري تي ختم ڪري ٿو:
”_ وڪل مايُنيلـﮧ الدهرلـﮧ امد وينقضيٰ والله سبحانـﮧ الدائم ملڪـﮧ_“
’زمانو جيڪي ڪجهه ڪري ٿو، ان لاءِ ضرور سبب ٿيندو آهي‘_ ۽ اهو سبب اهو ٿيو، جو گهراڻي جا ٻه فرد ذاتي اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ تنگدل ٿي، هڪٻئي سان وڙهي پيا. ڪشمڪش هلي، فساد ٿيا، سبب ٺهي آيو، ڌارين کي موقعو ملي ويو، ۽ زماني دستور مطابق نه فقط انهن ٻن کي، بلڪ سڄي ملڪ کي سزا ڏيئي ڇڏي. اهڙي ئي موقعي لاءِ شيخ سعديءَ فرمايو آهي ته:
چو از قومي، يڪي بيدانشي ڪرد
نه ڪـﮧ را منزلت ماند، نه مـﮧ را
ڄام نندو نهايت ئي نيڪ ڪردار ۽ گفتار جو سچو، منتظم، جري ۽ خوش اطوار سلطان هو؛ جاه و جلال، شان و شوڪت، تدبر خواهه فهم و فراست ۾ سندس شاني ۽ ثاني ٻيو ڪو ڪونه ٿيو. سندس اڌ صديءَ جي حڪمراني سنڌ لاءِ سچي پچي رحمت ثابت ٿي. ملڪ ۾ امن امان هو؛ خير ۽ برڪت جو جواب ڪونه هو؛ سنڌ جا ماڻهو سکيا ستابا ٿيا؛ سڄو ملڪ ريان کيان هو؛ دينداري ۽ دنياداري ملڪ ۾ ٻيئي گڏوگڏ هيون؛ ديني ۽ دنيوي علومن جي اشاعت سنڌ جي چئني ڪُنڊين انتهائي عروج تي هئي؛ مدرسا ۽ خانقاهون آباد، راڄ ۽ رعيت، امير خواه سپاهي، سڀ آرام ۽ آسائش ۾ هئا. جيسين پاڻ زندهه هو، تيسين ڪنهن به ڌارئين کي همت ڪانه ٿي، جو سنڌ ڏانهن مَندي اک کڻي نهاري.
ڄام نندي جي پاڪبازيءَ، زهد ۽ تقويٰ جون ڪيئي ڪهاڻيون مشهور آهن. تاريخ ۾ ان جا ڪيترا مثال محفوظ آهن. قاضي عبدالله جي جنازي نماز ڄام نندي هن ڪري پڙهائي، جو پاڻ سموري زندگي با وضو رهيو ۽ ڪڏهن پنهنجي اوگهڙ ڪانه ڏٺي هئائين. ٺٽي ۾ ڪيترا پير، فقير، صوفي ۽ بزرگ موجود هئا، ليڪن اهي وصفون فقط سنڌ جي سلطان ۾ موجود هيون.انهيءَ تقويٰ ۽ پرهيز گاريءَ سبب ئي هڪ روايت مطابق، پير مراد شيرازيءَ جي جنازي نماز به ڄام ئي پڙهائي. مشهور آهي ته جڏهن هو گهوڙن جي ڪُڙهه ۾ ويندو هو، ته جانورن جي پُٺيءَ تي هٿ گهمائي چوندو هو: ”خدا اهو ڏينهن نه آڻي جو سواءِ غَزا جي، آءُ اوهان تي سواري ڪريان! دعا آهي ته ڪنهن به مسلمان جو خون منهنجي هٿان اوهان تي سواري ڪندي نه وهي! آءُ انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجي خدا اڳيان قيامت ڏينهن شل شرمندو نه ٿيان(1)!“
سندس هيٺينءَ رباعيءَ مان پڻ سندس سيرت ۽ ڪردار تي روشني پوي ٿي:
اي آنڪ ترا نظام الدين مي خوانند،
تو مفتخري ڪه مرا چنين مي خوانند!

گر در رهِ دين از تو خطائي رفته،
شڪ نيست ڪه ترا ڪافر لعين مي خوانند.

سڀني مؤرخن، سنڌ جي انهيءَ نيڪنام سلطان جي تعريف ڪئي آهي، ۽ سندس دؤر کي امن ۽ سڪون، ايمان ۽ اخلاق، نيڪيءَ ۽ ديني بلنديءَ جو دؤر ليکيو ۽ لکيو آهي. ”معصوميءَ“ جو مصنف لکي ٿو:
”..... در اوائل حال، طلب علم مي نمود، ودر مدراس وخوانق ميگزرانيده. و بغايت متواضع و خليق بود، بصفات پسنديده و اخلاق حميده متصف. و زهد و عبادت بدرجـﮧ ڪمال داشتـﮧ.“
آخر م لکي ٿو:
”..... و فضيلت و حالت او زياده ازان بود ڪه شمـﮧ ازان تحرير توان نمود(2).“
”ماثر رحيميءَ“ جو مصنف لکي ٿو ته ”سنڌ ڇا؟ بلڪ سموري هندستان ۾ جهڙس ديندار، متقي ۽ صاحب فضيلت بادشاهه ڪونه ٿيو.“ مغل دؤر جي انهيءَ مؤرخ جو اهو قول وزندار ۽ وڏي ۾ وڏو اعتراف آهي:
”درميان سلاطين سنده چه؟ ڪه درميان سلاطين هندوستان بفضيلت و حالت او نبوده.“
ساڳيو مصنف لکي ٿو ته ”سندس دؤر ۾ عالم، صالح، بزرگ ۽ فقير سڀ خوش و خورم، ۽ رعيت خواهه سپاهي فارغ البال ۽ آسوده حال هئا.“
”....در زمانِ دولت او، علماء و صلحاء فقراء، در نهايت فراغت، اوقات مي گذرانيدند و سپاهي ورعيت اَسوده حال و مرفع الحال بودند(1).“
مذهبي شوق ۽ شغف جي سلسلي ۾ مير معصوم جو قول آهي ته:
”.....در زمان دولت او، احياء سنّن نوعي شيوع يافته بود ڪه مافوق آن تصور نتوان ڪرد. و در مساجد اقامت جماعت به نهجي ميبود ڪـﮧ صغير و ڪبير محله“ در مسجد حاضر آمده، بگذاردن نماز، تنها راضي نبودند(2)“
ساڳئي سلسلي ۾ ”ماثر رحيميءَ“ جو مصنف لکي ٿو:
”.....احياء سُنّن و رواج مدارس بنوعي در سند مقرر بود ڪـﮧ زبان قلم از تحرير آن عاجز است(1).“
”مڪلي نامه“ جو مصنف، ”تحفـة الڪرام“ ۾ رقم طراز آهي:
”.....در زمانش علماء و سادات و صلحاء و عموم خلق الله برفاهيت ڪلّي، گذرانيده، احياي سنن بنوعي شيوع يافت ڪـﮧ احدي بدون صوم و صلواة نبودي.“
”تـــــحـــــفـــــــة الـــــــڪـــــــرام“، ”مـــــقـــــالات الــــــشـــــعــــراء“، ”حديقـة لاولياء“، ”تحفـة الطاهرين“ يا ٻين تذڪرن ۽ تاريخن ۾ اسان کي اڪيچار سنڌي عالمن، بزرگن، مشائخن محدثن ۽ شاعرن جا نالا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جن انهيءَ سلطان جي دؤر ۾ سنڌ اندر، اطمينان ۽ دلجمعيءَ سان ديني ۽ دنيوي علمن کي فروغ ڏيڻ ۾ اڻ وسرندڙ ڪوششون ۽ خدمتون ڪيون.
اهڙيءَ ريت امن، راحت، فراغت ۽ خوشحاليءَ جون خبرون جڏهن ڏورانهن ڏينهن تائين پهتيون، تڏهن سنڌ کان ٻاهر جي مشاهيرن به قطار در قطار هن طرف رخ رکيو. سلطان نظام الدين جي آخري دؤر ۾ ته خاص طرح ايران، خراسان خواهه ماوراء النهر مان ڪيئي گهراڻا سنڌ ۾ ايڏيءَ ڪثرت سان اچي پهتا، جو انهن کي آباد ڪرڻ لاءِ حضرت ننگر ٺٽي ۾ علحدا محلا مخصوص ڪرڻا پيا. وچ ايشيا ۾ اهو زمانو سخت بدامنيءَ ۽ طوائف الملوڪيءَ جو هو.
انهيءَ ڀاڄڙ ۾ گهڻا ته خس وخاشاڪ جي مثل هئا، ليڪن ڪي اهڙا عالم ۽ دانشمند به اچي پهتا، جن جو اچڻ سچ پچ ته سنڌ لاءِ هڪ نعمت هو. مثلاَ:
مولانا عبدالعزيز ابهري، ۽ سندس پٽ مولانا اثيرالدين پنهنجي سموري خاندان سميت هتي پهتا. علم جي اشاعت لاءِ مدرسو جاري ڪري، هنن سون علم جي طالبن جي آس ۽ پياس پوري ڪئي.
علامه جلال الدين دواني (المتوفي سنه 908هه) سنڌ ۾ اچڻ لاءِ تيار ٿيو. راهه خرچ به ڏانهس موڪليو ويو، ليڪن افسوس جو خرچ پهچڻ کان اڳ، مولانا لاڏاڻو ڪري ويو:
”.....تا رسيدن خرچ راه و رسولان، مولانا سفر تته را
بسفر آخرت تبديل نموده بملڪ بقا رفتـﮧ بود(1).“
هن جا ٻه جيد شاگرد، مير شمس ۽ مير معين، ٺٽي ۾ آيا، جن هتي رهي ديني ۽ دنيوي علم جي اشاعت ۾ ڀلئون ڀل بهرو ورتو.
اهڙيءَ ريت سنڌ جي انهيءَ نيڪ نهاد سلطان جي سَمي ۾ ڪيترن بيروني عالمن هتي پناهگزين ٿي، شاهي سرپرستيءَ هيٺ، سنڌ کي علمي فائدو رسايو.
ڄام نظام الدين جو اهو سلوڪ، ڇڙو پنهنجي هم مذهب رعيت سان نه هو، بلڪ سنڌ جي غير مسلم رعايا به انتهائي امن ۽ آرام ۾ هئي. تاريخ ۾ ڪيترن هندو اميرن جا نالا اسان کي ملن ٿا، جيڪي سندس دور ۾ حڪومت جي نهايت اهم عهدن تي فائز هئا. عام هندن پڻ مسلمان رعيت وانگر، خوشحاليءَ ۽ فارغ الباليءَ سان پنهنجو وقت خير خوبيءَ سان گذاريو ٿي. نه مذهبي دوئي هئي ۽ نه ديني دنگا هئا، بلڪ انهيءَ قسم جو تصور به سندس زماني ۾ موجود ڪونه هو.
سلطان پنهنجي چوڌاري، مجلس خواهه مصلحت، ملڪي ڪاروبار خواهه حڪومت جي نظام هلائڻ لاءِ چيدا چيدا ماڻهو رکيا هئا. وڏو مردم شناس بادشاهه هو، تاريخ ۾ اسان کي سندس متعلقين مان ڪوبه هڪ ماڻهو، غلط قسم جو ڪونه ٿو ملي.
درياخان ابتدا ۾ هڪ لاوارث ڇوڪرو هو. بادشاهه منجهس ڪارڪردگيءَ جا جوهر ڏٺا. پاڻ وٽ آڻي سندس پرورش ڪيائين، ۽ اعليٰ پيماني تي تربيت ڏيئي، معمولي ملازم جي درجي تان مٿي چاڙهيندي، کيس وزيراعظم جي عهدي تائين وڃي رسايو. سنڌ جي فوجن جي سپهه سالاري به سندس سپرد هئي. ”مبارڪ خان“ ۽ ”خان اعظم“ جا خاصا خطاب ڏيئي، سندس مرتبو بلند ڪندي، آخر ۾ کيس پنهنجي فرزنديءَ سان سرفراز ڪري، عروج ۽ اقبال منديءَ جي آخري منزل تائين پهچايائين. مردم شناس سلطان زندگيءَ ۾ ته نمڪ حلالي ۽ جفاڪشي ڪندي سوريءَ سلطنت جو ڳاٽ اوچو رکيو؛ بلڪ سلطان جي وفات کان پوءِ به اهو ئي اڪيلو امير هو، جنهن سنڌ جي آزاديءَ لاءِ پورا ٻارهن سال مسلسل جدوجهد کي جاري رکيو. پنهنجي جيئري مغلن کي ٺٽي ۾ داخل ٿيڻ ڪونه ڏنائين، ۽ درهء بولان وٽ پهچي، کين شرمناڪ شڪستون ڏيئي پٺتي ڌڪيائين. آخر ۾ ٺٽي جي چائنٺ وٽ لڙندي وڙهندي، تير ۽ تلوارون هڻندي ۽ کائيندي، جڏهن پنهنجو سر صدقو ڪيائين، ان کان پوءِ ئي خرابيء سنڌ“ جو باب کلي پيو، جنهن هڪ ٺٽي جو ڇا، بلڪ غيرن جي غلاميءَ لاءِ پوريءَ سنڌ جو رستو هموار ۽ صاف ڪري ڇڏيو.
انهيءَ قسم جي مردم شناسيءَ جا ڪيئي مثال سلطان نظام الدين جي تاريخ ۾ اسان کي ملن ٿا. مثلاَ سندس پهريون وزير دلشاد خان به شجاعت ۽ انسانيت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. بکر جي صوبي ۾ هُن جيڪي اصلاحون آنديون، سي تاريخ ۾ سندس ڪارڪردگيءَ جو روشن مثال آهن. اهڙيءَ طرح ڪيئي امير ۽ مشاهير، سلطان جي بزم جا روشن چراغ هئا. اهو ئي سبب هو، جو سندس سلطنت مستحڪم، ملڪي نظام محڪم، ۽ سموري سنڌ، جيسين جيئرو هو، تيسين ريان کيان ۽ باغ و بهار رهي.
سلطان نظام الدين جو دؤر (866_914هه) ٻئي هڪ لحاظ سان به تاريخ ۾ يگانو هو. جنهن وقت سلطان جي سنڌ تي حڪومت هئي، ان وقت پاڙيسري ملڪن ۾ پڻ، حسن اتفاق سان، سڀيئي بادشاهه جهڙس ئي جليل القدر ۽ ناميارا هئا. تاريخ غير معمولي بادشاهن جي اهڙي يڪجائي ڏاڍو مشڪل سان پيدا ڪندي آهي.
گجرات، پاڙو پاڙي سان هئي. سنڌ ۽ گجرات وارن جي مٽي مائٽي به هئي. علاوه ازين، سندن ثقافتي تعلقات به ڏاڍا ڳوڙها هئا. اتي سلطان محمود بيگڙي جهڙو ناميارو بادشاهه (813_917هه) حڪومت ڪري رهيو هو بهلول لوڌي، دهليءَ (855_894هه) جو بادشاه هو. مانڊو ۽ غياث الدين بن محمود خلجي (873_906هه) حڪمران هو. سلطان محمود بهمني دکن جو (887_924هه) بادشاهه هو. اهڙيءَ طرح هڪ طرف سنڌ جي ٻئي همسايي ملڪ خراسان تي، شاهه حسين بايقرا (862_912هه) جي حڪومت هئي، جنهن جي علم پروري ۽ ادب نوازي، تمدن ۽ تهذيب جي هاڪ تاريخ ۾ مثالي آهي، ۽ جنهن جو دور جهڙو راحت ۽ سڪون، امن ۽ امان، ۽ جنهن جي زماني جهڙو فراغت ۽ فارغ البالي، خراسان جي خطي کي وري ڪڏهن نصيب ڪانه ٿي.
مولانا جامي انهيءَ دور جو شاعر ۽ انهيءَ بادشاهه جو دوست هو. بهزاد مصوّر انهيءَ سلطان جي دربار جي زيب ۽ زينت هو.مير علي شير نوائيءَ جهڙو اديب ۽ ادب پرور مدبر، جنهن جو مثال تاريخ مشڪل سان پيدا ڪندي، سو سندس وزير باتدبير هو.
ڄام نظام الدين جو مقبرو، جنهن جي واکاڻ ”مڪلي نامه“ جي مصنف ڪئي آهي، تعميري فنڪاريءَ جو نهايت ئي نادر نمونو آهي. تعمير ۾ مختلف طرزن کي هڪٻئي سان ملائي، اهڙيءَ طرح پيوست ڪيو ويو آهي، جو تعمير جي تاريخ ۾ اهو مقبرو هڪ يگانو نمونو ۽ هڪ غير معمولي مثال ٿي پيو آهي. بناوٽ ۾ گجراتي، هندو، اسلامي ۽ خالص سنڌي طرزن کي گڏي، انهن جي دلڪش امتزاج مان، هڪ عجيب و غريب شاهڪار تخليق ڪيو ويو آهي، جيڪو ڏسندڙن جي نظر کي پهرينءَ ئي نگاهه سان پاڻ ۾ جذب ڪري وٺي ٿو.
سامهين ديوار ۾ پکين جي قطار، سورج مکيءَ ۽ ڪنول گل جي مهاڙيءَ ۾ سٽا، جهروُڪن جا وڌاوڙا ۽ انهن جا پاوا، آڳر واري ٻاهر نڪتل حصي جي سموري سنجهٽ ۽ ٻاهيون، خواهه داخلي دروازي جي چوڪور ساخت_ مٿي بيان ڪيل مختلف اثرات کي نمايان طرح ظاهر ڪري رهي آهي(1).
گجراتي خواه هندي فن عمارت سازيءَ جو اهو اثر، ڄام نظام الدين جي مقبري تي يا سمن جي ٻين چوڪُنڊين ۽ مقبرن، انهن جي گنبذن ۽ پيلپاوَن تي، جن سببن ڪري پيو ٿو ڏسجي، انهن مان اهم ترين سبب آهي گجرات ۽ سنڌ جي پاڻ ۾ همسايگي ۽ انهيءَ ڪري عام جام هڪٻئي سان مٽي مائٽي. جنهن نه فقط سياسي طرح سنڌ ۽ گجرات کي هڪٻئي جي ويجهو ڪري ڇڏيو، بلڪ سماجي خواهه تمدني طرح پڻ ٻنهي ملڪن ۽ سلطنتن جا ناتا استوار ۽ مضبوط ڪري، ڪيترا ثقافتي ويڇا وچان مٽائي ڇڏيا.
سلطان نظآم الدين جي روضي جي اترئين طرف واري بند ٿيل دروازي جي مٿئين سردر تي جيڪو ڪتبو اُڪريل آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته سلطان نظام الدين جي انتقال بعد، ڄام فيروز سنه 915هه ۾ اهو مقبرو ٺهرائڻ شروع ڪيو_ ظاهر آهي ته تعمير مڪمل نه ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته ستت ئي تخت ۽ تاج تي خانداني وڳوڙ ۽ ڪشمڪش شروع ٿي، جنهن ٻيا سڀيئي رفاهي ۽ تعميري ڪم بند ڪري ڇڏيا_ اهو سبب ٿيو، جو نه گنبذ ٺهيو ۽ نه عمارت جو رٿيل نقشو مڪمل ۽ راس ٿي سگهيو.
ڪتبي جي عبارت مطابق ته مقبري جو ٺاهيندڙ ڄام فيروز آهي. ليڪن ظاهر آهي ته هو ان وقت الهڙ نوجوان هو، تنهنڪري اهڙي نفيس تخليق سندس ذهن جو ايجاد ۽ دماغ جو اختراع ٿي نٿي سگهي. درياخان جي مقبري واريءَ ديوار جي ساخت کي_ جنهن کي هن سنه 895هه ۾ ٺهرايو_ ڏسندي، اسان جو خيال آهي ته پنهنجي ولي نعمت ۽ پنهنجي منهن ٻولئي پيءُ جي مقبري ٺهرائڻ ۽ ان جي رٿا ۾ ضرور دريا خان ’دولهه‘ جو فڪر رسا ڪار فرما رهيو آهي.
مقبري جي چؤديواريءَ اندر چار قبرون آهن، جن تي ڪوبه ڪتبو يا نشان ڪونه آهي، جنهن مان معلوم ڪري سگهجي ته انهيءَ خوشنام ۽ نيڪ نهاد سلطان جي ابدي آرامگاهه ڪهڙي آهي.
سمن سلطانن جي خانداني شجري خواهه سلطانن جي ترتيب ۽ فرمانروائيءَ جي سالن ۾ سخت اختلاف آهي. هر ڪنهن مـﺆرخ جو بيان جدا جدا آهي. اسان هڪ سلسليوار شجرو ۽ ان تي وضاحتي حاشيا(1)
زير اشاعت ڪتاب ۾ ڏيئي رهيا آهيون، جنهن مان پڙهندڙ، انهيءَ خاندان جي سلطانن جو هڪ خاڪو به آسانيءَ سان ذهن نشين ڪري سگهندا.
انهيءَ شجري مان اهو پڻ پتو پئجي ويندو ته سنڌي سلطان، گجراتي حاڪم ۽ خانديش جا فاروقي فرمانروا ڪهڙيءَ ريت مٽيءَ مائٽيءَ ۽ سڱابنديءَ ۾ هڪٻئي سان ڳنڍيل ۽ پوتل هئا.

[”مهراڻ“،3_4 1966ع]

________________________________________
(1) معصومي_ صفحو 74.
(1) ظفرالواله_ صفحو، 138.
(2) فان المغل لما دخلوالسند بـﮧ طمعوا في الملڪ فلحتالوا علي وزيره دريا خان و ڪان وجوده بـﮧ و في الفرصـﺔ قتلوه غدراَ و مابالوابد. صفحو 138.
(1) معصومي_ ص 70، ماثر رحيمي، ج 2، ص 273.
(2) معصومي، ص 74.
(1) ماثر رحيمي، ج 2، ص 273.
(2) معصومي، ص 25:
(1) رحيمي، ج 2، ص 273.
(1) رحيمي جلد 2، ص 274.
(1) ڏسو: BURGESS, The Muhammadan Architecture of Gujarat 3 Vol. 1896_1903_1905
(1) درياخان جو اصلي نالو ”قبوليو“ هو، ۽ هو پهرين ڄام نظام الدين جي ديوان لکمير (لکدير_ لکسير) جو غلام هو؛ جتان ڄام نظام الدين کيس پاڻ وٽ آندو.
درياخان سنڌ کي هر لحاظ سان مضبوط ۽ محڪم ڪيو. فوجي، سياسي خواهه سماجي يا اقتصادي صورتحال کي هن اهڙيءَ ڪڙيءَ تي پهچايو، جو مؤرخن جو متفقه قول آهي ته ”اهڙو زمانو سنڌ نه پهرين ڏٺو ۽ نه پوءِ.“
انهن تعميري ۽ رفاهي صلاحيتن سان گڏ، منجهس آزاديءَ ۽ وطن پرستيءَ جو جيڪو انگ هو، اهو سنڌ جي تاريخ ۾ کيس هميشه هميشه زنده پابنده رکندو. سرن جا سانگا لاهي، وطن کي ڌارين جي قبضي کان آزاد رکڻ لاءِ هن جيڪا جدوجهد ڪئي، اهو حقيقتا وطنيت جي تاريخ ۾ مثالي آهي.
سندس سمورو خاندان انهيءَ رنگ ۾ رتل هو. سندس سڀيئي پٽ وطن دوست، آزاد خواهه، جري جوان ۽ بهادر هئا. علاء الدين منجهان عالم نڪتو، محمود خان ۽ مٺڻ خان سپاهي مرد ڪيئي جوٽان ڪيائون. سارنگ خان سندس چوٿون پٽ به انهيءَ ڏس ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ هو. انهن سڀني هٿان_ درياخان جي شهادت کان پوءِ ۽ ٺٽي تي قبضي ٿي وڃڻ کان پوءِ ڪيتري عرصي تائين_ ارغونن کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا.
درياخان جو قبرستان، ڄام نظام الدين جي مقبري جي ويجهو، اولهه پاسي کان آهي_ پٿر جي محڪم چؤديواري، اوڀر ۽ ڏکڻ کان ٻه دروازا، جن تي ڪتبا اُڪريل اولهائينءَ ديوار ۾ محراب ۽ ان جي لڳ سندس قبر، جنهن تي خوبصورت خط ۾ اَيتون اُڪريل آهن_ سيرانديءَ کان نالي جو ڪتبو هن ريت آهي:
يا الله
هذا مرقد المعطر
للخان الاعظم
شهيد مبارڪ خان
ابن سلطان نظام الدين

اوڀارين دروازي جي مٿئين سردر تي جيڪو ڪتبو آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته سال 895هه ۾ دريا خان، قبرستان جي اها چؤديواري ٺهرائي، ڏاکڻين دروازي جي سردر واري ڪتبي مان ظاهر ٿو ٿئي ته کيس احمد نالي پڻ هڪ پٽ هو، جنهن اهو ڪتبو، قطب الدين بن محمود کان اُڪرايو_ ڪتبي تي سندس نالو هن ريت اُڪريل آهي:
احمد بن دريا خان
غفر الله لـﮧ
چـﺆ ديواريءَ اندر، دريا خان جي مزار کان سواءِ، ستاويهه ٻيون قبرون آهن، جن مان ڪنهن تي به نالو نشان اُڪريل ڪونه آهي.
انهيءَ مان دريا خان جي شڪست ۽ شهادت جو سال برآمد ٿئي ٿو. علاوه ازين، سنڌ جي غلاميءَ جي بسم الله پڻ انهيءَ_ خرابيءَ سنڌ_ سان شروغ ٿئي ٿي، اهو مهينو به محرم جو هو. پوڻا نَوَ سـﺆ ورهيه اڳ ٿيل ڪربلا واريءَ ناريخ کان هڪ ڏينهن وچان وجهي، سنڌ جي هن ڪرب و بلا جو واقعو واقع ٿيو. يارهين محرم الحرام جو دريا خان دولهه، سنڌ مٿان سر صدقو ڏيئي سُرهو ٿيو، ۽ سنڌ انهن جي بيرحم فيضي ۾ اچي ويئي، جيڪي ڌاريان ئي ڌاريا هئا.

نئين سنڌ: اھم مسئلا ۽ معاملا

تيرﻵ مُک نون سمجهه قران ليا
تيري گهر نون ڪعبه جان ليا
اب بخشـﻶ نه بخشـﻶ اونهه دي رضا
اسين يار نون سجدا ڪر بيڻـﻶ

پهرين جولاءِ منهنجي لاءِ ٻن عيدن جو ڏينهن آهي. پهرين عيد هيءُ جو 35 ورهيه اڳ، جنهن اخبار کي ڪراچيءَ مان اسان ٻنهي ڀائرن ڪڍيو هو، اها اڄ جي تاريخ تي وري جيئري ٿي رهي آهي، يعني ”صبح سنڌ“.
ٻي عيد آهي، جو اڄ کان سنڌ هڪ دفعو وري آزاد ٿي رهي آهي. زبانون ڪنهن جون بند نه ڪبيون، جيڪي جنهن کي وڻي سو ڀل چئي، بهرحال سنڌ اڄ کان نئون جنم وٺي، وري سنڌ سڏجڻ شروع ٿيندي.
15 سال آزار جي لوڙ لوڙڻ ڪا معمولي ڳالهه ڪانهي. انهيءَ عرصي ۾ سنڌ تي ڇا وهيو ڇا واپريو، انهيءَ قصي ۾ هن وقت وڃڻ بيڪار آهي. تنهنڪري اسان کي اڄ کان نئين سر پنهنجي زندگيءَ جو سفر شروع ڪرڻو آهي. اڄ ”نئين سنڌ“ جو پهريون صبح آهي ۽ ”صبح سنڌ“ اخبار شال هميشه اسان لاءِ هر صبح نون اميدن، نون امنگن ۽ نون ارادن جو صبح آڻيندي رهي.
* * * *
سنڌ جي ماڻهن جي قسمت ۽ تقدير تي مون کي هميشه تعجب لڳندو آهي ۽ ترس به ايندو آهي. هيءَ انهن ماڻهن جي سر زمين آهي، جي دنيا کي محبت جو پيغام ڏنو، جن انسان ذات جي اوچي مقام کي هميشه مقدم رکيو، ڪڏهن ڪنهن سان ڏاڍائي نه ڪيائون، ۽ ڪڏهن ڪنهن جو حق نه کاڌائون، نه ڪنهن جي ملڪيت کسيائون، پنهنجو آڻين ۽ پنهنجو کائين، ليڪن تنهن هوندي به خبر نه آهي ته ڇو سندن مقدر، تاريخ جا ورق ٻڌائين ٿا ته، هميشه رولي ۾ رهيو آهي_ معلوم ائين پيو ٿئي ته شايد چڱائي ڪرڻ، ٻين جو ڀلو چاهڻ، پاڙي وارن کي نه ايذائڻ، دنيا ۾ ضعف جي نشاني آهي ۽ ضعف هميشه گناهه آهي. بهرحال هر دؤر ۾ سنڌ ڏکيا سکيا ڏينهن گذاريندي، صدين کان، وري به شڪر آهي جو پاڻ کي قائم رکيو ٿي اچي. اها وڏي ۾ وڏي اسان جي عظمت ۽ ڪاميابي آهي، جيڪا ڪن ٿورين قومن کي دنيا ۾ نصيب ٿئي ٿي.
* * * *

سنڌ 1937ع ۾ سؤ ورهيه جي جدوجهد کان پوءِ بمبئيءَ جي غلاميءَ کان آزاد ٿي. خيال هو ته اها آزادي اسان لاءِ سڀني دردن جي دوا ثابت ٿيندي ۽ سنڌ جو بيمار جسم سڀني طرحين صحتمند ٿيندو. ليڪن ارمان آهي ته سنڌ جي آزاديءَ جي سوغات ماڻهن جي لاءِ نه هئي، پر وڏيرا شاهيءَ ۽ جاگيردارانه نظام لاءِ هڪ دستر خوان هو، جيڪو بمبئيءَ کان هت اچي پهتو هو.
1937ع کان 1947ع تائين پورا ڏهه سال هي وڏيرا، ڪاموراشاهيءَ جي زور تي، نه فقط عوام کي پيڙيندا رهيا، پر سنڌ جي چپي چپي کي خراب ڪندا رهيا، ليڪن ساڳئي وقت پاڻ ۾ به اهڙيءَ طرح ڏاڙهيءَ پٽ ڪندا رهيا، جو اسان جو اهو دؤر تاريخ جو شرمناڪ باب ٿي پيو ۽ اهو اهڙو دؤر آهي، جنهن کي اسان پنهنجي تاريخ ۾ ڪنهن به چڱي ۽ آبرومند عنوان سان آڻي ڪونه ٿا سگهون. افغانستان جو ”بچي سقي“ وارو دؤر ۽ سنڌين جا اهي ڏهه سال هڪجهڙا آهن.
* * * *

جنهن صورت ۾ انهن ڏهن سالن ۾ اسان جي وڏيرا شاهيءَ ڪابه قومي راويت قائم نه ڪئي هئي ۽ نه سياست ۾ ڪو آبرومند مقام حاصل ڪيو هو. تنهنڪري پاڪستان بڻجڻ کان پوءِ به هو پنهنجي اعمالن جي شامت ڀوڳيندا ۽ هر قدم تي بي آبرو ٿيندا رهيا، آءُ سمجهان ٿو ته کين بي آبرو ڪندڙ بلڪل حق بجانب هئا.
جيڪڏهن ڪنهن به قوم جا رهنما غلط، خود غرض ۽ قوم جا باغي هوندا آهن ته انهن کي ڪابه آبرو، ڪنهن به انساني برادريءَ ۾، ملي ڪانه سگهندي آهي. اهو دنيا جو دستور آهي ۽ تاريخ اسان کي اهو ئي ٻڌائي رهي آهي.
ون يونٽ ٽٽڻ بعد صدر يحيٰ اليڪشنون ڪرائي رهيو آهي. سنڌ جو عوام تعليم ۾ پٺتي پيل آهي، معاشي حالتن ۾ ڏتڙيل آهي، دور دراز ڳوٺن ۾ نيم وحشي زندگي گذاري رهيو آهي، ۽ ڪامورا شاهي، وڏيرا شاهي ۽ سادات شاهيءَ جي گهيري ۾ آهي، تنهنڪري وڏيرو هر چند ذليل ۽ زبون ٿي چڪو آهي، وري به اهو ساڳيو طبقو اليڪشن ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ امڪان آهي ته نئين اليڪشن ۾ وري به انهن جي اڪثريت چونڊجي اچي، جيڪي نه فقط سنڌ جا دشمن آهن، بلڪ متمدن انسان ذات لاءِ پاڻ داغ آهن ۽ مٿينءَ سطع تي گويا پاڪستان لاءِ به تنگ ۽ شرم جو سبب آهن.
ساڳيا پاپيءَ جا پنجوڙ، ساڳيو زر جو آ زندان،
سڏ پڙاڏو ٻَئي حيران.
ساڳيو ڏاڍي جو ڏهڪاءُ، هيڻون اڳ وانگر حيران،
سڏ پڙاڏو ٻَئي حيران.
* * * *

پر هن دفعي اميد جو هڪ خفيف ترورو نظر اچي رهيو آهي، جنهن تي ذاتي طرح مون کي خيال ٿئي ٿو ته شايد انهن وڏيرن کي هن دفعي انهيءَ آپيشاهي ڪرڻ جو موقعو نه ملي ۽ هر غلط قدم تي کين جواب دهي ڪرڻي پوي. اهو ترورو، اها اميد ۽ اهو آسرو اسان جو اڄوڪو سرويچ نوجوان آهي، جيڪو ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هن وقت جاڳي چڪو آهي ۽ هن جي ذهن، هن جي ارادي ۽ هن جي عزم کي هاڻي ڪابه طاقت تسخير ڪري ڪانه ٿي سگهي_ گهڻيءَ حدتائين مون کي اطمينان آهي.
* * * *

اڄ پهرين جولاءِ کان اسان کي پنهنجي نئين زندگيءَ جو آغاز ڪرڻو آهي. تنهنڪري ظاهر آهي ته انهيءَ نئين سفر شروع ڪرڻ وقت اسان لٽايل ساٿ جي ساري خساري ۽ نقصان کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون. سياسي تقاضائون ڇا آهن، اقتصادي مسئلن لاءِ ڇا ڪرڻ کپي، سنڌ جي نوڪر شاهيءَ جي اخلاق ۽ ڪردار کي ڪهڙيءَ طرح قومي سانچي ۾ ڍالجي، ٻهراڙي جي مظلوم، غريب ۽ مسڪين هاريءَ کي ڪهڙيءَ ريت ٽن ويلن جي روٽي مهيا ڪري ڏجي ۽ ظالمن جي چنبي کان سندن عزت آبرو ۽ خود داريءَ ڪيئن محفوظ ڪرائجي، سندن صحت ۾ سندن اولاد جي تعليم لاءِ ڪهڙا اُپاءَ وٺجن، هي سڀ اُهي مسئلا آهن جيڪي نوجوانن کي سياسي کيڏارين کان پورا ڪرائڻا آهن.
* * * *

انهيءَ کان علاوه منهنجي خيال ۾ ڪيترا اهم معاملا ۽ مسئلا پڻ آهن، جيڪي تعليم گهٽ هجڻ، وڏيرا شاهيءَ جي جهالت ۽ سياسي ليڊرن جي علمي ڪوتاهيءَ سبب هميشه نظر انداز ٿيندا رهيا آهن. اهو ياد رکڻ کپي ته سنڌ نوڪر شاهيءَ جو نالو نه آهي، سنڌ جو قومي مسئلو اهو نه آهي ته ڪيترا مختيارڪار ۽ ڪيترا ڪمشنر ڀرتي ٿين ٿا. ملازمت سنڌ ۾ هميشه نيچ سمجهي ويئي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جو عوام ۽ سنڌ جو ڪامورو هميشه هڪٻئي کان دور رهيو آهي. سنڌ نالو آهي هڪ قوميت جو، ڪن ريتين ۽ رسمن جو ۽ ڪن قومي خصلتن ۽ ڪردار جو. سنڌ کي پنهنجي زبان آهي، سنڌ کي پنهنجون روايتون آهن، سنڌ کي پنهنجو مخصوص ڪلچر آهي ۽ سنڌ هميشه انهيءَ شيءِ کي عزيز سمجهيو آهي ۽ انهيءَ کي قائم رکڻ لاءِ جدوجهد ڪندي رهي آهي. سنڌ جو ڪلچر ايڏو اوچو، ايترو مائيدار ۽ انهيءَ حدتائين گوناگون ۽ ڀرپور آهي، جو هن جي خصوصيتن ۽ خوبين کي ڄاڻ رکندڙ ۽ باشعور دنيا جون قومون تسليم ڪري چڪيون آهن، چنانچه پاڪستان بڻجڻ کان پوءِ سڀني کي خبر آهي ته دنيا جي مختلف قومن ۽ ملڪن پاڪستان ۾ سڀ کان زياده دلچسپي سنڌ جي راڳ، سنڌ جي بود و باش، سنڌ جي تهذيب ۽ روايتن، لٽي ڪپڙي، ڀرت ۽ سنڌ جي گهريلو صنعت جي پيدا ڪيل شين ۾ پئي ورتي آهي. هالن جي جنڊيءَ واري ڪم، مصري خان ۽ خميسي خان جي بينن، سنڌي ڀرت ۽ ڇيٽن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پاڪستان کي روشناس ڪرائڻ ۾ وڏو حصو ورتو آهي. نئين سنڌ جي سربراهن کي گهرجي ته سنڌ جي ڪلچر جي هر شعبي کي نه فقط محفوظ ڪرڻ، بلڪ ان کي وڌائون وڌ وڌائڻ، لاءِ هر ڪوشش ڪن.
* * * *

مٿئين ڏس ۾ هن موقعي تي فوري طرح منهنجي ذهن ۾ هيٺيون ڳالهيون اچي رهيون آهن، جن ڏانهن پاڻ کي خاص توجهه ڏيڻو آهي:_
(1) سنڌ جي گهريلو هنرن کي نئين سر جيارڻ لاءِ خاص ادارو قائم ڪرڻ کپي، جيڪو ڳوٺ سڌار کاتي، فيملي پلاننگ کاتي ۽ تعليم بالغان وارن مفروضن جهڙو نه هجي، بلڪ صحيح معنيٰ ۾ قومي پيماني تي اُنهيءَ جو بندوبست هئڻ گهرجي. ڇر جو ڪم، جنڊيءَ ۽ ڪاشيءَ جو ڪم، ڪنڍيءَ جو ڪم، ڀرت جو ڪم، ڇيٽن ۽ چيرن جي اُڻ جو ڪم، رلهين ۽ کيسن جو ڪم ۽ انهيءَ قسم جي ٻين ڳوٺاڻن هنرن کي اُنهيءَ حدتائين زور وٺائڻ کپي، جو نه فقط جپان وانگر هر گهر پنهنجي ضرورت پاڻ پوري ڪري سگهي، بلڪ دنيا جي مارڪيٽ تي ڇانئجي وڃڻ جي ڪوشش ڪجي.
(2) سنڌ جو راڳ هن وقت انفرادي ڪوششن ۽ ذاتي ذوق سبب جيئرو رهيو آهي. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ لاجواب فنڪار پاڻ وٽ موجود آهن. ايران ۾ انهيءَ ڪم لاءِ خاص وزارت آهي، جنهن جي ذريعي ملڪ جي سمورن فنڪارن جي پرورش ٿي رهي آهي. اسان کي ريڊيي ۽ ٽيليويزن جي ملازمن جي رحم ۽ ڪرم تي پنهنجي فنڪارن کي ڇڏڻ نه کپي، انهن جي پوري فهرست تيار ڪري ۽ نئين سرکين ميوزڪ اسڪولن ۽ ادارن سان منسلڪ ڪرڻ کپي.
(3) پاڻ کي سنڌ جي پراڻن ريڪارڊن، سرن، طرزن ۽ گانن جي لئبرري ٺاهڻ کپي ۽ جيڪي به فنڪار ٿي گذريا آهن، انهن جون تصويرون ۽ انهن جا حالات شايع ڪرڻ گهرجن.
(4) سنڌ جي ڳوٺن ۾ نئين سر راڳ جون ڪچهريون قائم ڪرڻ کپن، جيڪي سالن کان اقتصادي بدحالي، ڪامورا شاهيءَ جي ظلم ۽ وڏيرا شاهيءَ جي تشدد سبب ختم ٿي چڪيون آهن. ڳوٺاڻن ۾ آزاديءَ جو احساس پيدا ڪرڻ کپي ۽ انهن کي آسانيون مهيا ڪرڻ کپن، جيئن هو پنهنجون آکاڻيون، ٽوٽڪا، ڳجهارتون، ڪافيون ۽ آلاپ نئين سر جاري ڪن.
(5) سنڌ جي ميلن ۽ ملاکڙن کي سرڪاري ۽ سرڪاري ڇاڙتن جي تحويل مان ڇڏائي، انهن جو اهڙو نظام قائم ڪرڻ کپي، جيڪو صحيح معنيٰ ۾ غريبن جي لاءِ تفريح جو سبب بڻجي. درگاهن ۽ خانقاهن کي پرستش ۽ انساني ذهن کي مفلوج ڪرڻ جو ذريعو نه بنائڻ کپي، بلڪ مدفون شخصيتن جي تاريخي حيثيت ۾ ڪلچرل ڪارنامن کي ماڻهن جي ذهن نشين ڪرڻ گهرجي.
(6) سنڌ جي شخصي ڪتبخانن جي سروي ڪرڻ کپي ۽ جديد طريقن تي انهن جي تنظيم ڪجي. ڪتاب خريديءَ جي ذريعي يا مائڪرو فلمن جي ذريعي هڪ قومي ڪتبخاني ۾ گڏ ڪرڻ کپن.
(7) سنڌ جي اندر تاريخي عجائب گهر مختلف تاريخي شهرن ۾ قائم ڪجن، جن ۾ سنڌ متعلق تاريخي ۽ تهذيبي شيون موجود ڪجن. مثلاَ حيدرآباد ۾ ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن جي دؤر جو ميوزم هجڻ کپي، ٺٽي ۾ سمن ۽ مغلن جي دؤر جا آثار مهيا ڪيا وڃن. اهڙيءَ طرح عمر ڪوٽ، روهڙيءَ ۽ سيوهڻ جهڙن تاريخي شهرن ۾ پڻ جدا جدا قسمن جا ميوزم هجڻ گهرجن.
(8) سنڌ جو تاريخي رڪارڊ گهڻيءَ حدتائين برباد ٿي چڪو آهي. ڪراچيءَ جي ڪمشنر جو رڪارڊ بيحد قيمتي ۽ تاريخي آهي. حيدرآباد جو رڪارڊ سنڌ جي تاريخ تي روشني وجهي ٿو. اهو بيش با خزانو، خاص ماهرن جي نظرداريءَ هيٺ، هڪ جاءِ تي گڏ ڪجي ۽ ان لاءِ خاصArchives Department قائم ڪجي.
(9) سنڌ جي تهذيب، تمدن، ڪلچر ۽ تاريخ جي تحقيق جي لاءِ قومي پيماني تي ادارو قائم ڪجي، جنهن ۾ سنڌ تي جيڪو مواد دنيا جي مختلف زبانن ۾ لکيل آهي سو مهيا ڪجي.
(10) هن وقت سنڌ ۾ تاريخ جو ڪم ”سنڌي ادبي بورڊ“ ڪري رهيو آهي ۽ انهيءَ اداري سنڌ کي ٻاهرين ملڪن سان ڪافي روشناس ڪرايو آهي ۽ گهڻو ڪري بنيادي ڪتاب شايع ڪري چڪو آهي، ليڪن اُن جي سالياني گرانٽ ڪافي نه آهي، انهيءَ اداري کي پڻ نئين سر قومي پيماني تي تشڪيل ڪجي ۽ رقمون مهيا ڪجن.
(11) سنڌ جي جديد ادب کي وڌائڻ ۽ ان کي عام ڪرڻ جي لاءِ جدا قومي اشاعت گهر جي ضرورت آهي. هن وقت تائين اسان جا جديد اديب سڀيئي غريب آهن، انهن پنهنجي پيٽ کي لتون ڏيئي پنهنجون تخليقون پئي ڇپايون آهن ۽ انهن جي لکڻين ئي سنڌ جي ذهن ۾ سجاڳي آندي آهي. تنهنڪري، جن سنڌي ذهن کي اجاريو آهي تن جي ادب کي پالڻ ۽ جيارڻ اسان جو اولين فرض آهي.
(12) سنڌ جي تعليم گاهن ۾ سڌارا ۽ تبديليون آڻڻ کپن. سڙيل دماغ ۽ سنڌن ويٺل استاد پنهنجي گهرن ڏانهن اماڻڻ کپن. انهن جي جاءِ تي فعال، ذهين ۽ ڪم ڪندڙ استاد آڻجن، جيڪي ايندڙ ڏهن سالن اندر اسان کي هر شعبي ۾ ماڻهو پيدا ڪري ڏين. انهيءَ قسم جا استاد جيڪڏهن يورپ مان آڻجن ته پاڻ وڌيڪ بهتر. اهو نسخو عليڳڙهه ۽ ٻين ڪيترين يونيورسٽين ۽ تعليم گاهن ۾ آزمايو ويو آهي، جيڪو تجربو ڪامياب ٿيو آهي.
(13) سنڌ جي طالب علمن کي ڪنهن به حالت ۾ هڪ زبان تي اڪتفا نه ڪرڻ کپي؛ مادري زبان سان گڏ عربي، فارسي، جرمن، فرينچ، انگريزي ۽ روسي زبانن مان ڪي به ٽي زبانون ضرور سکڻ کپن. ڇاڪاڻ ته دنيا بين الاقوامي برادريءَ جي صورت اختيار ڪندي پيئي وڃي ۽ ڪنهن به اهڙيءَ زبان ۾ پاڻ کي محدود رکڻ، جنهن ذريعي ٻاهرينءَ دنيا سان رابطو نه رهي سگهي، گويا ڏسي وائسي پاڻ کي کوهه ۾ بند ڪرڻو آهي. سنڌي زبان کي زور وٺرائڻ کپي، ليڪن انهيءَ جو مطلب اهو نه هجڻ کپي ته اردو زبان يا پاڪستان جي ٻين زبانن کان نفرت ڪرڻ کپي.
(14) سنڌ ۾ آثار قديمه جي ڳولا ۽ حفاظت لاءِ خاص محڪمو هجي. سنڌ جي تاريخي ۽ مقدس سر زمين انهيءَ سلسلي ۾ ايتري شاهوڪار آهي، جو مرڪزي بجيٽ جي سڀني صوبن ۾ ورهائجڻ بعد سنڌ لاءِ بچيل حصو پورو نٿو ٿي سگهي.
(15) پنهنجن بزرگن، شاعرن، مصنفن ۽ قومي رهنمائن جي مقبرن ۽ مزارن جي تعين ڪرڻ، ٺهرائڻ ۽ محفوظ رکڻ لاءِ ايراني اداري_ مجلس آثار ملي_ جي نموني تي پاڻ کي هڪ ادارو قائم ڪرڻ گهرجي. مثال طور ڄام نظام الدين سمون، محسن ٺٽوي، مير ’قانع‘ ٺٽوي، ابوالحسن ڏاهري، محمد قائم، محمد عظيم وغيره جهڙن شاعرن ۽ مصنفن جي نه قبرن جي تعين آهي، نه مٿان ڪي ڪتبا لڳل آهن ۽ نه انهن جي حفاظت جو ڪو بندوبست آهي. سنڌ جي مشاهيرن جي آثارن جي حفاظت جو ذمو انهيءَ اداري جي حوالي هجڻ گهرجي.
(16) سنڌ آرٽس ڪائونسل ٺاهجي، جنهن تي سنڌ جي راڳ ۽ سنڌ جي ٻين سڀني فنون لطيفه جي فروغ ۽ رکپاليءَ جو ذمو هجڻ کپي.
* * * *

اڄ سنڌ نئين سر ڄائي آهي ۽ ان جي رهاڪن کي ورثي ۾ انسانن جي عزت ڪرڻ ۽ انهن سان محبت ڪرڻ جو سبق مليل آهي. اڄ کان سڀيئي تلخيون ۽ تلخ گامين جو اثر وساري، نئين سر ميل ۽ ميٺاج جي فضا قائم ڪرڻ گهرجي.
* * * *

آءُ جيڪي ڪجهه هن مضمون اندر لکي چڪو آهيان، اهو نه فقط سنڌ جي لاءِ ضروري ۽ مفيد آهي، بلڪ آءُ پاڪستان جي سڀني صوبن کي اپيل ڪندس ته پنهنجي پنهنجن صوبن اندر انهيءَ قسم جا پروگرام عمل ۾ آڻين ۽ پنهنجي صوبن کي لساني ۽ فني طرح سان مضبوط بڻائين. سڀني صوبن جي مضبوطيءَ جي ٻي معنيٰ سڄي پاڪستان جي مضبوطي آهي.


[هفتيوار ”صبح سنڌ“، 1_ جولاءِ، 1970ع]

شاهه تي تحقيق

[1961ع ۾ ڀٽ ڌڻيءَ جي ميلي جي موقعي تي ادبي ڪانفرنس ۾ صدارتي خطبو]
شاهه سان عقيدت رکندڙ، لکندڙ ۽ دانشور حضرات!
سڀ کان اول آءُ اوهان جو شڪريا ادا ڪريان ٿو. هيءُ شڪريو فرضي ۽ مصنوعي ناهي، جيئن عام طرح صدر ڪندا آهن، بلڪ دل جي گهراين مان اهو شڪريو ادا ڪري رهيو آهيان. آءُ اوهان سڀني جو ممنون آهيان، جو مون کي نه رڳو سنڌ جي عظيم شاعر، پر دنيا جي وڏي شاعر جي سالگرهه جشن جي موقعي تي هن ادبي ڪانفرنس جي صدارت جو اعزاز بخشيو اٿوَ.
دوستو! جڏهن به اهڙا جشن ٿين، ته انهن ۾ ضروري ڳالهيون سوچيون وڃن، جيئن هنن ڪانفرنسن وسيلي آئنده لائحه عمل ٺهي سگهي. آءُ هن موقعي جو فائدو وٺي، جيڪي ڪجهه ضروري سمجهان ٿو، سو سڀني لکندڙن ۽ اديبن آڏو پيش ڪريان ٿو.
شاهه صاحب جي سلسلي ۾ منهنجو ذاتي تاثر هيءُ آهي ته شاهه جنهن عزت ۽ مقام جو شاعر آهي، ان پاپي جو اڄ تائين ڪوبه مضمون يا مقالو نه لکيو ويو آهي. انهيءَ جو وڏي ۾ وڏو سبب مواد ۽ تحقيق جي ڪمي آهي. مون کي معاف ڪندا، اسان کي هڪٻئي ۾ صاف ۽ کليون ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، جنهن سان اسين هڪٻئي جي عيبن ثوابن کي پرکي ۽ پروڙي سگهون. هن وقت تائين، جنهن به شاهه تي لکيو آهي، تنهن جي آڏو هڪڙو ئي نڪتو پئي رهيو آهي ته هو پاڻ کي شاهه جي شارحن ۾ شامل ڪرائي. اهڙن لکندڙن جي مقالن ۽ مضمونن ۾ نه تحقيق آهي ۽ نه ئي وري ڪو سير حاصل بحث، جنهن کي ڪا نئين شيءِ چئي سگهجي.
ٻي وڏي غلطي هيءَ آهي ته اسان جي ذهن ۾ اڃا تائين جو اصل مقام ڪونه پيدا ٿيو آهي، تنهنڪري شاهه جو ٻين شاعرن سان تقابلو ڪندا رهون ٿا. اهڙا مضمون فقط سطحي مطالعي جي بناء تي هوندا آهن. لکندڙ کي انهن شاعرن تي به ڪا دسترس نه آهي. شاهه جي ڪلام جو مقابلو ٻين شاعرن جي ڪلام سان تڏهن ڪري سگهبو، جڏهن انهن شاعرن جو ڪلام ۽ انهن تي تحقيقي مضمون پڙهجن. اول تصوف جي تاريخ جو مڪمل مطالعو ڪجي ۽ پوءِ ”شاهه جو رسالو“ آڏو رکجي. تڏهن ئي شاهه جو صحيح مقام معلوم ٿي سگهندو. شاهه جو مقام منهنجي نظر ۾ دنيا جي سمورن شاعرن کان بلند آهي. اسان جا ڪي دوست، شاهه جي مولانا روميءَ سان ڀيٽ انهيءَ ڪري ڪندا آهن جو شاهه صاحب وانگر روميءَ به پنهنجي ڪلام ۾ حڪايتون پيش ڪيون آهن، پر روميءَ جي ڪلام ۾ شاهه وانگر حب وطن جو جذبو ڪونهي، هن کي پنهنجي آسپاس جي شين سان محبت ڪانهي. مون روميءَ جي فارسي شاعريءَ جو مطالعو ڪيو آهي، پر سندس شعر تمام سست آهي. انهيءَ ڪري جيتري قدر شاعريءَ جو تعلق آهي، شاهه صاحب کانئس بلند آهي. روميءَ جي مثنويءَ ۾ ايڏي نرمي ۽ لطافت نه آهي، جيڏي رسالي ۾ آهي. شاهه جي ڪلام ۾ اهڙي نرمي ۽ لطافت آهي جهڙي ريشم ۾. پَٽ جيئن نرم ۽ نازڪ ٿيندو آهي، جنهن جي ڇُهڻ سان هڪ لذت محسوس ٿيندي آهي، بلڪل انهيءَ قسم جي لذت ۽ لطافت شاهه جي ڪلام ۾ آهي. منهنجو ذاتي خيال آهي ته شاهه ۽ روميءَ جي شاعريءَ وارن رستن ۾ وڏو فرق آهي. بيشڪ ٻيئي وڏا صوفي شاعر آهن، پر انهيءَ ٻنهي جو تقابلو غلط آهي. اهو تقابلو تڏهن ئي ٿي سگهي ٿو، جڏهن ٻين وڏن صوفي شاعرن جو پورو مطالعو ڪيو وڃي.
ضروري آهي ته اول شاهه صاحب جو گَهريءَ نگاهه سان مطالعو ڪجي. شاهه متعلق جيڪو به مواد آهي، ۽ جيڪو اڄ تائين گڏ نه ٿي سگهيو آهي، اهو گڏ ڪجي ۽ ان جو مطالعو ڪري پوءِ شاهه صاحب تي ڪجهه لکجي. ٻيءَ حالت ۾ شاهه تي لکڻ وقت کان اڳي ٿيندو. تنهنڪري منهنجو عرض آهي ته شاهه تي مواد گڏ ڪريو. پوءِ ئي شاهه کي اسين سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر صحيح صورت ۾ پيش ڪري سگهنداسين.
آءُ هاڻي لکندڙن آڏو شاهه تي تحقيق لاءِ سرسري خاڪو پيش ڪريان ٿو. منهنجو خيال آهي ته پهريائين هيٺين عنوانن تي مواد گڏ ڪرڻ ۽ لکڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي:
1_ شاهه جي دؤر جي سياسي ۽ تمدني تاريخ تي مواد گڏ ڪري مفصل نموني لکجي. پوءِ اسان کي معلوم ٿيندو ته ڪهڙا محرڪات هئا جن جي بناء تي شاهه اهو شعر جوڙيو.
2_ انهيءَ موضوع تي تقيق ڪئي وڃي ته شاهه جي زماني ۾، سنڌ ۾ تصوف جون ڪهڙيون ڪهڙيون جديد تحريڪون هيون. انهيءَ مان آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهنداسين ته انهن تحريڪن ۾ شاهه ڪهڙو حصو ورتو.
3_ مون ڏٺو آهي ته ٻارهين صديءَ هجريءَ ۾ شاهه کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي شاعر هئا، جن جو ڪلام پڻ اعليٰ درجي جو آهي. اهو جديد اصول آهي ته ڪنهن شاعر جي صحيح تجزيي لاءِ ان جي معاصر شاعر جي ڪلام جو مطالعو ڪيو وڃي. جنهنڪري ضروري آهي ته انهن همعصر شاعرن جا ديوان ڪٺا ڪيا وڃن. ان مان انهيءَ مسئلي جي خبر پوندي ته شاهه صاحب انهن شاعرن کان منهن موڙي پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪهڙيون نيون راهون ورتيون.
4_ شاهه جي دؤر جا ٻيا صوفي مشاهير ڪهڙا هئا؟ اهو ياد رکڻ گهرجي ته شاعر پنهنجي دؤر جو مؤرخ آهي. فرق رڳو ايترو آهي، جو مؤرخ ٺهي جُڙي ويهي تاريخ لکندو آهي_ انهن تاريخن ۾ وقت جي حڪومتن ۽ حڪمرانن جا اثرات به اچي وڃن ٿا_ پر شاعر ڪنهن به بيروني اثرات کان پاڪ ٿي، پوءِ حالات ۽ ماحول جو جائزو وٺي، پنهنجو ڪلام سچيءَ ۽ صحيح صورت ۾ پيش ڪري ٿو. شاهه صاحب جي ڪلام ۾ ڪيئي پهلو غور طلب آهن. مثلاَ شاهه عنايت صوفيءَ جي شهادت انهيءَ دؤر جو وڏو سانحو آهي. آخر شاهه صاحب انهيءَ عظيم واقعي کي ڇونه منظوم ڪيو؟ انهيءَ ڳالهه جو جواب تڏهن ئي ڏيئي سگهجي ٿو، جڏهن انهيءَ دؤر جون تمدني ۽ سياسي حالتون آڏو هجن.
5_ شاهه ۽ شاهه جي خاندان جي صحيح سوانح مرتب ڪجي. سندس استاد ڪير هو، سندس اُٿڻي ويهڻي ڪهڙي ۽ ڪيئن هئي. ڪجهه ڏينهن ٿيا ته ڪراچيءَ جي اردو تعليم کاتي وارن مون کان پڇيو ته شاهه جي زندگيءَ جا ڪي اهڙا واقعا ٻڌايو، جي سندس انسان دوستيءَ جو مظهر هجن، ۽ جن جو سندس شاعريءَ سان ڪو تعلق نه هجي. مون وٽ انهيءَ جو ڪوبه جواب ڪونه هو. جيتوڻيڪ سندس ڪلام انهيءَ جذبي سان ڀريل آهي، پر سندس نجي زندگيءَ جا واقعا ناپيد آهن. تنهنڪري انهيءَ پاسي به تحقيق ڪريو ۽ ڪتاب لکو.
6_ شاهه جي رسالي جو تحقيقي ايڊيشن شايع ڪرائجي، جو رڳو محققن لاءِ هجي.
منهنجون اهي چند گذارشون، شاهه صاحب جي سلسلي ۾ براه راست لکندڙن کي هيون. هاڻي آءُ هن وقت تائين ٿيل شاهه صاحب تي تحقيق جو جائزو وٺندس، جا هتي توڙي ٻاهرينءَ دنيا ۾ ٿي آهي. پاڪستان ۾ گذريل چند سالن ۾ ڪي ڪتاب ڇپيا آهن، جن ۾ مولانا دين محمد ’وفائي‘ مرحوم جو لکيل ڪتاب ”لطف اللطيف“ هڪڙي سٺي ڪوشش آهي. جيتوڻيڪ منجهس ڪي غلطيون آهن، پر اُهي درگزر ڪري سگهجن ٿيون. مولانا مرحوم جو آخري ڪتاب عنقريب ڇپجي پڌرو ٿيندو، جنهن ۾ پهريون ڀيرو ڪوشش ڪري شاهه جي حياتيءَ تي سندس ڪلام وسيلي روشني وڌي ويئي آهي. شاهه جي ڪلام جي شرح ۾ رشيد لاشاريءَ پارن جو به حصو آهي. شاهه تي انفرميشن وارن ڪي قابل ذڪر رسالا ڪڍيا آهن. سنڌ يونيورسٽيءَ وارن رسالي جو اردو ترجمو ڇپائڻ شروع ڪيو آهي، جيڪو تمام جلد شايع ٿي ويندو. بنگال ۾ ڪن شاعرن شاهه جي چونڊ ڪلام جو ترجمو ڪيو آهي. رائٽرس گلڊ جي پاران محترم جي الانا شاهه جي ڪجهه ڪلام جو انگريزي ترجمو شايع ڪرايو آهي. هي ثقافتي مرڪز_ به انهيءَ سلسلي ۾ وڏو ڪم پيو ڪري، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرايو آهي. اسان کي يقين آهي ته اهو رسالو شاعريءَ جي ذوق ۽ ترتيب جي لحاظ کان نهايت سٺو هوندو. مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽي ستاويهن قلمي نسخن کي آڏو رکي، رسالو مرتب ڪيو آهي، اهو به جلد از جلد شايع ٿيندو. شاهه بابت مضامين ”نئين زندگيءَ“ ۾ به گهڻي انداز ۾ شايع ٿيا آهن ۽ انگريزيءَ ۾ محترم علامه آءِ.آءِ قاضيءَ جو تازو ڪتاب هڪ بينظير محنت آهي.
اهو سڀ پاڪستان ۾ ٿيو آهي. هاڻي هندستان جي لکندڙن جو جائزو وٺون ته انهن شاهه بابت ڪهڙو ڪم ڪيو آهي. اسان کي خبر هئڻ گهرجي ته سنڌي مسلمانن کان وڌيڪ، شاهه تي غير سنڌين ڪم ڪيو آهي. پهريائين رسالو ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، ڪن سنڌين سان گڏجي، مرتب ڪيو ۽ جرمنيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيائين. انهيءَ کان پوءِ مسٽر نارا چند، شاهه تي انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيو. 1915ع ۾ ڄيٺمل پرسرام شاهه جي حياتيءَ تي ڪتاب لکيو، ان کان پوءِ شاهه جي آکاڻين کي مرتب ڪيائين. آءُ اوهان سڀني لکندڙن کي مشورو ڏيندس ته جيڪڏهن اوهان کي صحيح سنڌي لکڻي هجي ته ڄيٺمل جا ڪتاب پڙهو، ۽ ڏسو ته هن ڪهڙي انداز سان سنڌي لکي آهي. 1923ع ۾ ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻيءَ پهريائين پهريائين هڪ يورپي محقق جي انداز سان شاهه جو ڪلام مرتب ڪيو ۽ ان جي شرح لکي. ڄيٺمل ۽ ڀيرومل مٿس زبردست تنقيدون ڪيون، جي پڻ هڪڙو وڏو ڪم آهن. اهو هو شاهه ۾ هندن جو حصو. 1947ع کان پوءِ جڏهن هندو لڏي ويا ۽ وڃي هندستان وسايائون، تڏهن به هنن شاهه کي ڪونه وساريو. اتي به هنن وڏو ڪم وڃي ڪيو آهي. 1951ع ۾ ڪلياڻ آڏواڻي ”شاهه“ ڪتاب لکيو، جيڪو پنهنجو مَٽ پاڻ آهي. 1953ع ۾ اجمير مان ”شاهه جي ڪلام جو انتخاب“ شايع ٿيو آهي. بمبئيءَ مان مسٽر ڄيٺمل، شاهه جي مختلف عنوانن تي بيت گڏ ڪري ”ڪامل جو ڪلام“ شايع ڪيو، ۽ آخر 1958ع ۾ ڪلياڻ آڏاڻيءَ ”شاهه جو رسالو“ مرتب ڪري ڇپايو.
ٻاهرينءَ دنيا ۾ جرمنيءَ جي مشهور مستشرق، ڊاڪٽر ايني ميري شمل، شاهه جي ڪلام جو جرمنيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، ۽ اتي شاهه تي يارهن ليڪچر ڏنا آهن. جرمنيءَ ۾ شاهه جي حياتيءَ تي هڪ مقالو شايع ٿيو آهي. اطالوي انسائيڪلوپيڊيا ۾ شاهه جو نالو وڏيءَ عظمت سان ورتو ويو آهي. فارسيءَ ۾ شاهه جي ڪلام جو ترجمو ٿئي پيو. ڊاڪٽر سورلي کي ته اسين ڪنهن به طرح وساري نٿا سگهون، جو هن تمام وڏي محنت ڪئي آهي.
13 مارچ 1961ع تي اسان ڳڙهي ياسين ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ جي 75 ساله ورسي ملهائي هئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر شمل، ٽرمپ تي هڪڙو مقالو پڙهيو. اُتي ڊاڪٽر ٽرمپ جي تصوير، سندس گهر ۾ گهراڻي جو تصويرن جي به نمائش ڪئي ويئي هئي. انهيءَ کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون ويون آهن، جن جي وسيلي غير سنڌين جي آڏو شاهه صاحب نمايان ٿي سگهي. ويجهڙائيءَ ۾ محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ محترم محمد اسماعيل نون جي ڪوشش سان پاڪ_ جرمن فورم ۾ سنڌي موسيقيءَ جو مظاهرو ٿيو، جنهن ۾ شاهه جي ڪلام کي ۽ شاهه جي سُرن کي پيش ڪيو ويو. اهو هو شاهه تي ٿيل ڪم جو جائزو، جو چند سالن ۾ ٿيو آهي.
آءُ هينئر اردو، بنگالي ۽ پنجابي مهمان اديبن ۽ شاعرن سان مخاطب آهيان. اردو، بنگالي ۽ پنجابيءَ جي اهل قلم حضرات، جن انفرادي حيثت سان توڙي ادبي جماعتن جي نمائندن جي حيثيت ۾ هن علمي اجتماع ۾ تشريف فرما ٿي اسان جي عزت افزائي ڪئي آهي، تنهن لاءِ آءُ نهايت شڪر گذار آهيان. آءُ پنهنجي ۽ پنهنجن سمورن سنڌي ڀائرن ۽ دانشورن جي پاران اوهان جو استقبال ڪريان ٿو. اسان جو اثاثو دل آهي، ۽ انهيءَ دل ۾ اوهين يقين ڪريو ته اوهان لاءِ وڏي جاءِ آهي.
اسين دانشور آهيون، لامحدود آهيون، اسان جو قلم سڄيءَ ڪائنات تي حڪومت ڪري ٿو. اسين نه جغرافيائي حدن جا پابند آهيون، نه ئي ڪنهن زبان جا محڪوم_ اسين سڀني جي ملڪيت آهيون، ۽ اسان جي حڪم جو هر هڪ محڪوم آهي. جڏهن ته اسان جي طاقت جي اها حالت آهي ۽ دائري جي اها وسعت آهي، تڏهن اسين پنهنجي قلم ۽ ذهن کي ڇو محدود ڪريون، يا پابند ڪريون ۽ قدرت ۽ طاقت کي قلف هڻون؟
جنهن جاءِ تي اڄ اسين گڏ ٿيا آهيون، اُها محبت جو عظيم ترين سرچشمو آهي. هتي فقط عشق، محبت ۽ عظيم انسانيت جا جذبات اڀرن ٿا. مون کي اميد آهي ته اڄ جڏهن اسين هتان ڌار ٿينداسين، تڏهن ٻيائيءَ جا سمورا پردا چاڪ ٿي ويندا.
آءُ اوهان کي يقين ٿو ڏياريان ته اردو ۽ بنگالي اسان جي آهي. ساڳيءَ طرح سنڌيءَ جا دانشور به يقين رکن ٿا ته اسان جي سنڌي زبان کي به اوهين پنهنجي ملڪيت سمجهندا.
آخر ۾ آءُ هن ثقافتي مرڪز جي ڪارڪنن کي مبارڪ ڏيان ٿو، جن سنڌيءَ کان سواءِ ٻين ٻولين جي لکندڙن کي به هن موقعي تي مدعو ڪيو آهي. بنگال مان ”رائيٽرس گلڊ“ جو وڏو وفد آيو آهي. پنجاب مان به هڪ ٻه دوست آيل آهن. آءُ سمجهان ٿو ته هيءُ پهريون موقعو آهي، جنهن تي پنهنجي ملڪي ٻولين جا اديب ۽ شاعر اچي گڏ ٿيا آهن. مون اوهان جو گهڻو وقت ورتو آهي، پر مون کي خوشي آهي ته مون اوهان کي پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌائي، پاڻ کي مطمئن ڪيو آهي، آخر ۾ آءُ سمورن لکندڙن کي گذارش ٿو ڪريان ته ڀٽائي صاحب جي ڀرسان اسان جو مشهور شاعر ”سانگي“ ۽ مشهور محقق علامه عمر بن محمد دائود پوٽو مدفون آهن، اُتي هلي اسين سڀ مرحومن تي فاتحه پڙهي نذر عقيدت پيش ڪريون.

[ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽيءَ طرفان شاهه صاحب جي 228_ هين سالانه عرس جي موقعي تي شايع ڪيل ڪتاب ”ڀٽائي“ ۾ آيل.]

مصنف جا ٻيا ڪتاب

فارسي
1. مثنوي چنيسر نامه (’ادراڪي‘ بيگلاري) 1956ع
2.مفالات الشعرا (مير علي شير ’قانع‘ ٺٽوي) 1957ع
3. مثنوي مظهر الا ثار (شاهه جهانگير هاشمي) 1957ع
4. تڪملهء مقالات الشعرا (’خليل‘ ٺٽوي) 1958ع
5. قصائد و مثنويات (مير علي شير ’قانع‘ ٺٽوي) 1961ع
6. مثنويات هشت بهشت (’عطا‘ ٺٽوي) 1963ع
7.تاريخ مظهر شاهجهاني (يوسف ميرڪ) 1964ع
8.ترخان نامه (مير محمد ٺٽوي) 1965ع
9.تذڪرهء حديقـة الاوليا (عبدالقادر ٺٽوي) 1967ع
10.تذڪرهء شعر اي ڪشمير_چار جلد 1967ع
11.حالات فيضي 1967ع
12.محمد صادق مينا [سه ماهي ’پارس‘، ڪراچي] 1967ع
13.تذڪره روضـة السلاطين (’فخري‘ هروي) 1968ع
14.تذڪره جواهر العجائب (’فخري‘ هروي) 1968ع
15.ديوان فخري هروي 1968ع
16.ديوان بيرام خان 1968ع
17.تذڪره شعراي ڪشمير، جلد پنجون 1969ع
18. تحفـة الڪرام، جلد 3، حصو1 (مير علي شير ’قانع‘) 1071ع
19.مثنوي مهر و ماهه (جمالي دهلوي) 1974ع
20.تذڪرهء مشائخ سيوستان 1974ع
21.تذڪره رياض العارفين (آفتاب راءِ لکنوي) ٻه جلد

اردو
22. مولانا محب علي سندهي 1947ع
23.هفت مقاله 1968ع
24.دودِ چراغ محفل 1968ع
25.مرزا غازي ترخان اور اس کي بزم ادب 1970ع
26.سندهي ادب 1950ع

سنڌي
27. اسلامي ڪتبخانا 1930ع
28. مهراڻ جون موجون 1955ع
29.تذڪره امير خاني 1961ع
30.ماڪ ڀنا رابيل 1965ع
31.مڪلي نامو 1967ع
32. مرزا عيسيٰ خان ترخان 1967ع
33. سدي علي رئيس 1976ع
34. ٺٽي جي تاريخي جاگرافي 1972ع
35. هو ڏوٿي هو ڏينهن 1977ع
36. ميرمعصوم بکري 1979ع