مذهب

آقا ﷺ

ابدال بيلا لکي ٿو ”هي ڪتاب هڪ ٻانھي پاران پنھنجي ۽ سڄي ڪائنات جي آقا ﷺ  جي لاءِ تبرڪ جو هڪ هديو آهي.  ٻيو تہ هن ڪتاب ۾ پنھنجي علميت، فوقيت، عظمت، خطابت يا پنھنجي ڪنھن مسلڪ جو حوالو ڪونھي. ڪٿي بہ بحث نہ ڇيڙيو اٿم. بنا سبب جي ڪو واقعو ٻيھر لکي پڙهندڙ کي ٿڪايو نہ اٿم، نہ مونجهاري جو شڪار ڪيو اٿم ، ڪوشش اها ئي ڪئي اٿم تہ پڙهڻ وارو جيڪو پڙهي رهيو آهي ، اهو زماني ترتيب سان، سڀني تفصيلن سان، ان منظر ۾ ايئن وڃي گڏجي، جو هو پاڻ کي ان جو شاهد سمجهي، ڄڻ هو سڀ ڪجهہ ڏسي رهيو هُجي ۽ اهو سڀ مٿس وهي واپري رهيو هُجي.“

  • 4.5/5.0
  • 25
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book آقا ﷺ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري اردو اديب ڊاڪٽر ابدال بيلا جو سيرت رسول صہ تي لکيل ڪتاب ”آقا ﷺ“ اوهان اڳيان پيش آهي، جنھن جو سنڌيڪار يوسف سنڌي آھي.

ابدال بيلا لکي ٿو ”هي ڪتاب هڪ ٻانھي پاران پنھنجي ۽ سڄي ڪائنات جي آقا ﷺ  جي لاءِ تبرڪ جو هڪ هديو آهي.  ٻيو تہ هن ڪتاب ۾ پنھنجي علميت، فوقيت، عظمت، خطابت يا پنھنجي ڪنھن مسلڪ جو حوالو ڪونھي. ڪٿي بہ بحث نہ ڇيڙيو اٿم. بنا سبب جي ڪو واقعو ٻيھر لکي پڙهندڙ کي ٿڪايو نہ اٿم، نہ مونجهاري جو شڪار ڪيو اٿم ، ڪوشش اها ئي ڪئي اٿم تہ پڙهڻ وارو جيڪو پڙهي رهيو آهي ، اهو زماني ترتيب سان، سڀني تفصيلن سان، ان منظر ۾ ايئن وڃي گڏجي، جو هو پاڻ کي ان جو شاهد سمجهي، ڄڻ هو سڀ ڪجهہ ڏسي رهيو هُجي ۽ اهو سڀ مٿس وهي واپري رهيو هُجي.“

ھي ڪتاب 2019ع ۾ سنگ ميل پبليڪيشن لاهور پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون يوسف سنڌيءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.



محمد سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي) 

سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

sulemanwassan@gmail.com

www.sindhsalamat.com

 books.sindhsalamat.com


تان مڃ محمدﷺ ڪارڻي

وحدهُ لا شَريڪ لَھُ، جان تو چئين اِيئن،  
تان مَڃُ مُحَمدُ ڪارَڻِي، نِرِتُون منجهان نينهَن،  
تان تون وڃيو ڪِيئَن، نائِين سِرُ ٻين کي؟

(ڪلياڻ 1-2)


وَحدَهُ لاشَريڪَ لَھُ، جڏهن چيو جنِ، 
تن مڃيو مُحَمدُ ڪارَڻِي، هيجان ساڻ هِنـيَنِ، 
تڏهن منجهان تن، اَوَتَڙِ ڪونه اوليو.

(ڪلياڻ 1-3)


وَحدهُ لا شَريڪَ لَھُ، جن اُتوسين ايمانَ، 
تن مڃيو مُحَمدُ ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻُ لِسانَ، 
اُوءِ فائِقَ ۾ فرمانَ، اَوَتَڙِ ڪنهن اوليا.

(ڪلياڻ، 1-4)

شاھ عبدالطيف ڀٽائي 


نوٽ

هن ڪتاب جو ڪوبه حصو سنگ ميل پبلڪيشنز / ليکڪ جي لکت ۾ اجازت کانسواءِ ڪٿي به ڇپي نٿو سگهجي، جيڪڏهن ان قسم جي ڪا صورتحال ٿي ته قانوني ڪاروائي جو حق محفوظ آهي.

2019ع

افضال احمد

 سنگ ميل پبليڪيشن لاهور

مان شايع ڪيو.


ارپنا (لیک)

قرآن مجيد موجب دنيا جي پاڪباز سڳوري عورت

سيده مريم عليه السلام

جي پُٽ عظيم رسول الله حضرت عيسيٰ عليه السلام جي نالي

جنهن منهنجي آقاﷺ عظيم ترين آخري رسول حضرت محمدﷺ جي اچڻ جي بشارت ڏني.


ابدال بيلا


ارپنا (مترجم)

آقاﷺ 
جي غلام  
حضرت بلال حبشيءَ جي نالي

ڪالهه بلال اَذان ڏني، جنهن وقت مديني ۾ 
ڪيڏو نور بَکيو ٿي هُن مان، سجُ هيو ڄڻ سيني ۾! 
]شيخ اياز[


يوسف سنڌي 
پهرين آڪٽوبر 2018ع


سنڌيڪار پاران

سنڌيڪار پاران

جڏهن ’آقاﷺ ‘ جي ورق گرداني پي ڪيم ته هڪدم خيال آيو ته هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو ٿيڻ گهرجي. ٻي گهڙيءَ وري خيال بدلائڻ جي ڪوشش ڪيم ته ساڍا يارهن سئو صفحن جو ڪتاب ترجمو ڪجي ته سَهي، پر ڇپجندو ڪيئن؟
ڪتاب پڙهندي جڏهن محترم ابدال بيلا جي هنن لفظن تي نظر پيم ته مُنهنجي پبلشر افضال احمد جو خيال آهي ته ”آقاﷺ “ جو دنيا جي جنهن به ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿئي ته اُن جي ڇپائيءَ جي سعادت سنگ ميل کي ملڻ گهرجي، ته مونکي اُتساهه مليو ۽ پوءِ مون بيلا صاحب کي خط لکيو ته ” ڇا اوهين اها اجازت ڏيندؤ ته سنڌي زبان ۾ آقاﷺ جي ترجمي جي سعادت مونکي حاصل ٿئي؟“
ٻه ٽي مهينا گذري ويا،
نه خط جو جواب آيو ۽ نه وري ڪا ڪال .
۽ مون کان به ڄڻ اها ڳالهه وسري ويئي.
پوءِ هڪ ڏينهن منهنجي فون جي رنگ وڳي.
آن ڪيم آواز آيو ”اوهين يوسف سنڌي پيا ڳالهايو؟“
” جي هائو سائين.“ وراڻيم .
”آءٌ ابدال بيلا پيو ڳالهايان“ جواب آيو ۽ پوءِ هن مون سان دير سان رابطو ڪرڻ تي معذرت ڪئي ۽ چيو ته آقاﷺ جي سنڌي ترجمي تي کيس خوشي ٿيندي ۽ توهان ترجمو ڪريو ”سنگ ميل“ اهو ڇپرائيندو.
منهنجو هڪ دوست مونکي چوندو آهي ته ”ڪو وڏو ڪم ڪر، جيڪو يادگار رهي“.
”آقاﷺ“ جو هي سنڌي ترجمو يقينن اهو وڏو ڪم آهي، جيڪو مونکي بارگاهه رسالت ۾ شرف بازيائي عطا ڪرڻ جو سبب بنجندو، ڇو ته مون وٽ ٻيو ڪو به ثمر نه آهي. مون عاصيءَ وٽ بس اهو ئي آسرو آهي.
ثمر نه جنين ساڻ، هوت حماتي تن جو. (شاھ)
آءٌ ٿورائتو آهيان پنهنجي دوست محترم مور ساگر (ساحل پرنٽر حيدرآباد) ۽ محترم اظهر آدرش جو جن وڏي ڌيان ۽ دل جي حضور سان آقا جي ڪمپوزنگ ڪئي. پالڻهار کين خوش رکي.


يوسف سنڌي
30 آڪٽوبر 2016ع

پيش لفظ

پيش لفظ

منهنجي آقاﷺ جو نالو ئي ايترو مبارڪ آهي جو اُن لکيل نالي کي چمڪائڻ، سَجائڻ سان ئي ڀاڳ ڀلا ٿيو وڃن. ان راز کان آءٌ ملتان جي ’حسين آگاهي بازار‘ ۾ واقف ٿيس. اُتي قرآن ۽ سيرت جي ڪتابن جو هڪ دڪان آهي، اها 1999ع جي ڳالهه آهي ،انهن ڏينهن آءٌ ملتان ڊويزن جي اسپيشل مانيٽرنگ ٽيم جو انچارج هئس. منهنجي گاڏيءَ جي پويان هوٽر وڄائيندي، ڳاڙهين نيرين ٻرندڙ وسامندڙ بتين واريون گاڏيون پوش پوش ڪنديون خدا جي خلق کي گهٽ سمجهنديون پيون هلنديون هيون ۽ آءٌ ڪالر تي ڳاڙهو ڦيٿو هڻي، ڳاڙهو هئڊو ٿيو ڦڪائيءَ ۾ پنهنجي گاڏين جي قافلي جي اُڏندڙ ڌڌڙ جو ذرو بنيو هَڄيو ويٺو هوندو هئس ته هڪ ڀيرو منهنجو قافلو اُن ئي بازار مان لنگهيو ۽ قرآن، حديث ۽ سيرت سان ڀريل ڪتابن جي دوڪان جي اڳيان ساڳئي تڪبر ۽ وڏائيءَ مان لنگهي ويو.
مٽي ۽ ڌوڙ جو ڪڪر اُڏيو
منهنجو فلوس اُڏي ويو
روح ڏڪي ويو
شام جو آءٌ ڪپڙا بدلائي پنهنجي اردليءَ کان سائيڪل وٺي اڪيلو ئي اُن دڪان تي ويس.. دڪان تي ٻه ننڍي وهيءَ وارا ڇوڪرا ويٺل هئا. هنن تيزيءَ سان ڏينهن جو منهنجي لنگهندڙ جلوس کي ته ڏٺو هوندو، پر مونکي نه سڃاتو. آءٌ اُتي ويهي رهيس. دڪان جا سڀ شيلف قرآن، حديث ۽ سيرت جي ڪتابن سان ڀريا پيا هئا. سڀني تي مٽي لڳل هئي. اُن ۾ منهنجي قافلي جي اُڏندڙ مٽي به هوندي.
منهنجو روح رڙڻ لڳو
آءٌ ڏڪي ويس
کيسي مان رومال ڪڍيم ۽ هڪ هڪ ڪتاب کڻي صاف ڪرڻ لڳس.
دڪاندار ٻارڙا حيران ٿي ويا.
مون کين سمجهايو ته منهنجي دل ايئن ڪرڻ پئي گهري. صاف ڪري ڪجهه ڪتاب وٺندس. اوهين پنهنجو ڪم ڪندا رهو، مونکي نه روڪيو. بس اهو رومال ڪتابن تان مٽي اُڏائيندو رهيو ۽ منهنجو روح اُجرو ٿيندو رهيو. اکين ۾ لُڙڪ تري آيا. پوءِ ڳڙي پيا. پهرين هلڪي بوندا باندي. پوءِ لُڙڪن جو مينهن وسڻ لڳو. رومال اُنهن مان ئي ڌوتم. نچوڙيم، پوءِ وري آقاﷺ جي مبارڪ نالي کي اُن سان چمڪايم ته ان نالي جي روشنيءَ ۾ آسمان جي سڀني تارن ۽ سڄي ماهِه ڪامل جو نور هو.
۽ روشني منهنجي اندر ۾ ترسي پيئي.
سيرت جا ڪتاب منهنجي لئبرريءَ ۾ ته اڳ ۾ به موجود هئا. پر اُن ڏينهن مونکي ڄڻ اُن لائبرريءَ جو داخلا ڪارڊ ملي ويو. ميمبر بنايو ويس. اتان هڪ هڪ ڪري ڪتاب خريدڻ لڳس. رات جو ويٺو پڙهندو هئس ۽ ڏينهن جو ڊيوٽيءَ تي نڪري ويندو هئس.
ڊيوٽي عجيب هئي.
بگڙيل ادارن کي سنوارڻ، ڪرپٽ ماڻهن جي ٻَڌ ٻَڌان. ملتان ڊويزن جا سڀئي شهر، ڊگها ڊگها سفر. صبح کان وٺي شام ٿي ويندي هئي ، رستي ۾ ڪو ڇانوري وارو وڻ ڏسي اُن جي هيٺان بيهي گهران آندل سُڪل مانين ۾ رکيل آمليٽ پاڻ به کائيندو هئس، ڊرائيور ۽ گن مين کي به ڏيندو هئس. هو پريشان ته هر هنڌ دعوت سان سَجيل ميزون هونديون هيون. اوڏانهن لڙڻو به نه آهي. ڪنهن جي ڊيوٽيءَ ۾ ميزبانيءَ جي سهوليت نه ڏيڻ تي ماڻهو مون کان ڊنل هوندا هئا.
اُن زماني ۾ ملتان جو ڊپٽي ڪمشنر پاڻ کي فرعون کان به وڏو ۽ وڌيڪ سگهارو سمجهندو هو. هُن جي رسائي ڪيترن ئي وڏن وڏن نانگن تائين هئي، ڪجهه ته انهن ۾ منهنجا ”باس“ به هئا. هو چوندو هو، ”آءٌ رڳو سج کي اوڀر کي جي بدران اولهه کان اُڀاري نٿو سگهان، باقي سڀ ڪجهه ڪري سگهان ٿو.“
هڪ ڀيري هن جي خلاف ڪا انڪوائري مون وٽ آئي، مون سچ کانسواءِ ڪجهه لکيو ئي ناهي.
مار کائي ويس
جيڪو سچ هو، اهو لکي ڇڏيم
سڄي ضلع ۾ ٻَڙڌڪ مچي ويو
ڪڏهن سفارشون
ڪڏهن ڌمڪيون
مون رپورٽ لکي موڪلي ڇڏي
ڊپٽي ڪمشنر معطل ٿي ويو.
هُن جي نانگن مونکي جڪڙي ورتو. انهن ڏينهن منهنجي ان کان به سٺي پوسٽنگ آئي هئي. اسلام آباد جي نيول اسپتال جي ڪمانڊنگ آفيسر جي. مون گهر جو سامان موڪلي ڏنو. ٻارڙن کي اسڪول مان ڪڍرائي ورتم، گهر وارا ساهرين هليا ويا. آفيس جي چارج به ڏئي ڇڏيم، هيڊ ڪوارٽر مان موومينٽ ليٽر اُن ئي معطل ڊپٽي ڪمشنر جي ڪزن کان وٺڻون هو، هن ٽال مٽول شروع ڪري ڏني. اندر ئي اندر ڪا کچڙي به رڌي ورتائين. چوڻ لڳو، سڀاڻي هليو وڃج. ٻي ڏينهن هليو وڃج، هڪ ٻه ڏينهن ترس.. ويهه چانهه چُڪو پي.
نيويءَ وار اوسيئڙي ۾ رهيا.
هُنن جي اسپتال ڪيترائي مهينا ڪمانڊنگ آفيسر کان سواءِ هلي رهي هئي، هنن کي اسپتال هلائڻي هئي، ڪنهن ٻي کي چارج ڏيئي ڇڏيائون. هُن کي بهانو ملي ويو. هاڻي نيويءَ وارا توکي نئين مقرري ڏين ته هليو وڃج. هڪ هڪ گهڙي. هڪ هڪ ڏينهن، هڪ هڪ رات زندگيءَ کان به ڊگهي.
ڏهه مهينا گذري ويا،
ڏينهن جو اڪثر نفلي روزو هوندو هو ۽ شام جو اهو ئي قرآن ۽ سيرت جو دوڪان. اکين ۾ لُڙڪ وڌي ويل. منهنجي آقا ﷺ جو نالو وڌيڪ چمڪڻ لڳو، قصو ڪوتاهه، ڏينهن جو اُداسين جي اُس ۾ آقا ﷺ جي سيرت جي ڇانوَ رهندي هئي، رات انهن ئي ڪتابن سان گذرندي هئي. هوريان هوريان سيرت جا سڀئي ماخذ پڙهي ورتم، ان کانپوءِ ننڍي کنڊ جي عالمن جا سيرت تي لکيل سڀئي ڪتاب به پڙهيم. جيڪي عام طور تي سيرت جي عظيم ماخذن جي اردوءَ ۾ ترجمو ٿيڻ کان اڳ لکيل هئا. ماخذ ته پوءِ لکي نٿا سگهجن. منهنجي خوشنصيبي ته سڀئي قديمي ماخذ ملي ويا. سي پڙهي ورتم.
منهنجو سڀ سامان، منهنجي سڄي لئبرري اسلام آباد جي نيول اسپتال ۾ کوکن ۾ بند هُئي. هيڏانهن هن سڄو گهر بند پيو هو. آءٌ هڪ سوٽ ڪيس ۽ گاڏيءَ سان گيسٽ روم ۾ ڏهن مهينن تائين رهيس، ملتان جي درگاهن ۾ اچڻ وڃڻ وڌي ويو. بهاء الدين ذڪريا، شاهه رُڪن عالم ۽ شمس تبريز وٽ ويندو هئس.
چوندو هئس بزرگو!
هاڻ وڃڻ ڏيوم
ڪير ٻُڌي ئي نه.
ڄڻ مولانا روم جو سڄو ٿيلهو شاهه شمس درياهه ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو هو. منهنجي سڄي ادبي، تاريخي، ڊاڪٽري، قانون، سوشيالوجي، هر قسم جا ڪتاب وڃي بچيا هئا. ڪيترائي هٿ پير هنيم، پر منهنجي هڪ به نه هلي، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل يسطورالحق منهنجي ڪتابن جو مداح هو، وائيس چيف آف آرمي اسٽاف جنرل محمد يوسف خان سان ته آءٌ تبوڪ، سعودي عرب ۾ رهيو هئس. ايڊ جوئنٽ جنرل اوڪزئي انتهائي سٺن گڻن جو مالڪ هو، ان حڪم جاري ڪري ڇڏيو، پر سابق ڊپٽي ڪمشنر جي ڪزن اهو به هوا ۾ اُڏائي ڇڏيو. نيويءَ جو ڊائريڪٽر جنرل ميڊيڪل سروسز ايڊمرل محمود احمد ڀائرن وانگر هو. مونکي روز فون ڪندو هو. اسانجو سرجن جنرل ليفٽيننٽ جنرل ڪرامت حسين ڪرامت منهنجي لاءِ پاڻ ملڻ جي لاءِ ملتان آيو، پر سڀني تي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر جي سئوٽ اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته ’هو رڳو سج کي اولهه مان نٿو اُڀاري سگهي، باقي سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو.‘
جيئن ته آءٌ نئين آفيس وڃي نه سگهيس، تنهنڪري فيصلو ٿي ويو.
هُن اندر جي باهه ڪڍي ۽ مُرڪي معذرت ڪري مونکي ٻي پوسٽنگ تي وڃڻ جي لاءِ پرچي ڏيئي ڇڏي، پرچي مونکي اسلام آباد جي بدران ”کارايان“ جي ملي، ملتان مان نڪري کاريان جي ٽرين ۾ ويٺس ته ڪمپارٽمينٽ ۾ اڪيلو هئس. اک لڳي ويم. پليٽ فارم تي بهاء الدين ذڪريا، شاهه رڪن عالم ۽ شمس تبريز ٽيئي هٿ لوڏي مونکي خدا حافظ چئي رهيا هئا، هڪ شام اڳ هنن جي درگاهن تي موڪلائڻ جي لاءِ ويو هئس. ٽنهي هنڌن تان چادرون مليون هيم، اُن وقت ٽيئي چادرون منهنجي صندوق ۾ مون وٽ ٽرين ۾ هيون. عجيب وجد ۾ اچي ٽيئي چادرون اوڍي آءٌ خالي ڪمپارٽمنٽ ۾ سرمدي بيخوديءَ جي حالت ۾ نچي رهيو هئس. دل ۾ عجيب سرور هو ته جتي نانگ ڀاڳن کي ڏنگڻ جون وارداتون ڪن ٿا. اُتي الله جا دوست خدا جي اِذن سان حفاظت تي به مقرر رهندا آهن.
کاريان پهتس
اُتي ماکيءَ جو مانارو ملي ويو
سٻاجها، مٺڙا، انسان دوست، سٺا گڻائتا ۽ نيڪ فطرت.
برگيڊيئر غضنفر لطيف ڊار، ميجر جنرل مير حيدر علي خان، علم ۽ عرفان سان ٽٻٽار. وري ليفٽيننٽ جنرل شاهد اقبال، خوش خيال، سراپا محبت ۽ ڌيان، پيشه وراڻي مهارت ۾ ڪمال سان گڏ مدبر ۽ مؤثر. ليفٽيننٽ جنرل محمد اصغر به اُت هو. ڏسڻ ۾ جلالي، پر اندر جمال ئي جمال. ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل جاويد عالم خان تائين ٻاجهارا ۽ مهربان.
کاريان ۾ پهريون ڀيرو اعتڪاف ۾ ويٺس.
اُتي هڪ دعا قبول ٿي ۽ ايندڙ اعتڪاف مسجد نبوي مديني ۾ ويٺس. سيرت لکڻ جي شروعات روضي پاڪ رسول ﷺ جي ڄاريءَ جي سامهون ويهي ڪيم.
کاريان جي ويجهو جهلم ۾ منهنجو بابا عرفان الحق هو.
اُن کان اڪثر رهنمائي ملڻ لڳي. هو به مون وٽ ايندو رهندو هو.
سيرت جا شروعاتي باب کاريان ۾ ئي لکيا ويا.
اُنهن ئي شاندار ماڻهن جي اوڏو رهي
ياالله! اهي همراهه ملتان ۾ ڇو نه مليا.
ملتان مان ايندي جتي ملتان جي اوليائن جو ڌيان مليو، اُتي هڪ صوفي دانشور بيوروڪريٽ بئريسٽر ظفرالحق باري به مليو. سيد شمشاد جعفري ۽ اسرار الاهيءَ جو پيار به مليو ۽ هڪ اڻ ڄاتل نالي جي رڪشا واري درويش سان به دوستيءَ جا پيچ پيا. کاريان ۾ اهي همراهه ياد ايندا رهيا.
کاريان وارن محبت سان مونکي قلم جو ٻانهون سمجهي چيو ته ڪجهه دير جي لاءِ ڊاڪٽري ڇڏي ’آءِ ايس پي آر‘ وڃ، اتي پهچي ويس. ’هلال‘ جو نگران رائٽرز پول جو انچارج، پر زهريلي کُنڀين جي هيٺان سچ مري ويندو آهي. منهنجو سيرت جو ٿيلهو وقتي طور تي بند ٿي ويو.
ڪهاڻي ڊگهي آهي.
قصو ڪوتاهه، اُتان رٽائر ٿي ’اڪيڊمي آف ليٽرز اسلام آباد‘ ۾ ڊائريڪٽر جنرل بنجي هليو ويس. فخر زمان وڏي ڀاءُ جيان آهي. صوفي ازم تي عالمي ڪانفرنس ساڻس گڏجي ڪرايم. سئو کان وڌيڪ ملڪن جي دانشورن سان وقت گذريو. سڄي دنيا مان دعوتون اچڻ لڳيون. آمريڪا، وچ اوڀر،ڏور اوڀر، وچ ايشيا، چين، روس، هندستان، هر هنڌ اسڪالرن سان مليس. پوءِ ڪجهه عرصو اهڙي منسٽريءَ ۾ رهيس، جتي سڀني مذهبن کي پڙهڻ ۽ پرکڻ جو موقعو مليو. سڀني مذهبن جي ماڻهن جي ٻُڌيم ۽ کين آقا ﷺ جي زندگي ٻُڌايم، سڀني مڃيو ته هو عظيم ترين آهي، هُنن جي رڳو هڪ شڪايت هئي، اهڙي رحمت العالمين جا مڃيندڙ ايترا تشدد پسند ۽ گهٽ سَهپ رکڻ وارا ڇو آهن؟
منهنجو هڪ ئي جواب هوندو هو، اوهين اسان کي نه، اسان جي آقا ﷺ کي ڏسو.
اوهان هيترن ماڻهن جون بايوگرافيز پڙهيون آهن. هڪ ڀيرو منهنجي آقا ﷺ جي سيرت به پڙهي ڏسو، پوءِ ئي فيصلو ڪريو ته انسان جي عزت، پاڻ سڳورن کان وڌيڪ ڪنهن ڪئي، جي ڪئي آهي ته اها منهنجي سامهون آڻيو. اها منهنجي للڪار آهي. ڪو کانئس وڌيڪ رحيم هجي ته ڏيکاريو.
سيرت پاڪ ﷺ تي ڪيترن ئي ڀاڳ وارن لکيو آهي
دنيا جي هر زبان ۾ سيرت جا ڪتاب موجود آهن.
اسان جي ننڍي کنڊ ۾ اها ذميداري ڪيترن ئي وڏن عالمن نباهي آهي.
اُنهن جي علم مان به مون پرايو.
سيرت لکڻ جي دوران ڪيترائي اهڙا مرحلا آيا، جن جسم جي کل اُڊيڙي ڇڏي . رت ڄمي ويم، مٿو ڦاٽڻ لڳو، جسم ڦوندا ڦوندا ٿيڻ لڳو، اهي ڪيفيتون ڪٿان ڪٿان آيون، اوهين پڙهندڙ ئي محسوس ڪري سگهندا.
ڏوهه منهنجو آهي
آءٌ هڪ اديب آهيان، ناول نگار آهيان، ٽيهه ڪتاب لکي چڪو آهيان. اردو جو سڀ کان وڏو ناول ”دروازا کلتا هي“ الله لکرايو ۽ الله جي نالي ئي ان جو انتساب آهي، لفظ آهن.
الله جي نالي
جنهن قلم کي لکڻ سيکاريو .
الله اُن ۾ اهڙي برڪت وڌي جو دنيا جي ڪيترين ئي زبانن ۾ ان جو ترجمو ٿي ڇپيو. هاڻ هنديءَ جو به سڀ کان وڏو ناول آهي. عربيءَ ۾ ان جو ترجمو ’الازهر يونيورسٽي قاهره‘ مصر ۾ ٿئي پيو. اهو عربيءَ جو به ضخيم ترين ناول بڻجڻ وارو آهي، فارسي، بنگالي، جرمن، نيپاليءَ ۾ ترجمو ٿي ڇپجي رهيو آهي، گرمکيءَ ۾ ڇپجي چڪو آهي، سڀ ان ارپنا جي برڪت آهي، ان جي ڪهاڻي اسان جي ننڍي کنڊ جي آهي، جيڪا پاڪستان جي تخليق تي ختم ٿئي ٿي، اهو ناول لکندي مون هڪ ئي دعا گهري هئي ته الله سائين مون کان فقط اهو ئي لکرائج، جيڪو آءٌ ڏسي وٺان. ان واقعي مان پاڻ گذران، جنهن کي پنهنجي روح ۾ لاهي ڇڏيان، پنهنجي دل جي هر ڪُنڊ ۾ ، هر ڌڙڪن ۾ اها وسائي ڇڏيان. خوشيءَ جي گهڙي هجي ته خوش خيالي بنجي لفظ نڪرن، ڏک ۽ تڪليف جي ڳالهه هجي ته قيمي واري مشين مان گذاري پوءِ لکرائج.
الله ته ٻڌندو آهي
غار حرا تائين پهتس ته بُت لڏيو.
جسم مان روح ڪُل جو خطاب ٿيڻو هو، منهنجو ڪِنو ڦِٿو گنهگار جسم ڪيئن ساٿ ڏي ها. اهو ڪلام جبل تي لهي ها ته اهو به پرزا پرزا ٿي وڃي ها. مونکي ته فقط اُن جي روئداد لکڻي هئي، پر هئس ته آءٌ به ذرو، ٽٽي پيس. ذرو ٽٽندو آهي ته ڌماڪو ٿيندو آهي، سڄي ائٽمي سگهه ذري ۾ آهي، اسپتال پهتس، ليبارٽري ٽيسٽون ٿيون، اسڪيننگ ٿي. بايو آپسي ٿي، گردا سئو مان 78 سيڪڙو ناڪارا ٿي چڪا هئا، بخار چڙهندو رهندو هو، خود ايم بي بي ايس ڊاڪٽر آهيان، سمجهي ويس ته اُبتي ڳڻپ شروع ٿي چڪي آهي. ڊاڪٽر ۽ دوست چون ته آرام ڪر، پر مون ننڊ جو وقت به چورائي ورتو. اسپتال ۾ سيرت جو ٿيلهو کولي ورتم، ’غار حرا‘ اسپتال ۾ لکيم. پهرين وحيءَ کان پهرين آپريشن جي پٽي سميت اسپتال ۾ غسل ڪيم، پوءِ لکيم. لڙڪن جي بارش ۾ روح جي ڇَٽي کولي لکيم، اقراء، آقا ﷺ جي پسنديده دعا روح آلاپيندي رهي.
ربّ زدني علماََ
الله تون ئي ٻُڌڻ وارو آهين
دل ۾ ڳالهه ويهي رهي ته وقت گهٽ آهي ڪم کي تيز ڪر،
الله وقت ۾ برڪت وجهي ڇڏي
سڄي زندگي ڀرپور صحت سان ايترو تيز نه لکيم، جيترو اُن بيماريءَ ۾ الله لکرايو.
انهن ڏينهن منهنجي دوست امجد چوڌريءَ وڏو حوصلو ڏنو.هو منهنجو ’آءِ ايس پي آر‘ جو جونئر صحافي آهي ۽ منهنجي جنم ڀومي سيالڪوٽ جو آهي. منهنجي ننڍپڻ جي بابائن جو يار آهي، حضرت امام علي الحق شهيد ۽ پير مراديا هن جا ۽ منهنجي پراڻي گهر جا پاڙيسري آهن. هو انهن درگاهن تان منهنجو نالو ٻڌي منهنجو شيدائي بنجي ويو، جيئن آءٌ ممتاز مفتيءَ کي سمجهندو هئس.
هو منهنجي آزمائش بنجي ويو.
چيائين، قلم وٺڻ اوڏانهن ويس، چيائون ابدال ڏانهن وڃ. چيائين مون قلم کڻي ان وقت جي چائنٺ تي رکيو. عرض ۾ مس ڏيو، جواب مليو سائين مس به وٽس ئي آهي. هن مونکي ڏڪائي سڄي ڪهاڻي ٻڌائي ته مون کڻي هٿ ٻڌامانس، عرض ڪيم. امجد آءٌ ننڍڙو حقير ٻانهو آهيان. ايئن ئي رهڻ ڏينئم. مون وٽ ته منهنجي گرو ممتاز مفتيءَ جو قلم آهي. تنهنجي ۽ منهنجي مرشد اقبال جو قلم آهي، منٿون ڪري، باسون باسي، ليلائي ڪيترن ئي هنڌن تان ورتو اٿم، سلطان باهوءَ کان، نظام الدين اولياءُ کان، قطب الدين بختيار ڪاڪيءَ کان، علي هجويريءَ کان، بو علي قلندر کان، ميان محمد بخش جي بابا دمڙي شاهه کان، شاهه حسين کان، وارث شاهه کان، ڪهڙا نالا وٺي ڪهڙا وٺان. هي قلم گهرڻ سان ملي ها ته آءٌ گهرڻ بنا ڪعبي جي پردي ۾ ڪلاڪن تائين لڪيل رهيس، روئيندو رهيس، لکندو رهيس، لکڻ ته ان کي ايندو آهي، جنهن قلم کي لکڻ سيکاريو. اسين ته اجاين مغالطن ۾ هوندا آهيون، قلم اُن جي حڪم جي تابع آهي، تڏهن ته قلم کان سچ لکرايو ويندو آهي.
هر شئي جي سکيا ٿيندي آهي.
جيڪو ڪجهه گذري ويو، اهو ته گذري ها ته جيڪو پوءِ گذري ها، اهو ڪيئن گذري ها، الله کان وڏو تربيت ڪندڙ ڪير آهي، اسين ماڻهو جنهن کي اتفاق سمجهي ٽاري ڇڏيندا آهيون، اهو ڪهاڻيءَ جو اهم موڙ هوندو آهي. سُهڻي واقفيت، بازار کان واقفيت، منهنجي جيون جو هڪ اهڙو انوکو موڙ هو. جنهن زندگيءَ جو اسٽيئرنگ ڪٿان کان ڪيڏانهن موڙي ڇڏيو. هنن مون کان ترقيءَ جو هڪ گُل کسيو، پالڻهار مونکي ڪائنات جي سڀ کان سُھڻي گُل ٺاهڻ، سجائڻ ۽ اختيار ڪرڻ جي سگهه ڏني.
پالڻهار، شايد ٽيهه ڪتاب هن ڪتاب لکڻ جي لاءِ، قلم کي روان ڪرڻ جي لاءِ لکرايا، چوڻ ۾ ته اهو به چئي سگهجي ٿو، ته لفظن جي عزت، بناوٽ ۽ ساختياتي حسن جي سڄي دلڪشي پنهنجي شهر جي گورنمينٽ ڪاليج لاهور جي استادن ۽ اُتي جي دانشورن کان سکيم. انهن ۾ پروفيسر مرزا منور، مشڪور حسين ياد، صوفي تبسم ۽ فيض احمد فيض هئا. لفظن جي سُڌ، راڳ ۾ پوتر سوچ ۾ ڳالهائڻ اشفاق احمد سيکاريو ۽ سوچيل سڀني اُجرن لفظن کي ڪاغذ تي لاهڻ جو راز منهنجي گرو ممتاز مفتيءَ ڏنو. ڪهاڻي ڪيئن ٺاهڻي آهي، ۽ ڪهاڻيڪار ڪيئن اُن جي اُڻت ڪندو آهي، اهو ڳجهه انهن کوليو، علامه اقبال جا روحاني ڪلاس خواب ۾ مليا.
خوابن ۾ به وڏي تعميري صلاحيت هوندي آهي.
ڪڏهن ۽ ڪيترا ڀيرا آقا ﷺ جي خواب ۾ ۽ خواب کان سواءِ زيارت ٿي، اِهي ڳالهيون وري ڪنهن ڀيري.
چئبو آهي ته تحرير جو حسن اهو آهي ته اهي لفظن سان تصوير ڪشي ڪن. گذريل منظرن کي ٻيهر جنم ڏين، جيڪو صديون پٺتي رهجي ويو، لفظ اهو وڃي. جَهٽين، اُن گهڙيءَ ۾ اهڙو ٻَڌجي، جيئن اها گذرندڙ گهڙي، اها گهاريندڙ گهاري رهيا هئا، لکڻ واري جو رت سَت سُڪي وڃي، رت جي بوندا باندي روح جي پاتال تي رسندي رهي، رت جو دٻاءُ وڌي وڃي ته لکڻ جي لاءِ پنهنجي دل تي ڪاتي رکي.
پوءِ لکي
اُن ڪري اسپتال وڃڻو پيو
امجد چوڌري اچي دلاسا ڏيندو هو
هن ڪتاب جو هڪ ٻيو ديوانو دوست فهد حميد اچي هٿ پير دٻائيندو هو.
ٻئي چوندا هئا، مڪي جي فتح تائين لکي وٺندين ته ليباريٽري ٽيسٽون بدلجي وينديون.
ڪجهه ايئن ئي ٿيو
فرق ته پيو آهي
اهو ٿي ئي نٿو سگهي ته ڪو رسول الله ﷺ جي مدح لکي ۽ اهو آقا عليه السلام جي نظر کان پري رهي، اِهي سڀ خوشنصيبيءَ جون ڳالهيون آهن. جنهن ڪم کي پورو ڪرڻ جي لاءِ چوڏهن سالن تائين لڳ ڀڳ ٻه سئو ڪتاب پڙهيم، نوٽس ٺاهيم، تحقيق ۽ جستجو ڪيم ۽ مُحبت سانڍيم، ڪيترائي سال سعودي عرب جي انهن ئي پٿريلن پَٽن تي گذاريم، اهو پالڻهار 17 هين رمضان تي روزي کولڻ مهل پورو ڪرائي ڇڏيو.
هي ڪتاب هڪ ٻانهي پاران پنهنجي ۽ سڄي ڪائنات جي آقا ﷺ جي لاءِ تبرڪ جو هڪ هديو آهي. ٻيو ته هن ڪتاب ۾ پنهنجي علميت، فوقيت، عظمت، خطابت يا پنهنجي ڪنهن مسلڪ جو حوالو ڪونهي. ڪٿي به بحث نه ڇيڙيو اٿم. بنا سبب جي ڪو واقعو ٻيهر لکي پڙهندڙ کي ٿڪايو نه اٿم، نه مونجهاري جو شڪار ڪيو اٿم ، ڪوشش اها ئي ڪئي اٿم ته پڙهڻ وارو جيڪو پڙهي رهيو آهي ، اهو زماني ترتيب سان، سڀني تفصيلن سان، ان منظر ۾ ايئن وڃي گڏجي، جو هو پاڻ کي ان جو شاهد سمجهي، ڄڻ هو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو هُجي ۽ اهو سڀ مٿس وهي واپري رهيو هُجي.
آءٌ بنهه ننڍو، ميرو گناهگار ٻانهو آهيان،
پالڻهار، گناهگارن جي روئندڙ پُڪار به ٻڌندو آهي،
اُنهن کي ضرور ٻُڌندو هوندو، جن کي ڪو ٻيو نه ٻُڌي .
لڳي ٿو ته هُن ٻڌي ورتو، ڇو ته هو ڪوڙ نه ڳالهائيندو آهي.
جيڪو هُن لکرايو، سو لکي ڇڏيم،
آقا ﷺ ته سڄي ڪائنات جو روح آهي،
پهريون سڳورو روح جيڪو خدا تخليق ڪيو، جنهن کي جوڙي سڄي ڪائنات جوڙيائين، آقا ﷺ جبرائيل عليه السلام جو ڏٺل اهو تارو آهي، جيڪو ٻاهتر سالن کانپو آسمان تي اُڀرندو آهي، ۽ جيڪو حضرت جبرائيل عليه السلام ستر هزار ڀيرا ڏٺو هو ۽ آقا ﷺ فرمايو: ”اهو تارو آءٌ آهيان.“
اُن تاري جو هڪ ڪرڻو به مڪمل طور تي ڪيئن ٿو لکي سگهجي؟
اسين ته جَر تي ڦوٽي جيئن آهيون،
اُڀرون ٿا، ڦاٽي ٿا پئون
آقا ﷺ جو نالي يڪو جُڙجي ويو، اهو قائم ٿي ويو.
کيس دوام ملي ويو.
آقا ﷺ جي ذڪر تي دل ڌڙڪي ٿي، ڌڙڪندڙ لڙڪ نڪرن ٿا، منجهه ئي منجهه آقا ﷺ جي سَرمدي نور سان لُڙڪن جون نديون، درياءَ بنجن ٿيون ۽ ان جي رحمت جي انت نه پار سمنڊ ۾ وڃي گڏجن ٿا، پوءِ ان رحمت العالمين جي مٺي سمنڊ جي برڪت سان ڀريل ڪڪر جهومي اُٿندا آهن ۽ سڄي ڌرتيءَ تي رم جهم ڪري روح کي ڀِڄائي ڇڏين ته اها ان ادني جي دل جي اُجرائپ آهي،
روشني شيشي مان عڪس ڇڏي ٿي،
لکڻي ڪيتري به جاذب نظر هُجي، اها پڙهندڙ جي ريشمي سُندر بي داغ چمڪندڙ روح تي چوڏهينءَ جي چنڊ جيان چمڪندڙ چانڊوڪي آهي، جيڪا اوهان جهڙي خوشنصيب روح کي وجد ۾ آڻي سرمدي سُر ۾ سوساٽ ڪندي، عشق رسولﷺ جي رنگ ۾ رڱجي ويندي آهي. جنهن کان سهڻو رنگ زمين جي مٿان ۽ آسمان جي هيٺان ٻيو ڪوبه ڪونهي.
هي ڪتاب ڇنڻ وارو ڪونهي
پر ماڻهن کي آقا ﷺ سان ڳنڍيندڙڪتاب آهي .
هي اُن محبت جي سفر جي ڪٿا آهي، جيڪا هڪ غلام پنهنجي آقاﷺ ڏانهن وک وک وڌندي پوري ڪئي آهي، ان دوران جيڪي طوفان، واچوڙن جهولن ۽ سنهري وجد ڀريل گهڙيون آيون، اهي سڀ هن ڪتاب ۾ رکي ڇڏيا اٿم، لکڻ مهل جيڪي لڙڪ تڙپي ڪاغذ تي ڪريا، اِهي ته منهنجي ناشر ڪتاب ڇپائڻ مهل لڪائي ڇڏيا، پر آقا ﷺ جي مُحبت سان ڀريل اوهان جي دلين مان چِڪايل اوهان جي آبرومند اکين جا لڙڪ هن ڪتاب تي ڪرن ته سمجهي وٺو ته آقا ﷺ اوهانجي خوشبختي ڏسي ورتي آهي.
هن ڪتاب کي مڪمل ڪرڻ ۾ منهنجي اسڪول جي استاد ڊاڪٽر محمد يونس، دوست پروفيسر ڊاڪٽر ادريس فاروق بٽ، مديني شريف جي رهاڪو دانشور ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جي ليکڪ ڊاڪٽر محمد الياس عبدالغني، هندستان لڌيانه جي سينئر اديب ڊاڪٽر ڪيول دهير، الازهر يونيورسٽي مصر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمد ابراهيم، تهران يونيورسٽي ايران جي اردو شعبي جي صدر ڊاڪٽر علي البيات، ڍاڪا يونيورسٽي بنگلاديش جي ڊاڪٽر عبدالواحد ۽ محترمه بشريٰ رحمٰن جي ڌيان ۽ دعائن وڏو حوصلو ڏنو.
ادب ۽ صحافت سان لاڳاپيل اُجرين دلين ۽ نکريل لفظن جي ساٿين به حوصلا افزائي ڪئي. مُجيب الرحمٰن شامي، محمود شام، سليم بخاري، حنيف خالد، اوريان جان مقبول، ڊاڪٽر اجمل نيازي، جاويد صديقي، برگيڊئر صولت رضا ۽ عطاءالحق قاسمي، اِهي ڪجهه دوستن جا نالا آهن، هن ڪتاب جي ڪمپوزر سجاد محمود کي پنهنجي اکين مان وسندڙ لڙڪن سبب ڀنل ”ڪي بورڊ“ تي ڏڪندڙ آڱرين سان اتنهائي محبت سان هي ڪتاب ڪمپوز ڪرڻو پيو.
اُنهن سڀني جو ٿورائتو آهيان.
منهنجي ڪتابن جو پبلشر افضال احمد، سنگ ميل پبليڪشنز لاهور، پاڻ به عشق رسول ﷺ سان سرشار خوشنصيب آهي، سندس خواهش آهي ته منهنجي ٻين ڪتابن کان وڌيڪ هن ڪتاب جا سڄي دنيا جي زبانن ۾ ترجما ٿين ۽ اِهي پاڻ ئي ڇَپي، هن ڪتاب جي اشاعت کانپوءِ مونکي پنهنجي ناشر سان گڏجي انشاءَ الله، آقا ﷺ جي بارگاهه اَقدس ۾ حاضر ٿي هي ڪتاب پيش ڪرڻو آهي، جنهن جي روضي جي ڄاريءَ جي سامهون ويهي مون هي لکڻ شروع ڪيو هو.
هزارين درود ۽ سلام هُجن
مُنهنجي آقا ﷺ
مُنهنجي رسول الله ﷺ
آخري رسول ﷺ تي
جنهن تي مُنهنجي جان، مال، عزت هر شئي قربان.


ڊاڪٽر ابدال بيلا
12- ڊاڪٽر ٽائون، بي ڊبليو ڊي روڊ
سيڪٽر 11-9- اسلام آباد.

قبول ڪيل دُعا

قبول ڪيل دُعا

جڏهن اِها دعا ٻُڌي ويئي ته پوءِ هي واقعو ٿيو.
ٻن ٿڪل، نٻل، اُڃايل اٺن تي چاليهن ڏينهن جي مسافريءَ کانپوءِ هو فلسطين مان هِن ويران ۽ غيرآباد ماٿريءَ ۾ پهتا . اها ماٿري ڪٿئي رنگ جي اُس ۾ سڙيل، گرم، خشڪ ٽڪرين جي وچ ۾ هئي. ماٿريءَ ۾ پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به نه هو، نه وري ڪو ڇانورو ڪندڙ وڻ. نوڪدار پٿرن ۽ ڳاڙهسري مٽيءَ ۾ ڦُٽل ايڪڙ ٻيڪڙ ڪنڊن وارا ٻُوٽا هئا، جيڪي هيڏانهن آيل مسافر جي هوا سان ڦڙ ڦڙائيندڙ کليل ڪپڙن کي پنهنجن ڪنڊن ۾ ڦاسائي ڇڏيندا هئا، جهلي وٺندا هئا.
هن ئي ماٿريءَ ۾ کيس پنهنجي اولاد جي هڪ حصي کي ترسائڻ کانپوءِ خدا جو سڳورو گهر ٺاهڻ لاءِ چيو ويو هو.
اها ماٿري، بڪه ماٿري هئي.
بڪه ماٿري اُن وقت نه ڪو ڳوٺ هو، نه وسندي، نه شهر. پري پري تائين انساني آباديءَ جو ڪو نانءُ ۽ نشان به نه هو، اها هڪ سوڙهي ماٿري، چئني ڏسائن کان خشڪ بنجر، اُس ۾ بيٺل، سڙيل، پهاڙن سان گهيريل هئي، انهن پهاڙن ۾ ئي لَڪَ هئا، هتي اچڻ وڃڻ جا اهي ئي رستا هئا، هڪ اُتر پاسي شام کان هيٺ ويندو هو، ٻيو ڏکڻ ۾ پري يمن جي ڪناري تائين پهچندو هو، ٽيو رستو ويجهو ئي ڳاڙهي سمنڊ جي صحرائي ساحل جي ڪناري کان ٿيندو، مٿي فلسطين هليو ويندو هو. ان ئي رستي تان ٻن اٺن تي چڙهي، هو زال ۽ مڙس پنهنجي ٿڃ پياڪ ٻارڙي کي هيڏانهن کڻي آيا هئا.
آيل مرد ڇا اسي سالن جي وهيءَ ۾ به مضبوط اعصابن جو مالڪ نظر پي آيو. خشڪ صحرا جي ڊگهي مسافريءَ سبب هن جي چمڙيءَ تي ڳاڙهسرا گُهنج پيل هئا. قد جو ڊگهو، هڏن جا جوڙ سگهارا هئس، مٿي جا وار ڪپڙي سان ٻڌل هئس، سفر جي ٿڪاوٽ جي هوندي به خير ورهائيندڙ چهري تي ڏيئن جيان ڳالهائيندڙ وڏيون اکيون ڏاڍيون ڏيادار هيون، جيڏانهن پئي ڏٺائين. لڳو ٿي اوڏانهن ٻُوٽو ڦٽي ٿي آيو.
اهو خدا جو انتهائي پيارو نبي سيدنا ابراهيم عه هو.
ساڻس گڏ سندس چاليهن سالن جي گهر واري هاجران ۽ هڪ ٿڃ پياڪ ٻار هو.
اهو ٻارڙو سيدنا اسماعيل عليه السلام هو
اسماعيل عليه السلام جي معنيٰ آهي ”ٻُڌي ويئي.“
جنهن کي الله ٻُڌي ورتو.
الائجي ڪڏهن حضرت اسماعيل عه جي پيءُ سيدنا ابراهيم عليه السلام اها دعا گهري هئي ته منهنجا پالڻهار، منهنجي اولاد مان پنهنجو لاڏلو رسول آڻج. خدا اِها دعا ٻڌي ورتي. الله گهڻا نبي ته حضرت ابراهيم عليه السلام جي ٻي پُٽ حضرت اسحاقعه جي اولاد مان پيدا ڪيا. پر جنهن آخري نبيءَ صلي الله عليه وسلم کي سڄي انسانيت جي لاءِ معيار ۽ ماپو ڪري موڪلڻون هو، جنهن جي دل تي پنهنجي چيل سڀني ڳالهين، سڄي صحيفي کي مڪمل ڪري قرآن جي صورت ۾ نازل ڪرڻون هو. جنهن کي جوڙيل سڀني تخليقن جو آقاﷺ بنائڻو هو، اُن کي حضرت اسماعيلعه جي اولاد مان هئڻ جو شرف بخشڻون هو.
اهو ته خدا ٿو ڄاڻي ته خدا پهريون فيصلو ڪهڙو ڪيو؟
هُن ويران واديءَ ۾ پنهنجي گهر کي ٺهرائڻ جو يا هن ماٿريءَ ۾ جنم وٺندڙ پنهنجي لاڏلي آخري رسول ﷺ جو، جنهن جي نسبت کي خدا پنهنجي گهر جي سُڃاڻپ بنائڻ ٿي گهري. شايد ٻيئي ارادا هڪ ئي وقت ٿيا هجن، خدا جڏهن پنهنجي گهر جو سوچيو تڏهن ئي پنهنجي آخري نبي ﷺ جو اباڻو شهر طئي ڪري ورتو هجي يا سڀ کان پهرين جڏهن پنهنجي آخري نبي رسولﷺ جو روح خلقيو ته اُن مهل ئي اهو طئي ڪري ورتو ته هِتي ئي، پنهنجي حبيب جي اباڻي شهر ۾ ، سندس گهر جي پاڙي ۾ پنهنجو گهر جوڙائڻون آهي، ۽ ان جي هٿان ئي سجائڻو آهي، سڄي گهر کي ڏيکارڻو آهي.
ڪجهه نه ڪجهه ڪڏهن نه ڪڏهن طئي ٿيو هوندو.
نه ته اهو ڪيئن ٿئي ها، جيڪو ٿيو.
چاليهن ڏينهن جي اُس، ڌڌڙ، واچوڙن ۽ پٿريلي ريگستاني رستي تي، سنگلاخ گرم ۽ خشڪ پهاڙن جي وچ ۾ ، هڪ ويرانيءَ ۾، ريگستاني قافلن جي ٽن رستن جي وچان سيدنا ابراهيمعه پنهنجي لاڏلي زال سيده هاجران کي ايترو پري وٺي اچي بظاهر بي آسرو ڇڏي ويو، پنهنجي ٿڃ پياڪ ٻارڙي اسماعيلعه سان گڏ. پاڻ اڪيلو موٽي ويو، چاليهن ڏينهن جو اهو ئي سفر ٻيهر اوڏانهن ڪيائين، جتي سندس پهرين زال سيده ساران سندس اوسيئڙي ۾ هئي.
چون ٿا ته هو سيده ساران جي چوڻ تي هيڏانهن آيو هو.
سيده ساران، جيئن ته اُن وقت تائين بي اولادي هئي، تنهن ڪري کانئس پنهنجي مڙس جي ٻي زال جو اولاد سُٺو نه ٿيو، هُن ٻنهي ماءُ پٽن کي ديس مان ڪڍڻ جي گهر ڪئي. مڃڻ وارا ته اها ڳالهه مڃي به وٺن ٿا، پر حيرت آهي ته کين اهو خيال نٿو اچي ته سوچين ته سانئڻ ساران جي گُهر مڃڻ جي لاءِ خدا جو دوست ۽ انتهائي برگزيدو نبي سيدنا ابراهيمعه پنهنجي زال سيده هاجران ۽ اسماعيلعه کي فلسطين مان وٺي سوا مهيني تائين هلندو ڪٿي وڃي رڪيو هو؟ ڪٿي زال ۽ ٻارڙي کي ڇڏي ٿو؟
اهو ڪهڙو هنڌ هو؟
اهو هنڌ ڪنهن طئي ڪيو هو؟
سيده ساران؟
سيده هاجران؟
سيدنا ابراهيمعه ؟
يا سيدنا ابراهيمعه جي خدا ؟
خدا جي حڪم کانسواءِ پاڻ نه هلندا هئا، نه بيهندا هئا؟
ڏسڻون اهو آهي ته اهو ڪهڙو هنڌ آهي؟
اُتي ڇا هو، اُن مهل، ٻيو ڇا ٿيڻو هو؟
بي بي هاجران کي به اهو ويران هنڌ ويران ئي لڳو هو.
پري پري تائين نه پاڻي، نه پاڻيءَ جو نشان، نه وڻ نه ڪو ٻوٽو،
نه ڪو انسان ۽ نه ئي وري ڪا انسانن جي وستي،
اهڙن هنڌن تي ڀلا ڪير ٿو بيهي، ڪير ٿو بچي،
ڪير ٿو وَسي؟
پر هوءَ وسي پئي .
ترسي پئي ۽ هميشه جي لاءِ قائم ڪئي ويئي.
اها به اهڙي جو سندس هلڻ چلڻ، ڊوڙڻ، ترسڻ سدائين جي لاءِ امر ڪيو ويو.
بار بار ورجائڻ جي لاءِ ته ڪو وساري نه ڇڏي، ڪو ڀُل ۾ نه رهي، ته ڪڏهن ڪڏهن بظاهر نظر ايندي، محسوس ٿيندي ۽ سڀني موجود خطرن جي هوندي، بنا ڪنهن آسودگيءَ، ڪنهن به سهاري جي، انسان نه رڳو جيئرو رکيو ويندو آهي، پر ايندڙ نسلن جي لاءِ معيار بنجي ويندو آهي، نه ته صحرائي پهاڙ ۽ گرم سج جي هيٺان پاڻيءَ جي هڪ ڦڙي کانسواءِ ۽ ساون پنن جي ڪنهن به ڇانوري کانسواءِ، جتي ڪيڪٽس (ٿوهر) جهڙا اُڃ تي جيئندڙ ٻوٽا به مري ويندا آهن، اُتي هڪ سڄو ڪٽنب اچي ڪو نه ترسيو، اهو هنڌ، اها جاءِ انساني نسل جي سڀني قافلن جي منزل بنائي ويئي. طرف بنجندڙ عظيم ترين اڳواڻ جي اُن قبيلي مان آمد ٿئي ٿي ۽ سڄي دنيا کي مسافريءَ تي نڪري، انهن ئي ماڻهن جي هٿان جُڙيل سڳوري گهر طرف سڏيو ويندو آهي.
هي اهو هنڌ هو، جتي چاليهن ڏينهن جي مسافريءَ کانپوءِ عين ان هنڌ تي جهليو ويو هو، جتي خدا پنهنجي گهر جو اڱڻ سوچيو هو، اتي ترسندي سانئڻ هاجران پنهنجي عالي مقام خاوند سيدنا ابراهيمعه کان رڳو هڪ سوال پڇيو هو، نه ڪا شڪوا نه شڪايت . بس هڪ معصوم سوال:
” ڇا الله جي حڪم سان تون اسان کي هتي ڇڏي رهيو آهين؟“
سيدنا ابراهيمعه مٽي هاڻي ٿڪل ڪراڙي چهري تي چمڪندڙ کيريون ڪندڙ اکين سان مُرڪي هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ چيو:
” هائو، الله جي اها ئي مرضي آهي.“
سانئڻ هاجران وري ڪو ٻيو سوال نه ڪيو.
سندس منهن ٻَرڻ لڳو، سوا مهيني جي مٽي ۽ اُس ڄڻ هڪ پَل ۾ سندس منهن تان هٽي ويئي. هنج ۾ ڪُڏڪيون ڏيندڙ ٻارڙي جي اُڃ جي وچ ۾ ڄڻ ڏسندي ئي هڪ پڪل کجين سان وڻ مُري آيو هُجي، سانئڻ هاجران دل جي گهراين سان مُرڪي ۽ وڏي ڀروسي سان چيائين. ته پوءِ ڪوبه اُلڪو ڪونهي،
خدا جي مرضي ڪڏهن به رحمت کان خالي نه هوندي آهي، هو اسان کي ذيان ٿيڻ نه ڏيندو. سيدنا ابراهيم عه پنهنجي پياري گهر واريءَ جي لفظن کي ٻُڌي مُرڪيو.
ڀلا کانئس وڌيڪ ڪو ٻيو خدا جي رحمت کان واقف هو.
هو سمجهي ويو ته سيده هاجران، خدا جي حڪم جي پورائيءَ جي نتيجي ۾ هلندڙ رحمت کان چڱي پَر واقف آهي، هو پنهنجي زبان سان کيس ڪهڙا دلاسا ڏي ها، ملائڪ پاڻ اچي سيده هاجران کي خوشخبريون ڏيندا هئا. پاڻ صحرائي بيابان ۾ هڪ رات زال ۽ ٻارڙي سان گڏ رهيو. صبح جو ماٺ مٺيءَ ۾ پنهنجي زال ۽ پُٽڙي کي ڏٺائين. اُن جو نرڙ چميائين ۽ واپس موٽي ويو.
جُڳن کان سيدنا ابراهيم سفر ۾ هو
ننڍپڻ، ٻالڪپڻ ۽ جواني ايران، عراق، اردن، شام ۽ مصر ۾ گذري.
وفات فلسطين ۾ ڪيائين. الخليل جرون ۾ آرامي ٿيو.
چون ٿا ته زمين جي گولي تي هي علائقو سڀيتا جي شروعاتي مرڪزن مان هو. دجله ۽ فرات جي وچ وارو ست سئو ميل ڊگهو سائو ستابو زرخيز علائقو. هن خطي جي ڏاکڻي علائقي ۾ شهر ”اور“ هو، خوشحال ماڻهن ۾ مُنڊيءَ تي ٽڪَ جيان چمڪندڙ شهر. چنڊ ديوتا جا اُتي مندر هئا، شاهي محلاتن ۾ ساڳوان جي داسن تي چاندي ۽ سون جا پُترا چمڪندا هئا، سيدنا ابراهيم عه عراق جي اُن شهر جو رهندڙ هو. سندس پيءَ آذر به عراق جو رهندڙ هو، هو ڪيترين ئي پيڙهين کان عراقي هو، ڪوفي جي وسندي ”ڪوثي“ ۾ جيڪا بابل جي ڀرسان هئي. سيدنا ابراهيم جو گهڻو وقت گذريو، اُتي هڪ ڀيرو ڏڪار آيو ته سندن ڪٽنب هڪ سال جي لاءِ عراق مان نڪري ايران جي شهر ”هرمزگرد“ ويو.
اُتي سيدنا ابراهيم جي ولادت ٿي.
اهو لڳ ڀڳ 2100 ق _م جو واقعو آهي. پڻهنس اُن شهر جي نالي جي نسبت سان سيدنا ابراهيم جو نالو به ”هرمزگرد“ رکي ڇڏيو.
پر ڪڏهن ڪڏهن پيءَ جو رکيل نالو قائم رهي نه سگهندو آهي.
جنم وٺندڙ ٻارڙي جي نسبت ۾ ته خدا جو دوست ۽ نبين جو پيءَ بنجڻ لکجڻون هو، هن جي ڀاڳ ۾ سيدنا ابراهيمعه جي نالي سان قائم رهڻ لکيل هو، ايئن ئي ٿيو. ڏڪار ختم ٿيو. سندس ڪُٽنب عراق ۾ پنهنجي علائقي ’حران‘ موٽي آيو. بابل سلطنت هئي، بادشاهه نمرود سڏبو هو.
بُت پرستيءَ جو رواج هو.
خود سيدنا ابراهيمعه جو پيءُ، جنهن جو نالو ’تارح‘ ۽ نسبت ’آذر‘ هئي، ڪاٺ جا بُت گهڙي روزي ڪمائيندو هو. هو ته واڍو ، پر بُت ڏاڍا سهڻا گهڙيندو هو. ڪو وقت هو، جڏهن هو بُت گهڙي پنهنجي ننڍڙي پٽ سيدنا ابراهيم کي ڏيندو هو ته هو وڪڻي اچي.
هو پيءَ جو حڪم نه ٽاريندو هو.
سيدنا ابراهيم بُتن جو کارو مٿي تي کڻي نڪري ويندو هو،سندن دل هڪ اڻ ڏٺل خدا کي ڏسندي هئي، بازار ۾ وڃي سيدنا ابراهيم هوڪو ڏيندو هو.
”آهي ڪو جيڪو مون کان اها شئي خريدي، جيڪا نه ڪو نفعو ڏيندي نه ڪو نقصان.“ اهي بُت سيدنا ابراهيم کان نه وڪبا هئا، البت انهن نه وڪجندڙ بتن جي هاڪَ گهڻي هوندي هئي. انهن بتن جي بادشاهه جي درٻار تائين رسائي هوندي هئي، بادشاهه سيدنا ابراهيم ۽ سندس پيءَ کي سُڃاڻندو هو. سٺا سٺا بُت گهڙي اچڻ جي ڪري بادشاهه کان سيدنا ابراهيمعه جي پيءَ کي انعام به ملندا هئا. هو انهن انعامن کي ماڻي، اها پنهنجي خوشبختي سمجهندو هو. سندس خيال ۾ هن جو ڀاڳ چمڪي رهيو آهي. کيس اها خبر ٿوروئي ڪا هئي ته ڀاڳ جو چنڊ گهر جي خوشحاليءَ ۾ نٿو چمڪي . کيس اها خبر نه هئي ته دنيا جي توڙ تائين سندس ڀاڳوان پُٽ جو نالو سندس بُت تراشيءَ سبب نه پر، بُت ڀَڃندڙ جي ڪري مشهور ٿيڻون آهي، کيس اها به خبر نه هئي ته جنهن کي قائم رهڻون هوندو آهي ته اهو خدا جي حڪم سان قائم رهندو آهي، جيڪو قائم ڪيو ويندو آهي، اُن تي قيامت تائين درود ۽ سلام موڪليو ويندو آهي.
وڏن وڏن ڀاڳن وارا اڪثر بدنصيب دور ۾ پيدا ٿيندا آهن.
اِهي به اهڙائي گهٽ ڀاڳ وارا ڏينهن هئا، اهو هڪ خدا کي نه مڃڻ جو دور هو، ماڻهو جنهن جو چلڪو چمڪو گهڻو ڏسندا هئا، اُن جي پوڄا شروع ڪري ڇڏيندا هئا، جنهن کان کين ڊپ ٿيندو هو. اُن جي اڳيان جُهڪي پوندا هئا، جنهن کان فائدي جي اميد هوندي هئي، ان جي اڳيان جهولي پکيڙي ڇڏيندا هئا. اهي هٿ ٺوڪين ڳالهين ۾ جيئري رهڻ جا ڏينهن هئا.
اهي هٿ ٺوڪيون ڳالهيون ۽ ڏينهن اڄ سوڌي جيئرا آهن.
سيدنا ابراهيمعه هو ته بت گهڙيندڙ جو پُٽ، پر هڪ واحد خدا جو پرستار هو. ڪنهن کي به اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي هئي ته جيڪا ڳالهه پيءَ نٿو ٻُڌائي اهو پُٽ ڪيئن ٿو ڄاڻي؟
ڪيئن ٿو سکي وٺي.
سيدنا ابراهيم عليه السلام جي دل ۽ دماغ ننڍي هوندي کان ئي واحد خدا جي نور سان ڀريل هئا، چوڻ تي ته اهو چيو وڃي ٿو ته هن جي شروعاتي پندرهن سالن جي عمر هڪ غار ۾ گذري، سندس مائٽن کي اهو ڊپ هو ته وقت جو بادشاهه نمرود سندس پُٽ کي قتل نه ڪرائي ڇڏي، فرعون ۽ موسيٰ جي ڪهاڻيءَ جيان هِتي به اها ڪٿا ٻڌائي وڃي ٿي ته نمرود کي سندس نجومين هڪ اهڙي ٻارڙي کان ڊيڄاريو هو. جنهن کي اڃا ڄمڻو هو. فلاڻي وقت ۽ فلاڻي هنڌ ڄمندڙ ٻار توکي خوار ۽ بُڇڙو ڪندو. چون ٿا ته نمرود ٻارن کي مارائڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. سيدنا ابراهيمعه جي امڙ کيس جهنگ ۾ جنمي آئي، ماءُ لڪ چوري کيس کارائيندي پياريندي هئي.
شايد اُن ۾ خدا جي ڪا حڪمت هئي،
ڪا رمز هئي، ڪو راز هو.
خدا جنهن کي پنهنجي بادشاهي مان ڌُڻي دوست بنائي ٿو، اهو ان کي مٽي، پٿر يا ڪاٺ جا خدا گهڙيندڙ رزق سان نه پاليندو آهي، سيدنا ابراهيم جهنگ جي پوتر ۽ معصوم فضا ۾ پنهنجو آڱوٺو چوسيندي پندرهن سالن جو ٿي ويو.
جڏهن پنهنجي گهر آيو ته گهر ۾ بُت گهڙجندي ۽ وڪرو ٿيندي ڏٺائين. هو ڄاڻندو ته سڀ ڪجهه هو، پر سندس ٻُڌائڻ جو طريقو ڌار هو، هو خدائن جي خريدار بُت پرستن کان سندن خدائن جو اَتو پَتو پُڇڻ لڳندو هو.
ڪو پري چمڪندڙ تاري ڏانهن آڱر کڻندو هو ۽ چوندو هو ته ڏس ڪيئن نه پيو چمڪي، هيءَ منهنجو خدا آهي،
سيدنا ابراهيمعه کين جهلي ويهاريندو هو. ٿوري دير ۾ چنڊ نڪري ايندو هو. پوءِ اُفق جون ڏاڪڻيون چڙهي هوريان هوريان مٿي اچي ويندو هو. آسمان جي وشالتا ۾ سندس کيريون ڪندڙ چانڊوڪي تاڻجي ويندي هئي، ڪجهه دير پهرين چمڪندڙ تاري جي روشني چنڊ جي روشنيءَ جي اڳيان ڌيمي پئجي ويندي هئي، سڀ تارا هڪ چنڊ جي چانڊوڪيءَ جي چادر تان تِرڪي پوندا هئا، ڄڻ چنڊ جي چانڊوڪيءَ آسمان جي سليٽ تي هت ڦيري اُنهن تارن کي مِٽائي ڇڏيو هجي.
سيدنا ابراهيم مُرڪندي تاري کي خدا سمجهندڙ بُت پرستن کي ڏسندو هو ۽ چوندو هو هاڻ تنهنجي تاري کان وڌيڪ چمڪندڙ چنڊ اچي ويو آهي. کيس خدا مڃو؟
تاري جو پرستار ڦِڪو ڦِڪو ٿيڻ لڳندو هو، ۽ تارن کي ڇڏي چنڊ جي پوڄا ڪرڻ لڳندو هو.
سڄي سڄي رات اُتي پُوجا ٿيندي رهندي هئي،
سيدنا ابراهيم ڪڏهن ڪڏهن اهڙين راتين جي مَنڊ کي ڏسڻ جي لاءِ بيٺو هوندو هو. جڏهن صبح جي اڇاڻ رات جو سينو چيري سُهائين جو ڀڀڪو ڇڏيندي هئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سج ڪاپار تي چڙهي ويندو هو ۽ باهه وَسائڻ لڳندو هو. چنڊ جتي هوندو هو، اُتي ئي دٻجي ويندو هو. سيدنا ابراهيم سڄي رات چنڊ جي آرتي لاهڻ واري پوڄاريءَ جو هٿ جهليندو هو ۽ کيس سج جي سامهون بيهاري پُڇندو هو، ”هاڻ ٻُڌاءِ ته تنهنجي چنڊ کان وڏو ته هي آهي ڇا هن کي پوڄيندين؟“
پوڄاري بي دليل ٿي ويندو هو، پر جنهن کي هڪ کان وڌيڪ خدائن جي پوجڻ جي عادت هوندي آهي، ته اُن کي سج جي پوجا کان ڪهڙو ڊپ ٿيڻون هو. هو ڪنڌ جهڪائي هٿ ٻڌي سج جي سامهون گوڏا کوڙي ويهي رهندو هو. شام ڌاري سيدنا ابراهيم سج جي پوڄا ڪندڙ وٽ ويندو هو ۽ مُرڪي چوڻ لڳندو هو.
ڏسج مَتان تنهنجو خدا ٻُڏي نه وڃي، لهي نه وڃي، کيس جهلي وٺ، هي ڏس، هي ته وگهرندو پيو وڃي، کسڪندو پيو وڃي.
هِنَ جي اُس هن مان نڪري رهي آهي، لالاڻ وڃي بچي آهي، ها، اها به ويئي. سڄو سج هڪ ٿڌو گولو بنجي اولهه ۾ اُلهي ويو آهي.مري ويو آهي، هاڻ اونداهي وات ڦاڙي کيس ڳڙڪائي ڇڏيندي، ڏس اونداهي ڇائنجي ويئي آهي، ڪيڏانهن ويو تنهنجو سج ديوتا؟
ڇا اُن کي پوڄينءَ ٿو، جنهن جي نصيب ۾ لهڻ لکيل آهي؟
ڇا اُن کان زندگي گهرين ٿو. جيڪو روز شام جو مري ويندو آهي؟
پوڄا پاٽ ڪندڙ ماڻهو بي دليل ٿي ويا.
بي دليلن وٽ رڳو ڪاوڙ هوندي آهي. ڪنهن طرف کانسواءِ، انڌپڻ ۽ داغدار ڪاوڙ. !
هو پنهنجي خدائن جي تذليل ٻُڌي ٻُڌي وٽجڻ سَٽجڻ لڳندا هئا، سيدنا ابراهيم کين واحد خدا تي يقين رکڻ جو چوندو هو ، پر انهن اڻ ڳڻين خدائن جو حساب رکندڙ ماڻهن جي ذهن ۾ هڪ خدا جو تصور ئي نه اُڀرندو هو. الٽو هو اِها پنهنجي توهين سمجهندا هئا، شايد مادي دنيا جي نظرين جيان سندن خيال ۾ اڻ ڳڻين خدائن جي ڀيٽ ۾ کين هڪ خدا جو تصور غريباڻون لڳو. هو ڪيترن ئي زالن ۽ ڪيترن ئي ڪمرن وارن گهرن جا مالڪ ۽ خوشحال ماڻهو هئا، شايد هو سوچيندا هوندا ته اسان وٽ ايتري گهڻس آهي، پوءِ ڪيئن هڪ خدا کي چونڊيون، هو ڪاوڙ ۾ سيدنا ابراهيم کي گهورڻ لڳندا هئا. سندس پيءَ کي شڪايتون ڪندا هئا، سندس پيءَ ساڻس ڌڙيندو هو ۽ چوندو هو ته کين تنگ نه ڪر. هُنن جي ڳالهه مڃي وٺ، نه ته توکي ماري ڇڏيندا، توکي بچائڻ منهنجي وس ۾ نه هوندو. سيدنا ابراهيم دل ئي دل ۾ مُرڪندو هو. شايد سيدنا اهو سوچيندو هو ته بابا کي نه مارڻ واري جي سمجهه آهي، نه بچائڻ واري جي.
سيدنا ابراهيم ڪيترا ڀيرا ڪوشش ڪئي ته پنهنجي پيءَ کي سَنئين واٽ تي وٺي اچي، کيس وڏا دليل ڏنائين، منٿون ڪيائين پر هُن نه مڃيو.
جيستائين ڪنهن جي ڀاڳ ۾ خدا خود پنهنجي سُڃاڻپ نه لکي.
اُن سان خدا ٿورو ئي ڪو سڃاتو ويندو آهي.
سيدنا ابراهيم جو پيءَ به اڪيلي خدا کي سڃاڻي نه سگهيو، اُلٽو بُت مٿان بُت گهڙيندو رهيو، سندس گهڙيل بُتن سان بادشاهت جي درٻار جو وڏو بُت خانو به ڀرجي ويو، بُت خاني ۾ هر وقت ماڻهن جو ميڙو متل هوندو هو، هڪ ڀيرو اُن مندر جي ٻاهران هڪ ميدان ۾ هڪ وڏو ميڙو متو، ماڻهو اوڏانهن مِڙي آيا.
مندر جو وڏو پوڄاري ۽ سيدنا ابراهيم جو پيءُ آذر به ميڙو ڏسڻ جي لاءِ نڪتا. سيدنا ابراهيم جي هم عمر دوستن کيس ميڙي تي هلڻ جي لاء چيو ، پر هُن جي طبيعت بُتن جي گهڻائيءَ سبب بيزار هئي، کين ڳالهه کولي ڪيئن سمجهائي ها. جند ڇڏائڻ جي لاءِ اهوئي چوڻ ڪافي هو ته اوهين وڃي ميڙو ڏسو، منهنجي طبيعت صحيح ڪونهي، طبيعت ٺيڪ ڪيئن رهي ها، جڏهن سندس پيءُ جي گهڙيل بُتن جو ميڙ مندر ۾ موجود هو ۽ سندس دل ۽ دماغ تي هڪ واحد خدا جي سڳوري روشنيءَ هلچل مچائي رکي هئي. سڀ سيدنا ابراهيم کي ڇڏي هليا ويا. سڄو مندر خالي ٿي ويو،
اندر بُت ئي بُت،
ڪو وڏو ڪو ننڍو،
سيدنا ابراهيم شايد اُن ئي تاڙ ۾ هو.
کيس ميلن ملاکڙن مان ڇا هَڙ حاصل ٿيڻي هئي، ڀرسان ئي هڪ ڪهاڙو هٿ چڙهي ويس، سڌو مندر جي اندر هليو ويو، اندر بي جان، بي زبان ڪاٺ، مٽي ۽ پٿر سان گهڙيل بُت ڊنا بيٺا هئا، سيدنا ابراهيم سڀني بتن جون ڪهاڙي سان شڪليون ئي تبديل ڪري ڇڏيون.ڪنهن جي ٽنگ ڀڳي ته ڪنهن جي ٻانهن وڍجي ڪري پئي، ڪنهن جو شڪتي ڏيندڙ هٿ سڀني آڱرين سميت ڪرائيءَ کان ڪٽجي ويو، ڪنهن جي ڪنڌ جي پويان وار ٿيو ته بُت جي ڪنڌ جي کاڏي سيني تي لٽڪڻ لڳي،ڪن جا ڪَن ڪپجي پيا، اهو بُت خانو جيڪو ٿوري دير اڳ بُتن جي سڄي منڊلي بيٺي ڀوائتي رٿا بندي ڪندي نظر پئي آئي، اها ڏسندي ئي ڏسندي قتل گاهه بنجي وئي، سڄو بُت خانو بُتن جي ٽٽل ٽڪرن سان لٿڙجي ويو، سيدنا ابراهيم ڪو به بُت سلامت نه ڇڏيو سواءِ هڪ جي. ڪنهن جو مٿو ڦاڙيائين، ته ڪنهن جو پيٽ. بس هڪ وڏو بُت جيڪو اُن پنڊال ۾ ڊگهي قد ڪاٺ جو ۽ پنهنجي قد ڪاٺ سبب بتن جو سردار پئي لڳو. ان کي گهايل نه ڪيائين، ڪهاڙو اُن جي ڪنڌ تي رکيائين ۽ هٿ ڇنڊي بُت خاني مان نڪري ويو، شايد ٻڌائڻو اهو هئس ته هڪ کان وڌيڪ خدا جڏهن ڪنهن هنڌ گڏ ٿيندا آهن ته پوءِ جيت فقط هڪ سڀني کان وڏي جي ئي ٿيندي آهي.
ميڙو ڏسي جڏهن بُت پرست بُت خاني موٽيا ته سندن اکيون نڪري آيون ۽ سندن وات ڦاٽي ويا. هنن جو زبانون گُنگ ٿي ويون، هنن جا حوصلا خطا ٿي ويا. سندن خدا سندن پيرن ۾ ٽُٽا ڦِٽا، ٽِڙيا پکڙيا پيا هئا، اهڙا گهايل ۽ بُڇڙا ڄڻ ڪنهن جنگ جو شڪست کاڌل لشڪر پويان پساهه کڻي رهيو هو.
بُت پرستن جي سامهون سندن خدا مري رهيا هئا، رڳو هڪ اوچو بُت سلامت هو، اُن جي ڪلهي تي ڪهاڙو رکيو هو.
اها ڪنهن جي شرارت هئي؟
آذر بت خاني ۾ ايندي ئي رڙ ڪري پُڇيو،
۽ ٻيو ڪير هوندو، تنهنجو پنهنجو پُٽ ئي آهي.
هائو اهو ئي آهي، اسان جي بُتن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ وارو،
هاڻي کيس ڇڏڻون ڪونهي.
ڏسو ته سَهي هُن اسان جي خدائن جو ڪهڙو نه خراب حشر ڪيو آهي.
ڪهڙي نه بيدرديءَ سان ماريو آهي، تنهنجي پُٽ اسان جي خدائن کي.
اِهي مُنهنجا به ته خدا آهن.
اسين کيس نه ڇڏينداسين هاڻي.
نه ڇڏيوس، هُن ته منهنجي هٿ جا گهڙيل بُت ڀڳا آهن، اوهين کيس ڀَڃي ڇڏيو.
نه کيس ايئن ڀڃي آسانيءَ سان موت نه ڏجو.
هلو بادشاهه وٽ هلون.
خبر ڪونهي ته اهي بادشاهه وٽ گڏجي ويا يا هڪ هڪ ٿي، شايد بادشاهه به اهو تماشو ڏسڻ جي لاءِ اُتي آيو. بهرحال اهي سيدنا ابراهيم کي جهلي آيا ۽ بُت خاني جي اندر ڀڳل ٽٽل، وکريل، مارايل بُت ڏيکاري پڇڻ لڳا. ته ” هي حال ڪيو آهي تو هنن جو؟“
سيدنا ابراهيم مُرڪيو، چوڻ لڳو،، مون کان ڇو ٿا پُڇو،
۽ ٻيو ڪنهن کان پُڇون.؟ هُنن جو رت ٽهڪي رهيو هو.
هو ڏسو، هو اوهانجي خدائن جي ميڙاڪي ۾ سڀني کان وڏو بُت صحيح سلامت بيٺو آهي، ڪهاڙو اُن جي ئي ڪلهي تي رکيل آهي. وڃي اُن کان پڇو. پُڇو ته سهي ان کان، (سيدنا ابراهيم اهو چئي پنهنجي مُرڪ روڪي نه سگهيو) ڪهڙي خبر ته ان ئي ڪهاڙي سان هنن جو هي حشر ڪيو هجي؟
ٿيو ته اُن ڪهاڙي سان اهو حشر هو، پر ان گهڙيءَ بت پرست سيدنا ابراهيمعه جو سوال سُڻي لاجواب ٿي ويا.
چيائون؛ تون به عجيب ٿو ڳالهه ڪرينءَ، ڀلا هي ڪيئن ڳالهائيندا.
ته پوءِ اوهين اچي هنن کان ڇا ٿا ٻُڌو؟
اسين ساڻن پنهنجا ڏک سور ٿا ونڊيون.
ته هن پنهنجي ساٿي زخمي خدائن جون رڙيون ۽ ريهون به ٻڌيون هونديون.؟ ڏٺيون هونديون؟
تون هاڻي به مذاق ٿو ڪرين، هڪ ته اسان جي خدائن جون هڏيون ڀڳيون اٿئي، پير ڪپيا اٿئي، پيٽ ڦاڙي ڇڏيا اٿئي، مٿان وري کلين ٿو.
هائو، کل اچي ٿي (شايد ابراهيم کِليو به هجي) چوڻ لڳو، سوچيان ٿو ته اوهين پاڻ مٿان ڇوٿا ماڻهو کلرايو، انسان ٿي به بي جان، پنهنجي هٿن سان گهڙيل، لاچار بُتن کي خدا ٿا مڃيو. اوهان کي جنهن خلقيو آهي، جيڪو اصلي خدا آهي، اڪيلو واحد خدا، اُن جا انڪاري آهيو، ڪجهه عقل کان ڪم وٺو.
هوڏانهن عقل ڪٿي هو.
جتي عقل نه هوندو آهي، اُتي فقط ڪاوڙ جو بُت وڃي رهندو آهي. هو سڀ ڀُوت بنجي ٽپڻ لڳا.
اسين توکي نه ڇڏينداسين.
تو اسان جي خدائن جو قتل عام ڪيو آهي.
اسين توکي جيئرو نه ڇڏينداسين.
پر سولائيءَ سان ڪونه مارينداسين،
ڏاڍو ڀوائتو موت مارينداسين توکي.
اهڙي سزا ڏينداسين، جيڪا سڀئي زمانا ياد رکندا.
کين ڪهڙي خبر هئي ته ياد رهجي ويندڙ شئي بت پرستن جي هٿان مليل موت نه هوندو آهي، اهو ته اڪيلي خدا طرفان هڪ انعام هوندو آهي.
هو سڀئي بُت پرست چڙيل هئا،
نمرود اڳ ۾ ئي ڪهاڻي ٻڌي چڪو هو. پنهنجي صلاحڪارن جو ڪَٺ ڪوٺائي سَٽون سٽڻ لڳو ته کيس ڪيئن سزا ڏجي جو سڀ زمانا ياد رکن.
باهه ۾ جيئرو ساڙيوس.
ٿوري باهه ۾ نه
پوءِ، چئن ٻنين جيتري ميدان تي باهه ئي باهه،
ڪيترن ئي ڏينهن تائين ٻَري.،
ڏورانهن شهرن جا ماڻهو به اچي اهو تماشو ڏسن،
جيئن آئيندهه ڪنهن کي به اسان جي خدائن سان اهڙي جُٺ ڪرڻ جي جرئت نه ٿئي.
هيڏي وڏي باهه ۾ کيس اڇلبو ڪيئن؟
هڪ وڏو جهولو جوڙيو. اوچا بانس کوڙي، انهن جي اندر کيس جڪڙي دڳندڙ باهه جي وچ ۾ اُڇليو.
اهو صحيح آهي، نمرود کي رٿَ وڻي، حڪم جاري ڪيو ويو.
باهه ٻارڻ شروع ڪريو. ڪاٺيون گڏ ڪندا وڃو.
ڀرپاسي جا ٻيلا وڍي هُنن هڪ ميدان ۾ ڪاٺين جا انبار گڏ ڪيا، سڄي ميدان ۾ باهه ٻَرڻ لڳي، ڪيترن ڏينهن تائين اهڙو آڙاهه ٻاريو ويو. جو ميلن تائين اُن جي تپش پي وئي، باهه جو ڄُڀيون آسمان کي ڇُهڻ لڳيون، آڙاهه جي ڀرپاسي ڪو پکي پَر هڻڻ جي جرئت ڪري نه سگهيو، ڪو ڀُلجي ڀٽڪي پکي اُڏندو ان پاسي اچي نڪرندو به هو ته باهه جي گرمائش ۾ سڙي ڪواب بنجي ٿي ويو. هن جا پر چر چر ڪري سڙڻ لڳندا هئا ۽ هو پَر ڪٽيل پکيءَ جيان قلابازيون کائيندو اچي باهه جي سمنڊ ۾ ڪرندو هو، هن جو وجود به باهه جو شعلو بنجي ويندو هو.
ماڻهو تماشو ڏسڻ لاءِ اچي مِڙيا.
ماڻهن جي سڀ کان وڏي تفريح سدائين تماشو ڏسڻ ئي رهي آهي.
بادشاهه ۽ پَرجا جي لاء ڏسڻ جهڙو نظارو هو.
پوءِ اها گهڙي اچي ويئي، جڏهن سيدنا ابراهيم کي پري کان اُڇلي باهه جي سمنڊ ۾ اُڇلڻو هو، بُت پرستن جي مهانڊن تي بدلي جي مُرڪ هئي، هو سيدنا ابراهيم جو چهرو ڏسي حيران ٿي ويا. سيدنا ابراهيم جي چهري تي اطمينان ۽ سڪون نظر اچي رهيو هو. چون ٿا ته آسمان تي خدا ملائڪن سان ڪَٺ ڪري سڄو تماشو ڏسي رهيو هو. سندس دوست کي ماڻهو باهه ۾ اڇلائڻ جو پڪو پهه ڪري ويٺا هئا، ۽ هو ڪجهه نه ڪري، جنهن جي حڪم کان سواءِ باهه ساڙڻ جي سگهه نٿي رکي. هوا جنهن جي حڪم تي ٿي هلي، پاڻي جنهن کان پُڇي بخارن جي صورت ۾ اُڏري آسمان ڏانهن اٿندو آهي، پوءِ ڪڪرن کي ڳرو ڪندڙ هوا جي پٺيءَ تي سوار ٿي اڏائي ويندو آهي، جتي کين وسڻ جي موڪل ملي ٿي، ڪائنات جو هڪ هڪ ذرو، ذرڙي ذرڙي سان ٺهيل جُڙيل گلن جي باغن واري هيءَ سڄي دنيا رڳو ان اڪيلي خدا جي فرمانبردار آهي، جيڪو ان جو واحد خالق آهي.
ڪائنات جي لکيل ڊائري ۾ اها عجيب گهڙي هئي.
جهان کي جوڙيندڙ جي لاڏلي دوست تي گهٽ عقل ماڻهن يلغار ڪري ڏني هئي، باهه جو آڙاهه ٻاري هُنن سيدنا ابراهيم کي ساڙڻ جي سَٽ سَٽي هئي، اهو سوچڻ کانسواءِ، اهو سمجهڻ کانسواءِ ته جنهن کي هو باهه ۾ اُڇلڻ جو پڪو پهه ڪري ويٺا آهن، اهو نالو ڪهڙي واحد خدا جو ٿو وٺي، پنهنجي واحد خدا جون هو ڪهڙيون نشانيون ٻڌائيندو آيو آهي،
ڇا خدا ايترو ڪمزور هو، جو پنهنجي دوست کي بچائي نه سگهي.
کين جنهن خدا جو ئي شعور نه هو، ته پوءِ کين خدا سان دوستيءَ جي تقاضائن جي ڪهڙي خبر، اهو بي عقل زماني جو ميڙ هو، جنهن ۾ بيٺل هر هڪ بي عقل ٻرندڙ اوڙاهه جون ڄُڀيون ڏسي، پنهنجو پاڻ کي ڪنهن به واحد خدا کان وڌيڪ سگهارو، مؤثر ۽ ذهن سمجهي ويٺو هو، جيڪو ٿيڻو هو، تنهن جي ڪا خبر نه هئي، سندن ته اهو ئي خيال هو ته پري کان جڏهن سيدنا ابرهيم کي باهه جي اوڙاهه ۾ اُڇليو ويندو ته ڪجهه ئي گهڙين ۾ سيدنا ابراهيم جو سڄو وجود دڳندڙ باهه ۾ ڀَسم ٿي ويندو. ڀسم به اهڙو جو اُڇليل انسان جو نالو نشان به نه بچندو. باهه ٻرندي رهندي ۽ هو ان جي چوڌاري نچندا ٽپندا، ۽ ايئن هميشه جي لاءِ واحد خدا جي تصور کي اهڙو ته نابود ڪري ڇڏيندا، جو ٻيهر ڪوبه ڪڏهن پنهنجي زبان مان هڪ خدا جي ڳالهه نه ڪندو.
هنن جا ’بُت ڪدا‘ ٻيهر بتن سان ڀرجي ويندا. پوءِ ڪوبه انهن بُتن جا ڪنڌ ڀڃڻ وارو نه رهندو، باهه جو هيڏو وڏو اوڙاهه ڏسي ان ۾ اڇلجندڙ هڏ ماس واري جيئري انسان جي باري ۾ گهٽ عقل رکندڙ ماڻهن جو اهوئي گمان هوندو آهي، اڃا تائين. جنهن کي اها خبر نه هجي ته ڪا ٻي به طاقت آهي، جيڪا سندن ارادي کان وڏي آهي، هو ته پنهنجي ارادي کي خدا سمجهن ٿا. اوڙاهه جي چوڌاري بادشاهه سميت سڀ ماڻهو سيدنا ابراهيم، کي باهه ۾ ڀسم ٿيندي ڏسڻ جي لذت سانڍيو ويٺا هئا.
ٿيو وري ڪجهه ٻيو.
هيڏانهن سيدنا ابراهيمعه کي باھ ۾ ٻَڌي اُڇلائڻ جو وقت آيو، هُوڏانهن خدا جي هڪ برگذيده ملائڪ اچي سيدنا ابراهيمعه جي ڪن ۾ چيو ته: ”تون جي چئين ته هينئر ئي باهه وسائي ڇڏيان؟“ سيدنا ابراهيم سڳوري ملائڪ جي محبت ڀري ڳالهه ٻڌي مُرڪيو، ۽ چيائين: جيڪو تنهنجو ۽ منهنجو خدا آهي، هيءَ باهه ڇا سندس وس ٻاهر آهي، هو ڏسندڙ آهي کيس سڀ نظر اچي ٿو. تون به پريان بيهي ڏسندو رهه.
ته ڪنهن بي وفا ڪمزور سان ياري نه رکي آهي.
اها ئي ڳالهه ٿي
هيڏانهن نمرود جي فوج سيدنا ابراهيم کي باهه جي اوڙاهه ۾ اڇليو، ان گهڙيءَ خدا باهه کي حڪم موڪليو.
”ٿڌي ٿي وڃ، سلامتيءَ جي حد تائين.“
باهه اسان انسانن وانگر نافرمان ٿوروئي ڪو آهي، کيس ته اهو ئي حڪم مڃڻون هوندو آهي، جيڪو کيس ڏنو ويندو آهي.
هڪدم حڪم جي تڪميل ٿي،
باهه گُل بنجي ويئي،
اُلا گلاب جون پنکڙيون بنجي ويا.
سوين فوٽ اُتاهين آڳ جا اُلا هڪ گهڙيءَ جي ويهين حصي ۾ هڪدم سُڪڙجي گل جون پنکڙيون بنجي ويا، لکين مڻ ٻرندڙ ڪاٺين جو ڍڳ، ٻي گهڙي گلزار بنجي ويو، گل ٽڙي پيا، خوشبوءِ پکڙجي ويئي. گلن جي خوشگوار ڍڳ ۾ حضرت ابراهيم ايئن آسودگيءَ سان لَڏي رهيو هو، ڄڻ اها سندس پنهنجي پرينءَ سان ملڻ جي گهڙي هجي ۽ آسپاس گلن ڦلن سان ڇانيل محلات.
نمرود ۽ سندس ساٿي تماشائي حيران،
هي ڇا ٿيو ؟ ڪيئن ٿيو؟
سڄو کيل سندن سامهون ٿيو هو، شڪ جي رتيءَ جيتري به گنجائش نه هئي، پر دل تي حڪمت واحد خدا جي آهي، جيستائين خدا ڪنهن کي نوازڻ جو ارادو نه ڪري وٺي، تيستائين دل ۾ سچائي نٿي ڳنڍجي. اکين ڏٺل حقيقت سان به ميري دل ۾ شڪ جي چڻنگ دُکي ويندي آهي ته سڙندو رهه، ٻرندو رهه، ناپاڪ رهه، نمرود ۽ سندس سپاهه به ميرن مَنن وارابدبخت ماڻهو هئا، هُنن جيڪا باهه ٻاري هئي، اها سڄي سندن اندر ۾ ٻرڻ لڳي، هو اهو گمان ڪرڻ لڳا هئا ته هي ڪو وڏو جادوگر آهي، اُن جي بدران جو ماڻهو هن جي خدا کان ڊڄن، هو کائنس ڊڄڻ لڳا ۽ ڀڄي ويا.
نمرود سيدنا ابراهيم وٽ آيو. ٿوري دير ماٺ ۽ ڦِڪائيءَ مان کيس ڏسندو رهيو، پوءِ هن سيدنا ابراهيم کي هڪ ياد رکڻ جهڙي ڳالهه چئي.
چيائين؛ ”ابراهيم، تنهنجو خدا توتي ڪيترو نه مهربان آهي!“
کيس نظر اچي رهيو هو جيڪو ٿيو هو. هُن ته باهه جي پوکَ پوکي هئي، ان باهه ۾ اڇلايل سيدنا ابراهيم کي ايتري به رهنڊ نه آئي، جيتري گلن جي ڍڳ تي ڪرڻ مهل ايندي آهي، ٿيو ته بس ايترو ته سندس ٻڌل پيرن جي رسي سڙي ويئي، باهه جيڪا ٻاري ويئي هئي، اها سلامتيءَ جي حد تائين وسائي ويئي، رڳو ٿڌو ٿيڻ جو حڪم آيو هجي ها ته ٿڌي ٿيندي ٿيندي برف بنجي ٻيهر تڪليف جو باعث بنجي ها، برف کان هيٺ به درجو ڪِري پوندو آهي ۽ هڪ وقت اهڙو به ايندو آهي، جڏهن ڪاٽو درجو ڪريل ٿڌي شئي ٻيهر ساڙڻ لڳندي آهي.
سلامتيءَ جي حد جو تعين ضروري هو،
تنهن ڪري حڪم ’سلامتي جي حد تائين ٿڌي ٿي‘ ٿيو.
سڄي ميڙ ۾ صرف ٻه پاڪ روح بيٺل هئا،
انهن جي دلين تي خدا خوشبوءَ جي يلغار ڪئي، هو ٻئي پُڪاري اُٿيا ’ابراهيم جو خدا سچو آهي، واحد آهي، يڪتا آهي ۽ اسين ان تي ايمان آڻيون ٿا.‘ انهن ٻنهي خوشنصيبن مان هڪ سيدنا ابراهيم جو ڀائيٽو حضرت لوط هو ۽ ٻي هستي سندس چاچي جي ڌيءَ سيده ساران هئي. چون ٿا ته ان واقعي کانپوءِ سيده ساران سان حضرت ابراهيم جي شادي ٿي، هو پنهنجي وستي ۽ علائقي جي ماڻهن جا ستايل هئا، ماڻهن هنن کان هَڄيل هئا، نيٺ هنن پنهنجي خدا کان سفر جي موڪل گهري ۽ ايئن عراق مان نڪري شام ۽ فلسطين مان ٿيندا مصر ڏانهن هليا ويا.
ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته سيده ساران سان سيدنا ابراهيم جي شادي شام ۾ ٿي هئي، شاديءَ وقت سيدنا ابراهيم جي عمر 37 سال هئي، پنهنجي ونيءَ سان گڏ سيدنا ابراهيم ڏاڍو گهميو. اردن به ويو، اباڻي شهر ’حزن‘ به ويندو رهندو هو، فلسطين ۾ پڻ چڱو وقت ٽڪيو، اُتي سندس قيام ’ايليا‘ ۾ رهيو، اتي ئي ’بيئر سبع‘ نالي کوهه کوٽرايائين ۽ عبادتگاهه اڏرايائين، سيدنا ابراهيم قد جو ڊگهو، سگهاري هڏ ڪاٺ ۽ سهڻي سڀاءُ جو مالڪ ۽ مهمان نواز هو. گوشت جي رس ۾ مانيون گڏي ’ثريد‘ ٺاهي کارائيندو هو. گهرج کان وڌيڪ پاڻ وٽ نه رکندو هو. هڪ ڀيري وٽس ٽي سٺا غلام هئا، خدا دوستيءَ جو اشارو ڏنو ته سڀني کي آزاد ڪري ڇڏيائين. هڪ رات اَلل وهاڻيءَ تائين الله جي ياد ۾ جاڳندو رهيو، صبح جو سندس مٿي جا اڌ کان وڌيڪ وار اڇا ٿي ويا هئا،الله کي عرض ڪيائين: هي ڇا؟
آواز آيو، هي اڇا وار دنيا ۾ عزت ۽ آخرت ۾ نور آهن.
نمرود جي بستيءَ مان نڪري، هو فرعون جي علائقي ۾ داخل ٿيا.
اُنهن ڏينهن جو فرعون به هر دور جي فرعون جيان ڀٽڪيل هو، مسافريءَ تي نڪتل قافلن مان سُهڻين عورتن کي کڻي پنهنجي حد ۾ واڙي ۽ انهن جي مُڙسن کي مارائي ڇڏيندو هو. سيدنا ابراهيم جڏهن ميلن تائين ٻرندڙ باهه جي اُلائن کان نه ڊنو ته هڪ بُڇڙي فرعون جي ارادي کان ڪيئن ڊجي ها. پر اهو واحد خدا جيڪو سرَ جي گدلي سينور ۾ به نيل ڪنول پيدا ڪندو آهي، ان جو ڪو ٻيو ارادو هو، سيدنا ابراهيم کي خبر هئي ته سندس نيڪ ۽ پوتر گهر واري سيده ساران کي خدا بي مثال سونهن سان نوازيو آهي، فرعون جا ڪارنده کيس قافلي مان کنڀي کڻي ويا، فرعون سيده ساران سان گستاخيءَ لاءِ پنهنجو هٿ وڌايو ته سندس سڄي ٻانهن سُڪي، ڪنهن ڪٽيل ڏار جيان جهولڻ لڳي،
هو سمجهي ويو،
سندس واسطو ڪنهن بزرگ هستيءَ سان پيو آهي، سيده ساران دعا ڪئي، فرعون جي ٻانهن ٺيڪ ٿي ويئي، هو ٻيئي هٿ ٻڌي چوڻ لڳو، مون کان وڏي ڀُل ٿي ته مون اوهان بابت بُڇڙو ارادو ڪيو هو. سيده ساران کان کيس سيدنا ابراهيم جي باري ۾ خبر پئي ته هو ڪيڏو نه عالي مقام ۽ اوچي شان وارو آهي، فرعون چوڻ لڳو، اوهان ٻنهي مهان هستين جي سيوا لاءِ آءٌ پنهنجي هڪ عزيز هستي دان ٿو ڪريان، جيڪا قبول ڪجو، هيءَ منهنجي نياڻي هاجران آهي، پر اوهان جي ٻُڌي ٻانهي ٿي رهندي.
سانئڻ ساران، بي بي هاجران کي وٺي عزت ۽ احترام ، شان ۽ مان سان سيدنا ابراهيمعه وٽ آئي ۽ بي بي هاجران سندس زوجيت ۾ ڏنائين.
ان وقت تائين سانئڻ ساران بي اولاد هئي، سندس پيٽان سيدنا اسحاقعه جي ڄمڻ ۾ اڃا ڏهه سال پيا هئا، جڏهن ته الله بي بي هاجران جي ڪُک سائي ڪري ڇڏي، پالڻهار فرعون جي گهران سندس نياڻي وٺي اُن کي سيدنا ابراهيم جي گهريل دعا جي ساڀيان لاءِ ڌُڻي ورتو، حالتون اهڙيون ٺاهيون ويون جو سيده ساران سيدنا ابراهيم کان گهر ڪئي ته، هاجران ۽ سندس ننڍڙي ٻچڙي کي پري وٺي وڃي ڇڏي اَچ. سيدنا ابراهيمعه کي، شايد اها تقاضا عجيب لڳي هجي، پر جنهن رب جي لاءِ هو يڪسو ٿي چئي رهيو هو. اُن سندن ڪَن ۾ مُرڪي هائو چئي ڇڏي هوندي، سيدنا ابراهيم بي بي هاجران ۽ سندس ٿڃ پياڪ ٻارڙي اسماعيلعه کي وٺي سفر تي روانو ٿي ويو.
سفر خدا جو سوچيل هو،
اُن سفر جي منزل به،
جتي خدا هن دنيا جي دل ۾ پنهنجي گهر جو نقشو پنهنجي عرش جي بلڪل هيٺان طئي ڪيو هو، اُتي آڻي صحرا ۽ خشڪ پهاڙن جي وچ ۾ هلندي سيدنا ابراهيمعه ۽ سندس زوجه بي بي هاجران کي هنج ۾ وٺي سيدنا اسماعيلعه سميت روڪي ورتو.
هاڻ هن ويران هنڌ تي خدا کي ٻه ڪم ڪرڻا هئا.
هڪ ته هنن پيءُ پٽن کان پنهنجو گهر جوڙائڻو هو، جنهن جي چئني ڏسائن کان ٿڪل ٽٽل پيٽ پٺيءَ سان لڳل اُٺڻين تي سوار ٿي هن گهر جو طواف ڪرڻ جي لاءِ ايندا. ٻيو سيدنا ابراهيم جي دعا جي قبوليت جي لاءِ سندس پُٽڙي اسماعيل جي پُٺيءَ مان سڀني نبين جي سالار، پنهنجي محبوب آخري رسول حضرت محمد ﷺ کي پنهنجي گهر جي پاڙي ۾ پيدا ڪري وڏو ڪرڻون هو، ۽ ان جي وسيلي پنهنجي گهر جي هميشه لاءِ سُڃاڻپ برقرار رکڻي هئي.
خدا پنهنجي ارادن کي پورو ڪري ٿو.
سيدنا ابراهيم به ڄاتو ٿي ته خدا پنهنجا ارادو پورا ڪندو آهي. سندس دعائن کي رد نه ڪندو آهي، هن بي بي هاجران ۽ سندس ٿڃ پياڪ ٻارڙي کي ويران ’وادي مڪه‘ ۾ خدا جي سهاري ڇڏيو ۽ چاليهن ڏينهن جي مسافريءَ ڪري واپس سيده ساران ڏانهن موٽي ويو، بي بي هاجران ۽ سندس ٿڃ پياڪ سيدنا اسماعيلعه جي چئني پاسن ڀُوائتا بيٺل پهاڙ، رُڃ ۾، ريگستان ۾، پاڻي جو هڪ ڦڙو به نه هو، مٿي اُس سان ڀريل آسمان باهه وسائي رهيو هو. پنهنجي ٺهڻ واري گهر جي اڱڻ ۾ خدا جنهن پوتر پاڻيءَ جو چشمو سوچيو هو، اهو هاڻ ممتا جي سڳوري محبت ڀري لڳن ۽ معصوم کير پياڪ ٻارڙي جي کُڙين جي رڳڙ سان ظاهر ٿيڻون هو.
سيدنا ابراهيم پنهنجي ڏاچيءَ تي سوار صحرا جي وچ مان هلندو نظرن کان گم ٿي ويو ، سج سِرڪندو سِرڪندو اچي ڪاپار تي پهتو، پاڻ سان آندل سفر جو ثمر ختم ٿي ويو هو، اُڃايل ممتا کي پنهنجي اُڃ کان وڌيڪ معصومڙي جي اُڃ جو ڊپ هو.
هوءَ سڏڪندڙ هرڻي وانگيان گهٻرايل ڊوڙڻ ڦرڻ لڳي.
خدا جو امن ڏيڻ وارو گهر اڃا جڙڻون هو. پر اُن سڳوري گهر جي پاسي ۾ بيٺل خدا جون سڳوريون نشانيون، صفا ۽ مروه جو ٽڪريون، اُن ڏينهن به اُس ۾ ادب مان بيٺيون هيون، بي بي هاجران پنهنجي ٻارڙي کي خدا جي اُن سوچيل سڳوري گهر جي سامهون ريتيءَ تي ليٽائي پاڻيءَ جي ڳولا ۾ ويجهين ٽڪرين صفا ۽ مروه جي وچ ۾ ڊوڙڻ لڳي. ڊوڙندي هوءَ چئني ڏسائن پاڻي ڳولهڻ لڳي، هڪ نظر ليٽيل پنهنجي پُٽڙي اسماعيل کي به ڏٺائين ٿي ته متان ڪو جهنگلي جانور نه اچي مٿس حملو ڪري، روئندڙ ۽ ڪُڏڪيون ڏيندڙ ٻارڙو بي دم نه ٿي وڃي، ٻنهي ٽڪرين جي هنج ۾ هڪ اونهي هنڌ تي ڊوڙندي، ٿوري دير لاءِ سيده هاجران کي پنهنجو پُٽڙو نظر نه ٿي آيو ته هوءَ تيز ڊوڙڻ ٿي لڳي، رفتار وڌائي ٿي ڇڏيائين ته جيئن جلدي ٽڪريءَ تي چڙهي پنهنجي پُٽڙي کي ڏسي، بس صفا کان مروه ۽ مروه کان صفا جي وچ ۾ هوءَ ست ڀيرا ڊوڙي هئي، صفا کان ڊوڙڻ شروع ڪيو هئائين، ستون چڪر مروه تي ختم ٿيو هو ته ڏٺائين پَٽ تي ليٽيل ٻارڙو جتي پَٽ تي کڙيون هڻي رهيو هو، اُتان اڇي اُجري پاڻيءَ جي ڌار وهي رهي هئي.
سيده هاجران خوشيءَ کان سرشار ٿي ويئي.
آسمان تان لٿل هڪ ملائڪ جو آواز به آيو،
’وڃ! تنهنجي دعا قبول ٿي، ڳولا پوري ٿي،
پاڻي پهچي ويو.
چشمون قائم ٿيو ۽ تنهنجو هنن ٽڪرين جي وچ ۾ ڊوڙڻ به.‘
سيده هاجران وِڄ جيان ڊوڙندي پنهنجي ٻچڙي طرف آئي، کُڙين مان نڪتل پاڻي اهڙي ته تکَ سان پکڙجندو پي ويو، ڄڻ ملائڪ ان تي پَر هڻي رهيا هُجن، ليٽيل ٻارڙي جي کُڙين وٽان نڪرندڙ پاڻيءَ کي پکڙجندو ڏسي چيائين، بيهه... بيهه... زم ...زم ـ
نڪرندڙ مٺي پاڻي جو چشمو قيامت تائين ُتي ئي بيهي رهيو، جنهن جي ڀاڳ ۾ اُڃايل روحن جي اُڃ اُجهائڻ لکيل هو.

محفوظ ڪيل قدم

محفوظ ڪيل قدم

جن قدمن کي سنڀاليو ويندو آهي، اِهي وڏي ڀاڳ وارا هوندا آهن، جڏهن ايئن ٿيندو آهي ته اهي رستا به محفوظ ٿي ويندا آهن، جن تي اهي قدم هلندا هئا، اهو هنڌ به سلامتيءَ سان قائم ڪيو ويندو آهي، جتي اِهي ڌُڻيل ڀاڳوان قدم بيهندا هئا، اهڙن ڀاڳن وارن قدمن جون هڙئي نشانيون ٻڌائڻ هر ڪنهن جي وس ۾ ڪونهي.
وڏي نشاني هڪ آهي،
اهڙن قدمن جي ته، اهڙا قدم، وک کڻندڙ پنهنجي مرضيءَ سان نه کڻندو آهي،
جتي کيس نيو ويندو آهي، اُتي هليو ويندو آهي.
جتي کيس بيهڻ جو حڪم ملندو آهي ، اُتي هڪدم رڪجي ويندو آهي،
کيس ڪنهن به رستي تي موڪليو وڃي، هو هلڻ لڳندو آهي. هو اهو نه سوچيندو آهي ته اڳيان رستي ۾ ڇانورو ڪونهي، رستي ۾ پيئڻ جي لاءِ پاڻي ملندو يا نه.
محفوظ ٿيندڙ قدم اهڙي بحث ۾ نه پوندا آهن.
کين پنهنجي عقل جي اک کان وڌيڪ موڪليندڙ جي رضا تي ڀروسو هوندو آهي. اهڙيون وکون کڻندڙ کي خبر هوندي آهي ته هو جنهن جي ڏور جهلي لغڙ بنجي اُڏرندو پيو وڃي، اهو نه بيوقوف آهي ۽ نه هيڻو. سڀئي هوائون ان جي حڪم تي ئي هلنديون آهن. کيس خبر هوندي آهي ته سڀئي زمينون ساهه کڻندي هن جو نالو ئي وٺنديون آهن.
هو ڄاڻندو آهي ته هُن جي حڪم کان سواءِ زمين رستن کي ڪو رستو نٿي ڏي. کيس اها به خبر هوندي آهي ته جڏهن کيس واٽ مليل آهي ته رستي جي ڪابه رنڊڪ، روڪي نٿي سگهي، اهڙا ڀاڳ وارا قدم ، وک وک هلندي پنهنجي اکين ۾ هُن جي رضا رکي هلندا آهن. فاصلو ڏينهن جو هُجي، مهينن جو يا صدين جو هُجي، موڪليندڙ جي حڪم سان سُسندو ويندو آهي، ويڙهبو ويندو آهي، محفوظ ٿي ويندو آهي.
سيدنا ابراهيم ڪيترا سفر ڪيا،
سڄي زندگي سفر ۾ گذاري،
جتي کن پل جي لاءِ قدم روڪڻ جو حڪم مليو، گهڙي به قيام ڪيو.
اُن هنڌ کي محفوظ ڪيو ويو.
سخت پٿر جي ٽڪريءَ جي سيني تي اُن جا ڀاڳوارا پير آيا، ته اهو پٿر ادب سبب ٻيڻون ٿي سندس پيرن ۾ سمائجي ويو. اهو پٿر جيڪو پنهنجي چُهنبدار پٿريلي زبان سان پيرن کي پِٿون ڪرڻ جو عادي هو، اهو انهن برڪت ڀَرين پيرن جي ڇهاءُ جي ڪري مکڻ جو چاڻون بنجي ويو، هن جي پيرن جا نشان پنهنجي دل تي رکي سدائين جي لاءِ اَمر ٿي ويو. پاڻ جهڙن هزارين پٿرن جي ڪڙم مان نڪري ويو.
ممتاز ٿي ويو،
سڳورپ سان ڀرجي ويو،
هر ايندڙ جي اکين جي ماڻڪين ۾ پيهي ويو.
محفوظ ٿي ويو،
پر ايئن ٿيڻ کان اڳ، اڃا گهڻو ڪجهه ٿيڻون هو.
اهو محفوظ ڪيل پٿر ته خدا کي پنهنجي گهر جي چائنٺ تي سجائڻون هو.
سَجائي ورتائين،
گهر اڏيندڙ مزدورن کي ڪڏهن ڪنهن ايتري عزت ڏني آهي؟
اهو گهر، ڪو عام گهر ٿوروئي ڪو هو،
اهو عزت واري جو عزت ڀريو گهر هو، جنهن کي هن زمين جي گولي تي سندس نالي تي ڪيل هر سجدي جو رخ ٿيڻو هو. جنهن کي سندس آخري محبوب رسول ﷺ جي آندل دين جي سُڃاڻپ بنجڻون هو، تنهن ڪري اهڙي عظمت واري گهر کي محبوب آخري رسول الله جي گهر جي سامهون ٺهڻون هو.
چوڻ تي ته خدا سيدنا ابراهيم ۽ سندس پٽ سيدنا اسماعيل کي ملائڪ موڪلي پنهنجي گهر جو نقشو ڏيکاريو هو. جيتوڻيڪ اُن نقشي ۾ ٻه هزار سال پوءِ پنهنجي محبوب ۽ آخري رسول ﷺ جي هليل هڪ هڪ وک ان گهڙي به خدا جي سامهون هئي، خدا وٽ وقت جي ورهاست اسان جيان ڪونهي، اسان وٽ ته وقت جون سڌيون شڪليون آهن. ماضي، حال ۽ مستقبل. خدا جي اڳيان اهي ٽيئي زمانا ڪنڌ جهڪائي ادب سان ڪَن ڏيو ويٺل هوندا آهن ته ڪڏهن ڪهڙي زماني کي تڪميل جي لاءِ حڪم ملي ۽ هو ڌڻيو وڃي.
ڌُڻيل ماڻهن جي لاءِ وقت به ڌُڻيو ويندو آهي.
چونڊيو ويو.
پر ايئن نه، هڪ وڏي امتحان مان گذارڻ کانپوءِ، سڀني کي ڏيکاري، مَڃرائي ته جيئن ايندڙ وقتن ۾ انسان وڏي انعام جي جڏهن به ڪا پرک ٺاهي ته معيار ساڳيو ئي رهي.
ايثار ۽ قرباني،
قربانين جي ڪنهن به پيرائي ۾ سيدنا ابراهيم، سيدنا اسماعيل ۽ سيده هاجران عظيم ترين قربانيون پيش ڪيون، جن کي محفوظ ڪيو ويو. لاڳو ڪيو ويو، ايندڙن کي اُنهن جي پيروي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.
ٿڃ پياڪ ٻارڙي ۽ وفادار زال کي اُٺ جي چاليهن ڏينهن جي مسافريءَ تي هڪ بنجر خشڪ ٽڪرين جي وچ ۾ ڇڏڻ، جتي پيئڻ لاءِ نه پاڻي هجي، نه ڪو ڇانوري جي لاءِ سائو پن. اُتي ٿڃ پياڪ ٻارڙي جي کُڙين سان ٿڌي مٺي پاڻي جو چشمون جاري ٿي وڃڻون هو، هوا، بنجر خشڪ ريگستان جي سيني تي سايون پتيون نڪري آيون، اهو ٽن ڏسائن ڏانهن ويندڙ قافلن جي رستي جي ويساهي کڻڻ جو هنڌ هو. يمن کان ايندڙ هڪ قافلي سيده هاجران کي درخواست ڪئي ته اسين مسافر آهيون، ٿڪل آهيون، اجازت هجي ته اوهان جي چشمي وٽ ترسي پئون، هن برڪت ڀريي پاڻيءَ سان پنهنجي ۽ پنهنجي ڍورن جي اُڃ لاهيون. سيدنا هاجران کين موڪل ڏيئي ڇڏي، ايئن اهو قافلو جيڪو پنهنجي سڃاڻپ ’بنو جرهم‘ ٻڌائي رهيو هو، اتي ٽڪي پيو. هوريان هوريان چشمي جي آس پاس هنن پنهنجا خيما کوڙي ڇڏيا.
خيما هوريان هوريان پٿرن جا گهر بنجندا ويا.
سيده هاجران جو ٿڃ پياڪ سيدنا اسماعيل پيرِڙا کڻندڙ ٻارڙو بنجي ويو. وقفي وقفي سان فلسطين کان چاليهن ڏينهن جي مسافري ڪري اُٺ تي سوار سيدنا ابراهيم پنهنجي ٻارڙي ۽ زال سان ملڻ لاِءِ ايندو۽ ٽڪندو هو. الله وري پيءُ ۽ پٽ ۾ اهڙو ته پيار پيدا ڪيو، جيئن ماکي ۽ مِٺاڻ. سيدنا ابراهيم ٻارڙي کان پري به رهندو هو ته ان جي محبت جي بوندار ۾ ڀڄندو رهندو هو. ٻارڙو وڏو ٿيندي ٿيندي ايتري وهيءَ کي اچي رسيو- جو هو پيءَ جي اڳيان پويان ڊوڙڻ لڳو. ڪڏهن سيدنا ابراهيم ڊوڙي کيس زم زم جي چشمي مان پاڻي آڻي پياريندو هو، ڪڏهن وري هو ٺڪر جي ڇَل پاڻيءَ سان ڀري پيءَ جي پويان ڀڄندو وتندو هو. زم زم جي چشمي کان چاليهه پنجاهه وکون پري اهو سڳورو هنڌ هو، جتي خدا کي پنهنجو گهر ٺاهڻو هو. جيڪو آسمان تي جُڙيل سندس معزز گهر جو هن ڌرتي سان جڙيل سڀني زمينن جي مرڪز تي عڪس هو. جنهن کي اڃا ٺهڻون هو، کيس ٿيندڙ سجدن جو رخ بنجڻون هو، پنهنجو گهر جوڙيندڙن جي لاءِ امتحان اڃا باقي هو، ته جيئن اهو مڃرايو وڃي. ته هي ٻيئي پيءَ ۽ پُٽ هن سڳوري گهر جو پٿر رکڻ جا اهل آهن.
پيءَ هڪ رات عجيب خواب ڏٺو.
جنهن بابت کيس خبر هئي ته اهو خدا جي طرفان حڪم آهي ۽ اُن جي پورائي لازمي آهي. ڏهن ورهين جو پُٽڙو پاڻيءَ جي ڇل ڀري وٽس آيو ته پيءُ ڇَل ڇڏي سندس ڪرائي جهلي کيس گلي لڳايو. سندس نرڙ چميو، ڇل جو سڀ پاڻي کيس ئي پياري ڇڏيائين ۽ پوءِ کيس ٻنهي ڪلهن کان جهلي سندس اکين ۾ ڏسندي، اطمينان سان کيس پنهنجو خواب ٻڌائڻ لڳو، چوڻ لڳو’ پُٽ، مون ڏٺو آهي ته آءٌ توکي خدا جي نالي تي قربان پيو ڪريان. ‘
ڏهن سالن جي جو پٽڙو، خدا جي مام ۽ پيءُ جي رتبي کان ڪيتري قدر شناسا هوندو. هن ڪوبه سوال نه پڇيو، چيائين؛
بابا پوءِ ڇا پيا سوچيو،
حڪم جي پورائي ڪريو،
منهنجو ڪنڌ حاضر آهي،
پيءُ پٽ کي وٺي خدا جي گهر کان پَر ڀرو وڃڻ لڳو، شايد خدا کي اُن عظيم قربانيءَ جي آڙ ۾ پنهنجي عزت واري گهر جون حدون طئي ڪرڻيون هيون.
جتي پيءُ ۽ پٽ وڃي بيٺا، اتي ٺهندڙ گهر جون حدون طئي ٿي ويون،
منيٰ جي ميدان ۾ وڃي پيءُ پٽ کي مُنهن ڀر ليٽايو.
پويان سڪيلڌي پُٽ جي صحرا نشين امڙ ڊوڙندي آئي.
شيطان سڄو منظر ڏسي رهيو هو.
هن ته انسان جي تخليق واري ڏينهن کان، خدا سان، خدا جي هر ٻانهي جي واٽ ۾ ويهڻ جي موڪل گهري ورتي هئي.
خدا به مٿس چٽو ڪري ڇڏيو هو ته تون پنهنجي ڪوشش ڪندو رهج، پر مُنهنجا جيڪي ٻانها آهن، تن تي تنهنجو وس نه هلندو.
ايئن ئي ٿيو.
شيطان ڊوڙندو واري واري سان ٽنهي عظيم هستين کي ورغلائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. پهرين پيءُ جي ڪن ۾ خود ڪلاميءَ جي انداز ۾ وسوسا وجهڻ لڳو، شايد تو غلط اندازو لڳايو آهي. منهنجو سڪيلڌو پُٽ ئي منهنجي سُڃاڻپ آهي. هن مان ته منهنجي پيڙهي هلڻي آهي،هي قربان ٿي ويو ته آءٌ بي نشان بنجي ويندس. شايد ايتريون ڳالهيون سيدنا ابراهيم جي وات مان نه نڪتيون هجن، سيدنا ابراهيمعه، جيڪو باهه جي سمنڊ کي گل ۽ گلزار بنائي آيو هو. ڪيئن امتحان جي گلن تي باهه جو شڪ ڪري ها. زمين تي جُهڪي هڪ ٿلهو پٿر کنيائين ۽ شيطان جي ٻُوٿ ۾ هنيائين.
شيطان ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين پٿر بنجي ڄمي ويو.
پر هُن هار نه مڃي،
ٻيو وار هن ننڍڙي معصوم پُٽڙي تي ڪيو.
هن جي دل ۾ وسوسن جو ڄار اُڻي، شڪار ڪرڻ جي نيت سان ويجهو آيس ۽ دل ۾ اهو وسوسو وڌائينس ته ٿورو هوش ڪر.اِها وري ڪهڙي ڳالهه آهي ته خواب پيءُ ڏسي ۽ ڪاتي تنهنجي ڪنڌ تي هلي، ڀڄي وڃ،
هي به رسول زادو هو، پاڻ نبي هو، پيءُ جو هٿ وڌيڪ زور سان جهليائين. هٿ جهلي هلندي هلندي جُهڪي پيءُ جي کنيل پٿر کان به وڏو پٿر کنيائين ۽ وسوسن جي سُس پُس ڪندڙ شيطان جي مٿي تي ٺوڪي ڏنائين.
شيطان ڄڻ چريو ٿي پيو.
هاڻ هن ٽيون ڀيرو حملي ڪرڻ جي سَٽَ سَٽي.
کيس شايد خبر هئي ته امتحان ۾ ڪاميابيءَ جي صورت ۾ هنن ٻنهي جي هٿان خدا جو عزت وارو گهر بنبو ۽ ان گهر جي پاڙي مان هن جي ئي پيڙهي مان هڪ اهڙي برگذيده آخري رسول جي آمد ٿيندي. جنهن مان هُن انساني نسل کي ڀٽڪائڻ جي سندس سڄي محنت اجائي ويندي. کيس ايندڙ وقتن ۾ پنهنجي حيثيت برباد ٿيندي نظر آئي، پوءِ هو ڇو نه هٿ پير هڻي ها. هن سوچيو، پهرين پهرين جڏهن آدم سندس هٿان ڀُليو ته امان حوا سندس سُس پُس تي ڌيان ڌريو هو.
ڪهڙي خبر بي بي هاجران به امان حوا وانگر هجي؟
ٽي ڀيري هن ٻنهي پيءُ پٽن جي پويان ممتا جي اگهاڙن پيرن کي ورايو . سيده هاجران جي ڪنن ۾ سُس پُس شروع ڪيائين، ايئن ڪو ٿيندو آهي ڇا. پُٽ ڄائو ته چاليهن ڏينهن جي اٺ جي مسافري تي اچي ويراني ۾ ڇڏيائين، هاڻ پُٽ جوان ٿيڻ لڳو آهي ته کيس سدائين جي لاءِ زندگي مان ڪڍيو پيو وڃي، ڊوڙ تکي وڃ، روڪين، پنهنجي پٽ کي بچائي. سيده هاجران جليل القدر نبيءَ جي گهر واري هئي، عظيم الشان نبيءَ جي امڙ هئي، کيس پنهنجي سڪيلڌي پُٽ جي نراڙ تي هن جهان جي عظيم ترين رسول ﷺ جي جد امجد هئڻ جي روشني نظر اچي رهي هئي، هوءَ انهن عظيم پيءَ پٽن ۽ سندن خدا جي راز ۽ نياز ۾ ڪيئن ٿي دخل ڏيئي سگهي. هوءَ به جهڪي
هڪ وڏو پٿر کنيائين ۽ هن جي لوندڙي تي هڻي ڪڍيائين.
شيطان ٽيون ڀيرو به پٿر بنجي ويو، رستي جا سڀئي ڪنڊا نڪري ويا.
پُٽ سرشاريءَ جي حالت ۾ تعميل ۾ ڪنڌ جهڪائي، اکيون ٻوٽي، پٿر تي ڪنڌ رکي ليٽي پيو.
پيءُ آسمان ڏانهن منهن ڪري خدا کي شاهد ٺاهيو ۽ ڪاتي پُٽ جي ڪنڌ تي رکي ڇڏيائين،
ممتا پير روڪي نگاهون مٿي کڻي پنهنجو روح سجدي ۾ رکي ڇڏيو.
آسمان کان زمين تائين نور جي تجلي ٿي،
آواز آيو.
ابراهيم تنهنجي قرباني اسان تائين پهچي ويئي.
تو پنهنجو خواب سچو ڪري ڏيکاريو.
اسان تنهنجو پُٽ هڪ سڳوري قربانيءَ سان بدلائي ڇڏيو.
ڏس، اکيون کول.
سيدنا ابراهيم اکين تي ٻڌل پٽي کولي ته ڏٺائين سندس سامهون سندس فرزند سيدنا اسماعيلعه بيٺو مُرڪي رهيو آهي ۽ اڏيءَ تي هڪ دنبو قربان ٿيو پيو آهي.
آواز آيو. هيءَ مبارڪ قرباني جو مبارڪ بدل آهي،.
اصل وڏي قرباني جو بهتر بدل اُن گهڙيءَ، ان فرمانبردار، جليل القدر صاحبزادي جي نسل مان جنم وٺندڙ سيدنا ابراهيم جي دعا آخري رسول ﷺ جي پاڪ ڪُٽنب جي نالي لکي وئي.
نه ته هڪ دنبو هڪ رسول کان ڪيئن ٿي بهتر ۽ برتر ٿي سگهيو،
اهو ته فرمانبرداريءَ جو انعام هو، ماني جي دعوت هئي.
چيائين؛
هي کائو، هي کارايو.
تون پيءُ، پُٽ ۽ امڙ اُن آزمائش ۾ پورا لٿا آهيو.
مڪي جي بستي آهستي آهستي وڌندي رهي.
سيدنا ابراهيم پري کان سيده ساران جي گهران ڪلهي تي تير ڪمان لڙڪائي اُٺ تي ايندو ۽ ويندو رهيو. هڪ ڀيري واپس وريو ته هن سيده ساران کي خدا پاران مليل خوشخبري سڻائي. سيده ساران جي پٽ سيدنا اسحاق ۽ اسحاق جي پُٽ يعقوب جي خوشخبري ڏني، پوءِ موٽي مڪي آيو ته سيدنا اسماعيل کي تير اندازي جا سبق ڏنائين، اُن ملاقات ۾ جڏهن سيدنا اسماعيل جي عمر ويهه سال هئي ته سيده هاجران جو وقت ڀرجي آيو، هو جنهن جهوپڙي ۾ رهندا هئا، اُتي ئي پيءُ پٽ کيس دفنائي ڇڏيو. اها خبر ته کين پوءِ پئي ته خدا پنهنجي گهر جي بنيادن جي نشاندهي ڪرڻ مهل سيده هاجران جي قبر کي ڪعبي جي اُترينءَ ڀت ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي.
جيڪو هاڻي حطيم آهي.
پيءُ ۽ پُٽ جي آخري ملاقات ڪعبي جي اڏاوت تي ٿي هئي،
پٽ ٽيهن سالن جو ٿي چڪو هو، پيءُ جي عمر هڪ سئو ٽيهه سالن جي لڳ ڀڳ هئي،
اُن ملاقات کان اڳ پهرين ٻه ڀيرا سيدنا ابراهيم اُن جهوپڙيءَ ۾ پٽ جي ملاقات لاءِ آيو هو،
ٻيئي ڀيرا پُٽ تير ڪمان کڻي ڪيڏانهن ويو.
پهرين ڀيري پيءُ پُٽ جي چائنٺ تي بيهي سڏ ڪيو ته اندران هڪ نا شڪري عورت جو آواز آيو، جيڪا چائنٺ ٽپي ٻاهر نڪري پنهنجي مڙس جي شڪايتون ڪرڻ لڳي،
الائجي ڪيڏانهن ويو آهي،
خبر ئي ڪونهي،
ڪجهه به ٻُڌائي نه ويو آهي، هن ويراني ۾ قيد ڪري رکيو اٿس،
مٿان وري اوهين آيا آهيو پُڇڻ، ڇا ٻڌايان؟ بڙ بڙ ڪندي هوءَ چائنٺ ٽپي واپس اندر وڃڻ لڳي ته سيدنا ابراهيم کيس گهڙي کن روڪيو.
چيائينس؛
تنهنجو وَر اچي ته منهنجو هڪ نياپو ڏيندينس؟
هن گهنڊ وجهي چيو؛ چئو ؟
سيدنا ابراهيم چوڻ لڳو چئجانس ته گهر جي چائنٺ بدلائي ڇڏ.
چئي ڇڏينديس. پر هو منهنجي چيل ڪا ڳالهه ٿوروئي ٻڌي ٿو. هيءَ ئي اڏوهي کاڏل چائنٺ منهنجي ڀاڳ ۾ رهڻي آهي.
سيدنا ابراهيم مُرڪيو ۽ واپس موٽي ويو.
سيدنا اسماعيل پنهنجي گهر آيو.
پُڇڻ لڳو، ڪو ملاقاتي آيو هو ڇا؟ (شايد پيءُ جي خوشبوءِ سندس ذهن ۾ سوال اُڀاريو هجي) سيدنا اسماعيل جي گهر واريءَ ابتا سبتا هٿ هلائي کيس هڪ روشن چمڪندڙ اکين واري اڇي سنواري واري بزرگ جي اچڻ جو ٻڌايو ۽ چوڻ لڳي، عجيب نياپو ڏيئي ويو آهي، اهو بابا ويندي ويندي چوندو ويو ته تنهنجو ور اچي ته چئجانس گهر جي چائنٺ بدلائي ڇڏ. توکان ته اها بدلائڻ پُڄي نٿي، هن ايئن پي چيو ڄڻ تون واقعي به هن جي ڳالهه مڃي وٺندين.
هائو، آءٌ مڃي رهيو آهيان.
اهو بزرگ صحيح چئي رهيو هو.
کيس خبر آهي ته هو جيڪو چوندو آهي، سو آءٌ مڃيندو آهيان.
خبر اٿئي اهو بزرگ ڪير هو؟
مونکي ڪهڙي خبر.؟
مونکي خبر آهي.
ڪير هو ؟
هو منهنجو پيءَ هو، هو اشارو ڏيئي ويو آهي ته آءٌ توکي بدلائي ڇڏيان. تنهن ڪري توکي طلاق ٿو ڏيان. سيدنا اسماعيل ٻي شادي به ’بنو جرهم‘ مان ڪئي، ٻي زال شڪر گذار هئي.
هڪ ڀيري ٻيهر سيدنا اسماعيل جي غيرموجودگيءَ ۾ سيدنا ابراهيم آيو، در کڙڪايائين. سيدنا اسماعيل جي وني گرمجوشيءَ سان کيس ڀليڪاريو، سڃاتو ته هن به نه ته دروازي تي ڪير آهي. رڳو هن جي چهري تي وسندڙ نور ۽ هڏ ڪاٺ جي عجيب سڳوري وقار کي ڏسي خوش ٿي ويئي.
خدمت چاڪري ڪرڻ لڳي.
ڇانوري ۾ بستر وڇايائين،
زم زم پياريائين،
ماني کارايائين،
اُٺڻ کي چارو وڌائين.
کانئس سيدنا ابراهيم سندس وَر جي باري ۾ پڇيو، هن وڏي احترام مان چيو، ’گهر جي ڪم ڪار ۾ رڌل رهندو آهي، شايد اچڻ ۾ دير ٿي وڃينس،‘ چيائينس ته تنهنجو ور اچي ته کيس منهنجو هڪ نياپو ڏيندين؟
جي ڇونه .
چئجينس: گهر جي چائنٺ سُٺي آهي، اُن جو خيال رکج،
اهو چئي سيدنا براهيم وري موٽي ويو.
سيدنا اسماعيل جڏهن پنهنجي ونيءَ کان پيءُ جو پيغام ٻڌو ته سندس مٿو چمڻ لڳ، چيائينس: اهو منهنجو پيءُ هو، هو تو مان خوش ٿي ويو آهي، ۽ مونکي پيغام ڏنو اٿس ته آءٌ تنهنجو خيال رکان.
ٻنهي زال مڙسن جو پيار وڌي ويو،
اُن ونيءَ مان سيدنا اسماعيل کي ٻارنهن پٽ پيدا ٿيا.
ٻارنهن پٽن مان ٻارنهن قبيلا ٿيا.
عربستان جي ريگستان جو سڄو عرب نسل انهن مان ٿيو. پر اڃا وڌيڪ عظيم گهر بنجڻون هو.
کيس ٺاهڻ جو حڪم اچي ويو.
سيدنا ابراهيم پهچي ويو، اڳيان وک وک تي جبرائيلعه هليو، سيدنا اسماعيل جهوپڙيءَ سان گڏ، زم زم جي چشمي کان چاليهه وال پري، خدا پنهنجي فرشتي جي وسيلي زمين تي پنهنجي گهر جو نقشو کولي ڇڏيو. ريگستاني ميدان ۾ هيٺاهين مٿاهين پٿرن جي وچ وچ ۾، جتي جتي ڀتيون ٺهڻيون هيون، اتان هوا اڏري، پهرين اُن هوا ٺهندڙ گهر جو طواف ڪيو، پوءِ جتان اُڏي هئي، اهو هنڌ باقي هنڌ کان ڌار ڪري ڇڏيائين، پٽ تي ڪنهن غيبي آڱر سان کوٽيل نقشو اُڀري آيو. چوڪنڊي ڪمري جو نقشو، ٿورو مستطيل، پر چئني طرفن ڀتيون اهڙيون جو ڪا هڪ ڀت سامهون واري ٻي ڀت جي برابر نه هئي.
”ياد ڪريو اهو وقت جڏهن ابراهيم جي لاءِ هن گهر جي جاءِ تجويز ڪئيسون. (القرآن . سوره الحج. آيت 26)
پيءُ پُٽ خدا جي ان عظيم گهر کي ٺاهڻ ۾ جنبي ويا، جنهن کي قيامت تائين سڀني سجدن جو طرف ٿيڻون هو. چون ٿا ڪعبي جي اڏاوت لاءِ خدا دنيا جي پنجن برگزيده پهاڙن جا پٿر کين دستياب ڪري ڏنا. اُنهن ۾ طور جا پٿر به هئا ته سينا جا به، حرا جا به هئا ته ثبير ۽ لبنان جا به. بنيادن ۾ اُٺ جي ٿوهي سان ملندڙ جلندڙ وڏا وڏا ساوا پٿر هئا، جيڪي ايئن جوڙيا ويا هئا، جيئن هٿن جون آڱريون جوڙي هٿن کي هڪجهڙو ڪيو ويندو آهي. اڏاوت جا باقي پٿر مقامي جبل ابو قبيس جا هئا.
ابو قبيس جبل کي امانت دار جبل چيو ويندو آهي،
چيو وڃي ٿو ته ابو قيس جو نالو شايد ان ڪري پيو ته هڪ قبيس نالي شخص هتي اچي ديرو ڄمايو هو. پر امانتدار ان ڪري چيو ويو آهي ته ان جبل ملائڪن جو جنت مان آندل پٿر ”حجر اسود“ پنهنجي هنج ۾ سنڀالي رکيو، ۽ جڏهن ان جي گهرج پيئي ته اهو سيدنا ابراهيم جي حوالي ڪيو ويو، ان امانتدار پٿر جي اڏَ ۾ ڪائنات جي سڀ کان وڏي امانتدار کي پيدا ٿي، امانت جو درس ڏيڻو هو.
سيدنا ابراهيم پٽ کي موڪليو هو ته ڪو خاص پٿر کڻي اچ، جنهن کي آءٌ خدا جي گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ ايئن هڻان جو اهي ماڻهو ان کان ئي گهر جو طواف شروع ڪن ۽ اهو خدا جي گهر جي مٽي جو جهومر هجي.
ڪنڊ تي لڳل، واهه جو ٺهي،
سيدنا اسماعيل ڳچ دير تائين پهاڙن تي ڪو اهڙو پٿر ڳولهيندو رهيو، واپس وريو ته ڏٺائين ته سيدنا ابراهيم هٿ ۾ بلور وانگر چمڪندڙ ”حجر اسود“ کڻي جهومي رهيو آهي، پُٽ کي ايندو ڏسي چيائين:
ڏس هيءَ پٿر اُن موڪليو آهي، جيڪو مونکي پاڻ کانسواءِ ٻيو ڪنهن جو به محتاج نٿو رکي،
هي پٿر انوکو ۽ وڏو سڳورو آهي.
هر زيارتيءَ کي هتي اچي پهرين هن کي چمڻون آهي يا هن جي سِڌائيءَ ۾ اشارو ڪري ادب سان سلام ڪري ، هن گهر جي جو طواف شروع ڪرڻو آهي، ڏس، ڪيترو نه بلوري اڇو آهي، هن جي سفيديءَ جي باري ۾ لڳي ٿو ته هي مَن جي ميرن زيارتين جي ميرائيءَ سان ڪارو نه ٿي وڃي، ماڻهن جي دلين جي ڪاراڻ، چُهي نه وٺي،
اچ ته گڏجي اهو هڻون.
شايد ٻنهي پيءُ پٽن کي خبر هئي ته هڪ وقت اهڙو ايندو جڏهن هن گهر ۾ هي پٿر سندس ئي آلعه مان آيل آخري رسول ﷺ جي هٿن سان لڳندو، سَجندو.
خدا جو پهريون گهر بنجي ويو، سادو ۽ شانائتو.
گهڙيل، اڻ گهڙيل ننڍن وڏن پٿرن جي چو ديواريءَ وارو ٿورو مستطيل ڪمرو، جنهن تي ڇت نه هئي، ڀتيون به عام انساني قد کان ڏيڍ فوٽ اوچيون، اٺن نون فوٽن جي لڳ ڀڳ، ٻه دروازا هئا، هڪ اوڀرندو دروازو، جيڪو هينئر به موجود آهي، ٻيو اولهائون دروازو، هڪ اندر وڃڻ جي لاءِ، ٻيو ٻاهر اچڻ جي لاءِ .
اندر گهڙڻ جي لاءِ دروازو اڃا به آهي،
ٻاهر نڪرڻ جو دروازو آخري رسول ﷺ جي اچڻ سان گڏ ئي ختم ٿي ويو. دروازن جي چائنٺ به هيٺ هئي، اُن وقت زمين سان برابر چائنٺ تي نه ڪو در لڳل هو، نه ڪا تختي، نه ڪو تختو، نه ئي ڪو پردو، صفا کليل جوڙيو ويو هو، منهنجي الله جو گهر، چيو اهو ويو آهي ته هي اهو اوهانجو گهر آهي، سلامتيءَ وارو. کيس نماز پڙهڻ، اعتڪاف ۾ ويهڻ، طواف ڪرڻ ۽ حج ڪندڙن جي لاءِ صاف سٿرو رکو.
حج جا جيڪي رُڪن سُڻايا ويا آهن، اهي ته سڀئي سيدنا ابراهيم جي ڪٽنب جي ذاتي يا گهريلو زندگيءَ جا آسوده نشان هئا.
ڪعبي جي ڀت کان چاليهن والن تي زم زم جو کوهه هو، (اڄ ڪلهه جي ماپ موجب 21 ميٽر ٿيو). جنهن جو ٿڌو مٺو پاڻي طواف ڪري پوءِ پيٽ ڀري پيئڻون هو. جيڪو بُکايل لاءِ کاڌو ۽ پيٽ ڀرڻ وارن جي لاءِ شفا آهي، زم زم ۽ ڪعبي جي وچ ۾ مقام ابراهيم آهي، اهو آسماني ياقوت جنهن تي سيدنا ابراهيم جي پيرن جا نشان هئا، آڱر جيترا اونها، هڪ تي 9 سينٽي ميٽر ۽ ٻي تي 10 سينٽي ميٽر دٻيل آهن. سيدنا ابراهيم ڪعبي جي اڏاوت ۾ رڌل هو ۽ خدا سندس پيرن جي عڪس کي محفوظ ڪري رهيو هو. چون ٿا ته جڏهن سيدنا ابراهيم مٿي اُٿندو هو ته اهو پٿر به کيس کڻي مٿي اُٿي بيهندو هو.
هيٺ ٿيندو هو ته هيٺ دٻجي ويندو هو.
اهو پٿر محفوظ ڪيو ويو.
اُن کي هڪ ڏينهن ان رسول جو مصلو بڻجڻو هو.
جنهن کي هن جي پيڙهيءَ مان ٿيندي ٿيندي نبين جي آخري مُهر بنجڻو هو.
اها ديوار هاڻ ڪعبي کان 14 ميٽرن جي فاصلي تي آهي،
اُتي يا اُن جي آسپاس نماز پڙهڻ جو حڪم آهي.
خانه ڪعبه مقام ابراهيم، زم زم کانپوءِ حج يا عمري جا ارڪان ڏسو، صفا ۽ مروه جي وچ ۾ هلڻ.
ڇو _ ؟
ڇاڪاڻ ته سيده هاجران اُتي هلي هئي،
ٻنهي ٽڪرين جي وچ ۾ ڊوڙندڙ سڳوري ممتا کي جڏهن پنهنجو ٻچڙو نظر نه ايندو هو ته ڊوڙڻ لڳندي هئي، هاڻي به اهو ئي حڪم آهي، ته انهن هنڌن تي رفتار وڌائي ڇڏيو. صفا ۽ مروه جي ٽڪرين جي وچ ۾ سيده هاجران ست ڀيرا ڊوڙي هئي، ست ڀيرا هر زيارتي ڊوڙي. ڳالهه ته سڄي وحدانيت جي آهي، ڪير به ڪونهي جيڪو الله جي بادشاهي ۾ شامل هجي، هائو تخت شاهيءَ جي آسپاس جيڪي به خاص واقعا ٿيا، اُنهن کي محفوظ ڪيو ويو ۽ ماڻهن کي بار بار ايئن ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. اهو نه چيو ويو ته ان شخصيت جو بُت ٺاهي، ان جي ڳچيءَ ۾ هار وجهو. هن جي نالي جا نعرا هڻو، هُل بکيڙو ڪريو، نه
چيو ويو، هيئن منهنجي پياري هستيءَ عمل ڪيو، اوهين به ايئن ڪريو، ڪعبي شريف کان 130 ميٽرن جي فاصلي تي صفا جي ٽڪري آهي، جتان کان محبت نباهڻ جي ڪوشش شروع ڪرڻي پوي ٿي. ڪوشش کي ئي ’سعي‘ چئجي ٿو، ٻنهي ٽڪرين جي وچ ۾ پهرين جيڪا چهنبدار پٿريلي جاءِ هوندي هئي، ان کي سعي چئبو هو، هاڻ به چئجي ٿو، هاڻ اُهو آرام وارو محلاتي رستو آهي. فاصلو هيئنر به اوترو ئي آهي، صفا ۽ مروه جي وچ ۾ لڳ ڀڳ چار سئو وال (344.5 ميٽر) جو فاصلو آهي، ست ڀيرا اهو رستو هلڻون پوندو آهي، ست ئي چڪر ماپجن ته ٽن ڪلو ميٽرن جيترو پنڌ ٿئي ٿو.
پوڻن ٻن ميلن جي لڳ ڀڳ
صفا ۽ مروه اُن ئي گهراڻي جون نشانيون آهن. مروه تي سيده هاجران کي وڻندڙ پاڪ مٺي پاڻي جي خوشخبري ملي، ۽ صفا تي ايندڙ زماني ۾ سچار امانتدار آخري رسول ﷺ کان مٺو پاڻي ۽ سهڻو پيغام ’اسلام‘ ملڻون هو.
مليو
ڳالهه اُن ئي گهراڻي ۾ رهي.
پنهنجي گهر جي هڪ هڪ سر اُن ئي گهراڻي کان لڳرائي ۽ پوءِ چئني ڏسائن پنهنجي حرم جون جڏهن حدون مقرر ڪرايون ته ٻيهر اُن ئي گهراڻي جي ڳالهين کي سڄي انسانيت جي رستن جو نشان بنائي ڇڏيو.
منيٰ جي قرباني ۽ شيطان جي ورغلائڻ تي پٿر،
عرفات جو مقام
حرم جي هڪ طرف کان حد طئي ٿي ويئي،
اوڀرندي حد،
اڄ جي ماپَ موجب ڪعبي کان ٻاويهه ڪلو ميٽر پري ، حجر اسود جي بلڪل سڌائي ۾ آهي،
باقي طرفن کان به حدن جي مقرري ٿيڻي هئي.

ڪعبي جي حدن جي مقرري

ڪعبي جي حدن جي مقرري

خدا جو گهر اَڏجي ويو،
خدا جي حرم جي حدن جي اڃا مقرري ٿيڻي هئي،
خدا اِهي حدون به سيدنا جبرائيل عليه السلام جي وسيلي طئي ڪرايون.
جبرائيل امين، سيدنا ابراهيم کي ڪعبي جي چوڌاريءَ وٺي ڦريو يا ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ تي بيهي چئني ڏسائن جايون ڏيکاري، نشاندهي ڪرائي هوندي،
بهرحال نشاندهي ٿي وئي،
شايد اُن گهڙيءَ ڪنهن کي به اندازو نه ٿيو ،
اوڀرندي حد تي منيٰ ۽ عرفات کان ٿيندي خانوادي ابراهيم جي ڪهاڻي ته بنجي ويئي،
باقي حدن جي ڪهڙي ڪهاڻي آهي.
هو ته تمام وڏو ڪهاڻيڪار آهي.
اهڙو ڪوبه ڪم نٿو ڪري، جنهن ۾ ڪهاڻي نه هُجي، ڪو راز نه هجي، ڪا بشارت نه هجي، خبر نه هجي.
اوڀر جي مخالف ۾ اولهايون حدون ڏسو.
الحديبيه
جبرائيل امين عليه السلام جڏهن سيدنا ابراهيم عليه السلام کي اولهائين حدن جو اهو کوهه ڏيکاري رهيو هو. يا ان کوهه جي جاءِ جو نالو ’الحديبيه‘ ٿيڻون هو، اُتي سائو باغ هو، حرم کان ان جو فاصلو به ايترو ئي آهي، جيترو اوڀرندي عرفات جي حد جو. يعني ٻاويهه ڪلوميٽر، پهرين اوڀرندي حد ڏيکاري، پوءِ اولهائين، ان وقت ته اتي ڪجهه به نه هو. پر ٻه هزار سال پوءِ اُتي آخري رسول ﷺ جي هٿ تي سندس چوڏهن سئو وفادارن کي جيئڻ مرڻ جو قسم کڻڻون هو، جڏهن اهو وقت آيو، حلف کنيو ويو، زمين ۽ آسمان جو خلقڻهار خوش ٿيو ۽ پنهنجو هٿ به انهن هٿن جي مٿان رکي ڇڏيائين.
اولهائين حد ڪٿي طئي ٿي هئي، خبر پئي ؟
حديبيه وٽ،
جاءِ پهرين ئي طئي ڪئي ويئي، واقعو پوءِ ٿيو، واقعو به صلح ۽ آتشي جي عهد جو، حرم جي ڏاکڻي حد جي مقرري ڏسي وٺجي.
ڪعبي شريف جي ڏکڻ ۾ رُڪن يمانيءَ جي سامھون سورنهن ڪلوميٽرن جي دوريءَ تي هڪ ڍنڍ نما خوبصورت هنڌ آهي. اضافه لبن- ڀرسان ئي کير جهڙي اڇي رنگ جو جبل،
پوءِ قبيله خزاعه اُتي آباد ٿيو.
اُن قبيلي سيدنا اسماعيل جي ساهراڻي قبيلي ’بنو جرهم‘ کي حرم مان به تڙائي ڇڏيو. ڊگهي عرصي تائين حرم جي پاسداري ڪيائون . پوءِ ان گهراڻي ۾ سندن واپاريءَ جي ڌيءَ جي شادي اسماعيل جي اولاد جي هڪ سپوت قصي سان ٿي، ڪعبي جي سار سنڀال جون ذميواريون خزاعه مان نڪري ٻيهر آل اسماعيل وٽ اچي ويون. بني خزاعه حرم جي گهٽين مان نڪري حرم جي حدن تي رسيو. ٻه هزار سال گذري ويا، آخري نبي سڳوري ﷺ جو زمانو اچي ويو، بني خزاعه رسول عربي ﷺ جو ساٿاري بنجي ويو. جڏهن مَٿن، سندن دشمن قبيلي بنوبڪر، قريش جي مدد سان حملو ڪيو ته هڪ عجيب واقعو ٿيو.
صلح حديبيه رد ٿي ويئي.
صلح جو معاهدو ٽٽي پيو ۽ اها ئي ڳالهه مڪي جي فتح جو سبب بڻي.
هاڻ سمجهه ۾ اچي پئي ته
حدون اتفاق سان طئي نه ٿيون هيون،
اُنهن حرمن جي حدن اندر، حرم جو سڄو داستان لڪل آهي، گذريل به، گذرندڙ به.
اُترينءَ حد ۾ به ڪيتريون ئي ڪهاڻيون آهن،
اُتر اولهه ۾ حرم ڪعبه جي حد التنعيم آهي.
ڪعبي کان ساڍا ست ڪلوميٽر پري، جتي هينئر مسجد عائشه آهي، اها نظر ته اچي ٿي، پر اُن سان گڏ احاطي ۾ ڪٿي اهڙو هنڌ آهي، جيڪو نه ڪڏهن خدا وساري سگهي ٿو ۽ نه خدا جو آخري رسول ﷺ . اهو حضرت خبيبرضه ۽ سيدنا زيد بن وثنهرضه جي شهادت جي جاءِ آهي. تفصيل اڳتي ايندو. هو لکيل پڙهيل عاشق رسولﷺ هئا، پر غريب مسلمان هئا. ڪجهه ڪافر کين دوکي سان جهلي آيا. مڪي ۾ وڪڻي ڇڏيائون. خريد ڪندڙ بدر جي جنگ ۾ سندن هٿان مرندڙ پنهنجي پيءَ ۽ چاچي جو بدلو وٺڻ جي لاءِ کين ڦاسيءَ تي لٽڪائي ڇڏيو، هڪ کي تلوار جو ڌڪ هڻي ماريائون ۽ ٻي کي ڦاسي ڏنائون. ڦاسي جي ڦندي ڇڪڻ کان اڳ ان دور جي مُشرڪن جو سردار ابو سفيان هٿ جو اشارو ڪري اڳيان وڌيو ۽ خبيبرضه ۽ زيد بن وثنه رضه کان پُڇڻ لڳو.
”اوهان کي اهو خيال نٿو ستائي ته اوهين ڳچيءَ ۾ رسو وجهي ڦاسيءَ اچڻ جي اوسيئڙي ۾ لڙڪڻ جي بدران مديني ۾هُجو ها، ۽ جتي اوهانجو رسولﷺ آهي ۽ اوهان جي بدران اهو رسو هُن جي ڳچيءَ ۾ هجي ها.“
خبيب رضه ۽ زيد رضه خدا ڄاڻي ابو سفيان جي پوري ڳالهه ٻڌي يا نه هڪ جي ڳچي ڦاسي جي رسي ۾ ڦاٿل هئي، ٻي جي ڪنڌ کان تلوار فوٽ سوا پري هئي، جسم ڪک جيان پيرن جي هيٺان پيل پٿرن تي لٽڪي رهيا هئا، ابو سفيان جي ڳالهه سُڻي هنن جي اکين ۾ رت مِڙي آيو ۽ اکيون ڳاڙهيون ٿي وَين. لڳو ايئن ٿي ته هنن غور سان ڏٺو ته سندن اکيون ٻاهر نڪري اينديون، رت جو ڦوهارو نڪرندو. هنن مَرندي به اکين ۾ ڪائنات جي سڄي زندگيءَ جي حسناڪي ڀري. ابو سفيان کي ڏٺو ۽ ڳاڙهين اکين سان لڙڪن جي سڏڪن سان چيائون؛
”ابو سفيان منهنجي ڳچي ۾ هڪ ڀيرو نه پر هزار ڀيرا اها ڦاسيءَ جي رسي پوي، پر آءٌ هڪ ڀيرو به اهو تصور نٿو ڪري سگهان ته منهنجي آقا ﷺ جي پير ۾ هڪ ڪنڊو به چُڀي، بي عقل تون ڪهڙيون ڳالهيون پيو ڪرين.“
ابو سفيان پنهنجي ٻاهر نڪتل پيٽ تي ٻئي هٿ ڦيريندي چيو: ”هيئن محبت ڪندي مون ڪنهن کي به نه ڏٺو آهي. جيئن محمد ﷺ جا وفادار ساڻس ڪن ٿا.“ اهو هنڌ ته خانه ڪعبه کان ساڍا ست ميل اُتر اولهه ۾ مسجد تنعيم سان لڳ آهي . محبت ۾ سڙندڙ ٻن پروانن جي ڪهاڻيءَ جي جاءِ آهي.
اها حرم جي حد آقا ﷺ جي پروانن جي محبت هئي،
هڪ ٻي حد به ٻڌايانوَ ٿو.
تنعيم جي مٿان اُترينءَ پاسي ڪعبي شريف کان تيرنهن ڪلوميٽر پري
نخله ماٿري.
مڪي کان طائف جو رستو
هتي ڪيتريون ئي اهم ڳالهيون ٿيون، چوڻ تي ته اُت ئي ’جعرانه‘ جي اها جاءِ آهي. جتي بدر کان ڪجهه اڳ، عبدالله بن حجش، عمرو بن حضرميءَ جو پيڇو ڪندي سندس خون ڪيو هو. جيڪو اسلام ۾ ڪنهن مسلمان جي هٿان غير مسلمان جو پهريون خون هو. جنهن تي آخري رسول ﷺ ناراض ٿيا ۽ الله جي اڳيان عرض ڪيو؛ ’اي الله ان خون سان منهنجو ڪوبه واسطو ڪونهي.‘ پاڻ ﷺان ڪافر جي خون جي بَها ڏيڻ جي لاءِ مسلمان ۽ يهودي سڀني شهرين سان رابطا به ڪيا. الله پنهنجو ڪلام لاٿو: پريشان نه ٿي، اها سُٺي ڳالهه ڪونهي، پر جيڪي ماڻهن کي گهر مان تڙين ٿا ۽ مارين ٿا، اها هن کان به خراب حرڪت آهي.
جعرانه ئي اهو هنڌ آهي، جيڪو بدر جو سبب بڻيو ۽ حرم کان ٻاويهه ڪلو ميٽر پري اها حد مقرر ڪئي ويئي.
ڳالهه نخله جي ٿي رهي هئي. جيڪا ڪعبي کان تيرنهن ڪلوميٽر اُتر ۾ آهي. جڏهن ڪعبي جي فتح کانپوءِ آخري رسول ﷺ خالد بن وليد کي سوارن جو هڪ جٿو ڏيئي چيو، ’وڃ ماٿري جي مندر ۾ رکيل عزيٰ جي مورتي کي ڀڃي ڀور ڪري اچ‘. جنهن کي عقل جا انڌا مُشرڪ الله جي ڌيءُ چوندا هئا.
خالد بن وليد ويو ۽ مندر ڀڃي ڀور ڪري آيو.
ٻنهي جهانن جي سردار پُڇيس عزيٰ کي ٽوڙيئي.
خالد بن وليد وراڻيو؛ جي، سردار هر شئي ڀڃي ڀور ڪري ڇڏي اٿم.
ٻنهي جهانن جي، سردار ﷺ ناڪار ۾ ڪنڌ ورايو، فرمائڻ لڳا، وري وڃ! خالد وري ويو ۽ هن ڀيري اهڙي ته ڀڃ ڊاهه ڪيائين جو عزيٰ جي مورتي ذريو ذريون ٿي ويئي. پوءِ اُن مورتي جي اندر هڪ ڌماڪو ٿيو ۽ ڪاري دُنهه جي گولڙن ۾ هڪ ڪاري بُڇڙي منهن واري ڏائنڻ پنهنجا وار کولي رڙيون ڪندي ڀڳي ۽ خالد بن وليد جي ڌڪ سان ڪَٽجي ڪري ۽ پوري ٿي ويئي، واپس موٽي خالد سڄو واقعو ٻنهي جهانن جي سردار ﷺ کي ٻڌايو ته پاڻ سڳورا مُرڪيا ۽ چيائون اُها جيڪا ختم ٿي ويئي.
اهي سڀ واقعا ته ٿيا، پر ”نخله“ جي ڪعبي جي حرم ٿيڻ جو سبب اهو محسوس ٿئي ٿو ته نخله ماٿري اهو هنڌ آهي، جتي لهوءَ ۾ لت پَت پير کڻي سرڪار دو عالم ﷺ طائف کان موٽيا، پنهنجي آزاد ڪيل غلام سيدنا زيد سان ان ٿڌي پهاڙيءَ شهر ويا هئا. اسي ڪلوميٽرن جو فاصلو پنڌ هلي. مڪي ۾ قبيلي جي سر پرستي ڏيندڙ چاچي سيدنا ابو طالب ۽ غمگسار گهر واري خديجهرضه چالاڻو ڪري ويا هئا. سوچيائين: طائف خوشحال مڪي وارن جي باغن جو شهر آهي، مٽ مائٽ آهن شايد ڪنهن جي مَن ۾ خدا جي ڪلام جو اثر ٿئي ، هو ايمان آڻي. پنڌ پير پير ۾ ڏيئي پهاڙ تي چڙهي ويا.
اُتي عقل جي انڌن جِاهلن پٿر هنيا.
رتو رت ڪري ڇڏيائون
پهاڙ تان لهي نخله ماٿريءَ ۾ پهتا. پيرن تي رت ڄميل هُئن، مٿي تي اُڇليل مٽي ڄميل هئي، چيلهه تي هَنيل پٿرن جا نشان هئا، پويان هُوليرو ڪري ايندڙ ٻارن جو ڊنبلو هو، ڊنبلي سان گڏ اُن بستيءَ جي ماڻهن جون نفرت سان ڀريل چٿر واريون اکيون هيون،
نخله ماٿريءَ ۾ پهچي ويا.
ته آسمان مان جبرائيلعه امين پهاڙن جي ملائڪ کي وٺي حاضر ٿيو، چيائين آقا ﷺ هي جبلن کي سنڀاليندڙ ملائڪ آهي ۽ هاڻ اوهان جي ڪمان ۾ آهي. جيڪو چوندؤ، سو ڪندو. جبلن جي ڪمانڊر ملائڪ وڌي اچي سلام ڪيو ۽ چيو جبلن تي توهان سڳورن جي شان ۾ جيڪي گستاخيون ٿيون آهن، اهي سڀ الله سائين ڏٺيون، تنهن ڪري مونکي موڪليو اٿس. اوهين جيڪڏهن گهرو ته هينئر انهن جبلن کي ڀڃي انهن ماڻهن جي مٿان ڪيرايان، جن اوهان کي هي زخم ڏنا آهن.
ٻنهي جهانن جي سردار ﷺ زخم زخم، سڄو بُت زخمي هئس، پر هڪدم هٿ مٿي ڪري جبلن جي ڪمانڊر ملائڪ کي چيائين:
نه نه ..... ڪجهه نه ڪر
هي نه ته هنن جو اولاد ايمان جي دولت سان مالامال ٿيندو.
تون ڪجهه نه ڪر..
ڀَلي وڃ.
اها حد رحمت اللعالمين جي حد آهي،
اها سيدنا ابراهيم تي ٿي هئي،
ثابت اُن کي ٻه هزار سال پوءِ سيدنا ابراهيم جي گُهريل دعا جي ساڀيان ڪيو.
منهنجي آقا ﷺ ڪيو.

ڪعبي جا متولي

ڪعبي جا متولي

سيدنا اسماعيلعه جا ساهرا ’بڪه ماٿريءَ‘ ۾ ان ڪري ٽڪيا هئا ته ان ويران، بنجر ۽ چهنبدار پٿرن جي پهاڙيءَ جي وچو وچ کين واٽ ويندي مِٺي پاڻيءَ جو چشمو آب زم زم نظر اچي ويو هو. سيدنا اسماعيلعه جي امڙ سائنڻ هاجران به لنگهندڙ قافلي کي ان پاڻيءَ کان فيضياب ٿيڻ جي موڪل ڏيئي ڇڏي.
هو ترسي پيا.
هنن پنهنجون جهوپڙيون اڏيون. يمن جا اُهي ماڻهو ’جرهم‘ قبيلي سان واسطو رکندا هئا، ان ماٿريءَ ۾ سائنڻ هاجران دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو، اُن وقت سندس پٽڙو سيدنا اسماعيل ٽيويهن سالن جو هو، ڏھ سال ٻيا به گذري ويا ته سيدنا ابراهيم وري آيو. خدا پنهنجو گهر ٻنهي پيءُ پٽن کان ٺهرايو.
هنن ماڻهن کي خدا جي هن سڳوري هنڌ ڏانهن سڏيو، چيو: اچو هن جو حج ڪريو، طواف ڪريو، عمرو ڪريو.
هو پاڻ به پنهنجي اولاد سان گڏ ايندڙن جي مهمان نوازي ڪندو ۽ خدا جي گهر کي صاف ۽ سٿرو رکندو هو.
پري پري کان ايندڙ نٻل ۽ ٿڪل اُٺڻين تي اُن گهر جي عبادت لاءِ ايندڙن کي کارائڻ، پيارڻ، سندن مهمان نوازي ڪرڻ سيدنا اسماعيل جي ئي ذميداري هئي، ڀرسان ئي ماٿريءَ ۾ رهندڙ ’بنو جرهم‘ قبيلي جي سردار مضامن بن عمرو جرهميءَ جي نيڪ صورت ۽ سيرت نياڻي ’رعله‘ سان سيدنا اسماعيلعه ٻي شادي ڪئي هئي، ان گهر واريءَ مان کيس ٻارنهن پٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو، اهو جيڪو ڪالهه بي سرو سامان نٻل ۽ کُڙيون رڳڙيندي ٿڃ پياڪ ٻار جي صورت ۾ بڪه ماٿريءَ ۾ آندو ويو هو، هاڻ هڪ سگهاري قبيلي جو سربراهه هو، وڏو پٽ ’نابت‘ هئس، ٻيو ’قيدار‘ ڪي وري کيس قيدر به سڏيندا آهن.
قيدار بن اسماعيل مان آقا ﷺ جي نسب جو سلسلو هليو.
ٽيون پٽ ’اذيل‘ چوٿون ’منشا‘ پنجون ’سمع‘، ڇهون ’هاشمي‘، ستون ’ونا‘، اٺون ’اذر‘، نائون ’ظيما‘، ڏهون ’نطورا‘، يارهون ’نيش‘ ۽ ٻارهون ’قيذما‘.
نياڻي هڪ ئي هئي ’نسمه‘. اهو شايد سيدنا ابراهيم جو حڪم هو يا ٻنهي ڀائرن اسماعيل ۽ اسحاق جي خواهش ته سيدنا اسماعيل جي اُن نياڻيءَ کي پرڻائڻ جي لاءِ سيدنا اسحاق فلسطين مان پنهنجي پٽ مئصو کي هن ماٿريءَ ۾ وٺي آيو. نسمه ۽ عيصو جي شادي ٿي ويئي، عيصو، نسمه کي وٺي پنهنجي گهراڻي وٽ فلسطين هليو ويو، اُن جوڙي جي اولاد مان فلسطين ۾ ’روم‘، ’فارس‘ ۽ ’اشبان‘ نالي ٻارڙا پيدا ٿيا.
ٻارڙا ته اسماعيل جي اولاد مان به گهڻا ٿيا، ٿورن ئي سالن ۾ بڪه ماٿريءَ ۾ سيدنا اسماعيل جو اولاد پکڙجي ويو، گهڻو ڪري انهن سڀني پٽن جون شاديون سيدنا اسماعيل وٽ ترسيل سندس ساهراڻي قبيلي بنو جرهم جي ڇوڪرين سان ئي ٿيون . بنو جرهم عربستان جي ڏاکڻي ۽ سرسبز خوشحال علائقي يمن مان ’سيل عرم‘ جي ڦٽڻ کانپوءِ عربستان ۾ هتِ هُت پيا هلندا وتندا هئا، بنو جرهم کي مڪو وڻي ويو، خدا جو گهر هِتي هو، پري پري کان ماڻهو هن گهر جي زيارت لاءِ اُٺن تي چڙهي ايندا هئا، ٻيو ته هِن هنڌان ڪيترائي رستا نڪرندا هئا، واپاري سفر جي به اها ئي راهه هئي، هوريان هوريان يمن مان آيل بنو جرهم جي آبادي اسماعيل جي اولاد کان وڌي ويئي، اسماعيل جي اولاد سان مِٽي مائٽيءَ جي ڪري هو به کين پنهنجو ئي قبيلو سمجهڻ لڳا. بني جرهم جا سڀئي ماما بنو اسماعيل کي ناٺي سمجهڻ لڳا. ٿورن ئي ڏينهن ۾ ڪعبي جي سار سنڀال به بنو جرهم سنڀالي ورتي هئي، هاڻ هو جنهن کي گهرندا هئا ڪعبي جي زيارت ڪرڻ ڏيندا هئا، ايندڙن تي محصول لڳائيندا ۽ اوڳاڙيندا هئا، سندن ڌنڌو وڌيو ته پئسي پنجڙ جي به ريل ڇيل ٿيڻ لڳي، اٺن ٻڪرين جا ڌڻ وڏا ٿي ويا. تنهن کان سواءِ ايندڙ ويندڙ واپاري مال تي به هو ڌار چُنگي اوڳاڙڻ لڳا.
اُنهن ماڻهن جي حيثيت بدلجي ويئي،
ڪنڌ تاڻجي وَين.
سينا موڪرا ٿي وَين
پيٽ ڳرا ٿي وَين.
اهڙي ڪيفيت ۾ شايد ئي ڪو سوچيندو آهي ته جيڪڏهن هيءَ نعمت ملي آهي ته ڪيئن ملي..
اُلٽو جنهن طرف کان اهو بندوبست ٿيندو آهي، اهو سڄو احساس اُن ڪري ٿيو آهي، انسان پنهنجي فطرتي احساس فراموشيءَ جي ڪري اُن مهربان کان پري هٽندو ويندو آهي، پهرين اسماعيل جي اولاد کان پري ٿيا ۽ هنن جي جوڙيل سڳوري گهر جا وڏيرا بنجي ويا. ڪعبو اُتي ضرور هو، پر اهو انهن ماڻهن جي لاءِ پئسا ڪمائڻ جو دڪان بنجي ويو، ڪعبي جي چوڌاري هنن پنهنجا گهر گهاٽ کڻي اڏيا. ڪعبي کان چاليهه وکون اڳيان زم زم جو کوهه هو. اُتي ان قبيلي جي هڪ مرد اساف بن ليليٰ جرهميءَ ۽ ماٿريءَ کان ٻاهران آيل ڪنهن عورت نائله بنت وائل، زم زم جي ڪناري پاڻي پيئندي بڇڙو ڪم ڪيو. چون ٿا ته ان گناهه جي ڏوهه ۾ نائله ۽ اساف ٻنهي جا جسم پٿر جا بنجي ويا. هئڻ ته ايئن گهرجي ها ته ماڻهو انهن پٿرن جي بُتن تي وڃي کَڙيون هڻن ها، رَمي ڪن ها. پر ڳالهه اُبتي ٿي. جرهمين انهن کي ٺاهي ۽ سينگاري مٿن ورکا ڪرڻ شروع ڪئي.
ڄڻ هنن ڪو وڏ ڪم ڪيو هجي.. ڪو ڪارنامو سرانجام ڏنو هُجين.
ڪنهن ميوات ٿي آندي، ڪنهن پنهنجو ڪو جانور آڻي انهن ٻنهي پٿرن جي وچ ۾ ڪُٺو ٿي، ٻاهران ايندڙ زيارتين جي لاءِ به اهو هڪ سٺو تماشو هو. هو به اهو ئي ڪرڻ لڳا. جيڪو اُتي ڪيو ويندو هو. اُلٽو انهن ٻنهي بدڪردار پٿرن جي وڌيڪ عزت افزائي جي لاءَ هنن نائله کي حرم جي اندرئين خانه خدا کان سئو کن والن جي مفاصلي تي صفا پهاڙيءَ تي وڃي رکيو. ته جيئن اهو پري کان نظر اچي. اساف کي کڻي هنن صفا کان چار سئو والن جي مفاصلي تي مروه جي چوٽيءَ تي سجايو ۽ انهن ٻنهي جي پُوڄا ٿيڻ لڳي، اهو سلسلو سالن تائين جاري رهيو.
بنو خزاعه وارا به ’سيل عرم‘ جي حادثي جي ڪري ئي يمن مان لڏي اچي هتي ويٺا هئا، مڪي جي ماٿري جي اندر ته ’بنو جرهم‘ ۽ اهل اسماعيلعه هئا. تنهن ڪري ’بنو خزاعه‘ مڪي جي پهاڙين جي ڀڪ ۾ مراظهران ۾ اچي ترسيا. پرڀرو ٿي ويهڻ سان مٿن خزاعه نالو پئجي ويو، نه ته هو به يمن جا بنو قضاعه وارا هئا.
انومان اهو آهي ته ’بنو جرهم‘ کي زيارتين کان محصول اوڳاڙيندو ڏسي ’مراظهران‘ وٽان ايندڙ زيارتين کان ’بنو خراعه‘ وارن به محصول اوڳاڙڻ شروع ڪري ڏنو. هڪ ته زيارتين تي وڌيڪ وزن پيو ۽ ٻيو بنو جرهم وارا به اچي ڪاوڙيا.
ته اوهين ڪير آهيو.
ڀڄو
جند ڇڏيو
زباني ڪلامي کانپوءِ هٿين پئجي ويا.
پوءِ باقاعده جنگ شروع ٿي ويئي،
بنو جرهم وارا تعداد ۾ ٿورا هئا، ۽ بنو خزاعه وارا گهڻا هئا. باقي بچيو اسماعيل جو اولاد ته هو ماٺ ۾ رهيا. ٻيو هيئن ته بنو خزاعه مڪي کان ٻاهر رهڻ جي ڪري اندر رهندڙ بنو جرهم وارن کي گهيرو ڪري ويٺا رهيا، ڪيترن ئي ڏينهن تائين اها جنگ هلندي رهي. نيٺ ’بنو جرهم ‘وارن کي پڪ ٿي ويئي ته کين گهيري ۾ ورتو ويو آهي، جان بچائڻي آهي ته نڪرڻو پوندو، نه ته سڀ مارجي وينداسين.
ويندي ويندي هنن بدنيتيءَ واري شرارت ڪئي.
کين شايد اهو خيال هو ته اهو وقتي معاملو آهي. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ هو وري ايندا. تنهن ڪري هو پنهنجو قيمتي سامان ڪٿي لڪائي وڃن. قيمت ته ان سڄي علائقي جي رڳو خدا جي گهر جي هئي، ڪعبي لاءِ نذر ۽ نياز ملندو هو. ان نذر ۽ نياز جي به ڪا حد هئي، ڪيتريون قيمتي تراڙيون، سون مان ٺهيل ٻه هرڻ ۽ ڪيترو سون ۽ چاندي جو سامان هو، ڪٿي رلندا ڀڄندا پاڻ سان کڻيو پيا گهمندا.
هنن سوچيو ته اهو سامان ڪنهن اهڙي هنڌ تي لڪائي ڇڏين جو ڪنهن کي خبر ئي نه پوي. ۽ پوءِ جڏهن موٽي ايندا ته اچي ڪڍندا. اهو سوچيندي الائجي ڇو کين نائله ۽ اساف بتن جي پراڻي هنڌ ۽ حصي کان چاليهن وکن جي فاصلي تي زم زم جو کوهه نظر آيو. هنن اهو به سوچيو ته ويندي ويندي بنو خزاعه کي اها به سزا ڏيڻ گهرجي ته ماٿريءَ جو مٺو پاڻي به بند ڪري ڇڏين. سڀئي قيمتي شيون هنن زم زم جي کوهه ۾ وڌيون ۽ مٿان پٿر ۽ مٽي وجهي کوهه کي لَٽي ڇڏيو. اهو ڪم پڪ سان هنن رات جي وڳڙي ۾ ڪيو هوندو. خاص ڪري اُن مهل جڏهن ٻنهي ڌرين ۾ ڪعبي جي آسپاس وارين بستين ۾ لڙائي ٿي رهي هوندي.
لڙائيءَ ۾ ٻنهي طرفن جا ساڳئي نالي وارا سردار وڙهي رهيا هئا.
بنو جرهم واران سندن سردار عمرو بن حارث جرهمي هو.
ٻي پاسي عمرو بن عامر خزاعي هو.
ڪيترن ئي ڏينهن تائين لڙائي جاري رهي. وڏي رتو ڇاڻ ٿي.
نيٺ فيصلو ٿيو
بنو جرهم مڪي مان نڪري وڃن
لڙائي بند ٿي ويئي.
بنو جرهم هار مڃي ۽ هليا ويا.
بنو خزاعه کٽي ويا. هو مڪي جي ڀرسان ’مراظهران‘ مان لهي مڪي جي اندر آيا ۽ مڪي جا متولي بنجي ويا. کين پنهنجي سوڀَ تي ايترو ته هَٺ هو جو سالن تائين کين اهو خيال به نه آيوته خدا جي گهر کان چاليهن وکن جي مفاصلي تي جيڪو زم زم جو کوهه هو، اهو ڪيڏانهن ويو، هونئن به شهر کان ٻاهر رهڻ ڪري کين اندر جي تفصيلن جي خبر نه هئي، شهر ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ٻيا کوهه به کوٽجي چڪا هئا. زم زم جي هنن پرواهه نه ڪئي، هنن اُلٽو اهو ڪم ڪيو ته اُن هنڌ تان کنيل اساف ۽ نائله جي صفا ۽ مروه جي پهاڙين تي رکيل بدڪار بُت واپس کڻي اُن هنڌ آيا. هنن کين خوب تنجيو مکيو. چلڪايو ۽ چمڪايو. پوءِ انهن پٿرن تي نذر ۽ نياز ڏني ۽ وصول ڪئي،
هارايل بنو جرهم وارا پنهنجي اُٺن تي سوار ٿي ان ماٿري مان نڪري ويا، هو غمگين ۽ ڏکارا شعر پڙهندا پي ويا. جيڪو سندن سردار ’عمرو بن حارث‘ چوندو پي ويو:
ڪيترائي قبيلا چئي رهيا آهن
هن حال ۾ لُڙڪ لڳاتار وهي رهيا آهن.
اکيون خالي ۽ ويران بنجي ويون آهن
حجون کان صفا تائين ڪو به اهڙو شخص نه مليو
جنهن اچي ڏڍ ڏنو هجي
منهنجي دل ايئن ٻُڏي ويئي، جيئن پکيءَ جي ٻن پَرن جي وچ ۾
ڦڙ ڦڙائي ٿو اداسيءَ مان
ايئن ڪيئن ٿيو
اسين هن ماٿري جا رهاڪو هئاسين
ڀنڻن اسان کي جدا ڪري ڇڏيو
جلاوطن ڪري ڇڏيو
’نابت‘ کانپوءِ اسين متولي ٿيا هئاسين
اسين هن گهر جو طواف ڪندا هئاسون
خير ۽ برڪت اُتي پڌري هئي
هن گهر اسان کي معزز بڻايو هو، حڪمراني ملي هئي اسان کي،
اهي اسين ئي هئاسين، جن بهترين شخص نابت بن اسماعيل کي پنهنجي نياڻي نڪاح ۾ ڏني هئي
انهن جو اولاد اسان جا ٻچا آهن
جيڪڏهن زماني جي هوا اسان جي خلاف نه گهلي آهي ته اسان جو ڇا،
هيءَ دنيا آهي ، هت ايئن ٿيندو آيو آهي.
اسان کي ڪوبه خدا جي گهر کان پري نٿو ڪري سگهي
لڳي ٿو خدا کي هن گهر جي ڀرسان اسان جو رهڻ سٺو نه لڳو
اسان کان ڪا غلطي ٿي ويئي هوندي
شايد اسين سُمهي پياسين
اسين ڪهاڻي بنجي وياسين،
هونئن ته اسين رشڪ جوڳا هئاسين،
هن سڳوري شهر لاءِ اسان جون اکيون روئن پيون
لُڙڪ ڳڙهي رهيا آهن
اُتي الله جون نشانيون آهن، امن آهي
هن گهر جي ڪبوترن کي به ڪو ڪجهه نٿو چوي
پوءِ اسان جي وارن، ٻانهن مان جهلي اسان کي ڪڍيو ويو اُتان
ڪهڙا نه بدبخت آهيون اسين
اي ماڻهؤ !
خدا جي گهرڏ انهن ويندڙ پانڌيئڙو، تکيون وکون کڻو، سوارين جون مَهارون ڍريون ڪريو.
جلدي پهچو ان سڳوري هنڌ، جتي موت کان اڳ هر ڪو پهچڻ ٿو چاهي.
اسان ڏانهن نه ڏسو
اسين اهي اَڀاڳا آهيون، جن جو ڀاڳ ڦِٽي پيو آهي.
ڪڏهن اسين به اوهان وانگر هئاسين
پنهنجن گهرن ڏانهن ويندڙ
سڳوري گهر جي ڀر ۾ رهڻ وارا.
چيو وڃي ٿو ته بنو جرهم جا ڏک ڀريا چيل اهي شعر عربي زبان جا پهريان شعر آهن. جيڪي هُنن خدا جي گهر کان پري ويندي روئندي رڙندي چيا هئا، هنن جي ويندي ئي مڪي جي ماٿريءَ ۾ خزاعه قبيلي جو عمرو بن عامر، مڪي جو رئيس بنجي ويو. اُن قبيلي ساڍن چئن سؤ سالن تائين مڪي تي حڪمراني ڪئي، نيٺ جنهن جو حق هو، اُن کي پنهنجو حق مليو، پر ان عرصي جي دوران مڪي جي ماٿريءَ ۾ عجيب واقعا ظاهر ٿيا.
سوين سالن تائين خانه ڪعبه جي چوديواريءَ جي اندر بُت نه آيا، اڱڻ ۾ اساف ۽ نائله جا اڻ گهڙيل بُت پيا هئا، جرهمين ڪجهه عرصو کين صفا ۽ مروه تي رکيو، خزاعه وارا ٻيهر انهن بدڪارن جي نشانين کي گم ٿيل آب زم زم جي کوهه وٽ خدا جي گهر کان چاليهن وکن جي فاصلي تي کڻي آيا.
پوءِ هڪ بدبخت ماڻهو آيو
بنو خزاعه قبيلي جو سردار بنجي ويو
اهو عمرو بن لحي هو
ٿيو هيئن ته هو گهڻو امير ٿي ويو. ويهن هزار اُٺن جو مالڪ، هڪ هزار اٺن کانپوءِ هو هڪ اُٺ جي اک ڪڍي ڇڏيندو هو. ته جيئن سندس اُٺ بدنظر کان بچيل رهن، ايئن سندس ملڪيت ۾ ويهه ڪاڻا اٺ هلندا پيا وتندا هئا، حج وارن ڏينهن ۾ هو ڏهن هزارن اٺن جي قرباني ڪندو هو. ڏهه هزار ڪپڙن جا جوڙا حاجين کي پهرائيندو هو. گيهه ۽ کنڊ کين پياريندو هو. رياست، عظمت، موڙي، ۽ ذاتي ٻَل جي ڪري هو قوم جو سورمو هو، ڏورانهن هنڌن تي وڏا وڏا واپاري قافلا وٺي سفر ڪندو هو. اهڙو ئي هڪ بدنصيب سفر هو. جڏهن هو هڪ ڀيري مڪي مان شام جي علائقي ’بلقاءِ‘ ۾ وڃي ترسيو.
اهي بتن جا پوڄيندڙ هئا، هو انهن جي وستين ۽ واهڻن ۾ گهمندو ترسندو سندن ڪنهن مندر ۾ وڃي نڪتو. جتي رنگا رنگي ڪاٺ، پٿر ۽ ڌاتوءَ جا ٺهيل بُت رکيل هئا ۽ مقامي ماڻهو انهن جي اڳيان هٿ جوڙي پنهنجي من جي مُرادن جي پورائي لاءِ ليلائي رهيا هئا، ڪو اولاد لاءِ منٿون ڪري رهيو هو ته ڪو مال ۽ جواهرن لاءِ تڙپي رهيو هو، ڪو بت کان بارش وسڻ جي گهر ڪري رهيو هو. عمرو بن لحي سان گڏ سندن ميزبان ساٿي هئا. هو اهو سڀ ڪجهه ڏسي گهڻو حيران ٿيو ۽ پُڇڻ لڳو هي ته مٽي، پٿر ۽ ڪاٺ جا گهڙيل بت آهن. جن جي اڳيان ماڻهو ٻاڏائي رهيا آهن.
هنن چيو؛ اسان پنهنجا خدا ٺاهيا آهن
ڇا اوهين پنهنجا خدا پاڻ گهڙيندا آهيو؟
هائو ،
ڇو؟
هنن کان جيڪو گهريو ويندو آهي، هي اهو ڏيئي ڇڏيندا آهن .
مونکي به ڏيندا ؟
پنهنجا ڪجهه خدا
ڪجهه بُت .
هو لالچي، گهٽ عقل ۽ ڪوتاهه انديش هو. کيس اندازو ئي نه هو ته هي جنهن شئي کان گهري رهيا آهن. اهي انسانن کان به حقير ۽ گهٽ آهن. ڪيئن سندن دعائن کي قبوليت بخشيندا. الُٽو کين ڏسي، هُنن جيان ئي هٿ پکيڙي هنن جي بُتن اڳيان ويهي رهيو.

عربستان جا بُت خانا

عربستان جا بُت خانا

عمرو بن لحي جي شام مان موٽڻ جي مهل آئي ته هن مندر جي وڏي پوڄاريءَ کي چيو: سرڪار اسان وٽ به وڏو خدا جو گهر آهي، پر اندران خالي آهي، ٻه دروازا لڳل آهن، ڪيترائي ڀيرا اندر ويو آهيان. پر اندر ڪجهه ۽ ڪونهي، پوءِ به ٻاهر بيٺل هزارين ماڻهو اُن جي اڳيان جهڪي سجدو ڪندا. ۽ پنهنجي من جون مرادون گهرندا آهن.
تون اسان تي هڪ مهرباني ڪري سگهين ٿو
هُن چيو ؛
هائو چئو ؟
هي چوڻ لڳو، مونکي پنهنجي مندر جو هڪ وڏو بُت ڏي، جيڪو آءٌ پنهنجي ڪعبي ۾ رکندس .
هنن کيس هڪ بُڇڙو، ڳاڙهو عقيق جي پٿر جي انساني مُهانڊي تراشيل ٽڪرو ڏنو، جنهن جو کاٻو هٿ ٽٽل هو ۽ چيائين هي ’هبل‘ آهي هن کان مکجو، هن جا نعرا هڻجو.
جئه هبل
هبل هاڻ منهنجو خدا آهي،
هن خدا کي ائين کنيو. جيئن ڪو ٻارڙو هنج ۾ کڻبو آهي .
پوءِ هو پنهنجي خدا ”هبل“ کي اٺ تي ليٽائي شام مان مڪي کڻي آيو، ۽ خدا جي گهر جي سامهون پنهنجي سڄي قوم کي گڏ ڪري چوڻ لڳو
ڏسو
اوهان جي لاءِ اوهان جو خدا کڻي آيو آهيان
هي هبل آهي، هن جا نعرا هڻو
چئو ’جئه هبل‘
ماڻهو نعرا هڻڻ لڳا.
ٻارن وانگر کين هڪ رانديڪو ملي ويو .
ٻار اُن سان کيڏندا رهيا. وڏا وڏا هن جي سامهون مٿو ٽيڪڻ لڳا. هنن سڀني اهو کڻي ڪعبي جو دروازو کولي اندر رکي ڇڏيو. پاڻ خدا جي گهر جي چائنٺ تي مٿو ٽيڪي ويهي رهيا.
”هبل“ قريش جو سڀني کان وڏو بُت هو. هن جو ٽٽل کاٻو هٿ قريشن سون جو ٺهرائي هنيو. هبل اصل ۾ بعل جو بگڙيل نالو آهي، بعل شام وارن جو ديوتا هو. ان سان منسوب بعلبڪ شهر شام جو قديمي شهر آهي،. بعل جي لغوي معنيٰ قوت ۽ آقا لاءِ مجاز ڪئي ويندي آهي. قرآن ۾ بعل مڙس جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيو آهي.
”هبل“ خاص خانه ڪعبه ۾ لڳل هو .
کين هڪ پوجاري به ملي ويو. هو شايد ڪجهه عرصو شام ۾ بت خانن ۾ رهي بُتن جي نالي مان ماڻهن کي ڊيڄارڻ جي فن کان واقف هو. شهر مان ڪا آفت ايندي هئي ته هو ماڻهن جو هبل ڏانهن ڌيان ڇڪرائي ڊيڄاريندو هو. ڪٿي جهيڙو جهٽو ٿي پوندو هو ته چوندو هو. هيڏانهن اچو هبل فيصلو ڪندو. هبل جي بهاني هو خود ست تير هبل جي چرنن ۾ رکيا هئا، ڪن تي لکيل هو نعم (هائو) ڪن تي لا (نه) لکيل هو، جيئن ڪو سڪو کڻي ان جي اکر ڀوري ٽاس ڪبي آهي، تيئن هن تيرن جي وسيلي فيصلا ڪرڻ لڳو. ماڻهو انهن جي ڍارن کي مڃڻ لڳا.
خشڪ ساليءَ جا ڏينهن وڌيڪ ٿي ويندا هئا، هو وٺي هُل ڪندو هو ته هبل ناراض ٿي پيو آهي، ماڻهو اٺ، رڍون آڻي اساف ۽ نائله وٽ ڪهندا هئا، ان هڪ ئي سڏ تي اهي ماڻهو گهرن مان پيرن اگهاڙين ڊوڙندا ايندا هئا، هاڻ شادي مراديءَ جون رسمون به اهو ڀوپو (پوڄاري) ادا ڪرڻ لڳو.
ماڻهن کي شادي گهر جي لاءِ جڳهه ملي ويئي.
ڀوپي کي خدا جي گهر جي چائنٺ تي ويٺي ويٺي هڪ ڌنڌو ملي ويو.
موت تائين جون رسمون هاڻ ڀوپي جي سامهون ٿيڻ لڳيون، ڪنهن شخص کي ڌنڌي جي لاءِ مڪي کان ٻاهر وڃڻو هوندو هو ته مشوري جي لاءِ ڀوپي وٽ ايندو هو. ڀوپو هر فيصلو تيرن جو ڍارو وجهي انهن جي نشانن جي ذريعي ڪندو هو. ان جي فيصلي جي اڳيان مجال آهي جو ڪير ٻڙڪ به ٻولي. ديکا ديکي ٻين ملڪن جي سفر تي اُسهيل همراهه پنهنجي پسندن جا خَدا خريد ڪري آيا. ٿوري ئي عرصي ۾ خدا جو گهر بُتن سان ڀرجي ويو،.
انهن جو تعداد ٽي سئو سٺ ٿي ويو.
زمين تي گهمڻ ڦرڻ جا جيترا به رخ ٿي سگهيا ٿي، اهي ٽي سئو سٺ هوندا هئا،
هنن هر رخ جي لاءِ هڪ خدا رکي ڇڏيو هو . اُنهن خدائن جون شڪليون ڌار ڌار هيون، اڪثر آڏا ڦڏا ۽ بڇڙن مهانڊن وارا خدا هئا، ڪجهه اڻ تراشيل، ڪجهه بي ڍولي نموني اڻ گهڙيل ڪاٺ جا به ته پٿر جا به، ته هڏي جا به. هنن هر شئي آڻي خدا جي گهر ۾ رکي هئي. هنن جي ديکا ديکي مڪي جي آسپاس جي ڳوٺن وارا به ان سوچ ۾ پئجي ويا ته اسين ڇو پُٺتي رهون. جيئن ننڍي هوندي ٻارڙن کي رانديڪا گڏ ڪرڻ جو شوق هوندو آهي، تيئن انساني تمدن جي اُن ٻالڪپڻي جي ڏينهن ۾ سياڻي وهي جي همراهن به اهو شوق پالي ورتو. مٿان باسيل باسن جي آمدني. پوءِ ماڻهن جي اچ وڃ سبب مارڪيٽ جي ڏِک بنجي ويئي.
ڌنڌو وڌڻ ويجهڻ لڳو.
بتن جي لاءِ ته ڪنهن خاص شڪل شبيهه جي پابندي به نه هئي، بس هر بت جو خدا ڪو ڪهاڻيڪار هوندو هو. جيڪو پنهنجي خدا جي ڪا اهڙي ته عجيب ۽ غريب ڪهاڻي گهڙيندو هو، جو ماڻهوءَ جا ڀرون کڄي ويندا هئا، ڪنڌ ڌوئڻ لڳندا هئا. کيسن مان مال ڪڍي انهن بتن جي چرنن ۾ وجهندا هئا، ۽ پاڻ چهري تي ويچارپ سجائي انهن بتن جي چرنن ۾ ويهي رهندا هئا. سڀ بت انساني شڪل ۽ شبيهه جهڙا به نه هئا، ڪن جون شڪليون جانورن جهڙيون هيون، ڪي ته جانور به نه هئا، وڻن جا ٿڙ هئا. مڪي جي ڀرسان نخله جي ماڻهن به سوچيو ته اسان کي به بت خانو بنائڻون آهي. انهن وٽ پٿرن جي بدران ساوڪ جو قدر وڌيڪ هو. هنن ٻير جي ٽيهن ٻوڙن جي اهڙي ته وڍ ڪٽ ڪئي، جو ڪنهن ڪهاڻيڪار، ڪهاڻيءَ جي اُڻت ڪري ان کي خدا جي ڌيءُ بنائي ڇڏيو.
نالو رکيائونس؛ عزيٰ !
ٿورو اڳتي خوشحال پهاڙي وستي طائف وارا وري ڪيئن ٿي ديويءَ کانسواءِ رهي سگهيا. هنن هڪ چوڪنڊي قسم جي ٽڪري ڳولي، ان تي پوچو ڪيائون، مٿان هڪ گهرڙو جوڙي اعلان ڪري ڇڏيائون.
خدا جي وڏي ڌيءَ ”لات“ هتي اچي ٽِڪي آهي.
اچو، اوهين اچي هن سان ملو ۽ پنهنجي من جون مرادون ماڻيو، ماڻهن جي اوڏانهن ڊوڙ پئجي ويئي، اتي، ميڙو مچي ويو. لات جو هڪ مجاور ياترين کي سَتو پياريندو هو. مري ويو ته ان جو بت گهڙي ان جا پوڄا ڪرڻ لڳا، اتي ئي ’لات‘ جي ڀرسان، ان جو نالو هو ’الات‘. طائف جا بنو ثقيف وارا لات ۽ الات جي پوڄا ڪندا هئا، قريش لات ۽ عزا جا قسم ـ سُنهن کڻندا هئا.
مڪي کان ڳاڙهي سمنڊ طرف سمنڊ جي ساحل تي قديد جي هنڌ تي ”منات“ جي جاءِ بنجي ويئي.
خدا جي ٽي ڌيءُ ’منات‘ کي ميدان آندو ويو.
يثرب جا اوس ۽ خزرج کانسواءِ آسپاس جا ڪيترائي قبيلا ”منات“ کي منٿون ڪرڻ لڳا.
خانه ڪعبه جي هبل ۽ آسپاس جي ٽن ڌيئرن کان علاوه سڄي عربستان ۾ بتن جي گهڻس ٿي ويئي، هر گهراڻي، هر قبيلي سوچيو ته هو پنهنجو خاص بت جوڙي رکي، جيڪو ٻي ڪنهن جو به نه هجي، سفر ۾ هر شخص، پنهنجي کيسي ۾ ذاتي خدا رکي هلڻ لڳو. وڏا وڏا بت خانه وڌڻ ۽ ويجهڻ لڳا.
ينبوع جي ڀرسان ’بنو طوان‘ رهاط ۾ “سواع“ نالي بت کڙو ڪري ڇڏيو .
سواع جي شڪل عورت جي هئي. بنو هذيل بن الياس ان جا پرستار هئا.
دومة الجندل جي بنو ڪلب ”ود“ کي پنهنجو ديوتا مڃي، سجائي ورتو.
قريش به کيس پوڄيندا هئا، قريش جي مشهور بهادر عمرو بن عبد ود بت جي غلاميءَ جي سڃاڻپ هو، جيڪو خندق واري جنگ ۾ سيدنا عليرضه جي هٿان مارجي ويو.
مذح ۽ اهل جرش يمن ۾ ’يغوث‘ کي پنهنجو خدا بنائي رکيو هو. ”نسر“ حمير وارن جو ديوتا هو.
يمن جو ذي الڪلاع قبيلو ان جو پوڄاري هو.
’يعوق‘ يمن جي علائقي ’ارجب‘ جي هنڌ تي کتل هو.
ان جي شڪل گهوڙي جهڙي هئي.
بنو همدان جو اولاد ’بني خولان‘ ان کي پنهنجو معبود مڃيندا هئا.
”عم انس“ به خولات قبيلي جو بت هو.
هو ٻني ٻارو ۽ مال وجهي جا مليل صدقا الله ۽ ان بت جي وچ ۾ اهڙي نموني ورهائيندا هئا. جو الله جو حصو ان بت ڏانهن هليو ويندو هو ، اهو نه ڪڍندا هئا، پر جيڪو بت جو حصو الله طرف هليو ويندو هو، اهو ڪڍي وٺندا هئا. جنهن لاءِ هو اهو دليل ڏيندا هئا ته الله ته بي نياز آهي، پر اسان جو بت بي نياز ڪونهي.
”سعد“ نالي بت بني ملڪان بن ڪنانه جو هو، انهن جي وستيءَ ۾ ئي کڙو ڪيل هو، ان جي شڪل ڏاڍي ڀوائتي هئي.
ماڻهو اُتي پنهنجا جانور ڪُهي، رت ان بت جي مُنهن تي مَليندا هئا.
هڪ ماڻهو پنهنجن ڪجهه اٺن کي برڪت جي لاءِ ان بت وٽ وٺي ويو، هڪ اٺ، اوٺار کان وڌيڪ عقلمند هو، بُت جي ڊيڄاريندڙ ڀوائتي شڪل ڏسي ڇرڪي وٺي ڀڳو، اوٺار ان اُٺ جي پويان لڳو، ڪيترائي ڪوهه ڊوڙڻ کانپوءِ وڃي اٺ کي جهليائين، واپس موٽي هُن هڪ پٿر کڻي ٺڪا بت جي مٿي تي ڪرايو ۽ پَٽي گار ڏيندي چيائينس: تو ئي منهنجي اُٺ کي ڀڄايو آهي.
”الاقيصر“ به بت جو نالو هو، جيڪو شام جي سرحد وٽ آباد، قضاعه ، نجمه، جذام ۽ غلطان وارن مان نذرانا ڪڍندو هو، اهي ماڻهو تارن جي پوڄا ڪندا هئا.
ڪنانه وارا چنڊ کي پوڄيندا هئا،
” ذوالشريٰ“ ۽ ”خربيس“ ديوتائن جو جوڙو هو، اوس ۽ بني ازد، بني حرث ۽ بني طي جي جديله شاخ عسير جي علائقي ۾ انهن کي پوڄيندي هئي.
”ذوالخلصه“ کي به اوس، خثم ۽ بجيله جا قبيلا پنهنجو خدا مڃيندا هئا، اهو ”بتاله “ نالي هنڌ تي کتل هو. کيس پوڄڻ وارا سندس عزت خاطر ان کي ”ڪعبه يمانيه“ چوندا هئا ۽ بيت الله کي ”ڪعبه شاميه .“
”رام“ بني ميسر ۽ اهل يمن جو مندر هو.
”ذوالڪعبات“ کي قبيلو ”بنو تغلب“ ۽ دوائل ۽ اياء جي اولاد پوڄڻ جي لاءِ ”سناد“ نالي هنڌ تي سجائي رکيو هو.
”ذوالڪنعين“ قبيلي اوس جو ديوتا هو. سيدنا طفيل بن عمرو دوسِيءَ مسلمان ٿي ان ڪاٺ جي بت کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو.
بتن جي سڄي فوج هئي، جنهن سڄي عربستان کي ڀيلي ڇڏيو هو.
اڪثر هيئن ٿيندو هو ته ماڻهو هڪٻئي سان خدائن جي مٽا سٽا ڪندا هئا،
ڪنهن جو بت ڀڄي پوندو هو ته روئيندو پيو هو.
چوندو هو، ’هاءِ منهنجو خدا مري ويو‘ ،
مونکي ڪو ٻيو خدا آڻي ڏيو،
خوبصورت پٿرن جي گهرج وڌي ويئي.
اُنهن جون قيمتون به چڙهي ويون.

بُت خانن جا ڀوپا ۽ انهن جون رسمون

بُت خانن جا ڀوپا ۽ انهن جون رسمون

سنگتراش خدا تخليق ڪرڻ وارا بنجي ويا.
خدائن جي ان ڪاروبار سندن معيشت کي وڏي هٿي ڏني. ڪاروبار ڪهڙو به هجي، نفعو ته ملندو آهي. پر خدائن جي مٿان هر آسٿان تي هڪ هڪ ڀوپو ويهي رهي ته پوءِ اهي ڀوپا باقي ٻين ماڻهن کي يرغمال بنائي وٽن ٿا.
نيون نيون ڪهاڻيون گهڙي پکيڙي ڇڏيائون
مقصد هڪئي هو
ماڻهن جو مال
انهن جا ڍور ڍڳا،زر، عورتون ۽ زمين وڌ ۾ وڌ انهن ٽڪاڻن جي نالي نذراني طور ڏنيون وڃن. مذهبي اڳواڻ ڀوپي جي اُجاري داري قائم رهي.
ماڻهو ڏورانهن ملڪن کان ڪَهي ريشم، مصالح، سون چاندي کڻي ايندا هئا، ڀوپو مندر جي چائنٺن تي ويٺي ويٺي پنهنجن تيرن جا فال وجهي انهن مان وڏو حصو ڦٻائي وٺندو هو.
اڪثر ڀوپا مَچي مواڙ ٿي پيا هئا.
هوريان هوريان ان معاشري ۾ عجيب عجيب رسمن اچي پاڙون کوڙيون. جيئن ته اُن معاشري ۾ اٺ، اٺڻيون، رڍون ۽ ٻڪريون ئي وقت جو رائج سڪو هيون. ان ڪري انهن رسمن جو رخ انهن ڏانهن هو. عربستان جو پنهنجو ڪوبه سڪو نه هو، ويجهو ئي ٻه وڏيون سلطنتون هيون.
ايران جو ٽين جو درهم هِت به هلندو هو.
روم ۽ ايران جي سون جي دينار جو به هِت به وڏو قدر هو.
هڪ دينار ۾ لڳ ڀڳ پنجاهه هزار درهم ملي ويندا هئا.
پر سڄو مقامي ڪاروبار اُٺن،ٻڪرين، ۽ رڍن جي ڳڻپ تي هلندو هو.
ايئن بتن جو پيٽ پالڻ جي لاءِ ڀوپن ماڻهن جي واتن مان گرهه کسڻ شروع ڪري ڇڏيا. اٺ ۽ اٺڻيون رڳو کائڻ ۽ کير ڏهڻ جي لاءِ نه هيون.
اِهي ان سماج جي سڄي ٽرانسپورٽ هيون.
اها واحد سواري هئي، جيڪا ماڻهن کي عربستان جي ريگستان ۾ کڻي پئي ڦرندي هئي، ڀُوپن انهن اٺن ۽ اُٺڻين جا ٽي چار سڳورا نالا گهڙي ورتا هئا.
انهن جي گروهن ۾ اها عورت سمجهي ويندي هئي جنهن گهڻا ٻار ڄڻيا هوندا هئا. ٻارڙا ان جي عزت ڪندا ۽ سندس لاءِ مال ۽ متاع آڻيندا هئا، ديکا ديکي ٻيا ماڻهو به ان عورت ۽ سندس مڙس کي عزت وارو سمجهڻ لڳندا هئا. ان ماپي تي هنن اٺن ۽ اٺڻين جي لاءِ آبرو منديءَ جي تاويل تخليق ڪري ورتي.
ڏهه ڦر ڄڻيندڙ اُٺڻ عرب سماج ۾ مٿانهون مقام رکندي هئي،
ڀوپن فتويٰ جاري ڪري ڇڏي ته اها سڳوري اٺڻ آهي، هيءَ ڏهه ڦر ڄڻي چڪي آهي، هن کي مندر جي نالي ڀيٽا ڪري آزاد ڪري ڇڏيو ته جيئن ڀوپا ان جي کير مان مزو ماڻي سگهن، ڀوپا ٿورا ئي ڪو ان اٺڻ کي چارڻ وڃن ها. اهي ته سڄو ڏينهن مندر جي دڪان تي ويهندا هئا، تنهن ڪري هنن اهو قانون به گهڙيو ته اها سڳوري اُٺڻ جتي وڻيس، اُتي چري، کيس ڪوبه منع نٿو ڪري سگهي،
هنن اُهڙي اٺڻ جو خاص نالو به رکي ڇڏيو.
”بـحيره.“
بحيره جي نسبت ۾ گهٽ در جي جون اٺڻيون به هونديون هيون.
اِهي اُهي اٺڻيون هونديون هيون، جن ڏهن ڦرن ڄڻڻ جو انگ پورو نه ڪيو هوندو هو. ننڍي عمر جون هونديون هيون. پر انهن جي ڌڻين ڪنهن ڀيٽا ۾ ڪنهن پسند جي خدا لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هوندو هو. مٿن ڪوبه بار ٻوجهه نه رکيو ويندو هو. سندن مرضي هوندي هئي ته جتي وڻين اُتي پيون چرن ۽ کين ڪوبه منع نه ڪندو هو. انهن کي ”سائبه“ چيو ويندو هو.
جيڪڏهن ڪو اٺ اهڙا شرط پورا ڪري وٺندو هو ته اهو ”سائب“ سڏبو هو. اهو اٺ جنهن جو ٻار جفتي لڳ جي لائق ٿي ويندو هو ته اهو به ڀوپن جي نظر ۾ اچي ويندو هو،. هو چوندا هئا، بس هاڻ گهڻو ٿيو، هاڻ هن جي پٺيءَ مان ڏهه نر ٿي چڪا آهن، کيس آزاد ڪري ڇڏيو. جيڏانهن وڻيس چري، کائي پيئي ۽ لڳ ڪري. اهو ”حام“ ٿي ويو آهي.
اُن جو سڳورو نالو ”حام“ رکيو ويو.
رڍن کي به اُٺن جيان سڳوري بنجڻ جي عمل کان پٺتي نه رکيو ويو. جيڪا رڍ ست ڀيرا ٻه ماديون رڍون ڄڻي ۽ اٺين ڀيري نر ٻچو ڄڻي ته اها سڳوري بنجي ويئي، ان جو ڌار نالو رکيو ويو.
”وحيله.“
کيس به ڇڏيو ويندو هو ته جتي وڻيس ، چرندي وتي.
پيئندي وتي.
اُن جو کير رڳو مرد پي سگهيا ٿي.
ڀُوپن جي ان حڪومت اٺن ۽ رڍن وانگر فصلن ۽ ٻنين تي به، مندر جي خدائن جي اُجاري داري قائم ڪئي، چوڻ تي ته هو زمينن ۾ هڪ حصو الله جو به رکندا هئا. ڇو ته الله جي گهر جي متولي هئڻ جي ناتي کين الله جي نالي کان شرم ايندو هو. الله جو فقط هڪ حصو رکندا هئا، جڏهن ته پنهنجن هٿ ٺوڪيل خدائن جا هڪ کان به وڌيڪ حصا، نه رڳو اهو پر جڏهن به وڻندو هو هئن ته الله جي نالي جو حصو ڪٽي بتن جي نالي ڪري ڇڏيندا هئا. پر کين ڪڏهن به بتن جو حصو ڪٽي الله جي نالي خرچڻ جي توفيق نه ٿي، هوريان هوريان مندرن جي آسپاس ڪيتريون ئي چراگاهون اهڙيون بنجي ويون، جتي عام ماڻهن جا اٺ، اٺڻيون، يا رڍون چاري نه سگهبيون هيون، اهي فقط مندرن جي نالي ڇڏيل جانورن جي چرڻ جون جايون هونديون هيون.
انهن بت خانن ۾ عجيب ۽ غريب رسمون ادا ٿينديون هيون.
ڪٿي لڳاتار باهه پئي ٻرندي هئي، ان جي پوڄا پئي ٿيندي هئي. ڪن ڀوپن اهو مشهور ڪري ڇڏيو هو ته سندن قبضي ۾ جنات آهي. هو انهن کان صلاحون وٺي ايندڙ وقت جي باري ۾ ٻڌائي سگهن ٿا.
سج، چنڊ، تارن ۽ انوکي شڪل جي وڻن جي پوڄا ته عام هئي.
بنو اسماعيل جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته هو گهڻو ڪري اهڙن مندرن سان لاڳاپيل نه ها. کين پنهنجي وڏڙن پاران اڏيل الله جي گهر سان پيار هو ، پر جيئن ته کين به واپار وڙي جي مطلب سان هڪ ملڪ کان ٻي ملڪ ۾ وڃڻون پوندو هو ته مڪي مان روانو ٿيڻ مهل بنو اسماعيل وارا عقيدت طور خدا جي گهر جي ڀت جو ڀڳل ٽٽل پٿر قميص جي کيسي ۾ وجهي روانا ٿيندا هئا، سفر ۾ جتي به ترسندا هئا، اتي اهو پٿر کيسي مان ڪڍي پٽ تي رکي ان جو طواف شروع ڪري ڇڏيندا هئا. هوريان هوريان اهو فرق به ختم ٿي ويو، جتي به کين ڪو سٺو پٿر نظر ايندو هو ته ان جو طواف شروع ڪري ڇڏيندا هئا، ان حد تائين جو چيو وڃي ٿو ته ڪو سٺو پٿر نظر نه ايندو هون ته مٽيءَ جو ڍڳ ناهي ان تي ٻڪري جي کير جو پوچو ڪري، ان جو رنگ روپ ڪڍندا هئا ۽ پنهنجي مذهبي فرضن جي ادائگي ڪرڻ لڳندا هئا. هوريان هوريان دين ابراهيم ٿورن ماڻهن کان سواءِ، باقي ٻين ماڻهن جي زندگين مان نڪري ويو،. چون ٿا ته حج ۽ عمري جي لاءِ ايندڙ ماڻهو به ان ئي ذوق ۽ شوق سان ايندا هئا. الله جي گهر جو طواف به ٿيندو هو. احرام به ٻڌو ويندو هو. منيٰ، مزدلفه ۽ عرفات ۾ وقوف به ٿيندو هو، پر تلبيه ۾ ڏنڊي هنئي ويندي هئي، پهرين چيو ويندو هو
لبيڪ اللهم لبيڪ لا شريڪ لڪ لبيڪ
]حاضر آهيان اي الله حاضر آهيان. تنهنجو ڪو شريڪ نه آهي.[
هاڻ چوڻ لڳا؛
لبيڪ الٰهم لبيڪ لاشريڪ لڪ، لبيڪ ! لا شريڪ هو لڪ ملڪه و ماملڪ.
”حاضر آهيان اي الله حاضر آهيان، تنهنجو ڪو شريڪ ڪونهي، سواءِ ان جي جنهن جو تون مالڪ آهين ۽ ان جي ملڪ جو به.“
بس ان ننڍڙي ”الا“ سوائي چئي حاضريءَ جي سڄي پوترتا کي پليت ڪري ڇڏيائون، اهي هڙئي بُڇڙايون بنو خزاعه جي ان ئي سردار عمرو بن لحي جي دور ۾ پيدا ٿيون ۽ وقت گذرڻ سان گڏ انهن ۾ ٻيون به خرابيون شامل ٿينديون ويون.
چئبو ته سڄي عربستان ۾ بتن جي گهڻس هئي، هنڌ هنڌ تي مندر کڙا هئا، نذر نياز به ڀيٽا ڪيا ويندا هئا، پوڄا پاٺ به ٿيندي هئي، پر سڄي عربستان ۾ هڪ سري کان ٻي سري تائين سڀ اهو ڄاڻندا هئا ته مڪي جي ماٿريءَ ۾ سادي سوڌي چو ديواري ۽ ٻن درن واري گهر ۾ ڪا اهڙي ڇڪ ۽ مَنڊ آهي، جو هر ڪو پنهنجن ٽڪاڻن ۾ پنهنجن پنهنجن بتن تي نذر نياز چاڙهي پاڻ اچي مڪي ۾ حاضري ڏيندا.

آقاﷺ نسب جو شجرو

آقاﷺ نسب جو شجرو

هڙئي نبي اعليٰ نسل مان هوندا آهن، نسل به سڀ انسانن جي ابي آدم عليه السلام کان شروع ٿيا. ان لڙيءَ مان ادريس عليه السلام آيو. پوءِ سندس پوٽو نوح عليه السلام اتان کان ٿيندو. انبيائن جي لڙيءَ ۾ سيدنا ابراهيم عليه السلام جو ظهور ٿيو. پوءِ سندس فرزند سيدنا اسماعيل عليه السلام جي سٺهين پيڙهيءَ مان نبين جي امام آقا عليه السلام جي آمد ٿي.
حضرت آدم عليه السلام کان حضرت اسماعيل عليه السلام تائين آيل ماڻهن جا نالا تاريخ ۾ مڃيل حد تائين لکيل ڪونهن. انومان آهي، قلم جي ايجاد به سيدنا نوح عليه السلام جي ڏاڏي حضرت ادريس عليه السلام ڪئي هئي، جنهن کي خدا قلم سان لکڻ سيکاريو. بهرحال سيدنا اسماعيل عليه السلام جي چاليهين پيڙهيءَ مان ’عدنان‘ ٿيو، جنهن کانپوءِ سڀني پيڙهين جو احوال تاريخ ۾ تفصيل سان لکيل آهي، ان ئي ’عدنان‘ جي ويهين پيڙهيءَ مان آقا ﷺ جي ولادت ٿي.
عدنان پهريون ماڻهو هو، جنهن ڪعبي تي ڪپڙي جو غلاف چاڙهيو. عدنان، عدنان مان ماخوذ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي بيهڻ وارو. اهو ڇهين صدي قبل ميسح ۾ شاهه بابل ۽ عراق جي بخت نصر جو همعصر هو. سندس گهر واريءَ جو نالو مهده بنت اللحم بن جلحب بن جديس بن جا ثربن ارم هو.
”معد بن عدنان“ بخت نصر جي دور ۾ ٻارنهن ورهن کان به ننڍي وهيءَ جو هو. چون ٿا ته معد به اتي ئي هو، جتي بخت نصر تباهي مچائيندو فلسطين ۾ پي ڦريو. اها 586 ق. م جي ڳالهه آهي، ان دور ۾ نبي ارمياءَ عليه السلام کي الله وحي موڪلي ته معد بن عدنان کي پاڻ سان وٺي وڃ ۽ هو کيس وٺي ويو. الله کيس ٻڌايو ته هن جي پيڙهيءَ مان آخري نبي پيدا ٿيڻو آهي. ارميا عليه السلام وڏي شان ۽ عزت سان معد کي ساڻ وٺي شام پهتو، جتي هن بني اسرائيل سان پرورش پاتي. اتي ئي معانه بنت جوشن بن جاهه بن عمرو بن برت بن جرهم سان پرڻيو پوءِ عرب جي اُپٻيٽ ۾ موٽي آيو.
”نزار“ معد جو پٽ هو، نزار جي معنيٰ آهي غير معمولي (يگانه روزگار). چون ٿا ته هن جي اکين ۾ خاص چمڪ هئي، جيڪا ڄمندي ئي سندس پيءَ معد کي نظر آئي ته آخري رسول آقا ﷺ هن جي پيڙهي مان ئي ٿيندو. تنهنڪري اهو نالو رکيو ويس. سندس امڙ جو نالو ”سوده“ هو، سوده بنت عڪ بن اتربت بن عدنان.
”مضر“ نهايت سهڻو ۽ سيبتو نزار جو پٽ هو، مضريه مضيره مان ماخوذ آهي. جيڪو اڇي ۽ اجري کير کي چئبو آهي. سندس گهر واريءَ جو نالو رباب هو، رباب بنت عيدة بن معد بن عدنان .
”الياس“ جي معنيٰ به بهادر ۽ سورمو آهي. پاڻ هو به اهڙو ئي. بنو اسماعيل کي، اسماعيل عليه السلام جي طريقي تي هلايائين. تير اندازيءَ سان گڏ حڪمت ۽ ڏاهپ سيکاريائين. الياس بن مغيره جي امڙ رباب ئي هئي، ۽ سندس زال جو نالو ليليٰ هو. ليليٰ کي خندف به چيو ويندو هو. ليليٰ بنت علوان بن عمران بن الحاف بن قضاءِ، اِها ئي الياس جي پٽ ’مدرڪه‘ جي ماءُ هئي،
مدرڪه جو اصلي نالو ”عمرو“ هو، هڪ سفر ۾ کيس جهنگلي سَهن کان ڊڄي ڀڄندڙ اُٺ هٿ چڙهي ويا. ”هٿ چڙهڻ واري“ کي مدرڪه چيو ويندو هو. ايئن سندس نالو عمرو جي بدران مدرڪه پئجي ويو. سندس زال جو نالو ”سلميٰ بنت اسلم بن الحاف بن قضاء“ هو. اها ئي مدرڪه جي پٽ خزيمه جي ماءُ هئي .
”خزيمه“ خزمه جي بگڙيل شڪل آهي، جيڪا کجيءَ جهڙي ان ننڍي وڻ کي چئبو آهي، جنهن جي ڦڙن مان ٽوڪريون ٺهنديون آهن، اعليٰ اخلاقي قدرن وارو خزيمه بن مدرڪه دين ابراهيميءَ تي قائم هو. سندس پُٽ ڪنانه جي امڙ عوانه هئي، هند به ان جو ئي نالو هو، بنت سعد بن قيس بن عيلان.
”ڪنانه“ تيرن سان ڀريل ترڪش کي چئبو آهي، هو پنهنجي قوم جي لاءِ امن جي ضمانت هو. بهادر، سگهارو ۽ علم ۽ گيان وارو. چون ٿا ته هڪ ڀيري هن کان خواب ۾ پُڇيو ويو ته هنن مان ڇا کپئي؟
لئه ۽ ٺٺ ٺانگر
محل ۽ ماڙيون يا مال ۽ متاع
هن جواب ڏنو
اهي هڙئي شيون
چون ٿا ته اهي سڀئي نعمتون قريش کي مليون. ڪنانه بن خريمه جي پُٽ نضر جي امڙ ’تبره‘ هئي، تبره بنت مروه بن اذبحه بن طانجه .
”نضر“ جو چهرو گهڻو چمڪندڙ ۽ هشاش بشاش هو، سندس چهرو ڏسي ئي سندس نالو رکيو ويو. چيو وڃي ٿو ته قريش هن جو ئي لقب هو. نضر جي پُٽ مالڪ جي امڙ جو نالو عاتڪه هو، جيڪا عڪرشعه به سڏبي هئي، بنت عدوان، جنهن کي حارث به چيو ويندو هو. بن عمرو بن عيلان بن مضره.
’مالڪ‘ جي ڪنيت ابو حارث هئي، سندس هڪ چوڻي مشهور آهي؛ ”سهڻا چهرا عيبن کي لڪائي ٿا ڇڏين. جڏهن سندس عيب ظاهر ٿين ته پوءِ سندن صورت تي نه وڃو.“
مالڪ جي پٽ فهر جي امڙ جندله هئي، بنت عامر بن حارث بن مضاض بن زيد بن مالڪ ، جيڪا قبيلي جرهم مان هئي.
فهر تريءَ جيتري پٿر کي چئبو آهي. ڪنيت ابو غالب هيس، هڪ چوڻ اهو آهي ته فهر جو لقب قريش هو. ڪي چون ٿا ته سندس امڙ جندله ئي سندس نالو قريش رکيو هو. ڇو ته ماڻهنس کي سمنڊ جي وڏي مڇي قرش گهڻو وڻندي هئي، جنهن کي پاڻ وهيل چوندا آهيون. ايئن جندله ئي پٽ جي قوت، طاقت، رعب ۽ دٻدٻو قائم رکڻ جي لاءِ کيس اهو نانءُ ڏنو.
”غالب“ جي ٻي پٽ تيم الادرم جي نسبت سان هن جي ڪنيت ابو تيم هئي، هڪ ڄاڙي ڀڳل هئڻ سبب تيم کي الادرم به چيو ويندو هو. چون ٿا ته غالب بن فهر ڪاهن (ڀوپو) هو، سندس پٽ لوي جي امڙ عاتڪه بنت يخله بن الفضر بن ڪنانه هئي.
”لوي“ لوا يعني جهنڊي مان ماخوذ آهي، اهو وڏو عالم ۽ دنيادار شخص هو، ڏاهپ ۽ سمجهه وارو هو. سندس هي قول مشهور آهن.
جنهن نيڪي ڪئي، ان جي نيڪي ڪڏهن به ختم نه ٿيندي.
لڳاتار ان جو ذڪر ٿيندو رهندو
ضروري هي آهي ته
جنهن سان اها نيڪي ڪئي وڃي ، اهو ئي اُن جو ذڪر ڪري.
۽ جنهن نيڪي ڪئي اهو خاموش رهي
هي پنهنجي چڱائيءَ جو چوٻول نه ڪري ،
لوي بن غالب جي پٽ ڪعب جي امڙ ماويه بنت ڪعب ابن القيعس، جنهن کي نعمان به چيو ويندو هو، بن جيسر بن سيع الله بن اسد بن ويره بن تخلب بن ملوان بن عمران پٽ الحاق بن قضاعه هئي.
ڪعب وڏين کُڙين ۽ ڊگهي قد واري کي چئبو آهي . ڪعب بن لوي پنهنجي وقت جو گهڻو. معزز شخص هو، سندس عزت ۽ وقار اُن مان پڌرو آهي ته سندس وفات کانپوءِ سال جي مقرري سندس ئي نالي سان ٿيڻ لڳي.
هو عرب جو ڪئلينڊر بنجي ويو،
اهو سلسلو ’عام الفيل‘ تائين جاري رهيو، چيو وڃي ٿو ته ’يوم عروبه‘ جو نالو بدلائي ’يوم جمع‘ هن ئي رکيو هو. هن جي ڪنيت ابو مصيص هئي. سندس زمانو آقا ﷺ کان 560 سال اڳ جو هو، هو خطبو ڏيندو هو ته شروعات ”اما بعد“ سان ڪندو هو. پوءِ اهو ئي رائج ٿي ويو. سندس پُٽ عدي سيدنا عمر بن خطاب جو وڏڙو (جد امجد) هو.
ڪعب جي ”پٽ“ مره جي امڙ فخشسيه هئي، جيڪا شيبان بن محارب بن فهر بن مالڪ بن ڪنانه جي ڌيءَ هئي ،
”مره“ هڪ ئي وقت طاقت ۽ تلخ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندڙ لفظ آهي، مروه ڪعب جي ڪنيت ابو يقظ هُئي، سندس پٽ، قيم سيدنا ابوبڪر ۽ سيدنا طلحه جو وڏڙو هو، هن جي ئي پٽ يقظ جي پيڙِهيءَ مان ”بنو مخزوم“ هو، جنهن جي نسل مان ’ابو جهل‘ هو. مروه بن ڪلاب جي پٽ ڪلاب جي امڙ هنده هئي ، هنده بنت سرير بن ثعلبه بن الحارث بن مالڪ بن ڪنانه بن خزيمه.
ڪلاب شڪار جو شوقين هو، ڪلاب بن مروه شڪاري ڪتا سانڍيندڙ شڪاري هو. ماڻهن اُن ڪري سندس نالو ’ابن مره‘ وساري کيس ’ڪلاب‘ سڏڻ شروع ڪيو. سندس وڏي پُٽ جي ڪري سندس ڪنيت ابو زهره هئي، اهو پهريون شخص هو جنهن خدا جي گهر ۾ سون جون ٻه تراڙيون سجايون، سندس ئي ٻي نمبر ناليواري پُٽ جو نالو قصي هو.

ڏور کان آيل قصي بن ڪلاب

ڏور کان آيل قصي بن ڪلاب

چوٿين صدي عيسويءَ جي شروع ٿيندي ئي ٻي سال مڪي ۾ آل اسماعيل جو هڪ ناليوارو همراهه ڪلاب بن مره گذاري ويو. همراهه ڏاڍو ذهين ۽ هوشيار هو، اصل نالو حڪيم هئس، مڪي کانسواءِ اُتي هر سال حج جي موقعي تي عرب صحرا مان ايندڙ پَرانهين ۽ قريبي هنڌن تان ايندڙ ماڻهن کي سندس اوچتو گذاري وڃڻ ان ڪري به ياد رهيو ته هن هڪ يادگار قائم ڪيو هو.
هي اهو همراهه هو جنهن عربي مهينن کي سڄي سال جا نالا ڏنا هئا، جيڪي اڃا سوڌو هلندا پيا اچن.
اُن شخص جي نالي سان رائج ٿيندڙ ٻن حقيقتن ۾ اُنهن ٻارهن مهينن کان وڌيڪ اهي ٻه نالا هئا، جن مان هڪ نالو اهڙو ته قائم رهڻو هو ، جنهن جي لاءِ جهان جوڙيندڙ اها سڄي راند سجائي آهي،
اهي ٻه نالا سندس پٽن جي اولادن مان ٽي پيڙهيءَ تي اچڻ وارا هئا.
هن جي وڏي وٽ زهره جي پوٽي جي نياڻي ’سيده آمنه‘ کي اچڻو هو. جنهن جي ڀاڳ ۾ خدا جو محبوب آخري رسولصه جي امڙ ٿيڻ لکجڻون هو. هن جي ٻي پُٽ جي پوٽي جي پُٽ کي عبدالله ٿيڻو هو. جنهن کي آخري رسول ﷺ جي والد محترم ٿيڻ جو شرف حاصل ٿيڻو هو.
ڪلاب جو اهو ٻيو اهم پٽ قصي هو، قصي اڃا ٿڃ پياڪ ٻار ئي هو، جو سندس پيءَ ڪلاب بن مروه گذاري ويو.
هن جي امڙ فاطمه بنت سعيده بيوه ٿي ويئي .
عرب سماج ۾ وڌوا جي ٻي شادي کي نه ان وقت خراب سمجهيو ويندو هو. نه اڄ سمجهيو وڃي ٿو. ٿڃ پياڪ ٻارڙي جي امڙ فاطمه ٻي شادي ڪري ورتي، هوءَ جنهن سان پرڻي اهو عربستان جي صحرا جي ڏورانهين اُترين اولهه علائقي شام جي هڪ سرحدي قبيلي عذرا جو سمجهدار همراهه ربيع بن حرارم هو. ممڪن آهي ته واپار جي سلسلي ۾ سندس اُتان لنگهه ٿيو هجي يا هو حج جي ڏينهن ۾ مذهبي فرض ادا ڪرڻ جي لاءِ مڪي آيو هجي. بهرحال ربيع بن حرام فاطمه سان پرڻيو. ته کيس پنهنجي نئين ڪنوار کي پنهنجي قبيلي ۾ وٺي وڃڻو پيو.
هوءَ ساڻس هلي ويئي.
ويندي ويندي هوءَ پنهنجي ٿڃ پياڪ ٻار قصي کي پاڻ سان گڏ وٺي ويئي.
وڏو پُٽ زهره جوان هو. قصيءَ کان وهيءَ ۾سترنهن ارڙهن سال وڏو هو، هو پنهنجي ڏاڏاڻي ڏيهه مڪي ۾ ئي رهي پيو. قصي جو ٻالڪپڻو ، ننڍپڻ ۽ شروعاتي جواني شام جي سرحدي علائقي ۾ قبيلي عذرا ۾ گذريا. جڏهن جوان ٿيو ته واپس پنهنجي ڏاڏاڻي ڏيهه مڪي موٽي آيو. مڪي ۾ رهندڙ سندس ناناڻن ۽ ڏاڏاڻن جي قربدارن کيس محبت مان قصي چوڻ شروع ڪيو، نه ته سندس اصل نالو زيد هو، جيستائين هو مڪي موٽي نه آيو هو. تيستائين ڪنهن به کيس قصي نه چيو هو.
ڇو ته قصي جي معنيٰ آهي ”پري کان آيل.“
هي شايد پري کان نه اچي ها جيڪڏهن ساڻس، سندس پري جي ويڳي پيءَ جي قبيلي عزرا جي هم عمر ڇوڪرن سان ملهه ۽ تيراندازيءَ جو مقابلو نه ٿئي ها، آل اسماعيل ڪٽنب جي مردن ۾ جتي مرداڻي سونهن ۽ سوڀيا ڀرپور هئي، اتي منجهن بهادري ۽ سورهيائيءَ جون صفتون به سَرس هيون. خاص ڪري هن قبيلي جي مردن کي ته تيراندازي جو چشڪو هو، نشانو به سٺو هوندو هئن، ويڳي پيءَ جي قبيلي عذرا جي هم عمر ڇوڪرن سان راند ۾ جڏهن زيد نشاني بازيءَ ۾ اڳڀرو نڪري ويو ته هو ساڻس وڙهي پيا.
هي به وڙهيو
ڪجهه ٺونشا هنيائين، ڪجهه کاڌائين .
دل ئي دل ۾ مايوس ٿيو ته هو هيترا سارا ۽ هي هڪڙو.
گهر اچي ڳالهه امڙ کي ٻڌايائين.
ٿي سگهي ٿو ته سندس امڙ فاطمه زيد جي لاءِ اُن مهل پيار مان قصي لفظ استعمال ڪيو هجي ته پٽڙا تون پري واري هنڌ جو آهين. هتي تنهنجي وهيءَ جا ڇوڪرا تنهنجو جوڙ جيس نه آهن. تنهنجو قبيلو ته ان ماٿريءَ جو سرواڻ آهي، جتي سڄي عربستان وارا سال ۾ هڪ ڀيرو پنهنجي ٿڪل ڏاچين تي چڙهي ايندا آهن، اتي موجود خدا جي سڳوري گهر جو سڄي جهان وارا طواف ڪندا آهن، اهو تنهنجي ڪٽنب جي وڏڙي ابراهيم ۽ سندس پٽ اسماعيلعه نبين جي هٿان جڙيل آهي،
امڙ شايد زيد کي سندس وڏڙن جا ڪجهه دلچسپ قصا ٻڌايا. خدا جي گهر جو اهڙي ته دل پذير انداز سان نقشو پيش ڪيو، جو زيد بي چين ٿي پيو. دل ۾ پڪو پهه ڪيائين ته کيس امڙ کان ڇونه وڇڙڻون پوي. امڙ پٽڙي جي سفر لاءِ بي تابي ڏٺي ته چيائين ڪجهه ڏينهن ترسي پئو، تنهنجو علائقو ته اهڙو آهي جتي پنهنجا ئي نه پر پراوا به سال ۾ هڪ ڀيرو ويندا آهن، حج جو مهينو ويجهو اچڻ ڏي، پوءِ ڏسج ته ڪيئن نه اُٺن جون ڊگهيون ڊگهيون قطارون، لبيڪ لبيڪ چوندي اوڏانهن ويندي نظر اينديون. تون به انهن مبارڪ ڏينهن ۾ اهڙي ڪنهن خوشنصيب قافلي سان هليو وڃج.ايئن ئي ٿيو.
قبيلي قضاع جي ڪنهن قافلي سان گڏ سفر ڪندو زيد مڪي اچي پهتو. مڪي ۾ سندس وڏو ڀاءَ زهره موجود هو. زهره جون اکيون خراب ٿي ويون هيون، پر هو پنهنجي ڀاءُ کي گلي سان لڳائيندي زور زور سان چوڻ لڳو.
منهنجو پري رهندڙ ڀاءَ اچي ويو. منهنجو قصي اچي ويو.
خدا جو قسم آءٌ هن جي آواز کي سڃاڻان ٿو، سندس شبيهه ياد اٿم، آءٌ ته سالن جا سال تنهنجي اوسيئڙي ۾ سوچيندي سوچيندي انڌو ٿي ويو آهيان. تون منهنجو يوسف آهين، زهره روئيندي چيو. سڏڪندو رهيو، قصيءَ کي ڀاڪرن ۾ ڀريو بيٺو هو، اهو ئي زهره، بنو زهره جو سردار بڻيو، جنهن قبيلي مان سيده آمنه جو جنم ٿيو. هو روئيندي سڏڪندي چوڻ لڳو، منهنجو ڀاءُ منهنجي قبيلي ۾ اچي ويو.
قصي ڇا آيو، آل اسماعيل ۾ نئون حوصلو پيدا ٿي پيو.
پاڻ سهڻو ۽ سگهاري هڏ ڪاٺ جو ڌڻي هو.
هن سان شام جي سرحد وٽ ڇڏي آيل پنهنجي ويڳي ڀاءُ ربيع بن حرام جي قبيلي عذرا جي طاقت به هئي، سندس امڙ فاطمه جي پٺيان اُتي سندس ٻيا به ڪيترائي ڀائر پيدا ٿيا هئا. خاص ڪري ’زراح‘ نالي ماٺيڻو ڀاءُ ساڻس گهڻو پيار ڪندو هو، مڪي ۾ به سندس قبيلو معزز هو ، بظاهر ته مڪي جي سرداري ۽ ڪعبي جي متولي (مجاوري) جون چاٻيون بنو خزاعه وٽ هيون، ۽ بنو خزاعه جي ئي هڪ رئيس عمرو بن لحي جي آندل ’هبل‘ بت کانپوءِ ڪعبي جي اندر ۽ اڱڻ ۾ بتن جي گهڻس ٿي ويئي هئي، ماڻهن زم زم جي کوهه کي وساري ڇڏيو هو. جيڪو مڪي مان ڀڄندي ڀڄندي بنو جرهم وارا لَٽي ويا هئا. ان کوهه جي اندر هنن ڪعبي ۾ نذر ۽ نياز جو سامان، سون مان جڙيل ٻه هرڻ، ڇهه جڙاءُ دار تراڙيون ۽ حجر اسود به لڪائي ڇڏيو هو. زم زم جو کوهه بند هو، سڳورو آسماني پٿر حجر اسود پردي ۾ پيو هو. شايد اُن ڪري خدا جي گهر ۾ انسانن جي گهڙيل انسان کان به حقير بُتن جو راڄ هو.
قصي اچي ويو.
راڄ ته مڪي بنو خزاعه جي ”حليل“ نالي همراهه جو ئي رهيو، پر حليل جي جوان جماڻ سُهڻي ۽ سدوري ڌيءُ حبي جي دل پري کان آيل سهڻي جوان قصي کٽي ورتي. امڪان اهو آهي ته حبي پنهنجي اندر جي ڳالهه پنهنجي پيءُ سان سَلي هوندي يا پيءَ پاڻ ئي پڙهي ورتي هوندي. قصو ڪوتاهه قصي جي شادي مڪي جي رئيس زادي حبي بنت حليل سان ٿي ويئي، ٿورن ئي ڏينهن ۾ قصي پنهنجي شخصيت جي قيد سان پنهنجي سهري حليل خزاعي جي دل به جيتي ورتي، حليل کي خبر هئي ته جنهن گهر جون چاٻيون هو پنهنجي کيسي ۾ کڻيو پيو هلندو آهي، اهو جوڙڻ وارا قصيءَ جا وڏڙا ئي آهن، ڪعبي جي مجاوري جو حق قصي کان وڌيڪ ڀلا ٻيو ڪنهن جو ٿي سگهي ٿو؟ چون ٿا ته حليل خزاعي پنهنجي جيئري ئي پنهنجي جانشيني لاءِ پنهنجي پٽن بدران پنهنجي ناٺي قصيءَ کي چونڊي ورتو هو، اهو به چيو وڃي تو ته جڏهن حليل خزاعي مرڻ لڳو ته هن ڪعبي جي چاٻي پنهنجي ڪنهن پُٽ کي ڏيڻ جي بدران پنهنجي نياڻي حبي زال قصي کي ڏني.
حبي جو چاٻي بردار المتحرش هو
ڪُنيت هن جي ابو غشان هئي
چون ٿا حبي چوندي هئي ته آءٌ نه ڪعبي جو دروازو اُپٽي سگهان ٿي، ۽ نه پوري سگهان ٿي. پوءِ چاٻي کڻي ڇو ڦرندي وتان .
ابو غشان ڄاڻي ۽ سندس ڪم
ابو غشان ڪهڙو پرائو هو
حبي جو پنهنجو پُٽ هو
قصيءَ کان اڳ واري مڙس جو
قصيءَ جو ويڳو پُٽ
هڪ ڏينهن قصيءَ ابو غشان جي دعوت ڪئي.
ويڳي پيءَ ۽ پُٽ ۾ بي تڪلفي هئي
هئا به ٻئي واپاري پيشه
هِتان هُتان جا سودا ڪندي قصي ڪعبي جي مجاوري جي حق لاءِ خدا جي گهر جي چاٻي جو اگهه پُڇيو، چاٻي بردار ابو غشان فنون لطيفه جو شوقين هو.
چيائين هڪ سارنگي ۽ هڪ شراب جي کَلي. قصي ٻئي شيون کڻي سندس هنج ۾ رکيون ۽ ڪعبي جي چاٻي کڻي ورتائين. ابوغشان جي گهاٽي واري ان سودي جي لاءِ اڄ سوڌي عربستان ۾ هڪ چوڻي مشهور آهي.
”اخسر حصفقه من ابي غشان. “
يعني هي سودو ته ابي غشان جي سودي کان گهاٽي وارو آهي.
بهرحال سودو ٿي ويو ، قصي ڪعبي جو مجاور چاٻي بردار ٿي ويو.
حبي به اتي ئي هئي، هوءَ پلي نپني ئي مڪي جي رئيس خليل خزاعي جي گهر ۾ هئي، کيس پنهنجي گهر واري کي مڪي جو رئيس ٿيندي ڪهڙو رنج ٿي سگهيو ٿي.
گهر ۾ مسئلو ته نبرجي ويو، پر حبي جي قبيلي خزاعي وارن کي اهو سودو پسند نه آيو. هو ڪاوڙ جي پيا، هُنن تلوارن جي زور تي اهو حق کسڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون.
قصي ته تلوارن سان کيڏندي وڏو ٿيو هو،
آل اسماعيل ڄمندي ئي تير اندازيءَ ۾ ڄام هئا
قصي پنهنجو قبيلو گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو
لڙائيءَ جون تياريون شروع ٿي ويون
قصي هڪ گهوڙي سوار پري شام جي سرحد لڳ ويٺل پنهنجي ويڳي ڀاءُ ’رزاح بن ربيع‘ ڏانهن ڊوڙايو. رزاح ٽي سئو گهوڙي سوار وٺي مڪي پهچي ويو، گڏ پنهنجن ويڳن ڀائرن حسن، محمود ۽ پسران ربيع ۽ قضاء کي به ڀاءُ جي لاءِ سڏيائين، هجيڏانهن آل اسماعيل جيڪي زماني جي حالتن جي ڪري مڪي جي اندر ۽ ٻاهر ٽڙيا پکڙيا ويٺا هئا. سي به مِڙي مُٺ ٿي ويا. قصي پنهنجي اٺين پيڙهي جي وڏڙن جي ماڻهن نفر بن ڪنانه کان وٺي پنهنجي ڀاءَ زهره جي اولاد تائين سڀني کي هڪ ئي صف ۾ کڙو ڪري ڇڏيو.
جهيڙو نبرجي ويو.
جنگ جو مقصد ڪعبي جي وڃايل مجاوري ۽ سار سنڀال واپس وٺڻي هئي. ڪيترين ئي پيڙهين کان آل اسماعيل جي قبيلن کي گڏي قريش قبيلا سڏرائڻون هو.

قريش ۽ مڪي جي حڪمراني

قريش ۽ مڪي جي حڪمراني

آل اسماعيل وري مڪي ۾ گڏ ٿي ويا.
هونئن ته سڄو عربستان اسماعيل عليه السلام جي اولاد سان ڀريو پيو هو. پر قصي پنهنجي پوين اٺن پيڙهين جي اولاد کي مڪي ۾ گڏ ڪري ورتو.
قريش قبيلن جو اطلاق نضر بن ڪنانه جي اولاد کان ٿيڻ لڳو.
قريش جو لفظ تقريش مان نڪتل آهي،
جنهن جي معنيٰ آهي ’وکرڻ کانپوءِ گڏ ٿيڻ.‘
قصي اُنهن کي گڏ ڪيو، انهن قبيلن جو گڏيل نالو قريش پئجي ويو.
سڃاڻپ لاء انهن قبيلن جا پنهنجا پنهنجا نالا به رکيا.
تقرش جو لفظ صفاتي لحاظ کان ڪَسب ۽ واپار جي معنيٰ ۾ به اچي ٿو، جيئن ته انهن گڏيل قبيلن جو عام طور تي ڌنڌو واپار ئي هو، تنهن ڪري مٿن اهو نالو ٺهڪي ٿو. عربي ڏاڍي فصيح ۽ بليغ زبان آهي، تقرش جي هڪ معنيٰ تلاش ۽ جستجو به آهي، قصي پنهنجي ڏاڏاڻي قبيلن کي گڏ ڪرڻ جي لاءِ ڳولا ۽ جستجو ڪئي هئي، ائين اهو نالو قريش جي هڪ ٻي سُڃاڻپ بنجي ويو. عربن ۾ صحرائي قبيلا هڪٻئي تي مٿڀرائپ ظاهر ڪرڻ جي لاءِ ڪوبه بهانو زيان نه ڪندا هئا،. هنن جي ڊڪشنريءَ ۾ قريش، قرش جو تفسير به هو قريش ۽ هڪ وڏي سامونڊي مڇيءَ کي به چيو وڃي ٿو، جيڪا ننڍين مڇين کي کائي وڃي ٿي، هُنن پنهنجي قريش نالي سان ٻين قبيلن کي اهو باور ڪرايو ته هاڻ اوهين اسانجو گرهه بنجو.
اهي ته هئا قريش اصطلاح جي لاڳو ٿيڻ جا پنج سبب. هڪ ڇهون سبب اهو به بيان ڪيو وڃي ٿو ته ڪنانه بن خزيمه جي پوٽي جو نالو قرش هو، ان جو قبيلو به ان جٿي بنديءَ ۾ مڪي اچي ويو.
ايئن اهو نالو اڃا به سگهارو ٿي ويو.
چون ٿا ته ان قريش بن حارث جو پٽ بدر بن قريش هو،
ان بدر نالي ڇوڪري مڪي کان پري يثرب وٽ هڪ واپاري لنگهه وٽ هڪ کوهه کوٽرايو هو، اُن کوهه جي ڪري اهو هنڌ بدر سڏجڻ لڳو.
هي اهو ئي هنڌ آهي جتي مسلمانن ۽ ڪافرن ۾ پهرين جنگ جو ٿيڻ لکيل هو.
جنگ بهرحال ٿي،
قصي جا صحرائي قبيلا زور آور هئا.
مٿان وري سندس ويڳي ڀاءَ رزاح جي پريان شامي سرحد کان مدد اچي پهتي، بنو قضاء جنهن جي قافلي سان گڏ قصي مڪي آيو هو. اهي به تراڙيون ڪڍي سندس مدد لاءِ وڃي سهڙيا. انهن سڀني جي سامهون بنو خزاعه جا ڪجهه حليف به هئا. انهن ۾ خاص طور تي بنو بڪر سڀني کان اڳيان هو.
وڏي جنگاڻ ٿي.
گهڻو ئي رت وهيو، ٻنهي طرفن ڪنڌ ڪريا، بنو خزاعه ۽ بنو بڪر جو وڏو نقصان ٿيو، نيٺ ڀرپاسي جا امن پسند قبيلا جنگبنديءَ جي لاءِ اڳتي وڌيا. اهو طئي ٿيو ته ڌريون عمرو بن عوف بن ڪعب کي پنهنجو امين مقرر ڪن، ٻنهي ڌرين کيس پنهنجو امين مقرر ڪيو. وَچن ڪيائون ته ٻي ڏينهن ڪعبي جي اڱڻ ۾ اچي هو ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ جيڪو به فيصلو ڪندو. اهو مڃيو ويندو.
ٻي ڏينهن جو بي تابيءَ سان اوسيئڙو ٿيڻ لڳو
ٻيو ڏينهن اچي ويو،
ٻيئي ڌريون ڪعبي جي اڱڻ ۾ موجود هيون
عمرو بن عوف فيصلو ٻڌائڻ جي لاءِ اُٿي بيٺو.
ٻيئي ڌريون چپ ڀيڪوڙي ٻُڌڻ لڳيون
عمرو ڪڙڪيدار آواز وارو ڊگهي قد وارو سگهارو ماڻهو هو.
وڏي آواز ۾ چيائين:
منهنجو فيصلو ڪَن کولي ٻڌو.
ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ جيڪا رتو ڇاڻ ٿي آهي، اها آءٌ پنهنجن هنن ٻنهي پيرن جي هيٺيان لتاڙيان ٿو، جيڪو ٿيو سو ٿيو،، هاڻ ڪابه رتو ڇاڻ نه ٿيندي، ڪابه ڌر ٻي ڌر ک خون بها نه ڏيندي، باقي ڳالهه وڃي رهي ڪعبي جي سار سنڀال جي، ته مون حسب نسب ۽ تاريخي حقيقتن کي سامهون رکي اهو فيصلو ڪيو آهي ته مڪي جو متولي قصي ٿيندو. بنو خزاعه ۽ بنو بڪر پنهنجي سڄي مال ۽ ملڪيت سان مڪي جي حدن مان ٻاهر رهڻ جا پابند هوندا. فيصلو ٻڌايو ويو آهي، هاڻ ان تي عمل ٿئي.
عمل ٿيو.
فيصلو ٻڌائيندڙ عمرو بن عوف پنهنجي فيصلي جي ڪري هميشه لاءِ يعمر بن عوف سڏجڻ لڳو، ڇو ته ٻنهي پيرن سان لتاڙڻ واري کي عربيءَ زبان ۾ يعمر ئي چيو ويندو آهي.
قصي پري کان ايندڙ مڪي جو اڳواڻ بنجي ويو.
هن مڪي جي رئيس هئڻ جا سڀ حق ادا ڪري ڇڏيا.
کانئس اڳ خدا جي گهر جي طواف، حج ۽ عمري جي لاءِ ايندڙ پانڌيئڙن جي لاءِ ڪي به سهولتون نه هونديون هيون، پَري کان ايندڙ پانڌيئڙن کان ڀَتو ورتو ويندو هو. پر هنن جي کاڌي پيتي ۽ رهڻ سَهڻ جا بندوبست اڻپورا ۽ بي ترتيب هوندا هئا. مڪي جا رهواسي ماڻهو به شهري سهوليتن کان اڻ واقف هئا، هنن جي پاڻ ۾ صلاح سولي جي لاءِ ڪو مقرر هنڌ نه هوندو هو. جنگ ۽ امن جي ڏينهن ۾ هو پنهنجيون ٻوليون پيا ٻوليندا هئا،
قصي جي اچڻ تائين مڪي جا ماڻهو جهوپڙيون ٺاهي صحرائي خانه بدوشن جيان رهندا هئا، قصي جڏهن پنهنجي وڏِن جي قبيلن کي گڏ ڪيو ويو ته کين ڪچا پڪا گهر ٺاهي رهڻ جي لاءِ چيو ، رهڻ جي لاءَ گهرن جي اڏاوت جي لاءِ ڪاٺ به ملي ويو.
قصي کان اڳ ماڻهو اُنهن وڻن کي ڪعبي جي احترام ۾ وڍڻ کان ڊڄندا هئا، قصي ڪعبي جي بستيءَ کي وسائڻ ۽ سجائڻ جا لاءِ کين ڪنڊِيدار وڻن کي وڍڻ تي راضي ڪري ورتو. نه رڳو اهو پر پهريون وڻ قصي پنهنجي هٿن سان وڍيو.
مڪي ۾ ماڻهو وسڻ لڳا ته قبيلا ماٿريءَ ۾ واري، ريتي، ۽ پٿرن سان گهر ٺاهڻ لڳا. اُن ماٿريءَ جا ڪيترائي نالا هئا.
ان کي ابطح، بطحا ۽ بطاح نالن سان سڏيو ويندو هو.
جيڪي قبيلا اتي گهر جوڙي رهڻ لڳا. تن کي ’مطبين‘ چيو ويندو هو.
اهي قريش البطاح به سڏجڻ لڳا.
اُنهن قبيلن جي اڪثريت هئي،
ڪن قريشي قبيلن پنهنجي رهڻ جي لاءِ مڪي جي جبلن جي ڀَڪن کي پسند ڪيو، ايئن اهي مڪي جي هيٺينءَ حصي ۾ رهڻ لڳا، انهن کي ’قريش ظواهر‘ سڏيو ويو.
سڀ آباد ٿي و يا ته مڪو هڪ شهر بنجي ويو.
ايئن قصيءَ مڪي جي ماٿريءَ کي پهريون ڀيرو هڪ شهري نظام کان متعارف ڪرايو. اُن شهري رياست کي هلائڻ جي لاءِ ست منصب (عهدا)لاڳو ڪيا، پهريون عهدو ’حجابه‘ جو هو.
اهو فيصلو ڪعبي کي حجاب ۾ رکڻ جو هو، ته جيئن هر ڪو ڪعبي ۾ نه گهمندو وتي، جيتوڻيڪ ڪعبي جي چاٻي اڳ ۾ به هوندي هئي، پر قصي ڪعبي کي کولڻ ۽ بند ڪرڻ جا قاعدا مقرر ڪيا. دروازو ڪڏهن کلندو ۽ ڪير کوليندو ۽ جيڪو کوليندو، جنهن وٽ چاٻي هوندي، اهوئي ڪعبي ۾نذراني طور آندل امانتن جي حفاظت به ڪندو.
ٻيو عهدو رفاده جو رکيو ويو.
قصي پنهنجن ماڻهن کي گڏ ڪري ساڻن ڳالهايو.
چيائين.
خدا جي گهر جي زيارت لاءِ ايندڙ پانڌيئڙن کي خدا جو مهمان تصور ڪيو ويندو. اُنهن پانڌيئڙن جي مزماني ۽ خدمت چاڪري اسانجو فرض آهي. آءٌ پنهنجي مال مان حصو ڏيندس، اوهين پنهنجي مال مان ان ۾ حصو وجهو. هڪ گڏيل فنڊ جوڙيو ۽ خدا جي گهر ڏانهن ايندڙن کي کارايو.
ٽيو عهدو سقايه جو هو.
کارائڻ مان گڏ پيئارڻ جو تصور اچي ٿو، پر مڪو اهڙي بنجر ۽ گرم جابلو سنگلاخ ماٿريءَ ۾ آباد هو، جتي کائڻ ۽ کارائڻ جي لاءِ اٺ جو گوشت ته اتي ئي ملي ويندو هو. پر ڍؤ ڪري پيئڻ جي لاءِ پاڻي ماٿريءَ جي ٻاهران آڻڻون پوندو هو. ڪعبي جي اڱڻ ۾ زم زم جو کوهه لڳ ڀڳ پنج سؤ سالن کان لٽيو پيو هو. قصي جي نسل جي ماڻهن کي اُن کوهه جي باري ۾ خبر نه هئي، کين پتوئي ڪونه هو ته ڪڏهن هت خدا جي گهر کي ٺاهڻ واري پهرينءَ ايندڙ پانڌيئڙيءَ جي کُڙين جي رڳڙ سان اهو چشمو جاري ڪيو ويو هو، جيڪو شايد هن سڳوري هنڌ تي بتن جي رکڻ جي ڪري لڪايو ويو هو. زم زم جو کوهه کليل هجي ها ته شايد پانڌيئڙن کي پاڻي پيارڻ ڏکيو نه هجي ها، پر اُن جي نه هئڻ سبب اها ڏاڍي ڏکي ذميداري لڳي. قصي چمڙي جا وڏا وڏا حوض ٺهرايا. مڪي جي ٻاهران اٺن تي وڏين کلين ۾ پاڻي آڻي، انهن حوضن ۾ حاجين جي لاءِ رکيو ويندو هو، نه رڳو اهو، پر پاڻيءَ کي خوشذائقه ۽ غذائيت سان ڀرپور بنائڻ جي لاءِ اُنهن ۾ سڪل ميوو ۽ ڪشمش وڌي ويندي هئي.
چوٿون عهدو ’ندوه‘ سڏيو ويندو هو.
قصي کان اڳ ته مڪي ۾ ڪوبه پڪو گهر نه هو.هن رهائشي قبيلن کي مستقل گهرن ٺاهڻ جي صلاح ڏني ته مڪي جي سردار جي لاءِ هڪ وڏي عمارت جوڙائي، جنهن جو مکيه دروازو ڪعبي جي اڱڻ ۾ کلندو هو. انهن ڏينهن ڪعبي جي اڱڻ جي ڪا ٻاهرين ديوار نه هئي، چيو وڃي ٿو ته ڪعبي جي چوڌاري جوڙيل گهرن جي دروزان جي نالن سان ڪعبي جي دروازن جا نالا پئجي ويا، قصي جڏهن ”دارلندوه“ جي نالي سان وڏو گهر جوڙايو ته اها سندس دور جي ماڻهن جي صلاح مصلحت جي جاءِ بنجي ويئي، اڄ جي دور ۾ جيئن ’پارليامينٽ‘ جي عمارت هوندي آهي. تن ڏينهن ’دارلندوه‘ جي عمارت اهو ئي فرض پورو ڪندي هئي، نه رڳو اهو، پر مڪي جي سماج جون گڏيل تقريبون به اُتي ئي ٿينديون هيون. شادي مرادي، خوشي غميءَ ۾ دارلندوه جا دروازا کلي ويندا هئا.. هر تقريب اتي ٿيندي هئي.
ان حد تائين جو قبائلي گهرن ۾ جڏهن ڪا ڇوڪري سامائبي هئي ته اُن جي احترام جي لاءِ کيس ان ئي عمارت ۾ ماڻهن جي سامهون گندي ڪرائي سوکڙيون پاکڙيون ڏنيون وينديون هيون. هونهن ته قبيلن جو هر فرد اتي اچي ٿي سگهيو، پر دارلندوه ۾ جڏهن صلاح مصلحت جي لاءِ گڏجاڻي ڪوٺائي ويندي هئي ته قبيلن جي رڳو چونڊ فردن کي اُتي گهرايو ويندو هو. جيئن هو اهو فيصلن جي لاءِ پنهنجي صلاح ڏيئي سگهن، اُتي راءِ ڏيندڙ چونڊيل معزز ماڻهن تي به هڪ شرط لاڳو هو ته انهن جي عمر چاليهن سالن کان گهٽ نه هجي.
وڏا فيصلا امن جي بدران جنگ جي لاءِ هوندا هئا.
جنگ جي حالت ۾ قبيلن جي سرداري ۽ علم برداريءَ جو عهدو به مقرر ڪيو ويو هو.
اهو پنهنجو عهدو ”الواءِ“ سڏبو هو.
قبيلن ۾ پاڻ ۾ رابطو رکڻ ۽ هڪ مقرر ڪيل سالار جي پويان تراڙيون کڻي وڙهڻ جي ترغيب عربستان جي آزاد صحرائي قبيلن ۾ هڪ نئين شئي هئي، قصي جتي پنهنجن پنهنجن قبيلن جي لاءِ ذميداريون مقرر ڪيون، اتي ايندڙ پانڌيئڙن جا فرض به مقرر ڪري ڇڏيا، زيارتين کان محصول جي صورت ۾ ڀتو ته قصي کان اڳ بنو جرهم ۽ بنو خزاعه جا سر پنچ به وٺندا هئا، پر انهن جي پانڌيئڙن کان وصولي مقرر ٿيل محصول جي بدران ڦر لٽ ۽ دٻڙ دئوس ۽ ڌانڌلي وڌيڪ لڳندي هئي. قصيءَ اهو اصول جوڙيو ته مڪي ايندڙ زائرين ۽ واپارين ۾ فرق رکيو وڃي. چنگيءَ جي به هڪ حد مقرر ڪيائين، سڀئي غير مقامي ماڻهو پنهنجي اچڻ تي پنهنجي واپاري مال جو ڏهون سيڪڙو مڪي جي انتظاميه کي ڏيڻ جا پابند ڪيا ويا.
تنهن ڪري اها چُنگي عشر سڏجڻ لڳي.
اِهو عشر ڏيئي ايندڙ مڪي ۾ قيام جي دوران کائڻ پيئڻ ۽ رهائش جون مفت سهولتون حاصل ڪندا هئا.
قصي جتي قريش قبيلن کي ڪعبي جي زيارت لاءِ ايندڙن واسطي سهولتون پهچائڻ تي راضي ڪيو، اُتي پنهنجن قبيلن جي مٿڀرائپ لاءِ ڪجهه رسمون به لاڳو ڪيون، انهن رسمن مان اڪثر جو تعلق پنهنجن ماڻهن جي تن آساني ۽ ٻاهران ايندڙ غير قريش ماڻهن تي مقامي ماڻهن جي برتري، نفعي ۽ سهوليتن جو حصول به هو. جهڙوڪ: اهو ئي طئي ڪيو ويو ته ٻاهران ايندڙ حاجي ڪعبي جي طواف، صفا ۽ مروه جي و چ ۾ هلڻ کانپوءِ منيٰ ۽ مزدلفه مان ٿي عرفات جي ميدان ۾ ويندا. پر عرفات جي ميدان ۾ رهڻ جو شرط مقامي قريشن تي لاڳو نه هوندو.
عرفات جي ميدان ۾ وقوف حج جو شرط هو، پر هو اُن مان نڪري ويا.
پنهنجي امتيازي شان بنائڻ جي لاءِ هنن ٻين زائرين جي لاءِ ته اٺن ۽ ٻڪرين جي ڏاس مان ٺهيل سستن خيمن کي مڪي، منيٰ، مذدلفه ۽ عرفات ۾ رائج رکيو، پر پنهنجن ماڻهن کي اهڙن گهٽ قيمت وارن خيمن ۾ رهڻ جي منع ڪري ڇڏي. پنهنجن ماڻهن تي اهو لازمي ڪري ڇڏيائون ته هو ڪاري خراب ڏاس جي خيمن ۾ رهڻ جي بدران ڳاڙهي رنگ جي يعني ڪيمخواب ڪپڙي جا ٺهيل ننڍا ننڍا شاميانا هڻي ترسن ۽ پنهنجا ماڻهو حج وارن ڏينهن ۾ گيهه کي گرم ڪري صاف ڪرڻ جي تڪليف به نه ڪن. ڪجهه رسمون جيڪي اڳ ۾ ئي جاري هيون، اهي جاري رکن .
جهڙوڪ ٻاهران ايندڙن جي لاءِ لازمي هو ته هو خدا جي گهر جي طواف واسطي ٻه مخصوص ڪپڙا مڪي مان خريد ڪن. جيڪڏهن ڪو غريب غربو خريدڻ جي سگهه نٿو رکي ته اهو پنهنجي سهولت جي لاءِ ڪپڙن کانسواءِ اگهاڙو ٿي، خدا جي گهر جو طواف ڪندو هو.
قصي جي حج وارن ڏينهن ۾ مزدلفه ۾ لڳاتار باهه جو مَچ ٻاري رکڻ جي رسم به شروع ڪئي، جنهن لاءِ چيو ويو ته رات جو پانڌيئڙن کي رستو ڏَسڻ ۾ سهوليت رهندي، پر ڪجهه ماڻهو جيڪي انهن بت پرستيءَ وارن ڏينهن ۾ حج ڪندي ڪندي ان باهه جي پوڄا به ڪري ايندا هئا.
بهرحال قصي مڪي جي شهري وستيءَ جو پهريون حڪمران بنجي ويو.
هُن وڏي ٺٺ، جذبي ۽ دٻدٻي سان حڪومت ڪئي.
هن جا چار پٽ ۽ ٻه نياڻيون هيون.
عبدالمناف، عبدلدار، عبدالعزيٰ ۽ عبدقصي پٽن جا نالا هئس ۽ تخمره ۽ برهه ڌيئرون هئس، اُنهن سڀني جي هڪ ئي ماءَ هئي، مڪي جي اڳوڻي رئيس حليل بن ڪعب بن عمرو الخزاعي جي ڌيءَ حبي.
قصيءَ وڏي ڄمار ماڻي.
سندس زندگيءَ ۾ ئي سندس پُٽ معاشري ۾ پنهنجو مقام تمام ماڻي چڪا هئا، هونئن ته سندس چارئي پٽ سڄي تر ۾ بهادري، سخاوت ۽ اعليٰ ظرفيءَ جي معيار سبب مشهورهئا، پر انهن چئني مان ٻيو پٽ عبدمناف پنهنجي شخصيت جي جاذبيت، ڏاهپ ۽ بهترين سفارت ڪاريءَ جي گڻن سبب نه رڳو مڪي ۾، پر پري جي وڏين رياستن سان پنهنجا لاڳاپا قائم ڪري چڪو هو.
اهو عبدمناف ئي هو جنهن عربستان جي وارياسن پٽن مان نڪري پري اتر اولهه ۾ شام ۽ روم جي حاڪم هرقل کان پنهنجي قوم جي پُرامن واپار ڪرڻ جي لاءِ موڪل ناما حاصل ڪيا هئا، ظاهر آهي ته انهن واپاري قافلن کي آڻڻ ۽ نيئڻ سبب سندس مالي حالات مضبوط ٿي ويئي هئي.
پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ قصي کي پنهنجي سڀ کان وڏي پٽ عبدالدار کي شهر ۾ پنهنجي ننڍي ڀاءَ عبدمناف کان سماجي توڙي مالي طور ڪمزور ڏسي، مٿس پيار اچي ويو ۽ هن خدا جي گهر جي چاٻيءَ کانسواءِ خدا جي ميزباني جون جملي ذميداريون کيس سونپي ڇڏيون. قصي عبدالدار کي چيو ته پٽ مونکي خبر آهي ته تنهنجا ننڍا ڀائر توتي فوقيت حاصل ڪري چڪا آهن. منهنجي ڪوشش اها آهي ته منهنجن پٽن ۾ گهٽ وڌائي نه ٿئي،
سڀ معزز هجن.
منهنجو اثاثو اوهان سڀني ڀائرن ۾ هڪ جيترو ورهائبو، باقي منهنجي نالي جيڪي اعزاز آهن سي سڀ توکي ٿو ڏيان. ايئن قصي خدا جي گهر جي درباني (حجابت) سقايه، رفاده، لواءِ، ندوه ۽ اڳواڻي عبدالدار کي ڏيئي سندس قدر کي اوچو ڪري ڇڏيو، جيئن هو عبدمناف جي برابر نظر اچي سگهي.
عبدمناف پنهنجي قد کان به گهڻو وڏو نڪتو.
هن سڄي عمر پنهنجي پيءُ پاران پنهنجي ڀاءَ کي ڏنل اختيارن ڏانهن اک کڻي به نه ڏٺو. پيءُ جي چالاڻي کان پوءِ پنهنجي ڀاءَ عبدالدار جي مڪمل تعظيم ڪيائين.
ٻنهي جو اولاد جوان ٿي ويو
عبدمناف جا چار پُٽ هئا.
سڀني کان وڏو مطلب، ٻيو هاشم، ٽيون عبدشمس. ٽيئي هڪئي ماءَ مان هئا. ماءَ جو نالو عاتڪه هو، اها امره بن نالج بن تعلبه بن ذموان جي ڌيءَ هئي، جيڪو جفر جي اولاد مان هو، ڇوٿين پُٽ جو نالو نوفل هو، جنهن جي امڙ عاتڪه نه پر واحدة هئي، عاتڪه کي ٽي ڌيئرون به هيون، تماضر، حنه، قلابه، بره ۽ هالا. اهي پنجئي ڌيئرون جڏهن قريش جي پنجن مضبوط قبيلن ۾ پرڻايون ويون ته انهن قبيلن جا عبدمناف ۽ سندس ٽنهي پُٽن مطلب، هاشم ۽ عبدشمس سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿي ويا. نوفل جي مائتي ڀيڻ جو نالو لايطه هو، دنيا جي هر زنده معاشري وانگر عرب قبيلن ۾ به ڌيئرن ۽ ڀيڻن جي وڏ گهراڻن ۾ پرڻجڻ ۽ مائتي ڀائرن جي خوشحالي، سخاوت ۽ جسماني مضبوطي بي پناهه قوت جو سبب هوندي آهي.
عبدالدار جي اولاد جي ڀيٽ ۾ عبدمناف جو اولاد عربستان جي ريگستانن ۾ وڌيڪ معزز ثابت ٿيو، جڏهن عبدالدار ۽ عبدمناف ٻئي گذاري ويا ته ٻنهي جي اولادن ۾ ڪعبي جي ڪنجين ۽ مهمانن جي ميزباني جي جملي اعزازن جي لاءِ ڇڪتاڻ ٿيڻ لڳي،
عبدمناف جي اولاد سان ڪجهه ٻين ڀائرن جو اولاد به اچي گڏيو.
عبدمناف جون پنجن وڏن قبيلن ۾ پرڻيل ڀيڻون به اچي سهيڙيون. هڪ ڀيڻ خوشبوءِ مان ڀريل بادشاهي پيالو به پاڻ سان گڏ کڻي آئي، عبدمناف جي پُٽن ۽ ڌيئرن کانسواءِ سندن طرفدارن خوشبوءِ سان ڀريل پيالي ۾ هٿ ٻوڙيا ۽ هٿن سان ڪعبي جي غلاف کي خوشبو ءِ هڻي قسم کنيو ته اسين ناانصافي سان ڪعبي جا هڙئي اختيار عبدالدار کي ڏيڻ تي سخت احتجاج ڪنداسين، وڙهڻو پيو ته ان وقت تائين گڏجي وڙهنداسين، جيستائين سمنڊن ۾ پاڻي ۽ ريگستان ۾ واري آهي، خوشبوءِ ۾ هٿ ٻوڙڻ جي ڪري انهن سڀني ڪٽنبن جو نالو ”مطيين“ پئجي ويو. بنو اسد بني زهره، بني تيم ۽ بنو حارث به انهن سان گڏ هئا.
هيڏانهن عبدالدار جي اولاد کي به پنهنجن سئوٽن جي اُن ڪٺ جي سُڻس پئجي ويئي.
شايد کين خوشبوءِ نه ملي يا هنن ٻي گروهه تي نفسياتي دٻاءَ وجهڻ ٿي گهريو، هو پيالي ۾ خوشبوءِ جي بدران ڪنهن اُٺ يا ڳئون جو رت ڀري ڪعبي جي اڱڻ ۾ اچي بيٺا، هي رت سان ڀريل آڱريون ڪعبي جي غلاف سان اگهي ته نه ٿي سگهيا، تنهن ڪري هنن پنهنجون رت هاڻيون آڱريون پنهنجون زبانون ڪڍي چٽيون ۽ وات پٽي وٺي اهو هُل ڪيو ته اسين ڪعبي جي مجاوري مرڻ مارائڻ کانسواءِ ڪنهن ٻي جي هٿ ۾ وڃڻ نه ڏينداسين، عبدالدار کانسواءِ مخزوم، عدي، سهم، جمع ۽ ٻين ڪيترن ئي قريش قبيلن جو اولاد به ساڻن اچي بيٺو ۽ هو به رت سان ڀريل آڱريون ٻُوڙي چٽڻ لڳا.
قصي جي پوٽن ۾ ٻه گروهه ٿي ويا،
خوشبوءَ ۾ هٿ ٻوڙي حلف کڻڻ وار اصلاف ۽ مطيين مشهور ٿيا ته رت چٽيندڙ وري لعفتھ الدم سڏجڻ لڳا.
ٻنهي پاسن جنگ جون تياريون ٿيڻ لڳيون.
قصي جي اولاد ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي ته سڀئي قريش قبيلا ورهائجي ويا. تلوارون مياڻين مان ٻاهر اچي ويون، پٿر جي سِراڻين تي اهي تکيون ٿيڻ لڳيون. انهن ڏينهن صحرائي قبيلن ۾ ڍال جو رواج گهٽ هو. کين بچاء جو هوش نه هوندو هو. جنگ جي حالت ۾ هو رڳو هڪ ئي هنرکان وقف هئا، بي جگريءَ سان وڙهڻ ۽ ان وقت تائين وڙهڻ جيستائين موت منجهن فيصلو نه ڪري.
مڪي جي سڳوري احترام واري وستيءَ ۾ ڊپ ڇائنجي ويو.
ڳجهون مٿان آسمان جي وشالتا کان ٿورو هيٺ اچي اُڏار ڪرڻ لڳيون، اها وستي جنهن جي طئي ٿيل حدن ۾ ڪنهن ساهه واري جو رت وهائڻ به حرام هو، اتي هاڻ ڀائرن جي اولاد هڪٻئي جي خلاف تلوارون اُڀيون ڪري ورتيون.
مڪي تي جنگ جا ڪڪر ڇائنجندا ڏسي ڪجهه امن پسند ماڻهن کي قصي ياد اچڻ لڳو. جنهن قريش جي سڀني قبيلن کي ريگستان مان ڪڍي مڪي جي وستيءَ ۾ احترام واري گهر جي چوڌاري شان ۽ مان سان آباد ڪرايو هو، خود وڏي ڄمار ماڻڻ کانپوءِ فوت ٿي حجون ۾ دفن ٿيو هو، قصي جي حجون ۾ دفن کان پوءِ حجون ئي مڪي جي معززين جو پسنديده قبرستان بنجي ويو هو ۽ هاڻ قصي جي اولاد ۾ پيل ويرون ڏسي کين حجون ۾ ڳڻپ کان مٿي قبرون کلڻ لاءِ بي چين نظر اچڻ لڳيون. کين قصي جي چالاڻي تي سندس ڌيءَ تخمر جو لکيل قصيدو ياد اچي ويو.
تخمرا لکي ٿي:
سُمهڻ واري رات سڀ سُمهي رهيا هئا ته
موت جي خبر ڏيندڙ بُڇڙي ماڻهوءَ
دروازو کڙڪايو
۽
قصي جي مرتئيءَ جي خبر ڏني
اُن قصيءَ جي وڃڻ جي
جيڪو قوم جو سردار هو
سھونهون هو
سخي ۽ ڪريم هو
خبر ڏيندڙ اُن شخص جي مرڻ جي خبر ڏني
جيڪو ’لوي‘ ڪٽنب ۾ گهڻو مُهذب هو
اُن خبر منهنجي اکين مان لڙڪن جا بند ڀڃي ڇڏيا
لڙڪن جي لڙيءَ کي ڇني ڇڏيو
وکيري ڇڏيو
منهنجي اندر ۾ ڏک ڀرجي ويو
منهنجي ننڍ اُڏي ويئي
بي قراري اهڙي ته وڌي ڄڻ نانگ ڏنگي وڌو هجي.
مڪي جي بستيءَ ۾ قصي جي اولاد جي سري کان موت جو نانگ ڦَڻ کولي جهومي رهيو هو، سڄي علائقي ۾ ڀائرن جي اولاد ۾ پاڻ ۾ دشمني جي ڪري خوف جي لهر پکڙجي ويئي.
عبد مناف جي اولاد مان هاشم کي بهرحال اُميد هئي ته متان جنگ ٽري وڃي.
مڪي جي پوتر بستيءَ ۾ ڪا رتو ڇاڻ نه ٿئي.
ايئن ئي ٿيو
ڪجهه قبيلا ٺاهه ڪرائڻ جي لاءِ اڳيان وڌيا.
خوشبوءِ جي پيالي مان ڪعبي جي غلاف کي سرهو ڪندڙن ۽ رت چٽيندڙن جي وچ ۾ جنگ جي بدران امن جي حالت ۾ فيصلو ٿي ويو.
فيصلي ڪندڙ امينن ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ تڪراري بنيل ڪعبي جي مجاوري جي مسئلي کي جانچيو.
ٻنهي ڌرين جي سماجي ملهڪٿ جو جائزو ورتو
هنن جي مال مڏي، اولاد، عادتن، سخاوت ۽ قرباني جي جذبن کي پرکيو ۽ فيصلو ڪيو، فيصلو اهو ٿيو ته ڪعبي جي سار سنڀال جون اڌ ذميواريون هڪ ڌر ادا ڪري ۽ اڌ ٻي ڌر- عبدمناف جي اولاد ۾ سخاوت، نرمي ۽ ايثار جي جذبن کي سَرس ڏسي خدا جي گهر ايندڙ مزمانن جي مزمانيءَ جو سڀئي ذميداريون هنن جي حوالي ڪيون ويو.
کين چيائون ته حاجين کي کارائڻ ۽ پاڻي پيارڻ اوهانجي ذميداري .
ايئن سقايه ۽ رفاده جهڙيون عظيم خدمتون عبدمناف جي ڪٽنب جي سرپنچ هاشم کي ملي ويون.
۽ ڏيکاءُ جي وڏيرپ، جنگ ۽ جهيڙي ۾ جهنڊو کڻي هلڻ، جنگ جي ميدان ۾ ڊوڙندڙ گهوڙن جي سرواڻي ڪرڻ ۽ ڪعبي جو دروازو کولڻ ۽ بند ڪرڻ جون ذميداريون عبدالدار جي اولاد کي سونپيون ويون، ’دارلنده‘ جو کليل ڪمرو قصي جي سڄي اولاد جي لاءِ گڏيل ڪيو ويو ته جيئن شهر جا سڀئي معززين اتي اچن، ويهن، صلاح سولي ۽ فيصلا ڪن.
فيصلو ٿيو ته ان تي عمل به ٿيو
جنگ ته ٽري ويئي، پر دلين ۾ ڪَٽر پئجي ويو.

سيدنا هاشم

سيدنا هاشم

عبدمناف جي جنهن پُٽ جو نالو عمرو هو، اهو ئي هاشم جي نالي سان مشهور ٿي ويو. ايئن مشهور ٿيڻ جو سبب اهو بڻيو ته جڏهن سندس مٿي تي خدا جي گهر آيل مزمانن جي خذمت چاڪري جي لاءِ کين پيٽ ڀري ماني کارائڻ ۽ ڍؤ ڪري پاڻي پيارڻ جي ذميداري آئي ته هن عجيب دلبرانه شان سان اها ذميداري نڀائي. عام حالتن ۾ اها ذميداري پوري ڪرڻ ۾ ڪا تڪليف پيش نه ٿي آئي، پر هڪ ڀيري جڏهن مڪي ۽ ڀرپاسي ڏڪار اچي مُنهن ڪڍيو ۽ اهڙو ته سوڪهڙو آيو جو صحرا ۾ رهندڙ پاڻيءَ جي هڪ هڪ هڪ ڦڙِي لاءِ تڙپڻ لڳا.
ماڻهن جون زبانون نڪري آيون،
پيئڻ جي لاءِ پاڻيءَ جو هڪ ڍُڪ به نه پي مليو
جانور سُڪي هڏا ٿي ويا
ماڻهن جا پيٽ وڃي پٺيءَ سان لڳا
ڳلن ۾ وڏا کڏا پئجي ويا.
مٿان حج جي مند اچي سهڙي
عرب جي صحرائن مان اُڃايل مرجهايل ڏاچين تي سوار خدا جي گهر جا متوالا مڪي ڏانهن سفر جي سَنڀت ڪرڻ جو سوچڻ لڳا.
اُن ڳولهيون به پي مليو.
عبدمناف جي پٽ ”عمروءَ“ تي سڀني حاجين کي کاڌو کارائڻ ۽ پاڻي پيارڻ جي ذميداري هئي، هن گهوڙا ڪڍيا، اٺ پلاڻيا ۽ عربستان جي ريگزارن کي لتاڙيندو بکيو اڃيو، سخت اُس واري آسمان جي هيٺان هلندو شام جي سرسبز علائقي ۾ وڃي پهتو. اتان اناج ورتائين، پيهايائين، مانيون پچرايائين، پوءِ پڪل مانيون اُٺن تي پلاڻي حج جي ڏينهن عرفه کان اڳ اچي مڪي پهتو.
شام مان پچرايل مانين جا ڍڳ لاٿائين
صحت مند اُٺڻين کي ڪهي ديڳيون رڌايائين
گوشت ۽ شوروي (رس) جي ڀريل ديڳين ۾ آندل مانين کي ڀَڃي وڌائين، چورو ڪري پوءِ ٺڪر جي پيالن ۾ ڀري حاجين کي کارايائين. اهو پنهنجي نوعيت جو بي حد سوادي کاڌو هو ۽ اهو به ڏڪار وارن ڏينهن ۾ ، جڏهن ماڻهو اُن جي ڪڻي لاءِ سڪي مُئا هئا. ماڻهن پيش ڪيل لذيذ گوشت جي رس ۾ چورو ڪيل مانين جي ان کاڌي جو نالو ’ثريد‘ رکي ڇڏيو ۽ مانين کي چورو ڪري کارائيندڙ عمروءَ کي هاشم جو خطاب ڏنو، تنهنڪري هاشم جو لفظ هو ’چورو‘ ڪندڙ جي لاء استعمال ڪندا هئا،
شاعرن هاشم جي واکاڻ ۾ شاعري شروع ڪري ڏني،
عبدلله بن الزلوي جا چيل شعر هن ريت هئا:
عمرو جو درجو ڪيترو ته مٿانهون آهي
جو هن پنهنجي قوم جي لاءِ مانيون ڀَڃي ثريد تيار ڪرائي ،
اُنهن ڏينهن جڏهن
مڪي جا ماڻهو ڏڪار سبب سُڪي ويا هئا.
سندس سئوٽ وهب بن عبد قصي به شاعريءَ جي پيرايي ۾ هاشم جي واکاڻ ڪئي:
هاشم اهو بار کنيو
جيڪو کڻڻ
سَهڻ
۽ پنهنجي مٿي تي رکڻ جي سَڌ ڪرڻ کان به
هر شريف ۽ سگهارو همراهه هَڄي ويٺو هو
ڏورانهين شام جي علائقي مان
هو ٻورين ۾ اناج سان مهڪندڙ اهڙيون
مانيون پَچرائي آيو
جنهن جي مهڪ جو هر خالي پيٽ سڌڙيو هوندو آهي
ڪيڏي نه وڏي ۽ فراخ دلي سان
سڀئي مانيون ڀُڃي هُن
مڪي وارن جي مزماني ڪئي
گوشت جي ٿُلهين ٻوٽين سان ڀريل
ڪاٺ جي انهن ڀريل پيالن تي
هر ماڻهوءَ هٿ هنيا
جيڪي خوشبو ۽ لذت سان ڀريل ڪنارن مان ڇِلڪي رهيون هيون.
واکاڻ جتي واکاڻيل ۽ واکاڻيل جي چاهيندڙن جي دلين جي ڌڙڪن تيز ٿي ڪري، اُتي حاسدن تي وِڄ بنجي ڪَڙڪي ٿي ڪري. حسد دل جي اهڙي بيماري آهي، جيڪا ٻين جو روشن رخ ڏسي پنهنجو نشيمن ساڙڻ تي ڳنڍ ٻڌي بيهي رهندي آهي. هاشم جي واکاڻ تي جتي ڪن غيرن جي دلين ۾ ڌڪ لڳا، اتي سندس سڳي جاڙي ڀاءُ عبد شمس جي پٽ اُميه جي دل ۾ به باهه ٻاري ڇڏي.
پهرين ته هن ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهن سان اندر جي ان ساڙ جو اظهار ڪيو. پوءِ احساس ڪمتريءَ ۾ وٺجي هر ڪنهن کي چوندو وتندو هو ته ، وڏو آيو آهي چاچا هاشم بنيو وتي. چئن ماڻهن کي ماني ڇا کارايائين بس سخي ڏاتار بنجي ويو،
اسين به ڪي گهٽ آهيون ڇا
اسان وٽ به اُٺن جا وڳ آهن
پئسي جي ڪا کوٽ ڪونهي اسان وٽ
اسان وٽ به گهڻو ئي سون چاندي آهي.
ڪيئن مڃون ته هو اسان قريش قبيلن ۾ سڀني کان معزز آهي
آءٌ کانئس وڌيڪ ان رتبي جي لائق آهيان.
خبر ڪونهي ته کيس ان ڳالهه جي سڌ هئي يا نه، بهرحال ماڻهن کي خبر هئي ته اُميه جو پيءُ عبد شمس، هاشم جو جاڙو ڀاءُ هو. ٻيئي جاڙا ڀائر جنهن گهڙيءَ پيدا ٿيا ته هو عجيب نموني پاڻ ۾ ڳنڍيل هئا. چون ٿا ته ٻنهي جا نوان ڄميل جسم ڌار ۽ سالم هئا. پر هاشم جي کاٻي پير جي آڱوٺو عبدشمس جي مٿي جي تارونءَ ۾ چُهٽيل هو.
ڄڻ ڄمندي ئي هاشم پير هڻي عبدشمس جي ڪنڌ کي جهڪائي ڇڏيو .
ٻئي جاڙا ڀائر پيدا ٿيا ته ٻنهي جي هيئت ڪجهه اهڙي هئي جيئن انگريزي ۾ انگ نو ۽ ڇهه پاڻ ۾ ڳنڍيل هجن. هاشم جي پير ۽ عبدشمس جي مٿي کي ڌار ڪرڻ لاءِ مڪي جي هڪ پراڻي جراح کي ڪاتيءَ جي استعمال سان ٿورو رت وهائڻون پيو.
ٻئي ڀائر ڌار ته ٿيا، پر مڪي جي گهرن ۾ ڪيترن ئي ڏينهن تائين نڪتل رت جي انهن ڪجهه ڦڙن جي حوالي سان ذڪر ٿيندو رهيو. ڪي همراهه کل ڀوڳَ ۾ چوندا هئا.
هنن جاڙن ڀائرن جي اولادن ۾ ضرور رت وهندو.
رت وهڻ جي نوبت اُن وقت تائين ته نه آئي .
بهرحال اُميه بن عبد شمس جو پنهنجي چاچي جي فوقيت نه مڃڻ سان سندس رت ضرور ڪارو ٿي ويو.
هُن وٺي هُل مچايو
آءٌ هاشم کي وڏو نه ٿو مڃان
ڪو وڏو اچي ۽ اسان جي وچ ۾ نبيرو ڪري ،
عربن ۾ پنهنجي انا جي تسڪين جي لاءِ ايئن هڪٻئي کي سرعام وڏو نه مڃڻ ۽ پاڻ کي مڃرائڻ جي سَڌ ڪرڻ ڪا نئين ڳالهه نه هئي. اُن قسم جي للڪار ۾ هار جيت جو فيصلو لازمي ٿيندو هو. ايئن ڪڏهن به نه ٿيو هو ته ڪو ٻي جي فوقيت کي للڪاري ۽ ان جو فيصلو نه ٿيو هجي.
مفا خره ٿيو
مفاخرت جا به ڪجهه اصول هئا، هڪ ڌر ٻيءَ کي للڪاريندي هئي، ٻي نه مڃيندي هئي ته ٻنهي جي وچ ۾ نبيري جي لاءِ ڪنهن ٽين ڌر کي امين مقرر ڪيو ويندو هو.
امين ماڻهن جي ميڙ ۾ پنڊال جي وچ ۾ پئنچائت لڳائي ويهي رهندو هو، للڪاريندڙ وڃي امين کان سوال ڪندو هو ته :
اسان مان ڪير غالب آهي، ڪير وڏو آهي ؟
امين واري واري سان انهن جي قبيلي جي فردن، اٺن، مال مڏي. زالن، ٻارن بابت پُڇندو ويندو هو. زبان جي بلاغت فصاحت ۽ شيريني تي غور ڪندو ويندو هو. ماڻهن، مسافرن ۽ گهرجائون جي مدد جا قصا ٻڌندو ويندو هو. هرشئي رڪارڊ تي آندي ويندي هئي. سرعام پنڊال ۾ سوال جواب ٿيندا هئا، ماڻهو ساهه روڪي سوالن ۽ جوابن کي ٻڌندا ۽ دل کولي انهن تي داد ڏيندا ويندا هئا.
وستيءَ جي وچ ۾ ڪچهري ڄمي ويندي هئي.
منٽن ۾ فيصلو ٿي ويندو هو.
اُميه بن عبد شمس، مفاخرت جي لاءِ هاشم کي للڪاريو ته هن ڀائٽي کي چيو ’شرم ڪر.‘
ڀائٽيو ته شرم حيا ڇڏي اچي بيٺو هو. ڳنڍ ٻڌي بيهي رهيو.
نيٺ هاشم اُميه کان وچن ورتو ته امين جو فيصلو مڃيندين ؟
هن چيو ’هائو مڃيندس.‘
هاشم چيو، جيڪو هارائيندو اهو ڪارين اکين وارين پنجاهه سُهڻين اُٺڻين کي ڪهي ڳوٺ وارن کي کارائيندو.
اُميه چيو، ’منظور آهي تون پنهنجي اٺڻين کي نشان هڻي ڇڏ.‘
هاشم چيس نشان ته آءٌ هڻندس تنهنجي اٺڻين تي ڪاتي ڦيرڻ کان اڳ ڀائيٽا.
پر هڪ شرط ٻيو به اٿئي
اُميه چيو، ڪهڙو چاچا.
هاشم چوڻ لڳ، جيڪو هارائيندو اهو هن بستيءَ ۾ نه رهندو.
ڏهن سالن جي لاءِ پنهنجو منهن ڪارو ڪري پري وڃي ٽِڪندو.
چئو ويندين؟
ويندو اهو جيڪو هارائيندو .
هائو ، اهو ئي ته چوان ٿو.
مونکي قبول آهي، هاڻ تون پنهنجا ٽپڙ ٻڌڻ شروع ڪر چاچا. اُميه چيو.
ڀائيٽا تنهنجو سامان ته ٻڌجي چڪو آهي. هاڻ امين جو فيصلو ٻُڌ.
ٻئي چاچو ڀائيٽو ڪن ڏيئي امين جو فيصلو ٻڌڻ جي لاءِ بي تاب هئا.
امين فيصلو ٻڌايو:
چيائين:
هاشم جي مٿڀرائپ مڃيل آهي.
اُميه حسد جو شڪار ٿيو، هارايائين. هاڻ هو مڃيل شرطن کي پورو ڪري، ماڻهن جي ميڙ ۾ هاشم جا طرفدار هوڪريا ڪرڻ ۽ نعرا هڻڻ لڳا. اُميه جي آندل ڪارين اکين وارين پنجاهه اٺڻين جي واڳ وڃي جهلي. هاشم ڪات ڪڍي ان کي پٿر تي تکو ڪرڻ لڳو، اُميه ڪنڌ جهڪائي هڪ پاسي نڪري ويو.
هو گهر نه ويو
هڪ اٺ تي چڙهيو ۽ شام ڏانهن نڪري ويو
هن ڏهه سال مڪي کان پري ويرانين ۾ گذاريا ۽ اُتي ئي مري ويو.
اُميه جي اولاد هاشم ۽ هاشم جي ڪٽنب سان دشمنيءَ جا ٻج سيني ۾ پوکي ڇڏيا. اُميه جو پٽ حرب ٿيو، حرب جو پٽ ابو سفيان، ابو سفيان کان اڳرو سندس پُٽ معاويه هو ۽ امير معاويه جو پٽ يزيد.
نسل در نسل اُميه جي اولاد بنو هاشم سان دشمني ڪئي.
اُن کي پاليو
پنهنجو رت ساڙيو
حسد سان پنهنجن روحن کي ڀَسم ڪيو
پنهنجي سيني ۾ پوکيل بانس جي گؤنچن جو فصل پوکيو ۽ وڍيو،
هاشم سهڻو قدرآور ۽ سگهاري هڏ ڪاٺ وارو جوان هو.
مٿان وري پنهنجي قبيلي جو سردار به
خدا جي گهر جو مجاور
ڳالهه ڪرڻ ۾ کُليو
ماٺ ۾ ڏسڻ ۾ سُهڻو
پنهنجي وقت جو ڪامياب واپاري .
هو لڏيل اٺن جي قافلن جو گهنٽيون وڄائيندو ميلن تائين ڊگهن قافلن کي مڪي جي صحرائن مان اُڪاري شام جو رخ ڪندو هو ته سڄي وستي جون عورتون، ٻار ۽ ٻُڍا سندس قافلن کي ڏسڻ جي شوق ۾ وک وک سان گڏي هلندا هئا. مهينن جي مسافريءَ کانپوءِ اهي پلاڻيل اُٺ ٻيهر واپس ورندا هئا ته مڪي جي گهرن ۾ خوشين جي ٻوڏ اچي ويندي هئي. عورتون پنهنجن ٿڃ پياڪ ٻارن کي ڇاتيءَ سان لايو ڀڄنديون اچي ان قافلي کي ڀليڪار ڪرڻ لاءِ بيهنديون هيون. ٻار راند روند روڪي وٺندا هئا ۽ هن جي قافلي جي اڳيان رونشو ڪندا ڊوڙڻ لڳندا هئا. پوڙِهيون پنهنجون لٺيون ٽيڪي اچي قافلي کي خوش آمديد چونديون هيون، هن جي واپاري قافلي سان مڪي جي هر گهر جي مال مڏي واڳيل هوندي هئي. ان قافلي ۾ يمن جي ماکي، هندستان جا مصالحه، شام جا عطر ۽ ايران جي ريشمي ڇهاءُ واري خوشبوءِ سبب مڪي جي ماٿريءَ ٽڙي پوندي هئي.
مهڪار چؤڏس پکڙجي ويندي هئي.
شام ڏانهن سفر جي شروعات هاشم جي پيء عبد مناف ڪئي هئي.
هاشم گرمين ۾ شام ۽ روم ڏانهن اولهائين ٿڌن علائقن ڏانهن سفر به جاري رکيو ته
گڏو گڏ سردين ۾ يمن ڏانهن سفر جا موڪل ناما به حاصل ڪري ورتائين. ڪجهه واپاري قافلن جي سفر جي ڪاميابيءَ سان هو عرب قبيلن ۾ وڌيڪ ناليوارو ۽ امير ماڻهو بنجي ويو. اڃا هو پنجيتاليهن سالن جي وهيءَ ۾ هو، جو هو شام جي هڪ سفر تي نڪتو.
رستي ۾ يثرب آيو
کيس الائجي خبر هئي يا نه ته هيءَ ئي سرزمين سندس اُن عظيم الشان پَڙپوٽي جي رهڻ جي جاءِ بڻبي، جيڪو سڄي ڪائنات ۾ رحمت جو ڪڪر بنجي وسڻون آهي.
شايد اُن ڪري خدا کي ڪجهه ٻيو منظور هو.
يثرب کي خدا کي وسائڻون هو
سينگارڻون هو.
شروعات سيدنا هاشم کي اُتي روڪي ڪئي ويئي.

سانئڻ سلميٰ

سانئڻ سلميٰ

يثرب، مديني جو پراڻو نالو آهي.
هاشم جو واپاري قافلو مڪي مان شام ڏانهن ويندڙ رستي تي هلندو رهيو ۽ ڏهين ڏينهن اُن جا اٺ يثرب جي بازارن ۾ پهچي ويا. کجين جي گهاٽن باغن ۾ گهيري اوچن پهاڙن جي وچ ۾ يثرب جي سرسبز شهري بستي هاشم کي ڏاڍي وڻي. يثرب جي هڪ بازار ”سوق النبط“ ۾ وڙڪندي سندس اکيون هڪ شانائتي عورت کي ڏسي ان تي ڄمي ويون.
ڪهڙي نه سُهڻي زائفان آهي، جيڪا مردن کان پنهنجي ڳالهه مڃرائي ٿي.
هاشم دل ۾ سوچڻ لڳو.
ساڻس گڏ سنگتين ساٿين ماجرا پُڇيس ته چوڻ لڳو،
هن زائفان کي ڏسو
بازار مان پنهنجي غلام سان گڏ سيڌو سامان وٺڻ آئي آهي،
جيڪو چوي ٿي سو غلام کڻي ٿو.
جنهن کان جهلي ٿي اهو ترسي ٿو پيئي.
ڏسو ڏسو
دڪاندار ۾ همت ئي ڪونهي جو کيس ڪَسو سامان وڪڻي.
ٺاهي ٺوڪي سودو پئي ڪري
پنهنجي ڳالهه ڪيئن نه پئي مڃرائي،
مڪي وارن جي لاءِ اها انوکي ڳالهه هئي، سندن شهر ۾ اڃا شهر جي بازارن ۾ صحرا نشنين جي بدوي زندگيءَ جو پرتوو هو. کين گهر کان ٻاهر زائفان کي ٻُڌڻ جي عادت نه هئي، نه ئي وري ايئن بازار ۾ دليري ۽ حوصلي سان ڪا زائفان پنهنجي ڳالهه مڃرائيندي نظر اچي. مڪي جي بازارين ۾ ايئن نه ٿيندو هو، هاشم پاڻ به بهادر هو ۽ بهادرن جو قدر ڪندو هو، کيس اها ڳالهه وڻي ته ڪا زائفان ايئن مردن تي حڪم هلائڻ به ڄاڻي ٿي، چوڻ لڳو :
خبر چار لهو ته رڳو مڃرائڻ ٿو اچيس يا مڃي به ٿي .
خبر پئي ته ان جو نالو سلميٰ آهي، سلميٰ بنت عمرو بن زيد، خزرج قبيلي جي هڪ شاخ ’بنو نجار‘ سان واسطو رکندي آهي. بيوه آهي، پهرين هڪ همراهه احيحه بن جلال جي نڪاح ۾ هئي، جنهن مان کيس ٻه پٽ عمرو ۽ معيد ٿيا، پوءِ مڙس مري ويس هن ٻيو نڪاح نه ڪيو آهي، نڪاح جي لاءِ سندس هڪ شرط آهي ته پرڻبيس ان سان جيڪو پنهنجي مڃرائڻ بدران منهنجي چوڻ آکڻ ۾ هجي، جيڪو چوان اهو مڃي، طلاق ڏيڻ جو حق به مڙس پاڻ وٽ نه رکي، ڪنهن کي اهي شرط قبول هجن ته پوءِ ڀلي اچي.
هاشم ڳالهه ٻولهه چوري.
خبر پيئي ته هوءَ يثرب جي هڪ سکر ڪُٽنب جي نياڻي آهي، ارادي جي پڪي، رڳو پنهنجي شرطن تي ئي پرڻبي. ٻُڌندي گهٽ، ٻڌائيندي وڌيڪ آهي، جنهن کي قبول هجي اهو ٻانهن گهري.
هاشم هٿ اڳتي وڌايو
سلميٰ جي گهر شادي لاءِ سنيهو موڪليائين
مڪي جو رئيس هو، قريش جو سردار.
سُهڻو جوان ۽ خدا جي گهر جو پاسبان، ڪعبي جو رکوالو، واپاري قافلو وٺي نڪتو هو، قافلي ۾ مال ۽ سامان سان لڏيل سوين اٺ هئا، چاليهه قريشي به گڏ هئا، ڄڃ بنجي ويئي، واپاري قافلو پنهنجي سردار کي پرڻائڻ نڪتو. اٺن جي ڳچين ۾ ٻڌل گهنڊڻين سان يثرب جو گهٽيون گُنگائڻ لڳيون. شادي ٿي ويئي. واپاري قافلي جا ڪجهه همراهه اڳيان نڪري ويا، ڪجهه پويان موٽي ويا. سامان سڙو سوديندا ۽ وڪڻندا رهيا، هاشم پنهنجي ساهرن ۾ زال وٽ ٽڪي پيو، زال پيٽ سان ٿي، هڪ سهڻي ٻارڙي جنم ورتو.
نئين ڄاول ڀاڳوان ٻار جي مٿي ۾ ڪارن وارن جي وچ ۾ ڪجهه اڇا وار هئا، ڏسڻ وارا کل خوشيءَ مان سلميٰ کي چوڻ لڳا، سلميٰ تو ته هڪ پوڙهي کي ڄڻيو آهي، هڪ بابا جنميو آهي.
اڇن وارن واري پوڙهي بابا جي لاءِ وٽن هڪ نالو هو.
شيبه
هنن ٻارڙي جو نالو شيبه رکي ڇڏيو،
هاشم ٻارڙي جو مُکڙو ڏسي پنهنجي واپاري قافلي سان شام ۽ روم طرف هليو ويو، سفر تان واپس وريو ته ڪجهه عرصو يثرب ۾ زال ۽ ٻارڙي وٽ ترسيو، ايئن هاشم جو اهو معمول بنجي ويو ته ايندي ويندي يثرب ۾ سندس رهڻ ٿيندو هو، سلميٰ، مان شيبه کانپوءِ هڪ ڌيءُ رقيه به ڄائي جيڪا ننڍپڻ ۾ ئي گذاري وئي،
مڪي ۾ هاشم جون ڇهه ٻيون به زالون هيون.
هڪڙي قبيلي خزاعه سان واسطو رکندڙ عمر بن مالڪ بن جزيمه جي ڌيءَ قيله هئي. ٻي بنو قضاءَ جي اميه، ٽين بنو عدي مان ام عبدالله، بنو عدي جي ئي حبيبه بن حارث جي ڌيءَ عدي به سندس زوجيت ۾ هئي، يثرب جي ساهراڻي قبيلي خزرج مان به هڪ زال هيس. جنهن جو نالو هند هو. بهرحال جوان هاشم جي وهي اڃا ايتري نه هئي هڪ ڀيري هو مڪي کان ڏور شام جي واپاري سفر تي ويو ته وري پوئتي نه آيو. فلسطين ۾ غزه جي علائقي ۾ پهتو ته هاشم بيمار ٿي پيو، قافلو ترسي پيو.
هاشم جي بيماري ختم نه ٿي، پاڻ ختم ٿي ويو.
غزه ۾ ئي وطن کان ڪجهه ڏور هو گذاري ويو،
سندس ساٿين کيس غزه ۾ ئي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ۽ پاڻ ڏکارا بنجي موٽي آيا.
هاشم جا چار پُٽ ۽ پنج ڌيئرون هيون
پر هن پنهنجو جانشين پنهنجي وڏي ڀاءُ ”مطلب“ کي ڪيو هو.
سيدنا هاشم جي چالاڻي کان پوءِ مطلب مڪي جو سردار بنجي ويو، پر سندس دل وڇڙيل ڀاءُ هاشم سان ئي اٽڪيل هئي. هو پنهنجي اولاد کان وڌيڪ هاشم جي اولاد تي ساهه پَساهه ڏيندو هو. اڪثر هاشم جي ڌيءَ خالده وٽ اچي چوندو هو ڀائيٽي تو جيڪو پنهنجي پيءَ جي وڇوڙي تي شعر ٻُڌا هئا، اهي سڻاءِ، ڌيءُ اکين جا لڙڪ اُگهي پنهنجا شعر پڙهڻ لڳندي هئي:
موت جو نياپو ڏيڻ واري بي رحم شخص
صبح جو سوير ئي هڪ اهڙي ناليري شخص جي وڇڙڻ جي خبر ڏني،
جيڪو زمين تي هلندڙ سڀني ماڻهن ۾ وڌيڪ عزت وارو هو.
هڪ اهڙي شخص جي وڃڻ جي خبر ڏني
جيڪو قوم جو اڳواڻ هو.
۽ جنهن جي اخلاق جي هاڪَ هئي
۽ جنهن جي سخاوت،خدمت ۽ ڳالهه شريفاڻي هئي.
اڏول، اٽل، سگهارو ۽ جوان
هو نه پوڙهو ٿيو هو
نه بي هُمت انسان هو،
لڳاتار سوڪهڙِي ۽ ڏڪار جي ڏينهن ۾ به هو سڄي قبيلي جي شان ۽ عزت ڀريي بهار جي رُت هو.
سڄي ڪٽنب ۾ ’لوي‘ جو سڀني کان مهذب هي ڀاتي
اڄ
ڏور شام جي علائقي ۾ مٽي ۽ پٿرن جي وچ ۾ آرامي آهي.
اي آسمان!
تون جيستائين جيئرو آهين
اهڙن وڏن جوانن جي موت تي روئيندو رھ
۽ پنهنجي اُداس اُس پکيڙ
۽ چئو ته توکي اهڙن بزرگن کي وڇڙندي ڏسڻون پيو
جيڪو فياضي ۽ بزرگيءَ جو مُهندار هو
جيڪو پنهنجي قبيلي جو سردار مڃيو ويو.
۽ مڃرايو ويو.
هاشم جي ٻي ڌيءُ شفاء به پيءُ جي وڇوڙي تي مرثيو چيو.
چوي ٿي.
” اي اک تون روئڻ شروع ڪر
۽ اُن سخي مهربان بزرگ جي لاءِ لڙڪ لاڙ
خير ۽ خوبيءَ سان ڀريل هاشم جي لاءِ
جيڪو مال ۽ مرتبي ۽ بزرگي جي ڪمال درجي تي هو،
سگهارو، حوصلي مند سخي ۽ نج /نبار مخلص
اي اک!
پنهنجي پيءَ لاءِ روءِ
جيڪو پنهنجي قوم جو وڏو سردار هو
روءِ ۽ هِنجون هاريندي رهه
ان شخص جي لاءِ
جيڪو حاجتمندن جي حق ۾ بهار جي مُند هو
۽ خراب مُندن طرفان
کُلندڙ ڀاڳن جي دروازن جو سنڀاليندڙ
تجربيڪار، ڦڙت، اوچي اُڏار وارو باز
ڌرتيءَ جي سڀني کان شريف ڪٽنب جو سُهائو ڏيئو
جنهن جو ڪُٽنب قديمي ۽ معزز آهي.
صحت مند
ڊگهو، سُهڻو
فصيح ۽ بليغ
پِڙ، ۾ شينهن وانگر گجندڙ
مُهذب، سهڻي طبيعت جي قوم جو اهو سردار
جيڪو گهاٽي بَڙ جي وڻ جيان هو،
ڇانورو ڪندڙ ۽ ميون سان ڀريل
جُهڪيل
مُعرڪن ۾ سڌو، سورمو
۽ دوستن ۾ ’مرد اَبريشم‘
جنهن جي ڪا به عادت خراب نه هئي“.

مُطلب ۽ عبدالمُطلب

مُطلب ۽ عبدالمُطلب

هاشم جو ڀاءُ مطلب هاڻي مڪي جو سردار بنجي ويو، پر سندس دل پنهنجي وڇڙيل ڀاءُ ۽ ان جي اولاد کان نه وڇڙي. ڏور، يثرب کان هڪ ڀيري سندس هڪ واقف ڪار ثابت بن منذر عمري جي نيت سان مڪي آيو. خزرج قبيلي مان هو. پنهنجي پاڙي ۾ مطلب جي ڀائيٽي شيبه کي کيڏندي گهمندي ڏسندو هو. ٻيا ٻارڙا ته راند روند ۾ لڳل رهندا هئا. پر شيبه ننڍو تير ڪمان کڻي تيراندازي پيو ڪندو هو. خبر ڪونهي ته ثابت بن منذر پاڻ به ڪو چڱڙو شاعر هو يا نه، بهرحال پوءِ گهڻي مشهوري ماڻيندڙ وڏي شاعر حسان بن ثابت جو اهو پيءُ هو، هن مطلب کي پنهنجي وڇڙيل ڀاءُ هاشم جي پُٽ شيبه جي اهڙي تصوير ڏيکاري جو مطلب پنهنجي ڀائيٽي لاءَ بي تاب ٿي پيو.
ثابت بن منذر چوڻ لڳو:
”اسان جو ڀاڻج تنهنجو ڀائِيٽو
شيبه
جڏهن پنهنجي ڪمان ڪشي تير ٿو ڇوڙي ته اهو عين نشاني تان وڄ جيان گذري ٿو وڃي.
هو تير هلائڻ مهل هي به چوندو آهي؛
”آءٌ وڏي درجي واري عمروءَ جو پٽ آهيان
جنهن کي پنهنجي قوم هاشم جو خطاب ڏنو هو.“
پنهنجا شعر ٻڌائي هن اکين جا ڀِرون مٿي کڻي مطلب کي ڏٺو.
ڏٺائين ته:
شعر ٻڌي مطلب بي چين ٿي پيو آهي، هُن سندس بي چيني وڌائڻ ۽ ڀڙڪائڻ لاءِ وڌيڪ چيو:
’تون هاشم جو ڪهڙو پيارو ڀاءُ آهين، جيڪو ڏور رهندڙ پنهنجي اُن ڀائيٽي کي وساري ويٺو آهين ؟‘
مطلب ڏڪندي اُٿي کڙو ٿيو.
چيائين :
بس فيصلو ٿي ويو آهي.
تيستائين پنهنجي گهرجي چائنٺ نه ٽُپندس، جيستائين تنهنجي شهر يثرب مان پنهنجو ڀائيٽو وٺي نه ايندس.
ماڻهن سمجهايس ته
ڏس !
هو هاشم جو پٽ ضرور آهي پر سلميٰ خزرجيءَ جو پُٽ به ته آهي،
هوءَ توکي پنهنجو پٽ ڪيئن ڏيندي؟
هوءَ پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ واري حوصلي مند عورت آهي
هوءَ ته تنهنجي ڳالهه ئي نه ٻڌندي.
مطلب وراڻيو، ڇا به ٿي پوي هو پنهنجو ڀائيٽو وٺي ايندو.
اُٺ تي چڙهيو ۽ وڃي يثرب نڪتو.
بنو خزرج جي ’بنو نجار‘ پاڙي ۾ پنهنجي ڀائيٽي کي ڳولي لڌائين
ڏٺائين ته شيبه تيراندازي ڪندو وتي،
کيڏي رهيو آهي.
ويجهو ويس ته کيس ايئن لڳو ته سندس وڇڙيل ڀاءُ ٻالڪپڻ جي روپ ۾ سندس سامهون بيٺو آهي.
شيبه پنهنجي مرحوم پيءَ جي هم شڪل هو
اهو ئي نڪ
کُليل پيشاني
موڪري ڇاتي
وڏيو وڏيون ڏيا دار اکيون
ڳورو رنگ
۽ مُرڪندڙ خلوص سان ڀريل معصوم مُهانڊا،
شيبه جي روپ ۾ سندس اڳيان سندس وڇڙيل ڀاءُ هاشم بيٺو هو .
مطلب ڀائيٽي سان گڏجي روئڻ لڳو،
روئندي روئندي هن شعر چيو؛
”مون شيبه کي سُڃاڻي ورتو
اُن مهل ئي
جڏهن هو ’بني نجار‘ جي ڇوڪرن سان گڏ
تيراندازي جي راند رهي رهيو هو
مون سُڃاڻي ورتو
ڏسي ورتو
ته هُن جي ٻانهن جو ٻَل
ڍنگ ۽ طريقو اسان وانگي آهي
اهو ڄاڻڻ کانپوءِ
منهنجون اکيون لُڙڪن جا مينهن وسائڻ لڳيون.“
مطلب پنهنجي ڀاڄائي سلميٰ کي پنهنجي اچڻ جو اطلاع موڪليو.
سلميٰ سڏايس ،
ٽڪايس ،
خذمت چاڪري ڪيائينس،
هڪ ڏينهن مُطلب پنهنجي مطلب جي ڳالهه چئي ڏني
چوڻ لڳو
ڀاڄائي، ڀائيٽي کي وٺڻ آيو آهيان، پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ کانسواءِ نه موٽندس.
سلميٰ ناڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
مُطلب ضد ڪيو
سلميٰ ڪاوڙي
مطلب ڏڪي تڙپڻ لڳو
چيائين
ڀاڄائي ايئن نه ڪر
اسين تنهنجي پُٽ جي قوم آهيون، تنهنجي وڇڙيل مڙس جي ڇڏيل مڪي جي سرداري تنهنجي هن پٽ جي امانت آهي، آءٌ اُن ڪري آيو آهيان ته تنهنجي وَر کان مليل تنهنجي پُٽ جي امانت واپس ڪريان.
کيس مڪي جي سرداري ڏيان. جيڪو سندس حق آهي.
ڏس! تنهنجو پٽڙو جتي به هوندو، تنهنجو ئي پُٽ هوندو،
هو هر محبت سان ڀريل واٽ کي تنهنجي واٽ سمجهي هلندو.
تو وٽ به ايندو رهندو
تون پاڻ هَلي مَلي اچي ڏسج
تنهنجي پُٽ لاء هڪ ڀاڳ واري زندگي اوسيئڙو پئي ڪري
اهڙِي زندگي جيڪا رڳو هڪ قوم جي سردار جي قسمت ۾ لکيل هوندي آهي.
ڪيترن ئي ڏينهن جي بحث ۽ تڪرار کانپوءِ
منٿ ميڙ کانپوءِ
مُطلب ڀاڄائيءَ جي سامهون روئي پيو
ٽي ڏينهن سلميٰ نرمي ڏيکاري.
پُٽ کي ساڻس گڏ موڪلڻ قبوليائين
مطلب پنهنجي ڀائيٽي شيبه کي اُٺ تي چاڙهي مڪي روانو ٿيو ته سلميٰ جي احسان جي مهرباني لاءِ شاعري جي قافئي ۾ چوڻ لڳو.
”جڏهن به ’بني نجار‘ وٽ اچين ته
کين ٻُڌائج
ته آءٌ ۽ سندن پٽڙو
هڪ ئي جماعت آهيون
هڪ ڪُڙم آهيون
مون پَرکيو آهي
هي اهڙا ته سٺا ماڻهو آهن
جيڪي مون سان ملڻ جي لاءِ راهون تڪين ٿا،
۽ منهنجي کُڙڪي سان محبت رکن ٿا“.
هاشم جي وڏي ڀاءُ مُطلب جي چيل انهن شعرن جي ڪري هڪ پيڙهي کان ٻي پيڙهيءَ تائين بنو هاشم ۽ بنو نجار جو پاڻ ۾ پيار جو بنياد پيو.
مطلب ٿورائتو ٿيو.
پنهنجي اُٺڻي کي صحرا ۾ ڊوڙائيندو ڏهين ڏينهن مڪي جي ويجهو پهتو، شايد هُن نه ٿي ڄاتو ته ايندڙ وقت جي سڄي ڪهاڻي اُن اُٺڻ جي پويان ويٺل مٽيءَ مان ڀڀوت ٿيل شيبه جي وسيلي سان ئي تاريخ ۾ لکجڻي آهي.
مڪي جي ماڻهن مٽي ۾ ڀڀوت ٿيل اُٺ تي، مُطلب جي پويان ويٺل هڪ ننڍي وهيءَ واري ڇوڪري کي ڏٺو ته سمجهايون ته مطلب ڪو غلام ٻارڙو خريدي آيو آهي. تنهن کي کيس ”عبدالمطلب“ چيائون، پيار مان جيتي آندل ڀائيٽي شيبه به ڏاڏي جي پيار ۾ پنهنجو اصل نالو ڇڏي ڏنو، هن جي ئي نالي جي غلاميءَ کي پنهنجي ذات جي سُڃاڻپ بنائي ورتائين.
سڄي عمر شيبه نه سڏرايائين
مُطلب جي پيار ۾ ٻَڌل ان جي غلاميءَ سان جُڙيل ان نالي جي محبت ۾ ڳوهيل چاچي مَطلب جو غلام، عبدالمطلب هن پنهنجي سڃاڻپ بنائي ورتو.
اهو ئي نالو پاڻ تي رکي ڇڏيائين.
شايد سيدنا عبدالمطب سمجهي ورتو هو ته وڏيون بادشاهيون ته غلام بنجي ئي ملنديون آهن.

زم زم کي کوٽ

زم زم کي کوٽ

ڪڏهن ڪڏهن هڪ خواب ايتري ته روحاني خوشي، سگهه ۽ سڪون جو سبب بڻجندو آهي جو اک پٽجڻ سان ئي ماڻهو گهرندو آهي ته ان ئي خواب جو سمئه جاري رهي. خواب ۾ ڏٺل، ٻُڌل ڪيفيت جاري رهي. سيدنا عبدالمطلب سان به ايئن ئي ٿيو. اِها اُن رات جي ڳالهه آهي جڏهن هو معمول جي ابتڙ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي گهر جي اڱڻ تي سمهڻ جي بدران ڪعبي جي ڀت جي ڇانوري ۾ وڃي سمهندو هو. ان رات هو پنهنجو اوڇڻ وڇائي ڪعبي جي اُترينءَ حصي ۾ هجر جي ڀت سان ’حطيم‘ جي فرش تي سُتو پيو هو، خواب جي ڪيفيت ماکيءَ کان به مِٺي ۽ صحرائي وسندڙ ڪڪرن جي پاڻي کان به نرم هئي، خواب ۾ آواز آيو.
”ڳولي لهه !“
سيدنا پُڇڻ لڳو ڇا؟
وراڻي ملي، ”طيبه .“
اک کليس ته ماڻهن کان طيبه جو مطلب پُڇندو پي ڦريو. اها ته سُڌ هيس ته اهو پاڪ ۽ پوتر شئي جي لاءِ چيو ويندو آهي. پر اها ڪهڙي شئي آهي ، پوءِ ڪٿان ڳولهي لهان؟
ڪيئن ڳولهيان؟
خواب هوئي اهڙو سُندر جو پاڻ ٻي رات به پنهنجو بسترو ’حطيم‘ وٽ کڻي ويو. ڪعبي جي ڀت سان مٿو ڏيئي. ڪعبي واري جي سندر ۽ سڳوري سوچ تي سوچيندي سوچيندي اک لڳي ويس، وري به اهو ئي آواز ڪنن ۾ پيس ڄڻ ڪنن ۾ سُريليون گهنڊڻيون وڃي رهيس.
هن ڀيري آواز آيس ”برهه“ کوٽي ڪڍ.
صبح جو وري سوچيندو ماڻهن کان پُڇڻ لڳو ته ” برهه “ ڇا آهي؟
اها برڪت واري شئي ڪهڙي آهي، اها ڪٿان ڳولي لهان.
ڪٿان به ڪو جواب نه مليس.
ٽين رات سيدنا عبدالمطلب سوچ ۾ پئجي ويو ته زمين ۾ اهو خزانو ڪٿي دفن آهي؟
پر ڪٿي، آئون ڪٿي کوٽيان ؟
ڇا نڪرندو اُن مان؟
ڳوٺ وارن کان پڇيائين: آسپاس ڪٿي خزانو دفن آهي ڇا؟
هو سيدنا جو سوال ٻڌي مُرڪڻ لڳا. هو ڪهڙو جواب ڏين، هو سڀ اڻ ڄاڻ هئا، لڳ ڀڳ پنج سئو سالن جو عرصو گذري چڪو هو جڏهن مڪي جي پراڻن سنڀاليندڙن جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿيو هو، ٻيئي نه ڪعبي جي سنڀال جا حقدار هئا، نه وري اُن جي لاءِ مناسب. انهن مان هڪ ته ’جرهم قبيلو‘ هو، جيڪو سيدنا اسماعيل جو ساهراڻو قبيلو هو. جيڪو سالن تائين اُتي پنهنجو اقتدار ڄمايو ويٺو هو. پوءِ هيئن ٿيو ته مڪي جي هيٺاهين واري علائقي ۾ اچي ويٺل مضبوط جسمن جي مالڪ خزاعه قبيلي وارن جرهمين کان اقتدار کسي ورتو.
ويندي ويندي هنن ڪعبي جي اندر نذراني طور ڏنل حميرينن جي ٻن سون جي هرڻن کي کڻي زم زم جي کوهه ۾ اڇلي ڇڏيو ۽ ڪعبي جي اندران نڪتل ناياب پراڻيون تلوارون دٻائي کوهه کي لَٽي ڇڏيو. چون ٿا ته ان خزاني ۾ هنن خدا جي گهر جي مٿي تي رکيل جهومر جيان رکيل خدا جي موڪليل سڳوري پٿر ”حجر اسود“ کي به ڪنهن بي حد ملهائتي خوشبودار ڪپڙي ۾ ويڙهي اُتي تلوارن جي وچ ۾ رکي مٿان پٿر ۽ مٽي وجهي بند ڪري ڇڏيو.
سڄو قيمتي سامان لڪي ويو. اُن سان گڏ زم زم جو کوهه به بند ٿي ويو.
اهو ڪم جرهم قبيلي جي عمرو بن حرب بن مضاض بن عمرو جرهميءَ ڪيو هو.
هو شاعر به هو.
بعد ۾ هن پنهنجي شاعريءَ م ڪعبي جي عظمت، ڪعبي جي جلال، زم زم جي چشمي جي مِٺاس ۽ حجر اسود کي ڪپڙي ۾ ويڙهي لڪائي ڇڏڻ جو ذڪر به ڪيو هو. پر پنهنجي ڪنهن به شعر ۾ هن جنهن هنڌ اهي لڪايون ويون هيون، اُن جي نشاندهي نه ڪئي هئي. خدا کي جڏهن منظور ٿيو ۽ جن هٿن سان منظور ٿيو، ان کي خواب ۾ پوري جاءِ سمجهائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيائين.
اُن واقعي کي ٿيندي پنج صديون گذري ويون.
ڪي ٽيهه، چاليهه نسل آيا ۽ هليا ويا.
هوريان هوريان ماڻهن کان زم زم جي کوهه جي ڳالهه ئي وسري ويئي هئي. سيدنا عبدالمطلب جنهن کي خواب ٿي ٻڌايو ويو ته اهو ڏندن ۾ آڱريون وجهي سوچڻ ٿي لڳو ۽ پوءِ ناڪار ۾ ڪنڌ ٿي ڌوڻيائين.
چوٿين رات اچي ويئي.
سيدنا عبدالمطب پنهنجو بسترو حطيم جي اندر وڇائي ويهي رهيو.
حطيم ڪعبي جو حصو ئي آهي، پر ڪعبي جي ڪمري کان ٻاهر اتر اوڀر ۾ آهي. جتي هينئر برسات وسڻ مهل آسمان مان ”ميزاب رحمت“ وسندو آهي. ان جي ڀت جي هيٺان ٻن عظيم هستين جون قبرون آهن. هڪ سڄي عرب جي امڙ سيده هاجران جي ۽ ٻي سندس پُٽ اسماعيل جي. بهرحال خدا جو حڪم جيڪو ان وقت هو، اڄ به اهوئي آهي. ڪعبي جو طواف اُن حطيم سميت ڪرڻون آهي. جنهن جي اندر خدا جون ٻه محبوب هستيون سُتل آهن، انهن ٻنهي قبرن جي آسپاس هڪ ڀيرو جيڪڏهن ڪو طواف لاءِ اچي ته کيس سُت چڪر هڻڻا پوندا آهن.
چوٿين رات سيدنا عبدالمطلب وري اتي ئي بسترو وڇايو ليٽيو پيو هو، ڳپل دير تائين سندس اکين ۾ ننڊ نه آئي. هو پريشان ٿي ويو، جيڪڏهن خواب نه آيو ته اهو خط جيڪو خواب جي صورت ۾ قسطن ۾ هلي رهيو آهي. اُن جي اڄ قسط رهجي ويندي، کيس اها خبر نه هئي ته اڄوڪي رات خواب سڄي تفصيل سان بيان ڪيو ويندو.
ائين ئي ٿيو.
سيدنا سمهي پيو. آواز نه آيو ”احضر زم زم“ (زم زم کي کوٽ)
هن پُڇيو ”وما زم زم “ (زم زم ڇا آهي؟)
جواب آيو، ٻُڌ! زم زم اهو آهي، جنهن جو پاڻي ڪڏهن به ختم نه ٿيندو.
نه اُن جي مرمت ڪئي ويندي.
حاجي جيترو گهرندا اوترو پي سگهندا
ٻُڌ،
اهو هنڌ اُتي آهي
جتي ڪعبي جي اڱڻ ۾ ڳاڙهي چُهنب ۽ ڳاڙهين پيرن وارو ڪانگ چهنبون هڻي رهيو آهي.
اُتي ڇيڻي ۽ رت جا ڇنڊا آهن،
۽ ماڪوڙين جي قطار.
خواب پورو ٿيو ته سيدنا عبدالمطلب جي به اک کلي پئي.
اک اهڙي کلي جو سڄو نقشو سامهون پکڙيل هو،
اُٿي ويهي رهيو
ڏٺائين ته هڪ ڪارو ڪانگ آسمان تان پَر پکيڙي ڪعبي جي ڀت کان چاليهن فوٽن تي اڱڻ ۾ اچي لٿو ۽ زمين ۾ ٺونگا هڻڻ لڳو. سيدنا ڌيان سان ڏٺو، ڪانگ جي چُهنب ۽ پير ڳاڙهي رنگ جا هئا، سيدنا جاڳندي سامهون ڏٺل خواب ڏسڻ لڳو، سيدنا اهو هنڌ ڄاتو ٿي، روز اُتان لنگهندو هو، ان جاءِ تي عرب ڪعبي جي نالي تي قربانيءَ جا جانور اچي قربان ڪندا هئا، اتي گوشت جا ڇيڇڙا رت ۽ ڇيڻو پٿرين سان مليل پيو هوندو هو. سيدنا اُٿي تڪڙو اوڏانهن ويو. ويجهو ويو ته ماڪوڙين جي قطار به نظر آيس.
هاڻ باقي ڪهڙو شڪ هو،
تڪڙو گهر ويو، اُنهن ڏينهن سندس هڪ ئي پُٽڙو هو
حارث،
کيس پاڻ سان گڏ ورتائين ڪوڏر ۽ بيلچو کنيائين ۽ مقرر هنڌ تي پهچي ويو.
ڏينهن چڙهي چڪو هو
ماڻهو گڏ ٿي ويا
هي ڪعبي جو سردار بيلچو ۽ ڪوڏر کڻي ڪعبي جي اڱڻ ۾ ڇا کوٽڻ آيو آهي؟
ماڻهو پُڇڻ لڳا.
سيدنا ٻُڌايو ته هتي هڪ کوهه آهي، اهو ظاهر ڪرڻو آهي. اچو مون سان همراهي ڪرايو.
هو کلڻ لڳا.
هو ڪيترين ئي پيڙهين کان اُتي رهيا پيا هئا. چاليهن پيڙهين کان ڪنهن کي به خبر نه هئي ته هتي زم زم هوندو هو. هوسڀ سيدنا کي روڪڻ لڳا.
ايئن نه ڪر.
ماڻهن جي خيال ۾ اڱڻ جي اُن حصي جي اهميت ۽ عزت اُن ڪري به وڌيڪ هئي، جو اتي ٻه بُت کتل هئا. جن جي هو پوڄا ڪندا هئا. هڪ عورت جو ۽ ٻيو مرد جو. عورت نائله هئي ۽ مرد اساف هو. روايت هئي ته انهن ٻنهي ڪعبي جي اڱڻ ۾ گستاخي ڪئي هئي. بدڪاري ڪئي هئي. خدا کين پٿر بڻائي ڇڏيو. هو انسانيت جي درجي تان ڪري پٿر بنجي ويا. هُئڻ ته ايئن کپي ها ته ماڻهو کين پٿر هڻن ها، پر اهو اُبتو دور هو، انهن ڏينهن شايد پٿر هڻڻ انسانيت کان وڏي شئي سمجهي ويندي هئي. هو شايد اُن کي خدا جو انعام سمجهي پوڄا ڪندا هئا. بلڪه مٿن نذر ۽ نياز به ڪرڻ لڳا ۽ جانور سندن پيرن ۾ آڻي قربان ڪرڻ جي رسم وڌائون.
جتي پاڪ ۽ برڪت ڀرييءَ پاڻيءَ جي چشمي جي ڳولا ۾ ڪوڏر ۽ بيلچو لڳي رهيو هو، اُتي ناپاڪ نائله ۽ اساف جي بتن جا بنياد لڏي رهيا هئا. قريش پنهنجي بتن جا لڏندڙ پاڇولا ڏسي مرڻ مارڻ جي لاءِ تيار ٿي ويا.
سيدنا عبدالمطلب کين چئي رهيو هو، آءٌ اوهان سڀني جي لاءِ کوهه پيو کوٽيان، اچو مون سان همراهي ٿيو.
مدد نٿا ڪريو ته منع ڇو پيا ڪريو،
هٽي پَرتي ٿي بيهو،
سيدنا بيلچو پنهنجي پُٽ حارث کي ڏنو ته جيڪو به اچي منهنجو هٿ جهلي اُن جو مٿو ڦاڙي ڇڏج. آءٌ اڪيلو ئي اهو کوهه ظاهر ڪري ساهي پٽيندس.
نيٺ به ته هو پنهنجي قوم جو سردار هو، جلال ۾ اچي ويو.
سيدنا زمين کوٽيندو رهيو
ماڻهو هُل ڪندا رهيا
اوچتو سيدنا جو بيلچو ڪنهن سخت شئي سان ٽڪرايو.
سڄي ميڙ هڪ ئي وقت ڪنڌ ڌوڻي سيدنا کي ڏٺو، ماڻهن جون ڳالهيون بيهي ويون، ڪجهه پَل عجيب سانت ۾ گذري ويا. سيدنا اتي زمين ۾ ڪوڏر ڦيرائي مٽي، واري ۽ پٿر ٻاهر ڪڍيا ته گڏ ڀنل ڀنل واري به ٻاهر اچي ويئي.
ماڻهن جي سانت اڃا به پُر اسرار ٿي ويئي.
سيدنا کڏي ۾ هٿ وڌو ، هاڻ جو هٿ ٻاهر ڪڍيائين ته اُن ۾ ريتي ۽ مٽيءَ ۾ دٻيل قديم قلعي تلوار نڪري آئي سيدنا تلوار ڪڍي چئني پاسن لهرائي.
تلوار نيام کانسواءِ هئي.
پنج سئو سال ريتي ۽ مٽيءَ ۾ دٻيل هئڻ جي باوجود به ڏسڻ سان ئي خبر پئجي ٿي ويئي ته اها ’بني قلعيله‘ جي جڙيل ناياب قلعي تلوار آهي. سيدنا اها تلوار پنهنجي پُٽ حارث ڏانهن وڌائي، جنهن بيلچو ڇڏي تلوار هٿ ۾ جهلي. سيدنا وري جُهڪيو ۽ مٽيءَ ۾ هٿوراڙيون ڏنائين، هڪ ٻي قلعي تلوار نڪري آئي، کڏ جي ڪناري تي رکيائين ته اندران سون جا ٻه هرڻ نڪري ِآيا. هرڻ ڇڪي ڪڍيائين ته پنج سئو سالن کان ستل پاڪ ۽ پوتر زم زم جو چشمو اُٻڙڪي ڪنارن تائين آيو.
ڏسندڙ ميڙ جي هٿن جون تريون پگهرجي ويون
اَڙي هي ڇا ٿيو؟
هيترو سون تلوارون ۽ ٿڌو مٺو پاڻي،
ميڙ جيڪو ٿوري دير اڳ تائين مَنڊ ۾ مَنڊيو بيٺو هو، اهو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو هو، هو هڪدم ڇرڪ ڀري جاڳيو ۽ لالچي آوازن ۾ چُڻ ڀُڻ ڪرڻ لڳو.
هيءَ ته پنهنجو مال آهي.
اسانجو به هن ۾ حصو پَتي آهي.
هٽي پري بيهو،
سيدنا کڏي جي ڪناري تي رکيل ٻي تراڙ جي مُٺئيءَ ۾ هٿ وڌو. پوءِ ٻنهي سون جي هرڻن جي ٽنگن جي وچ ۾ لڪيل هڪ ريشمي ڪپڙي جي هڙ کولي، ان جي اندر حجر اسود هو، سيدنا عبدالمطلب کي اهو سمجهڻ ۾ دير نه لڳي ته ڪعبي جي ڪهڙي ڪنڊ ۾ اُن جي جاءِ آهي. جتان هي لاٿو ويو هو، اتي ان وقت هڪ کڏو رهيل هو، پر ماڻهو اهو هنڌ چمي اُتان ڪعبي جو طواف شروع ڪندا هئا، سيدنا هٿ مٿي کڻي پهرين هي اعلان ڪيو ته طواف ڪرڻ کان اڳ اوهين جنهن هنڌ کي چمي طواف شروع ڪريو ٿا، هيءُ اُن جاءِ جو سڳورو پٿر آهي. ڏسڻ ۾ به هي پٿر زمين جو نٿو لڳي. ماڻهن ٿوري دير جي لاءِ احترام سبب صفا ٻِيڻا ٿي ويا. پوءِ چوڻ لڳا.
هيءُ هنڌ ته اسان سڀني جو گڏيل آهي.
هي سون، هي کوهه به سڀني جو هئڻ گهرجي
هن مان اسان جي پتي ڪڍ.
سيدنا وراڻيو
خبردار
آءٌ اوهان کي مدد ڪرڻ جي لاءِ چوندو رهيس، پر اوهان ڪابه همراهي نه ڪرائي، ورندو مون مٿان ٺٺوليون ڪيوَ، مونکي جهليندا رهيا، منهنجي ڪم ۾ رنڊڪ وڌوَ، مونکي ڊيڄاريندا، ڌمڪائيندا رهيا، هاڻ خدا جي ٻُڌايل هنڌ تان مونکي جيڪو ڪجهه به مليو آهي، اُن تي منهنجو ۽ منهنجي اولاد جو حق آهي.
اوهين ۽ اوهان جو اولاد ڇو، اسين سڀ هڪ قوم آهيون.
سڄي قوم جو هن تي حق آهي.
هاڻ قوم ياد آئي اٿوَ
جڏهن آءٌ سڏيندو رهيس، ان وقت مدد ڇونه ڪئي اوهان.
ٺيڪ آهي، اسان کان ڀُل ٿي،
هاڻ ڀُليل ئي رهو
نه وري
اهو ته فيصلو ٿيندو .
ڪير ڪندو؟
هلو ڪعبي جي ڀُوپي وٽ
ڀُوپو ڪهڙو پري هو .
اهو ان ميڙ ۾ بيٺو هو، هٿ جوڙي نوڙت مان چيائين: آءٌ ڪو فيصلو ڪرڻ کان لاچار آهيان.کيس شايد سيدنا عبدالمطلب جي سچائيءَ ۽ باقي قريشن جي ٽولي جي ناراضگيءَ جي نتيجن جو احساس هو. چيائين، منهنجي گرؤ ڪاهنه قبيلي ”سعد“ جي جادوگرياڻي آهي، جيڪا يثرب کان پرتي ’معان‘ ۾ رهي ٿي، اوهين پهريون يثرب وڃو، شايد اها اتي ملي وڃي. اهائي فيصلو ڪندي.
اوڏانهن وڃو.
قريشن جا ويهه همراهه تيار ٿيا. قريش جي مختلف شاخن مان ٻه ٻه ڏاها- سيدنا عبدالمطلب به پنهنجن ويجهن قريشي مائٽن کي ساڻ کنيو ۽ يثرب روانا ٿي ويا.

دل ۾ مَڃيل خدا سان وچن

دل ۾ مَڃيل خدا سان وچن

اُن ڏينهن جڏهن پاڻ قريشن جي اڳيان بي وس ٿيو ته کيس خيال آيو.
منهنجو رڳو هڪ پُٽ آهي،
تنهن ڪري هي مون تي چڙهت پيا ڪن
آءٌ اڪيلو ئي زم زم کوٽيندو رهيس
ڪنهن به، واهر نه ڪئي.
مون سان گڏ منهنجا ڏهه جوان پٽ بيٺل هجن ها ته ڏسان ها ته هي مونکي ڪيئن روڪين ها، مون تي ڪيئن دٻاءُ وجهن ها، سيدنا عبدالمطلب هليو ته ڪعبي کان يثرب ڏانهن هو، پر سوچي الله تي رهيو هو، پوءِ الله تي سوچيندي سوچيندي، دل ئي دل ۾ الله سان هڪ وَچن ڪري ويٺو ،
ڏس الله سائين
جيڪڏهن تو مونکي ڏهه پُٽ ڏنا ۽ مون کين جوان ٿيندي ڏٺو ته انهن مان هڪ پُٽ تنهنجو ٿيو، اهو تنهنجي نالي تي ٻليدان ڪندس.
وعدو
هن وعدو ڪري ورتو،
الله ٻڌي ورتو ،
باقي ڪنهن کي به خبر نه هئي ته هن الله سان ڪهڙو وچن ڪيو آهي.
قريشن جي اها سڄي پئنچائت اُٺن تي سفر ڪندي ڏهن ڏينهن کانپوءِ يثرب پهتي ته پتو پيو ته جنهن ڪاهنه ] پوپڻ[ جي ڳولا ۾ هت آيا آهن، اها ته سئو ميل اڳتي اتر اولهه ۾ خيبر جي بستي ڏانهن ويل آهي. هنن وري اوڏانهن پنڌ پلاڻيو، سفر ڊگهو هو، صحرائي، خشڪ جابلو ۽ اڻ ڏٺل به، اهو خدا ٿي ڄاتو ته ان ۾ ڪهڙي حڪمت هئي، جو اهو سڄو قافلو راهه کان ڀٽڪي ويو.
هو ڪيترائي ڏينهن هلندا رهيا، پر خيبر نه آيو.
بُک ۽ اُڃ سبب هو سڀ تڙپڻ لڳا، مٿان وري ڏينهن به گرمين وارا هئا، پاڻ سان آندل کاڌي پيتي جو سان کٽي وَين، پري پري تائين ڪنهن به وسنديءَ جو ڪو نانءُ نشان به نه هو. ڪٿي رستي ۾ ساوڪ جي ڪا ٻاڙي به نه هئي، اُٺ به ٻَڙڪڻ لڳا، ماڻهو مُرجهائجي ويا، اها سڀني تي هڪ جهڙي آفت هئي، اهڙي حالت ۾ قريشن جي مڙني قبيلن جا سردار پنهنجي ضد تي ڏاڍا نادم ٿيا. سيدنا عبدالمطلب کي چيائون؛
ابو حارث اسان توسان ناحق تڪرار ڪيو
هاڻ اسان جو موت اسان کي هتي گهلي آيو آهي.
سڀ بي دم ٿي گرم بنجر پهاڙين جي نوڪدار پٿرن تي ڊهي پيا.
سڀني کي پنهنجو موت نظر اچڻ لڳو
سڀني سمجهي ورتو ته هاڻ نه بچنداسين
نه کاڌو آهي نه پاڻي، مٿان وري اُس ۽ گرمي.
سڀ ڳري هڏين جا ڍانچا بنجي ويا.
هنن کان نه اُٿي هلڻ ٿي پُڳو، نه هنن جا اٺ هلڻ ڦرڻ جي قابل رهيا هئا،
اهو هنڌ ٽڪرين جي وچ ۾ هڪ سڪل نالي جو پيٽ هو، ان سُڪل نالي جو نالو هو فقير، ڪڏهن اُن ۾ پاڻي رهيو هوندو، پر هاڻ ته اهو سالن کان سُڪو ۽ بنجر لڳو پيو، صرف فقير هو،
هڪ ڄڻي رٿ ڏني،
هيئن ٿا ڪريون ته اسان مان هر ڪو پنهنجي لاءِ کڏ کوٽي جيڪو مري وڃي ٻيا کيس ان کڏ ۾ پوري ڇڏين ، ايئن پوءِ اسان سڀني مان باقي وڃي هڪ بچندو، اهو پاڻ ئي وڃي کڏ ۾ ليِٽي، بس هاڻ موت اسان مٿان بيٺو آهي.
سيدنا عبدالمطلب همت وارو مڙس هو،
چيائين ايئن نه ڪريو
اُٿو
پنهنجي سوارين کي اُٿارڻ جي ڪريو، ڪهڙي خبر ته الله اسان کي پيئڻ جي لاءِ پاڻي ڏي
هتي ته پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به ڪونهي، ابو حارث هاڻ اسان کي مرڻ ڏي.
سڀ بي سُڌ ٿي ڊهي پيا.
اُٿو، سيدنا کين همت ڏياري
پاڻ به صفا هيڻو لڳو پيو هو، پر همت ڪري اُٿيو.
پنهنجو اُٺ اٿاريائين، ته هڪ عجيب واقعو ٿيو
اڌ مئل همراهن جي ميڙ خوشگوار حيرت سبب رڙيون ڪرڻ لڳو
موت جي اڳيان ڪنڌ نوائڻ وارن جي چهرن تي زندگيءَ جي لهر اڀري آئي،
سيدنا عبدالمطلب جو اُٺ به هيڻائيءَ سبب هڪدم اٿي نه سگهيو، اٿندي اٿندي هن پنهنجو بار سنڀالڻ لاءِ پَٽ تي هڪ ٻه ڀيرا پير هنيا، جتي اُٺ پير هنيو، اتان پاڻيءَ جو چشمو اُٻڙڪا ڏيئي نڪرڻ لڳو. ٿڌو، مٺو پاڻي. اُٺ به ته سيدنا اسماعيل جي پٽ سيدنا عبدالمطلب جو هو.
پاڻيءَ جو چشمو نڪرڻ لڳو
ابو حارث تون ’ابو آب‘ آهين، پاڻي جو پيءُ آهين.
زم زم واري تڪرار تي اسان کي معاف ڪر
اسان کي هن چشمي مان پاڻي پيئڻ ڏي.
اسان کي جيئرو رهڻ ڏي.
اچو اچو، الله جو نالو وٺي پيئندا وڃو.
سڀني ڍؤ ڪري پاڻي پيتو
اکين ۾ مڻيا موٽي آين.
هڏن ۾ ساهه پئجي وين
ٽنگن هنن جا جسم اُٿاريا ته سڀئي ڪنڌ نوائي سيدنا عبدالمطلب جي سامهون پنهنجي ڦڪائيءَ وارو چهرو کڻي بيهي رهيا. ۽ کيس ڳلي لڳايائون ۽ اعلان ڪيائون ته ’هاڻ اُن ڪاهنه جو فيصلو ڇڏيو، فيصلو ٿي ويو. الله فيصلو ڪري ڇڏيو، اسان اکين سان ڏسي ورتو، جيئن هن ويراني ۾ نڪتل هي چشمو فقط تنهنجو آهي، تيئن ڪعبي جي اڱڻ تي نڪتل چشمو جنهن کي تون زم زم ٿو چوين تنهنجو ٿيو.‘
سيدنا عبدالمطلب به سندن پُٺي ٺپري ۽ چيو: اهو اسان سڀني جي گڏيل ميراث آهي، ان مان اسين خدا جي مهمانن جي خذمت چاڪري ڪنداسين.
اهي سون جا هرڻ به تنهنجا آهن، ابو حارث .
نه ، اهو سڄو سون جيڪو خدا مونکي ڏنو آهي، اُن گهر تي نڇاور ڪريان ٿو، ان سون سان بيت الله جي دروازن کي چمڪائيندس. سون جي پٿرن سان انهن کي سجائيندس، (انهن ڏينهن ڪعبي جا ٻه دروازا هوندا هئا).
ٻيئي تلوارون به دروازن تي سجائيندس
سندس سڀ قريشي سئوٽ ان تي الله اڪبر جا نعرا هڻڻ لڳا.
اهو ٽولو جيڪو ڪعبي کان رواني ٿيڻ مهل هڪٻئي کي تيز ۽ دشمنيءَ وارين نظرن سان ڏسندي نڪتو هو، ڪعبي ڏانهن واپس ورندي هڪٻئي تان ٻلهار ٻَلهار ٿيندي نظر آيو.
سيدنا عبدالمطلب وچن موجب سون جا ٻيئي هرڻ وگهرائي ڪعبي جي دروازن تي چمڪندڙ سنهري پترا چاڙهي ڇڏيائين، قلعي تلوارون ڪعبي جي دروازن تي سجائي ڇڏيون ۽ زم زم جو کوهه سڀني لاءِ عام ڪري ڇڏيو، پيئارڻ جي ذميداري ته زم زم جي لڀجڻ کان اڳ سيدنا جي هئي، هاڻ هو سقايه جي ذميداري سولائيءَ سان نباهڻ لڳو.
سڄي قوم سيدنا عبدالمطلب کي پنهنجو سردار مڃيندي هئي، هو سڀني ۾ يڪتا هو، ڌار، منفرد، ڊگهي قد وارو، ڳورو چٽو ۽ سونهن سوڀيا ۾ سَرس ۽ سهڻي اخلاق وارو سخي، بردبار ۽ علم جو ڌڻي ۽ ڏاهو.
سڀ هن جي عظمت کي مڃيندا هئا.
پر هڪ حاسد هو ،
اهو هو حرب بن اُميه .
هن جي پيءُ اُميه پنهنجي چاچي ۽ سيدنا عبدالمطلب جي پيءُ هاشم کي للڪاريو هو ته آءٌ توکان وڌيڪ معزز آهيان، مون سان مقابلو ڪر، اُن وقت به هُن هارايو هو، جنهن امين کي پاڻ ئي مقرر ڪيو هئائين، ان ئي فيصلو ڏنو ته هاشم هر لحاظ کان مٿس مٿڀرائپ رکي ٿو. ان فيصلي جي ڪري اُميه کي ڏهه سال ڏيهه نيڪالي به ملي هئي، هاڻ هن جو پُٽ حرب، سيدنا عبدالمطلب جي مقابلي تي لهي آيو هو.
ماڻهن گهڻو سمجهايس
پر هن جي سمجهه ۾ نه آيو .
نيٺ اڳ وانگي هڪ ڀيرو ٻيهر امين مقرر ٿيو، عربستان ۾ ان قسم جي ڪيس کي ’منافره‘ چوندا هئا، سيدنا عبدالمطلب ۽ اُميه جي پٽ حرب جي وچ ۾ منافره حبشه جي سفر دوران ٿيو، حبشه پهچي ٻنهي حبشه جي بادشاهه نجاشيءَ کي امين مقرر ڪيو.
نجاشي بادشاهه هو
هو حرب بن اُميه جي ان ٻاراڻي روش کان پري رهيو.
چوڻ لڳو، اهو منهنجو ڪم ڪونهي، تون پنهنجي قافلي جي ماڻهن مان ڪنهن کي پنهنجو امين مقرر ڪر.
نيٺ اهي ذميداريون نضيل بن عبدالعزيٰ کي نباهڻيون پيون، جيڪو بني عدي مان هو. هن حرب بن اميه جي سڄي ڳالهه ٻڌي ۽ پنهنجو فيصلو ٻڌايو، چيائين تو ته هڪ اهڙي شخص سان منافره ڪرين ٿو، جيڪو توکان مٿانهون آهي، تو کان علم ۾ وڌيڪ آهي، توکان وڌيڪ معزز ۽ عزت وارو آهي. ملامت واري هر شئي ۾ توکان گهٽ آهي، توکان وڌيڪ سخي، ڪريم، ڏيندڙ ۽ توکان وڌيڪ فصيح ۽ بليغ آهي. هن جي اڳيان ڀلا تنهنجي ڪهڙي حيثيت .
فيصلو ٿي ويو.فيصلو ته پهرين به ٿيو هو.
سيدنا هاشم جي سامهون اُميه هارايو هو.
سيدنا عبدالمطلب جي سامهون اُميه جو پُٽ حرب ڦڪو ٿيو.
اڳتي هلي سيدنا عبدالمطلب جي پوٽي آخري نبي حضرت محمد ﷺ کي حرب جي پُٽ ابوسفيان کي للڪارڻو هو.
اُن فيصلي سان ٻيو ڪجهه ٿيو يا نه ٿيو پر سيدنا عبدالمطلب کي اوچتو ڪيترا سال اڳ بيت الله جي اڱڻ ۾، خدا کان گهريل درد مند دل ۽ اندر جي اونهاين سان گهريل هڪ دعا ياد اچي ويئي.
هڪ دور ياد اچي ويو.
پراڻي سمئه جي ڳالهه آهي جڏهن اڃا سيدنا عبدالمطلب جو رڳو هڪ پُٽ حارث هو. ٻنهي پيءُ پٽ گڏجي خدا جي ٻڌايل جاءِ کوٽي پاڪ زم زم جي کوهه کي ظاهر ڪيو هو، اُن ڏينهن هڙئي قريشي قبيلن سندس مخالفت ڪئي هئي، پر هو پنهنجي جاءِ تي ڄميو بيٺو رهيو، اُن ڏينهن هن دل ئي دل ۾ خدا کان هڪ خواهش ڪئي هئي ته مونکي ڏهه پُٽ ڏي، جيڪي منهنجي سگهاري ڍال بنجن، جيڪڏهن تو مونکي ڏهه پُٽ ڏنا ۽ انهن کي جوانيءَ تائين پهچايو ته انهن مان هڪ تنهنجو هوندو. اهو تنهنجي نالي تي قربان ڪندس، حرب کان فيصلي ڪن فوقيت حاصل ڪرڻ مهل سيدنا عبدالمطلب جا ڏهه پٽ جوان هئا،هيڏانهن فيصلو ٿيو ته هتي سيدنا جي دل ۾ خدا سان ڪيل وچن ڪنڌ مٿي کڻي چيو.
’هاڻ وچن جو پورائو ٿئي.‘

تجديد اسماعيل عليه السلام

تجديد اسماعيل عليه السلام

سيدنا عبدالمطلب کي خدا سان ڪيترا سال اڳ ڪيل وچن ياد اچي ويو. هُن سڀني پُٽن کي گڏ ڪيو ۽ چيو: آءٌ اوهانکي اها گهڙي ياد ڏيارڻ ٿو گهران، جڏهن آءٌ خدا جي اشاري تي آب زم زم کي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ ڪعبي جي اڱڻ ۾ ويو هئس، اُن وقت مونسان رڳو منهنجو هڪ پٽ گڏ هو، اوهان جو وڏو ڀاءُ حارث، سڄو ڪڙم اسان ٻنهي پيءُ پٽ جي مخالفت ۾ گڏ هو، اُن گهڙيءَ مون دل ئي دل ۾ هڪ باس باسي هئي. پنهنجي خدا سان وچن ڪيو هوم ته جيڪڏهن هو مونکي ڏهه پٽ ڏيندو ۽ انهن ڏهن کي آءٌ جوان ٿيندي ڏسان ته هڪ پٽ سندس راهه ۾ قربان ڪندس. اڄ اهو ڏينهن اچي ويو آهي، ڏسو اوهين ڏهه ئي جوان آهيو،
هاڻ ٻڌايو ته آءٌ پنهنجو وچن ڪيئن پورو ڪيان.
مون کي پنهنجو وچن پورو ڪرڻو آهي.
اوهان کي خبر آهي ته اسين ڪنهن جي اولاد مان آهيون؟
پيءَ پٽ حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسماعيل کي مڃيندا هئا،
کين اُنهن جي ڪهاڻي جي خبر هئي.
کين ته خدا اشارو ڪيو هو، هتي سيدنا عبدالمطلب ڪڏهن پنهنجي دل ۾ خدا کي اهو اشارو ڏنو هو، هن خدا سان جيڪو شرط رکيو هو، اهو خدا پورو ڪري ڇڏيو. هاڻ هن جيڪو وچن ڪيو هو، اهو پورو ڪرڻ جو وقت اچي ويو هو.
سندس ڏهه ئي پٽ خاموش ڪنڌ جهڪايو ادب سان سندس سامهون بيٺا هئا، ٻُڌڻ مهل ته سڀني جي پيرن هيٺان زمين ڌُڏي هوندي.
هنن جي دلين ۽ دماغن ۾ زلزلو آيو هوندو.
پر هنن فقط ايترو چيو: بابا سائين اوهان جيڪو وچن ڪيو هو، اهو پورو ڪريو.
سيدنا ابراهيم ۽ سيدنا اسماعيل جي ڪهاڻيءَ ۾ وڏو فرق هو.
هو ٻيئي خدا جا پيارا نبي هئا، هڪ خليل الله ۽ ٻيو ذبيح الله، تڏهن ته اقبال چيو هو:
یہ فیضان نظر تھا یا کہ مکتب کی کرامت تھی
سکھائے کس نے اسماعیل کو آدابِ فرزندی.
اُتي پيءَ سيدنا ابراهيم جي نظر ڪرم جو فيض هو. کُٿاب اهوئي هو، پر شايد ان ۾ پيدا ٿيندڙ جليل القدر آخري نبي ﷺ جي نظر جو ڪرم هو ته هنن پنهنجي پيءُ جي سامهون ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. ان وقت سيدنا عبدالمطلب جي ڏهن ئي پٽن مان عبدالله سڀني کان ننڍو هو. سونهن توڙي سوڀيا ۾، سيرت توڙي صورت ۾ مڪي ۾ سندس ڪو مَٽ ئي ڪونه هو. چوويهه سال عمر هيس، پيءُ جو صفا سڪيلڌو هو، پاڻ ۾ ٽي مائيتا ڀائر هئا، زبير،ابوطالب ۽ عبدالله. سيدنا عبدالمطلب جون ان وقت تائين ٿيندڙ پنج ئي ڌيئرون به سيدنا عبدالله جي امڙ جون پيٽ ڄايون هيون. جيڪي سڀئي مڪي جي سکر گهراڻن ۾ پرڻايل هيون. عبدالله جي امڙ به قريش جي هڪ معزز ڪُٽنب بنو مخزوم مان هئي، جيڪو وڏو مالدار ۽ ويڙهو قبيلو هو، سيدنا عبدالمطلب جڏهن پنهنجي سڀني پُٽن کي پاڻ سان گڏ وٺي ڪعبي جي متوليءَ وٽ تيرن جو فال ڪڍڻ جو فيصلو ڪرڻ روانو ٿيو ته زبير، ابو طالب ۽ عبدالله جي امڙ فاطمه مخزومي وٽ عبدالمطلب جون ٻيون زالون منٿ ميڙ ۽ سفارش ڪرڻ جي لاءِ پهتيون.
ڀيڻ تون ته وڏي قبيلي واري آهين،
تنهن جا ٽي شينهن جهڙا پُٽ آهن، پنجن ڌيئرن جي ڪري به قريش جا پنج قبيلا توسان گڏ آهن، جيڪڏهن اسان جو ڪو پُٽ ڪُڻي ۾ اچي ويو ته ڀيڻ تون اسان جي مدد ڪج. کين ڪهڙي سُڌ ته ڇا ٿيڻ وارو آهي. سيدنا عبدالمطلب بيت الله جي دروازي تي وڃي ڀوپي کي ڏهن تيرن وارو فال ڪڍڻ جي لاءِ چيو. هر تير تي هر پٽ جو نالو لکيو ويو.
سيدنا جي پويان قريش جا سڀ قبيلا هئا، ميڙ ۾ سيدنا جون پنج نياڻيون به هيون، جيڪي عبدالله جون سڳيون ڀيڻون هيون. فيصلو ڪهڙو به ٿيڻو هو، ڪنهن ته ماءَ جي دل تي ڪاتي وهڻي هئي. پر فال وارو تير نڪتو ته ان تي نالو لکيل هو ”عبدالله“.
هاءِ!
اسانجو ڀائيٽو.. مخزومي ڀُڻ ڀُڻ ڪرڻ لڳا.
هاءِ.. ڇا چيوَ؟ پنجن ئي ڀيڻن هڪئي وقت دانهن ڪئي.
هي ته اسانجو مائيتو ڀاءُ آهي. زبير ۽ ابوطالب ڪنبڻ لڳا.
عبدالله هو به ته يوسف ثاني.
چوڌاري هُل مچي ويو.
اهو سيدنا عبدالمطلب جو به سڀني کان وڌيڪ سڪيلڌو ۽ لاڏلو هو.
پر هيءَ ته سندس ۽ خدا جي وچ ۾ وعدي جومعاملو هو. هي ڪاتي ڪڍي ڪعبي جي پٿرن تي ڦيري تکي ڪرڻ لڳو. ڪجهه وکون پَرتي سندس ئي لڌل زم زم جي کوهه وٽ اساف ۽ نائله جي بتن جي وچ ۾ قربانيءَ جو اسٿان هو. سيدنا عبدالمطلب، عبدالله کي هٿ مان جهليو ۽ اوڏانهن وڌڻ لڳو، سيدنا عبدالله جا ڀائر پيءُ جي پيرن کي چنبڙي پيا. امڙ به سامهون ٿي بيهي رهي. سيدنا عبدالله جي پنجن ئي ڀينرن کڻي آسمان مٿي تي کنيو. هاڻ هو سيدنا جون ڌيئرون ٿوروئي ڪو هيون، پنجن معزز قريش قبيلن جون مائرون ۽ نهرون هيون، هنن جي هڪ ئي اشاري سان وڏو هُل ٿي سگهيو ٿي، نيٺ عتبه مخزومي جيڪو عمر ۾ سڀني کان وڏو هو، اڳيان وڌيو ۽ چوڻ لڳو، ابو حارث! اسين ايئن ٿيڻ ڪينَ ڏينداسين!
سيدنا عبدالمطلب چيو ته هي منهنجو وچن آهي.
هَن چيو ته: پر هي ته ناحق خون آهي.
پر وعدو ته حق سان ڪيو هئم
هر خون جو خون بها به هوندو آهي.
رسم هوندي آهي.
هوندي، به پر مون وچن ڪرڻ مهل اهو نه سوچيو هو.
نيٺ ماڻهن سردار عبدالمطلب کي بي وس ڪري ڇڏيو.
کيس اهو مڃرايائون ته هڪ ڀيرو ٻيهر ڀوپي وٽ هلجي. من ڪا واٽ نڪري پئي. سردار عبدالمطلب پاڻ به عبدالله جي عشق ۾ گرفتار هو، سندس اندر ۾ به طوفان مَتل هو، پر خدا جي اڳيان ڪيترائي سال اڳ ڪيل وچن کيس هٿ ۾ ڪاتي کڻڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو. نيٺ هو ڀوپي وٽ ويو ته ڪا ٻي واٽ ڪڍجي.
قريش قبيلن چيو.
هيءَ رسم ئي ختم ڪرڻي آهي.
نه ته جيڪڏهن اها رسم هلي پيئي ته اسانجا قبيلا ختم ٿي ويندا. سيدنا عبدالله جا مخزومي ماما سڀني کان اڳيان هئا. هنن اهو پڪو پهه ڪري ڇڏيو هو ته ڇا به ٿي پوي عبدالله کي بچائڻو آهي.
قدرت جو پنهنجو نظام آهي.
هي اهوئي بنو مخزوم آهي، جنهن ڪٽنب ۾ پوڻان چار سال پوءِ ابو جهل پيدا ٿيڻون هو، جنهن پنهنجي سڄي زندگيءَ جو مقصد اهوئي بنائي ورتو هو ته سيدنا عبدالله جي ’چنڊَ‘ آقا ﷺ سان دشمني ڪرڻي آهي.
خدا اُن ڪٽنب کي آقا ﷺ جي والد جي زندگي بچائڻ جي وڪالت ڏني.
هو مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا.
سيدنا عبدالله کي رهڙ به اچڻ نه ڏينداسين.
هو جٿو ڪري تراڙون نيام مان ٻاهر ڪڍي بيهي رهيا.
بنو زهراه وارا به مرڻ ۽ مارڻ جي لاءِ تيار ٿي بيهي رهيا.
عبدالله کي قربان ٿيڻ نه ڏنو ويو.
ڀوپو ڊڄي ويو.
چوڻ لڳو منهنجي گرو ڪاهنه يثرب ۾ رهي ٿي.هوءَ عارفه آهي،هوءَ ئي ٻڌائي سگهي ٿي ڇا ڪرڻو آهي. سڀني قبيلن اُٺ پلاڻيا ۽ يثرب جي راهه ورتائون، ڏهن ڏينهن کانپوءِ هو اُتي پهچي ويا، عارفه چوڻ لڳي ته ، اڄ اوهين وڃو، سڀاڻي اچجو، ڇاڪاڻ ته منهنجو مؤڪل جنهن کان پُڇي ٻڌائيندي آهيان اڄ موجود ڪونهي. سڀاڻي هوندو،
سڀاڻي اچجو،
ٻي ڏينهن سڀ ڏانهنس ويا
ڪا هنه چوڻ لڳي، اڄ اوهان کي جواب ملندو.
هنن سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس
ڪاهنه پُڇڻ لڳي، اوهانجي علائقي ۾ هڪ انسان جو خون بها ڪيترو آهي؟
سيدنا عبدالمطلب وراڻيو: ڏهه اٺ.
عارفه ڪاهنه چيو؛ موٽي وڃو، اُن ڀوپي کي چئو ته ڪعبي ۾ رکيل تيرن مان ٻه تير کڻي. هڪ تي عبدالله جو نالو لکي ۽ ٻي تي ڏهه اٺ لکي.
پوءِ فال ڪڍي. جيڪڏهن جواب آيو ته ڏهه اٺ قربان ڪج، پر جيڪڏهن عبدالله جو نالو نڪتو ته پوءِ ٻي تير تي لکجو ويهه اٺ، ائين اُٺن جو تعداد ڏهه ڏهه ڪري وڌائيندا رهجو، جيستائين فال اُٺن جي نالي جي نه نڪري.
وڃو!
سڀ خوشيءَ مان ڀڄندا ڊوڙندا ڏهن ڏينهن جو پنڌ نون ڏينهن ۾ پورو ڪري اچي مڪي پهتا. ايندي ئي فال ڪڍيائون.
فال نڪتو عبدالله
هنن ڏهن جي بدران ويهه لکي پرچي وڌي
ٻيهر جواب آيو. عبدالله
ويهن جي جاءِ تي ٽيهه ٽيهن جي جاءِ تي چاليهه، پنجاهه، سٺ، ستر، اسي، نوي هر ڀيري فال عبدالله جي نالي جي ئي نڪتي ٿي. نيٺ جڏهن ٻي تير تي اُٺن جو تعداد سئو لکيو ويو ته هن ڀيري فال سئو اٺن جو نڪتو. سڄي ميڙ ۾ الله اڪبر جو نعرو ٻُرائجڻ لڳو، سيدنا عبدالمطلب جي چهري تي اطمينان آيو، پر چيائين.
ماٺ ڪريو.
معاملو ڳنڀير آهي.
آئون ٽي ڀيرا فال ڪڍندس، ٻه ڀيرا وري به فال ڪڍندس.
ٻنهي ڀيرن وري به فال نڪتو. سئو اُٺ.
فيصلي موجب سيدنا عبدالمطلب سئو اٺ قربان ڪري انسانن ۽ جانورن جي لاءِ ڪعبي جي احاطي ۾ پکيڙي ڇڏيا. جنهن کي جيترو وڻي اوترو کڻي ۽ کائي موج ڪري.
مڪو ننڍي وسندي هئي. هيڏو وڏو واقعو، يثرب تائين ڪيس ويو هو، اُتي چوٻول ٿيڻ لڳو، آسپاس جي قبيلن ۾ اها ڳالهه ايئن پکڙجي ويئي، جيئن اڄ جي دور ۾ ٽيلي ويزن تي ٽپا ڏيندڙ ’بريڪنگ نيوز‘ هر ڪنهن جو ڌيان ڇڪرائيندي آهي.
هر گهر تائين خبر پهچي ويئي.
ان خبر سان گڏ بني نوع انسان جي لاءِ هڪ بي حد معتبر ۽ سگهارو واقعو جيڪو ٿيو هو. سو اهو ته ان ڏينهن کانپوءِ هڪ انسان جو ملهه ڏهن اٺن کان وڌي سئو اُٺ قرار ڏنو ويو.
اهو ئي تعداد پوءِ حضرت محمد ﷺ به برقرار رکيو جيڪو اڄ تائين قائم آهي.
خدا جي حڪمت ڏسو ته پنهنجي محبوب ﷺ جي آمد لاءِ جنهن پوتر سهڻي شخص سيدنا عبدالله کي ڌُڻيائين. ان کي به ذبيح جو درجو ڏيئي، ان جي وسيلي هر انسان کي ڏهه ڀيرا وڌيڪ معزز ۽ ملهائتو بنائي ڇڏيائين.
انسان جو قدر ڪٿان کان ڪٿي پهچي ويو.
ڏهن اُٺن واري حيثيت جي انسان جو خون بها سئو اٺ ٿي ويو.
انهن ڏينهن سيدنا عبدالله سڄي مڪي ۾ ايئن مشهور ٿي ويو. ، جيئن ڪو شهزادو ڪنهن رياست کي فتح ڪري آيو هُجي. مرد توڙي زائفائون، کيس واٽ ويندي گهڙي پل لاءِ ڏسڻ ۽ ڳالهائڻ تي مجبور هئا. وري تماشو اهو هو ته هو ڏاڍو سُهڻو هو،حسن جي قدر دانن کي وجهه ملي ويو.

نبوت، بادشاهت ۽ بنو زهره

نبوت، بادشاهت ۽ بنو زهره

اُنهن ئي ڏينهن سيدنا عبدالمطلب ڪنهن ڪم سانگي يمن ويو.
اُتي ڪيترائي واپاري سندس سنگتي هئا، هڪ ڀيري هو پنهنجي ڪنهن سنگتيءَ سان ويٺو هو ته اتي هڪ پوڙهو يمني عالم به اچي سهڙيو. کيس زماني سارو علم هو، وقت جي گيان جو گياني هو، هن ڪيترائي الهامي ڪتاب پڙهيا هئا، جن ۾ توريت ۽ انجيل به شامل هئا، وڏي عمر سبب سندس نظر ڪمزور ٿي ويئي هئي، هو سيدنا عبدالمطلب جي آواز تي ڇرڪيو، پوءِ سيدنا کي مخاطب ٿي چيائين.
آءٌ تنهنجي جسم جي ڪنهن حصي کي ڇُهي سگهان ٿو؟
سيدنا مرڪيو؛ چيائين هر حصي کي ڇُهڻ جي موڪل نٿو ڏيئي سگهان.
پوڙهي يمني عالم چيو آءٌ تنهنجي نڪ جو ناسون ڇهڻ ٿو گهران.
سيدنا موڪل ڏني،
اهو ڪراڙو عالم ڇهڻ وار جاءِ کي مناڙِيندو رهيو
پوءِ سندس نابينا اکين ۾ هڪدم عجيب ڏيا اچي ويئي.
سندس پوڙهو جسم ڪنهن اڻ لڀجندڙ شئي جي لڀجڻ سان پير کان وٺي مٿي تائين ڦڙ ڦڙايو، پنهنجي ٻنهي ڏڪندڙ هٿن سان سيدنا عبدالمطلب جا ڪلها جهليائين ۽ چيائين؛
سردار توکي مُبارڪون هجن.
آءٌ ٻه شيون ڏسي رهيو آهيان، نبوت ۽ بادشاهت.
پر انهن مان هڪ شئي بنو زهره ۾ آهي.
انهن ڏينهن سيدنا عبدالمطلب، سيدنا عبدالله جي شاديءَ جي باري ۾ سوچي رهيو هو.
هن جي ذهن ۾ بنو زهره کانسواءِ ٻيو ڪير به نه هو،
بنو زهره قصيءَ جي وڏي ڀاءُ زهره مان هئا،
بنو زهره وارن سان سندس قديمي لڳ لاڳاپا هئا، ٻيو ته اهو مڪي جي معزز ۽ سرنديءِ وارن ماڻهن جو قبيلو هو.
سيدنا عبدالمطلب، امڙ آمنهرضه جو رشتو سيدنا عبدالله سان طئي ڪري ڇڏيو.
سيده آمنه جو پيءُ وفات ڪري چڪو هو. تنهن ڪري سڄي ڳالهه ٻولهه سيدنا آمنه جي چاچي وهب سان ٿي. وهب جي پنهنجي هڪ ڌي هاله سيده آمنه جي هم عمر هئي، سيدنا عبدالمطلب وهب جي ڌيءَ هاله جو رشتو پنهنجي لاءِ گهريو، هن اُن ڳالهه تي راضپو ڏيکاريو.]شايد سيدنا عبدالمطلب جي ذهن ۾ پوڙهي يمني عالم جي ڳالهه ويٺل هئي، جنهن چيو هو ته آءٌ تو ۾ بادشاهت ۽ نبوت ڏسي رهيو آهيان، پر انهن مان هڪ نعمت بنو زهره وٽ آهي.
ٿي سگهي ٿو هن سوچيو هجي،
بنو زهره جي ڀاڱي جي حصي جي حصول جا امڪان وڌي وڃن[.
ڄڃ وڏي شان ۽ شوڪت سان رواني ٿي.
ٻئي پيءُ پُٽ مُوڙ ٻڌل هئا، سيدنا عبدالمطلب جي ان وقت وهي اسي سالن جي لڳ ڀڳ هئي، هو قد جو ڊگهو، رنگ جو ڳورو، باوقار ۽ صحت مند هو، چون ٿا ته مڪي ۾ سڀ کان پهرين هن ئي وارن کي خضاب ڪري وارن کي ڪارو ڪيو هو. پر وقار چال ۾ پنهنجي عمر کان گهڻو گهٽ نظر ٿي آيو.
ڄڃ ۾ ساڻس گڏ مٽ مائٽ ۽ سنگت ساٿ به هئي،
هو پنڌ ئي وڃي رهيا هئا، ننڍي وستيءَ ۾ گهرن جي وچ ۾ ڪو ايترو فاصلو نه هو، اوچتو رستي ۾سيدنا عبدالمطلب جي دوست ورقه بن نوفل ۽ سندس سُهڻي جوان ڀيڻ ام قتيله جو گهر آيو، ورقه بن نوفل عالم ماڻهو هو ۽ هن پراڻا مخطوطھ پڙهي پنهنجي نظر وڃائي ڇڏي هئي، هو به سيدنا عبدالمطلب وانگر هڪ خدا جو مڃيندڙ هو. پنهنجي وقت جي رائج رسالت جي لحاظ کان هن عيسائيت اختيار ڪري ورتي هئي، شايد سندس چوڻ تي، خانه ڪعبه ۾ جتي قريشن ٽي سئو سٺ بت رکيا هئا، اتي ڪعبي جي سامهون واري ڀت تي بيبي مريم ۽ ابن مريم جون تصويرون به ٺاهيون ويون هيون، هو انجيل ۽ توريت جو عالم هو، کيس خبر هئي ته انجيل ۾ حضرت عيسيٰعه چيو هو ”جيڪڏهن آءٌ نه ويندس ته هو ڪيئن ايندو، اهو جيڪو اوهانکي سَنئين واٽ ڏسيندو، اهو جيڪو رڳو اها ئي ڳالهه ڪندو جيڪا کيس خدا جي طرفان چيل هوندي.“
ورقه بن نوفل ايندڙ نبيءَ جون ٻيون بشارتون به ٻڌائيندو رهندو هو.
سندس ڀيڻ اُم قتيله به اهو سڀ ڪجهه ٻڌندي رهندي هئي، پوءِ هن سيده خديجه بنت خويلد کان به اهي سڀ ڳالهيون ٻڌيو هونديون، بهرحال ڄڃ جي رستي ۾ جڏهن اُم قتيله جو گهر آيو ته هوءَ گهرجي چائنٺ تي اچي بيهي رهي. هن بيٺي بيٺي عبدالله کي سڏ ڪندي چيو:
عبدالله !
سيدنا عبدالله پنهنجي پيءَ جو هٿ جهلي مُوڙ ٻڌيو ٺهيو جڙيو هن جي شادي ڪرائڻ وڃي رهيو هو، سونهن ۾ ته اڳ ئي سَرس هو، يوسف ثاني. مٿان وري ٺهيل جڙيل گهوٽ بنيل، ڏسڻ وارن حسينائن ۾ ڪيترين زليخا جو روح گهڙي وڃي ها.
اُم قتيله جي دل جي ڳالهه زبان تي اچي ويئي،
سڀني جي سامهون سڏيائينس
سيدنا عبدالمطلب پُٽ جو هٿ ڇڏي ڏنو ۽ چيو
وڃ ٻُڌ!
تنهنجي ماسات ڇا ٿي چوي.
سيدنا عبدالله اُم قتيله وٽ آيو.
اُم قتيله اکين ۾ تارا نچايا ۽ مُرڪي پُڇڻ لڳي
هيڏو ٺهي جڙي ڪيڏانهن پيو وڃي.
وراڻيائين؛ پنهنجي پيءَ سان گڏ شادي ڪرائڻ.
اُم قتيله چيو، اها شادي مون سان ڪر
هينئر.
آءٌ ڪوبه فيصلو نه ڪندو آهيان. فيصلا منهنجو پيءُ ڪندو آهي.
ٻُڌ! تنهنجي صدقي جهڙن سئو اٺن جي قرباني ٿي هئي، اهڙا ئي سئو اٺ ڏيندي سانءِ .
اڳتي نه وڃ
ترسي پئو
هينئر ئي مونسان شادي ڪري وٺ.
سيدنا عبدالله گهڻو لَڄي ٿيو. ڳورو چٽو ته اڳ ۾ ئي هو. صفا ڳاڙهو ٿي ويو، ڪنڌ نهڪار ۾ ڌوڻي واپس پيءُ وٽ موٽي آيو.
ڄڃ کي جتي وڃڻو هو، اُتي پهتي.
وهب جي نياڻي ’سيده سانئڻ آمنه‘ سان سيدنا عبدالله جي شادي ٿي ويئي، ۽ اتي ئي وهب جي ڀاءُ وهيب جي ڌيءَ هاله سيدنا عبدالمطلب جي وني بڻي. ٻيئي گهوٽ، پيءُ، پُٽ مڪي جي رسم موجب ايندڙ ٽن ڏينهن تائين پنهنجي ساهرن جا مهمان ٿي رهيا، چون ٿا ته ٻي ڏينهن ڪنهن ڪم سان سيدنا عبدالله گهران نڪتو ته اتفاق سان واٽ ويندي اُم قتيله گڏجي ويس، پر اڄ هوءَ سيدنا عبدالله ڏانهن ڪو ڌيان ڌرڻ کانسواءِ لنگهي ويئي، سيدنا عبدالله اُم قتيله کي سڏ ڪيو
ٻُڌ،
اڄ تون اها ڳالهه نه پئي ڪرينءَ جيڪا ڪالهه چئي رهي هئين؟
اُم قتيله، سيدنا جي منهن ڏانهن اداسي مان ڏٺو ۽ چيو
خدا جو قسم اُن ڏينهن تنهنجي نرڙ تي عجيب الوهي نور هو
مون اُن نور ڪائنات جي اچڻ جا قصا ٻڌي رکيا هئا،
منهنجي مَن ۾ آيو ته شايد اهو منهنجي ڀاڳ ۾ هُجي،
پر ڀاڳ لکندڙ، ڀاڳن ۾ ڀُل چُڪ ٿيڻ نه ڏيندو آهي،
ڀاڳَ جا ڪڪر ۽ قسمت جو مينهن پنهنجي جاءَ تان نه ٽرندو آهي.
نور ڪائنات، سيده آمنه جي جسم ۾ پلجڻ لڳو،
سندس ماسات هاله جي پيٽ ۾ سيدنا حمزه،
هُنن ٻنهي جي پيدائش ۾ اڳيان پويان ڇهن ڏينهن جو فرق هو.
سيدنا حمزي پوءِ جي ڏينهن ۾ هڪ ڏاڍي شاندار ڳالهه چئي
ڪنهن پڇيس: آقا ﷺ ۽ توهان مان وڏو ڪير آهي؟
سيدنا حمزه وراڻيو:
وڏو ته آقا ﷺ ئي آهي، آءٌ ڇهه ڏينهن پوءِ پيدا ٿيس.
ٻنهي ۾ ڪيترائي گهرا رشتا هئا، هڪ چاچي ۽ ڀائيٽي جو، ٻيو ماساتن جو، پوءِ جڏهن ٻنهي کي ابولهب جي ٻانهي ثوبيه ڪجهه ڏينهن ٿڃ پياري ته ٻيئي ٿڃ شريڪ ڀائر به بنجي ويا. پوءِ ٻنهي جي لاءِ رضاعي مائرن جي چونڊ ٿي ته ٻنهي جي لاءِ بنو سعد قبيلو چونڊيو ويو، اُتي هڪ عورت ٻنهي کي هڪ ڀيري گڏ ٿڃ پياري، ايئن ٻِٽا ٿڃ شريڪ ڀائر به بنجي ويا.
پر وڏو ٿي انهن ۾ هڪ ٻيو به رشتو بنجڻون هو،
شمع ۽ پرواني جو.
پرواني جي لکئي ۾ اهو لکجي چڪو هو ته هو پنهنجي سورهيائي ۽ ولوله انگيزيءَ جي حيرت ۾ وجهندڙ باب لکي اجالي جي تقديس ۽ محبت جي انتها جي لاءِ ايندڙ وقت ۾احد جبل جي هنج ۾ پنهنجو تن من ۽ ڌن هر شئي شمع رسول ﷺ تي واري ڇڏي. نورڪائنات ﷺ جي اکين جو نور هوندي کانئس شير خدا ۽ شير رسول ﷺ جو متبرڪ خطاب حاصل ڪري، سدائين جي لاءِ جي لاءِ اُمر ٿي وڃي،
خدا جتي خوشيون لکي ٿو، اُتي ڏک به،
نور ڪائنات ﷺ جي زندگيءَ ۾ وڏي ڏک جي شروعات لکيل هئي،
لکيو اهو ويو ته
رسول الله ﷺ جي پيدائش کان ٻه مهينا اڳ، سندس پنجويهن ورهين جو سُهڻو سدا ملوڪ پيءُ سيدنا عبدالله هڪ سفر ۾ بيمار ٿي مڪي کان پري يثرب ۾ گذاري وڃي.
ايئن ئي ٿيو.
سيده آمنه نور ڪائنات ﷺ جي ڄمڻ کان اڳ ئي بيوھ ٿي ويئي،
ٻنهي جهانن جو والي ۽ وارث ﷺ پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي يتيم ٿي ويو.

آقا ﷺ جو ذڪر، سڳوري توريت ۽ زبور ۾

آقا ﷺ جو ذڪر، سڳوري توريت ۽ زبور ۾

پالڻهار هر قوم، هر وستي ۽ هر واهڻ ۾ ڊيڄاريندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ موڪليا. اُنهن سڀني کي آخري نبي ﷺ جي اچڻ جو اڳواٽ ئي اطلاع ڏنو ويو . کانئن وچن ورتو ويو ته جڏهن اُهو آخري نبي ﷺ اچي ته اُن جي پيروي، نصرت ۽ مدد ڪجو. الله تعاليٰ قرآن کانسواءِ باقي ٻين صحيفن ۽ ڪتابن جي، جيئن جو تيئن حفاظت جي ذميداري نه کنئي.
الله تعاليٰ کي ته ”قرآن،“ آخري ڪتاب کي محفوظ رکڻو هو.
تنهنڪري وقت سان گڏ وگڏ پراڻن ڪتابن ۾ بدل سدل ٿيندي رهي آهي، شروع ۾ شايد اُنهن ڪتابن جي پاڻمرادو عالمن اصل متن جي ترجمي ۾ پنهنجي مرضيءَ وجهندي ڪامائون ۽ فل اسٽاپ هڻي، خدا کان وڌيڪ پنهنجي ذهانت جي نرت ۽ پنهنجي اندر ۾ لڪل ڪو زهر ڪڍيو هوندو. پوءِ هنن اصل متن سان گڏ انهن جي تشريح لکي ڇڏي هوندي. هوريان هوريان اهي تشريحون ۽ حاشيا اصل متن سان گڏ وچڙ ٿي ويا هوندا. پوءِ ڪنهن خيال ئي نه ڪيو هوندو ته اصل متن ڪهڙو آهي ۽ ان ۾ ڪٿي ڪٿي ملاوت ڪئي ويئي آهي.
پر هڪ پرک اڃا به آهي.
سون جي پَرک جي عجيب ڪوٺاري .
اها هيءَ ته هر سڳوري صحيفي ۽ ڪتاب ۾ خدا، پنهنجي رسول ﷺ جو ذڪر ڪيو ۽ اهو محفوظ ڪري ڇڏيو، کيس زماني جي لَٽ ۾ نه لَٽيو، تنهن ڪري آقا ﷺ ذِڪر رسول الله کي خدا قيامت تائين وڌائڻ ۽ قائم رکڻ گهريو.
سڀئي نبي سڳورا، جن جا نالا قرآن مجيد ۾ آيا ۽ اِهي نبي جن جو نالو قرآن ۾ لکيل ڪونهي، سڀئي آقاﷺ جي اچڻ جون نشانيون ۽ خوشخبريون ڏيندا رهيا آهن. اُنهن صحيفن ۽ ڪتابن ۾، اهي سڀ لکتون وڏي وضاحت سان لکيل آهن. اهي ڪتاب پوءِ توريت هجي، زبور هجي، انجيل هجي يا ٻين علائقن جا مڃيل ڪتاب هجن، جيئن هنڌن جا ويد، پُراڻ، رامائڻ، يا گيتا، ٻڌ ڌرم جا ڪتاب هجن يا زرتشتين جا صحيفا، چين جي ڪنفيوشس جا ڪتاب يا قديم آمريڪي، ڪينيڊين يا يورپي لاڏائو قبيلن جي روايت ۾ اڄ سوڌي هلندڙ الوهي ڳالهيون سڀني ۾ رسول ﷺ آخري رسول جون نشانيون چٽي ۽ ناقابل ترديد نموني موجود آهن.
حضرت موسيٰ عليه السلام تي سڳورو توريت لٿو هو
توريت جون بشارتون به صفا چٽيون آهن.
جيتوڻيڪ يهودين ڪيترائي ڀيرا اُن ۾ بَدل سَدل ڪئي
سچ ڪوڙن جي هٿان نٿو مري
سچ اڃا تائين موجود آهي.
توريت جو عبراني زبان ۾ اصل متن ته موجود ڪونهي
قديم زبان جنهن ۾ لکيل ملي ٿو. اها عربي ئي آهي، موجوده توريت جي هڪ آيت هن ريت آهي.
”خدا وند سينا کان آيو، ساعير کان مٿن ظاهر ٿيو ۽ فاران جي جبلن تان جلوه گر ٿيو“. (توريت، استشناء 3-2)
طورسينا جبل تي حضرت موسيٰ تي الله جو ڪرم ٿيو. هم ڪلام ٿيو، ساعير فلسطين جو اهو هنڌ آهي، جتي حضرت عيسيٰعه تي خدا جي رحمت لٿي، جتي سندس جنم ٿيو. انهن ٻنهي جليل القدر نبين کانپوءِ ”فاران“ جي ٽڪرين تي الله جي صفت احديت ۽ فريت جو ظهور ٿيو.
فاران ڪٿي آهي.
مڪي ۾
جبل نور اُن جو ئي حصو آهي.
غار حرا اُن ۾ ئي آهي.
ايئن ڪونهي ته اهو نالو مڪي وارن پوءِ رکي ڇڏيو
صدين کان اهو ئي نالو آهي.
توريت جي اندر فاران جي ڊيگهه پکيڙ به لکيل آهي ۽ سڄو واقعو به، جنهن جي ڪري فاران کي سڳورپ ملي، توريت جون آيتون ڏسو.
”۽ هو لکين قُدسين مان آيو، سندس کاٻي هٿ تي جنهن جي لاءِ آتشي شريعت آهي“. (توريت، سيمنيه، سنستھ النار 22-21)
توريت ۾ هڪ ٻي هنڌ لکيل آهي:
”فاران جي بيابان ۾ رهندو هو“. (توريت ڪتاب استثناء، باب 33 آيت 2)
توريت ۾ هڪ ٻي هنڌ لکيل آهي:
”آءٌ اُنهن جي لاءِ سندن ئي ڀائرن مان هڪ تو وانگر نبي پيدا ڪندس ۽ پنهنجو ڪلام هن جي وات ۾ وجهندس ۽ کيس جيڪو حڪم ڏيندس، هو اهو ئي کين چوندو“. ( توريت، استشناء 18-18)
اڳيان هلي توريت ۾ الله دڙڪو به ڏنو آهي.
” ۽ جيڪو به منهنجي انهن ڳالهين کي، جيڪي هو منهنجو نالو ڳنهي چوندو، نه ٻُڌندو ته آءٌ ان جو کانئس حساب وٺندس“. (توريت استشناء 18-19)
توريت ۾ آقا ﷺ جي لاءِ ايترا ته چٽا اشارا آهن، جو يهودي ڊگهي عرصي کان آقا ﷺ جي اوسيئڙي ۾ هئا، کين اها به خبر هئي ته پاڻ سيدنا اسماعيل عليه السلام جي اولاد مان هوندو. سيدنا اسماعيل عليه السلام جي اولاد مان رڳو آقا ﷺ ئي آيو.
اها ٻي ڳالهه آهي ته يهودين شايد اهو طئي ڪري ڇڏيو هو ته هو خدا کي مجبور ڪري ڇڏيندا ته اهو آخري نبيصه سندن ئي خاندان مان آڻي ۽ جيڪڏهن نٿو آڻي ته هو ڄاڻي ٻُجهي اُن جا منڪر ٿيندا.
سيدنا عبدالله بن سلام ۽ سيدنا ڪعب بن احبار مديني ۾ مسلمان ٿيڻ کان اڳ يهودين جا وڏا عالم هئا. هو اڳين ڪتابن جو وڏو علم رکندا هئا، انهن کان روايت آهي ته جڏهن توريت ۾ بَدل سَدل نه ٿي هئي ته توريت ۾ هي آيت موجود هئي.
”اي نبي! بيشڪ اسان توکي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ۽ اُمي ماڻهن جي حفاظت ڪرڻ وارو، ڪري موڪليو آهي. اوهان منهنجا ٻانها ۽ رسول آهيو،مون اوهانجو نالو ”متوڪل“ رکيو آهي، اهو نبي نه ته سخت مزاج هوندو، نه بداخلاق هوندو ۽ نه ئي بازارين ۾ هُل بَکيڙو ڪرڻ وارو، هو بُرائيءَ جو بدلو بُرائيءَ سان نه ڏيندو، پر معافي ۽ درگذر کان ڪم وٺندو. الله کيس تيستائين وفات نه ڏيندو جيستائين هڪ بگڙيل قوم جي وات مان لاالٰه الا الله چورائي کين پنهنجي واٽ تي نه وٺي ايندو“.
ڳالهه ته صفا چٽي پيئي آهي.
هيءَ آيت ڪنهن جي لاءِ آهي.
ڪير درگذر ڪري هڪ بگڙيل قوم کي پنهنجي وفات کان پهرين لاالٰھ الا الله تي وٺي آيو؟
منهنجو آقا ﷺ
اسان جو آقا ﷺ
آخري رسول ﷺ
حضرت محمد رسول الله ﷺ
حضرت دائود عليه السلام تي زبور ۾ هيءَ آيت لٿي.
”توکان پوءِ هڪ نبي ايندو، جنهن جو نالو احمد ۽ محمد ﷺ هوندو. صاف سُٿرو سردار، آءٌ ڪڏهن به مٿس ناراض نه ٿيندس ۽ نه هو مونکي ناراض ڪندو. ۽ مون هُن جا اڳيان پويان سڀ گناهه معاف ڪري ڇڏيا آهن. سندس اُمت رحمت يافته هوندي. جنهن کي اڳوڻن سڀني نبين جي انعامن سان نوازيو اٿم، مٿس اهي فرض لاڳو ڪيا اٿم، جيڪي اڳوڻن نبين جي نور وانگر هوندا. اي دائود ! مون ان اُمت محمدصه کي خير الامم ۽ سڀني امتن کان افضل قرار ڏنو آهي“. (ابن ڪثير)
هڪ ڀيرو سيدنا صديق اڪبررضه هڪ واپاري قافلو وٺي هرقل قيصر روم طرف ويو، قيصر جي دربار ۾ به وڃڻ ٿيس، هو آقا ﷺ جو پيغام پڙهي چڪو هو، سچ کان واقف هو، سيدنا ابوبڪر کي پنهنجي محل جي خاص ايوان ۾ وٺي ويو.
اهو قديمي نوادرات سان ڀريل شاهي ميوزيم هو.
ڀتين تي صندل ۽ آبنوسي الماڙين ۾ دنيا جهان جا قديمي خزانا پيل هئا. پيليون زرد شمعون ٻري رهيون هيون. ڪمري ۾ عجيب سڳورپ ڀري سُهائي ڦڙڪي رهي هئي، ائين ڪنبي رهي هئي ڄڻ ان جي سهائي جي اک کي ٿوري دير کانپوءِ ڪا اهڙي شڪل ڏسڻي آهي. جنهن جي احترم ۾ اهي مشعلون اڃان به زبانون جهلي روشني جي اک ۾ سج پوکڻ جي ڪوشش ڪري رهيون هجن.
بادشاھ هرقل سيدنا ابوبڪر کي وٺي هڪ صندل جي الماڙي کولي بيهي رهيو. صندل جي خوشبو، لوبان جي سُرمئي دڳندڙ خوشبودار دُنهه ۽ پيلي روشنيءَ جي اُلائن جي بيتاب روشنيءَ ۾ هرقل ان الماڙي مان ڪپڙي تي ٺهيل ڪجهه تصويرون ڪڍيون، هو تصويرون ڏيکاريندو ۽ نبي سڳورن جا نانءَ ڳنهندو ويو.
اوچتو، ڪمري جي مشعلن ۾ اُلا اڇلجڻ لڳا.
روشني جو هڪ طوفان آيو
لوبان جي خوشبو وڌي،
۽ هرقل هڪ تصوير هٿ ۾ کڻي ادب سان بيهي رهيو.
سيدنا ابوبڪر تصوير سُڃاڻي ورتي
اها آقا ﷺ جي هئي.
پراچين سمئه جي ڪنهن ڪپڙي تي ٺهيل
يا ڪنهن وڻ جي ڇال تي ڇپيل
سيدنا ابوبڪر به بيهي رهيو
ٻنهي جي اکين مان لڙڪ جاري ٿي ويا.
سيدنا ابوبڪر پُڇيو قيصر روم کان ته تو وٽ هيءَ تصوير ڪٿان آئي،
هرقل چوڻ لڳو
هيءَ حضرت آدم عليه السلام جي خزاني ۾ محفوظ هئي.
حضرت آدم عليه السلام سوال ڪيو هو ته منهنجي پيڙهيءَ مان جيڪو تنهنجو انعام يافته نبي آهي ۽ خاص طور تي آخري نبي سرور ڪونين ﷺ ، ان جي شبيهه ته ڏيکاريو، دل خوش ٿيندي.
الله حڪم ڏنو
تصوير جڙي وئي
الله ته مصور به آهي نه
ڏيکاريوس
ذوالقرنين اِهي ڪڍيون
دانيال عليه السلام جي حوالي ڪيون
پوءِ سڪينه جي صندوق ۾ آئي
۽ مون تائين پهچي ويئي. ( ابن هشام)
قرآن ۾ الله تعاليٰ ائين ته ارشاد نه فرمايو آهي:
” اِهي ماڻهو جن کي ڪتاب ڏنو هوسين، اِهي کيس ائين سُڃاڻن ٿا، جيئن پنهنجن پُٽن کي. بيشڪ انهن مان ڪي ماڻهو حق کي لڪائين ٿا، جيتوڻيڪ کين خبر آهي“. ( سوره البقره 146-2)
سڳوري زبور ۾ ته خدا آقا ﷺ جي سهڻي شخصيت جي رڳو تصوير ڪشي ئي نه ڪئي آهي. پر سندس بي مثال سڄي زندگيءَ جي جدوجهد، پيغام، هدايت، بنيادي ۽ روحاني قوتن جو ڀرپور اجمالي خاڪو به موڪلي ڏنو آهي. اهو وري خدا چيو به ڪڏهن، هزارين سال پهرين سڳوري زبور ۾ حضرت دائود عليه السلام جي لاءِ، جيڪو شايد پنهنجي سُريلي ساز تي ويهي پنهنجي مٺڙي آواز ۾ گنگنائيندي پنهنجي قوم کي ٻُڌائيندو هوندو. سڳوري زبور ۾ چيل آهي.
هن جي سلطنت سمنڊ کان سمنڊ تائين هوندي
بيابانن ۾ رهندڙ هُن جي سامهون جهڪندا
هُن جا دشمن مِٽي چٽيندا
ترسيس ۽ ٻيٽن جا بادشاهه سندس ڏن ڀَرو ٿيندا.
سبا ۽ سيبا جا بادشاهه سوکڙيون آڻيندا
سڀ بادشاهه هُن جي اڳيان سيس نوائيندا
ڇو ته هو محتاج کي جڏهن دانهيندو ۽ غريب کي جڏهن هن جو ڪو واهرو نه هوندو، ڇڏرائيندو.
هو غريبن ۽ محتاجن تي رحم کائيندو
مُحتاجن جي جان بچائيندو
هو فديي مان هنن جي جانين کي ظلم ۽ جبر کان ڇڏرائيندو ۽ سندن رت هن جي نظر ۾ مُلهائتو هوندو.
هو کٽندو رهندو ۽ سبا جو سون کيس ڏنو ويندو
ماڻهو هُن جي حق ۾ پيا دعائون ڪندا
۽ سَڄو ڏينهن کيس دعائون ڪندا
زمين تي، جبلن جي چوٽين تي اناج جي گهڻائي هوندي ۽
انهن جو ميوو لبنان جي وڻن وانگر جهومندو
۽ شهر وارا زمين جي گاهه وانگر ساوا ستابا هوندا
۽ سندس نالو هميشه قائم رهندو،
جيستائين سج جيئرو رهندو، هُن جو نالو رهندو.
۽ ماڻهو هن جي وسيلي برڪت ماڻيندا.
سڀ قومون کيس ڀاڳوان چونديون.
]سڳورو زبور، باب 72- آيت 8 وما بعد[
ڪو شڪ رهي ٿو .
تنهن ڪري ته قرآن حڪم ڏي ٿو ته سڀني صحيفن ۽ ڪتابن تي ايمان آڻيو، جن ڪتابن تي ايمان آڻڻون آهي، انهن جي هڪ ننڍي نشاني اها آهي ته انهن ۾ منهنجي آقا ﷺ جي واکاڻ ۽ اڳڪٿيون آهن، جيڪي الله انهن ڪتابن مان ميسارجڻ نه ڏنو.
اِها خدا جي محبت جي تقاضا آهي.
جنهن حڪم ڏنو.
”الله ۽ اُن جا ملائڪ پيغمبر تي درود موڪليندا آهن. مومنو! اوهين به درود ۽ سلام موڪليندا وڃو.“ (القرآن، سوره الاحزاب، آيت 56)
اهو درود پاڪ، اها واکاڻ رسول ﷺ، اهي آقا ﷺ جي شان ۾ قصيدا، الله پنهنجي هر نبيءَ جي وات مان چورايا. پنهنجي هر سڳوري ڪتاب ۽ صحيفي ۾ لکي موڪليا ۽ محفوظ ڪيا. ڪائنات جي ٻاڙي ٻاڙي جتي الله جي حمد ۽ ثنا ڪري ٿي، اُتي اِها آقا ﷺ تي درود ۽ سلام به موڪلي ٿي. ڪنهن کي اهڙا ٻڌڻ وارا ڪن مليا آهن ته هو اها ٻڌي ۽ خدا جو قسم شڪ نه ڪري.

آقا ﷺ جو ذڪر، سڳوري انجيل ۾

آقا ﷺ جو ذڪر، سڳوري انجيل ۾

سڳوري انجيل ۾ بار بار بَدل سَدل جي باوجود اڃا تائين به اهو لکيل آهي؛
”آءٌ پنهنجي ۽ اوهان جي پروردگار وٽ وڃي رهيو آهيان، ته جيئن هو اوهان ڏانهن فارقليط موڪلي، جيڪو جلد ئي اوهان وٽ دليل کڻي ايندو“. (انجيل يوحنا 16-7)
فارقليط جي معنيٰ آهي ”روح الحق.“
جيڪو حق ۽ باطل جي وچ ۾ فرق پيدا ڪري،
ٻنهي کي ڌار ڌار ڪري،
’فار قليط‘ ئي مڪي جي فتح مهل چوي ٿو،
”حق اچي ويو، باطل هليو ويو، بيشڪ باطل وڃڻ واري شئي آهي“.
سڳوري انجيل ۾ هڪ ٻئي هنڌ لکيل آهي:
” جيڪڏهن اوهين مون سان مُحبت رکو ٿا ته منهنجي چوڻ تي عمل ڪريو ۽ آءٌ پروردگار کي درخواست ڪندس ته هو اوهان کي ٻيو مددگار يعني حق جو روح فارقليط موڪلي، جيڪو سدائين اوهان سان رهندو“. ]انجيل يوحنا، باب 14- آيت 15-16[
اڳتي سڳوري انجيل جي ٻي آيت آهي:
”پر مددگار روح القدس، جنهن کي پروردگار منهنجي نالي سان موڪليندو يعني هو نبي هوندو. اوهان کي اهي ڳالهيوڻ سيکاريندو، جيڪي مون اوهانکي چيون آهن، هو اوهانکي سڀ ياد ڏياريندو“. ]انجيل يوحنا، 13-26[
حضرت عيسيٰ عليه السلام پنهنجن ماڻهن کان سڳوري انجيل ۾ اهو به واعدو ورتو: ” جڏهن اهو فارقليط ايندو ته منهنجي شاهدي ڏيندو ۽ اوهين به شاهدي ڏجو.“
]انجيل يوحنا 15-26-27[
لڳي ايئن ٿو ته سيدنا عيسيٰ عليه السلام جا سچا حواري کيس نه وڃڻ جي لاءِ ٻاڏائي رهيا هئا، مِنٿون ڪري رهيا هئا ته رسول الله ابن مريم عليه السلام نه وڃو، پر سيدنا ابن مريم عليه السلام انجيل جي زبان ۾ فرمائي ٿو:
”پر آءٌ اوهانکي سچ ٿو چوان، منهنجو وڃڻ اوهان جي لاءِ ڀَلو ثابت ٿيندو، ڇو ته جيڪڏهن آءٌ نه ويندس ته فارقليط اوهان وٽ نه ايندو، جيڪڏهن آءٌ ويندس ته کيس اوهان ڏانهن وڃي موڪليندس.“ ]انجيل يوحنا 16-7[
اڳين سڳوري انجيل جي آيت آهي:
”جڏهن فارقليط ايندو ته سڄي دنيا کي گناهه جي باري ۾ ڏوهاري ڪندو“. ]انجيل يوحنا 16-8[
انجيل يوحنا باب 14 آيت 30 ۾ ابن مريم سيدنا عيسيٰ عليه السلام جو ارشاد تفصيل سان لکيل آهي، جيڪو پڙهي آقاﷺ جي سڄي سڳوري شخصيت کُلي سامهون اچي وڃي ٿي ته دنيا جي تاريخ ۾ اُن پئماني تي ڪابه هستي نه لٿي سواءِ رسول الله سرور ڪونين اسان جي آخري نبي ﷺ جي. ڏسو انجيل يوحنا جا لفظ، جيڪي وڃڻ مهل حضرت عيسيٰ عليه السلام چيا:
”هاڻي آءٌ اوهان سان گهڻيون ڳالهيون نه ڪندس
ڇو ته دنيا جو سردار ايندو آهي
۽ مون ۾ هُن جو ڪجهه به ڪونهي.“

آقا ﷺ جو ذڪر، هندن جي سڳورن ڪتابن ۾

آقا ﷺ جو ذڪر، هندن جي سڳورن ڪتابن ۾

هندستان جي دکني علائقي گجرات ۾ هڪ رياست ڀوڄ هئي.
راجا ڀوڄ حڪمران هو
اُجري مَن وارو راجا پَرجا جو سيواڪاري
عدل ۽ انصاف جو نمونو
ڪڇ جي ساحلي علائقي تي به سندس حڪومت هئي.
هڪ رات جي ڳالهه آهي
رات پورن ماشي جي
چوڏهينءَ جو چنڊ آسمان تي ڪنهن شهنشاهه جي اُجريل پُرنور رٿ جي لاءِ ڌنڌليل تارن کي هڪلي رهيو هو. ڳاڙهي محل جي ڀتين سان ٽڪرائيندڙ ساحل تي سمنڊ جون لهرون پنهنجي موج ۽ مستيءَ ۾ هيون.
بي چين هيون
ٽپا ڏيئي رهيون هيون.
ڄڻ سمنڊ جي هر ڇولي جا پکَ گهري پنهنجي چنڊ تي چڙهڻ جي لاءِ تياري ڪري رهيون هُجن.
ڇن ڇن، شائين شائين... ٺا ٺا سمنڊ جون ڇوليون ٽڪرائبيون، اُڇلبيون، ڀڄنديون، ڊڪنديون ٽڪرائجنديون، محل جي ڀتين کي چمنديون ۽ پوءِ پنهنجن ئي پيرن تي گم ٿيڻ جي لاءِ واپس سمنڊ ۾ گهڙي ٿي ويون، هو دٻيل وکن سان سمنڊ جي گهرائيءَ مان ٿي واپس سمنڊ جي ڀت تي چڙهي ٿي آيون. سمنڊ جي سيني مان نڪتل زور دار ڇوليون مٿن مخالف طرف کان سوار ٿي ٻيهر راجا جي محل اچي چُمي رهيون هيون. راجا پنهنجي راڻين کي وٺي، پنهنجي ڳاڙهي ماڙيءَ جي ڇت تي ويهي آسمان جي راجڪمار پورن ماشي جي چنڊ ۽ محل جي ڀتين وٽ ٿڙڪندڙ سمنڊ جي ڇولين جي آوت جاوت مان مزو ماڻي رهيو هو.
گلاس مشروبن مان ڀريل هئا.
صراحيون ڀريون پي ويون
ڇت تي شاهي غاليچا وڇايل هئا.
تخت رکيا هئا.
ٻانهيون ۽ ٻانها مشروب کڻي اچي وڃي رهيا هئا.
راڻين تي به سَر مستي ڇانيل هئي
موسم خوشگوار هئي.
نه سردي نه گرمي
هوا ۾ سمنڊ جي لوڻياٺي نمي هئي.
۽ آسمان مان چانڊوڪي جي بُوندار وسي رهي هئي.
هر شئي نور ۾ ٻُڏل هئي.
راجا ڀوڄ جي من ۾ الائجي ڇو پورن ماشيءَ جي چانڊوڪي رم جهم ڪندي بوندا باندي ڪرڻ لڳي. هو چنڊ جي هيڏي وڏي گول ٿال کي ڏسي ان جي مَنڊ ۾ منڊيو ويٺو هو.
چنڊ ههڙو سهڻو هوندو آهي
کيس پهريون ڀيرو چنڊ سان عشق ٿيو
هو ٽِڪَ ٻڌي چنڊ کي ڏسندو رهيو
هن اُن جي چانڊاڻ جي سڄي روشني پنهنجي اندر ۾ ڀرڻ ٿي گهري، کيس محسوس ٿي رهيو هو ته اهو چنڊ ڪنهن ڪامل مهيني سان جڙيل آهي. جتان هو اهو نور چمڪائي سڄي دنيا ۾ چانڊوڪي پکيڙي رهيو آهي. پر، اها ڪهڙي هستي آهي، چنڊ کي چانڊوڪي ڏيڻ واري؟ هُن جون سوچون سوچي رهيون هيون ۽ سندس نظرون اُن جي چنڊ تي کُتل هيون.
اوچتو سمنڊ مان تمام وڏي لهر اُڀري
چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ به اها لهر ڀڄندي، جبل جي پاڇولي وانگر هن جي ماڙيءَ جي ڀت طرف وڌي ۽ پوءِ زور سان ڀت سان ٽڪرائي.
ڀت کي ڪجهه به نه ٿيو
اوچتو آسمان تي هڪ عجيب واقعو ٿيو.
پورن ماشيءَ جو چنڊ هڪدم وچ مان ٻه اڌ ٿيو
راجا ڀوڄ جي اکين جي اڳيان
هو ڇرڪ ڀري تخت تان اُٿيو
ڏسو
هو
آسمان تي
سڀ راڻيون راجڪماريون، ٻانهيون آسمان ڏانهن ڏسڻ لڳيون
هُنن جا هٿ پگهرائجي ويا
اکين جون ماڻڪيون ڦري ويون
سڀني جي واتن مان هڪ ڊگهي حيرت ۾ وجهندڙ رڙ جي ٻيو ڪجهه نه نڪتو.
چنڊ بلڪل وچ مان بلڪل ايئن ٻه اڌ ٿيو، ڄڻ ڪاتيءَ سان ڪپيو ويو هُجي. هن جا ٻئي ڪپيل حصا چمڪندا رهيا. هڪ ٻي کان پري هٽندا ويا.
راجا ڀوڄ ۽ سندس محل جي ڇت تي ويٺل هر راڻي، سيواڪار، صلاحڪار ۽ وزير اُٿي بيهي رهيو.
هي ڇا ٿيو؟
سمنڊ جون ڇوليون چَريون ٿي بي لگام، بي ربط ٿينديون وڏين وڏين لهرن جي صورت ۾ سمنڊ جي پيٽ مان نڪري اُڇلجي محل جي ڀتين کي کڙڪائڻ لڳيون.
راجا جو وات اڃا تائين حيرانيءَ مان پَٽيل هو.
ڏسڻ وارا ڪيترائي ماڻهو هئا.
راجا، راڻيون، وزير، مشير، خادم، ٻانهيون، ٻانها، شهزادا، شهزاديون.
سڀ حيران ۽ ڇرڪيل
هو حقيقت ڏسڻ وارا هئا.
مَڃي ورتائون
انڪار جي ڪابه صورت نه هئي.
مُنڪر ڪٿي وڏي صحرا ۾ هئا.
جن کي آقاﷺ ٻن آڱرين جي اشاري سان چنڊ کي ٻه ٽڪر ڪري ڏيکاريو هو. پر هو هوش وڃائي اُٿي ڀڳا ۽ چيائون: هي ته وڏو جادو آهي.
هدايت هر ڪنهن کي نٿي ملي
قرآن سَند لاهي ڇڏي
”قيامت ويجهي اچي ويئي آهي ۽ چنڊ ٻه ٽڪر ٿي پيو ۽ جيڪڏهن ڪافر ڪا نشاني ڏسن ٿا ته مُنهن ڦيري ٿا ڇڏين ۽ چون ٿا ته اهو ته هڪ جادو آهي“. (قرآن سوره بقر 102).
پر راجا ڀوڄ ته مڃيندڙ ن مان هو، خوشنصيب.
ٻه اڌ ٿيل چنڊ کي ڏسي هن جي دل اُجري ٿي ويئي.
ڪامل مهيني جي چانڊوڪي جي نور سان سندس مَن ڀرجي ويو. پنهنجي خوشنصيبيءَ تي حيران، پنهنجي شاهديءَ تي ڇرڪيل. سڀ خاموش.
ڪنهن وٽ به ڪو جواب نه هو.
سڀني جو چهرو خود هڪ سوال هو.
پوءِ ٻئي اڌ ٿيل چنڊ جا ٽڪرا يترا ته پري هٽي ويا. جو وچ ۾ راجا ڀوڄ جي محل جيترو فاصلو ٿي ويو.
پوءِ راجا کي ڊپ ورائي ويو
ٻيئي اڌ ڪٿي آسمان جي ڪنارن تي نه ڪرن
دنيا جون راتيون اونداهيون نه ٿي وڃن.
پر چنڊ جنهن ماھِ ڪامل جي آڱرين جي اشاري سان ٻَڌل هو. اِهو ته دنيا ۾ نور ورهائڻ آيو. هو دنيا جي راتين کي انڌو ۽ اونداهو ڇو ڪري ها.
هوريان هوريان ٻه اڌ ٿيل چنڊ جا ٻئي حصا ٻيهر جڙڻ جي لاءِ هڪٻئي ڏانهن وڌڻ لڳا. ۽ پوءِ اها گهڙي اچي ويئي، جڏهن، جڏهن ٻاهر قلعي جي ڀت کي هڪ جبل جيڏي ڇوليءَ اچي چميو ۽ ٺڪ سان ٻيئي اڌ ٿيل چنڊ جا ٽڪرا پاڻ ۾ جُڙي ويا. چوڏهينءَ جو چنڊ ٻيھر سالم بنجي ويو. چانڊوڪي وڌي ويئي، ڏسندڙن جا کليل وات بند ٿيڻ لڳا ته زبانون هلڻ لڳيون.
هي ڇا ٿيو؟
ڪيئن ٿيو؟
ڪنهن ڪيو؟
راجا ڀوڄ جا هوش اُڏاميل هئا
هُن جو ذهن سوالن سبب ڦڙڪڻ لڳو
راڄ ڀاڳ جو سڄو نشو لهي ويس
مٺن خوشذائقن مشروبن ۽ لذيذ کاڌن سان ڀريل ٿالهه هن جي سامهون هيچ ٿي ويا. هن وزير امير، مُشير، سڀ گڏ ڪيا.. کيس جواب گهربو هو.
وزير هڪ جٿو مذهبي ماڻهن جو به گهرايو.
ڀانت ڀانت جا پير، پنڊت، ٻاوا، شاستري، ودوان، جوڳي، سنياسي، مهاپُرش، پراڻن ڪتابن جا رازدان، گياني، علم ۽ عرفان جون پُٺارڪون ڪلهن تي لڏيل، سڳورن ويدن، پراڻن، مهاڀارت، رامائڻ ۽ گيتا جا ڄاڻون.
ايندڙ ڪيترائي ڏينهن اهو محل ، محل نه رهيو، پر علم ۽ تحقيق جو مندر بنجي ويو. جتي رڳو اِلاهي اسرارن جون ڳالهيون هيون.
راجا ڀوڄ کي پنهنجن سوالن جا جواب گهربل هئا.
اها 722 بڪرمي سال جي ڏينهن جي ڳالهه آهي.
جڏهن مڪي مڪرمه ۾ آقا ﷺ جن نبوت جو اعلان ٿي چڪو هو
راجا ته هندستان ۾ هو کيس ڪهڙي خبر.
اهو ته عربستان جي صحرائن ۾ مُشرڪن آقا ﷺ کان ڪو معجزو ڏسڻ ٿي گهريو. چنڊ کي ٻه اڌ ڪري ڏيکارڻ جي لاءِ چيو ته الاهي حڪم سان آقا ﷺ چنڊ کي ٻه اڌ ڪري ڇڏيو. هزارين ميل پري ويٺل خوشنصيب راجاڀوڄ جي محل جي ڇت تي به اهو ئي آسمان هو. اهو ئي چنڊ هو، هن ڏسي ورتو.
هُن جي دنيا بدلجي ويئي.
ڪڪر ڪٿي ٻي هنڌ وٺو ۽ ساوا سَلا زمين کان پري ڪٿي سمنڊ پار نڪري آيا.
اهو ڪير آهي، ڪٿي آهي جيڪو چنڊ کي ٻه اڌ ڪري ٿو ۽ وري جوڙي ڇڏي ٿو. هن جي سڳورن ڪتابن جا ڄاڻو پنهنجا ڪتاب کولي ويهي رهيا. هنن جي ڪتابن ۾ لکيل پراچين سمئه جي اڻ ڄاتل لکندڙن جون لکتون محفوظ هيون. ڪلام حيرت ۾ وجهندڙ هو.
جيئن پهريون ڀيرو چنڊ کي ٻه اڌ ٿيندو ڏسي راجا ڀوڄ ٽُپ ڏيئي اُٿي بيٺو هو ، تيئن اُن کان به ڏهه ڀيرا وڌيڪ هو هڪ قديمي وڻ جي سنهي ڇالَ تي لکيل سڳوري ڪتاب ”ڀوشيه پراڻ“ جي لکت ڏسي حيران ٿي ويو.
پراچين سمئه جو لکيل اهو سڳورو ڪتاب ان راجا ڀوڄ جي ڏنل اُن ئي چنڊ کي ٻه اڌ ٿيڻ واري واقعي کي لکت ۾ پنهنجي اندر ۾ سمايو ويٺو هو.
هاءِ هاءِ
واقعو هاڻ پيو ٿئي
هزارين سال اڳ اهو ڪنهن لکيو هو
اسڪرپٽ پهرين اچي ٿو
رنگ منچ پوءِ سَجي ٿو
واقعو پنهنجي سمئه تي ٿئي ٿو. جيئن لکيل هوندو آهي
اهو ئي واقعو
پورو پڙهه ]ڀڳوت پراڻ، اسڪتد 12 ودياني 2 شلوڪ 18[
لکيل هو. ”اهو آخري پيغمبر (انتم رشي) جو معجزو آهي، جنهن کي ڪلڪي اوتار جو نالو ڏنو ويو آهي. يعني آخري نبي، ان جا ڪيترائي نالا آهن. ’سروانما‘ جنهن جي سڀ کان ججهي واکاڻ ڪئي ويئي هجي. جيڪو امن واري شهر (شمبل گرام) ۾ برهمن منت (مذهبي پيشوا) جي گهر ۾ جنم وٺندو. سندس جنم جي تاريخ 12 بيساک 628 بڪرمي سال هوندو ( حساب ڪرڻ سان اهو 12 ربيع الاول 570ع ٿئي ٿو) ڏينهن سومر جو هوندو. پيءُ جنم کان اڳ ۾ گذاري چڪو هوندو. اُن جو نالو وشنو ويش (عبدالله) ۽ امڙ جو نالو سومتي (آمنه) هوندو. اها به ننڍي وهيءَ ۾ گذاري ويندي. سالم ديپ جي سيده سان پرڻبو. شاديءَ جو ڪم هڪ چاچو ۽ ٽي ڀائر سرانجام ڏيندا. هڪ جبل جي غار ۾ ويهي ويندو ۽ هڪ ملائڪ کان علم پرائيندو. سندس دعوت تي کيس تڪليفون ڏنيون وينديون. هو هجرت ڪندو ۽ پوءِ پنهنجو شهر فتح ڪندو. ڪلڪي اوتار کي هڪ اُڏامندڙ گهوڙو ڏنو ويندو ، جنهن تي سوار ٿي هو سَتن آسمانن جو سير ڪندو. هو تلوار کڻندو ۽ شيطانن ۽ بي دينن سان وڙهندو ۽ کٽندو ملائڪن وسيلي سندس مدد ڪئي ويندي.“
اڳيان آيل پورو تفصيل به جامع ۽ تفصيل سان آهي.
۽ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه اها آهي ته اِهي سڀ ڳالهيون اڃا به اُن سڳوري ’پراڻ پوشيھ‘ ۽ ’ڀڳوت پراڻ‘ ۾ موجود آهن. ارڙهن ڪتاب آهن هندو پراڻن ۾، اهو ’پوشيه پراڻ‘ ايندڙ وقت جي وقت جي واقعن جي اڳ ڪٿين تي مشتمل آهي. اُن ڪتاب جي ٽئين کانڊ جي ٽئين سرگت، جنهن کي پَرتي سرگ چوندا آهن، ان ۾ رسول الله ﷺ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد ﷺ بابت صاف ۽ چٽي تشريح ۽ اڳ ڪٿي موجود آهي.
اڄ به ساڳئي نموني صحيح ۽ سالم لکيل آهي.
۽ اڄ به پنڊت اها پڙهي سگهه حاصل ڪن ٿا.
اُن سرڳ ۾ اهي سڀ ڳالهيون ڪتاب ۾ منتر 5 کان 8 تائين لکيل آهن. اهو قصو قديم سڳورن ڪتابن کان وٺي ويدن جي جديد زبانن ۾ ليکڪ ’مهروياس‘ جي هڪ مڪاشفي تي ٻڌل آهي.
مهروياس جي لکي ٿي.
راجا ڀوڄ جي حڪومت کان هزارين سال اڳ.
هن جو پورو نالو پتو ۽ چنڊ جي ٻه اڌ ٿيندي ڏسڻ جي واقعي کي ٿيڻ کان هزارين سال اڳ ڏسي لکيو. لکيو ته ڏسان ٿو هڪ غير آريائي معلم جيڪو محامد (محمد ﷺ) جي نالي سان مشهور آهي. پنهنجن ساٿين سان اچي ٿو ، هو عربي آهي. راجا ڀوڄ اُن عظيم شخصيت جي احترام ۾ دل جي اٿاهه گهراين سان سواگت جي لاءِ اُٿي ٿو. سندس خدمت چاڪري ڪري ٿو، ٻانهون بنجي جُهڪي ٿو ۽ چوي ٿو ’اوهان تي سلام اي انساني نسل جا فخر اي عرب جا شهنشاهه شيطانن کي ماريندڙ ڪيترين ئي قوتن وارا.‘
’پراڻ پوشيھ‘ ۾ اُن آخري نبي (انتم رشي) جي ٻين نشانين ۾ اهو به لکيل آهي ته سندس چار خليفا هوندا ۽ ٻارنهن زالون.
راجا ڀوڄ ته پنهنجي اها سڄي ڪهاڻي پراچين سڳوري ڪتاب ’پوشيھ پراڻ‘ ۾ پڙهي. سمورا شڪ ختم ٿي ويا. راڄ ڀاڳ ڇڏي، چنڊ کي ٻه اڌ ڪندڙ ماھ ڪامل جي ڳولا ۾ نڪري پيو.
هن جو ڳاڙهو محل ويران ٿي ويو.
راڻيون کيس روڪڻ لڳيون
سندس وزير مُشير، نوڪر چاڪر، ٻانها، ٻانهيون روئڻ ۽ رڙڻ لڳا.
راجا نه وَڃ
پر راجا هاڻ راجا ڪٿي رهيو هو،
هو ته چنڊ کي آسمان کي ٻه اڌ ٿيندو ڏسي ماهه ڪامل جي چانڊوڪي بنجي ويو هو.
هو ته هاڻ تاجدار نه رهيو هو
مٿي تي رکيل تاج لاهي هيٺ رکيائين
شاهي پوشاڪ جي جاءِ تي فقيراڻي گودڙي پاتائين
چئن چئن گهوڙن وارين چمڪندڙ رٿن، چمڪندڙ ڇم ڇم بگين ۽ مضبوط رٿن کي ڇڏي. هڪ بانس تي ٻه لنگوٽيون لڙڪائي هو سمنڊ جي ڪناري ئي ڪناري پڇم ڏانهن نڪري ويو .
خدا ئي ٿو ڄاڻي ته هن سمنڊ ڪٿان پار ڪيو .
پار ڪيو به يا نه .
تاريخ ۾ رڳو ايترو لکيل آهي ته اهو راجا، راڄ ڀاڳ ڇڏي، آقا ﷺ جو غلام بنجي وري ڪڏهن به پنهنجي راجڌاني نه وريو. هن جي ڪهاڻي ڊاڪٽر ڪمار ڪانت تيواڙيءَ، پنهنجي ڪتاب ’انتم رشي‘ ۾ لکي آهي. هن اهو ذڪر پنڊت ڌرم ويدا پاڌياء جي ڪتاب ”انتم ايشور دوت“ ڇپرايل درياهه گنج دهلي (1927) جي حوالي سان ڪيو آهي.
اُن سڄي قصي جو پاڙون اڄ به هندن جي چئن سڳورن ويدن ۾ موجود آهن. انهن چئني ويدن جا نالا آهن.
رگ ويد
بجر ويد
سام ويد
اَٿر ويد
انهن سڳورن ڪتابن ۾ جيڪي ’پراچين سمئه‘ اڻ ڄاتل شخصيتن جا لکيل آهن. رگ ويد جو انداز هيئن آهي ته اها ڪنهن سڳوري شخصيت ( ڪڏهن ديوتا ڪڏهن انسان) کي چونڊي اُن جا گُڻ بيان ڪندي آهي. اهو ذڪر شاعريءَ جي زبان ۾ مختلف ٽڪرين ۾ آهي. جنهن کي هو آيتن بدران منتر چون ٿا.
چئني ويدن ۾ آقا ﷺ جي باري ۾ ذڪر آهي.
تفصيلي ذڪر چوٿين ويد ۾ آهي، جيڪو هندن جو سڀ کان وڌيڪ پڙهيو ويندڙ ويد، اٿر ويد آهي ۽ آقا ﷺ جي باري ۾ سڄي ڪهاڻي، نشانيون ۽ اُن جي گُڻن تي چوڏهن منتر آهن. جيڪي اڃا به هندو سڀني کان وڌيڪ پڙهندا آهن.
حوالو ياد رهي.
سڳورو اٿر ويد. ڪانڊ 20، سوڪت 127.
منتر 1 کان 6
ترجمو هيٺيون آهي.
منتر1.... ماڻهوءَ احترام سان ٻڌو.
نراشنس جي واکاڻ ڪئي ويندي. ]نراشنس جي معنيٰ آهي اهو انسان جنهن جي گهڻي واکاڻ ڪئي ويئي هجي. يعني ان جو اهو مطلب آهي جيڪو عربي ۾ محمد ﷺ جو آهي .[اسين ان مهاجر امن بردار کي سٺ هزار نوي دشمنن کان محفوظ رکنداسين ]سڀئي مشرڪ، يهودي ۽ منافقين گڏي ايترا ئي دشمن بنجن ٿا[
مُنتر 2 : هن جي سواري اٺ هوندو. هن جون ٻارنهن گهر واريون هونديون، هن جو درجو ايترو بلند هوندو ۽ هن جي سواري ايتري ته تکي هوندي جو اها آسمانن کي ڇُهندي پوءِ لهي ايندي. ]بلڪل چٽو[
مُنتر 3 : هن صالح رشي ] صالح. محمد جي معنيٰ آهي،[ کي سئو اشرفيون، ڏهه هار، ٽي سئو گهوڙا ۽ ڏهه هزار ڍڳيون عطا ڪيون.
]وضاحت: سئو اشرفيون، حبشه ڏانهن هجرت ڪندڙ مهاجر هڪ سئو هڪ هئا، هڪ عيسائي ٿي ويو، باقي بچيا سئو ڏهه هار: عشره مبشره. ٽي سئو گهوڙا جنگ بدر ۾ 313 يا ٽي سئو چوڏهن مان 300 بچيا. باقي 14 شهيد ٿي ويا. مڪي جي فتح لاءِ ڏهه هزار سپاهي ويا هئا[.
مُنتر 4 : تبليغ ڪر اي احمد تبليغ ڪر. جيئن جهرڪيون پڪل ميوي واري وڻ تي چهچائينديون آهن. تنهنجي زبان ۽ تنهنجا چپ قئنچي جي ٻنهي ڦرن وانگر هلندا آهن.
]وضاحت: اها قرآن جي قرآت کي جهرڪين جي ساراهه ۽ واکاڻ ڀريل چهه چهه چئي ويئي آهي، جيڪا هدايت ۽ تبليغ جو ذريعو آهي[
مُنتر 5 : ساراهه ڪندڙ پنهنجي ثناءَ ۽ عبادت سان گڏ ڀلن گهوڙن اُٺن جيان جنگ تي ويندا آهن. انهن جو اولاد پنهنجن گهرن ۾ ئي رهندو آهي. جيئن ڍڳيون پنهنجن وٿاڻن تي.
مُنتر 6 : اي رييبهه (احمد جي هم معنيٰ) هن ڪلام کي مضبوطيءَ سان جلهه، جو اهو ڍڳن مالون جو بنياد آهي ۽ اهو نيڪ صالح ماڻهن تائين پهچائي، جيئن سورمو نشاني تي تير هڻندو آهي.
مُنتر 7 : هو دنيا جو سردار ديوتا آهي. سڀني کان افضل انسان آهي، سڀني ماڻهن جو سرواڻ ۽ سڀني قومن ۾ مشهور، هن جي سڀ کان وڌيڪ ساراهه ۽ ثناء ڳايو.
مُنتر 8 : هُن مشهور شخص گهر جي اڏاوت جي دوران حڪومت ۽ عدالت هٿ ۾ وٺندي ئي چؤڏس امن ۽ شانتي قائم ڪري ڇڏي. ۽ اها ڳالهه هر مڙس پنهنجي زال سان ڪري رهيو آهي.
مُنتر 9: هُن مشهور شخص جي حڪومت ۾ هڪ زال پنهنجي مڙس کان پُڇي ٿي، آئون ڇا آڻيان؟ ڌنئرو، لسي يا ٻيو ڪو نشي وارو مشروب.
منتر 10 : جوَ جو هڪ پڪل سَلو زمين جي کڏ مان نڪري آسمان تائين وڃي ٿو. هن نيڪ نام شخص جي حڪومت ۾ انسان تقويٰ ]پاڪائي[ ۽ خير جي اندر ترقي ڪندو آهي.
منتر 11 : الله احمد کي جاڳايو ]احمد جي هم معنيٰ لفظ روم لکيو ويو آهي.[
ته اُٿ.
۽هِتي هُتي ماڻهن وٽ وڃ
۽ منهنجي وڏائي بيان ڪر، نتيجي ۾آءٌ ئي غالب ايندس
آءٌ توکي سڀ نعمتون ڏيندس.
]وضاحت: سوره المدثر جو مڪمل سنسڪرت ترجمو هن 11 هين منتر ۾ آهي.[
منتر 12 : اي ڍڳيون، اي گهوڙا، اي انسانو، ترقي ڪريو، وڌو، هيڻن جو همراهي ۽ هزارن جو دان ڏيندڙ هِتي ويٺل آهي.
منتر 13 : نه اي غالب رب. هي ڍڳيون ۽ نه انهن جو دراڙ مري، اي غالب رب سندس دشمن ۽ ڌاڙيل مٿس غلبو نه پائين.
منتر 14 : اسين واکاڻ وارن لفظن ۽ نهايت سُهڻي ڪلام سان وڏي ادب سان هڪ سورمي جا ڳُڻ ڳايون ٿا. تون خوشيءَ سان اسان جا گيت قبول فرمائي ته جيئن اسين ڪڏهن ڪنهن هلاڪت يا گهاٽي ۾ نه رهون.
اهي چوڏهن منتر اَٿرويد جي ويهين ڪانڍ جي هڪ سئو ستاويهين سوڪت ۾ اچن ٿا. ان سوڪت کي ”ڪتاب سوڪت“ چيو وڃي ٿو. هندو اڄ به ان جو گهڻو احترام ۽ بندوبست ڪن ٿا. پنهنجي ڌرمي مجلسن ۽ تقريبن ۾ عام طور تي 17 ساڌو گڏجي اُنهن جي چوڏهن منترن کي بار بار پڙهندا آهن. گويا هنن جي چئني ئي ويدن ۾ جتي منهنجي آقاﷺ جو ذڪر مبارڪ آهي. اهو انهن ويدن جي دل آهي. ان ئي دل ۾ ساڌو پنهنجي زبان ۽ پنهنجي ڌڙڪن گڏي آقا ﷺ جي مُهابي خير گهرن ٿا.
آقا ﷺ هرو ڀرو ته ڪونه فرمايو هو
”هندستان مان ٿڌڙي هير واري خوشبوءَ اچي ٿي“.
اها مَهڪندڙ خوشگوار هير، سڀ ذڪر ،آقا ﷺ جي ڪري آهي. جيڪو هند جي سڀني سڳورن ڪتابن جو روح آهي ۽ روح ڪل ته خدا آهي.
الله ته الله آهي.
جنهن کي جهڙي به نانءَ سان سڏيو، هُو سُڻي ٿو.
سندس محبوب جو جنهن به زبان ۾ ذڪر ڪريو،
هو خوش ٿئي ٿو
مهربانيون ڪري ٿو
هُو ته هُو آهي، جيڪو بي زبانن جي زبان به سُڻي ٿو
هُو ته جيڪا چت ۾ چتائجي ٿي، سو ٻُجهي ٿو،
هو، اهو منهنجو الله آهي.

هاٿيءَ وارن جو انجام

هاٿيءَ وارن جو انجام

وقت ۽ جڳهه تي الله جي حڪمراني آهي.
کيس خبر هوندي آهي ته ڪهڙي جاءِ تي ڪهڙو واقعو ٿيڻو آهي.
ڪير ياد رهڻو آهي. ڪنهن کي ياد رکڻ جي لاءِ حوالو بڻجڻو آهي.
جڏهن آقا ﷺ جي ولادت ۾ اڃا ڪجهه هفتا هئا ته هڪ مٿي ڦريل هاٿيءَ واري جي مڪي تي چڙهائي ڪرڻ جو منظر لکيو ويو. اهو منظر به ته جڏهن هاٿيءَ وارو لشڪر مڪي تي چڙهائي جي لاءِ مڪي جي حدن ۾ پير رکي ته سمنڊ وٽان پکين جا ولرن جا ولر اچن. انهن جي چنبن ۽ پيرن جي پنجن ۾ پٿريون هجن، تيز هوا هلي، پکين جون اُڇلايل پٿريون اهڙي ته تيز رفتاريءَ سان مڪي تي حملو ڪندڙ لشڪر تي وَسن جو سڄو لشڪر گاهه جيان اولڙجي وڃي، ماڻهن جي جسم جون کلون ڦاٽي پَون، جسم مان هٿ ڇڻي پون.
جتي به پٿريون ڪرن، کل مان پار ٿي وڃن.
اهڙا گستاخ ماڻهو قيامت سوڌي عبرت جو نشان بنجي وڃن.
ايئن ئي ٿيو
اهو واقعو ياد رهڻ وارو هو.
اُن ياد مان ٻه نتيجا ڪڍيا وڃن ٿا
پهريون اهو ته خدا جو گهر لاوارث ڪونهي، خدا اُن جي حفاظت ڪري ڄاڻي ٿو. ٻيو اهو ته اُن گهر ڏانهن سڄي جهان کي ڦيرڻ وارو اچڻ وارو آهي.
هاٿيءَ واري جو انجام اَبرهه هو.
هن يمن ۾ هڪ وڏو ديول جوڙايو هو ۽ سوچيائين ته سڄي عربستان کي اُن ديول ڏانهن موڙي. عربستان وارا ته مڪي ۾ ٺهيل ڪعبي جي طواف ۽ حج جي لاءِ ويندا هئا. هن سڄي عربستان جو رخ موڙڻ جي لاءِ ڪعبي کي ڊاهڻ جو فيصلو ڪيو.
ڏهن هزارن جو لشڪر وٺي يمن مان نڪتو ۽ صنعا کان سڌو طائف پهتو ۽ مڪي کان ڪجهه ميلن جي فاصلي تي مغمر وٽ پهچي خيما کوڙايائين.
ابرهه کان پهرين يمن تي يمنين جي حڪومت هئي، ]115 قبل مسيح کان 525ع [ قديم سمئه يمن جي حڪمرانن کي تبع سڏيو ويندو هو. حضر موت جي علائقي کي يمن سڏيو ويندو هو. عربستان جي اُپٻيٽ جي ڏکڻ اوڀر ۾ اهو علائقو ڏاڍو خوشحال هو، صنعا ۽ زبيد، تعز ۽ عدن ان جا مشهور شهر هئا.
پراچين سمئه اتي جي ماڻهن ستر ماٿرين ۾برسات جو پاڻيءَ کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ جي لاءِ هڪ مضبوط ڀت جوڙي هئي، ’سد مآ ارب،‘ حاجتن جي ڀت، ان ۾ ويهه دروازا هئا ۽ هڪ وڏو ڊيم ٺاهي ورتو. اها 800 قبل مسيح جي ڳالهه آهي. ان ڊيم مان آبپاشيءَ لاءِ نهرون ڪڍيائون، پنهنجي ٻنين کي سيراب ڪيائون. انگورن ۽ زيتونن جا باغ هنيائون، ماڻهو گلن ۽ اناج سان ڍَئجي پيا، چون ٿا ته يمن جي باغن ۾ ميوا ايڏي ته ڪثرت سان ٿيندا هئا، جو انهن باغن جي اندران جڏهن هڪ عورت مٿي تي ٽوڪرو رکي هڪ سري کان هلندي ٻي سري تائين پهچندي هئي ته عجيب واقعو ٿيندو هو. جيتوڻيڪ هو ڪنهن به ميوي کي هٿ نه لڳائيندي هئي ته به وڻن جي هيٺان لنگهندي هن جي ٽوڪري ميوي سان ڀرجي ويندي هئي.
پاڪيزه ۽ صاف سٿرو ماحول هو.
نه مڇر نه مک نه وري مَنگهڻ،
خوشحالي هئي.
اهو سبا بن يعرب جي زماني جو يمن هو ،
پوءِ هو ناشڪرا ٿي پيا.
الله پاڻي روڪيندڙ بند ۾ ڪوئا ڇڏي ڏنا.
چون ٿا عمرو بن عامر لخمي جو سبا قوم جو امير هو. تنهن کي ڪوئن جا ٻر نظر آيا ته هو سمجهي ويو ته هاڻ ’سد مآ ارب‘ جو رهڻ ڏکيو آهي. ڊيم جو بند ٽٽو ته ان جي آسپاس هيٺاهينءَ ۾ بيٺل ٻنيون. باغ، باغيچا، وستيون، واهڻ، گهر، گهٽيون، بازارون سڀ لڙهي ويندا. هن دل ئي دل ۾ يمن ڇڏڻ جو ارادو ڪيو. اها به روايت آهي ته سندس زال طريفه بن حميريه ڪاهنه هئي، تنهن حساب ڪري پنهنجي مڙس کي پهرين ئي ٻُڌائي ڇڏيو ته هي علائقو جلد ئي تباهه ٿي ويندو. ڪاهنه زال جي ڳالهه ٻڌي هن ڪَن کڙا ڪيا هئا، پر جڏهن پنهنجي اکين سان ڪوئن جا ٻِرَ ڏٺائين ته سمجهي ويو ته هاڻ هي علائقو نه بچندو.
همراهه چالاڪو هو.
هن سوچيو ته جيڪڏهن هو پنهنجي دل جي ڳالهه سچائيءَ سان ماڻهن کي ٻڌائيندو ته هُل مچي ويندو. کيس پنهنجين اُنهن زمينن، فصلن، باغن ۽ گهرن جو ٽڪو به معاوضو نه ملندو. جيڪي هو هتي ڇڏي ويندو. هن هڪ سِٽ سٽي پنهنجي هڪ نا سمجهه پُٽ کي سڏي ڪجهه سمجهايو. کيس چيو ته آءٌ ماڻهن جي سامهون توکي ڪنهن ڳالهه تي دڙڪا ڏيندس ۽ هڪ ٿڦڙ هڻندس، جواب ۾ تون مونکي ٿڦڙ هڻج. اٽڪل موجب جڏهن ماڻهن جي سامهون سندس پُٽ کان اها گستاخي ٿي ويئي ته هن اعلان ڪيو ته هاڻ آءٌ هت رهي نٿو سگهان، جتي اولاد پنهنجي پيءَ سان بي ادبي ڪري، آءٌ هِتان وڃي رهيو آهيان . جيڪڏهن ڪنهن کي منهنجا باغ، ٻنيون ۽ ماڙيون خريدڻيون آهن ته ڀلي خريد ڪري.
آءٌ يمن ڇڏي وڃي رهيو آهيان.
پهرين ته ماڻهن کيس سمجهائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي، پر جڏهن هن نه مَڃيو ته ماڻهن سوچيو ته موقعي مان فائدو وٺي اگهه ماري سندس ملڪيت خريد ڪن. هن سڀ ڪجهه وڪڻي ڇڏيو ۽ پنهنجو ڪُٽنب وٺي لڏو کڻي اتان روانو ٿي ويو. کيس ڏسندي ڪيترائي ٻيا قبيلا به نڪري پيا. اوس ۽ خزرج جا قبيلا جيڪي خاتون ”قيله“ جي اولاد مان هئا، اهي به نڪري پيا ۽ اِهي هِتان هُتان ٿيندا عربستان جي مختلف علائقن ۾ ٽڪي پيا. اوس ۽ خزرج مديني ۾ وڃي رهيا، خزاعه مڪي ۾ رهائش اختيار ڪئي. ڪي وري ازد، سراه ۾ رهيا ته ڪي اومان ۾، چار قبيلا شام طرف نڪري ويا. جن ۾ خم، جذام عامله ۽ غسان شامل هئا. پوءِ سد مآ ارب جو بند ڀڳي. ٻوڏ آئي، يمن جون وستيون واهڻ، فصل ، ٻنيون، باغ، باغيچا تباهه ٿي ويا. سيل عزم جا ڪيترائي ماڻهو ٻڏي ويا. وستيون ويران ٿي ويون، ماڻهو ٽڙي پکڙي ويا، ڪي هيڏانهن ته ڪي هوڏانهن روانا ٿيا، جتي اڳ ۾ ئي سندن ڄاڻ سُڃاڻ وارا موجود هئا، البته جيڪي يمن جي مٿانهن هنڌن تي آيا هئا، اُهي يمن ۾ ئي ترسيل رهيا. انهن مان ڪجهه قبيلا بدستور يمن ۾ ئي رهيا، اِهي قبيلا مذحج، انمار، اشعري، ججيله ۽ حمير هئا. يمن جي انهن علائقن ۾ ڪجهه حڪمران به هئا. انهن مان ربيع بن نصر به هو، جيڪو يمن جو بادشاهه هو. کيس تبع يمن چيو ويندو هو.
هڪ رات هن ڏاڍو ڀوائتو خواب ڏٺو.
پريشانيءَ مان اٿيو، اٿندي ئي پنهنجي حاڪميت هيٺ علائقي جي سڀني نجومين، ڀوپن، ڪاهنن ۽ قيافه شناسن کي درٻار ۾ گهرائي چوڻ لڳو، مون هڪ ڏاڍو ڀوائتو خواب ڏٺو آهي.
آءٌ ڏاڍو بي چين ۽ بي سُکو آهيان
مونکي ٻڌايو
خوابن جي تعبير ٻڌائڻ وارا چوڻ لڳا سائين خواب ٻڌايو.
بادشاهه چيو: جيڪڏهن آءٌ خواب ٻڌائي تعبير ٻڌڻ لڳس ته منهنجي تسلي ٿيندي. مونکي منهنجو خواب به اوهان ٻڌايو ۽ تعبير به.
هڪ درٻاري اُٿي چيو، بادشاهه سلامت جيڪڏهن اوهان جو اهو ئي اراداو آهي ته پوءِ شق ۽ سطيح کي سڏيو ، وٽن هر سوال جو جواب ۽ هر جواب جو سوال آهي.
شق ۽ سطيح کي درٻار ۾ گهرايو ويو
سطيح پهرين پهتو
چيائين: بادشاهه سلامت اوهان باهه جو مچ ڏٺو آهي، باهه اونداهيءَ ۾ نڪري هر ساهواري کي ڳڙڪائي رهي آهي. ان جي سهائي تهامه ۾ پکڙيه ويئي آهي.
بادشاهه ٽپ ڏيئي اُٿيو ۽ چيائين صحيح ٿو چوين، هاڻ تعبير ٻڌاءِ.
سطيح چوڻ لڳو، بادشاهه سنگلاخ وادين جي وچ ۾ رهندڙ هر ساهواري جو سُونهن کڻي چوان ٿو ته تنهنجي علائقي تي حبشي غالب اچي ويندا.
ابين کان جرش تائين انهن جو قبضو هوندو.
بادشاهه هَڄي ويو ۽ چيائين اِها ته ڏاڍي ڏک جي ڳالهه آهي.
اهو ڪڏهن ٿيندو
منهنجي دور ۾ يا مون کانپوءِ ؟
سطيح دلاسو ڏيندو چيس: نه بادشاهه هينئر نه ، سٺ يا ستر سال پوءِ .
بادشاھ چيو. انهن جي حڪمراني هميشه رهندي يا ختم ٿي ويندي؟
سطيح چيو، ختم ٿي ويندي، ستر سالن کانپوءِ، ڪجهه قتل ٿي ويندا ۽ ڪجهه فرار..
بادشاهه پڇيو: اُنهن سان ڪير وڙهندو؟
سطيح چيو: عدن جو ارم ذي مٿن حملو ڪندو.
بادشاهه وري سوال ورجايو: پوءِ اهي حڪمران رهندا، سندن حڪمراني به ختم ٿي ويندي؟
سطيح چيو: اُنهن جي حڪومت به ختم ٿي ويندي.
انهن جي حڪومت ڪير ختم ڪندو؟ بادشاهه پُڇيو.
سطيح چيو: هڪ پاڪباز پيغمبرصه، جنهن تي خدا جي وحي ايندي هوندي.
بادشاهه حيران ٿيو ۽ پُڇيائين: اهو نبي ڪهڙي قبيلي مان هوندو.
سطيح چيو: غالب بن فهر جي خاندان مان ۽ اُن جي قوم قيامت تائين يمن تي حڪمراني ڪندي.
بادشاهه حيرت مان پڇيو: قيامت ڪهڙي شئي آهي.
سطيح چيو: جڏهن دنيا ختم ٿي ويندي.
هونهه ! دنيا کي به ختم ٿيڻو آهي؟ بادشاهه جون اکيون ڦاٽي ويون.
جي هائو، بادشاهه سلامت، هر شئي ختم ٿي ويندي، اڳيان پويان سڀ گڏ ڪيا ويندا.
نيڪ سرخرو ڪيا ويندا، ۽ بدڪارن کي سزا ملندي.
هي جيڪو تون چوين پيو ڇا اهو سچ آهي؟ بادشاهه پڇيو .
سطيح چيو. شام جي لالاڻ، رات جي اونداهي ۽ چنڊ جي روشنيءَ جو قسم جيڪو ڪجهه چوان پيو اهو حق ۽ سچ آهي.
بادشاه ڳالهيون ٻڌي چُپ ٿي ويو
”شق“ ڀوپو به اچي پهتو،
بادشاهه، سطيح جون ڳالهيون ڳجهيون رکيون ۽ کيس چيو: منهنجو خواب ٻڌاءِ .
شق به قسم کنيو ۽ چيو: بادشاهه اوهان هڪ وڏي باهه ڏٺي آهي. جيڪا هڪ جيوَ کي کائي ٿي وڃي. پوءِ هُن تعبير ٻُڌائڻ شروع ڪئي، جيڪا به لڳ ڀڳ اها ئي هئي،جيڪا سطيح ٻڌائي هئي.
ٻنهي ڀوپن کان پنهنجي خواب جي هڪجهڙي تعبير ٻڌي بادشاھ جي دل وڌيڪ بادشاهي نه ڪرڻ گهري، جنهن دنيا کي هڪ ڏينهن ختم ٿي وڃڻو آهي. اُن تي حڪمراني ڇو ڪريان؟ جڏهن هڪ ڏينهن هر شئي جو حساب ڏيڻو آهي ته پوءِ ڪنهن شئي جي طلب ڇو ڪريان؟ هُن جي سيني ۾ مهاتما گوتم ٻُڌ جي دل ڌڙڪڻ لڳي. دل تي گهرو اثر ٿيس. پنهنجن ٻارن ٻچن کي شاهه ’سالور بن خزاعه ‘جي نالي خط ڏيئي عراق موڪلي ڏنو. جنهن کين حيره ۾ آباد ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ سڀ ڪجهه ڇڏي ڪٿي ريگستان ۾ گم ٿي ويو.
ڪافي وقت گذري ويو.
پوءِ يمن ۾ هڪ ٻيو بادشاهه ٿيو، تبع بن ابي ڪرب حسان بن بتان اسعد .
هو هڪ ڀيرو پنهنجي فوج وٺي سفر تي نڪتو، رستي ۾ يثرب آيو، هو پنهنجي پٽ کي اُتي ڇڏي اڳيان نڪري ويو. واپس وريو ته خبر پيس ته يثرب جي هڪ شخص عمرو بن طلحه نجاريءَ جي هٿان سندس پُٽ مارجي ويو آهي. چون ٿا ته بادشاهه جو پٽ عمروءَ جي باغ مان کجيون ٽوڙي رهيو هو، عمرو ڏانٽو اڇلي هنيس، جيڪو اهڙو ته ڪاپاري لڳس جو ٿڏي تي ئي مري ويو. اها خبر ٻڌي بادشاهه صفا بِر ٿي ويو.چيائين يثرب کي تباهه برباد ڪري ڇڏيندس. هن لڙائي شروع ڪري ڏني. سڄو ڏينهن لڙائي ٿيندي هئي، نجاري سڄو ڏينهن بادشاهه سان وڙهندا رهندا هئا، ۽ رات ٿيندي ئي بادشاهه ۽ سندس فوج جي مھمانيءَ ۾ لڳي ويندا هئا، اهو ڏسي بادشاهه ڏاڍو حيران ٿيو.
هي ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهن.
اهو به چون ٿا ته بادشاهه اصل ۾ پنهنجن پراڻن رشتيدارن اوس ۽ خزرج جي مدد جي لاءِ آيو هو، کيس اها خبر ملي هئي ته اُتي جي يهودين کين گهڻو ستايو آهي. هو اُنهن سان وڙهڻ لڳو ته سندس پٽ عمرو اتفاق سان مري پيو. ان مهل بادشاهه اهو طئه ڪري ورتو ته يثرب کي برباد ڪري ڇڏيندس. ڳالهه کڻي ڪهڙي به هجي، لڙائي ٿي هئي، هڪ ڏينهن يثرب جي يهودي قبيلن مان ٻه يهودي عالم بادشاهه وٽ آيا، ۽ بادشاهه کي گذارش ڪرڻ لڳا ته ’سرڪار! هن شهر کي نقصان نه رسايو... نه ته اوهانجو نقصان ٿيندو اوهين ڪنهن مصيبت ۾ ڦاسي ويندؤ.‘
بادشاهه پُڇيو: ڪيئن ؟
ٻنهي يهودي عالمن چيو: بادشاهه سلامت
هي سڳورو هنڌ آهي.
هيءَ آخري نبيءَ جي هجرت گاهه آهي.
بادشاهه هٿ روڪي ورتو. هن يهودي عالمن جون ڪجهه ٻيون ڳالهيون به ٻڌيون، هو اُنهن جو قائل ٿيندو ويو. نيٺ چوڻ لڳن: مون سان گڏ يمن هلو. تبع پنهنجو لشڪر وٺي يمن ڏانهن واپس وريو. رستي ۾ مڪو آيو. جڏهن هو سفر ۾ هو ته کيس ’هذيل بن مدرڪ‘ جا ڪجهه ماڻهو مليا، جن بادشاهه کي چيو:
اوهان کي هڪ عظيم خزاني جي خبر ٻڌايون
بادشاهه به ٻين بادشاهن وانگر لالچي هو، چيائين ٻڌايو.
سون، مين، ياقوتن ۽ جواهرن سان ڀرپور،
بادشاهه چوڻ لڳو ، ٻڌايو ڪٿي آهي؟
هنن چيو، مڪي ۾ هڪ گهر آهي ڪعبو اُتي
بادشاهه اوڏانهن روانو ٿي ويو.
بادشاهه جي لشڪر ۾ اهي يهودي عالم به هئا. هنن جڏهن بادشاهه ۽ سندس لشڪر جو ڪعبي ڏانهن يلغار جو ارادو ڏٺو ته هڪدم بادشاهه وٽ پهتا.
اوهان ڇو پنهنجو ۽ پنهنجي لشڪر جي تباهيءَ جو ارادو ڪيو آهي.
بادشاهه ’هذيل بن مدرڪه ‘وارن جي ٻڌايل ڳالهه ٻڌائي.
يهودي عالم منهن مَٿو پٽنيدي چيو: بادشاهه سلامت، جن اوهانکي اهو چيو آهي سي اوهان جا سڄڻ نه پر دشمن آهن، خبر اٿوَ اهو ڪهڙو گهر آهي؟.
اهو ڌرتيءَ تي الله جو گهر آهي.
هو پاڻ اُن جو محافظ آهي.
جيڪو به اُن ڏانهن بُري ارادي سان نڪري ٿو، سو برباد ٿيو وڃي .
هُنن اوهان کي ۽ اوهان جي لشڪر جي تباهيءَ ۽ هلاڪت جي لاءِ اوهانکي اها واٽ ڏسي آهي. ان کان مُڙي وڃو.
هي ته شهر آهي اُن آخري نبيءَ جو، جنهن کي هِتان وڃي يثرب ۾ آباد ٿيڻو آهي.
بادشاهه هَڄي ويو، چيائين: مون کان چُڪ ٿي. مون دل ۾ خراب ارادو ڪيو.
هاڻي ڇا ڪريان؟
هنن چيس: اهو ئي ڪر، جيڪو هِتي ايندڙ ڪندو آهي. اُن جي تعظيم ڪريو، طواف ڪريو، قرباني ڏيو، مٿو ڪوڙايو ۽ نهٺائي ۽ نوڙت جو مظاهرو ڪريو.
بادشاهه چيو: اوهين هتي طواف لاءِ ڇو نه ايندا آهيو؟
هنن چيو: هي اسان جي وڏڙي ابراهيم عه جو تعمير ڪيل آهي. هتي جي ماڻهن ان ۾ بُت رکي ڇڏيا آهن. تنهنڪري اسين هيڏانهن اچڻ کان لهرائيندا آهيون.
بادشاهه ’هذيل بن مدرڪه‘ جي ماڻهن کي سزا ڏني، جن کيس غلط واٽ وٺڻ جي صلاح ڏني، ۽ پاڻ مڪي وڃي طواف ڪيائين، مٿو ڪوڙايائين، ڇهه ڏينهن اتي ترسيو، ماڻهن کي گوشت کارايائين ۽ ماکي ملائي پاڻي پياريو. اُتي ترسڻ جي دوران کيس خواب نظر آيو ته ڪعبي تي غلاف چاڙهه، پهرين هن کاڌيءَ جو چاڙهيو.
پوءِ وري خواب ڏٺائين ته هن کان به سُٺو چاڙهيو
هن يمن جي معافري ڪپڙي جو غلاف چاڙهيو
وري خواب ۾ ڏٺائين ته هن کان به سُٺو چاڙهه
ته هن ڳاڙهي ڪپڙي جو لڪيرن وارو غلاف چاڙهيو.
مورخ لکن ٿا ته تبع، يمن جو اهو پهريون شخص هو، جنهن بيت الله تي غلاف چاڙهيو ۽ ڪعبي جي متولي قبيلي ’جرهم‘ کي تاڪيد ڪئي ته هو بيت الله ۾ صفائي سُٿرائي رکن.
يمن جو بادشاهه واپس يمن پهتو ته ساڻس يثرب جا ٻئي يهودي عالم به هئا، بادشاهه پنهنجن هم وطنن کي يهوديت طرف سڏيو ۽ چيو ته اهو بُت پرستيءَ کان بهتر آهي. پر ماڻهن انڪار ڪري ڇڏيو.
نيٺ طئه اهو ٿيو ته باهه جو مچ ٻاريو وڃي، باهه ئي ڪو آخري فيصلو ڪندي ظالم کي پنهنجي پڪڙ ۾ وٺي لائيندي آهي ۽ مظلوم ۽ سچي کي ڪجهه به نه چوندي آهي. تنهنڪري يمني ماڻهو پنهنجن بُتن سان گڏ ميدان ۾ آيا ۽ يهودي عالم پنهنجن صحيفن کي ساڻ ڪري اُت پهتا. باهه جي ڄُڀي مچَ مان نڪتي ۽ بُت پرستن ڏانهن جَهپو هنيائين ته هو ڊڄي پري هٽڻ لڳا. يهودي عالم صحيفن کي ڪنڌ ۾ لڙڪائي صحيح سلامت باهه مان نڪري آيا. باهه جي فيصلي جي ڪري ’حمير قبيلي‘ جا ڪيترائي ماڻهو يهوديت جا قائل ٿي ويا.
اها اُنهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن حضرت عيسيٰ عليه السلام اڃا هن دنيا ۾ نه آيو هو ۽ اهي يهودي پنهنجي وقت جا سچا مسلمان هئا، هنن يثرب کي آخري نبي ﷺ جي هجرت گاهه طور سڃاتو هو. ۽ مڪي جي صحيح تعظيم ڪئي هئي، انهن کان ئي رسول الله ﷺ جي باري ۾ اڳ ڪٿيون ٻڌي تبع يمن اسد حميري هي شعر چيا هئا:
”آءٌ شاهدي ڏيان ٿو ته احمد ﷺ روحن جي خالق، الله تعاليٰ جو رسول آهي. جيڪڏهن منهنجي عمر وڏي ٿي ته آءٌ سندس وزير ۽ حامي ٿيندس
سندس ويرين سان وڙهندس
۽ سندس دل مان هر رنج ۽ اَلم کي دور ڪندس“.
اهي شعر ابو ايوب انصاريءَ وٽ محفوظ هئا ۽ انصار اهي شعر گُنگنائيندا هئا.
ڪتاب القبور ۾ ابن ابي الدنيا بيان ڪيو آهي ته صفا ۾ هڪ قبر جي کوٽائي ڪندي دفن ٿيل ٻن عورتن جا جسم نڪتا، انهن سان هڪ سوني تختي تي سون جي پاڻيءَ سان هيءَ عبارت لکيل هئي،
” هيءَ قبر يمس ۽ حبي، تبع جي ڌيئرن جي آهي.
جيڪي ٻئي الله وحده لاشريڪ لھ جي هيڪڙائيءَ جون اقرار ڪندي گذاري ويون.
اسعد حميري کانپوءِ حسان بن تبان اسعد تخت تي ويٺو.
هي مائي يمامه زرقا جو ڀاءُ هو، هن عرب ۽ عجم کي پنهنجي قبضي هيٺ آڻڻ جي رٿا جوڙي، مهم تي نڪتو، عراق پهتو ته حميري ۽ يمني قبيلا سندس خلاف ٿي پيا، واپس ورڻ مهل هُنن سندس ڀاءُ عمرو سان ساز باز ڪئي، رٿا اها هُين ته عمرو پنهنجي ڀاءَ حسان کي قتل ڪري ڇڏي ۽ سڀ کيس بادشاهه تسليم ڪري وٺندا. سڀ اُن سازش ۾ سهمت هئا، سواءِ ذورعين حميري جي، هن عمروءَ کي ايئن ڪرڻ کان منع ڪئي. پر هو پنهنجي ارادي کان نه مُڙيو ته ذورعين حميريءَ ٻه شعر لکي عمرو وٽ امانت طور رکيا.
”ٻُڌ!
جيڪو شخص رات جي ننڊ جي بدلي ۾ بي خوابيءَ جو خريدار هجي
اهو بدبخت آهي
نيڪ بخت اهو آهي، جيڪو ٿڌي اک سان رات گذاري
حمير بي وفائي ڪري خيانت ڪئي آهي،
الله وٽ ذورعين معذرت خواهه آهي“.
عمرو پنهنجي ڀاءَ حسان کي قتل ڪري يمن آيو، هو بادشاهه ته بنجي ويو، پر ننڊ مٿس حرام ٿي ويئي، بي خوابيءَ ۾ مبتلا ٿيو ته هن طبيبن ۽ ڀوپن ڏانهن رجوع ڪيو، هنن تشخيص ڪئي ته جيڪو شخص نا حق پنهنجي ڪنهن ڀاءَ يا عزيز جو خون ڪري ٿو ته اُن جي ننڊ اُڏي وڃي ٿي، هو بي خوابيءَ جي مرض ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. اهو ڄاڻي هن کيس پنهنجي ڀاءَ کي قتل ڪرڻ جي صلاح ڏيندڙن کي ڳولي ڳولي قتل ڪرڻ شروع ڪيو، جڏهن ذورعين کي قتل ڪرڻ لاءِ پڪڙيو ويو ته هن چيس: منهنجو تنهنجي ڀاءَ کي قتل ڪرڻ کان منع ڪرڻ جو ثبوت تو وٽ موجود آهي.
عمرو پُڇيس اهو ڪيئن؟
ذورعين وٽس رکرايل پنهنجن شعرن ڏانهن اشارو ڪيو، هو ڪاغذ کولي پڙهندو ويو ته ان تي سندس شعر لکيل هئا، کيس ڇڏيو ويو، عمرو اُن مرض ۾ مبتلا ٿي مري ويو. يمن طوائف الملوڪيءَ جو شڪار ٿي ويو، هڪ حميري جنهن جو نالو ’الخنيعه ينوف ذوشناتر‘ هو، جنهن جو شاهي ڪٽنب سان ڪوبه تعلق نه هو، طاقت جي ٻَل تي سلطنت تي قابض ٿي ويو. هن اهم ماڻهن کي مارائي ڇڏيو، شاهي خاندان کي تباهه ڪري ڇڏيائين. منجهس ڪيتريون ئي بُڇڙيون عادتون هيون، جن ۾ هڪ عادت لوطي هئڻ به هئي، بُڇڙي ڪم کانپوءِ هو وات ۾ ڏندڻ وجهي بالا خاني مان هيٺ ڏسندو هو ته جيئن محافظن کي خبر پئجي وڃي ته هو بالا خاني مان نڪري آيو آهي. هڪ ڏينهن هن ذونواس بن تبان اسعد، حسان جي ڀاء کي گهرايو، اهو ڏاڍو سُهڻو جوان هو ۽ اُن سان گڏ گهڻو سجاڳ ذهن جو مالڪ به، هو هڪ تکي ڇري پنهنجي جتيءَ ۾ لڪائي وٽس پهتو، بالا خاني ۾ جڏهن الخنيعه ڏانهنس وڌيو ته هُن کيس ماري وڌو ۽ ڇري سان سندس ڪنڌ ڪپي بالا خاني جي ٻاهر ٺهيل طاق تي رکي ڇڏيو، جنهن مان هو هيٺ ڏسندو هو، هن ڳچيءَ جي وات ۾ مسواڪ رکي ڇڏي، محافظن جڏهن پنهنجي بادشاهه جو ڪپيل ڪنڌ ڏٺو ته ذونواس جي بهادريءَ جا قائل بنجي ويا. کين خبر هئي ته ذونواس سندس اڳوڻي بادشاهه جو پٽ آهي. جم هڪدم اتفاق راءِ سان کيس پنهنجو بادشاهه تسليم ڪري ورتو.
هو حمير پاران يمن جو آخري بادشاهه هو .
انهن ئي ڏينهن حضرت عيسيٰ عليه السلام جو ظهور ٿيو ۽ ڪيترائي نيڪ ۽ پاڪباز ماڻهو عيسائي ٿيا. مٿن سختيون ڪيون ويون ته هو ٻين طرفن نڪري ويا، چون ٿا ته انهن ۾ هڪ فيميون نالي عابد زاهد ۽ دعائن جي قبوليت وارو عيسائي هو، جيڪو اپاهج ۽ مصيبت ماريل ماڻهن جي لاءِ دعائون گهرندو هو ۽ هو شفا ياب ٿي ويندا هئا.
فيميون مزدور هو.
هڪ ڏينهن ڪنهن بدوءَ کيس جهلي نجران ۾ وڪڻي ڇڏيو.
سندس مالڪ سڄو ڏينهن کانئس ڪم وٺندو هو. رات جو فيمون جنهن ڪمري ۾ ٽڪندو هو، اُتي هو عبادت ڪندو هو، اهو ڪمرو سهائيءَ سبب جڳ مڳ ڪرڻ لڳندو هو، سندس مالڪ اهو منظر ڏسي ڏاڍو حيران ٿيو.
نجران ۾ سڀ ماڻهو بُت پرست هئا،
اُتي هڪ وڏي کجيءَ جي وڻ جي پوڄا ڪندا هئا، ان وڻ تي هنن سون ۽ چانديءَ جا زيور نذراني طور ٽنگي ڇڏيا هئا. سندن خيال هو ته هي کجي جي وڻ واو بت سندن محافظ آهي، هڪ ڏينهن فيميون پنهنجي مالڪ کي چيو: هن تي سون چاڙهي اهو ذيان نه ڪريو.
مالڪ چيس: هي اسان جو نگران خدا آهي.
فيميون دعا گهري .
هڪ طوفان آيو، زور سان هوا هُلي ۽ سون ۽ چاندي سان لَڏيل کجيءَ جو وڻ پاڙؤن پٽجي اچي پَٽ پيو.
نجران جا ماڻهو فيميون جي اها ڪرامت ڏسي، بُت پرستيءَ کان توبه ڪري عيسائي بنجي ويا. جڏهن يمن ۾ ان واقعي جي خبر پهتي ته ذوانونس شاهه يمن مان فوج وٺي نجران پهتو،
چيائين: موت ۽ يهوديت مان هڪ شئي ڌُڻي وٺو.
هڪ وڏي کڏ ۾ باهه ٻاريائين
نجران جي بي گناهه ماڻهن کي اُن باهه ۾ اڇلائي ساڙي ڇڏيائين
ماري ڇڏيائين
اندازي موجب اهي ويهه هزار ماڻهو هئا.
اهو واقعو سوره بروج قرآن (10/85) ۾ ذڪر ڪيل آهي.
چون ٿا ته نجران جي رهاڪن مان هڪ عيسائي جيئرو بچيو، جنهن جو نالو ’دوس ثلبان‘ هو، هو ڪنهن طريقي سان قيصر جي درٻار ۾ پهتو، قيصر عيسائين جي عظيم الشان سلطنت جو بادشاهه هو، هن کيس سڄو واقعو ٻڌايو ته يمن جي بادشاهه نجران جي سڀني عيسائين کي جيئرو باهه ۾ وجهي ساڙي ماري ڇڏيو.
کيس فرياد ڪيائين ته مدد ڪئي وڃي.
قيصر چيو: تنهنجو علائقو پري آهي، سنئون سڌو اوڏانهن فوج موڪلڻ جي بدران حبشه جي نجاشيءَ کي سهڪار لاِءِ لکان ٿو. هو به اسانجو هم مذهب عيسائي آهي. دوس ثعلبان قيصر جو حڪم نامون کڻي نجاشيءَ وٽ پهتو. شاهه نجاشيءَ ستر هزار فوج تيار ڪئي. ”ارياط“ کي ان فوج جو ڪمانڊي مقرر ڪيو ۽ يمن تي حملي جي لاءِ روانو ڪيو. ان فوج ۾ ارياط سان گڏ ابرهه اشرم به هو، ارياط سمنڊ ٻيڙين رستي پار ڪيو ۽ فوج يمن جي ساحل تي لٿي ۽ ذونواس کي شڪست ڏيئي يمن تي قبضو ڪري ورتو، ارياط ڪيترائي سال يمن جو حڪمران رهيو.
پوءِ ابرهه بغاوت ڪئي.
حبشه جي فوج ٻن گروهن ۾ ورهائجي ويئي، نوبت اچي جنگ تائين پهتي، جنگ شروع ٿيڻ لڳي ته ابرهه، ارياط کي هڪ رٿ ڏني.
ارياط پڇيو: ڪهڙي؟
ابرهه چيو: ٻنهي پاسن اسانجي فوج آهي، اسين وڙهنداسين ته ٻنهي طرفن تباهي آهي، هڪ طريقو آهي.
ارياط پڇيو: ڪهڙو ؟
ابرهه چيو: اسين ٻئي پاڻ ۾ وڙهون ٿا. اسان جي فوج بيهي ڏسي،
جيڪو کٽي ويو، ٻنهي طرفن جي فوج ان جي.
ارياط رٿ مڃي ورتي
ابرهه چالاڪ ۽ عيار ماڻهو هو، سندس چهرو ڪارو ۽ قد ننڍو هو
ارياط خوش شڪل ۽ قد جو ڊگهو ۽ بهادر انسان هو
ٻنهي جي روبرو لڙائي شروع ٿي ويئي
ارياط ڪابه چالاڪي نه ڪئي
ابرهه پنهنجي پويان پنهنجو هڪ غلام عتوده بيهاري ڇڏيو
ويڙهه شروع ٿي ويئي
ارياط بڻڇي سان وار ڪيو ته ابرهه جو نڪ ۽ مٿيون چپ ڪٽجي ويو، ان ڪري سندس لقب اشرم پئجي ويو. ابرهه جي پٺيان لڪي بيٺل غلام عتوده هڪدم ارياط تي حملو ڪري ڏنو. ۽ کيس ماري ڇڏيو، فوج جي ٻنهي ڌڙن ابرهه کي پنهنجو حاڪم مڃي ورتو، ابرهه، ارياط جي ديت ادا ڪري ڇڏي.
اها خبر جڏهن شاهه حبش کي پھتي ته هو گهڻو ڪاوڙيو،
هن قسم کنيو ته هو يمن جي مٽيءَ کي پيرن هيٺان لتاڙيندو ۽ ابرهه جي پيشاني جا وار ڪٽي کيس ذليل ۽ خوار ڪندو. ابرهه مڪار شخص هو، کيس شاهه حبش جي ڪاوڙ جي خبر پئي ته هن هڪ ٿيلهي ۾ يمن جي مٽي وڌي ۽ پنهنجي مٿي جا ڪجهه وار وڍي مٽيءَ جي مٿان رکيا ۽ شاهه حبش جي خذمت ۾ موڪلي ڏنائين.
اُن سان گڏ خط به هو
’جناب والا، ارياط اوهانجو غلام هو، آءٌ به اوهان جو ٻُڌو ٻانهون آهيان. اسان جو پاڻ ۾ اختلاف هو، آءٌ اوهانجي مفادن جو وڌيڪ حامي ۽ محافظ آهيان. وڌيڪ تابع ۽ فرمانبردار آهيان، اوهان جي قسم جي خبر پئي، پنهنجي مٿي جا وار ڪوڙائي اوهانجي خدمت ۾ موڪلي رهيو آهيان، گڏوگڏ يمن جي مٽي سان ڀريل ٽوڪرو به ، اوهين اُن مٽيءَ کي لتاڙي ۽ منهنجي وارن کي ان ۾ گڏي پنهنجو قسم پوري ڪري وٺو.“
شاهه حبش راضي ٿي ويو ۽ ابرهه کي يمن ۾ راڄ جي موڪل ڏيئي ڇڏيائين.
اها 543 عيسوي جي ڳالهه آهي.
ابرهه جي دل ۾ کٽڪو لڳل رهندو هو ته شاهه حبش کي راضي رکڻون آهي. هن صنعا ۾ هڪ عظيم الشان قلس نالي سان هڪ ديول اڏرايو. شاهه حبش کي لکيائين ته هو عربن جون دليون ڪعبي کان موڙي هن قلس طرف آڻيندو. هن قلس جي ٺاهه ٺوهه جي ڪٿا به شاهه حبش کي لکي موڪلي، چون ٿا ته ابرهه جي ان خط جي خبر جڏهن مڪي جي ڀرسان رهندڙ هڪ ڪناني عرب کي پئي ته هن انتقام ۾ قلس جي اندر هَنگي گندگي پکيڙي ڇڏي ۽ واپس حجاز هليو آيو.
ابرهه کي خبر پئي ته صفا ڇتو ٿي پيو.
سخت ڪاوڙ ۾ قسم کنيائين ته هو ڪعبي تي حملو ڪري اُن کي ڊاهي پَٽ ڪري ڇڏيندو، اها 571ع جي ڳالهه آهي. هو سٺ هزار سپاهين جو لشڪر وٺي مڪي روانو ٿيو ۽ پنهنجي دهشت پکيڙڻ لاءِ هڪ هاٿي به ساڻ رکيائين. ڪن روايتن ۾ هڪ کان وڌيڪ هاٿين جي هئڻ جو ذڪر به آهي. ڪن لکيو آهي ته يارنهن هاٿي هئا، بهرحال هڪ هاٿيءَ جو هئڻ ته طئه آهي. هن جي رستي ۾ ڪيتريون ئي عرب فوجون رڪاوٽ بنيون، پر ڪوبه هن جي لشڪر جي سامهون بيهي نه سگهيو، ذوالنفاراشراف يمن ۾ هو. هو رستو روڪڻ آيو، پر هارايائين. ابرهه کيس قتل ڪرڻ لڳو ته هن چيس مونکي مارڻ مان ڇا ورندئي، جيئرو پاڻ سان رک، شايد توکي منهنجي مدد جي گهرج پوي. ابرهه ڳالهه مڃي کيس گرفتار ڪري پاڻ سان گڏ وٺي روانو ٿيو. خشتم جي علائقي ۾ جڏهن هن جي فوج پهتي ته نفيل ڪجهه عرب قبيلن شهران ۽ ناهس کي ساڻ ڪري ابرهه کي روڪڻ جي لاءِ نڪتو، پر هو به شڪست کائي ويو. هن به ذونفر جي ڪهاڻي ٻڌي هئي، تنهن ڪري هن ساڳئي درخواست ڪئي ۽ قيدي بنجي ابرهه جي فوج سان گڏ هلڻ لڳو. لشڪر جڏهن طائف پهتو ته اُتي بني ثقيف جو سردار مسعود بن محتسب شهر کان نڪري اچي حاضر ٿيو.
چيائين قبلا
اسين اوهان جا ٻانها آهيون
اسانجو بت خانو ”لات“ اهو بت خانو ڪونهي، جنهن کي اوهين ڊاهڻ نڪتا آهيو. اوهين جنهن ڪعبي کي ڪيرائڻ گهرو ٿا، اهو مڪي ۾ آهي، اسين پنهنجو سونهون اوهان سان گڏي ٿا ڇڏيون.
ابرهه تجويز مڃي ورتي
بني ثقيف ”ابو رغال“ کي مڪي جو رستو ڏيکارڻ لاءِ اَبرهه سان گڏ روانو ڪيو. هو ”مغمس“ تائين ابرهه جي فوج کي وٺي ويو، اتي پهچي ”ابورغال“ مري ويو. کيس اتي ئي دفنايو ويو. عرب اڄ سوڌي ان هنڌ تي سندس قبر کي پٿر هڻندا آهن ته هو بڇڙو شخص هو، جيڪو ابرهه کي مڪي جو رستو ڏيکارڻ لاءِ گڏ آيو هو.
مغمس ۾ ابرهه خيما کوڙيا.
گرمين جا شروع وارا ڏينهن هئا.
اها 571عيسوي جي ڳالهه آهي، عربي مهينو محرم جو هو.
سٺ هزار فوج کي کارائڻ پيارڻ لاءِ ابرهه لُٽ مار شروع ڪري ڏني.
ابرهه هڪ فوجي دستو اسودين مفعود سان گڏ روانو ڪيو
جيڪو تهامه وارن قريشن جون سوين ٻڪريون ۽ اٺ جهلي آيو. انهن ۾سيدنا عبدالمطلب جا ٻه سئو اُٺ به هئا.
ٻي ڏينهن ابرهه، حناط حميريءَ کي موڪليو ته هو مڪي جي سردار کي پاڻ سان وٺي اچي. سيدنا عبدالمطلب پنهنجي قوم جو اڳواڻ ۽ قبيلي جو سردار هو، هو حناط حميريءَ سان گڏ ابرهه جي لشڪر ۾ هليو ويو.
ابرهه شاهي خيمي ۾ تخت تي ويٺو هو
غاليچا وڇايل هئا.
ٿڌن مٺن شربتن جو گُهگهيون رکيل هيون
سون چاندي جا ٿانوَ ۽ سينگاردان هئا
سيدنا عبدالمطلب خيمي جي ٻاهر پهتو ته اطلاع ڏيندڙ ابرهه کي ٻڌايو. قبلا هي قريشن جو سردار آهي.
زم زم جو مالڪ آهي،
ماڻهن جي کاڌي پيتي جو بندوبست ڪندو آهي،
وحشي جانورن کي به جبلن جي چوٽين تي گوشت کارائيندو آهي.
سيدنا عبدالمطلب ڊگهي قد جو خوبصورت، سهڻو، پروقار، روشن چهري واري ٻاجهاري بزرگ هستي هئي. کيس ڏسي ابرهه تخت تان هيٺ لهي آيو ۽ ساڻس پرجوش نموني گڏيو ۽ هيٺ وڇايل غاليچي تي ويهاڻي وٽ اچي ويٺو ۽ کيس پنهنجي ڀَر ۾ ويهاريائين، پوءِ ترجمان جي وسيلي پُڇيائين ته هن کان پڇو ته هي ڇا ٿو چاهي.
سيدنا وراڻيو:
”اوهان جي ماڻهن منهنجا ٻه سئو اٺ جهليا آهن، اهي واپس وٺڻ آيو آهيان.“ ابرهه سيدنا جي اها ڳالهه ٻُڌي ڏاڍو حيران ٿيو، چيائينس:اوهانجي پروقار شخصيت کي ڏسي مرعوب ٿيو هئس، پر اوهان جي ڳالهه منهنجي نظرن ۾ اوهان کي بي وقار ڪري ڇڏيو آهي. اوهين پنهنجن ٻن سئو اُٺن جي ڳالهه پيا ڪريو پر بيت الله جو نالو ئي نه پيا ڳنهو، جيڪو اوهانجي وڏڙن جو ۽ اوهان جو ديني مرڪز آهي. توکي خبر آهي ته آءٌ اهو ڊاهڻ آيو آهيان.
سيدنا عبدالمطلب ابرهه جي ڳالهه ٻڌي مُرڪيو ۽ وراڻيائين:
بادشاهه، آءٌ فقط اُٺن جو مالڪ آهيان، پنهنجا اٺ ئي گهرندس،
باقي ڳالهه رهي بيت الله جي ته، بيت الله جو مالڪ الله آهي
کيس پنهنجي گهر جي حفاظت ڪرڻ اچي ٿي.
ابرهه چيو، اهو منهنجي حملي کان بچي نه سگهندو.
عبدالمطلب ٻيهر مُرڪيو ۽ چيائين ’هونئن ته اڄ سوڌي هن ڪنهن کي به پنهنجي گهر تي مسلط ٿيڻ نه ڏنو آهي،بهرحال اهو ڄاڻي تون ڄاڻين، منهنجا اٺ واپس ڪر.‘ ابرهه خاموشيءَ سان سيدنا عبدالمطلب کي ڏسندو رهيو، هن اٺ کي واپس ڪري ڇڏيا.
سيدنا عبدالمطلب واپس وريو.
پنهنجن ماڻهن کي چيائين، ضروري سامان کڻي آسپاس جي جبلن تي چڙهي وڃو ته جيئن ڪنهن جو نقصان نه ٿئي. پوءِ قريشن جي ڪجهه سردارن کي ساڻ ڪري حرم ۾ ويو ۽ ڪعبي جي دروازي جو ڪڙو کڙڪائي چيائين:
الاهي، ٻانهون پنهنجي گهر جي حفاظت ڪندو آهي
تون به پنهنجي گهر جي پاڻ حفاظت فرماءِ
سُڀاڻي هنن جي صليب ۽ انهن جي تدبير
تنهنجي تدبر تي غالب نه اچي وڃي
جيڪڏهن تون هُن کي ۽ اسان جي قبيلي کي
پنهنجي حال تي ڇڏي ڏيڻ ٿو گهرين ته جيڪو وڻئي سو ڪر
صليب وارن ۽ ان جي پرستارن جي مقابلي ۾
اڄ پنهنجي آل جي مدد فرماءِ
اي منهنجا ربّ ! آءٌ توکان سواءِ هنن جي مقابلي ۾ ٻي ڪنهن کان اُميد نٿو رکان، پنهنجي حرم کي هنن کان بچائي.
هن گهر جو دشمن تنهنجو دشمن آهي
هنن کي پنهنجي بستيءَ کي تباهي ڪرڻ کان جَهل.
اهي دعائون گهري سيدنا عبدالمطلب پنهنجن ساٿين سان گڏ جبلن تي چڙهي ويو .
ٻيو ڏينهن ڏهين محرم جو هو .
اَبرهه جيڪو حرم جي حدن ۾ پنهنجو سٺ هزارن جو لشڪر وٺي بيٺو هو، حملو ڪري ڏنو، لشڪر جي اڳيان ’محمدد‘ جي نالي وارو هاٿي هو، جڏهن هاٿيءَ جو منهن ڪعبي طرف ڪيائون ته هو هڪدم ويهي رهيو. فيل بان انيس گهڻئي ڪوشش ڪئي، پر هاٿي هَنڌان نه چُريو، نيٺ سندس منهن مڪي کان مَٽائي ٻي پاسي ڪيائون ته هو اُٿي ڀڄڻ لڳو. فيل بان ٻيهر کيس روڪيو، سندس منهن مڪي ڏانهن ڪيائون ته هو وري ادب مان ڪنڌ جهڪائي ٿُنبي ماري ويهي رهيو، فيل بان اک ۾ لوهه جي چهنب هنيس، پر هاٿي ان هنڌان نه چريو.
ايتري ۾ سمنڊ واري پاسي کان هڪ ڪارو ڪڪر اُٿيو .
اهو ڪڪر اَبرهه جي فوج جي ويجهو آيو ته اهو پکين جو هڪ ولر هو، هر پکي وٽ ٽي ٽي پٿريون هيون، ٻه پيرن جي پنجن ۾ ۽ هڪ چهنب ۾ . پٿريون چَڻي جي داڻي برابر هيون. اها پٿري جنهن تي به ٿي ڪري، اهو مري ٿي ويو، ان سان گڏ زوردار واچوڙو ۽ مٽيءَ جو طوفان به لشڪر کي وڪوڙي ويو. پٿريون اهڙي ته تيزيءَ سان فوج تي ڪري رهيون هيون جو سپاهين جون کلون ئي اُڊڙي ٿي ويون ۽ پٿري سندن جسم مان پار لنگهي ٿي ويئي، اُبرهه جي سپاهين جون ٽنگيون ۽ ٻانهون جسم کان ڪٽجڻ لڳيون، هُنن جون تريون ڇڻڻ لڳيون، افراتفريءَ ۾ جيڏانهن ڪنڌ تيڏانهن پنڌ، وٺي ڀڳا، سڄو لشڪر اولڙ گاهه جيان بڻجي ويو، هو نفيل حميريءَ کي ڳولهڻ ۽ سڏڻ لڳا ته کين يمن جو رستو ڏيکاري. ان موقعي تي نفيل حميريءَ هي شعر چيا:
اي رونيا، اسان پاران توتي سلام، صبح جي ٿڌڙي هير جيان اکيون ٿڌيون ٿين،
اي رونيا، اسان جيڪي ڪجهه اُت ڏٺو، جيڪڏهن تون اهو ڏسين ها ته حيران ٿي وڃين ها. ۽ خدا ڪري تون اهو نه ڏسين،
اُن حال ۾ تون مونکي معذور سمجهين ها
۽ منهنجي ڪارنامي کي واکاڻين ها ۽ جدائيءَ ۾ ڏکاري نه ٿئين ها.
جڏهن مون پَکين کي ڏٺو ته الله جي تعريف ڪيم
آءٌ پٿرن کان ڊنل هئس، جيڪي اسان تي ڪيرايا پي ويا
قوم جو هر فرد نفيل کي ڳولي رهيو هو
ڄڻ ڪو حبشين جو قرضي هجان“.
عجيب منظر هو
سٺ هزارن جو لشڪر ننڍن ننڍن پکين جي هٿان اولجي رهيو هو. ماڻهو هڪٻئي جي مٿان ڪرندا ڀڄي رهيا هئا، رستا لاشن سان ڀريا پيا هئا. ابرهه کي به ڪنڪر لڳا، ٻانهن ڌار ٿي ويس، ٽنگون ٿڙي ويس ۽ منهن وگهري ويس. جسم ڪپهه جيان سڄي دنبو ٿي ويس، پر کيس اُن وقت تائين موت نه آيو، جيستائين هو يمن نه پهتو. يمن پهچي مرڻ کان اڳ هو ڪڪڙ جي ٻچي وانگر ٿي پيو، جنهن جي بُت تي وار نه هئا، نه ڪو عضوو، چون ٿا ته ان سال عربستان ۾ ماتا جي مرض به اچي منهن ڪڍيو، وارياسن پٽن ۾ ’تم‘ ۽ ’مرار‘ جهڙا تلخ ٻوٽا به ان ئي سال ڦُٽا.
عرب جي تاريخ ۾ اهو واقعو ايترو ته اهم آهي، جو اهو سال ياد رکيو ويو.
کيس ’عام الفيل‘ سڏيو وڃڻ لڳو.
يعني هاٿي وارو سال
اُن واقعي کان لڳ ڀڳ ايڪهٺ ڏينهن پوءِ 12 ربيع الاول سومر جي ڏينهن ميلاد رسول ﷺ جي خوبصورت گهڙي نظر اچي ٿي.
الله اهو ڏينهن ياد رکرائڻ جي لاءِ اَبرهه کي موڪليو هو،
ابرهه کانپوءِ سندس پٽ يڪسوم جانشين ٿيو، يڪسوم جي وفات کان پوءِ مسروق بن ابرهه حڪمران ٿيو، اهو يمن تي حبشين جو آخري حڪمران ثابت ٿيو، فوج ته اڳ ۾ ئي ختم ٿي ويئي هئي.
ماڻهو بيزار هئا،
ڏکويل هئا.
سيف بن ذي يزن حميريءَ طئه ڪيو ته يمن جي ماڻهن کي اُن ظالم حڪمران کان ڇوٽڪارو ڏياريندو. هو ڊگهو سفر ڪري شاهه روم جي درٻار ۾ پهتو ، حبشي حڪومت جي ظلمن جو داستان ٻڌايائين. گذارش ڪيائين ته هو يمن جي ماڻهن کي اُنهن ظالمن کان بچائي، يا ته پاڻ حڪومت سنڀالي يا وري پنهنجو ڪو نائب مقرر ڪري، پر قيصر ڪو ڌيان نه ڌريو. نيٺ هو قيصر کان مايوس ٿي عراق جي رياست حيراه جي حاڪم نعمان بن منذر جي درٻار ۾ پهتو ، جيڪو ڪسريٰ جو نائب ۽ گورنر هو، کيس سڄي احوال کان واقف ڪيائين ۽ چيائين قيصر ته ٻُڌي اڻ ٻُڌي ڪري ڇڏي، هاڻ هو ڪسريٰ کي ٻُڌائڻ ۾ مدد ڪري، نعمان چيس آءٌ سال ۾ هڪ ڀيرو ڪسريٰ جي درٻار ۾ حاضري ڏيندو آهيان. حاضريءَ ۾ اڃا ٿورو وقت آهي. تيستائين تون مون وت ٽڪي پئو.
سيف حميري ٽِڪي پيو.
پوءِ نعمان سان گڏ ڪسريٰ جي درٻار ۾ پهتو. ڪسريٰ تاج پايو پنهنجي درٻار کي رونق بخشي رهيو هو. سون جي اُن تاج ۾ ياقوت، زمرد ۽ ٻيا جواهر جڙيل هئا، اهو تاج ايترو ته ڳرو هو، جو ڪو انسان کڻي پنهنجي مٿي تي رکي نه ٿي سگهيو. تنهن ڪري اهو سونو تاج هڪ سوني زنجير سان ٻڌو تخت جي مٿان ڇت تي ٽنگيل هو. ڪسريٰ تخت تي پردي جي پويان چڙهندو هو، تاج جي اندر مٿو ڏيندو هو ۽ پردو هٽايو ويندو هو. حاضرين پنهنجي سامهون ڪيترا مڻ وزني سون جي جَڳ مَڳ ڪندڙ تاج ۾ بادشاهه کي مٿو ڏيو ويٺل ڏسي هَڄي ويندا هئا، ۽ سجدي ۾ ڪري پوندا هئا، سيف بن يزن حميري، جڏهن ڪسريٰ جي درٻار ۾ حاضر ٿيو ته ڪنڌ جهڪائي اندر ويو. ڪسريٰ پنهنجي محل جو اوچو دروازو ڏسي چيو.
هي ڪير آهي جيڪو هيڏي اوچي دروازي مان ڪنڌ جهڪائي آيو آهي
سيف حميري چيو؛ آءٌ غم ۽ ڏک جي ڪري ڪنڌ جهڪائي آيو آهيان
ڪهڙو ڏک اٿئي؟
حضور اسان جي علائقي تي ڌاريان ڪارا قابض آهن
پُڇيائين: ڪهڙا ڌاريا، حبشي؟ سنڌي؟
وراڻيائين: حبشي.
پوءِ
قبلا! اوهانجي مدد جو طلبگار آهيان
خواهش اٿم ته اسانجي علائقي تي اوهانجي حڪومت هجي.
نه ــ ڪسريٰ وراڻيو: تنهنجو علائقو پري، بيڪار ۽ بي فائدو آهي. اسان کي ان جي ڪابه گهرج ڪونهي، آءٌ عرب جي ريگستان ۾ پنهنجي ايراني فوج کي مشڪلات ۾ ڦاسائڻ نٿو گهران. پوءِ هن ڪنهن وزير ڏانهن ڏسي ڪو اشارو ڪيو. سيف حميريءَ کي ڏهه هزار درهمن جي ٿيلهي ملي وئي . گڏو گڏ کيس هڪ خلعت به عطا ڪئي ويئي. سيف حميريءَ خاموشي سان بادشاهه جي عطئي جي ٿيلهي وصول ڪئي ۽ درٻار مان ٻاهر نڪرندي ئي اهي سڀ درهم ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏيا. اها ڳالهه هڪدم ڪسريٰ کي ٻڌائي ويئي . بادشاهه هڪدم ڇرڪيو، چيائين هي ته ڪو وڏي مان ۽ مرتبي وارو انسان ٿو لڳي، کيس سڏيو ويو.
سيف حميريءَ کي ٻيهر طلب ڪيو ويو، پڇيائينس: تو ايئن ڇو ڪيو؟
وراڻيائين: بادشاهه، آءٌ هنن پئسن کي ڇا ڪريان، منهنجو ملڪ ته سڄو سون آهي.
بادشاهه سوچ ۾ پئجي ويو.
هن پنهنجي وزيرن ۽ صلاحڪارن جو اجلاس گهرايو، پڇيائين: ٻڌايو ته ڇا ڪرڻ گهرجي، هڪ صلاحڪار چيو، ”جيئندا قبلا! جيل ۾ اهڙا ڪيترائي قيدي آهن، جن کي ڦاسيءَ جي سزا آيل آهي. اوهين انهن قيدين جو لشڪر هن همراهه جي حوالي ڪريو، جيڪڏهن اِهي مارجي ويا ته اوهانجو ڪم پورو ٿي ويندو، پر جي ڪامياب ٿي ويا ته اوهان جي سلطنت ۾ واڌارو ٿي ويندو.“
ڪسريٰ مُرڪيو.
اٺ سئو قيدي هئا، جيڪي سڀ ڏٽا مُٽا، ويڙهاڪ ۽ بدمعاش هئا، اڳواڻي هڪ ڪمانڊر ’دهرز‘ جي حوالي ڪئي ويئي، سڀئي قيدي اٺن ٻيڙين ۾ سوار ٿيا، ٻه ٻيڙيون رستي ۾ ٻڏي ويون، ڇهه ٻيڙيون يمن جي شهر عدن ۾ وڃي پهتيون، سيف حميريءَ به پنهنجي قوم جي ڪجهه ماڻهن کي گڏ ڪري دهرز جي ڪمان ۾ ڏنو، چيائين: منهنجو پير اوهان جي پير سان ڳنڍيل آهي، اسان جو جيئڻ مرڻ اوهان سان گڏ آهي.
ٻيئي فوجون مُنهان مُنهن ٿيون
پهرين دهرز پنهنجو پٽ موڪليو
مسروق بن ابرهه جي فوج کيس ماري ڇڏيو
دهرز ڪاوڙ ۾ چريو ٿي پيو
ٻئي فوجون آمهون سامهون اچي بيٺيون
دهرز چيو: مونکي هنن جو بادشاهه ڏيکاريو ته ڪٿي بيٺل آهي.
ماڻهن چيس ته هو هاٿيءَ تي سوار آهي، تاج پاتل اٿس ۽ پيشاني تي ڳاڙهو موتي سَجيل اٿس.
ڏٺوَ ؟
دهرز ڏسندو رهيو.
پوءِ پُڇڻ لڳو، هاڻ ڪٿي آهي؟
ساٿيءَ چيو: هاٿي تان لهي گهوڙي تي چڙهيو آهي.
دهرز چپ ٿي ويو، چيائين بيٺا رهو
ٿوري دير کانپوءِ پُڇڻ لڳو: هاڻ هو ڇا پيو ڪري
ساٿيءَ وراڻيو: هاڻ هو خچر تي چڙهيو آهي.
دهرز چيو: هاڻ سمجهو ته هو خوار خراب ٿيو ۽ سندس ملڪ به.
پوءِ پنهنجن ساٿين جو ڌيان ڇڪرائيندي چيائين:
ڏسو آءٌ تير ٿو ڇوڙيان، جيڪڏهن هو سڀ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ڄميا بيٺا رهن ۽ منجهن ڪا چر پر نه ٿئي ته اوهين به اطمينان سان پنهنجي پنهنجي جاءِ تي تيار ۽ ڦڙت ٿيا بيٺا هُججو، پر جيڪڏهن ڏسو ته هنن مسروقه بن ابرهه کي پنهنجي گهيري ۾ وٺي لاٿو آهي ته سمجهي وڃجو ته منهجو تير نشاني تي لڳو آهي ۽ هڪدم حملو ڪري ڏجو. پوءِ هُن ڪمان ڪشي تير وڌو ۽ ڇوڙيو ته سڏو وڃي ڳاڙهي موتي تي لڳو ۽ مٿي مان پار ٿي ويو، هو سواريءَ تان ڪري پيو ۽ ماڻهن کيس گهيري ۾ وٺي لاٿو. اُن مهل دهرز جي ساٿين حملو ڪري ڏنو، حبشي قتل ٿيا ۽ جنگ جي ميدان ۾ هار کائي وٺي ڀڳا. دهرز فاتح بنجي صنعا ۾ داخل ٿيڻ لڳو ته شهر جو دروازو ٿورو هيٺ هو.
هن چيو: دروازو ڊاهي ڇڏيو.
منهنجو جهنڊو هيٺ نه ٿيندو.
تنهن ڪري دروازو ڊاٺو ويو ۽ هو پنهنجي اوچي جهنڊي سان شهر ۾ داخل ٿيو.
دهرز يمن جو حڪمران بنجي ويو.
دهرز جي وفات کانپوءِ ڪسريٰ سندس پٽ مرز جان کي يمن جو حاڪم مقرر ڪيو، پوءِ ڪنهن سبب جي ڪري کيس معزول ڪري بازان کي حڪمران بنايو. جڏهن نبي پاڪ ﷺ ڪسريٰ کي ايمان آڻڻ جي لاءِ خط لکيو ته اُن وقت يمن تي بازان جي ئي حڪومت هئي.
ڪسريٰ ڏاڍو مغرور بادشاهه هو، کيس پيغمبر پاڪ ﷺ جو خط مليو ته هن بازان کي خط موڪليو ته مونکي خبر پئي آهي ته هڪ قريشي مڪي ۾ نبوت جي دعويٰ ڪئي آهي. تون وڃ کيس نبوت جي دعويٰ تان هٿ کڻڻ جي لاءِ چئو. جيڪڏهن هو مڃي ۽ تائب ٿئي ته فبها، نه ته (نعوذ باالله) هن جو سر قلم ڪري مونکي موڪلي ڏي.
بازان ڪسريٰ جو اهو خط پاڻ سڳورن جي خذمت ۾ موڪلي ڏنو .
حضور ﷺ بازان کي اُن خط جو جواب لکرايو، ”اڄ رات منهنجي رب تنهنجي رب کي قتل ڪري ڇڏيو آهي“.
اها جمادي الاول9هجريءَ جي ڏهين تاريخ هئي.
ٿورن ڏينهن کانپوءِ بازان کي خبر پئي ته ڪسريٰ کي سندس پٽ شيرويه قتل ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪسريٰ جو نالو پرويز بن نوشيروان هو. اهو ئي رومي سلطنت تي غالب آيو هو. جنهن جو ذڪر سوره روم ۾ آهي.
بازان کي ڪسريٰ جي قتل جي خبر ملي ته هن رسول الله ﷺ تي ايمان آندو ۽ پُڇڻ لڳو يارسول الله اسين هاڻ ڪنهن ڏانهن منسوب آهيون؟
رسول الله ﷺ فرمايو: تون اسان جي اهل بيت مان آهين ۽ اسان ڏانهن منسوب آهين.
اُن کانپوءِ پاڻ سڳورن ﷺ يمن ۾ اسلام جي نشر و اشاعت جي لاءِ اصحابي سڳورن کي موڪليو، خالد بن وليد، حضرت علي، پوءِ ابو موسيٰ اشعري ۽ معاذ بن جبل هڪٻئي جي پويان يمن موڪليا ويا.
يمن جي حڪمرانيءَ جي حوالي سان قديم سيطح ۽ شق ڀوپن جي ٻُڌايل خواب جي تعبير پوري ٿي ويئي.

ميعار في اَحسن تقويم ۽ ميلاد رسول ﷺ

ميعار في اَحسن تقويم ۽ ميلاد رسول ﷺ

انسانن وانگر مهينن، سالن، تاريخن ۽ هر ڏينهن جو پنهنجو پنهجو ڀاڳ هوندو آهي. جيئن ڪنهن ڀاڳوند جو ڀاڳ لکڻ مهل خوشيون لکيون وينديون آهن، ان جي حصي ۾ برڪتون رکيون وينديون آهن، رحمتون ان جي منزل بنايون وينديون آهن. عزتون اُن جي سُڃاڻپ بنايون وينديون آهن ۽ محبتون اُن جي جهوليءَ ۾ ڀريون وينديون آهن، ايئن ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڏينهن جو ڀاڳ ڀرجي ويندو آهي، انساني تاريخ ۾ خدا کان وڌيڪ واقف ڪير ٿو ٿي سگهي.
جيڪو هر تاريخ جي هر گهڙيءَ جو ليکڪ آهي.
ڪهڙي گهڙيءَ کي ڪڏهن پيدا ٿيڻون آهي.
ڪڏهن گذرڻو آهي
ڪڏهن مرڻون آهي.
سڀ هن جي اذن ۽ اجازت سان آهي.
هڪ گهڙي اها هئي، جڏهن ڪجهه به نه هو، فقط هو ئي هو.
فقط هُن جو نور هو
فقط هُن جو علم هو
کيس جڏهن پنهنجي نور جي عظمتن جي پرتوي سان ڪائنات ٺاهڻ جو خيال آيو ته پهرينءَ پهر جي اها خوشنصيب گهڙي ويچار جي لائق آهي، هيءَ اها گهڙي آهي، جنهن مان سڄي ڪائنات کي اجهو جنم وٺڻون آهي.
هر ڪم کان پهرين خيال جي منزل هوندي آهي.
خيال جيترو خوبصورت هوندو، منزل اوتري ئي خوش ڪندڙ لڳندي، ڪنهن به تصوير جو تصور تصوير جو بنياد آهي. عمارت جيتري به سُٺي جوڙڻي هجي، ان جو نقشو اوتروئي مهارت سان ٺاهڻون پوي ٿو. پوءِ هر تخليق، هر ويچار، هر ايجاد ۽ هر اختراع جي لاءِ سڀ کان پهرين کيس پرکڻ جي ڪسوٽيءَ جو معيار بنائڻون پوي ٿو.
احسن (سُهڻي) ڪم ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته ” في احسن تقويم“ پهرين بنائي وڃي. پوءِ عام تقويم هُجي، پهرين اعليٰ ترين پرک ٺاهي رکي وڃي ۽ بهترين معيار مقرر ڪيو وڃي، پوءِ تخليقون جاري رهن، ’ڪُن فيا ڪُن‘ جو عمل هلندو رهي.
خدا ته اڪيلو آهي.
هن سوچيو آءٌ سڃاتو وڃان.
کيس انسان جوڙڻ جو خيال آيو، جيڪو کيس سڃاڻي
خدا ته نور آهي.
علم آهي، سڀ علم فقط هو ئي رکي ٿو
هيتري علم واري کي سڃاڻڻ وارا
نور کي سُڃاڻڻ واري جي حصي ۾ ڪيتري سُهائي هوندي. ڪيترو نور هوندو؟
الله جيڪو سوچي ٿو، اهو ٿي وڃي ٿو.
انسان ۽ خدا ۾ هڪ بنيادي فرق اهو ئي آهي. ٻانهو جيڪو وڻيس سوچيندو رهي، خيالن ۾ خيال پاليندو رهي، سَپنن جي ماٿرين ۾ ڦرندو رهي. وهم ۽ گمان ۾ سرگردان رهي، اهو ٻانهو ئي رهي ٿو. هُن جون سوچون، خيال ۽ سڀ سَپنا وهم گمان جي حد کان اڳيان نٿا وڌن هيڏانهن هن سوچيندي بند اک اُپٽي، هيڏانهن هو ٻيهر هن جهان ۾ واپس، جتي اڳ ۾ هوئي هو، ٻانهو جيتري دل چويس چوندو رهي ”ٿي پئو،“ پر ڪجهه به نه ٿو ٿئي، ڪجهه به نه ٿو بدلجي، جيستائين اهو نه چاهي. جنهن کي خيالن، خوابن ۽ سپنن جي تعبير ٻُڌائڻ جو اختيار آهي. تنهن ڪري جڏهن خدا چويٿو ته ”ٿي پئو“ ته اهو ٿي پئي ٿو. جڏهن خدا ڪجهه سوچي ٿو ته اها رڳو سوچ نه هوندي آهي، تعمير هوندي آهي. تعبير هوندي آهي. حقيقت هوندي آهي.
اُن گهڙيءَ جي ڳالهه آهي، جڏهن ڪائنات اڃا نه جُڙي هئي، بس ڪائنات جوڙيندڙ خدا کي خيال آيو هو، ڪائنات جا ڪجهه خدوخال خدا جي ذهن ۾ آيا هئا، سڀ کان پهرين ته پاڻ طئه ڪيو هوندائين ته ڪائنات ٺاهڻي ڪنهن جي لاءِ آهي.
هن ڪائنات جي سواريءَ جو سوار ڪير ٿيندو؟
ڪير کيس سُڃاڻندو ؟
ته خدا پهريون اصول ڪائنات جي تخليق ۾ پنهنجي سڃاڻپ رکيو. اُن احوال سان گڏ تخليق جو اعليٰ ترين معيار ”في احسن تقويم“ به طئي ٿي ويو، جيڪو کيس سُڃاڻي- تخليقي عمل ته جاري رهي ٿو، پر پئمانو ڪڏهن به هڪ کان وڌيڪ نه هوندو آهي.
پرکڻ وارا ڄاڻن ٿا ته طئه ٿيل پئماني ۽ مقرر ٿيل معيار کان سٺي ڪڏهن به ڪا تخليق پرکڻ جي ڪسوٽيءَ کان هيٺ مٿي ٿي وڃي ته اهو سندس گُڻ نه پر عيب (اوگُڻ) ڳڻيو ويندو آهي. معيار اهو ئي هوندو آهي، ته ڪير ڪهڙي ڪسوٽيءَ ۽ پئماني جي ويجهو آهي.
عين پئمانو آهي يا معيار جهڙو ٻيهر نٿو جوڙي سگهجي.
نه ته قانون ئي بي اثر بنجي ويندو،
معيار جي ڪسوٽيءَ جي پرک، پرک جي درجي کان ڪِري پئي،
معيار کان بهتر ڪنهن سسٽم جي ٺاهڻ جو تصور ناممڪن آهي.
تنهنڪري پوءِ معيار ئي بدلجي ويو، ڄڻ معاملو بگڙجي ويو.
سائنسدانن کي ڏسي وٺو
هُنن هر پئماني جا معيار مقرر ڪري ڇڏيا هوندا آهن، هڪ ملي ميٽر کان وٺي ملي ليٽر تائين، ڊيگهه، وزن، ويڪر ڪنهن به شئي کي ماپڻ جو جيڪو پئمانو هوندو آهي. سڄي دنيا جا پئمانا اُن حوالي سان بنجن ٿا.
اهو طئه آهي.
اهو اصول ڪڍي ڇڏجي ته سائنس جي سڄي عمارت ڊَهي اچي پَٽ پوندي، جهڙوڪ : اولهه جي هڪ عجائب گهر ۾ هڪ خاص نقطو ڳڱائڻ جي لاءِ هڪ خاص طئه ٿيل سمنڊ کان مٿانهينءَ تي هڪ مخصوص هوا جي داٻ جي هيٺان، هڪ مقرر ڪيل ڌاتوءَ جي مقرر ڪثافت يا لطافت کي هڪ خاص انداز ۾ ٺاهي محفوظ ڪري رکيو ويو آهي. دنيا کي چيو ويو آهي ته هي ماپڻ جو وال آهي هاڻ سڀني تي لازمي آهي ته اُن وال جي حوالي سان پنهنجا وال ٺاهين ۽ جيڪو ڪنهن جي ڀاڳ جو دورانيو آهي اهو کيس ڦاڙي ڏين.
ظاهر آهي ته جيڪي بلڪل مخصوص حالتون اُن معيار جي لاءِ، ان طئي ٿيل هنڌ تي مقرر ڪيون ويون آهن، اِهي دنيا جي ٻين هنڌن تي ته ممڪن ڪونهن، تنهنڪري سائنسي لحاظ کان دنيا جو هر ’وال‘ ٻي ٺاهيل ’وال‘ کان ٿورو گهڻو فرق ضرور رکندو. اُن جي لاءِ هنڌ هنڌ جي گرمي پَد ۾ فرق هوندو، ڪٿي زمين جي سطح سمنڊ کان مٿانهين ۾ گهٽ يا وڌ هوندي، ڪٿي نمي گهٽ هوندي ته ڪٿ وڌ. پوءِ عام ”وال“ جي پروڊڪشن جي لاءِ اُهو مخصوص طئه ٿيل معيار طئي ڪري، مڃرائي، دنيا کي ڏيکاري، کيس خاص هنڌ تي محفوظ ڪيو ويندو آهي، ته جيئن ڪنهن شڪ جي صورت ۾ ڀيٽ ٿي سگهي.
اهو هر معيار جي لاءِ لازمي آهي.
ضروري آهي
اهي رڳو ماپڻ وارن اوزارن جي لاءِ ئي اهم ڪونهن، پر ڪنهن به شئي جو معيار هُجي، گهٽ وڌ انهن طئي ٿيل اصولن کي مڃڻون پوندو آهي.
سوچڻ جي ڳالهه آهي.
وڏي ڌيان سان سوچڻ جي ڳالهه آهي ته جيڪڏهن اسان ۽ توهان جهڙا ننڍي ننڍي عقل وارا ماڻهو هڪ ’وال‘، هڪ ’سير‘، ’ڪلوگرام‘، ’ليٽر‘ يا ان قسم جو معيار مقرر ڪرڻ جي لاءِ هيڏي وڏي هَڻ وَٺ ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ ته اهو دنيا جو دستور هلائڻ جي لاءِ ضروري آهي ته ڇا اها هستي جنهن هيءَ سڄي جوڙ جوڙي آهي. جيڪو هيءَ سڄي ڪائنات ٿو هلائي، اها ڪنهن معيار يا پرک کانسواءِ جوڙي هوندي.
ته اهو اصول ته طئي ٿي ويو ته ڪائنات جوڙيندڙ، ڪائنات کي هلائڻ لاءِ، معيار اڳ ۾ ئي مقرر ڪري ڇڏيو هوندو.
ڪُل نور ڪائنات جي نور کي مُجسم ڪري رکيو هوندو
جيئن ’ميٽر‘ يا ’وال‘ لاڳو ڪرڻ جي لاءِ ’ميٽر‘ يا ’وال‘ جي ڊيگهه جو پئمانو ٺاهي، پهرين هڪ خاص هنڌ تي خاص حالتن ۾ رکيو، پوءِ اهو لاڳو ڪيو، نه ته ڪا شئي، ڪو اصول جيڪو طئي ٿيل ئي نه هُجي، اهو ڪيئن ٿو لاڳو ٿي سگهي.
اُن اصول ۾ ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي گنجائش ئي ڪونهي،
دنيا جي ڪنهن به سائنسدان کان پُڇي وٺو، هو ايئن ئي چوندو
هاڻ ٻيو اصول طئي ڪرڻ وارو هي آهي ته سوار پهرين ٿو اچي يا سواري ؟
ٿورو سوچيو.
اها گهڙي جڏهن ڪائنات جُڙڻ واري هئي
اڃا اِها جوڙي نه ويئي هئي
ارادي ۾ به ايئن ته ان سوار کي سوچي ورتو، جيڪو کيس سڃاڻي
اهو لڪيل خزانو هو
هُن چاهيو ٿي ته کيس سڃاتو وڃي.
هاڻ کيس ڪائنات ٺاهڻي هئي
سواري جوڙڻي هئي اُن سوار جي لاءِ، جيڪو اُن ڪائنات جو سوار هجي.
سواري ڪري
تسخير ڪري
اُن کي استعمال ۾ آڻي
جيڪڏهن خدا کي اهڙو ئي انسان جوڙڻون هو، جيڪو کيس سُڃاڻي ته پهرين ترجيح سوار ٿيو. سواري نه رهي.
انسان ٿي پيو. ڪائنات نه رهي.
هاڻ هن ڪائنات اهڙي جوڙي، جيڪا سندس جوڙيل بهترين معيار ”في احسن تقويم“ جي تابع هُجي، هڪ سري کان ٻي سري تائين، مڪان کان لا مڪان تائين.
خدا پهرين پنهنجي نور قدس سان جيڪا تخليق ڪئي، اهو انسان جو روحاني پاڇو هو. جيڪو پوءِ خدا جي مٿان تخليق ڪيل سڀني انسانن جي تعمير جي گهڙيءَ جي حوالي جو ڪم ڏيئي سگهي، کانئس ڪير ڪيترو گهٽ آهي. ڪير کانئس ڪيترو پُٺتي آهي. هاڻ سڄو معاملو طئي ٿيل معيار جي ويجهو هئڻ جو وڃي رهيو. جڏهن اهو معاملو طئي ٿي ويو. سڄي ڪائنات کي پنهنجي لاڏلي جي سواري بنائي ڇڏيائين ته خدا سندس شَهه رڳ تي سوار ٿي ويو.
پهريون انسان، انساني شڪل ۾ آدم جي نالي سان آيو.
پر انساني معيار ’في احسن تقويم‘ جو روح اقدس ان کان اڳ ئي ڪٿي جُڙي چڪو هو.
پهريون تخليق ڪيل سڳورو روح منهنجي آقا ﷺ جو هو.
انساني معيار” في احسن تقويم“ جو هو.
انساني نسل وڌندو رهيو
هلندو رهيو
انسان پٿرن جي زماني ۾ آيو، پٿرن کان ڊڄڻ لڳو.
خدا، پنهنجو هڪ ٻانهو، نبيﷺ ڪري موڪليو ته وڃ، وڃي پٿرن سان شڪار ڪري پيٽ ڀريندڙن کي ٻُڌائي ته اهي ڳرا پٿر جن کان هو ڊڄي ٿو، شڪار ڪري ٿو، اهي ته رڳو هڪ ننڍڙي تخليق آهن، ۽ تنهنجي لاءِ آهن، اهي تنهنجا پاليندڙ ڪونهن، تنهنجو رب ڪونهن، کين چئه.. اُنهن جو رب فقط آءٌ آهيان.
ماڻهو پٿر جي زماني مان نڪتا ته کيسن خوش ڪندڙ موسمن ۾ ساوڪ ملي، هنن چَکي، کين سُٺي لڳي، هنن انهن جا ٻج ڳولهيا هوندا، يا خدا جي موڪليل ڪنهن ٻانهي ٻڌايو هوندن ته ڏسو زمين مان نڪرندڙ هر سٺو ذائقو رکندڙ فصل جي وچ ۾، اُن جو ٻج رکيل هوندو آهي.
هڪ هڪ ٻج ۾ سڄو ٻوٽو هوندو آهي.
اهي سنڀاليو، گڏ ڪريو ۽ ايئن خاص طريقي سان زمين ۾ پوکيو، شايد ڪجهه فصل پاڻمرادو به زمين مان نڪتا هوندا. بهرحال پراڻو شڪاري، پٿر جو معاشرو، جيڪو اڃا معاشرو نه ٿيو هو، رڳو هڪ لالچي پيٽ ڀريندڙ انسانن جو گروهه هو، جيڪو پنهنجي شڪار جي چوڌاري گهمندو ڦرندو هو. موسمن کان ڊڄندو هو. خونخوار درندن کان پاڻ کي بچائيندو وتندو هو. هو زمين ۾ پوکيل فصلن جي پَچڻ جي اوسئيڙي ۾ ويهي رهيو.
خدا شڪارين کي اوسيئڙو ڪرڻ سيکاري ڇڏيو.
اوسيئڙي ۾ جيڪي صبر سکڻ ويهي رهن، تن کي سڀ ڪجهه ملي ويندو آهي.
سڀ کان پهرن ته خود خدا
صبر ۾ فقط هڪ شئي ڳڻي نه ويندي آهي.
وقت
فصلن جي پچڻ ۾ مهينا لڳيو وڃن، شايد اُن ئي عرصي ۾ انهن ماڻهن ڪک ڪانا گڏ ڪري پنهنجي لاءِ ڀُونگيون ٺاهيون. ايئن لاڏائو شڪاري ماڻهن مان هڪ زرعي سماج وجود ۾ آيو.
سڄو علم ته خدا وٽ آهي، اُن وٽ ئي هئا. ڪڏهن هن پنهنجن ٻانهن کي سيءَ کان محفوظ رکڻ ۽ دنيا ۾ شڪار پچائڻ جي لاءِ باهه ٻارڻ جو طريقو سيکاريو ته جيئن کين فائدو ٿئي.
پر هو بگڙي ويا.
باهه جي گرمائش ۽ اُن جا فائدا ڏسي، هو اُن جي سامهون هٿ ٻڌي ويهي رهيا، باهه جي پوڄا ڪندڙ بنجي ويا.
انهن ڏينهن ڪو ماچيس يا لائٽر نه هو. پٿرن جي چقمق تي رڳڙي وڏي محنت سان هڪ چڻنگ نڪرندي هئي، هنن پنهنجي سولائيءَ لاءِ پنهنجن ڳوٺن ۾ هڪ جاءِ طئي ڪري ورتي، جتي ڪڏهن به باهه نه وسامي، اُتي شايد ڪو باهه کان ڊيڄارڻ وارو آيو هُجي. يا ان جا فائدا ٻڌائڻ لڳو هجي، ايئن اهو پروهت بنجي ويو، ماڻهو ان باهه مان ٽانڊا کڻي ويندا هئا، زمين مان پيدا ٿيل ڪڻڪ يا چانورن جون جهوليون ڀري ڏيئي ويندا هئا.
اهڙن ڳوٺن ۾ پوءِ خدا کي پنهنجا ڌُڻيل پيغمبر موڪلڻا پيا،جيئن اُنهن جا ڪنڌ پروهتن کان بچائين ۽ چون.
عقل کان ڪم وٺو
هيءَ باهه اوهانجي فائدي جي لاءِ آهي
هيءَ خدا ڪونهي.
ڪجهه وقت ته اثر رهيو، پوءِ ماڻهن وساري ڇڏيو، هُنن فصل به ڪيترن ئي قسمتن جا ڳوليا هوندا. سَردين جا ڌار، گرمين جا ڌار ، هتي نئين مصيبت آئي هوندي. مينهن نه وٺو ته زمين سڪي ٺوٺ ٿي ويئي ۽ اُن جي ڪُک ۾ وڌل ٻج به بيڪار ، فصل ختم.
هُنن مينهن وسائڻ جي لاءِ ڪڪر کي پنهنجو ديوتا بنايو.
انهن پروهتن/ پوڄارين، انهن ئي ڳوٺن جي ڪهاڻين کي آسماني ڪهاڻين جو روپ ڏيندي انهن ڏند ڪٿائي ديوتائن سان گڏ ديوين کي به تخليق ڪري ورتو. زرعي سماج ۾ عورت به پنهنجي ڪُک مان اناج اُپائيندي هئي. اهڙن سماجن ۾ ديوتائن کان وڌيڪ ديوين جو نالو وڄڻ لڳو.
اڃا تائين وڄي رهيو آهي.
هينئر ته سُنڍ ديويون وڌيڪ ڌيان لهڻن ٿيون، هنن جي وَس ۾ هُجي ته پنهنجي ڪک جا سڀ ٻج ذيان ڪري فقط مينهن وسائين ۽ پنهنجي اندران ڪو سائو سلو به ڦُٽڻ نه ڏين.
اهو ڏينهن پري ڪونهي، جڏهن عورت کي ماءُ بنجڻ ڇڏي ڏيڻون آهي.
پنهنجي مامتا کي ماري ڇڏڻو آهي.
ديوي نه رهڻون آهي
پنهنجي انا ۽ نفس جي خواهش جي فقط سراب جو عذاب پالڻون آهي.
اُن زماني ۾ مينهن فقط آسمان مان وسندو هو
مينهن وقت تي وسندو هو ته سڀ خوش
پر مينهن وسندو هو ته بيهندو ئي نه هو. پيو وسندو هو، ته پوءِ مارجي ويا نه.نديون ڪَر موڙي اُٿنديون هيون، پاڻ ۾ ڳرَ لڳي ڊوڙنديون ڀڄنديون، مٿاهين تان لهنديون، موج ۾ اچي درياهه بنجي وينديون هيون.
ٻوڏون اچي وينديون هيون
فصل ٻيهر تباهه ٿي ويندا هئا،
جن کي ڪائنات جوڙڻ واري هڪ خدا جي سمجهه نه هوندي هئي ته هو دريائن جي ڪنارن تي وڃي مٿو ٽيڪيندا هئا، هٿ ٻڌندا هئا، منٿون ڪندا هئا، ليلائيندا هئا، نه رڳو پر اهو پوڄاري انهن جي گهرن ۾ بچيل سچيل اناج به گهرائي وٺندا هئا، پروهت ماڻهن کي ِڊيڄارڻ لڳندا هئا ته پنهنجي ڪا سهڻي من موهڻي جوانڙي درياھ جي موجن جي ٻَل چاڙهيو ته جيئن درياهه جي ديوي يا ديوتا اوهان جي رستي تان هٽي وڃن. ايئن پوڄارين تي انسانن جي اُجاري داري ظالماڻي حد تائين پهچي ويئي.
جيڪڏهن ڪو علائقو گرم هوندو هو ته ماڻهو سج کان ڊڄندا هئا، کيس ڪنهن وڏي شڪتيءَ واري ديوتا جو نالو ڏيندا هئا، پر ٿڌڙين راتين ۾ جڏهن نرم چانديءَ سان ڀريل چانڊوڪي سندن اڱڻن تي اُڀرندي هئي ته هو چنڊ جي پوڄا شروع ڪري ڇڏيندا هئا.
اهو عجب دور هو.
جتي ڪنهن علائقي ۾ ڪو ڏکيو هنڌ ايندو هو
ڪو ڀُوائتو موڙ
ڪو مَٿانهون جبل
ڪو موذي جانور
ڪو فائدي مند جيت
ڪو نيڪ چلن انسان
ماڻهو اُن جي اڳيان گوڏو ڀَڃي، هٿ جوڙي، اکيون ٻوٽي ويهي رهندا هئا.
کيس ديوتا بنائي ڇڏيندا هئا.
ديوي بنائي وٺندا هئا.
انسان يا پٿر کان مٿي کڻي ڀڳوان جو درجو ڏيئي ڇڏيندا هئا
ظاهر آهي ته انسان هر دؤر ۾ ڪمزور رهيو آهي.
اڄ جو انسان به ڪمزور آهي.
چوڻ ۾ ته سندس زندگيءَ ۾ ڪمزور گهڙيون گهٽ اينديون هونديون،
پر اينديون آهن
ڪٿي ڪو ڀنڻ ٿي پيو، ڪو مائٽ گذاري ويو
ڪٿي طوفان آيو، سڀ ڪجهه لُٽجي ويو
زمين دُٻي، سڀ دَٻجي ويو
۽ ڪجهه نه ٿيو، جيڪو سوچيو، اهو نه ٿيو
جيڪو ٿيو،اهو ڪڏهن سوچيو ئي نه هو.
اڄ جو انسان به هميشه جي هر انسان وانگر ڪمزور آهي. جيتوڻيڪ هو ڪمزوريءَ جو دُهل ته نه ٿو وڄائي، پر دُهل جو ڇا آهي، ڇا اهو گهٽ وڄائڻ سان ختم ٿي ويندو آهي.
دُهل ته دُهل ئي رهي ٿو
۽ انسان ته اهڙو دُهل آهي جيڪو پنهنجي مرضيءَ سان نه وڄندو آهي.
ڪو اُن تي ڏونڪو هڻي ته آواز ايندو آهي.
خدا هوريان هوريان پنهنجن موڪليل انسانن جي تربيت ڪندو رهيو. هن جي لاءِ باهه موڪلي، لوهه موڪليو، کيس هُنر سيکاريو، شروع شروع ۾ فقط هڪئي سبق رهيو ته ايرو غيرو تنهنجو خدا ڪونهي.
هڪ آءٌ آهيان
اڪيلو
تنهنجو پالڻهار
مَڱ مون کان مَڱ
]مڱ تنهن کان مَڱ جو ڏيهاڙي ٿو ڏي، شاهه[
مون ڏانهن ڏس
سڀني جون نظرون هڪ جهڙيون ٿوروئي هونديون آهن.
ٿوري ٿوري وقت کانپوءِ نظر ٻيهر خراب ٿي ويندي آهي.
خدا سندن دلين کي ڏسڻ جون عينڪون موڪليندو آهي، پنهنجا سفير موڪليا، نبي لاٿا، هر ڳوٺ ۾، هر علائقي ۾ ، هر شهر ۾، جتي انسانن جو وڏو مسئلو هوندو هو، اُتي موڪليل ان نبي جو پيغام هوندو هو.
هوريان هوريان انسان وڏا شهر وسائي ورتا
هڪ پاسي بابل، نينوا، ميسوپوٽوميا،
ٻي طرف مصر جون ماٿريون
مٿي چين ۾ پيلي درياهه جي خوش ڪندڙ خيال آفرين ماٿري
اولهه ۾ يونان ۾ ڏاهپ جي بستي
هيڏانهن سِنڌو ديش جو گم ٿيل شهر موهن جو دڙو، هڙاپا.
ٽيڪسيلا، اهنساپور، ملتان، اجوڌن، دهلي، لاهور
سُکيون ستابيون وستيون، ڏکارا ماڻهو
انسان پنهنجي گهرجن کان جهجي پيداوار گڏ ڪري ورتي ته اها ميڙڻ لڳو، ميڙڻ لڳو ته ٻين جي حق ۾ فرق پوڻ لڳو، سماج ۾ فساد جا ٻج پوکجڻ لڳا، گوڙ کي دٻائڻ جي لاءِ پَٽيل، ويڙهاڪ بادشاهه بنجي ويا.
سگهارن جي مقابلي ۾ ٿيو ته ”مان“، ”مان“ جو آواز ايندو آهي.
انا سان انا ٽڪرائجڻ لڳي.
انا کان وڌيڪ لوهه ڪوبه ڪونهي.
انا سان انا ٽڪرائبي آهي ته وڏو هُل، فساد ٿيندو آهي.
خدا، ٻيهر پنهنجي ڪنهن نبيءَ کي موڪليو.
جنهن کين سمجهايو، عقل کان ڪم وٺو، هي پنهنجي هٿ سان گهڙيل بُت، نه اوهانجي ڳالهه ٻُڌن ٿا، نه اوهان کي ڪجهه ٻُڌائي سگهن ٿا. انهن جي اڳيان ڇو ٿا ڪنڌ جُهڪايو، ڇوٿا پاڻ کان گهٽ مخلوق کي پنهنجو خالق سمجهو، هي هڙئي بُت اوهان جي مخلوق آهن، تن کي اوهين خالق ڪري ويٺا آهيو. جيڪو خالق آهي، تنهن کان بي پرواهه آهيو، مَڃو، مڃي وٺڻ ۾ ئي چڱائي اٿوَ.
۽ اوهان جي اندر سڀني کان وڏو بُت ”انا“ جو آهي.
اهو ڪنڌ مان لاهي ڦٽو ڪريو، پوءِ اوهانجون اکيون اوهان کان وڌيڪ ارادي واري کي ڏسڻ لڳنديون.
پوءِ کين نظر ايندو
تڏهن ڏکندو ڏور ٿيندو ۽ سُک ايندو
جن جي ڀاڳ ۾ سُک لکيل هو، تن مڃيو.
هوريان هوريان زمانو ترقي ڪندو ويو
ٻارن جي ٿيلهن ۾ نصاب ۾ ترميمون ٿينديون رهيون
شروع ۾ ساڌو سوڌو سبق هو
الف ــــ بي ــــ جي ـــ د
هر حرف سان هڪ لفظ
”الف“ سان هڪ الله
”ب“ سان بي نياز
”ج “ سان سدائين جيئرو رهڻ وارو
”د“ سان دستگير، مدد ڪندڙ ۽ پالڻهار.
پر ٻارن جي الف بي جلد ئي بگڙي وڃي ٿي، اهي الف سان انب، ب سان بدڪ بنائڻ ۾ دير ئي نٿا ڪن. دنيا جا ڏورانها علائقا ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان ملڻ، گڏجڻ لڳا، ڪٿي واپار ٿيڻ لڳو، ڊگها ڊگها واپاري رستا بنجي ويا، رستن ۾ ڪٿي ساوڪ هوندي هئي، ڪٿي جبل ۽ ڪٿي بنجر سنگلاخ بياباني ريگستان، صحرائن ۾ سبق بگڙجي ويندو آهي، پر ماڻهو کَرا هئا، هو جن جا دوست هوندا هئا، تن سان دوستي نبائيندا هئا، جنهن کان بيزار ٿيندا هئا، تنهن سان موت تائين وڙهندا هئا، وعدو ڪندا هئا ته پورو ڪندا هئا، وڙهندا هئا ته سامهون وڙهندا هئا، پُٺ کان وار نه ڪندا هئا، هونئن ته منجهن بي شمار خوبيون هونديون هيون، پر بُڇڙائين جي به ڪا کوٽ نه هوندي هئي، صحرا ۾ حجاز جي ماڻهن لاءِ سندن وڏڙن ابراهيم ۽ اسماعيل، پيءُ پٽن جو جوڙيل ڪعبو موجود هو. کين پيڙهين کان خبر هئي ته ڪعبو ڇا آهي. هونئن ته ڪعبو چئن برابر ڀتين جي سائيز وارو هم چورس آهي، مٿانئس ڪا ڇت به نه هئي، پر اهو خدا جي عظيم حڪم سان سندس عظيم سفيرن جي هٿان جوڙيل گهر آهي، اُن جي تعظيم لازمي آهي، ان جو طواف ڪرڻو آهي. ان جي مطاف ۾ قرباني ڪرڻي آهي، خاص لباس پائي هتي حاضر ٿيڻو آهي. حاضري ختم ڪرڻ مهل پنهنجي ”انا“ کي خدا جي چائنٺ تي رکڻ جي لاءِ مٿي جي وارن کي ڪوڙائڻو آهي، زندگيءَ ۾ هڪ ڀيرو هتي اچڻو آهي.
ڪعبي جي ڪفالت ۽ سار سنڀال جي لاءِ هڪ مضبوط قريش گهراڻو هلندو پي آيو، اهو اسماعيل جي اولاد مان هو. اُن جي رستي ۾ ڪيترائي ڀٽڪائيندڙ آيا، ڪي پٿر جا بت کڻي آيا، هڪ هڪ ڪري خدا جي گهر ۾ ٽي سئو سٺ بُت سجائي ورتائون، ته ڀتين تي عيسيٰ ۽ مريم جون تصويرون به ٺاهي ورتائون، پٿرن، تارن، جانورن، باهه کانپوءِ شخصيت پرستي شروع ڪئي ويئي.
دنيا هڪ اهڙي هنڌ اچي پهتي هئي ته هڪ هڪ ڪري انساني نسل جي ٻارن اڳ موڪليل پيغمبرن جي هٿان موڪليل نصاب جا هڙئي ڪتاب پڙهي ورتا هئا، سي سڀ وساري ڇڏيائون، انساني شعور هاڻ ان حد تائين اچي ويو هو ته کيس هڪ خدا، هڪ رسول ۽ هڪ نظام زندگيءَ سان ڀرپور منشور ڏيئي سگهجي.
خدا کي اُن گهڙيءَ جو اوسيئڙو هو.
هيءَ اها ئي گهڙيءَ هئي
جڏهن خدا سڀني انسانن جي روحن مان سڀني کان پهرين جوڙيل روح اقدس ، جنهن کي هن سڄي دنيا جي سڀني انسانن کي پرکڻ جي لاءِ معيار بنائي رکيو هو، ”في احسن تقويم“ ان کي آسمان مان سڄي انسانيت جو آقا ﷺ بنائي، لاهڻ جو سوچي ورتو.
12 ربيع الاول جي تاريخ هئي.
حبشه جي آندل يمن جي هاٿيءَ واري فوج کي خدا جي موڪليل ابابيلن جي هٿان برباد ٿيندي فقط ايڪهٺ ڏينهن ٿيا هئا، اهو سال عام الفيل جي نالي سان مشهور هو، سومر جو ڏينهن هو، اپريل 571عيسوي جي ايڪهين تاريخ جي ڳالهه آهي، جڏهن خدا پنهنجي ڪائنات کي نوازڻ جو سوچيو، جيڪو پاڻ اڳ ۾ ڪڏهن نه سوچيو هئائين.
اهو ڏينهن ميلاد رسول اسلام، حضرت محمد ﷺ جو ڏينهن هو.
جڏهن آسمانن تي چراغان ٿيو ۽ ڪائنات جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين روشنين جو درياهه وهي اُٿيو. خانه ڪعبه ۾ رکيل ٽي سئو سٺ بُت ڏڪڻ لڳا، هزارين ميل پري شام جي سرحد پار تائين روشني اهڙي ته پکڙي جو اٺن جي ايال روشن ٿي ويئي ، اُن وقت ايشيا جي مغرور رياست ايران جي شهنشاهه جي محل جا چوڏهن ڪنگرا ڊهي اچي پَٽ پيا.
جنهن جي طفيل خدا هيءَ ڪائنات جوڙي هئي.
”في احسن تقويم“ جي روپ ۾ آقا ﷺ دنيا ۾ تشريف کڻي آيا.
سڄي ڪائنات کي جنهن جي غلاميءَ جي لاءِ جوڙيو ويو هو، جيڪو خود خدا جو ٻانهون ۽ آخري رسول ﷺ آهي، ان آقا ﷺ جي اچڻ جو سمئه اچي ويو هو، انسانيت جي هر پهلوءَ جو بهترين نمونو اُن جي شخصيت ۾ موجود ڪري، خدا کيس سرعام ڏيکارڻ جو فيصلو ڪيو، اهو طئي ڪري ورتو ته ايندڙ سڀني صدين ۾ نئين ڄاول سڀني کان وڌيڪ پاڪ ۽ پوُتر هستيءَ جي ڪردار کي، هر ادا کي، نه رڳو ڏيکارڻو آهي، پر مَڃرائي محفوظ به ڪرڻو آهي.
ڪائنات جي خوشنصيب ترين امڙ حضرت آمنه آهي.
جنهن کي خدا ”في احسن تقويم“ آقا ﷺ جي امڙ هئڻ جو شرف بخشيو. پيءُ ٻنهي جهانن جي سردار جي ولادت کان ڪجهه مهينا اڳ چالاڻو ڪري ويو هو، ڪعبي جي سنڀاليندڙ، قريش جي اڳواڻ سيدنا عبدالمطلب کي جڏهن پوٽي جي ڄمڻ جي خبر ٻڌائي ويئي ته هو ڀَڄندو آيو، پوٽي کي هنج ۾ کڻي خدا جي گهر روانو ٿيو ۽ ڪعبي جي ڀت ۽ نئين ڄاول آخري رسول حضرت محمد ﷺ کي هڪ ئي وقت ٻانهن ۾ کڻي وڏي سڏ ۽ سُريلي آواز ۾ هي شعر چوڻ لڳو:
”سڀ ساراهون الله جي لاءِ آهن، جنهن مونکي پاڪ ٻارڙو عطا ڪيو
هيءُ پنهنجي پينگهي ۾ سڀني ٻارن جو سردار آهي
آءٌ کيس خدا جي گهر جي پناهه ۾ ڏيان ٿو
اُن وقت تائين جڏهن اهو ڏينهن اچي
جڏهن آءٌ کيس سگهارو ۽ طاقتور ڏسان.
هر دشمن حاسد اکين جي ڦيريندڙن جي
هر بُري شر کان آءٌ هن کي الله جي پناهه ۾ ڏيان ٿو.“
ڏاڏي عبدالمطلب پنهنجي پُوٽي کي خدا جي گهر جي اندر حطيم ۾ اوڇڻ وڇائي ليٽائي ڇڏيو ۽ پوٽي جو نرڙ چمندي، چوڌاري خوشي سبب ڦري آيل ماڻهن کي ڏسندي آڱر کڻي چوڻ لڳو.
”ياد رکجو! مُنهنجي هن ٻارڙي جو شان شاهي ٿيندو
اهڙو شان، جهڙو اڳ ۾ ڪنهن شان واري جو نه ٿيو هوندو.“

رضاعت رسول ﷺ

رضاعت رسول ﷺ

عربن جي لاءِ زبان جي فصاحت ۽ بلاغت انساني قدرن مان هڪ اهم قدر هو. اهو ئي ڪارڻ آهي ته هُنن غير عرب ماڻهن جي لاءِ ”عجمي“ جو لفظ رکيو آهي. جنهن جي معنيٰ آهي گونگو. عرب سماج ۾ شاعري ۽ قصي گو جي وڏي اهميت ۽ حيثيت هئي. شاعري ۽ قصي گوئيءَ جو سڄو ڪمال سٺن لفظن جي استعمال جو هو.
مڪو پنهنجي دور جو مرڪزي هنڌ هو.
تنهن ڪري مڪي جي زبان عرب سماج جي بهترين زبان سمجهي ويندي هئي، مڪي وارن کي اُن حقيقت جي سمجهه هئي، هنن پنهنجي لساني مٺاس ۽ مٿڀرائپ کي قائم رکڻ ٿي گهريو. هر ڪاروبار ۽ واپاري رستي ۾ مڪو هڪ اهم پڙ اءُ هو. سالياني حج کانسواءِ سال جي باقي ڏينهن ۾ به ڪعبي جو طواف ۽ عمرو رائج هو. سڄي عربستان جي ماڻهن جو هتي اچڻ ٿيندو هو. جتي ماڻهو گڏ ٿين ته اُتي پاڻمرادو هڪ واپاري منڊيءَ جي شڪل اختيار ڪري وٺندا آهن، واپاري مرڪز ۾ ڳالهيون مُهاڙيون به گهڻيون ٿينديون آهن. سڄي عربستان مان آيل ماڻهو پنهنجن پنهنجن لهجن کي مڪي جي ٽڪسالي لهجي سان ڀيٽي درست ڪندا هئا. اتي سڄي عربستان جا بهترين شاعر اچي پنهنجي شاعريءَ جو داد حاصل ڪندا هئا، هر سال سڄي عربستان جي شاعرن مان ڏهن بهترين شاعرن جو بهترين ڪلام چونڊي ڪعبي جي دروازي تي ٽنگي ڇڏيندا هئا، پنهنجي وقت جي لحاظ کان اهي سڄي سال جي چونڊ شاعريءَ جو ڪتاب هوندو هو. ماڻهن ۾ ڳالهه ڪرڻ جوڍنگ ۽ سليقو گهڻي معنيٰ رکندو هو، مائٽ پنهنجي هر نئين ڄاول ٻار کي بهترين ۽ نج زبان سيکارڻ کي گهڻي اهميت ڏيندا هئا.
مڪي کي هڪ شهري بستي ٿيندي ڪو گهڻو وقت نه ٿيو هو، قريشن جي وڏڙي قصيءَ ڪجهه پيڙهيون اڳ عربستان جي ريگستان ۾ قريشي لاڏائو قبيلن کي گڏ ڪري مڪي ۾ آباد ڪيو هو. هر نئين پيڙهي، پنهنجي پراڻي پيڙهيءَ کان ريگستان ۾ گذريل لاڏائو زندگي جا دلچسپ واقعا ٻڌي وڌيڪ مزو ماڻيندي هئي، کين ان حقيقت جو احساس هو ته ٻارڙو ڳالهائڻ کان اڳ ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي حس سان ڳالهائجندڙ سڀئي لفظ سکي ٿو.
شهري ۽ ٻهراڙيءَ جي ماحول ۾ ٿوري جاءِ تي گهڻا ماڻهو گڏجي سڏجي رهڻ لڳندا آهن. ان وقت مڪو به اهڙو ئي هو.
جتي ماڻهو گهڻا هجن، اُتي سواريون هونديون. اچ وڃ وڌيڪ هوندي، اُتي مٽي ۽ ڌڌڙ وڌيڪ اُڏندي آهي. اها ڌڌڙ بستيءَ جي مٿان هڪ مصنوعي ڪڪر بنجي بيٺل رهندي آهي، ان ڌڌڙ جي ڪڪر سبب رات جو آسمان جا تارا به صحيح نظر نه ايندا آهن، چانڊوڪي به ڄڻ رستي ۾ چورائجي ويندي آهي. ڪڪر مڙِي ايندا آهن ته انهن جو اصل رنگ شهري بستيءَ ۾ نظر نه ايندو آهي. ڪڪر وسڪارو ڪن ته وسندڙ بُوندن جي آواز جو حسن ڪنن تائين نٿو پهچي، پکين جي چهچاهٽ هوا جي سرسراهٽ، پتن جو هلڻ، پاڻيءَ جو وهڻ، جاندارن جون ٻوليون، سهائي ۽ اونداهي جي صبح ۽ شام جي گهڙين ۾ سرٻاٽ، سڀ شهر کان ٻاهر کليل بيابانن ۾ ٻڌڻ ۾ اينديون آهن. نئون ڄاول ٻار ڪيترائي مهينا اهو سڀ ڪجهه ٻڌندو ۽ ڏسندو رهندو آهي. ايئن هو هڪ ڏينهن قدرت جي حسين زبان ڳالهائڻ به سکي ويندو آهي.
ريگستان ۽ بيابان جي ماڻهن جي ٻولي قدرت جي رنگ ۾ رڱيل هوندي آهي.
اهي ڪوڙي ۽ منافقت جي ٻولي نه ٻوليندا هئا.
جڏهن گرمين جي گرم لُڪ هلندي هئي ته هو اِها تڪيندا هئا. جڏهن اها واري جي دڙن کي تڪيندي سرڪائيندي ويندي هئي ته هو ان هوا جون گرم ٿڦڙون سهندا هئا. اُن کان بچڻ جي ڪوشش ۾ خيمن جو رخ بدلائيندا هئا. ۽ ان سان ڳالهيون ڪندا هئا، هوءَ گهمندڙ ڦرندڙ صحرا نشينن جي گهر جي ڀاتي بنجي ويندي هئي. گرم ٿڌي نرم هوا جي لهرن ۾ هو پنهنجن خيمن مان نڪري جشن جهڙو سمئه پيدا ڪري وٺندا هئا. هو ڳلين جيان اُن هوا ۾ پنهنجون ٻانهون کوليندا ترندا وارياسين پٽن تي خوشيءَ مان جهومندا هلندا هئا، سُهائي موسم جي اچڻ تي هو دل ۽ جان سان ٿورا مڃيندا هئا.
صحرائي رهاڪن کي سدائين برسات جو اوسيئڙو هوندو هو.
ڪڪرن جو اچڻ، مِڙڻ، رنگ بدلائڻ، انهن ۾ وِڄ جو کڙڻ، پوءِ بوندا باندي ٿيڻ، بارش جي بوندن جو واريءَ تي ڪرڻ. پهرين بوندن جو واريءَ ۾ جذب ٿيڻ، وڏڦڙي مينهن جي پاڻيءَ جو گڏ ٿي واريءَ تي واهيون ۽ نديون بنجي وهڻ. اهي سڀ ٻُڌڻ، ڏسڻ ۽ ڇُهڻ جي حُسن لاءِ بهترين انعام هوندا هئا.
وارياسن پَٽن جي وشالتا ۾ صبح جو منظر گهڻو لطيف ۽ من موهيندڙ هوندو هو. شام سمئه اُفق جي لالاڻ عجيب ڪهاڻيون چوڻ لڳندي هئي. هوريان هوريان جڏهن ڏينهن جي سهائيءَ کي رات جي ڪاراڻ وقت ڦاڙي چٻائڻ لڳندي هئي ته صحرا جي آسمان تي هيرن جي ڪُڻين جهڙا تارا اک اُپٽيندا هئا، ايترا تارا ڌوڙ ۽ واچوڙن جي چادر اوڍي شهر جي آسمان تي ڪڏهن به نظر نه ايندا هئا. انهن تارن جي وارياسن پٽن جي لاڏائو رهاڪن جي لاءِ جيڪا اهميت هئي، ان جو ڪو اندازو نٿو لڳائي سگهجي.
اهي تارا کين واٽ ڏيکاريندڙ اکيون هُيون.
گرم وارياسن پَٽن ۾ پري جا سفر عام طور تي رات جو ڪيا ويندا هئا. جڏهن موسم خوشگوار هوندي هئي، اُس جي تپش نه هوندي هئي، ان وقت اهي انهن تارن جو رستو ڏسندا سفر ڪندا هئا، اُٺن جي قافلي ۾ اٺن جي پيرن ۾ ڇيريون ٻڌل هونديون هيون، اُٺن تي سوار مسافرن اٺن جي پيرن جي پازيب جي تال تي ڪنهن سُهڻي ڌن تي ڪو گيت آلاپيندا ويندا هئا.
سفر ٿيندو ويندو هو.
شهر ۾ هِتان هُتان آيل اڻ ڳڻين ماڻهن جي ڪري نيون نيون بيماريون به اچي نڪرنديون هُيون، جراثيم ۽ وائرس ته گهڻو پوءِ ڳولهي لڌا ويا، پر مڪي جي ماڻهن کي اُن حقيقت جو احساس هو. هو ان حقيقت کان به اڻ ڄاڻ نه هئا ته نون کير پياڪ ٻارن ۾ قوت مدافعت وڏن جي ڀيٽ ۾ گهٽ هوندي آهي، ننڍن ٻارن کي لڳندڙ بيمارين کان بچائڻ لاءِ سندن تجربي کين ٻڌايو ٿي ته ٻارڙي کي زندگيءَ جا شروعاتي ڪجهه سال اهڙي گدلاڻ سان ڀريل ماحول مان ڪڍي ڪنهن صاف سُٿري ماحول ۾ پاليو وڃي.
عربستان جي قبائلي ڪُٽنبي نظام ۾ هر قبيلي ۽ ڪُٽنب جي اها مجبوري ۽ ضرورت هئي ته هو پنهنجن ماڻهن سان ويجهو لاڳاپو قائم ڪري. اهو قائم ڪيل لاڳاپو هر قبيلي، ڪٽنب ۽ فرد جي لاءِ ان نظام ۾ هڪ واڌو تحفظ جو احسا س ڏيندو هو. قبيلن يا فردن جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ يا جهيڙي جَهٽي جي صورت ۾ اهڙو لاڳاپو گهڻو ڪم ايندو هو. اُن رشتي کانپوءِ جنهن رشتي کي وڌيڪ اهميت ڏيندا هئا. اهو ٿڃ جو رشتو هوندو هو. اُن رشتي جي عزت ۽ اهميت رت جي رشتن جهڙي هوندي هئي.
عربستان جا ماڻهو، ان پراچين سمئه به اها حقيقت ڄاڻندا هئا ته نون جنميل ٻارن ۾ اعليٰ قدر پيدا ڪرڻ ۾ سندن والدين پاران مليل منفرد گُڻن کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي قدر ٿڃ پيئڻ جي زماني ۾ ٻارڙي کي ٿڃ جي وسيلي ملن ٿا.
انهن سڀني حقيقتن کي ڄاڻندي، اُن زماني ۾ مڪي ۾ پيدا ٿيندڙ هر پُٽ ۽ نياڻيءَ جا مائٽ جنم کان ڪجهه هفتا پوءِ پنهنجي ٻارڙي کي صحرا مان آيل ٿڃ پياريندڙ ماين جي حوالي ڪري ڇڏيندا هئا.
عام طور تي صحرا نشين عورتون ٻن يا ٽن سالن جي لاءِ ٻارڙن کي ٿڃ پيارينديون هُيون.
جيتوڻيڪ انهن جو طئي ٿيل ڪو اجورو يا معاوضو نه هوندو هو، پر لاڏائو قبيلن جون مايون شهر مان جنهن ٻارڙي کي گود وٺنديون هيون، تهن کي آخر ۾ ٻارڙي جي مائٽ کان سندس حيثيت آهر انعام جي صورت ۾ مناسب رقم سان گڏ رڍ، ٻڪري يا اُٺ ملي ويندا هئا. ان انعام کانسواءِ ٻن گهرن ۾ هڪ دائمي لاڳاپو به قائم ٿي پوندو هو. جيڪو ٻنهي گهرن جي ٻارن کي سڄي زندگي ڪم ايندو هو. ٿڃ شريڪ هئڻ جي رشتي ۾ ڳنڍ جي هو هڪٻئي جي لاءِ سگھه جو باعث به بنجندا هئا.
صحرائي ٿڃ پياريندڙ مايون عام طور تي ڪجهه مهينن کانپوءِ گڏجي مڪي جو رّخ ڪنديون هيون، مڪي ۾ ٻارڙن جا مائٽ سُٺي ٿڃ پياريندڙ جي چونڊ ڪندا هئا. سندن ذهنن ۾ اهو هوندو هو ته هو پنهنجو ٻارڙو جنهن مائيءَ جي حوالي ڪري اِن جي پنهنجي صحت ڪيئن آهي؟ جسماني صحت کانسواءِ معاشي حالت به ظاهر آهي ته هر ماءُ پنهنجي ٻارڙي کي ٻي مائيءَ جي حوالي ڪرڻ مھل ان جي سراپا، ان جي ڪپڙن، اُن جي سواري، ان جي اُٿي ويٺي، سڀني کي ڏسي واسي فيصلو ڪندي هئي، هر ماءُ اهو سوچيندي هئي ته هوءَ ٻارڙو جنهن مائي جي حوالي ڪري رهي آهي، اها بيمار ته ڪونھي، منهنجي ٻارڙي کي بيمار ته نه ڪري ڇڏيندي. صفا غريب ته ڪونهي، جو منهنجي ٻچڙي کي بُکن وگهي ماري ڇڏي.
ماين کي به چونڊ جو حق هو.
هو ٻارڙو گود ۾ وٺڻ کان اڳ اهو ڏسنديون هيون ته ٻارڙي جي پيءُ جي نالي سگھه ڪيتري آهي. مايون گهڻو ڪري پنهنجن مُڙسالن تي انحصار ڪنديون هيون. ان ڪري هر مائي جيڪا ٻارڙو هنج وٺندي هئي، اها اميد رکندي هئي ته ٻن ٽن سالن کانپوءِ ٻارڙي جي پيءَ کان انعام ۽ اڪرام جي صورت ۾ چڱڙو اجورو ملي. ٻارڙي جي ڪُٽنبي پسمنظر جي حوالي سان ان ٻارڙي جي آئيندي جو اندازو ٿيندو هو.
رسول خدا ﷺ جي جنم کان ڪجهه هفتا پوءِ ’بني سعد‘ جي لاڏائو قبيلي مان ڏھ ٿڃ پياڪ ٻارڙن جو امڙيون پنهنجن گهر وارن سان گڏ پنهنجي سوارين تي چڙھي مڪي آيون. اُن لاڏائو قبيلي جا ديرا مڪي جي ٽنهي طرفن ۾ ڪن ڏھن پندرنهن ميلن جي فاصلي تي پکڙيل هئا، هو موسم جي لحاظ کان پنهنجا ٿاڪ بدلائيندا رهندا هئا.
گرمين ۾ هو جابلو بستي طائف پاسي سِرڪي ويندا هئا.
جتي ’بني سعد‘ جو ڪنهن حد تائين هڪ مستقل ٺڪاڻو به هو، جنهن جابلو ڳوٺ ۾ ’بني سعد‘ جي بيبي حليمه جو گهر هو، اهو ’هوازن‘ جي علائقي ۾ هو. ان ڳوٺ جو نالو ’شحطه‘ هو، ان گهر جي اڱڻ ۾ هڪ کوھ هو. سردين ۾ سڄو قبيلو طائف وٽ پنهنجي ڳوٺ مان نڪري مڪي جي ڏکڻ کان اولھه طرف سِرڪندو رهيو هو. جن ڏينهن اپريل جي آخري ڏينهن ۾ بيبي پنهنجي گهر واري حارث بن عبدالعزيٰ ۽ گڏ ٻين نون ماين سان گڏجي مڪي آئي. تن ڏينهن سندن تنبو مڪي کان ٻاويھه ڪلوميٽر پرتي يثرب ويندڙ رستي وٽ حديبيه جي ويجهو کُتل هئا. اڄ ڪلهه ان هنڌ جو نالو شميسي آهي.
ٿڃ پياريندڙ ڏھ مايون مڪي پهچي ويون.
جن جن گهرن ۾ ٻار ڄاوا هئا، واري واري سان هر مائي انهن گهرن ۾ ويئي. ’امڙ آمنه‘ جي گهر به هڪ هڪ ڪري سڀ مايون آيون.
سڀني ڏٺو ته ٻارڙو صحتمند آهي. ڪٽنب به معزز آهي، پر ٻارڙو يتيم آهي.
هر مائي ٿڃ پيارڻ جو عرصو پورو ڪري ٻاڙي جي ابي کان انعام ملڻ جي آسري ۾ هئي.
جنهن يتيم جو ابو ئي گذاري ويو هجي، اُتي هو ڪنهن کان اميد رکي ها. هڪ ڏاڏو عبدالمطلب هو، پر ان ڏاڏي کي به انهن ڏينهن هڪ پٽڙو ڄائو هو، جنهن جو نالو حمزه هو. حمزه کي انهن ماين مان هڪ مائي ملي ويئي.
هڪ يتيم ٻارڙو رسول خدا ﷺ هو.
انهن ماين مان هڪ مائي ايتري ئي غريب ۽ مسڪين هئي، جو کيس ڪنهن به پنهنجو ٻارڙو نه ڏنو.
اها مائي بيبي حليمه هئي.
شام ٿي ويئي،
سڀ مايون شهر کان ٻاهر پنهنجن ٿاڪن ڏانهن واپس ورڻ لڳيون.
بيبي حليمه پنهنجي مڙس حارث بن عبدالعزيٰ وٽ ويئي ۽ آهستي چيائينس:
ابو شيما ! مونکي ڪنهن ٻارڙي کي گود وٺڻ کانسواءِ واپس وڃي پنهنجي قبيلي جي ٻين ماين سان اکيون اکين ۾ ملائيندي ڦِڪائي پئي ٿئي، شهر جي سڀني ٻارن کي ڪنهن نه ڪنهن گود وٺي لاٿو آهي. پر هڪڙو يتيم ٻارو آهي، جيڪو آءٌ به ڇڏي آئي هيس، ڪنهن به گود نه ورتو، تون چئو ته اهو کڻي اچان.
ابو شيما حارث بن عبدالعزيٰ چيو ”وڃ کڻي اچ.“
بيبي حليمه ٻيهر سيده آمنه جي گهر جو دروازو کڙڪايو
چيائين: آئون ٻارڙو کڻڻ آئي آهيان.
سيده آمنه پنهنجو لعل بي بي حليمه جي هنج ۾ وڌو.
بيبي حليمه جي ٿڃ پياڪ ٻارڙي جو نالو عبدالله هو،
اهو صفا ڪمزور ٻارڙو هو.
بيبي حليمه پاڻ به غربت ۽ ڪسمپرسيءَ جي ڪري هيڻي ۽ ڪمزور بُت واري هئي، سندس گهر وارو حارث بيمار نه هوندي به بيمار ۽ لاچار نظر اچي رهيو هو.
بيبي حليمه جنهن گڏھ تي چڙھي آئي هئي، اها هڏين جو ڍانچو هئي، هلڻ مھل ٽنگون ٿي وچڙيس، قبيلي جي ٻين ماين هر هر پنهنجون سواريون روڪي بيبي حليمه جو انتظار ٿي ڪيو، ۽ چٿر مان بيبي سائنڻ ۽ سندس ڪمزور گڏھ کي تڪڻ ٿي لڳيون، حارث جي اُٺڻ به پوڙهي هئي.
مفلسي به عجيب شئي آهي.
انسان ذات ۽ جانورن ٻنهي جو غربت ۾ مبتلا ٿي کير سُڪي وڃي ٿو.
بيبي حليمه، سيده آمنهرضه جي يتيم کي کڻي، اهو سوچيندي آئي ته هن يتيم کي ٿڃ ڪيئنءَ پياريندس؟ منهنجو جسم ته منهنجي ٻارڙي عبدالله جي لاءِ ئي پوري ٿڃ نٿو ٺاهي، منهنجو ٻارڙو ئي بُکيو ٿو رهي، هاڻ ٻن ٻارڙن کي ٿڃ ڪيئن پيارينديس.
بيبي حليمه اها سڄي ڪهاڻي پوءِ پاڻ ئي ٻڌائي.
ٻڌايائين: آءٌ پنهنجي تنبوءَ ۾ آيس ته مون پنهنجي جسم ۾ عجيب خوشگوار صحت مند تبديلي محسوس ڪئي، مون ٻنهي ٻارڙن کي ٿڃ پيارڻ گهري ته ڇرڪي پيس، منهنجي ٿڃ ڄڻ جسم مان ڦاٽي ٿي نڪتي. قريش يتيم ٻارڙي هڪ پاسان ڍؤ ڪري ٿڃ پيتي ۽ پوءِ سمهي پيو، ٻي پاسي منهنجي ٻچڙي عبدالله ٿڃ پيتي. هن به ڍ‍ؤ ڪري پيتي، آءٌ حيران ٿي سوچڻ لڳيس ته هي ڪهڙو ڪرشمو آهي، مون ۾ ايتري ٿڃ ڪٿان اچي ويئي، ؟ ايتري ۾ تنبوءَ جو پردو مٿي ٿيو ۽ منهنجو مڙس ابو شيما اندر آيو. اچڻ مهل هو اهڙو ته سرهو نظر پئي آيو، ڄڻ ڪا سٺي خبر کڻي آيو هجي. هو ڄڻ زمين تي اُڏرندو پي آيو. سندس هٿ ۾ پيالي کان به وڏو ٿانوَ هو، هن اهو ٿانوَ منهنجي اڳيان رکندي ڄڻ رڙ ڪندي چيو، ”حليمه ! هي ڏس.. هي ڏس !.“
مون ڏٺي ته اهو ٿانوَ ڪنن تائين کير سان ڀريل پيو هو.
هيءُ ڪٿان آندئي؟
پنهنجي اُٺڻ مان ڏڌو اٿم.
آءٌ به حيران ٿي ويس.
اسان جي اُٺڻ ته وڏي عمر جي هئڻ سبب ڳچ وقت کان کير ڏيڻ ڇڏي ڏنو هو.
هي وري ڪيئن؟
بس تون ڏس.
هي سڄو کير پنهنجي اُٺڻ جو آهي؟
هن کان جهجهو ته آءٌ پي آيو آهيان. اٺڻ جي ٻچڙي کي به پياري آيو آهيان.
هي تنهنجي لاءِ آهي.
هي سڀ؟
هائو،
آءٌ اٿيس ۽ تنبوءَ جو کنيل پلاند هيٺ ڪيرايم.
شام جي روشني تنبوءَ جي جهروڪن مان اندر اچي رهي هئي.
ڏيئي ٻارڻ کانسواءِ ئي اسان ٻنهي زال مڙسن جي اکين ۾ ڏيئا ٻري رهيا هئا.
مون ٿانوَ کڻي کير پيتو، پر سڄو پي نه سگهيس، مون پنهنجي مڙس ابو شيما کي چيو، تون به پي.
مون پيتو آهي.
عجب جهڙي ڳالهه آهي. مون چپن تان اُٺڻ جو گهاٽو کير اُگهندي چيو،
پوءِ مون پنهنجي مڙس کي ٻڌايو ته منهنجو جسم به ٿڃ سان ڀرجي ويو آهي. ٻارڙا ڍؤ ڪري پي سمهي رهيا آهن.
منهنجو مڙس خوشگوار حيرانيءَ مان مونکي تڪڻ لڳو. پوءِ چيائين،
حليمه مونکي ته ايئن ٿو لڳي ته پاڻ ڪو برڪتن ڀريو ٻارڙو کڻي آيا آهيون.
مون کي به ايئن ٿو لڳي ابو شيما ڏس، هن کي ته سڀ مايون ڇڏي ويون هيون، پر هن جي امڙ چئي رهي هئي ته منهنجو ٻچڙو وڏي شان وارو آهي. اوهين ڏسي وٺجو، ابو شيما ! مون ته ڏسي ورتو.
آءٌ به ڏسي رهيو آهيان حليمه.
بيبي حليمه ٻُڌائي ٿي ته اها رات هو ڏاڍي سڪون سان سُتا. نهايت گهري ننڊ ۽ گهڻي دير تائين سُتا رهيا.
صبح جو قبيلي جون سڀ مايون پنهنجي سوارين تي چڙهي منزل ڏانهن روانيون ٿيون. منهنجي سواري هيڻي. نٻل اڇاڻ مائل گاڏھڙي جيڪا سڄي قافلي ۾ پويان رهجي ويندي هئي، سا اهڙي ته تکي هلڻ لڳي جو مونکي سمجهه ۾ نه پي آيو ته هيءَ اها ئي گڏھ آهي. ٿوري ئي دير ۾ منهنجي گڏھ قافلي جي سڀني ماين جي سوارين کي پويان ڇڏي اڳيان نڪري ويئي. آءٌ جنهن به مائيءَ جي سواريءَ کان اڳتي ٿي نڪتيس ته ان ڪنڌ ورائي مونکي ٿي ڏٺو ۽ چوڻ لڳي، اي ابي زوئيب جي ڌيءُ! هيءَ اهائي گڏھ آهي يا ڪا ٻي! مون وراڻيو ٿي. اِها ئي آهي. جڏهن آئون اڳيان نڪري ٿي ويس ته مايون سَڏ ڪري چوڻ لڳنديون هيون. حَليمه ٿورڙو پنهنجي گڏھ کي جَهل، جيئن توسان هلي سگهئون،
اُن سان گڏ هو بڙ بڙ به ڪنديون ٿي رهيون،
سمجهه ۾ نه نٿو اچي ته تنهنجي مَرگهيل گڏھ ۾ ايتري طاقت ڪٿان اچي ويئي آهي. هن کان ته هلڻ به نه ٿي ٿيو. هاڻ ڪيئن نه ڊوڙندي پئي وڃي. حد ٿي ويئي. اسان جنهن مھل پنهنجي ڳوٺ پهچڻ جو اندازو لڳايو هو، ان کان اڳ ئي پهچي وياسين.
بنو سعد جو سڄو علائقو ڏُڪار جي وڪڙ ۾ هو.
ڊگهي عرصي کان مينهن نه وٺو هو. ساوڪ نه هئڻ جي برابر هئي، اڳ ۾ ئي ٻڪريون صبح کان وٺي شام تائين ساوڪ جي ڳولا ۾ هِت هُت پيون وڙڪنديون، بُکيون ئي موٽي اينديون هيون. هاڻ جو ٻڪريون صبح جو وينديون هيون ته شام جو پيٽ ڀري ورنديون هيون. هنن جا ٿڻ کير سان ڀريا پيا هوندا هئا. اسان جي تنبوءَ جا سڀئي ٿانوَ کير سان ڀرجي ويندا هئا.
اها خبر اسان جي ڳوٺ ۾ پکڙجي ويئي.
ماڻهو پنهنجين ٻڪرين جي ڌراڙن کي چوڻ لڳا ته جنهن پاسي ابي زوئيب جي ڌيءُ جون ٻڪريون چَرڻ وڃن، اوهين به ٻڪريون ان پاسي وٺي وڃي چاريو. هو پنهنجون ٻڪريون اسانجي ٻڪرين سان گڏ رکندا هئا. پر پوءِ به هُنن جون ٻڪريون خالي پيٽ ورنديون هيون، هُنن جي ٿڻن ۾ کير به گهٽ ايندو هو، پر اسان جي ٻڪرين جا پيٽ ڀريل هوندا هئا ۽ ٿڻ به کير سان ڀريل.
سٺو وقت تيزيءَ سان گذرڻ لڳو.
ٻن سالن جو وقت تيزي سان گذري ويو.
مڪي مان آندل يتيم قريشي ٻارڙو، عام ٻارن جي ڀيٽ ۾ سگهارو ۽ صحتمند هو.
اسان جو ٿڃ پياڪ ٻارڙو عبدالله به توانو ٿي ويو هو.
اسانجي وڏي ڌيءَ شيما جيڪا اُن وقت ڇهن سالن جي هئي، جڏهن يتيم کي اسان گود ۾ ورتو هو، هاڻ اها اٺن سالن جي ٿي وئي هئي، انهن ٻن سالن ۾ اها به آسودگيءَ سان وڏي ٿي.يتيم قريش ٻارڙي کي پنهنجي ماءُ وٽ مڪي پهچائڻ جو وقت اچي ويو، ٻنهي زال مُڙسن دل ئي دل ۾ اهو پڪو پھه ڪري ڇڏيو هو ته ٻارڙي کي سندس امڙ سان ملرائي، پوءِ واپس وٺي اينداسين. اسان کي احساس ٿي ويو هو ته هي ٻارڙو وڏين برڪتن وارو آهي. هن جي برڪتن سان اسان جي گهر ۾ خير ۽ نعمت جو مينهن وسي رهيو آهي. اسين هن کان چڱي طرح واقف هئاسين، تنهنڪري اسان کي اها لالچ هئي ته اسين کيس پاڻ وٽ رکون.
مڪي وياسين
يتيم قريش کي سندس امڙ هنج ۾ کڻي خوشيءَ مان روئيندي رهي.
هن هر هر کيس مٺيون ٿي ڏنيون ۽ ساڻس کيڏڻ ٿي لڳي.
هن اسانجي اميد کان به وڌيڪ اسان جي عزت ڪئي،
پر اسان اتان واپس ورڻ جي ڳالهه ئي نه ٿي ڪئي.
ڪيترائي ڀيرا اسانکي ايئن محسوس ٿيو ته ڄڻ يتيم قريشي ٻارڙي جي امڙ اسان کي سوکڙيون پاکڙيون ڏيئي اسان کي وڃڻ جو اشارو ڪري رهي هئي. پر آءٌ لڳاتار قريش يتيم ٻارڙي جي امڙ کي منٿون ڪندي رهيس ته ٻارڙي کي ڪجهه وقت اڃا به اسان وٽ رهڻ ڏي
هن وراڻيو ٿي. نه آءٌ پاڻ پنهنجي ٻچڙي جي سڪ ۾ ورتل آهيان.
مون چيس. هِتي ٻارڙو محفوظ ڪونهي.
هن پُڇيو ٿي. ڪيئن محفوظ ڪونهي؟
مون چيو ٿي: ڏس مڪي ۾ وبا پکڙيل آهي. ٻارڙو ته صاف هوا ۾ پليو آهي،
هِتي رهي بيمار نه ٿي پوي. اوهان جو ٻارڙو ته اوهانجو ئي آهي ۽ نيٺ اوهان وٽ ئي رهڻون آهي. رڳو هڪ سال وڌيڪ اسان وٽ رهڻ ڏي.
اسان ٻنهي زال مڙسن ڏاڍي منٿ ميڙ ڪئي.
سيده آمنه نيٺ به ته ماءُ هئي، اسان پاران ٻارڙي جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيڻ جي ڊپ واري ڳالهه سبب اسان جي ڳالهه مڃي ورتائين. هڪ اڌ ڏينهن وٽس مڪي ۾ ترسڻ کانپوءِ اسين ٻارڙي کي پاڻ سان وٺي خوشيءَ مان پنهنجي قبيلي موٽي آياسين.

شق صدر

شق صدر

بيبي حليمه ٻُڌائي ٿي: اسين منٿ ميڙ ڪري ۽ مڪي ۾ وبائي مَرض جي ڊپ جي ڳالهه ڪري پاڻ ﷺ کي واپس وٺي آياسين. هڪ سال کانپوءِ وعدي موجب پاڻ ﷺ کي مڪي وٺي وياسين. سندن عمر ٽي سال ٿي چڪي هئي. پاڻ ڏاڍو صحتمند، خوش ۽ خرم ۽ ڀڄڻ ڊڪڻ وارو ٻارڙو هو. سيده آمنه پنهنجي پُٽڙي کي ڏسڻ جي بي تاب هئي، اسين ممتا جي محبت جي شدت ڏسندا رهياسين. اسانجون دليون هن برڪتن ڀريي ٻار کي پاڻ کان ڌار ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هيون. ،دل چيو ٿي ته ڪو اهڙو بهانو يا واقعو ٿئي جو اهو خوش نصيب ٻارڙو ڪجهه وقت اڃا به اسان وٽ ئي رهي. هن جي ڪري اسان تي جيڪي نعمتون ۽ برڪتون جاري آهن، سي ڪجهه وقت اڃا به جاري رهن. اسانجي خوشبختي چئجي جو انهن ڏينهن حقيقت ۾ مڪي ٻارن جي اندر وبائي بيماريون پکڙيل هيون. سيده آمنه پاڻ به انهن بيمارين جي ڪري بي چين ڏسڻ ۾ آئي. اسان هڪ ڀيرو ٻيهر سيده آمنه کي عرض ڪيو، منٿ ميڙ ڪئي، ٻارڙي جي صحت ۽ زندگيءَ جو واسطو ڏنو ۽ گذارش ڪئي ته ٻارڙي کي ڪجهه وقت اڃا به اسان وٽ رهڻ ڏيو. نيٺ سيده آمنه اسانجي ڳالهه مڃي ورتي ۽ اسين برڪتن ڀريو اهو ٻارڙو ٻيهر پنهنجي خانه بدوش بستيءَ ۾ کڻي آياسين.
بابرڪت ٻارڙي کي ايندي اڃا ٻه يا ٽي مهينا ئي مس گذريا هئا جو هڪ عجيب واقعو ٿيو، پاڻ پنهنجي رضاعي ڀاءُ عبدالله سان گڏ گهر جي پٺيان ٻڪريون چاري رهيا هئا، ٻيئي هم عمر هئا. کيڏندا ٻڪريون چاري رهيا هئا. ماني جي مهل آئي ته آقا ﷺ پنهنجي رضاعي ڀاءُ کي چيو ته گهران وڃي ماني کڻي اچ. اڃا اهي ڳالهيون پي ٿيون جو آسمان تي ٻه وڏا اڇا پکي ظاهر ٿيا. پوءِ هو سفيد پوش انسانن ۾ بدلجي ويا ۽ آقا ﷺ ڏانهن وڌيا. رضاعي ڀاءُ عبدالله اهو منظر ڏسي هُڄي ويو. ڊوڙندو گهر آيو. گهر ۾ سانئڻ حليمه ۽ ابو شيما ٻئي موجود هئا. عبدالله روئندي روئندي چوڻ لڳو... منهنجو قريشي ڀاءُ..
کيس ڇا ٿيو ؟
ٻه سفيد پوش آيا
پوءِ ؟
هنن سندس پيٽ ڦاڙي ڇڏيو.
سانئڻ حليمه ۽ ابو شيما گهٻرائجي مُٺيون ڀيڙي اوڏانهن ڀڳا.
ڏٺائون پاڻ سڳورا ﷺ بيٺا آهن، البت رنگ ڦڪو ٿيل اٿس.
سائنڻ حليمه کيس گلي لڳايو، پوءِ ابو شيما ڀرسان ويهي پيار ڪيس ۽ پُڇيس.
ڇا ٿيو پُٽ ؟
پاڻ ﷺ ٻڌايو ته ٻه سفيدپوش همراھ آيا هئا. هو پهرين آسمان تي ٻن وڏن پکين جي صورت ۾ نظر آيا. هڪ ٻي کان پُڇيو، هي ئي آهي؟ ٻي چيو. هائو. پوءِ هو زمين تي لٿا. پير پَٽ تي لڳندي ئي هنن جي شڪل انسانن جهڙي ٿي ويئي. پوءِ هنن مونکي جهلي پٽ تي ليٽائي منهنجو پيٽ ۽ سينو چيري ڇڏيائون. جسم ۾ اندر هٿ وڌائون ۽ منهنجي دل ڪڍي اُن مان ڪو ڪارو ٽڪرو وڍي اڇلايائون. پوءِ پيٽ ۽ سيني تي هٿ ڦيريائون ته اهو اهڙي جو اهڙو ٿي ويو.
سانئڻ حليمه ٻڌائي ٿي ته بابرڪت قريشي ٻارڙي جي واتان اها ڳالهه ٻُڌي اسين ٻيئي زال مڙس گهٻرائجي وياسين، ابوشيما، بيبي حليمه کي چوڻ لڳو: ان کان اڳ جو ٻارڙي کي نقصان رَسي، کيس واپس ڪري ٿا اچون.
ٻيئي ڊڄي ويا،
هنن سمجهيو ته ڪنهن جن ڀوت جو واسو آهي. هنن پنهنجي طرفان مڪمل تسلي ڪئي ته ٻارڙي جي جسم تي ڪوبه زخم جو نشان نه هو، نه ئي وري ڪٿي ڪو رت جو نشان. ٻنهي زال مڙسن پنهنجون پنهنجون سواريون پلاڻي ٻي ڏينهن ئي کيس وٺي روانا ٿي ويا. رستي ۾ کين يمن مان ايندڙ ڪجهه يهودين جو قافلو مليو، جن ٻاڙي کي ڏٺو ته بيهي رهيا ۽ اسان کان موڪل وٺي ٻارڙي کي اُٿلائي پٿلائي ڏسڻ لڳا. ڪنهن مهل چهري کي ٿي ڏٺائون ته ڪنهن مهل ڪلها. ڪنهن مهل وري ڪلهن جي وچ ۾ چيلهه کي. پوءِ چيائون:
ايندڙ وقت ۾ هي وڏي مرتبي وارو ٿيندو.
چوڻ لڳا. هي ٻارڙو اسانکي ڏيو ته اسين کين پنهنجي ڏيھه وٺي وڃون. بيبي حليمه ۽ سندس گهرواريءَ وڏي مشڪل سان اُن قبيلي مان جند ڇڏائي ۽ سرڪار ﷺ کي وٺي مڪي پهتا.
مڪي پهتا ته هڪ ٻيو واقعو ٿيو.
مڪي جي ڀرسان هو هيڏانهن هوڏانهن ٿيا ته پاڻ سڳوارا ڪيڏانهن گم ٿي ويا. هنن ڏاڍو ڳوليو، پر کين نه مليو. سائنڻ حليمه روئيندي سيدنا عبدالمطلب وٽ پهتي.
چيائين سردار اوهانجي شهر جي هڪ ڪنڊ تي اوهانجو پوٽو گم ٿي ويو آهي.
سيدنا عبدالمطلب ڪعبي جي دروازي تي اچي ڪڙو کڙڪايو. سندس اکين ۾ لُڙڪ هئا. ٻاڏايائين: اي الله منهنجو شهسوار مونکي موٽائي ڏي. اهو تون ئي ته آهين. جنهن سندس نالو محمد ﷺ رکيو.
چپن تي يتيم پوٽي جي سلامتيءَ جون دعائون جاري هيون.
هيڏانهن هوڏانهن ماڻهو ڊوڙيا.
ورقه بن نوفل هڪ ٻي قريش سان گڏ پاڻ سڳورن کي ڳولهي، سيدنا عبدالمطلب وٽ آندو. سيدنا پاڻ سڳورن کي چُميو، ڪلهي تي ويهاري ڪعبي جو طواف ڪيو. خدا جو ٿورو مڃيو ۽ سيده آمنه وٽ وٺي آيو.
سيده آمنه پنهنجي لعل کي ڇاتيءَ سان لڳائي ويٺي هئي.
سندس اکين ۾ خوشيءَ جا لڙڪ هئا.
سانئڻ حليمه ۽ سندس خاوند ابوشيما چوڻ لڳو، الحمدالله رضاعت جي مدت پوري ٿي.
سيده آمنه چوڻ لڳي. اڃا ڪجهه مهينا اڳ اوهين ضد ڪري ۽ زور ڀري ٻارڙو مون کان وٺي ويا هئا ۽ هاڻ اوچتو کيس واپس وٺي ِِآيا آهيو، سچ ٻڌايو ته اصل قصو ڇا آهي؟
بيبي حليمه ۽ ابوشيما کيس شق قصدر جو سڄو واقعو ٻڌايو.
سيده آمنه چيو: ڇا اوهانکي ڪنهن جن ڀوت جي واسي جو ڊپ آهي؟
هو خاموش رهيا،
سيده چيو: ٻُڌو ! ايئن بلڪل نه آهي. خدا جو قسم هن تي شيطان قابو پائي نٿو سگهي.
منهنجي دل جي ٽڪري جو وڏو شان آهي. هن جو مرتبو مٿانهون ٿيندو.
چيائين، آءٌ اوهان کي هن جي ولادت جو قصو ڇو نه ٻڌايان؟
بيبي حليمه ۽ ابو شيما وراڻيو. جي بلڪل ٻڌايو.
سيده آمنه چيو، جيترو عرصو هي ٻارڙو منهنجي پيٽ ۾ رهيو، مونکي ڪابه تڪليف نه ٿي.
پوءِ پاڻ ٻارڙي جي جنم مهل پنهنجي جسم مان هڪ اهڙو الاهي نور نڪرندي ڏٺو. جنهن سان شام جا محل روشن ٿي ويا. اهو به ٻُڌايائين ته ٻارڙو پيدا ٿيو ته هو پٽ تي هٿ ٽيڪي ڪنڌ کڻي آسمان کي تڪڻ لڳو هو.
سيده چيو: چڱو ڪيوَ.. جو منهنجي ٻچڙي کي مون وٽ وٺي آيا آهيو.
دل ۾ ڪا ڳالهه نه رکجو. جيڪو به ڊپ اٿوَ اهو ڪڍي ڇڏجو.
منهنجو هي ٻارڙو وڏي شان وارو آهي.
بيبي حليمه ۽ ابوشيما سندس ها ۾ ها ملائي.
اُنهن برڪتن جو ذڪر ڪيو ، جيڪي هن ٻارڙي جي ڪري سندس گهر ۾ آيون هيون. اُٺڻ ۽ ان جو کير، سندس پنهنجي جسم جي سگهه، پوءِ رستي ۾ ملندڙ قافلي جو زور ته ٻارڙو کين ڏيو. پوءِ بيبي حليمه هڪ واقعو ٻڌايو. چيائون آءٌ رسول ﷺ جي ڳولا ۾ ٻاهر نڪتيس. کيس ڳوليندي ڏٺم ته ٻڪرين جي ڌڻ سان گڏ سندس ڌيءَ شيما به هئي. گڏوگڏ رسول الله به. مٿي آسمان تي تيز اُس، گرمين جي مُند هئي، بيبي حليمه چوي ٿي ته آءٌ پنهنجي ڌي تي ڪاوڙيس ته ههڙي گرم مند ۾ ٻارڙي کي ٻاهر وٺي آئي آهين.
شيما وراڻيو: امان ! هيڏي اُس ۾ به منهنجي قريشي ڀاءَ کي اُس نه ڇهيو. هڪ ڪڪر جو ٽڪرو هن جي مٿان ڇانورو ڪري هلندو ٿو رهي. جڏهن هي بيهي ٿو ته ڪڪر به بيهي ٿو رهي، هلي ٿو ته ڪڪر به هلڻ ٿو لڳي.
بيبي حليمه ۽ ابوشيما حارث بن عبدالعزيٰ، رسول الله ﷺ کي سندس امڙ وٽ ڇڏي موٽي ويا. پوءِ جي ڏينهن ۾ رسول الله ﷺ شق صدر جو واقعو جنهن تفصيل سان ٻڌايو، اهو هن ريت آهي.
فرمايائون:
”منهنجي رضاعي امڙ، بني سعد بن بڪر مان هئي. مون ڀاءُ کي چيو ته وڃ، امان کان ماني وٺي اچ. هو ماني کڻڻ ويو ۽ آءٌ ٻڪرين وٽ هئس، جو ٻه اڇا پکي آيا. هڪ ٻي کي چيو : هي ئي آهي ؟
ٻي وراڻيو؛ هائو.
پوءِ ٻنهي وڌي مونکي جهليو ۽ ليٽايو،
پوءِ پيٽ ڦاڙي دل ڪڍيائون ۽ اها چيري اُن مان ٻه ڪاريون ٻوٽيون ڪڍيون.
پوءِ هڪ ٻي کي چيو؛ برف جو ٿڌو پاڻي آڻ،
اُن پاڻيءَ سان هن منهنجو پيٽ ڌوتو.
پوءِ برف جي ٿڌي پاڻيءَ سان منهنجي دل صاف ڪئي.
پوءِ هڪ چيو سڪنيت ۽ دل جو سڪون آڻ.
پوءِ اها دل تي ڇڙڪي ويئي
هڪ وري چيو؛ صاف سُبي ڇڏ.
هن سُبي ڇڏي ۽ منهنجي دل تي نبوت جي مهر هڻي ڇڏي.
هڪ وري ٻي چيو: هن کي ساهميءَ جي هڪ پُڙ ۾ ويهار ۽ ٻي پُڙ ۾ هڪ هزار اُمتي. مون ڏٺو ته هزار وارو پڙ مٿي کنيل هو، هلڪو هو. مونکي ڊپ هو ته مون تي ڪري نه پوي. پوءِ هن چيو، جيڪڏهن سڄي اُمت به گڏ توري وڃي ته به هي ڳرو ٿيندو. پوءِ هو مونکي ڇڏي هليا ويا. آءٌ ڊنل هئس. منهنجي رضاعي امڙ آئي ته مون کيس سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي، هُن منهنجي رضاعي پيءُ کي چيو ته ٻارڙي جو دماغ صحيح ڪونهي، هُنن منهنجي لاءِ دعا گهري، سواري تيار هئي، مونکي پاڻ سان گڏ ورتو ۽ مڪي پهچي ويا. پوءِ هنن منهنجي ماءُ کي چيو اسان امانت واپس ڪئي. پنهنجي ذميداري پوري ڪئيسين. منهنجي امڙ سڄو قصو ڪري ٻڌايو ۽ اُلڪو نه ڪيائين. چيائين منهنجو ٻچڙو وڏي شان ۽ مرتبي وارو آهي، هن کين ٻڌايو ته منهنجي جنم تي نور سندس جسم مان ڪيئن نڪتو ۽ شام جي محلاتن کي روشن ڪري ڇڏيو.
روايت آهي ته شق صدر جو واقعو ٽي ڀيرا ٿيو.
پهريون ڀيرو اهو ئي ٽن سالن جي وهيءَ ۾ بني سعد بن بڪر جي قبيلي ۾ رضاعت جي دوران، جڏهن بيبي حليمه کين پنهنجي امڙ وٽ مڪي ڇڏي ويئي. ٻيو ڀيرو شق صدر جو واقعو چاليهن سالن جي عمر ۾ پهرين وحي اچڻ کان ڪجهه عرصو اڳ. اهو ڪلام لهڻ کان اڳ، جيڪو ڪنهن جبل تي لاٿو وڃي ها ته اهو ان ڪلام جي وزن سبب ذرا ذرا ٿي وڃي ها. ٽيون ڀيرو شق صدر جو واقعو اٺيتاليهن سالن جي عمر ۾ اُن وقت ٿيو، جڏهن ٻن صدمن کانپوءِ هڪ ٻيو انتهائي غير معمولي سفر. ٻه عظيم صدما رسول الله ﷺ جي بهترين گهر واري خديجهرضه جي وفات ۽ رسول الله ﷺ جي سرپرست چاچي سيدنا ابو طالب جي وفات جو صدمو هو ۽ انتهائي غير معمولي سفر زمين کان زمين ۽ زمين کان آسمان جو سفر- سڄي جسم ۽ جان سان.
پهرين شق صدر جي دوران ٻُڌايو ويوته سينو چيرڻ کانپوءِ، دل ڪڍي چيري وڃي ٿي ۽ دل جي اندران ٻه ڪاريون ٻوٽيون ڄڻ ڄميل رت ڪڍي ڦٽيون ڪيون ويون. ٻڌايو ويو ته اهو شيطان جو حصو آهي، هر انساني دل ۾. جڏهن انسان ڄمي ٿو ته شيطان کيس ڇُھي ٿو وٺي، سواءِ ابن مريم جي. ابن مريم عليه السلام ان ڪري ته هو پنهنجي امڙ جي هنج ۾ ڳالهائڻ جي قدرت وٺي آيو هو. هن ان گهڙيءَ پنهنجي پيغمبريءَ جو به اعلان ڪري ڇڏيو هو، پوءِ جي ڏينهن ۾ شق صدر جي واقعن ۾ دل ته چيري ويئي، پر اُن جي اندران ڪا شئي نه ڪڍي ويئي. هر ڀيري اُجريل اڇي براق برف جهڙي نور جو ڳڱاٽيل پيڪٽ دل ۾ وڌو ويو.
شق صدر جي ٽنهي واقعن ۾ خدائي شان آهي.
رسول الله ﷺ جي لاءِ انعام آهن.
برف ۾ ڌوتل اُجرو نور ڇا آهي.؟
انساني دل کي غير معمولي سفر جي لاءِ تيار ڪرڻ.
شايد اهو آسماني راز آهي.
بهرحال. دنياوي طور تي اسانجي لاءِ سوچڻ وارن کي هڪ انعام مليو آهي. ان حقيقت تي ويچارڻ جو ته دل چيرڻ مهل ۽ چيرڻ کانپوءِ جسم کي برف سان ڌوئڻ، جديد ميڊيڪل سائنس ۾ سڄي سرجريءَ جو بنياد بنجي ويو. اڄ به هر قسم جي سرجريءَ ۾ وهندڙ رت کي روڪڻ جو بهترين طريقو ’ڪولڊ سپانچنگ‘ آهي، ڪرائيو سرجري ۾ وڍيل جسم مان رت نٿو وهي.
اهو به شايد غور ڪندڙن کي ڪڏهن انعام ملي وڃي ته زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ وقت ۽ جاءِ جي سڀني فاصلن کي عبور ڪرڻ کان اڳ انساني جسم ۾ دل ۽ رت سان گڏ ڪو اُجريل براق، ٿڌي برف جهڙي نئين شئي وجهڻي پوندي ته جڏهن انساني جسم، روشنيءَ جي رفتار کان هزارين ڀيرا تيز، خيال جي رفتار سان سفر ڪندي مادي ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار نه ٿي. سفر سالم ڪري، صحيح ۽ سالم موٽي اچي، اهي هڙئي غور ڪرڻ وارن جي لاءِ انعام آهي، جيڪي غور ڪن ٿا، تن کي شايد ڪڏهن ڏکن ۽ سختين کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ رت ۾ ڪا غير معمولي شئي وجهڻ سان اعصابن کي مضبوط ڪرڻ جو ڪو طريقو شايد ڪڏهن انسانن کي ميسر ٿي وڃي.

يتيم جي امڙ به گذاري ويئي

يتيم جي امڙ به گذاري ويئي

گهر واريءَ جي وفات کانپوءِ ٽن ورهين جو ننڍڙو پٽ سيده آمنه جي زندگيءَ ۾ اڪيلو سهارو هو، هاڻ رضاعت کانپوءِ پُٽ سيده کي مليو ته پاڻ هر وقت ان سان گڏ رهندي هئي، سندس ننڍي گهر ۾ سندس ڪُل اثاثو ڪجهه اٺ، ٿوريون ٻڪريون ۽ هڪ تيرهن سالن جي حبشي نوڪرياڻي بَرڪه هئي. سانئڻ جو سهرو سيدنا عبدالمطلب سندس گهڻو خيال رکندو هو، هو پنهنجي پوٽي کي پنهنجي سڄي اولاد کان وڌيڪ گُهرندو هو. اڪثر ڪري هو سندن گهر اچي پنهنجي پوٽي جي آڱر جهلي کيس وٺي ويندو هو. خانه ڪعبه جي ڀت سان گڏ حطيم ۾ سيدنا عبدالمطلب جي لاءِ خاص غاليچو وڇايو ويندو هو ۽ اها جاءِ قريش سردار جي لاءِ هوندي هئي. پر سيدنا آمنه جي لعل ﷺ کي اُن غاليچي تي وهاڻي جي ٽيڪ سان پاڻ سان گڏ ويهاريندو هو.نه رڳو اهو پر جڏهن قريش ڪنهن غور طلب مسئلي تي سندس صلاح يا حڪم طلب ڪندا هئا ته پاڻ سڀني کي سُڻي فيصلو ٻڌائڻ کان اڳ، پنهنجي ڀَر ۾ ويٺل پنهنجي ننڍڙي پوٽي ڏانهن جُهڪي سندس راءِ پڇندو هو ۽ پوءِ ڪو فيصلو ٻڌائيندوهو. خشڪ ساليءَ جي ڏينهن ۾ جڏهن ماڻهو برسات جي لاءِ دعا گهرائڻ آيا ته سيدنا پنهنجي اُن ئي ننڍڙي پوٽي جي ننڍڙن ننڍڙن هٿن کي کڻائي دعا گهرندا هئا، ته ڪڪر مِڙي ايندا هئا. سيدنا بَرملا قريشين کي چوندا هئا، ته مُنهنجو پوٽو وڏي شان وارو آهي. هن جو خدا جلد مان مٿانهون ڪندو.
سيدنا آمنه پنهنجي پُٽ جي ريگستان ۾ ٿيل تربيت کان گهڻي خوش هئي. ان وهيءَ ۾ به سندس پٽڙي جي گفتار گهڻي نرم ۽ مهذب هئي. بنو سعد ۾ پنهنجي زندگيءَ جي گذاريل سوا ٽن سالن دوران رسول الله ﷺ روز مروه جي ڳالهه ٻولهه ۾ استعمال ٿيندڙ زبان ڏاڍي سُٺي نموني سِکي هئي. پنهنجي دل جي ڳالهه سهڻي نموني چوڻ پاڻ سڳورن شروعاتي وهيءَ ۾ ئي سکي ورتي هئي. سندس پاڙي ۾ سائنڻ آمنه جي سؤٽ هاله جو گهر هو. جيڪا سيدنا عبدالمطلب جي سڀني کان ننڍي عمر واري هئي. سانئڻ آمنه ۽ هاله جو وهانءُ هڪئي ڏينهن ٿيو هو. هاله جي پيٽان به رسول الله ﷺ جي جنم سان گڏ ئي حمزه پيدا ٿيو هو. حمزه جي زندگي جا به ڪجهه سال بنو سعد جي رضاعت ۾ گذريا. ريگستان ۾ به رسول الله ﷺ پنهنجي اُن هم عمر چاچي، ماسيءَ جي پُٽ، ۽ رضاعي ڀاءُ سان گڏ جي کيڏندا هئا. مڪي موٽڻ کانپوءِ به ٻنهي جو ننڍپڻ گڏ گذريو. حمزه کان ٻه سال ننڍي سندس ڀيڻ صفيه به پيدا ٿي چڪي هئي. صفيه رسول الله ﷺ کان ٻه سال ننڍي هئي، هوءَ به سانئڻ آمنه جي گهر ۾ حمزه سان گڏجي پاڻ سڳورن سان کيڏڻ ايندي هئي. بنو تيم جي ابو قحافه جو پُٽ ابوبڪر، جيڪو عمر ۾ رسول الله ﷺ کان اڍائي سال ننڍو هو، اهو به ڪڏهن ڪڏهن خانه ڪعبه جي اڱڻ ۾ ساڻن گڏجي کيڏندو هو. رسول الله ﷺ جي وڏي چاچي حارث جو پُٽ ابوسفيان به رسول الله ﷺ جو هم عمر هو، اهو به ننڍپڻ جي دوستن مان هو.
سيده آمنه جو پنهنجي سهري سيدنا عبدالمطلب جي يثرب ۾ ناناڻي ڪٽنب سان به دلي لڳاءُ هو. انهن جو واسطو بنو خزرج جي اوڙڪ بنونجار ۽ ان جي ذيلي قبيلي بنوعديءَ سان هو. هن سيدنا عبدالمطلب جي امڙ سيده سلميٰ جي همگير ۽ پر ڪشش شخصيت جا قصا ٻڌا هئا. سيده سلميٰ جو ڪٽنب بنونجار يثرب مان مڪي اچي سدائين سيدنا عبدالمطب ۽ ان جي ڪٽنب سان دلي لڳاءُ جو اظهار ڪندو هو. سانئڻ آمنه جي گهرواري سيدنا عبدالله يثرب ۾ پنهنجي زندگيءَ جا آخري ڏينهن انهن جي پاڙي ۾ ئي گذاريا هئا. اُنهن ڏينهن پاڻ هڪ سفر تي شام وڃي رهيو هو ته بيماري جي ڪري يثرب ۾ پنهنجن مامن وٽ ٽِڪي پيو هو. سندس علاج به اتي ئي ٿيو هو، پاڻ هڪ مهيني تائين سخت بخار ۾ مبتلا رهڻ کانپوءِ يثرب ۾ ئي گذاري ويا. يثرب جي مرطوب سرسبز فضا ۾ مڇرن جي واڌ ويجهه عام هئي، مڪي جا رهاڪو اهڙي هنڌ جا عادي نه هئا، تنهنڪري عام طور تي مليريا جو شڪار ٿي ويندا هئا. گمان اهو ئي آهي ته سيدنا عبدالله به مليريا جو ئي شڪار ٿيو.
اُتي بنونجار جي پاڙي جي هڪ گهر ۾ سيدنا عبدالله جي قبر هئي.
سانئڻ آمنه کي پنهنجي مرحوم گهرواري جي قبر تي وڃڻو هو.
کيس پنهنجي گهرواري جي مامن ۽ مامين جي اُن پاڙي ۾ وڃڻ جي خواهش هئي، جتي سيدنا عبدالله پنهنجي زندگيءَ جا آخري ڏينهن گذاريا هئا، سيدنا عبدالله زندگي جي آخري ڏينهن ۾ڪهڙيون ڳالهيون مُهاڙيون ڪيون، ڪنهن کي ياد ڪيو، ڪهڙا خواب سوچيا، ڪهڙا سَپنا ڏٺا، شايد سيدنا آمنه اهو سڀ ڄاڻڻ ٿي گهريو، اهو به اُمڪان آهي ته سانئڻ آمنه اهو سوچيو ته پنهنجي پُٽ کي يثرب جي انهن مٽن مائٽن سان ملايو وڃي، جن جي وچ ۾ سيدنا عبدالله پنهنجي زندگي جو آخري مهينو گذاريو ۽ آخري پساھ کنيا. ٿي سگهي ٿو ته پاڻ پنهنجي پٽڙي کي، پيءُ جي قبر به ڏيکارڻ گهري ٿي. جيڪو پُٽ جي هن دنيا ۾ اچڻ کان اڳ هي جهان ڇڏي ويو هو.
سيده آمنه پنهنجي ڇهن سالن جي پُٽڙي ۽ سورنهن سالن جي وفادار ٻانهي بَرڪه کي ساڻ ڪري يثرب رواني ٿي.
هنن اهو سفر ٻن اُٺن تي ڏهن ڏينهن ۾ پورو ڪيو.
پاڻ سڳورن کي پنهنجي امڙ سان گڏ اهو يادگار سفر سدائين ياد رهيو. رستي جا وارياسا پَٽ، سنگلاخ پهاڙ، گرم پٿر، ڪٿي ڪٿي پاڻيءَ جي چشمن جي آسپاس وسندڙ نخلستان، واري اُڏائيندڙ هوائون، رستي جي اُڃ ۽ دل ۽ جان سان پيار ڪندڙ امڙ، جنهن سان رسول الله ﷺ کي واپسيءَ جو سفر نصيب نه ٿيو. کيس ٻانهيءَ سان گڏ اڪيلو اچڻو پيو. اهو پاڻ سڳورا ڪيئن وساري سگهيا هوندا.
يثرب ۾ سانئڻ آمنه جو سندس گهرواري جي ناناڻن بنونجار وارن وڏي محبت سان آڌرڀاءُ ڪيو، پاڻ اُتي هڪ مهيني تائين پنهنجي ٻانهيءَ سان گڏ ترسي- رسول الله ﷺ اُن ننڍي وهيءَ ۾ يثرب جي پنهنجن هم عمر سنگتين سان کيڏندا هئا.
يثرب جي فضا مڪي کان گهڻي مختلف هئي.
مڪو ريتي ۽ پٿرن جي سرزمين هئي، خشڪ جبل، اُڏندڙ ريتي ۽ اُس ۾ تپندڙ پٿر مڪي جون نشانيون هئا، يثرب خوشگوار موسم وارو شهر هو، اُتي اڪثر برسات وسندي هئي، شهر ۾ پاڻيءَ سان ڀريل تلاءُ ۽ ڍورا نظر ايندا هئا. اتي ساوڪ عام هئي، کجين جا باغ هئا، ان ٿيندو، هو، اتي گهر ۾ڪڻڪ ۽ جَوَن جي ماني پَچندي هئي، ٻوڙ رڌبي هئي، کجور کانسواءِ سنگتڙا، زيتون، صوف ۽ انگور يثرب ۾ عام جام ملندا هئا. مڪي ۾ ماڻهن جي خوراڪ عام طور تي اُٺڻين جو کير ۽ اٺ جو سُڪل گوشت هوندو هو. انهن ڏينهن رسول الله ﷺ پنهنجن هم عمر سنگتين سان گڏ هڪ تلاءَ ۾ وهنجڻ ويندا هئا. اُتي ترڻ به سکيائون.
يثرب ۾ هنرمند ماڻهو هئا.
جيڪي چمڙي جون جيڪٽون، وڇائڻ جي لاءِ گاديلا، ۽ چمڙي جا بوٽ ٺاهيندا هئا، ڪجهه گهرن ۾ ڪپڙي ٺاهڻ جا آڏاڻا به هئا. اتي لوھ ۽ ٽين کي تپائي ٿانوَ ۽ تلوارون ٺاهيون وينديون هُيون. اتي سون ۽ چاندي جا زيور به ٺهندا هئا. زيورن ۾ قيمتي پٿرن جو نفيس ڪم به اُتي ٿيندو هو، سون جي ڪوٺاريءَ جي هيٺان ٻرندڙ باھ، ۽ سونهري ٿڙڪندڙ نرم سون، خوشنما قيمتي پٿرن جي پالش ۽ تراش خراش ۽ ننڍن ننڍين سنهين هٿوڙين سان غور سان تڪيندڙ اکين جي وڪڙ ۾ ٻُڏل مُنڊين ۽ جڙادار هارن مان اُٿندڙ محتاط ۽ ملائم ٺڪا ٺڪ جو نازڪ آواز، گهرجي ٻاهر کجين جي باغن جي وچ ڪٿي ڪٿي کوھ جي نار تي ڦري اُٺ پاڻي ڪڍندا هئا. ڪٿي انهن مان ڪڻڪ ۽ جَوَ پيهڻ، سَرنهن ۽ ڄانڀي مان تيل ڪڍڻ جو چڪيون لڳل هيون ۽ انهن هلندڙ چڪين جو انوکو آواز.يقينن اُن ننڍي وهيءَ ۾ رسول الله ﷺ جي لاءِ اهي سڀ منظر دلچسپ ۽ علم ۾ واڌاري جو باعث بنيا هوندا. ان جي ڀيٽ ۾ مڪي جي اندر ڪعبي جي ڀرپاسي هڪ بازار هئي، جتان پري پري کان ٺهيل ٺُڪيل شيون وڪري جي لاءِ اينديون هيون. واپاري عام طور تي پنهنجا اُٺ ويهاري ان جي پٺي ۽ ٿوهي تي پنهنجو سامان سجائي ان کي پنهنجو دڪان بنائيندا هئا. مڪي ۾ شهر کان ٻاهر ڪجهه گهرن ۾ چمڙو رڱڻ ۽ ڌوئڻ جو ڪم ٿيندو هو، ڪجهه ماڻهو درزڪو ڪم به ڪندا هئا. ڪجهه چمڙي مان جوتا، اُٺن ۽ خچرن جون ڪاٺيون ۽ سواريءَ جو سامان به ٺاهيندا هئا. رسول الله ﷺ پهريون ڀيرو باريڪي، نفاست ۽ هنرمنديءَ جو ڪم يثرب ۾ ٿيندي ڏٺو هوندو.
مڪي ۾ پاڻيءَ جي کوٽ هئي.
پيئڻ جي لاءِ شهر ۾ زم زم کانسواءِ ڪجهه ٻيا کوھ هئا، وهنجڻ جي لاءِ تلائن ۽ ڍورن جو مڪي ۾ ڪو تصور ئي نه هو، مڪي ۾ برسات به ٿوري وسندي هئي، مڪي ۾ موسم به سڄو سال گرم رهندي هئي. يثرب ۾ پاڻيءَ جي گهڻائي ۽ خوشگوار موسم ڏسي پاڻ سڳورا ﷺ پڪ سان خوش ٿيا هوندا.
يثرب ۾ بنوخزرج ۽ بنواوس کانسواءِ ٽي يهودي قبيلا هئا، بنو قينقاع، بنو نضير ۽ بنو قريظه . اُنهن قبيلن ۾ پراڻي الهامي ڪتابن جا عالم به هئا، انهن عالمن پنهنجن ڪتابن ۾ ايندڙ آخري رسول برحق جون ڪيتريون ئي نشانيون پڙهيون هيون. هو پنهنجن ڪتابن جي حوالي سان ايندڙ آخري نبيءَ کي سڃاڻندا هئا، رسولﷺ جي دائي بَرڪه، جنهن کي پوءِ سندس ڌيءَ جي ولادت کانپوءِ اُم ايمن چيو ويو. چوي ٿي ته هڪ ڏينهن بنونجار جي پاڙي مان ٻه يهودي گذريا. هنن ڇهن سالن جي رسول الله کي گهٽيءَ ۾ ڏٺو ته بيهي رهيا.
۽ بيٺا ڏسندا رهيا.
ڪجهه ڏينهن کانپوءَ ٻه يهودي آيا، هو پنهنجي ڪتاب جا عالم لڳي رهيا هئا. هنن چيو، اسان کي محمدﷺ ڏيکاريو. ڏسڻ کانپوءِ هنن جي چهرن جا رنگ بدلجڻ لڳا، سمجهه ۾ نه پي آيو ته هو خوش آهن يا پريشان. هُنن جون اکيون کليل ئي رهيون ۽ مُنهن ڳاڙا ٿي ويا. هنن جا هٿ ڏڪڻ لڳا، پوءِ انهن مان هڪ ٻي ڄڻي کي چيو:
”هي ٻارڙو هِن اُمت جو نبي آهي ۽ هي شهر سندس هجرت جي جاءِ آهي“. ]ابن ڪثير ص 164[
سيده آمنه يهودين جي اها ڳالهه ٻڌي ورتي، پوءِ هن ٻنهي يهودين جي جسمن جي حرڪت به ڏٺي. کيس انهن يهودين جي نسبت پنهنجي ننڍي وهيءَ واري ٻارڙي جي لاِءِ ڊپ پيدا ٿيو ۽ هن واپس مڪي وڃڻ جو فيصلو ڪيو.
يثرب مان مڪي رواني ٿيڻ مهل سانئڻ آمنه جي صحت ٺيڪ هئي ۽ آخري ڀيرو پنهنجي خاوند عبدالله جي قبر ڏسڻ آئي ته ڪمزور نظر آئي. هن پنهنجو سامان ٻَڌو ، سواريءَ جي لاءِ اُٺ پلاڻيو ۽ پنهنجي ٻارڙي ۽ ٻانهي بَرڪه کي ساڻ ورتو ۽ بنونجار جي پنهنجن مائٽن کان موڪلائي رواني ٿي ويئي .
واپسيءَ جو سفر به ڏهن ڏينهن جو هو،
اڃا هِن ڪو اڍائي ٽن ڏينهن سفر ئي مس طئي ڪيو ته بيمار ٿي پئي
کيس سردي محسوس ٿي
جسم ڏڪڻ ٿي لڳس ۽ بخار چڙهي ٿي ويس
بخار به تيز
ٻن اٺن جو ننڍو قافلو رستي ۾ پهچي ويو،جهنگل، بيابان، ويراني، وڏا جبل، سنگلاخ ٽڪريون، واري اُڏائيندڙ ماٿريون.
ويجهي ڪابه بستي نه هئي.
بيماريءَ جي حالت ۾ هوءَ هڪ بستي ’ابوا ‘ وٽ پهتي،
آسپاس ٻيو ڪير به نه هو. هڪ ننڍي حبشي ٻانهي ۽ ڇهن سالن جو ٻارڙو. سندس ٻانهي بَرڪه ايندڙ ويندڙ قافلن کان سيده جي بخار جي لاءِ دوا گهرندي رهي. ڇهن سالن جو رسول الله ﷺ پنهنجي زندگي جي واحد سهاري، بخار ۾ ڌڳندڙ پنهنجي اُڃايل امڙ جي لاءِ پاڻي جي ڳولا ۾ هيڏانهن هوڏانهن واجهائيندو وتيو.
صديون اڳ، سندس اباڻي گهر ڪعبي جي ٺهڻ کان، اڳ ان جي اڱڻ جي پاسن کان فلسطين کان ايندڙ سندس وڏي بيبي حاجران جي ٿڃ پياڪ ٻارڙي اسماعيلعه جي لاءِ پاڻيءَ جي ڳولا ۾ صفا ۽ مروه جي ٽڪرين جي وچ ۾ ڊوڙندي رهي، هاڻ ائين ئي ڇهن سالن جو رسول الله ﷺ پنهنجي ننڍڙن قدمن سان پريشان ۽ ڏکويل امڙ جي لاءِ ’ابواء‘ جي ٽڪرين تي ڊوڙندو رهيو.
ڪٿان پاڻي ملي وڃي،
سندس بيمار امڙ چاڪ ٿي وڃي،
رسول الله ﷺ جو ماءُ کانسواءِ ٻيو ڪوبه سهارو نه هو.
پيءُ سندس جنم کان ٻه مهينا اڳ گذاري ويو هو. پاڻ پيءَ جي قبر تان ٿي آيا هئا. گهر ۽ خاندان اُٺن ڏينهن جي پنڌ تي پري مڪي ۾ هو. علائقو اڻڄاتل ۽ ويران هو، نه ڪو ساٿي نه ڪو مِٽ مائٽ، سفر جو سامان به ٿورو هو، جيڪو به کپي ويو هو. هڪ ننڍي عمر جي ٻانهي هئي بَرڪه ، جيڪا ڀڄ ڊڪ ڪندي رهي. کاڌي پيتي ۽ علاج جي ذميداري هن پنهنجي ذمي ڪري ورتي هئي.
ڪيڏي نه بي وسي هوندي ننڍڙي رسول الله ﷺ جي.
سندس ڪائنات، سندس امڙ، سندسن سامهون بخار ۾ ڌڳندي هوريان هوريان موت ڏانهن وڌي رهي هئي. ننڍڙي رسول الله ﷺ کي ڪهڙي خبر ته موت ڇا هوندو آهي. امڙ جو گرم تپندر جسم، بي سُرت ڳاڙهيون اکيون ۽ ٻرندڙ نبض رسول الله ﷺ جي ننڍڙي ذهن کي ڏکن ۾ ڌڪي رهي هئي. سفر جي دوران اڻڄاتل ويرانيءَ ۾ پنهنجن ۽ پَراون کان ڪوهين ڏور پنهنجي زندگيءَ جي سڀ کان قيمتي هستي کي ايئن موت طرف ويندو ڏسڻ، هڪ ڇهن سالن جي ٻارڙي لاءِ ڪهڙي حيثيت ٿي رکي.
اِهو، اُهو ئي سوچي سگهي ٿو، جنهن جو ڪوبه نه هجي.
هو هجي به هڪ ويران بيابان ۾، جتي هڪ واحد پياري هستي هجي، جيڪا وڇڙڻ واري هجي.
الائي ڪيترا ڀيرا رسول ﷺ پنهنجي ننڍن ننڍن هٿڙن کي پکيڙي خدا جي اڳيان ليلايو هوندو، اي پهاڙن ۽ ريگستانن ۾ هوائن کي هلائيندڙ، اي آسمان مان برسات وسائيندڙ، تون ڪعبي جي ديوار جي ڇانوَ ۾ منهنجي کليل هٿن سان گهريل دعائون ٻُڌي ان خشڪ بنجر ۽ سنگلاخ ماٿريءَ تي ڪڪر وسائيندو هُئين، اڄ ڏس منهنجا هي هٿ ٻيهر کليل آهن. هنن هٿن جي ترين تي تنهنجي ڪڪرن جي برسات بدران منهنجي اکين مان ڪريل لڙڪ آهن. اڄ تون منهنجي اکين جي برسات کي ڏسي رحم ڪر. منهنجو ته پيءُ به ڪونهي. مون ته کيس ڏٺو به ڪونه هو، نه ڪو ڀاءُ اٿم، نه ڪا ڀيڻ اٿم، هڪ جيڪو ڪراڙو ڏاڏو اٿم، ان کي به خبر ڪونهي ته اسين ڪٿي آهيون، اسان تي ڇا پيو وهي واپري، هتي ڪو منهنجو مِٽ مائٽ به ڪونهي، ڪو واقف ڪار به ڪونهي، ڪو اڻ واقف به ڪونهي، اسين ته وارياسي رڻ جا ڏکويل مسافر آهيون. بس منهنجي سڄي ڪائنات منهنجي هيءَ امڙ آهي. کيس چاڪ ڪر، کيس بچائي. تنهنجي سڄي مخلوق جي جيئرن ننڍڙن ٻارڙن کي سندن اَمڙيون ئي پالين ٿيون. جيڪڏهن منهنجي امڙ گذاري ويئي ته مونکي ڪير پاليندو؟
يا الله منهنجي ماءَ کي بچائي.
خبر ڪونهي ننڍڙي رسول الله پنهنجي خدا کان ڪيتريون دعائون گهريون هونديون. اُنهن پهاڙين تي الائجي ڪيترو ڏکوئجي ڊوڙيو هوندو. هن آسمان ۽ ان ماٿريءَ جي پٿرن ڪيتري نه بي وسي رسول خدا جي چهري تي ڏٺي هوندي. امڙ آمنه جي طبيعت جيئن پوءِ تيئن خراب ٿيندي ويئي. وقفي وقفي سان تيز بخار چڙهندو ويو. جسم بخار سبب دَڳي رهيو هئس، سخت سور سبب هوءَ ڪنجهڻ ٿي لڳي. مليريا جڏهن بگڙي وڃي ته دماغ تي چڙهي ويندو آهي. مٿو ڦاٽڻ لڳندو هو. بي هوشيءَ جا دورا پوندا آهن. ٽنگون ۽ ٻانهون آڪڙجي وينديون آهن. اکيون مٿي ڇڪجي وينديون آهن. اکين جون ماڻڪيون به ڦري وينديون آهن. رسول الله ﷺ پنهنجي امڙ جي اها حالت ڏٺي هوندي هئي.
پاڻ ڪيترو نه تڙپيا هوندا.
پوءِ يتيم جي امڙ گذاري ويئي.
ويران اڻڄاڻ هنڌ تي، جتي نه ڪو پنهنجو هو نه پرايو.
هڪ سورنهن سالن جي بي وس حبشڻ ٻانهي ۽ ڇهن سالن جو يتيم لاچار رسول ﷺ . خَبر ڪونهي ته ڪيئن اُن اجنبي ويران واريءَ ۾ هو. اُڀين ٽڪرين ۾ سفر جي دوران پاڻ پنهنجي امڙ جي جسم کي ڪفن پهرايو هوندو. سندس ننڍين ننڍين ٻانهن سان ڏاڍي ڏکيائيءَ سان قبر کوٽي ويئي هوندي. رستي ۾ امڙ جي ميت لاءِ هن رتورت حوصلن سان ڪجهه ٻين مسافرن جو انتظار ڪيو هوندو ته ڪو اچي ۽ سندس امڙ جي لاءِ قبر کوٽي.
پوءِ قبر کوٽي ويئي.
بيابان رستي ۾ هڪ غريب الوطن بيوهه ماءُ کي قبر ۾ سمهاريو ويو.
پاڻ پنهنجي ننڍن ننڍن هٿڙن سان مٽيءَ جي هر ٻُڪ سان سندس امڙ جو جسم کانئس اوجهل ٿيندو پي ويو. پوءِ سندس امڙ مٽي جي ڍڳن هيٺيان دٻجي ويئي.
قبر کوٽيندڙ واٽهڙو پنهنجي واٽ وٺي رمندا رهيا.
ماءُ جي قبر وٽ هڪ ڇهن سالن جو يتيم ۽ هڪ سورنهن سالن جي حبشڻ ٻانهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪير به بيٺل نه بچيو. سندس اباڻي شهر ۾ ڏاڏهنس جو گهر به اڃا اَٺن ڏينهن جي مسافريءَ تي هو.
کين اٺ ڏينهن ۽ اٺ راتيون انهن ئي ويران ريگستاني بيابانن مان لنگهي وڃڻو پوندو.
امڙ هتي ئي مِٽيءَ جي ڍڳ هيٺان سُمهيل رهندي.
خدا ٿو ڄاڻي ته رسول الله ﷺ ڪيترا ڀيرا تڙپي بيٺا هوندا. ڪيترا ڀيرا سڏ ڪيا هوندا. پنهنجي امڙ جي قبر سان ڪيترا ڀيرا لپيٽجي تڙپيا هوندا. ڪيترا ڀيرا امڙ کي چميو هوندائين.
امان هتي بَرپٽ ۾ ڇو اکيون ٻُوٽي سمهي پيئي آهين.
مون سان گڏ ڪير هلندو؟
منهنجو خيال ڪير رکندو. اڃا ته گهر گهڻو پري آهي.
گهر ۾ به ته امان توکانسواءَ ٻيو ڪير ڪونهي.
تون ته مونکي پيءَ جي قبر ڏيکارڻ آئي هئينءَ، پنهنجي قبر ڇو ڏيکاريءَ،
امان اُٿ
مون سان هَل
مون کان اڪيلو وڃڻ نه ٿو ٿئي،
ڏس ته سهي .. آءٌ اڃا ڪيترو نه ننڍڙو آهيان.

سيدنا عبدالمطلب

سيدنا عبدالمطلب

امڙ کي ويران بيابان ۾، سفر جي دوران ’ابواء‘ جي هنڌ وٽ دفنائي رسول الله ﷺ پنهنجي سنڀاليندڙ ٻانهيءَ سان گڏ ڪيئن ڀڳل دل ۽ شڪسته روح سان مڪي پهتو هوندو. ڇهن سالن جي ننڍڙي رسول اللهﷺ کي اهڙي حال ۾ ڏسي سندس مهربان ۽ شفيق ڏاڏي سيدنا عبدالمطلب جي دل ڪيتري نه ڏکي هوندي.
اها سوچڻ جي ڳالهه آهي.
سيدنا عبدالمطلب ڪيتري دير پنهنجي معصوم لاڏلي پُوٽي کي گلي لڳائي لڙڪ وهايا هوندا. اهو رسول الله ﷺ ئي ڄاڻندا هوندا. ڏاڏي ڪيئن نه تڙپي تڙپي رسول الله ﷺ ۽ سندس دائي بَرڪه کان پنهنجي بيوه ننهن جي زندگيءَ جي آخري ڏينهن جو داستان ٻُڌو هوندو. ان گهڙيءَ سيدنا عبدالمطلب کي پنهنجي سڀ کان پياري سڀ کان سُهڻي پٽڙي سيدنا عبدالله جو موت ياد آيو هوندو. اهو جنهن جي لاءِ هن سئو اٺ قربان ڪيا هئا. اهو جيڪو رسول خدا ﷺ جي جنم کان ٻه مهينا اڳ کانئس پري يثرب ۾ گذاري ويو هو. سندس ڏک ڪيترو نه گهرو ڏک هوندو. ڇُٽل ڦٽَ هڪ ڀيرو ٻيهر چِڪي پيا هوندا.
سيدنا عبدالمطلب جا ٻارنهن پٽ ۽ ڇهه نياڻيون هيون. انهن پٽن ۽ ڌيئن جو اولاد يعني سندس ڪيترائي پوٽا پوٽيون، ڏهٽا ۽ ڏهٽيون هونديون. سيدنا جو هڪ وڏو ڪٽنب هو، پر سڄي ڪٽنب ۾ کيس سڀني کان وڌيڪ سيدنا عبدالله سان پيار هو. جيڪو پنجويهن ورهن جي وهيءَ ۾ هو. کانئس پري يثرب ۾ گذاري ويو هو. هاڻ اهو سڄو پيار سيدنا عبدالله جي ڇهن سالن جي پُٽڙي رسول الله ﷺ جي لاءِ هو، جنهن جي ماءَ يثرب مان واپس مڪي ورندي، ’ابواء‘ ۾ رستي ۾ گذاري ويئي. سيدنا عبدالمطلب هر وقت پنهنجي پوٽي کي پاڻ سان گڏ رکندو هو. ڪڏهن آڱر مان جهلي پيو وٺيو هلندو هوس ته ڪڏهن کيس پنهنجن ڪراڙن ڪلهن تي ويهاريندو هو. ڪعبي جي ڀت جي ڇانوَ ۾ وڇايل مخصوص غاليچي تي ويهندو هو ته رسول اللهﷺ کي به پاڻ سان گڏ ويهاريندو هو. سيدنا چوندو هو، منهنجو هي ٻارڙو وڏي شان وارو آهي. دستر خوان وڇائيندو هو ته ان مهل تائين گرھ به نه کڻندو هو، جيستائين رسول الله ﷺ کائڻ شروع نه ڪندا هئا.
مڪي جي سردار سيدنا عبدالمطلب وٽ عربستان جي ويجهن ۽ ڏورانهن علائقن مان صاحب علم ۽ دانا ماڻهو به ايندا هئا. ڪعبي جي حطيم ۾ وڇايل غاليچي وٽ عربستان جي رئيسن ۽ چڱن مُڙسن جون وڏيون محفلون مچنديون هيون.
هڪ ڀيري ڪعبي جي ڇانوري ۾ وڇايل غاليچي وٽ اهل علم وارن جي هڪ محفل متل هئي، ’بنو مدلج‘ جي قيافه شناسن جو سڄي عربستان ۾ وڏو احترام هو. کين ٻارن جي پيرن کي ڏسي، سندن ايندڙ ڏينهن جي تقدير پڙهڻ ۾ خاص مَلڪو حاصل هو. ان سلسلي ۾ هُنن جي وڏي شهرت هئي، ماڻهو سندن ڳالهين کي سنجيدگيءَ سان وٺندا هئا، هو وڏا جتن ڪري پنهنجن ٻارڙن جي قسمت جو حال کانئن وٺندا هئا. هڪ ڀيري انهن قيافه شناسن جو چڱو مڙس حطيم ۾ اچي ويٺو هو.
هو طواف ڪري، مقام ابراهيم وٽ دعا گهري موٽيو هو.
مقام ابراهيم وٽ هن قديمي سڳوري پٿر تي موجود حضرت ابراهيم عليه السلام جي پيرن کي ڌيان سان ڏٺو هو.
حطيم ۾ اچي هو سيدنا عبدالمطلب جي پاسي ۾ ويٺل معصوم رسول الله ﷺ جي پيرن جي ترين کي ڏسي ڇرڪيو. هن ڏاڍي ڌيان سان رسول الله ﷺ جي پيرن کي ڏٺو، پوءِ اُٿي وڃي مقام ابراهيم تي پٿر ۾ محفوظ ابراهيم جي پيرن جي نشانن کي ڌيان سان ڏٺائين. واپس وري، هن حطيم ۾ ويٺل سڀني ماڻهن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو، پوءِ قريش سردار سيدنا عبدالمطلب کي مخاطب ٿي چيائين.
سردار
هن ٻارڙي جا پير اوهانجي وڏڙي ابراهيم جي پيرن سان عين ملن ٿا.
ههڙي هڪجهڙائي مون اڳ ۾ نه ڪڏهن ڏٺي، نه ٻڌي.
سيدنا عبدالمطلب پنهنجي اولاد مان ڀرسان ويٺل سيدنا ابوطالب کي مخاطب ٿي چيو هن جي ڳالهه ڌيان سان ٻُڌ.
۽ سمجهه
سيدنا ابوطالب پنهنجي سڄي زندگي پنهنجي پيءُ جي اها نصيحت نه وساري. ڪعبي ۾ ايندڙ اهل ڪتاب ڪعبي ۾ اچي ٻڌائيندا رهندا هئا ته اوهانجي هن پُوٽي جو مستقل ۾ وڏو شان ٿيندو. کيس ڪيترن ئي واقفڪارن ٻڌايو هو ته سندس اهو ئي پوٽو هن اُمت جو آخري نبي ٿيندو. سيدنا اڪثر رسول الله ﷺ کي سنڀاليندڙ بُرڪه کي تاڪيد ڪندو رهندو هو ته منهنجي هن پوٽي جو خاص خيال رکندي وڃ.. هڪ ڀيري هن رسول الله کي ”سدره“ جي ويجهو ٻارن سان گڏ کيڏندي ڏٺو ته بَرڪه کي نصيحت ڪئي ته اڳتي ايئن نه ٿئي، هي عام ٻارڙو ڪونهي. اُمت جو ٿيندڙ نبي آهي.
رسول خدا ﷺ اٺن سالن جا اچي ٿيا.
سيدنا عبدالمطلب وڃي موت جي بستري ڀيڙو ٿيو.
اها 579ع جي ڳالهه آهي.
سيدنا عبدالمطلب هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي پُٽ سيدنا ابوطالب کي گهرايو.
سيدنا ابوطالب آيو،
سيدنا عبدالمطلب، سيدنا ابوطالب کي اشاري سان پنهنجي ويجهو گهرايو. پوءِ ڀرسان ويٺل اٺن سالن جي رسول الله ﷺ جو هٿ سندس هٿ ۾ ڏيئي چيو.
تون محمد ﷺ جي پيءُ جو ماءُ ڄائو ڀاءُ آهين.
هيءَ سڳوري امانت تنهنجي حوالي ٿو ڪريان،
تون پنهنجي ڀائيٽي جي پرورش ڪج،
سڄي زندگي هن جي سرپرستي ڪرڻي اٿئي،
کيس هر ڏک، تڪليف ۽ خطري کان بچائڻون آهي.
سيدنا ابو طالب ڪنڌ جهڪائي نهايت عجز ۽ احترام سان دل تي هٿ رکي اقرار ڪيو ۽ رسول خداﷺ کي ڳلي سان لڳايو. ننڍڙو رسول الله ﷺ پريشانيءَ مان بستري ڀيڙو ٿيل ڏاڏي ۽ محبت مان ڏڪندڙ چاچي ابوطالب تي ڏسندو رهيو. سندس ذهن ۾ شايد واري يثرب ۾ موجود پنهنجي پيءُ جي قبر ۽ ’ابوا ‘ ۾ رستي ۾ ٺهيل پنهنجي امڙ جي قبر جا منظر اُڀريا هوندا. پاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر موت جي هٿان پنهنجي پياري هستيءَ جي کوئجي وڃڻ جي غم ۾ ڏڪي رهيا هئا.
سيدنا عبدالمطلب کي احساس ٿيو ته سندس آخري وقت اچي ويو آهي.
هن پنهنجي ڇهن ڌيئرن کي گهرايو، پنج پرڻيل هيون، باقي صفيه جيڪا حمزه جي ننڍي ڀيڻ هئي، اڃا ڇهن سالن جي هئي. سيدنا عبدالمطلب پنهنجي نياڻين کي پيار ڪيو، واري واري سان سڀني کي گلي سان لڳايو، هنن جا نرڙ چميا، پوءِ چوڻ لڳو: منهنجون ٻچڙيون. آءٌ اوهان کان جدا ٿيڻ وارو آهيان.
ڌيئرون تڙپي اُٿيون،
غم سبب بي حال ٿيڻ لڳيون،
منهنجي مرڻ تي اوهين جيڪو مرثيو چونديون، اهو هينئر ئي چئي ٻڌايو، آءٌ ٻُڌڻ ٿو گهران.
وڏين ڌيئرن پنهنجي شاندار پيءُ جي شان ۾ مرثيي جا شعر چيا.
سيدنا موت جي بستري ڀيڙو ليٽيو، اهي ٻُڌندو رهيو
پوءِ موت کان هڪ ڀيرو اڳ اک کوليائين۽ آهستي چيائين:
هائو، منهنجي مرڻ تي اهڙيون عقل ڀريون ڳالهيون ڪجو.
پنهنجي لاڏلي پوٽي محمد ﷺ کي سڏي پيار ڪيو.
۽ پوءِ وٽس ويٺل اهل ۽ عيال کي اک جي اشاري سان الوداع چئي سدائين جي لاءِ اکيون ٻوٽي ڇڏيائين.
سيدنا کي مڪي جي حجون قبرستان ۾ دفنايو ويو.

راهب بحيريٰ

راهب بحيريٰ

اهو گرمين جي شروعاتي ڏينهن مان هڪ گرم ڏينهن هو.
نيڻ نهار تائين پکڙيل صحرائي واري جي ڍڳن تي اُس تِرڪندي تِرڪندي ٿڪي پيئي هئي، سج هوريان هوريان اولهه ۾ لهڻ شروع ٿي ويو هو. اهو عيسائي سلطنت روم جي ڏن ڀَرو مملڪت شام جو سرحدي شهر بحريٰ هو، اڄڪلهه بصريٰ اردن ۾ سرحد کان 19 ڪلوميٽر اتر طرف آهي. بصريٰ جي معنيٰ آهي ”اوچو قلعو.“ اوچائيءَ تي موجود ان کي بصريٰ و شام به چوندا آهن. قبائلي ان کي ”ادومڪا“ ۽ ”بصوراه“ چوندا هئا. اهو هنڌ دمشق کان 150 ڪلوميٽر اولهه ۾ آهي.
ان زماني ۾ اهو واپاري شهر هو، مڪي جا واپاري قافلا دمشق ۽ قيصر جي گاڌي واري هنڌ قسطنطنيه ويندي، ستٽيهه، اٺٽِيهه ڏينهن جي مسافري کانپوءِ بصريٰ پهچندا هئا. ان جي اوڀر ۾ حيره مان ايندي به قافلا اتي ئي اچي ڊاٻو ڪندا هئا. حيره، ايران ۽ شام جي وچ ۾ ويرانين جي شاهوڪار ڏن ڀرو رياست هئي.بصريٰ جي اولهه ڏکڻ ۾ فلسطيني شهر غزه کان حيره ۽ فارس ڏانهن ايندڙ قافلا به اتي ئي ترسندا هئا.. انهن سڀني واپاري قافلن جي پڙاءُ جي ڪري بصريٰ ڇهين صدي عيسوي جي اٺين ڏهاڪي ۾ هڪ خوشحال ۽ پُرامن وسندي هئي، وڏا ويڪرا ريتيءَ سان جڙيل رستا ۽ گهٽين جي ٻنهي پاسن نفيس تراشيل پٿرن جي بلاڪن سان ٺهيل اوچن گهرن جا ويڪرا اڱڻ ۽ ڀتين ۾ گول اُوچا محراب هئا. ان ئي وسنديءَ جي ريگستان طرف مڪي کان رستي جي سامهون شهر کان ٻاهر هڪ اوچو ٽه ماڙ باسليق مخروطي دارالقضا هو. ان جي اندر هڪ سڳوري درگاهه هئي.
درگاهه، حضرت عيسيٰ عليه السلام جي هڪ سڳوري حواري ’سينٽ برجيس‘ سان منسوب هئي.
درگاهه سان گڏ ديول جي هڪ وڏي عمارت هئي.
پيڙهين کان اُن ۾ عالم فاضل راهب رهندا هئا.
اُنهن ڏينهن اتي هڪ اُجري من وارو سوچ ويچار ۾ ٻُڏل رهندڙ هڪ عيسائي راهب بحيريٰ رهندو هو. وٽس ستن پيڙهين کان ايندڙ علمي خزانا هئا، جنهن جي ڪري هو عربستان ۾ ٿيندڙ هر علمي ۽ روحاني انقلاب کان واقف هو. سندس ڪتاب اُن ٿيندڙ عظيم روحاني تبديلي جي خبر ڏيئي رهيا هئا.
اُن ڏينهن هو پنهنجي ديول جي ڀت تي چڙهي صحرا مان ايندڙ اُٺن جي هڪ قافلي کي ڌيان سان تڪيندو رهيو. هن جي اڳيان عجيب ماجرا هئي. حيرت ۾ وجهندڙ منظر، جيڪي هن ڪتابن ۾ پڙهيا هئا. ان ڏينهن ڏٺا هئائين. هو ڀڄندو پنهنجي لئبرريءَ ۾ ٿي ويو. ڪتابن ۾ مور پنک جي نشانين ۾ لکيل تحريرن مان پنهنجن شاهدين جي پڙتال ٿي ڪيائين. پوءِ وري ڊوڙي ڇت تي ٿي ويو، پوءِ زرد ٽڪرين تان ايندڙ اٺن جي قافلي سان لاڳاپيل پنهنجن شاهدين تي حيران پي ٿيو. کيس خبر هئي ته مڪي مان ايندڙ قافلن جي رستي ۾ يثرب آهي. پوءِ تيماء مان لنگهي اهو قافلو ’دومته الجندل‘ کان ٿي آيو هوندو. اهڙو قافلو فقط مڪي مان ئي اچي سگهيو ٿي، جنهن سان لاڳاپيل حيرت انگيز نظارا کيس نظر اچي رهيا هئا. وڻ ٽڻ، پٿر ۽ پهاڙ رستي جي هر شئي ان قافلي ۾ موجود، ڪنهن سڳوري هستي کي جهڪي سلام ڪري رهيا هئا. قافلو هوريان هوريان شهر جي ٻاهر جڙيل خانقاهه طرف وڌي رهيو هو. اُس سبب سڙيل آسمان تي هڪ خوشگوار ڪڪر جو ٽڪرو قافلي جي مٿان قافلي جي ئي رفتار سان هلندو پي آيو. قافلو ويجهو ايندو پي ويو.
راهب بحيريٰ جي دل جي ڌڙڪڻ تيز ٿي رهي هئي.
سندس دل اندر ۾ اُڇلون ڏيئي رهي هئي.
قافلي جا اُٺ هلندي هلندي ان خانقاهه جي ڀرسان هڪ گهاٽي وڻ جي هيٺان پهتا. لهندڙ سج جي، ترڇي اُس سبب وڻ جو پاڇو ڊگهو ٿي پري ٿي ويو هو. پر راهب بحيريٰ جيڪو منظر ڏٺو، ان سان سندس دل سان گڏ سندس هٿ به ڪنبڻ لڳا هئا. قافلي جا ڪجهه اُٺ جڏهن ان وڻ جي هيٺان آيا ته قافلي سان گڏ هلندڙ ڪڪر به وڻ جي مٿان بيهي رهيو. ۽ وڻ جون ٽاريون مُحبت ڀريل هٿن جيان هوريان هوريان ايئن پکڙيون ۽ جُهڪيون، جو پري ٿيندڙ ڇانورو انهن روڪي ورتو. وڻ جو سڄو پاڇو قافلي تي ڇانئجي ويو.
قافلي جا ماڻهو پنهنجن پنهنجن اُٺن تان پاکڙا لاهڻ لڳا.
راهب بحيريٰ اکيون ڦاڙي، تيز ڌڙڪندڙ دل سان عقيدت ۽ محبت جي جذبن سان ٽٻٽار بڙ بڙائڻ لڳو.
هو اچي ويو
جيڪو اچڻ وارو هو،
هو تڪڙو تڪڙو ديول جي ڀت تان لٿو. ديول ۽ درگاهه ۾ پنهنجن ماڻهن کي سڏي هُن گڏ ڪيو. هڪ سياڻي کي قريبي وڻ جي هيٺان ترسيل اُٺن جي قافلي وارن لاءِ نياپو ڏيڻ لاءِ موڪليو. کين چورايو ته اڄ شام جي هو ماني وٽس اچي کائن. هو سڀئي درگاهه جا مزمان آهن. راهب بحيريٰ جا مزمان آهن.
پيغام ڏيڻ وارو پيغام کڻي ويو.
راهب بحيريٰ دعوت جي تيارين ۾ جُنبي ويو.
درگاهه ۽ ديول ۾ کاڌي پيتي جو سامان جهجهي مقدار ۾ موجود هو. راهب بحيريٰ جي دل چئي رهي هئي ته دعوت ۾ هرڪا بهترين شئي دسترخوان تي سجائي. کيس تڪڙ هئي ته ايندڙ مسافر متان اڳ ۾ ئي ڪجهه کائي پي نه وٺن.
سندس نياپو پهچي ويو
قافلو مڪي مان آيو هو.
اِهي همراهه اڳ به هتي ايندا رهندا هئا، راهب بحيريٰ جي دعوت جو نياپو- ملين ته هو خوش دليءَ مان مُرڪيا، ۽ حيران به ٿيا، ته راهب بحيريٰ اڳ ۾ ته ڪڏهن به اهڙي مهرباني نه ڪئي هئي. راهب بحيريٰ ماڻهن ۾ هڪ ماٺ ۾ رهندڙ گهٽ ڳالهائڻو ۽ اڪيلائي پسند عالم طور ڄاتو ويندو هو. سندس طرفان مانيءَ جي دعوت قافلي جي ٻاويهن ماڻهن لاءِ خوشگوار ۽ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه هئي.
ماني تيار هئي.
مهمان پهچڻ شروع ٿي ويا.
راهب بحيريٰ پنهنجي ٽه ماڙ تراشيل پٿر جي بلاڪن مان جُڙيل ديول جي محراب ٻاهران ڀت سان، دروازي جي چائنٺ کان ٻه وکون ٻاهر اُٺن جي اُن مان ٺهيل ڊگهي قبا پايو، ڳچيءَ ۾ صليب لڙڪايو ٻاهران ايندڙن جو مرڪي آڌر ڀاءُ ڪري رهيوهو. هو هر ايندڙ کي وڏي ڌيان سان ڏسي ۽ پرکي رهيو هو. پر کيس جنهن جو اوسيئڙو هو، اهو چهرو نظر نه آيو. نيٺ هن قافلي وارن کان پُڇيو:
شايد، سڀ نه آيا آهن. ڪو پُويان رهجي ويو آهي ڇا؟
قافلي وارن چيو، سڀ آيا آهيون. رڳو هڪ ٻارڙو پويان اٺن جي سار سنڀال لاءِ ڇڏي آيا آهيون.
نه نه ائين نه ڪريو
مون چيو هو ته قافلي جو هر فرد، پوڙهو، جوان، ٻُڍو، ٻار، آزاد، غلام هر ڪو دعوت تي اچي. اُٺن جي سنڀال ڪندڙ کي خبر ناهي ڪهڙن ڪهڙن جهانن جي رکوالي ڪرڻي آهي.
سڀني کي سڏيو
قافلي وارن کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو.
انهن مان ڪو پويان رهجي ويل ٻارڙي کي سڏڻ جي لاءِ ويو
هو اچي ويو
راهب بحيريٰ سُڃاڻي ويو
راهب بحيريٰ مهمانن جي آڌر ڀاءُ ۾ لڳو رهيو. پر سندس دل ٻارڙي ۾ اٽڪيل هئي، سندس اکيون به مٿس کُتل هيون. ماني کائي ختم ڪيائون ته راهب بحيريٰ هوريان هوريان گسڪندون مبارڪ ٻارڙي وٽ ويو ۽ عقيدت ۽ احترام مان ٻارڙي جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺي چيائين.
صاحبزادا،
جيڪڏهن اجازت ڏيو ته ڪجهه سوال پُڇان. جواب مرڪندڙ هاڪار ۾ هو.
راهب بحيريٰ هٿ ۾ ورتل هٿ احترام مان دٻايو ۽ چيائينس، لات ۽ عزيٰ جو قسم کائي رڳو سچ جواب ڏج. راهب بحيريٰ کي جيڪا وراڻي ملي، ان تي هو مرڪڻ لڳو، جواب هي هو ته آءٌ رڳو سچ ڳالهائيندو آهيان ۽ مون ڪڏهن به لات ۽ عزيٰ جو قسم نه کنيو آهي. راهب بحيريٰ ان روشن چهري واري شاندار مُرڪندڙ ٻارهن سالن جي ٻارڙي وٽ کجيءَ جي ڦڙن مان ٺهيل تڏي تي ويٺو ۽ هڪ هڪ ڪري پنهنجا سوال پُڇڻ لڳو، ڀرپاسي ويٺل قافلي جا ٻيا ماڻهو اڃا تائين کاڌل مزيدار ماني جي مزي ۾ ٻڏل هئا ۽ هڪٻئي سان ڪچهري ڪري رهيا هئا، ڪنهن ڪنهن مهل هنن مرڪندي پنهنجي ميزبان راهب بحيريٰ کي ٻارهن سالن جي ٻارڙي جو هٿ جهلي شوق مان ساڻس ڳالهيون ڪندي ڏسي، ڀرون کڻي نظرن ئي نظرن ئي ۾ پنهنجي قافلي جي اُن ٻارڙي کي واکاڻي ۽ پوءِ وري ڳالهين مُهاڙين ۾ لڳي ٿي ويا.
هڪ اٺيتالهن سالن جو ڊگهو پروقار قريشي سردار ٻارڙي وٽ ويٺو ڌيان سان راهب بحيريٰ ۽ ٻارڙي جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو. ڳالهيون ٻڌي ان سردار جو چهرو فخر ۽ خوشيءَ سبب چمڪڻ ٿي لڳو. راهب بحريٰ ٻارڙي کان جاڳڻ سمهڻ جي عادتن کان وٺي ٻيا به ڪيترائي سوال پڇيا، نيٺ هو ڀرسان ويٺل سردار سان مخاطب ٿيو.
چيائين: هي ٻارڙو ڪنهن جو آهي؟
ڀرسان ويٺل سردار ابوطالب هو، جنهن چيو هي منهنجو پُٽ آهي.
راهب بحيريٰ نهڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
چيائين: ٻارڙي جو پيءَ هن وقت جيئرو نه هوندو.
سردار حيرت مان اکيون کوليون
چيائين؛ تون صحيح ٿو چوين
آءٌ هن جو چاچو آهيان.
ٻارڙي جو پيءُ سندس جنم کان ٻه مهينا اڳ گذاري ويو هو.
راهب بحيريٰ ڀرون مٿي کنيا. ڪنڌ ڌوڻيو،
اهو ئي آهي،
موڪل هجي ته ٻارڙي جي ڪلهن جي وچ ۾ پُٺيءَ کي ڏسان.
ٻارڙي پنهنجي ڪلهي وٽان پُٺي تان پنهنجي عبا سرڪائي.
ماني کائيندي رات پئجي ويئي هئي. ڀرسان ئي هڪ ڏيئو ٻري رهيو هو. راهب بحيريٰ ڏيئو پنهنجي هٿ ۾ کنيو ۽ ٻارڙي جي ڪلهي وٽ پُٺيءَ تي ڪلهي جي وچ ۾ سون جي دينار جهڙي ڀريل گوشت جي هڪ مُهر کي احترام مان ڇهي پنهنجي هٿن کي چپن سان لڳايو. ٻرندڙ ڏيئو وري طاق تي رکيائين ۽ هڪ ڊگهو ساھ کڻي، ڪنهن بي حد سڳوري ۽ عظيم الشان انڪشاف سبب پنهنجي چمڪندڙ اکين سان سردار ابوطالب کي ٻانهن مان جهلي هڪ پاسي ڇڪيندي چيائين:
خبر اٿئي تنهنجو ڀائيٽو ڪير آهي؟
ڪير؟
هيءَ ٻنهي جهانن جو سردار آهي.
هيءَ سڀني جهانن جي لاءِ رحمت بنائي موڪليو ويو آهي،
هيءَ خدا جو رسول ﷺ آهي
آخري رسول
جهانن جو آقا ﷺ .
سرٻاٽ ڪندي چيائين: آءٌ ڏينهن جو پنهنجي ديول جي ڀت تان اوهانجي قافلي کي ڪيترائي ميل پري کان ايندي ڏسندو رهيس. مٿي، پهاڙ، وڻ ٽڻ سڀ کيس سجدو ڪري رهيا هئا. اهو تعظيمي سجدو، سڄي مخلوق رڳو خدا جي نبيءَ کي ڪندي آهي. مون ڪڪر کي قافلي سان گڏ هلندي ڏٺو. اُس جو هڪ به تيز ڪرڻو خدا پنهنجي رسول ﷺ جي چهري تي پوڻ نه ڏنو. سڀ نشانيون لکيل آهن، جيڪي نسل در نسل آئون عالمن کان ٻڌندو آيو آهيان. اڄ ڏٺيون اٿم. هن سردار ابوطالب کي هڪ طرف وٺي وڃي ڪن ۾ چيو.
سردار تون پنهنجي ٻارڙي کي اڳتي دمشق يا قسطنطنيه وٺي نه وڃ. سلطنت شام ۾ يهودي به آهن. يهودي عالم پنهنجي ٻارڙي جيان هن کي سُڃاڻي وٺندا. سندن دلين ۾ مير ۽ بغض آهي، مونکي انهن پاران ٻارڙي کي ڪنهن نقصان پهچڻ جو ڊپ آهي. تون هن سفر ۾ پنهنجو واپاري نفعو ڇڏ. هن مبارڪ ٻارڙي کي واپس پنهنجي شهر مڪي وٺي وڃ. سندس خيال رکج.
اوهان سمجهي ويا نه ته هي ٻارڙو ڪير آهي؟
سردار ابوطالب مُحبت مان اکيون کولي سڀ راز ڄاڻندڙ وانگر ڪنڌ ڦيرايو. شايد کيس پنهنجي والد سردار عبدالمطلب جي ڪيترا ڀيرا ڪيل بشارتون ياد آيون. شايد کيس ياد اچي ويو ته هن ئي ٻارڙي جا هٿ پکيڙي عبدالمطلب مڪي جي خشڪ ساليءَ ۾ برسات پوڻ جي لاءِ دعا گهرندو هو ۽ برسات وسندي هئي. ڪتابن ۾ لکيل آهي ته سردار ابوطالب پنهنجي واپاري نفعي نقصان کي بي پرواهه ٿي راهب بحيريٰ جي چيل ڳالهه تي عمل ڪندي اُن مبارڪ ٻارڙي کي واپس مڪي وٺي آيو. اڳتي روم سلطنت نه ويو. ابن ڪثير اهو به لکيو آهي ته اڳتي روم مان ست يهودي کيس ان ئي رستي تي ڳولڻ جي لاءِ نڪتا ۽ هو بحيرا وٽ پهتا.
راهب بحيريٰ سندن بُڇڙي نيت ٻڌي چيو : هڪ ڳالهه ته ٻڌايو.
چيائون ، چئو.
راهب بحيريٰ چيو: اهو ته ٻڌايو ته جيڪڏهن خدا ڪنهن اَمر جي هئڻ جو ارادو ڪري ورتو آهي ته ڇا ڪو ان کي روڪي سگهي ٿو؟
چيائون: نه.
سوچيو
نه .
روڪڻ جي ڪوشش ته فرعون به ڪئي ، موسيٰ جي لاءِ .
هُون.
هو روڪي سگهيو ڇا. ان اَمر ربيءَ کي؟
نه
ته پوءِ اوهين ڇو رُلندا پيا وتو، جتان آيا آهيو، اوڏانهن موٽي وڃو.
جيڪو ٿيڻون هوندو سو ٿيندو.
جيڪو خدا کي ظاهر ڪرڻو آهي، اهو ظاهر ٿيندو.
هو سَت ئي موٽي ويا. ويندي ويندي اهو به ٻڌائيندا ويا ته ستن ٻين رستن تي به اسان جهڙا ماڻهو موڪليا ويا آهن ته هُو جتي به نظر اچي، کيس ماري ڇڏجو. هو هيئنر رستي ۾ آهي.
راهب بحيريٰ کي يهودين جي ناڪاري سازشي سوچ ڏکارو ڪيو.
سندس ديري تي موجود ٽي يهودي به هڪ گهڙي ۾ جهليا ويا. هُنن به مبارڪ ٻارڙي کي نقصان پهچائڻ جو ارادو ڪيو هو. راهب بحيره کين به خدائي طاقت جا اسرار سمجهايا ۽ ٻڌايو ته اوهين خدا جي ارادن کي بدلائي نٿا سگهو، چڱائي اُن ۾ اٿوَ ته پاڻ کي بدلايو، نه ته هو اوهان جي جاءِ تي ٻين کي فوقيت ڏيندو. اُنهن ٽنهي کي راهب بحيريٰ جي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي. هو پنهنجن بُڇڙن ارادن کان باز اچي ويا. انهن ٽنهي جا نالا هئا، زرير، ثمام ۽ درسيما. مڪي قافلو اڳتي هليو ويو، قافلي جو سردار پنهنجي ڀائيٽي کي وٺي مڪي موٽي ويو.
کيس خبر هئي ته ڀائيٽو وڏي شان وارو آهي. جهانن جو سردار .
زمين ۽ آسمان جي هر مخلوق جو آقا ﷺ .

بيڪار جنگيون

بيڪار جنگيون

عربستان جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ گرم وارياسن پَٽن ۾ رهندڙن ۾ اڃا سوڌي قديم لاڏائو قبيلن جي بدوي زندگي جو رنگ غالب هو. مڪو، طائف، يثرب ۽ خيبر جون ڪجهه شهري بستيون عربن جي مزاج ۽ گُهرجن کي جذب ڪرڻ لاءِ اڻ پوريون هيون. پنهنجي ڪاروباري زندگيءَ ۾ خريد ۽ فروخت تفريح ۽ علوم آگهي جي حصول واسطي هُنن عربستان جي صحرائن ۾ پنهنجي بستين جي آسپاس ۾، ڪنهن قدرتي پاڻي جي گذرگاهه وٽ مقرر ڪيل مهينن ۾ ڪجهه ڪاروباري مَنڊيون ۽ بازاريون هڻڻ جو طريقو اختيار ڪيو هو. عام طور تي انهن جي مَنڊين ۽ انهن جي ڪاروبارن جو تعين هنن عربستان جي صحرائن ۾ ٿيندڙ سڀ کان وڏي سالياني واقعي حج سان وابسته ڪيو هو. حج جي لاءِ اچڻ وڃڻ ۽ ترسڻ جي سفر کي ذهن ۾ رکندي هُنن سال جي ٻارهن ميهنن ۾ چار مهينا متبرڪ ۽ معزز طئي ڪيا هئا. طئي اهو هو ته انهن مهينن ۾ سفر ڪندڙ ڪنهن به مسافر کي نقصان نه رسايو ويندو. نڪو ماريندو، نڪو لُٽيو ويندو،
مڪي جي حرم جون حدون به طئي ٿيل هو.
مڪي جي حدن ۾ سڄو سال امن لازمي هو.
پر احترام جي اُنهن مهينن ۾ مڪي جي حدن جي اندر يا ٻاهر هرڪو محفوظ سمجهيو ويندو آهي.
احترام جي انهن چئن مهينن ۾ ٽي مهينا ته سالياني حج جي ڏينهن کان پهريان ۽ پوءِ جا هئا. يعني هڪ مهينو حج کان اڳ، ٻيو حج وارو مهينو ذيقعد، ذوالحج ۽ محرم هئا، چوٿون مهينو باقي سال جي مهينن جي وچ ۾ رجب هو، ته جيئن باقي سال ۾ هڪ مهينن جي لاءِ ئي سهي انسان جي عزت ۽ احترام جي ۽ ان مال جي عزت برقرار رهي.
ذيقعد مهيني جي پهرين تاريخ کان وٺي ويهين تاريخ تائين ويهن ڏينهن جي لاءِ عرب جي صحرا ۾ هڪ سڀ کان وڏي مَنڊي لڳندي هئي، جنهن هنڌ اها منڊي لڳندي هئي، اهو هنڌ مڪي کان 94 ڪلوميٽر اتر اوڀر ۽ طائف کان 40 ڪلوميٽر اُتر ۾ هڪ برساتي نئين جي ڪناري تي هو، اُن برساتي نئين کي نخله به چوندا هئا ۽ سيل الڪبير به، اهو علائقو ’هوازن‘ قبيلي جو هو.
جنهن هنڌ اها منڊي ۽ ان جي بازار لڳندي هئي، ان کي ’عڪاظ‘ سڏيو ويندو هو. ايئن عڪاظ جو ساليانو ميلو سڀني مَنڊين ۽ ميلن کان وڏو هو.
ماڻهو پري پري کان پنهنجو واپاري وکر اُتي آڻي وڪڻندا ۽ خريد ڪندا هئا. ماڻهن جي وندر لاءِ اُتي رانديون ٿينديون هيون. اُٺن، گهوڙن، رڍن ۽ ٻڪرين جا سودا ٿيندا هئا. اُتي انهن جانورن جا ڪرتب به ڏيکاريا ويندا هئا.
اُتي اٺن جي ڊوڙ ۽ ڪتن جي ويڙهه به ٿيندي هئي. شاعر به اُتي پهچي ماڻهن جا ميڙ گڏ ڪندا هئا ۽ پنهنجو ڪلام پيش ڪندا هئا. قادرالڪلام عالم ماڻهو اتي پنهنجي چمڪندڙ ڳالهين جي خطاب سان ماڻهن کي نيون سوچون ۽ نوان خيال ڏيندا هئا.
اهو ميلو رڳو ماڻهن جي وڻج واپار ئي نه، پر سڀني سماجي حوالن جو هڪ سگهارو بهانو هو.
ويهين ذيقعد تي عڪاظ ۾ ويھه ڏينهن پورا ڪري ماڻهو پنهنجا پَکا پَٽي مڪي ڏانهن روانا ٿي ويندا هئا. جتي هڪ ٻي منڊي لڳندي هئي، بازار کڙي ٿي ويندي هئي.
عربيءَ ۾ بازار کي ’سوق‘ سڏيو ويندو آهي.
ان جاءِ جو نالو ’سوق مجنه‘ پئجي ويو هو.
سوق مجنه ۾ ماڻهو ڏهن ڏينهن تائين ترسندا هئا.
اُتي ئي حج جي مهيني ذوالحج جو چنڊ ڏسندا هئا.
چنڊ نظر ايندي ئي هو اُتان روانا ٿي عرفات جي ويجهو ’ذوالمجاز‘ ۾ پهچي ويندا هئا. اُتي اٺن ڏينهن تائين ميلو مچائيندا هئا. ڇو ته کين خبر هئي ته ذوالحج جي نائين تاريخ تي عرفات جي ميدان ۾ گڏ ٿيڻ جو مطلب حج آهي. باقي ٽي چار ڏينهن هو حج جي مناسڪ جي تياريءَ ۾ لڳل رهندا هئا. ايئن هو حج سان گڏوگڏ خاطر تواضع، وندر ۽ ڪاروبار جا فائدا به حاصل ڪندا هئا.
اُنهن ميلن ۾ عربستان جي ڏورانهن هنڌن تان واپاري قافلا اچي شريڪ ٿيندا هئا.
جيئن عرب جي ريگستانن ۾ ڪا اهڙي مرڪزي حڪومت نه هئي. جيڪا ماڻهن کي سفر ۾ امن جي ضمانت ڏيئي سگهي، تنهن ڪري واپاري قافلي وارا رستي جي هر قبيلي سان دوستي ۽ تحفظ جا معاهدا ڪندا هئا. ڇاڪاڻ ته هر قافلي جو مسافر ۽ واپاري اهڙن قافلن ۾ هلندا هئا، جن مان ڪنهن سگهاري قبيلي جي مضبوط فرد وسيلي رستي جي قبيلن سان ڪجهه ڏي وٺ ڪري، تحفظ ۽ رواداري جا پاڻ ۾ معاهدا ڪيل هوندا هئا.
چون ٿا ته اهڙو ئي هڪ وڏو قافلو حيره جي حاڪم نعمان بن منذر، عڪاظ جي ميلي لاءِ موڪليو. هن تحفظ يا ڏي وٺ جو معاهدو هوازن جي ويڙهاڪ قبيلن جي سردار عروه بن عتبه بن جابر بن مڪدب الرجال سان ڪيو.
قبيلن جا پاڻ ۾ لاڳاپا حسد ۽ بغض سان ڀريل هوندا هئا.
عڪاظ جي ميلي جي آسپاس ته هوازن قبيلي جون زور هو، پر مڪي کان يثرب جي رستي ۾ ڪنانه قبيلو به زور آور هو.
ڪنانه ڊگهي عرصي کان قريشن جو حليف هو.
اُن ڪري به ڪنانه وارن کي پنهنجي طاقت تي فخر هو.
ڪنانه قبيلي جي هڪ مٿي ڦريل همراهه براض بن قيس کي هوازن جي سردار عروه رجال کي تحفظ جي چوڪيداري ملڻ تي گهڻي تڪليف ٿي.
شايد هو پاڻ اُن ٺيڪي جي حصول جي آس لڳائي ويٺو هو.
عروه رجال هوازنيءَ سان بگڙي چيائين
تون قافلن کي پنهنجن قبيلن مان لنگهڻ جي پناهه ڏيئين ها، منهنجي قبيلي ڪنانه کان لنگهڻ جي گارنٽي ڪيئن ڏنئي؟
عروه رجال غرور سان ڀريل هو، وراڻيائين
رڳو ڪنانه ڇو، سڄي دنيا جي مخلوق کان سلامتيءَ سان لنگهڻ جي گارنٽي ڏني اٿم.
ٻنهي هڪ ٻئي کي ڏسي پنهنجي پنهنجي اکين ۾ باهه جا شعلا ٻاريا.
قافلو روانو ٿي ويو.
ڪيترا ڏينهن. ڪيتريون راتيون سفر ٿيندو رهيو.
عروه رجال للڪاري، ڪنانه جي براض بن قيس جي چيل ڳالهه کان بي خبر ٿي ويو. قافلو تيمن ذي طلال جي هنڌ تي حرم جي مهيني ۾ ’شهر حرم‘ جي حدن ۾ گهڙيو ته ڪنانه جي براض بن قيس وجهه وٺي عروه رجال هوازني کي قتل ڪري ڇڏيو، ۽ قافلي جا اُٺ ۽ سڀ سامان کڻي خيبر طرف ڀڄي ويو.
ويندي ويندي هن ٻَرنديءَ تي تيل هارڻ جي لاءِ هڪ ٻيو ڪم به ڪيو.
هڪ شعله بيان شاعر بشير بن ابي خازم اسدي ءَکي ٻڌايو ته اهو تير مون هنيو آهي،
هاڻ وڃي ڪنانه ۽ سندس حليف قريش قبيلن کي ٻڌائي ته هو عڪاظه جي ميلي مان ڀڄي وڃن نه ته هوازن وارا بدلو وٺندا.
شاعر کي اها صرف خبر ٿوروئي ڪو پهچائڻي هئي،
کيس ته باهه لڳائڻي هئي،
لڳائي ڇڏيائين،
عڪاظ ميلي ۾ قريشي، ڪناني ۽ هوازن جا سڀ ماڻهو تلوارن سنڀالي مستين ۽ موجن ۾ مصروف هئا. قريشن کي خبر پئي ته هو جلدي وٺي حرم جي حدن ڏانهن ڀڳا.
ڪنانه وارا به وٺي ڀڳا
هوازن قبيلي کي خبر پئي ته هو سخت ڪاوڙيا.
سندن سردار ابو براء چيو: قريشن دوکو ڏنو آهي. اسين معاف نه ڪنداسين.
هو، هنن جي پويان لڳا، پر هُنن حرم جي حدن جو احترام ڪيو.
بهرحال جنگ شروع ٿي ويئي
اها شروع ئي احترام جي مهيني ۾ ٿي هئي.
عڪاظ جي ميلي جي جاءِ جنگ جو ميدان بڻجي ويئي.
چئن سالن تائين، عڪاظ جي ميلي وارن ڏينهن ۾ اهي هڙئي قبيلا ميلو ملهائڻ جي بدران اُتي پاڻ ۾ جنگ ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيندا هئا.
چئن سالن تائين اها جنگ جاري رهي.
جن ڏينهن اها جنگ شروع ٿي، آقا ﷺ جي عمر پندرنهن سال هئي.
چوٿين جنگ تائين سندن عمر اوڻيهن سالن تائين پهچي ويئي.
بهرحال آقا ﷺ ڪنهن جنگ ۾ پاڻ حصو نه ورتو
هڪ ڀيري پاڻ ﷺ جنگ جي ميدان ۾ دشمن جا تير ميڙي پنهنجن چاچن کي ڏنا هئا. نه ته انهن غير مقدس جنگين کان پري رهيا، جيڪي احترام وارن مهينن ۾ ناحق وڙهيون ويون.
تنهن ڪري اُنهن جنگين کي ”فجار جون جنگيون“ سڏيو ويو.
آخري جنگ ۾ ڏينهن جي پهرينءَ حصي ۾ هوازن جو پاسو ڳرو رهيو
۽ ڏينهن جي ٻئي حصي ۾ قريش غالب رهيا
ٻنهي طرفن جا ڪيترائي ماڻهو مري چڪا هئا.
گهڻا زخمي به هئا.
نيٺ قريشن جي سياڻن، جن ۾ عتبه بن ربيع، جيڪو آقا ﷺ جو پڦڙ ۽ آقا ﷺ جي پَڙ ڏاڏي هاشم جي جاڙي ڀاءُ عبدشمس جو پوٽو هو. تنهن ٺاھ جي ڳالهه ڇيڙي ۽ چيو ته قريش قبيلو، هوازن قبيلي جي انهن جنگين ۾ وڌيڪ ماريل ماڻهن جي ديت ڏيڻ تي راضي آهي،
هوازن جا قريشن کان چاليهه ماڻهو وڌيڪ مُئا هئا.
ضمانت ۾ هنن قريشن جا چاليهه جوان هوازن جي حوالي ڪري ڇڏيا.
ضمانت ۾ ڏنل ماڻهن ۾ عتبه بن ربيع، پنهنجي ڪٽنب جي معزز جوان حڪيم بن خرام کي به مخالف هوازن جي حوالي ڪري ڇڏيو.
صلح جي ان نيڪ نيتي کي ڏسي هوازن وارن ’ديت‘ معاف ڪري ڇڏي.
ِضمانت ۾ موڪليل ماڻهو واپس موڪلي ڏنا.
اها جنگ جيڪا چئن سالن تائين اجائي جاري هئي، ختم ٿي ويئي.

مظلوم جي حمايت جو وَچن

مظلوم جي حمايت جو وَچن

مڪو هو ته خدا جو گهر، پر اُتي مظلوم انسان جو ڪوبه اوهي واهي ڪين هو. خدا جي گهر جي چوديواري کانسواءِ مجبور ۽ مظلوم ڪٿي به وڃي دانهن ڏيئي نٿي سگهيو. ماڻهن جون اڪثر دليون ڪعبي جي پٿرن کان به سخت هيون. هو ظلم ڪرڻ تي ايندا هئا ته اَمن جي اُن شهر ۾ آيل پرديسن ۽ مسافرن کي به ڦري لُٽي وٺندا هئا.
ڪير به داد رسي نه ڪندو هو.
هڪ ڀيري هيئن ٿيو، جڏهن آقا ﷺ جي عمر ويهه سال هئي.
آقا ﷺ مظلوم جي حمايت ۾ هر ممڪن مدد ڪرڻ جو هڪ حلف کنيو.
اڃا فجار جي جنگ کي ختم ٿيندي ڏيڍ ٻه مهينا مس ٿيا هئا، ته مڪي کان پري يمن جي هڪ علائقي زبيده جو هڪ واپاري واپار سانگي مڪي آيو. قريشن جي هڪ معزز شمسي ڪٽنب جي امير زادي عمرو بن عاص جي والد عاص بن وائل، جيڪو عبدشمس جو پوٽو هو، اُن زبيدي يعني مسافر جو مال ۽ اسباب رکي ڇڏيو ۽ قيمت ادا نه ڪئي.
اهو مسافر گهڻو تڙپيو،
منٿون ڪيائين، پر ڪنهن به نه ٻُڌيس.
هو پنهنجي داد رسيءَ جي لاءِ قريشن جي ڪيترن ئي معزز قبيلن جي سردارن وٽ ويو.
ڪنهن به ڌيان نه ڌريو.
اُنهن قريشي قبيلن ۾ بنو عبدالدار، بنو مخزوم، بنو جمح ۽ بنو عدي هئا. پر ڪنهن به سندس نه ٻُڌي، ڪنهن کي به مٿس ترس نه آيو. نيٺ اهو زبيدي مسافر ’خانه ڪعبه‘ وٽ اوچي ٽڪري، جبل ابوقبيس تي چڙهي ڪعبي ۾ موجود سڀني ماڻهن کي انتهائي اثرائتي ۽ دلگير شاعراڻي انداز ۾ پنهنجو ڏک ٻڌائڻ لڳو، هن ڪمال هنرمنديءَ سان پنهنجي ڪهاڻي بيان ڪئي.
هن جي ڏکويل اکين ۾ ڄميل لڙڪ تري آيا.
۽ هن چيو
پنهنجي وطن کان پري مڪي ۾ ڪعبي جي حرمت جي صدقي امن جي ڌرتي سمجهي هڪ واپار لاءِ سفر ڪيم، روڪڙو ڏنم، وکر وٺندڙ به هن حرم جي پاسدارن مان هڪ آهي. هن محترم قوم جي غير محترم همراهه طئي ٿيل سودي جو مُلهه ادا نه ڪيو.
اُن مسافر ٻاڪاريو.
اي حرم ڪعبه جا پاسدارو! ڪجهه ته حرم جي عزت جو خيال ڪيو.
هاڻ آءٌ پنهنجي دانهن ڪنهن در ڏيان.
اي قريشو !
بي سهارا مظلوم جي مدد ڪريو.
منهنجو داد ڪريو،
بيشڪ مڪي جو بيت الله بي گناهن ۽ بي سهارن جو محافظ ۽ بدڪارن جو دشمن آهي.
مڪي جي رهواسين جا ڪَن کڙا ٿي ويا.
هنن حرم ڪعبه ۾ مظلوم جي اها پڪار ٻڌي ته سندس دلين جي ڌڙڪن تيز ٿي ويئي.
سڀ ماٺ هئا.
ڦِڪا ڦِڪا.
آقا ﷺ جي والد سيدنا عبدالله جي ماءُ ڄايو ڀاءُ زبير بن عبدالمطلب اهو فرياد ٻڌي اُٿي بيٺو. هن باقي ماڻهن جو ڌيان ڇڪرايو ته مظلوم جي داد رسي ٿيڻ گهرجي، پوءِ ساڻس گڏ آقا ﷺ جو ڪٽنب بنو هاشم، بنو مطلب، بنو زهره (سيده آمنه جو ڪٽنب) بنو اسد (سيده خديجه جو گهراڻو) بنو تيمه (حضرت ابوبڪررضه جو قبيلو) عبدالنجن جدعان جي هڪ محل جهڙي وڏي گهر ۾ گڏ ٿيا. اُتي سڀني ماڻهن جي لاءِ هڪ دعوت ڪئي ويئي، عبدالله بن حدعان جو واسطو به بنو تيمه سان هو، اتي انهن سڀني نيڪ فطرت ماڻهن اهو حلف کنيو ته هو هر مقامي يا غير مقامي مظلوم جي ڪنهن ظالم جي خلاف هر قسم جي سهائتا ڪندا ۽ ان وقت تائين جو حقدار ۽ مظلوم کي پنهنجو حق ملي وڃي.
اهو وچن ’ابد الاباد‘ (آخر تائين) قائم رهندو.
نسل در نسل، اهو اسان سڀني تي واجب رهندو. جيستائين سمنڊن ۾ پاڻي آهي ۽ مڪي جا پهاڙ بيٺا آهن، مظلوم جي حمايت جو اهو وچن، اهو معاهدو قائم رهندو.
جڏهن اهو معاهدو ٿي رهيو هو ته آقا ﷺ به پنهنجي چاچي سان گڏ اتي موجود هو ۽ حلف کڻندڙ مان هئا.
ايندڙ وقت ۾ پاڻ سڳورا ان معاهدي/ وَچن کي وڏي محبت ۽ احترام سان ياد ڪندا هئا. ۽ چوندا هئا ته ان معاهدي جي بدلي ۾ کيس جيڪڏهن هڪ سئو ڳاڙها اُٺ ڏنا وڃن ته به هو اهو نه ٽوڙيندو ۽ جيڪو به مظلوم يا غير مقامي مدد جي لاءِ کيس سڏيندو ته پاڻ لبيڪ چوندا.
اهو معاهدو ابدالاباد تائين قائم آهي.
قائم رهندو.
حلف کڻي مڪي جا اهي سڀ نيڪ فطرت همراهه آقا ﷺ سميت عاص بن وائل جي گهر ويا ۽ کيس چٽن لفظن ۾ مظلوم جو حق ادا ڪرڻ جي لاءِ چيائون. کيس به شايد اُن وچن جي خبر پئجي چڪي هئي، تنهن ڪري هن ڪجهه چوڻ آکڻ کانسواءِ مظلوم جو حق ادا ڪري ڇڏيو.
مظلومن جي داد رسيءَ جو اُن قسم جو هڪ ٻيو معاهدو به پراچين سمئه مڪي ۾ ٿيو هو، ان وقت بنوجرهم ۽ بنو اسماعيل جي ماڻهن اهو معاهدو ڪيو هو. ابن اسحاق موجب ان معاهدي جي باقين ٽن معزز ماڻهن جي نالن ۾ ٽي نالا هڪجهڙا هئا. فضل بن مصعاله، فضل بن وداعه ۽ فضل بن حارث. سهيل لکي ٿو ته انهن جا نالا فضل بن شراعي، فضل بن جفاعه ۽ فضل بن فضاعه هئا. چون ٿا ته جيئن ته قديمي عهد نامي کي ٽن فضل نالي ماڻهن جي سرپرستي حاصل هئي، تنهنڪري ان کي ”حلف الفضول“ چيو ويو. هونئن به اهو معاهدو فضل ۽ رحمت جو آهي. هر مظلوم جي لاءِ ڪنهن ظالم جي خلاف مدد حاصل ڪرڻ مقصد هو، اهو هڪ عظيم الشان معاهدو هو، جيڪو دنيا ۾ مظلومن جي حمايت ۾ هر ظالم کان انصاف حاصل ڪرڻ جو حلفيه معاهدو هو.
اسانجي زبان اردو جي قديم سرپئنچن الائجي ڇو فضل ۽ رحمت جو جمع فضول کي، لغت ۾ بيڪار ۽ لغو- اجائي جي معنيٰ ڏيئي رحمت ۽ برڪت جو چهرو ئي بگاڙي ڇڏيو. اها لساني ۽ علمي غلطي آهي ته فضل ۽ ڪرم کي اسان فضول چئي رد ڪري ڇڏيو آهي. ”حلف الفضول“ جي قسم کڻڻ وارا اهي سڀ عظيم ماڻهو اڄ به هر مظلوم جي داد رسيءَ جي لاءِ پهچڻ جو حلف کنيو ويٺا آهن. اُنهن ۾ آقا سيد البشر ﷺ به آهن. جن جي عظمت ۽ رسائيءَ کي وقت جي ڪنهن به حد جو ڪو قيد ڪونهي.
اهو حلف، اهو معاهدو اڄ به قائم آهي. ڇوته سمنڊن ۾ اڃا پاڻي آهي ۽ مڪي جا اهي پهاڙ عزت ۽ شان سان اڄ به بيٺا آهن. جيڪي ان معاهدي جا گواهه آهن.
۽ الله به انهن سڀني تي شاهد آهي.
ڪنهن مظلوم کي شڪ هجي ته هڪ ڀيرو سڏ ڪري ڏسي.
آقا ﷺ کي سڏي ته ڏسي.
اُن معاهدي کي ياد ڪرائي
ڪوبه ظالم هُجي، ڪنهن به هَٺ ۾ هُجي، اهو پنهنجو انجام سوچي وٺي.
هر مظلوم، مقامي هجي يا غير مقاميءَ جي هڪ سڏ جي پنڌ تي آقا ﷺ جي مدد موجود آهي.
ڀلي ڪو مظلوم آزمائي ڏسي.

شادي مبارڪ

شادي مبارڪ

مڪي مان جڏهن به ڪنهن واپاري قافلي جي ڪنهن ڏورانهين شهر ڏانهن رواني ٿيڻ جا ڏينهن ايندا هئا ته سڄي شهر ۾ تياريون شروع ٿي وينديون هُيون. واپاري مَنڊيءَ جي ان شهر ۾ سڀني شهر واسين جي ان قافلي ۾ دلچسپي هوندي هئي. هونئن ته واپاري قافلي ۾ رڳو ڳاڻ ڳڻيا ماڻهو ئي ويندا هئا، پر سامان سان لڏيل اٺن جو تعداد سوين هوندو هو. اُٺن جي پُٺن تي طرح طرح جو سامان هوندو هو، چمڙي جو کلون، ۽ تيل سان ڀريل ڊرم ته مقامي صنعت هئا، خوشبوئن جون بوتلون، خشڪ داليون، چانور، رنگارنگي ريشمي ڪپڙن جا تاڪيا يمن کان اُتي پهتل هوندا هئا.
مزيدار کاڌن جا مصالحه، الائچيون، سونف، جيرو، ڪاريون مِريون ۽ سلائيءَ جا ڌاڳا، سُبڻ جون سُيون، ڪپهه جا بنڊل، ململ ۽ سوٽي ڪپڙو يمن جي رستي هندستان کان آيل هوندو هو.
اهي واپاري قافلا گرمين جي شروع ۾ شام جي سفر تي نڪرندا هئا.
شام جي سرحدي شهر بصريٰ تائين پهچندي پهچندي اُٺن جي انهن قافلن کي مهينو سوا لڳي ويندو هو، ايتروئي وقت واپسيءَ ۾ لڳندو هو. انهن جي تياري ۾ اڍائي ٽي مهينا اڳ ئي شهر جُنبي ويندو هو. واپاري قافلن ۾ اُٺن تي لڏيل سامان رڳو قافلي سان گڏ ويندڙ واپارين جو نه هوندو هو، پر اُن سان سڄي شهر جا خواب اُڻيل هوندا هئا. ماڻهو پنهنجو پنهنجو سامان قافلي وارن کي ٻي شهر ۾ فائدي ۾ وڪڻڻ جي لاءِ ڏيندا هئا. سامان ڏيندڙ جو هر سودي تي پنهنجو ڌار اجورو هوندو هو.
ماڻهو رڳو سامان وٺڻ ۾ ئي دلچسپي نه وٺندا هئا.
پر کين ٻين شهرن مان اهڙو سامان گهرائڻ جو به شوق هوندو هو. جيڪو اُن وستيءَ ۾ نه هوندو هو.
جيڪو سامان موڪليندو هو، اُهو سامان گهرائڻ ۾ به دلچسپي رکندو هو، کيس قافلي ۾ اهڙي شخص جي ڳولا هوندي هئي، جيڪو ايماندار، امانتن جو رکوالو ۽ امين هجي.
سچو هجي،
ڪوڙ نه ڳالهائيندو هجي.
تور صحيح ڪندو هجي
ملاوٽ نه ڪندو هجي
بَدنيت نه هجي.
چُست، ڦڙت، زبان جو مٺو، ٻاڙو ٻوليندڙ نه هجي.
خوش گفتار هجي،
اهڙو شخص جيڪو سامان جي ڏيتي ليتيءَ ۾ ساڻن دوکو نه ڪري.
پنهنجي سُٺي اخلاق جي ڪري سندن مال کي سُٺي اگهه تي وڪرو ڪري.
سٺو نفعو ڪمائي ۽ ڪمايل نفعي ۾ ڏنڊي نه هڻي.
گهر گهر ۾ شام ڏانهن ويندڙ واپاري قافلي جون تياريون هيون.
ڪنهن جا ڪيترا اُٺ پيا وڃن.
اُنهن ۾ ڪهڙو ڪهڙو سامان لڏيل هوندو
ڪير ڪير پيو وڃي
ڪير ڪير پيو موڪلي،
سڄي شهر ۾ اهي ڳالهيون ٿي رهيون هيون.
اُنهن ڏينهن بنو هاشم جي پنجونجاھ سالن جي سردار ابوطالب کي سُڻس پيئي ته مڪي جي هڪ معزز رئيس خاتون سيده خديجهرضه جا اُٺ به ان قافلي ۾ هوندا، سيده خديجه جو واسطو قريش جي ئي بنواسد قبيلي سان هو، ان لحاظ کان سيده خديجه ۽ سردار ابوطالب ٻنهي جا تڙ ڏاڏا پاڻ ۾ ڀائر قريش جي معزز بزرگ قصيءَ جا پُٽ هئا، سردار ابوطالب کي پيل خبر سان ان ڪري وڌيڪ دلچسپي هئي ته سردار ٻڌو هو ته سيده خديجه جي خواهش آهي ته ڪنهن نموني سردار ابوطالب جو پنجويهن ورهين جو ڀائيٽو محمد ﷺ بن عبدالله سندس اٺن جو سامان بصريٰ وٺي وڃڻ تي راضي ٿئي، جيڪو سڄي شهر ۾ سڀني کان وڌيڪ امانتدار، ايماندار، صاف سُٿري ۽ خوش اخلاق جوان طور مڃيو ويندو هو.
شهر ۾ ماڻهو کيس سندس نالي جي بدران ’امين‘ ۽ ’صادق‘ جي لقب سان سڏيندا هئا. هن جي شموليت ڪنهن به واپاري قافلي ۾ هر واپاريءَ جي لاءِ اطمينان جو باعث هوندي هئي.
سردار ابو طالب ٻُڌو ته سيده خديجه پنهنجي پاران موڪليل ماڻهوءَ کي سفر ۾ ٻن اُٺن جو معاوضو ڏيندي آهي، سندس خواهش هئي ته اجورو ٿورو جهجهو هُجي ۽ سفر جي لاءِ سندس ڀائيٽو به راضي ٿي وڃي، جيتوڻيڪ دل ئي دل ۾ هو پنهنجي ڀائيٽي جي بصريٰ طرف سفر کان ٿورو گهٻرايو به پي، ڇو ته تيرهن سال اڳ کيس بصريٰ جي راهب بحيره جون چيل ڳالهيون ياد هُيون، پر گهرو معاملن کي سنئون ڪرڻ ۽ پنهنجي ڀائيٽي جي خوشحال مستقل لاءِ کيس وسيلن جي گهرج هئي، هن پهرين ته پنهنجي ڀائيٽي سان ڳالهايو. کيس سفر جي لاءِ رضامند ڏٺو ته پوءِ هو سيده خديجه ڏانهن ويو.
سيده خديجه سندس سُهڻي نموني آڌرڀاءُ ڪيو ۽ وڏي احترام سان کيس ٻُڌايو ته سندس خواهش آهي ته سردار جو زير ڪفيل جوان ڀائيٽو سندس سامان جا اٺ پنهنجي نگرانيءَ ۾ بصريٰ وٺي وڃي. سردار هاڪار ڪئي ۽ ڪن کڻندي چيائينس ته ”معاوضي طور ٻن اُٺن جو ٻڌو اٿم، منهنجي امين ڀائيٽي لاءِ اهو معاوضو ڪجهه وڌيڪ هئڻ گهرجي.“
سيده خديجه، سردار جي ڳالهه ٻڌي مرڪي ۽ چيائين ’سردار، اوهان ڪنهن ٻي جي لاءِ چئو ها ته اهو اجورو وڌائي ڇڏيان ها، پر اوهين ته هن شهر جي شان ’الامين‘ جي لاءِ پيا فرمايو. ان جو اجورو ٻين کان ٻيڻو هوندو، بس اوهين کيس راضي ڪريو.‘ سردار خوش ٿيو.
چيائين.
هو راضي آهي.
سيده جي چهري تي خوشي مِڙي آئي.
خوشيءَ مان ڪپڙن ۾ ئي نه پي ماپي.
هُن پنهنجي خاص غلام ميسره کي سڏيو ۽ کيس سردار جي خدمت ۾ پيش ڪندي چيو، سردار! سفر ۾ هي اوهانجي ڀائيٽي جو خدمتگار رهندو، سندس هر حڪم مڃيندو، هن لاءِ هر طرح جون آسانيون پيدا ڪندو. سردار ابو طالب خوش ٿي دعائون ڪندو روانو ٿي ويو،
قافلو تيار ٿيو ۽ بصريٰ جي لاءِ روانو ٿي ويو.
سيده جو غلام ميسره، جنهن کي سيده البشر محمد ﷺ جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ جو حڪم مليو هو، اُهو سڄي سفر ۾ حيرت انگيز خوشيءَ سبب ٺينگ ٽپا ڏيئي رهيو هو ته سيده البشر جي ساٿ ۾ گذريل سفر ۾ قدرت پاران مٿن وک وک تي ڪهڙيون نه نعمتون نازل ٿي رهيون هيون.
رستي ۾ جيڪو به اجنبي مليو ٿي، سو ’الامين‘ جي سُهڻي اخلاق جو مداح بنجي ٿي ويو، گرم موسم ۾ ريگستان ۾ اُس جي شدت محسوس نه پي ٿي.
ميسره ويچاريو.
هڪ ٿڌي ڪڪري گرم اُس ۾ ڇانوري جيان الامين ﷺ سان گڏ گڏ هلندي ٿي رهي، اهو جنهن کي آسانيون پيدا ڪرڻ جوحڪم ڏيئي موڪليو ويو هو، ان جي طفيل آسانين ۾ سفر ڪندو رهيو.
بصريٰ پهچي قافلي اُتي ئي لڏو لاٿو.
تيرهن سال پراڻي هنڌ تي شهر جي ٻاهران ٺهيل ديول وٽ هڪ گهاٽي وڻ جي هيٺان، هي اهو ئي وڻ هو، جنهن جي هيٺان ڪڏهن سيدالبشر محمد ﷺ ٻارهن ورهين جي عمر ۾ پنهنجي وڏي چاچي ابوطالب سان گڏ آيو هو، ۽ ان وقت اُن ديول ۾ راهب بحيره رهندو هو. هاڻ ان ديول جو راهب نصطورا هو. ميسره، آقاﷺ کي وڻ جي هيٺان ڇڏي نصطورا وٽ ويو ته نصطورا کڻي کيس ٻانهن مان جهليو ۽ اکيون ڦاڙي اشتياق ۽ ادب سان پُڇڻ لڳو ته هن وڻ جي هيٺان ڪير ويٺو آهي.
ميسره، سيدالبشر ﷺ جو نالو ورتو ته نصطورا چوڻ لڳو،
”هن وڻ جي هيٺان جيڪو ويٺو آهي اهو ڪو نبي آهي.“
ميسره جي لاءِ اهو واپاري سفر سيد البشر جي ساٿ ۾ حيرت جو سفر هو
برڪتن جو وسيلو هو.
انڪشافن جو بهانو هو
واپاري نفعو به ٻيڻون ٿيو.
دل ۽ دماغ آسودگين سان ڀرجي ويو.
جيئن وسڻ لاءِ ايندڙ ڪڪرن جي اڳيان ٿڌيون هوائون، ڄڻ خوشخبري ٻڌائڻ جي لاءِ ڪُڏنديون اينديون آهن. تيئن ئي قافلي جي مڪي پهچڻ کان اڳ سُرهاڻيون موٽَ کائي مڪي پهتيون ته قافلي جي موٽي اچڻ جي خبر مڪي پهچي ويئي.
مڪي جا ماڻهو پنهنجن پنهنجن مِٽن مائٽن جي اوسيئڙي ۾ دروازان سان لڳي بيهي رهيا. مڪي جي خوشبخت سيده خديجه به پنهنجي ٻه ماڙ پُر وقار ۽ اوچي گهر جي بالڪوني ۾ اولهه ۾ لهندڙ سج جي رخ ۽ بيٺي پنهنجي ڀاڳن ۾ اُڀرندڙ مهتاب جي راھ تڪڻ لڳي. کيس قافلي جي اچڻ ۽ پنهنجي اندازي کان جهجهي فائدي کانسواءِ موڪليل سئوٽ تي گذريل حيرتن جي ڪجهه سُڻس اڳ ۾ ئي ملي چڪي هئي.
قافلو مڪي پهچي چڪو هو.
ميسره احترام ۾ مڪي جي ڀرسان، مهر ظهران ۾ ٽڪي پيو، جيئن پهرين آقاﷺ مڪي ۾ گهڙيا، قافلي جا واپاري اٺ مڪي جي واپاري منڊي ۾ گڏ ٿي ويا، ۽ آقا ﷺ پنهنجي اُٺ تي هوريان هوريان سيده خديجه جي گهر طرف وڃي رهيا هئا.
شام جو ٽاڻو هو.
مڪي جي ٽڪرين جي اوٽ ۾ سج لهڻ جي لاءِ ادب سان جُهڪي رهيو هو ۽ سيده جي گهر طرف ڪائنات جي دل سُهائيءَ جو مرڪز سيد البشر ﷺ جو اٺ هوريان هوريان وکون وڌائي رهيو هو. سيده پنهنجي گهر جي ڇت تان پري کان ئي آقاﷺ کي سُڃاڻي ورتو. لهندڙ سج جي ترڇي اُس ۾ ڪوبه ڪرڻو آقا ﷺ جي چهري تي نه پيو. چهرو پوءِ به اُڀرندڙ سج وانگر چمڪي رهيو هو. سندس مٿي جي مٿان اُس جي رخ تي به پکي پَر پکيڙي ڇانورو ڪري اُڏار ڪري رهيا هئا.
سيده، پاڻ بيٺل پنهنجي ساهيڙي نفيسه کي ڪلهي مان جهلي لوڏيو ۽ هٿ جي اشاري سان اوڏانهن ڌيان ڏياريو، جتان آقا ﷺ جن عقابن جي ڇانوري ۾ اُٺ تي ويٺو هُنن طرف اچي رهيو هو. سيده ۽ سندس ساهيڙيءَ نفيسه، آقا ﷺ جي اٺ جي کنيل هڪ هڪ وک کي ڏٺو، لمحي لمحي هو قريب اچي رهيو هو، سندس چهري تي مهينن جي گرم اُس ۽ ريگستان جي ساڙيندڙ گرميءَ جو ڪوبه اثر نه هو. چهرو شام جي ڇانوري ۾ صبح جي اُڀرندڙ سج جيان شفاف ۽ بي داغ هو.
آقا ﷺ ، سيده جي دروازي تي پهتا ته سيده تڪڙي تڪڙي هيٺ لٿي.
هن پنهنجي سؤٽ جي خدمت چاڪري ڪئي.
آقا ﷺ جهڪيل اکين ۽ کليل لفظن سان هوريان هوريان ڳالهه ٻولهه ڪئي. سفر جو مختصر احوال ڏنو، سامان سَڙي جو ذڪر ڪيو. اندازي کان وڌيل مليل فائدي جي ڳالهه ڪئي، ۽ موڪلائي واپس هليو ويو. سيده، آقا ﷺ کي ڏسي، ٻُڌي، ڄڻ پٿر جي مورتي بنجي وئي ۽ ڳچ دير تائين مَنڊ ۾ مَنڊيل اُتي بيٺي رهي. سيده جي ساهيڙي نفيسه به ڇت تان لهي واپس اچي بيٺي، هِن ڀيري هُن ڪلهو لوڏيس ۽ مرڪي پُڇيو:
ڇا ٿيو ؟
سيده چاليهن سالن جي با وقار، با اختيار، باهمت، خوبرو خاتون هئي، سندس ٻه شاديون ٿي چڪيون هيون. پهرين شادي ابوهاله بن تاش تميمي سان ٿيس، جنهن مان ٻه پُٽ هاله ۽ هند ٿيا. پهرين گهر واري جي وفات کانپوءِ ٻي شادي عتيق بن عابد مخزوميءَ سان ٿيس، جنهن مان هڪ نياڻي هند ٿيس. ٻي مڙس کي وفات ڪندي به ڪجهه وقت گذري ويو هو، مڪي جي ڪيترن ئي رئيسن کيس شاديءَ جا پيغام موڪليا هئا. پر پاڻ هاڪار نه ڪيائين، پر لڳو ايئن پي ته هن گهڙي پاڻ ڪنهن فيصلي تي پهچڻ واري آهي.
رات جو سندس غلام ميسره به پهچي ويو.
ميسره آقا ﷺ جي ساٿ ۾ جيڪي حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهيون ڏٺيون هيون، اِهي سڀ سُڻايون.
آقا ﷺ جي مُروت، مُحبت، خلوص، سچائي، ديانت، امانت ۽ سُهڻي اخلاق جون ڳالهيون ڪيون.
مهينن جي ڊگهي سفر ۾ ڪنهن هم سفر جي باري ۾ ڪابه ڳالهه لڪيل نٿي رهي سگهي.
سڀ ڳالهيون چٽيون ٿي ويون هيون.
اُس ۾ ڪڪرن جو ڇانورو، وڻ جي ٽارين جو ادب جي لاءِ ڇانوري جي لاءِ جهڪڻ ۽ نصطوارا جا چيل لفظ به هن اکر به اکر ڪري سُڻايا. سيده ته اڳ ۾ پنهنجي اکين ۾ تارا سجائي آقا ﷺ جي باري ۾ سوچي رهي هئي . ميسره جون ڳالهيون سُڻي ڊوڙندي پنهنجي سؤٽ عالم ۽ ڏاهي ڀاءِ ورقه بن نوفل وٽ پهتي. ٿي سگهي ٿو ته پاڻ ورقه بن نوفل جي ڀيڻ اُم قتيله سان ڳالهه ڪئي هُجيس، جيڪا چوويهه سال اڳ آقاﷺ جي والد عبدالله جي نرڙ تي الاهي نور کي ڏسي سندس شادي واري ڏينهن ساڻس شادي جو مطالبو ڪري ويٺي هئي. اُم قتيله سرمدي نور جو قصو پنهنجي ڀاءُ ورقه بن نوفل کان ئي ٻُڌو هو. ورقه بن نوفل سيده کان وهيءَ ۾ گهڻو وڏو هو ۽ حق جي ڳولا ۾ نه رڳو ڪيترائي ڊگها سفر ڪيا هئائين. پر قديم سڳورن مخطوطن جي لکتن کان به واقف هو. هن سچائي جي ڳولا جي سفر ۾ پنهنجو مذهب به بدلائي ڇڏيو هو. هو پنهنجي وقت جي بهترين مذهب عيسائيت تي هو ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام جي سڀني بشارتن ۽ خوشخبرين کان واقف هو.
سيده خديجه وٽس پهچي ويئي. هن سيده کان اِهي ڳالهيون ٻُڌيون ته ڪجهه گهڙيون ادب ۾ خاموش ٿي ويو.
پوءِ اٽل فيصلي ڪندڙ انداز ۾ ساڄي هٿ جي شاهدي واري آڱر اُڀي ڪندي چيائين: خديجه.
جيڪو ڪجهه تون چئي رهي آهين، اهو جيڪڏهن ايئن ئي آهي ته اهو شخص هن قوم جو نبي آهي.
۽ هن جهان جي سڀني جهانن جو ڇوٽڪارو ڏياريندڙ.
ورقه بن نوفل، سيده خديجه جون ڳالهيون ٻُڌي ان ئي مهل هڪ قصيدو لکيو آقاﷺ جي شان ۾ ،جنهن جا ڪجهه شعر هيئن آهن:
”اي خديجه ! تو کان بار بار نبيءَ جون صفتون ٻُڌي، مونکي اُن جي ظهور جو شدت سان اوسيئڙو آهي.
مونکي اُميد آهي ته مڪي يا طائف مان تنهنجي قول موجب آءٌ ضرور اُن نبيءَ جو خروج ڏسندس،
گوشئه نشين عالم جو اهو ٻول جيڪو تو ٻُڌايو آهي. آءٌ نٿو سمجهان ته اُن ۾ دير يا غلطي هُجي.
اها خبر هيءَ آهي ته جلد ئي محمد ﷺ اسانجو سردار هوندو ۽ سندس جيڪو به مقابلو ڪندو، اهو سندس هٿان هارائيندو.
۽ سڀني شهرن ۾ سندس نور هوندو ۽ ماڻهو اُن نور مان گڏ حق ۽ سَنئين واٽ اختيار ڪندا.
ساڻس جيڪو مقابلو ڪندو، اهو نقصان کڻندو، جيڪو سُٺو پيش ايندو، تنهن کي آسائش ملندي.
ڪاش آءٌ ان وقت موجود هجان،
۽ آءٌ سڀني کان وڌيڪ سندس پيروي ڪندڙ هوندس
آءٌ ان دين ۾ داخل آهيان، جنهن کي قريشي خراب سمجهندا ۽ هُل بَکيڙو ڪندا، جيڪڏهن آءٌ مري ويس ته جيڪو شخص جوان آهي، جلد ئي اهو سندس خروج ڏسندو“ . ]ابن هشام[
شايد، سيده پنهنجي بزرگ سؤٽ سان پنهنجي دل جي ڳالهه به ڪئي هجي، بهرحال ٻي ڏينهن سيده پنهنجي ساهيڙيءَ نفيسه کان ڪجهه به نه لڪايو.
نفيسه، آقا ﷺ وٽ پهتي.
اُن واپاري سفر ۾ آقا ﷺ کي طئي ٿيل ٻيڻي منافعي کان به وڌيڪ منافعو مليو هو. چئن اُٺن جي بدران اٺ اُٺ مليا هئا. ان زماني ۾ هڪ اٺ چئن سؤ درهمن جي لڳ ڀڳ هو. انهن ڏينهن هڪ سفر ۾ ٽن هزار درهمن کان مٿي فائدو، ڪافي مناسب سمجهيو ويندو هو. نفيسه بنت هنيه، آقا ﷺ کي چوڻ لڳي:
ابن عبدالله ﷺ اوهين جوان آهيو.
سُهڻي صورت وارا آهيو.
پوءِ ڪهڙي ڳالهه آهي جو اوهين اڃا نه پرڻيا آهيو؟
آقا ﷺ وراڻيو: وسيلا ٿيا ته شادي ڪندس.
نفيسه چيو: جيڪڏهن وسيلن جو مسئلو نه رهي ته پوءِ سوچيندا؟
آقا ﷺ چيو
ڪيئن ؟
هؤ مُرڪندڙ آقا ﷺ کي ڏسي ڪجهه چوڻ جو سوچي شرمائڻ لڳي.
آقا ﷺ خاموش رهيا.
نفيسه وري چيو..
منهنجي ساهيڙي خديجه جي باري ۾ ڪهڙي راءِ اٿوَ ؟
آقا ﷺ حيرانيءَ مان نفيسه کي ڏٺو، ڄڻ پُڇي رهيو هجي، ان جو ذڪر ڇو کڻي آئي آهين.
هِن ڀيري نفيسه دل کولي مُرڪي ۽ پوءِ هوريان هوريان پُڇڻ لڳي.
اوهان خديجه سان شادي ڪندا ؟
آقا ﷺ هڪ گهڙيءَ جي لاءِ ته ڪجهه به نه ڪڇيا.. پوءِ ڄڻ خود ڪلامي ۾ چيائون
خديجه مون سان ڇو پَرڻبي ؟
نفيسه مرڪي ۽ چيائين .. اوهان اها ڳالهه مون تي ڇڏي ڏيو.. پنهنجي مرضي ٻڌايو.
آقا ﷺ جون پروقار اکيون حيا سبب جُهڪي ويون.
ڪنن جي پاپڙين تي لالاڻ جي هڪ لهر آئي.
بند ٿيل چپ هڪ گهڙيءَ جي لاءِ کليا ۽ آواز آيو.
جيستائين منهنجو تعلق آهي ته آءٌ راضي آهيان.
نفيسه خوشيءَ وچان زمين تان ڄڻ ٻه هٿ مٿي کڄي ويئي. ڊوڙندي سيده وٽ پهتي ۽ مُرڪندي کيس ڀاڪرن ۾ ڀري خوشخبري ٻُڌائڻ لڳي. سيده جي گهر جا در ۽ دريون مُرڪڻ لڳا.
ڳالهه وڏڙن تائين پهتي .
سيده جو والد خويلد گذاري ويو هو، ڳالهه سندس چاچي عمرو بن اسد تائين پهچائي ويئي. اُنهن ڏينهن سيده جي ڀاءُ عوام جي شادي، آقا ﷺ جي ننڍي پُڦي صفيه سان ٿي هئي. صفيه آقا ﷺ جي هم عمر چاچي حمزه جي ماءُ ڄائي ڀيڻ هئي. صفيه کان حمزه ۽ حمزه کان ڳالهه سردار ابو طالب تائين پهتي. سردار رشتي جي لاءِ حمزه کي ئي باقاعده پيغام رسائڻ جي لاءِ چونڊيو.
ڳالهه پَڪي ٿي ويئي،
شادي جي تاريخ طئي ٿي ويئي.
سردار ابو طالب پنهنجي قبيلي بنو هاشم جي ڄَڃ وٺي آقا ﷺ کي گهوٽ بنائي سيده جي گهر پهتو. سيده جي چاچي پنج سئو درهم حق مهر تي سيده خديجه کي آقا ﷺ کي پرڻائي ڏنو. نڪاح جي خطبي جا ٻول هيئن هئا.
” اَما بعد! محمد ﷺ قريشن مان هڪ اهڙو نوجوان آهي، جيڪو پنهنجي شرافت، فضيلت، عزت ۽ ڏاهپ ۾ جيڪڏهن ڪنهن سان ڀيٽيو وڃي ته پاڻ سڳورا مٿانهان رهندا. جيتوڻيڪ پاڻ سڳورا مال ۾ گهٽ آهن. پر مال ته هٿ جي مِير آهي. جيڪو ڪڏهن به ڪنهن وٽ نٿو رهي. هي خديجه بنت خويلد سان نڪاح تي راضي آهي. ۽ ساڳئي طرح خديجه به پاڻ سڳورن سان نڪاح تي راضي آهي.(الروض النف)
شام جي سفر جي واپسي کان ٻه مهينا پنجويهه ڏينهن پوءِ اهو شاديءَ جو مبارڪ ڏينهن هو، شادي ٿي ويئي.
آقا ﷺ سيده جي خواهش کي مان ڏيندي، پنهنجي چاچي سردار ابو طالب جو گهر ڇڏي، سيده جي شاندار گهر ۾ رهڻ لڳا.

آقا ﷺ ۽ غلام

آقا ﷺ ۽ غلام

سائنڻ خديجه جي سُٺي آرامده ٻه ماڙ گهر ۾ آقا ﷺ کي سڀئي دنياوي سهولتون مُهيا هيون. سندن اهو نئون گهر سردار ابو طالب جي گهر کان گهڻو پري نه هو. خدا جو گهر به ٻن فرلانگن جي پنڌ تي هو. گهر ۾ خدمت جي لاءِ غلام هئا، سواريءَ جي لاءِ اُٺ هئا، کير جي لاءِ ڏاچيون، رڍون ۽ ٻڪريون هُيون.
شادي کانپوءِ سيده خديجه هڪ ڀيرو آقا ﷺ سان گڏ پنهنجي ڀاءَ حڪيم بن حزام وٽ ويئي ته هن مُروت ۾ ڪجهه ڏيهاڙا اڳ عڪاظ جي ميڙي مان خريد ڪيل ننڍي وهيءَ جي ڪجهه ٻانهن کي سيده جي سامهون بيهاري چيو ته هنن مان جيڪو وڻئي اهو تون پاڻ سان وٺي وڃ. سيده اھنهن مان هڪ وچولي قد جو، ڪڻڪ رنگو وڏين اکين وارو ڇوڪرو ڏٺو، ڇوڪري جي عمر پندرنهن سورهن سال هئي.
نالو زيد بن حارث هئس.
سانئڻ، زيد کي گهر وٺي آئي ته کيس آقاﷺ جي خدمت ۾ پيش ڪيو ته هاڻ هيءَ اوهان جو ٿيو. زيد جي اُٿڻي ويهڻي ڳالهه مُهاڙ جو انداز هڪ تهذيب يافته ڇوڪري وارو هو. هو لکي پڙهي به سگهيو ٿي.
خبر پئي ته هو هڪ معزز ۽ سُٺي ڪٽنب سان واسطو رکي ٿو. سندس والد جو واسطو قديمي يمن مان نڪتل قبيلن سان هو. جيڪي عراق ۽ شام جي سرحد وٽ حلب قبيلي وٽ رهندا هئا. سندس امڙ جو واسطو عربستان جي مشهور ڏند ڪٿائي ڪردار ملڪ الشعر حاتم طائي جي قبيلي ”طي“ سان هو. هڪ ڀيري زيد جي امڙ پُٽ کي وٺي ناناڻن ويئي، حاتم طائيءَ جهڙي عظيم مهمان نواز ۽ سخي مرد جي علائقي ۾ ڪجهه گهوڙي ِسوار رهزنن حملو ڪري، ڦرلٽ ڪئي ۽ زيد کي به پاڻ سان کڻي ويا ۽ وڃي عڪاظ جي ميلي ۾ وڪڻي ڇڏيائون. جتان هو وڪرو ٿيندو سيده جي ڀاءُ حڪيم جي هٿ چڙهيو، زيد کي پنهنجي والدين جو علائقو ۽والدين ياد هئا، عڪاظ جي ميلي ۾ پاڻ تمل شائين ۽ پنهنجي خريدارن جي مُهانڊن کي ڏسي سُڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو ته شايد کيس اهڙو همراھ ملي وڃي، جيڪو سندس قبيلي جو هجي، جيئن اُن جي هٿان پنهنجي مائٽن کي ڪو نياپو موڪلي سگهي.
مڪي ۾ سانئڻ خديجه جي گهر ۾ آقاﷺ جي غلاميءَ ۾ رهندي کيس هوريان هوريان غلامي سُٺي لڳڻ لڳي. هي ڪهڙو آقاﷺ هو، جنهن ڊيڄاريو به نه ٿي، هڪڙي هلڪي دلربا مُرڪ سدائين آقاﷺ جي چهري تي رقصان رهندي هئي. آقاﷺ جي چهري کي ڏسي هُن جي اندر جون اُداسيون ڀَڄڻ لڳنديون هيون، ته دل خوشيءَ سبب ٽُپ ڏيڻ لڳندي هئي.
مڪي جي گهٽين مان سڄي عربستان جا ماڻهو لنگھندا هئا. حج وارن ڏينهن ۾ ته ماڻهن جو وڏو تعداد گڏ ٿي ويندو هو. عربستان جي ڪُنڊ ڪُڙڇ مان ماڻهو اُتي پهچندا هئا. حج جي هڪڙي موقعي تي اوچتو کيس پنهنجي قبيلي جا ڪجهه ماڻهو نظر آيا.
زيد اُنهن کي سڃاڻي ورتو.
هو سندن ويجهو ويو، ساڻن مليو، هنن به کيس سُڃاتو. زيد پنهنجي مائٽن بابت پُڇيو. خير خيريت جون خبرون ٻُڌائين، کيس ٻڌايو ويو ته سندس پيءُ ۽ چاچن سندس پري پري تائين ڳولا ڪئي. تنهنجي امڙ اڃا تائين توکي ياد ڪري لڙڪ ويٺي ڳاڙيندي آهي. جذبات ۾ زيد جون اکيون به ڀرجي آيون. دل ۾ آيس ته هو پنهنجن مائٽن، ڀائرن ۽ ڀيڻن لاءِ ڪو پيغام موڪلي، عربستان جي حساس، ديس کان پري غلام وٽ موڪلڻ لاءِ پنهنجي دلي جذبن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو.
هو پڙهيل لکيل مُهذب ڇوڪرو هو.
کيس پنهنجن جذبن کي شاعريءَ ۾ سموئڻ آيو ٿي.
هُن هڪ نظم لکيو ۽ پنهنجي قبيلي جي ماڻهن کي ڏنائين. چيائين ته هي منهنجي والدين کي ڏجو. نظم هن ريت هئي.
جيتوڻيڪ آءٌ گهڻو ڏور آهيان
منهنجي مُحبت جو پيغام کڻيو وڃو
منهنجن پنهنجن وٽ
جيڪي منهنجي مَن ۾ وسن ٿا.
آءٌ رهان ٿو هن شهر ۾
جيڪو عرب جي ريگستانن ۾ سڀني کان سڳورو شهر آهي.
دُکي متان ٿيو
مايوس به نه ٿجو
منهنجي ڳولا ۾ هاڻ اُٺن کي ڊوڙائي ٿڪائجو نه
آءٌ سڏجڻ ۾ غلام آهيان
پر مُنهنجو آقاﷺ
عربستان جي سڀني شريف زادن مان سڀني کان سُٺو آهي.
ڪٽنبن جي قطار ۾ ’الامين‘ آهي
سندس ڪٽنب
مَهان آهي.
جيتوڻيڪ آءٌ گهڻو ڏور آهيان
پر ڏکويل نه آهيان
منهنجو پيغام محبت آهي.
کين رسائجو.“
جڏهن زيد جو اهو پيغام سندس پيءُ پڙهيو ته سندس ڪٽنب جا ڀاتي گڏ ٿيا. زيد جي پيءُ حارث پنهنجي ڀاءُ ڪعب کي ساڻ ورتو ۽ اُٺ ڊوڙائيندو،ريگستانن کي پار ڪندو، چئن هفتن جي مسافريءَ کانپوءِ اچي مڪي پهتو. آقاﷺ جو گهر ڳولهڻ ۾ کين دير ئي ڪانه لڳي. ”الامين“ جي لقب سان ٻَچو ٻَچو آقاﷺ کي سڃاڻندو هو.
زيد جي پيءُ آقاﷺ جي گهر جو دروازو کڙڪايو.
سالن جي ڳولا ۽ چئن هفتن جي ٿڪائيندڙ سفر کانپوءِ حارث کي منزل ملي هئي، سندس دل ۾ الائجي ڪهڙا ڪهڙا ڊپ ۽ وسوسا هوندا.
ڇا ڇا ارمان هوندس.
شايد هُن سوچيو ته زيد جو آقاﷺ خدا ڄاڻي ته کيس زيد سان گڏجڻ ڏي يا نه: پُٽ ڪهڙن حالن ۾ هوندو؟ غلاميءَ ۾ رهڻ سبب مٿس الائجي ڇا وهيو واپريو هوندو.
سندس صحت ڪيئن هوندي؟
هو بيمار ته نه ٿي پيو هوندو؟
هو دروازو کڙڪائي، در کلڻ جو اوسيئڙي ۾ اُٺ تان لهي، چائنٺ وٽ ڪنڌ جُهڪايو اُداس بيٺو هو، لڙڪ سندس اکين مان وهڻ لا بي تاب هئا، سفر جي ٿڪاوٽ سبب سندس سَنڌَ سنَڌ چور هو، ڪپڙن ۽ وارن تي رستي جي ڌڌڙ ڄميل هيس. ساڻس گڏ سندس ڀاءَ ڪعب مڪي جي اجنبي بستيءَ ۾، ٻه ماڙ شانائتي گهر جي دروازي تي ڊنل چهري سان پنهنجي اُٺ تان لهي رهيو هو، هو سهڻي ۽ شانائتي گهر کي ڏسڻ سبب هَڄيل هو. ٻنهي کي وقت هوريان هوريان گذرڻ جو احساس ٿي رهيو هو.
دروازو کلي ٿو.
هوريان هوريان دروازي جا ٻئي تاڪ کلن ٿا. دروازو کوليندڙ زيد ئي هوندو آهي. هو دروازي جي ٻاهر بيٺل پنهنجي پيءُ جو ٿڪل ۽ مٽيءَ هاڻون چهرو ڏسي تڙپي پوي ٿو. هُن جي اکين ۾ هڪدم خوشين جو ڦٽاڪو ڦاٽي ٿو. اکيون جذبات جي شدت سبب اُٻڙڪي ٿيون پون، ڊوڙي وڃي پنهنجي پيءُ جي خوشيءَ ۾ کليل ٻانهن ۾ سمائجي وڃي ٿو. سندس چاچو وڌي وڃي ٻنهي کي پنهنجي ڀاڪرن ۾ ڀري ٿو. ٽنهي جا خوشي ۾ سُڏڪا بلند ٿين ٿا.
اندران آقاﷺ هوريان هوريان هلندو دروازي تي آيو.
زيد جو پيءُ، زيد کي ڀاڪرن ۾ ڀري هَڄيل اکيون کڻي آقاﷺ کي ڏسي ٿو. آقا جي چهري تي دلربا مُرڪ هوندي هئي. زيد جو پيءُ ۽ چاچو تکا وڌي وڃي آقاﷺ جي ڀليڪار لاءِ وڌيل هٿ ۾ هٿ ڏين ٿا. پنهنجي ڪلهن تي پيل بُوڇڻ سان پنهنجون اکيون اُگهن ٿا. آقاﷺ ٻنهي کي ٻاجهائپ مان گهر اندر سڏي ٿو. مهمان گرمين جي ڏينهن ۾ اڱڻ ۾ بيٺل هڪ ڇانوري دار وڻ جي هيٺان وڇايل کٽن تي ويهي ٿا رهن. زيد آقاﷺ جو اشارو سمجهيو، هُنن جي لاءِ شربت آڻڻ جي لاءِ اندر وڃي ٿو، ٿوري دعا سلام کانپوءِ زيد جو پيءُ پاڻ بابت ٻڌائي ٿو ، عرض ڪري ٿو ته آقاﷺ زيد جي آزاديءَ جي بدلي ۾ جيڪا به ڀُنگ گهرندا، هو- اها ڏيڻ جي لاءِ تيار آهن.
آقاﷺ دلجمعيءَ سان مُرڪي ۽ چوي ٿو
”هن کي چونڊڻ ڏيو
جيڪڏهن اوهان سان هلڻ گهري ٿو ته ڀلي وڃي، آءٌ ڀُنگ جو هڪ ٽَڪو به نه وٺندس... ڪوبه ڏنڊ.. ڪا به قميت نه وٺندس... پر جيڪڏهن هي مون وٽ رهڻ گهري ته....؟ “
زيد جي پيءُ ۽ چاچي جي چهري تي هڪدم خوشيون مِڙي آيون. پر هو آقاﷺ جي جملي جي ٻي حصي کي ٻُڌي حيران ٿي ويا.. هُنن جو ذهن چئي رهيو هو ته ڪڏهن ڪو غلام آزاديءَ جي سامهون غلامي به ڌُڻي سگهي ٿو.
آقاﷺ زيد کي سڏ ڪيو
هُو شربت کڻي پهچي ويو
ٻنهي شربت جا پيالا هٿن ۾ جهليا ۽ آقاﷺ زيد کان پُڇيو:
هنن معزز ماڻهن کي سُڃاڻين ٿو !
زيد وراڻيو: هائو سرڪار... هيءُ منهنجو پيءُ آهي ۽ هي چاچو.
آقا زيد کي چيو: زيد، هي توکي پاڻ سان وٺڻ آيا آهن.. جيڪڏهن تون- هنن سان وڃڻ گهرين ته منهنجي طرفان موڪل اَٿئي..
تون آزاد آهين
کين ڪوبه ڀُنگ ناهي ڀرڻو،
توکي موڪل آهي.
آقاﷺ جي ڳالهه اڃا پوري به نه ٿي هئي ته زيد جو پيءَ ۽ چاچي محبت کان مغلوب ٿي ٻانهون کولي پنهنجي پُٽڙي زيد ڏانهن وڌڻ لڳا ۽ زيد عجيب صدمي سان اکيون پَٽي حيرانگيءَ مان آقاﷺ کي تڪڻ ٿو لڳي، آقا پنهنجي ڳالهه جاري رکندي فرمايو..
پَر
جيڪڏهن تون مون وٽ رهڻ گهرين ته مونکي پنهنجي پُٽ وانگر عزيز آهين.
فيصلو تون پاڻ ڪر.
زيد جو پيءُ ۽ چاچو، اُٿندي، پنهنجي ڀاڪرن ۾ زيد کي ڀري ۽ هٿن ۾ شربت جا پيالا جهلي هڪ گهڙيءَ جي لاءِ هوا ۾ ڳڱاٽيل زيد جي منهن جي بدلجندڙ رنگ کي يڪ ٽڪ ڏسن ٿا.زيد وڏي محبت ۽ عقيدت سان پنهنجي پيءُ ۽ چاچي کي دل ڀري ڏسي ٿو ۽ پوءِ ادب مان جهڪي، گوڏن ڀُر ٿي آقاﷺ جي اڳيان ويٺو ۽ ڏڪڻ لڳو.
هُن جي اکين مان ٻه لڙڪ به وهي هن جي چپن تي اچي ويا ۽ هُن آقاﷺ جا گوڏا جهلي انهن تي مٿو رکيو ۽ سڏڪندي چيو..
آقاﷺ آءٌ اوهان وٽ رهڻ گهران ٿو
آءٌ ڪيڏانهن وڃڻ نٿو گهران
آقاﷺ مونکي پاڻ کان پري نه ڪريو.
منهنجا مائٽ ڏاڍا سُٺا آهن، مونکي پنهنجي ماءُ پيءُ سان گهڻو پيار آهي. پر آقاﷺ اوهان سان وڌيڪ پيار ٿو ڪريان. دنيا جي سڀني ماڻهن کان وڌيڪ پيار.. آقاﷺ آءٌ اوهان وٽ رهڻ گهران.
زيد، آقاﷺ جي گوڏن تي مٿو رکي ڏاچيءَ جي گوري جيان سڏڪڻ ۽ روئڻ لڳو.. هُن جو منهن لڙڪن سان ڀرجي ويو.. زيد جي پيءُ ۽ چاچي جي چهرن تي عجيب حيراني لهي آئي. ايئن ٿي لڳو ته سندن ذهن مائوف ٿي ويا آهن. کين اهو سمجهه ۾ نه پي آيو ته دنيا ۾ ڪڏهن ڪٿي ايئن به ٿيو آهي ته ڪنهن آزاديءَ جي بدران غلاميءَ جي چونڊ ڪئي هُجي..
هي، اهو ڪهڙو منظر پيا ڏسن،
هو ڇا پيا ٻُڌن.
آقا پنهنجن گوڏن تي مٿو رکي روئندڙ زيد کي ڪُلهن کان جهلي مٿي اُٿاريو، سندن اکين ۾ محبت جا ڏيئا ٻَري رهيا هئا. نرم معطر لڙڪن جي لار آقاﷺ جي اکين مان لڙي سندن گلابي ڳلن تي وهڻ لڳي. آقاﷺ زيد جي ٻانهن جهلي کيس سيني سان لڳايو ۽ کيس ڀاڪرن ۾ ڀري اٿي کڙا ٿيا. زيد جي پيءُ ۽ چاچي کي فرمايائون. اوهين شربت پي وٺو.. باقي ڳالهيون خدا جي گهر کي گواھ ڪري ڪعبي جي چائنٺ تي ڪنداسين.
هُنن شربت پيتو..
آقاﷺ زيد جو هٿ جهلي ڪعبي وٽ آيو.
حجر اُسود کي چميائين
پوءِ طواف ۾ هلندي حطيم ۾ بيهي ڪعبي جي اڱڻ ۾ موجود ماڻهن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪرايو ۽ وڏي سڏ چيو:
ڪعبي جي اڱڻ ۾ موجود، ماڻهؤ... منهنجي ڳالهه ڌيان سان ٻُڌو..
آءٌ محمدﷺ بن عبدالله بن عبدالمطلب بن هاشم خدا جي گهر کي ۽ اوهان سڀني کي گواھ ڪري چوان ٿو ته مون زيد کي آزاد ڪيو،
زيد کي پنهنجو ولي بنايم
هي منهنجو پُٽ آهي
آئون هن جو وارث آهيان
هيءُ منهنجو وارث آهي.
زيد آقاﷺ سان چُهٽي زار و قطار روئڻ لڳي ٿو
کيس غلاميءَ ۾ آقا جي وارثي ملي وئي.
زيد جي پيءُ ۽ چاچي جون اکيون به جذبن جي شدت سبب ڀرجي آيون. هُنن به اچي پنهنجي ٻچڙي جا ڪلها ٿڦڪيا ۽ محبت ۾ آقاﷺ ۽ غلام کي ڀاڪرن ۾ روئندي ڏسي اُنهن کان ادب مان هٽي پري ٿي بيهي رهيا. ڪجهه ڏينهن هو آقاﷺ جا مهمان رهڻ کانپوءِ خوشي ۽ اطمينان سان واپس پنهنجي گهرن ڏانهن موٽيا.. هُنن جي پُٽ خدا جي گهر واري شهر ۾ سڀني کان معتبر ”الامين“ کي ڌُڻي ورتو هو.
هُنن جو پٽ ڪنهن جو غلام نه رهيو هو
هو ڪعبي جو وارث بنجي ويو هو
هُن جي ڪري سندن سڄي قبيلي جي بنو هاشم سان عجيب واسطيداري پيدا ٿي ويئي هئي.
هو خوشيءَ سان واپس موٽي ويا.
اُن ڏينهن کان وٺي زيد مڪي ۾ زيد بن حارث جي بدران زيد بن محمدﷺ جي نالي سان سڏجڻ لڳو.. زيد جي اها نئين سُڃاڻپ جتي مڪي جي ذهن قريشي قبيلن جي اشرافيه جي لاءِ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه هئي، اُتي مڪي جي سڀني قبيلن جي غلامن لاءِ هڪ انوکي آقاﷺ جي وڻندڙ تصور جي تصوير ڪشي به هئي.
هر غلام دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳو ته ’ڪاش هو زيد هجي ها‘
آقاﷺ جو غلام.

ڪعبي جي نئين سر اَڏاوت

ڪعبي جي نئين سر اَڏاوت

هر وڏو ڪم ٿيڻ کان پهرين اهو الله جو ارادو بنبو آهي.
پوءِ جيئن- جڏهن اُن ڪم کي ٿيڻون هوندو آهي. اهو ٿي ويندو آهي.
هاڻ، الله کي خبر هئي ته جڏهن آقاﷺ جي عمر چاليهه سال ٿيندي. فلاڻي تاريخ، فلاڻو مهينو، فلاڻو ڏينهن هوندو ته جبرائيل عه جي ذريعي الله پنهنجو ڪلام پنهنجي آقاﷺ تي لاهيندو. پوءِ آقاﷺ سڀني بني نوع انسانن کي خدا جي گهر کي مرڪز بڻائي، حق، برابري، رواداري ۽ سماجي انصاف جي اعليٰ قدرن طرف سڏيندا. خدا جي گهر مان جاهليت جون سڀئي علامتون ٽي سؤ اسي بُت کنيا ويندا. ڪعبو ٻيهر صرف الله جي آخري رسول سيد البشر آقاﷺ جي هٿان سجايو ويندو. بس الله ارادو ڪيو، مڪي جا قريش ڪعبي جي اڱڻ ۾ اچي ويٺا.
اُن وقت آقاﷺ جي عمر مبارڪ پنجٽيھه سال هئي.
پَر لڳي ٿو ته، الله کي پنهنجي گهر جي مٿي تي آقاﷺ جي هٿان نئين سر اڏاوت کانپوءِ افتتاحي تختي لڳرائڻي هئي. حجر اسود، سرڪار دو عالمﷺ جي هٿان لڳرائڻو هو.
ماڻهن جي ذهنن ۾ اهو سوال پيدا ٿيو ته ڪعبي جون پُراڻيون ڀتيون ڪيرائي، اُنهن جي نئين سر اڏاوت ضروري آهي. ان زماني ۾ ڪعبو هاڻوڪي شڪل ۾ نه هو.
ڪعبي جي عمارت چوڪنڊي هئڻ جي بدران مستطيل هئي.
هڪ ڊگهو ڪمرو هو
مٿان ڇت به نه هئي
ڀتيون، ننڍيون هُيون، جيڪڏهن ڪنهن هٿ مٿي تي کنيو ته ڀت جي آخر تائين هٿ پهچي ٿي ويس. چارئي ڀتيون لڳ ڀڳ اٺ نَوَ فوٽ بُلند هيون. دروازو به هڪ نه پر ٻه هئا. هڪڙو اندر گهڙڻ جو ۽ ٻيو ٻاهر نڪرڻ جو، شايد الله سوچي ورتو هو ته هاڻ آخري رسولﷺ ۽ آخري پيغام اچڻ وارو آهي.
دروازو هڪ هئڻ گهرجي
صرف اندر گهڙڻ جو
ٻاهر نڪرڻ جي ڪابه گنجائش رکڻ نه گهرجي.
الله کي جيڪو ڪرڻو هوندو آهي، خاموشيءَ سان ماڻهن جي دلين ۾ وجهي ڇڏيندو آهي.
چوندو آهي: ٿي پئه،
اهو ٿي پوندو آهي.
ايئن ئي جيئن خدا گُهرندو آهي.
زمين ۽ آسمان ۽ اُن جي وچ ۾ ڪير آهي، جيڪو الله جي حڪم کان ٻاهر هُجي، قريشن کي ڪعبي جي نئين سر اڏاوت جي لاءِ ڪعبي ۾ جيڪا شڪستگي ڏسڻي هئي، ڏيکاري ڇڏي.
ٿورو وقت اڳ اتي هڪ ٻوڏ آئي هئي. هونئن ته مڪي ۾ مينهن نه وسڻ جي برابر وسندو هو. سال ۾ هڪ ٻه ڀيرا مينهن وسندو آهي، سڄو سال موسم گرم هوندي آهي. مڪي جي چئني طرفن مٿانهان خشڪ بنجر ڳاڙها مٽيءَ هاڻا پٿريلا جبل آهن. انهن تي برسات وسي ته چئني طرفن کان پاڻي لاهياريءَ تي لهندو، مڪي جي بلڪل روح ۾ بيٺل ڪعبي جي ڀتين سان اچي ٽڪربو آهي. پاڻي جڏهن هڪ ڀيرو اُتي گڏ ٿيندو آهي. ته پوءِ هوريان هوريان اُس سبب ٻاڦ بنجي ئي ختم ٿي ويندو آهي. ٻوڏ آئي، ڪعبي جون ڀتيون ڪمزور ٿي ويون.
ڪعبي جي ڀتين تي غلاف پيو هوندو هو.
هڪ ڏينهن هڪ مائي عقيدت سبب اکيون ٻوٽي اُتي خوشبودار واس ڏيندي ڪعبي جي ڀت سان هلندي پي وئي. واس مان چڻگون اُڏري ڪعبي جي غلاف کي وڃي لڳيون. غلاف سَڙي ويو. باھ سبب پراڻيون ڀتيون وڌيڪ ڪمزور ٿي ويون.
ڪعبي جي اندر کڏ کوٽي، ڪعبي لاءِ نذراني طور آندل قيمتي شيون سنڀالي رکيون وينديون هيون، ننڍين ۽ ڪمزور ڀتين جي ڪري هڪ چور ڪعبي جي اندر ٽپي ويو ۽ اُتان ڪي قيمتي شيون اُڏائي ويو.
چون ٿا ته اهو عمرو بن خزاعه جو هڪ غلام ”وديڪ“ هو.
چور جهليو ويو.
کيس سزا به ملي
چون ٿا ته هن ڪعبي جي خزاني ۾ پيل هڪ سون جي هرڻ کي ڀُڳڙن مٺ تي ’ابو لهب‘ کي وڪڻي ڏنو. بهرحال، خدا جي گهر جو خزانو غير محفوظ هو. ماڻهن جي خيال ۾ اُن خزاني جو هڪ خدائي چوڪيدار هڪ وڏو نانگ هو.
ڪيترائي وال ڊگهو نانگ
جنهن جو مٿو بزغاله جهڙو هو، هيٺيون حصو اڇو ۽ مٿان صفا ڪارو. سياري ۾ هو اُس وٺڻ جي لاءِ ڪعبي جي ڀت تي چڙهي ويندو هو. ماڻهن اهو ڪيترائي ڀيرا ڏٺو هو ۽ اُن کان ڊڄندا هئا.
وڏا قريشي سردار ڪعبي جي ڀتين جي ڪمزوري ڏسي اُن جي نئين سر اڏاوت تي سهمت هئا.
نئين اڏاوت لاءِ جيڪو عمارتي سامان گهربل هو، خدا ان جو به اوچتو بندوبست ڪري ڇڏيو. ٿيو هيئن جو مصر جي رومي عيسائي سلطنت، يمن ۾ ابرھ جي جوڙايل وڏي ڪليسا کي سينگارڻ ۽ سنوارڻ لاءِ هڪ بحري جهاز ۾ عمارتي سامان ڀري موڪليو. سامونڊي جهاز عقبه جي بندرگاھ کان يمن طرف ڳاڙهي سمنڊ طرف روانو ٿيو.
رستي ۾ مڪو ٿي آيو.
عين مڪي وٽ، جدي کان ٿورو اورتي شيبه جي بندرگاھ جي ڀرسان اهو جهاز خشڪيءَ تي چڙهي ويو.
اوچتو سمنڊ جو پاڻي گهٽجي ويو، لو ٽائيڊ ۾ بحري جهاز جو پيٽ وڃي خشڪيءَ سان لڳو. جهاز جي اندر هزارين مڻ اڏاوتي سامان هو، جنهن ۾ ساگوان ۽ ديال جا پاٽيا، قيمتي پٿرن جون سرون، لوهي گارڊر، اڏاوت جا جملي اوزار ۽ ان سان گڏ هڪ مصري اڏاوت جو ماهر انجنئير به هو.
اُن جو نالو باقوم هو،
سامونڊي جهاز ڳاڙهي سمنڊ ۾ جتي ڦاٿو هو، مڪو اُتان کان ويجهي ۾ ويجهو شهر هو.
مڪي ۾ سامونڊي جهاز ڦاسڻ جي خبر پهتي.
مڪي جا قريشن سردار اڳ ۾ ئي روزانو ڪعبي جي نئين سر اڏاوت لاءِ منڊلي مچائي پيا سوچيندا هئا. اِهو ٻُڌي هو سمنڊ جي ڪناري پهتا. ڏٺائون ته خدا اڏاوت جو سڀ سامان ۽ اوزار ۽ گڏوگڏ اڏاوتي ماهر به موڪلي ڏنو آهي. هنن جهاز وارن سان ڳالهايو. بحري جهاز ته تباھ ٿي چڪو هو. ان جو ڪاٺ، جنهن مان اهو ٺاهيو ويو هو، اهو به وڪري لاءِ هو، جهاز وارن لاءِ اها غنيمت هئي ته کين جيڪو به اگهه ملي. مڪي جي قريشي سردار سڄي جهاز جو سامان سميت سودو ڪري ورتو. هنن اهو سامان اُٺن تي لڏي اچي ڪعبي جي اڱڻ ۾ ڍڳ ڪيو. ان اسان گڏ اڏاوتي ماهر باقوم به اُتي پهچي ويو.
اُنهن ئي ڏينهن مڪي ۾ ان مصري ڪاريگر باقوم جو هڪ شاگرد اڳ ۾ ئي ڪنهن ڪم سان آيل هو. باقوم کي پنهنجي مرضيءَ جو سيکاريل مددگار به ملي ويو. هاڻ قريشي سردار ڪعبي جي نئين ٺهندڙ ڊيزائن تي ويچارڻ لڳا.
ٻه ٽي شيون هنن طئي ڪيون هُيون.
هڪ اها ته ڪعبي جي نئين عمارت بنا ڇت بدران ڇت واري بنائڻي آهي. ڀتيون به نوَ فوٽ اوچيون رکڻ جي بدران لڳ ڀڳ ڇاليهه فوٽ مٿي رکڻيون آهن. پهرين کان پنج گهمرا مٿي، دروازا به ٻه نه پر هڪ رکڻو آهي. هڪ ٻيو به فيصلو ڪيو ويو هو ته جيڪو اڪيلو دروازو رکڻو آهي. اُن جي چائنٺ زمين کان ست فوٽ مٿي رکڻي آهي، ته جيئن هر ڪو اندر گهڙي نه سگهي. جنهن کي به اندر وڃڻو هوندو، ڏاڪڻ لڳائي اُن کي اندر موڪليو وڃي.
پر اهو سڀ ڪجهه تڏهن ممڪن هو، جڏهن ڪعبي جي پهريون ڪمزور ڀتيون ڪيرايون وڃن. پوءِ نيون ڀتيون ٺهن.. هيڏانهن هر ڪو ڪعبي جي ڀتين کي ڪيرائڻ کان لنوائي رهيو هو.
ڊپ
سڀني کي خبر هئي ته جيڪو به ڪعبي کي نقصان رسائي ٿو، اهو مٽيءَ ۾ ملي وڃي ٿو. ڪنهن ۾ به همت نه هُئي. آقاﷺ جو پڦڙ ابو وهب مخزومي قريشي بزرگن مان هو. هُن حجر اسود ۽ رُڪن جي وچين ڀت مان هڪ پٿر کنيو ته اهو پٿر سندس هٿ مان نڪري واپس اچي پناھ جي جاءِ تي لڳو.
ماڻهو اڃا به ڊڄي ويا.
ابو وهب جي ذهن ۾ جيڪا ڳالهه آئي، اها ٻي هُئي، جيڪا ڳالهه هُن چئي ڇڏي.
چيائين
ماڻهو ڏسو
هي الله جو گهر آهي.
ان ۾ اسين سڀ رڳو پنهنجي حلال جي ڪمائيءَ مان خرچ ڪنداسين..
جوا، بي حيائي، وياج ۽ ظلم مان ڪمايل پئسن مان ڪابه شئي هن ۾ استعمال نه ڪنداسين.
ماڻهن ڳالهه مڃي ورتي.
هاڻ ڪعبي جي نئين سر اڏاوت ۽ پراڻي ڪعبي جي عمارت کي ڊاهڻ لاءِ اُن جون ڀتيون قريش خاندان ۾ ورهايون ويون. سامهون جي دروازي واري اُڀرندي ڀت آقاﷺ ۽ سندس امڙ جي ڪٽنب جي حصي ۾ آئي، يعني عبدالمناف ۽ بنو زهره. حجر اسود ۽ رڪن يماني واري ڀت بنو مخزوم ۽ سندس حليفن کي ملي. اولهائين ڀت جي ذميداري بنو جمع ۽ بنو سهم جي ذميداري بڻي ۽ حطيم طرف واري ڀت بنو عبد الدار، بنو اسد ۽ بنو عديءَ جي لاءِ طئي ٿي. اُن پاسي پهرين حطيم ايئن نه هوندو هو. مستطيل ڊگهو ڪمرو هئڻ جي ڪري، حطيم واري جاءِ ڪعبي جي اندر شامل هئي.
ڪعبي جي نئين سر اڏاوت کان اڳ اُن جي ڊيزائن طئي ٿي هئي.
جيئن ته سڀ ڪعبي جي عمارت پهرين کان چار پنج ڀيرا اوچي رکڻ تي سهمت هئا، تنهڪري گمان آهي، ته جڏهن اڏاوتي سامان جي ڪعبي جي نئين ڊيزائين موجب ماپ ڪئي ويئي، ته اهو گهٽ پئجي ويو هوندو. ٿي سگهي ٿو ته قريشي سردارن، مصري ماهر باقوم سان به ڪعبي جي دلڪشي، مضبوطي ۽ شانائتي عمارت جي خط و خال جي لاءِ صلاح مصلحت ڪئي هجي. بهرحال طئي اهو ٿيو ته ڪعبي جي عمارت مستطيل نه پر چُوڪنڊي ۽ اوچي ڇت واري هوندي. ۽ حطيم واري پاسي ڪعبي جي حد ۾ ڀت جيڪا پهرين نوَ فوٽ اوچي هئي، اِها هاڻ پوڻا چار فوٽ اوچي رکي ويندي ۽ ان تي ڇت نه هوندي. ڪعبي جي ان پاسي واري ڀت سان ٻنهي پاسن ٻه کليل رستا به هوندا ته جيڪو به گُهري اندر اچي ويهي عبادت ڪري.
ٿيو ته سڀ اهو ئي.
پر هاڻ خدا پنهنجن ٻانهن جي لاءِ پنهنجي گهر جي اندر ان هنڌ حطيم ۾ اچڻ جي لاءِ ڪوبه دروازو نه رکيو. حطيم ۽ ڪعبي جي وچ واري جاءِ يقينن ڪعبي جي اندر جي جاءِ آهي. ڪعبي جو طواف حطيم جي ننڍي ڀت جي ٻاهر هلي ئي ٿيڻون هو. ٿيندو آهي. اُن هنڌ ڪعبي جي ڇت تان برسات جي پاڻيءَ جي ڪرڻ جي لاءِ نارو به ڊزائين ڪيو ويو.. اهو ”ميزاب رحمت“ اڄ به اتي ئي موجود آهي ۽ حطيم جي اندر اَبررحمت جي ڪعبي جي ڇت کي چمي سڳورو پاڻي هيٺ ڪيرائي ٿو.
جيڪو اُن پوتر پاڻيءَ ۾ وهنجي، اُن کي دوزخ جي باھ ڇهي نٿي سگهي. اهو آقاﷺ جو فرمان آهي.
سڀ ڪجهه طئي ٿي ويو، پر ڪعبي جي پُراڻين ڀتين کي ڪير ڪيرائي؟
سڀ ڪو ڊنل هو.
ماڻهن کي ڊپ هو ته خدا جي گهر جون سِرون اکُيڙڻ جي ڪري مَتان هو ڪنهن آسماني ڏمر ۾ وٺجي نه وڃي.
ڪنهن به سِرَ پٽڻ همت نه پي ڪئي.
نيٺ قريشي مخزومي قبيلي جو هڪ پوڙهو همراھ وليد بن مغيره (خالد بن وليد جو پيءُ) اڳيان وڌيو. هن همت ڪئي ۽ وڏي آواز ۾ چيو.
اي الله ! اسان جي نيت خراب ڪونهي.
اسين تنهنجي گهر جي پراڻين ۽ ڪمزور ڀتين کي ڊاهي، مضبوط ۽ وڏيون ڀتيون ٺاهڻ ٿا گهرون.
اسان جي مدد ڪر
اسان جي پڪڙ نه ڪر.
اهي ڳالهيون ڪري هن پنهنجي قبيلي جي طئي ٿيل حجر اسود ۽ رڪن يماني جي وچ واري ڀت جي مٿان ڪوڏر سان ڪجهه پٿر ڪيرايا..
سڀيئي قريشي ساھ روڪي ڊپ مان کيس ڏسندا رهيا.
اُن ڏينهن ڪنهن سان ڪنهن ڪجهه به نه ڳالهايو.
هرڪو چپ
ماٺ
ماڻهو ڊپ مان وليد بن مغيره کي ائين تڪڻ ٿي لڳا، ڄڻ مٿس ڪا وڏي آفت اچڻ واري آهي.
رات ٿي ويئي
هر ڪو ماٺ مٺيءَ ۾ پنهنجي گهر هليو ويو.
سڀني جا مُنهن پيلا هئا.
ڪجهه ٿي نه پوي. ؟
ڪا آفت نه ڪَڙڪي
کين ٻي ڏينهن صبح جو اوسيئڙو هو.
هُنن چاهيو ٿي ته ڏسن ته وليد بن مغيره کي ڪهڙي سزا ملي.
ٻي ڏينهن صبح جو وليد بن مغيره به هُنن وانگر ئي هو.
هو بَچي ويو
کيس ڪابه سزا نه ملي
ماڻهن جو ڊپ نڪري ويو
هڪ ڊپ وڃي بَچيو
ڪعبي جي پراڻي عمارت جي اندر هڪ ڊگهو نانگ هو.
اُن ڏينهن صبح جو اها خوشخبري به اچي ويئي. ٿيو هيئن ته نانگ نڪري اُس ۾ پاڻ کي سيڪڻ لاءِ ڪعبي جي هڪ ڀت تي ليٽيو پيو هو. جو اوچتو آسمان تي هڪ عُقاب ظاهر ٿيو. عُقاب ڪعبي طرف آيو ۽ نانگ کي پنهنجي چنبن ۾ جُهلي، چهنبون هڻندو اُڏري ويو.
ماڻهو خوشيءَ مان ٽپا ڏيڻ لڳا.
پهرين ڇرڪيا.. پوءِ خوشي مان جُهمريون هڻڻ لڳا.
ماڻهن ڏٺو ته عقاب نانگ کي چهنب سان گهائي ۽ پنجن سان مروڙي مڪي جي ڀرسان ’اجيار‘ طرف گهڻو پري کڻي وڃي اڇليو.
ماڻهو خوش ٿي ويا.
هنن جي دلين مان ڪعبي جي نئين سر اڏاوت جا سڀ ڊپ ۽ وسوسا نڪري ويا.
سڀ قريشي، ڪعبي جي طئي ڪيل پنهنجي حصي جي ڀتين کي ڪيرائڻ ۾ جُنبي ويا. چون ٿان ته ڪعبي جي پراڻين ڀتين کي قديم بنياد تائين ڪيرايو ويو. قديم بنيادن ۾ اُٺ جي ٿوهن جهڙا وڏا ساوا پٿر لڳل هئا. هڪ قريشي پنهنجي پاهوڙي کي انهن بنيادن جي سبز پٿرن ۾ ڦاسائي انهن کي لوڏڻ گهريو ته مڪي جي سڄي بستيءَ ۾ هڪ هولناڪ زلزلي جو جهٽڪو آيو.
روشنيءَ جو هڪ تيز اُلانڪتو، جنهن سان ڄڻ اکيون کيريون ٿي ويون ۽ سڄي بستي لڏڻ لڳي.
ڪعبي جي ڀتين تي ڪم ڪندڙ قريشي لڙڪي پيا.
ڊپ سبب هنن جا منهن اَڇا ٿي ويا.
اکين جون ماڻڪيون ڦري وين.
بُت ڏڪڻ لڳن.
لُڏيل سبز پٿر به کڙاڪ سان واپس وڃي پنهنجي جاءِ تي لڳو.
هو سمجهي ويا ته ڪعبي جي بنيادن ۾ جڙيل پٿرن کي لوڏڻ جي موڪل ڪونهي. کين خبر هئي ته بنياد جا اِهي پٿر سندن عظيم وڏڙن سيدنا ابراهيمعه ۽ حضرت اسماعيلعه جي هٿن سان لڳايل آهن، جن جي نشاندهي جبرائيل عليه السلام جي ذريعي خدا پاڻ ڪئي هئي.
انهن بنياد جي پٿرن کي خدا لوڏڻ ٿوري ڪوڏي ها.
پوءِ وري ڪنهن به قريش بنياد جي ڪنهن پٿر کي هٿ نه لڳايو. ابن ڪثير لکي ٿو : انهن ڪعبي جي بنيادن جي سبز پٿرن مان رڪن يماني وٽان پٿر جو هڪ ڪتبو مليو. جنهن ۾ سرياني زبان ۾ ڪا لکت لکيل هئي. اتي هڪ يهودي عالم موجود هو، جنهن اها لکت پڙهي لکيل هو:
”آئون الله آهيان، مالڪ ڪُل، مون زمين ۽ وقت جي تخليق جي ڏينهن، سج ۽ چنڊ کي پيدا ڪرڻ مهل هن جاءِ کي پيدا ڪيو ۽ سَتن ملائڪن جي پرن سان هن کي ڍڪيو. جيستائين هن بستيءَ جا پهاڙ قائم آهن. هيءَ قائم آهي ۽ هن جو پاڻي ۽ کير برڪتن ڀريو آهي.“
اُتان ٻه ڪتبا ٻيا به مليا.
هڪ تي لکيل هو:
”جيڪو نيڪي پوکيندو، خوشي حاصل ڪندو، جيڪو بُرائي پوکيندو، شرمساري ملنديس. بُري عمل جو بدلو نيڪ نه هوندو. اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ڪَنڊن واري هٿ مان انگور حاصل ٿين.“
ٽين ڪتبي تي لکيل هو:
”مون خير ۽ شر ۽ تقدير پيدا ڪئي، مبارڪ آهي نيڪ عملن وارو شخص ۽ بدڪردار جي لاءِ افسوس آهي.“
چون ٿا ته اِهي ٽئي ڪتبا جتي هئا اُتي ئي ڀت ۾ لنُبيا ويا.
ڪعبي جي عمارت اڏجي ويئي.
ڇت ٻائيتاليهه فوٽ اوچي. پوڻن ٽن گزن جي بلنديءَ تي ڪعبي جو دروازو ’ملتزم‘ رکيو ويو. اُن جي چائنٺ سوا ٽي گز اوچي جوڙي ويئي. ڪعبي جون چوڪنڊيون ڀتيون ڏسڻ ۾ ته هڪجهڙيون ٿيون لڳن، پر انهن جي ڊيگهه هڪجيتري ڪونهي. ملتزم واري اوڀرندي ڀت ۽ ان جي مخالف اولهائين ڀت، باقي ٻن ڀتين کان ٻن فوٽن جيتري اوچي آهي. اهي ٻه ڀتيون به پاڻ ۾ هڪجيتريون ڊگهيون نه آهن. سامهون واري ’ملتزم‘ واري ڀت سڀني ڀتين کان ڊگهي آهي. اها ڪا تيرهن گز ڊگهي آهي. اُن جي مخالف سامهون واري پوڻا تيرنهن گز. باقي ٻنهي طرفن جون ڀتيون گهٽ وڌ يارنهن يارهن فوٽ ڊگهيون آهن.
عمارت مڪمل ٿي ويئي.
ڇت وڌي ويئي
نارو لڳايو ويو
حطيم جي ڀت به تيار ٿي ويئي.
دروازي ۾ چائنٺ به لڳي ويئي.
هڪ آخري مرحلو رهجي ويو هو
’خانه خدا‘ جي چهري تي جنهن پٿر کي چُمي يا چمڻ جو اشارو ڪري، ان گهر جو طواف شروع ڪيو ويندو آهي، اُن آسمان مان لٿل سڳوري پٿر حجر اسود کي پنهنجي جاءِ تي هڻڻ جو وقت اچي ويو هو.
ڄڻ تيار ٿيل عمارت تي نيم پليٽ هڻڻ جو سمئه اچي ويو.
هاڻ سڀني قريش قبيلن ۾ اچي بحث ڇڙيو. خواهش هئي ته سڳورو پٿر هڻڻ جو اعزاز سندس قبيلي کي ملي.
بحث وڌي ويو
هُل مچي ويو
تيز جملن کانپوءِ ماڻهن مياڻين مان تلوارون ڪڍي ورتيون
خطرو هو ته سڀ قريش قبيلا پاڻ ۾ رتو ڇاڻ نه شروع ڪري ڇڏين،
قريشن ۾ اڳ ۾ ئي قبيلن جا ٻه ٽولا بنيل هئا.
هڪڙو رت سان ڀريل پيالي ۾ آڱريون ٻوڙي قسم کائڻ وارو ٽولو ”لعقتھ الدم“، ۽ ٻيو خوشبوءَ سان ڀريل پيالي مان هٿ ٻوڙي قسم کائيندڙ ” مطيبئن.“
حالتون ڇڪتاڻ واريون ٿي ويون.
نوبت جنگ تائين اچي پهتي
لڙائيءَ جي لاءِ هٿيار گڏ ٿيڻ لڳا.
جنگ ۾ جيڪي نغارا وڄائبا هئا، قبيلن جا غلام اِهي کڻي اچي وڄائڻ لڳا.
ڊم ڊم ... ٿيڻ لڳي.
هر ڪو جان جي بازي لڳائي اهاسعادت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪُڏڻ لڳو. اُن مونجهاري ۾ چار پنج ڏينهن گذري ويا. پر ماڻهو ڏينهن رات اتي ئي ڪعبي جي اڱڻ ۾ ديرو ڄمائي ويٺا هئا. ان کان اڳ جو سڀ قريشي قبيلا پاڻ وڙهي تباهه ٿين هڪ انصاف تي ٻڌل فيصلو ٿي ويو. قريشن جي سڀني کان وڏڙي بزرگ سردار ابو اُميه بن مغيره بن عبدالله بن عمرو بن مخزوم چيو:
’اي قريشيو !
ڪيترن ئي ڏينهن کان اوهين هِتي ويٺا آهيو. پر ڪوبه فيصلو نه پيا ڪري سگهو. ٺيڪ آهي هاڻ ڪنهن اهڙي شخص جو فيصلو مڃينداسين، جيڪو هتي موجود ڪونهي. اسين فيصلو ڪنهن ٻي مهل تي نٿا رکون، متان ڪو چوي ته ڪنهن اُن ۾ چالاڪي ڪئي آهي.
اڄ سج لهڻ کان اڳ ڪو فيصلو ڪرڻو آهي.
هاڻ هيڏانهن ڏسو
باب شيبه ڏانهن، هاڻ جيڪو به شخص هن دروازي مان گهڙي ڪعبي ۾ داخل ٿيندو، اهو اسان سڀني جو متفقه امين هوندو.اِهو جيڪو به فيصلو ڪندو، پوءِ ڀلي ڪهڙو به هُجي، اهو پاڻ سڀ مڃينداسين.
ٻڌايو: منظور اٿوَ.
سڀني چيو: هائو منظور آهي.
اهو سج لڙهڻ جو وقت هو
گرمين جا ڏينهن هئا
تيز اُس هئي.
ماڻهو ڪعبي جي ڀت جي ڇانوَ ۾ منتظر نظرن سان ”باب شيبه“ طرف ڏسڻ لڳا ته اُتان ڪير ٿو اندر اچي، هينئر اُن دروازي جو نالو ’باب السلام‘ آهي. سڀ ماڻهو ڪنڌ ورائي ورائي ميڙ ۾ بيٺل پنهنجي پنهنجي قبيلي جي ماڻهن کي تڪي رهيا هئا.
سوچي رهيا هئا.
سندن قبيلن جا سڀئي چڱا مڙس ته اُتي گڏ آهن،
ڪير ايندو؟
ڪعبي جي ڀت جو ڇانورو ڊگهو ٿيندو پي ويو.
سڀ ڪعبي جي اُوڀرندي ڀت جي ڇانوَ ۾ گڏ هئا.
سج ڪعبي جي ڇت کي ڇُهندو ڇت کان اولهه طرف لهي رهيو هو.
ڪعبي جو پاڇو ڊگهو ٿيندو ڪعبي جي اڱڻ جي مٽي ۽ پٿرين تان سِرڪندو ”شيبه“ جي چائنٺ طرف وڌي رهيو هو.
ڪعبي جي اڱڻ ۾ رکيل هڪ دُهل کي هڪ غلام ڏونڪي سان وڄائي رهيو هو..
سڄي اڱڻ ۾ سانت هئي.
دُهل جي وڄت ۾ ماڻهو پنهنجي دلين جي تيز ڌڙڪن ٻُڌي رهيا هئا.
بي چين ۽ منتظر .
سج اولهه ۾ اُلهي رهيو هو، ڄڻ هو اوڀر مان اُڀرندڙ ’ماھ ڪامل‘ جي حضور ۾ سجدو ڪرڻ جي جاءِ ڳولهي رهيو هجي.
ڪعبي جو پاڇو، اُن جي ڇت جي سڳورپ کي پاڻ سان ويڙهي ڪعبي تان پيرن اگهاڙو هيٺ لهي ” شيبه“ طرف وڌي رهيو هو.
دُهل تي هڪ زوردار ڏونڪو پيو
۽ سجدي ۾ پيل پاڇو باب شيبه جي چائنٺ تائين پهتو ته ماڻهن ڏٺو ته ڪنهن جا قدم چائنٺ تي پيا آهن.
ماڻهن ڪنڌ مٿي کنيو
سج سِيس نوائي ڇڏيو.
شام جي سنهري اُس جي ڪرڻن سان اُن دروازي مان داخل ٿيندڙ شخص جو چهرو چمڪيو.
سڀئي ماڻهو خوشيءَ مان هُوڪريا ڪرڻ لڳا.
مرحبا... ڀلي ڪري آيا.
دُهل جي وڄت ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن کان تيز ٿي ويئي.
هُل مچي ويو.
هي ته الامين آهي.
محمد بن عبدالله ﷺ آهي.
اسين هن جي فيصلي تي راضي آهيون.
آقا ﷺ وکون کڻندو ميڙ وٽ پهتو
ڪجهه ڏينهن کان آقا ﷺ مڪي کان ٻاهر ويل هئا.
ڪعبي جي نئين سر اڏاوت ٿي رهي هئي. ٻين ماڻهن وانگر آقا ﷺ به پنهنجي هٿن سان ڪعبي جي نئين سر اڏاوت ۾ پنهنجي قبيلي جي حصي جي دروازي اُوڀرندي ڀت ۾ پٿر کڻي هنيا هئا. چئن پنجن ڏينهن کان جيڪو تڪرار هلندڙ هو. آقاﷺ اُن کان اڻ وقف هئا.
ماڻهن پنهنجو پنهنجو نقطه نظر پيش ڪيو.
آقا ﷺ سڀني جي ڳالهه ٻُڌي
پوءِ مُرڪي پنهنجي ڪلهي تان ڪاري ڪَملي لاٿي
ڪعبي جي چئني ڀتين جي ذميوار قريشن جي سردار قبيلن کي چيو ته هن چادر جون چارئي ڪنڊون جهليو. قريش سردار حيرت ۽ خاموشيءَ سان آقا جي ڳالهه ٻُڌي رهيا هئا. سندن سمجهه ۾ ڪجهه به نه پي آيو، پر سندن چهرا ٻُڌائي رهيا هئا ته هو آقا ﷺ جي تدبير ۽ انصاف کان مطمئن آهن.
هنن، اهوئي ڪيو جيڪو آقا ﷺ کين چيو.
هو سڀئي اڳ ۾ ئي مڃي چڪا هئا ته جيڪو به فيصلو ٿيو، هو منظور ڪندا. فيصلو اهو ته ’حجراسود‘ کي ڪعبي جي ڪُنڊ وٽ مقرر جاءِ تي سوا چار فوٽ مٿانهين تي هڻڻون هو.
سڀني سردارن آقا ﷺ جي چادر جون چارئي ڪُنڊون جهليون
آقا ﷺ چادر کي هيٺ رکڻ جو اشارو ڪيو.
سڀئي آقا ﷺ جي گوڏن وٽ جهڪي ويا.
جُهڪي پٽ تي چادر رکيائون. آقا ﷺ حجر اسود جي سڳوري پٿر کي کڻي چادر جي وچ ۾ رکيو ۽ سڀني ڪنڊن جهليندڙ سردارن کي چادر مٿي کڻڻ جي لاءِ چيو.
’حجر اسود‘ ڪاري ڪملي جي وچ ۾ پيو هو.
جتي پيو هو، اُتي آقا ﷺ جي چادر جُهڪيل هئي.
چادر جون چارئي ڪُنڊون قريشن جي سردارن ۽ انهن جي حليفن جهلي رکيون هيون. هوريان هوريان چادر مٿي کڄي رهي هئي.
چادر مٿي کڄي ويئي
جڏهن چادر ۾ پيل حجر اسود عين پنهنجي جاءِ جي برابر پهتو ته آقا ﷺ سڀني کي بيهڻ جو اِشارو ڪيو. حجر اسود جي خالي جاءِ جي سامهون آقا ﷺ جي ڪاري ڪمليءَ ۾ ڪارو سڳورو پٿر رکيو هو. چادر جون چارئي ڪُنڊون قريش سردارن جي هٿن ۾ جهليل هيون.
آقا ﷺ ڪجهه وکون اڳتي وڌيا.
پنهنجا پير، پنهنجي پيرن سان پنهنجي عظيم وڏڙي سيدنا ابراهيم عليه السلام جي پيرن جي نشانن تي رکيا، ۽ پنهنجا هٿ وڌايا.
پوءِ ٻنهي هٿن سان پنهنجي چادر ۾ پيل حجر اسود کنيائون ۽ پنهنجن هٿن سان مقرر جاءِ تي هنيائون.
جڏهن پٿر طاق تي رکجي ويو ته سڀني جي هٿن ۾ جهليل پنهنجي چادر لڳايل سڳوري پٿر کي پنهنجن هٿن سان دٻائي پٿر کي چڱي طرح ڄمايائون.
آقا ﷺ پنهنجي چادر سان پٿر کي پنهنجي جاءِ تي ڄمائڻ جي لذت ۾ سڀني قريش سردارن کي به شامل ڪيو.
سڀني واري واري سان آقا ﷺ جي چادر سان حجر اسود کي چمڪايون ۽ هر ڪنهن کي اُن عمل کان پوءِ حجر اسود کان پهرين آقا ﷺ جي چادر چمي.
آسمانن تان لٿل سڳورو پٿر پنهنجي گُهربل مٿانهين تي پهچائڻ ۾ هُنن سڀني جا هٿ شامل هئا. اُن سمئه شايد خدا به مُرڪي رهيو هوندو ته ڏٺوَ پنهنجي گهر جي نئين سر اڏاوت کانپوءِ پنهنجي گهر جي سڳوري چهري تي پنهنجو سڳورو پٿر پنهنجي محبوب رسول ﷺ جي هٿن سان لڳرائڻون هو. سو لڳرايم. جنهن گهر جو بنياد پنهنجي خليل ابراهيمعه کان رکرايم، اُن جو افتتاحي پٿر سيدالبشر ﷺ جي هٿن سان سَجايم.

ڪُٽنب

ڪُٽنب

سيده خديجه ۽ آقا ﷺ جو گهر خوشين سان ڀريل هو.
خدا هڪ هڪ ڪري آقا ﷺ کي سيده جي پيٽان ڇھه ٻارڙا ڏنا. ٻارڙن جي عمرين ۾ گهٽ وڌ ڏيڍ سال جو وقفو هو. آقا ﷺ جي عمر 26 سال ٿي ته خدا کيس پُٽڙي سان نوازيو.
نالو قاسم رکيو ويو.
اُن جي ڪري ئي آقا ﷺ جي ڪُنيت ابو قاسم ٿي. ننڍڙو قاسم اڃا ارڙهن مهينن جو هو ۽ ٿڃ ئي پي رهيو هو جو بخار سبب گذاري ويو.. آقا ﷺ جي عمر اٺاويهه سال ٿي ته سندس گهر ۾ سيده زينب جنم ورتو. سوا سال کانپوءِ سيده رقيه جي ولادت ٿي، آقا ﷺ ٽيهن سالن جو هو ته سيده اُم ڪلثوم پيدا ٿي. جن ڏينهن خدا پنهنجي گهر جي نئين سر اڏاوت ڪرائي رهيو هو. مُڪي جا قبيلا پنهنجن ڪلهن تي پٿر ڍوئي آڻي رهيا ۽ خدا جي گهر جي نئين سر تعمير کانپوءِ حجر اسود آقا ﷺ جي هٿان رکرائڻ وارو واقعو ٿيڻ وارو هو. آقا ﷺ جي گهر ۾ جنت جي سڀني عورتن جي سردار سيده فاطمه جي ولادت ٿي. سانئڻ فاطمه جي باري ۾ آقا ﷺ فرمائيندا هئا ته سندس مقام اُم عيسيٰ بنت عمران سيده مريم کانپوءِ سڀني کان مٿانهون آهي.
آقا ﷺ جو ڇهون ٻار سيده خديجه جي پيٽان بعثت کانپوءِ ٿيو. ٻارڙي جو نالو عبدالله ۽ لقب طيب ۽ طاهر هو. اِهو ننڍي هوندي ئي گذاري ويو. ان وقت آقا جي عمر سوا ٽيتاليهه سال هئي. وحيءَ جي ايندي سوا ٽي سال ٿي چڪا هئا. اسلام طرف عام سڏڻ جي سڏ کي به ڪجهه مهينا گذري چڪا هئا. قريشي سردار آقا ﷺ مخالف تي سندرو ٻڌي لهي آيا هئا.
ننڍڙي طاهر- طيب جي وفات تي بنو سَهم جي بد فطرت قريشي سردار عاص بن وائل ڪعبي جي اڱڻ ۾ ماڻهن جي ميڙ ۾ چيو.
ڏٺوَ - ! ابن عبدالله ﷺ جو نسل ختم ٿي ويو ۽ هو (نعوذ بالله) اَبتر ( بي اولاد) ٿي ويو.
آقا ﷺ ڪڏهن به بُرائيءَ جو جواب بُرائيءَ سان نه ڏنو.
پر خدا، آقا ﷺ کي بُرو چوندڙ ڪنهن به بدبخت کي نه ڇڏيو.
سِرَ جو جواب پٿر سان ڏنائين.
نه رڳو انهن کي، پر آقا ﷺ جي دشمن جي نسلن مان اهڙا پٿر پيدا ڪري ڇڏيائين، جيڪي پنهنجا پنهنجا ڀاڳ پاڻ ڀڃن ۽ برباد ٿين.
آقا ﷺ خدا جو ”مان“ آهي. سندس گهر سِڪون ۽ خوشين سان ڀريو ويو.
سيده خديجه، جيڪا مڪي جي ڪامياب ۽ معزز واپارڻ هئي. پنهنجي ٻارن جي پرورش ۽ آقا ﷺ جي خدمت ۾ لڳي وئي. هر ٻارڙي جي جنم کان اڳ هڪ ٿڃ پيارڻ واريءَ جو بندوبست ڪيو ويندو هو. هر ٻارڙي جي جنم کان ست ڏينهن پوءِ عقيقو ٿيندو هو. ٻارڙي جي جنم تي ٻه ٻڪريون ۽ ڌيءُ جي جنم تي هڪ ٻڪري ڪُهي ماڻهن کي کارائيندي هئي. آقا ﷺ جي پُڦي صفيه، جيڪا سيده خديجه جي ڀاڄائي هئي. سندس آزاد ڪيل ٻانهي هر وقت سيده جي خدمت گذار هئي.
شادي کانپوءِ ۽ ٻارن جي ڄمڻ تي به ڪيترائي ڀيرا آقا ﷺ جي رضاعي امڙ، مائي حليمه، سيده جي گهر ايندي رهي ۽ سيده کان سوکڙيون پاکڙيون وٺندي رهي. شادي کانپوءِ ۽ پهريون ڀيرو جڏهن مائي حليمه آئي ته آقا ﷺ منهنجي ماءُ، منهنجي ماءُ چئي کيس کڻي ڳراٽڙي پاتي ۽ پنهنجي مٿي تي ٻڌل چادر لاهي ادب سان کولي پَٽَ تي وڇائي ۽ وڏي حب ۽ اُڪير مان امڙ حليمه کي اُن تي ويهاريو.
انهن ڏينهن امان حليمه جي علائقي ۾ سوڪهڙي سبب ڏڪار آيل هو.
سيده خديجه اُٺ جو هڪ ڪجاوه ان سان ڀريل ۽ چاليهه رڍون امان حليمه جي نذر ڪيون. امان حليمه جڏهن آقاﷺ جي گهر آئي ته پنهنجي پُڄت آهر پنهنجي هٿ جي ٺهيل چٽائي يا پنهنجي هٿن سان ڪو کاڌو رڌي کڻي ايندي هئي. جيڪو آقا ﷺ مُنهنجي امڙ جي هٿن جو پڪل لذيذ کاڌو چئي بسم الله پڙهي کائڻ لڳندا هئا.
آقا ﷺ کي ننڍي هوندي کان ئي امان حليمه جي هٿن جي رڌيل کاڌي جي سُڃاڻپ ۽ اُنهن جو گهڻو احترام هو.
سيده جي گهر ۾ سندس ڀائرن حڪيم ۽ عوام جي زالن ۽ ٻارڙن جي آوت جاوت جاري رهندي هئي. عوام جي زال صفيه آقا ﷺ جي ننڍي پُڦي ۽ سؤٽ ۽ آقا ﷺ جي هم عمر ، چاچي جي پُٽ ۽ دوست حمزه جي ماءُ ڄائي ڀيڻ هئڻ جي ناتي گهڻو ويجهو رکندي هئي. قاسم جي جنم وارن ڏينهن صفيه کي، هڪ پُٽ ڄائو، جنهن جو نالو زبير رکيو ويو. زبير، آقاﷺ جي سامهون کيڏندي وڏو ٿيو ته کيس ڏسي آقاﷺ محبت مان زبير کي کڻي ڇاتي سان لڳائيندا هئا.
سيده جي ڀاءُ حڪيم جي ڌيءَ جي شادي نيڪ فطرت عثمان بن مظعون سان ٿي، جيڪو دنيا جي هُل بکيڙن کان پري روحاني تصورن ۾ گم رهندو ۽ خدا واحد جي جستجوءَ ۾ لڳل رهندو هو. هن جي زندگيءَ لڳ ڀڳ هڪ راهب جهڙي پاڪيزه هئي.
سيده جي ڀيڻ هاله اڪثر اُتي ايندي هئي ۽ پنهنجي پٽ ابوالعاص کي پاڻ سان گڏ آڻيندي هئي. هاله جو پُٽ سيده ۽ آقا ﷺ جي نياڻي زينب کان ڪجهه سال وڏو هو. پوءِ وارن ڏينهن ۾ سيده زينب جي شادي اُن هاله جي پٽ ابوالعاص سان ٿي هئي.
جن ڏينهن آقا ﷺ ڪعبي جي نئين سر اڏاوت کانپوءِ حجر اسود پنهنجي هٿن سان لڳائي آيو، خدا هن جي گهر سيده فاطمه کي پيدا ڪيو ته آقا ﷺ پنهنجي چاچي ابوطالب جو ڇهن سالن جو پُٽڙو علي هميشه جي لاءِ پاڻ وٽ گهر وٺي آيو.
سردار ابو طالب جون ٽي نياڻيون به هيون
عرب سماج ۾ سَتن اٺن ٻارڙن تي مشتمل ڪُٽنب ڪو گهڻي اولاد وارو ڪٽنب نه سمجهيو ويندو هو. اها ڌار ڳالهه آهي ته ڪعبي جي متوليءَ جي حيثيت سان سردار ابو طالب، هر سال حج وارن ڏينهن ۾ خدا جي گهر ايندڙ هزارين مهمانن کي پاڻي پيارڻ ۽ ماني کارائڻ جي ذميداري به نباهيندو هو. اڪثر چوڻ وارن سردار ابو طالب کي گهڻي اولاد هئڻ سبب تنگ دست به چيو آهي.
سردار پنهنجي گهڻي اولاد جي ڪري تنگ دست نه هو، البت خدا جي مهمانن جي گهڻي تعداد جي خدمت چاڪريءَ سبب ڪو مال ۽ ملڪيت گڏ ڪري نه سگهيو هو.
سردار جا ٻيا ڀائر سُٺي زندگي گذاري رهيا هئا.
سردار جو ننڍو ڀاءُ عباس جيڪو آقا ﷺ کان ٽي سال وڏو هو. سون جو ڪاروبار ۽ وياج جي ڏيتي ليتي ڪرڻ سبب چڱو موچارو مالدار هو. هڪ ڀيري آقاﷺ پنهنجي چاچي عباس کي چيو ته اسين ٻيئي چاچا ابو طالب جي ٻن پُٽن کي پنهنجي پرورش ۾ وٺون ٿا. جيئن سردار پاڻ ٻنهي جي پرورش ڪئي هئي. ته جيئن پاڻ ۾ مُحبت وڌي.
چاچو عباس راضي ٿي ويو .
ٻيئي سردار ابو طالب جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ اچڻ جو سبب بيان ڪيائون.
سردار چيو عقيل کي مون وٽ رهڻ ڏيو
باقي اوهين جيڪو فيصلو ڪريو.
عقيل کان ڏھ سال ننڍو جعفر هو ۽ سورهن سالن جي جعفر کان ڇهه سال ننڍو علي هو. عباس ڪاروباري ماڻهوهو، شايد هُن سوچيو ته سورهن سالن جو نينگر ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائيندو. هن جعفر جي ٻانهن گهري، آقا ﷺ مُرڪندي سردار جي سڀني کان ننڍڙي پُٽڙي ڇهن سالن جي عليءَ جي مٿي تي محبت مان هٿ رکي کيس هنج ۾ کنيو. اُن ڏينهن کان سيده خديجه ۽ آقا ﷺ جي گهر ۾ سندن چئن نياڻين سان گڏ سندن نئون پُٽ علي پرورش پائڻ لڳو.
اُنهن ڏينهن آقا ﷺ جي امڙِ سيده آمنه جي خادمه بَرڪه، جنهن جي ڪنيت اُم ايمن هئي، اها به واپس اچي آقا ﷺ جي ڪٽنب سان گڏي هئي. آقا ﷺ جي امڙ جي چالاڻي مهل مڪي ۽ يثرب جي وچ ۾ ’ابواء‘ جي جاءِ تي ويراني ۾ رڳو اُم ايمن، ئي آقا ﷺ سان گڏ هئي. هُن ئي سيده آمنه جي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ سفر ۽ بيماريءَ ۾ خدمت ڪئي هئي. هُن جي سامهون ئي سيده آمنه جي رحلت ٿي هئي، هُن ئي يثرب ۽ مڪي جي مسافرن سان گڏجي سيده آمنه کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو هو. هُن سان ئي يتيم آقا ﷺ پنهنجي امڙ جي وفات کانپوءِ ڏکاري حالت ۾ بي وسيءَ جي انتها تي ڇهن سالن کان به گهٽ عمر ۾، سڄو مهينو گرم وارياسي پٿريلي صحرا ۾ هلندي مڪي پنهنجي ڏاڏي عبدالمطلب وٽ پهتا هئا. اُم ايمن سان آقا ﷺ کي جيڪو انتهائي گهرو دلي لڳاءَ هو، بيان کان مٿي آهي.
عمر ۾ اُم ايمن آقا کان ست سال وڏي هئي.
آقا ﷺ جي عمر پنجٽيھه سال هئي ته ام ايمن ٻائيتاليھن سالن جي هئي.
اُم ايمن جي شادي هڪ ڀيرو ٿي چڪي هئي. اُن شاديءَ مان ايمن نالي ڇوڪري پيدا ٿي هئي. جيڪا ننڍي هوندي ئي گذاري ويئي. جنهن سان پَرڻي هئي، اهو يثرب جو هو، جڏهن اهو به گذاري ويو ته اُم ايمن واپس موٽي آئي. چوويهن سالن جي زيد ۽ ٻائيتاليهن سالن جي اُم ايمن جي پاڻ ۾ شادي ٿي ويئي.
سيدنا زيد، آقا ﷺ کان ٻُڌو هو ته هن دنيا ۾ هلندڙ ڦرندڙ جنتي عورت ” ام ايمن“ آهي. پرڻي کانپوءِ هو ٻيئي به سيده خديجه ۽ آقا ﷺ سان سندن ئي ان وڏي ٻه ماڙ گهر ۾ رهندا هئا. سندن پرڻجڻ کان ڪجهه سال پوءِ سيدنا زيد ۽ سيده ام ايمن کي هڪ سُهڻو پٽڙو ڄائو، جنهن جو نالو اُسامه هو .
اُسامه جي حيثيت آقا ﷺ جي پوٽي جهڙي هئي.
اڪثر آقا ﷺ اسامه کي پنهنجي ڪلهن تي ويهاري ڪعبي جي اڱڻ ۾ هليا ايندا هئا.
قريش جي ڏهن قبيلن مان بنو هاشم ۽ بنو مطلب هڪ ئي ڪٽنب ڳڻيو ويندو هو. شايد اُن جو سبب اهو هو ته سردار مطلب، پنهنجي ڀاءُ هاشم جي وفات کانپوءِ ڪعبي جي سار سنڀال پنهنجي گهر ۾ رکڻ جي بدران يثرب مان هاشم ۽ سلميٰ جي پُٽ عبدالمطلب کي آڻي ان جي حوالي ڪئي هئي. کيس پنهنجي ڀائيٽي عبدالمطلب سان دلي پيار هو ۽ عبدالمطلب به سندس محبت ۾ پنهنجو نالو شيبه ڇڏي، سندس غلام رهڻ يعني ” عبدالمطلب“ سڏرائڻ پسند ڪيو.
غلامي هر آقا کي کَٽي وٺي ٿي.
تنهن ڪري هن پنهنجي اولاد جي لاءِ ڌار ” بنو مطلب“ جي بدران پنهنجي ڀائيٽي عبدالمطلب ۽ پنهنجي ڀاءَ بنو هاشم جي سڃاڻپ ئي رهڻ ڏني. بنو مطلب کي بنو هاشم ۾ ئي شامل رکيو. باقي ڏھ قريش قبيلا پنهنجي ڪثير اولاد ۽ گهڻي مُوڙيءَ جي ڪري قريشن ۾ اُمتيازي ۽ باوقار سڃاڻپ جي ڊوڙ ۾ لڳا رهيا. انهن گهراڻن ۾ خاص طور تي ٻه گهراڻا پنهنجي گهڻي موڙي ۽ ڪثير جوان اولاد جي ڪري پاڻ کي قريش قبيلن جا سرپئنچ سمجهندا هئا.
اُنهن مان هڪ ته سيدنا هاشم جي جاڙي ڀاءُ عبدشمس جو اولاد، بنو اُميه مان ابو سفيان بن حرب هو، جيڪو وهيءَ ۾ آقاﷺ کان ٻه سال وڏو هو. ان ئي عبد شمس ڪٽنب مان ٻه ڀائر شيبه ۽ عتبه هئا. عتبه، ابوسفيان، بن حرب جو سهرو هو. ابو سفيان جي زال هنده جو پيءُ، اُن ئي عتبه جو پيءُ ربيع هو، جيڪو عبد شمس جو پٽ هو. شيبه جي ماءُ آمنه عبدالدار قبيلي مان هئي. ابو سفيان چمڙي ۽ تيل جو واپاري هو، هو مڪي مان اُٺن جا وڏا وڏا قافلا وٺي شام طرف ويندو هو. جيڪڏهن ڪڏهن هن جو قافلو نه ويندو هو ته هو ته سيده جي قافلي سان گڏ پنهنجا اُٺ موڪليندو هو. ڪڏهن وري سيده جا واپاري اُٺ ابو سفيان بن حرب جي قافلي سان گڏ هليا ويندا هئا. هڪ ڀيري هيئن ٿيو ته آقا ﷺ به ابو سفيان بن حرب جي قافلي ۾ واپار جي لاءِ ’غزا‘ طرف ويا هئا. آقا ﷺ جي بعثت کانپوءِ اُن ئي ابو سفيان بن حرب، آقا ﷺ ۽ مسلمانن جي حد درجي جي مخالفت ڪندي اسلام جي خلاف سڀني اهم جنگين جي اڳواڻي ڪئي.
عبد شمس گهراڻي جي اُن لڙيءَ مان اُميه جي پٽ عاص جو پوٽو عثمان بن عفان آقا ﷺ سان حد کان وڌيڪ محبت ۽ عقيدت رکندڙ هو.
هو پنهنجي سڄي قبيلي ۾ سڀني کان وڌيڪ خوبرو ۽ خوش شڪل جوان هو.
عمر ۾ زيد جي هم عمر هو، ڪاروبار ۾ آقا ﷺ جي سڀ کان ويجهي دوست ابوبڪر جو ساٿي هو. بعد ۾ کيس آقا ﷺ جي ٻن نياڻين سيده رقيه ۽ سيده اُم ڪلثوم سان هڪ جي وفات کانپوءِ ٻيءَ سان نڪاح جو شرف حاصل ٿيو. هو مسلمانن جو ٽيون خليفو به ٿيو. جتي هي مسلمانن جي ٻانهن جو ٻَل هو، اُتي سندس گهراڻي مان عتبه بن ربيعه، شيبه بن ربيعه، وليد بن عتبه، عتبه بن ابي معيط ۽ ابو سفيان جهڙا رسول الله جا دشمن به هئا.
قريش جو سرپئنچ قبيلو بنو مخزوم هو.
بنو مخزوم ۾ آقا ﷺ جي ڏاڏي سردار عبدالمطلب پنهنجون ٻه نياڻيون اميمه ۽ عاتڪه پرڻايون هيون. آقا جي انهن ٻنهي پڦين جا ٻارڙا، آقا ﷺ سان پيار ڪندا هئا ۽ سندن آقا جي گهر اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. سردار ابو طالب پنهنجي ڌيءَ ”فاخته“ جيڪا ’اُم هاني‘ جي نالي سان مشهور ٿي. اها بنو مخزوم ۾ پرڻائي خود سيده جي ٻي مرهيات خاوند جو واسطو به اُن مخزوم قبيلي سان هو، اُن وقت ان قبيلي جي سردار حڪمت جو پيءُ ابو الحڪم جي لقب سان ڄاتو ويندو هو، ان جو نالو عمر بن هشام هو. عمر ۾ هو آقا ﷺ کان ڪجهه سال ننڍو هو، پر پنهنجي هَٺ، وڏائي ۽ سرڪشيءَ جي ڪري هو آقا ﷺ ۽ مسلمانن جو انتهائي شديد دشمن هو، ان ڪري آقا ﷺ ان جو نالو ابوالحڪم جي بدران جهالت جو پيءُ يعني ”ابو جهل“ رکيو.
تاريخ ۾ هُو اُن ئي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو.
هُن جي مخالفت گهڻي تڻي مڪي ۾ رهي ۽ مدني دور جي پهرين لڙائي بدر ۾ هو مارجي ويو. اُن قبيلي مخزوم مان آقا ﷺ جي پُڦين جا پُٽ گهڻو ڪري آقا ﷺ جا دوست ۽ فرمانبردار رهيا. ارقم بن الارقم، جيڪو ننڍي هوندي کان ئي آقا ﷺ جو عقيدت مند ۽ خيرخواھ هو. اُن قبيلي بنو مخزوم مان هو. عمر ۾ هو آقا ﷺ کان ڏھ سال ننڍو هو. پر سندس آقا ﷺ جي گهر اچڻ وڃڻ ٿيندو رهندو. آقا ﷺ به صفا وٽ سندس سُهڻي ۽ کليل گهر ۾ اڪثر ايندا ويندا هئا. جيڪو مڪي جي آباديءَ کان ٿورو پَر ڀرو هو. اُتي ئي آقا ﷺ جا پروانا وٽس گڏ ٿيندا هئا. ان گهراڻي مخزوم مان الوليد بن مغيره جا پُٽ وليد بن الوليد ۽ سندس پٽ خالد بن وليد آقا ﷺ جي امانت ۽ ديانت جي ڪري سندس احترام ڪندا هئا. اُن قبيلي مان اُم سلميٰ جو مڙس ابو سلمه آقا ﷺ سان خاص اُنسيت رکندو هو.
هاشم ۽ عبدشمس جي ڀاءَ نوفل جي اولاد مان مطعم بن عدي بن نوفل ۽ معطم جو پٽ جبيربن معطم آقا ﷺ جي خير خواھن مان هئا.
بنو زهره به قريش جو معزز قبيلو هو.
آقا ﷺ سان ويجهي رشتي جي ناتي اُن قبيلي جا ماڻهو بعثت کان اڳ ۽ پوءِ به عام طور تي آقا ﷺ جا دوست ۽ محبت ڪندڙ رهيا. ان ئي قبيلي مان آقا ﷺ جا ٻه عظيم دوست ۽ خير خواھ سعد بن ابي وقاص ۽ عبدالرحمٰن بن عوف هئا. شايد هن پنهنجي ماسي سيده آمنه کان آقا ﷺ جي ولادت واري وقت جي ڏٺل حيران ڪندڙ معجزاتي ڳالهيون ٻُڌيون هيو. اِهي ٻيئي عمر ۾ آقاﷺ کان ٻارهن پندرهن سال ننڍا هئا. پر آقاﷺ جي ويجهي دوست ابوبڪر جا ڪاروباري ساٿي به هئا. اُن جي ڪري ئي ٻنهي جو اڪثر آقا ﷺ سان گڏجڻ ٿيندو رهندو هو.
قريش جي اُنهن قبيلن مان قبيلي بنو عدي جو سعيد بن زيد، آقا ﷺ سان محبت ڪندڙ هو. اُن قبيلي جي قريش جو سڀني کان قد آور ۽ شهزور جوان عمر بن خطاب جيڪو آقا کان عمر ۾ چوڏهن سال ننڍو هو. بعثت کانپوءِ شروع وارن ڪجهه سالن ۾ جتي آقا ﷺ جو دشمن هو، اُتي مسلمان ٿيڻ کانپوءِ آقا ﷺ جي ٻانهن جو ٻَل ۽ اسلام جو ٻيو خليفو رهيو. جنهن جي خلافت جي ٻارهن سالن ۾ ان وقت جي ٽنهي وڏين سلطنت کي هن اهڙو ته فتح ڪيو، جو اهي سڀ اڄ تائين مڪمل طور تي مسلمان آهن.
جتي آقاﷺ جي دوستن جي ڳالهه ٿئي ته اها آقاﷺ جي ننڍپڻ کان وٺي آخري پساهن تائين سڀني کان پياري ۽ عظيم ترين دوست ابوبڪر تي ڳالهه ختم ٿئي ٿي.
سندس نالو عتيق هو
قريش جي معزز قبيلي تيم سان واسطو هو.
اُن قبيلي سان جنهن جي هڪ وڏڙي عبدالله بن جدعان جي وڏي عاليشان گهر ۾ آقا ﷺ ويهن سالن جي وهيءَ ۾ مظلومن جي حمايت جو حلف کنيو هو.
سيدنا ابوبڪر ڪپڙي جو واپار ڪندا هئا.
پاڻ ڪيترائي ڀيرا آقا ﷺ سان واپاري قافلن ۾ ويا هئا.
سيدنا ابوبڪر جي قبيلي جو طلحه بن عبدالله به آقا ﷺ جي دوستيءَ جو دم ڀريندو هو. سيدنا ابوبڪر نه رڳو سڀني قريشن ۾، پر سڄي عربستان جي گهڻن تڻن قبيلن ۾ عزت ۽ احترام سان ڏٺو، ڄاتو ۽ سُڃاتو ويندو هو.
قبيلا نسل در نسل ۽ قبيلن جي شجرن جو عالم سمجهيو ويندو هو.
پاڻ سچائي ۽ انصاف جي ڪري قريشن ۾ هڪ خاص شان رکندو هو، قريش عام طور تي پاڻ ۾ ٿيندڙ جهيڙن جهٽن جا فيصلا حضرت ابوبڪر کان ئي ڪرائيندا هئا، ڇو ته آقا ﷺ کانپوءِ ابوبڪر ئي قريش ۾ صديق جي لقب سان ڄاتا سُڃاتا ويندا هئا.
سيده خديجه ۽ آقا ﷺ جو گهر مڪي جي قريش گهرن ۾ هڪ معزز، پُر سڪون ۽ عزت ڀريو گهراڻو هو. قريش جا سڀ قبيلا آقا ﷺ جي حيثيت ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ کيس قريشن جو سڀ کان فخر جوڳو ۽ ممتاز فرد سمجهندا هئا.
جنهن جي واتان قريشن جي ڪنهن به فرد ڪڏهن به ڪا ڪڙِي ڳالهه نه ٻُڌي هئي.
ڪڏهن به ڪنهن جي گلا ڪندي آقا ﷺ کي نه ٻڌو هو.
آقا ﷺ ڪنهن سان به واعدي خلافي نه ڪئي هئي.
هڪ ڀيري ته ڪنهن ڪاروباري معاملي ۾ هڪ قريشيءَ آقا کي ڪعبي وٽ بيهڻ جي لاءِ چيو ته جيستائين آءٌ نه موٽان تيستائين اوهين هِتي ئي بيٺا هُجو. گهر وڃي کيس ڳالهه وسري وئي. رات پئجي ويئي ۽ سُمهي رهيو. ٻي ڏينهن آقا ﷺ جي گهر ويو ته خبر پيس ته آقا ﷺ رات گهر نه آيا آهن. هو ڀَڄندو حرم پهتو. جتي هن آقا کان پنهنجي موٽي اچڻ تائين بيهڻ جو وعدو ورتو هو. ڏٺائين ته آقا ﷺ اُتي ئي بيٺا هئا.
آقا ﷺ جي سُهڻي اخلاق ۽ رواداريءَ جا قصا مڪي ۾ شاعري جو موضوع به بنيا. آقا ﷺ جي سُهڻي سلوڪ، ظاهري سونهن ۽ سوڀيا، اخلاقي برتري، ڪوڙ، ريا ڪاري ۽ گلا غيبت کان پاسو ڪرڻ، وعدي جي پاسداري ڪرڻ هڪ سکر پاڪباز واپارڻ زال جو سڪون ڀريو گهر، خوش شڪل، خوش خصال، سهڻي اُٿي ويٺي، چئن ٻارن جي پيءَ عبدالمطلب جي لاڏلي پُوٽي ۽ حاجين کي پاڻي پياريندڙ ۽ ماني کارائيندڙ سٺي چاچي ابوطالب جي سرپرستيءَ سبب سڀني قريش قبيلن کي احساس هو ته ايندڙ وقت ۾ محمد بن عبدالله آقا ﷺ قريشن جي اڳواڻي پنهنجي وڏڙي هاشم ۽ ڏاڏي کان بهتر نباهيندا. تنهنڪري آقا جي شاهوڪار مغرور چاچي ابولهب، پنهنجن ٻن جوان پُٽن عتبه ۽ عتيبه جون مڱڻيون آقا ﷺ جي نياڻين سيده رقيه، ۽ سيده اُم ڪلثوم سان وڏي لاڏ ڪوڏ مان ڪيون هيون. ابو لهب جي زال اُم جميل، جيڪا ابو سفيان بن حرب جي سالي هئي. پڙهيل لکيل ۽ شاعره هئي ۽ آقا ﷺ جي گهر ۾ پنهنجي ننهن کي مُحبت سان ڏسي خوش پئي ٿيندي هئي. آقا ﷺ جي بعثت کانپوءِ ابو لهب ٻنهي جون مڱڻيون ٽوڙي ڇڏيون ۽ ٻيئي زال مڙس آقا ﷺ جا بدترين دشمن بنجي ويا هئا. پر آقا ڪڏهن به کين نقصان نه رسايو.
آقا جي شخصيت ۾ هر پنهنجي ۽ پرائي لاءِ مڪمل ڀَلائي هئي.
پاڻ سڀني جو ڀَلو چاهيندا هئا.
جيڪو به کانئس مدد گهرندو هو، اِها ڪندا هئا.
مهمانن جي خدمت چاڪري سُٺي نموني ڪندا هئا.
مٽن مائٽن سان سُهڻو سلوڪ ڪندا هئا.
ڪنهن سان به ناتو نه ٽوڙيندا هئا.
ٽُٽل دلين کي ڳنڍيندا هئا.
رُٺلن کي پرچائيندا هئا.
هر قسم جي نفعي ۽ نقصان کان مٿانهان رهندا. آقا ﷺ سڀني ماڻهن جي لاءِ سراپا رحمت ۽ امن هئا. سندس مُک تي هڪ هلڪي مُرڪ سدائين عام ۽ خاص جي لاءِ رقصان رهندي هئي. اُن مرڪ کي ڏسي مڪي جا قريش جتي خوش ٿيندا هئا. اُتي قريش قبيلن جي مجبور ۽ محڪوم پرديسي غلامن جي لاءِ آقا ﷺ جي شخصيت ۾ هڪ روشن خواب جنم وٺندو هو.
مڪي جا سڀ غلام دل ئي دل ۾ پنهنجا ڀاڳَ سيدنا زيد جهڙو سوچيندا هئا. هو سوچيندا هئا ته ڪاش اسانجو آقا به آقا ﷺ هجي ها. ۽ اسان کي غلاميءَ مان ڪڍي پنهنجو ڪري ها. اسانجو محافظ ۽ وارث بنجي ها، پوءِ اسين ڪيترا نه خوشنصيب غلام هُجون ها، اهڙا غلام جن تي هزارين آزاديءَ جون زندگيون قربان.

غار حرا

غار حرا

مڪي جي معزز ۽ صالح ماڻهن ۾ رواج هو ته هو پنهنجي عمر جي هڪ مخصوص حصي ۾، ٻارن جي پالنا ۽ تربيت کانپوءِ مڪي جي شهر مان نڪري ڪڏهن ريگستان جي وشالتا ۾ وڃي ديرو ڄمائيندا هئا. ڪڏهن وري مڪي جي آسپاس جي چئن جبلن مان ڪنهن جبل تي چڙهي، ڪنهن جبل جي غار ۾ هفتن ۽ مهينن تائين، ڪنهن نِکري سوچ ۾ ٻُڏي زندگي جي اسِرارن جي باري ۾ سوچ ۽ ويچار ڪندا هئا.
کين خبر هئي ته سڀني ڄاتل ۽ لکيل علمن جو مغز ۽ چُڪايل علم، ”سوچڻ“ آهي.
هو سوچ جي اُن مُراقبي جي لاءِ گهڻو ڪري رمضان مهيني جي چونڊ ڪندا هئا. گهران ڪجهه ڏينهن جي لاءِ کاڌي پيتي جو سامان کڻي اڪيلي سر ڪنهن جاءِ تي وڃي ويهندا هئا ۽ پنهنجو پاڻ کي سوچ ۾ ٻوڙي ڇڏيندا هئا. کين سوچڻ جي لاءِ شايد سڄي زندگيءَ جون مليل خوشيون، گذريل غم، مليل ڏک ۽ انسانن کي انسانن سان هر مرحلي تي عجيب عجيب ورتاءُ جا مشاهدا ٿيندا هئا. شايد اِهي صحرا جي وشالتا جي خدوخال تي سوچيندي، انهن جي سوچن ۾ شايد صحرائن جو بيابان هئڻ، گرم هوائن جا ٿڦڙ ۽ سرد راتين جي ٿڌاڻ هوندي.
اهو سڀ ڪيئن ٿيو؟
ڪيئن ٿيندو آهي.
ڪير اُنهن صحرائن جي وشالتا کي پکيڙي ٿو.
شايد اِهي صحرائن تي ڇانيل کليل آسمان کي تڪيندا، ڏينهن جو سج جو اوڀر مان خنڪ ريشمي سنهري ڪرڻن جو سهرو ٻڌي نڪرڻ، پوءِ انهن ئي ڪرڻن ۾ تپش جو اچڻ، سج جو آسمان جي ڇت تي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين لڳندڙ باھ جي رٿَ جو سفر ۽ پوءِ اولهه ۾ صحرا جي سيني تي ڦُٽيل سنگلاخ پهاڙن جي هنج ۾ ان سج جو پنهنجي لالاڻ ۽ گرمائش کي وگهرائي هوريان هوريان پنهنجي گرمائش گهٽائي لهي وڃڻ، انهن جي سوچن جي ڪا سوچ هوندي هئي.
ممڪن آهي ته هو عرب سماج ۾ رائج رسمن تي سوچيندا هجن، ته مهمانن جي خدمت چاڪري يا مهمان نوازي ڇو ضروري آهي. ڏورانهن هنڌان آيل اوپرو ماڻهو جڏهن ٿَڪو ٽُٽو، مٽيءَ ۾ ڀڀوت، ٿڪاوٽ سبب ٿڙندو ڪنهن ڌارينءَ جو دروازو خير جي اُميد سان کڙڪائي ٿو ته ڇو سندس اُڃ اجهائڻ ۽ سندس بُک لاهڻ جو بندوبست ڪرڻ هڪ اعليٰ قدر آهي.
ماڻهو دشمنيون ڇو پاليندا وتن.
حسد، فتنو، ساڙ ۽ هَٺ جي وهڪري ۾ وهي، ڇو پاڻ جهڙن ماڻهن جا ڪنڌ ڪپڻ لڳن ٿا. ڪنهن کي ڏنل پئسن جي مدد جي بدلي ۾ انهن پئسن تان وياج ورتو وڃي ٿو. ايئن ڇو ٿو ٿئي ته ڪجهه ظالم ماڻهو پنهنجي گهر ۾ جنم وٺندڙ ٻارڙن کي صحرا جي گرم واريءَ ۾ کڏا کوٽي دفنائي ايندا آهن ۽ ٻيهر پنهنجن قبيلن ۾ اچي معزز بنجي جيئندا آهن.
ڇو قبيلن ۾ نسلي ويڇو آهي.
هرڪو ٻي کي نيچو نوائڻ ۽ پاڻ کي مَهان ثابت ڪرڻ جي لاءِ هر بُڇڙي حرڪت ڪرڻ جائز ڇو سمجهندو آهي. جيڪي ماڻهو نيڪيءَ جا ڪم ڪندا آهن، تن ۾ ڏيکاءُ ڇو آهي. ماڻهو پنهنجن وڏڙن جي اُنهن ڪارنامن تي ڇو فخر ڪندا آهن، جهڙا پاڻ ڪري نه سگهندا آهن.
هيءَ زندگي ڇا آهي.
ماڻهو ڪڏهن کان جيئرا آهن.
هر جيئرو هڪ ڏينهن مري وڃي ٿو. ۽ مري هو ڪيڏانهن ٿو وڃي؟
ڇا زندگي موت کانپوءِ ختم ٿي ويندي آهي.
اِهي مظلوم جن جي سندن حياتي ۾ داد رسي نه ٿيندي آهي، انصاف نه ملندو آهي، اِهي مرڻ کانپوءِ به مظلوميءَ ۾ پنهنجن روحن جي لاءِ ڀٽڪندا رهندا آهن.
روح ڇا آهي ؟
ڪير آهي جيڪو هي سڄو نظام هلائي رهيو آهي ؟
ڪير ته آهي.
شايد اهوئي خدا آهي
خدا اسان کان ڪهڙي تقاضا ڪري ٿو.
زمين ۽ آسمان جون هَڙئي نعمتون هن اسان انسانن کي ڏنيون آهن، پر اسين سندس ٿورو ڪيئن ٿا ادا ڪريون.
ٿورو ڇا آهي؟
ڇو ضروري آهي.
ڏک، تڪليف، اُڃ ۽ بُک ۾ صحرائي ماڻهو هفتن تائين صبر سان وارياسن رستن تي سفر ڪندا آهن. انسان ته پنهنجي جاءِ تي اُٺ به ڪيترن ئي ڏينهن تائين اُڃايل گرم اُس ۾ هلندا رهندا آهن. ڪهڙي سگهه کين صبر جو ٻُل عطا ڪري ٿي. ان صبر جو ڪو انعام به آهي.
انعام ڇا هوندو آهي.
انعام رڳو انعام يافته ماڻهو ئي ڏيندا آهن.
اِهي انعام يافته ماڻهو ڪير آهن.
کين اهو مقام ڪيئن ٿو ملي
اِهي جيڪي رد ڪيا ويندا آهن. مَٽايا ويندا آهن، تن کان ڪهڙو گناھ ٿيندو آهي.
ڇا گناهه ۽ ثواب جو به ڪو وجود آهي.
سوال ته سوين هئا.
خدا ٿو ڄاڻي ته مهينن تائين مُراقبن ۾ ويهندڙ قريشن جا ننڍي ۽ وڏي وهيءَ وارا معزز ڇا سوچيندا هئا. آقا ﷺ جي وڏڙن ۾ به سوچ ۽ ويچار جي لاءِ ڪيترن ئي هفتن ۽ مهينن تائين ڪنهن ويرانيءَ ۾ ويهي سوچڻ ويچارڻ جو رواج هو. آقا ﷺ وسلم جو ڏاڏو سردار عبدالمطلب هر سال باقاعدگيءَ سان هڪ مهينو رمضان جو، پنهنجي بستيءَ مان نڪري خدا جي گهر جي اُوڀر ۾ ڏيڍ ڪلو ميٽر جي فاصلي تي موجود اُوچي پهاڙ تي وڃي سوچ ويچار ڪندو هو. اُن پهاڙ جو نالو’ جبل نور‘ هو.
جبل نور جو نور سان ڪهڙو واسطو.
شايد آقا به اهو سوچيو هُجي.
بهرحال جڏهن آقا جي عمر چاليهه سالن جي لڳ ڀڳ ٿي ته آقا ﷺ گهران ڪجهه ڏينهن جي کاڌي پيتي جو سامان کڻي اڪيلو جبل نور تي چڙهي ويندا هئا. پهاڙ جي اها چڙهائي اڌ تائين ته ڪا ڏکي ڪانه هئي. البت وچ کان مٿانهين تائين پهاڙ جي چوٽيءَ جي قريب وڃڻ ۾ وڏي احتياط ۽ خيال جي گهرج هئي. اُن پهاڙ جي چوٽيءَ کان اَسي فوٽ هيٺ لڳ ڀڳ پندرهن فوٽ ويڪرو ۽ ارڙهن فوٽ ڊگهي هڪ اڱڻ وانگر پٿريلي هموار جاءِ هئي. جنهن جي اولهائين ڪنڊ تي ٻنهي طرفن ترڇيل جُهڪيل ٽڪرين جي اوٽ ۾ تنبوءَ وانگر پٿرن جي بلاڪن واري هڪ غار هئي.
غار جي بند منهن ۾ هڪ عمودي سَنهو ڏرڙ هو.
اُن ڏرڙ جو رخ ڪجهه اهڙو هو جو غار ۾ ويهي اُن ڏرڙ مان ڏيڍ ميل هيٺ مڪي جي ماٿريءَ جي بلڪل هيٺاهينءَ ۾ خدا جي گهر جو سڄو اڱڻ ۽ ڪعبي جي سڄي عمارت نظر ٿي آئي. خدا جو گهر ۽ اُن نور سان ڀَريل پهاڙ جي غار جي ڊزائين کي هڪئي وقت سوچي بنايو ويو آهي. اُن غار جي ڇت ٻن مخروطي ٽَڪرين جي مٿان پاڻ ۾ ملي هڪ عجيب ڪُنڊ بنائين ٿيون. هيٺ غار جو فرش هڪ سِڌي پٿر جو هموار بلاڪ هو. اُن بلاڪ جي سائيز ايتري هئي، جو مناسب هڏ ڪاٺ وارو همراھ ان تي اڪيلو ليٽي سگهيو ٿي، ويهي سگهيو ٿي. اهو بيهي به سگهيو ٿي. تنهنڪري غار جي ٽڪنڊي ڇت وچ ۾ ڪنهن وچولي قد ڪاٺ واري همراھ کي اُن ڇت جي پٿرن سان ٽڪرائڻ کانسواءِ ئي کڙو رکندي هئي.بيٺل همراھ بيهي پنهنجون ٻيئي ٻانهون پکيڙيندو هو ته مٿان کان هيٺ ايندي پنجاھ جي ڊگريءَ ۾ پکڙيل انهن پٿر جي بلاڪن سان ماڻهوءَ جا هٿ ڇهڻ لڳندا هئا. اها غار هڪ اڪيلي ماڻهوءَ جي لاءِ مناسب پٿر جي جهوپڙي هئي، اها غار ايئن ٿي لڳي ڄڻ آقاﷺ جي جسم ۽ قد ڪاٺ کي سوچي بنائي ويئي هجي.
اُن غار ۾ آقا ﷺ جو ڏاڏو عبدالمطلب هفتن جا هفتا گذاريندو هو. آقا جو ڏاڏو سيدنا عبدالمطلب به آقا سان هڪجهڙائپ رکندو هو. اُن غار ۾ آقا ﷺ چاليهن سالن جي عمر ۾رمضان ۾ باقاعدگيءَ سان اچڻ وڃڻ لڳا هئا.
اُن غار جو نالو ’غار حرا‘ هو.
اُن غار ۾ اچڻ جي لاءِ، ان جي اڳيان ننڍن پٿرن جي اڱڻ ۾ پير رکڻ جي لاءِ هڪ عجيب شرط هو. اُتاهين جبل جي چوٽي بنائيندڙ پٿر جون ڇُپون غار کان اڳ اڱڻ جي ڏکڻ ۾ ڪجهه عجيب انداز ۾ ترڇيل هڪٻئي کانسواءِ ڪجهه انچن جي فاصلي تي ڄميل هيون.
اهي ٻه ٽڪريون هيون
جن جي وچ ۾ هڪ وڏو وڪڙ کاڌل سوراخ هو
اڄ به اهو ڏرڙ ايترو ئي آهي ۽ اهڙو ئي آهي.
اُن ڏرڙ مان غار ۾ ويندڙ بيهي جسم کي ٿورو موڙي، ليٽي سِرڪندو اڳيان وڌي ٿو. غار طرف ڦِرڻ تي سندس پير غار جي منهن تي ٺهيل پٿر جي ڇپن جي اڱڻ ۾ پهتا ٿي. ان سوراخ ۾ ايترو فاصلو هو ته ڪو به ٿلهي جسم وارو ماڻهو، جنهن جو پيٽ وڌيل هُجي. ڇاتي ڦهليل هجي ۽ جسم ڳرو هجي، اهو ڪنهن به حالت م غار جي ويجهو وڃي نٿو سگهي. اُن وقت به ايئن هو ۽ اڄ به پندرهن سؤ سال گذرڻ کانپوءِ به، غار حرا جي منهن تائين پهچڻ لاءِ انهن ٻن پٿرن جي ڇُپن تان گذرڻ جو اهوئي شرط آهي.
اڄ سوڌي ڪوبه ٿلهو
متارو
خوش خوراڪ پيٽوڙي قسم جو همراھ اُن ڏرڙ مان لنگهي ’غار حرا‘ تائين پهچي نه سگهيو آهي.
نه پهچي سگهي ٿو.
لڳي ايئن ٿو ته جبل نور جي اُن سڳوري غار تائين پهچڻ جو پهريون شرط اهو آهي ته جنهن کي به نور جي اُن منهن تائين پهچڻون آهي، اهو دنيا جي دستر خوان تان پنهنجي بُک کان گهٽ گرھ کڻي. پيٽ کي وڏو ٿيڻ نه ڏي. جسم کي ٿلهو نه ڪري، شايد خدا کي خبر آهي. ته ٿلهوي متارو ۽ وڏي پيٽ واري جي سوچ سندس نڙيءَ مان رڳو پنهنجي جسم جي هڪ بُڇڙي خود غرض پرورش ۾ گذرندي هئي. شايد اهڙن ماڻهن جون سوچون، ٻين بابت به اِهي هجن ته پنهنجي پيٽ کان کسجڻ وارن گرهن جي ڳڻپ ۽ رڳو پنهنجي ذات جي نفعي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندي آهي.
تنهن ڪري اڄ سوڌي بي ڊول، خود پرست ۽ پنهنجو جسم سانڍيندڙ ماڻهن جي غار حرا ۾ داخلا بند آهي.
مونکي ذاتي تجربو آهي ته آءٌ جڏهن انهن ٻن ڇُپن تي بيهي پاسيرو اٿي ليٽي سرڪيس ته مونکي احساس ٿيو ته جيڪڏهن منهنجي چيلهه ڪجهه انچ وڌيڪ ٿلهي هجي ها ۽ منهنجو پيٽ وڌيل هجي ها ته اُن ڏرڙ مان سِرڪي غار حرا ۾ وڃي نه سگهان ها.
اُن ڏرڙ جا اگهاڙا پٿر اڄ به اُتي ئي آهن.
ايئن ئي آهن.
جيئن آقا ﷺ جي زماني ۾ هئا.
اُنهن پٿرن جي ڏرڙ مان ايئن تِرڪجي ٿو، جو ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ پٿر جي قبر جي ڏرڙ مان ترڪي مئل جسم لحد ۾ لهي ٿو.
انهن سڳورن پٿرن جو ڇهاءُ به متبرڪ آهي.
اِهو ڇهاءُ اُهو ئي آهي، جيڪو پندرهن سؤ سال اڳ آقا ﷺ جي سڳوري جسم کي مٿي کان وٺي پيرن تائين ڇُهي خوشبو خوشبو ٿيو پيو آهي. ان پٿر جي ڏرڙ مان لنگهندي روح ۾ عجيب احساس جاڳي ٿو ته جن پٿرن آقا ﷺ کي ڇُهيو هو، اهي ئي پٿر اڄ اسانکي ڇُهي رهيا آهن. ۽ اُن قربت واري انداز ۾ ان ڏرڙ مان لنگهي پٿر جي بلاڪ جي اڱڻ ۾ پهرين وک هلي، ڪعبي جي رخ تي اولهه ۾ غار حرا جي ٽڪنڊي غار آهي. اها غار جتي خدا جو آخري پيغام پهريون ڀيرو آقا ﷺ تي لٿو هو.
اهو گهڻو سڳورو هنڌ آهي.

پَڙهه

پَڙهه

جبل نور تي پٿر جي ٽڪرين جي ننڍي خيمي نما غار ۾ آقا ﷺ آرام فرمائي رهيا هئا. اَلل وهاڻي هئي. غار جي منهن وٽ اُڀرندي پاسي سج جي اک پٽجڻ کان پهرين هلڪي اُجري نرم سُهائي، خوشبوءَ جيان هوريان هوريان غار ۾ سُري رهي هئي. غار جي اندر اونداهي هوريان هوريان پٺتي هٽي رهي هئي.
اهو سترهين رمضان جو صبح هو، اُن لحاظ کان ان کي 7 آگسٽ 610ع جي ڏينهن جي شروعات چئي سگهجي ٿي. پر وڌيڪ سگهاري روايت ۽ قرآن پاڪ جي پوءِ لهندڙ ’سورة القدر‘ جي اشاري مان اهو 27 رمضان جو صبح هو. ايئن اها 15 هين آگسٽ جي انوکي، نوراني تاريخ ساز صبح هئي. اهو ئي صبح جڏهن اُن الاهي سڳوري سُهائي جو ڏيئو صدين کانپوءِ ٻيهر سگهارو ۽ قائم ڪري لاڳو ڪرڻ خاطر پاڪستان جي تخليق ٿيڻي هئي.
غار جي سوڙهي فرش تي آقا ﷺ ڏاکڻي ڀت تي ٽيڪ لڳايو ويٺا هئا. آقاﷺ جي کاٻي پاسي غار حرا جي بند ڪنڊ ۾ موجود ڇهن انچن جي ويڪري سوراخ مان خدا جو گهر ڏيڍ ميل هيٺ نيري سڳوري روشنيءَ ۾ نظر اچڻ شروع ٿي ويو هو ۽ آقاﷺ جي کاٻي هٿ تي غار جي کُليل مُنهن وٽ صبح جي خوشبودار شگفته مُرڪندڙ روشني دٻيل قدمن سان غار ۾ سِرڪي چاليهن ورهين جي آقاﷺ جي اجري چمڪندڙ چهري تي سجدو ڪري سڳوري اِلاهي پيغام آڻيندڙ جي اچڻ جي لاءِ دستڪ ڏيئي رهي هئي.
آقاﷺ ننڊ ۽ جاڳ جي وچ واري ڪيفيت ۾هئا.
ننڊ ۾ به گذريل ڇهن مهينن کان آقاﷺ کي سچا خواب نظر ايندا هئا. جو جاڳڻ کانپوءِ انهن جي حقيقت آجري اجالي وانگر چٽي ٿي ويندي هئي. پر اها صبح، جا خواب جي دنيا کانپوءِ حقيقي ڪائنات کي سمجهڻ، سمجهائڻ ۽ ’ارض و سما‘ جي اسرارن تي ويچارڻ جو پهريون عظيم درس کڻي اچي رهي هئي.
آقاﷺ جي دل تيز ڌڙڪڻ لڳي.
آقاﷺ کي محسوس ٿيو ته ڪو اوچتو غار جي اندر اچي سندس پاسي ۾ ويهي رهيو آهي. انساني شڪل صورت ۾ نفاست ۽ حسن جو پيڪر، انساني جسم ۾ آيل نئين همراھ آقاﷺ جي گوڏن کي ادب سان هٿ لڳايو ۽ چيو؛
پَڙھ..
آقا ڳهر مان هڪدم سُجاڳ ٿي ويا.
انساني ويس ۾ غار ۾ آيل اوچتي اوپري کي پنهنجي ڀَر ۾ ويٺل ڏسي آقاﷺ ڇرڪيا، اجنبيءَ ٻيهر چيو؛
پَڙھ !
سندس هٿ ۾ ڪنهن وڏي بادشاھ طرفان ٻي بادشاھ جي لاءِ موڪليل نياپو ڳاڙهي ريشمي ڪپڙي تي سُنهري چمڪندڙ تارن مان لکيل نظر ٿي آيو.
آقاﷺ چيو.
آءٌ پڙهي لکي نٿو سگهان
انوکي اجنبي جا چَپ ٻيهر هليا
پَڙھ !
هن ڀيري هُن آقاﷺ جي ڪلهن کي محبت ۽ ادب سان دٻايو به هو.
آقا ٻيهر اهوئي جواب ڏنو
آءٌ پڙهيل ناهيان.
پر نئين آيل جي آقاﷺ ڪلهن تي گرفت ايتري ته مضبوط هئي، جو آقاﷺ کي محسوس ٿيو، ڄڻ وڏي کان وڏي ٽين جي جي ٿالهه تي هٿ لڳڻ مهل جهڙو آواز نڪرندو آهي. اهڙو ئي جذب ٿيندڙ سگهاري آواز سان نئين آيل چيو: ”اقراءَ“ يعني ”پڙھ،“ جيڪو وات مان ڪڍڻ کانسواءِ آقاﷺ جي دل تي چٽجي ويو.. آقاﷺ جي چپن به رحيم ۽ ڪريم خدا جو نالو وٺي اِهو لفظ ورجايو ” اقراءَ.“
نئين آيل سڳوري پيغام جو وڌيڪ سِٽون پڙهيون، جيڪي قرآن جي سوره علق جون پهريون پنج آيتون آهن. ان سوره جون باقي چوڏهن آيتون ايندڙ ٽيويهن سالن ۾ لهندڙ قرآن ۾ ڪنهن ٻي وقت لٿيون هيون. انهن پهريون لٿل آيتن جو جادو هو شر با هو.
”پَڙھ ان خدا جي نالي سان
جنهن انسان کي رت جي ڄميل ڍڳَ مان خلقيو
تنهنجو رب وڏي عزت وارو آهي.
جنهن انسان کي قلم سان علم ڏنو
انسان کي اِهو سيکاريائين جيڪي نه ڄاڻندو هو.“
نئين آيل جا عربي زبان ۾ چيل اِهي ڪجهه جملا پنهنجي عظيم الشان حُسن، وقار ۽ حيرت انگيز معنويت سان آقاﷺ جي سڳوري روح ۾ سماوئجي ويا. آقا جي چپن تي به اهي ئي جملا جاري هئا. اُنهن پنجن جملن جو ساختياتي حسن، گهري عميق انڪشاف سان آقاﷺ گهڻو محظوظ ٿيا هوندا. آقاﷺ اُمي هئڻ جي باوجود عربي زبان جي سلاست، رواني، وسيع معنويت ۽ حسن ڪلام جي سڀني رمزن کان واقف هئا. پاڻ سڳورن عرب جي بهترين زبان صحرا جي رهاڪن کان سکي هُئي. پاڻ سڳورا انسان جي انسانن سان ڪيل سڄي ڳالهه ٻولهه جي انداز عڪس، اسلوب ۽ مخاطب جي رمزن کان واقف هئا. پاڻ سمجهي ويا هوندا ته اهي پنج جملا ڪنهن انساني ذهن جي تخليق نه آهن. لڳي ايئن ٿو ته اهي چَورائيندڙ انسان ڪونهي. انسان کان ڪا عظيم ترين هستي، جنهن انسان کي تخليق ڪيو. اُهو عظيم الشان خالق، آسمان تان زميني مخلوق جي لاءِ ڪنهن اهم سبق کي موڪلڻ لاءِ آقاﷺ کي ڌُڻي چڪو آهي. ويرانيءَ ۾، مٿانهين جبل جي هڪ چُر ۾، بستيءَ کان ڪيترا ميل پري، تنهائيءَ ۾ ڪنهن اجنبيءَ جو ايئن اچڻ ۽ اهڙي تابناڪ معنويت ڀريل سمنڊ جهڙن جملن کي چئي آقاﷺ جي دل تي چٽي ڇڏڻ، نهايت غير معمولي ۽ انوکو واقعو هو.
چوڏهين آگسٽ جي ان خنڪ وڻندڙ صبح جي مهربان روشنيءَ ۾ اوچتو هڪ ايندڙ اجنبي کي پنهنجي گوڏي سان گوڏو ڏيئي ايئن ويٺل ڏسي آقاﷺ جي اُجري چمڪندڙ نرڙ تي خوشبودار پگهر جا ڪجهه ڦڙا اندر مان اُڀري ٻاهر آيا هوندا. سيني ۾ دل زور سان ڌڙڪي هوندي. اکين جون ماڻڪيون حيرانيءَ مان ڦريون هونديون. پوءِ انوکي عظيم ڪلام کي ٻُڌڻ ۽ اڻڄاتل ٽين جي گهڙيال جيان وڄندڙ ڏيادار ۽ وقار سان ڀريل سُريلن سُرن ۾ سندس دل تي نقش ٿي وڃڻ انتهائي حيرت ۾ وجهندڙ واقعو هو. بيشڪ آقاﷺ جي گذريل چاليهن سالن جي پاڪيزه، سچي ۽ امانت ڀَري زندگي پنهنجي اندر ڪنهن به تابناڪ واقعي کي جذب ڪرڻ جي لاءِ ڪافي هئي، پوءِ گذريل ڇهن مهينن کان ايندڙ لڳاتار سچن خوابن جي هڪ سلسلي مان به آقاﷺ گذريا هئا. پر اُن گهڙيءَ خواب ۽ حقيقت جي وچ ۾ سڀ فاصلا مِٽجي چڪا هئا. پوءِ اهو گمان به آهي ته آقاﷺ پاڻ به بظاهر هڪ بشر جي ويس ۾ هئا. مٿس آسماني خبرن جي ايئن اوچتي آمد سبب شديد دٻاءَ پيو هوندو. رڳو اهوئي نه، پنهنجو پيغام چوڻ کان پوءِ ۽ آقاﷺ جي دل ۽ دماغ تي نقش ڪرڻ جي ٻي گهڙيءَ اهو انوکو نئون آيل اجنبي اوچتو غائب ٿي ويو.
اُن وقت آقاﷺ جي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويئي هوندي.
نرڙ تي نڪري آيل عطر- پگهر جا ڦڙا وڌي ويا هوندا.
چون ٿا ته آقاﷺ آسماني نياپي کي پنهنجي روح ۾ سمائي، گهٻرائجي هڪدم غار مان نڪتا هئا. غار جي اڳيان پندرهن فوٽ ويڪرو پٿريلو اڱڻ اُڪري ترڇي ٻن ٽڪرين جي وچان ننڍي ڏرڙ مان ليٽي پهاڙ جي اُن لاهياريءَ طرف وڌيا هوندا، جتان پهاڙ تي چڙهبو ۽ لهبو هو، آقاﷺ جي سيني ۾ دل ڌڙڪي رهي هوندي. نبض تيز هوندي، جسم ۾ عجيب گهٻراهٽ هوندي. نرڙ تي پگهر هوندو.
نرڙ تي نڪري آيل عطر -پگهر جا ڦڙا وڌي ويا هوندا.
آقا جي ذهن ۾ پهريون سوال اهو هوندو ته ايندڙ ڪير هو؟
موڪليل پيغام ڪنهن پاران هو ؟
اوچتو پهاڙ جي لاهياريءَ تان تِکي تِکي لهندڙ آقاﷺ کي آسمان جي سڄي وشالتا تي ڪڪرن جيڏي وڏي ڪرسيءَ تي هڪ انساني جسم ويٺل محسوس ٿيو. آقاﷺ ڪنڌ کڻي مٿي ڏٺو. آسمان جي هڪ ڪُنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ڪڪرن جي قافلن کان وڏي هڪ ڪرسيءَ تي اهو نئون آيل اجنبي ويٺل نظر آيو. جيڪو ڪجهه منٽ اڳ غار ۾ آقاﷺ کي، انسان جي تخليق کي، خدا جي سڀ کان وڏي صفت ٻُڌائي، کيس سوچڻ جو سبق ڏيڻ آيو هو. جنهن علم جي تخليق قلم سان ڪئي هئي ۽ انسان کي اهو علم ڏنو هو، جيڪو هن نٿي ڄاتو. اُن گهڙيءَ آسمان جي سڄي وشالتا تي ڇانيل اُن نئين آيل جسم جي پکيڙ جبلن جيڏي وڏي هئي ۽ چئي رهيو هو.
”آءٌ جبرائيل آهيان ۽ اي محمدﷺ اوهين الله جا رسول آهيو.“
سندس چيل ڳالهه بار بار آسمان مان پڙاڏو ڪندي پهاڙن مان ٿي. موٽي وادين سان ويڙهجي اُڇلجندي اُڀرندي پاڻ سڳورن جي چئني ڏسائن جبلن ۽ پهاڙن ۽ ماٿرين جي مٿان اهو جسم پکيڙي، ڪرسيءَ تي ويٺو مرڪندو رهيو هو، جيڪو پنهنجو نالو جبرائيل ٻڌائي رهيو هو. آقاﷺ اوڀر ۾ خدا جي گهر حرم ڪعبه طرف ڏٺو، جبرائيل جو جسم ڪعبي تي ڇانيل آسمان تي به پکڙيل هو ۽ جبرائيل جو آواز، ڪعبي جي ڀتين سان لڳي واپس وري رهيو هو.
”اوهان محمدﷺ خدا جا رسول آهيو ۽ آءٌ خدا جو ملائڪ جبرائيل آهيان.“
آقاﷺ پهاڙن تي ڇانيل سڀني عظمت سان بيٺل هستيءَ جي اُن وڏي سڏ سرعام آواز جي ڳالهه ٻُڌي ڇرڪيا ۽ ڪجهه دير ضرور بيٺا هوندا. پوءِ وک وک ڏيئي ان پهاڙ تان لٿا هوندا. جنهن نور جي پهاڙ جي هڪ پٿر وٽان جڏهن گذريل ڪجهه مهينن کان آقاﷺ لنگهندا هئا ته اهو پٿر چوندو هو.
”السلام عليڪ يا رسول الله.“
آقاﷺ ڪيتري عرصي کان اُن انوکي پٿر جي زبان مان چيل اُن آواز جي طلسم کي ٻُڌندا آيا هئا. ان پٿر وٽ وڻ ٽڻ، ٻوٽا، ٻوڙا به آقاﷺ کي اهوئي سلام چوندا هئا. اڄ پهاڙ جو هر پٿر، وار جو هر ذرو ۽ زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ سڄي هوا ۽ هوا جي بوند بوند مان هڪ ئي آواز اچي رهيو هو.
”السلام عليڪ يا رسول الله. “
زمين ۽ آسمان جي هر ڪُنڊ ڪڙڇ، پاسي ۽ سوراخ، هر دروازي تي آقاﷺ جي رسالت جو اعلان ٿي رهيو هو ۽ آقاﷺ ڪنڌ جُهڪائي نوڙت کان ڏڪندا جهڪيل ۽ تيز قدمن سان پهاڙ تان لهي رهيا هئا. تيز وکن سان هلندا آقاﷺ خانه خدا جي ويجهو پنهنجي گهر هليا ويا. گهر جو دروازو کوليندي ئي پنهنجي پياري گهر واري سيده خديجه پاڻ سڳورن جو منهن ڏسي مُرڪي پيئي. آقاﷺ جو چهرو پيلو پئجي ويو هو.
نرڙ تي اڃا تائين نرم خوشبو ڀريل پگهر جا ڦُڙا جرڪي رهيا هئا. آقا جي جسم ۾ عجيب هيڻائي، ٿڪاوٽ ۽ نستائي هئي. ڄڻ انساني جسم تي ڪائنات جي سڀني جبلن، چنڊن، تارن ۽ سجن جو وزن رکيو ويو هجي. آقا گهر جي چائنٺ اُڪري پنهنجي بستري جو رخ ڪيو ۽ سيده خديجه کي چيائين:
’منهنجي مٿان ڪجهه وجهو!‘
سيده ڊوڙندي هڪ چادر کڻي آئي، آقاﷺ پنهنجي بستري تي ليٽي پيا. سيده پاڻ سڳورن کي چادر اوڍائي ڇڏي. گهر ۾ آقاﷺ ۽ سيده جون چارئي ٻارڙيون ڏهن سالن جي زينب، سوا اٺن سالن جي رقيه، ستن سالن جي اُم ڪلثوم ۽ پنجن سالن جي فاطمه دروازي جي اڏَ کان پنهنجي عظيم پيءَ کي چادر ويڙهي ليٽيل ڏسنديون رهيون. دروازي سان لڳ خاموش بيٺل ماڻهن مان آقاﷺ جي پٽيلو 29 سالن جو زيد، سندس ستيتاليهن جي زال اُم ايمن جنهن جي هنج ۾ ٿڃ پياڪ اسامه بن زيد هو ۽ اتي ئي دروازي جي بلڪل وچ ۾ پنهنجي اولاد جيان پاليل ۽ ڏهن سالن جو علي بن ابو طالب بيٺو هو. هُنن سڀني آقاﷺ کي غار حرا مان ٿڪل قدمن، گهٻراهٽ، ڪنبدڙ جسم، ڏڪندڙ هٿن، پيلي چهري، پگهريل نرڙ ۽ ڪارين نکريل سُهڻين اکين ۾ الاهي روشنيءَ جي چمڪندڙ چمڪ سان ايندي ڏٺو هو.
اها چوڏهين آگسٽ جي تاريخ ساز الوهي سنهري صبح هئي.
سڄي ڪائنات جي وشالتا ۾ خدا پنهنجو ڏيئو ٻاري ڇڏيو هو.
آخري چراغ مُنير
آقاﷺ .

اُٿ چادر وارا

اُٿ چادر وارا

آقاﷺ سيده خديجه جي ڪاري چادر ويڙهي سُمهي رهيا هئا. جو سندس دل جي ڌڙڪن ٻيهر تيز ٿي ويئي. ٽين جي گهڙيال مان بُج بُج جي هڪ گونج اچڻ لڳي. آقاﷺ کي محسوس ٿيو ته صبح ساجهر غار ۾ نئون آيل ٻيهر آيو آهي. جيڪو وڃڻ مهل سڄي آسمان تي ڇانيل پنهنجي ڪرسيءَ تي ويٺو پنهنجو نالو جبرائيل ٻُڌائي ويو هو.
آقاﷺ جي اک کلي ويئي
نرڙ تي پگهر اچي ويس
جسم فولاد وانگر ڳرو ٿي ويس.
۽جُبرائيل آقاﷺ وٽ خدا جي موڪليل لفظن کي ورجائڻ لڳو.
”اي چادر ۾ ويڙهيل
اُٿ ۽ ٻُڌاءِ
پنهنجي رب جي وڏائي،
پنهنجا ڪپڙا صاف رک
۽ پليتيءَ کان پري رھ
۽ احسان ڪري، گهڻو نه گُهر
پنهنجي رب سان جُڙيو رھ
صبر ڪندي.“
جبرائيل جي چپن مان نڪرندڙ لفظ، خدا جا موڪليل اهي لفظ آقاﷺ جي روح ۾ لهي سندس دل ۽ دماغ تي چِٽبا پي ويا. آقاﷺ اهي لقط ٻڌي گڏگڏ پنهنجي زبان سان اهي چئي به رهيا هئا. جسم ڏڪي رهيو هئس.
اکين ۾ حيرت جي چمڪ هُيس
۽ نرڙ تي پگهر جا خوشبو دار ڦڙا ٻيهر موتين وانگر جَرڪي رهيا هئا.
اهي ’سورة مدثر‘ جون پهريون آيتون هيون.
ڇاونجاھ آيتن جي اُن ’سورة مدثر‘ جون باقي اوڻونجاھ آيتون پوءِ جي سالن ۾ لٿيون هُيون. غار حرا ۾ صبح جو مٿس پيش آيل حالت ٻيهر آقاﷺ سان پيش اچي رهي هُئي.
لوندڙي جي نس اعصابن تي وڄي رهي هئي.
منهن جو رنگ ٻيهر هئڊو ٿي رهيو هو.
جبرائيل پنهنجو ڏنل پيغام پهچائي وري ويو هليو. ۽ ڪمري ۾ هڪدم سيده خديجه اچي ويئي. شايد پاڻ آقاﷺ جي ڪمري مان ٻڏتر ۾ ڪي چيل لفظ ٻڌي ورتا هئائين، هوءَ آقاﷺ جو پيلو چهرو، گهٻرايل اکيون ۽ نرڙ تي پگهر جا ڦڙا ڏسي هَڄي ويئي.
آقاﷺ زور سان ڊگها ساھ کڻڻ جي لاءِ ٺونٺين ڀَر پنهنجي بستري تي اُٿي ويٺا هئا.
سيده وڌي وڃي آقاﷺ کان پنهنجي ڀاڪرن ۾ ڀريو ۽ پُڇيو
اوهين ٺيڪ ته آهيو ؟
آقاﷺ اڃا سوڌي سيده کي خالي اکين سان ايئن ڏسي رهيا هئا. ڄڻ سندس سوچون ڪمري ۾ ڪنهن ٻي کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رهيون هجن. سيده صبح کان وٺي آقاﷺ جي چهري تي سخت دٻاءُ، طبيعت ۾ غير معمولي گهٻراهٽ ڏسي رهي هئي. صبح جو آقا کان اُن ڪري نه پُڇيائين ته جيئن پاڻ ڪجهه دير آرام ڪري وٺن، ته پوءِ خبر چار لهان. ان مهل آقا گهر ۾ اچڻ سان ئي بستري ڀيڙو ٿيا هئا ۽ چيو هئائين:
منهنجي مٿان ڪجهه وجهه.
سيده کيس ڪار چادر اوڍي ڪجهه دير سندس پيرن کي زور ڏنا ۽ پوءِ جڏهن ڏٺائين ته آقا جي اک لڳي ويئي آهي ته اُٿي گهر جي ڪمن ڪارين ۾ لڳي ويئي.
پر سندس دل آقاﷺ جي طبيعت سان اٽڪيل رهي.
اُن مهل کانئس رهيو نه ٿيو
پُڇي ورتائين
سرڪار ٻُڌايو
ڇا محسوس ڪري رهيا آهيو؟
آقاﷺ گهٻراهٽ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو ۽ چيو
مونکي پنهنجي جان جو ڊپ آهي
پوءِ آقاﷺ پهرين صبح وارو واقعو ٻڌايو، جيڪو غار حرا ۾ پيش آيو هو. اهي سڀ جملا جيڪي آقا وٽ پهتا هئا، سيده کي ٻڌايائين. پوءِ ٿوري دير اڳ جيڪو ڪمري ۾ وهيو واپرايو هو، اِهو به ٻڌايائين.
آقاﷺ صبح جو جبل نور تان لهڻ مهل آسمان جي ڇيڙي کان ٻي ڇيڙي تائين پکڙيل ڪرسيءَ تي ويٺل پيغام رسائيندڙ جو حليو بيان ڪيو ۽ ٻڌايو ته هو چئي رهيو هو:
”آءٌ جبرائيل آهيان ۽ اوهان محمدﷺ خدا جا رسول آهيو.“ آقا جبل نور جي اُن پٿر بابت ٻڌايو، جيڪو ڪافي عرصي کان ،جڏهن پاڻ سڳورا سندس ڀرسان لنگهندا هئا ته ’السلام عليڪم يا رسول الله‘ چوندو هو. هوريان هوريان، ڌيمي لهجي ۾ پاڻ سڳورا سيده خديجه کي گذريل سڀ ڳالهيون ٻڌائي رهيا هئا. ڇو ته سيده خديجه نه رڳو پاڻ سڳورن جي گهر واري هئي. پر سڀني کان قريبي ساٿي، دوست ۽ غم گسار به هئي.
آقاﷺ چوڻ لڳا. ’مونکي ڊپ آهي ته ڪٿي آءٌ شاعر يا ڪاهن (ڀوپو ) نه سمجهيو وڃان.‘
سيده جي چهري تي ته سدائين آقاﷺ جي لاءِ مُحبت جو سمنڊ ڇوليون پيو هڻندو هو، پر اُن گهڙيءَ سندس اکين ۾ آسمان جا سڀ تارا عجيب چمڪ سان چمڪڻ لڳا.
سيده، آقاﷺ جي ڪلهن کي محبت سان جهليو ۽ چيو:
اوهانکي مبارڪ هُجي
مونکي جنهن گهڙيءَ جو اوسيئڙو هو، اها اچي ويئي.
آقاﷺ جي چهري تي اڃا سوڌي ڊپ ۽ ڏڪڻي هئي.
ايئن پي لڳو ته پاڻ اڻڄاتل سخت دٻاءُ محسوس ڪري رهيا هئا.
سيده ٻيهڙ چيو:
ٻُڌؤ.

ٻُڌو...

ٻُڌو...

سيده خديجهرضه محبت جي انتها ۽ عقيدت سان مسرور ٿي ڪنڌ جهڪائي آقاﷺ جي ٻنهي هٿن کي پنهنجي هٿن ۾ ورتو ۽ چوڻ لڳي:
اوهين پنهنجن مِٽن مائٽن ۽ واسطيدارن سان سُٺو سلوڪ ڪريو ٿا.
هر مهمان جي خوشدليءَ سان خذمت چاڪري ڪريو ٿا.
غريبن جا مددگار
مسڪينن جو خيال رکڻ وارا..
ٻين جو ٻُوجهه کڻڻ وارا..
هيڻن جي داد رسي اوهين ڪندا آهيو
هر ڪنهن سان مُرڪي ملندا آهيو..
ڏيتي ليتيءَ ۾ صاف
هر معاملي ۾ ايماندار
صادق ۽ سچا
اوهان ڪڏهن ڪوڙ نه ڳالهايو
جيڪو وعدو ڪيوَ، اهو پورو ڪيوَ
امين
امانت دار
جنهن به اوهان وٽ امانت رکي، اوهان سنڀالي
ڪڏهن به خيانت نه ڪئي.
خدا جي ڪلام کي محفوظ ڪرڻ ۽ سڀني تائين رسائڻ جي لاءِ ”الامين“ ئي ضروري آهي. اوهين فقط اهو ئي چئو ٿا، جيڪو اوهان کي اوهانجو رب چوي ٿو. مهربان ۽ ٻاجهارا.
اوهان ڪڏهن ڪنهن سان ٻاڙو نه ٻُوليو.
هر ڪنهن سان مِٺي ۽ مهربان زبان ۾ ڳالهايو
ڪنهن تي به سختي نه ڪيوَ
اوهين ته پيرن کان وٺي مٿي تائين سراپا رحم آهيو.
ٻاجهارا ئي ٻاجهارا
نرم ڳالهائڻ وارا
سخي ۽ داتا
انصاف ڪندڙ..
احسان سان عدل ڪرڻ وارا..
جنهن تي به احسان ڪيوَ.. ڪڏهن مُنهن ۾ نه ڏنوَ
جيڪو به ملڻ جي لاءِ آيو.. اُن کي ويهاريوَ
هر ڪنهن جي عزت ۽ آبرؤ جا رکوالا..
ڪڏهن به ڪنهن جي دل نه ٽوڙيوَ
هر گُهرجائو جي گُهرج پوري ڪندڙ.
جيڪو مَڱيندو آهي تنهن کي ڏيندا آهيو
اوهان جي دَر تان ڪوبه سوالي خالي نه ويو ڪڏهن
اوهين عيالدارن کي ايترو ڏيندا آهيو، جيئن هو پنهنجي ذميداري پوري ڪري سگهي.
اوهين هر سُٺي ڪم ۾ اڳڀرائي ڪندا آهيو.
اوهان جهڙو عمدي اخلاق وارو ڪير به ڪونهي، ڪٿي به ڪونهي
اوهين ڇو ٿا گھٻرايو.
اسانجو الله، اوهان کي ڪڏهن به رَسوا نه ڪندو
ڪوبه اوهان جو وار به ونگو ڪري نٿو سگهي.
اوهان جيڪو چيو
آءٌ اهو دل سان سَچ مڃيان ٿي.
اوهان جي چيل هر ڳالهه تي ايمان آڻيان ٿي.
اوهين اطمينان رکو
پنهنجي دل مان هر رنج ۽ غم ڪڍي ڇڏيو
اوهان ڪامياب ٿيندؤ
اهان کي مُبارڪ هُجي.
اوهان کي خدا ڌُڻيو آهي.
اُن مقصد جي لاءِ، جنهن لاءِ اوهان کانپوءِ وري ڪو ٻيو نه ڌُڻيو ويندو.
اهو عظيم الشان مقصد پورو ٿيندو.
اعليٰ ترين صورت ۾
سيده خديجهرضه آقا ﷺ جي ٻنهي هٿن کي پنهنجن هٿن ۾ وٺي مُحبت سان پنهنجي پيشاني انهن تي رکي. آقا ﷺ ۽ سيده ٻنهي جي اکين ۾ لڙڪن جا موتي هئا.
سيده خديجه، آقا ﷺ جي بعثت (ظهور) جي دليل طور اُن جي ڪاميابي ۽ پنهنجي فوري ايمان آڻڻ جي جواز ۾ سندن اخلاق جو هڪ هڪ پهلو ڳڻايو، جيڪي ڪنهن دين جا سگهارا ٿنڀا هوندا آهن.
چئي سگهجي ٿو ته دين جي سمجهه نه رکندڙ گهٽ عقل وارا، اُنهن کي دنياوي قدر ۽ انساني سماج جا باهمي معاملا چئي پنهنجون اکيون ٻُوٽيل رکن. پر انهن ئي اعليٰ قدرن جي لاءِ سلامتيءَ وارو دين آيو هو.
جنهن جو نالو خدا ”اسلام“ رکيو،
اُن سلامتيءَ جو رستو سڀني نبين ڏيکاريو هو.
اهو اُن دين جي تڪميل طرف پهريون ڏينهن هو.

ننڍڙي حلقي ۾ ذڪر

ننڍڙي حلقي ۾ ذڪر

اڃا چوڏهين آگسٽ جو سج ئي نه لٿو هو، جو سيده خديجه پنهنجي گهر جي ڀرسان پنهنجي سؤٽ ’ورقه بن نوفل‘ جي گهر ويئي. ورقه بن نوفل پوڙهو ٿي چڪو هو، هن ڊگهي عرصي کان هڪ خدا جي ڳولا ۾ هلندي ڦرندي، نيٺ هن عيسائيت اختيار ڪري ورتي هئي. عمر جي آخري حصي ۾ هو انجيل جو عبراني مان عربيءَ ۾ ترجمو ڪري رهيو هو... هيڻي جسم ۾ واحد خدا جي مُحبت جي شمع ٻاري ، هو ڊگهي عرصي کان انجيل ۽ توريت ۾ لکيل نشانين جي روشنيءَ ۾ عربستان ۾ هڪ پيغمبر جي اچڻ جي توقع ۾ جي رهيو هو. هن سيده خديجه جي غلام ميسره کان آقا ﷺ ۽ بصره جي سفر جو قصو ٻڌي اڳڪٿي ڪئي هئي ته ايندڙ پيغمبر ٻيو ڪونه پر محمد بن عبدالله آهي. شايد سندس بشارت کي ٻڌي سيده خديجه، ورقه بن نوفل کي ٻڌائڻ جي لاءِ وٽس وئي، سيده خديجه کان غار حرا ۽ گهر ۾ آقا ﷺ وٽ جبرائيل جي حاضري ۽ آقا جي دل ۾ لاٿل ڪلام کي ٻُڌي، ورقه بن نوفل جي موتئي سبب سفيد ٿيل اکيون جذبات جي شدت سبب اڇن بيدن وانگر ٻاهر نڪري آيون ۽ هو هڪدم ادب سان اُٿي ويهي رهيو.
بي ساخته چيائين: سُبحان الله
پاڪ آهي اها ذات
هي ته اهوئي ناموس (ڪلام) آهي، جيڪو موسيٰ عليه السلام تي’طور‘ تي لٿو هو
اهو سچ آهي
هي سڳورو ڪلام اِهي ئي الاهي احڪام آهن، جيڪي خدا پنهنجي چونڊيل پيغمبرن تي لاهي ٿو، جن کي مڃڻ ضروري آهي.
آءٌ مڃيندڙن مان آهيان.
هُن سيده خديجه کي مبارڪ باد ڏني ۽ چيو ته هوءَ آقا ﷺ کي سندس پاران تبرڪ جو هديو پيش ڪري ۽ کيس چوي ته آءٌ پوڙهو آهيان، جيڪڏهن جيئرو رهيس ته اوهانجي خدمت جي سعادت سان ڪامياب ٿيندس. ورقه بن نوفل جون موتئي سبب سفيد ٿيل اکيون آقا ﷺ تي لٿل ڪلام کي ٻُڌي عجيب سڳوري نور سان جَڳ مَڳائڻ لڳيون. هن اِهي سڀ ڳالهيون سُڻي آقا ﷺ جي مدح ۾ هڪ شاندار قصيدو به لکيو. ابن هشام وڌيڪ لکي ٿو ته سيده اُن ئي ڏينهن مڪي ۾ عتبه ۽ شيبه جي عيسائي عالم غلام عداس سان به ملي ۽ پڇيائين:
عداس، جبرائيل جي خبر اٿئي ؟
عداس هڪدم اُٿي ويهي رهيو ۽ حيرت مان چيائين
قدوس.. قدوس..
بُت پرستن جي شهر ۾ جبرائيل جو وري ذڪر ڪيئن؟
سيده، جبرائيل جي آقا ﷺ سان ملاقات ۽ مٿس لٿل آسماني ڪلام جو ذڪر ڪيو.
عداس چيو: جبرائيل خدا جو امانتدار ملائڪ آهي، جيڪو صرف خدا جي چونڊيل پيغمبر کي خدا جو پيغام رسائي ٿو، ته جيئن هو اها امانت خدا جي مخلوق تائين پهچائين. محفوظ رکڻ لاءِ خدا جي ڪلام کي جنهن شخصيت تائين پهچايو ويندو آهي. انهن ۾ سڀني کان وڏو گُڻ امانت جو اهو قدر ڏسندو آهي. مڪي ۽ ڀرپاسي جو ٻَچو ٻَچو ڄاڻي ٿو ته ’الامين‘ هڪ ئي آهي. اهو آقا ﷺ آهي.
ٻي ڏينهن صبح جو آقا ﷺ خانه ڪعبه ويا ته اُتي ورقه بن نوفل ڪعبي جي ڀت سان ٽيڪ ڏيو ويٺو هو.
ڏينهن جي تيز روشنيءَ ۾ کيس پنهنجي اکين جي موتئي ۾ ڪجهه نه ڪجهه نظر ايندو هو. هن وڏي مُحبت ۽ عقيدت سان آقا ﷺ کي پاڻ وٽ ويهاريو، سندس پوڙهيون بي نور اکيون آقا ﷺ جي چهري سان جڙيل نور اخذ ڪرڻ لڳيون، ورقه بن نوفل چيو:
”ڀائيٽا! مونکي ڪالهوڪيون سڀ ڳالهيون ٻڌائي.“
آقا ﷺ کيس غار حرا ۽ ان کانپوءِ جيڪو ٻڌو ۽ ڏٺو هئائين، اُهوسڀ ڪجهه ٻڌايائين ته ورقه خوشيءَ ۾ ڪنڌ ڌوڻڻ لڳو ۽ چيائين پاڪ آهي اها ذات جنهن توکي اهو مقام بخشيو. يقينن اوهان الله جا رسولصه آهيو. هن جو موڪليل سڳورو ڪلام خدا جو برگزيده ملائڪ کڻي اوهان تي لٿو آهي. سيدنا ورقه بن نوفل وڌيڪ چيو ته ڀُائيٽا آئون پوڙهو آهيان ڪاش آئون جوان هجان ها ’اوهان جو ساٿ ڏيان ها..ان وقت جڏهن اوهانجي شهر وارا اوهان تي سختي ڪندا ۽ اوهانکي مجبور ٿي هي شهر ڇڏي وڃڻو پوندو. ‘
آقا ﷺ اهو سُڻي حيران ٿيا.
پُڇيائين ڇا مونکي شهر مان ڪڍيو ويندو. ورقه بن نوفل وراڻيو. محترم ڀائيٽا! جيڪو به خدا جي سڳوري ڪلام جو امين ٿيو ۽ هُن خدا جي حڪم موجب پنهنجي قوم کي ڀلائيءَ طرف سڏيو ته ان قوم پنهنجي ان پيغمبر سان خراب سلوڪ ڪيو. هي مڪي جا ماڻهو به اوهان سان گستاخيون ڪندا.
سيدناورقه بن نوفل به پوڙهو هو. گھڻو عرصو جيئرو نه رهيو.
اُن ڏينهن آقا ﷺ کي پنهنجي ننڍپڻ جو دوست ابوبڪر مليو. ابوبڪر آقاﷺ کان عمر ۾ اڍائي سال ننڍو هو. سندس نالو عبدالله هو. لقب عتيق ۽ ڪُنيت ابوبڪر هيس. هو رنگ جو ڳاڙهو ۽ مُوڪري بدن، ڊگهي قد ڪاٺ، روشن خيال افروز کين وارو رحمدل، نرم گفتار، خوش مند، معزز شخصيت هئي، عرب جا سڀني قبلين جي حسب نسب کان واقف هو. خوشحال ۽ ڪپڙي جو واپاري هو. قريش جي بنو تيم قبيلي سان واسطو هئس. ننڍي هوندي کان ئي آقا ﷺ جو سڀني کان ويجهو دوست هو. آقا ﷺ جيئن ئي سيدنا ابوبڪر کي غار حرا ۾ خدا جو موڪليل ڪلام ٻڌايو ته پاڻ هڪدم ايمان آندائين.
هڪ گهڙي به دير نه ڪيائين،
برملا چيائين:
’ڪونهي ڪو معبود سواءِ الله جي، اوهان محمد ﷺ خدا جا رسول آهيو.‘ نه رڳو اهو پر سيدنا ابوبڪررضه ان ئي ڏينهن پنهنجي گهر ۾ آقا ﷺ جو پيغام پهچائي ڇڏيو. هونئن ته سيدنا ابوبڪر چار شاديون ڪيون، پر اُنهن ڏينهن سندن ٻه شاديون ٿيڻ باقي هيون. پهرين شادي مان پُٽ عبدالله ۽ ڌي اسماءَ هئي، انهن ٻنهي جي امڙ جو نالو قتيله بنت عبدالعزيٰ هو، هوءَ قبيلي عامر بن لوي مان هئي. سندس ٻي گهر واري زينت بنت عامر هئي. جنهن جي ڪُنيت اُم رو مان هئي. ام رو مان جي وفات هجرت جي ستين سال ٿي هئي، آقا ﷺ سندس باري ۾ چيو هو ته هوءَ جنت جي حورن مان آهي. اُم رومان جي پيٽيان جنم وٺندڙ ٻارن مان عبدالڪعبه پٽ هو، جيڪو مسلمان ٿي عبدالرحمان جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ ڌيءَ جو نالو سيده عائشه هو. آقا ﷺ جي بعثت (ظهور) وقت سيده عائشه پنجن سالن جي هئي. بخاري شريف ۾ سيده عائشه جي حوالي سان حديث لکيل آهي ته جڏهن اسلام اسانجي گهر آيو ته آءٌ پنهنجن مائٽن کي سُڃاڻڻ جي عمر ۾ هيس. يعني کين اهو واقعو ياد هو. مشڪواة شريف طبري ۽ تبريزيءَ به لکيو آهي ته سيده عائشه پنهنجي وڏي ڀيڻ اسماء کان عمر ۾ ڏھ سال ننڍي هئي. هتي اهو تفصيل ڏيڻ جو مقصد اِهو آهي ته اهو ٻڌايو وڃي ته سيدنا ابوبڪر جي گهر واري ۽ ٻارڙن به ساڻس گڏ آقا ﷺ تي ايمان آندو. هڪ پُٽ پوءِ مسلمان ٿيو ۽ سندس ڪراڙو اڇن وارن وارو پيءَ ابوقحافه مڪي جي فتح وقت مسلمان ٿيو هو. سيدنا ابوبڪر جو پُٽ ابي عتيق به صحابي هو ۽ سندس نيآڻي اسماء جي پٽ عبدالله بن زبير کي به صحابي هئڻ جو اعزاز حاصل آهي. ان لحاظ کان هي ڪٽنب هڪ خاص شان رکي ٿو ته اُن گهراڻي جون چار پيڙهيون هڪئي وقت اصحابين جي درجي تي فائز آهن.
سيدنا ابوبڪر جي دوستن جو حلقو به گهڻو وڏو هو. پنهنجن دوستن ۾ هو پنهنجي بلند اخلاق ۽ پاڪيزه گُڻن جي ڪري گهڻي عزت ۽ مقام رکندو هو. سندس ويجهن دوستن ۾ بنو عبد مناف جي عبد شمس جي پٽ اُميه جي اولاد مان عثمان بن عفان هو. اُن زماني ۾ عثمان بن عفان ڇوويهن ستاويهن سالن جو بي حد سهڻو امير واپاري هو. ماءُ جي رشتي ۾ پاڻ، آقا ﷺ جي پڦي اُم حڪيم البضيا جو ڏوهٽو هو. شام جي سفر تان موٽندي پنهنجن سوين اٺن جي قافلي سان گڏ مڪي اچي رهيو هو ته ريگستان جي رات ۾ آواز ٻُرائجيو
”سمهڻ وارؤ
سُجاڳ ٿيو. مڪي ۾ احمد ﷺ جو ظهور ٿي چڪو آهي.“
اها ڳالهه سندس دل تي چٽجي ويئي.
مڪي پهچڻ کان اڳ سندس هڪ دوست طلح ساڻس اچي مليو. طلح تيم قبيلي مان هو. هو بصريٰ، شام مان پنهنجو واپاري قافلو وٺي اچي رهيو هو، عثمان بن عفان کي چيائين ته جڏهن آءٌ بصري مان لنگهي رهيو هوس ته اتي هڪ راهب کيس سڏي پُڇيو ته ”ڇا حرم جي رهاڪن ۾ احمد ﷺ جو ظهور ٿي چڪو آهي.“
طلحه راهب کان پڇيو
احمد ﷺ ڪير آهي؟
راهب وراڻيون: ابن عبدالله بن عبدالمطلب آهي. طلحه جيئن ئي عثمان سان اهو قصو بيان ڪيو ته عثمان کي صحرا ۾ گونجيل آواز ياد اچي ويو.
”سمهڻ وارؤ
سُجاڳ ٿيو، مڪي ۾ احمد ﷺ جوظهور ٿي چڪو آهي.“
ٻيئي ڏاڍو ڇرڪيا ۽ حيران ٿيا.
طلحه صلاح ڏني ته ابوبڪر سان ٿا، ملون هن کان وڌيڪ عرب ۽ شهر جي ماڻهن کان ٻيو ڪير واقف آهي. ٻيئي مڪي پهچي ابوبڪر سان مليا ته ابوبڪر ٻنهي کي کڻي ڀاڪرن ۾ ڀريو ۽ کين وٺي آقا ﷺ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. اُتي هنن ٻنهي پنهنجي پنهنجي ڪٿا بيان ڪئي ۽ آقا ﷺ جي هٿ تي هٿ رکي ايمان جو اقرار ڪيائون.
آقا ﷺ جي ناناڻن بنو زهره جا ٻه معزز نوجوان عبد عمرو بن عوف ۽ سعد بن ابي وقاص کان سواءِ بنو حارث جو عبيده بن جراح به انهن شروعاتي ڏينهن ۾ اسلام آڻيندڙن مان آهن. عبد عمرو بن عوف جو نالو آقا ﷺ بدلائي عبدالرحمان بن عوف رکيو هو. ايئن سندس نالي ۾ واحد خدا جو نئون نور وچ ۾ شامل ٿي ويو، جيڪو رحم ڪندڙ جي صفت اسم مبالغه تائين، اُن حد تائين، جنهن جو ڪو اندازو نٿو ڪري سگهجي، بيان ڪري ٿو.
الله جي نالي سان مڪي جا سڀ ماڻهو واقف هئا.
اُن کي خدا به مڃيندا هئا. پر هو ڪيترو مهربان آهي، رحمان آهي، ان تصور کان اڻ واقف هئا. اُنهن شروعاتي ڏينهن ۾ جڏهن مڪي جي اشرافيه جي انهن معززين آقا ﷺ جي پيغام تي ايمان آندو، اُتي مڪي جي غلامن ۾ آقا ﷺ جي لاءِ سدائين موجود ڪشش رکندڙ ڪيترائي غلام آقا ﷺ جي غلاميءَ ۾ اچي ويا. انهن ۾ بنو مخزوم جو غريب حليف ياسر، سندس پُٽ عمار ۽ ياسر جي زال سميه هئي. سميه اڃا تائين بنو مخزوم جي سردار ابوجهل جي ٻانهي هئي، جڏهن هوءَ ايمان جي نعمت سان مالا مال ٿي ته اُنهن غلامن مان مڪي جو قدآور، ڪاري ۽ فولادي جسم وارو پنجويهن ورهين جو نوجوان بلال به هو. جيڪوجمع قبيلي جي هڪ سخت گير واپاري اُميه بن خلف جي ٻانهپ مان ٿيندو. آقا ﷺ کي پنهنجو آقا بنائي ويٺو.
جبرائيل آسمان تان قرآن جون آيتون آقا ﷺ وٽ کڻي ايندا هئا، اهي آقا جي دل ۽ دماغ تي چٽجي وينديون هيون ۽ آقا پنهنجن پيرو ڪارن کي اُنهن کان آگاھ ڪري ڇڏيندا هئا. آقا جا پيروڪار اِهي لکي پاڻ وٽ رکي ڇڏيندا هئا يا زباني ياد ڪري وٺندا هئا. اُنهن ئي ڏينهن جبرائيل هڪ ڀيرو جبل نور تي پنهنجي پير رکي هڪ پٿر تي هڻي چشمو جاري ڪيو. پوءِ اُن چشمي جي پاڻي مان وضو ڪرڻ جو آقاﷺ کي طريقو ۽ نماز پڙهڻ سيکاري. ان وقت فقط ٻه وقت نماز پڙهي ويندي هئي، صبح جو سج اڀرڻ کان پهرين ۽ شام جو سج لهڻ کانپوءِ، نمازن پڙهڻ جي لاءِ انهن ئي ڏينهن سوره فاتح لٿي هئي. پوءِ ڪجهه وقت جي لاءِ آسمان تان وحي اچڻ رڪجي ويئي. اِهو عرصو اڍائي ٽن سالن جو آهي. جنهن ۾ آقاﷺ سخت ڏکارو ٿيو. آقاﷺ کي ڊپ ٿيو ته ڪٿي خدا کيس ڇڏي ته نه ڏنو آهي. مٿس ناراض ته نه ٿي پيو آهي.
هجر ته وصال جي شدت کي وڌائڻ جي لاءِ هوندو آهي.
آقاﷺ کي سيدنا جبرائيل جي وسيلي ايندڙ خدا جي نياپي جو اوسيئڙو هو. سڳوري پريم پتر جو.

پريم پَتر

پريم پَتر

وقت ڪيئن ٿو بيهي، ڪيئن ٿو گذري ۽ ڪيئن اندر ۽ ٻاهر انسان کي وڍي رتو ڇاڻ ڪري ٿو، ان جو اندازو فقط تڏهن ٿئي ٿو، جڏهن ڪو ڪنهن جي اوسيئڙي ۾ هجي، پوءِ جنهن هستيءَ سان جيترو به گهرو لاڳاپو ۽ واسطو هوندو آهي، ان جو ايترو ئي شديد اوسيئڙو هوندو آهي.
انتظار جي گهڙين ۾ ئي خبر پوندي آهي ته هڪ هڪ گهڙي ڪيتري نه ڊگهي هوندي آهي.
هڪ گهڙيءَ ۾ ڪيترا پل آهن.
پَل ٻن پلن جي ڳالهه ڪونهي، اوسيئڙو جڏهن هفتن، مهينن کانپوءِ سالن جو ٿي وڃي ته دل تي جيڪو وهندو واپرندو آهي، اهو فقط اُهو ئي ڄاڻندو آهي، جنهن سان اها وهندي واپرندي آهي.
آقاﷺ تي ٽن سالن تائين وحي جو اچڻ بند رهيو.
آقاﷺ کي هر ڏينهن ۽ رات خدا جي برگزيده ملائڪ جبرائيل جو اوسيئڙو رهيو.
گهر ۾
ٻاهر
غار حرا ۾
هر جاءِ تي آقاﷺ رهيو، پر جنهن جو اوسيئڙو هو، اهو نه آيو. آقا دل ئي دل ۾ اهو سوچي ڊڄي ۽ گهٻرائجي ويا ته ڪٿي منهنجي خدا مونکي ڇڏي ته نه ڏنو آهي؟
منهنجو خدا مون کان ناراض ته نه ٿي پيو آهي؟
مجازي محبت ۾ به محبوب ملڻ کانپوءِ جيڪڏهن هو جدائي ڏيئي پري خاموش ٿي ويهي رهي ته مُحب جي دل ۾ حُب ۽ اڪير وڌي ويندي آهي. وسوسا به اچي گهيريندا آهن.
ڊپ اهوئي هوندو آهي ته ڪٿي هو ناراض ته نه ٿي پيو آهي.
مون کان ڪا ڀُل چُڪ ته نه ٿي ويئي آهي.
خدا ته شهه رڳ ۾ ويٺو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهي.
پوءِ اِهو آخري رسولﷺ ، جنهن کي سوچي خدا ڪائنات جوڙڻ سوچي هئي. جنهن جي سڳوري روح کي سڀني انسانن جي لاءِ ’في احسن تقويم‘ جو بهترين نمونو بنائي سڄي ڪائنات جي سڀني تخليقن مان، خدا سڀني کان پهرين تخليق ڪيو هو. اهو خدا کانئس ڪيئن ٿي ناراض ٿي سگهيو. اهو ته محبت جي شدت کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ لاٿل سڳوري ڪلام ۾ وڌ ۾ وڌ ٻڏي، بي حد پختگي پيدا ڪرڻ جي لاءِ شايد خدا ڪجهه عرصي جي لاءِ ماٺ اختيار ڪئي هئي.
نيٺ اهو سُهڻو ڏينهن اچي ويو.
جڏهن خدا کي آقاﷺ کي پنهنجي محبت جو يقين ڏياري آقاﷺ جي دل کي مطمئن ڪرڻون هو.
جبرائيل پهچي ويو
خدا جو ڪلام اچي ويو
خدا کي هاڻ پنهنجي محبوب تي محبت نڇاور ڪرڻي هئي.
محبت ۾ قسم به کڻبا آهن
خدا قسم کڻڻ جي لاءِ ٻن حسين وقتن جي چونڊ ڪئي
هڪ صبح جو وقت ۽ ٻيو رات جو وقت. پوءِ انهن ٻنهي وقتن جو قسم کائي چيو: ”قسم آهي مٿي آيل ڏينهن ۽ اونداهي ٿي ويل رات جو جڏهن اها سڪون سان ڇائنجي وڃي، ته تنهنجي رب نڪي توکي ڇڏي ڏنو آهي، نڪي ناراض ٿيو آهي. يقينن تنهنجي پڇاڙي تنهنجي اڳياڙي کان گهڻي سُٺي آهي ۽ تنهنجو رب توکي جلد ئي اهو ڏيندو، جو تون خوش ٿيندين. ڇا هن توکي يتيم ڏسي جاءِ ڪانه ڏني؟ ۽ توکي اڻ واقف ڏسي واٽ ڏسيائين. توکي غريب ڏسي مالدار ڪري ڇڏيائين، پوءِ تون به يتيم تي سختي نه ڪج. سواليءَ کي ڇڙٻ نه ڏج ۽ پنهنجي پالڻهار جون نعمتون بيان ڪندو رھ“.
اهي ’سورة الضحيٰ‘ جون پهريون ڪجهه آيتون، جيڪي ٽن سالن جي وقفي کانپوءِ لٿيون، تن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انهن آيتن جي نزول سان آقاﷺ جي دل کي ڪيترو نه سڪون ۽ قرار آيو هوندو.
خدا قسم کائي پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو.
خوشخبري ڏني ايندڙ بهترين وقت جي.
آقاﷺ جي زندگيءَ جي يتيمي ۽ مفلسي جي دورن کي ياد ڪرائي، يتيمن ۽ سوالين (سائلن) تي رحم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ خدا جي نعمتن جو ٻين سان اظهار ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هر ڳالهه چٽي، صاف بنا ڪنهن شڪ ۽ شُبهي جي محبت جي انوکي اظهار سان ڪئي. قسم کائڻ جي لاءِ ٻه الاهي وقت چونڊيا.
”والضحيٰ“ قسم ان سهائي وقت جو جڏهن آسمان جي ڇت جي هڪ ڪُنڊ مان صبح ساجهر جي نوراني ليڪ ظاهر ٿئي ٿي، هوريان هوريان اوڀر مان اٿي سڄي آسمان جي ڇت تي خوشبو جيان پکڙجڻ لڳي ٿي. اهڙي سهائي صبح جي روشن. سمئه جو اندازو فقط ريگستان ۾ سڌو ليٽيل صحرا ئي ڪري سگهي ٿو ته اهي نور جا ڪرڻا ڪيئن آسماني ڇت چيري اونداهيءَ جي ٻُوڪانيءَ مان نڪري الاهي نور جو بلوري نگينو بنائي ٿيا ڇڏين. الل وهاڻيءَ جي پهرينءَ ڪرڻي کان وٺي سڄي آسمان جو نور ۽ اجالو بنجي وڃڻ جو واقعو. الضحيٰ ۾ آهي.
خدا پهرين ان جو قسم کنيو.
پوءِ ٻيو قسم رڳو رات جو نه پر اُن رات جو جيڪا هوريان هوريان چئني طرفن کان ڏينهن جي سُهائي کي پنهنجي اندر ۾ جذب ڪري آسمان جي ڇت تي ايئن تاڻجي وڃي ٿي، جو چئني طرفن زمين ۽ آسمان جي گڏجڻ جي سنگم جا ڪنارا پاڻ ۾ هڪ ٿي ٻاٽ اونداھي طاري ڪريو ڇڏين.
آسمان تي تارا اُڀري اچن.
اهي به اهڙا چمڪندڙ ۽ اکيون کيريون ڪندڙ روشنيءَ ۾، جو انهن کي اونداهيءَ ۾ ڏسڻ وارو سوچي ته ڪيترو ويجهو. هٿ کڻي اهي جهلي وٺان. چؤڏس سانت، هڪ مُطلق ۽ گهري ماٺار، جتي زمين ۽ آسمان جي هڪ ڪنڊ تي ٿيندڙ ٿورو کُڙڪو به انسان جي دل ۽ ماغ ۾ لهي روح جا دروازا کولي ڇڏي.
اهڙي رات ڇانئجي وڃي.
ان رات جو به قسم کائي خدا چيو؛ محبوب مون توکي نه ڇڏيو آهي.
نه تو کان ناراض ٿيو آهيان.
ٽن سالن جي اوسيئڙي کانپوءِ آقاﷺ جي لاءِ سندس محبوب خدا جي طرفان اهو ڪهڙو نه خوش ڪندڙ پريم پتر هوندو.

دعوت

دعوت

آسماني فرمان ٻيهر لهڻ شروع ٿي ويا. ’سوره قلم‘ جون آيتون لٿيون:
”ن- قسم آهي قلم جو
۽ قلم سان لکيل لکتن جو
تون پنهنجي رب جي فضل سان چَريو ڪونه آهين
۽ بيشڪ تو لاءِ اَڻ کُٽ اَجر آهي،
۽ بيشڪ تون اخلاق جي اعليٰ درجي تي آهين“
پوءِ هڪ ’سوره شعرا‘ جي آيت لٿي:
”۽ پنهنجن ويجهن رشتيدارن کي ٻڌاءِ.“
آقاﷺ، تيرهن سالن جي عليرضه کي چيو ته هڪ دعوت جو بندوبست ڪر ۽ بنو عبدالمطلب ۽ بنو مطلب جي سڀني مِٽن مائٽن کي شام جو مانيءَ جي دعوت تي گهراءِ. سيده خديجه جي ٻه ماڙ وڏي گهر ۾ جتي آقاﷺ رهندا هئا، ڪنهن وڏي دعوت لاءِ مناسب هنڌ هو. دعوت جي بندوبست خاطر آقاﷺ پنهنجي لاڏلي ۽ چاچي جي پٽ حضرت عليرضه کي چيو ته مانين جو بندوبست ڪر، ٻڪري جي هڪ ران رڌ ۽ ساڍن چئن سيرن جي لڳ ڀڳ ڀريل کير جو پيالو کڻي اچ.
بندوبست ٿي ويو
اُن ۾ آقاﷺ جا چاچا ابوطالب، ابولهب، عباس ۽ حمزه کانسواءِ سندن اولاد، انهن جي اولادن جو اولاد، پُڦيون ۽ انهن جا ٻارڙا شامل هئا. دعوت ۾ دعوتيل ماڻهن جي ڀيٽ ۾ بظاهر کاڌو ته مقدار ۾ گهٽ هو، پر آقاﷺ رڌيل ٻڪري جي ران جي گوشت جو هڪ ٽڪر کڻي الله جو نالو وٺي پنهنجي هٿن سان ٽڪرا کڻي پنهنجن ڏندن سان ڇُهيو ۽ پوءِ اهو رڪابيءَ ۾ باقي گوشت سان رکي ڇڏيو. کير جي پيالي جي ڪنارن کي خدا جو نالو وٺي چپن سان لڳايو ۽ ڇڏي ڏنو.
هاڻ جو مهمان کائڻ ويٺا ته اهوئي کاڌو هنن جي لاءِ کوڙ ثابت ٿيو.
هنن ڍؤ ڪري ماني کاڌي ۽ پوءِ به گوشت ۽ مانيون کُٽيون ڪونه، اُن کانپوءِ حضرت علي کير جو پيالو کڻي سڀني کي پياريندو ويو ته سڀني پي ورتو، پر پيالي جي اندر کير اوترو ئي رهيو.
سڀني همراهن ان ماني ۾ غير معمولي برڪت محسوس ڪري ورتي.
ابولهب چيو: ڀائيٽا توته اسان تي جادو ڪري ڇڏيو آهي.
اسين کائون به پيا پر ماني گهٽجي ئي نه پئي،
آقاﷺ کي اڃا دل جي ڳالهه ڪرڻي ئي هئي ته ابولهب برادريءَ جي سڀني ماڻهن کي پنهنجي ڳالهين جي هُل ۾ محفل برخواست ڪري روانو ٿي ويو. ان شام جو دل جي ڳالهه دل ۾ رهجي ويئي.
ٻي ڏينهن شام جو آقا، عليرضه کي ٻيهر اهڙو ئي بندوبست ڪرڻ جي لاءِ چيو،
۽ چيو ڪٽنب وارن کي وري دعوت تي سڏ
اُن ڏينهن شام جو به سڀني همراهن ٻيهر محسوس ڪيو ته انتهائي شوق ۽ ڍؤ ڪري ماني کائڻ کانپوءِ به دسترخوان تان ماني گهٽي ڪانه . پر ان کان اڳ جو هو ماني کائي ان مان هٿ ڪڍن آقاﷺ ڳالهه ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي.
فرمايائون
’اي منهنجي خاندان جا معززو! اڄ آءٌ اوهان وٽ اهڙو بهترين پيغام کڻي آيو آهيان، جهڙو هِن کان اڳ عرب جو ڪوبه رهاڪو پنهنجي قوم وٽ کڻي نه آيو آهي.‘ آقا تهميدي جملا چوڻ کانپوءِ چيو:
’اي منهنجي قوم آءٌ اوهان کي هڪ الله طرف سڏيان ٿو، جنهن مونکي رسول ڪري بني نوع انسانن ڏانهن موڪليو آهي.
ٻُڌايو
اوهان مان ڪير آهي جيڪو منهنجو طرفدار ۽ ساٿي هوندو.‘
خاندان جا سڀ ننڍا وڏا، مرد ۽ زائفائون آقاﷺ جي ڳالهه ٻڌي چُپ ٿي ويا.
پوءِ خاموشيءَ سان هڪٻئي کي ڏسڻ لڳا.. انهن مان ڪير به نه ڪڇيو. ڳچ دير تائين ڪمري ۾ ماٺار ڇانيل رهي.
آقاﷺ ڪٽنب جي سڀني ماڻهن جي چهرن ڏانهن واري واري سان ڏٺو، سڀني جون اکيون حيرانيءَ ۾ هڪٻئي کي تڪينديون رهيون.
ڪنهن جا به چپ نه چُريا.
پوءِ ڪٽنب جي اُن ميڙ مان هڪ تيرهن سالن جو ڪمزور ٽنگن ۽ روشن اکين وارو ٻارڙو اُٿيو، اهو ٻارڙو مهمانن مان اُٿيو، جيڪو ٿوري دير اڳ ميزباني جا فرض ادا ڪري رهيو هو.
اهو ٻارڙو علي هو
هن اُٿي بيهي آقاﷺ طرف وکون وڌايون
آقاﷺ وٽ اچي بيٺو ۽ چيائين
آءٌ اوهانجو طرفدار آهيان
آءٌ اوهان سان ساٿ ڏيندس
آقاﷺ محبت سان عليرضه جي ڪُلهن کي زور ڏنو ۽ سڀني کي مخاطب ٿي چيائين: ٻُڌو ۽ هن جي ڳالهه سمجهو.
مهمانن جي ميڙ ۾ ويٺل وڏي ڄمار وارا همراھ کليا
هڪ ٻن ته ٽيهتر سالن جي ابو طالب کي چيو :
’ٻُڌ سردار هاڻ تون به پنهنجي تيرهن سالن جي پٽ جو حڪم ٻڌ ۽ ان جي پيروي ڪر.‘ عليرضه جون ڳالهيون ۽ آقاﷺ جي پيغام کي خاندان جي ماڻهن کلَ ۾ اُڏائي ڇڏيو ۽ کلندي واري واري سان اٿي هليا ويا.
پوءِ ئي شايد آقاﷺ ٻي ڏينهن صبح جو هڪ فيصلو ڪيو.
عام دعوت ڏيڻ جو فيصلو.

عام دعوت ۽ رسالت جي سَند

عام دعوت ۽ رسالت جي سَند

مڪي ۾ جڏهن ڪو عام اعلان ڪرڻ جي لاءِ ڪا جاءِ چونڊيندو هو ته خدا جي گهر جي چوڌاري پهاڙن مان ڪنهن پهاڙ تي چڙهي ويندو هو ۽ حرم ڪعبه ۾ موجود ماڻهن کي پاڻ ڏانهن سڏڻ لڳندو هو. آقاﷺ خانه ڪعبه کان سؤ وال پري صفا جي پهاڙي چونڊي، هيءُ اهو ئي هنڌ هو، جتي ڪڏهن سيده هاجره ان پنهنجي ٿڃ پياڪ اُڃايل ٻارڙي اسماعيل عليه السلام جي لاءِ پاڻيءَ جي ڳولا ۾ ڪعبي جي ٻي طرف ويجهي ٽڪري مروه طرف ڊوڙڻ شروع ڪيو هو، سندس ڊوڙيل ستن چڪرن تي اڄ تائين خدا پنهنجي سڀني مڃيندڙن کي ڊوڙائي رهيو آهي.
آقاﷺ صفا جي ٽڪريءَ تي چڙهي ويا.
ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڌيان ڏيارڻ لاءِ رواج هو ته سڏيندڙ پنهنجي حسب نسب جي چمڪندڙ ستارن ماڻهن جا نالا وٺڻ شروع ڪندو هو، پنهنجن وڏڙن جا نالا کڻي انهن جا ڪارناما ٻڌائي ڌيان حاصل ڪندو هو. آقا سيدنا اسماعيلعه کان ڳالهه شروع ڪري ها ته سڀني عرب قومن جا پيءَ سندن وڏڙي جي نسل مان هئڻ جو دليل هو. پر پاڻ حسب نسب جي ڪنهن به فرق جي ڳالهه نه ڪئي. خانداني شرافت، عزت ۽ حيثيت جا قصا ته آقاﷺ جي نسل ۾ موجود هئا. پر آقاﷺ انهن گهوڙين جو سهارو به نه ورتو. پنهنجي ذاتي علمي برتري، ڏاهپ ۽ شاعراڻي حسن ڪلام جو به ماڻهو استعمال ڪندا هئا. آقاﷺ ڪعبي جي نئين سر اڏاوت وقت قريش جي هڪ سنگين جهيڙي کي پنهنجي تدبر ۽ ڏاهپ سان سُلجهايو هو ۽ ٻيا به ڪيترائي واقعا هئا، جڏهن مڪي جا ماڻهو آقاﷺ جي ذهانت ۽ ڏاهپ جا قائل ٿي چڪا هئا. پر آقا ڪڏهن به اهڙي ڳالهه طرف اشارو نه ڪيو. ماڻهو جسماني حُسن جو رعب به وجهندا هئا، آقاﷺ ته پيرن کان وٺي مٿي تائين سراپا حُسن هئا، پر اها ڳالهه به سندس ڪنهن ڳالهه جي نه ٿيڻ واري هئي. کيس ڪهڙا ڪپڙا پاتل هئا، سرڪار جو حليو مُبارڪ ڪهڙو آهي، اهو به مڪي جي ماڻهن ۾ ڪنهن وڏائيءَ جو نشان نه هو. مڪي جا ماڻهو به اهِڙي ئي لباس ۽ حليي ۾ هلندا وتندا هئا. ان ڏينهن آقاﷺ جو پيغام ته الوهي سڳورو پيغام هو، جيڪو ماڻهن کي پنهنجي ذات ڏانهن نه پر خدا جي وحدانيت طرف سڏڻ وارو هو، خدا ڏانهن سڏڻ وارن به اُن کان اڳ ڪيترن ئي قسمن جا سهارا ورتا هئا.
جڏهن موسيٰ عليه السلام کي ماڻهن کي خدا ڏانهن سڏڻ جو حڪم ٿيو ته هن خدا پاران ڏنل طاقتن کي ماڻهن کي ڏيکاري پنهنجي نبوت ۽ رسالت جي سَند ڏني، چيو ته ماڻهو ڏسو.
هيءَ لٺ آهي
زمين تي رکيائين ته ارڙ بنجي سُرڻ لڳي ۽ جادوگرن پنهنجي رَسين سان جيڪي نانگ بنائي ڏيکارڻ جو ڍونگ ڪيو هو، اهي سڀ ارڙ ڳيهي ويو، سيدنا موسيٰ عليه السلام پنهنجي ڪَڇن ۾ هٿ رکي ڪڍيا ته اهي چنڊ وانگر چمڪي رهيا هئا. ماڻهن جون اکيون کيريون ٿي ويون.
اهي خدا جون ڏنل طاقتون هيون.
انهن قوتن کي ڏسي به جن جي دلين ۾ فتور هو، تن نه مڃيو، اُبتو کيس تمام وڏو جادوگر سمجهڻ لڳا.
سيدنا عيسيٰعه جي پيءَ کانسواءِ پيدائش بذات خود معجزو هئي، پوءِ امڙ جي هنج ۾ سندس ڳالهائڻ، مٽيءَ مان پکي ٺاهي، انهن کي جاندار پکين جيان اُڏائڻ، ڪوڙھ جي مرض ۾ مبتلا يا ڪنهن بيماريءَ جي بيمار کي شفا ڏيڻ، ان حد تائين جو خدا جي مهر سان مئل کي جيئارڻ، اِهي سڀ خدائي قوتون هيون، جيڪي خدا کيس بخشيون هيون. انهن سڀني خدائي شانن مان سندس انفرادي، ذاتي صلاحيت جيڪا ماڻهن جي علم ۾ هُجي، جن کيس پيدا ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي ئي بستيءَ ۾هڪ هڪ ڏينهن وڏو ٿيندي ۽ زندگي گذاريندي ڏٺو هو، اهڙي ڪابه سَند نه ٻڌائي ويئي. آقاﷺ هڪ لک چويهه هزار سڀني نبين ۽ رسولن تي آخري مهر هئي. ان کانپوءِ ڪوبه پيغمبر، ڪوبه رسول، خدا جو پيغام کڻي اچڻون نه هو. تنهنڪري آقاﷺ جي رسالت جي اعلان عام ۾ اڳ جهڙي ڪا عمومي سَند ڪافي نه سمجهي ويئي. آقاﷺ نه حسب نسب جو فخر باور ڪرايو، نه ذاتي نالو ۽ مشهوري، نه علم نه سمجهه، نه ڏاهپ نه يگانگت چئي، نه پنهنجو لباس، نه ماڻهن مُهانڊي جي ڳالهه، نه خدا جي ڏنل ڪنهن معجزاتي صفت جو سهارو ورتو. آقاﷺ ماڻهن جو ڌيان ڇڪائيندي چيو:
”ماڻهو! بني قريش جي سڀني قبيلن جا ساٿيو اوهين مونکي سُڃاڻو ٿا
آئون ٽيتاليهه سال هن شهر ۾ رهيو آهيان. هڪ ٿڃ پياڪ ٻار کان وٺي اڄ ڏينهن سوڌي منهنجو ڪو عمل، مُنهنجو ڪو فعل، منهنجي ڪا به ڳالهه اوهان کان ڳجهي ڪونهي.
ٻڌايو، اوهان ڪڏهن مونکي ڪوڙ ڳالهائيندي ڏٺو؟
اها آهي سنَد.
سڄي ميڙ هڪ آواز ٿي چيو، اوهان صادق آهيو، سچار آهيو.
اسان توکان فقط سچ ئي ٻُڌو آهي.
آقاﷺ وري پُڇيو: اي اهل قريش، اوهان مون وٽ امانتون رکرايون، ڪڏهن مونکي ڪنهن امانت ۾ خيانت ڪندي ڏٺوَ. مون وٽ جيڪا به شئي پهتي، ڇا مون ڪڏهن اُن ۾ پنهنجي طرفان ڪا گهٽ وڌائي ڪئي؟
اها هوندي آهي سَند.
صفا جي هيٺان بيٺل ميڙ مکين جي ماناري وانگر چُڻ ڀُڻ ڪري رهيو هو.
تون ’الامين‘ آهين.. سڀني کان وڏو امانتدار.
اوهان ڪا ٻي بُرائي مون ۾ ڏٺي. جنهن سان منهنجي چيل ڳالهه جو اثر گهٽجي؟
نه تون سراپا سچائي، حق گوئي، مروت، عدل، احسان ۽ امانتداريءَ جي اعليٰ ترين قدرن جو امين آهين. تون سچ آهين.. يڪتا آهين.
آقاﷺ پُڇيو: آءٌ جيڪو به چوان، اوهين مڃيندؤ!
بلڪل مڃينداسين. اوهان سدائين سچ ئي چيو آهي.
آقاﷺ مثال ڏيڻ جي لاءِ پڇيو: جيڪڏهن آءٌ چوان ته هن جبل جي پويان هڪ دشمن حملو ڪرڻ وارو آهي ته ڇا اوهين مڃيندؤ؟
جي! بلڪل مڃينداسين.. ڇاڪاڻ ته اوهان مان فقط سچ جي اُميد آهي.
تڏهن آقا چيو: اي قريشيو! آءٌ اوهان کي هڪ واحد خدا طرف سڏيان ٿو، جيڪو سڀني جو خالق آهي. اهوئي اڪيلو عبادت جي لائق آهي. اسين سڀ آدم جو اولاد آهيون ۽ آدم مٽيءَ مان پيدا ڪيو ويو، سڀ انسان برابر آهن. اسان مان بهتر اهو ِآهي، جنهن جو اخلاق سُٺو هُجي، ان ئي رب طرف واپس ورڻون آهي ۽ هِتي گذاريل هڪ هڪ گهڙيءَ جو حساب ڏيڻو آهي، جنهن ڏينهن سڀ ٻيهر جيئرا ڪيا ويندا.. خبر ڪونهي اُن ڏينهن آقاﷺ صفا تي بيهي ڪيتري دير ڳالهايو. ماڻهو خاموشيءَ سان ٻُڌندا رهيا. پوءِ ان ئي ميڙ مان آقاﷺ جن جو بدبخت چاچو ابولهب هٿ مٿي ڪري هُل ڪندي چوڻ لڳو (نعوذ باالله) تنهنجا ٻيئي هٿ ڀَڄن، تو اسانکي اها ڳالهه چوڻ جي لاءِ سڏيو هو. هلو هلو.. ڀائرو پنهنجي ڪم تي موٽي هلو. هو بڙ بڙ ڪندو، اُبتيون سُبتيون ڪندو، ماڻهن کي صفا جي پهاڙي جي هيٺ تائين وٺي ويو. سندس زال اُم جميل جيڪا ابوسفيان بن حرب جي ڀيڻ هئي، اها آقاﷺ جي گهر جي ٻاهر مٿي تي ڪنڊا کڻي آئي ۽ رستي تي اڇلائڻ لڳي، ابولهب، آقاﷺ جي پاڙي ۾ رهندو هو. هو وقت بي وقت آقاﷺ جي شان ۾ گستاخيون ڪرڻ لڳو، آقاﷺ ابولهب جي ڏنل ڪنهن به گار جي ڪا ورندي نه ڏني. پر آقا جو رب، پنهنجي محبوب جي شان ۾ ڀَلا ڪيئن ٿو گستاخي سهي سگهي.
آسمان مان ملائڪ لٿو ۽ خدا ابولهب جي گستاخي جي جواب ۾ ڪلام نازل فرمايو:
”ابولهب جا هٿ ڀَڄن ۽ چَٽ ٿئي، نه سندس مال سندس ڪم آيو ۽ نه سندس عمل جيڪي هُن ڪيا. هو جلدي دڳندڙ باھ ۾ پوندو ۽ سندس زال به، جيڪا فتني باز آهي. ان جي ڪنڌ ۾ پوندو رسو ڪاٻاڙ جو.“ (لهب- 115)

قريش جو رد عمل

قريش جو رد عمل

قريشن جي مڪي ۾ رهندڙ ڏھ قبيلا پنهنجي پنهنجي جاءِ تي مڪمل خود مختيار رياستن وانگر رهندا هئا. هر قبيلي جي اندر اُن جو پنهنجو قانون هو. قبيلي جو سردار ڪنهن بادشاھ جيان پنهنجي قبيلي جو نظام هلائيندو هو. قبيلن جا پاڻ ۾ لڳ لاڳاپا هڪٻئي جي احترام، سَهپ ۽ ڀائيچاريءَ وارا هئا، پر ڪو قبيلو، ٻي قبيلي جي اندروني معاملن ۾ دخل اندازي ڪرڻ کان پاسو ڪندو هو. جيڪڏهن ڪو شخص جيڪڏهن ٻي قبيلي جي ڪنهن ڀاتيءَ کي تڪليف رسائيندو هو ته ٻيو سڄو قبيلو اُن تڪليف ڏيندڙ قبيلي کان اُن جو پلاند ڪندو هو.
اهو طئي ٿيل قانون هو.
پنهنجي قبيلي جي اندر ڪو سردار پنهنجي ڪنهن مرد تي جيتري به چاهي سختي ڪندو هو، ظلم ڪندو هو، سزا ڏيندو هو، پر ٻيو قبيلو اُن تي آڱر به کڻي نه سگهندو هو، ڪنهن اهڙي صورت ۾ جڏهن معاملو ڏهن قبيلن جي گڏيل مفادن جو هوندو هو ته مڪي جي قريشن جا وڏا سردار ”دارلندوهه“ جي مشاورتي ڪمري ۾ وڃي گڏ ٿيندا هئا ۽ اُن مسئلي تي جمهوري انداز ۾ پنهنجي راءِ ڏيندا هئا. قبيلي جا سڀئي ماڻهو پنهنجي جاءِ تي برابر جي حيثيت رکندا هئا.
قبيلن ۾ ٽن قسمن جا ماڻهو هوندا هئا.
اُنهن جي پنهنجن پنهنجن قبيلن ۾ عزت ۽ احترام به ان لحاظ کان هو. پهرين نمبر تي قبيلي جا عام ماڻهو هئا. ٻي نمبر تي اهي ماڻهو هئا، جيڪي رت ۽ نسبي لحاظ کان اُن قبيلي جا نه هوندا هئا، پر انهن جو اصل وطن مڪي کان ٻاهر هوندو هو ۽ ڪنهن ٻي قبيلي جا هوندا هئا، پر مڪي ۾ رهڻ جي ڪري قريشن جي ڏهن قبيلن مان ڪنهن هڪ جا حليف بنجي رهندا هئا. يعني اُن قبيلي جي پناھ ۾ اچي رهندا هئا. هونئن ته انهن کي به ان قبيلي جو فرد مڃيو ويندو هو، پر قبيلي جي اندر هو هڪ ٻئي سان جڙيل رت جي رشتن سان جڙيل قبيلي وارن کان گهٽ حيثيت وارا مڃيا ويندا هئا.
قبيلي جي ٽي نمبر تي انتهائي حقير ڳڻجندڙ ماڻهو اُن قبيلي جا ٻانها هوندا هئا. اُنهن جو اصل وطن به گهڻو پري هوندو هو، پر هو دنيا جي ٻين شين يا جانورن وانگر مُنڊين مان خريد جي آيل هوندا هئا. جيڪو غلام جنهن قبيلي جو هوندو هو، اهو آزاد انسانن جي دنيا ۾ ته نه هوندو هو، پر ڳڻپ ۾ هو اُن قبيلي جي آقا جو فرمانبردار هوندو هو، جيڪو کيس خريدي آيو هوندو هو. ڪنهن ٻي قبيلي جي غلام کي ڪو شخص تنگ يا پريشان نه ڪري سگهندو هو، پر جيڪو جنهن جو غلام هوندو هو، ان کي پنهنجي غلام جي صبر، جذبات، احساسن، بُک اُڃ، هر شئي تي مڪمل اختيار هوندو هو.
اهو شخص پنهنجي غلام جو خدا سمجهيو ويندو هو.
اهو ته ٿيو قريش قبيلن جو حال، جنهن ۾ قبيلي جو سردار پنهنجي سڄي قبيلي جي پاڻ سڀ کان وڏو ضابطو ۽ قانون هوندو هو، جنهن کي سردار پناھ ڏيندو هو. سڄو قبيلو اُن شخص جي حفاظت لاءِ مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿي ويندو هو، قبيلن ۾ پاڻ ۾ قانون سِڌو ساڌو هو. اک جي بدلي اک، هٿ جي بدلي هٿ، جان جي بدلي جان.
قريش گهڻا تڻا واپار وڙي سان لاڳاپيل هئا. هو اٺن جي قافلي سان يمن، شام ۽ فلسطين طرف ويندا هئا. اُٺن کي سامان سان لڏي ويندا هئا، جتي، سامان وڪرو ٿيندو هو، اُتي وڪڻي، ٻيو سامان سوڌي ايندا هئا. سامان گهڻو ڪري مڪي کان ٻاهران ئي ايندو هو.
مڪي جي اندر ڪا وڏي صنعت نه هئي،
ٻني ٻارو ته اُتي ٿيندو ئي نه هو.
بس هڪ چمڙي جو ڪاروبار مڪي جو پنهنجو هو، ضرورت موجب مڪي ۾ لوهار، واڍا، موچي، حجام هوندا هئا. اُٺن جي استعمال ۾ ايندڙ ڪجاوا، ڏوريون ۽ نڪيلون جوڙڻ وارا موجود هئا. اُٺن ۽ رڍن جي اُن ۽ ڏاس مان ڌاڳو ۽ ان ڌاڳي مان ٿلهو ڪپڙو، اُن ڪپڙي جون چادرون ۽ انهن مان تنبو به مڪي ۾ ٺهندا هئا. اٺن ۽ رڍن جي هڏين مان ننڍا ننڍا اوزار ۽ ٻارن يا عورتن جي لاءِ هار سينگار جو سستو سامان جهڙوڪ: مُنڊيون، هار، بٽڻ وغيره به اِتي ئي ٺهندا هئا. پر اهڙو قيمتي سامان جيڪو سون، چانڊي يا ٻين ڌاتن مان ٺهندو هو، اهو يثرب، خيبر، يمن، هندستان، شام ۽ روم مان ايندو هو. ڪپڙن کي رڱيندڙ رنگ به يمني، شامي يا هندستاني هوندو هو، لوڻ ويجهي سمنڊ مان حاصل ڪيو ويندو هو. مرچن جو واهپو گهٽ هوندو هو، جيڪو آسپاس جي سرسبز علائقن مان ايندو هو، ميوات به ڀرپاسي جي سرسبز علائقن مان ئي ايندي هئي.
مڪي کي سڀ کان ويجهو علائقو طائف جو هو،
ساڍن ٽن هزارن فوٽن جي مٿانهينءَ تي اهو جابلو علائقو باغن ۽ فصلن جي ڪري گهڻو مشهور هو. طائف ۾ مڪي جي قبيلن جي به زرعي زمين هئي ۽ سٺ ميل پري ان شهر ۾ مڪي جي ناليوارن سردارن جي عام آوت جاوت هوندي هئي. کجين جي باغن لاءِ يثرب ۽ خيبر جي زمين مشهور هئي. مڪي ۾ برساتون نه پوڻ جي ڪري ساوڪ نه هوندي هئي. اهو شهر هڪ وڏي واپاري منڊي هو، جتي خانه ڪعبه ۽ ان ۾ موجود ٽي سؤ اسي بُتن جي ڪري سڄي عربستان جا ماڻهو باقاعدگيءَ سان مذهبي رسمن جي ادائيگي جي لاءِ ايندا هئا.
ماڻهن جي آوت جاوت جي ڪري ئي هن شهر جو واپار هلندو هو، ان جي معيشت جو ڦيٿو ڦرندو هو.
مڪي جا وڏا قبيلا رڳو واپار ڪندا هئا. هن شهر ۾ هٿ سان ڪم ڪندڙ لوهار، واڍا، ڪوري، هٿيار ۽ اوزار ٺاهڻ وارا پورهيت ماڻهو انهن قبيلن جا حليف يا غلام هوندا هئا. ايئن هو عام قريشن کان گهٽ درجي وار سمجهيا ويندا هئا. انهن غريب ماڻهن جو ڪپڙو لٽو عام طور تي هڪ اڌ گوڏ ۽ پراڻي سُراڻي ڊگهي گنجي جهڙي قميص کانسواءِ وڌيڪ نه هوندو هو.
مڪي ۾ ڪپڙو ڏاڍو مَهنگو هوندو هو.
ڪڻڪ به مڪي ۾ ٻاهران ايندي هئي، تنهنڪري ڪڻڪ جي ماني رڳو مڪي جا رئيس ۽ وڏيرا ئي کائيندا هئا. ڪڻڪ جي هڪ مانيءَ جي قيمت عام طور چار درهم هوندي هئي ۽ چئن درهمن مان هو عام طور تي اٺ جو هڪ ڪجاوه خريد ڪري وٺندا هئا.
غلامن جي قميت عام طور تي اُنهن جي شڪل شبيهه، عمر ۽ صحت جي لحاظ کان ڏيڍ سئو کان ڇهن سئو درهمن تائين هوندي هئي. غلامن جي حيثيت انسانن بدران جانورن جهڙي هوندي هئي. ڀَلو اٺ هڪ وچٿري غلام کان مهنگو هو. اتي گهوڙا ۽ خچر، اُٺن کان گهڻو مهنگا هوندا هئا. گڏھ به موجود هئا، پر انهن جو ملهه به اٺن ۽ غلامن کان وڌيڪ هو.
مڪي جي ماڻهن جي معيشيت، مال برادري، واپاري ۽ خوراڪ جي لاءِ اُٺ ئي سڀني کان وڌيڪ ضروري جنس هئي. جنهن جو هو کير پيئندا هئا، مٿس سواري ڪندا هئا ۽ اُنهن جي گوشت سان پيٽ ڀريندا هئا. قريشن جي نسلي قبيلن جي ماڻهن، حليفن ۽ غلامن کانسواءِ مڪي ۾ هڪ ٻيو طبقو به هو. اهو هو ٽن سئو اَسي بتن جا ڀوپا.
اهي ڀوپا يا مذهبي اڳواڻ به گهڻو ڪري قريشن جا حليف هئا. اهي ٻين هنڌن تان اچي مڪي ۾ ديرو ڄمائي ويٺا هئا ۽ وڏي فنڪاري، چالاڪي، بشني گيري ۽ مَڪاريءَ سان قريشن جي گهڻي تڻي دولت مذهبي رسمن جي ادائيگيءَ جي نت نون طريقن ۽ بهانن سان ميڙي رکي هئائون.
مڪي جي معيشت ۾ اهي سڀ کان وڌيڪ مالي استحصال ڪندڙ ماڻهو هئا. وٽن دولت وڌندي رهندي هئي. هو پنهنجي دولت جي ريل ڇيل کي ڳجهي رکڻ سبب ظاهر نه ٿيندا هئا. هو مڪي جي ماڻهن کي ورغلائي پنهنجي مرضيءَ موجب ڪم وٺندا رهندا هئا. هنن مڪي جي واحد صنعت اُٺن ۽ رڍن کي به پنهنجن عجيب و غريب عقيدن جي واڌاري لاءِ پنهنجي حق ۾ فائدي وارو ڪري ورتو هو.
اُنهن ڀوپن مڪي جي ساڌن سوڌن قريشن کي انهن مذهبي رسمن ۾ مُنجهائي اُنهن ۾ جڪڙي رکيو هو. هاڻ ان سڄي پسمنظر ۾ آقاﷺ جو صفاتي اعلان انهن سڀني ڀوپن ۽ مذهبي پيرن جي مٿي تي وِڄ جيان ڪريو. هُنن جي سڄي معيشيت، ڦرلٽ، ماڻهن جي انهي بي سروپا مذهبي رسمن جي ادائيگيءَ جي ڪري هئي.
سو، هو اهو سڀ ڪجهه ڪيئن سولائيءَ سان مڃي وٺن ها.
ڪيئن مڃين ها ته انهن سڀني بُتن سان لاڳاپيل ڦرمار جي طريقن جي ڪابه حيثيت نه آهي. خدا فقط هڪ آهي، جيڪو ڪجهه وٺندو نه پر رڳو ڏيندو آهي.
جيئن ته اهي مذهبي ڀوپا پاڻ ته مزاحمت جي سگهه نه رکندا هئا. هنن جي سڄي سگهه مڪي جا رئيس هئا، جن کي ورغلائي هي آقاﷺ جي پيغام کي خوفناڪ ڪري ڏيکارڻ لڳا.. ڪو مذهبي پيشوا ابوسفيان بن حرب کي ڀڙڪائڻ لڳو ته ڪو ابو الحڪم جي گهمنڊ ۾ مبتلا ابوجهل کي گمراھ ڪرڻ ۾ جُنبي ويو. انهن مذهبي پيشوائن آقاﷺ جي حق جي پيغام جي خلاف قريشن جي اميرن کي پنهنجي بغض ۾ رڱي ورتو. وٽن مڪي جي اميرن کي آقاﷺ جي پيغام کان بدظن ڪرڻ جو سڀ کان سولو طريقو اهو هو ته هي کين چوڻ لڳا.
هي اوهان جي وڏڙن جي طريقن کان ڌار ٿو ڳالهه ڪري، رڳو هيڪڙي خدا جي ڳالهه ٿو ڪري، رڳو اڪيلي خدا جي.
باقي ڇا ٻيا سڀ مري ويا؟
اوهانجا وڏا ڇا بي وقوف هئا؟ اسين پنهنجن وڏڙن جو ڌرم ڪيئن ڇڏيون؟
پنهنجن وڏڙن ۽ اُنهن جي طور طريقن جو احترام بهرحال سڀني عرب قبيلن ۾ موجود هو.
ان نقطي کي اُنهن مذهبي پيشوائن مَڪي جي اميرن جي ذهنن ۾ پختو ڪري ڇڏيو.
قريشن جي اميرن کي ذاتي حيثيت ۾ آقاﷺ جي پيغام جي ڪري جيڪو ڌڪ لڳو هو، اِهو هي ته سڀ انسان آدم جو اولاد آهن. سڀ پاڻ ۾ ڀائر آهن، سڀ برابر آهن. وڏو رڳو اهو آهي، جيڪو پنهنجي اخلاق ۾ مٿانهون آهي.
هو اهو ڪيئن مڃين ها؟
سندن شهر جو ته سڄو نظام ئي اوچ ۽ نيچ تي رکيل هو. سڄو ڪاروهنوار سندن حليف ۽ ٻانها هلائيندا هئا.
ڏيڍ سئو کان اٺ سئو درهمن تائين خريد ڪيل هڪ غلام، هڪ اُٺ کان به گهٽ قيمت جو هڪ انسان، سندن برابر ٿي ويو، سندن سڄو معاشي سماجي ۽ قبائلي نظام اُن انساني مساوات جي اعلان سبب لڏڻ لڳو، تنهن ڪري هو ڪيئن نه ڇِتا ٿين ها.
مذهبي رسمون ته آقاﷺ اڃا تائين ڪي به نه ٻُڌايون هيون، صبح ۽ شام جي هڪ نماز هئي، اُن وقت جي ماڻهن کي ته نت نين ڌرمي رسمن جي ادائيگيءَ جي عادت هئي. کين ان نماز تي ڪوبه اعتراض نه هو. ان وقت تائين زڪوات جو حڪم نه آيو هو، اهو ته مڪي جي تيرهن سالن جي زندگيءَ کان پوءِ مديني وڃي بدر جي جنگ کانپوءِ فرض ٿيو. شراب تي به اڃا ڪا پابندي نه هئي، اُن جي منع ته ڇهه سال پوءِ مديني ۾ ڪئي ويئي. ان زماني ۾ روزو به فرض نه هو. حج ته سڀ مڪي وارا صدين کان ڪندا پي آيا. جهاد جي لاءِ به ڪا موڪل نه ملي هئي. آقاﷺ ته رڳو مذهبي سوداگرن مٿان مڪي جي ماڻهن جا ڪنڌ بچائڻ لاءِ درس ڏنو هو. هنن ان ڪري آقاﷺ ۽ سندس مڃيندڙن لاءِ لفظ ”صابي“ يعني ”لادين“ جي فتويٰ جاري ڪئي. آقاﷺ جي حق جي پيغام ۾ جنت ۽ دوزخ جي ڳالهه هئي. مَرڻ کانپوءِ ٻيهر جيئري ٿيڻ جو ذڪر هو. اهو فلسفو مڪي جي رئيس جي لاءِ قبوليت جوڳو نه هو. هو اهو ڪيئن مڃين ها ته سندن زندگيءَ جو پل پل ڪٿي لکجي رهيو آهي ۽ مرڻ کانپوءِ ان جو حساب ڪتاب ورتو ويندو. هو ته پاڻ کي هر حساب ڪتاب، هر امتحان ۽ هر آزمائش کان مٿانهون سمجهندا هئا. پوءِ هُنن وٽ دنياوي وسيلا هئا، تن اهو سمجهيو ٿي ته سندن جنت هتي ئي هن جنم ۾ سندن وس ۾ آهي. هنن سڀني جا عمل گهٽ ۽ ڪمزور ماڻهن جي پَر ماريت ڪرڻ سبب، سندن لاءِ چمڪدار، شان ۽ شوڪت وارا هئا.
آقاﷺ جو اهوئي پيغام هو. جيڪو مڪي جي مسڪين، بي وس ڪمزور غلامن ۽ هَڄيل حليف هُنرمندن جي لاءِ هڪ زبردست ڪشش رکندو هو. اِهي سڀ ماڻهو جن کي جيون جي هن جنم ۾ آساني نه ملي، انصاف نه مليو، ڪشادگي نه ملي، صحت نه ملي، حُسن نه مليو، عزت نه ملي، تن جي لاءِ ايندڙ زندگيءَ جي تصور ۾ هڪ گوشه عافيت هئي. کين اوچتو احساس ٿيڻ لڳو ته سندن صالح عمل، نيڪ نيتي، ڀلائي، انسان دوستي، سَهپ ۽ صبر جو ڪڏهن ته ڦل ملندو، ايندڙ زندگيءَ جي حساب ڪتاب کان قريشن جا ظالم امير مُنڪر هئا. غلامن ۽ قريشن جي طبقن جي لاءِ ان پيغام ۾ هڪ عاليشان وعدو هو.
آقاﷺ جي خدا جي پيغام ۾ جتي مڪي جي غريبن، مسڪينن ۽ غلامن جي لاءِ حيرت ۾ وجهندڙ ڪشش هئي، اُتي مڪي جي رئيسن مان نرم سڀاءَ نيڪ فطرت سچن ۽ نکريل روحن وارن ماڻهن کي به هڪ ذهني هم آهنگي ڀريل ڌيان ۽ انسانيت جي اعليٰ ترين معيار جي حصول جو رستو مليو ۽ هو آقاﷺ جي پيغام تي لبيڪ چوڻ لڳا.

هڪ غلام ۽ سيدنا بلالرضه

هڪ غلام ۽ سيدنا بلالرضه

سج، جبل نور جي غار حرا مان اُڀري حرم ڪعبي ۾ پنهنجي سُهائي پکيڙي چڪو هو.
سج جا ڪرڻا حجره اسود کي چمي ڪعبي جي ڪاري پردي ۾ جذب ٿي رهيا هئا. حطيم واري هنڌ ڪعبي جي پنجيتاليهه فوٽ اوچي ڀت جو پاڇو ٿڌو هو. ان پاڇي ۾ مڪي جا چارئي هٺيلا، ڪاوڙيل ۽ لالچي رئيس ويٺا هئا. غاليچو وڇايل هو. لوبان جي واس جي خوشبوءِ جون چلمچيون دُکي رهيون هيون. ٽين جي ٿالهين ۾ زيتون جي ٿلهن پيرن جهڙا چمڪندڙ ڪونئرا ميوا پيا هئا. گڏو گڏ اُٺ جي کير مان ٺهيل پنير جون ڦاڪون رکيل هيون. ڪجهه جست جي ڏونگن ۾ اٺ جي سڪل نمڪين گوشت جا ٽڪر پيا هئا. رنگين گل، پنکڙين سان سينگاريل پيالن ۾ صحرا جي سنهري خوشبودار گلن سان ٺهيل قهوي ۾ زعفران جي مهڪ هئي.
پيالن مان ٻاڦ اُٿي رهي هئي.
چئني رئيسن جا غلام ڪعبي جي ڀتين وٽ پنهنجن ميرن اُگهاڙن جسمن تي اُٺ جي ڏاس مان ٺهيل کدر جون لونگيون پايو پنهنجن پنهنجي آقا جي اک جي هڪ اشاري تي يڪ ٽڪ ٿي کڙين ڀَر بيٺا هئا.
جنهن غلام جي آقا اک جي ڀرونءَ جي اشاري سان جيڪو حڪم ٿي ڏنو.
اُن جي غلام وڌي وڃي ان جي تعميل ٿي ڪئي.
اِهي چارئي مڪي جا رئيس، شهر جا معزز ترين سردار هئا.
بنو مخزوم جو اميرزادو ايڪتاليهن سالن جي ابوالحڪم عمرو بن هشام، جنهن کي تاريخ ابوجهل جي نالي سان سُڃاڻي ٿي، سڀني کان وڌيڪ ڳالهائي رهيو هو. هن جون نانگ جهڙيون گول گول اکيون هر گهڙيءَ ڪنهن اندروني سازش تحت ڄڻ پاڻمرادو هلنديون ۽ ڦڙڪنديون ٿي رهيون. هن جي مٿي تي پَڳ به عجيب گول طريقي سان ٻڌل هئي. هو ڳالهه ڳالهه تي پنهنجي سَنهين مُڇين ۽ هٿ جيڏي ڊگهي ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيري رهيو هو. جيئن ته هو گهڻ ڳالهائو هو، تنهن ڪري هن جي وات مان ٿُڪون ڇنڊا بنجي اُڏرنديون هيون، تنهن ڪري هو ڪجهه ڳالهيون ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي کاٻي هٿ کي پنهنجي زهريلن چپن ۽ ڏاڙهيءَ سان مَهٽ ڏيندو هو.
هن جون نظرون لڳاتار هيڏانهن هوڏانهن ڦرنديون رهنديون هيون
ايئن ٿي لڳو ته هُن پنهنجي اندر ۾ باھ جو ڪو عجيب مچ ٻاري رکيو هو. جنهن ۾ هو هر وقت، هر گهڙي جلندو رهندو آهي. هن ڪعبي جي چوڌاري طواف ڪندي ماڻهن مان هڪ ڌيمي چال ۾ الوهي وقار سان روشن چهري واري سڪون ڀريل شخص کي ڏٺو ته هن جي وات ۾ نانگ جهڙي زبان ڦري ۽ چيائين:
هي ڏسو!
هي آهي اُهو، جنهن کي آسمان مان نياپا اچڻ لڳا آهن.
ڏسو؟
ڀرسان ويٺل ٿلهي متاري بي ڊولي پنجونجاھ وارن واري اُميه بن خلف ويٺي ويٺي پنهنجي چوڌاري ويڙهيل چمڪندڙ ريشمي چادر ٿوري کولي ٻيهر تڪبر سان پنهنجي وڌيل پيٽ ۽ ويڪري بي ڊنگن ڪلهن تي ويڙهو ۽ چيو:
هي ئي آهي نه جيڪو چوي ٿو ته سڀ انسان برابر آهن.
هو وات کولي پاڻ ئي کلڻ لڳو ۽ ڪعبي جي ڀت سان چچين جيان هَڄي ويٺل بَدرنگ، اگهاڙن رڳو ستر ڍڪيل غلامن کي ڏسي چيائين
هي چوي ٿو ته هي چار سئو درهمن ۾ خريديل ٻانها به اسانجي برابر آهن.
هي ڇچوندر، هي بَدرنگ بُڇڙا ٻانها
جن جي قيمت منهنجي هن چادر کان به اڌ جيتري آهي.
پوءِ هو پنهنجي زعفران ۾ رنگيل ريشمي قبا ۾ ويڙهيو سيڙهيو، ويٺي ويٺي مور وانگر ڦڙ ڦرائي ٿو.
هي جن جو مُلهه منهنجي سواريءَ کان به گهٽ آهي، سي منهنجي برابر ٿي ويا.
اوهان سڀني جي برابر ٿي ويا.
هو باقي ٻن سردارن جي مُهانڊن کي ڏسي چڻنگ ٿو لڳائي
سڀ بَڙ بڙائڻ لڳن ٿا
ابوجهل جون اکيون طواف ڪندڙ ماڻهن ۾ وڏي تيزيءَ سان ڪنهن کي ڳولهڻ ٿيون لڳن ۽ سندس زبان ۾ گُٿا لفظ نڪري رهيا هئا.
ڀرسان ئي ويٺل ابوسفيان بن حرب ڏند ڪرٽيندو پنهنجي نفرت ۽ ڪاوڙ جو خاموشيءَ سان اظهار ڪندو رهيو، پوءِ پنهنجي ڳري آواز ۾ چيائين:
سمجهه ۾ نٿو اچي ته کيس ڇا ٿي ويو آهي.
چڱي موچاري معزز ڪٽنب جو ڀاتي ٿي ڪري ’هڪ مالدار، خاتون جو گهر وارو هوندي،‘ ٻه ماڙ گهر ۾ رهندي، هُن جو دماغ ڪيئن هلي ويو آهي. (نعوذ باالله) هو ڳالهائيندي ڳالهائيندي ترسي ڪجهه سوچي ڳالهائيندو ٿو محسوس ٿئي. پر هن جي ڳالهين ۾ لڪيل طنز سڀني کان وڌيڪ تکي ۽ رتورت ڪندڙ هئي. زهر ۾ ٻُڏل، تڪبر ۽ وڏائيءَ سان ڀريل ۽ نفرت سان ڀريل ڳالهيون.. پوءِ هو غلامن ڏانهن ڏسي بَڙ بڙائڻ ٿو لڳي
انهن زناورن جهڙن غلامن کي مرڪندي ڏسي کيس ڪاوڙ لڳي.
هي غلام اسانجي برابر آهن؟
هن پنهنجي ريشمي قبا جي هيٺان چمڪندڙ چمڙي جي جوتيءَ جي نوڪَ کي ڏٺو. هي غلام ته هن جتيءَ جي نوڪ کان به گهٽ آهن. هو کين اسان جي برابري جو درس پيو ڏئي. ٻيو ته ٺهيو، هنن ٽي سئو سٺ ديوي ديوتائن اسانجي سڀني خدائن جي هوندي، هو فقط هيڪڙي خدا کي مڃڻ ۽ مڃرائڻ جي ڳالهه پيو ڪري.
ابوالحڪم. هن ابوجهل جي ڦرندڙ شرارتي اکين ڏانهن ڌيان ڏيندي پڇيو
ابوالحڪم
ڇا اسين مَڪي جا سڀ معزز ايترو ڪري چڪا آهيون، ايترا مفلس ٿي ويا آهيون، جو هُن اسانجي لاءِ هڪ واحد خدا، الله کي چونڊيو آهي.
اندازو لڳايو
هن اها ڳالهه چئي رڳو ڏند ڪرٽيا ته سندس ٻيا سڀئي سنگتي ڏندٽيڙي کلڻ لڳا.
اسان جو ته سڄو ڌنڌو هيٺ مٿي ٿي ويندو. ابو حنظله
ماڻهو سال ۾ چار مهينا هن شهر جو رخ ڪن ٿا
هِتي سڀني جا خدا رکيا آهن، انهن خدائن تي ته هو پنهنجا پَڙ وجهڻ ۽ باسون باسڻ ايندا آهن.
هو ته اسان جي پيٽن تي لتون پيو هڻي.
ابوسفيان بن حرب- کلندي ٿلهيو بي ڍولي ڳاڙهي چهري تي ٽاندن جهڙين سازشي اکين جون ماڻڪيون ڦيريندي ڳالهائڻ وارو ابو لهب ڳالهائي ٿو.
ابو سفيان بن حرب، بناوتي ڪاوڙ مان ابو لهب کي ڏسي چوي ٿو
ابو لهب اهوسڀ تنهنجي ڀائيٽي جي ڪري آهي.
تون اسانجي پيٽن تي لت هڻڻ جي ڳالهه ٿو ڪرين، پر هو ته سڳورن لات ۽ عزيٰ کي به ڪا اهميت نه ٿو ڏي. هو پنهنجي خدا سان ڪنهن کي به شريڪ نٿو مڃي، اسين سندس خدا کي مَڃون ٿا، پر سندس الله جي ڀائيواريءَ ۾ سندس محترم ڌيئرون لات، منات ۽ عزيٰ به آهن، هو انهن کي ڇو نٿو مڃي، اسانجي ”هبل“ جي جئه جئه ڇو نٿو ڪري. مٿان وري هنن ڪيڙن ماڪوڙن جهڙن رَڏ ڪارن ٻن ٽڪن جي غلامن کي پاڻ سان گڏ ويهاري کارائي پياري ٿو ۽ چوي ٿو ته سڀ انسان برابر آهن. هي ته منهنجي جُتيءَ سان اُڏندڙ مٽيءَ جي برابري به نٿا ڪري سگهن.
ابولهب تون کيس سمجهائي، تنهنجو ڀائيٽو آهي.
آءٌ ڇا ڪريان
قبيلي جو سردار ابوطالب آهي. بنو عبدالمطلب ۽ بنو مطلب سڀ سندس فرمانبردار آهن. مون پنهنجي پَر ۾ ڳالهه ڪئي هئي، هو چوي ٿو ته منهنجو ڀائيٽو سَچار آهي، امين آهي، ڪڏهن ڪوڙ نه ڳالهائيندو آهي. جيڪو چوي ٿو اهو ئي حق آهي، ڪنهن ساڻس کؤنس ڪئي ته سڄو قبيلو سندس پٺڀرائي ۾ هوندو.
هڪ نه ٻه قبيلا
ڪهڙا؟
بنو عبدالمطلب ۽ بنو مطلب، اهو ته تنهنجي پيءُ سردار عبدالمطلب، جڏهن پنهنجو نالو، پنهنجي ذات ئي پنهنجي چاچي مطلب سان غلامي جي سڃاڻپ بنائي ته بنو مطلب ڪيئن ٿي ڌار رهي سگهيو. اُن ئي بنو عبدالمطلب سان هلي ڳالهائينداسين. پهرين ته هنن غلامن جي کل لاهجي، جن مڪي ۾ اسانجي هوندي ڪيئن برابري جو خواب ڏسڻ شروع ڪيو آهي.
ابوجهل ڀُڳل گوشت جي هڪ تَڙ وات ۾ وڌي، زعفران جي واس ۾ پنهنجي لڙڪندڙ قبا جا ريشمي پلاند لهرايا ۽ چيو. هو ڏسو، منهنجا غلام منهنجي ئي قبيلي جي هن بي وقوف عمار کي جهلي پاڻ سان وٺي پيا اچن، جيڪو دارالارقم ۾ ابولهب جي ڀائيٽي سان گڏجي اسان سان برابريءَ جا خواب ڏسڻ لڳو هو. کيس هيڏانهن گهرايو اٿم. ڪلهه رات کان کيس ٻڌي ڪُٽيندو رهيو آهيان. هنن نڀاڳن غلامن جون هڏيون به لوھ جون ٺهيل ٿيون لڳن. ماري ماري ڏنڊا ئي ڀڄي ٿا پون، پر سندن هڏ گُڏ نٿا ڀڄن.
هيڏانهن وٺي اچيس.
جيئن ٻڌل آهي تيئن
عمار لڳ ڀڳ ارڙهن سالن جو ڪڻڪ رنگو وچولي قد جو ڪمزور ڇوڪرو، جنهن کي ٽن ٿلهن ٿنڀرن همراهن گهيلي اچي سندس اڳيان بيهاريو.
هن کي ڏسو
هن بي غيرت کي، جڏهن يمن مان آيو هو ته هن جو پيءَ ياسر هيڏانهن هيڏانهن ٿاٻا کائيندو پي وتيو، پنهنجي ڪنهن وڃائجي ويل ڀاءُ کي ڳولهڻ لاءِ ته منهنجي مخزوم قبيلي کيس پناھ ڏني.
پنهنجو حليف بنايو
کيس رهڻ لاءِ گهر ڏنو
ڪم ڪار سيکاريو
جڏهن جُتيون ڳنڍڻ جو طريقوسکي ويو ته اسانجي ئي قبيلي جي هڪ ٻانهي سان پَرڻجڻ جي موڪل گهريائين. اها موڪل به ڏنيسينس. اُن ٻانهيءَ جي پيٽان هي ڄائو.
ابوجهل هڪ وڏي گار ڏني- هاڻي هي ڇورو اُن جادوگر جي ڳالهين کي آسماني ڳالهيون سمجهي کيس آقاﷺ سمجهي رهيو آهي. اسانجي برابريءَ جي دعويٰ ٿو ڪري. ڪلهه کان هن کي ماري ماري منهنجا ته هٿ ئي شل ٿي پيا آهن. ابوجهل چئني ڏسائن پنهنجون نانگ جهڙيون اکيون ڦيري ڀرسان ويٺل اُميه بن خلف کي مخاطب تي چيو. تنهنجا غلام ته ٿلها ٿيندا آهن. کين چئو ته منهنجي هڪ چهٻڪ سان هن جو ٻُوٿ ڀَڃن، کيس ماري اهو پُڇن ته سندس حيثيت اسان جي برابر جي آهي؟
اُميه بن خلف جي شيطاني چهري تي فرعون جو چهرو چمڪيو.
هٺ سبب هن جو ڪنڌ تاڻجي ويو، ڄڻ کيس ويٺي ويٺي ڪو انعام ملي ويو هُجي. هن پنهنجي ٿلهي بُت کي کڻي ڏيکارڻ جي لاءِ هيڏانهن هوڏانهن چوريو، پر اٿيو ڪونه، غاليچي تي ويٺي هن پنهنجي ريشمي قبا ٺونٺين سان هلائي ۽ ڪعبي جي ڀت سان لڳي بيٺل پنهنجي غلام کي سڏيو
بلال
بلال ابن رباح
بلال ايڪٽيهن سالن جو ڊگهو ڪارو ڪمزور غلام هو. ڪاري جسم تي سندس نڪتل ڪاريون پاسراٽيون سيني جي اندر ڪنهن اندروني طوفان سبب ٿڙڪي رهيو هيون. کيس ٿلهي کدر جي اُن جي لونگي ٻَڌل هئي. ننڍين ننڍين روشن اکين ۾ ڊپ ويٺل هئس. مٿي جا گهنگھريالا وار سندس مٿي جي کوپڙيءَ ۾ چُهٽيا پيا هئا. چپ ٿلها، نڪ وڏو هئس. پنهنجو نالو ٻڌي هو اچي پنهنجي مالڪ جي اڳيان بيٺو.
يا سيدي
هي کڻ ابوالحڪم جو چهٻڪ
بلال چهٻڪ کنيو
سامهون بي وقوف ابو عمار کي ڏسين پيو
هي ابوالحڪم جو حليف غلام آهي.. هن کان باغي آهي
هن کي ٻُڌائي ته آقا ۽ غلام ۾ ڪهڙو فرق آهي
سمجهين وين
بلال خاموش
توکي ٻن پيڙهين کان مون خريديو آهي
تنهنجو پيءُ رباح به منهنجو غلام هو
تنهنجي ماءُ عمامه به منهجي ٻانهي هئي
اوهان ڪارن حبشين کي چمڙي رنگڻ جو ڪم سيکاريوسين.
ڍؤ تي ماني ڏنيسين
پائڻ لاءِ لونگي ڏني.
پنهنجي قيمت جي خبر اٿئي نه
جيڪڏهن توکي هينئر هنن اُڀريل ٿڙڪندڙ پاسراٽين، سُڪل ٽنگن ۽ ڪاري بُڇڙي روپ ۾ وٺي وڃي بازار ۾ بيهاريان ته تنهنجا ڏيڍ سئو درهم به نه ملندم. تنهنجي قيمت هڪ رڍ کان به گهٽ آهي.
هن بدبخت عمار کي ٻُڌائي.. آقا ۽ غلام جو فرق
کڻ چهٻڪ ۽ زور سان هن جي مُنهن تي هَڻ
ڀڃي ڇڏينس مُنهن
نڪ، اکيون، چپ، سڀ رتورت ڪري ڇڏينس.
هن ڏيڍ سئو درهم جي غلام کي پنجاھ درهمن جو ڪري ڇڏ..
هَڻ پوري زور سان هَڻ
اُميه بن خلف، ڪاوڙ مان عمار کي ڏسندي پنهنجي غلام بلال کي حڪم ڏيندو پي ويو
هن بلال کي نه ڏٺو ته هن جي مُهانڊي جا تاثرات بدلجي رهيا هئا.
اکين ۾ ڄڻ رت ڄمي ويس.
اندر ويٺل ڳلن جي هيٺان ڄاڙيءَ جون هڏيون ڦڙڪي رهيون هيس.
هن جي سيني ۾ ڀريل ڊگها ڊگها ساھ هن جي پاسراٽين کي ڌنوڻيءَ وانگر ڦوڪي رهيا هئا.
هن جي جسم جا وار اُڀا ٿيڻ لڳا.
۽ هٿ ۾ جهليل چهٻڪ ڍرو ٿي رهيو هئس
عمار، بلال جي چهري جي بدليل رنگت ڏسي رهيو هو
هو رسين ۾ جڪڙيل هو ۽ يڪ ٽڪ بلال جي مُنهن جو بدلجندڙ رنگ ڏسي هَڄي رهيو هو ۽ اکين ئي اکين ۾ کيس چئي رهيو هو.
مار... مونکي ... مار
اڃا ٻه ڏينهن اڳ ٻيئي ڄڻا گڏجي دارارقم ۾ آقا ﷺ سان ملڻ ويا هئا. ٻيئي اُن دروازي تي لوڪ کان لڪندي پهتا هئا.
بلال، عمار کان پُڇيو هو. هت ڪيئن آيو آهين؟
عمار اهوئي سوال ورائي بلال کان پڇيو. تون ٻڌائي ڇو آيو آهين؟
بلال وراڻيو: مونکي آقا ﷺ سان ملڻو آهي.
عمار به اهوئي جواب ڏنو
پوءِ ٻيئي صفا وٽ اڪيلي بيٺل گهر ۾ خاموشيءَ سان آقا ﷺ سان مليا هئا ۽ سندس هٿن کي چمي چيو هئن:
لاالھ الا الله محمد رسول الله
عمار جي چوري پڪڙجي پيئي هئي
۽ بلال جي چوري اجهو جهلجهڻ واري هئي.
اُميه بن خلف جڏهن محسوس ڪيو ته اڃا تائين بلال جي ٻانهن چهٻڪ کي هوا ۾ ڪاوڙ مان لهرائي عمار جي منهن طرف نه وڌيو آهي ته هن رڙ ڪري بلال کي ڏٺو ۽ پنهنجي پيٽ نڪتل بت کي لوڏيندي رڙ ڪئي
بلال
بلال جو سڄو جسم هڪ ڀيرو ٻيهر ٿڙڪيو
ساھ هيٺ مٿي ٿيس. هن جي اکين مان هڪ الوهي الُا نڪتو ۽ سندس هٿ ۾ جهليل چهٻڪ هوريان هوريان جي هٿن مان ڍرڪي ڪري پيو.
اميه بن خلف ته ٻرندڙ جبل وانگر ڪڙڪي اُٿيو. سامهون ٻڌل هٿن سان بيٺل عمار پاڻ ئي جهڪي چهٻڪ کڻي بلال جي هٿن ۾ ڏنو ۽ ڀڻڪاٽ ڪندي چيو
مار
مونکي مار
نه ته هي توکي ماري ڇڏيندا
بلال جي هٿن ۾ چهٻڪ جهلڻ جو ارادو ختم ٿي ويو هو.
هن هٿن ۾ ڦاسايل چهٻڪ ٻيهر ڪيرائي ڇڏيو
اُميه بن خلف جو ڪاوڙيل چهرو هن ڏانهن وڌي رهيو هو، گڏوگڏ حطيم ۾ غاليچي تي وهاڻن کي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ابوجهل، ابو سفيان ۽ ابولهب جي مهانڊن تي به فڪرمنديءَ جا آثار نظر اچڻ لڳا.
سندن سامهون ئي سندن ظلم ۽ جبر جو طبقاتي نظام ٽُٽي رهيو هو.
هڪ رڍ جي ملهه ۾ خريديل غلام پنهنجو آقا بدلائي رهيو هو. هو سڀ ڪاوڙ ۾ چَريا ٿي رهيا هئا. سندن چوڌاري ڪعبي جي اڱڻ ۾ ٻارڙا، وڏا ۽ عورتون به اهو سڄو تماشو ڏسي رهيون هُيون.
هنن جي سالن کان مظلوم ۽ بي وس ماڻهن تي قائم حڪومت لُڏڻ لڳي.
ابوجهل پنهنجي قوم مخزوم جي ماڻهن کي اشاري سان پاڻ وٽ سڏيو ۽ عمار کي ڳچيءَ ۾ ٽوڙهو وجهي ريتي ۽ پٿرن سان ڀريل حرم جي اڱڻ مان ڇڪي پريان صفا جي سڌي ٽڪري ڏانهن گهلي وڃڻ جو چيو، جتي سج ڏينهن جي پهرينءَ پَهر ۾ ئي پٿرن کي گرم ڪري، اُن تي گهلجندڙ جسم جي کل لاهڻ ٿو لڳي.
اُميه بن خلف پنهنجي ڍڳي جهڙي ويڪري مُهانڊي تي وکريل ڏاڙهي کي ٻنهي هٿن سان مَهٽيو. پنهنجي ريشمي چادر مان سيني جي نڪتل وارن جي پگهر کي اُگهيو ۽ بلال جي پيرن ۾ سندس هٿن مان ڪريل چمڙي جو چهٻڪ سندس ڳچيءَ ۾ ويڙهيو ۽ کيس گهلي ڪعبي جي اڱڻ ۾ آب زم زم جي کوھ وٽ اساف ۽ نائله جي بُتن وٽ قربان ڪيل جانورن جي رت ۾ گند جي ڍڳ وٽ ماڪوڙين، چچڙن ۽ مکين سان ڀريل پٿرن تي وڃي ليٽايو ۽ چهٻڪ سان سَٽڻ لڳو. هن بلال کي ايترو ته سَٽيو جو هو صفا سهڪي پيو.
پوءِ هن به پنهنجي قبيلي جي ماڻهن ۽ ٻارن کي سڏيو ۽ بلال جي ڳچيءَ ۾ ٽوڙهو وجهي کيس ڪعبي جي حدن کان ٻاهر گرم پٿرن تي گهلڻ لاءِ موڪلي ڏنو.
ڪيترن ڏينهن جو بکيو اڃيو بلاول ڪعبي جي اڱڻ کان ٻاهر ريتي ۽ پٿرن تي هڪ موذي جانور وانگر مارڪٽ سَهندو رهيو.
اُس مٿي چڙهي ايندي هئي.
پٿرن جي ٽڪري باھ وانگر دڳي ويندي هئي ته اُن تي بلال جي ڪمزور ۽ اُڃايل جسم کي ليٽائي سندس پيٽ تي هڪ پٿر آڻي رکيو ويندو هو. ريتي بلال جي چپن، نڪ، وات ۽ اکين ۾ گهڙي ويندي هئي. پوءِ کيس ڪنهن مُئل جانور وانگر انهن نوڪيلن پٿرن تي گهليو ويندو هو. هُن جو چهرو، ڳچي، ڪلها، ڇاتي، چيلهه، پيٽ ۽ ٽنگون زخمن سان ڀرجي ويون. انهن زخمن تي مکيون ڀُون ڀُون ڪرڻ لڳيون.
بلال ۾ مَک اُڏائڻ جيتري به همت نه رهي.
ظاهري طور تي ته اکين ۾ زندگي جو نور وسامندو محسوس ٿي ٿيو، پر خدا ٿو ڄاڻي ته ڪهڙي آسماني نور کي بلال جون اکيون وسائي ويٺيون هيون، جو هن جي اکين جون بتيون نه وساميون.
اکيون بند ٿي ويون
جسم بي سُڌ ٿي پيس
ساھ رُڪجي رُڪجي کڻڻ لڳو
سندس بي رحم آقا اُميه بن خلف کي وهم ٿيو ته بلال مري ويو آهي.
هن شايد سوچيو هجي ته سندس ڏيڍ سئو درهم ٻڏي ويا
ايتري ۾ خوشبوءِ جو هڪ جهونڪو آيو
ابوبڪر اچي ويو
سيدنا ابوبڪر، اُميه بن خلف کي چيو، ڪجهه ته انسانيت جو ڀَرم رک، جيئن تون انسان کي مارينءَ ٿو، ايئن ته اسان کي جانور کي مارڻ جو به حڪم ڪونهي. اُميه بن خلف هٿ مٿي ڪندي چيو
چُپ رهو
سڄو بَکيڙو تنهنجي دوست جو آهي
جنهن اسان جي غلامن کي اسان کان باغي ڪيو آهي
ڏس
ساھ کڻي نٿو سگهي
پر ڪن ڏيئي ٻُڌ ينس ته احد... احد چئي ساھ ٻاهر پيو ڪڍي
مُئو ڪونهي... پر مرڻ وارو آهي.
سيدنا ابوبڪر چيس
اُميه پنهنجي هن غلام کي ماري توکي ڇا ورندو... مونکي وڪڻي ڏي،
تون هڪ لاش خريد ڪندين؟- اُميه وراڻيس.
هائو خريد ڪندس
لاش ٿيو ته سئو درهم، جيئرو ٿيو ته ٻه سئو- اُميه بن خلف ٽٽل، رت ۾ لت پت، زخمي، ريتيءَ تي ڄميل رت سان ليٿڙيل پٿرن تي ڪريل جسم وٽ جهڪي، کيس ڪنائڻ لڳو.
بلال جو ساھ رڪيل هو.
اُميه چئي رهيو هو
بلال ساھ کڻ
کيس بلال جي هڪ ساھ کڻڻ سان هڪ سئو درهمن جو فائدو ٿي سگهيو ٿي. بلال الائجي ڪيڏي مهل پنهنجي روح جي اندر جهليل روشنيءَ جو ساھ ٻاهر ڪڍيو. هن جي ڪريل ريتي ۾ پيل رتورت چَپ چُريا، ٿوري ريتي اڏي ۽ آواز آيو احد... ۽ اُميه جيڪو اڳ ۾ اهو ٻڌي چهٻڪ هڻندو هو، هڪي سيدنا ابوبڪر جو ڪلهو لوڏي چيو:
لاش ۾ ساھ آهي.. پورا ٻه سئو درهم ڳنهندس.
سيدنا ابوبڪر ٿيلهي کولي ان مان پورا ٻه سئو درهم ڪڍي ڳڻي اُميه کي ڏنا ۽ سيدنا ابوبڪر سان گڏ آيل زيد ۽ عامر بن فهيره پٽ تي ڪريل بلاول کي اٿاري پنهنجن ڪلهن تي کنيو ۽ هو سيدنا ابوبڪر جي پويان پويان هلڻ لڳو. اُميه بن خلف ٻن سئو درهمن جي ٿيلهي پنهنجي ريشمي ڪپڙي جي اُبداڻي ۾ ٻڌي ۽ کلندي، ويندڙ سيدنا ابوبڪر کي چيو:
ابو قحافه آءٌ ته توکي سمجهدار واپاري سمجهندو هئس
جنهن لاش کي تون ٻن سئو درهمن ۾ خريدي پيو وڃي، آءٌ اهو هڪ سئو درهمن ۾ به وڪڻي ڏيان ها.
اهو ٻڌي سيدنا ابوبڪر هڪ گهڙيءَ جي لاءِ بيٺو ۽ مُڙي اميه بن خلف جي اکين ۾ اکيون وجهي چيائين
بي وقوف تون آهين
آءٌ ته هن کي هڪ هزار درهمن ۾ به خريدي وٺان ها
توکي خبر ڪونهي ته هن بلال جي ڪيتري قيمت آهي
هن جي سامهون ته يمن جي بادشاھت به گهٽ آهي
سيدنا ابوبڪر، بلال کي آقا ﷺ وٽ وٺي ويو.
چيائين
آقاﷺ مون اوهان جو غلام خريد ڪري آزاد ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ هي اوهان کانسواءِ ٻيو ڪنهن جو به غلام ڪونهي
آقاﷺ جي اکين ۾ بلال سان مُحبت جا لڙڪ تڙپي رهيا هئا. اهو بلال جيڪو ايندڙ وقت ۾ آقاﷺ جو ويجهو صلاحڪار ۽ وزير بنيو. مديني ۾ اسلامي سلطنت جي پهرين مسجد جُڙي ته اُن جو ٻانگو بنايو ويو.
مڪي جي فتح مهل اُن ئي بلال ڪعبي جي ڇت تي چڙهي الله جي وحدانيت جو اعلان ڪيو. اهوئي بلال جيڪو هڪ رڍ ۽ ٻڪريءَ جي اگهه ۾ خريديو ۽ وڪرو ڪيو ويندو هو، ان کي اسلامي سلطنت، روم ۽ فارس فتح ڪندڙ جليل القدر خلفاءِ راشدين ادب مان يا سيدي... اي آقا چئي سڏيندا هئا. انسانيت کي اهڙي عزت ۽ مقام ڏيڻ لاءِ عالم بشريت ۾ رسول الله کي ڪائنات جي هر تخليق جو آقاﷺ بنائي موڪليو ويو هو.

سيدنا عماررضه

سيدنا عماررضه

سيدنا ابوبڪر هڪٻئي جي پويان نوَن غلامن ۽ ڪيترن ئي ٻانهين کي ظالم قريشن کان خريدي آزاد ڪري ڇڏيو. هو سڀ پنهنجن پراڻن آقائن جي بيشمار خدائي کي ڇڏي هڪ خدا کي مڃڻ جو اقرار ڪري ويٺا هئا. ماڻهن سمجهيو ٿي ته هُنن هيترن خدائن جي مقابلي ۾ هڪ خدا چونڊيو.
هنن سمجهيو ٿي ته اسان رڳو هڪ آقاﷺ کي چونڊيو.
پوءِ آقا ﷺ کين جيڪو به حڪم ڏنو، سو مڃيائون.
اُنهن ۾ ابو فڪهيه، سڪينه، زنيزه، فهديه، اُم عميس کانسواءِ ٻيا به ڪيترا ماڻهو هئا. مڪي جي معززين جي وڏن سردارن ابوسفيان بن حرب جي قيادت ۾ هڪ گڏجاڻي ڪئي ۽ اهو طئي ڪيو ته هاڻ ڪوبه شخص پنهنجو غلام يا ٻانهي ابوبڪر کي نه وڪڻندو.
ايئن ئي ٿيو
سيده سميهرضه جيڪا ابوجهل جي ٻانهي هئي.
ياسررضه جي زال ۽ عماررضه جي امڙ
اُن کي ابوجهل ڪيتريون ئي جسماني تڪليفون ڏيڻ کانپوءِ هڪ ڏينهن بلڪل خانه خدا جي گهر جي سامهون آڻي سندس پيٽ ۾ نيزو هڻي شهيد ڪري ڇڏيو. هوءَ پهرين عظيم عورت آهي، جيڪا آقاﷺ جي پيغام جي سچائيءَ ۾ ان بي رحميءَ ۾ بي گناھ ماري وئي.
ابوجهل کيس لات ۽ عزيٰ کي مڃڻ لاءِ چوندو هو.
هوءَ چوندي هئي
الله اڪبر
ابوجهل جي مڪار ڦرندڙ هَٺيلي اکين ۾ رت لهي ِآيو،
سيدنا ابوبڪر به اُن گهڙيءَ ابوجهل وٽ آيو ۽ چيائينس
جيڪو مُلهه چئو، سو ڏيان
سميهرضه کي ڇڏي ڏي،
هن کي نه مار
هو چوڻ لڳو. منهنجي مرضي
منهنجي ٻانهي آهي
منهنجي قبيلي مان آهي
تون ڪير ٿيندو آهين
نٿو وڪڻان.
هن سيده سميه رضه جي هيڻي جسم مان جيڪو ٻُڌڻ پي گهريو، اهو ٻڌي نه سگهيو. لات، عزيٰ ۽ هبل جي جواب ۾ کيس هڪئي وراڻي ٿي ملي
الله اڪبر
ابو جهل جهالت جي پيءُ کي مات ڏيئي ڇڏي. سيده سميه کي خدا جي گهر جي اُن اڱڻ ۾ آڻي ماريو، جتي ماڪوڙيءَ کي مارڻ جو به حڪم ڪونهي. جيڪو هنڌ امن جي مڃيل جاءِ آهي، جنهن جو احترام ابوجهل ۽ سندس سڄو قبيلو بنو مخزوم به ڪندو هو.
سيده سميه سدائين مڪي جي عورتن جي داد رسي ڪرڻ ايندي هئي.
هو دايپي جي ڪم ۾ ڀَڙ هئي.
قريش جي اڪثر قبيلن جي ٻارڙن سندس ئي هٿان جنم وٺي دنيا ۾ اک پٽي هئي. ابوجهل جو پنهنجو پٽ عڪرمه به سيده سميه جي هٿان پيدا ٿيو هو. مڪي جي ماين به اُن پٿر دل انسان نما شخص ابوجهل کي منٿون ڪيون ته سميه کي نه مار،
پر هو نه مُڙيو ۽ ماري ڇڏيائينس.
بلڪل ڪعبي جي دروازي جي سامهون،
سميه جي مڙس ياسر کي زخمي ڪري ڦٽو ڪيائين، سندس پُٽ عمار کي ڪيترن ئي ڏينهن تائين رَسين سان ٻڌي ماريندو رهيو. عمار جي دل ۾ رسول خداﷺ تي ايمان سڀني وسوسن کان پاڪ هو. پر جان بچائڻ جي لاءِ هڪ ڏينهن ماءُ جيان پنهنجي مٿان موت جي پاڇي کي ڏسندي عمار ابوجهل جي خدائن جي لاءِ به پنهنجي زبان مان ٻه لفظ چئي ڇڏيا.
ابوجهل کيس ڇڏي ڏنو
هن شايد اها پنهنجي فتح سمجهي هوندي
عمار جي دل ته اڳ کان به وڌيڪ مسلمان هئي. آقاﷺ جي سامهون حاضر ٿي هُن سڄو واقعو ٻڌايو
آقاﷺ پُڇيس تنهنجي دل جي ڪيفيت ڪهڙي هئي؟
عمار چيو
آقاﷺ مون رڳو جان بچائڻ جي لاءِ اهو چيو هو
منهنجو ايمان آهي
منهنجي دل ۽ منهنجي روح ۾ بي حد پڪو هو ۽ آهي.
آقاﷺ چيس سٺو ڪيئي
اڳتي به جيڪڏهن ڪو اهڙو موقعو اچي وڃي ته ايئن ئي پنهنجي جان بچائج
الله تعاليٰ آسمان مان جبرائيل کي موڪلي آقا سڳوري جي حڪم جي تائيد ڪئي. آسمان مان آيت لٿي:
”جنهن شخص تي زبردستي ڪئي وڃي ۽ سندس دل ايمان تي ڄَميل هُجي ته مٿس ڪوبه گناھ ڪونهي.“ (قرآن النحل 106)
انساني زندگيءَ جي قدر ۽ اهميت جي لاءِ جهالت جي انڌ ۾ ورتل ظالمن کان بچڻ جي لاءِ بهانو ڏئي ويئي. اهوئي عمار بن ياسررضه آهي، جيڪو اڳتي هلي ڪيترن ئي مُعرڪن ۾ آقا سڳوري جو انتهائي ويجهو ساٿي رهيو. پوءِ کيس سپھه سالار بنائي موڪليو ويو. هن جي لاءِ آقا بشارت ڏني هئي ته کيس هڪ باغي گروھ شهيد ڪندو. ايئن ئي ٿيو. آقا جي هن جهان ڇڏڻ کانپوءِ چوٿين خليفي راشد سيدنا عليرضه جي مقابلي ۾ آيل ابوسفيان بن حرب جي پُٽ جي فوج کيس شهيد ڪري ڇڏيو.

مڪي قريشن جون بدحواسيون

مڪي قريشن جون بدحواسيون

آقا سڳوري جي حق جي پيغام جي سڏ ۾ سڏ ڏيندڙ رڳو مڪي جا پيڙِهيل مسڪين ۽ غلام نه هئا، پر قريش جي سڀني قبيلن جا نرم دل، سچا ۽ کرا ماڻهو به هئا. انهن ۾ گهڻو تعداد نوجوانن يا پوڙهن جو هو. آقا سڳوري جي سڀ کان وڏي هٺيلي دشمن ابوسفيان بن حرب جي نياڻي اُم حبيبه ۽ سندس گهر وارو به مسلمان ٿي چڪا هئا. مُشرڪن ۾ سڀني کان معزز بنيل ان قبيلي جو عتبه بن ربيعه به پريشان هو، ڇو ته سندس پٽ ابوحذيفه ۽ سندس زال سهله به مسلمان ٿي چڪي هئي. سهله، اسلام جي هڪ ٻي بدترين دشمن سهيل بن عمرو جي نياڻي هئي. ان قبيلي بني اُميه مغرور شاخ مان عثمان بن عفان، خالد بن سعدبن العاص به مسلمان ٿي چڪا هئا. عاص بن سعيد، خالد جو پيءُ، آقا سڳوري جو پاڙيسري به هو ۽ انتهائي بُڇڙو پاڙيسري هو. بنو عدي مان سعيد بن زيد (عمر بن خطاب جو ڀيڻويو) فاطمه بنت خطاب (عمر بن خطاب جي ڀيڻ) زيد بن خطاب (عمر بن خطاب جو ڀاءُ)، عامر بن ربيعه، ليليٰ بنت ابي حشمه ۽ ٻيا ڪيترائي مرد ۽ زائفائون آقا سڳوري جي پيغام جي سچائي تي ايمان آڻي چڪا هئا. بني تيم مان سيدنا ابوبڪر جو سڄو ڪٽنب، اسماء، عائشه ۽ ام رومان ڪلمي گو هئا. طلحه بن عبدالله، صبعه بنت حضرمي، حارث بن خالد کانسواءِ بني تيم جا حليف حسيب بن شان رومي به ايمان آڻڻ وارن ۾ شامل هئا. آقا سڳوري جي نانڻلن بنو زهره مان عبدالرحمان بن عوف، شفا بنت عوف، سعد بن ابي وقاص، عمير بن ابي وقاص، عامر بن ابي وقاص، مطلب بن ابزر، رمله بن ابي عوف، طيب بن ازهر، عبدالله بن سياب آقا سڳوري جي پوئلڳي اختيار ڪري چڪا هئا. اُن ڪٽنب جي حليفن مان عبدالله بن مسعود، عتبه بن مسعود، مقداد بن عمرو الڪندي، خباب بن الارثم، شرجيل بن حسنه، جابر بن عمير، فراس بن النصر ۽ جهم بن قيس به مسلمان ٿي چڪا هئا. بني جمع جو درويش صفت عثمان بن مظعون ۽ عبدالله بن مظعون به آقاﷺ جي رسالت جي در تي جُهڪي ويٺا هئا. سائب بن عثمان بن مظعون به انهن جي اولاد مان هو، معمر بن حارث بن فعمر، حاطب بن حارث، فاطمه بنت طلل، فڪهه بنت يسار، سفيان بن معمر ۽ فھبه بن عثمان جو واسطو به بني جمع سان هو.
سڀ آقا ﷺ جي شمع رسالت جا پروانا هئا.
هنن جو اُٿڻ ويهڻ، هلڻ ڦرڻ سڀ آقا سڳوري جي ٻُڌايل خدائي احڪامن جي طريقي تي هو. بني سهم جو عبدالله بن خدافه، خنيس بن خذافه (اُمه حبيبه جو پهريون گهر وارو) هشام بن عاص، جيڪو قريشي سردار اسلام جي دشمن عاص بن وائل جو پُٽ هو، اهو به مسلمان هو. ان ئي ڪٽنب مان حارث جا سڀئي پٽ مسلمان ٿي چڪا هئا.
بشير، معمر، ابو قيس، عبدالله، سائب، حجاج، بئسر ۽ سعيد بن حارث، بنو سهم جا ڪجهه مسڪين حليف به آقا ﷺ جي ٻڌايل ڪلمي کي پڙهڻ وارا هئا. جن ۾ عمير بن رباب ۽ محيصه بن الجزا به هئا، بني عمار، بني لوي قبيلي مان به ابو صبره بن ابي رهم، سهيل بن عمرو جي ڌيءَ اُم ڪلثوم، سهيل بن عمرو جو ئي پٽ عبدالله بن سهيل عمرو کانسواءِ حاطب بن عمر، سليط بن عمرو، سڪران بن عمرو، تعيظ بنت علقه، مالڪ بن ترمعه ۽ عبدالله بن اُم مڪتوم به هئا.
بني فهر بن مالڪ مان ابو عبيده بن الجراح، سهيل بن بيضا، سعد بن قيس، عمرو بن حارث بن زبير، عثمان بن غنم بن زبير، حارث بن سعيد ۽ طيب بن عمير هئا.
آقا سڳوري جي سڀ کان وڌيڪ بد زبان، شرارتي ۽ بد نيت سردار ابوجهل (عمرو بن هشام) جي خاندان بنو مخزوم مان به ڏھ ٻارهن مرد ۽ زائفائون اسلام جي حقانيت تي ايمان آڻي چڪا هئا. انهن ۾ ابو سلمه، ارقم بن ابي ارقم، عياش بن ابي ربيع، اسما بنت سلامه، وليد بن وليد مغيره (خالد بن وليد جو ڀاءُ) هشام بن ابي حذيفه، سلمه بن هشام، هاشم بن حذيفه، هبار بن سفيان ۽ عبدالله بن سفيان شامل هئا. ان قبيلي جي مسڪين حليفن مان عمار بن ياسر، ياسر، عبدالله بن ياسر کانسواءِ عمار جي امڙ ۽ ياسر جي گهر واري سيده سميه، جيڪا اُن قبيلي جي ٻانهي هئي، جنهن کي سخت اذيتون ۽ سختيون ڏيئي ابو جهل ڪعبي جي سامهون نيزو هڻي شهيد ڪري ڇڏيو هو.
انهن سڀني حقيقتن جي قريش سردارن کي خبر هئي.
اُن ئي ڊپ جي ڪري قريشن جا نام ڪٺيا مغرور سردار هڪ گهڙي به سُک سان نه ٿي ويٺا، کين اندازو ٿي ويو هو ته آقا ﷺ جو پيغام حقانيت جي ڇانوَ سان ڀريل آهي، جنهن جي اڳيان سندس پنهنجا پُٽ، ڌيئرون هڪ هڪ ڪري لبيڪ چوندا پيا وڃن.
مڪي جا سڀ سردار گوڏو گوڏي ۾ ڏيئي ويٺا ته هاڻ ڇا ڪرڻ گهرجي.
آقا ﷺ جو واسطو قريش جي هڪ معزز قبيلي بنو هاشم سان هو.
بنو عبدالمطلب ۽ بنو مطلب ٻيئي سيدنا ابوطالب جي هڪ اشاري تي مرڻ مارڻ جي لاءِ تيار هئا، قريش جي ڪنهن سردار يا سردار زادي ۾ ايترو دم خم نه هو ته هو سردار ابو طالب جي هوندي قبيلي جي سڀ کان بهترين چنڊ، سچار ۽ الامين آقاﷺ بن عبدالله سان ڪا گستاخي ڪري يا کين منع ڪري.
نيٺ هنن فيصلو ڪيو ته سردار ابو طالب وٽ وڃي ساڻس ڳالهائڻ گهرجي. اسلام جا سڀ دشمن ابوسفيان، ابوجهل، وليد بن مغيره، عاص بن سعيد، عتبه بن ابي معيط، اُميه بن خلف، هڪ وفد ٺاهي ابو طالب وٽ پهتا. چيائونس سردار، اسين سڀ اهل قريش توکي پنهنجو سردار ٿا مَڃون، تنهنجي ڏاهپ، دانائي، نرمائي ۽ شرافت جا قائل آهيون، اسان جي هڪ التجا ڌيان سان ٻُڌ، پوءِ هنن سيدنا ابو طالب کي شڪايت ڪئي ته تنهنجو ڀائيٽو، اسان جي خدائن کي گهٽ وڌ پيو ڳالهائي، غلامن کي اسان سان برابريءَ جو درجو پيو ڏي، اسان سڀني ماڻهن کي ورهائي رهيو آهي. کيس سمجهايو. سيدنا ابوطالب سڀني جي ڳالهه ڌيان سان ٻڌي ۽ سهڻي نموني کين موٽائي ڇڏيو.
آقا ﷺ جو پيغام پکڙجندو ويو
شمع جي چوڌاري پروانا ايندا رهيا. قريشن جا سرپئنچ ٻيهر سردار ابوطالب وٽ پهتا ۽ چوڻ لڳا سردار اوهين هڪ معزز شريف ۽ وڏي سَر جي معزز شخصيت آهيو. اسان اوهان کي گذارش ڪئي هئي ته پنهنجي ڀائيٽي کي جهليو. پر اوهان کين منع نه ڪئي، هاڻ اسانجي سَهپ جو پيمانو ڇَلڪڻ لڳو آهي، هاڻ يا ته اوهان کين جهليو يا سندس اسان جي وچ مان هٽي وڃو. سردار ابوطالب مڪي جي معززين جون ڳالهيون صبر سان ٻڌيون ۽ وعدو ڪيو ته پاڻ آقا ﷺ سان ڳالهائيندو.
هن کين اهو به ٻُڌائي ڇڏيو ته هو ڪڏهن به پنهنجي ڀائيٽي ۽ سندن وچ مان نه هٽندو.
کين اهو به باور ڪرايائين ته بنو هاشم کي مرڻ به اچي ٿو ته مارڻ به.
سيدنا ابو طالب، ٻيهر آقا ﷺ کي گهرايو ۽ کيس ٻڌايو ته تنهنجي شهر جي سردارن کي توکان شڪايت آهي. آقا ﷺ وراڻيو: چاچا سائين! جيڪڏهن ڪو منهنجي ساڄي هٿ تي سج ۽ کاٻي هٿ تي چنڊ به رکي ته به آءٌ پنهنجو مشن نه ڇڏيندس. ابن هشام چوي ٿو ته آقا ﷺ جي سڳورين اکين ۾ لڙڪ اچي ويا ۽ پاڻ اهو چئي موٽي ويا ۽ شايد کين اهو خيال آيو ته هاڻ شايد چاچا به منهنجي واهر نه ڪري، سيدنا ابو طالب آقا ﷺ کي سڏيو، اُٿي پيار مان ڀائيٽي جو نرڙ چميو، گلي لڳايو ۽ پوءِ چيو: منهنجا پيارا
جيڪو تنهنجي مَن ۾ اچي
سو ڪندو رھ
آءٌ تنهنجو هر گز ساٿ نه ڇڏيندس
ڪوبه مائي جو لال تنهنجو وار به ونگو ڪري نه سگهندو
آءٌ پاڻهي سڀني کي منهن ڏيندس، اوهان اطمينان سان پنهنجو مشن جاري رکو، جنهن کي هر حال ۾ مڪمل ٿيڻون آهي. آقا ﷺ پنهنجي پياري چاچي کان اِهي حوصلي واريون ڳالهيون ٻڌي ڪيترو نه خوش ٿيو هوندو.
قريشي سردارن کي اندازو ٿي ويو ته سردار ابوطالب ڪنهن به حالت ۾ پنهنجي ڀائيٽي جو ساٿ نه ڇڏيندو. تنهنڪري هُنن هڪ ٻي اٽڪل ڪئي، هو قريش جي هڪ رئيس سردار وليد بن عتبه جي جوان ۽ خوبصورت پٽ عماره بن وليد کي وٺي سيدنا ابوطالب وٽ ويا.
چيائون سردار
توکي هڪ ڀايئٽو، هڪ پُٽڙو گهرجي نه
هي عماره بن وليد اوهانجو ٿيو، هن کي پنهجو پُٽ بنايو، اوهين هن جا مالڪ ۽ مختيار هوندا. هن جي بدلي ۾ اوهين اسان کي پنهجو ڀائيٽو محمدﷺ بن عبدالله ڏيو ته جيئن اسين کيس ماري ڇڏيون.
سيدنا ابو طالب وراڻين
اوهين ڪهڙا نه بُڇڙا ماڻهو آهيو
ڪهڙي نه خراب صلاح ٿا ڏيو
ته آءٌ اوهانجي پٽ کي نازن ۽ نخرن سان سانڍيان ۽ اُن جي بدلي ۾ اوهين منهنجي ٻچڙي کي ماري ڇڏيو. سردار ابو طالب انهن سڀني قريش سردارن جي چڱي لاکَ لاٿي. بعد ۾ هن پنهنجي دل جون ڳالهيون پنهنجن ڊگهن شعرن ۾ به ڪيون ۽ قريش سردارن جي فتني خورين جو ذڪر ڪيو ۽ هر حال ۾ پنهنجي ڀائيٽي جي تحفظ جو وچن ڪيو.
سيدنا ابو طالب ڏاڍو سُٺو ۽ پختو شاعر هو. سندس اهي شعر مدح رسول ﷺ انتهائي اهم درجو والارين ٿا. سندس اهي شعر بنو هاشم جا ٻارڙا گهٽين ۾ جهونگاريندا وتندا هئا ۽ اُنهن شعرن سان آقا ﷺ جي دلين تي ٺونشا لڳندا هئا. شعر هن ريت آهن:
”محمد ﷺ بن عبدالله اڪيلو ڪونهي
سڄو بنو هاشم قبيلو
بنو عبدالمطلب ۽ بنو مطلب سندس ڍال آهن
اسين سڀ آقا ﷺ تي قربان ٿي وينداسين
ته ڪو آقا ﷺ سان بدزباني ڪري
يا سندس سُرهي بدن کي ڪا رهڙ پائي
اسين سندس اڳيان پويان، سندس هر وک تي
پنهنجي جان ڏينداسين
ٻُڌي ڇڏيو
اسين سندس وار ونگو به ٿيڻ نه ڏينداسين
آقا ﷺ سڄي انسانيت جو شان آهن
ننڍپڻ کان سچار صادق
۽ الامين آهن“
سيدنا ابو طالب کان مايوس ٿي قريشي سردارن سوچيو ته هاڻي ڇونه سنئون سڌو آقا ﷺ سان ڳالهائجي، حج جي موسم مٿان هئي. قريشي سرپئنچ ان ڳالهه کان ڊنا ٿي ته حج وارن ڏيهاڙن ۾ سڄي عربستان مان ماڻهو مڪي ايندا ۽ آقا ﷺ کين پنهنجو پيغام ٻڌائيندا. جيڪڏهن مڪي کان ٻاهر رهندڙ قبيلن آقا ﷺ ۽ پيغام تي ايمان آڻي وڌو ته ڇا ٿيندو. هو ڊنل هئا. پاڻ ۾ گڏجي ويٺا، انهن مان وليد بن منغيره جهونو ۽ تجربيڪار مڙس هو. هن چيو ته آءٌ ٿو وڃي آقا ﷺ سان ڳالهيان.
هو روانو ٿي ويو.
آقا ﷺ ڪعبي وٽ ويٺا هئا. وٽس وڃي چيائين: اوهين سمجهو ٿا ته آءٌ ڇا ٿو چوڻ گهران. منهنجي گذارش اها آهي ته اوهان ئي ڪجهه چئو. آقا ﷺ ته پنهنجي وات مان رڳو اهوئي چوندا هئا، جيڪو مٿس آسمان تان لهندو هو. آقا ﷺ قرآن پاڪ جي تلاوت شروع ڪري ڏني. وليد بن مغيره قرآن پاڪ ٻڌندي ئي ڏڪڻ لڳو. سندس مُنهن جو رنگ ئي بدلجي ويو، اکين ۾ نرمي اچي ويس ۽ هو ڪنڌ جهڪائي اٿيو ۽ هوريان هوريان پريان ويٺل پنهنجي قريشي ساٿين طرف اچڻ لڳو. ابو جهل، وليد بن مغيره جي چهري جا بدليل تاثرات ڏسي رهيو هو. سمجهي ويو ته هو لاجواب ٿي موٽي رهيو آهي. هو وٽن پهتو ته ابو جهل چٿر ڪيس ته چاچا تنهنجي لاءِ قوم مان ڦوڙي گڏ ڪريان، ڇو ته لڳي ايئن ٿو ته اوهين ابن عبدالله وٽ پنهنجي حاجت روي جي لاءِ ويا هئا. وليد بن مغيره چيس: ابو الحڪم! توکي خبر آهي ته قريشن مان سڀني کان وڌيڪ مال ۽ مَڏي مون وٽ آهي، پر مون جيڪو ڪلام اڄ ٻڌو آهي، اهو انساني ڪلام ڪونهي. اُن منهنجي حالت بدلائي ڇڏي آهي.
ابوجهل پُڇيس: ڇا هو ڀُوپو آهي؟
وليد بن مغيره چيو: مرن ڪيترائي ڀوپا ڏٺا آهن، هن جو ڪلام ڪا هن (ڀوپي) جي تڪ بندي ڪونهي، هو ڀوپو ڪونهي.
هڪه ٻي پڇيس: اسين کيس مجنون چئون يا ديوانو ؟
وليد بن مغيره چيو: مون جنون ۽ پاڳل پڻون ڏٺو آهي. کيس نه دم ڪشي آهي، نه ئي وري ڪا غير شعوري حرڪت ڪري ٿو ۽ نه وري هو وسوسن ۾ مبتلا آهي.
ڪنهن چيس: پاڻ کيس شاعر چئون؟
وليد بن مغيره چيو: هو شاعر ڪونهي آءٌ شعر جي سڀئي قسمن رجز، هزج، قريض، مقبوض ۽ مسبوط سڀني کان واقف آهيان. هن جو ڪلام شعر ڪونهي.
حاضرين مان ڪنهن پڇيو: اسين کيس ساحر سمجهون يا جادوگر؟
وليد بن مغيره چيو: هو ساحر به ڪونهي، پاڻ جادوگرن ۽ سندن جادو کي ڄاڻون ٿا.
پوءِ هي ڇا آهي؟
والله، وليد بن مغيره چيو: هن جو ڪلام مِٺو آهي، اُن جا بنياد سگهارا آهن ۽ هن جون شاخون سايون آهن. اوهانجون سڀ رٿون ڪوڙيون، ناڪام ۽ اجايون آهن. ها باقي اوهانکي کي ڪجهه چوڻون ئي آهي. عربستان جي صحرائن مان ايندڙ زائرين کي ڊيڄارڻون ئي آهي ته اهوئي چئو ته هو ساحر آهي، جادوگر آهي. اهڙو جادوگر جيڪو ماڻهوءَ جي اعتقادن ۾ ويڳاڻپ پيدا ڪري ٿو ڇڏي. پيءُ کي پُٽ کان پري ڪري ٿو ڇڏي. گهراڻن ۾ فڪري ڏڦيڙ وجهي ٿو ڇڏي. ڀاءُ کي ڀاءُ کان ڌار ڪري ٿو ڇڏي. ماڻهوءَ کي پنهنجي ڪٽنب ۽ هلندڙ ريتن ۽ رسمن کان بيزار ڪري ٿو ڇڏي.
مجلس برخواست ٿي ويئي.
پاڻ ۾ اهو طئي ڪيائون ته قريش جا ماڻهو مڪي ڏانهن ايندڙ زائرين جي هر رستي تي ويهندا، کين تنبيهه ڪندا رهندا ته هن شخص جي حرڪتن کان هوشيار رهن، جيڪو ماڻهن ۾ ويڇا وجهي رهيو آهي. الله آقاﷺ تي آيت نازل ڪري وليد بن مغيره جي اُن سازش جو ڦاٽ ڦاڙي ڇڏيو. هيڏانهن وري مڪي ايندڙ جنهن به زائر سان اهڙي ڳالهه ڪئي هئي ته کيس اُلٽو آقا ﷺ سان ملڻ جي شوق پيدا ٿي پوندو هو.
دارالنده، جيڪو قريشي سردارن ۽ اسلام جي بدترين ويرين جي گڏ ٿيڻ جو هنڌ هو، اُتي روز مجلس ٿيندي هئي، هن ڀيري سڀ اهو چوڻ لڳا ته جادو، ٽوڻن، ڦيڻن، شعر ۽ شاعريءَ ۾ ڪو اهڙو ڀَڙ همراھ ڳولهيو، جيڪو هن نبوت جي دعويدار سان وڃي ڳالهائي. سڀني سهمتي راءِ سان قريشن جي سردار ابو سفيان بن حرب جي سهري عتبه بن ربيعه کي اُن مقصد جي لاءِ چونڊيو عتبه بن ربيعه اٿي وڃي آقا ﷺ وٽ حرم جي ديوار سان گڏ ويهي رهيو، چيائين: اسين قريش پاڻ ۾ منتشر ٿي ويا آهيون، جيڪڏهن اوهان تنگدست ۽ حاجتمند آهيو ۽ اوهان کي مال ۽ ملڪيت گهرجي ته اسين اوهان جي لاءِ ايترو مال گڏ ڪري ٿا ڇڏيون، جو اوهان سڀني قريشن ۾ سڀني کان وڌيڪ امير ۽ پئسي وارا ٿي ويندا. جيڪڏهن اوهانکي حڪومت جي خواهش آهي ته اسين توکي سڄي شهر جو بادشاھ تسليم ڪري ٿا وٺون. جيڪڏهن ڪا عورت پسند اٿئي ته اسين اهڙيون ڏھ عورتون تنهنجي نڪاح ۾ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. اوهان جي جيڪا به ۽ جهڙي به خواهش هجي ته اسين گڏجي اها پوري ڪريون ٿا. بس اوهين رڳو اسانجي دين تي نقطه چيني نه ڪريو. اوهين جنهن بي دينيءَ جو پيغام پکيڙي رهيا آهيو، اُن کان پاسو ڪريو.
آقا ﷺ پُڇيس، اڃا به ٻيو ڪجهه چوڻو اٿئي؟
عتبه بن ربيعه چيو: مون پنهنجي ڳالهه پوري ڪئي، هاڻ اوهين چئو.
پاڻ سڳورا ته فقط اهوئي چوندا هئا جيڪو کيس چيو ويندو هو.
پاڻ ﷺ الله جو نالو وٺي سوره حم سجده (13/14) ٻڌائڻ شروع ڪئي، عتبه پنهنجن ٻنهي هٿن کي چيلهه جي پويان رکي خاموشيءَ سان ٻڌندو رهيو. سندس منهن جو رنگ مَٽجڻ لڳو. سندس جسم سڪل پتن وانگر ڪنبڻ لڳو. جڏهن آقا پڙهجندڙ الله جو ڪلام نه مڃيندڙن تي بجلي جي ڪڙڪي سان عاد و ثمود جي قومن تائين پهتو ته عتبه بن ربيعه لُڏيو ۽ ڪنڌ نوائي ٻئي هٿ ٻڌي، آقا ﷺ جي وات تي هٿ رکندي چيائين: ڀائيٽا! توکي قرابت داريءَ جو واسطو پنهنجي قوم تي رحم ڪر. ۽ پوءِ جُهريل جسم سان ڪنڌ جهڪائي ماٺ مٺيءَ ۾ آقا ﷺ جي ڀرسان اٿي ويو. اُتان اٿي وري هو پنهنجي ساٿين وٽ به نه ويو.
ابوجهل مٿو جهلي ويهي رهيو. چيائين لڳي ايئن ٿو ته عتبه بن ربيعه، ابن عبدالله ڏانهن مائل ٿي ويو آهي. هو سڀ اٿي عتبه جي پويان ويا. ابوجهل عتبه کي تنگ ڪرڻ لاءِ چيو ته تون به ابن عبدالله جي هٿن ۾ هليو وين. عتبه قريشن جو امير ترين سردار هو، ڪاوڙ ۾ اچي چيائينس: تنهنجي سڄي ڪٽنب کان وڌيڪ دولت مون وٽ آهي. پر آئينده آءٌ ڪڏهن به محمد ﷺ سان نه ڳالهائيندس.
هو پُڇڻ لڳو: پڙهيو ڇا؟
وراڻيائين: هُن مونکي اهڙو ڪلام ٻڌايو آهي، جيڪو نه سحر آهي نه شعر نه ٻيو ڪجهه. اهو ته شڪر آهي ته جڏهن هن عاد ۽ ثمود تي آسماني بجلي (وِڄ) ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ته مون کيس قرابت داريءَ جو واسطو ڏئي چيو ته اڳتي ڪجهه به نه چئو. اوهان سڀني کي خبر آهي ته محمد ﷺ ڪوڙ نه ڳالهائيندو آهي. مون کي ته اوهان سڀني تي، اسان سڀني تي عذاب جو خطرو آهي.

ٽي سوال

ٽي سوال

مڪي جا قريشي ته آقا ﷺ جي مخالفت ۾ چريا ٿي پيا هلندا هئا. پر کين آقاﷺ جي آسمان مان لٿل سچائين کي رد ڪرڻ جي لاءِ ڪو ٺوس دليل نه ٿي مليو. کين ايتري خبر هئي ته يثرب جا يهودي به آسماني ڪتاب جو ذڪر ڪن ٿا، مڃين ٿا، کانئن راءِ وٺن ٿا، کين ڀڙڪائين ٿا، ڪٿي هو کين مڃيندڙ نه بنجي وڃن. سوچ ويچار کانپوءِ هنن پنهنجا ٻه همراھ يهودين ڏانهن موڪليا.
عقبه بن ابي معيط ۽ نضر بن حرث
ٻيئي يثرب جي يهودي ربين سان وڃي مليا
کين سڄي حال کان واقف ڪيائون.
يهودي ربي مٿو جوڙي ويٺا
چيائون
ٽي سوال لکي وٺو
اهي وڃي پُڇو
جيڪڏهن هو انهن جا صحيح جواب ڏي ته پڪ سمجهجو ته هو خدا جو رسول آهي ۽ کيس مڃي وٺجو. جواب نه ڏئي سگهي ته يقينن هو ڪوڙو آهي.
قريشي همراھ خوشيءَ مان ٽڙندا مڪي آيا ۽ ٽيئي سوال آقا ﷺ جي سامهون رکيائون.
آقا ﷺ فرمايو
سڀاڻي آءٌ اوهان کي ٽنهي سوالن جا جواب ڏيندس. قدرت خدا جي ته ان سان گڏ پاڻ انشاءَ الله نه چيائون.
ٻي ڏينهن جبرائيلعه جو انتظار هو، پر هو نه آيا
هڪ ٻي ٽي ڏينهن، ڪا آسماني خبر نه آئي
آقا ﷺ پريشان ٿي ويا.
مڪي جا قريش روز اچي ٺٺوليون ڪندا هئا.
پندرهن ڏينهن گذري ويا
انتظار ڏکيو هو
پندرهين ڏينهن جبرائيلعه آسمان تان لٿو
گڏ سوره ڪهف آندائين
جنهن ۾ سڀ جواب موجود هئا.
آيتون لٿيون:
”اسين نازل نه ٿيندا آهيون، پر تنهنجي رب جي حڪم سان ان واسطي اهي جيڪي اسان جي اڳيان آهن ۽ جيڪي اسان جي پويان آهن ۽ جيڪي ان جي وچ ۽ آهن ۽ تنهنجو رب وسارڻ وارو نه آهي.
اي رسول ڇا تون ڀانئين ٿو ته اصحاب ڪھف ۽ رقيم وارا اسانجي نشانين مان هڪ عجيب نشاني آهن جڏهن انهن جوانن غار ۾ پناهه ورتي ۽ خدا کان دعا گهريائون ته اسانجا پالڻهار اسان کي ٻاجهه عطا ڪر ۽ اسانجي ڪم ۾ اسان لاءِ آساني پيدا ڪر. پوءِ ڪيترائي سال کين غار ۾ سُمهاري ڇڏيوسون. وري کين هن لاءِ اٿاريوسون ته جا مدت رهيا سا ٻنهي ٽولين مان ڪهڙيءَ کي ياد آهي.“
پوءِ الله فرمايو
”اسين انهن جو واقعو توکي صحيح بيان ڪريون ٿا.
بيشڪ اهي اهڙا نوجوان هئا، جن پنهنجي رب تي ايمان آندو هو ۽ کين وڌيڪ هدايت ڪئي سون ۽ سندن دلين کي مضبوط ڪيوسون،جڏهن هو اٿيا تڏهن چيائون اسان جو پالڻهار هو ئي رب آهي، جيڪو آسمانن ۽ زمين جو رب آهي. ان کانسواءِ ٻي ڪنهن کي معبود چئي نه سڏينداسون. جيڪڏهن سَڏيوسون ته اها ته بي حد خراب ڳالهه آهي.
۽ جڏهن ته اوهان انهن ماڻهن کي ۽ اُنهن جي معبودن کي، جن کي هي خدا کانسواءِ پُوڄين ٿا تن کان پاسي ٿيو، تڏهن غار ۾ پناھ وٺو ته اوهانجو رب اوهان لاءِ پنهنجي رحمت پکيڙيندو ۽ اوهانجي ڪم ۾ اوهان لاءِ سولائي مهيا ڪندو.
جڏهن سج اُڀري ته ڏسندين ته اُس سندن غار جي ساڄي پاسي لڙندي آهي ۽ جڏهن لهي تڏهن سندن کاٻي پاسي مُڙندي آهي ۽ اهي غار جي ڪشادگيءَ ۾ آرامي آهن.
هي واقعو خدا جي نشانين مان آهي، يعني اُنهن ڪتاب وارن تي جيڪي ان بابت ڄاڻن ٿا ۽ جن اي رسول ﷺ اوهانجي سڄي نبوت جي باري ۾ اهو سوال پڇڻ جو حڪم ڏنو آهي، جنهن کي الله هدايت ڪري سو هدايت وارو آهي ۽ جنهن کي گمراھ ڪري، تنهن لاءِ ڪوبه دوست واري واٽ ڏيکاريندڙ نه لهندين.
۽ (جڏهن تون کين ڏسندين) ته کين جاڳندڙ ڀائيندين‘ پر اهي ستل آهن ۽ کين سڄي پاسي ۽ کٻي پاسي اٿلائيندا آهيون ۽ سندن ڪتو چائنٺ تي اڳيون ٽنگون ڊگهيريو پيو آهي. ايئن اسان ماڻهن کي اصحاب ڪھف جو حال معلوم ڪرايو ته جيئن ماڻهو ڄاڻي وٺن ته خدا جو وعدو سچو هوندو آهي ۽ بيشڪ قيامت ٿيڻي آهي، منجهس ڪو به شڪ ڪونهي. تڏهن انهن جي ڳالهه بابت ماڻهو پاڻ ۾ وڙهڻ لڳا. انهن جي حال مان سندن رب چڱي طرح واقف آهي. ماڻهن چيو ته هتي هڪ گهر يادگار طور اڏيو. جيڪي پنهنجي ڳالهه ۾ غالب ٿيا تن چيو ته انهن تي سجدو ضرور بڻائينداسين“.
جلد ئي چوندا ته اصحاب ڪھف ٽي آهن ۽ چوٿون سندن ڪتو آهي ۽ ڪي چوندا ته پنج آهن، ڇهون سندن ڪتو آهي ۽ ڳجهه بابت اندازا هڻندا آهن. ۽ ڪي چوندا ته ست آهن ۽ اٺون سندن ڪتو آهي. (اي پيغمبر) چؤ ته سندن ڳاڻيٽو منهنجو پالڻهار ئي ڄاڻي ٿو ۽ بنھه ٿورا ماڻهو انهن جي تعداد کان واقف آهن. تنهنڪري انهن بابت سرسري ڳالهه ٻولهه کانسواءِ ساڻن جڳهڙو نه ڪر ۽ نڪي انهن بابت ڪنهن هڪ کان پُڇا ڪر-
تون ڪنهن به ڪم بابت انشاءَ الله چوڻ کانسواءِ ايئن نه چوندو ڪر ته آءٌ اهو سڀاڻي ڪندس، ۽ جي اهو وسارين ته جنهن وقت ياد اچئي ان وقت چئو ۽ چئو ته منهنجو ڌڻي مونکي هن کان به وڌيڪ هدايت ڪندو.
۽ جلد ئي هو چوندا ته اصحاب ڪھف ٽي سئو نون سالن کانپوءِ جاڳيا.
چئو ته اُنهن جي اهو خدائي بهتر ٿو ڄاڻي ته هو ڪيترو عرصو سُتل رهيا. سڀني آسمانن ۽ زمين جو ڳجهه کيس ئي معلوم آهي. هو وڏو ڏسڻ وارو ۽ ٻڌڻ وارو آهي. مخلوق جو خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبه سهارو ڪونهي، نڪي هو ڪنهن کي پنهنجي حڪم ۾ شريڪ ڪري ٿو“.
ٻي سوال جو جواب به اچي ويو
اهي توکان(ﷺ ) ذي القرنين جي باري ۾ سوال ڪن ٿا. کين چئو ته آءٌ ان جو حال اوهانجي اڳيان بيان ڪريان ٿو، اسان کيس زمين تي بادشاھت ڏني هئي ۽ کيس هر قسم جو سامان عنايت ڪيو هو. تنهنڪري هو هڪ ئي سامان جي پويان لڳا“.
پوءِ اڳيان ذي القرنين جي سير ۽ سفر جو ذڪر آهي. جيڪو هن اوڀر کان اولهه تائين ڪيو ۽ اُن حد تائين پهتو، جنهن کان اڳتي ڪابه آبادي نه هئي.
ٽيون سوال هو: روح ڇا آهي؟
اُن جو الله هڪ ئي سٽ ۾ مختصر جواب ڏنو
آيت لٿي
”توکان روح جي باري ۾ سوال ٿا ڪن. کين چئو ته روح منهنجي رب جو اَمر آهي ۽ توکي اُن جو نهايت گهٽ علم ڏنو ويو آهي“.
يهودي جواب ٻڌي پَٿرائجي ويا
تفصيل ته سندن توريت ۾ ڏنل تفصيل کان به وڌيڪ ٻڌايا ويا.
چُپ ڪري ويهي رهيا
جڏهن آقا ﷺ مديني هجرت ڪري ويا ته سندن عالم پُڇڻ لڳا.
”توکي تمام گهٽ علم ڏنو ويو آهي“. ان جو مطلب اوهين آهيو يا اسين؟
آقا ﷺ فرمايو
ٻيئي
هُنن چيو: اها ڳالهه وري ڪيئن ٿي. حالانڪه اوهانکي الله فرمايو ته توريت ۾ اسان هر شئي کي بيان ڪيو آهي.
آقا ﷺ فرمايو: توريت جو بيان الاهي علم جي ڀيٽ ۾ صفا گهٽ آهي.
الله آيت نازل ڪئي
”چؤ! جيڪڏهن منهنجي پالڻهار جي سُخنن لکڻ لاءِ سمنڊ مس ٿئي ۽ سڀ وڻ قلم بنايا وڃن ته به سُخنن پوري ٿيڻ کان اڳ سمنڊن جي مس ختم ٿي ويندي. بيشڪ الله غالب حڪمت وارو آهي“.
قريشي سردار ۽ يهودي چپ ٿي ويا، پر سندن دلين تي ته انڪار ۽ ڪفر جا تالا لڳل هئا. الله قرآن ۾ ٻه ڀيرا اها خوشخبري سڀني قومن جي مذهبن کي ٻڌائي.
’جيڪي ماڻهو مسلمان آهن يا يهودي ۽ يا عيسائي يا تارن کي پوڄندڙ ۽ جيڪي خدا ۽ ڏينهن قيامت کي مڃيندا ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ سندن پالڻهار وٽ اجر آهي ۽ کين نڪو ڀؤ آهي ۽ نڪي اهي غمگين ٿيندا. (قرآن البقره، آيت 63)
هدايت جي ڪُنجي رستي تي ڪلف سان گڏ لڙڪائي ويئي.
اچو کوليو
هڪ الله کي مڃئو
آخرت کي مڃئو
پوءِ اوهين بُڇڙن ڪمن جي جاءِ تي نيڪ ڪم ڪريو.
پوءِ اوهين ڀؤ ۽ غمگينيءَ کان بچيل رهندا.
بس راز جي ڳالهه اها آهي ته هدايت جي ڪُنجي ڀاڳن سان ملي ٿي.
هدايت جي ڪُنجي جنهن جي ڀاڳ ۾ هوندي، اِهي ئي اُهي بند دروازا الله جي مدد سان اُپٽين ٿا.
نه ته هر ڪو پنهنجي اندر ۾ ڏسي اهو ٿوروئي ڪو چوندو آهي.
”دروازو کلندو آهي“.

سيدنا ابوذر غفاريرضه

سيدنا ابوذر غفاريرضه

عربستان جي ريگستاني، جابلو ٽڪرين ۽ سنگلاخ پھاڙن ۾ ڪي علائقا ايترا ته گرم، بنجر ۽ ڊيڄاريندڙ آهن. جو اُتي ريگستاني ٿوهر به مري ويندا آهن. نجد جي اهڙي ئي هڪ علائقي ۾ هڪ بي حد جفاڪش قبيلو غفار آباد هو. انهن ماڻهن جو جيئڻ ۽ مرڻ اتان لنگهندڙ قافلي وارن کان ڀتو، چنگي يا ٽيڪس وٺڻ تي هو، جيڪو لهرائيندو هو. هي ان کي ڦُري لٽي وٺندا هئا.
ڦر لٽ جا ته هو وڏا ماهر هئا.
تنهن کانسواءِ سندن خوفناڪ بنجر گرم علائقي ۾ ڀَلا ساڻن وڙهڻ جي همت ڪير ڪري ها. قافلا ڀرپاسي جي مٿانهن سنگلاخ نوڪدار پٿرن سان ڀريل پهاڙن تي چڙهڻ جي ڀيٽ ۾ قبيلي وٽان لنگهڻ تي مجبور هوندا هئا.
ابو ذر غفاري به انهن مان هو،
پر ٿوهر جهڙن ڇُڀندڙ ڪنڊيدار ماڻهن ۾ رهي به هن جي اندر خوشنما، خوش رنگ مهڪندڙ گلاب ٽڙيل هو.
سندس دل چوندي هئي ته ڦر لٽ سُٺي ڳالهه نه آهي.
پر مجبور هو، ڪري ڪجهه به نه ٿي سگهيو، چپ چاپ سوچيندو رهندو هو.
سندس قبيلو ته احترام وارن چئن مهينن ۾ به ڦرلٽ کان نه مُڙندو هو. پر سندس دل پنهنجي قبيلي سان گڏ نه هئي.
جڏهن آقاﷺ جي حق جو پيغام عربستان جي واريءَ جي هر ذرڙي تائين پهتو ۽ خوشبو بنجي چؤڏس پکڙيو ته ان جي خوشبو ابوذر تائين به پهتي، هن پنهنجي هڪ هم خيال ڀاءُ کي رسول الله جي حق جي پيغام جي حقيقت ڄاڻڻ جي لاءِ موڪليو، جيڪو پيغام ڪائنات جي هر روح جي سلامتي جو محافظ هو.
هو ويو، ۽ واپس آيو
ڪجهه ٻڌايائين، ڪجهه ٻڌائي نه سگهيو
ابوذر جي تسلي نه ٿي
پاڻ ئي روانو ٿي ويو.
اُنهن ڏينهن قريشن جا رئيس، پاڻ سڳورن جي چاهيندڙن تي سخت ڪاوڙيِل هئا، اهي اسلام جي پيغام جا شروعاتي ڏينهن هئا. هونئن به ابوذر جو واسطو جنهن قبيلي سان هو، اُن جي نالي سان پنهنجو تعارف ڪيئن ڪرائي ها.
حرم پاڪ ۾ زيارتيءَ جي حيثيت سان آيو ۽ ٽِڪيو رهيو.
ڪيترائي ڏينهن گذري ويا.
سوچيو هئائين ته آقا ﷺ نظر اچي ويندو.
پر آقا ﷺ ته ڪڏهن به عام ماڻهن جي شڪل شبيھه ۾ اٿي ويٺي، ڪپڙي لٽي کان الڳ ته نه رهيا هئا.
سڄي زندگي آقا ﷺ پنهنجي سڃاڻپ لاءِ ڪا مخصوص شڪل صورت نه بنائي، سو ڪيئن سُڃاڻجي ها.
حرم پاڪ ۾ آب زم زم پي، اوسيئڙي ۾ ئي رهيو.
هڪ ٻه ڏينهن سيدنا عليرضه کيس حرم جي هڪ ڪنڊ ۾ ويٺل ڏسندو رهيو، ٽي ڏينهن نيٺ پُڇيائينس توکي ڪنهن جي ڳولا آهي؟
هن مختصر ورندي ڏني
جي
سيدنا علي مسافر سمجهي سندس مزماني ڪئي،
ٻي ڏينهن وري سيدنا عليءَ جو اُتان لنگهڻ ٿيو، ٻيهر پڇيائينس جنهن جي ڳولا ۾ آيو آهين اهو مليو.
نه – ابوذر گهٽ ڳالهايو هو.
ڪجهه ڏينهن تائين روزانو سيدنا عليرضه مرڪي مسافر کان پُڇندو رهيو، ابو ذر جي هٻڪ به هاڻ ٿورو گهٽي هئي. هڪ ڏينهن ڀرسان ويهڻ جو اشارو ڪيائينس ۽ سرٻاٽ ڪندي چيائينس:
گهڻو پري کان وڏو شوق کڻي آيو آهيان- هڪ عظيم هستيءَ سان ملڻ جو شوق هتي وٺي آيو اٿم.
ڪنهن جو؟
اهو جنهن رسالت جي دعويٰ ڪئي آهي.
سيدنا عليرضه مرڪيو.
چيائينس: مون سان هَل ته توکي ساڻس ملرايان. سندس ننڍو سؤٽ آهيان، ساڻس گڏ ئي سندس گهر ۾ رهندو آهيان.
کيس پاڻ سان وٺي آيو.
آقا ﷺ سان ملاقاتي ٿيو
خاردار، ٿوهر جي اندر لڪل گلاب مهڪي اٿيو
لاالھ الا الله محمد رسول الله پڙهيائين
قرآن ٻُڌائين
سٺن ڪمن ڪرڻ ۽ نيڪيءَ جي تلقين ٻُڌائين
بُرائي کان بچڻ جي توبه ڪيائين
پُڇيائين، آقا ﷺ جيڪي بڇڙايون ڪيون اٿم، ڌاڙا ڦرون...
آقا ﷺ سمجهايس
الله توبهه قبول ڪندو آهي.
بس وري ڪا خطا نه ٿئي
جيڪي ٿيون... انهن تي شرمساري هُجي
سيدنا ابوذر غفاري جي ته ڪايا ئي پلٽجي ويئي.
حرم ۾ آيو ته وڏي سڏ حق جو ڪلمون پڙهيائين
ابوجهل جهڙا همراھ اتي موجود هئا، سي مٿس چڙهي ويا. هو گهڻا هئا ۽ ابو ذر غفاري اڪيلو، پوءِ به جيتري سگهه هيس وڙهندڙن سان وڙهيو. ماڻهن کيس دَسي وڌو. آقا ﷺ جو چاچو سيدنا عباس موجود هو. هو ڊوڙي آيو ۽ پنهنجي سگهاري جسم سان ماڻهن کي ڌڪي پري ڪيائين، پوءِ ابوذر کي بچائيندي مٿس ليٽي پيو.
وڏي سڏ مُشرڪن کي چيائين
خبر اٿوَ هي ڪير آهي؟
ڪير آهي؟ ڪيترائي آواز اُڀريا
هي غفاري قبيلي جو رئيس آهي
ابوذر غفاري
هن کي ماريوَ ته اوهانجو ڪوبه قافلو اُن رستي تان لنگهي نه سگهندو
ماڻهو ابو ذر جي ڊپ کان ايئن پويان هٽيا ڄڻ ارڙ نانگ هجي.
ابو ذر ڀُڻ ڀُڻ ڪري عباس کي چيو
کين مونکي مارڻ ڏي.. هاڻ مونکي ڪنهن جو به قافلو لٽڻو ڪونهي.
سيدنا عباس کيس سمجهايو
نه ڦر، پر في الحال ته هنن کان بَچ
سيدنا ابو ذر جي مَن جي مراد هئي ته هو اُتي ئي آقا ﷺ وٽ ٽِڪي پوي. خدمت ڪري، پر آقا ﷺ چيس
”واپس وڃ
۽ پنهنجي قبيلي ۾ حق جو پيغام پهچائي
پوءِ جڏهن آئون هجرت ڪري محفوظ هنڌ تي هليو وڃان ته مون وٽ هليو اچج.“
ابوذر حڪم جي تعميل ڪئي.
سڄي عمر بي حد سادي ۽ فقيراڻي انداز ۾ گذاري
حرم جي ڀت سان ٽيڪ ڏيئي، هڪ ڀيري آقا ﷺ سوره حمزه جي هڪ آيت پڙهي:
”رب ڪعبي جو قسم ته قيامت جي ڏينهن اهي ماڻهو وڏي نقصان ۾ هوندا.“
سيدنا ابو ذر هَڄي ويو.
ڊڄي ويو، سوچيائين: ڪٿي اها ڳالهه منهنجي باري ۾ ته ڪونهي.
آقا ﷺ کي عرض ڪيائين
اهو بدنصيب ڪير آهي
آقا ﷺ فرمايو
”جيڪي گهڻا دولتمند آهن، سواءِ اُنهن جي جيڪي اڳيان پُٺيان، ساڄي کاٻي سڀني پاسن خرچ ڪن ٿا“.
کيس سڄي زندگي اها آيت ۽ آقا ﷺ جو ٻڌايل تفسير ياد رهيو. سندس اثاثو سڄي عمر چار ٻڪريون، هڪ خچر، هڪ اُٺ جي ڏاس واري ڪمبل سان ٺهيل جُهڳي ۽ هڪ پيالي کانسواءِ ڪجهه نه رهيو.
حڪم جي تعميل ۾ گهڻو عرصو پنهنجي قبيلي ۾ رهيو. هوريان هوريان پنهنجن ماڻهن کي سِڌي واٽ تي وٺي آيو، آقاﷺ جي مديني هجرت کانپوءِ جنگ خندق وارن ڏينهن ۾ مديني هليو آيو ۽ سڀني ڏسائن کان ڪٽجي رڳو آقاﷺ سان ئي جُڙيو رهيو.
آقا ﷺ برقعي مٽائڻ کانپوءِ مديني ۾ دل نه لڳيس
شام هليو ويو
اُن وقت مسلمان امير ٿي ويا هئا.
ابوذر غفاري هٿين خالي ئي رهيو
دنيا جي طلب ۽ عيش عشرت کان پري
جيڪو به گڏجڻ ويندو هئس.
پُڇندو هو: ابوذر تنهنجو سامان ڪٿي؟
چوندو هو: مسافر آهيان.
جتي وڃڻو آهي... اُتي آهي.
هڪ ڀيري شام جي گورنر احترام ۾ ٽن هزار اشرافين جي ٿيلهي موڪلي.
ڪاوڙ ۾ صفا ڳاڙهو ٿي ويو
رقم واپس ڪندي چيائين
”گورنر کي ڪو ٻيو اهڙو شخص نه مليو، جنهن جو الله تي گمان گهٽ هجي، ڇا کيس آءٌ ئي سڀني کان ذليل مليس“.
هجرت نبوي جي ويهين سال هڪ ويران هنڌ تي جهان ڇڏيائين، جنهن جي پيشنگوئي آقا ﷺ ڪئي هئي. آقا ﷺ سندس باري ۾ فرمايو هو:
”زمين جي پٺيءَ تي ۽ آسمان جي ڇانوَ ۾ ابوذررضه کان وڌيڪ ڪوبه سچو ڪونهي.“

قريشين جو رستم سيدنا حمزه

قريشين جو رستم سيدنا حمزه

هرڻ تي شست ٻڌي تير هڻي اُن جي پويان مڪي جي پهاڙي رستن تي گهوڙي کي ڊوڙائي حمزو زخمي هرڻ وڃي جهليو. ڪُهي اُن کي گهوڙي جي پٺيءَ تي رکيائين. چار پنج شڪار ڪيل پکين جا پير ٻڌي انهن کي پنهنجي لٺ تي لڙڪائي، ڪمان ڪلهي ۾ وجهي، پٺيءَ سان ٻڌل تيرن جي بنڊل کي چيلهه جي پويان ڪيائين، گلي ۾ لڙڪيل تلوار جي نيام کي هٿ هڻي ٺيڪ ڪيائين، پنهنجي سنهري تارن واري چمڪندڙ ڳاڙهين پٽين واري پَڳ کي مور جي سبز سُنهري رنگن سان ڀريل پَرن کي سنئون ڪيائين ۽ تيرن جي چيلهه سان ٻڌل بنڊل کان مٿي نڪتل اٺ پکي جي ويڪرن مُسڪرائيندڙ پَرن کي سنئون ڪيائين ۽ گهوڙي کي هُشڪاري مڪي جي واٽ ورتائين. جيئن جيئن هو مڪي جي ويجهو ٿيندو ويو ته گهوڙي جي رفتار گهٽبي ويئي. ڪعبته الله کان ٻه سئو پري صفا جي ٽڪريءَ جو موڙ مڙندي حمزه جو گهوڙو هوريان هوريان عجيب حسن ڀريل مقام واري چال ۾ قدم کڻڻ لڳو، جو کيس صفا وٽ عبدالله بن جدعان جي گهر وٽان هڪ زائفان جو سڏ ٻڌڻ ۾ آيو.
ابو عمار
ابو عمار حمزي جي ڪُنيت هئي. حمزي پنهنجو نالو ٻڌو ته گهوڙي جو لغام ڇڪيائين. سفيد عربي گهوڙي پنهنجون پويون ٽنگون روڪيون اڳيان ٻيئي سُنب کڻي جابلو پٿرن تي هنيا. چڻگون اُٿي ويون ۽ حمزي ڪنڌ ورائي سڏيندڙ آواز کي ٻُڌو. سڏ ڪندڙ عبدالله بن جدعان جي ٻانهي هئي. هو ڊوڙي حمزي ڏانهن آئي، حمزو اڃا تائين پنهنجي شڪار ڪيل هرڻ ۽ پکين جي فخر ۾ مور جا پَک پَڳ ۾ هڻي ڪنڌ کڻي وڏي فخر سان ڪنهن شهزادي وانگر گهوڙي تي ويٺو هو. هو قريشن جو سڀ کان وڏو سگهارو، جري ۽ بهادر ماڻهو هو. پنجيتاليهن، ڇائيتاليهن سالن جي عمر ۾ به هو ايتري سگهاري جسم جو مالڪ هو، جو جنهن سان هروڀرو ڪو اٽڪڻ جي ڪو سَت نه ساريندو هو.
ٻيو وري بنو هاشم جهڙي معزز ترين ڪُٽنب جو سپوت، هو پنهنجي قبيلي کانسواءِ ٻين قبيلن ۾ به پنهنجي سورهيائي، دليري ۽ صاف گوئيءَ جي ڪري مٿاهون مقام رکندو هو. حمزي گهوڙي تي ويٺي ويٺي گهوڙي جي واڳ زائفان ڏانهن موڙي، گهوڙي هڻڪار ڪئي. سڏيندڙ زائفان پنهنجي گهر جي مٿينءَ ماڙ تان ٻاهريون ڏاڪڻيون لهي ڊوڙندي حمزي وٽ آئي ۽ حمزي جي چمڙي جي سَنجهه واري ڪاٺيءَ کي جهلي چيائين:
ڪا خبر اٿئي ابو عمار؟
ڪهڙي خبر
تون بنو هاشم جو رستم آهين ۽ سڀني قريشن ۾ تنهنجي جوڙ جو ٻيو ڪير به ڪونهي.
ڇا ڳالهه آهي ؟
هن ابوالحڪم (ابوجهل) تنهنجي ڪٽنب کي الائجي ڇا ڇا گهٽ وڌ ڳالهايو؟
ڪڏهن؟
ڇو؟
هو تنهنجو ڀائيٽو آهي نه، الامين صادق ﷺ
سچو، يڪتا ۽ ايماندار.
هائو.
اُن کي هتي هن ئي هنڌ تي ابوالحڪم (ابوجهل) بد شد ڳالهايو، جيڪو ٿي وات ۾ آيس، سو ٿي بَڪيائين. پر تنهنجي ڀائيٽي هڪ لفظ به نه ڪُڇيو، ڪوبه جواب نه ڏنائين، سڀ ڪجهه ٻڌندو ۽ صبر ڪندو رهيو.
ڇا اوهان بنو هاشم جي هاڻ عزت اها وڃي رهي آهي ته جنهن کي جيڪو وڻي سو اوهان جي معزز ڪٽنب جي ڀاتين لاءِ ڳالهائيندو وتي ۽ تون قريشن جو رستم شڪار ڪريو هرڻ ۽ پکي ماريو هٿ تي هٿ رکيو هلندو پيو وتين؟
حمزي جي منهن تي ببر شينهن جو چهرو اچي ويو.
پيرن کان وٺي مٿي تائين جسم ۾ ڄڻ چڻنگون پيدا ٿي ويس. هن زور سان گهوڙي جي واڳ ڇڪي ۽ پيرن کي گهوڙي جي پاسراٽين کي هڻڻ کان پهرين پُڇيو.
هن مهل ابوجهل ڪٿي آهي؟
حرم ڏانهن ويو آهي، اتي ئي ويٺل هوندو.
گهوڙو وِڄ وانگر حرم ڏانهن مُڙيو، رستي ۾ پيل پٿرن مان گهوڙي جي سُنبن سبب چڻنگون نڪرڻ لڳيون، اک ڇنڀ ۾ حمزو ڪعبي جي اڱڻ ۾ هو. ڏٺائين ته ڪعبي جي اڱڻ ۾ خدا جي گهر جي ڇانوَ ۾ حطيم وٽ ابوجهل منڊلي مچائي ويٺو هو. منڊليءَ ۾ ويٺل سڀني قريشن تيزيءَ سان گهوڙي کي حرم ڏانهن حمزي سان گڏ ايندي ڏٺو ته حيرانيءَ مان ڪنڌ ورائي کيس ڏسڻ لڳا. ابوجهل ڪنهن اندروني ڊپ سبب اُٿي کڙو ٿيو، ٻي گهڙيءَ گهوڙي تي سوار حمزو اچي ابوجهل جي مٿان ڪَڙڪيو. هٿ وڌائي چيلھه تان ڪمان لاٿائين ۽ ابوجهل کي للڪاري پاڻ ڏانهن سڏيو. ابو جهل لٿل منهن سان حمزي وٽ آيو ته حمزي کاٻي هٿ سان ڊوڙندڙ گهوڙي جي واڳ ڇڪي. گهوڙي ٻيئي سُنب مٿي کنيا ته حمزي ساڄي هٿ ۾ جهليل ڪمان پوري زور سان ابو جهل جي مٿي تي هنئي.
ابوجهل جو گول پٽڪو لهي وڃي پري ڪريو.
ڪمان جي اُڻي هن جي نرڙ تي لڳي ۽ رت جي ليڪ ٺاهيندي هن جي ڏاڙهيءَ کي رنڱيندي هن جي ڪنڌ تائين آئي.
ابو جهل ڪري پيو.
سيدنا حمزو ٽپ ڏئي گهوڙي تان هيٺ لٿو.
تنهنجي اها مجال جو منهنجي ڀائيٽي الامين کي گاريون ٿو ڏينءَ آءٌ تنهنجي سسي لُڻي ڇڏيندس. سيدنا حمزي ڪمان ڪلهي ۾ وڌي ۽ نيام مان تراڙ ڪڍي ان جي مُٺئي تي هٿ رکيو، ابو جهل جي قبيلي بنو مخزوم جا ويٺل ماڻهن جهٽڪي سان بيهي رهيا ۽ سندس پيرن ۾ ڪريل رتو رت ٿيل ڏاڙهيءَ سان ابوجهل هٿ جي اشاري سان کين روڪيندي چيو.
ابو عمار سچو آهي، غلطي منهنجي هئي. اڄ مون ڪجهه گهڻو ئي بَد شد ڳالهايو هو.
سيدنا حمزي، تلوار هٿ ۾ جهلي ابوجهل جي سامهون سندس ساڄي کاٻي هوا ۾ لهرائي، ڄڻ سندس ڪنڌ ڪپي رهيو هجي، پوءِ تلوار جي نوڪ ۽ پنهنجي اکين جو ماڻڪيون، ابوجهل جي هَڄيل اکين جي سامهون نشاني تي رکي چيو:
اڳتي احتياط ڪج.
هيءَ تنهنجي آخري غلطي آهي .
هاڻ هو نه رڳو منهجو ڀائيٽو آهي.
پر منهنجو آقا ﷺ به آهي.
اڄ کان وٺي آءٌ مٿس لهندڙ پيغام کي مڃيندڙن مان آهيان.
سمجهيئي؟
ابوجهل جي ڏڪندڙ ۽ هَڄيل اکين ۾ هاڻ سندس مَٿي مان وهندڙ رت جي ڦڙن سان گڏ ڄڻ ته سندس ناپاڪ حسد سان ڀريل خوابن جو به خون ٿي ويو. ٿوري دير اڳ جو هو پنهنجي ڪريل پٽڪو سنڀالي اُٿڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو هو.
سو ڪنهن ٻوريءَ جيان وري ڪري پيو.
اُن ڏينهن صفا وٽ ارقم بن ابي ارقم جي گهر وڃي، سيدنا حمزي، آقا ﷺ جي هٿن کي چمي وڏي سڏ پڙهيو.
لااِلٰهَ اِلاَّ اللهُ مُحَمَّدُ رَّسُولُ الله.

آقا ﷺ جي دُعا- سيدنا عمررضه بن خطاب

آقا ﷺ جي دُعا- سيدنا عمررضه بن خطاب

سيدنا حمزي کي ايمان آڻيندي ٽي ڏينهن ئي مس ٿيا هئا، جو مڪي جي قريشن جون ننڊون حرام ٿي ويون، شروع ۾ ته قريشي سردار پنهنجن پنهنجن قبيلن جي مسڪين غلامن کي اسلام آڻڻ جي ڏوھ ۾ ماري رتو رت ڪري ڇڏيندا هئا. پر انهن غلامن جا ڀاڳَ جاڳي پيا. کين سيدنا ابوبڪر پنهنجي ميڙي چونڊيءَ مان خريد ڪري آزاد ڪندو رهيو هو ۽ هو وڃي آقا ﷺ غلام جي غلاميءَ ۾ جيئڻ لڳا.
پوءِ جڏهن قريشي رئيسن پنهنجن پنهنجن قبيلن جي ننڍي وهي جي نوجوانن ۽ معززين کي آقاﷺ جي پيغام تي لبيڪ چوندي ٻُڌو ته مٿن پنهنجن پنهنجن قبيلن جي اندر سختيون شروع ڪري ڏنيون، ڪنهن کي مار ڪٽ ته ڪنهن کي ڌڙڪو داٻ، ته ڪنهن کي وري ڪنهن گهرجي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيائون. سيدنا عثمان بن عفان چوويهن سالن جو سُهڻو جوان هو، ۽ سندس واسطو قريشن جي مغرور ۽ شاهوڪار قبيلي بنو اُميه سان هو. اُن قبيلي جو سيدنا عثمان جو چاچو عاحد بن سعيد، جيڪو آقاﷺ جو پاڙيسري به هو. سيدنا عثمان کي کجين جي ڦڙن جي تنئوريءَ ۾ ويڙهي اُن کي دُنھه سان ڀري ڇڏيندو هو ۽ چوندو هئس ”پنهنجي ايمان تي موٽي اچ! مَڃ ته الله کانسواءِ ٻيا خدا به آهن.“ هو گُھٽجندڙ ساهن سان نهڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي چوندو هو: ’الله کانسواءِ ڪوبه ٻيو خدا نه آهي.‘
ڪنهن هڪ قبيلي جي فرد کي ڪو قبيلي جو فرد هٿ ته لڳائي نه سگهندو هو، پر جڏهن تنگ ڪندڙن جا پنهنجن قبيلي سان گڏ ٻين قبيلن سان ميل جول ٿيندو هو ته سڀني جون زبانون هلڻ لڳنديون هيون. قريشن جي ماڻهن کي هڪ ڏک هي به هو سندن گهرن جا مسلمان ٿيل اڪثر نوجوان ۽ آزاد ٿيل غلام آقا ﷺ جي حڪم سان سندن سختين کان بچڻ لاءِ حبش هجرت ڪري ويا هئا.
هو سڀ لڪي لڪي هليا ويا هئا.
پهريون ڀيرو ٻارهن مردن سان گڏ پنج عورتون به ويون هيون. اها رجب 5 نبوي جي ڳالهه آهي. هو سڀ پنڌ ويا هئا. ڪن وٽ اُٺ هئا. انهن ڏينهن مڪي جي ويجهو شعيبه بندرگاھ هو. انهن مهاجرن جو پهريون قافلو جڏهن بندرگاھ پهتو ته ٻه واپاري جهاز حبشه وڃڻ جي لاءِ تيار هئا. انهن جهازن پنجن پنجن درهمن جيترو معمولي معاوضو وٺي کين کنيو ۽ هو خيريت سان حبشه پهچي ويا. آقا ﷺ پاڻ ئي کين وڃڻ جي لاءِ چيو هو. کين چيو هئائين ته ”اوهين الله جي زمين تي ڪٿي به هليا وڃو، يقنن الله اوهان سڀني کي جلد ئي گڏ ڪندو“.
ماڻهن آقا کان پُڇيو: ڪيڏانهن وڃون سرڪار؟
آقا ﷺ حڪم ڏنو ته ”حبشه هليا وڃو. اها امن جي سرزمين آهي، اُتي جو حڪمران نجاشي نه ڪنهن تي ظلم ڪندو آهي ۽ نه ڪرڻ ڏيندو آهي.“
هو هليا ويا.
مڪي جي قريشن کي خبر پئي ته هو ڇِتا ٿي پيا.
اڪثر قريشن جي معزز گهراڻن جا ڀاتي انهن ويندڙن ۾ شامل هئا. سڀئي ڪاوڙ ۾ دڙڻ، داڦڻ ۽ وهلورجڻ لڳا. ابو جهل نفرت ڀريل ٻِر ٻِر ڪندڙ اکين سان هر ڪنهن کي ڪاوڙ مان ڏسندو وتيو.
ابوسفيان بن حرب، آقا ﷺ دشمنن سبب صفا آپي مان ٻاهر نڪرڻ لڳو هو. سندس ڌي اُم حبيبه پنهنجي گهر واري سان گڏ حبشه هجرت ڪندڙن ۾ شامل هئي. سيدنا عثمان بن عفان، سندس گهرواري آقا ﷺ جي نياڻي سيده رقيه کانسواءِ ويندڙن ۾ عثمان بن مصعب، زبير بن عوام، عبدالرحمان بن عوف، مظعون بن عمير، ابو حذيفه بن عتبه بن ربيعه، ابو سلمه مخزومي، سهيل بن بيضا ۽ ٻين ڪيترن سان گڏ عبدالله بن مسعود به هو.
قريشن جي گهر گهر ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر پکڙجي ويئي.
اُن صورتحال ۾ مڪي جي چيڙاڪ ۽ ڪاوڙيل ماڻهن مان سڀني کان وڌيڪ ڪاوڙ ڪندڙ شخص عمر بن خطاب، ڪاوڙ ۾ پنهنجا هوش وڃائي ويٺو. ستاويهن سالن جي وهيءَ واري سوا ڇھه فٽ قد آور نوجوان جي دل ۾ جيڪڏهن ڪو خيال ايندو هو ته پوءِ اهو سندس دل مان ڪير به ڪڍي نه سگهندو هو. روايت آهي ته پهريون ڀيرو سندس دل ۽ دماغ ۾ ڪجهه قرآني آيتن جي ٻڌڻ سان هلچل مچي هئي. ڪيترا ڀيرا هو لڪي لڪي آقا ﷺ کي نماز ۾ قرآن جي تلاوت ڪندي به ٻڌندو رهيو هو. پر اڃا شايد سندس دل جون دريون ۽ دروازا کلڻ جو انتظار هو. روايت آهي ته آقاﷺ اُن ڏينهن کان هڪ ڏينهن اڳ خدا جي حضور دعا گهري هئي ته ’اي الله! اسلام کي عمرو بن هشام (ابوجهل) يا عمر بن خطاب جي هٿان سگهه ڏيار.‘
اهو آقا ﷺ جي دعا جي قبوليت جو ڏينهن مقرر ٿيو هو.
ڏسڻ ۾ مڪي جي گهٽين ۾ اُبتو منظر هو.
ماڻهن هُڄي ڏٺو ته عمر بن خطاب گهران ڳچيءَ ۾ تلوار نيام ۾ وجهي نڪتو. گهٽيءَ ۾ اچي تلوار نيام مان ٻاهر ڪڍي هٿ ۾ جهلي تکو تکو ارقم بن ابي ارقم جي صفا وٽ گهر ڏانهن وڃڻ لڳو. جتي آقا ﷺ ڏينهن جو مسلمانن سان گڏ ترسندا هئا. ارقم جو لاڳاپو ڇاڪاڻ ته آقا جي دشمن ابوجهل جي قبيلي بنو مخزوم سان هو، تنهنڪري گمان اهوئي هو ته اُن گهر ۾ مسلمانن سان ڪوبه ڪنهن به قسم جي شرارت نه ڪندو. پر عمر بن خطاب، جنهن جو واسطو جيتوڻيڪ بنو عدي سان هو، پر هو ابوجهل جو ڀائيٽو هو، هٿ ۾ تلوار کڻي اوڏانهن روانو ٿي ويو.
رستي ۾ عمر بن خطاب جو دوست نعيم ملي ويو.
نعيم لڪ ڇپ ۾ اسلام آڻي چڪو هو، پر هن ماڻهن جي اڳيان اڃا اهو ظاهر نه ڪيو هو. عمر بن خطاب کي ايئن ڪاوڙ ۾ وات مان گڦ ڳاڙيندي، اکيون ڳاڙهيون ڪندي هٿ ۾ اگهاڙي تراڙ کڻي تڪڙو تڪڙو ويندي ڏٺو ته وڌي وٽس آيو ۽ پُڇيائينس، عمر ڪيڏانهن پيو وڃين؟
عمر بن خطاب جو ڪاوڙ سبب ساھ تيز تيز ٿي رهيو هو ۽ وراڻيائين: اڄ آءٌ مڪي ۾ فساد جو قصو ئي پاڪ ڪرڻ پيو وڃان.
نعيم پڇيس: اهو وري ڪيئن؟
عمر بن خطاب چيو (نعوذ بالله) آءٌ محمدﷺ بن عبدالله کي قتل ڪرڻ پيو وڃان.
نعيم عمر جي ٻانهن مان جهلي
۽ چيو:
هوش ڪر
قبيلن کي ويڙهائڻ ٿو گهرين ڇا؟
تنهنجو ڇا خيال آهي ته بنو هاشم توکي ۽ تنهنجي قبيلي کي معاف ڪري ڇڏيندو؟
عمر بن خطاب وراڻيو: جيڪو ٿيندو، پوءِ ڏٺو ويندو. في الحال ته اهو ڏچو هڪ پاسي ڪري وٺان.
نعيم جڏهن ڏٺو ته عمر عقل ۽ سمجهه کان ڪو مٿانهون قدم نه کڻي ته چوڻ لڳو
ٻين تان ڏچا لاهڻ جي بدران پهرين پنهنجي گهر تان ته ڏچو لاھ .
منهنجي گهر ۾ وري ڇا ٿيو؟ عمر ڇرڪيو.
حيرت آهي ته توکي خبر ئي ڪونهي ته تنهنجي ڀيڻ فاطمه ۽ تنهنجو ڀيڻويو سعيد ٻيئي مسلمان ٿي چڪا آهن ۽ تون پنهنجي گهر کي ٺيڪ ڪرڻ جي بدران ٻين جي گهر وڃي حملي ڪرڻ جو سوچي رهيو آهن. نعيم جي اها ڳالهه ٻڌي عمر بن خطاب ڪاوڙ مان شينهن وانگر اکيون ڦاڙي نعيم کي ڏٺو.
ڇا پيو چوين؟
تون پاڻ وڃي اکين سان ڏس.
عمر بن خطاب، نعيم کي ڪلهن کان جهلي لوڏيو ۽ دارارقم وڃڻ جي بدران پنهنجي ڀيڻ فاطمه بنت خطاب جي گهر ڏانهن روانو ٿي ويو. سندس قدم تيز ٿي ويا. ڪجهه ئي گهڙين ۾ عمر بن خطاب پنهنجي ڀيڻ فاطمه جي گهر جي چائنٺ تي هو. دروازي وٽ پهچي تراڙ جي دستي مان زور زور سان کڙڪائڻ لڳو ته کيس گهر جي اندران قرآن پاڪ جي ڪا سورة پڙهڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. کيس قرآن جي لفظن جي سُڃاڻپ هئي، جيڪي ٻڌي کيس پهرين به ڪيترائي ڀيرا خيال آيو هئس ته اهو انساني ڪلام ڪونهي، پر ڪي آسماني لفظ آهن، پر هر ڀيري سندس دل ۽ دماغ تي ڪاوڙ جو راڄ رهيو. اُن ڏينهن ته سندس ڪاوڙ پنهنجي انتها تي هئي. هن اهو به محسوس ڪيو ته قرآن پڙهڻ وارو آواز سندس ڀيڻ يا ڀيڻويي جو ڪونهي، پر ڪنهن ٻي جو آهي، سندس ڪن ڪاوڙ سبب وڄڻ لڳا.
هن تلوار جي دستي بدران هاڻ تلوار جي نوڪ سان دروازو کڙڪايو.
۽ گڏو گڏ ڪڙڪو ڪندي چيو ؛
دروازو کوليو.
آءٌ عمر بن خطاب آهيان. سندس آواز ۾ سخت ڪاوڙ ۽ نفرت جي شدت هئي. عمر بن خطاب جو آواز ڪڙڪيدار ۽ وڏو هوندو هو ۽ هزار والن جي فاصلي تي ٻُڌبو هو. عمر محسوس ڪيو ته گهر ۾ ڄڻ هلچل مچي ويئي. ٿوري ڀڄ ڊوڙ به ٿي. ٿوري دير کان پوءِ عمر بن خطاب جي ڀيڻويي سعيد هڄيل چهري سان دروازو کوليو. قرآن ٻڌائيندڙ سعيد جو ڪٽنبي دوست حباب بن الارت هو. هو مڪي جو غريب لوهار هو ۽ عمر جو ڪاوڙ ۾ ڀريل آواز ٻڌي ڪنهن کٽ جي هيٺان لڪي ويو. جنهن چمڙي تي قرآن پاڪ جي سورة طهٰ لکيل هئي، اها عمر بن خطاب جي ڀيڻ فاطمه پنهنجي گوڏي هيٺان لڪائي ڇڏي، عمر گهر ۾ گهڙندي ئي وٺي هُل ڪيو:
ڇا پڙهي رهيا هئا؟
سَنئين نموني ٻڌايو سڄي ڳالهه.
ڪهڙي ڳالهه؟
عمر ڪاوڙ ۾ اچي سعيد کي گلي مان جهليو ۽ چيائين: مونکي خبر پئي آهي ته اوهين بي دين ٿي ويا آهيو. پنهنجي اباڻي دين کي ڇڏي لادينيت اختيار ڪئي اٿوَ- ٻڌايو اهو سچ آهي نه؟
تون اسان کي بي دين ڪيئن پيو چوين- سعيد وراڻيو، جنهن جي گلي ۾ عمر جو هٿ هو. عمر، سعيد کي جهنجهوڙي سندس ڪنڌ تي مُڪ هنئي- سعيد عمر جي مُڪ کائي هڪ پاسي ڪريو ته عمر بن خطاب جي ڀيڻ فاطمه ڪاوڙ مان کٽ تان اٿي ۽ عمر ۽ سعيد جي وچ ۾ اچي سعيد کي بچائڻ لڳي. عمر پنهنجو هٿ کڻي چڪو هو، جيڪو سعيد جي بدران وڃي فاطمه بنت خطاب جي چهري تي لڳو. ڌڪ لڳڻ سان ئي نڪ مان رت ٺينديون ڪري وَهڻ لڳس. فاطمه پنهنجي رت هاڻي چهري تي هٿ ڦيريو ۽ ڪاوڙ ۾ اچي عمر بن خطاب کي چيو:
عمر! تون جنهن پيءُ جو پٽ آهين. آءٌ به ان جي ڌيءُ آهيان.
پر اسانجي پيءُ ڀيڻن ۽ عورتن تي هٿ کڻڻ جو سبق نه ڏنو آهي. توکي شرم اچڻ گهرجي. هائو، آءٌ هڪ خدا تي ايمان آڻي چڪي آهيان. ڀَلي تون مونکي ماري ڇڏ، پر پنهنجي ايمان تان هٿ نه کڻنديس- سمجهيئي!
عمر به ڀيڻ جي ڳالهه ۽ سندس چهري تي رت ڏسي ڦِڪو ٿيڻ لڳو.
آواز ڌيمو ٿي ويس.
ٿوري دير چُپ ڪريو بيٺو رهيو. پوءِ ڊگها ساھ کڻندي کٽ جي هڪ ڪُنڊ تي ٿي ويٺو. تلوار سندس هٿ مان نڪري مياڻ ۾ پئجي ويئي ۽ هو ٿوري دير کٽ تي چُپ ڪريو ويٺو سوچيندو رهيو ۽ پوءِ چيائين:
اوهان ڇا پي پڙهيو؟
سڀ خاموش!
ڪنهن ڪابه ورندي نه ڏني.
عمر پاڻ ئي چيو: اهو ته عظيم الشان ڪلام پيو محسوس ٿئي.
مونکي ڏيکاريو. آءٌ به ته پڙهان.
عمر بن خطاب پڙهيل لکيل شخص هو، ڪلام جي حُسناڪيءَ کان به واقف هو ۽ ڪلام جي حسن ۽ بيان جي رخ کي سُڃاڻندو هو. عمر بن خطاب جي بدليل حالت ڏسي سندس ڀيڻ ۽ ڀيڻويي پنهنجون اکيون مٿي کنيون، سندن اکين ۾ هڪ جُوت آئي ۽ سندن ڏکويل ۽ پريشان چهرن تي اڻ لکي خوشي نکرڻ لڳي. سندس ڀيڻ فاَطمه بنت خطاب قرآن پاڪ جي سورت طھ کڻي عمر بن خطاب کي ڏني.
چيائين:
هي پاڪ ڪلام آهي. جيڪو دلين کي ڇُهي ٿو، لڳي ٿو ته تنهنجي مَن تان ڪاراٺ لهي رهي آهي. هي پڙھ! تنهنجي اندر ۾ روشني ٿي ويندي. هي ڪلام ناپاڪ ارادن کان پاڪ ڪري ٿو. سيدنا عمر قرآن پڙهڻ شروع ڪيو. جيئن جيئن هو قرآن جون آسماني آيتون پڙهندو ويو، تيئن سندس بدن رڦڻ لڳو. قرآن جو هڪ هڪ لفظ سندس روح ۾ جذب ٿيڻ لڳو. زبان جي فصاحت، بيان جي ندرت، معنويت جي بلندي، جامعيت ۽ آسماني انداز تخاطب، سنئون سڌو روح ۾ لهي رهيو هو. پاڻ جڏهن هن آيت تي پهتو:
’آءٌ ئي معبود برحق آهيان.
مون کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي.
تنهن ڪري منهنجي عبادت ڪندا وڃو.
۽ منهنجي ياد جي لاءِ نماز قائم ڪريو.‘
ته سيدنا عمررضه جي اکين مان لڙڪ ڳڙڻ لڳا. بي اختيار سندس زبان مان نڪتو : ڪيڏو نه پاڪيزه ڪلام آهي. بيشڪ اهوئي واحد يڪتا عبادت جي لائق آهي ۽ ٻيو ڪوبه نه.
سيدنا عمر جي زبان مان اهي لفظ نڪتا ته ڀيڻس فاطمه بنت خطاب پنهنجو رت هاڻون چهرو مٿي کنيو، ۽ گلاب جيان ٽڙي پنهنجي ڀاءُ سان محبت ۾ ڀاڪرين پئجي ويئي. سيدنا عمر جو ڀيڻويو به محبت ۽ احترام ۾ روئندو اچي سيدنا عمر کي ڀاڪرين پيو، کٽ جي هيٺان لڪيل سيدنا خباب بن الارت به مرڪندي نڪري آيو. سڀ خوشيءَ ۾ ٻڙڪندڙ کير وانگر اُڇلجي رهيا هئا. سندن نس نس الله اڪبر جا نعرا هڻي هئي.
خباب بن الارت چيو: عمر توکي بشارت هُجي.
مُبارڪ هجي.
آقا ﷺ جي تنهنجي حق ۾ دعا قبول ٿي ويئي.
سيدنا عمر جيڪو ڪجهه گهڙين اڳ جهڙي نموني هڪ ناڪاري ارادي جي انتها تي هو، اُن گهڙيءَ جي خوشنصيبي ڏسو ته هو پاڪيزگي ۽ پاڻ ارپڻ جي انتها تي اچي ويو: چيائين مونکي هينئر ئي آقاﷺ جي خدمت ۾ وٺي هلو.
هيڏانهن نعيم ڊوڙندو داراقم ۾ آقاﷺ وٽ پهتو ۽ خبر ڏنائين ته عمر بن خطاب خراب ارادي سان تلوار کڻي هيڏانهن اچڻ جي لاءِ نڪتو هو، مون وقتي طور تي کيس پنهنجي ڀيڻ طرف موڪليو آهي. ڪٿي ٻيهر نه هيڏانهن هليو اچي.
ايئن ئي ٿيو.
ٿوري دير کانپوءِ داراقم جو دروازو کڙڪيو.
هن ڀيري دروازي تي کڙڪو جهڪيل ڪنڌ وانگر هو.
گهر جي اندر موجود ماڻهن دروازي جي جَهروڪن مان ڏٺو ته عمر گلي ۾ تلوار لڙڪائي بيٺو هو، ته سمجهائون ته شايد عمر ساڳئي خراب ارادي سان آيو آهي. پر هوڏانهن ڪايا پلٽجي چڪي هئي. ڪجهه گهڙيون اڳ جيڪو ڏيئو وسائڻ لاءِ مينهن واھ بنجي نڪتو هو، اِهو هاڻ اُن ئي چراغ جو پروانو بنجي جهڪيو بيٺو هو.
گهر جي اندر مسلمانن پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪيو.
ڇا ڪجي؟
انهن مسلمانن ۾ رستم قريش سيدنا حمزهرضه به هو، جنهن چيو: عمر جيڪڏهن چڱي ارادي سان آيو آهي ته ٺيڪ، نه ته هن ئي تلوار سان ٻه ٽڪر ڪندو سانس.
وڃو، دروازو کوليو.
دروازو کلي ٿو.
چائنٺ تي عمر بن خطاب ڪنڌ جهڪائي، نور جي شمع تي سَڙي مرندڙ پتنگن جيان نوڙت سان بيٺو هو. ههڙي سگهاري قد بُت واري همراھ کي پنهنجو پاڻ کي ايئن نوڙت سان ديوانگيءَ جي حالت ۾ آقا ﷺ جي اڳيان پاڻ کي پيش ڪرڻ جو طريقو اڃا سکڻون هو.
سيکارڻو به ته آقا ﷺ کي ئي هو.
ٻن همراھن عمر کي ڪلهن مان جهلي آقا ﷺ جي سامهون آڻي بيهاريو.
آقاﷺ فرمايو: هن کي ڇڏي ڏيو.
شمع پنهنجي پرواني جي اُڏار ڏسي چڪي هئي.
دنياوي اقرار جي لاءِ وات کولرائڻو هو.
آقاﷺ عمر جو ڪڙتو جهلي پاڻ ڏانهن ڇڪيو ۽ فرمايو:
خطاب جا پُٽ اسلام قبول ڪر.
سيدنا عمر بن خطاب جي جسم جي رونءَ رونءَ کان آواز اچڻ لڳو،
اشهد ان لاالھ الله اشهد ان محمد رسول الله
آءٌ شاهدي ڏيان ٿو ته ڪو ٻيو معبود ڪونهي سواءِ الله جي ۽ اوهين محمدﷺ الله جا رسول آهيو.
چون ٿا: سيدنا عمر بن خطاب جي زبان مان اهي لفظ ٻڌي آقا ﷺ جذبات ۾ اچي زور سان نعرو هنيو.
الله اڪبر!
پوءِ هر مسلمان الله اڪبر جو نعرو هنيو.
صفا وٽ دارارقم ۾ هنيل اِهي الله اڪبر جا نعرا ايترا ته بلند، باوقار ۽ اوچا هئا، جو ٻه سئو وال پَرتي خدا جي گهر ۾ بُتن جون ٽنگون ڪنبڻ لڳيون ۽ انهن بتن جي چوڌاري ويٺل قريشي بدخواهن جي هٿن جو سَت ڇڏائجي ويو.
ان ڏينهن سيدنا عمر، آقا ﷺ کي التجا ڪئي ته آقا ﷺ جڏهن اسين حق ۽ سچ تي آهيون ته پوءِ ڪنهن کان ڇو گهٻرايون. اڄ شام جو اسين نماز گڏجي حرم ڪعبه ۽ پڙهنداسين- چون ٿا ته ان وقت تائين اوڻيتاليهه ڄڻا مسلمان ٿي چڪا هئا ۽ حضرت عمر چاليهون مسلمان هو. مسلمانن جون ٻه قطارون ٺاهيون ويون. هڪڙي قطار جي اڳيان رستم قريش سيدنا امير حمزهرضه هو. ٻي قطار جي اڳيان سيدنا عمر بن خطاب. وچ ۾ آقا ﷺ شمع رسالت. پروانن جي ڪعبي جي اڱڻ ۾ پڙهيل اها پهرين نماز هئي، سيدنا عمر بن خطاب جي جبل جيڏي شخصيت ۾ ايترو اجالو ٿي ويو هو، ايترو انقلاب اچي چڪو هو، جو هن جي دل ۾ آيو ته اها خبر ترت مڪي جي ٻَچي ٻَچي کي پئجي وڃي. ڪنهن سان صلاح ڪيائين. هڪ همراھ صلاح ڏنيس ته جميل بن معمر جمعي جي پيٽ ۾ ڪا ڳالهه اصل نه ٽِڪندي آهي ۽ هو ڀير تي ڏونڪو هڻي سڄي ملڪ کي کڻي ٻڌائيندو آهي. سيدنا عمر وٽس ويو ۽ کيس چيائين جميل توکي خبر آهي ته ڇا ٿيو آهي؟
هن حيران ٿي اکيون ڦاڙي چيو: ڇا؟
سيدنا عمر چيو: آءٌ محمد ﷺ جي دين تي ايمان آڻي چڪو آهيان. جميل جو رڳو ايترو ٻڌڻ ۽ پوءِ پنهنجي چادر ڇڪي وٺي ڪعبي ڏانهن ڀڳو. سيدنا عمر سندس پويان پويان، هو چوندو ويو.
ماڻهو!
ٻُڌو! عمر بن خطاب بي دين ٿي ويو آهي.
سيدنا، سندس پويان مرڪندو، چوندو ويو، ڪوڙو آهي، آءٌ بي دين نه ٿيو آهيان، پر دين کي مڃڻ وارو بنجي ويو آهيان. مسلمان ٿي ويو آهيان.
جميل ماڻهن کي ڀڙڪائي ڇڏيو.
حرم جي ڀرپاسي ويٺل قريشي اُٿي سيدنا عمر طرف ڊوڙيا. جن زبان سان گهٽ وڌ ڳالهائڻ شروع ڪيو، ڪن وري اڳتي وڌي سيدنا عمر کي ڌڪ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سيدنا عمر کين ڌڪيندو اڳتي وڌندو رهيو. ايتري ۾ هڪ ريشمي قبا پاتل ڪراڙو آيو ۽ چيائين:
ڇا تي گوڙ ڪيو اٿوَ... پَري ٿيو.
هُنن چيو: عمر بي دين ٿي ويو آهي.
هو چوڻ لڳو: اُن ۾ اوهان جو ڇا وڃي. هُن کي پنهنجي لاءِ جيڪو سُٺو لڳو، سو پسند ڪيائين، باقي اوهين عمر تي هٿ ڇو ٿا کڻو؟ ڇا اوهين اهو وساري ٿا ڇڏيو ته عمر جي قوم بنو عدي اوهان کي ڇڏي ڏيندي.
اهو ڪراڙو عاق بن وائل هو. هُن جي ڳالهه ٻڌي سڀ پٺتي هٽيا ۽ ڪڪرن وانگر ڇڙ وڇڙ ٿي ويا.
پوءِ سيدنا عمررضه کي خيال آيو ته اها خبر ٻُڌي جنهن کي سڀني کان وڌيڪ تڪليف ٿيڻي آهي، اُن کي ته ٻڌايان. کيس فيصلو ڪرڻ ۾ ويرم ئي نه لڳي. هڪدم وڃي پنهنجي مامي ابوجهل جو دروازو کڙڪايائين. اندران ابوجهل ڊوڙندو ٻاهر نڪتو ۽ چَهڪي چيائين: ڀاڻيجا! ڪا سٺي خبر آندي اٿئي. شايد سندس ڪنن ۾ اها ڀُڻڪ پئجي ويئي هئي ته ان ڏينهن عمر بن خطاب ڪهڙي خراب ارادي سان گهران نڪتو هو. ابو جهل جي چهري تي ڪنهن وڏي خوشخبري ٻڌڻ جي آس هئي. چيائين: ها ٻڌائي-
سيدنا عمر چيو:
ماما! توکي اهو ٻڌائڻ آيو آهيان ته اڳتي منهنجي آقا ﷺ کي تنگ متان ڪرينءَ، مون به محمد ﷺ جي دين تي ايمان آندو آهي، کيس پنهنجو آقا ﷺ مڃي چڪو آهيان.
ابوجهل جو ٻُوٿ ڦِٽي ويو.
ايئن لڳو ڄڻ سندس روح ۾ ڌماڪو ٿي ويو هُجي.
هو اندران فنا ٿي ويو.
مُنهن جو رنگ ڪارو ٿي ويس.
وات مان بدشد ڳالهائيندو، اُبتن پيرن پنهنجي گهرجي اندر ڀڳو ۽ زور سان دروازو بند ڪري ڇڏيائين.ٺڙاڪ...

سيدنا طفيل دوسيرضه

سيدنا طفيل دوسيرضه

حج وارن ڏينهن ۾ قريشي سردار پنهنجن ماڻهن کي مڪي ڏانهن ايندڙ سڀني رستن تي ويهاري ڇڏيندا هئا ۽ کين ڊيڄاريندا هئا ته اسانجي شهر ۾ هڪ جادوگر آهي، جيڪو پيءُ کي پُٽ کان ۽ ڀاءُ کي ڀاءُ کان ٽوڙي ڇڏي ٿو، ان جون ڳالهيون متان سُڻجو، هو پاڻ کي خدا جو رسول چوي ٿو، انهن جي ڳالهين ۾ اڪثر زائرين اچي ويندا هئا.
آقا ﷺ جي ويجهو به نه ايندا هئا.
اُن سال، 11 نبويءَ تي زائرين ۾ هڪ وڏي قبيلي دوس جو سردار طفيل به آيو- دوس قبيلو ’اذوڪي قبيلن‘جي هڪ شاخ هو، جنهن جو لاڳاپو قحطانين سان هو، جيڪي اُن حوالي سان يثرب ۾ آباد اوس ۽ خزرج جا پراڻا رشتيدار هئا. قبيلي جو هنڌ طائف کان يمن ويندڙ رستي تي مڪي کان ٽي سئو ميل پري هو. لڳ ڀڳ اتر ۾ مڪي کان ايتروئي يثرب پري هو. اڄ ڪلهه جتي شهر ’ابها‘ آهي عسير صوبي ۾، اهو قبيلو اُن وقت اتي آباد هو.
طفيل دوسي نه رڳو قبيلي جو رئيس هو، پر پنهنجي وقت جو مڃيل ڏاهو، سمجهو، دانشور شخص ۽ شاعر هو. کيس علم و سُخنن جي سڀني پاسن جي ڄاڻ هئي. پنهنجي قد ڪاٺ ۾ ڊگهو، سگهارو، جوان ۽ ڏيا وارو همراھ هو. پنهنجي قبيلي ۾ وٽس مضبوط دفاعي قلعو هو ۽ جيڪو عربستان جي شايد ئي ڪنهن ٻي رئيس وٽ هو.
شايد ان ڪري قريشي سردارن کيس گهڻو ڊيڄاريو. هن ڊپ سبب ڪنن ۾ ڪپھه وجهي ڇڏيو. اتفاق سان هو حرم شريف ۾ آقا ﷺ جي ڀرسان ئي بيٺو هو ته کيس ڪپھه پيل ڪنن سان به آقا ﷺ پاران پڙهجندڙ قرآن جا لفظ ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳا. جيڪي لفظ سندس ڪنن ۾ پيا، انهن سان سندس ذهنن ۾ هلچل مچي ويئي.
هن پاڻ کي دل ۾ بُرو ڀلو چيو ۽ ڪنن مان ڪپھه ڪڍي ۽ ڌيان سان ٻڌڻ لڳو.
آقا ﷺ تلاوت ختم ڪئي ۽ پنهنجي گهر روانا ٿيا.
طفيل دوسيءَ جي ڪايا پلٽجي چڪي هئي.
ڪچي ڌاڳي وانگر ٻَڌجي، پويان روانو ٿيو
خذمت ۾ حاضر ٿيو
سڄي ڳالهه ٻڌايائين ۽ قرآن ٻُڌڻ جي خواهش ظاهر ڪيائين.
آقا ﷺ چارئي قل ٻڌايس.
هو تڙپي پيو.
پاڻ به خوش ڪلام هو
سمجهي ورتائين ته هي آسماني ڪلام آهي.
هٿ کڻي اقرار ڪيائين
لاالھ الله محمد رسول الله
آقا ﷺ کي سيدنا طفيل دوسي اها دعوت به ڏني ته اوهان منهنجي قبيلي ۾ هلو. مون وٽ سگهارو قلعو آهي، اوهانجي حفاظت ڪرڻ منهنجي لاءِ سعادت هوندي. آقا ﷺ جي دل ته يثرب کي ’مدينه الرسول‘بنائڻ جو سوچي ويٺي هئي، کيس سندس آڇ تي بَرڪت جي دعا ڏنائين.
موڪلائڻ مهل سيدنا طفيل دوسي هڪ عرض ڪيو ته آقا ﷺ منهنجي قوم وهمي آهي، ذوالشريٰ بُت جي پوڄا ڪري ٿي، مونکي ڪا اهڙي نشاني ملي جنهن سان منهنجي قوم مرعوب ٿئي.
آقا ﷺ دعا ڪئي.
پنهنجي قبيلي واري هنڌ تي موجود جبل تان لٿو ته آقا ﷺ جي دعا قبول ٿي ويئي.
نشاني ملي ويئي.
نشاني به عجيب هئي.
ٻنهي اکين جي وچ ۾ چهري تي ميڻ بتيءَ جي شعلي وانگر هڪ روشن ٽين اک، جنهن سان اونداهون رستو روشن ٿي ويو.
خوش ٿيو.
پوءِ گهٻرائجي ويو.
ماڻهو ايئن نه سمجهن ته چهرو بگڙي ويو آهي.
مسخ ٿي ويو آهي.
اُتي پري ئي دوس جي جبل تان لهندي عرض ڪيو: آقا ﷺ خدا کي چئي هيءَ روشني ڪنهن ٻي هنڌ منتقل ڪرايو.
اها دعا قبول ٿي.
اهو نور نرڙ تان لهي هٿ ۾ جهليل لٺ جي مُٺئي ۾ اچي ويو.
اونداهيءَ ۾ گهر پهتو ته سڄو گهر سُهائو ٿي ويو
صبح ٿيڻ کان اڳ ئي پنهنجي پيءُ، زال ۽ ويجهن مٽن مائٽن کي نئين ڪامل دين تي قائل ڪري ورتائين.
قبيلي وارا ٿورو هَٻڪيا.
هڪ ڀيرو ٻيهر مڪي آيو.
آقا ﷺ سان پنهنجي قبيلي جي شڪايت ڪيائين ۽ تقاضا ڪيائين ته انهن جي لاءِ به دعا گهرو.
آقا ﷺ مُرڪي هٿ مٿي کنيا ۽ سندس قبيلي جي حق ۾ دعا گهريائين ۽ فرمايائين ته ساڻن نرمي ۽ محبت سان پيش اچ.
هُن پوءِ ايئن ئي ڪيو.
قبيلو مسلمان ٿيڻ لڳو.
مديني ۾ آقاﷺ جي هجرت کانپوءِ 7ھجريءَ ۾ غزوه خيبر جي موقعي تي پاڻ پنهنجي قبيلي جي ستر ماڻهن جو جٿو وٺي آيو.
مڪي جي فتح کانپوءِ آقاﷺ کي عرض ڪيائين ته آءٌ جنهن بُت خدا سمجهي پوڄيندوآيو هئس. ان بُت ذوالشريٰ، ذوالڪفين کي مونکي پنهنجي هٿن سان ساڙڻ جي موڪل ڏيو.
موڪل ملي ويئي.
بُت کي پنهنجي هٿن سان ساڙيائين.
ساڙيندو به ويو ۽ پنهنجو لکيل شعر به پڙهندو ويو.
”اي ذو الڪفين! آءٌ تنهنجي پوڄا ڪندڙن مان نه آهيان.
ڇو ته منهنجي پئدائش توکان مٿانهين آهي.
مون تنهنجي اندر باھ ڀري ڇڏي آهي، هاڻ پيو سڙ.“
پنهنجي خدا کي باھ جي اُلن ۾ سڙندي ڏسي، قبيلي جي ٻين ماڻهن کي به اُن بت جي عبادت ۾ گذاريل پنهنجي زندگي تي ڦڪا ئي ٿيڻ لڳي ۽ توبه ڪري مسلمان ٿي ويا.

حبشه ڏانهن هجرت

حبشه ڏانهن هجرت

پهريون ڀيرو جيڪي ٻارهن مرد ۽ پنج زائفائون حبشه ڏانهن هجرت ڪري ويا هئا. سي هڪ غلط فهميءَ جي ڪري ٽن مهينن کانپوءِ موٽي آيا. کين اها غلط خبر ملي ته مسلمانن ۽ قريشن ۾ ٺاھ ٿي ويو آهي. هو کل خوشيءَ مان واپس مڪي وريا. ويجهو پهتا ته پتو پيو ته اِها ته دشمن جي ٽُل هئي. اُلٽو قريشن سختي وڌائي ڇڏي آهي. ڪي تڙ تڪڙ ۾ واپس حبشه موٽي ويا. ڪي وري ٻيهر مڪي ۾ تڪليفون سهڻ جي لاءِ موٽي آيا. حبشه ۾ اِهي ايندڙ پراڻا ڏينهن ياد ڪندا هئا. اتي موسم به سٺي هئي، ساوڪ به هئي ۽ اتي قبائليت وارو اڻ گهڙيل عصبيتي نظام وارو ماحول به نه هو.
اُن زماني ۾ حبشه هڪ تهذيب يافته رياست هئي.
اُتي دنيا جي ترقي يافته عالمي طاقتن روم ۽ ايران جهڙو ترقي يافته نظام هو. بظاهر ته حبشه روم جي سلطنت جي ڏن ڀُرو ۽ وفادار عيسائي رياست هئي، پر رياست گهڻي حد تائين آزاد ۽ مڪمل هئي. اُتي حڪومت هلائڻ جو باقاعده چرخو هو. بادشاھ هو، وزارتون ۽ صلاحڪار هئا، عدالتون هيون، حڪومتي ادارا هئا. محصول اوڳاڙڻ جو نظام هو. ماڻهن جي ڀلائي حڪومتي ذميداري هئي، بادشاھ جو درٻار هال هو. هن جو رهائشي محل هو، شهر ۽ ملڪ جي چڱن مڙسن ۽ معززين جي راءِ ٻڌڻ جي لاءِ هڪ پارليامينٽ جهڙي شوريٰ هئي. سَهپ هئي، تنگ نظري نه هئي. امن، خوشحالي هئي، ڪاروبار هو.
جيڪي ماڻهو اُتي ٽي مهينا ٽِڪي آيا هئا، سي هاڻ مڪي اچڻ تي پڇتائي رهيا هئا. مڪي ۾ مسلمانن جا اهي ئي ازلي ويري ابوجهل، ابو سفيان بن حرب، اميه بن خلف، عتبه، شيب، ابولهب، عاص بن وائل، وليد بن مغيره ۽ عتبه بن ابي معيط هئا ۽ انهن جون اهي ئي فتني خوريون، شرارتون، ظلم، بدڪلامي ۽ بدنيتي هئي. مسلمانن جي عزت نفس ليڙون ليڙون هئي. انهن جو ڪاروبار تباھ ٿي ويو هو ۽ رات ڏينهن جي مصيبت.
اهڙين حالتن ۾ آقاﷺ مسلمانن کي ٻيهر مڪي کان امن طرف هليو وڃڻ جي موڪل ڏيئي ڇڏي، ان وقت اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مسلمان حبشه طرف روانا ٿيا. انهن جو تعداد هڪ سئو هو. ٽياسي مرد ۽ تيرهن زائفائون هيون، انهن ۾ گهڻائي مڪي جي چڱن شريف ماڻهن جي هئي. مڪي جي معزز ۽ امير گهراڻن جا اڪثر مسلمان اهڙا هئا، جيڪي پنهنجن پنهنجن قبيلن ۾ محفوظ هئا. جهڙوڪ: سيدنا عثمان عفان ۽ سندس زوجه صاحبزادي رسول سيده رقيه، سيدنا جعفر بن ابي طالب ۽ سندس گهر واري اسماء- سيدنا ابو طالب جو تحفظ ته سڀني بنو هاشم ۽ بنو مطلب وارن لاءِ هو. سيدنا جعفر جو ته مڪي ۾ ڪير وار به ونگو ڪري نٿي سگهيو. سيدنا ابوطالب هڪ سگهارو سردار هو. سندس پناھ ۾ ته ابو جهل جي قبيلي بنو مخزوم جا به ڪيترائي مسلمان اچي چڪا هئا. رشتي ۾ هو سيدنا ابو طالب جا ڀائيٽا هئا. هُنن ابوجهل جي شرارتن کان تنگ ٿي سيدنا ابو طالب کان پناھ گهري هئي، جيڪا هُن کين ڏني.
اها ڳالهه ابو جهل کي گهڻي خراب لڳي.
هن ڏاڍو هُل ڪيو، پر اهو سڀ ڪجهه مڪي جي قبيلن جي طئي ٿيل اصولن جي ڳالهه هئي. جنهن موجب ڪنهن قبيلي جو سردار پناھ گهرندڙ ڪنهن به قبيلي جي فرد کي پناھ ڏيئي سگهيو ٿي. جنهن کي پناھ ملي ويئي. پوءِ سندس دشمن ڀَلي ڪير به هجي، کيس هٿ نٿي لڳائي سگهيو. جيڪڏهن ساڻس ڪنهن کؤنس ٿي ڪئي ته کيس قبيلن سان خوني لڙائيءَ کي منهن ڏيڻون پوندو هو. بنو مطلب ۽ بنو هاشم هڪ جسم، ٻه جان هئا. سيدنا ابو طالب ٻنهي قبيلن جو سردار هو. سندس هڪي اشاري تي قبيلن جي وچ ۾ جنگاڻ شروع ٿي وڃي ها. تنهنڪري ڪيترن ئي اهڙن قبيلن جا مسلمان، جيڪي پنهنجن قبيلن ۾ رهندا هئا، پر پنهنجن وڏن کان ڏکويل هئا، تن کي سيدنا ابو طالب پناھ ڏني هئي. مڪي ۾ بظاهر بدنيت دشمنن کي شريف مسلمانن تي هٿ کڻڻ جي سرعام همت نه پي ٿي، پر هُنن مسلمانن جي ڪاروباري ڌنڌي کي وڏو ڌڪ هنيو هو.
هو مسلمانن سان ڏيتي ليتيءَ جي معاملي ۾ هر رواداريءَ کان پري هئا.
بهرحال هيڏي وڏي انگ ۾، هيترن معزز گهراڻن جي گُڻائتن نوجوانن کي پري حبشه موڪلڻ ۾ آقاﷺ جي دورانديشي ۽ نتيجن جي حوالي سان حڪمت جو گمان ٿئي ٿو. خاص طور تي جڏهن مديني ۾ اسلامي مملڪت جي قيام کانپوءِ انهن حبشه موڪليل نوجوانن مان گهڻن کي بين الاقوامي سفارت، آئيني مشاورت کانسواءِ رياست جي مختلف ادارن جي نئين سر جوڙ جڪ جي لاءِ چونڊيو ويو.
ايئن ٿو لڳي ته حبشه موڪليل هڪ سئو ماڻهن کي تربيتي ڪورس لاءِ موڪليو ويو هو، جن اڳتي هلي مديني ۾ قائم ٿيندڙ پهرين اسلامي مملڪت ۾ رياستي مامرن ۽ رياست جي دنيا جي ٻين مملڪتن سان لاڳاپن قائم ڪرائڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪرڻو هو.
بنو عبدالدار، جيڪو قريشن ۾ علم بردار معزز قبيلو هو، ان قبيلي جو خوبرو پنجويهن سالن جو جوان، ڊگهن ريشمي وارن وارو مُصيب بن عمير حبشه ۾ وقت گذارڻ کانپوءِ مديني ۾ قائم ٿيندڙ رياست کان پهرين تعليم ۽ بين الاقوامي ڊپلوميسيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو نظر ٿو اچي. سيده صفيه جو پٽ زبير بن عوا به حبشه ۾ رهي سلطنت جي معاملن جو راز دان ٿيو. سيدنا جعفر بن ابو طالب ته مسلمانن جو سڀني کان وڌيڪ ڪامياب سفير مڃيو ويو، جنهن حبشه ۾ مسلمانن جو ڪيس وڏي مهارت سان وڙهيو ۽ کٽيو. ٿيو هيئن جو مسلمان ننڍين ننڍين ٽولين ۾ لِڪندي اُٺن تي ۽ پنڌ سمنڊ جي ڪناري تي پهتا، پوءِ اُتان ٻيڙِين تي چڙهي ڳاڙهو سمنڊ اڪري حبشه ۾ وڃي لٿا. هو مڪي کان سٺ ڪلو ميٽر پري شعيبه جي بندرگاھ تان چڙهيا ته جبشه جي ساحل تي مصوع نالي بندرگاھ تي وڃي لٿا. اتان کان حبشه جي گادي جو هنڌ ’اڪسم‘گهڻو پري ڪونهي. مصوع هينئر اريٽيريا جو بندرگاھ آهي، جيڪو مسلمانن جي اڪثريت وارو ملڪ آهي، جنهن تي اڻويهين صديءَ ۾ اٽلي قبضو ڪري ورتو. ٻي جنگ عظيم کانپوءِ اهو ايٿوپيا جي حوالي ڪيو ويو. 1962کان 1993 تائين اهو ايٿوپيا جي قبضي ۾ رهيو. 1993 ۾ کيس آزادي ملي. مسلمانن جو قافلو مصوع بندرگاھ کان سوا ٻن سئو ڪلوميٽرن جو پنڌ ڪري حبشه جي قديم گادي جي هنڌ ’اڪسم‘ پهتو. اڪسوم ۾ نجاشي جي دربار هئي. نجاشي حبشي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي بادشاھ پهرين صدي عيسوي کان ٻارهين صدي عيسويءَ تائين اتي جو هر بادشاھ نجاشي سڏبو هو. جنهن وقت مسلمانن جا هڪ سئو هڪ ماڻهو هجرت ڪري حبشه پهتا ته ان وقت جي نجاشي جو اصل نالو ’اصحمه ‘هو. هو نيڪ، صالح، صلح پسند ۽ انصاف پسند بادشاھ هو.
مڪي دشمنن کي گهڻي تڪليف پهتي ته مسلمان هيڏي وڏي انگ ۾ سندن ظلم جي ڄار مان نڪري حبشه پهچي ويا آهن. ابو سفيان بن حرب، ابوجهل ۽ ٻيا قريشي اڪابر ’دارلندوه‘ ۾ ڪٺا ٿيا. اهو آقاﷺ ۽ مسلمانن جي خلاف هر گهٽيا سازش ڪرڻ جو هنڌ رهيو هو. سڀ بدنيت همراھ مَٿو مٿي سان ڏيئي ويٺا ۽ پوءِ هُنن فيصلو ڪيو ته وفد حبشه موڪليو وڃي. حبشه جي اميرن ۽ رئيسن کي سوکڙيون پاکڙيون موڪلي، کين ان ڳالهه تي راضي ڪجي ۽ مسلمانن کي حبشه مان ڪڍي مڪي آندو وڃي. اُن مقصد جي لاءِ هنن مڪي جي ٻن عيار ۽ چالاڪ همراھن جي چونڊ ڪئي.
هڪ عمرو بن العاص، جيڪو عاص بن وائل جو پُٽ هو.
ٻيو ابوجهل جي قبيلي جو عبدالله بن ابي ربيعه جيڪو هڪ حوالي سان آقاﷺ جو پُڦاٽ به هو.
ٻيئي ڄڻا حبشه جي شهر’اڪسوم‘ پهتا. نجاشي ۽ سندس وزيرن، اميرن کي پرچائڻ لاءِ تحفي طور هڪ عربي گهوڙو، چمڙي جا نفيس ٽڪرا ۽ نجاشيءَ جي لاءِ ديباح جو ملهائتو جُبو پاڻ سان گڏ کڻي ويا.
ايندي ئي هنن ساز باز شروع ڪري ڏني.
هنن جو واپار جي سلسلي ۾ اڳ ئي اتي وڃڻ ٿيندو رهندو هو. هنن جي جن سان به واقفيت هئي، تن جي ذريعي وڏن آفيسرن ۽ وزيرن تائين رسائي حاصل ڪيائون. کين اهو باور ڪرايائون ته اسانجي شهر جا ڪجهه ڀٽڪي ويل، ڏوهاري، ڀاڄو ڪڙ باغي هتي اچي لڪا آهن، اسين کين وٺڻ آيا آهيون، کين حبشه مان تڙي ڇڏيو. آفيسرن رشوت وٺي مسلمانن کي گهرايو ۽ سڀني کي کڻي زنجيرن ۾ ٻڌو ۽ نجاشي کي اطلاع ڏنائون.
نجاشي هڪ نيڪ ۽ عادل بادشاھ هو.
کيس خبر هئي ته الزام جي صورت ۾ جوابدار کي صفائي ڏيڻ جو حق حاصل هوندو آهي. هن چٽن لفظن ۾ چئي ڇڏين ته اوهانجي ڀاڄو ڪڙن جي راءِ ٻڌڻ کانسواءِ ڪوبه فيصلو نه ڪندس. ٻي ڏينهن سڀني کي نجاشيءَ پنهنجي درٻار ۾ گهرايو. پنهنجا وزير، امير گهرايا ۽ مڪي مان جيڪي قريشن جا عيار سفير پهتا هئا، اهي به بيهاريا ويا. هڪ سئو هڪ مسلمان مرد ۽ زائفائون به گهرايا ويا. قريشن جي بدنيت سفير عمرو بن العاص اهي ئي الزام ورجايا ۽ گذارش ڪئي ته کين ملڪ مان تڙي ڪڍيو وڃي. مسلمانن کي حبشه جي عملدارن رشوت کائي قيدين وانگر ٻڌي کڻي بيهاريو هو. هنن جي هٿن ۾ هٿ ڪڙيون ۽ پيرن ۾ ٻيڙيون هيون. هو سڀ درٻار ۾ بيٺا هئا. عمرو بن العاص جا الزام سُڻڻ کانپوءِ نجاشيءَ مسلمانن کي مخاطب ٿيو ته اوهين پنهنجي صفائيءَ ۾ ڇا ٿا چوڻ گهرو.
سيدنا حضرت جعفر بن ابو طالب پنهنجي ڳالهه شروع ڪئي.
پهرين هن چيو:
بادشاھ آءٌ پنهنجو بيان ڏيڻ کان اڳ قريش جي عمرو بن عاص کان ٽي سوال پڇڻ ٿو گهران.
نجاشيءَ هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي چيو: هائو ڀلي پُڇ؟
سيدنا جعفر چيو: بادشاھ! هنن کان پُڇو ته اسان مان ڪو ڪنهن جو غلام آهي، جيڪو پنهنجي مالڪ سان دوکو ڪري ڀڳو آهي؟
نجاشي عمرو بن عاص ڏانهن ڏنو.
عمرو بن عاص ناڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ چيو: نه.
سيدنا جعفر چيو: بادشاھ هُن کان منهنجو ٻيو سوال اهو آهي ته اسان مان ڪير ڪنهن جو خون ڪري يا ڪنهن کي زخمي ڪري آيو آهي؟
عمرو بن عاص چيو: نه
درٻار ۾ درٻارين جي قطارن ۾ شهر جي مَکين جهڙي چُڻ ڀُڻ ٿيڻ لڳي.
سيدنا جعفر ٽيون سوال پڇيو: بادشاھ هن کان پُڇو ته اسان مان ڪنهن ڪا چوري ڪئي آهي، يا ڪنهن جو مال لٽيو آهي يا ڪنهن کي ڪو مالي نقصان رسايو آهي؟
درٻار جي ماڻهن جا ڪن جواب ٻڌڻ جي لاءِ اُڀا ٿي ويا. بادشاھ به مُرڪي عمرو بن عاص جي خاموش سوچيندڙ چهري کي ڏسي اکين جا ڀڃڻ مٿي کڻي اشارو ڪرڻ لڳو.
چئو؟
عمرو بن عاص چيو: نه.
درٻارين جي ميڙ ۾ ماڻهن جي چهرن تي اهڙو تاثر اُڀريو ڄڻ سيدنا جعفر پنهنجو دفاع مڪمل ڪري ورتو هجي، پر سيدنا جعفر ته اڃا به ڳالهائڻ جي لاءِ تيار ٿي رهيو هو، نيٺ هن پنهنجي جذبن تي قابو پائي چوڻ لڳو:
’اي عادل بادشاھ!
اسين دنيا جي جاهل قوم هئاسين، بُتن کي پُوڄيندا هئاسين، مردار کائيندا هئاسين، اسان ۾ حلال ۽ حرام جي تميز نه هئي،‘ حرام کي اسان حلال ڪري رکيو هو، اسان وٽ انسانيت جي ڪنهن به قدر جي اهميت نه هئي، اسين بي رحمي ڪندا هئاسون، پاڙيسرين جا حق کائيندا هئاسين، والدين جي عزت نه ڪندا هئاسين. اسان وٽ انساني خون ۽ حُرمت جي سُڃاڻپ نه هئي، اسين اَنا خاطر جيئندا، مرندا هئاسين ۽ ماريندا هُئاسين. اسان جو ڏاڍو هيڻي کي اُڀرڻ نه ڏيندو هو، اسان جي قبيلن ۾ انساني رواداي، مساوت ۽ برابري جو ڪوبه اصول نه هو، ڪا به اهڙي بڇڙائي نه هئي، جيڪا اسان ۾ نه هئي. اهڙي حالت ۾ خدا جي رحمت نازل ٿي ۽ خدا اسان وٽ هڪ سچي ۽ امين هستيءَ کي رسول ڪري موڪليو. هن جو حسب نسب اعليٰ، شرافت، سخاوت، ايمانداري، درگذر، پاڪائي ۽ پرهيزگاريءَ کان اسين چاليهن سالن کان واقف هئاسين، هُن رسول اسان کي بي شمار بُتن ديوتائن ۽ ديوين جي پوڄا ڪرڻ جي بدران فقط هڪ خدا جي عبادت جو حڪم ڏنو، صرف ان خدا جي جنهن اڪيلي هن ڪائنات جي جوڙ جوڙي، اُن رسول کي اسان پنهنجو آقا بنايو، اسانجي آقا اسان کي حڪم ڏنو ته سدائين سچ ڳالهايو، گلا نه ڪريو، رشوت ڏيو نه وٺو، يتيم جو مال نه کائو، وعدو ڪريو ته پاڙيو، حرام نه کائو، تور ۾ گهٽتائي نه ڪريو، جيڪو ڪمايو، ان ۾ مٽن مائٽن مسافرن بيواهن، مجبورن ۽ مسڪينن جو حصو رکو. هن اسان کي ٻڌايو ته اسان جي ڪمائي ۾ پهريون حصو اسانجي والدين جو آهي، جن اسان کي پاليو آهي، آقاﷺ اسانکي تهمت هڻڻ کان منع ڪئي آهي، هن اسان کي ٻڌايو ته انسان مٽيءَ مان ٺهيو آهي ۽ سڀ انسان برابر آهن، ڪنهن ڳوري کي ڪاري تي ، ڪنهن عربيءَ کي عجميءَ تي فوقيت ڪونهي. وڏائي صرف خدا جي لاءِ آهي ۽ انسانن ۾ معزز اُهو آهي، جنهن جا عمل سٺا آهن. آقاﷺ اسانکي حڪم ڏنو آهي ته جيڪو پاڻ کائو، اُهوئي پنهنجي غلام کي کارايو، جيڪو پاڻ پهرين اهو پنهنجي غلام کي اوڍايو. آقاﷺ اسان کي اسراف کان منع ڪئي، پر مهمان جي ميزبانيءَ ۾ اها حد کڻي ڇڏي آهي، آقاﷺ اسان کي ڊيڄاريو ته هن دنيا کانپوءِ ٻيهر اسانکي اُٿاريو ويندو ۽ اتي وري خدا جي عدالت قائم ٿيندي- جتي عدل ٿيندو. گناهگارن کي سندس ڪيتي جي سزا ملندي ۽ نيڪو ڪارن کي انعام سان نوازيو ويندو.
بادشاھ!
اسانجي قوم اسانکي رڳو اُن ڪري اذيتون ڏنيون. اسان جي ڪمزورن کي ماريو ڪُٽيو، اسانجي ماڻهن کي ڦريو. اسانکي ڊيڄاريو، ڌمڪايو. هنن اسان تي هر سختيءَ وارو حربو استعمال ڪيو ته جيئن اسين نيڪيءَ جي واٽ ڇڏي ڏيون ۽ وري اهڙا ٿي وڃو، جهڙا اڳ هئاسين. هُنن مڪي جي سرزمين جيڪا اسانجي جنم ڀومي آهي، اسان تي تنگ ڪري ڇڏي ۽ اُتي اسانجو جيئن جنجال ڪري ڇڏيو. ان وقت اسانجي آقاﷺ اسانکي اوهان ڏانهن وڃڻ جو حڪم ڪيو ۽ چيو ته وڃو اتي انسانيت جي قدرن جي سُڃاڻپ آهي ۽ اتي اوهان ماڻهن سان عدل ۽ احسان جو سلوڪ ٿيندو. تنهنڪري اي بادشاھ اسان پنهنجو وطن ڇڏي اوهانجي پاڙي ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني.
سيدنا جعفر جون ڳالهيون ٻڌي نجاشيءَ جي دل تي گهرو اثر ٿيو. ۽ هو عجيب اشتياق ۽ محبت مان سيدنا جعفر کي تڪڻ لڳو، پوءِ نجاشيءَ پڇيو خدا جي ان رسول تي ڪو خدا جو ڪو پيغام به لٿو هوندو؟
هائو- سيدنا جعفر سوره مريم پڙهي:
”شروع الله جي نالي سان جيڪو نهايت مهربان ۽ رحم ڪرڻ وارو آهي.
ڪھٰيٰعص. هي تنهنجي پروردگار جي مهربانيءَ جو بيان آهي، جيڪا هُن پنهنجي ٻانهي ذڪريا تي ڪئي هئي، جڏهن هن دٻيل آواز ۾ پنهنجي پروردگار کي سَڏيو، منهنجا پروردگار پوڙهائپ سبب منهنجون هڏيون هيڻيون ٿي ويون آهن ۽ مٿي جا وار سڙيل گاهه وانگر آهن ۽ مُنهنجا پالڻهار آءٌ توکان گهري ڪڏهن به محروم نه رهيو آهيان ۽ آءٌ پاڻ کانپوءِ پنهنجي مائٽن کان ڊڄان ٿو ۽ منهنجي زال سُنڍ آهي، تنهن ڪري پاڻ وٽان مونکي ڪو وارث بخش- جو منهنجو وارث ٿئي ۽ يعقوب جي اولاد جو به وارث ٿئي ۽ اي منهنجا پالڻهار! اُن کي صالح ڪر- اي ذڪريا! اسان توکي هڪ پُٽ جي مبارڪ ڏيون ٿا، جنهن جو نالو يحييٰ آهي، اڳ اهڙي نالي وارو ڪو شخص پيدا نه ڪيو- چيائين اي منهنجا پالڻهار! مون کي پُٽ هن حالت ۾ ڪيئن ٿيندو، جو منهنجي زال سُنڍ آهي ۽ بيشڪ آئون پيريءَ کان جهورائيءَ کي پهتو آهيان- حڪم ٿيو ته تنهنجي پالڻهار فرمايو آهي ته اهڙي طرح ٿيڻو آهي، ۽ اهو منهنجي لاءِ آسان آهي ۽ بيشڪ هِن کان اڳ توکي پيدا ڪيو اٿم ۽ تون ڪجهه نه هئين- ذڪريا چيو: اي منهنجا پالڻهار منهنجي لاءِ ڪا نشاني ڪر- فرمايائين ته تنهنجي نشاني هيءَ آهي ته تون لڳاتار ٽي (ڏينهن) راتيون ماڻهن سان ڳالهائي نه سگهندين. پوءِ هو حجري مان نڪتو ۽ پنهنجي قوم وٽ آيو ۽ کين اشاري سان چيائين ته صبح ۽ سانجهي پنهنجي پروردگار جي پاڪائي بيان ڪريو- چيوسون ته اي يحييٰ! ڪتاب کي مضبوطي سان وٺ ۽ کيس ٻاراڻي وهيءَ ۾ علم ڏنوسون ۽ پاڻ وٽان کيس شفقت ۽ پاڪبازي ڏني سون ۽ (هو) پرهيزگار هو ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ سان نيڪي ڪرڻ وارو هو ۽ هَٺيلو ۽ نافرمان نه هو ۽ جنهن ڏينهن ڄائو ۽ جنهن ڏينهن وفات ڪندو ۽ جنهن ڏينهن جيئرو ٿي اُٿندو، مٿس سلام هُجي ۽ ڪتاب ۾ مريم جو به ذڪر ڪر، جڏهن هوءَ پنهنجن گهر وارن کان ڌار ٿي اُڀرندي هنڌ هلي ويئي. پوءِ کانئن هڪ اوٽ ورتائين ۽ پوءِ ڏانهنس پنهنجو هڪ ملائڪ موڪليوسون. پوءِ هو اُن جي اڳيان پورو ماڻهو وانگر (بڻجي) بيٺو. مريم چيو: جيڪڏهن تون پرهيزگار آهين ته آءٌ توکان خدا جي پناھ ٿي گهران- ملائڪ چيو: آءٌ تنهنجي پروردگار جو هِن لاءِ موڪليل آهيان ته توکي هڪ نينگر بخشيان (مريم) چيو: مونکي ٻار ڪيئن ٿيندو جو مونکي ته نه ڪنهن ماڻهوءَ ڇُهيو آهي ۽ نڪي آءٌ بدڪار آهيان. (ملائڪ) چيو ته اهڙي طرح ٿيڻون آهي. تنهنجي پالڻهار فرمايو ته اِهو مون تي سوَلو آهي ۽ (هن لاءِ) ته ان کي ماڻهن جي لاءِ پنهنجي طرف کان نشاني ۽ ٻاجهه جو وسيلو ڪريون ۽ (اهو) ڪم طئي ٿيل آهي. پوءِ ان مان حمل ٿيس ۽ اُن سان گڏ پرڀري هلي ويئي. پوءِ ويم جي سورن کجي جي ٿڙ ڏانهن نيس- چيائين ته جيڪڏهن هن کان اڳ مران ها ۽ اصل وسري ويل هُجان ها. ان وقت سندس هيٺين طرف کان ملائڪ سڏيس ته ڏک نه ڪربيشڪ تنهنجي پالڻهار تنهنجي هيٺان هڪ چشمو پيدا ڪيو آهي ۽ کجيءَ جي ٿُڙ کي پاڻ ڏانهن ڌوڻ ته توتي تازيون کارڪون ڇاڻي. پوءِ کاءُ پي ۽ نيڻ ٺار، پوءِ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي ڏسين ته چئو مون الله جي لاءِ روزو باسيو آهي، تنهنڪري ڪنهن ماڻهوءَ سان اڄ اصل نه ڳالهائينديس. پوءِ هوءَ اُن کي کڻي پنهنجي قوم وٽ آئي. هو چوڻ لڳا. اي مريم! هي بُڇڙو ڪم ڪيو اٿئي. اي هارون جي ڀيڻ! نڪي تنهنجو پيءُ بڇڙو هو ۽ نڪي ماءُ بدڪار هئي ته مريم اُن نينگر ڏانهن اشارو ڪيو- چيائون ته جيڪو پينگهي ۾ ٻار آهي، تنهن سان ڪيئن ڳالهايون (عيسيٰ) چيو ته آءٌ الله جو ٻانهو آهيان. مون کي ڪتاب ڏنو اٿس ۽ مونکي پيغمبر ڪيو اٿس ۽ جتي هوندس، اُتي مونکي برڪت وارو ڪيائين ۽ جيسين جيئرو هوندس تيسين مونکي نماز پڙهڻ ۽ زڪوات ڏيڻ جو حڪم مليو آهي ۽ پنهنجي ماءُ سان چڱائي ڪندڙ ۽ هٺيلو بدبخت نه ڪيو اٿس ۽ جنهن ڏينهن آءٌ ڄايس ۽ جنهن ڏينهن مَرندس ۽ جنهن ڏينهن وري جيئرو ٿيندس، تنهن ڏينهن مون تي سلام آهي. اهو عيسيٰ پٽ مريم جو آهي- سَچي ڳالهه آهي، جنهن ۾ ماڻهو شڪ ڪندا آهن.“
قرآن پاڪ جي زباني لفظن جي جاذبيت، معنويت جو ڪمال ۽ حسن ڪلام بادشاھ ۽ درٻار جي سڀني ماڻهن ۾ چُر پر پيدا ڪري ڇڏي. بادشاھ ۽ درٻارين جي اکين مان محبت ۽ عقيدت جا ڳوڙها ڳڙڻ لڳا. لڙڪن سبب نجاشيءَ جي ڏاڙهي ڀڄي ويئي. سيدنا جعفر جڏهن قرآن پاڪ جي تلاوت ختم ڪئي ته نجاشي چيو: بخدا! هي ڪلام جيڪو تو پڙهيو آهي ۽ جيڪو ڪلام سيدنا عيسيٰعه کڻي آيو هو، ٻيئي هڪئي شمع جا ٻه عڪس آهن.
هاڻ بادشاھ حڪم ڏنو ته قريش جي سفيرن کي سوکڙيون پاکڙيون ۽ هديھ واپس ڪيا وڃن، هِنن مظلومن کي ڇڏيو وڃي، کين ڪنهن به حالت ۾ ڪنهن جي حوالي نه ڪندس.
نجاشي جا دڙڪا ٻُڌي به عمرو بن العاص آسرو نه پليو.
پاڻ سان گڏ آيل عبدالله بن ابي ربيع مخزومي کي چيائين: سڀاڻي آءٌ درٻار ۾ انهن مسلمانن جي خلاف هڪ اهڙي ڳالهه ڪندس، جنهن سان هو بچي نه سگهندا. پنهنجي هوڏ تي قائم اُن بدنيت شخص ٻي ڏينهن بادشاھ کي درٻار ۾ چيو: عاليجاھ! هِنن کان پُڇو ته هو اوهانجي پيغمبر عيسيٰ ابن مريم جي باري ۾ ڪهڙو عقيدو ٿا رکن، ڇو ته اهي اُن جو درجو گهٽائي سندس شان ۾ بي ادبي ڪن ٿا. ڀلا کين گهرائي پُڇي ته ڏسو-
نجاشيءَ ٻيهر مسلمانن کي گهرايو ۽ پُڇيو ته ٻڌايو ته اوهين سيدنا عيسي ابن مريم جي باري ۾ ڪهڙو عقيدو رکو ٿا.
مسلمان پهرين ته گھٻرائجي ويا. پوءِ سيدنا جعفر اهوئي چيو جيڪو قرآن چوي ٿو، جيڪو آقاﷺ چيو هو. چوڻ لڳو: اي بادشاھ! اسانجي پيغمبرﷺ ٻڌايو آهي ۽ مٿس لٿل ڪتاب ۾ لکيل آهي ته ”عيسيٰ ابن مريم خدا جو پيغمبر، ڪليم الله اُن جو پيارو ٻانهو آهي“-
اهو ٻڌي نجاشي درٻار ۾ ڪنڌ جهڪايو، زمين تان هڪ ڪک کنيو ۽ چيو، ”اوهان سيدنا عيسيٰ ابن مريم جي جيڪا تعريف ڪئي، والله، سيدنا عيسيٰ ان کان هڪ ڪک به وڌيڪ ڪونهي“.
پوءِ مسلمانن کي مخاطب ٿي چيائين ”اوهين مون وٽ بلڪل امن ۽ سڪون سان، جيستائين رهڻ گهرو، رهي سگهو ٿا. مونکي جيڪڏهن ڪو سون جو جبل به ڏي ته به آءٌ اوهان کي ستائڻ پسند نه ڪندس، نه وري ٻي ڪنهن کي اهڙي موڪل ڏيندس.“
درٻار ختم ٿي .
مسلمان مُرڪندي درٻار مان نڪتا.
اهو ڏسي عمرو بن العاص خاموشيءَ سان ڪنهن ٻي دروازي مان کسڪي ويو.
بادشاھ نجاشي ’سيدنا اصحمه‘ مسلمانن جي سفيرسيدنا جعفر کي هڪ پاسي سڏيو ۽ کيس گلي لڳائي محبت ۽ عقيدت مان چيو:
”مرحبا- اوهانکي به ۽ اوهان جي رسولﷺ کي به، جنهن وٽان اوهين آيا آهيو- آءٌ شاهدي ٿو ڏيان ته پاڻ سڳورا، آقاﷺ جو رسول آهي ۽ بيشڪ اهوئي آخري پيغمبر آهي، جنهن جي بشارت ۽ خوشخبري سيدنا عيسيٰ ابن مريم ڏني هئي.“
قريشن جا فتني خور همراھ مسلمانن کي حبشه مان ڪڍرائڻ ويا هئا، پر الله تعاليٰ حبشه جي بادشاھ کي آقاﷺ جو غلام بنائي ڇڏيو. ڪجهه سالن کان پوءِ مديني هجرت ڪري وڃڻ بعد جڏهن اتي آقاﷺ کي سيدنا نجاشي اصحمه جي وفات جي خبر پيئي ته آقاﷺ ان مسلمان بادشاھ سيدنا نجاشيءَ جي غائبانه جنازي نماز خود مديني ۾ پڙهائي هئي.

سماجي بائيڪاٽ ۽ شُعب ابي طالب ۾

سماجي بائيڪاٽ ۽ شُعب ابي طالب ۾

هڪ ڏينهن آقاﷺ جي ڪابه خبر نه پئي ته پاڻ ڪٿي آهن.
بنو هاشم جا ماڻهو ۽ مسلمان هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙيا.
هر ممڪن هنڌ تي آقاﷺ کي ڳولهيو ويو. آقاﷺ جي گم ٿي وڃڻ جي خبر آقاﷺ جي سرپرست اعليٰ سيدنا ابو طالب تائين وڃي پهتي. پاڻ ان وقت ڇاهتر سالن جي وهيءَ ۾ هئا، پر سندس حوصلو ۽ سگھه ڏسڻ وٽان هئي. پاڻ هڪدم بنو هاشم ۽ بنو مطلب جي هر ٻُڍي توڙي جوان کي طلب ڪيو. پاڻ ٻنهي قبيلن کي وڏي ڏاهپ، حڪمت، سمجهه، خلوص، دليري ۽ شان دلبريءَ سان ڳنڍي رکيو هو، جو ٻئي قبيلا سيدنا ابوطالب جي ڏاهپ ۽ شانائتي قيادت جي صلاحيتن جي ڪري ٻنهي قبيلن جو هر فرد آقاﷺ جي حفاظت پنهنجو فرض سمجهندو هو، پوءِ ڀلي هو آقاﷺ جي اسلام جي پيغام سان سهمت هجن يا نه. انهن ٻنهي قبيلن ۾ هڪ بدبخت ابولهب اهڙو هو، جيڪو آقاﷺ سان کلي عام دشمنيءَ جو اظهار ڪندو هو ۽ سندس زال اُم جميل، آقاﷺ جي راھ ۾ ڪنڊا وڇائيندي هئي. انهن ٻنهي جي لاءِ آسمان مان سوره لهب لٿي.
سيدنا ابو طالب جو سڏ هو.
بنو هاشم ۽ بنو مطلب جو هر ٻار توڙي ٻُڍو حاضر ٿي ويو، سيدنا چيو ته پنهنجي چادرن جي هيٺان اُگهاڙيون تراريون لڪائي هڪدم ڪعبي جي اڱڻ ۾ پهچو- سردار ابوطالب جي حڪم جي تعميل ۾ دير ئي نه ٿي، اک ڇنڀ ۾ بنو هاشم ۽ بنو مطلب جو هر فرد چادرن ۾ تلوارون ويڙهي حرم ڪعبي ۾ پهچي ويو. حرم ۾ موجود قريشن جي سڀني ماڻهن کي گهيري ۾ آندو ويو. پوءِ سردار ابوطالب جي اشاري تي ٻنهي قبيلي جي ماڻهن پنهنجي چادرن ۾ لڪل اگهاڙيون تراڙيون ڪڍي ورتيون ۽ سردار ابو طالب قريشن جي سڀني ماڻهن کي للڪاريندي چيو:
ٻُڌو!
جيڪڏهن ڪنهن منهنجي الصادق الامين رسول خداﷺ منهنجي ڀائيٽي محمدﷺ بن عبدالله جو وار به ونگو ڪيو ته اسين سڄي مڪي ۾ رت جون نديون وهائي ڇڏينداسين. اسان ٻنهي قبيلن جو ٻَچو ٻَچو، جوان توڙي ٻُڍو ان جي حفاظت جو قسم ٿو کڻي ۽ اوهين ڄاڻو ٿا ته بنو هاشم ۽ بنو مطلب جي هر سردار اڄ ڏينهن سودي پنهنجي ڪيل وعدي کي نباهيو آهي.
ڪَن کولي ٻڌو-
جيڪڏهن ڪنهن کي شڪ آهي ته اهو شڪ ڪڍي ڇڏي- سيدنا ابو طالب پنهنجي وقت جو اثرائتو مقرر هو. پنهنجي ڳالهه ڀرپور تاثير سان شاعراڻي انداز ۾ ڪندو هو. سندس زبان مان نڪتل زوردار ڳالهين ۽ حرم ڪعبي جي چوڌاري اُگهاڙيون تراڙيون کڻي بيٺل بنو هاشم ۽ بنو مطلب جي ماڻهن کي ڏسي قريش جا سڀ قبيلا هَڄي ويا. هو سمجهي ويا ته آقاﷺ کي نقصان رسائڻ جو مطلب سڄي مڪي جي هر گهر کي رتورت ڪرڻ هو.
سيدنا ابوطالب جو پيغام به چٽو ۽ غير مُبهم هو.
ساڳئي ڏينهن، آقاﷺ جي موجودگيءَ جي خبر پئجي ويئي، آقاﷺ جي لاپته ٿيڻ جي خبر غلط ثابت ٿيڻ تي بنو هاشم ۽ بنو مطلب جي ڪاوڙ ته ٿڌي ٿي ويئي، پر قريشن جا حوصلا خطا ٿي ويا ۽ کين پنهنجي گهٽتائي محسوس ٿي، شايد ان کانپوءِ هنن سوچيو ته انهن ٻنهي قبيلن جي سردار ابو طالب کي ڪو سبق سيکارين. هو پوءِ ڪا سَٽ سٽڻ لاءِ پنهنجي ’سازش گهر‘ دارلندوه ۾ ڪٺا ٿيا. هو سڀ آقاﷺ جي دشمنيءَ ۾ انڌا ٿي چڪا هئا.
ابو جهل ۽ ابوسفيان بن حرب کانسواءِ عتبه، شيبه، وليد ۽ اُميه بن خلف سڀ آقاﷺ جي دشمني ۾ عقل جون سڀئي حدون اُڪري چڪا هئا. هن ڀيري هنن هڪ عجيب فيصلو ڪيو، جهڙو قبيلن جي تاريخ ۾ اُن کان اڳ ڪڏهن به نه ڪيو ويو هو. فيصلو ڪرڻ کانپوءِ هنن اهو بنو عبدالدار جي علم بردار قبيلي جي هڪ فرد منصور بن عڪرمه کان لکرايو.
نضر بن حارث ڪاغذ ۽ مس قلم کڻي آيو: ان ۾ اهو لکيو ويو ته سڀ قريشي قبيلا بنو هاشم ۽ بنو مطلب ٻنهي جو سماجي بائيڪاٽ ڪندا. قريشن جو ڪوبه فرد ساڻن ميل جول نه رکندو. ساڻن ڪابه ڏيتي ليتي يا ڪاروبار نه ڪندو. ڪوبه ساڻن مِٽي مائٽي، شادي مِرادي به نه ڪندو. ايستائين، جيستائين اهي ٻيئي قبيلا رسول خدا محمدﷺ بن عبدالله کي اسانجي حوالي نٿا ڪن، جيئن (نعوذ بالله) اسين کيس قتل ڪريون، اهو فيصلو لکڻ کانپوءِ ان جي هيٺان سڀني قريش قبيلن جي سردارن کان صحيحون ڪرايون ويون، پوءِ ان کي مڪي ۾ رائج حڪم جو درجو ڏيئي عين حرم ڪعبي جي اندر ڀت سان لڙڪايو ويو.
تُرت ئي اها خبر مڪي ۾ جهنگ جي باھ وانگر پکڙجي ويئي.
سردار ابوطالب هڪ ڀيرو ٻيهر ٻنهي قبيلن کي گهرايو ۽ سڄي صورتحال کان کين واقف ڪيو، هُنن ٻيهر پڪو پھه ڪيو ته ڀلي ڇا به ٿي پوي، اسانجو ٻچو ٻچو مري وڃي، پر اسين آقاﷺ جو دفاع ڪنداسين.
نيٺ اهو طئي ڪيائون ته هاشمي غيرت جي تقاضا اها آهي ته اسين سندن وچ ۾ رهي نفرت ۽ سرد مهريءَ کي بيزار ڪيون، اسين پاڻ به انهن مغرور قبيلن جي شڪل ڏسڻ کان بيزار آهيون، تنهنڪري مڪي جي ڀرسان ٻنهي قبيلن جي ٻن پهاڙن جي وچ ۾ جيڪا گڏيل جاءِ’شعب ابي طالب‘ آهي، اتي وڃي ديرو ڄمائجي. ٻنهي قبيلن جا سڀ گهر اوڏانهن هليا ويا. انهن ۾ مسلمانن ۽ غير مسلم جي ڪابه تقسيم نه هئي. جن جا گهر اُن هنڌ جي ويجهو هئا، اهي اتي ئي رهيا.
اُن هنڌ ڪجهه ڪچا پڪا گهر به هئا.
ڪجهه جهوپڙيون، جيڪي حقيقت ۾ ٻنهي قبيلن جي اُٺن ۽ ٻڪرين جي رکڻ جو هنڌ هُيون. اُتي اڳ ۾ ئي انهن قبيلن جا حليف ۽ غلام رهندا هئا، انهن قبيلن جو ڪو ٻاهريون ملاقاتي يا واپاري وفد ايندو هو، ته اهو اُتي ٽِڪايو ويندو هو. اهو هنڌ هڪ لحاظ کان بنو هاشم ۽ بنو مطلب جو گڏيل فارم هائوس يا ديرو هو. اتي مڪي جهڙيون شهري سهولتون نه هيون. رهائش به مناسب نه هئي، تنهن کانسواءِ سڀ کان وڏو مسئلو سماجي ۽ معاشي دٻاءُ جو هو، جن جا دوڪان هئا، اهي بند ٿي ويا. شهر جي رهاڪن سان ڏيتي ليتي ختم ٿي ويئي. خوشحال ڪُٽنب هوريان هوريان غربت ۾ هليا ويا. نوبت اچي فاقن تائين پهتي. جوانن تي ٻُڍاپو لهڻ لڳو، جيڪي پوڙها هئا، اهي وڌيڪ هيڻا ۽ نٻل بنجي ويا. جانورن تي به مفلسيءَ جا اثر پوڻ لڳا، کير ڏيندڙ اُٺڻين ۽ ٻڪرين جو کير سُڪي ويو. گهرن ۾ ڏيئا ٻارڻ جيترو تيل به نه رهيو. اونداهن گهرن ۾ بس هڪ عزم ۽ ولولو هو، ته ڪائنات جو نور ٻنهي جهانن جي مالڪﷺ ساڻن گڏ هو ۽ هو هر حالت ۾ سندن حفاظت ڪندا.
آقاﷺ، سيدنا خديجه جو ٻه ماڙ گهر ڇڏي، کيس ۽ ٻنهي ٻارڙن کي ساڻ ڪري پنهنجي چاچي سان گڏ رهڻ لڳو. سيدنا ابوطالب کي آقاﷺ جي زندگي ۽ سلامتي ايتري ته عزيز هئي جو پاڻ رات جو آقاﷺ کي هڪ بستري تان اُٿاري ٻي بستري تي وڃي سُمهاريندو هو، رات جو آقا جي آسپاس سردار ابوطالب ۽ سندس فرزند سيدنا عليرضه چوڪي ڏيندو هو، جيڪو ان وقت سورهن سالن جو ٿي چڪو هو.
اهو سماجي بهشڪار ٽن سالن تائين جاري رهيو.
سيده خديجه جي سڄي ميڙِي چونڊي خرچ ٿي ويئي.
ڪاروبار تباھ تي ويو، اهو ئي حال بنو هاشم ۽ بنو مطلب جي هر فرد جو هو. انهن مان رڳو بنو هاشم، جو بدبخت ابولهب، پنهنجي قبيلي جي سردار جي حڪم مڃڻ جي بدران ابوجهل ۽ ابوسفيان بن حرب جو طرفدار رهيو ۽ شهر ۾ پنهنجو وياڄي ڌنڌو جاري رکيو آيو.
سال ۾ احترام جي چئن مهينن ۾ ٻنهي قبيلن بنوهاشم ۽ بنو مطلب جا ماڻهو شعب ابي طالب مان ٻاهر ايندا هئا. مڪي ۾ ڪاروبار ڪندا هئا، مڪي مان واپاري وکر ٻاهر نيندا هئا. ٻاهران سامان آڻيندا هئا. هُنن جو سال جي يارهن مهينن مان فقط چار مهينا ڪاروبار هلندو هو، باقي اٺ مهينا هو انهن مان ٿيل بچت تي گذارو ڪندا هئا.
ٻين قبيلن جا مسلمان پنهنجن پنهنجن قبيلن سان گڏ رهندا هئا.
انهن ۾ امير ۽ غريب هر قسم جا ماڻهو هئا، پر انهن جون دليون آقاﷺ سان گڏ ڌڙڪنديون هيون، پر انهن مان ڪوبه پنهنجي قبيلي جو سردار نه هو، مٿن پنهنجن سردارن جو حڪم مڃڻ واجب هو ۽ انهن کان جيڪو پُڄندو هو، اهو لڪي ڇُپي بنو هاشم ۽ بنو مطلب جي مدد ڪندا هئا. بنو تيم مان ابوبڪر هو. سيدنا ابوبڪر جا خريد ڪري آزاد ڪيل ٻانها ۽ ٻانهيون هاڻ آقاﷺ کي پنهنجو آقا سمجهي ساڻس گڏ شعب ابي طالب ۾ موجود هئا. انهن ۾ سيدنا بلالرضه به هو.
بنو عدي مان سيدنا عمر بن خطاب همدرد هو. بنو اُميه مان سيدنا عثمان بن عفان حبشه ويل هو. آقاﷺ جي ناناڻن بنو زهره مان عبدالرحمان بن عوف ۽ سيدنا سعد بن ابي وقاص اُتي مڪي ۾ ئي هئا. هو حبشه مان موٽي آيا هئا. سيده خديجه جي قبيلي مان عوام بن خرام ۽ حڪيم بن خرام هئا. هي سڀ لڪ ڇُپَ ۾ رات جو اناج جون ٻوريون کڻي اچي شعب ابي طالب ۾ ڇڏي ويندا هئا.
قريش جي ٻين قبيلن مان ڪيترائي مسلمان جيڪي جڏهن بنو هاشم جي مدد ڪندي جهليا ويا ته قريشن مٿن سختيون ڪيون. انهن مان ڪن مسلمان جن جي لاءِ پنهنجن قبيلن ۾ جان بچائڻ مشڪل ٿي پيو هو، تن بنو هاشم جي سردار ابوطالب کان پناھ گهري، جيڪا کين ڏني ويئي. ايئن بنو زهره مان عبدالرحمان بن عوف ۽ سعد بن ابي وقاص پنهنجا گهر ڇڏي اچي آقاﷺ جي ڀرسان ويٺا. نه رڳو اهو، پر ابو جهل جي قبيلي بنومخزوم مان به ڪيترن ماڻهن سيدنا ابوطالب کان پناھ گهري، انهن مان ڪيترا ته حبشه هليا ويا هئا، ڪي وري شعب ابي طالب جي ڀرسان بنو هاشم جي پاڙي ۾ رهڻ لڳا. اُنهن ئي ڏينهن سيدنا ابو طالب به شاعريءَ جي وسيلي پنهنجي قوم جو حوصلو وڌائيندو رهندو هو. سُيرت ابن هشام ۾ لکيل آهي ته ”ابو طالب هڪ قصيدو لکيو، جنهن ۾ هُن حضورﷺ جي نبوت جو ثبوت ڏنو ۽ قريش کي پاڻ سڳورنﷺ جي عداوت کان باز رهڻ جي ترغيب ڏني ۽ بنو هاشم جي مردانگي جو ذڪر ڪيو“.
عرب قبيلن ۾ سماجي بهشڪار جهڙي بي رحميءَ جو اهو پهريون واقعو هو.
قريش جي اُن اتنهائي ظلم جي عهدنامي مان ڪيترائي دورس نتيجا نڪتا.
هڪ اهو ٿيو ته عربستان جي آسپاس جي هرقبيلي ۾ اها خبر پهتي ته بنو هاشم جي صادق ۽ امين محمد بن عبداللهﷺ جي حق جي پيغام کي نه مڃيندڙن اهو انتهائي بي رحميءَ وارو قدم کنيو آهي، جنهن جو مثال عربستان جي پراچين ريتن رسمن ۽ سماجي ڍانچي ۾ هن کان اڳ نه ڏٺو ويو.
آقاﷺ جي پيغام جو تجزيو ڪرڻ جو موقعو مليو. قريش جي اندر ۽ ٻاهر هر قبيلي ۾ نرم مزاج ماڻهن کي اهو احساس به ٿيڻ لڳو ته اهو سماجي بهشڪار [بائيڪاٽ] جو معاهدو وڏو ظلم آهي.
جڏهن ظالم حد کان وڌي وڃي ته پاڻمرادو مظلومن سان همدردي وڌي ويندي آهي.
ماڻهن ڏٺو ته جنهن بدبخت منصور بن عڪرمه اهو عهدنامو لکيو، ان جو هٿ آقاﷺ جي بددعا سان سُڪي ويو هو. ٽيون اهو ڪم ٿيو ته ماڻهن ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي قبيلن جي سردارن جي بي رحميءَ تي ٻَڌل ڪنهن حڪم جي خلاف تصور اُڀرڻ لڳا. ايئن صدين کان قبيلن جي اندر هلندڙ قوميت جو تصور قبائلي حوالن ۽ عصبيت مان نڪرندي هڪ نئين سڃاڻپ ٺاهڻ لڳو.
اهو سڀ شايد اُن ڪري به ضروري هو ته ان کان پوءِ آقاﷺ جي پيروڪارن کي سڀني قبائلي ٻنڌڻن کان ڌار ٿي زندگي گذارڻ جي ڌار تصور جي لاءِ پنهنجو شهر پنهنجو علائقو ۽ پنهنجي قبيلي کان ڌار ٿي، پنج سئو ڪلوميٽر پري هڪ اڻڄاتل وستي يثرب ڏانهن هجرت ڪرڻي هئي.
يثرب جو نالو بدلجي پوءِ ’مدينه النبي‘ ٿيڻون هو.
مسلمانن ۽ خاص ڪري بنو هاشم جي تربيت جو اهو اهڙو موقعو هو، جو هنن پهريون ڀيرو اهو سوچڻ شروع ڪيو ته ڇا کين پنهنجي پسند جي نظريي جي پاسداريءَ ۾، پنهنجو شهر يا قبيلو ڇڏي ڌار ٿي جيئڻون پوي ته به هو جي ويندا. قريشن سمجهيو ٿي ته هو بنو هاشم ۽ مسلمانن جا اعصاب شل ڪري کين بُک، اڃ ۽ غربت جي ڀؤ سبب اسلام کان پري ڪري ڇڏيندا.
پر ٿيو اُن جي ابتڙ.
ظلم جي اُن ڀيانڪ روپَ مسلمانن جي اِرادن کي اڃا به مضبوط ڪري ڇڏيو، نه رڳو اهو پر قريشن جي اندر مسلمانن ۽ بنوهاشم سان همدردي رکندڙن جو هڪ مضبوط گروھ به پيدا ٿي پيو.
حڪيم بن خرام بن خويلد جيڪو سيده خديجهرضه جو ڀاءَ هو، هڪ ڏينهن ڪڻڪ جي ٻوري پنهنجي غلام کان کڻائي شعب ابو طالب ڏانهن وڃي رهيو هو، پهرين هو رات جي وڳڙي ۾ ڪندو هو، اُن ڏينهن هو ڏينهن جي سهائي ۾ دنيا داستيڪڻڪ جي ٻوري پنهنجي غلام کان کڻائي سيده جي گهر طرف وڃڻ لڳو.
رستي ۾ ابو جهل گڏيس. جنهن اهو ڏٺو ته تپي باھ ٿي ويو ۽ کيس روڪيندي چيائين ته آئون اها ڪڻڪ ايڏانهن وڃڻ نه ڏيندس. حڪيم بن خرام، ابو جهل کي ڏاڍو سمجهايو ته اها ڪڻڪ منهنجي ڀيڻ جي مون وٽ امانت پيل هئي، جيڪا کيس موٽائڻ پيو وڃان. پر ابوجهل وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويو.
انهن مھل سيده خديجهرضه جي ئي ڪٽنب بنواسد جو ابو البختري بن هشام اتي اچي نڪتو. هن ٻنهي کي پاڻ ۾ تڪرار ڪندي ڏٺو ته ابوجهل کي چيائين: توکي ڪهڙي ٿي تڪليف ٿئي، هيءَ پنهنجي پُڦي جي ڪڻڪ کيس موٽائڻ پيو وڃي. ابوجهل اُٺ تي سوار هو ۽ بڙ بڙ ڪري رهيو هو. نوبت وڃي تلخ ڪلاميءَ تائين پهتي. ابوالبختري ابوجهل جي اُٺ جي ڳچي جهلي کيس اهڙي ته ڇڪ ڏني، جو اٺ گوڏن ڀر ويهي رهيو، ابوجهل جا پير پَٽ سان لڳا ته ابو البختري ابوجهل کي گلي مان جهلي ورتو. ابوجهل جي پَڳ لهي سندس ڳچيءَ ۾ پئي، ابو جهل گارين تي لهي آيو ته ابوالبختري ڀرسان پيل اُٺ جو هڪ هڏو کڻي ابوجهل جي مٿي تي وهائي ڪڍيو.
ابوجهل جو مٿو ڦاٽي پيو.
۽ سندس سڄو مُنهن رت سان ڀرجي ويو.
ابوالبختري، ابوجهل کي ڪنڌ مان جهلي کڻي پَٽ تي دسيو ۽ سندس پيٽ، ڇاتي ۽ چيلهه تي لتن ۽ مڪن جو مينهن وسائي ڏنو.. ابو جهل جو منهن ۽ ڏاڙهي رت ۽ واريءَ سان ڀرجي وئي، اهو سڄو عمل شعب ابوطالب جي سامهون ٿي رهيو هو ۽ سيدنا حمزهرضه سامهون بيٺو اهو سڄو لقاءُ ڏسي مُرڪي رهيو هو. ابوجهل کي پنهنجي مٿي مان وهندڙ رت ۽ جسم تي لڳل ڌڪن کان وڌيڪ تڪليف سيدنا حمزهرضه جي مُرڪ سبب ٿي رهي هئي. پنهنجي ڦڪائي ۽ واريءَ هاڻي چهري سان ابوجهل جلدي پٽ تان اُٿيو ۽ پنهنجي اٺ جي رسي جهلي رمتو ٿي ويو.
اُنهن ئي ڏينهن جي ڳالهه آهي ته بنو عامر قبيلي جي هشام بن عمروءَ کي خيال ٿيو ته اها ڪيڏي نه ڏک جي ڳالهه آهي ته اسين کائون، پيئون ۽ اسان جا دوست ۽ مٽ مائٽ داڻي داڻي لاءِ سِڪن. راتين جو بکيا سُمهن. کانئس جيڪو ٿي سگهيو ٿي ته بنو هاشم جي مدد ڪندو هو. هُو اڪثر رات جو پنهنجي اٺ تي ان جون ٻوريون رکي اٺ کي لَٺ سان شعب ابي طالب ڏانهن هڪلي ڇڏيندو هو. جتي وري بنو هاشم جا ماڻهو ان جون ٻوريون لاهي اُٺ کي واپس موڪلي ڇڏيندا هئا. هڪ ڏينهن هشام بن عمرو پنهنجي اندر جي اها ڳالهه کڻي زهير بن اُميه مخزومي وٽ ويو. زهير هو ته ابوجهل جي قبيلي جو، پر سيدنا ابوطالب جو ڀاڻيج هو ۽ سندس امڙ سردار عبدالمطلب جي نياڻي عاتڪه هئي. هشام بن عمرو چيو زهير ڇا توکي اها ڳالهه پسند آهي ته تون کائي پي ڍؤ ڪر ۽ تنهنجا ماما ۽ اُن جي قبيلي جا ٻيا ماڻهو ان جي داڻي ڪڻي لاءِ پيا سڪن. اها ڳالهه ٻڌي زهير کي به گهڻو ڏک ٿيو ۽ چيائين آءٌ اڪيلو ڇاٿو ڪري سگهان. هشام چيس: تون اڪيلو ناهين، ٻيو آءٌ آهيان. زهير هشام جي ڪلهي کي ٿڦڪائيندي چيو، هاڻ ٽيو ڳول.
هشام بن عمرو سُٺي سڀاءَ وارو ماڻهو هو، پنهنجن انسان دوست ماڻهن جي خبر هيس. هو سڌو سيدنا هاشم جي ڀاءُ نوفل جي پڙ پوٽي مطعم بن عدي وٽ پهتو. هو بني نوفل جو سردار ۽ سُٺي حيثيت وارو ماڻهو هو. هن بنو هاشم ۽ بنو مطلب سان سندس ويجهي لاڳاپي جو حوالو ڏيئي کيس ملامت ڪئي ته تو هن ظالماڻي معاهدي تي صحيح ڪري ڇو ساڻن ٻانهن ٻيلي ٿينءَ. مطعم بن عدي به اهو ئي زبير جهڙو جواب ڏنو: آءٌ اڪيلو ڇا ٿو ڪري سگهان. عمرو بن هشام وراڻيس تون اڪيلو نه آهين، ٻه ڄڻا ٻيا به آهن، پوءِ پنهنجو ۽ زبير جو نالو ورتائين. مطعم بن عدي مرڪيو ۽ چيائين، پوءِ چوٿون همراھ ڳول. هشام اتان اُٿي ابوالبختري بن هشام وٽ ويو. هن ابوالبختري جي هٿان ابوجهل کي مليل ڪُٽڪي جي خبر ٻُڌي هئي. کيس به اهو ئي ڪجهه چيائين. هو به مرڪڻ لڳو ۽ هشام جا ڪلها ٿڦڪيندي چيائين هاڻ پنجون همراھ هٿ ڪر. هشام پوءِ زمعه بن اسود وٽ ويو، اهو به هم خيال نڪتو، کيس به سڀني هم خيال دوستن جا نالا ٻڌايائين. هو پوءِ ان رات حجون ۾ گڏ ٿيا ۽ صبح جي لاءِ رٿا بندي ڪيائون. طئي اهو ٿيو ته ڳالهه ابوجهل جي قبيلي جو زهير بن اميه مخزومي شروع ڪندو. پوءِ زعمه بن اسود ڳالهائيندو، ٽي نمبر تي ابوالبختري ڳالهائيندو. پوءِ مطعم بن عدي ۽ آخر ۾ سڄي مخزومي جو روح روان هشام بن عمرو ڳالهه سهيڙيندو.
صبح ٿيو.
ماڻهو ايندا ويا ۽ حرم ڪعبي جي ڇانوري حطيم ۾ ويهندا ويا.
اُنهن ئي ماڻهن ۾ اُڻاسي سالن جو سيدنا ابوطالب به اچي ويٺو هو. قريشن پاران سماجي بائيڪاٽ سبب هو قريشي سردارن وٽ ويهڻ بدران ڪعبي جي خدا ڏانهن رجوع ڪري خاموش ويٺل هو. اُن ڏينهن صبح جو سندس الامين ڀائيٽي محمدﷺ کيس هڪ آسماني پيغام سُڻائي هيڏانهن موڪليو هو.
خدا عجيب ٻِٽو ڪم ڪيو هو.
هڪ طرف آسمان کان پيغام پنهنجي رسولﷺ کي موڪليو، جيڪو هن ماٺ مٺيءَ ۾ پنهنجي سرپرست اعليءَ سيدنا ابوطالب کي ٻُڌائي ڇڏيو.
ٻي پاسي خدا قريشن جي ئي معزز غير مسلمان ماڻهن کي هڪ رات اڳ ان ڪم سان لڳائي ڇڏيو.
ٽي پاسي اڏوهيءَ کي حڪم ڏيئي خدا هو ڪم ڪرائي چڪو هو.
هاڻ رٿا موجب زهير مخزومي ٺهي جُڙي ريشمي جبو پائي، خوشبو هڻي حرم ۾ آيو، حجر اسود کي چميائين، ڪعبي جو ست ڀيرا چڪر هڻي، پوءِ رئيسن جي مجلس ۾ ويهڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر پوءِ بيهي رهيو ۽ ماڻهن کي مخاطب ٿي چيائين:
اي مڪي وارو! ڪيتري نه افسوس جي ڳالهه آهي.
ته اسين کائون، پيئون. ڪپڙا لٽا پايون، خوشبو هڻون ۽ بنو هاشم وارا بُک مرن، نه کانئن ڪجهه خريديو ٿو وڃي، نه کين ڪجهه وڪرو ڪيو ٿو وڃي، خدا جو سُنهن ته جيستائين اهو ظالماڻو عهدنامون ٽڪرا نه ڪندس، تيستائين هن مجلس ۾ نه ويهندس.
اُن مجلس ۾ زهير جي قبيلي جو سردار ابوجهل ويٺو هو.
ڪاوڙ مان ڪَڙڪو ڪندي چيائين: اهو عهدنامون ڪير به ڦاڙي نٿو سگهي.
زهير بن اميه مخزومي پير پَٽ تي هڻي سينو تاڻي بيهي رهيو ۽ ڪاوڙ مان ابوجهل کي تڪڻ لڳو. مجلس ۾ ويٺل ماڻهن ۾ سُس پُس ٿيڻ لڳي.. ويٺلن مان هڪدم زمعه بن الاسود ڪلها لوڏي ڪاوڙ ۾ اُٿي بيهي رهيو ۽ ابوجهل کي مخاطب ٿي چيائين ابوجهل تون غلط ٿو چوين. بڪواس ٿو ڪرين. جنهن وقت تو اسان کان اهو عهدنامون لکرايو هو، ان وقت اسين به اُن جي لکڻ ۾ خوش نه هئاسين. هاڻ بهتر اهو آهي ته اهو ڦاڙيو وڃي.
زمعه جي ڳالهه تي ابوجهل ڪجهه چوي، ان کان اڳ ابوالبختري چيو؛
زمعه ٺيڪ پيو چوي.
اسين ان عهدنامي کي نٿا مڃون، هاڻ اهو ڦاڙيو وڃي.
ابوجهل جي نانگ جهڙين اکين مان ڊپ ۽ نفرت جا اُلا اُڀرڻ لڳا. هو ٿڪ ڳڙڪائڻ لڳو ۽ بڙ بڙ ڪري ڪجهه چوڻ وارو هو جو بنو نوفل جو سردار مطعم بن عدي پنهنجو ريشمي جبو سڌو ڪري وڏي ٺٺ ۽ ٺانگر سان اٿي بيٺو ۽ ابوجهل کي چپ رهڻ جو اشارو ڪندي چيائين.
هي ٽئي سچ ٿا چون ۽ جيڪو به هنن جي مخالفت ٿو، ڪري اهو غلط آهي.
هاڻ ته سڀني ٻڌو.
مطعم بن عدي، حطيم ۾ ويٺل سڀني قريشي رئيسن ڏانهن گهمي ڏٺو ۽ سڀني کي ڏسي چهري تي زبردست ڪاوڙ آڻي ابوجهل ڏانهن ڏٺو ته ان مهل ان سڄي رٿا جو روح روان هشام بن عمرو ٻنهي ڪنن تي هٿ لڳائي، ڏڪندو اُٿيو ۽ وڏي سڏ چوڻ لڳو.
اسين الله جي حضور ۾ اُن عهدنامي کان ڇو ٽڪارو گهرون ٿا.
محفل جو اهو رنگ ڏسي ابوجهل ڪاوڙ ۾ ڏڪڻ لڳو.
هن جون نفرت ڀريل اکيون نانگ جي اکين وانگر ڦِرنديون، هر ڪنهن تي زهر جي پچڪاري هڻڻ لڳيون ۽ هن ٿُڪ ڳڙڪائيندي پنهنجن چپن ۽ ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيريندي چيو؛ اهو سڀ اڳواٽ ڪٿي رٿيل ٿو لڳي. اوهان سڀني سَٽ سٽي آهي، پر آءٌ اهو عهدنامو ڪنهن کي ڦاڙڻ نه ڏيندس. ان تي سڀني قبيلن جي سردارن جون صحيحون ٿيل آهن.
ان محفل جي هڪ ڪنڊ ۾ حرم ڪعبه جي ڀت سان ٽيڪ ڏيئي ويٺل سيدنا ابوطالب سڀني جون ڳالهيون ٻڌي ورتيون هيون، هن محفل ڏانهن منهن ڪيو، سڀئي سردار ابوطالب ڏانهن متوجه ٿيا ته سردار ابوطالب ڪجهه چوڻ جي لاءِ ساڄي هٿ جي آڱر اُڀي ڪئي. سڀ قريشي سردار سيدنا ابوطالب جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ڏانهنس مُڙيا. سيدنا ابوطالب چيو: اوهين جنهن معاهدي کي ڦاڙڻ يا نه ڦاڙڻ تي جهيڙي رهيا آهيو. اُن جي باري ۾ منهنجي ڀائيٽي امين ۽ صادقﷺ ڪجهه ٻڌايو آهي.
ڇا ٻڌايو آهي؟
قريشي سردارن هڪئي وقت ڳالهايو.
سيدنا ابوطالب چيو ته منهنجي ڀائيٽي وٽ آسمان مان خبرون اينديون آهن، ان چيو آهي ته اوهين جنهن معاهدي جي ڳالهه پيا ڪريو، ان تي خدا اڳ ۾ اڏوهي مسلط ڪري ڇڏي آهي. اوهان جي سڄي لکت ۽ اوهانجي سردارن جون صحيحيون اڏوهي چَٽي وئي آهي. ان ڪاغذ تي لکيل فقط هڪ ڳالهه بچي آهي.
شروع الله جي نالي سان.
سڄي ميڙ ۾ ماکين جي مکين جيان ڀُڻ ڀُڻ شروع ٿي ويئي.
پوءِ سيدنا ابوطالب هٿ جي هڪ آڱر مٿي کنئي ۽ چيو: اوهانکي خبر آهي ته آءٌ يا بنو هاشم جو ڪو فرد انهن ٽن سالن ۾ حرم جي اندر نه ويو آهي. مون جيڪو چيو آهي، اهو پنهنجي ڀائيٽي کان ٻڌو آهي، جنهن وٽ اها خبر آسمان واري موڪلي آهي، هاڻ جيڪڏهن اها خبر سچ آهي ته اوهانجو اهو لکيل عهدنامو ختم ٿي چڪو آهي ۽ جيڪڏهن اها ڳالهه غلط آهي ته آءٌ وچ مان هٽي ويندس. پوءِ اوهانکي ڀلي جيڪو وڻي سو ڪجو. اوهانکي خبر آهي ته هُن ڪڏهن به ڪوڙ نه ٻوليو آهي.
ميڙ ۾ ماٺار ڇانئجي ويئي.
ابوجهل کانسواءِ سڀني قريشي سردارن چيو:
سردار تو انصاف جي ڳالهه ڪئي آهي.
هاڻ سڀ اهو ڏسڻ جي لاءِ بي قرار ٿي ويا ته عهدنامون ڪهڙي حال ۾ آهي. سڀني کان پهرين مطعم بن عدي اُٿيو ۽ ڪعبي جي دروازي مان اندر ويو. ساڻس گڏ ڪيترا قريشي سردار به اندر ويا. سيدنا ابوطالب پنهنجي جاءِ تي ويٺو مُرڪندو رهيو، ڄڻ ڄاڻندو هجي ته آسمان مان لٿل خبر منهنجو ڀائيٽو ڪڏهن به غلط نه ٻڌائيندو آهي. قريشي سردار ڪعبي جي ڀت تي لڙڪيل پنهنجي لکيل عهدنامي وٽ پهتا ته سڀني جون اکيون حيرت ۾ ڦاٽي ويون.
سڄو عهدنامون اِڏوهي کائي چڪي هئي.
سڄو ڪاغذ چٽ ٿي چڪو هو.
عهدنامي تي رڳو هڪ سٽ وڃي بچي هئي ”باسمڪ اللهم“ شروع الله جي نالي سان- لکيل باقي بچيو هو. عين هُنن اهو ئي لقاءُ سيدنا ابوطالب آقاﷺ کان ٻڌو هو. قريشي سردارن جا ڪنڌ شرم سبب جهڪي ويا.
سندن چپ سُڪي ويا.
اکيون پٿرائجي وين ۽ هٿن ۾ ڏڪڻي شروع ٿي وين.
اها ڏهين محرم جي ڏينهن جي ڳالهه آهي ۽ آقاﷺ تي نبوت جو پيغام لٿي ڏھ سال ٿي چڪا هئا. مُشرڪ سيدنا ابوطالب جي واتان، آقاﷺ جي نبوت جي عظيم نشاني پنهنجي اکين سان ڏسي چڪا هئا. خدا قرآن ۾ اُن ذڪر به ڪيو آهي.
”جيڪڏهن هو ڪا نشاني ڏسندا آهن ته مُنهن ڦيري وٺندا آهن ۽ چوندا آهن ته اهو هلندڙ ڦرندڙ جادو آهي.“
چون ٿا ته اُن ئي مهل پنجن ئي نيڪ فطرت قريشن پنهنجا اٺ گهوڙا ڪڍيا، پنهنجن ساٿين کي ساڻ ورتو، هٿيار ٻڌا ۽ شعب ابي طالب ۾ ويا ۽ بنو هاشم ۽ بنو مطلب کي عزت ۽ احترام سان واپس مڪي وٺي آيا.
اُن ڏينهن شام جو سيدنا ابو طالب ڪعبي جي غلاف کي جهلي هيءَ دعا گهري
”اي الله! جن ماڻهن اسان تي ظلم ڪيو آهي ۽ اسان سان لاڳاپن جي ڀَڃڪڙي ڪئي آهي ۽ قطع رحمي ڪئي ۽ اسانجي عزت کي حلال ڪيو، تن کان اسانجو بدلو ۽ انتقام وَٺ.“
”خصائص ڪبريٰ“ ۾ آهي ته سيدنا ابوطالب هڪ قصيدو به پڙهيو، جنهن جو هڪ بند هو:
اَلم با تکم ان الصحيفه مذقت
و اِنَّ کُلِّ مالم يرضه الله يمسنه
]ڇا تون نٿو ڄاڻين ته اهو عهدنامو ڦاٽي پيو
۽ جنهن شئي کان الله راضي نه هُجي، اهو برباد ٿي ويندو آهي.[
]خصائص ڪبريٰ- جلد پهريون صفحو 151[

قصيدو لاميه

قصيدو لاميه

ابن اسحاق ۽ ابن ڪثير لکن ٿا ته جڏهن سيدنا ابوطالب کي قريشن پاران رسول اللهﷺ تي حملي جو خطرو محسوس ٿيو ته هن هڪ ’قصيدو لاميه‘ چيو. جنهن ۾ حرم مڪي سان گڏ پناھ گهري ۽ قوم جي رئيسن سان دوستي ۽ شڪايتون ڪندي چئٽن لفظن ۾ چيو ته للڪار ڪهڙي به قسم جي هُجي ڀلي اُن جي ڪيتري به قيمت ڏيڻي پوي ۽ پاڻ آخري دم تائين رسول الله جو تحفظ ڪندو ۽ ڪڏهن به سندس مدد ۽ سهائتا تان هٿ نه کڻندو.
هونئن ته قصيدي لاميه جا شعر آقاﷺ جي سڄي زندگي جو احاطو ڪن ٿا، پر خاص ڪري انهيءَ جو رخ ’شعب ابي طالب‘ جي ڏينهن ۾ قريشن جي لاڳاپن ٽوڙڻ طرف آهي. ]ابن ڪثير[
”جڏهن مون پنهنجي قوم کي ڏٺو ته منجهس محبت نه رهي.
۽ هُنن پنهنجا سڀ رشتا وساري ڇڏيا.
اهو ڪرڻ بدران ته مسئلا نبيرين.
هو اسانجي دشمني ۽ ايذاءُ رسائڻ ۾ اڳڀرا رهيا.
۽ اسان جي دشمنن سان ها ۾ ها ملائڻ لڳا.
اسان کان بدگمان ماڻهن جا ساٿاري بنجي ويا.
۽ اسان کي ڏسي.
اسانجي پويان هو وات ۾ آڱريون وجهي ڏندن سان چَٻاڙين ٿا
آءٌ انهن سڀني جي سامهون مُنهان مُنهن بيهي للڪاريان ٿو
لچڪدار نيزي ۽ تِکي وڍيندڙ تلوار سان،
جيڪو اهانجي وڏڙن جو ورثو آهي،
سڀ اُن سڳوري در جي سامهون بيٺا آهن،
جتي هر قسم کڻندڙ پنهنجو قسم پورو ڪندو آهي
جتي اَشعري ماڻهون پنهنجون سواريون ويهاريندا آهن.
اساف ۽ نائله بُتن وٽ قربان ڪيل جانورن جي رت جي سيلاب وٽ
اِهي قربانيءَ جا جانور،
جن جي ٽنگن ۽ ڳچين تي قربان ٿيندڙ جانور جا نشان لڳل آهن،
هيرايل اُٺن ۽ ٻن سالن جي وهيءَ وارا اُٺ،
سندن ڳچين تي سونهن لاءِ سُهڻا پٿر ٻڌل آهن،
سندن ڳچيون ڄڻ کجيءَ جون ڦلدار شاخون،
آءٌ الله کان پناھ ٿو گهران،
وڏائيءَ جو طعنو ڏيندڙ ۽ باطل سان چُهٽيو رهڻ وارن کان،
۽ ڪينو رکندڙن کان،
جيڪو اسانجي عيبن جي ڳولا ۾ رهي ٿو،
۽ دين ۾ اسان جي مرضيءَ کانسواءِ ڪهاڻيون گهڙيندڙ کان،
۽ جبل نور ۽ اُن ذات سان گڏ، جنهن ’ڪوھ سير‘ کي سندس جاءِ تي کوڙيو آهي.
۽ اُن سان گڏو گڏ جنهن جي غار حرا ۾ اچ وڃ آهي،
مڪي جي ماٿريءَ جي برحق بيت الله سان گڏ ۽ الله سان گڏ،
پڪ سان الله غافل ڪونهي،
۽ حجر اسود سان،
پناھ ٿو گهُران جڏهن کيس چُمن ٿا،
جنهن کي صبح ۽ شام گهيريو رهن ٿا،
۽ اُن ڪنئري پٿر تي، جنهن تي ابراهيم جي پيرن جي نشانن سان
پناھ ٿو گهران،
صفا ۽ مَروه جي وچ ۾ سعي،
سعيءَ جي چڪرن سان،
اُن جي وچ ۾ جيڪي نشانيون آهن،
سوار ۽ پنڌ حاجين ۽ هر باس باسيندڙ سان،
پناھ ٿو گهران،
۽ عرفه سان،
جڏهن اُتي جا ماڻهو ”ڪوھ الال“ جو قصد ڪن ٿا،
ڀرسان وهندڙ نهرن جي وهڪرن تائين،
۽ پهاڙين تي اُتي پوئينءَ پهر جي قيام سان،
پناھ ٿو گهران،
جو هو سوارين جي سينن کي هٿن سان جهلين ٿا،
مزدلفه جي رات،
۽ منيٰ جي قيام گاهن سان،
پناھ گهرندڙ آهيان،
ڇا اُنهن کان وڌيڪ ڪي احترام جوڳيون جايون يا هنڌ آهن؟
۽ مزدلفه سان پناھ گهرندڙ آهيان،
جڏهن سواريون تيز رفتاريءَ سان اهي اُڪرن ٿيون،
ڄڻ اِهي تيز وسندڙ مينهن جي ڪري تيز ڊوڙي رهيون هجن،
۽ جمره ڪبريٰ کان پناھ ٿو گهران،
جڏهن مَٿن پٿرن جو وسڪارو ڪيو وڃي ٿو،
۽ پناھ گهران ٿو” ڪنده“ کان،
جڏهن هو محصب ماٿريءَ ۾ شام ٽاڻي ترسيو هو.
۽ انهن کي بڪربن وائل جا حاجي لنگهائي رهيا هئا.
اِهي ٻيئي جيڪي پاڻ ۾ ساٿاري آهن.
هُنن پنهنجي وعدن ۽ ٻولن کي پڪو ڪري ورتو آهي.
۽ مٿن محبت ۽ پنهنجائپ جا سڀ ذريعا گڏ ڪري ورتا آهن.
۽ هُنن پنهنجي اُٺ پکيءَ جي تيز رفتاريءَ سان ماٿريءَ جي عمدي گاھ سرخ ۽ شيرق کي ڀيلي ڇڏيو آهي.
پوءِ ڇا ڪنهن پناھ گهرندڙ کان اُن کان پوءِ به ڪا.
پناھ جي جاءِ آهي؟
۽ ڇا ڪو خُدا ترس.
پناھ وٺندڙ کي ملامت ڪندو آهي.
اسان بابت دشمنن جا ارادا قبوليا ويا آهن.
هُنن جون خواهشون پاليل آهن ته اسان تي ترڪ ۽ ڪابل جا رستا بند ڪيا وڃن.
ڪعبي جو قسم.
اوهين غلط ٿا چئو.
ته اسين مَڪو ڇڏي هليا وينداسين.
ٻُڌو!
اوهانجي اها رٿ سراسر ڏک ۽ غم آهي.
ڪعبي جو قسم.
اوهين ڪوڙا آهيو.
ته اسان کان محمدﷺ کسي ويندا،
اڃا ته اسان هن جي حفاظت لاءِ نه بَڙڇيون هلايون آهن نه تير،
ياد رکو،
اسين کيس اوهانجي حوالي نه ڪنداسين،
اُن وقت تائين جو سندس اڳيان،
پويان،
سندس قدمن تي،
اسين سڀ ڪَٽجي مري وڃون،
۽ پنهنجو اهل ۽ عيال مٿس قربان ڪري ڇڏيون،
ٻُڌو!
هڪ هٿيار بند قوم اوهانجي مقابلي ۾،
هُل هنگامي سان اُٿي بيٺل هوندي،
جهڙو اُٺن تان پاڻيءَ جون کليون لاهڻ مھل،
هُل بکيڙو ٻڌڻ ۾ ايندو آهي،
اُن وقت تائين ،
جيستائين اسين پنهنجي ڪينو رکندڙ دشمن کي نيزي سان زخمي ڪري مُنهن ڀَر پَٽ تي ڪرندي نه ڏسئون،
مصبت ماريل ڏکويل انسان وانگر،
خدا ٿو ڄاڻي،
جيڪڏهن اوهان فتنو وڌايو،
ته اسانجون تراڙون، اوهانجي سردارن جا ڪنڌ ڪپي کين پورو ڪري ڇڏينديون،
جيڪي اهڙن جوانن هٿان مرندا،
جيڪي ستارن جيان اُلا رکندڙ،
ڀَروسي جوڳا ۽ پنهنجو فرض پورو ڪندڙ ،
اسان جا سورهيه جوان آهن،
۽ پوءِ اها جنگ جي حالت،
سالن تائين پئي هلندي،
جو تنهنجو پيءُ به نه رهي،
قوم جي هڪ اهڙي وڏي سردار کي نظر انداز ڪرڻ ،
جيڪو پنهنجا فرض پورا ٿو ڪري،
اهو نه خوشامدڙيو آهي، نه عاجز،
پاڻﷺ
اهو سفيد رنگ وارو،
جنهن جي هڪ نظر جي ڪري رحمت جو ڪڪر طلب ڪيو ٿو وڃي
جيڪو يتيمن جي داد رسي ڪندڙ،
۽
ٻيو اَڙين جو آڌار آهي،
سرپرست آهي،
آل هاشم جا هيڻا همراھ اُن جي اَڏ وٺندا آهن،
پناھ وٺندا آهن،
وٽس رحمت آهي،
نوازش آهي،
ٻاجهه ۽ ڪرم آهي،
بقا جو قسم،
اسيد ۽ سندس پُٽ اسان سان ڪيني ۽ عداوت جي هلت هلي آهي،
۽ کائيندڙ جي سامهون ڪَٽي رکي ڇڏيو آهي،
عثمان ۽ قنقد به اسان تي مهرباني ۽ خدا ترسي نه ڪئي،
پر هُنن به اُنهن ئي قبيلن جي ڳالهه مَڃي،
۽ هُنن ابي ۽ ابن عبد يغوث جو چوڻ مڃيو،
۽ اسان جي،
هُنن ڪنهن به ڳالهه جو خيال نه رکيو،
تنهنڪري،
جيڪڏهن هو ڪٿي گڏجي ويا،
يا اسانجي هٿ چڙهي ويا،
ته اسين کين سندن ڪرتوتن جي برابر کين،
ڪيتو لوڙائينداسين،
۽ ابو عمرو،
اسانجي خلاف ڪيني ۽ دشمنيءَ ۾ بَدمست آهي،
هو گهري ٿو ته اسانکي،
پنهنجين رڍن ٻڪرين ۽ اُٺن جي دراڙن سميت،
هِتان ڪنهن ٻي هنڌ موڪلي ڏي،
هو صبح ۽ شام ڀُڻ ڀُڻ ڪندي دغا واريون ٻُوليون ٿو ٻولي،
اي ابو عمرو،
ته اسان سان ماٺ ميٺ ۾ فريب جون ڳالهيون ٿو ڪرينءَ،
۽ هو حلف ٿو کڻي ته،
اسانکي دوکو نه ڏيندو،
اَڙي ،
اسين ته کيس پڌرو پيا ڏسون،
ڪنهن شڪ ۽ شبهي کانسواءِ ،
اسان سان بغض ۽ ڪيني جي ڪري،
اخشب ۽ مجادل جي وچ ۾،
هر هيٺاهين مٿاهين،
مٿس تنگ ٿي چڪي آهي،
اُبو وليد کان پُڇ،
هن دغا باز جيان اسانجو ساٿ ڇڏي،
ڪهڙو فائدو رسايو؟
تون ته دانشور هُئين،
ته عقل ۽ ڏاهپ ۽ نوازش سان،
تنهنجي زندگي گذرندي هئي،
۽ تون؟
زندگيءَ جي آدابن کان اَڻ واقف هئين،
اي عتبه،
اسانجي خلاف،
ڪنهن فاسد، ڪوڙي، مڪار ۽ ڪينو رکندڙ جي ڳالهه نه سُڻ.
ابو سفيان مون وٽان،
ڪنهن بادشاھ جيان ڪَن ٽار ڪري لنگهي ويو،
نجد ۽ ٿڌي پاڻيءَ جي ڪنهن علائقي ڏانهن ڀَڄي ويو،
هو چويٿو ته ،
هُو اسان کان اڻ ڄاڻ ڪونهي،
خير خواهيءَ جو ڪوڙو اظهار ڪري سُڻائي ٿو ته هو شفيق ۽ مهربان آهي،
پر پنهنجي اندر جي شرارت کي لڪائي ٿو،
اي معطم!
مون ڪڏهن توکي اڪيلو ڇڏيو؟
ڪنهن تنگيءَ جي ڏينهن يا وڏي مصيبت جي گهڙيءَ ۾
اي مطعم!
بيشڪ قوم توکي هڪ ڏکئي هنڌ تي خوار ڪيو هو
پر مون تنهنجو ساٿ ڏنو هو،
خبر اَٿئي،
جڏهن ڪو معاملو منهنجي حوالي ڪيو ويندو آهي ته آءٌ ڪنهن جي پناھ نه وٺندو آهيان،
الله تعاليٰ اسان پاران عبد شمس ۽ نوفل کي سندن شرارتن جي فوري سزا ڏي ،
پوري جي پوري انصاف جي ساهميءَ ۾ توري،
جنهن ۾ تر جيتري به ڪَمي نه هجي،
۽ هو پاڻ به شاهد هُجن ته اُن ۾ ڪا گهٽ وڌائي نه ٿي آهي،
قوم جي مَت کسجي ويئي آهي،
هُنن اسان بدران بني خلق ۽ فياطل کي ڌُڻيو،
پهرين هر ڏکي گهڙيءَ ۾ اسين ئي آل هاشم ۽ آل قصي جا خاص معزز ماڻهو هئاسين،
اي عبد مناف،
اوهين بهترين ماڻهوآهيو،
پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ هر ڪميني کي مداخلت ڪرڻ نه ڏيو،
مونکي زندگي جو سُنهن،
اوهين هيڻا، نٻل ۽ بي پُهچ ٿي چڪا آهيو،
۽ اوهان غلط ڪم ڪيو آهي،
اوهين سڀ ڪڏهن هڪ هنڊيءَ جو ٻارڻ هوندا هئا.
۽ هاڻ اوهين ڪيترين ئي ديڳڙين جا چُلها آهيو،
پهرين گڏ هئا،
هاڻ ٽڙيل پکڙيل آهيو،
بني عبد مناف کي اسان سان بي رحميءَ وارو سلوڪ مُبارڪ هجي،
اسان کي رُسوا ڪرڻ،
شعب ۾ گهيري ڇڏڻ مبارڪ هُجي،
جيڪڏهن اسين غيرتي هونداسين ته اوهانجي انهن بُڇڙين حرڪتن جو نوٽس وٺنداسين،
۽ اوهين کير واري اُٺڻي کي ڏُهندا جيڪا مباھ ڪونهي
لوي گهراڻي ۾ مٽي مائٽي هئي
کين به هر سردار نظر انداز ڪري ڇڏيو
نفيل جو ڪُٽنب زمين جي بدترين ماڻهن مان آهي
۽ بني سعد جو هر بوٽ پاتل ۽ مٿي اگهاڙي کان ڪمينو آهي
قصي کي ٻُڌائي ڇڏي ته اسان جو اهو مَشن پکڙجندو
۽ کين اسان کان پوءِ ذلت ۽ خواري جو پيغام پهچائي ڇڏي
جيڪڏهن ڪڏهن قصي تي خراب وقت آيو
جڏهن اسين هُن کانسواءِ پنهنجي محفوظ هنڌ تي هليا وينداسين.
جيتو ڻيڪ هو پنهنجن پاڙن ۾ بي جگريءَ سان وڙهندا
ته سندن ٿڇ پياريندڙ عورتون ئي اسان جون غم ونڊيندڙ هونديون
خدا ٿو ڄاڻي، هر دوست ۽ ڀاڻيجي کي
اسين پنهنجو خير خواھ سمجهندا هُئاسين
پر اسان سندن غير حاضريءَ کي اجايو پاتو
سواءِ ڪلاب جي هڪ ڪٽنب جي، جيڪو خوار ڪندڙ ظلم ۽ زيادتيءَ کان آجو آهي
زهير بن ابي اُميه به سٺو ڀاڻيج آهي
ڪوڙ جي تهمت کان پاڪ
فريب کان ڌار اُگهاڙي تراڙ
وڏن سردارن مان هڪ سردار
بزرگن جي اعليٰ شرف سان منسوب
زندگيءَ جو قسم
آءٌ احمدﷺ ۽ سندس ڀائرن جي شوق محبت جو مداح آهيان
ملاقات جي خواهش رکندر جي عادت جيان
سڀني ماڻهن مان پاڻ سڳورنﷺ جو ڪهڙو مثال آهي؟
جڏهن عملدار هڪٻئي کان مٿانهون ثابت ڪندي ڀيٽا ڀيٽي ڪن
ته پوءِ ٻي ڪنهن جي اُميد ڪري ٿي سگهجي؟
بردبار... اعليٰ مدبر
انصاف وارو
ڏاهو ۽ سياڻو
هو الله سان محبت رکي ٿو
اُن کان غافل ڪونهي
اعليٰ ڪوشش و ڪاوش.. ۽ شريف ۽ ابن شريف
سندس عظمت ۽ بزرگي ثابت آهي
ڪنهن تڪرار کانسواءِ
پالڻهار هُن جي تائيد پنهنجي مدد سان ڪئي آهي،
۽ هُن ئي پنهنجو دين ظاهر ڪيو آهي
جنهن جي حقانيت لازوال آهي
الله ٿو ڄاڻي
جيڪڏهن مونکي عارو عيب جو انديشو نه هجي ها
جنهن جو مجلس ۾ اسانجي عالمن کي طعنو ڏنو ويندو آهي
ته اسين هينئر ئي سندس هر حالت ۾ پيروي ڪريون
اهي ڳالهيون سچ آهن. مذاق يا مزاح ڪونهن
سڀئي ڄاڻن ٿا
اسانجو پيارو پُٽڙو ڪوڙو ڪونهي
نه ئي ڪوڙيون ڳالهيون سندس مقصد آهن
اسانجي ڪُٽنب ۾ احمدﷺ اهڙي مقام تي فائز آهي
جو ڪنهن مقابلو ڪندڙ جو جوش به ولولو ۽ اُن کان لاچار آهي
مون پنهنجي زندگي ۽ جان مٿس نڇاور ڪري ڇڏي
سندس حمايت ڪئي اٿم
۽ سندس بچاءُ هر اُن طريقي سان ڪيو ويندو
جنهن طريقي سان ٿي سگهي.“
]ابن ڪثير تان ماخوذ[

ڏُک جي سال ۾، پهريون ڏُک

ڏُک جي سال ۾، پهريون ڏُک

ٽي سال بُک، اُڃ ۽ ڏکن کانپوءِ جڏهن نبوت جي ڏهين سال، ڏهين محرم واري ڏينهن آقاﷺ پنهنجي قبيلي بنو هاشم ۽ بنو مطلب سان گڏ عزت ۽ شان سان شعب ابي طالب مان واپس پنهنجي گهر موٽيا ته نون مهينن کانپوءِ ٽن ڏينهن جي اندر کين ٻن عظيم صدمن کي برداشت ڪرڻون پيو.
آقاﷺ کي پهريون صدمون پنجاھ سالن جي وهيءَ ۾ پنهنجي اُن عظيم مُحسن ۽ پياري چاچي سيدنا ابوطالب جي چالاڻي جي صورت ۾ سَهڻون پيو. جنهن ٻائيتاليهن سالن تائين آقاﷺ جي نگهداشت، سرپرستي ۽ فداڪاري اهڙي ته انداز ۾ ڪئي جو نبوت جي اعلان کان ڏهن سالن تائين سندس سرپرستي جي ڪري، بدنيت قريش آقاﷺ جو وار به ونگو ڪري نه سگهيا. سيدنا ابوطالب پنهنجي پيءُ سيدنا عبدالمطلب سان ڪيل پنهنجو وعدو ڪمال خوبيءَ سان پاڙيو، جنهن اٺن سالن جي يتيم پوٽي آقاﷺ محمد بن عبدالله کي سيدنا ابوطالب جي ڪفالت ۾ ڏيندي وَچن ورتو هو ته منهنجي هن پوٽي جي پنهنجي اولاد کان به وڌيڪ حفاطت ڪج. سيدنا ابوطالب سڄي زندگي اهو وعدو نباهيو. آقاﷺ پاڻ ئي چيو:
”هن پنهنجن پُٽن کي بَکيو رکي مونکي ڍئو ڪري کارايو ۽ پياريو.“
جيستائين آقاﷺ دسترخوان تي نه ويهندا هئا، تيستائين سيدنا ابوطالب پنهنجن ٻارن کي گرھ کڻڻ به نه ڏيندو هو. سيدنا ابوطالب کي پنهنجي پيءُ کان پيار ۽ اعتماد ته سڀني کان جَهجهو مليو، پر ورثي ۾ ملڪيت جو ڏهون حصو مليو. جيئن ته سيدنا ابوطالب کي بنوهاشم جي سرداري هلائڻ سان گڏ حاجين جي خدمت چاڪري، سارسنڀال ۽ کارائڻ پيارڻ جي ذميداري به ملي هئي، تنهنڪري سيدنا ابوطالب پنهنجي ٿوري ميڙي چونڊي، خدا جي گهر ايندڙ مزمانن جي خدمت چاڪري تي خرچ ڪندو رهيو.
اڪثر ڪتابن ۾ اهو غلط لکيل آهي ته سيدنا ابوطالب جو اولاد جهجو هو.
ائين نه هو. سڄي حياتي ۾ کيس چار پُٽ ۽ ٽي نياڻيون ٿيون. پٽن ۾ وڏو طالب هو، جيڪو ڪجهه عرصي کانپوءِ وڃائجي ويو هو. اُن کان ٻارهن سال ننڍو عقيل هو، جيڪو آقاﷺ کان عمر ۾ اَٺ سال ننڍو هو. يعني جڏهن آقاﷺ اٺن سالن جي وهيءَ ۾ پنهنجي عظيم چاچي سيدنا ابوطالب جي ڪفالت ۾ آيا ته ان کان اٺ سال پوءِ عقيل پيدا ٿيو.
اُن وقت سيدنا جي گهر ۾ ٻه ٽي ٻارڙا هئا، طالب ۽ آقاﷺ .
عقيل کان ٻارهن سال پوءِ جعفر پيدا ٿيو، جيڪو آقا کان عمر ۾ ويھه سال ننڍو هو،سيدنا جعفر کان ڏھ سال پوءِ سيدنا عليرضه جو جنم ٿيو. سيدنا علي، آقاﷺ کان عمر ۾ ٽيھه سال ننڍو هو، سيدنا علي جڏهن ڇهن سالن جو ٿيو ته آقاﷺ کيس پنهنجي چاچي کان وٺي پنهنجي گهر آيو؛ جيئن کيس پنهنجي اولاد جيان پالي سگهي، اُنهن ئي ڏينهن عمر ۾ آقاﷺکان ٽي سال وڏو خوشحال چاچو سيدنا عباس، سورهن سال جي سيدنا جعفر کي پنهنجي گهر ٽڪائڻ لاءِ ڳنهي آيو. هينئر سورهن سالن جو ڇوڪرو ڪنهن گهر ۾ ٻار نه هوندو آهي، پر پاڻ بار هلڪو ڪندو آهي. خاص طور تي انهن ڏينهن جڏهن سورهن سالن جي ڪنهن ٻارڙي جي ڪنهن ڪاليج يا اسڪول ۾ في نه ڏيڻي پوندي هئي، سورهن سالن جو ٻارڙو ته پاڻ گهر جي هر ڪم ڪار ۾ مددگار رهندو هو. اِهو سيدنا ابوطالب جو ايثار هو، جو هن پنهنجن ٻن پٽن کي اُنهن هستين جي حوالي ڪري ڇڏيو، جن سان هو محبت ڪندو هو، جنهن جو مقصد شايد اُن محبت کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ هو. ڪتابن ۾ سيدنا ابوطالب جي ٽن نياڻين جو ذڪر به ملي ٿو، پر گهڻو تفصيل آقا جي هم عمر سيده اُم هانيءَ جو ملي ٿو، جنهن جو اصلي نالو فاخته هو، باقي ٻه نياڻيون اُم طالب ۽ جمانه هيون
سيدنا ابوطالب کي پهرينءَ ڏينهن کان ئي خبر هئي ته آقاﷺ اڳتي هلي وڌُي شان وارو ٿيندو. سيدنا ابوطالب جي والد محترم سيدنا عبدالمطلب کي پنهنجي هن جليل القدر پوٽي جي عظيم ااشان جي زندگيءَ جي باري ۾ ڪوبه شڪ نه هو. اڻ ڳڻين جوتشين ۽ عاملن ۽ علم قيافه جي ماهرن آقاﷺ جي باري ۾ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهيون ڪيون هيون. انهن ڳالهين ٻڌڻ کانسواءِ هن خون پنهنجي اکين سان ڏٺو هو ته ڏڪر وارن ڏينهن ۾ ماڻهو جڏهن کانئس دعا گهرائڻ لاءِ ايندا هئا ته هو پنهنجن هٿن ۾ پنهنجي ننڍڙي پوٽي جا هٿ کولي ٻُڪ مٿي کڻندو هو ۽ انهن ٻُڪن کڻڻ سان ئي سخت تپندڙ اُس ۾ اک ڇنڀ ۾ ڪڪر مِڙي ايندا هئا.
سيدنا ابوطالب پنهنجي وقت جو سٺو شاعر هو.
هن پنهنجن شعرن ۾ پنهنجي ڀائيٽي سان لاڳاپيل برسات لاءِ گُهريل دعائن جي اثر هيٺ، مڙي آيل ڪڪرن جي جُهومي اَچڻ جو ذڪر ڪيو آهي.
آقاﷺ جڏهن ٻارهن ورهين جا هئا ته سيدنا ابوطالب کي بصريٰ شام جي سفر تي وڃڻون پيو.
آقاﷺ پنهنجي محبوب چاچي کي پري سفر تي ويندي ڏسي روئي پيا هئا. سيدنا ابوطالب جون اکيون ڀَرجي آيون.
تاريخ ۾ اهي لفظ لکيل آهن، جڏهن پاڻ چيائين ته” نه منهنجو هي ڀائيٽو مون کانسواءِ ڪٿي رهي سگهي ٿو ۽ نه وري آءٌ پنهنجي پياري ڀائيٽي کانسواءِ ڪيڏانهن وڃي سگهان ٿو.“ پوءِ هو پنهنجي محبوب ڀائيٽي کي پاڻ سان وٺي ويو.بصري ۾ راهب بحيره کان آقاﷺ جي رسالت جي خبر ٻُڌي، سيدنا ابوطالب مرڪيو، ڄڻ هن پنهنجي پيءُ کان ٻُڌل پيشنگوئي کي ثابت ٿيندي ڏٺو هجي ۽ پوءِ بحيريٰ راهب جي چوڻ موجب ئي پاڻ پنهنجي ڀائيٽي کي وٺي مڪي موٽي آيو هو.
سيدنا ابوطالب کي ڪاروبار ۾ فائدي ۽ نقصان سان ڪابه دلچسپي نه رهي.
هو ته هرسال الله جي گهر ايندڙ مهمان حاجين کي ماڻهن کان قرض کڻي به کارائيندو ۽ پياريندو هو. ڪيترا ڀيرا ته هُن پنهنجي سُکئي ستابي ڀاءُ عباس کان قرض به کنيو. هڪ ڀيري سيدنا عباس قرض جي ادائيگيءَ جي جاءِ تي آب زم زم جي کوھ جي چشمي جا حق گهري ورتا. سيدنا ابوطالب سقايه جو اعزاز به پنهنجي ڀاءُ جي حوالي ڪري ڇڏيو.
سيدنا ابوطالب جي آزمائش تڏهن شروع تي جڏهن آقاﷺ تي آسمان مان لٿل حق جي پيغام جي رد عمل ۾ قريشي وڏيرن دشمني ڏيکاري. رسول اللهﷺ جا دشمن قريشي قبيلن جا سردار باربار سيدنا ابوطالب وٽ شڪايتون کڻي ايندا رهيا ته پنهنجي ڀائيٽي کي سمجهائي. سيدنا ابوطالب انهن سڀني جون ڳالهيون سُڻندو هو، پوءِ پنهنجي ڀائيٽي کي گهرائي رڳو اهو چوندو هو.
ڀائيٽا! جيڪو توکي سُٺو لڳي اهوئي ڪندو رَھ
ڪير تنهنجو وار به ونگو ڪري نه سگهندو.
آءٌ ويٺو آهيان.
بنوهاشم ۽ بنو مطلب جو سڄو قبيلو سيدنا ابوطالب جي هڪ اشاري تي پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جي لاءِ تيار هو. هن پنهنجي شعرن ۾ آقاﷺ جي دشمنن کي چٽي نموني چئي ڇڏيو ته اسين محمدﷺ بن عبدالله جي بچاءَ ۾ پوين پساهن تائين وڙهنداسين. هن جي ساڄي کاٻي، اڳيان پويان، چئني ڏسائن اسانجو ٻار توڙي ٻڍو مرڻ مارڻ جي لاءِ تيار آهي،، پر ڪنهن کي به محمدﷺ ڏانهن ميري اک سان ڏسڻ نه ڏيندو.
ڪجهه همراھ اُن وهم ۾ آهن ته هُن پاڻ کلي عام اسلام جي دعوت جي ڳالهه نه ڪئي، جڏهن رسول الله جا دشمن کانئس پڇندا هئا ته ’سردار اوهين ڪهڙي عقيدي تي آهيو؟‘ ته سيدنا ابوطالب وراڻيندو هو.
آءٌ پنهنجي وڏڙن جي مذهب تي آهيان.
رسول الله جا بي وقوف دشمن وقتي طور تي خوش ٿي هليا ويندا هئا.
سوچڻ جي ڳالهه آهي.
ڇا، سيدنا ابوطالب کي پنهنجن وڏڙن جي نالن جي خبر نه هئي.
خبر هئي.
سندس وڏڙا هئا.
سيدنا ابراهيم عليه السلام.
سيدنا اسماعيل عليه السلام.
جن جو اولاد سڀئي عرب آهن. هو جيڪڏهن حڪمت عمليءَ طور اها ڳالهه نه چوي ها ته بنو هاشم ۽ بنو مطلب ، اهي ٻئي قبيلا جن جو پاڻ سردار هو، جن ٻنهي قبيلن ۾ اُن وقت تائين اسلام قبوليندڙن جي گهڻائي به نه هئي، هو سيدنا ابو طالب جي اهڙي ڳالهه ٻُڌي، ٻنهي قبيلن ۾ بغاوت ڪري ڪنهن مُشرڪ، ابولهب جهڙي رسول جي دشمن کي پنهنجو سردار چونڊي وٺن ها. جنهن وقت آقاﷺ نبوت جو اعلان ڪيو هو، اُن وقت بنو هاشم جي وڏن ۾ هي چار ڀائر هئا، سيدنا ابوطالب، دشمن رسول ابولهب، سيدنا عباس ۽ سيدنا حمزه. سيدنا حمزه ته آقاﷺ کان ڇھه ڏينهن وڏو هو.
سيدنا عباس ٽي سال ڏينهن وڏو هو.
ابولهب، آقاﷺ کان عمر ۾ ارڙهن سال وڏو هو. سيدنا ابوطالب آقاﷺ کان عمر ۾ پورا ٽيهه سال وڏو هو. سيدنا ابوطالب کانپوءِ قبيلي جي سرداري ابولهب کي ئي ملڻي هئي. پر سيدنا ابوطالب ڪمال حڪمت عملي ۽ ڏاهپ سان آقاﷺ جي حفاظت ۽ سرپرستي اهڙي ته مضبوط جبل جيان ڪئي، جنهن ۾ هو ڪنهن هڪ گهڙيءَ جي لاءِ به لڏيو ۽ لميو ڪونه.
قومن جي عالمي تاريخ ۾ ڪوبه اهڙو شخص، ڪوبه اهڙو سردار، ڪنهن پيغمبر جو ڪوبه اهڙو ساٿي نه گذريو آهي، جنهن ٽن سالن تائين الڳ ٿلڳ ۽ ڪناره ڪش ٿي سڄي شهر جي اٺن قبيلن جي سماجي بهشڪار (بائيڪاٽ) جو مقابلو ڪيو، پر هڪ گهڙيءَ جي لاءِ به ڪنڌ نه جهڪايو، نه ڪڏهن هيڻي ٻُولي هجي.
شعيب ابو طالب ۾ سيدنا ابوطالب کي پنهنجي ڀائيٽي جي سلامتي ۽ زندگي جو ايترو ته اُلڪو رهندو هو، جو رات جو سمهڻ کان اڳ پنهنجي ڪٽنب جي سڀني ڀاتين کي سُمهاري رات جي پهرين ئي پهر ۾ آقاﷺ جي بستري تي اچي ويهندا هئا، ۽ ماٺ مٺيءَ ۾ آقاﷺ جي بستري تي ڪڏهن پنهنجي پُٽ عليءَ کي ته ڪڏهن عقيل کي سُمهاري ڇڏيندا هئا، ڪڏهن وري پاڻ ئي سندس بستري تي ليٽي پوندا هئا ۽ آقاﷺ کي بستري تي وڃي سُمهاريندا هئا، پوءِ رات جي ٻي پهر سندس بسترو بدلائيندا هئا، ايئن پاڻ هڪ رات ۾ ٽي ٽي ڀيرا آقاﷺ جو بسترو بدلائيندا هئا. کين ڊپ هو ته جيڪڏهن ڪو دشمن رسول آقاﷺ کي (نعوذبالله) نقصان پهچائڻ لاءِ هيڏانهن اچي ته سندس سڳو پُٽ قتل ٿي وڃي، پر آقا جي سلامتي برقرار رهي.
تاريخ ۾ اهڙي فداڪاري نه ڪنهن ڀائيٽي جي ڀاڳَ ۾ آئي، نه ڪنهن چاچي ڏيکاري ۽ نه ڏٺي وئي.
انهن ڏينهن سندس عمر ستهتر (77) سال هئي، جڏهن پاڻ پنهنجي قبيلي سان گڏ آقاﷺ کي پنهنجي حفاظت ۾ وٺي شعب ابي طالب ۾ ويو هو، ٽن سالن کانپوءِ جڏهن اُن بنجر، ويران ۽ اُس ۾ تپندڙ ماٿريءَ جي ڀڪَ مان نڪري جڏهن سيدنا ابوطالب سرفراز ٿي واپس مڪي موٽيا ته سندس عمر اسي سالن جي لڳ ڀڳ هئي. جسم هيڻون، بدن ڏکن سبب جُهريل هئس. پر کيس آقاﷺ آسمان مان آيل پيغام ٻڌائي چيو هو.
چاچا وڃو.
الله اڏوهي کي حڪم ڏيئي سوشل بائيڪاٽ جي معاهدي کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. سيدنا ابوطالب کان وڌيڪ ڪنهن ٿي ڄاتو ته سندس ڀائيٽي نه ڪڏهن ڪوڙ ڳالهايو آهي، نه وري ڪڏهن خيانت ڪئي آهي، کيس خبر هئي ته هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جڏهن آقاﷺ جو پيغام سڄي عرب توڙي عجم تي غالب اچي ويندي.
پاڻ اهي ڳالهيون چٽي نموني پنهنجن شعرن ۾ چيون اٿس.
جيئن عالم اسلام ۾ الله جي قربت، رسول جي مُحبت ۽ انسان دوستيءَ جا هڙئي رشتا تصوف ۽ ولايت جا سڀئي اهم سلسلا سيدنا ابوطالب جي فرزند ارجمند سيدنا عليرضه سان وڃي ملن ٿا، پر هڪ اهو سلسلو شايد ابوطالب ڏانهن وڃي ٿو اهوآهي، تصوف جو اهو سلسلو، جنهن کي ماڻهو ”سلسله ملامتيءَ“ جي نالي سان سُڃاڻن ٿا. ان سلسلي ۾ ماڻهو رڳو نيڪي ڪن ٿا، پر نيڪي کي لِڪائين ٿا.
ڪندا رڳو ڀلائي آهن، پر ان ڀلائي جو ڪريڊٽ پاڻ نٿا کڻن،
جيڪڏهن ڪو کين خراب چوي ٿو ته هو دل ۾ نه ڪندا آهن.
پر سندن سڄي وهي بُرائيءَ جي خلاف ڀلائيءَ کي چڪائيندي گذرندي آهي.
هن ماکيءَ جي مَک وانگر رَس ۽ خوشبو جي لاءِ ڪائنات جي سڀ کان سُهڻي سردار ۽ خوش رنگ گل، پياري آقاﷺ جي خوشبو ۽ ذائقي کي چِڪايو. اُن جي حفاظت ڪئي ۽ اها ماکي سڄي اسلامي اُمت جي لاءِ محفوظ ڪري ڇڏي، شايد ان ڪري ته ماڻهن کي خبر پوي ته حفاظت ۽ سرپرستي ڇا کي ٿو چئجي.
شعب ابي طالب مان موٽندي نوَ مهينا گذري ويا.
سيدنا ابوطالب جي موڪلاڻي جو وقت اچي سَهڙيو.
قريشي سردار هڪ ڀيرو ٻيهر گڏجي سيدنا ابوطالب وٽ حاضر ٿيا، اهي پنجويهه ڄڻا هئا. چيائون: سردار توکي خبر آهي ته اسانجي دلين ۾ تنهنجي ڪيتري نه عزت ۽ احترام آهي.اسانجي هڪ وينتي آهي ته اسان کان ڪي وَچن وٺ ۽ ڪي ٻول پنهنجي ڀائيٽي کان اسانکي وٺي ڏي. اسانجي وينتي اها آهي ته هو اسانجي خدائن کي گهٽ وڌ نه ڳالهائي ته اسين سندس خدا جي باري ۾ ڪجهه به نه چونداسين. هو پنهنجي مُنهن جيڪو وڻيس سو ڪري ۽ اسان کي پنهنجي مرضيءَ تي هلڻ ڏي. سيدنا سندن ڳالهيون ٻڌيون ۽ آقاﷺ کي گهرايو ۽ چيو: منهنجي جان کان پيارا منهنجا ڀائيٽا! شهر جا هي سردار ڪجهه وعدا ڪرڻ آيا آهن. هنن جون ڳالهيون ٻُڌ ۽ پوءِ جيڪو تنهنجي دل چوي اهو ڪر.
آقاﷺ وراڻيو:
هي سڀ منهنجي هڪ ڳالهه مڃي وٺن ته سڄو عرب ۽ سڄو عجم هِنن جي پيرن هيٺان هوندو.
ابوجهل چيو:
اسين هڪ نه پر ڏھ ڳالهيون مڃينداسين.
ٻڌاءِ ڪهڙي ڳالهه
آقاﷺ چيو: ڏھ نه رڳو هڪ ڳالهه مڃو ۽ چئو:
لاالھ الاّ الله
]ڪونهي ٻيو خدا سواءِ الله جي.[
ابوجهل، ابوسفيان بن حرب، اميه بن خلف، عتبه بن ربيع ۽ سندس ساٿي پريشاني جي حالت ۾ تاڙيون وڄائڻ لڳا ۽ سيدنا ابوطالب کي چوڻ لڳا، ”سردار اوهانجو ڀائيٽو ته اسانجي ڳالهه نٿو مڃي، پوءِ اسين ڪيئن هيترن سارن خدائن کي ڇڏي فقط هڪ خدا کي مڃون.“
سيدنا ابوطالب کين وصيت ڪئي
”اي قريشو! اوهين خدا جي مخلوق ۾ ممتاز ۽ عربستان جي دل آهيو
آءٌ اوهان کي هن عمارت (بيت الله) جي تعظيم جي وصيت ٿو ڪريان.“
مِٽن مائٽن سان رحم وارو سلوڪ ڪجو، اُنهن سان ٽوڙ جو نه، ڇو ته رحمدلي جي عمل سان عمر وڌي وڃي ٿي، ۽ رزق جي وڌڻ جو سبب بنجي ٿي.
اي قريش جي قوم، آءٌ اوهان کي محمدﷺ سان نيڪي جي وصيت ٿو ڪريان، هو قريش ۾ امين آهي ۽ جنهن جي ڪري مون اوهانکي وصيت ڪئي آهي ۽ هو اهڙي امر سان آيو آهي، جنهن کي سڀني دلين قبوليو آهي.
اي قريشو! پنهنجي ڀاءُ کي جهليو،
سندس دوست بنجي وڃو،
سندس حامي بنجي وڃو،
خدا جو سُنهن! اوهان مان جيڪو به اُن رستي تي هلندو، اهو ڀلائيءَ جي رستي تي هوندو ۽ جيڪو سندس طريقو اختيار ڪندو، اهو سعادت ماڻيندو.“
سڀني قريشي قبيلن جا سردار هليا ويا ته سيدنا ابوطالب، بنوهاشم ۽ بنو مطلب جي پنهنجن ماڻهن کي سڏيو،جيئن ٻائيتاليهه سال اڳ سندس والد محترم عبدالمطلب اَٺن سالن جي ننڍڙي حضورﷺ جو هٿ سندس هٿ ۾ ڏنو هو. ساڳئي طرح سيدنا ابو طالب، آقاﷺ جو هَٿ پنهنجي قوم جي هٿ ۾ ڏنو ۽ حڪم ڏنو ته اهو منهنجي ۽ منهنجي پيءُ جو حڪم آهي ته سڀ منهنجي هن ڀائيٽي جي حفاظت ڪجو، پوءِ ڀلي ڇا به ٿي پوي.
اهو چوندي سيدنا ابوطالب جو آواز ڌيمو ٿي ويو.
ڀرسان ويٺل سيدنا عباس ڪَن ڏئي سندس هلندڙ چپن کي ٻڌڻ لڳو. سيدنا ابوطالب جي پٿرايل اکين آسمان ڏانهن ڏسي ڪمري ۾ ويٺل آقاﷺ ڏانهن محبت سان ڏسندي چپن ۾ ڪجهه پڙهيو ۽ سدائين جي لاءِ خاموش ٿي ويو. سيدنا ابوطالب جا آخري چيل ٻُول ٻُڌي سيدنا عباس، آقاﷺ ڏانهن مُڙيو ۽ چيائين. ”ڀائيٽا! تون جنهن ڪلمي لاالھ الا الله جو چئي رهيو هُئين، ابوطالب پنهنجن آخري ساهن ۾ اهي ئي لفظ چيا.“ ]ابن هشام. ابن ڪثير[

ڏُک جي سال ۾، ٻيو ڏُک

ڏُک جي سال ۾، ٻيو ڏُک

آقاﷺ سان دل ۽ جان سان مُحبت ڪندڙ محافظ ۽ سرپرست سيدنا ابوطالب جي وفات جو ٽيون ڏينهن هو، جو آقاﷺ جي جيون ساٿياڻي، ڏکن سُکن جي ساٿياڻي، سيده خديجهرضه وفات ڪري ويئي، اڃا آقاﷺ جي ڏکويل اکين جا لڙڪ به نه سُڪا هئا، جو اهو عظيم صدمو مليس. انهيءَ ڏهين نبوي سال جي رمضان جو آخري ڏهو هو. جڏهن سيده 65 سالن جي عمر ۾ پنهنجي محبوب گهر واريءَ کي اڪيلو ڇڏي وئي. پنجويهن سالن جو ساٿ ڇڄي پيو.
سيده خديجهرضه سڄي زندگي آقاﷺ سان لافاني محبت وفا شعاري، غم گساري ۽ اٽل خيرخواهيءَ ۾ گذاري. سيده جڏهن آقاﷺ جي نڪاح ۾ آئي ته مڪي جي سڀ کان وڏي مالدار عورت هئي. سندن سوين اُٺن جو قافلو سامان کڻي عربستان جي ريگستانن ۾ ڏورانهن هنڌن تائين ويندو هو. گهر ۾ سهوليتن ۽ برڪتن جا ڍڳ لڳل هئا. سانئڻ خديجهرضه پنهنجي زندگيءَ جو هر ساھ، پنهنجو هر سک، پنهنجي سڄي ميڙي چونڊي آقاﷺ جي عظيم الشان آسماني مقصد جي لاءِ وقف ڪري رکي هئي. پنهنجي چئن نياڻين جي پالنا ۽ تربيت ڏاڍي سُٺي نموني سان ڪئي هئائين. ٻن وڏين نياڻين جي شادي ٿي چڪي هئي، جيڪي پنهنجن گهرن تڙن ۾ خوش هيون. ٻه ننڍڙيون نياڻيون سيده اُم ڪلثوم ۽ خاتون جنت سيده فاطمه اڃا ننڍڙيون هيون.
آقاﷺ جي لاءِ سيده خديجه جي وفات بي حد ڏک جو باعث هئي، سندس اکين ۾ لڙڪ هئا ۽ دل الله جي رضا تي راضي هئي سيدخديجه. سان گذاريل چوٿائي صديءَ جو عرصو ٻن مُحب دوستن جو انتهائي محبت ۽ قربت جو زمانو هو. انهن پنجويهن ورهين ۾ آقاﷺ ۽ سيده خديجه جي وچ ۾ ڪا هڪ گهڙي به اهڙي نه آئي هئي، جڏهن ٻنهي جي ڪنهن مسئلي تي راءِ مختلف هجي، سيده سڄي زندگي فنافي الرسول جو اهڙو انوکو مثال هئي، جنهن جو مثال آقا جي زندگي ۾ يا پوءِ ڪڏهن به نظر نه آيو.
سيده جي سڄي زندگيءَ ۾ آقاﷺ ٻي ڪا شادي نه ڪئي.
جيتوڻيڪ سيده، آقاﷺ کان عمر ۾ پندرهن سال وڏي هئي. آقا پنجويهن سالن کان پنجاھ سالن جي عمر تائين پهچي چڪا هئا، پر آقاﷺ جي لاءِ سڄي جڳ جهان جي عورتن مان سيده کانسواءِ، ٻي ڪنهن عورت جي ڪابه حيثيت نه هئي، پوءِ جي زندگيءَ ۾ جڏهن مڪي مان هجرت ڪرڻ کانپوءِ آقاﷺ مديني وڃي هڪ اسلامي رياست جو بنياد وڌو، جيڪا سندس ئي زندگي ۾ سڄي عربستان ۾ پنهنجي حاڪميت مڃرائي چڪي هئي ته عرب جي مختلف دوست قبيلن جي احترام ۽ اسلام جي نالي تي پاڻ ارپيندڙ ڪيترين ئي قابل احترام عورتن سان، اسلام جو پيغام مختلف قبيلن تائين پهچائڻ ۽ قبيلن سان لڳ لاڳاپا سڌارڻ جي لاءِ آقاﷺ پنهنجي لهندڙ وهيءَ ۾ شاديون ڪيون، پر اِهي شاديون ڪجهه مهينن يا ڪجهه سالن کان طويل نه هيون. امام بخاريءَ سيده عائشه جي هڪ روايت نقل ڪئي آهي ته جيڪا امام احمد به لکي آهي. ته هڪ ڀيري سيده خديجه جي ڀيڻ سيده هاله، سرڪار دو عالمﷺ کان اندر اچڻ جي موڪل گهري ته رسول الله کي سندس آواز سيده خديجه جهڙو محسوس ٿيو ته ڇرڪي چيائين، ”اللھم هاله“ ]اي الله ڇا هي هاله آهي.[ سيده عائشه چوي ٿي ته مونکي رشڪ ٿيو، مون عرض ڪيو يا رسول الله ڇا اوهين قريشن جي ان ڪراڙيءَ کي ياد ڪريو ٿا، جنهن جي وات ۾ نه ڏند هئا نه پيٽ ۾ آنڊا، اوهان ڳاڙهين مالهين واري عورت کي ياد ڪريو ٿا، جنهن جي جاءِ تي اوهانکي عمدي عورت عطا ڪئي ويئي، اوهين پوءِ به ان جي ياد ۾ گم رهو ٿا.
اهو سُڻي رسول الله جي چهري جو رنگ ڦري ويو.
سندس چهري مبارڪ ۾اهڙي تبديلي اڳ ۾ ڪڏهن نه ڏٺي ويئي هئي. سواءِ وحيءَ جي لهڻ وقت يا مينهن وسڻ مهل، جڏهن کيس اها خبر نه پئجي وڃي ته اها رحمت آهي يا برڪت. يا عذاب آهي، پاڻ سڳورن اهو ٻڌي ارشاد فرمايو، اُن کان سُٺي عورت الله تعاليٰ مونکي عطا نه ڪئي، جڏهن ماڻهن منهنجي نبوت جو انڪار ڪيو ته هُن سچيءَ دل سان اقرار ڪيو. جڏهن ماڻهن منهنجي ترديد ڪئي ۽ مونکي ڪوڙو قرار ڏنو ته هن دل کولي منهنجي تصديق ۽ تائيد ڪئي. جڏهن ماڻهن مون سان مالي سهڪار جو هٿ ڇڪي پويان ڪيو ته هُن پنهنجي سڄي مال ۽ دولت مون تي نڇاور ڪري ڇڏي. جڏهن ٻين گهر وارين مان الله مونکي اولاد جي نعمت کان محروم رکيو ته هُن مان الله مون کي اولاد سان نوازيو.
روايت آهي ته الله تعاليٰ سيدنا جبرائيلعه جي ذريعي سيده خديجه کي سلام موڪليا ۽ کيس جنت ۾ هڪ عاليشان موتين واري بلوري محل جي بشارت ڏني، اهڙي گهر جي، جنهن ۾ نه هُل بَکيڙو هوندو، نه ٿڪاوٽ محسوس ٿيندي. چون ٿا ته حضرت جبرائيلعه جي موڪليل اُن خدا جي سلام ۽ جنت ۾ موتين محل جي اها خوشخبري سُڻي آقاﷺ جي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويئي هوندي، ڇو ته اُن ۾ سيده خديجه جي جدائي جو لڪل پيغام به هو، آقاﷺ سيده خديجه کي پنهنجن هٿن سان حجون ۾ مڪي جي قبرستان ۾ قبر ۾ لاٿو. پاڻ سيده جي قبر ۾ لٿا ۽ خدا ٿو ڄاڻي ته ڪهڙي دُکي دل سان سڄي عمر جي عظيم ساٿياڻيءَ کان وڇڙي ان گهر آيا، جتي وک وک تي سيده جون ساروڻيون ۽ سندس تصور آقاﷺ جي روبرو هو.
آقاﷺ سڄي عمر سيده جي جدائيءَ جو ڏک وساري نه سگهيا.
جڏهن به سندس گهر ۾ ڪو چڱو چوکو رڌبو هو ته پاڻ سڳورا سيده جي ساهيڙين يا سندس ڀيڻ جي گهر موڪليندا هئا. قرآن مجيد ۾، دنيا جي بهترين عورت سيده مريم بنت عمران اُم عيسيٰ کي چيو ويو آهي. آقاﷺ سان منسوب ڪيل روايت بخاري، مسلم، ترمذي ۽ نسائي بيان ڪئي آهي. فرمايائون:
”مريم بنت عمران ۽ خديجه بنت خويلد پنهنجي وقت جون بهترين عورتون هيون“.
هڪ ٻي روايت آهي ته ”مرد ته ڪيترائي باڪمال آهن، پر عورتون فقط ٽي باڪمال آهن. مريم بنت عمران، آسيه زوجه فرعون ۽ خديجه بنت خويلد.“
اُنهن ٽنهي عظيم عورتن جي حصي ۾ اها انوکي ذميداري آئي ته انهن پنهنجي وقت جي جليل القدر پيغمبرن ۽ رسولن جي پرورش ڪئي.
هڪ ٻي روايت ۾ اُنهن ٽن عظيم عورتن کانسواءِ چوٿين جليل القدر هستي خاتون جنت سائنڻ فاطمهرضه جو نالو آهي.
جنهن آقا جي گود ۾ پرورش پاتي.
سيدنا عليرضه جي گهر واري ۽ جنت جي نوجوانن جي سردارن حَسن ۽ حُسين جي امڙ جو هئي. علامه اقبال ته سيده فاطمهرضه جي ’منقبت‘ ۾ اهو به لکي ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن مُنهنجي رسول اللهﷺ مونکي ڪنهن قبر کي سجدو ڪرڻ کان روڪيو نه هُجي ها ته آءٌ سانئڻ فاطمه جي قبر کي سجدو ڪريان ها، جيڪا رسول الله ۽ سيده خديجه جي نياڻي، سيدنا عليرضه جي گهر واري ۽ جنت جي نوجوانن جي سردارن حسن ۽ حسين جي امڙ آهي. اهڙي خوشنصيبي دنيا ۾ ڀلا ڪنهن کي ملي؟

طائف ڏانهن

طائف ڏانهن

سيدنا ابوطالب جي زندگيءَ ۾ آقاﷺ جي خلاف’ دارالندوه‘ جي سازش سميت ڪيترين ئي سازشن جي باوجود، قريش ڪنهن سازش ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيا هئا. ڇو ته ابوطالب هڪئي وقت ٻن قبيلن، بنو هاشم ۽ بنو مطلب جو سردار هو. سندس چالاڻي کانپوءِ دشمن رسول ابولهب اُنهن ٻنهي قبيلن جو سردار چونڊيو ويو. دارالندوه جي رسول الله جي دشمنن جون واڇون ئي ٽڙي پيون.
پهرين پهرين، ڪجهه ڏينهن ته عربن جي صديون پراڻي روايتن جي احترام ۾ ابولهب به پنهنجي مَرهيات ڀاءُ سيدنا ابوطالب جي نصيحت موجب آقاﷺ جي سرپرستيءَ جي ڳالهه ڪئي، پر ڪجهه ئي ڏينهن ۾ سندس اندر جو بغض ظاهر ٿي پيو ۽ هُن سرعام اعلان ڪري پنهنجي ڀائيٽي آقاﷺ محمد بن عبدالله جي سرپرستيءَ تان هٿ کڻن جو اعلان ڪري ڇڏيو. عربستان جي انهن ڏينهن واري معاشري کي سمجهڻ وارن کي اِها ڳالهه سمجهي وڃڻ گهرجي ته جيڪو شخص پنهنجي قبيلي جي سرپرستي ۽ حفاظت مان نڪري وڃي ته ان جي حيثيت هڪ آزاد انسان ته ڇا غلامن کان به بَدتر ٿي ويندي هئي. هو اک ڇنڀ ۾ هڪ انسان بدران رستي تي پيل پٿر جهڙو ٿي ويو ٿي. پوءِ جيڪو به گهري کيس ٻڌي کڻي وڃي غلام بنائي يا وڪرو ڪري ڇڏي. جنهن بدفطرت شخص ۾ جهڙي بدي سمايل هجي، اهو اُن موجب سلوڪ ڪري کانئس سڀ ڪجهه کسي وٺي، کيس نقصان رسائي، ايئن عرب جي صحرا ۾ اک ڇنڀ ۾ هڪ انسان جي مقام تان ڪري ريگستان ۾ ڦُٽل اُجڙيل وڻ جهڙو بي وس ۽ لاچار ٿي ويندو هو.
پوءِ جنهن کي وڻي سو کيس پاڙؤن پَٽي ڦٽو ڪري ڇڏي.
آقاﷺ جي لاءِ سندس قبيلي جي بدترين سردار ابولهب آقاﷺ جي سرپرستي تان هٿ کڻي آقاﷺ جي دشمنن جا هٿ کولي ڇڏيا. انهن ڏينهن آقاﷺ جي شان ۾ سندن دشمنن بي شمار گستاخيون ڪيون. ڪنهن واٽ ويندي سندس چهري مبارڪ تي مِٽي اُڇلي ته ڪنهن وري ٻي ڪا حرڪت ٿي ڪئي، اُن چهري تي جنهن جي صدقي خدا سڀئي زمينون ۽ آسمان جوڙيا هئا، هڪ بدبخت ته عين خدا جي گهر ۾ ذبح ڪيل اُٺ جي اوجهري کڻي اچي سندس ڪنڌ مبارڪ تي رکي. اوجهريءَ جي نجاست، گندگي ۽ اُن جي وزن سبب آقاﷺ سجدي مان ڪنڌ به مٿي نه کڻي سگهيا. ۽ آقاﷺ جو ساھ گُهٽجڻ لڳو. ڪنهن اهو اطلاع آقاﷺ جي گهر سيده فاطمهرضه کي ڏنو. هوءَ روئندي آئي ۽ پنهنجي پياري والد جي ڪنڌ تان اُن غلاظت جي ڍڳ کي لاٿو. ايئن ڪيتري ئي دير تائين پاڻ سڳورا ان اوچتي آفت سبب نيم بي هوش رهيا. نه رڳو، اهو، پر هڪ ڀيري هڪ بي حد بدنيت عقبه بن معيط، جيڪو آقاﷺ جو پاڙيسري هو، حرم جي پاڪ اڱڻ ۾، جيڪو امن جو گهوارو هو، اُتي آقا جي ڪنڌ ۾ ويڙهيل چادر کي ويڙهي ڇڪي وٽڻ شروع ڪري ڏنو، جنهن سبب آقاﷺ جو ساھ گُهٽجڻ لڳو، ان مهل آقاﷺ جوسڀني کان ويجهو دوست سيدنا ابوبڪر ڊوڙندو آيو ۽ اُن دشمن رسول کان آقاﷺ کي ڇڏايائين. کيس دڙڪو داٻ ڪيائين ۽ چيائين ته : شرم ڪر! بي حيا، تون اهڙي مانائتي ۽ شانائتي شخص جي جان وٺڻ ٿو گهرين، جيڪو فقط اهو ٿو چوي ته منهنجو خدا هڪ آهي. توکي اُن خدا کان ڊپ نٿو لڳي، آقاﷺ جا بگڙيل، پاڙيسري آقاﷺ جي دروازي جي اڳيان ڪِن ڪچرو اُڇلي ويندا هئا. ڪجهه ته ايترا دلير ٿي ويا، جو گهر جي اندر گهڙي چُلهه تي چڙهيل ديڳڙي جو ڍڪڻ کڻي ان ۾ غلاظت اڇلي ويندا هئا.
آقاﷺ جي لاءِ ان شهر ۾ رهڻ ڏکيو ٿي پيو.
هڪ ڀيري آقاﷺ فرمايو،”ابوطالب جي وفات تائين قريش مونکي ستائڻ کان ڊڄندا هئا.“
سيدنا ابوطالب جي چالاڻي کانپوءِ آقاﷺ سوچيو ته خدا جي زمين تمام وڏي آهي. شايد ڪٿي ماڻهن جي دلين ۾ تبديلي اچي، هو آقاﷺ جو سهارو بنجي وڃن. نبوت جي ڏهين سال رمضان ۾ آقاﷺ هڪ ٻئي جي پويان ٻه صدما سهي چڪو هو. هاڻ پنهنجي پُٽيلي سيدنا زيد کي پاڻ سان ورتو ۽ پنڌ ئي پنڌ مڪي کان پنجهتر ميل پري هڪ پهاڙي شهر طائف ڏانهن روانا ٿي ويا. اها جون 619ع ڏهين نبويءَ جي ڳالهه آهي.
طائف پنج هزار فوٽ مٿاهينءَ تي هڪ صحت افزا ۽ سرسبز هنڌ آهي، اُن جو پراڻو نالو ”وراج“ هو ، پراچين وقت ان شهر جو هڪ ماڻهو ايران جي بادشاھ جي درٻار ۾ انعام جو حقدار قرار ڏنو ويو ته ايران جي بادشاھ پُڇيس.
ٻڌاءِ! توکي انعام ۾ ڇا ڏنو وڃي.
هن چيو:
بادشاھ منهنجو شهر ڏاڍو سرسبز ۽ صحت افزا آهي. اُتي ميون جا باغ آهن. منهنجي گذارش آهي ته اوهين هڪ مهندس (انجنئير) مون سان گڏي ڇڏيو، جيڪو اسانجي شهر جي چوڌاري هڪ ڀت ٺاهي، سندس عرض اَگهايو ويو ۽ شهر جي چوڌاري هڪ ڀت اَڏجي ويئي.
اُن جي ڪري شهر جو نالو ”طائف“ پئجي ويو. يعني ’ڀت وارو شهر.‘
اُن شهر جي هڪ پاسي هڪ پٿريلي ٽڪريءَ تي لات جو وڏو بُت کتل هو. جنهن جي چوڌاري پناھ جي جاءِ هئي، جنهن کي ”بست“ چيو ويندو هو. طائف ۾ گهڻو ڪري مڪي جي رئيس جا باغ ۽ زمينون هيون.
اُنهن جو واسطو به قريشن سان هو.
انهن مان هڪ رئيس عمرو بن عمير هو، جيڪو آقاﷺ جي ڏاڏي عبدالمطلب جو دوست هو، هن جا ٽي هَٺيلا پٽ هئا. عبدياليل، مسعود ۽ حبيب. پنجهتر ميلن جو پنڌ، پنجن هزار فوٽن جي چڙهائي، جون جي سخت گرمي، پري پري تائين نه ڪو پاڇو، نه ڇانورو نظر نه پي آيو، رستي ۾ نديون نالا، کڏا کوٻا، جبلن جون ٽڪريون، نوڪدار پٿر، رستي لاءِ ڪجهه به ثمر ساڻ نه. ڪٿي ڪو ندي نالو نظر ٿي آيو ته ٻه ڍُڪ پاڻيءَ جا پي ٿي ورتائون. ڪٿي جهنگ ۾ ڪو ميوو وڻن تي نظر ٿي آين ته کائي ٿي ورتائون. رستي ۾ ڪو ڳوٺ ٿي آيو ته آقاﷺ انهن کي پنهنجي حق جو پيغام ٿي ٻُڌايو. ته هيترن سارن خدائن جي بدران هڪ اڪيلي خدا کي مڃو.. جيڪو پيدا ڪندڙ، جيئاريندڙ آهي. رحمان آهي، رحيم آهي، ٻاجهارو ۽ مهربان آهي. معاف ڪندڙ آهي. هُن ئي سڄي ڪائنات جي جُوڙ جوڙي آهي، هيءَ سڄي مخلوق سندس ئي پيدا ڪيل آهي، اسان سڀئي انسان هڪ پيءَ ڏاڏي آدم جو اولاد آهيون، سڀ برابر آهيون.
نيڪ عملن جو انعام آهي.
بُڇڙاين جو حساب ٿيندو،
پاڙيسرين سان سُٺو سلوڪ ڪريو،
والدين جي اڳيان جُهڪيل رهو،
پورو توريو. گهٽ نه توريو،
سچ ٻُوليو. سچ سوچيو،
امانت ۾ خيانت نه ڪريو. بُڇڙاين کان بچو،
خدا جي حضور ۾ سندس وڏائي کي مڃڻون آهي
اُن مڃڻ واري کي مسلمان چئبو آهي
اوهين مڃڻ وارن مان ٿيو
آءٌ پنهنجي طرفان ڪا به ڳالهه نٿو ڪريان
جيڪو حڪم آسمان تان اچي ٿو، اهو ئي چوان ٿو
آءٌ اوهان کان ڪنهن ڳالهه جو اجورو نٿو گهران
مونکي پنهنجي نه پر خدا جي عظمت مڃرائڻي آهي.
مڃڻ وارن جي دلين کي سڪون ۽ راحت ملندي آهي
نه مڃڻ وارن ۾ اندر جو فساد ۽ عذاب:
پر اهو زمانو بدبخت هو
اُنهن ماڻهن نه مڃيو.
وک وک تي سفر گذرندو رهيو. رستي ۾ مزدلفه آيو، عرفات آيو، شداد جي ماٿريءَ مان لنگهيا، هده ۽ خله مان ٿيندا ويا. ڪنهن به آقاﷺ جي ڳالهين تي ڌيان نه ڌريو. هلندي هلندي آقاﷺ ۽ غلام زيد طائف پهچي ويا. طائف ۾ عمرو بن عمير جا ٽيئي پٽ عبدياليل، مسعود ۽ حبيب گڏ ويٺل ملي ويا. آقاﷺ انهن جي سامهون پنهنجو پيغام پيش ڪيو. اهي همراھ بدبخت هئا.
هٺ، آڪڙ، تڪبر ۽ ڪفر جي ماريل مغروريءَ مان هڪ چيو: هو ڪعبي جو ڪپڙو ڦاڙي ڇڏيندو. جيڪڏهن الله توکي رسول بنايو آهي. جنهن وٽ چڙهڻ جي لاءِ سواري به نه هجي. ٻي نڪ ڦونڊي اکين ۾ طنز جو زهر ڀري چيو:
”الله کي توکانسواءِ ٻيو ڪوبه نه مليو. جنهن کي رسول ڪري موڪلي ها.“
ٽيون، جيڪو سڀني کان وڌيڪ بدنيت هو، نفرت ۽ وڏائيءَ مان سندس منهن ڪارو ٿي رهيو هو. چيائين: آءٌ توسان هر گز نه ڳالهائيندس. جيڪڏهن تون واقعي خدا جو رسول آهين ته پوءِ منهنجي لاءِ تنهنجي ڳالهه رد ڪرڻ خطرناڪ آهي، پر جي تون ڪوڙ پيو ڳالهائين ته پوءِ اها ڳالهه منهنجي شان جي خلاف آهي ته آءٌ هڪ ڪوڙي سان ڳالهايان.
انهن بُڇڙن ماڻهن نه رڳو آقاﷺ جي بي حرمتي ڪئي، پر هُنن شهر جي رولو، بشني، ۽ لوفر ڇورن کي آقاﷺ جي پويان لڳائي ڇڏيو. رولو ۽ بُڇڙن ماڻهن جو ميڙ گڏ ٿي ويو. انهن ماڻهن گاريون ڏيڻ، تاڙيون وڄائڻ سان گڏ آقاﷺ تي پٿر به وسائڻ شروع ڪري ڇڏيا. آقاﷺ جو آزاد ڪيل غلام تڙپندو پنهنجي هٿن ۽ جسم سان آقاﷺ کي پٿرن کان بچائيندو رهيو.
سيدنا زيدرضه جو جسم به رتو رت ٿي ويو.
ڪو پٿر مٿي ته لڳس ۽ مٿي مان رت ٺينڍيون ڪري وهڻ لڳس.
ڪو پٿر ٻانهن تي لڳس، ٽنگن تي زخم لڳس، اُن جي هوندي به پٿر سيدنا زيد جي جسم تي لڳي آقاﷺ جي پيرن کي وڃي لڳا. گهرا زخم آيس. آقاﷺ جي جسم مُبارڪ مان پاڪ رت وهڻ لڳو.
سڳورن پيرن مان رت وهڻ لڳس.
هفتن، مهينن جي ڊگهي سفر جي ڪري ڇڳل جُتي رت سان ڀرجي ويئي.
بُکايل، اُڃايل، بي وطن، بي آسرا، ٿڪل ٽٽل، نٻل ۽ هيڻن جسمن مان آقاﷺ ۽ غلام زيد پٿرن جي وسڪاري ۾ رتو رت ٿي بستيءَ مان ٻاهر نڪتا.
غلام، آقاﷺ کي کنيو.
۽ شهر کان ٻاهر هڪ باغ طرف ويندي پاڻيءَ سان آقاﷺ جا زخم ڌوتا. پيرن مان جتي لاهڻ جي ڪوشش ڪيائين ته چَپل رت سبب پيرن سان چُهٽي پئي هئي. سيدنا زيد پنهنجن زخمن کي وساري، آقاﷺ جي زخمن کي ڌوئڻ لڳو ۽ روئڻ به لڳو.
آقاﷺ جي اکين ۾ به لُڙڪ لَڙي آيا. پاڻ سڳورن آسمان ڏانهن ڏسي اُن ڏينهن پنهنجي خدا کان اهڙي دعا گهري، جهڙي هن اڳ ۾ ڪڏهن به نه گهري هئي.
آقاﷺ خدا جي حضور هٿ کنيا ۽ خدا جي حمد ۽ واکاڻ کانپوءِ عرض ڪيو:
”اي الله! آءٌ پنهنجي ڪمزوري، بي وسي ۽ ماڻهن جي نظرن ۾ پنهنجي بي قدري ۽ انهن جي ناسمجهي جي رڳو توسان ئي شڪايت ڪريان ٿو. اي ٻاجهارا، مهربان، سڀني کان وڌيڪ مهربان، هيڻن جاهمراھ، تون ئي منهنجو رب آهين. پوءِ تون مونکي ڪنهن جي حوالي ڪري رهيو آهين؟ ڇا تون مونکي ڪنهن ڌارينءَ جي حوالي ڪري رهيو آهين. جيڪو مون سان نفرت ۽ حقارت سان پيش اچي، يا تو ڪنهن دشمن کي منهنجي معاملي جو مختيار بنائي ڇڏيو آهي؟ جيڪڏهن تون مون کان ناخوش نه آهن ته پوءِ مُونکي انهن سڀني، ڏکن، سورن ۽ تڪليفن جي پرواھ ڪونهي. تنهنجي عافيت ۽ بخشش منهنجي لاءِ تمام وڏي ۽ ڪافي آهي. آءٌ پنهنجي گهايل جسم سان تنهنجي عافيت جي پناھ ٿو وٺان. تنهنجي چهري جو اهو نور، جنهن سان اونداهيءَ ۾ روشني ٿي وڃي ٿي، اُن ڏانهن وران ٿو. تنهنجي جنهن نور سان بگڙيل ڪم سَنورجي وڃن ٿا، تنهنجي ان نور ۾ پناھ ٿو وٺان. آءٌ پناھ ٿو گهران اُن شئي کان، جنهن سان تنهنجو ڏمر ۽ عذاب مون تي نازل ٿئي، توکي ان وقت تائين راضي ڪرڻون اٿم، جيستائين تون راضي نه ٿئين.
اي الله! آءٌ ڪمزور آهيان. مون ۾ نه طاقت آهي نه زور.
جيڪا به طاقت آهي، اها تنهنجي ڏنل آهي. جيڪا به قوت آهي، اِها تنهنجي عطا ڪيل آهي. آءٌ ته ڪجهه به ناهيان، منهنجي ڪابه تدبير ڪارگر ناهي. تون ئي ڪارساز آهين. تون ئي هر بگڙيل کي سنوارڻ وارو آهين. تون ئي منهنجو خدا آهين. سڀني مهربانن کان وڏو مهربان“.
مهربان خدا سڀ ڏسي ۽ ٻُڌي رهيو هو.
اها دعا آقاﷺ جي مبارڪ زبان مان نڪري آسمان تائين پهتي ته جبرائيلعه جبلن جي ملائڪ کي وٺي حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين، آقاﷺ هي هنن جبلن جي مٿان مقرر ٿيل آهن ۽ خدا کيس اوهانجي ڪمان ۾ ڏئي موڪليو آهي ته جيڪڏهن اوهين حڪم ڏيو ته اُنهن نافرمانن کي ٻنهي جبلن جي وچ ۾ پيهي ڇڏي، جن اوهان کي ڏک پهچايو آهي. کين هن ڌرتيءَ تان ميساري ڇڏي، اوهانجي رت جي هڪ ڦُڙي جي بدلي ۾ هنن جي ايندڙ نسلن کي ختم ڪري ڇڏي، اوهين رڳو حڪم ڪيو، اهو پورو ٿيندو.
آقاﷺ هڪدم ڏکويل چهري، رت ڄميل مُرين ۽ پيرن ۾ چُهٽيل بوٽن سان تڙپي اُٿيا ۽ چيائون:
نه.. نه..
ايئن نه ڪر.
جيڪڏهن هي نه ته سندن ايندڙ پيڙهيون خدا جي پيغام کي پکيڙينديون،
کين ڪجهه نه چئو.
جڏهن آسمان مان خدا جبلن ۽ زمينن جون سڀئي ڪُنجيون آقاﷺ جي پيرن ۾ اچي رکيون ته اُن شهر طائف جي ڀت سان انگور جي وَل جي ڇانوري ۾ آقاﷺ ۽ سندس غلام کي ويٺل ڏسي ٻن مغرور مڪي مشرڪن ۽ رسول خدا جي دشمن سردارن شيبه بن ربيع ۽ عتبه بن ربيعه جي پٿر دلين تي راڄ ڪندڙ خدا هڪ خيال وڌو.
هو سوچڻ لڳا ته هي ڪهڙو نه عجيب انسان آهي
جسم زخمي اٿس،
اُڃايل آهي،
بُکايل آهي،
شهر جي ٻاهر جنهن ڀت سان ٽيڪ ڏيئي ويٺو آهي، اُن ڀت تي رسيلا ۽ خوشبودار انگور سندس زخمي هٿن وٽ لڙڪي رهيا آهن، چهري جي آسپاس پڪل انگورن جي ڇُڳا لڙڪي رهيا آهن، پر هي ڪيڏو نه امانت دار آهي، جو انگورن جو هڪ داڻو به نه پيو ڇني. بدبخت ترين ماڻهن جا ارادا به خدا جي وس ۾ ئي هوندا آهن انهن ٻن دشمن رسول عتبه ۽ شيبه پنهنجي غلام عداس کي چيو ته هڪ پليٽ ۾ ڪجهه تازا انگور کڻي وڃي انهن ٻنهي زخمين کي ڏئي اچ، اهي ٻيئي عتبه ۽ شيبه ڪيترين ئي پيڙهين کان آقاﷺ کي سُڃاڻندا هئا. کين خبر هئي ته اهو صادق ۽ امين آهي. هنن جو ۽ آقاﷺ جو تڙ ڏاڏو هاشم ۽ عبد شمس پاڻ ۾ جاڙا ڀائر هئا. پر هنن جو ڪيترين ئي پيڙهين کان آقاﷺ سان بغض هلندو پي آيو. ٻنهي کي خبر هئي ته آقاﷺ ئي سيدنا هاشم جا پَڙپوٽا آهن، جن تي سڄو قريش فخر ڪندو هو. جيڪو بُکايلن کي شام ملڪ مان مانيون پَچرائي، اٺ جي گوشت جي رس ۾ وجهي چورو ڪري کارائيندو هو. هُنن انگور موڪلي ڄڻ ته پنهنجي گڏيل وڏڙن جي مهمان نوازيءَ جو ٿورو حق ادا ڪيو. عداس انگور کڻي حاضر ٿيو، آقاﷺ ”بِسمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيمِ“ چئي انگورن ۾ هٿ وڌو.
عداس ڇرڪيو
هو ته هڪ غلام. پر علم جي سُتي پيل هيس.
پُڇيائين: سائين اوهان جيڪو هي ڪلمو پڙهيو، هتي جا ماڻهو ته اهو نٿا پڙهن.
آقاﷺ پُڇيس. تون ڪٿي جو آهين؟
عداس وراڻيو: آءٌ نينوا جو آهيان.
آقاﷺ مُرڪيا ۽ فرمايائون تون صالح مرد يونس بن متيءَ جي شهر جو رهاڪو آهين.
عداس وري ڇرڪيو: اوهان کي ڪيئن خبر پئي؟
آقاﷺ فرمايو هن ۾ ۽ مون ۾ هڪ رشتو آهي، هو به نبي هو ۽ آءٌ به رسول آهيان.
اهو ٻُڌي عداس پيرن تائين ڏڪي ويو.
مُحبت سبب هو آقا ڏانهن جُهڪي ويو. هن آقا جي ڪلهن ۽ مٿي کي ڇهيو ۽ چيائين آءٌ عيسيٰ ابن مريم جو مڃيندڙ آهيان، جنهن آخري نبيءَ جي بشارت ڏني هئي ۽ چيو هئائين ته اُن جي جتي جا ڌاڳا کولڻ به سندن لاءِ اعزاز هوندو. هينئر ان نبي جي اچڻ جو وقت آهي. اوهين ئي اهي رسول برحق آهيو. آخري رسول. اوهانجي جُتي ۾ پيل زخمي پيرن کي زور ڏيڻ منهنجي لاءِ سعادت آهي. اهو چئي عداس هڪ ڀيرو ٻيهر جُهڪيو ۽ آقاﷺ جي پيرن کي هٿ لڳايو ۽ ادب سان آقا جي زخمي پيرن کي پنهنجي پُسيل پَلڪن سان صاف ڪيو ۽ عقيدت مان هڪ ڀيرو ٻيهر آقاﷺ جي پيرن کي چمي ورتو.

طائف مان واپسي

طائف مان واپسي

طائف جي پنج هزار فوٽ مٿاهين سرسبز ماٿريءَ مان واپس ورڻ مهل آقاﷺ ۽ غلام جا جسم زخمن سان چُور هئا. سڳورن جسمن مان وهيل رت ڄمي ويو هو، ڪيترن ئي زخمن مان اڃان به رت وهي رهيو هو. سور جون سٽون اُڀري رهيون هيون. پر آقاﷺ جو روح هشاش بشاش هو، واپسيءَ جي ان سفر ۾ زمينن ۽ آسمانن ۾ جيڪو به سندن وچ ۾ آهي، اُن سڄي حاڪميت جي خدا زمين جي سيني ۾ کوڙيل انساني وستين کي پنهنجي مُٺ ۾ کڻي جبلن جي حڪمران فرشتي کي آقاﷺ جي ڪمان ۾ ڏئي ڇڏيو هو. ۽ طائف جي بِشنين جي بستيءَ جي اَجڙيل، مهڪندڙ روح واري سيدنا عداس کي آقاﷺ جو مداح بنائي ڇڏيو.
واپسيءَ جو سفر به ساڳئي نموني پيرين پنڌ هو.
اهي ئي اوچا اوچا رستا، سرسبز ماٿرين کانپوءِ بنجر ۽ سنگلاخ ٽڪرين ۽ هوائن ۾ پُر اسرار سيٽيون وڄائيندڙ پٿريلي ريتي اڏائيندڙ لُڪ، انهن ئي لُڪن ۾ الزيمه ۽ وڏي موسمي ندي’ السيل الڪبير ‘جي هنڌ تي آقا اچي ترسيو.
ڏينهن لڙي ويو.
سج، آقاﷺ جي ٿڪل ۽ ڇٽندڙ زخمن کي چُمي اُلهي ويو
هوريان هوريان رات ڏينهن جي چادر لاهي اونداهي جي چادر تاڻي.
آسمان تي چمڪندار تارا آقاﷺ جي نور جا ڪرڻا کڻي ٽمڪڻ لڳا.
اونداهي ايتري ته گهري ٿي ويئي، جو اک نه ڏسي گوڏو.
اُن حالت ۾ نظر نه ايندڙ جنن جو هڪ قافلو ڏورانهين ترڪيءَ جي علائقي ”نصيبن“ مان ايندي آقاﷺ جي پُر سوز آواز ۾ پڙهجندڙ قرآن پاڪ جون آسمان مان لٿل آيتون ٻڌي ڇرڪي بيهي رهيو. چون ٿا ته ان مهل آقاﷺ تي قرآن جي ’سورة احقاف‘28 کان 33 آيتون نازل ٿيون. انهن آيتن ۾ خدا، آقاﷺ کي خوشخبري ڏني ته اوهين هڪ اهڙي ڀٽڪيل بستيءَ کي رستو ڏيکارڻ جي لاءِ پنڌ نڪتا هئا. جنهن اوهانجي پيغام تي ڌيان نه ڌريو. ڏس، زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ هڪ ڌار قوم، جيڪا اوهانجو پيغام ٻڌي بيهي رهي آهي. اها قوم جن، سيدنا موسيٰ عليه السلام ۽ آسماني ڪتابن تي ايمان رکندڙ هئي. اها آقاﷺ جي زبان مبارڪ مان قرآن ٻُڌي ان جي سچائي جي مَنڊ مَنڊ جي ويئي ۽ ايمان آندائون ته هي ته اهوئي الاهي پيغام آهي، اها تعليم آهي، جيڪا گذريل نبي ڏيندا هئا.
هُنن پاڻ ۾ گڏجي اهو فيصلو ڪيو ته اچو هن ڪتاب ۽ ان کي آڻيندڙ سچي امين رسولﷺ تي ايمان آڻيون.
پٿر واري ڀت جي شهر طائف جي پٿر دل مُشرڪن تي جنهن سچي ڪلام جو اثر نه ٿيو، اِهو زمينن ۽ آسمانن جي پُراسرا سگهاري، زور آور ۽ صديون جيئري رهندڙ مخلوق قبولي ورتو. تنهنڪري اهو امر ضروري هو ته آقاﷺ کي سڀني انسانن ۽ سڀني جنن کانسواءِ خدا جي جوڙيل جهان جي لاءِ رحمت اللعالمين ڪري موڪليو ويو آهي.
اُن کان اڳ ۾ نبوت جي شروعاتي دور ۾ جڏهن قريش مسڪين مسلمانن کي مارڪُٽ ۽ تنگ ڪندا هئا ته مڪي مان عڪاظ ويندي لڳ ڀڳ ان ئي رستي تان جنن جي هڪ جماعت جو لنگهڻ ٿيو هو، ان وقت آقاﷺ پنهنجي ساٿين کي فجر جي نماز ۾ قرآن ٻُڌائي رهيا هئا، جنن جي اها جماعت مڪي قريشن جيان منڪر هئي، پر آقاﷺ جي مبارڪ زبان مان قرآن جي تلاوت ٻڌي ايمان آندو هئائين.
اُن وقت آسمان مان ’سورة جن‘ نازل ٿي هئي.
جنن جي اُن پهرين جماعت جي ايمان آڻڻ جي واقعي کانپوءِ هڪٻئي جي پويان جنن جون ڪيتريون ئي جماعتون وفدن جي صورت ۾ آقاﷺ جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ لڳيون هيون. هڪ رات ’حجون‘ واري هنڌ تي آقاﷺ جي سامهون جنن پنهنجو هڪ ڪيس به پيش ڪيو هو. جنهن جو پاڻ سڳورن فيصلو ڪيو هو.
طائف مان واپس ورندي آقاﷺ جو الاهي پيغام عربستان جي حدن مان نڪري ڏور ترڪيءَ جي علائقي ’نصيبن‘ جي جنن جي نصيب ۾ اچي ويو هو، پر مڪي جي حدن ۾ پهچي آقاﷺ کي خيال آيو ته دنياداري جي لاڳو قانونن جي احترام ۾مڪي ۾ گهڙڻ کان پهرين اُتي جي ڪنهن معزز ۽ سگهاري قبيلي سان تعلق ۽ قبائلي رسمن جي احترام ۾ پناھ وٺڻ به ضروري هو، ڇو ته آقاﷺ جو پنهنجو قبيلو بنوهاشم سيدنا ابوطالب جي چالاڻي کانپوءِ بدبخت ابولهب جي سرداريءَ ۾ هو، جنهن عربستان جي صديون پُراڻي رسم کي ٽوڙي عرب جي چنڊ ۽ ڪائنات جي تخليق جي ڪارڻي آقاﷺ کي پنهنجي قبيلي مان ڪڍي ڇڏيو هو ۽ سندس سرپرستيءَ کان هٿ کڻي ورتو هو.
هاڻي مڪي جي ڪنهن سگهاري قبيلي جي پناھ ضروري هئي.
آقاﷺ سان گڏ سندس غلام زيد به هاڻ ڪنهن قبيلي جي پناھ ۾ نه رهيو هو.
ٻيئي، آقاﷺ ۽ غلام زيد مڪي جي حدن کان ٻاهر ترسي پيا.
سيدنا ابوطالب جي رمضان ۾ وفات کان هڪدم پوءِ شوال جي مهيني ۾ مڪي مان نڪتا هئا، ڪيترن ئي مهينن جي مسافريءَ کانپوءِ اڃا رجب جو مهينو اچڻ ۾ ڪجهه ڏينهن هئا، جڏهن هر اجنبي ۽ قبيلي مان ڪڍيل مسافر کي به مڪي ۾ پناھ ملي ويندي هئي.
اُتي ئي آقاﷺ کي عبدالله بن اريقط ملي ويو.
جيڪو مسلمان ته نه هو، پر شاندار انسان هو.
آقاﷺ کيس مڪي ۾ پنهنجي ناناڻي قبيلي زهره جي معزز فرد اخنس بن شريف وٽ موڪليو ته ”وڃ! هن کان منهنجي لاءِ پناھ گهر.“ اخنس چورائي موڪليو ته هو پناھ ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي، پر کيس پناھ ڏيڻ جو اختيار اُن ڪري ڪونهي ته هو بني زهره جو حليف آهي، قبيلي جو اصل فرد ڪونهي. آقاﷺ وري عبدالله بن اريقط کي سهيل بن عمرو ڏانهن موڪليو، هن به اهوئي ٽيڪنيڪي نقطو اٿاريو ته هو عامر بن لوي جي لڙيءَ مان آهي، جڏهن ته قريش پاڻ کي ڪعب بن لوي جو اولاد سمجهن ٿا، تنهن ڪري هن پاران ڏنل پناھ قريش نه قبوليندا. روايت آهي ته آقاﷺ پنهنجي جنم ڀومي مڪي جي حدن کان ٻاهر، سندس ابي ڏاڏي سيدنا اسماعيل عليه السلام جي وسايل شهر کان ٻاهر ڪيترائي ڏينهن ان شهر جي ڪنهن قريشي سردار جي پناھ جي اوسيئڙي ۾ ٽڪيا رهيا. اهو آقاﷺ جنهن جي پناھ ۾ خدا ٻئي جهان ڏئي ڇڏيا هئا.
پر اِهو اُن وقت جي لاڳو دستور جي احترام جي تقاضا هئي.
نه ته واحد خدا زمين ۽ آسمان جي فرشتن کي سندن ڪمان ۾ ڏئي چڪا هئا. روايت آهي ته آقاﷺ پنهنجي ايلچي عبدالله بن اريقط کي پندرهن ماڻهن وٽ موڪليو.
پر ڪنهن به نه مڃيو.
نيٺ آقاﷺ پيغام نيندڙ کي پنهنجي پڙ ڏاڏي هاشم جي ڀاءُ نوفل جي قبيلي بني نوفل جي سردار مطعم بن عديءَ ڏانهن پناھ جي لاءِ موڪليو.
معطم بن عديءَ خوشي سان مڃي ورتو.
هن پنهنجن سڀني پُٽن، ڀائيٽن ۽ پنهنجي قبيلي جي سڀني جوانن کي حڪم ڏنو ته هو تلوارون کڻي حرم ڪعبه پهچن. پوءِ ڪجهه ماڻهن کي عبدالله بن اريقط سان گڏ آقاﷺ ڏانهن موڪليو. جيئن کيس عزت ۽ احترام سان مڪي وٺي اچن.
آقاﷺ پنهنجي شهر آيو. سڀ کان پهرين پنهنجي خدا جي گهر ويا.
مطعم بن عدي جي قبيلي جي ماڻهن جي اگهاڙين تراڙين جي ڇانوَ ۾ آقاﷺ کي ’گارڊ آف آنر‘ ڏني. عزت ۽ احترام سان حرم جي سامهون ويهاريو. پوءِ معطم بن عدي تلوار لهرائي، ڪعبي ۾موجود سڀني رسول الله جي دشمن قبيلن جي سردارن کي مخاطب ٿي چيو.
’ ٻُڌو!
آئون مطعم بن عدي، سردار بنو نوفل، محمدﷺ بن عبدالله رسول خدا کي پنهنجي پناھ ۾ وٺان ٿو. جيڪڏهن ڪو ڏانهس ميري اک سان ڏسندو ته منهنجي قبيلي جي اگهاڙِن تراڙين کي ڏسي وٺي.‘
سڀ مُشرڪ حيران پريشان ۽ ڇرڪي ويا.
هنن جي چپن تي پڪَ ڄمي ويئي.
اکيون پٿرائجي وين.
دشمن رسول، ابوسفيان بن حرب ڊوڙندو معطم بن عدي وٽ آيو ۽ چيائين ’سردار تو رڳو محمدﷺ کي پناھ ڏني آهي يا سندس پيروڪار بنجي ويو آهين.؟‘
معطم بن عدي وراڻيو: مون فقط پناھ ڏني آهي.
اهو ٻُڌي ابوسفيان جي پيٽ ۾ ساھ پيو
جلدي چيائين
’جنهن کي تو پناھ ڏني آهي اُن کي اسان جي به پناھ آهي.‘
ٿوري دير کانپوءِ ابوجهل به مطعم بن عدي کان اهو ئي سوال پڇيو. معطم بن عدي جو ساڳيو ئي جواب هو. ابوجهل ڦڪائي ۽ لاچاريءَ مان ڪنڌ نوائي بڙ بڙ ڪندو اهو چوندي کسڪي ويو:
’سردار جنهن کي تو پناھ ڏني، ان کي اسان پاران به امان آهي.‘
آقاﷺ جي لاءِ مڪي جا اهي آخري سوا ٻه سال ٻيهر اطمينان ۽ سڪون جا هئا، جهڙا سندس زندگيءَ جا پويان پنجاھ سال پنهنجي چاچي سيدنا ابوطالب جي زندگي ۾ گذريا هئا.
مڪي مان سوا ٻه سال پوءِ، جڏهن مديني مان هجرت ڪرڻ کانپوءِ جڏهن پهرين فيصلي ڪندڙ جنگ بدر ۾ مسلمانن ابوجهل، عتبه، شيبه، وليد ۽ اُميه بن خلف کي جهنم داخل ڪري ذلت جي کڏ ۾ دفن ڪيو هو ۽ مڪي قريش جي ايڪهتر ماڻهن کي قيد ڪري پاڻ سان وٺي ويا هئا، اُن واقعي کان اڳ معطم بن عدي طبعي موت مري چڪو هو.
جڏهن معطم بن عدي جو پٽ جبير بن معطم فديي جي رقم طئي ڪرڻ جي لاءِ مديني ۾ آقاﷺ وٽ مديني پنهنجي قبيلي جا قيدي ڇڏائڻ جي لاءِ آيو ته آقاﷺ کيس چيو هو:
”اڄ جيڪڏهن تنهنجو پيءَ معطم بن عدي جيئرو هُجي ها ۽ مونکي اُنهن ٻن سالن جي پناھ ڏيڻ جي عيوض قريش جا سڀئي قيدي ڇڏڻ جي لاءِ چوي ها ته سڀني کي فديي وٺڻ کانسواءِ ئي ڇڏي ڏيان ها“.
سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي.
جيڪڏهن ڪڏهن ڪنهن جهان ۾ آقاﷺ کي سڄي عمر هر دشمن کان، هر موسم ۽ مرحلي ۾ محفوظ رکندڙ سرپرستي عطا ڪندڙ ۽ پناھ ڏيڻ جي عيوض سندس مُحبي چاچي سيدنا ابوطالب ڪجهه قيدين،گناهگارن جي آقاﷺ کان رهائي گهري ته ڇا آقاﷺ ساڻس اهو وعدو به نه ڪري، جيڪو هن معطم بن عدي جي پٽ جبير بن معطم سان ڪيو هو. جڏهن ته معطم بن عدي جي ان پُٽ بدر کانپوءِ وڙهي ويندڙ احد جي جنگ ۾ آقاﷺ جي سڀ کان پياري چاچي، پياري دوست، ۽ رضائي ڀاءَ سيدنا امير حمزه کي پنهنجي غلام حبشيءَ کان ٽارگيٽ ڪري شهيد ڪرايو هو ۽ سيدنا ابوطالب جي فرزند سيدنا علي ڪرم الله وجهه جي لاءِ آقاﷺ خيبر جي جنگ ۾ اها خوشخبري ٻُڌائي ته هيءَ اها هستي آهي، جنهن سان الله ۽ الله جو رسولﷺ سڀني کان وڌيڪ پيار ڪري ٿو.
سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي.
پنهنجي مُحسن معطم بن عدي جي ظالم پَٽ جبير بن معطم سان آقاﷺ وعدو ڪيو، ته ڇا هو پنهنجي سرپرست اعليٰ سيدنا ابوطالب جي فرزند سيدنا علي ڪرم الله وجهه سان نه نباهيندو. جيڪڏهن هُنَ ڪجهه گهري ورتو. شايد ان لاءِ ماڻهو سيدنا عليرضه جي لاءِ چوندا آهن.. مُشڪل ڪُشا.

انتهائي انعام- معراج پاڪ

انتهائي انعام- معراج پاڪ

هر ناحق توهين برداشت ڪرڻ جو انعام هوندو آهي.
توهين جيتري ناحق، شديد ۽ سرعام هوندي، انعام جو مقدار، شدت ۽ ان جي دائمي حيثيت اُن ئي نسبت سان ملندي ۽ اهو انعام قائم رهندو. هڪ پيڙهيءَ کان ٻي پيڙهيءَ تائين هلندو.
شرط هڪ ٻيو به آهي.
توهين سَهڻ واري ۾ بدلي وٺڻ جي سگهه ۽ صلاحيت هُجي، پر هو خدا جي خاطر پنهنجي طاقت استعمال نه ڪري.
انساني توهين جي به حد ٿي سگهي ٿي، طائف جي بدبخت ۽ بشنين اهي سڀئي حدون اُورانگهي ڇڏيون. ناحق توهين کان وڏي ٻي ڪا ڏکوئيندڙ ڳالهه نه هوندي آهي.
آقاﷺ جي دل ڏک سان ڀرجي ويئي، ته هن حمد ۽ ثناءَ کانپوءِ پنهنجي پالڻهار کان مدد ۽ پناھ گهري، هاڻي خدا پاران عظيم ترين انعامن جو سلسلو شروع ٿيو.
انعام ايترو ملندو آهي، جيترو ڪو صبر ۽ سَهپ ۽ ڪجهه ناڪاري رد عمل ۽ ڪنهن قسم جي بدلي نه وٺڻ کانپوءِ پاڻ کي اُن جو اهل ثابت ڪري، ان حد تائين اذيت سان ڀريل توهين کانپوءِ به، دشمن لاءِ مُرڪي دعا گهري، لڙڪن هاڻن لبن تي ڏڪندڙ لفظن سان ليلائي گهُريل دعا، جڏهن ان تي قدرت ۽ اختيار هو ته ظالمن کي سيکت ڏئي سگهي. خدا زمين ۽ آسمان جي ڪمانڊر ملائڪن جي واڳ آقاﷺ جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏي هُجي. پر آقاﷺ شڪر جو سجدو ڪرڻ کانپوءِ زمين ۽ آسمان جون اِهي سڀ ڪُنجيون ٻيهر خدا جي قدمن ۾ رکي خدا کان خير ۽ عافيت ۽ پنهنجي دشمن جي ڀلائي ۽ هدايت جي دعا گهري.
اڳ ۾ ڪنهن به پيغمبر ايئن نه ڪيو هو.
حضرت نوح پنهنجن ماڻهن جي سختين کي ڏسي انهن کي پاراتو ڏئي، دشمنن جي جبلن تي آباد وستين کي ٻوڙائي ڇڏيو هو. عاد ۽ ثمود جي ماڻهن تي گرجدار آواز ۽ رڙ کين برباد ڪري ڇڏيو. حضرت لوط عه جي اشاري تي سندس دشمنن تي پٿرن جو مينهن وَٺو هو. ڪنهن جي بلند ۽ بالا عمارتن کي تيز هوائن اچي پاڙئون پٽي ڦٽي ڪيو. پهاڙن اندر ٺهيل مضبوط گهرن ۾ ويٺل مُنڪر ڪک پنَ وانگر اڏُايا ويا هئا. حضرت موسيٰعه آسمان تان ڪيترين ئي آفتن کي سڏي ورتو هو، پوءِ به هُنن نه مڃيو ته کين سمنڊ جي وچ ۾ غرق ڪرائي ڇڏيو.
هڪ آقاﷺ کانسواءِ صرف سيدنا عيسيٰعه پنهنجن دشمنن لاءِ ڪا بُرائي نه گهري هئي ۽ پنهنجن بدبخت ڪوتاھ نظر يهودين جي ميڙ ۾ پنهنجو صليب خود پنهنجي ڪلهن تي کڻي ڦلڻا ٿيل پيرن سان صليب تي پنهنجن هٿن ۽ پيرن ۾ لوهي ڪوڪا هڻائي وهندڙ رت هاڻن پنهنجن هٿن ۾ پيرن کي ٻڌرائي ڪنڌ اڏيءَ تي رکڻ هليو ويو هو. اها به ناحق توهين جي حد هئي. تنهن ڪري خدا سندس دشمن جي بدنيت اکين تي پردا وجهي، پنهنجي اُن پياري رسول کي ڪو نقصان رسائڻ کانسواءِ زمين تان جيئرو آسمان جي وشالتا ۾ کڻي ورتو ۽ سندس ڪن ۾ سَرٻاٽ ڪيو ته تون انساني نسل ۾ سڀني کان وڏي عمر ماڻيندي، ڇو ته تنهنجي ناعاقبت انديش جاهل يهودي دشمنن تنهنجي ۽ منهنجي لاڳاپي کي سمجهڻ جي بدران توکي موت جي صليب تي لڙڪائي کڳيون هڻي رهيا آهن. ڄڻ هنن تنهنجي خدا کي هارائي توکي مصلوب ڪري ڇڏيو.
ايئن ڪيئن ٿو ٿي سگهي.
ڪير آهي، جيڪو خدا جي ارادن کي شڪست ڏيئي سگهي.
اُنهن بدبختن جيترو جلد توکي مارڻ جي ڪوشش ڪئي، توکي ان کان هزارين ڀيرا ڊگهي زندگي عطا ڪئي ويئي آهي. هاڻ هڪ مقرر وقت تي آسمان تان بي حد عزت ۽ احترام سان پنهنجي سُهڻين زلفن سان سجائي هيٺ لهندين ۽ تنهنجن خوبصورت ڪلهن تي لهرائيندڙ وارن تان خوشبودار پاڻي جا ڦڙا ڳڙي رهيا هوندا.
ان وقت منهنجي آخري رسول محمدﷺ بن عبدالله جي رسالت هوندي.
جنهن سان ملڻ ۽ جنهن جي پيروي ڪرڻ جي تو پاڻ کان اڳ ايندڙ پيغمبرن جيان وعدو ڪيو آهي، شايد خدا سيدنا عيسيٰ ابن مريم کي اهو به ياد ڏياريو هجي ته تو جنهن جليل القدر رسول جي ڪري جلدي وڃڻ ٿي گهريو ۽ چوندو هئين ته ان جي پيرن ۾ پاتل جُتيءَ جا ڌاڳا به تنهنجي لاءِ وڏي سعادت هوندي. ان جي رسالت وارن ڏينهن ۾ تون ان جي ملڪ شام جي هڪ مسجد جي مينار تان لهندين ۽ سڄي دنيا جي ڀٽڪيل ماڻهن کي سندس دين طرف سڏيندين.
تون توهين کي سَهڻ جي امتحان ۾ پورو لٿين.
هاڻ مقرر وقت تائين تون آسمانن ۾ منهنجو مهمان رهندين.
ڪنهن کي خبر ڪونهي ته زمين ۽ آسمان خدا جا آهن، هو جنهن کي جتي وڻي، اُتي رکي، اهو زمين آسمان جو فرق ته اسان جهڙن گهٽ نظر ۽ ڪم ظرفن جي لاءِ آهي. خدا جي لاءِ ته هي زمين ۽ آسمان سندس سهڻي گهر جون مختلف ماڙيون آهن. اُن جي گهر جا مختلف فلور آهن.
طائف ۾ آقاﷺ ناحق توهين جي هر حد مُرڪي گذاري ڇڏي.
اُن رستي تان واپسيءَ تي خدا مٿس پنهنجي بظاهر نظر نه ايندڙ مخلوق کي سندس حاڪميت ۾ ڏئي، سندس غلام بنائي ڇڏيو. سندس ئي شهر مڪي ۾ سندس پيغام کي نه مڃيندڙن هڪ سردار کي سندس محافظ مقرر ڪرايو ۽ پوءِ هڪ اهڙي راھ، جنهن تي اڳ ۾ نه ڪو انسان هليو هو ۽ نه اُڏيو هو. جنهن جي حد تي سندس معزز ترين ملائڪ جبرائيلعه به ڪڏهن نه ويو هو،. اهو رستو کوليو ويو. چئي ته ايئن سگهجي ٿو ته دنيا جو وقت ڪجهه گهڙين جي لاءِ بيٺو رهيو. رڳو ايترو ته ڪو در دروازو کوليندڙ ڪڙو کولي ۽ واپس موٽي اچي، ته ڪُڙو لُڏي رهيو هجي، پر وقت جي هر گهڙيءَ کي اهڙو ته کولي ڇڏيو، جو اُن ۾ اسان جي وقت جون صديون اهڙيون ته چُهٽي ويون، جو انهن جي اندران سالن جا سال روشني گذاري ڇڏجي.
پوري ڪائنات، جنهن جي وشالتا جو اڃا ڪو به اندازو نه ٿيو آهي، جنهن جي هڪ ڪُنڊ کان ٻي ڪُنڊ جي ڪنهن کي به خبر ڪونهي. جنهن جي وچين رستن ۾ ويجهن تارن جي وچ مان اچڻ وڃڻ جي روشني جي رفتار کي به ڪيترا سال لڳي ٿا وڃن. اِهي سڀئي فاصلا اک ڇنڀ ۾ اهڙا ته گذري ويا، جيئن ڪائنات جي تخليق وقت سڀ فاصلا مِٽجي ويا هئا. جڏهن ڪائنات جي هڪ سري کان ٿي ٿيندڙ واقعو عين ان گهڙيءَ ڪائنات جي هر ڪنڊ ڪڙڇ، هر سياري، هر سج ۽ هر چنڊ تي ٿئي ٿو.
خدا، آقاﷺ کي سڄي ڪائنات جون ڪُنجيون بخشي ڇڏيون.
هاڻ کيس انهن ڪُنجين جا تالا به ڏيکارڻا هئا.
جنهن به جهان تي کيس دسترس ڏيڻي هئي. اُنهن جهانن جو سير به ڪرائڻو هو. اهو ڪيئن ٿو ٿئي سگهي ته ڪو ڪنهن کي ڪُنجين جو ڇُڳو ته ڏيئي ڇڏي، پر انهن ڪنجين سان کلندڙ تالا نه ڏيکاري. انهن تالن کي کولي انهن جي وچ ۾ رکيل خزانن کان اڻ ڄاڻ رکي، خدا سڀ گذريل زمانن ۽ انهن زمانن جي سڀني قومن، انهن جي سردارن ۽ نبين تي پاڻ سڳورن کي شاھد بنائڻون هو.
گواھ ڪرڻو هو
ڪوبه شاهد تيستائين ڪابه شاهدي ڪيئن ٿي ڏيئي سگهيو، جيستائين اهي سڀ واقعا ڏسي نه وٺي، سڀ زمانا، سڀئي قومون سُڃاڻي نه وٺي ۽ انهن قومن جي سردارن ۽ نبين سان روبرو ملاقات نه ڪري، کين پنهنجو پِوئلڳ بنائي، انهن جي اُمامت نه ڪري، پوءِ رڳو اهو ئي نه، ان ڪائنات جي جيڪا آخري حد آهي، جتي به آهي، اتان ٿي نه اچي، ’سدرة المنتهيٰ‘ جو سڳورو ٻير جو وڻ نور جو اهو ماخذ آهي، جنهن نور مان نکريل سندس ڪلام برحق آهي، جنهن نور مان نور بشر جي صورت ۾ سندس لاڏلو رسول الله ﷺ آهي.
نور جا ڪرڻا هڪ مرڪز تي روشني ڪندا هجن، ۽ نور ڪُل جي نور ڪلام جي ذريعي بشر سان ڳالهه نه ٿئي؟
اُنهن سڀني انعامن جي بندوبست جي گهڙي اچي ويئي.
رجب جي ستاويهين جي رات جو اها سڳوري گهڙي هئي، جڏهن آقاﷺ پنهنجي پُڦي سيده اُم هاني بنت سيدنا ابوطالب جي گهر ۾ سُتل هئا..اهو گهر خدا جي گهر کان ڪجهه پنڌ تي هو، جو سيدنا جبرائيلعه تشريف کڻي آيا.
چيائون
هلو، آسمان تان سڏ ٿيو آهي.
ڪائنات جي مڪانن تي پاڻ سڳورن جي دسترس هلي پي آئي. اڄ ته لامڪان جي ميزباني ڏسو، خدا اڄ زمان ۽ مڪان پاڻ سڳورن جي وَس ڪري ڇڏيا هئا. دنيا جو وقت ته دنيا وارن جي لاءِ ايئن ئي رهيو هوندو. پر وقت جي خلقيندڙ خدا ان وقت جون ڪُنجيون اڄ پاڻ سڳورن جي ڇُڳي ۾ وجهي ڇڏيون هيون.
جڏهن وڻيس گذريل وقت کي سڏي وٺي.
جڏهن حڪم ڏي اچڻ وارو وقت پاڻ سڳورن جي سامهون هٿ ٻڌي اچي حاضر ٿئي.
زمان ۽ مڪان تي اڄ پاڻ سڳورن جي حڪومت آهي. جنهن کي پاڻ سڳورن کي بذات خود پنهنجي مبارڪ اکين ۽ سڄي جسم جي وار وار سان ڏسڻي آهي. جبرائيلعهبند دروازي جو ڪَڙو کوليو. ڪڙي جي زنجير ٺهيل هئي. کولڻ مان لڏڻ لڳي.
دروازو کلي ٿو.
آسمان ۽ زمين جو هر لنگهه، هر ماڳ، مڪان جو تفصيلي مشاهدو ڪرڻ جو وقت اَچي سهيڙي ٿو.
اهو وقت اچي ويو.
زمين کي ٻَڌل وقت جي هڪ گهڙي جي به ڍَر نه ملي ۽ جڏهن زمين ۽ آسمان جي هر وشالتا ۽ خدا جي قربت ۾ صديون گذارڻ کانپوءِ آقاﷺ واپس وريو ته ان دروازي جو ڪَڙو ايئن ئي لُڏي رهيو هو، ڄڻ اِجھو کليو هجي.
سوچ ويچار ڪندڙن جي لاءِ زميني مناسبت جو ريليٽو]لاڳاپيل[ وقت ۽ خدا جي جامع ’اسبو لوٽ‘ وقت جي وچ ۾ فرق، ان ۾ سوچڻ جو سبق آهي. وقت، جيڪو خدا جي سڄي ڪائنات کي هٿ ۾ جهليل ڪوڙي جيان گهمائي پنهنجي مرضيءَ سان هلائي ٿو.
وقت جيڪو خدا جي سڀ کان حيرت ۾ وجهندڙ صفت آهي.
جنهن تي فقط خدا جي پنهنجي حاڪميت آهي.
اِها صفت، اُن صبح جو آقاﷺ جي هٿ ۾ ڏئي، سڄي ڪائنات کي هڪ سري کان ٻي سري تائين ڏيکاري ڇڏي.
سڀ راز کوليا ويا.
پنهنجي محبوب کي ٻُڌايو ويو ته ڇا ڇا نه تنهنجي خدا جي وَس ۾ آهي ۽ اهو سڀ ڪُجهه تنهنجي هڪ اشاري، تنهنجي هڪ خواهش تي قربان آهي، ڇو ته محب ۽ محبوب جي اَثاثن ۾ فرق نه رکيو ويندو آهي.
روايت آهي ته آقاﷺ محترمه اُم هانيءَ جي گهر کان ڪجهه وکن جي فاصلي تي موجود حرم ڪعبه جي حطيم ۾ آيا، جتي انوکي سواري بيٺي هئي، جنهن جي شڪل خچر جهڙي هئي، پر اُن جي ٻنهي پاسن سگهارا پَر هئا، جيڪي جُهڪي سندس پيرن کي ڇُهي رهيا هئا ۽ سيدنا جبرائيل عليه السلام، آقاﷺ کي سواري پيش ڪئي، آقاﷺ سوار ٿيڻ لڳا ته سواري جنهن جو بنالو ’براق‘ ٻڌايو ويو آهي، ٿورو ٽهيو. سيدنا جبرائيل سواري کي چيو:
ٻُڌ-
اڄ تون وڏو ڀاڳ وارو بنجڻ وارو آهين جو ڪائنات جي سڀ کان معزز هستي توتي سوار ٿيندي. بَراق جبرائيل امين جو حڪم سُڻي ادب سان ڪنڌ جهڪائي سراپا اشتياق جي تصوير بنجي ويو. آقاﷺ بُراق تي سوار ٿيا. بُراق پَر پکيڙيا، پير پَٽ سان جوڙيا ۽ اولهه ڏانهن فلسطين طرف منهن ڪيائين. سيدنا جبرائيل به پنهنجا پَر کوليا ۽ بُراق جي پويان اُڏرڻ لڳو. پوءِ آقاﷺ ٻڌايو ته بُراق جي رفتار ايتري ته تيز هئي، جو سندس هڪ قدم کانپوءِ ٻيو قدم حد نگاھ تي ٿي پيو. هو روشني جي رفتار کان به تيز اُڏري رهيو هو. سندس اها اڏام اُفقي هئي، زمين جي مٿان پر زمين سان گڏ، جيئن اڄ ڪو جهاز اُڏام ڪندو آهي، مڪي کان فلسطين ۾ موجود بيت المقدس ڄو فاصلو 1300 ڪلوميٽر آهي. اهو شهر بيت الحم ۽ الخليل جي ڏکڻ ۾ آهي ۽ رام الله جي اُتر ۾ بيت المقدس ٽڪرين تي آباد آهي. ان پاڪ ڪندڙ گهر کي رومين پهرين صدي ق-م ۾ ايليا جو نالو ڏنو هو. اتي آسپاس سڀ ٽڪريون آهن. انهن مان هڪ ٽڪري ڪوھ صيهون (ZION)جي نالي سان سُڃاتي وڃي ٿي. ان ٽڪريءَ تي مسجد اقصيٰ ۽ قبته الصخرا آهن.ڪوھ صيهون جي نسبت سان ئي يهودين پنهنجي تخريب ڪار عالمي تحريڪ کي صيهونيت جو نالو ڏنو آهي. بيت المقدس جي فلسطين سرزمين ڏانهن ڪنهن زماني ۾ حضرت ابراهيم ۽ سندس ڀائيٽو لوط عراق کان هجرت ڪئي هئي. آقاﷺ حضرت ابراهيم عليه السلام جي نسل مان هئا، اُن جي هجرت واري سرزمين تي آقاﷺ جي آمد ضروري هئي.
بيت المقدس جي تاريخ به ڏاڍي دلچسپ آهي.
حضرت ابراهيمعه جي پوٽي، سيدنا اسحاقعه جي پٽ سيدنا يعقوبعه خدا جي حڪم جي تعميل ۾ بيت المقدس جو بنياد وڌو.
حضرت يعقوبعه کي ئي اسرائيل چيو ويندو آهي. هڪ عرصي گذرڻ کانپوءِ حضرت سليمان 961 قبل مسيح ۾ اُتي هڪ عبادت گاھ ۽ فلسطين شهر جو بنياد رکيو. يهودي خدا جي جوڙيل حضرت سليمان عليه السلام جي گهر کي ’هيڪل سليماني‘سڏيندا آهن. پوڻا چار صديون گذري ويون، هيڪل سليماني جيئن جو تيئن موجود رهيو.
پوءِ 586 قبل مسيح ۾ عراق جي سلطنت بابل جي بهادر بادشاھ بخت نصر فلسطين تي حملو ڪيو. فلسطين کي تباهه ڪري، ’هيڪل سليمان‘ کي ڊاهي پَٽ ڪري ڇڏيو. ان سان گڏ توريت جا به سڀ نسخا ضايع ڪري ڇڏيا. هنڌ هنڌ تي باھ لڳائي ڇڏي. خدا جي اُن لاڏلي قوم يهود کي جيڪا نافرمان بنجي چڪي هئي، غلام ۽ ٻانهيون بنائي پاڻ سان گڏ عراق وٺي ويو. اُن وقت ٻانها ۽ ٻانهيون بنايل دين جو تعداد هڪ لک هو. فلسطين ۽ اتان جو بيت المقدس برباد ٿي ويو.
انهن ئي کنڊرن مان هڪ ڀيري خدا جي پيغمبر حضرت عزيرعه جو لنگهڻ ٿيو ۽ هو اُن تباھ ۽ برباد شهر فلسطين ۽ بيت المقدس کي ڏسي سوچڻ لڳو ته ڪڏهن ايئن به ٿيندو ته هيءَ وستي ۽ شهر ٻيهر آباد ٿيندو؟ الله تعاليٰ سندس ٻڌي ورتي ۽ کيس جواب ڏيڻ جي لاءِ موت ڏنو. سندس موت يا طبي ننڊ کان هڪ سئو سال کانپوءِ جاڳايو ويو ۽ ٻيهر جيئرو ڪيو ويو. ڏٺائين ته اهائي بستي هئي، جنهن جي باري ۾ کيس گمان ٿيو ته اها ڪڏهن ٻيهر آباد به ٿيندي؟
هو حيران ٿي ويو.
بستي ٻيهر آباد هئي.
بيت المقدس ۾ ماڻهن جي اچ وڃ لڳي پئي هئي. شهر جون گهٽيون ۽ رستا ماڻهن سان ڀريا پيا هئا. چؤڏس رونق، خوشي ۽ خوشحالي هئي. هن ڪجهه ماڻهن کان پُڇيو ته هي شهر ڪڏهن آباد ٿيو. ٻڌڻ وارا مُرڪيا ۽ حضرت عزيز کي چريو سمجهي ڏسڻ ٿي لڳا ۽ وراڻيائون ٿي ته اسين جڏهن کان پئدا ٿيا آهيون، شهر کي ايئن ئي ڏٺو اٿئون. اسانجي والدين ۽ اَبن ڏاڏن کان به هي شهر ايئن ئي آهي.
تون ڪير آهين؟
هوڏانهن عراق ۾ بخت نصر کانپوءِ ايران جو شهنشاھ ’ڪوروش ڪبير‘ جنهن کي ’سائرس اعظم‘ جي نالي سان تاريخ ۾ ياد ڪيو ٿو وڃي. ان 539 ق. م ۾ عراق ۾ بخت نصر جي راجڌاني بابل تي قبضو ڪري ورتو. اُتي يهودي اڌ صديءَ کان غلام بنيل هئا. ايراني بادشاھ کي انهن يهودين جي ڪسمپرسي ۽ خراب حالت تي رحم آيو ۽ سڀني يهودين کي ٻيهر فلسطين وڃي آباد ٿيڻ جي موڪل ڏيئي ڇڏيائين.
يهودين جو فلسطين ۾ پوءِ ’هيرو اعظم‘ حڪمران ٿيو. هن ٻيهر بيت المقدس جو شهر ۽ هيڪل سليماني تعمير ڪري ورتو. پر تاريخ جي صفحن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر يروشلم جي تباهي لکيل هئي. هِن ڀيري اها تباهي رومين هٿان ٿي. رومي جنرل ٽائٽس سن 70عيسوي ۾ يروشلم ۽ هيڪل سليماني ٻيهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا. هيڪل سليماني جي ڀت جو ڪجهه حصو ڊهڻ کان بچي ويو ۽ ان ڀڳل ڀت ۾ منهن لڪائي گذريل ٻن هزار سالن کان اڄ ڏينهن تائين يهودي روئيندا پٽيندا پيا اچن ۽ ان کي ئي ديوار گريه (WAILING WALL) چوندا آهن.
317ع ۾ رومي’ شهنشاھ هيڊرين‘ ٻيهر سازشي يهودين کي بيت المقدس ۽ سڄي فلسطين مان تڙي ڪڍي ڇڏيو. سڀ جلاوطن ڪيا ويا. چوٿين صدي عيسوي ۾ رومين حضرت عيسيٰ عليه السلام کي صليب تي چاڙهڻ کان چار سؤ سال پوءِ عيسائيت قبول ڪري ورتي ۽ بيت المقدس ۾ ديول تعمير ڪري ورتا. جيئن ته حضرت عيسيٰ جي ولادت به بيت المقدس ۾ ’بيت اللحم‘ ۾ ٿي هئي. ان ڪري اهو عيسائين جي لاءِ سڳورو ۽ عقيدت وارو هنڌ بنجي ويو.
جڏهن پاڻ سڳورا آقاﷺ پهرين اسرا ۽ معراج لاءِ ويندي بُراق تي سوار ٿي جبرائيل امين سان گڏجي بيت المقدس پهتا ته اتي ڪابه هيڪل يا مسجد نه هئي. ڪجهه ديول هئا. قرآن پاڪ ۾ بيت المقدس جي قديمي جاءِ کي ئي مسجد اقصيٰ چيو ويو آهي، جيڪا سالن کانپوءِ اُتي مسلمانن جي هٿان اڏجڻي هئي. اها مسجد اقصيٰ مسلمانن جي ٻي خليفي سيدنا عمر فاروق جي دور ۾ 639ع ۾ بيت المقدس ۽ فلسطين تي مسلمانن جي قبضي کانپوءِ اُڏي ويئي هئي. خليفي عبدالمالڪ جي حڪومت جي ڏينهن ۾ مسجد اقصيٰ جي اڏاوت مڪمل ٿي هئي.
مخرة معراج جي هن هنڌ تي ’قبضه الصخره‘ اڏيو ويو هو. سوا چار سئو سال پوءِ يورپي حڪومتن گڏجي صليبي جنگين جو ٻَڙڌڪ مچايو ۽ 1099ع تي عيسائين بيت المقدس تي قبضو ڪري ورتو،ستر هزار مسلمان شهيد ڪيا ويا. اٺانوي سالن کانپوءِ 1187ع ۾ مسلمانن جي عظيم الشان بهادر جرنيل صلاح الدين ايوبيءَ يورپ جي سڀني قوتن کي شڪست ڏيئي بيت المقدس کي عيسائين کان آزاد ڪرائي ورتو. پر عيسائين جيان انهن جي نسل ڪشي نه ڪئي، هنن جو قتل عام نه ڪيو. کين امن سان اهو شهر ڇڏي ڏيڻ جي موڪل ڏيئي ڇڏي. ان وقت کان بيت المقدس مسلمانن جي هٿن ۾ رهيو.
حضرت عمر جي زماني کان وٺي ويهين صدي تائين سواءِ وچ وارن 98 سالن جي جڏهن يورپي قومن چالاڪي ۽ دوکي سان بيت المقدس تي قبضو ڪري ورتو، جنهن کي صلاح الدين ايوبيءَ واپس ورتو. بيت المقدس ۽ سڄو فلسطين تيرهن سئو سالن تائين مسلمانن وٽ ئي رهيو.
پوءِ پهرين مهاڀاري لڙائي ۾ آمريڪا، برطانيه ۽ اُنهن جي اتحادين، يهودين کان جرمني ۽ سلطنت عثمانيه کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ ڳري رقم مدد طور وٺي ساڻن واعدو ڪيو ته جنگ کٽڻ جي صورت ۾ هو فلسطين مان مسلمانن کي تڙي ڪڍي اُتي يهودين کي آباد ڪندا.
ايئن ئي ٿيو.
سڄي دنيا جي انهن جمهوريت پسند ’منافق‘ اسلام دشمن قوتن فلسطين ۾ يهودين کي هڪ جمهوري حڪومت بنائڻ جي سَند ڏني، جتي يهودين جي آبادي ڪل آبادي جو ارڙهن سيڪڙو هئي. هو سڄي ايراضي تي قابض ٿي ويا. پوءِ جون 1967ع ۾ باقي فلسطين ۽ بيت المقدس تي به هُنن پنهنجو قبضو ڄمائي ورتو. ايئن اڃا تائين مسلمانن جو پهريون قبلو يهودين جي قبضي ۾ آهي ۽ اڄ عالم اسلام هڪ بهادر، جري ۽ غيرت مند صلاح الدين ايوبيءَ جي اوسيئڙي ۾ آهي.
آقاﷺ جو بُراق تي جبرائيل امين سان گڏ زمين تي اُفقي سفر مڪي کان بيت المقدس پهچي ختم ٿيو. ان سفر کي اسراءَ چيو وڃي ٿو. جبرائيل امين آقاﷺ جي سواري بُراق کي هڪ ڪِلي سان ٻڌو، واپس اچڻ تي ان هنڌ جي نشاني آقاﷺ سرعام بيت المقدس ڏسي ايندڙن کي ٻڌائي. سيدنا عمر فلسطين جي فتح کانپوءِ بلڪل انهيءَ هنڌ تي جتي بُراق کي ٻڌو ويو هو ۽ جتي ان سڳوري سفر جي ٻي عمودي اُڏام آسمانن طرف سفر جو حصو معراج پاڪ شروع ٿيو. اتي مسجد اقصيٰ جي اڏاوت جو حڪم ڏنو هو. ان مسجد جو نالو خدا رکيو، اُڏاوت جي سعادت بعد ۾ سيدنا عمررضه بن خطاب کي ملي. قرآن پاڪ ۾ اُن واقعي جي باري ۾ خدا چوي ٿو:
”پاڪ آهي اِها ذات، جيڪا پنهنجي ٻانهي کي راتو رات مسجد حرام کان مسجد اقصيٰ تائين وٺي ويئي. جنهن جي چوڌاري اسان برڪتون گڏ ڪري ڇڏيون آهن. ته جيئن اسين پنهنجي ٻانهي کي پنهنجون نشانيون ڏيکاريون. بيشڪ اهوئي ٻُڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي.“ (1-17)
هڪ روايت آهي ته مسجد اقصيٰ واري جاءِ تي آقاﷺ ۽ جبرائيل امين ٻنهي خدا جي حضور ۾ ٻه رڪعتون نماز پڙهي هئي. ]خصائص ڪبريٰ جلد 1 ص 167[ اُتي ئي پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ مشروبات جا ٻه پيالا پيش ڪيا ويا، هڪ ۾ شراب هو ۽ ٻي ۾ کير. پاڻ سڳورن کير جو پيالو پسند ڪيو. جبرائيل امين چيو: اوهان دين فطرت کي اختيار ڪيو. کير پيئڻ کانپوءِ آقاﷺ جبرائيل امين سان گڏ آسمانن طرف اُڏريا. هن ڀيري به پاڻ پنهنجي سفيد بُراق تي سوار هئا. آسمانن جو سفر به خيال جي رفتار سان هو. پهرين آسمان جو سوچيائون ته پاڻﷺ ان جي دروازي تي هئا. اُتي پُڇيو ويو ته جبرائيل سان گڏ آيل پاڻ خود آيا آهن يا گهرايا ويا آهن؟ جبرائيل امين وراڻيو:
گهرايا ويا آهن
دروازو کلي ويو.
هڪ هڪ ڪري آقاﷺ سَتن ئي آسمانن تي ويا.
هر ڀير اِهو پُڇيو ٿي ويو، پاڻ آيا آهن يا سڏيا ويا آهن؟
هِتان جواب ٿي مليو: گهرايا ويا آهن.
ادب سان هڪدم آسمان جو دروازو کلي ٿي ويو.
پهرين آسمان تي آقاﷺ جي ملاقات حضرت آدمعه سان ٿي، ڏٺائين هو ساڄي پاسي وارن ماڻهن کي ڏسي مُرڪي ٿي پيا ۽ کاٻي طرف وارن ماڻهن کي ڏسي ڏکارا بنجي ٿي ويا.
آقاﷺ جبرائيل کان پُڇيو: هي ڪهڙو راز آهي؟
جواب مليو: هي سڀني انسانن جو پيءَ آدم آهي. ساڄي پاسي وارن نيڪ روحن کي ڏسي خوش ٿا ٿين ۽ کاٻي پاسي وارن گناهگارن کي ڏسي ڏُکارا ٿا ٿين.
ٻي آسمان تي حضرت يحيٰعه ۽ ابن مريم سيدنا عيسيٰ سان ملاقات ٿيس.
ٽي آسمان تي چنڊ کان وڌيڪ روشن ۽ گلُ کان به وڌيڪ خوبصورت چهري وارو سيدنا يوسفعه هو.
چوٿين آسمان تي ادريسعه سان ملاقات ٿي.
پنجين آسمان تي موسيٰ عه جو وڏو ڀاءَ هارون گڏيس.
ڇهين آسمان تي سنجيده ۽ ڳنڀير چهري وارو سيدنا موسيٰعه موجود هو ۽ ستين آسمان تي آقاﷺ جو وڏڙو حضرت ابراهيم انتهائي محبت سان گڏيس، ڄڻ سندس اڳيان سندس گهريل دعا مُجسم نور بنجي اچي ويئي هجي.
سَتين آسمان تي جبرائيل امين ڪجهه وکون هلڻ کانپوءِ بيهي رهيو ۽ چيائين:
منهنجي حد ختم ٿي.
هن کان اڳتي هڪ وک به وڌايم ته منهنجي پَرواز ختم. پر سڙي ويندم.
هي هنڌ ’سدرة المنتهيٰ‘ آهي
اڳيان فقط خدا جي ذات آهي. هتي فقط اوهانکي سڏيو ويو آهي ۽ اوهان کان اڳ هن حد کان اڳيان ڪير به نه ويو آهي.
آقاﷺ ڌڙڪندڙ دل سان خدا جي حمد و ثنا بيان ڪندي اڳيان وڌيا. چون ٿا ته هڪ ڪمان جي ٻن ڇيڙن جيترو فاصلو رهجي ويو. پوءِ اُتي ڇا ڏٺو ويو. ڇا ٻڌو ويو، اهو خدا ٿو ڄاڻي يا خدا جو سچو رسولﷺ - اهو انسانيت تي رحمت واري خدا جوا هو انعام آهي، جيڪو نه اڳ ۾ ڪڏهن ٿيو هو، نه بعد ۾ ٻُڌو ويو.
ڪجهه عرصو اڳ طائف جي جابلو بستي ۾ بگڙيل ۽ آڪڙيل قريشي سردارن آقاﷺ جي عجز سان ڀريل محبت جي هڪ ڳالهه به نه ٻڌي هئي. رولو ۽ بشني ماڻهن کي پٿر ڏيئي آقاﷺ جي پويان لڳائي کيس زخمي ڪري ڇڏيو هو.
ان ناحق توهين جي انعام جو وقت اچي ويو هو.
ستن آسمانن جي آخري حد کان اڳيان مقدس ترين گوشو، جنهن بابت فقط پاڪيزه روح ئي سوچي سگهن ٿا، اُتي پذيرائي ملي، جتي وڏن معتبر ملائڪن جي رسائي به نه هئي، جتي اڳ ۾ ڪوبه نبي، ڪوبه رسول نه ويو هو، اتي آقاﷺ کي نوازيو ويو.
کيس ڪيئن کيڪاريو ويو هوندو.
آقاﷺ سان ڪهڙي راز ۽ نياز جون ڳالهيون ٿيون هونديون،
ڪهڙيون محبت ڀريون ڳالهيون ٿيون هونديون،
ڪهڙيون ڪهڙيون نعمتون ۽ سوکڙيون آقاﷺ کي پنهنجي ذات مبارڪ ۽ پنهنجي اُمت جي لاءِ مليون هونديون؟
مُحب ۽ محبوب جي اها الوهي آفاقي ۽ سڀني عزتن کان وڏي عزت واري ملاقات هئي. اهڙي ملاقات سوچڻ سان سوچ نکري اچي ٿي. ذهن آسماني خوشبوئن سان واسجي وڃي ٿو. خدا جي اها هستي جنهن جي هٿن ۾ سڀني آسمانن ۽ زمينن ۾ جيڪو ڪجهه آهي، اِهو سڀ ڪجهه جيڪو نظر اچي ٿو ۽ نظر نٿو اچي، جاندار ۽ غير جاندار شئي جو خالق ۽ مالڪ آهي. جيڪو اڪيلو واحد ڪائنات جو بنا شرڪت جي مالڪ آهي، جنهن جي سامهون سندس ئي جُوڙيل وڏا سيارا، سج ۽ چنڊ به حقير ذري کان وڌيڪ ڪا حيثيت نٿا رکن. اڄ ان جي خصوصي ذاتي عرش پاڪ تي، سندس سڄي ڪائنات مان ڌُڻيل، سچائين جي هر حد کان اعليٰ پاڪيزين جي انتهائي جي انتها، اسانجو آقاﷺ هُن جو محبوب اعليٰ حضرت محمد رسول الله سندس مهمان آهي. زمين ۽ آسمان ۽ زمان ۽ مڪان جي هر حد کان بُلند، بُلندين جي به هر پهچ کان مٿي، هر نکريل سوچ جي سهڻي هنڌ تي، سدرة المنتهيٰ کان اڳيان ڇا ڇا چيو ويو هوندو. ڇا ڇا ٻُڌو ويو هوندو، بس اهو رڳو خدا ٿو ڄاڻي يا خدا جو آخري رسولﷺ
چون ٿا..
اُتي پاڻ سڳورا اهڙي هنڌ تي پهتا، جتي تقدير جي ڪتاب ۾ جيڪو به لکجي ٿو سو ٻُڌڻ ۾ اچي ٿو.
قلم جيڪو لکيو ٿي
اُن قلم جي سرسراهٽ ٻڌڻ ۾ آئي ٿي.
اُن کي ’صريف الاقلام‘ چيو ويو آهي.
اُتي پاڻ سڳورن کي جنت ۽ جهنم جو مشاهدو ڪرايو ويو. پاڻ سڳورن هڪ ڀيري فرمايو ته ”جنت جا گنبذ موتين جا هئا ۽ مِٽي انهن جي مشڪ هئي.“
صحيح مسلم ۾ آهي ته اتي پاڻ سڳورن کي خداوند جي بارگاھ مان ٽي سوکڙيون مليو. ”هڪ ته ڏينهن ۾ پنج ڀيرا نماز، سوره بقره جي آخري آيت، ٽيون عطيو هي مليو ته پاڻ سڳورن جي اُمت مان جيڪو ڪنهن کي الله سان شريڪ نه ڪندو، ان جا ڪبيرا گناھ الله درگذر فرمائيندو ۽ کيس هميشه لاءِ جهنم ۾ نه وجهندو.“
واپسيءَ ۾ آقاﷺ ٻيهر بيت المقدس ۾ لٿا.
اُتي سڀ نبي نماز جي لاءِ بيٺا هئا.
جبرائيلعه امين پاڻ سڳورن کي اُمامت لاءِ بيهاريو. پاڻ سڳورن فجر جي نماز جون ٻه رڪعتون فرض پڙهايون.
جبرائيل اُمين پُڇيو، ڇا اوهان کي خبر آهي ته اوهان جي پويان ڪهڙن ماڻهن نماز پڙهي؟
آقاﷺ پُڇيو: ٻڌايو؟
جبرائيل امين چيو: اوهان کان اڳ جيترا به نبي ۽ رسول آيا آهن، انهن سڀني اوهانجي پويان نماز پڙهي، هڪ لک چوويھه هزار، اوهان امام الانبياءَ آهيو.
واپسيءَ جو سفر به بُراق تي خيال جي رفتار سان ٿيو ۽ جڏهن پاڻ سڳورا اُم اهاني جي ڪمري ۾ گهڙيا ته دروازي جو ڪڙو ايئن لڏي رهيو هو، جيئن اهو کولڻ مهل لڏيو هو. پاڻ سڳورا صدين جو سفر طئي ڪري واپس به اچي ويا ۽ زمين جو وقت جتي هو، اُتي ئي بيٺو رهيو.
سائنس اُن حقيقت کي مڃي ٿي.
اها رفتار روشنيءَ جي رفتار کان هزار ڀيرا وڌيڪ تيز آهي.
اها اصل ۾ ڪنهن برفتار کان تيز آهي، ان رفتار کي ڪو نالو نٿو ڏيئي سگهجي، اهو اهڙو عمل آهي، جيڪو ڪائنات جوڙڻ وقت قائم ٿيو هو. جڏهن وقت اڃا تخليق نه ٿيو هو.
اِهو اُهو معاملو آهي ته ڪائنات جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ جڏهن خدا جي حڪم سان ڪا چرپر ٿئي ٿي، جنهن کي هر هنڌ بلڪل ان گهڙيءَ ساڳئي نموني ٿيڻون هوندو آهي، ۽ اِها ٿي ويندي آهي.
قيامت جي ڏينهن به اهڙو ئي وقت هوندو.
هر هنڌ هڪ ئي وقت، هڪئي ڪيفيت، هڪئي وقت ٿي ويندي، پر پاڻ سڳورن جي عظمت ۽ توقير جي لاءِ زمين، د نيا جو وقت ان گهڙي ڪائنات جي وقت کان الڳ ڪيو ويو. روڪي رکيو ويو.
ڏينهن چڙهيو ته آقا ﷺ اُم هانيءَ کي اسراءِ ۽ معراج جو اهو واقعو ٻڌايو ته هوءَ ڇرڪي پئي. پنهنجي انساني مروجه سوچ جي هٿان، آقا ﷺ جي بلند وقار کي خيال ۾ رکندي پاڻ سڳورن جو دامن ڇڪي چيائي، ’اوهان ٻاهر ڪنهن سان اُن جو ذڪر نه ڪجو، شايد ماڻهو اهو ڪوڙ سمجهن.‘
آقا ﷺ مُرڪيا ۽ چيائون آءٌ ته ٻڌائيندس.
اُن وقت آقا ﷺ سڄي ڪائنات جي سڀني رازن کان واقف ٿي هيٺ لٿا هئا. سندس ڀروسو ڪيترو نه بُلند هوندو. گهر مان نڪري حرم ڪعبه جي اڱڻ ۾ آيا ته مڪي جي سڀني کان وڌيڪ شرارتي دشمن ابوجهل سان مکاميلو ٿيس. هو پنهنجي نفرت ڀريل اکين جون ماڻڪيون گهمائيندي پنهنجي مُڇ وٽيندي ۽ ڏاڙهي تي هٿ ڦيريندي ٽوڪ واري لهجي ۾ چيو:
اڄ به ڪا خبر آهي؟
آقا ﷺ وراڻيو، هائو آهي.
هو چهري جي نفرت لڪائي، تجسس مان ٻُڌڻ جي لاءِ بيهي رهيو. آقا ﷺ فرمايو: آءٌ اڄ رات جي هڪ پهر ۾ هتان کان فلسطين ويس، مٿي آسمان تي نيو ويس ۽ واپس موٽي آيس.
ابوجهل پهرين ته اکيون ڦاڙي آقا ﷺ کي ايئن ڏٺو، ڄڻ
نعوذ بالله آقا ﷺ چريائپ جهڙي ڳالهه ڪري رهيا هجن.
پوءِ تاڙيون وڄائي هِتان هُتان جي ماڻهن کي گڏ ڪيو ۽ مرچ مصالحه لڳائي اهو واقعو بيان ڪرڻ لڳو. ماڻهو اهو ٻُڌي آقا ﷺ ڏانهن رد يا قبول ڪرڻ جي صورت ۾ ڏسڻ ٿي لڳا.
آقا ﷺ مُرڪي چوڻ ٿي لڳو، ”هي آهي ته ڪوڙو، پر هينئر جيڪا خبر پيو ٻڌائي اها صحيح آهي. ايئن ئي ٿيو آهي.“
ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن اچ وڃ ڪري هڪٻئي کي اها خبر سُڻائڻ لڳا، ڪيترن ايمان رکندڙ ماڻهن کي به سندن عيار عقل گهيري ورتو، مڪي کان فلسطين تائين سفر اٺ تي به هڪ طرف جو چاليهن ڏينهن جو هوندو هو. اچڻ ۽ وڃڻ ۾ اسي ڏينهن ٿي لڳا، اها مهينن جي ڳالهه هئي ۽ آقا ﷺ فرمائي رهيو هو ته هن اهو رات جي هڪ پهر ۾ ڪيو هو. ماڻهو سوچ ۾ پئجي ويا.
اُن مهل هڪ طرف کان سيدنا ابوبڪر ايندي نظر آيو
ابوجهل ڀڄندو وٽس ويو،
چيائين: ابوبڪر، تون پاڻ ڪيترائي ڀيرا فلسطين وڃي چڪو آهين. ٻڌائي ته سفر ۾ ڪيترو وقت ٿو لڳي؟
هن ٻڌايو مهينا ۽ هفتا ،
ابوجهل وات پَٽي کليو،
اکين ۾ مڪاري آڻيندي چيائين؛
ڏس وري سوچي وَٺ.
تنهنجو صاحب چوي ٿو ته هو رات جي هڪ پهر ۾ هن مسجد حرام کان مسجد اقصيٰ فلسطين ويو ۽ صبح ٿيڻ کان اڳ واپس به موٽي آيو. اها ڳالهه مڃي سگهجي ٿي ڇا؟
سيدنا ابوبڪر جي چهري تي سنجيدگي اچي ويئي
هن ابوجهل جي طنز سان ڀريل، خوشيءَ مان ٻَهڪندڙ چهري کي ڏٺو ۽ پوءِ سندس لهرائيندڙ هٿ کي جهلي ورتو. گهڙي ٻه خاموشيءَ سان کيس ڏٺو، پوءِ سندس جهليل هٿ کي جهلي ڪاوڙ مان موڙيو ۽ سندس اکين ۾ اکيون وجهي چوڻ لڳو.
تون ان جي ڳالهه پيو ڪرين.. جنهن تي اک ڇنڀ ۾ آسمان تان خبرون لهن ٿيون. جيڪڏهن هن کي رات جي هڪ پهر ۾ فلسطين يا آسمان تي نيو ويو ۽ واپس پهچايو ويو ته اُن ۾ شڪ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ اهو سچ آهي.
هڪ گهڙي اڳ ابوجهل جو ٻَهڪندڙ مُنهن مرجهائجي ويو.
چيائين؛ توکان سواءِ هتي ٻيا ماڻهو به آهن. جن فلسطين جو سفر ڪيو آهي. اوڏانهن ويا آهن، تنهنجو صاحب ته ڪڏهن اوڏانهن نه ويو آهي. تون هل ته تنهنجي صاحب کان فلسطين جي سفر ۽ فلسطين جي خبر چار پُڇون، جيڪڏهن هو اوڏانهن ويو هوندو ته کيس سڀ خبر هوندي.
سيدنا ابوبڪررضه چيو:
هَل!
هَل ته هلون. آقا ﷺ جي سامهون فلسطين جو سفر ڪندڙ ماڻهو اچي ويٺا. سيدنا ابوبڪر به اتي ڀرسان ٿي ويٺو. هو آقا ﷺ کان فلسطين جي نقشي بابت پڇڻ لڳا. آقا ﷺ هڪ گهڙي سوچڻ لڳا ته خدا سڄو فلسطين کڻي اچي آقاﷺ جي اڳيان رکيو.
ماڻهن ٻڌي ڏندين آڱريون ٿي ڏنيون
پوءِ فلسطين جي رستي جي ڳالهه ٿي
سڄو رستو به نظر جي سامهون هلڻ لڳو
جنهن جيڪو ڪجهه پُڇيو ٿي، بلڪل اها تصوير آقا ﷺ بيان ٿي ڪري ڇڏي. ماڻهو حيران ٿي ويا. ايترا سَنها سَنها تفصيل ته کين به ياد نه هئا. ڪنهن کي ڪو شڪ نه رهيو. واپسيءَ جي سفر جي ڳالهه ٿي ته آقا ﷺ چيو ته مڪي جي ويجهو ڪجهه منزلون پري فلسطين مان ايندڙ قافلن ۾ فلاڻا فلاڻا قافلا آهن. هڪ قافلي واري جو اُٺ گم ٿي ويو هو. هو سڏ ڪري رهيو هو، پوءِ مون اُٺ جي نشاندهي به ڪري ڇڏي، هو خوش ٿيو، اونداهيءَ ۾ مونکي نه سُڃاتائين ۽ پنهنجو اٺ سڃاڻي وٺي ويو. هڪ قافلي جي ڪجاوي ۾ ڍڪڻ سان ڍڪيل هڪ مشڪيزه ۾ پاڻي رکيل هو، مونکي اُڃ لڳي قافلي وارا سُتا پيا هئا، ڪنهن کان موڪل گهران ها، ڍڪڻ کڻي پاڻي پي ورتم، پاڻي ڪو گهڻو ڪونه هو يا اُڃ وڌيڪ هئي. سڀ پاڻي ختم ٿي ويو. مون ڍڪڻ کڻي بند ڪيو ۽ هليو آيس.
شام تائين ٻيئي قافلا پهچي ويا.
آقا ﷺ جون ٻڌايل ڳالهيون پُڇيون ويون ته سورهن آنا صحيح نڪتيون.
جن کي يقين نه پي آيو، سي به مڃڻ تي مجبور ٿي پيا.
جڏهن آقا ﷺ کي خبر پئي ته سيدنا ابوبڪر بنا ڪنهن تصديق جي سندس نالو ٻُڌڻ سان ئي پوري يقين سان چئي ڇڏيو ته آقا ﷺ سچ پيا فرمائين ۽ سچ کانسواءِ ڪجهه به نه، ته اُن ئي ڏينهن آقا ﷺ پنهنجي سڀ کان پياري ۽ احترام لائق ساٿي سيدنا ابوبڪر کي صديق اڪبر جو خطاب ڏنو، جيڪو سدائين سندس سُڃاڻپ رهيو.
چيو وڃي ٿو ته اهو 27 رجب 12 نبوي سال جو صبح هو، اُن کان هڪ سال پوءِ خدا پاران کين هڪ لاجواب مِٺو انعام مليو. پاڻ سڳورن کي مديني ۾ هڪ مملڪت ملي ويئي، جيڪا ٿورن ئي سالن ۾ دنيا جو مرڪز بنجي ويئي.

خير خواھه جي ڳولا

خير خواھه جي ڳولا

آقا ﷺ کي سڄي زندگي اڪيلي خدا پاران ڪائنات جي هر ذري ذري جيان تارن ۽ زمينن جي هر کهري، چُڀندڙ شئي کي انسانيت جي لاءِ اهڙي گول ۽ نرم ڪرڻ جي ذميداري ملي هئي ته ڪا به نوڪدار نوڪ ڪنهن جي زبان هٿ يا اک جي خراب اشاري سان به نه چُڀي.
الله جي جوڙيل هر شئي پنهنجي حسين ترين تناسب ۾ رهي
ٻين سان رواداري ۽ حُسن اخلاق سان جيئي ۽ جيئڻ ڏي
جنهن هڪ خدا جي اها سڄي کيڏ آهي.
جيڪو ڪائنات جو اڪيلو ۽ سُهڻو بادشاھ آهي
هر شئي ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ وارو آهي
سندس سُڃاڻپ ايئن هجي ته اهوئي هر مخلوق جي ڀلائيءَ ۾ آهي، نه ته خدا ته بي نياز آهي ۽ اهڙو جو کيس نه مڃيندڙن کي به پنهنجي رحمت ۽ شان ڪريميءَ سان پالي ٿو. پر اهو چاهي ٿو ته انسان پنهنجي ڀَٽڪيل قدمن کي سڌاري،
جيڪي گناھ ٿيا اٿس مڃي
هو ته اسانجي توبهه جي هڪ هڪ لفظ ٻُڌڻ لاءِ اوسيئڙِي ۾ آهي.
معاف ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي.
اُن مهربان خدا جو ڀلائي ۽ محبت جي سبق جو پيغام هر روح جي لاءِ آهي.
اُن سڳوري پيغام جي واڌاري ۽ پورڻتا ]تڪميل[ آقاﷺ جو مشن هو ۽ آهي، کيس انهيءَ محنت، صحرا نوردي، سفر و حضر ۽ انهن سڀني مان مليل تڪليفن ۽ ڏکن کي سهڻ جي وڏي همت ۽ استقامت مليل هئي. ان سڄي ڊوڙ ۽ ڊُڪ جي بدلي ۾ پاڻ ڪنهن به انسان کان ڪوبه معاوضو نٿو گهري. اُلٽو پنهنجي زندگيءَ جي هر خوشي، راحت، آرام ۽ پنهنجا وسيلا، پنهنجي صحت، سڀ ڪجهه نڇاور ڪندو ٿي رهيو.
طائف مان واپس ورڻ تي جڏهن مڪي ۾ سيدنا ابوطالب جي چالاڻي کانپوءِ پاڻ سڳورن کي مڪي جي هڪ غير مسلم سردار معطم بن عديءَ پنهنجي پناھ ۾ ورتو ته آقا ﷺ پنهنجي دعوتي ڪم کي اڳيان وڌائڻ لڳا، هر سال مڪي ۾ حج جي ڏينهن دوران امن جي ٽن لڳاتار مهينن ۾ هڪٻئي جي پويان ڀرپاسي ۾ منڊيون ۽ بازاريون لڳنديون هيون. عڪاظ، حجر ۽ ذوالحجار. سڀني جو پويان تفصيل ڏيئي آيا آهيون. اُنهن مهينن ۾ عربستان جي پري توڙي ويجهن علائقن جا ڳوٺاڻا ۽ لاڏائو پنهنجن اٺن، گهوڙن، گڏهن تي ۽ پنڌ، ٽولين جي صورت ۾ اتي اچي مِڙندا هئا. هفتن جا هفتا انهن پڙِين ۾ پنهنجا خيما کوڙي ترسندا هئا، جيڪو وڪڻڻو ۽ خريدڻون هوندو هئن، اهو ڪندا هئا. انهن ريگستاني ميدانن جي ميلن ۾ لڳل دڪان سندن اٺن جي پاکڙن، گڏهن جي پُٺن ۽ پٿرن جي ڍڳن تي هوندا هئا. خريد ۽ فروخت ۾ عربن جي لاءِ هڪ وندر هوندي هئي، هنن جون ڳالهيون شگفته، رديف ۽ قافين ۾ ويڙهيل هونديون هيون.
عربن جي کل ڀوڳ ۾ هڪ خاص رنگ هو.
ملڻ جلڻ ۽ ڪچهرين سان گڏ قصن، ڪهاڻين جا دور به هلندا هئا. وڏا وڏا ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ داستان گو، اُتي پنهنجي جادوگري ڏيکاريندا هئا. عربن کي لفظن کي سنوارڻ، ٺاهڻ ۽ جملي بازيءَ ۾ وڏو مزو ايندو هو. ڳالهه ٻولهه جي دوران هو زبان جي حُسن کي، هو انساني شخصيت جي سڄي حسن جي ماءُ سمجهندا هئا. اهڙين محفلن ۾ هر خوش گفتار پنهنجي زبان جي فصاحت ۽ بلاغت جو مظاهرو ڪرڻ جو شوقين هوندو هو، پر صدين جي شيرين زباني، تدبر ۽ فڪر کانپوءِ سطحي ۽ گهرين ڳالهين جو فرق سمجهي ويا هئا. وٽن هم عمر ۽ مزاج جي ماڻهن لاءِ ٻُڌل ۽ چيل لفظن جي ڌار پسند ۽ سُڃاڻپ به هئي، پر هر نئين ڳالهه تي هو ڇرڪي به پوندا هئا.
کين خبر هئي ته انساني ڪلام جون حدون ڪهڙيون آهن.
۽ غير انساني، الوهي ڪلام ۾ ڪهڙي سرمستي، سرخروئي ۽ بُلندي هوندي آهي.
اهڙين محفلن م عرب قبيلا جَٿا ڪري، پنهنجي پنهنجي قبيلي جي سردار جي وڏائي عظمت، حسن، اخلاق، سخاوت، ملڪيت، گهوڙن، اٺن ۽ پُٽن جو تعداد سُڻائي ٻين تي رعب وجهڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.
فخر ۽ وڏائيءَ جا مقابلا ڪندا هئا.
تاڙيون وڄائيندا هئا.
هُل مچائيندا هئا.
ٺينگ ٽپا ڏيندا
هڪ ٻئي کي نيچو نوائڻ جو هر اُهو عمل ڪندا ۽ هر اهو ٻُول ٻوليندا هئا، جنهن سان ميڙ ۾ سندسن عظمت ۽ وڏائيءَ کي ثابت ڪري سگهن. اهڙن ئي ماڻهن جي ميڙن ۾ صرف هڪ آقاﷺ پنهنجي سُهڻي صورت، روشن مُهانڊي ۽ ڪائنات جي حسين ترين مُرڪ ۾ پنهنجي يا پنهنجي ڪعبي جي پاسبان عظيم قبيلي جي ڪا ڳالهه ڪرڻ جي بدران رڳو پنهنجي رب جي عظمت ۽ وڏائي بيان ڪندا هئا.
رب جون ڳالهيون به سندس ئي لفظن ۾ چوندا هئا، جيڪي خدا کيس چيون هونديون هيون.
پاڻ پنهنجي طرفان هڪ اکر به نه ٻوليندا هئا.
جيڪو کيس خدا چوندو هو، اهوئي چوندا هئا
خدا به پنهنجي ثناءَ کان بي نياز آهي
پر ڪهڙي خبر ته خدا کي آقا ﷺ جي وات مان نڪتل پنهنجي لاءِ اِهي ڳالهيون ڪيڏيون نه سُٺيون لڳنديون هجن. جن کي خدا جبرائيلعهجي ذريعي پنهنجي آقا ﷺ جي قلب تي نازل ڪيو هو. ڪندو رهندو هو.
اها هڪ ٻن ڏينهن جي ڳالهه ڪونهي
ٽيويهن سالن تائين قرآن جو هڪ هڪ لفظ منهنجي آقا ﷺ جي پاڪ قلب جي سطح تي لهندو رهيو.
سامهون واري جيڪڏهن ڪو اُبتو سُبتو سوال ڪيو ته آقا ﷺ آسمان کي ڏسي، پنهنجي قلب تي لٿل خدا پاران آيل جواب سُڻي، ٻڌائي ڇڏيندا هئا.
عرب زبان ۽ بيان جي هر باريڪيءَ کان واقف هئا.
هو ڇرڪن ڇو نه ها
مڃن ها
مڃي وٺن ها ته هي ڪلام انساني ڪلام ڪونهي
غير انساني ڪلام آهي.
اهڙين محفلن ۾ جتي داستان سرائن ۾ ڪهاڻيون ۽ ڪويتائون چيون وينديون هجن، اُتي آقا ﷺ قرآن جا لفظ سُڻائي ماڻهن کي قرآن لاهڻ واري ڏانهن سڏيندا هئا. انهن ئي ڏينهن آقا ﷺ انهن ميلن، منڊين ۽ بازارين سان لڳل بيشمار قبيلن وٽ ويا. ساڻس گڏ ڪڏهن سندس ويجهو دوست سيدنا ابوبڪررضه ته ڪڏهن وري سندس پيارو غلام زيد رضه هوندو هو.
بنو ڪعب قبيلي وارن ڌيان سان ٻُڌو.
انهن جي خيمن مان نڪري ماڻهو ڌيان سان ٻڌندا رهيا.
مڃيائون ته ٻڌايل ڪلام قرآن غير انساني آهي.
سَراپا ڀلائي آهي.
پوءِ به هنن اهو چئي ٽاري ڇڏيو ته ميلي ۾ آيا آهيون، پوءِ فيصلو ڪنداسين.
بنو عامر صحصحه جو هڪ چالاڪ ۽ سمجهو شخص بحيره بن فراس ته آقاﷺ جو ڪلام ٻڌي پٿرائجي ويو.
اکيون حيران.
وات پَٽيل رهجي ويس.
هن پاڻ سان آيل سنگتي کي ڀُڻ ڀُڻ ڪري چيو: جيڪڏهن هي شخص منهنجو ٿي وڃي ته آءٌ سڄو عربستان ڳڙڪائي ويندس. والله! هن جي هر ڳالهه مان جيت پئي بکي. پوءِ آقا ﷺ کي مخاطب ٿي چيائين. جيڪڏهن اسين توکي پنهنجي قبيلي ۾ کڻون، اوهانجو ساٿ ڏيو، پوءِ جڏهن اوهين هرهنڌ غالب ٿي وڃو ته پوءِ ڇا اوهان کانپوءِ حڪومت ۽ اختيار جون واڳون اسانجي حوالي ڪندا؟
آقا مُرڪيو ۽ چيائين.
حڪومت ۽ اختيار، وقت ۽ زماني تي حڪومت رڳو خدا جي آهي
اها فقط اُن جي هٿ وس آهي.
بحيره بن فراس اُبتو هٿ هنيو ۽ منهن ڦيري ڇڏيائين. پوءِ جڏهن اهي ماڻهو پنهنجي اباڻي علائقي ۾ پنهنجي قبيلي جي سڀ کان پوڙهي ۽ ڪراڙي شخص سان گڏيا ۽ کيس سڄو واقعو ٻڌايائون ته هو مَٿو جهلي ويهي رهيو
چيائين: اوهان وڏي چُڪ ڪري آيا آهيو
اُن جي ڪابه تلافي ٿي نه ٿي سگهي
اهو پوڙهو ڪيتري ئي دير تائين پنهنجا وار پٽيندو رهيو
مٿي تي هٿ هڻندو چوندو رهيو
بي وقوفو! بني اسماعيل جي ڪٽنب مان سوين سالن کان ڪنهن نبوت جي لاءِ ڪوڙ نه ڳالهايو آهي.
اهو ڪراڙو شايد جوانيءَ ۾ ڪٿي، ڪڏهن آقا ﷺ جي ڏاڏي سيدنا عبدالمطلب سان ملي چڪو هو، هن ڄاتو ٿي ته نبوت اُن ئي ڪٽنب ۾ ايندي، هو ڪيترن ئي ڏينهن تائين پنهنجي قوم جي ماڻهن کي دڙڪا ڏيندو رهيو ته اوهانجو عقل ڪيڏانهن هليو ويو هو.
پر عقل هر وقت هن ڪنهن جو ساٿ نه ڏيندو آهي.
آقا ﷺ بنو بڪر وائل جي خيمن وٽ به ويو.
اهي ٻَٽاڪون هڻڻ لڳا.
اسين هزارن ۾ آهيون ۽ اسان وٽ هزارين تلوارون آهن، آقا ﷺ جو دوست سيدنا ابوبڪر به گڏ هو، تنهن پُڇيو اوهانجو علائقو ته ايران سان لڳ آهي، ڇا ان سان وڙهي سگهو ٿا؟
هو ڦڪي کل کلڻ لڳا،
چيائون؛
ايراني سلطنت سان ڪير ٿو ٽڪرائجي سگهي
آقا ﷺ مرڪيا ۽ چيائون:
اهڙي ڪابه ڳالهه ڪونهي. اوهين منهنجي ڳالهه مڃيو ته جلد ئي اوهين ايران جي منزلن ۾ به فاتح بنجي سگهو ٿا.
هو اکيون ڦاڙي حيرانيءَ مان آقا ﷺ کي ڏسڻ لڳا
ڄڻ هُنن ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه ٻُڌي هجي
ايتري ۾ آقا ﷺ جي پويان هڪ ٿلهو، بي ڊولو، اکيون اُس ۾ سڙي ڳاڙهيون ٿيل، وڏي وات ۽ ويڪري ڏاڙهيءَ وارو ڪراڙو تکو تکو ايندي نظر آيو.
اهو ابو لهب هو
آقا ﷺ طرف اشارو ڪندي چيائين
هي منهنجو ڀائيٽو آهي.
وڏي شان وارو هوندو هو، پر (نعوذ بالله) هاڻ ڪَلَ ٿڙي ويئي اٿس
اوهين هِنَ جي ڳالهين ۾ متان اچو
آقا ﷺ ڪجهه چوڻ کانسواءِ اُٿي هليا ويا.
ابولهب، بنوبڪر جي منڊليءَ ۾ پاٿاري ڪري ويهي رهيو.
بنوبڪر وارن چيو.. اسين هن جي ڳالهين کي ڏاڍي سنجيدگيءَ سان وٺي رهيا هئاسين، پر جڏهن هن ايران جهڙي عالمي سلطنت کي جيتڻ جي ڳالهه ڪئي ته اسين سمجهي وياسين ته جيڪو اوهان چيو اهو درست آهي.
حالانڪه تاريخ جا ڪتاب کولي ڏسنداسين ته ان واقعي کان ٺيڪ پندرهن سال پوءِ آقا ﷺ جي هڪ غلام ٻي مسلمان خليفي سيدنا عمررضه بن خطاب جي زماني ۾ سڄو ايران مسلمانن جي حڪومت هيٺ هو.
آقا ﷺ جيڪو اشارو ڪيو هو اهو ئي سچ هو
پر سچ ۽ اُن جي برڪت هر ڪنهن جي ڀاڳ ۾ نه ايندي آهي
آقا ﷺ بني شيبان بن تعلبھ وٽ به ويا
اُن ملاقات ۾ آقا ﷺ سان گڏ سندس دوست سيدنا ابوبڪررضه کانسواءِ سيدنا علي رضه به هو ۽ اها روايت به سيدنا علي فرمائي ٿو
اِها وڏي باوقار مجلس هئي.
حسب نسب جي علم جو ماهر سيدنا بوبڪر، آقا ﷺ کي ٻڌائڻ لڳو ته سرڪار هي ڏاڍا معزز ماڻهو آهن. ان محفل ۾ مثنيٰ بن حارثه، مفروق بن عمرو، هاني بن قيصه، نعمان بن شريڪ به موجود هئا. مفروق پنهنجي قوم جو ستارو هو.
علم وارو ۽ شانائتو مُڙس هو ۽ سيدناابوبڪر سان گڏ ويٺل هو
مفروق پڇڻ لڳو. اوهين شايد قريش مان آهيو؟
سيدنا ابوبڪر هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ چيو: اوهان اهو ته ٻڌو هوندو ته خدا پنهنجو آخري رسول ﷺ اسان مان مبعوث فرمايو آهي.
پوءِ اُٿيا.
آسمان مان ايندڙ اُس جي ڪرڻن جي اڳيان پنهنجي پَڳ کولي آقا ﷺ جي مٿان ڇانورو ڪري بيهي رهيو ته ڪنهن کي شڪ نه رهي ته رسول الله ﷺ ڪير آهي.
آقا ﷺ ڪير آهي
غلام ڪير آهي
مفروق احترام ۾ پنهنجو منهن آقا ﷺ ڏانهن ڪيو ۽ تسليم ڪيو
هائو، اسان تائين اها ڳالهه پهتي آهي
پوءِ مفروق آقا ﷺ سان مخاطب ٿيو.
چيائين: اوهين ڪهڙي ڳالهه جي تعليم ٿا ڏيو؟
آقا ﷺ سوره انعام جون 151 کان 153 تائين آيتون تلاوت فرمايون.
هو ڪنڌ جُهڪائي ويٺو رهيو ۽ چوڻ لڳو، اها وڏي بي وقوف قوم هوندي جنهن اوهانکي نه مڃيو، ڇو ته اوهين بهترين اخلاقي گُڻن ۽ اعليٰ سهڻن جملن ۽ بني نوع انسان جي ڀَلائيءَ جي دعوت ڏيو ٿا. پوءِ مفروق پاڻ سان ويٺل هاني بن قيصه جو تعارف ڪرايو ۽ چيو ؛
هي اسان جو مذهبي اڳواڻ آهي.
هانيءَ چيو؛
قريشي ڀائو!
مون اوهانجي ڳالهه ٻڌي ۽ اُن جي سڃاڻپ جي تصديق ڪئي، پر هڪئي ملاقات ۾ پنهنجو اڳوڻو مذهب ڇڏي اوهانجي پيروي ڪرڻ تڪڙ ٿيندي. اسين پنهنجي اباڻي ٿاڪ پهچي اُن تي پاڻ ۾ صلاح سولي ڪري ڪو فيصلو ڪنداسين.
هانيءَ پوءِ آقا ﷺ جو پاڻ سان ويٺل پنهنجي ساٿي مثنيٰ بن حارثه سان تعارف ڪرايو.
هي اسانجو جنگي سالار آهي.
مثنيٰ به آقا ﷺ جي ڪلام جي تصديق ڪئي.
۽ مُهلت گهري.
چيائين: اسين اهڙي هنڌ تي رهون ٿا، جتي اسانکي ٻن رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي، هڪ يمامه آهي ۽ ٻيو صحاوه (عراق جو اهو علائقو جيڪو ٻيٽ نما عربستان سان لڳ آهي) هڪ ته جبل ۽ عربستان جو ريگستان ۽ ٻيو ايران جو علائقو ۽ ڪسريٰ جون نهرون، عربستان جي مقابلي ۾ ته اسين اوهانجي مدد ڪري سگهون ٿا، ريگستان ۽ جبلن تي ته اسين وڙهڻ جا هيراڪ آهيون، پر ايران سان وڙهڻ جي همت ڪنهن ۾ به ڪونهي.. اسان ۾ به نه.
آقا ﷺ مرڪيا ۽ فرمايائون.
ٿورو صبر ڪريو، جيڪڏهن اوهين اسان جو ساٿ ڏيندؤ ته الله فارس وارن ۽ اُنهن جو سڄو ملڪ اوهان کي عطا ڪري ڇڏيندو.
هو سڀ حيرت جي تصوير بنيا آقا ﷺ کي تڪڻ لڳا. ڄڻ پاڻ سڳورا ڪو
اڻ ٿيڻيون خواب سوچي رهيا هجن. جنهن کي هنن ڪڏهن به نه ڏٺو هجي..

۽ وڻ به هلڻ لڳو

۽ وڻ به هلڻ لڳو

هڪ ڀيري آقاﷺ وڙڪنڊو اضم جي ماٿريءَ ۾ وڃي نڪتو، اُن ويرانيءَ ۾ آقاﷺ جي ئي ڪٽنب مان سيدنا هاشم جي قوم جو پهلوان رڪانه ٻڪريون چاريندو هو. هو سگهاري هڏ ڪاٺ ۽ ڀَريل بُت وارو همراھ هو. اُن سان گڏ وڏو جهيڙيڪاري ۽ فسادي پڻ هو. هُن پنهنجي قوم ۾ ڪيترائي ناحق ظلم ڪيا هئا، تنهنڪري قوم کيس ڳوٺ نيڪالي ڏيئي ڇڏي هئي.
هو صحرا ۾ ٻڪرين جو ڌڻ چاريندو وتندو هو.
وٽس ٻڪرين جو هڪ وڏو ڌڻ هو.
هو صحرا ۾ آقاﷺ کي گڏجي ويو.
آقاﷺ جو ڀلائيءَ جو پيغام ته هر ڪنهن لاءِ هو، اسلام جي اُن ڀلائيءَ واري پيغام ۾ توبهه پڻ آهي. گناهگار جي اکين مان شرمساريءَ جو هڪ لڙُڪ به وهي ته خدا گذريل سڀني گناهن جي دفترن تي ڪاري ليڪ ڏيئي ٿو ڇڏي.
آقاﷺ هَٺيلي ۽ فسادي رڪانه کي به اسلام طرف سڏيو. سلامتيءَ جي رستي تي هلڻ جي دعوت ڏني، رڪانه ته هڪ پهلوان مڙس هو. نُنهن کان وٺي چوٽيءَ تائين پنهنجي ٻانهن جي ٻَل ۽ پنهنجي طاقت تي هَٺ ڪندڙ، عقل ۽ سمجهه ۽ عرفان ذات جي سفر لاءِ ٻه وات پٽي چيائين.
مون سان ملهه وڙھ، جي مونکي دسي وئين ته پوءِ جيئن چوندين تيئن ڪندس.
آقاﷺ للڪار قبولي،
صحرا جي واريءَ تي هو راڪاس جهڙو پهلوان مُڙس ٻانهون کولي آقاﷺ جي روبرو ٿيو. سندس وات مان گَڦ وهي رهي هئي، ڪنن مان دُنهه، اکين مان نفرت جا اُلا ۽ سڄو جسم پنهنجي طاقت جي نشي ۾ لُڏي رهيو هئس.
آقاﷺ سراپا رحمت، ٻاجهه ۽ چهري تي اِهائي چنڊ جهڙي مُرڪ سان موجود. ملهه شروع ٿي.
آقاﷺ ٻَک وجهي کيس ڪنهن ڪک پن جيان هوا ۾ اُڇليو ۽ هو ڪنهن وڍيل ڏار جيان هوا ۾ اُڇلجي پوءِ ڪپهه جي ڪنهن هَڙ جيان منهن ڀر اچي پٽ تي ڪريو.
ٻي گهڙي آقاﷺ سندس ڇاتي تي چڙهي ويٺو مرڪي رهيو هو.
هن جو رنگ هئڊو ۽ اکيون حيرت مان پٽيل..
کيس ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا ٿي ويو.
ڪيئن ٿيو؟
چيائين: ڏھ ٻڪريون تنهنجون ٿيون.
هڪ ڀيرو ٻيهر ملهه وڙهبي
آقاﷺ کيس اُٿڻ ڏنو.
هن ڀيري ملھه کان پهرين هن پنهنجي بُت کي خوفناڪ نموني ڦيريو گهيريو ۽ اُن کي چست ۽ توانو ڪيو. ملھه شروع ٿي.
وري به ايئن ئي ٿيو.
ڍڳ جيڏو مڙس ڪپھه جي هَڙ وانگر مٿي کڄيو ۽ پُٺيءَ ڀَر اچي زمين تي ڪريو.
آقاﷺ ٻيهر سندس ڇاتيءَ تي سوار ٿي ويٺل نظر آيو.
هن ڀيري سندس وات ۽ نڪ جي ناسن ۾ واري ڀرجي ويئي، هو ٿڪل وحشي جيان ساھ کڻي نڪ جي ناسن سان واري اُڏائي رهيو هو. ڪاوڙ، بدلي ۽ ڦِڪائيءَ جي باوجود به هو اڃا تائين هار مڃڻ جي لاءِ تيار نه هو.
ويھه ٻڪريون تنهنجون ٿيون.
آخري ڀيرو ملھه وڙهبي
ٽيون ڀيرو به سَندرو ٻڌبو،
ٽيون ڀيرو به اهو ئي ٿيو
جبل اُڇلجي واري جو ڪڻو ٿي پيو
ٽيون ڀيرو دسجڻ کانپوءِ رڪانه ۾ اٿڻ جي همت نه رهي ۽ پَٽ تي دسيل ئي چيائين: اوهين کٽي ويا.
اوهين منهنجي ٻڪرين جي ڌڻ مان جيڪو وڻيوَ سي ٽيھه ٻڪريون چونڊي وٺو، مون هر مَلھه تي ڏهن ٻڪرين جو شرط هنيو هو. پوءِ پاڻ ئي دَسجڻ سبب سور جي باوجود اُٿيو ۽ پنهنجي ڌڻ مان ٽيھه ٻڪريون هڪلي آقاﷺ وٽ آيو.
آقاﷺ مُرڪيا
فرمايائون: مونکي تنهنجي هڪ به ٻڪري نٿي گهرجي،
منهنجو حاجت روا ڪو ٻيو آهي،
اهي سڀ تون پاڻ وٽ رک.
تون منهنجو آندل پيِغام مڃ،
رڪانه صحرا جي واريءَ ۾ کُتل هڪ پٿر تي ويهي رهيو. هُن جو بُت پگھر ۾ شم هو. واري سندس بُت سان چهٽيل هئي، اڃا تائين هُن جو هانڀارو پي لڳو، پر سندس اکين ۾ حيرت نظر اچي رهي هئي.
چيائين، مڃان ٿو... اوهانجو خدا اوهانجي مدد ڪري رهيو آهي.
نه ته مون جهڙي ڍڳ مڙس جي هٿ ۾ هٿ ڏيئي اڄ سوڌي ڪوبه مونکي دسي نه سگهيو آهي. اڄ سوڌي ڪنهن به مونکي پٺيءَ ڀر نه ڪيرايو آهي.
آقاﷺ جي مُنهن مبارڪ تي چنڊ مرڪي رهيو هو، شايد چيو هجائين، ’آءٌ توکي اُن ئي واحد خدا طرف سڏي رهيو آهيان، اهو ته هر ان جو ٿي ويندو آهي، جيڪو کيس پنهنجي اڪيلو ربّ بنائي وٺي، اُن جي هيڪڙائي جو اقرار ڪري ٿو.‘
جبل بنجي به پٿر بنجي نه ٽٽندي.
وڻ وانگر جيئندي
ڪکَ وانگر نه اُڏامندي.
رڪانه وڏا وڏا ساھ کڻي پنهنجي پگھريل بُت تان واري ڇنڊي رهيو هو. ٿوري دير چُپ ويٺو رهيو. ٿورو ساھ درست ٿيس، ڦڪائي ختم ٿيس ته هن جي اکين ۾ اڳ جهڙي شرارت ٻيهر موٽي آئي ۽ چيائين آءٌ تنهنجي طاقت کي ته مڃان ٿو، جنهن مون جهڙي ڍڳ مڙس کي ٽي ڀيرا دسيو، پر ڪو ان کان وڏو ڪرشمون ڏيکاريو ۽ ڪو ٻيو به اوهانجي خدا، اوهانجي رسالت جي شاهدي ڏي ته آءٌ تنهنجي خدا جي شاهدي ڏيندس ۽ اوهانکي اُن جو رسول (ﷺ) ڪري مڃيندس.
آقاﷺ کانئس ٻيهر وعدو ورتو: پوءِ مڃيندين؟
هائو، پهرين ڪرشمو
ڇا ٿو ڏسڻ گهرين؟ آقاﷺ پُڇيو،
رڪانه اُس ۾ گرم پٿر تي ويٺو هو، واري، پٿر ۽ پٿريلن ٽڪرين جي صحرا تي اُس پکڙيل هئي، پري هڪ ٿوهر جي وڻ جي هيٺان سندس ٻڪريون چري رهيو هيون. ٿوهر جو پراڻو وڻ ڪافي پکڙيل هو. رڪانه ٿوهر طرف ڏسندي چيو، ”هن ٿوهر کي هيڏي سڏي سگهين ٿو؟ ”هو هتي اچي اوهانجي شاهدي ڏي.“
آقاﷺ سندس ڳالهه ٻڌي ۽ مرڪندي پنهنجو روشن رخ ٿوهر جي وڏي، سگهاري، پکڙيل وڻ طرف ڪري خدا جي حڪم سان محبت سان سڏڻ جو اشارو ڪيو ته زمين ٿڙڪي، ٻڪرين جو ڌڻ چُريو ڦريو، صدين کان صحرا ۾ کتل پٿرن ۾ ڏڪڻي آئي، ڄڻ هر پٿر آقاﷺ کي سجدو ڪرڻ جي خاطر مٿو رڳڙڻ جي لاءِ بي تاب هُجي، واريءَ واري زمين ۾ ڏرڙ پئجي ويا، ٿلهي متاري ٿڙ وارو ٿوهر جو وڻ هڪ غلام وانگر پٿرن جي ٽڪرن ۽ واري مان ٺهيل رستي تان سِرڪندو آقاﷺ طرف اچڻ لڳو،
رڪانه رڙيون ڪندو،، ٿوهر کي پاڻ طرف ايندو ڏسي ڀَڄڻ لڳو. ٿوهر هلندو آقاﷺ جي ويجهو آيو، هن جي هلڻ سان واري رستي ۾ هڪ وڏي کڏ بنجي ويئي، ايئن ٿي لڳو ته ٿوهر جو اهو وڻ پنهنجن سڀني پنن ۽ ٽارين سان گڏا چي شڪر جو سجدو ڪري آقاﷺ کان هدايت وٺي رهيو هجي، آقاﷺ جي رسالت جي شاهدي ڏيئي رهيو هجي. ٻڌائي رهيو هجي ته ڪيئن سالن تائين صحرا جي تپندڙ اُس برداشت ڪري ٻين جي لاءِ ڇانورو بنجڻ جي لاءِ جيئڻون آهي.
رڪانه جو ذهن مائوف ٿي چڪو هو،
هن جي اکين جيڪي ڪجهه ڏٺو هو ۽ اهو منظر ڪا ٻي انساني اک ڏسي نٿي سگهي.
آقاﷺ رڪانه ڏانهن مُرڪي ڏٺو ۽ چيو
ڏٺئي ڪرشمو، منهنجي شاهدي ٻُڌي ورتئي؟
هاڻ وڻ کي ٻيهر ساڳئي جاءِ تي موڪلي ڇڏيان؟
رڪانه جي وات مان لفظ نڪرڻ بند ٿي ويا.
آقاﷺ پنهنجي اُن غلام وڻ کي خدا ڄاڻي ته محبت جي ڪهڙيءَ نظر سان ڏٺو، جو اهو وڻ جتان آيو هو، اُتان ئي پويان وري پنهنجي اڳوڻي جاءِ تي وڃي بيٺو. ڳچ دير تائين ٻڪريون اُن وڻ کان پري هَڄيو بيٺيون ان کي ڏسنديون رهيون. ان جي اچڻ ۽ وڃڻ سان جيڪي پٿر ۽ ٽڪريون لڏي آقاﷺ جي سجدي جي هنڌ تي آيون هُيون، اتي ئي رهيون. رستي ۾ واري جي گهري کڏ به وڻ جي پاڙڻ جي گذرڻ جي سڀني نشانين سان اُتي ئي موجود رهي. واريءَ جي کڏ ۾ ايندي ۽ ويندي اوچي وڻ جي وڏين پاڙن جا فنگر پرنٽس محفوظ ٿي ويا.
چون ٿا ته هيڏي وڏي معجزي کي ڏسڻ کانپوءِ به رڪانه آقاﷺ کي جادوگر ئي سمجهيو.
جن کي اکڇنڀ ۾ سمجهه اچي ويئي، اها مڪي کان ٽي سئو ميل اُتر ۾ يثرب جي بستي هئي، ڇھه سئو ميٽرن جي مٿانهين تي جنهن جي اتر ۾ احد جبل ۽ ڏکڻ ۾ عير جبل هو، شهر جي اولهه ۽ اوڀر ۾ پراچين دور جي ڪنهن ٻرندڙ جبل جي لاوي جو گڏ ٿيل ڪارو مادو، جيڪو صديون گذرڻ کانپوءِ اُس ۾ سڙي ايئن هنڌان هنڌان ڦاٽي ويو هو، ڄڻ انهن جي سطح ته ڪاري لوھ جون تکيون نوڪدار ڇُريون هجن. چون ٿا ته اها اُن شهر بي مثال جي بلند حفاظتي ڀت هئي، انهن ٻن ٽڪرين ۽ ڪاري مادي جي ٽڪرين جي وچ ۾ ڳاڙهي سنهري واريءَ جو نخلستان هو، پاڻي جا چاليهه کوھ هئا، کجين جا باغ هئا، انگورن جون وليون هُيون، زيتونن جا وڻ هئا، هڪ ڏينهن آقاﷺ پنهنجي ساٿين کي ان جاءِ جا نقش ٻڌائي فرمايو هو ته خدا کيس خواب ۾ سندس مستقل رهائش جو هنڌ ڏيکاري ڇڏيو آهي، جتي پاڻ مڪي مان هجرت ڪري ويندا ۽ اهو ئي هنڌ خدا کي پنهنجي سڀني جهانن کان وڌيڪ پيارو آهي. اهو طابه آهي، طيبه آهي، پاڪ آهي.
آقاﷺ هڪ وڻ کي سڏيو هو.
خدا، پنهنجي بهترين نخلستان ڀريل شهر جي دل آقاﷺ ڏانهن موڙي ڇڏي.

طابه ۾ طلب

طابه ۾ طلب

مالهيءَ کان وڌيڪ اُن حقيقت جي ڪير به سجهه نٿو رکي ته هو سڀئي ٻوٽا ساڳئي ڌيان ۽ محبت سان پوکي ٿو، مٽي ۾ گُڏ ڪري ٿو، هَرڏي ٿو، پاڻي ڏي ٿو، ڪِن ڪچرو ڪَڍي ٿو، هڪ هڪ ٻج موتين جيان جهلي پوکي ٿو، پاڻي ڏي ٿو. هر اُهو ڪم ڪري ٿو، جنهن سان سندس باغ وڌي ويجهي، پر انهن ۾ ميوو ۽ گل لڳائڻ ۽ ٻوٽن جي ڀاڳ ۾ رنگ، رس، خوشبو ۽ ذائقا ۽ انهن جا فائدا مڃرائڻ، ڏيکارڻ ۽ سُڃاڻڻ وارو ڪو ٻيو آهي. اهو ئي رب آهي، جيڪو جهانن جي هر جوڙ جوڙي ٿو، هر پلجندڙ شئي کي پالي ٿو. کيس خبر هوندي آهي، ته ڪهڙي ٻوٽي کي درياھ جي ڪنڌيءَ تي بيهي اُڃ سبب سُڪي وڃڻو آهي ۽ ڪهڙي سالن جا سال اُڃ سبب تڙپندڙ ڪيڪٽس کي ريگزارن جيتري ڊگهي ڄمار ماڻڻي آهي ۽ سڄي جهان جي بيابان کي مهڪائي رکڻون آهي.
ايئن ئي ٿيو هو.
ايئن ئي ٿيندو آهي.
ماڻهوءَ ماڻهوءَ ، ٻوٽي ٻوٽي ۽ واريءَ جي ذرڙن کان وٺي پهاڙن، ماٿرين، ندين، نالن، شهرن ۽ بستين جا به پنهنجا ڀاڳ هوندا آهن.
چئجي ته ڇا ڪجهه نه ٿيو هو.
آقاﷺ جي پيدائش کان صديون اڳ نازل ٿيل آسماني ڪتابن ۾ هُن جي اچڻ جي خوشخبري ڏنل هئي، هر نبي، جتي، جنهن به وقت آقاﷺ کان اڳ خدا جو پيغام کڻي آيو، خدا اُن کان پنهنجي اُن پياري آخري نبي (ﷺ) جي پيرويءَ جو حلف ورتو. آقاﷺ جي پويان کڙو ڪري هر نبيءَ کي نماز پڙهڻي هئي. پوءِ ڪهڙو علائقو، ڪهڙي اهڙي بستي هئي ، جتي خدا خوشخبري سُڻائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ نه موڪليو هو، هر ڪو پنهنجي دور ۾ ايندو رهيو ۽ خدا جو پيغام ڏيندو رهيو. خدا ته صرف پنهنجي آخري نبيﷺ ، اسان جي نبيﷺ تي لاٿل قرآن جي هڪ هڪ لفظ، هڪ هڪ نقطي کي سدائين جي لاءِ محفوظ ڪرڻ جو وعدو ڪيو آهي. اڳين ڪتابن، اڳين صحيفن جي سچائين کي مڃڻ کان نه روڪيو آهي، پر انهن جي حفاظت جي ذميداري نه کنئي. هوريان هوريان انهن صحيفن ۾ وقت جي اِڏوهي پنهنجو اثر ڏيکاريندي رهي، پر انهن گذريل وقتن جي الاهي ڪتابن ۽ آسماني صحيفن ۾ جتي جتي به آقاﷺ جي آمد، سندن زندگي، امانت ۽ سچائيءَ سان ڀريل سراپا پاڪيزگي، نرمي، غصو، درگذر، صلح جو ئي، رحمدلي، يتيمي، در يتميي، پاڻ سڳورن جو اُمي هئڻ، مڪي جي بستيءَ ۾ پلجڻ ۽ پوءِ پنهنجي وفادارن سان گڏ هڪ کجين جي باغ واري ٻن ٽڪرين جي وچ ۾، ڪاري لاوي جي ٽڪرين جي وچ ۾ آباد، مهڪندڙ بستيءَ ۾ وڃي رهڻ، سڀ لکي ڇڏيو. ۽ انهن صحيفن، انهن ڪتابن، انهن ويدن، اُنهن اپنشدن جو اهو حصو سنڀالي رکيو. ڄاڻڻ وارن کي خبر ڪيئن نه هوندي؟
کين خبر هئي، جن کي آسماني ڪتابن ۾ لکيل رمزون سمجهه ۾ اينديون هيون.
کين انهيءَ اچڻ واري جو اوسيئڙو هو.
عربستان جي سرزمين ۾ اهل ڪتاب هڪ ته يهودي هئا، جن کي توريت مليل هئي، هو نه سيدنا موسيٰ عليه السلام جا وفادار رهيا، نه وري هُنن هيڪڙي خدا جي چيل ڳالهين کي مڃيو. هنن خدا کي ته مڃيو ٿي، پر خدا جو چوڻ نه ٿي مڃيو. هنن جي ڪتابن ۾ آقاﷺ جو هَڙئي نشانيون لکيل هُيون. هنن آقاﷺ کي پنهنجن ٻارن وانگر سُڃاتو ٿي. هو جِتي جِتي رهيا هئا، پنهنجن پاڙيسرين سان لڳ لاڳاپا مُنجهيل هئا. ڪِن کي ته هُنن پنهنجو حليف بنائي رکيو هو ۽ انهن کان وري ٻين پاڙيسرين کي موچڙا هڻائيندا هئا. ڪڏهن وري ٻي ڌر کي پَٻي ڏيئي پنهنجي حليف تي ڪاھ ڪرائيندا هئا. وٽن ٻه اهڙا اثاثا هئا، جيڪي عام طور تي اُن دور جي ٻين عربن وٽ نه هئا. انهن مان هڪڙو وٽن چڱي خاشي ميڙي چونڊي هئي.
اِهي گهڻو ڪري مالدار هئا.
اُن دور جي اڪثر صنعت وٽن هئي. هو زرگر (سونارا) هئا. سون ۽ چانديءَ ۾ کيڏندا هئا. لوهار به هئا، تراڙيون ٺاهڻ، ڍالون، نيزا، ڀالا، ڇُريون، چاقون، گهڙيندا هئا. ڪپڙي جا آڏاڻا به هُنن هنيا هئا. ڪپڙن کي رڱڻ ۽ سُڃاڻڻ به کين ايندو هو زالن جي زيورن ۽ هار سينگار جي طور طريقن کان به واقف هئا. اُن زماني ۾ ان صنعت ۾ وڏو فائدو هو. ڪن جا ته وڏا باغ ۽ ٻنيون به هيون. وٽن دولت جا ڍڳَ هئا ۽ هو انهن کي ڳڻي ڳڻي پيا رکندا هئا. اُن دور ۾ هو ضرورتمندن لاءِ بئنڪ بنجي وياج تي پئسا ڏيندا هئا ۽ اُن مان خوب نفعو ڪمائيندا هئا. ايئن هو معاشي مضبوطيءَ جي ڪري پنهنجي علائقي جي عربن کي پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪندا هئا. پوءِ به جيڪڏهن کانئن ڪو ڪَئو نه ڪندو هو ته کيس ايندڙ نبيءَ جي آمد جو ڊپ ڏيئي کيس ڊيڄاريندا هئا ۽ چوندا هئا ته اسين اوهان کي ايندڙ نبيءَ جي هٿان عاد ۽ ثمود جي قوم وانگر تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏينداسين.
کين الائجي ڇو اهو گمان هو ته ايندر آخري نبي (ﷺ) سندن ئي قوم مان هوندو. هونئن ته هو سڀ سيدنا ابراهيم عيله السلام جي اولاد مان ئي هئا، سيدنا ابراهيم عليه السلام پنهنجي وڏي پُٽ سيدنا اسماعيل عليه السلام کي فلسطين مان وٺي مڪي آيو هو ۽ هِتي خدا جو پهريون گهر ڪعبو جوڙيو هو. سيدنا اسماعيل کان ڏھ سال پوءِ، سيدنا ابراهيم عليه السلام جي ٻي گهر واري ساران جي پيٽان سيدنا اسحاق جنميو. سيدنا اسحاق عليه السلام مان سيدنا يعقوب عليه السلام ، پوءِ سيدنا يوسف عليه السلام ، ايئن بني اسرائيل جي نبين جي هڪ ڊگهي لڙي نڪتي. جنهن ۾ سيدنا موسيٰ عليه السلام ۽ سيدنا عيسيٰ عليه السلام به هئا. سيدنا يعقوب عليه السلام جو نالو اسرائيل هو، جنهن کي دوکي سان سندس لاڏلي پُٽ يوسف عليه السلام کان ڌار ڪيو ويو. کوھ ۾ وڌو ويو. مصر جي بازار ۾ وڪيو ويو. جڏهن پوءِ به خدا انهن جون سڀ اٽڪلون اُلٽيون ڪري سيدنا يوسف عليه السلام کي مصر جي حڪومت ڏني ته سندس ئي قميص جي خوشبوءَ سان نابينا پوڙهي يعقوب عليه السلام کي سالن تائين پُٽ جي جدائيءَ کانپوءِ روشني ملي وئي، يهودين جي سڄي فلسفي کي ٿورو ڌيان سان پرکيو ويندو ته اُن ۾ عبادتون ته گهڻيون ئي نظر ٿيون اچن، پر هر يهودي جي مَن اندر جو ٽڪراءُ خدا جي پيغمبرن کان وڌيڪ خود خدا سان نظر ٿو اچي، شايد هنن تاريخ جي ڪنهن تلخ موڙ تي پاڻ کي اهڙو ته موڙي ڇڏيو، جو هنن خود خدا بنجي خدا کي پنهنجي مرضيءَ سان هلائڻ ٿي گهريو. هو پنهنجي هَٺ ۾ ايترو ته اڳتي وڌي ويا هئا ۽ آهن، جو کين شايد خدا پاڻ کان به گهٽ ۽ ننڍو ٿو لڳي، شايد هُنن اهو ٿي چاهيو ته سڄي زماني کي رزق رسائيندڙ ۽ مرضيءَ سان هلائڻ وارا رڳو هو ئي آهن.
ايئن سندن علم سندن ڪنهن به ڪم نه آيو.
عربستان ۾ ٻيا اهل ڪتاب سيدنا عيسيٰ عليه السلام کي مڃيندڙ عيسائي هئا، پر عربستان ۾ اُنهن جو تعداد گهٽ هو، هو پنهنجي وقت ۾ سڀني کان وڏي سياسي ۽ شاهي سگهه هئا. رومي سلطنت سندن هئي، يورپ ۾ سڀ هو ئي هئا، شام، عراق ۽ مصر به سندن ساٿاري يا حليف هئا. حبشه ۾ عدل ۽ رحم جو تاجدار نجاشي سندن ڏَن ڀَرو هو. هو پنهنجي وقت جي سپرپاور هئا. هنن جو سڄي دنيا ۽ ايشيا ۾ ايران کانسواءِ ٻيو ڪوبه ٽڪر جو نه هو، ايران ۽ روم ۾ جنگيون ٿينديون هيون، جنهن ۾ ڪڏهن رومي کٽندا هئا ته ڪڏهن ايراني.
مسلمانن جون هَڙئي همدرديون روم سان هيون.
هڪ ڀيري آقاﷺ جي وقت ۾ ڪنهن وڏي جنگ ۾ ايران، روم کي هارايو ته الله تعاليٰ قرآن ۾ جلد ئي روم جي کٽڻ جي خوشخبري ٻُڌائي مسلمانن کي خوش ڪيو ۽ پوءِ ايئن ئي ٿيو. قرآن پاڪ سيدنا عيسيٰ عليه السلام جي به دل کولي واکاڻ ڪئي آهي. سندس امڙ سائنڻ سيده بيبي مريم کي سڄي انسانيت، سڄي دنيا جي بهترين عورت مڃيو آهي ۽ مسلمانن کي يقين ڏياريو ته سڄي دنيا ۾ اوهانکي سڀ کان وڌيڪ ويجها جيڪي ماڻهو آهن، اهي عيسائي آهن، ڇو ته انهن ۾ الله جي نشانين تي ويچارڻ ۽ تدبر ڪرڻ وارا ماڻهو آهن.
باقي اُن وقت لڳ ڀڳ سڄي دنيا ساڳئي حال ۾ هئي.
اُن وقت اڃا آمريڪا ته نه لڌو هو. اتي جا ريڊ انڊين عرب جي مشرڪن وانگر هر ڊيڄاريندڙ شئي کان ڊڄندا هئا. عربستان ۾ واري هئي ۽ اُتي ساوڪ هئي.
اُتر يورپ ڄميل برف مان ٿورو ٿورو ننگو ٿي رهيو هو. اهي ماڻهو ٿڌي پاڻيءَ ۾ وڏين ٻيڙين تي پري پري وڃي شڪار ڪندا هئا. روس ۾ ڪو هڪ اڌ ڳوٺ آباد هو، باقي انهيءَ جو هزارين ميل ڊگهو برفاني سائيـبريا بلڪل ايئن ئي هو، جيئن هينئر آهي.
چين ته صدين کان جيئري جَڳمڳائيندڙ تهذيب آهي.
آقاﷺ جي آمد کان لڳ ڀڳ هزار سال اڳ هنن ڏيڍ هزار ميل ڊگهي ۽ درياءَ جيتري ويڪري پنهنجي سلطنت جي رکوالي لاءِ ڀت اَڏي هئي، جيڪا اڄ به چنڊ تان ڏسي سگهجي ٿي، وٽن علم، سمجهه، ڏاهپ ۽ صبر هو، آقاﷺ هروڀرو ايئن ڪونه چيو هو، ”علم حاصل ڪريو، پوءِ ڀلي چين وڃڻون پوي.“
ڪجهه ورهين کانپوءِ آقاﷺ جا ڪجهه غلام چين به پهتا، علم سيکارڻ به ۽ سِکڻ به.
اُن جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مِٺي ۽ ٿڌي پاڻيءَ سان ڀريل دريائن جي ڪَنڌين تي خوشحال بستيون آباد هُيون. جتي جا راجا مهاراجا سون ۽ چانديءَ سان کيڏندا هئا. کين پاليندڙ رعيت اڄ وانگر ئي نار تي لوٽن وانگر ٻڌل هئي. اڄ به انهن نار جي لوٽن وٽ گاڏيون به آهن، تن تي ڪپڙو به پهريل هوندو اٿن، پر اهي ماڻهو اڄ به پنهنجن حڪمرانن کي سانڍين ٿا. انهن ڏينهن سڄي هندستاني رعيتن کي پائڻ جي لاءِ هڪ لنگوٽي ۽ گنجيءَ کانسواءِ ٻي ڪنهن شئي جو حق نه هو.
سڄي دنيا جا انسان ٻن طبقن ۾ ورهايل هئا. هڪ پَرماري تاجدار طبقو ۽ ٻيو پيڙهجندڙ عوام جو طبقو. اها سڄي رعيت پنهنجن مالدارن، سردارن ۽ تاجدارن کي پنهنجي تن جي ماس جي ٻوٽي ٻوٽي کارائي سانڍيندي هئي ۽ هنن جي پاليل وهٽن جيان قُوت جا ٻه ٻُڪ ڏسي خوش ٿيندا هئا. اها رعيت انهن جي لاءِ جيئندي ۽ مرندي هئي، نه رڳو اِهو، پر اِهي پنهنجن راڪشش تاجدارن کي خدا مڃي اُنهن جي پوڄا به ڪندا هئا. اهڙين حالتن ۾ خدا کي پنهنجن معصوم انسانن جي ڀلائيءَ لاءِ پنهنجو آخري رسولﷺ، رحمت العالمين ڪري ته موڪلڻون ئي هو. ماڻهن کي غلام ٿي رهڻ جو شوق ئي هو ته خدا کي سڄي انسانيت جي آقاﷺ کي پنهنجي اصل سُهڻي حسن سان ڏيکارڻو ئي هو ۽ اهو ڏيکاريائين.
رسالت جو اعلان ٿيندي يارهن سال گذري چڪا هئا.
جن ٻُوٽن کي پاڻي گهڻو مليو، انهن ۾ ابوجهل، ابولهب ۽ ابوسفيان بن حرب جهڙا بدبخت اُن وقت تائين دشمن رهيا ۽ پنج سئو ڪلوميٽرن پري يثرب کان آيل ڇھه خوشنصيب هڪ ئي گهڙيءَ ۾ نه رڳو پنهنجي، پر پنهنجي شهر جي قسمت قيامت تائين چمڪائي ويا. اُنهن آقاﷺ جي پيغام تي لبيڪ چيو ۽ اهو به وعدو ڪيو ته ايندڙ حج جي ڏينهن ۾ هو پنهنجن ڪجهه ٻين ساٿين کي به آقاﷺ جي پيروي ڪرڻ جي لاءِ وٺي ايندا.
اهي سڀ يثرب جي قبيلي بنو خزرج مان هئا.
يهودين جا پاڙيسري هئڻ جي ڪري هو صدين کان هڪ نبيءَ جي اچڻ جي بشارت ٻُڌندا آيا هئا. سندن شهر ۾ عربن جو ٻيو وڏو قبيلو اوس هو. اوس ۽ خزرج هڪ ئي ماءُ قابله جو اولاد هئا، جنهن جي پيءَ جو نالو عمر بن عامر هو. اهي قحطاني قبيلا يمن ۾ خوشحاليءَ سان رهندا هئا. جڏهن اتي سدمآرب جو بند پاڻيءَ جي زور سبب ڀڳو ته اهي ٽين صدي عيسوي ۾ يثرب آيا.
يثرب ۾ اڳ ۾ ئي يهودين جا ڪيترائي ڳوٺ آيا هئا. انهن مان اڪثر بخت نصر جي حملي (586 ق م) کانپوءِ اُتان ڀڳا هئا. پوءِ 70ع ۽ 135ع ۾ رومين جي تشدد جو شڪار ٿي هيڏانهن هليا آيا هئا.
پر يهودين کان اڳ جيڪي ماڻهو يثرب پهتا، اُنهن مان هڪ ماڻهوءَ جو نالو يثرب هو،، اهو عماليق قبيلي مان هو. عماليق هڪ وڏي قبيلي ”غبيل“ جي شاخ مان هو. جيڪو عمليق بن لاود بن سام بن نوح جي نسل مان هو. پهرين هو بابل ۾ رهندا هئا، پوءِ عربستان جي مختلف علائقن ۾ پکڙجي ويا. علامه طبريءَ جي لکڻ موجب انهن جو وڏو ”عمليق“ عربي زبان جو باني هو.
اُن ئي عربي زبان جي بانين يثرب آباد ڪيو.
يثرب جي لغوي معنيٰ ۾ ملامت، فساد، خرابي ۽ بيمارين جون نشانيون ڏسي آقاﷺ اُن جو نالو بدلايو ۽ فرمايو: ”الله هن پياري شهر نالو طابه رکيو آهي.“
هر ڪنهن کي خبر آهي ته طابه پاڪ کي چئبو آهي.
۽ مديني جي معنيٰ آهي شهر.
پاڪ سرزمين.
اهو ئي خدا جو پنهنجي رسولﷺ جي لاءِ ڌُڻيل هنڌ آهي.
اسانجي لاءِ
نصيب نصيب جي ڳالهه آهي.
ڪو درياءَ جي ڪنڌيءَ تي بيهي به ُاڃارو رهيو.
ڪو وري محبت ۾ تڙپندو پَري اُڃارو بيٺل رهيو، پر پنهنجي اکين جي لڙڪن مان ئي سيراب ٿي ويو آهي. قبوليو ويو.
ماڻهن وانگر جَڳهين جا به پنهنجا ڀاڳ هوندا آهن.
هنڌ هنڌ جو نصيب هوندو آهي.
ڪوبه هنڌ ايترو ڀاڳ کڻي ڪونه بڻيو، جيترو” طابه“ کي ملڻ وارو هو.

ملاقات جو انتظار

ملاقات جو انتظار

آقاﷺ سان گڏجي سندس ڀلائيءَ جو پيغام کڻي خزرج قبيلي جا ڇھه ڀاڳوان ٻي سال حج جي ساڳئي مُنڌ ۾ يارهن بنجي واپس وريا. پهرين ويل ماڻهن جو سردار هاڻ ٻارهن جي جٿي ۾ واپس وريو. هن جو نالو ’اسعد بن زرارا‘ ۽ ڪنيت ابو اُمارا هئي. بنونجار جا ذيلي قبيلا، آقاﷺ جي ڏاڏي سيدنا عبدالمطلب جي والده سيده سلميٰ سان واسطو رکندا هئا. انهن ڇهن ويل ماڻهن مان ٻي ڀيري آيل ٻارهن مان پنج اهي ئي پراڻا هئا. باقي ستن نون ماڻهن مان ٻن جو واسطو قبيلي اوس سان هو.
اوس ۽ خزرج ئي عربن جا ٻه وڏا قبيلا يثرب ۾ هئا.
اوس جي لغوي معنيٰ اهي ”عطيو“ ۽ خزرج جي لغت ۾ معنيٰ بيان ڪيل آهي، ”ٿڌي هوا.“ ايئن صحرا جي جگر جي ٽڪري تي صدين جي اوسيئڙي کانپوءِ خدا هڪ گوهر ناياب سڀني انساني گڻن ۽ ڀلائين سان پيدا ڪيو هو. ان پاڪ گل کي رهڻ جي لاءِ نيٺ ٿڌي هوا جو عطيو خزرج ۽ اوس ملي ويو.
اوس ۽ خزرج مان خزرج تعداد ۾ وڌيڪ هئا. پر يثرب ۾ رهندڙ يهودي قبيلا بنو قريظه، بنو نضير ۽ بنو قنيقاع کين پاڻ ۾ ويڙهائي ويٺا هئا. پوڻين ٻن صدين ۾ اوس ۽ خزرج جي وچ ۾ اڻ ڳڻيون جنگيون ۽ فسادن کانسواءِ يارهن خونخوار جنگيون به ٿي چڪيون هيون. آخري خونخوار جنگ جو نالو ”يوم بعاث“ هو، جنهن ۾ ٻنهي ڌڙن جا اڪثر سردار مارجي ويا هئا.
بعاث هڪ باغ جو نالو هو، پر اهو باغ يثرب وارن لاءِ هڪ دهشت جو روپ اختيار ڪري ويو هو، اها جنگ بعاث، جيڪا آقاﷺ جي يثرب ڏانهن هجرت کان پنج سال اڳ 618ع ۾ وڙهي ويئي هئي. اُن ئي جنگ جي توسيع جي لاءِ اوس ۽ خزرج جا ماڻهو عرب قبيلن ۾ پنهنجا اتحادي ڳولهيندا وتندا هئا.
حج جي موقعي تي هو قريشن مان به اهڙن ئي اتحادين جي ڳولا ۾ هئا.
آخري جنگ بعاث کان پهرين اِهي همراھ ان جوڙ ٽوڙ ۽ ڳولا جي لاءِ مڪي آيا هئا ۽ سندن ٻه ڀيرا آقاﷺ سان ملاقات ٿي هئي. پهريون ڀيرو يثرب جو هڪ نرم مزاج شريف زادو ’سويد بن ثابت‘ جيڪو بنو عمرو بن اوف، اوس مان هو، کيس آقا سان ملاقات جو شرف حاصل ٿيو. آقاﷺ کيس سلامتيءَ جي راھ طرف سڏيو، هو جنگي جنون کان ڊنل هڪ ڏاهو شخص هو، هن چيو مون وٽ به ڏاهپ ۽ سمجهه جون ڀوٿيون آهن. آقاﷺ چيس: ٻڌاءِ.
آقاﷺ ٻُڌو ۽ واکاڻ ڪئي، ان سان گڏ چيائين ته خدا مونکي به اُتم ۽ اعليٰ ڪلام سان نوازيو آهي. ٻُڌندين؟
ٻُڌايو. سويد بن ثابت ٺهي جڙي ويٺو.
آقاﷺ قرآن پڙهيو
اهو ٻُڌي سويد بن ثابت ڦاڪون ڦاڪون ٿي ويو.
ڪلام جي سچائيءَ تي يقين ڪيائين.
واپس ويو ته جنگي جنون جي ور چڙهي ويو. جنگ بعاث جي شروع ٿيڻ کان اڳ اُن جنگ جي تيارين ۾ مارجي ويو. پر ماڻهو چون ٿا ته هن آخري پساھ تائين هر وک امن ۽ سلامتيءَ جي آقاﷺ جي ڏسيل راھ تي هلندو رهيو.
اياس بن معاذ به اُنهن ڏينهن مڪي ۾ پنهنجي قبيلي ’بني عبدالاشبل‘ جي سردار ابو الحسير انس بن رافع سان گڏ آيو هو. ان وقت جوان ۽ ننڍي وهي هيُس، پر عقل ۽ سمجهه سان مالا مال هو.
آقاﷺ اُن جي حلقي ۾ به ويو.
پتو پيو
ته هو ٿيندڙ جنگ بعاث جي لاءِ اتحاد دين جي ڳولا ۾ آهي. آقاﷺ فرمايو:
”اي ماڻهو! اوهين جنهن ڪم لاءِ آيل آهيو. ڇا اوهين ان کان به چڱي شئي چاهيو ٿا؟“. آقاﷺ جنگ جي بدران امن ۽ سلامتيءَ جي واٽ ڏيکاري، جيڪا خدا جي پسنديده واٽ آهي ۽ دلين کي ٽوڙڻ جي بدران جوڙي ٿي. کين قرآن مان هيڪڙي خدا جو ڪلام سُڻايو ۽ کين پنهنجي پيغام طرف سڏيو. چيو وڃي ٿو ته نوجوان ’اياس بن معاذ‘ ڪلام پاڪ ٻڌي ڇرڪي پيو ۽ بي ساخته پاڻ سان گڏ ويٺل پنهنجي سردار ’ابوالحسير انس بن رافع‘ کي چيائين:
”سردار! هيءَ ڳالهه ان کان چڱي آهي، جنهن لاءِ اسين آيا آهيون.“
سردار الائجي ڪهڙن وسوسن ۽ انديشن ۾ ٻُڏو ويٺو هو. ٻيو ته هر گهڙي خوشنصيبي جي نه هوندي آهي. هن پنهنجي اڳيان پَٽ تي رکيل ٺڪر جو گهڙو کڻي نوجوان اياس بن معاذ جي مٿي تي هڻي ڪڍيو ۽ چيو، ”چپ رھ! هينئر اسين ڪنهن ٻي ڪم سانگي آيا آهيون.“ هو جنهن ڪم جي لاءِ آيا هئا، اها جنگ بعاث جي تياري هئي.
واپس موٽي ويا.
آخري ’جنگ بعاث‘ ٿي ۽ ٻنهي طرفن جي سردارن کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي بي گناھ مارجي ويا. جنگ ۾ انساني قدرن جي اُبتڙي ڏسي ’اياس بن معاذ‘ بيمار ٿي پيو ۽ مري ويو. کيس آخري ڏيهاڙن ۾ ڏسندڙ چون ٿا ته هو آخري گهڙيءَ تائين آقاﷺ جي پيغام جي خوشبوءَ ۾ جيئو ۽ مئو.
انهن ٻنهي نيڪ روحن يثرب ۾ گهڻو اڳ سچائيءَ سان بنياد رکيو هو.
ٻج پوکيو هو.
سلو هاڻ نڪتو هو.
پهرين ڇھه
ٻي سال ٻارهن
اهي ٻارهن ئي ماڻهو ٻي سال عقبه جي ماٿريءَ ۾ آقاﷺ سان مليا. پيغام ٻُڌائون ۽ آقاﷺ جي هٿ تي پنهنجي وفاداريءَ جو حلف کنيائون. تاريخ ۾ اهو ئي واقعو ”پهرين بيعت“ جي نالي سان محفوظ آهي.
بيعت جا شرط صفا سادا هئا.
”اسين حلف ٿا کڻون ته اسين هيڪڙي خدا کانسواءِ ٻي ڪنهن جي عبادت نه ڪنداسين. چوري، زنا ۽ اولاد کي قتل ڪرڻ کان پاسو ڪنداسين. ڪنهن بي گناھ تي الزام نه هڻنداسين. نيڪيءَ جي ڪنهن به ڪم ۾ رسول اللهﷺ جي نافرماني نه ڪنداسين. حق جي ڳالهه ڪنداسين ۽ حق جي معاملي ۾ ڪنهن به ملامت ڪندڙ جي ملامت کان نه ڊڄنداسين.“
آقاﷺ بيعت ورتي ۽ فرمايو.
”جيڪڏهن اوهان پنهنجو وَچن پورو ڪيو ته اوهانجي لاءِ جنت آهي. جيڪڏهن ڪنهن کان ڪا غلطي ٿي ته اُن جو معاملو الله جي حوالي هوندو. پوءِ هو وڻيس ته سزا ڏئي يا معاف ڪري ڇڏي“.
ٻارهن خوشنصيبن يثرب وڃي گهر گهر ۾ حق ۽ سلامتيءَ جا اهڙا ته سُهڻا ٻج پوکيا، جو کجين جي نخلستان وارو شهر، پنهنجن وڻن ۽ ٻُوٽن کان وڌيڪ آقاﷺ جي پيروڪارن سان ڀرجي ويو.
مزي جهڙي ڳالهه ٻي به هئي.
يثرب جا پيروڪار آقاﷺ کي ڏسڻ کان سواءِ پَرپٺ ئي سندس غلاميءَ ۾ ٻڌبا پئي ويا .
ٻي خوشنصيبي اها ٿي ته :
يثرب ۾ ايمان آڻيندڙن ۾ سڀني کان اڳيان اُتان جا سردار هئا.
جنهن قوم جا سردار ڏاهپ ڀريا هجن. اها وڏي خوشنصيب قوم هوندي آهي. سردارن جي پويان هلڻ ته عام ماڻهن جي مجبوري هوندي آهي. پوءِ جڏهن سردارن جا قدم حق جي رستي تي چڙهي وڃن ته رستو سَولو ۽ منزل تيزي سان ملي ٿي.
ايئن ئي ٿيو.
انهن ٻارهن حلف کڻندرڻ نون مسلمانن پنهنجي سکيا لاءِ آقاﷺ کان هڪ استاد گهريو. آقا پنهنجي هم شڪل قريشن جي جهنڊي بردار ۽ معزز ڪٽنب عبدالدار جي سهڻي جوان ۽ هر وقت خوشبوءَ ۾ ٻُڏل خوش لباس، ڳاڙهي ڳٽي، ڊگهن ڪارن وارن ۽ چمڪندڙ روشن اکين واري، هر وقت مُنهن تي مُرڪ سجائي رکڻ واري، ڌيمي لهجي ۾ ڳالهائيندڙ سيدنا مصعب بن عمير کي ساڻن گڏي ڇڏيو. سيدنا مصعب بن عمير اڳ ۾ ٻه ڀيرا حبشه هجرت ڪري بين الاقوامي سفارتي آدابن کان واقفيت حاصل ڪري چڪو هو. آقاﷺ جي قربت سان کيس سُهڻي اخلاق جي تربيت ملي هئي. آقاﷺ جي وڏڙي قصي جي پُٽ عبدالدار سان آقاﷺ جي چهري جي مشابهت هئي.
ڪهڙي نه خوشنصيبيءَ جهڙي خوشنصيبي هئي.
اُنهن سان گڏ سيدنا عبدالله بن اُم مڪتوم کي به قرآن جي تعليم کان روشناسيءَ لاءِ ساڻن گڏ موڪليو. سيدنا مصعب بن عمير، يثرب ۾ ابو اُماره سيدنا اسعد بن زرارا وٽ ترسيو، هو ڏاڍو خوش گفتار، مِٺو، نرم مزاج، مُرڪڻون ۽ دليلن سان ڳالهائڻ وارو هوندو هو. هو پنهنجي پيغام ۾ آقاﷺ ته لٿل قرآن پاڪ ٻڌائيندو هو.
جيڪو ٻُڌي ڀلا ڪير هو جيڪو سندس گرويده نه ٿئي ها.
ڪجهه ئي ڏينهن ۾ هن اڌ يثرب کي پنهنجي پويان لڳائي ورتو.
هو جيڏانهن به ٿي ويو، مَنڊلي مچائي ويهي ٿي رهيو.
ڳالهائيندو هو ته وات مان ڄڻ گُل ڇڻندا هئس.
گُلن سان ڳالهين جون پنکڙيون سَرسرائينديون هيون ته دلين تي اثر پذيريءَ جي بُوندار وسڻ شروع ٿيندي هئي.
هُن ٿورن ئي ڏينهن جي اندر دلين ۾ ڄميل صدين جي اَنا ۽ ڪوڙ جا بُت لوڏي ڇڏيا.
دلين جي تخت تي جنهن هيڪڙي خدا جو عرش هئڻ گهرجي ها، اِهو سجائي ڇڏيو. هڪ ڏينهن سيدنا مصعب بن عمير پنهنجي ميزبان مهربان اسعد بن زرارا سان گڏ بني ’عبدالاشهل‘ جي ظفر باغ ۾ پهتو. اُتي هڪ کوھ هو. کوھ وٽ کجين جي وڻن جي هيٺان انگورن جي ولين جي آسپاس اُن قبيلي جا نوجوان گڏيا ۽ سيدنا مصعب بن عمير جي رسيلي ۽ مٺين ڳالهين مان محظوظ ٿيڻ لڳا. اهو باغ اسعد بن زرارا جي ماسات سعد بن معاذ جو هو.. جيڪو بني عبدالاشهل سميت سڄي اوس قبيلي جو سردار هو. اسعد بن زرارا خزرج مان هو. پر ٻنهي قبيلن جون پاڻ ۾ شاديون مُراديون ٿينديون هيون ۽ سڄي عربستان وانگر يثرب جا عرب به پنهنجي پيءُ جي نسل تي فخر ڪندا هئا ۽ ماءَ طرفان ملندڙ رشتي دارن سان ڏاڍي پيار ۽ پنهنجائپ سان ملندا هئا.
اُن گهڙيءَ تائين اسلام جو پيغام سعد بن معاذ جي دل تائين نه پهتو هو، جو سيدنا مُصعب بن عمير سندس باغ ۾ خوشبوءَ جون پنکڙيون ٽانڪڻ اچي ويو. باغ جي ٻي ڪُنڊ تي سردار سعد بن معاذ پنهنجي ساٿي رئيس زادي اسيد بن حضير سان گڏ ويٺو هو. خبر ته هيُس ته جتي اهي ٻيئي سيدنا مصعب بن عمير ۽ اسعد بن زرارا پهچن ٿا، اُتي ماڻهن جي دلين ۽ دماغن کي موڙي ٿا ڇڏين کين اُلڪو هو ته اڄ اهي ٻيئي سندس قبيلي جي نوجوان کي ورغلائي ڇڏيندا. سردار سعد بن معاذ، اسيد کي چيو، ڏس ان قريشي مُصعب بن عمير سان گڏ منهنجو ماسات اسعد بن زرارا به اچي ويٺو آهي. منهنجو اوڏانهن وڃي کين منع ڪرڻ سٺو نٿو لڳي. تون وڃ، کين ڊوڙائي ڇڏ.
اسيد هٿ ۾ جهليل لوھ جي بڻڇي واري لٺ کنئي ۽ باغ ۾ عين ان کوھ وٽ وڃي بيٺو. سندس منهن تي اڻ وڻندڙ ۽ ناگواريءَ جا تاثرات هئا ته جيئن ڪو ساڻس اجائي ڊيگهه نه ڪري.
هن ويندي ئي چيو:
اُٿو... ڀَڄو هتان!
اسانجي نوجوانن کي نه ورغلايو.
سيدنا مُصعب بن عمير ته ٻه ڀيرا سمنڊ پار حبشه جي ڪارن چهرن کي نور سان ڌوئي آيو هو ، سو هو اسيد جي ڳاڙهين اکين کان ڪيئن ٿي هَڄي سگهيو. هن انهن ئي ماکيءَ جهڙي مٺڙي لهجي ۾ محبت ڀريل اکين سان نئين آيل کي ڏٺو ۽ سلامتي جو سلام ڪيو ۽ چيو ادا... ڪچهري پيا ڪريون.
تون به ويهي ٻُڌ ،
جي نه وڻئي ته معافي گهري اُٿي وينداسين.
جي وڻي ويون ته پوءِ ويٺو ٻُڌج.
اسيد جي دل ۾ ٿورو گلن جي پنکڙين سان ڀريل باغ هو، جيڪڏهن سندس دل پٿريا لوھ جي شيخ جهڙي هجي ها ته اهڙي سٺي طريقي سان گرمجوشي ۽ محبت ڀريل ڳالهه سان پٿر جهڙي دل به ميڻ ٿي وڃي ها.
چيائين
تنهنجي ڳالهه صحيح آهي،
پوءِ هُن بَڻڇيءَ واري لٺ نرم مٽيءَ ۾ کوڙي ۽ ساڻن گڏ ويهي رهيو.
هاڻ سيدنا مُصعب بن عمير جي اڳيان هڪ سردار زادو ويٺل هو.
سيدنا کيس سٺي اخلاق، چمڪندڙ اکين ۽ دل جي اٿاھ سچائيءَ سان سچ جو پيغام سُڻايو. قرآن پڙهي ٻڌايو. جو ڪجهه ئي گهڙين ۾ اهوئي اسيد بن حضير سندس حق واري پيغام کي سُڻي قرآن ۽ صاحب قرآن آقاﷺ جو اڻ ڏٺي غلام بنجي ويو.
چيائين: مون تنهنجي پيغام تي ايمان آندو.
اهو چهرو جيڪو ڪجهه گهڙيون اڳ اڻ وڻندڙ ۽ سخت چهري سان آيو هو. هاڻ نور محمديصه تي لٿل نور واري ڪلام سان روشن ٿي ويو. جو ڏسڻ وارا سُڃاڻي به نه پي سگهيا.
اندر جي تبديليءَ سان ٻاهر ڪيتري تبديلي ٿي اچي اهو ته اندر جي اک رکندڙ ئي سمجهي سگهي ٿو.
چيائين: هڪ ڪم ڪريو.
ٻُڌايو؟ سيدنا مصعب بن عمير چيو.
چوڻ لڳو: جنهن شخص مونکي هتي اوهانکي اُٿارڻ جي لاءِ موڪليو آهي اهو پنهنجي سڄي قوم جو سردار آهي. اوس جو سڄو قبيلو هن جي سامهون اک کڻي به نٿو ڏسي. هِنَ جي وات مان جيڪو لفظ نڪري ٿو، اهو قبيلي جو قانون آهي. آءٌ وڃي کيس موڪليان ٿو.. اوهان جيڪڏهن هن کي جيتي ورتو ته پوءِ هن بستيءَ جي هر رڪاوٽ اوهانجي اڳيان هٽي ويندي.
ايئن ئي ٿيو.
هو واپس ويو ۽ ڪنهن بهاني سان اوس جي سردار سعد بن معاذ کي موڪلي ڏنائين.
هو به پنهنجي چهري تي اڻ وڻندڙ تاثراتن ۽ سخت ڪاوڙ مان آيو. هن به سعد سان نهايت سخت لهجي ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو. پر اڳيان به اهو ئي دلين ۾ سُندر سچن موتين جي مالها پُوئڻ وارو شيرين زبان زري هو. هن پنهنجي مٺن ٻولن جي مَنڊ ۾ هُن کي مَنڊي ڇڏيو.. هو سردار جي اچڻ تي حجت ۽ احترام مان اُٿيو ۽ کيس اهوئي چيائين، جيڪو اسيد کي چيو هئائين.
پوءِ اهو ئي ٿيو.
سردار سعد بن معاذ به پنهنجي لٺ زمين ۾ دٻائي ۽ اتي ويهي رهيو. سردار ڪلام رباني ٻڌو. آقاﷺ جا گُڻ بيان ٿيا. اسلام جي انسانيت دوستي، برابري، محبت، اخوت جو احوال ٻڌو ۽ هن جي دل به ساڳيو ئي نعرو مستانو هنيو.
لاالٰه الله مُحَمَّد رَّسُولُ الله
هن جو سڄو اوس قبيلو شام تائين مسلمان ٿي ويو.
اهو سڄو قبيلو صرف هڪ ڏينهن ۾ اُن اڻ ڏٺي خدا جو عبادت ڪندڙ بنجي ويو ۽ هڪئي ڏينهن اَڻ ڏٺل ، پري رهندڙ آقاﷺ جا به غلام بنجي ويا.
اُن سڄي قبيلي مان هڪ شاعر ’قيس بن اسلت‘ ڪجهه ماڻهن کي ڪجهه سالن تائين حق کان پري رکيو. شاعر ۽ اهڙن شاعرن جي شاعري اُن ڪري قرآن جي زبان ۾ پنهنجي واکاڻ ۽ تائيد حاصل ڪري نه سگهيا. سواءِ انهن شاعرن جي، جن شاعري جي پردي ۾ رهندي به حق جي آواز کي مٿانهون رکيو.
خوشين ڀريل وقت جلدي گذري ٿو.
ٻيو سال آيو ته ايئن لڳو ته اڃا سال به نه گذريو آهي.
اهو آقاﷺ جي مڪي زندگي جو آخري سال هو.
نبوت جو تيرهون سال.
پوءِ حج جي ڏينهن ۾ عُقبه جي ماٿريءَ واري هنڌ تي ملاقات مقرر ٿي.
هن ڀيري ايندڙ پيروڪارن جو تعداد پنجهتر هو، ٽيهتر مرد ۽ ٻه زائفائون. اهي سڀ يثرب مان پنجن سئو ماڻهن جي قافلي سان گڏ آيا هئا، رستي ۾ اچڻ مهل ۽ منيٰ ۾ قيام جي دوران هو هڪٻئي کان پُڇندار رهيا.
”اسين ڪيستائين پنهنجي هادي رسول برحق آقاﷺ کي دشمن جي وچ ۾ ڇڏينداسين.
پاڻ کي پنهنجي آقاﷺ کي پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ گهرجي“.
ايندڙ ۾ عقبه اوليٰ جي ٻارهن ڄڻن کان سواءِ سيدنا سعد بن ربيع، سعد بن ربيع، سيدنا منذر بن عمرو، سيدنا عبدالله بن رواحه، سيدنا برا بن معرور، سيدنا سعد بن عباده، سيدنا ڪعب بن مالڪ، ۽ سيدنا عبدالله بن عمرو جهڙا اڪابر شخص پڻ شامل هئا.
تاريخ جي پنن ۾ اهو انوکو مثال آهي.
هڪ اجنبي دين.
هڪ اڻ ڏٺل هادي (ﷺ)
سندن نظر ۾ ايترو محبوب ٿي ويو.
ايترو محبوب جو، اُن جي خاطر هو دنيا سان ٽڪرائجڻ جي لاءِ تيار ٿي ويا.
پنهنجو تن من، ڌن، ٻار ٻچا، ڪُٽنب، قبيلا، صدين کان قائم ريتون رسمون. زندگي ۽ موت جي باري ۾ فلسفو بدلجي ويو.
اهي ماڻهو سچيءَ دل سان اڻ ڏٺل آقاﷺ جا ٻَڌا ٻانها بنجي ويا.
پهرين اهو طئي ڪرڻون هو ته آقاﷺ سان ڪڏهن ۽ ڪٿي ملاقات ڪرڻي آهي.
اهو طئي ڪرڻ جي لاءِ سردار بزرگ ’برابن معرور‘ روانو ٿيو. ساڻن گڏ ڪعب بن مالڪ به هو.
ٻيئي حرم ڏانهن روانا ٿيا.
ٻنهي اڳ ۾ ڪڏهن به آقاﷺ کي نه ڏٺو هو.
باقي سندن سڀئي همراھ مڪي جي ماڻهن کان پُڇڻ لڳا ته محمد بن عبدالله رسول خداﷺ سان ڪٿي ملي سگهجي ٿو، هو ڪيئن آهي. ڪٿي ملندو؟
هڪ مڪيءَ واري وراڻين: اوهان مڪي جو خوشحال واپاري عباس ڏٺو آهي؟ هو ته اڪثر واپار سانگي مديني ايندو ويندو آهي.
ٻنهي بزرگن هائو ڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
هنن عباس بن عبدالمطلب کي سُڃاتو ٿي.
واٽ ٻڌائيندڙ چيو: حرم ڪعبه هليا وڃو.
عباس بن عبدالمطلب هُن جو چاچو آهي، جنهن کي اوهين ڳولهيو پيا. ڪعبي ۾ جيڪو عباس سان گڏ ويٺل هوندو، اِهوئي اُهو هوندو.
ٻنهي جا قدم تيز ٿي ويا.
دلين جون ڌڙڪنون تيز ٿي ويون.
حرم ڪعبو سندن سامهون اچي ويو.
ڪعبو ته صدين کان اُُتي ئي هو.
پر هن ڀيري حرم ۾ آقاﷺ سان ملڻ جو شوق هنن ملاقاتين ۾ ڏسڻ وٽان هو. يثرب کان مديني ايندي ڊگهي سفر ۾ سردار ’برا بن معرور‘ عشق رسولﷺ ۾ ڪجهه اهڙو ته گرفتار ٿيو ته عيد نماز مھل جڏهن باقي سڀ مسلمان ان وقت تائين لاڳو رواج موجب فلسطين ڏانهن مُنهن ڪري نماز پڙهندا هئا ته سردار برا بن معرور پنهنجو منهن ڦيرائي ڪعبي شريف ڏانهن ڪندو هو ۽ چوندو هو ته منهنجو آقاﷺ ته اڃا هن طرف آهي. رستي ۾ ٻيا مسلمان سندس اُن عمل تي ساڻس بحث به ڪندا هئا، پر هن جا پنهنجا دليل هوندا هئا. اُن گهڙيءَ جڏهن ٻيئي ڄڻا ڪعبته الله جي سامهون پهتا ته سردار ’برابن معرور‘ دل ۾ سوچي ورتو هو ته اڄ پاڻ ئي پنهنجي آقاﷺ کان فيصلو وٺندس، پنهنجي سجدن جي طرف جو به.
کين حرم ۾ حطيم جي اندر عباس ويٺل نظر آيو.
ساڻس گڏ ويٺل هستيءَ جي منهن مبارڪ تي ڪعبو به ٻلهار ٻلهار هو.
هُنن جي آقاﷺ تي نظر پئي ته سندن اکيون چمڪڻ لڳيون.
معتبر ٿي پيون.
ٻيئي ادب سان وڃي آقاﷺ سان مليا.
سيدنا عباس ٻنهي جو تعارف آقاﷺ سان ڪرايو.
هي پنهنجي قوم جو سردار ’برا بن معرور‘ ۽ ساڻس گڏ ڪعب بن مالڪ آهن.
سيدنا ڪعب بن مالڪ کي سڄي عمر آقاﷺ جو سندس نالو ٻڌي اهو چوڻ ياد رهيو: ”ڪعب بن مالڪ جيڪو شاعر آهي“.
هنڌ ۽ ملاقات جو وقت مقرر ڪيو ويو.
سيدنا برابن معرور جي دل ۾ سجدي جي رخ جو سوال اڃا باقي هو. هن همت ڪري پُڇي ئي ورتو.
آقاﷺ مُرڪيا ۽ فرمايائون.
“جيڪڏهن تون صبر ڪرينءَ ها ته قبلي تي ئي هجين ها“.
چيو وڃي ٿو، ڪنهن کي خبر ٿوروئي ڪو هُئي، خدا کي ئي خبر هئي، الله جي رسول ئي ڄاتو ٿي ته يثرب وڃي. سجدي جو منهن وري آقاﷺ جي اباڻي گهر خدا جي گهر طرف ئي ٿيڻون هو.
ملاقات جي گهڙي ويجهي اچي ويئي.
پنج سئو زائرين جي قافلي مان پنجهتر، يثرب جا مسلمان آقاﷺ سان ملاقات ڪرڻ جي لاءِ بي چين هئا. هو رات گهري ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ پنهنجي پڙاءَ ۾ ليٽيا پيا هئا. انتظار جون گهڙيون ڪيتريون نه ڊگهيون ٿينديون آهن. فقط اِهي ئي ڄاڻن ٿا. سندن زندگيءَ ۾ اهڙيون هزارين راتيون آيون هونديون، پر اِها رات عجيب رات هئي.
هڪ هڪ گهڙي گهڙيال جي تال تي سندن سيني جي اندر وڄي رهي هئي.
سندن نس نس ۾ اُن جو پڙاڏو هو.
ساهن جو بئنسريون اُن رات عجيب مستاني راڳ ۾ بي سُڌ ٿيون پيون هُيون.
آخر رات لڙي.
آسمان جي بُت تي ٽانڪيل تارا چِلڪڻ ۽ چمڪڻ لڳا.
ملاقات جو سمئه اچي ويو.
سڀ ملاقاتي، ريگستان ۾ وکريل پنهنجي اڻڄاتل سُتل ساٿين جي وچان نڪري واري لتاڙيندا. هوريان هوريان اُٿندا ٻاهر نڪرندا ويا ۽ پنهنجي منزل عقبه جي طئه ٿيل هنڌ تي پهچي ويا.
کين جيئن حڪم مليو هو، تيئن ڪيائون.
حُڪم هو.
”ڪنهن سُتل کي جاڳائڻون نه آهي. ڪنهن غائب جو اوسيئڙو ڪرڻون نه آهي.“
اُتي نه ڪو سُتو.
نه ڪو اڳتي پوئتي ٿيو.
هو ٻن چئن جي ٽولين ۾ لِڪندا ڇُپندا مقرر وقت تي، مقرر هنڌ تي وڃي پهتا.
تارن جون اکيون واريءَ جي ذرڙن تي لٿل هيون
احرام جي چادرن ۾ ويڙهيل پروانا پنهنجي نور جي شمع جي اوسيئڙي ۾ هئا.
هر اک ۾ ستارو هو.
تارا جڳ مَڳائي رهيا هئا.
اها پورن ماشيءَ جي رات هئي.
ذوالحج جي چوڏهين رات. حج جا سڀ فرض پورا ٿي چڪا هئا.
آسمان تي چوڏهينءَ جو چنڊ پنهنجي ڪروڙين سالن جي سڄي چانڊوڪيءَ جي روشني جي درياءَ سان زمين تي لٿو ۽ پيرن اگهاڙو سُري رهيو هو.
چؤڏس نور ئي نور هو.
روشني ئي روشني هئي.
اِلاهي روشني.
وارياسي زمين آسمان کان وڌيڪ سُهائي هئي.
آسمان صحرا نورد هو.
اُن گهڙيءَ آقاﷺ جي آمد آمد هئي.

وفاداريءَ جو حلف

وفاداريءَ جو حلف

چنڊ پنهنجي جنم ڏينهن کان جنهن ماھ ڪامل جي راھ تڪي رهيو هو. هن پنهنجي سڄي زندگيءَ جي چانڊوڪيءَ جي چانڊاڻ جنهن مها چندرما جي سڳورن قدمن ۾ وڇائڻ ٿي گهري.
اهو وقت اچڻ وارو هو.
منيٰ ۽ مڪي جي رستي ۾
عقبه جي لڪَ جي آسپاس.
صدين کان انتظار ۾ بيٺل پٿريليون ٽڪريون، جنهن گهڙيءَ لاءِ واٽون نهاري رنگ ئي بدلائي ويون هيون، اها گهڙي اچڻ واري هئي. ان لڪ جي هيٺاهينءَ ۾ پنج سئو ڪلوميٽر پري کان آيل پنجهتر ماڻهو، ڪنهن مَنڊ ۾ مَنڊجي ڏيڍ سؤ اکين ۾ اوسيئڙي، بي قراري، لڳن ۽ عقيدت جا هزارين تارا آسمان تان لهي، انهن جي روحن جا بخيا اڊيڙي رهيا هئا.
اهو اوسيئڙو ختم ٿيڻ وارو هو.
آقاﷺ جي آمد آمد هئي.
۽
آقاﷺ اچي ويو.
لڪَ ۾ موجود پروانن ۾ عجيب چُرپر مچي ويئي. جيئن اڳ ۾ سَڙيل پَرن وارن پروانن کي پنهنجي شمع جي نور جي شعلن ۾ سڙي اَمر ٿي وڃڻ جي لاءِ، هاڻ وارن ۽ پرن جي جاءِ تي رڳو پنهنجي پنهنجي روح جون ڳڙکيون، اکيون بچيل هيون.
سڀ ڏسندڙ اکيون ادب کان جُهڪيل هيون.
ميڙ ۾ پاڪ ماکيءَ جي مکين جي ماناري ۾ ماکي ٺاهيندڙ پَرن جهڙي سرسراهٽ ٿي .
اُتي موجود هڙئي ادب مان اُٿي بيٺا.
آقاﷺ سان گڏ سندس مربي ۽ محافظ پاڇو سيدنا عباس هو. عمر ۾ کانئس ٽي سال وڏو، بُت ۾ ڀَريل، ڊگهو، سگهاريون ٻانهو ۽ رعبدار چهري وارو، اُن وقت تائين هن اڃا پنهنجي دلي ايمان کي ڳجهو رکيو هو، پوءِ به هو ڳچ عرصي تائين آقاﷺ جي حڪم سان مڪي ۾ ٽڪيل رهيو. سندس ذمي شايد آقاﷺ پاران ڳجهي ڄاڻ جي فراهمي، دشمن تي نظر رکڻ ۽ تحفظ پهچائڻون هو. هو پنهنجي دور ۾ آقاﷺ جي سيڪيورٽي ايجنسي هو. سندس گهر واري اُم فضل ۽ سندس ٻارڙي اعلانيه مسلمان هئا.
اِها هڪ فيصلي جي رات هئي.
مڪي کان مديني لڏي وڃڻ جي فيصلي جي رات، هڪ اهڙو فيصلو ، جنهن سان دنيا جو چَرخو ئي ڦري وڃڻ واور هو. هڪ رسولﷺ هڪ قوم ٺاهي، هاڻي هڪ خدا کي مڃيندڙ عدل ۽ برابريءَ تي ٻڌل فلاحي رياست بنائڻ وارو هو.
اُن رات هڪ هجرت کي شروع ٿيڻون هو. جنهن سان صدين کان عربستان جي قبيلن جي عصيبت ۽ اُن سان ٻڌل سڀئي ٻنڌڻ ٽٽڻ وار هئا. سماج ۾ عزت ۽ فخر جي ڪَسوٽي بدلجڻ واري هئي. انسانن مان ڪارن، ڳورن، ڀُورن ۽ پِيلن رنگن جي سُڃاڻپ مَٽجڻ واري هئي. سڀ انسان برابر ٿيڻ وارا هئا.
اهڙي هجرت ٿيڻ واري هئي.
اُن هجرت سان نيٺ هڪ ڏينهن موٽي مڪو به فتح ٿيڻون هو ۽ مڪي جي فتح کان پهرين هڪ ڏينهن آقاﷺ کي اهو اعلان به ڪرڻو هو ته هاڻ هجرت ختم ٿي، اها هجرت جيڪا شروع ٿيڻ واري هُئي. جنهن جي نالي سان گڏ ختم به ٿيڻون هو، اهو ئي سيدنا عباس، آقاﷺ جي پاسي ۾ پنهنجي سگهاري هڏ ڪاٺ سان ان چانڊوڪيءَ ۾ ويٺل لڪَ ۾ سنگ مر مر جي ٿنڀي وانگر بيٺو هو.
آقاﷺ موجود هئا.
سيدنا عباس ادب سان بيٺو هو.
هُن بي چين، سڄي عرب جي پروانن جي جوش ۽ ولولي کي ڏسي، پنهنجا ٻيئي هٿ کڻي ڀليڪار وارن جذبن جي قدر دانيءَ ۾ محبت سان لوڏيا، پوءِ ساڄي هٿ جي اشهد آڱر چپن تي آڻي سِڌي ڪئي ۽ اُن آڱر جي اشاري سان ٻنهي پاسن اشارو ڪري اِهائي آڱر ڪنن تائين آندي، ڄڻ اشاري ۾ چيائين، ڀتين کي به ڪن ٿيندا آهن. پوءِ سيدنا عباس ڪجهه چوڻ جي لاءِ وات پَٽڻ گهريو ۽ آقاﷺ ڏانهن ڏسي ڄڻ ڪُجهه چوڻ جي لاءِ موڪل گهري.
آقاﷺ فرمايو
جنهن کي ڳالهائڻو هُجي مختصر ڳالهائي.
ڳالهه کي ڊيگهه نه ڏي.
ڇوته مُشرڪن جا جوڻيت اوهانجي ڳولا ۾ آهن.
سيدنا عباس ڳالهه ٻولهه جي شروعات ڪئي.
”اي خزرج جا ماڻهو!
اسان وٽ محمدﷺ جهڙي حيثيت ۽ مرتبو رکي ٿو، اهو اوهين ڄاڻو ٿا. جن ماڻهن هِتي سندس پيغام کي قبول نه ڪيو، انهن جي مقابلي ۾ اسين بني هاشم ۽ ان جا ساٿاري سگهه رکون ٿا. پاڻ پنهنجي قوم ۽ شهر ۾ محفوظ آهن. پر پاڻ اوهان وٽ هلڻ کانسواءِ ٻي ڪنهن ڳالهه تي راضي ڪونهن. هاڻ جيڪڏهن اوهين اِها ڳالهه سمجهو ٿا، ته اوهين اُن وعدي کي پورو ڪري سگهو ٿا. جيڪو ڪَري اوهين کين مدعو ڪري رهيا آهيو ۽ سندن مخالفن جي مقابلي ۾سندس حفاظت ڪري سگهو ٿا ته کيس پاڻ سان ڀَلي وٺي وڃو. پر جيڪڏهن اُن ذميداريءَ کان ڌار ٿيڻ ٿا چاهيو ته هينئر ئي چِٽا ٿي بيهو. ڇو ته پاڻ هتي مضبوط ۽ محفوظ آهن.“
يثرب کان آيل هڪ معزز سردار ڪعب بن مالڪ ڀرسان ويٺو هو. چيائين:
”ابوالفضل اسان تنهنجي ڳالهه ٻڌي ورتي“.
پوءِ ڪعب بن مالڪ، آقاﷺ ڏانهن ڦريو ۽ چيائين:
”يارسول الله! اوهان فرمايو.
اوهين اسان کان جيڪو به حلف
وعدو ۽ وَچن وٺڻ گهرو ٿا
پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي الله جي لاءِ، سو اسان کان وٺو“.
اهو ٻُڌي آقاﷺ مُرڪيا.
چنڊ جي سڄي زندگيءَ ۾، سندس چانڊوڪيءَ اهڙي اُجري ۽ سُهائي مرڪندڙ مُرڪ اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي هئي.
آقاﷺ جو وات مبارڪ کليو ۽ فرمايائون
”آءٌ اوهان کان اهو حلف وٺڻ ٿو گهران ته اوهين منهنجي ايئن حمايت ۽ حفاظت ڪندا، جيئن پنهنجي ڪٽنب جي ڪندا آهيون“.
ميڙ مان آواز آيو.
”ڪنداسين“.
سيدنا جابر بن عبدالله ميڙ ۾ ٿورو پَرڀرو بيٺو هو. اُتان ئي حُب مان ڪنڌ اُڀو ڪري چيائين؛ ”اي الله جا رسول! اوهين چئو ۽ اسان کان حلف وٺو.“
آقاﷺ فرمايو:
” اُن ڳالهه تي منهنجي بيعت ڪريو ته هر حال ۾ منهنجو حڪم ٻُڌندا ۽ مڃيندا ۽ تنگي، خوشحالي، خوشي ۽ بدحالي، هر حال ۾ خرچ ڪندا. ماڻهن کي نيڪيءَ لاءِ سڏيندا ۽ بُڇڙائين کان روڪيندا، الله جي لاءِ حق جي ڳالهه چوندا ۽ ڪنهن ملامت ڪندڙ جي ملامت جو ڊپ نه ڪندا ۽ جڏهن آءٌ اوهان وٽ ايندس ته اوهين هر ممڪن طريقي سان منهنجي حفاظت ڪندا، بلڪل ايئن جيئن پنهنجي ڪُٽنب جي حفاظت ڪندا آهيون. ان جي بدلي ۾ اوهانجي لاءِ جنت آهي.“
اُتي موجود هر پرواني جو ڪنڌ پنهنجي سڳوري شمع تي قربان ٿيڻ جي لاءِ هاڪار ۾ ڌوڻجي رهيو هو. ’سيدنا برابن معرور‘ جيڪو يثرب کان مڪي ايندي سڄو رستو آقاﷺ جي شهر ڏانهن مُهاڙ ڪندي سجدو ڪندو آيو هو، آقاﷺ جي بنهه ڀَر ۾ ويٺو هو، سو چرين وانگر عشق ۾ جهومي اُٿيو ۽ آقاﷺ جي هٿ مبارڪ کي پنهنجي هٿ ۾ وٺندي چيو:
اي الله جا رسول!
اُن خدا جو قسم! جنهن حق سان گڏ اوهان کي اُماڻيو آهي، اسين اوهانجي حفاظت پنهنجي جان ۽ مال ۽ اهل و عيال کان وڌي ڪنداسين. اي الله جا رسول! اسان کان حلف وٺو. اسين ويڙهو ماڻهو آهيون. اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کان اهائي وراثت پاتي آهي.“
سيدنا برابن معرور جي ڳالهه اڃا جاري هئي جو ڀر ۾ ويٺل ’ابوالهيشم بن التهيان‘ آقاﷺ کي عرض ڪيو:
”يارسول اللهﷺ
هوڏانهن اسانجا يهودين جا پاڻ ۾ ڪي حلفي معاهدا آهن، جيڪي اسين ٽوڙڻ وارا آهيون. ڪٿي ايئن نه ٿئي جو جڏهن الله اوهانکي غلبو عطا ڪري ته اوهان اسانکي ڇڏي ٻيهر پنهنجي قوم، قبيلي، يا هِن شهر ۾ اچي وڃو؟“
آقاﷺ جي مُک مبارڪ تي هڪ خوبصورت مُرڪ اُڀري ۽ فرمايو:
”نه
بلڪل نه
هاڻ رت سان رت آهي
قبر سان قبر آهي
منهنجو جيئڻ، منهنجو مَرڻ
هاڻ اوهان سان ٿيو
آءٌ اوهانجو ٿيس
اوهين منهنجا ٿيا.
جنهن سان اوهانجي جنگ هوندي، اُن سان منهنجي جنگ هوندي.
جنهن سان اوهانجي صُلح هوندي، ان سان منهنجي صلح هوندي.“
آقاﷺ جي چيل انهن لفظن پکڙيل شفاف چانڊوڪيءَ جي ٿال تي ڄڻ پروانن کي محو رقص ڪري ڇڏيو. هر هڪ جو روح وجد ۾ اچي ويو. ماڻهو حلف کڻڻ جي لاءِ پنهنجا هٿ وڍيل ڳچين وانگر تَرين تي رکي آقاﷺ ڏانهن وڌيا، ڀرسان بيٺل آقاﷺ جي غلام اسعد بن زرارا سڀني کان پهرين ٽُپ ڏيئي آقاﷺ جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ ورتو ۽ پنهنجي ٻي هٿ کي هوا ۾ لهرائيندي چوڻ شروع ڪيو.
”اي يثرب وارو! ترسو.
اسين اُٺ ڊوڙائيندا هتي ڪنهن ٻي مقصد جي لاءِ نه آيا آهيون. اسان کي خبر آهي ته هي الله جو رسول آهي. اڄ هن کي پاڻ سان وٺي وڃڻ سڄي عربستان سان دشمني ڪرڻ آهي. نتيجي ۾ اوهانجا ٻارڙا قتل ٿيندا. تلوارون هلنديون. جيڪڏهن اوهان ۾اهو سڀ سُهڻ جي سگهه آهي ته اچو، هن جو هٿ جهليو ۽ پنهنجو اَجر الله جي ذمي رکو. پر جيڪڏهن پنهنجي جانين جو ڊپ اٿوَ ته هينئر ئي پوئتي هٽي وڃو. هن وقت جي معذوري شايد الله وٽ وڌيڪ قبول هوندي“.
پروانن جي ميڙ تي ڄڻ سرشاري طاري هئي. چئني ڏسائن هڪئي آواز اچڻ لڳو.
اسعد اسانجي رستي تان هٽي وچ.
خدا جو قسم
هن بيعت کي اسين ڪنهن به حالت ۾ نه ڇڏينداسين. نه هَٿ پري هٽائينداسين. اسعد بن زرارا جي مُحبت سان سرشار روح وانگر هاڻ هُنن جي اکين ۾ به لڙڪ ڪنبي رهيا هئا ۽ ماھ ڪامل جي نور سان معطر اِهي ئي لڙڪن جا سچا موتي آقاﷺ جي جهليل هٿ مبارڪ تي ڪِري رهيا هئا.
پهرين بيعت حاصل ڪرڻ جي سعادت ڪندڙ اهوئي پروانو رهيو. اسعد بن زرارا، ماڻهو اُٿي ايندا رهيا.
آقاﷺ جي مبارڪ هٿ تي پنهنجو هٿ رکي حلف کڻندا رهيا.
حلف کڻڻ مهل عباس بن عباده انصاريءَ چيو: ”ڏسو! اي خزرج جا گروھ خبر اٿوَ ته ڪهڙي ڳالهه تي بيعت پيا ڪريو؟
اوهين سڄي دنيا سان جهيڙي ڏانهن وڌي رهيا آهيو.
ڳورن ۽ ڪارن سڀني سان وڙهڻ جو حلف کڻي رهيا آهيو. جيڪڏهن اوهين خيال ٿا ڪريو ته جڏهن مال ۽ اسباب جي تباهي يا پنهنجي ساٿين ۽ حليفن جي هلاڪت کانپوءِ اوهين کيس پنهنجن دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيندا ته هينئر ئي پُٺتي هٽي وڃو. خدا جو قسم! اُن کانپوءِ دنيا ۽ آخرت ۾ ٻي ڪا وڏي خواري ڪانه هوندي ۽ آقاﷺ جي غلاميءَ ۾ جيئڻ کان وڏي ٻي ڪا خوشنصيبي ۽ ڀلائي ٿي نٿي سگهي“.
هاڻ سڀني پروانن کي زبان ملي چڪي هئي.
سڀني پروانن هڪ زبان ٿي چيو.
”اسين هر خطري کي مُنهن ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون، پر اسين آقاﷺ کي پنهنجي شهر وٺي وينداسين.“
فيصلو ٿي ويو.
هجرت ٿيندي.
اها چوڏهين ۽ پندرهين ذوالحج جي وچ واري رات 11 جون 632ع جي ڳالهه آهي. اُن رات جي ٺيڪ ٻن مهينن ٽن ڏينهن کانپوءِ آقاﷺ مڪي مان نڪتا ۽ يثرب روانا ٿيا. جنهن جو نالو آقاﷺ جبرائيل عليه السلام جي آندل خدا جي حڪم موجب يثرب جي بدران ’مدينه طيبه‘ يعني پاڪ سرزمين رکيو.
اُن رات آقاﷺ فرمايو.
”موسيٰ عليه السلام بني اسرائيل مان ٻارهن نقيب چونڊيا هئا. جبرائيل عليه السلام جي اشاري تي آءٌ به اوهان کان ٻارهن نقيب گهران ٿو، جيڪي پنهنجي پنهنجي قبيلي جا ذميدار هوندا“.
حڪم جي پورائي ٿي.
ٻارهن نقيبن مان نَوَ ]9[ خزرج ۽ ٽي [3] وس مان چونڊيا ويا. سيدنا اسعد بن زرارا کي آقاﷺ ”نقيب النقبا“ مقرر فرمايو.
رات گذري ويئي.
چنڊ پنهنجي سڄي چانڊوڪيءَ کي نڇاور ڪري سجدي ۾ هليو ويو.
آقاﷺ پنهنجن پروانن کي چيو:
”وڃو! هاڻ وڃي آرام ڪريو.“
ٻي ڏينهن هو واپس ورڻ جي لاءِ پنهنجن تنبن ۾ تيار ٿي رهيا هئا ته قريش جا ڪيترا ئي ستمگر، بي وفا قريش قرابت دار سردار سندن تنبن ۾ پهچي ويا.
چيائون: ”اسان کي خبر پئي آهي ته اوهان اسانجي خلاف ڪو وفاداريءَ جو حلف کنيو آهي ۽ اوهين اُن جي پورائيءَ ۾ کيس پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ گهرو ٿا.“

سُٺو سُوڻ

سُٺو سُوڻ

اُن گهڙيءَ مڪي جا مغرور سردار يثرب مان آيل سڀني ماڻهن جي ميڙ کي مخاطب هئا ته رات اوهان ڪٿي لِڪي حلف کنيو آهي.؟
اهي ماڻهو جن سان هو مخاطب هئا، سي ته سڄي رات سُتا پيا هئا. پوءِ به سندن اکيون غفلت ۽ ڪاهليءَ سبب ڳريون هيون. جن چنڊ جي سڄي زندگيءَ جي بچايل چانڊوڪيءَ ۾ ماھ ڪامل جي مبارڪ هٿ تي هٿ رکي پنهنجي پيڙهين جي وفاداريءَ جو حلف ڏنو هو، تن جي اکين ۾هاڻ خوشي ۽ سرشاري هئي. هو خاموشيءَ سان هڪٻئي کي ڏسي رهيا هئا.
مشرڪ، مُشرڪن کان پُڇي رهيا هئا.
پُڇڻ وارا به سچا هئا.
جواب ڏيڻ وارن به ڪوڙ نه ٿي ڳالهايو.
کين واقعي به خبر نه هئي ته سندن سُمهيل هئڻ جي دوران سندن شهر جو ڀاڳ جاڳي پيو هو.
سندن شهر خدا جي ڌُڻيل ماڻهن جو محبوب ترين شهر بنجي ويو هو.
يثرب جي اُنهن رئيس ۽ معززين ۾ هڪ ’عبدالله بن ابي سلول‘ به هو، جيڪو خزرج مان هو. پر جوڙ ٽوڙ جو ماهر ۽ يهودين جي امير زرگر سوناري قبيلي ’بنو قنيقاع‘ جي خاص حليف هئڻ جي بدولت هو يثرب جو بادشاھ بنجڻ جا خواب ڏسي رهيو هو.
چون ٿا ته هڪ سوناري سندس مٿي ۾ پائڻ لاءِ سون جو تاج ٺاهڻ جي لاءِ سندس مٿي جي ماپ به ورتي هئي. هن قريشن جي پڇا ڳاڇا جي دوران اڳيان وڌي وڏي هٺ مان چيو:
منهنجي حڪم ۽ صلاح کانسواءِ ايئن ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟
هو شايد وقت کان اڳ پاڻ کي يثرب جو بادشاھ مقرر ڪري ويٺو هو. هُن جي لاءِ آقاﷺ جي هڪ پرواني ڪعب بن مالڪ هڪ شعر چيو. هي اهوئي ڪعب بن مالڪ آهي، جنهن کي سڄي عمر اهو ياد رهيو ته پهرينءَ ملاقات ۾ آقاﷺ ساڻس هٿ ملائڻ مهل چيو هو.
”اهوئي ڪعب بن مالڪ، جيڪو شاعر آهي.“
سندس چيل شعر هن ريت آهي:
”ابيءَ کي ٻڌائي ڇڏيو ته سندس جوڙ ٽوڙ ٽٽي پيو،
شعب جي صبح هو جاڳيو نه پر مَري ويو
سندس ارادن جي لاءِ موت طئي ٿي چڪو
الله سندس سَڌ پوري ٿيڻ کان اڳ روڪي ڇڏي
الله بُڇڙن ماڻهن جي ڪَڍ لڳل رهي ٿو
هو ٻُڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي..
ابوسفيان کي به ٻُڌائي ڇڏ
ته هاڻ رسول اللهﷺ جي ڪري
الله جو دائمي نور اسان تي پَڌرو ٿي چڪو آهي.
ڏسي وٺو
اسانجي گروھ
بيعت عقبه ٽوڙڻ کان اُن ئي گهڙيءَ انڪار ڪري ڇڏيو.
اسانجي وفاداري هر شڪ کان مٿانهين آهي.“
روايت آهي ته عقبه واري جاءِ تي وفاداريءَ جي حلف کانپوءِ عين اُن گهڙيءَ لڪَ جي مٿان جبل تان هڪ رڙ ٿي. رڙ جو پراڏو گونجندي پهتو.
”اي منيٰ جي خيمن ۾ لهڻ وارؤ
اوهانکي اها خبر آهي
اُن رٿا جي، جيڪا محمدﷺ ۽ سندس بي دين ساٿين اوهانجي خلاف رٿي آهي.. جيڪي اوهان سان جنگ جي لاءِ گڏ ٿيا آهن.“
رسول اللهﷺ رڙ ٻڌي فرمايو هو
”اها رڙ هِتي مقرر شيطان جي آهي“.
پوءِ فرمايائون:
”اي الله جا دشمن! ڪَن کولي ٻُڌي ڇڏ.. الله جو قسم! آءٌ جلد ئي توسان پُڄڻ جي لاءِ واندو ٿي ويندس.“
يثرب مان آيل پروانن مان عباس بن عباده، آقاﷺ کي چيو:
”اُن خدا جو قسم! جنهن اوهانکي حق سان گڏ موڪليو آهي.. اوهين موڪل ڏيو ته اسين هينئر ئي تلوارون ڪڍي هنن خيمن وارن پُڄي پئون. کين پورو ڪري ڇڏيون.“
آقاﷺ فرمايو:
” نه اسانکي اُن ڳالهه جي موڪل ڪونهي
اوهين سڀ پنهنجن ٿاڪن تي واپس وڃو.“
حڪم جي پورائي ٿي.
۽ صبح ٿيو ته مڪي جي مشرڪن جو وفد سندن خيمن ۾ هو، يثرب مان آيل سندن بي خبر ساٿي پنهنجي اڻڄاڻائي جو اظهار ڪري رهيا هئا.
قريشي رئيسن ۾ هڪ ابوجهل جو ڀاءَ حارث بن هشام به هو. جيڪو چمڪندڙ نئين چمڙي جو نئون بوٽ پايو ۽ بار بار پنهنجي قيمتي ريشمي قبا کي هٿ سان مٿي کڻي وري هيٺ ڪري، وڏي ناز ۽ نخري سان پير پَٽ تي هڻي پنهنجن سُهڻي ملهائتن بوٽن کي ڏيکاري رهيو هو. ڪعب بن مالڪ مرڪندو اهو سڀ خاموشيءَ سان ڏسي رهيو هو. هو شاعر هو، شاعريءَ ۾ ڳالهه نه به ٿي ڪيائين ته به ڪا چوٽ ڪري ٿي ڇڏيائين. اُن پاڻ سان گڏ ويٺل سردار ابو جابر کي چيو.
”اي ابو جابر! تون به سردار آهين. پر تون هن قريشي نوجوان جهڙا قيمتي جوتا پائڻ جي پُڄت نٿو رکين“.
ابوجهل جي جاهل ڀاءُ اها ڳالهه سُڻي ورتي. هن 12 جون جي گرم تپندڙ واريءَ تي هلندي پنهنجي پيرن مان اهي شاندار جوتا لاٿا ۽ ڪعب بن مالڪ ڏانهن اڇليندي چيائين: خدا جو سُونهن
هاڻ اهي تون پائيندين“.
ابو جابر ٿورو هَٻڪيو ۽ پوءِ ڀُڻڪندي ڪعب بن مالڪ کي چيائين: واپس ڪري ڇڏ.. تو هِن قريشي سردار کي ناراض ڪري ڇڏيو آهي.
ڪعب بن مالڪ مُرڪيو ۽ ڪا پري جي گهري ڳالهه سوچي هوريان هوريان چيائين:
’نه سردار
هاڻ هي جوتا واپس نه ڪندس
لڳي ٿو ته هنن ۾ ڪو اسرار رکيل آهي.
ايئن ئي رهيو ته جلد ئي آءٌ کيس پيرن کان وٺي مٿي تائين اُگهاڙو ڪري ڇڏيندس. سندس سڀ ڪجهه حاصل ڪري وٺندس.‘
اهو سُٺو سوڻ آهي.

عام هجرت

عام هجرت

قريشي لڳاتار پُڇا ڳاڇا ڪندا رهيا.
نيٺ کين تصديق ٿي ويئي
حلف کڄي چڪو آهي
هجرت ٿيندي.
هو ڪاوڙ ۾ ڇتا ٿي پيا
اکيون ڳاڙهيون ۽ نڪ ڦونڊجي وين.
هنن يثرب ڏانهن پنهنجا اُٺ ڊوڙايا.
قافلا نڪري چڪا هئا.
حلف کڻي، اُن جي خمار ۾ مست يثربي پروانا گهڻو پري نڪري ويا هئا.
ٻه پروانا ڪنهن سبب جي ڪري قافلي کان پوئتي رهجي ويا هئا، قريشن کين جهلي ورتو.
کانئن پُڇا ڳاڇا ڪيائون.
هو ته حق کي نه لڪائڻ ۽ ڪنهن ملامت ڪندڙ کان نه ڊڄڻ جو حلف کڻي چڪا هئا. ڪوڙ ڇو ڳالهائين ها. انهن ٻن مان هڪ ته خزرج جو سعد بن عباده هو ۽ ٻيو خزرج جو ئي رئيس سيدنا منذر بن عمرو هو. منذر بن عمرو ڪنهن نموني قريشن کان جان بچائي نڪري ويو. باقي سيدنا سعد بن عباده کي قريش جهلي مڪي وٺي ويا. کيس سندس ئي اُٺ تي کڻي ٻڌائون. کين شايد هن کان سڄي حلف برداري جو تفصيل ڄاڻڻون هو. هو سڄو رستو کيس مارڪٽ ۽ گارگند ڪندا هليا. رستي ۾ قريشن جي ميڙ مان هڪ مُرڪندڙ ۽ خوش اخلاق چهرو سعد بن عباده کي ايندي نظر آيو. هو ٻڌائي ٿو ته مون سمجهيو ته هي همراھ چڱو ٿو لڳي، سو رعايت ڪندو. هن جا هٿ ڳورا ۽ ٽُنڊا هئا. هو ايئن ئي مرڪندو سعد بن عباده جي ويجهو آيو ۽ پوءِ پنهنجن ننڍن هٿن سان هڪ ٺونشو ٺاهي سعد بن عباده جي مُنهن تي هنيائين. سيدنا سعد بن عباده کي سڄي عمر اهو واقعو ياد رهيو ته مسلمانن جي لاءِ قريشي ايذاءَ ڏيڻ ۾ ڪيترا نه سخت ۽ گهٽيا هئا. اهو شخص جنهن مرڪندڙ چهري سان اچي ٺونشو هنيو هو ،
اهو سُهيل بن عمرو هو.
قريشي سيدنا سعد بن عباده تي تشدد ڪندا رهيا.
ابو البختري، جيڪو مسلمان ته نه هو، پر انسان دوست شخص هو ، تنهن هڪ پرديسيءَ کي پنهنجي وطن کان ڏور ايئن ڪُٽجندي ڏٺو ته سندس ويجهو آيو ۽ پُڇيائينس:
ادا،
هِتي مڪي ۾ تنهنجي ڪنهن سان ڏيٺ ويٺ آهي
دوستي ۽ پناھ جو رشتو آهي.
سيدنا سعد بن عباده وراڻيو.
هائو آهي.
جبير بن مطعم ۽ حارث بن حرب، يثرب ۾ مون وٽ اچي ٽِڪندا آهن. آءٌ سندن قافلن کي پناھ ڏيندو آهيان. پنهنجو نالو ٻُڌايائين ۽ چيائين ته کين وڃي مون بابت اطلاع ڏي. آءٌ خزرج جو سردار آهيان. ابوالبختري مُٺيون ڀيڙي وڃي هنن وٽ پهتو، کين خبر ڏنائين. هنن چيو، هائو، هو ته اسانکي پناھ ڏيندو آهي. هُن جي پناھ کانسواءِ اسانجا قافلا يثرب کان اڳتي وڃي نٿا سگهن.
هو وَٺ وَٺان ڪندا اُتي پهتا،
۽ کين ڇڏايائون.
سيدنا سعد بن عباده کي ته اُن ڏينهن قريشن هٿان پنهنجي ٿيل تذليل ۽ مارڪٽ وسري ويئي، پر الله! اها ڳالهه ياد رکي، پوءِ جڏهن هجرت جي اٺين سال مديني مان ڏهن هزارن جو لشڪر مڪي تي چڙهائي ڪري آيو ته مديني جي سڀني کان وڏي قبيلي خزرج جي فوج زره بند جٿي جي ڪمان جو جهنڊو اُن ئي سردار سعد بن عباده جي هٿن ۾ هو، اُن ڏينهن ته سيدنا سعد بن عباده کي پاڻ سان ٿيل زيادتين جي بَدلي وٺڻ جو پورو پورو حق هو. پر هو جنهن آقاﷺ جو غلام هو، اُن پاڻ سان ۽ پنهنجن پوئلڳن سان ٿيل سڀني ظلمن، زيادتين، ڏکن ۽ تڪليفن کي معاف ڪري. مڪي کي امن جو شهر قرار ڏيئي ڇڏيو.
پر اڃا اُن گهڙيءَ کي اچڻ ۾ اٺ سال باقي هئا. اڃا مڪي قريشن اهو طئي ڪري ويٺا هئا ته ڪنهن کي به مڪي مان نڪري يثرب ڏانهن وڃڻ جي موڪل ڏيڻي نه آهي.
کين ڪيترائي ڊپ هئا.
بظاهر ته هو مڪي جي سالميت ۽ وحدت جي ڳالهه ڪري رهيا هئا.
پر ڳالهه ٻي هئي.
مڪي جي سردارن جي معاشي زندگي جي شهه رڳ يثرب هو.
اِهي واپاري ماڻهو هئا.
هڪ پاسي هو اُٺن تي سامان لڏي اوڏانهن وڃي وڪڻندا هئا. مڪي ۾ ته گاھ به نه ڦٽندو هو. يمن مان قافلو مڪي ايندو هو ته هُو ان کي شام ڏانهن وٺي ويندا هئا.
رستي ۾ يثرب هو.
شام مان يمن واپس ورندي به ساڳئي رستو هو.
مڪي کان فلسطين، مصر، روم، ترڪي، جيڏانهن به قافلو ويندو هو، ڳاڙهي سمنڊ سان گڏو گڏ هلڻون پوندو هو.
اهو رستو به يثرب جي هٿن ۾ هو.
جيتوڻيڪ اُن زماني ۾ واپاري راهن تي رستا نه بنيا هئا، پر رستا موٽروي وانگر طئه ٿيل هئا. پهاڙي سلسلن ۾ ڪيترائي لنگهه ۽ رستا هئا. تنهن کانسواءِ سمنڊ ڪناري پکڙيل هموار ساحل مديني جي ڀرسان ئي هو. قافلن جا نگهبان صحرائي پهاڙي ۽ ساحلي علائقن ۾ اُنهن ڳڻپ جيترن رستن تان لنگهي ئي پنهنجي منزل تي پهچندا هئا.
هي وري ڇا ٿيو؟
ڇا ٿيڻ وارو آهي؟
مڪي جا سردار پنڊ پَهڻ هئا.
سالياني اڍائي لک اشرفي دينارن جو اُن رستي سان واپاري ٿيندو هو.
مڪي وارن جا قافلا ميلن جا ميل ڊگها هوندا هئا.
سيده خديجهرضه ته پنهنجا سڀ واپاري قافلا آقاﷺ جي خوشنوديءَ تي واري ڇڏيا هئا، ڪنهن وقت مڪي جي سڀ کان ڊگهي واپاري اُٺن جي قطار سندس هوندي هئي. هاڻ واپار ۾ ابوسفيان بن حرب جو قافلو سڀني کان ڊگهو هوندو هو. هو چمڙي جو واپاري هو ۽ اُن چمڙي جي واپار جي اَڏ ۾ هر قسم جو چمڙو وٺندو ۽ وڪڻندو هو.
مڪي جي رئيس زادن کي عربستان ۾ پنهنجي ويهاريل ڌاڪ، هاڪَ، دهشت ۽ جنهن کي اڄڪلهه ”رٽ آف اٿارٽي“ چيو وڃي ٿو. اها لُڏندي نظر آئي، رستي ۾ صحرا نشينن جون ڪيتريون ئي وَستيون ۽ گروھ هئا، لاڏائو به ته رهائشي به. کين ڪهڙو مُنهن ڏيکارين ها؟ متان وري ڪهڙي خبر ته هو ڪنهن سان، ڪهڙي قبيلي يا گروھ سان سَلهاڙجي، ٺهي وڃن. اُنهن ئي رستن جي سلامتيءَ سان ايران، هندستان، عراق، روم ۽ مصر جي قافلن کي لنگهائڻ جي انشورنس نما في وٺندا هئا.
هڪ گهڙيءَ جي لاءِ اوهين ’نھر سوئيز‘ کانسواءِ ان خطي جي نقشي کي ڏسو ، اڄ نھر سوئيز جي ڪري اولھه، اوڀر سان ڳنڍيل آهي. جڏهن ته سَڄي اوڀر ۽ اولهه جي وچ ۾ واپار ان ئي ٻيٽ نما عرب جي ان ئي ساحلي پٽي سان گڏ گڏ جهازن جي بدران ريگستاني جهازن يعني اُٺن تي ٿيندو هو.
نهر سوئيز به ته آقاﷺ جي ٻي خليفي سيدنا عمر بن خطاب کوٽرائي هئي، ۽ اوڀر ۽ اولھه کي سدائين جي لاءِ واپاري مقصدن لاءِ جوڙي ڇڏيو هو.
بهرحال قريشن جو پريشانيون بي سبب نه هيون.
اُن ئي رستي تان هر سال هزارين زائرين سندن شهر مڪي ايندا هئا.
رستا يثرب جي مُٺ ۾ هئا.
زائرين سان مڪي جو پيٽ ٻڌل هو.
خانه ڪعبه ۾ پيل ٽي سئوسٺ بتن جي اوبر کارائي مذهبي ٺيڪيدارن ابو جهل، ابوسفيان بن حرب، اُميه بن خلف جهڙن ناخلفن کي پاليو تاتيو هو. هو ڪيئن نه آپي مان ٻاهر نڪرن ها.
هنن طئي ڪري ورتو هو،
مڪي مان ڪنهن کي لڏڻ نه ڏنو ويندو.
هجرت جو حڪم ته ملي چڪو هو.
پروانا، پروانن وانگر وڃڻ لڳا.
جيڪي ڪمزور هئا، سي لڪي ڇُپي نڪتا.
سُهيل بن عمرو جو هڪ پُٽ پراڻو مسلمان هو. هجرت ڪري حبشه هليو ويو هو. کيس خبر پئي ته هو حبشه مان مديني وڃڻ جي لاءِ مڪي مان ٿي وڃڻ لڳو ته سندس جهيڙي ڪار پيءُ سهيل بن عمرو، پنهنجي پُٽ سيدنا عبدالله بن سهيل عمرو کي قيد ڪري ورتو ۽ کيس وڃڻ نه ڏنو.
پر هجرت کان ارڙهن مهينا پوءِ جڏهن اهوئي سهيل بن عمرو، اسلام دشمنيءَ ۾ تلوار کڻي ابوجهل جي لشڪر ۾ ابوسفيان بن حرب جو واپاري قافلو بچائڻ جي لاءِ ۽ پنهنجي پَر ۾ مسلمانن کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ لاءِ نڪتو ته ان ئي پُٽ کي به تلوار ڏيئي پاڻ سان گڏ جنگ تي وٺي ويو.
اهو جنگ بدر جو واقعو آهي.
ڪهڙو نه ولولو هو.
ڇا ته آقاﷺ جي مُحبت هئي.
سهيل بن عمرو جو اهو بهادر پُٽ جنگ هلندي پنهنجو قبيلو، پنهنجي قوم، پنهنجي هر سُڃاڻپ ڇڏي عين جنگ جي ميدان ۾ جنگ جون صفون چيري اچي پنهنجن هم خيالن سلامتي وارن مسلمانن سان اچي گڏيو.
هو پنهنجي آقاﷺ وٽ آيو.
وڇڙيل پکي اُڏري پنهنجي آکيري تي پهتو.
نه رڳو اهو، پر ان وقت سندس قيدي، سندس پنهنجو پيءُ سهيل بن عمرو ئي هو. جيڪو بدر جي جنگ ۾ فديو ادا ڪري، پاڻ کي آزاد ڪرائي ويو.
سيدنا مقداد بن اسود کي مڪي مان نڪرڻ نه ڏنو ويو.
هجرت ٿي ويئي.
مڪي مان فوجي دستا ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ جي لاءِ مديني ڏانهن ويندي، هڪ مڪي دستي جي قيادت ابوجهل جو پُٽ عڪرمه ڪري رهيو هو. رستي ۾ سندن آقاﷺ طرفان موڪليل چوڪس دستي سان ٽڪراءُ ٿيو، ان وقت مسلمانن جي دستي جو سالار عبيده بن حارث هو. سيدنا مقداد بن اسود کي ياد اچي ويو.
ڪبوتر، با ڪبوتر
باز با باز.
ٽپ ڏيئي ڪافرن جي دستي مان نڪري مسلمانن سان وڃي گڏيو. پوءِ مسلمانن سان گڏ ئي مديني هليو ويو.
وڃڻو ته سڀني کي مديني ئي هو.
ڪيترا ماڻهو ته مديني جا ٿي به مڪي آيا ۽ مهاجر بنجي مديني ويا.
اُنهن عظيم ماڻهن مان سيدنا ذڪوان بن عبد قيس، عقبه بن وهب بن جلاوه، عباس بن عباده نخله ۽ زياد بن لبيد به هئا. جن کي انصار هوندي به مهاجرين جو خطاب به مليو.
هجرت ۾ پهريون هجرت جو خطاب ته ابو سلمه کي مليو، جيڪو هجرت جي حلف برداري، بيعت عقبه ثانيءَ کان ٻه سال اڳ مڪو ڇڏي پنهنجي ڪُٽنب سان گڏ مديني روانو ٿيو هو. ساڻس گڏ زالهنس سيده اُمه سلمه، ۽ هڪ ننڍو پٽ سلمه هو، ٽيئي هئا ته بني مخزوم يعني ابوجهل جي ڪٽنب مان، پر جاهلن جي اُن ڪڙم انهن ٽنهي کي ڏاڍو ستايو.
سيدنا ابوطالب، بنو هاشم جي سردار جي حيثيت سان ابوجهل جي ڪٽنب جي انهن اُجرن ۽ پاڪ روحن وارن ماڻهن کي پناھ ڏني هئي. ڇو ته ابوسلمه جو ڪٽنب سيدنا ابوطالب جي ڀائيٽي حضرت محمد رسول اللهﷺ جو پوئلڳ هو، ابوجهل ڏاڍو ڪاوڙيو هو. پر اهو عربستان جي رواج موجب هو، جيستائين سيدنا ابوطالب جيئرو رهيو، ابوجهل ابو سلمه ۽ اُم سلمه جو وار به ونگو ڪري نه سگهيو. پر سندس چالاڻي کانپوءِ بنو هاشم ان پناھ جي توثيق نه ڪئي، مٿن زمين تنگ ٿي پئي، هجرت جو اشارو ٿيو ته هو پهرين مديني روانا ٿي ويا.
جڏهن هو ٽيئي سوارين تي چڙهيا ته ابوسلمه جا سهراڻا ابوجهلي همراھ پهرين ته کين روڪيندا ۽ منع ڪندا رهيا ته توکي جيڏانهن کپي تيڏانهن هليو وڃ، پر اسانجي نياڻي اُمه سلمه کي دربدر نه ڪر. هنن اُم سلمه کي وڃڻ نه پي ڏنو.
نيٺ هنن سيده اُم سلمه کي روڪي ورتو.
ابو سلمه رُئندي، تڙپندي پنهنجو اباڻو شهر، پنهنجو ڪٽنب، پنهنجو گهر ٻار زال ۽ ٻارڙو ڇڏي پنهنجي آقاﷺ جي حڪم جي تعميل ۾ هليو ويو. ابوجهل جي جاهلي ڪٽنب پوءِ اُم سلمه تي حملو ڪري ڏنو.
چيائون
هَنج ۾ وري اسانجو ٻارڙو کڻي پيئي هلين.
هيڏانهن ڪر، اهو هاڻ اسان وٽ رهندو.
اُن ڇڪتاڻ ۾ معصوم ٻارڙي سلمه جي ٻانهن نڪري ويئي.
ٻاررو ماءُ جي هنج مان نڪري ويو.
هاڻ عجيب صورتحال هئي. پيءَ مديني جي رستي تي راهي. ماءُ پويان اڪيلي مڪي ۾ رئندي رهي ۽ ٻنهي جو ٻچڙو ڪنهن ٻي وٽ. سيده ام سلمه روز مڪي جي ٻاهر اُن هنڌ اچي ويهي رئندي هئي، جتي هو ٽيئي وڇڙيا هئا. خدا ٿو ڄاڻي ته ڪيئن انهن پٿر جي صنم خانن کي سجدو ڪندڙ پٿر دل ڪافرن مان ڪنهن کي رحم آيو يا ٻارڙو سنڀاليندڙن کان ٻارڙو سلمه سنڀاليو نه ٿيو، هنن ٻارڙو ماڻهنس جي حوالي ڪري ڇڏيو. سيده اُم سلمه ٻارڙي کي کڻي پنڌ ئي پنڌ ٽي سئو ڪلوميٽر پري مديني رواني ٿي ويئي.
سوچڻ جي ڳالهه آهي.
ڪو هڪ گهڙي کن ترسي سوچي ته سَھي
هُنن ماڻهن جي لاءِ آقا جي محبت ڪهڙي معنيٰ رکي ٿي.
اُٺ تي چڙهي به ڏهن ڏينهن تائين سفر ٿئي ٿو.
سفر جي رستي ۾ اُس هئي.
پٿر هئا.
نوڪدار ٽڪريون هُيون.
ريگستان جي واري هئي.
رستي ۾ ڍنڍون ۽ درياءُ نه هئا.
ڪنهن ڀاڳ واري کي رستي ۾ ٻه ڍڪ پاڻي مَس ٿي مليو اُن رستي تي اُم سلمي اڪيلي ئي اڪيلي پنهنجي ٿڃ پياڪ ٻارڙي سان رواني ٿي ويئي.
ڇاڪاڻ ته آقاﷺ کي اوڏانهن وڃڻو هو.
هاڻ اُتي ئي جيئڻون هو
اُتي ئي مرڻو هو
اُن رستي تي هلڻو هو
جيڪو ڌُڻيو ويو هو
آقاﷺ پاران
الله بهرحال مهربان ۽ ٻاجهارو آهي.
رستي ۾ الله پنهنجي گهر جو ڪُنجي بردار عثمان بن طلحه موڪلي ڏنو. جيتوڻيڪ هو اڃا مسلمان نه ٿيو هو، پر پنهنجي گهر جي کيس چاٻي ڏيندي خدا کي اها تسلي هئي ته هو ڪيترو امانتدار آهي.
اهو رستي ۾ گڏجي ويس
پُڇيائين ادي ڪيڏانهن پئي وڃين؟
هن کي سڄي ڪهاڻيءَ جي خبر هئي.
هُن باقي سفر اٺ جي پٺيءَ تي سانئڻ ام سلمه کي ويهاريو ۽ پاڻ ڪنڌ جهڪايو اٺ جي واڳ جهلي پنڌ ئي پنڌ مڪي کان مديني هلندو هلندو هليو. رستي ۾ جڏهن رات پوندي هئي ته هو پنهنجي اُٺ ۽ اٺ تي ويٺل سيده ام سلمه ۽ سندس ٻارڙي کان پري ريگستان جي ڪنهن پٿر جي ڀر ۾ وڃي سُمهي پوندو هو ۽ ڏينهن جو وري سفر جاري رهندو هو.
ڪيترن ڏينهن کانپوءِ پري کان مديني جي ٻاهران قبا جي بستي نظر آئي. ان مهل عثمان سيده اُمه سلمه کي چيو:
ڀيڻ! تنهنجو مڙس ابو سلمه اُتي آهي. تون اوڏانهن وڃ!
سيده اُم سلمه سڄي زندگي اهو چوندي رهي ته مون عثمان بن طلحه کان وڌيڪ امانت دار ۽ شريف ماڻهو ٻيو ڪوبه نه ڏٺو. ان عثمان بن طلحه پوءِ جڏهن آقاﷺ جي اڳيان اقرار ڪيو
لاالٰه الا الله محمد رسول اللهﷺ
ته آقاﷺ قيامت تائين ان عثمان بن طلحه ۽ سندس ايندڙ نسل کي خدا جي گهر جو ڪُنجي بردار بنائڻ جو انعام بخشي ڇڏيو.
خدا جي گهر جي چاٻي ته آقاﷺ جي هٿ ۾ اچي ويئي هئي.
جنهن کي وڻيس ها، تنهن کي بخشي ڇڏي ها،
هن اُن کي بخشي جيڪو ان جواهل هو.
جنهن کي خدا ڌُڻيو هو.
اڄ ڏينهن سوڌي خدا جي گهر جي چاٻي اُن عثمان جي نسل وٽ آهي.
ڪنهن اهو سوچيو هو؟
اهو اُن نسل جي ڪهڙي عثمان جي شرافت ۽ امانت جو انعام آهي. انعام جڏهن هڪ پيڙهيءَ کانپوءِ ٻي پيڙهيءَ ڏانهن وڃڻ لڳي ته اهو سوچڻو ٿو پوي ته اهو سڄو انعام ڪهڙي ڀاڳوان جي امانتداري تي مليو آهي.
امانتداري به ڪنهن انعام کانسواءِ نه هوندي آهي.
هڪ پيڙهيءَ کان ٻي پيڙهي انعام ئي ان جو انعام هوندو آهي.
ڪُنجي هجي يا ڪُنجي بردار
خطاب کڻي ڪهڙو به هجي.
اُن جي پويان ڪا نه ڪا ڪهاڻي هوندي آهي.
هجرت جي ڪهاڻين ۾، ڪهاڻيون ته سڀني جون شاندار آهن.
پَر جيڪا ڪهاڻي سيدنا عمر بن خطاب جي هجرت جي گهڙين جي آهي، اها به ڏاڍي انمول آهي، هجرت ڪرڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ڪعبي جي اڱڻ ۾ آيو، جتي مڪي جا سڀ رئيس هَٺ ۽ تڪبر مان ٽنگون ٽيڙي ويٺا هئا. سيدنا عمر آيو به ته تلوار، نيزي، تير، ڍال ۽ ڪمان سان هٿيار بند ٿي، اتي ويٺل ماڻهن کي وڏي آواز ۾ مخاطب ٿي چيائين:
”افسوس اُنهن تي جيڪي پٿرن جي ٽڪرن کي خدا بنائي پُوڄين ٿا. پر ٻُڌو! اوهانکي ته خبر پئجي ويئي هوندي ته آءٌ هتان وڃي رهيو آهيان سڀاڻي صبح جو فلاڻي وقت، فلاڻي هنڌان، جنهن کي، پنهنجي پُٽ کي يتيم ۽ پنهنجي زال کي بيوه ڪرڻو هجي، سو منهنجي پويان لڳي“.
ٻي ڏينهن هو ٺيڪ ٻُڌايل وقت تي
مقرر جاءِ تان
ڏينهن ڏٺي جو دينا داستي ويهن ڄڻن سان روانو ٿيو.
ساڻس گڏ سندس ڀيڻويو سعيد بن زيد، ناٺي خنيس بن حذافه کانسواءِ ڪٽنب جا ٻيا مسلمان به هئا. ابو جهل جي ڪٽنب جي ٻن مسلمانن به گڏ وڃڻ جو قصد ڪيو هو. عياش بن ربيعه، جيڪو ابوجهل جو ماتو ڀاءُ هو ۽ ٻيو هشام بن عاص. طئي اهو ٿيو ته هو ته جيڪو به مقرر وقت تي، مقرر هنڌ تي پهچندو، اهو هلندو. سيدنا هشام بن عاص کي مڪي جي اندر ئي سندس گهروارن جهلي قيد ڪري ڇڏيو. عياش بن ربيعه پهچي ويو ۽ پوءِ گڏ مديني پهچي ويو. پر اُنهن جي پويان پويان ابوجهل ۽ عياش جو سڳو ڀاءُ حارث بن هشام پنهنجن اُٺن تي پيڇو ڪندا پي آيا.
هو سيدنا عمر بن خطاب جي سامهون ته پنهنجي ڀاءُ عياش سان ڳالهائڻ کان ڊنا ٿي.
پر جڏهن به موقعو ٿي ملين ته کيس ورغلائڻ ٿي لڳا.
ابوجهل بهانو بنايو.
ڏس تون منهنجو ماتو ڀاءُ آهين.
مونسان گڏ تنهنجو سڳو ڀاءُ آهي. پنهنجي ماءُ جو ته خيال ڪر، جيڪا تنهنجي وڇوڙي تي هَنجون هاري رهي آهي، هن قسم کاڌو آهي ته جيستائين تون نه ايندين، تيستائين نه ڇانوَ ۾ ويهندي ۽ نه وارن ۾ ڦڻي ڏيندي.
ابوجهل جي چيل ڳالهيون سيدنا عمر بن خطاب به ٻڌي ورتيون.
مُرڪي سيدنا عياش کي چيائين
اُلڪو نه ڪر.
مڪي جي اُس ڏاڍي تيز آهي، تنهنجي امڙ کي گرمي ٿيندي ته پاڻ ئي ڇانوَ ۾ اچي ويهندي. مٿي ۾ ڦڻي نه ڏيندي ته وار جوئن سان ڀرجي ويندس ۽ پاڻ ئي ڦڻي ڏيندي. هي بهانا پيا ڪن، هنن جي ڳالهين تي نه لڳج.
سيدنا عياش ماءُ جي محبت ۾ مجبور ٿي پيو.
ابو جهل سان واپس ورڻ لڳو ته سيدنا عمر بن خطاب چيس، تون پنهنجي ماءُ جي محبت ۾ واپس پيو وڃين، پر هي توسان دوکو ڪندا. تون منهنجي سفيد اُٺڻ پاڻ سان گڏ وٺي وڃ.. جڏهن به هنن جو ارادو بدليل ڏسين ته اٺڻ جي واڳ ورائج، سندن ڪوبه اٺ هن اٺڻي تائين پهچي نه سگهندو.
سيدنا عياش، مديني مان، سيدنا عمر بن خطاب جي سفيد اُٺڻ ورتي ۽ ابوجهل ۽ حارث بن هشام سان مڪي واپس موٽي ويو. اڃا اڌ پنڌ به مس ڪيائون، جو ابوجهل ۽ حارث اکين ئي اکين ۾ ڪا سَٽ سٽي ۽ حارث بن هشام، سيدنا عياش کي چيو: ادا تو وٽ ته شاندار اُٺڻ آهي، منهنجو اُٺ ويچارو مَرگهيل ۽ هلڻ کان هلاڪ آهي مونکي به پويان پاڻ سان ويهار، سيدنا عياش ابوجهل جي عياريءَ ۾ اچي ويو. هن کيس اُٺڻ تي ويهاريو ته ٻنهي کڻي سوگهو ڪيوس ۽ کيس حضرت عمر بن خطاب جي اٺڻ جي رسين سان ٻڌي کڻي پنهنجي مَرگهيل اٺ تي ويهاريائون ۽ کيس مڪي وٺي آيا ۽ پنهنجي ان نيڪ سيرت ۽ سادي سودي ڀاءُ کي سڄي شهر ۾ ٻڌل حالت ۾ گهمائيندي. چوڻ لڳا:
”ڏسو! ههڙن بي وقوفن کي هيئن ٻڌي آڻبو آهي. اوهين به پنهنجا همراھ هيئن ٻڌي آڻيو.“
اڳتي هلي، آقاﷺ جي حڪم جي تعميل ۾ خالد بن وليد جي ڀاءُ سيدنا وليد بن مغيره کي مديني مان مڪي موڪلي، سيدنا عياش کي ان قيد مان ڇوٽڪارو ڏياريو. جنهن مڪي وڃي هن لاءِ ماني نيندڙ مائيءَ جو پيڇو ڪري اهو ڪمرو ڳولهي لڌو، جتي کيس قيد ڪيو ويو هو. پوءِ ڀت ٽپي کيس ٻاهر ڪڍيو ۽ پنهنجي اٺ تي ويهاري مديني ۾ وٺي آيو.
مسلمان مڪي مان هجرت ڪري چڪا هئا.
پروانا، پروانن تائين پهچي چڪا هئا.
جتي هو حق جي شمع جي اوسيئڙي ۾ هئا.
جنهن جي نور مان ڪائنات نور ورتو هو.
مڪي ۾ آقاﷺ کانسواءِ باقي فقط ٻه عظيم هستيون باقي هيون. هڪ اها جنهن کي ان سڳوري سفر ۾ همسفر ٿيڻون هو سيدنا ابوبڪر ۽ ٻيو علم جي شهر آقاﷺ جو دروازو سيد علي مرتضيٰ جنهن کي آقا سائي چادر ۾ ويڙهي پنهنجي بستري تي اُن رات سُمهارڻ وارو هو. جڏهن مڪي دشمنن، رسول خداﷺ جي سڀ کان وڏي سازش جي ڳڙھ ”دارلندوه“ ۾ پنهنجي بدنيتي ۽ دشمنيءَ جي هٿان تاريخ جي سڀ کان بَدترين سازش سوچي هئي.

دارلندوه ۾ سازش

دارلندوه ۾ سازش

جيئن هر ماڻهوءَ جو پنهنجو ڀاڳ هوندو آهي، تيئن جاين جي به پنهنجي تقدير هوندي آهي، سُڃاڻپ هوندي آهي.
هونئن ته دارلندوه، آقاﷺ جي وڏڙي قريشي قصي، سڀني ٽڙيل پکڙيل قريشي قبيلن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪرڻ ۽ پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪرڻ ۽ مڪي ۾ ڀلائي ۽ ٻڌي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ٺاهيو هو.
اهو هن جو پنهنجو گهر هو،
جيڪو هن ان ڪم لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو.
آقاﷺ جا ٻيا عظيم بزرگ سيدنا هاشم ۽ سيدنا عبدالمطلب به اُن گهر ۾ ويهي ماڻهن جا اجتماعي فيصلا ڪندا هئا. شادي، مرادي، خوشي ۽ غميءَ جي ڏينهن ۾ اهو هڪ ”ڪامن روم“ طور استعمال ٿيندو هو.
پر جڏهن آسمان تان نور لهڻ جو سمئه آيو.
قرآن نازل ٿيو
صاحب قرآن جي صورت مُجسم ٿي آقاﷺ جُڙي
دارالندوه جي خوشنصيبيءَ جا ڏينهن به هليا ويا.
اسلام جي سلامتي، ڀلائي، مساوات ۽ انساني حرمت سان گڏ هڪ خدا جي هيڪڙائيءَ جو سبق آسمان تان لٿو ته اهوئي دارلندوه پوءِ آقاﷺ جي خلاف ٿيندڙ سازشن جو ڳڙھ بنجي ويو. مڪي ۾ گذاريل آقاﷺ جي تيرهن سالن جي نبوي زندگي ۽ مديني هجرت ڪري اچڻ کانپوءِ به اٺن سالن تائين فتح مڪي جي مبارڪ گهڙيءَ تائين ’دارالندوه‘ پاڻ سڳورن سان دشمنيءَ جي سڃاڻپ رهيو. مڪي جي فتح کانپوءِ پاڻ سڳورا مڪي ۾ پندرهن ڏينهن تائين شهر جي ٻاهران هڪ تنبو هڻي ترسيا.
آقاﷺ جي جيت سان گڏ ’دارلندوه‘ مري ويو.
اُن ۾ جنم وٺندڙ ۽ پلجندڙ هر سازش دم ٽوڙي ويئي.
مڪي جي فتح کانپوءِ جڏهن مُشرڪن وٽ مسلمان ٿيڻ کانسواءِ ٻي ڪا واھ ئي ڪانه بچي ته ڪجهه سالن کانپوءِ اهائي دارلندوه جي عمارت حڪيم بن حزام، ابوسفيان بن حرب جي پُٽ امير معاويه کي هڪ لک درهمن ۾ وڪڻي ڇڏي. ماڻهن کيس طعنو هنيو ته وڏڙن جي نشاني ڇو وڪڻي ڇڏئي؟
هُن جو جواب هو:
اها عمارت ته هن شراب جي هڪ مشڪيزه جي عيوض ورتي هئي.
سوچڻ جي ڳالهه آهي.
جنهن جي قيمت پهرين ڏينهن شراب جي هڪ مشڪيزه رهي هجي، اُتي ويهي هوشمنديءَ جي فيصلن جي بدران سازشون نه ٿين ها ته ٻيو ڇا ٿئي ها؟
مُشرڪن جون سڀئي اٽڪلون، دشمنيءَ واريون چالون اُبتيون ٿي ويون هيون، اسلام کي وڌڻ ويجهڻ کان روڪڻ جون سندن هڙئي رٿون، اٽڪلون ۽ سازشون ناڪام ٿي ويون هيون.
آقاﷺ جي ٻن ساٿين کانسواءِ جن کي آقاﷺ پاڻ ئي جهليو هو ، باقي ٻيا سڀ آقاﷺ جي حڪم سان مڪو ڇڏي هليا ويا هئا.
سلامتي ۽ تحفظ جي نئين هنڌ
مديني ۾
اُن ڏينهن دارلندوه ۾ هڪ خوفناڪ سازش سَٽي ويئي.
مڪي جي مشرڪن جا سڀ سرپئنچ اُتي گڏ ٿيا.
زهريلا دشمن مَٿو مَٿي ۾ ڏيئي ويٺا. سندن ذهن ۾ فقط هڪ ڳالهه هئي.
ڇا به ٿي پوي
هاڻي نعوذ بالله، رسول اللهﷺ کي نه هِتي سلامتيءَ سان رهڻ ڏيڻون آهي ۽ نه وري ڪيڏانهن وڃڻ ڏيڻون آهي. کين خبر هئي ته آقاﷺ جي پروانن جو هڪ وڏو هجوم اڳ ۾ ئي مديني ۾ پهچي چڪو آهي. مڪي جا شيدائي مسلمان پنهنجو گهر ٻار، ٻارٻچا، ڌنڌو ڌاڙي، مال وَجهو، قبيلا، رسمون ۽ رواج، مٽ ۽ مائٽ، شهر، سڀ ڇڏي اُتان نڪري ويا.
مدينو، هاڻ هڪ بستيءَ مان سلطنت بنجڻ وارو هو.
هُنن جي مرضي هئي ته سلطنت جو باني پنهنجي رياست تائين پهچي نه سگهي.
پوءِ ڇا به ٿي پوي.
ڪهڙي به قيمت ادا ڪرڻي پوي.
کيس روڪيو وڃي.
کين عربستان جي اُپٻيٽ ۾ ”مدينه الرسول“ جي ڪليدي حيثيت جي خبر هئي. جيڪو هنڌ سندن سڀني واپاري، ڪاروباري، ۽ زائرين جي اچ وڃ جي رستن جي شهه رڳ هو.
هاڻ کين هر حالت ۾ روڪڻون آهي.
ڇا ڪَن
سڀ مٿو جوڙي ويٺا.
اُنهن ۾ ابوجهل بني مخزوم جو نمائندو هو.
بني عبد شمس مان هڪ نه پر ٽي ڄڻا اچي ويٺا هئا. شيبه بن ربيعه، عتبه بن ربيعه ۽ ابوسفيان بن حرب.
بني نوفل جو سردار، معطم بن عدي، جنهن آقاﷺ کي مڪي جا آخري اڍائي سال پناھ ڏني هئي، گذاري ويو هو. اُن جو پُٽ جبير بن معطم، طيبه عدي ۽ حارث بن عامر کي پاڻ سان وٺي اُت آيو، هو پنهنجي پيءُ جي ڏنل امان کان اعلانيه ته ڌار نه ٿيو، پر دشمن سان هر حال ۾ سهڪاري بنجڻ جي لاءِ آيو هو. بني عبدالدار مان نضر بن حارث ۽ آقاﷺ جي ساهراڻي آڪهه بنو اسد مان ابوالبختري بن هشام، زمعه بن اسود ۽ حڪيم بن حزام به پهچي ويا. بنو سهم مان ينبه بن حجاج، منبه بن حجاج، ٻئي ڀائر به اُت پهتا. بنو جمع جو ويڙهاڪ اسلام دشمن، سيدنا بلال بن رباح جو پراڻو آقا اُميه بن خلف به انهن ۾ اڳڀرو هو.
جڏهن اهي سڀ دارلندوه پهتا ته اُن جي دروازي تي شيطان هڪ پوڙهي نجدي شيخ جي روپ ۾ اچي بيٺو.
دارلندوه جي دروازي تي شيطان کي ته بيهڻون ئي هو.
چيائين: ”آئون نجدي شيخ آهيان ۽ پنهنجي نيڪ صلاحن ۽ مشورن کان اوهانکي محروم نه رکندس“.
دارلندوه جي سڀني ندوين کيس اکين تي ويهاريو ۽ پنهنجي مجلس ۾ وٺي آيا. پهرين ته صورتحال جو مختصر جائزو پيش ڪيو ويو. پوءِ اسلام کي مٽائڻ، هادي برحق رسول آخرﷺ کي نعوذبالله ختم ڪرڻ جي لاءِ صلاحون پيش ٿيڻ لڳيون.
ابوالاسود سڀ کان پهرين مجلس ۾ اها رٿ ڏني ته محمدﷺ کي پنهنجي شهر مان نيڪالي ڏني وڃي. کيس جلاوطن ڪري ماڻهن کان ايترو ته پري ڪيو وڃي، جو ريگستان ۾ ڪير به هُن تائين پهچي نه سگهي. پوءِ اسان جا همراھ پاڻ ئي ڦِڪا ٿي اسان وٽ موٽي ايندا.
شيطان شيخ نجديءَ هڪدم وراڻيو:
نه نه، اها صفا بيڪار رٿ آهي.
اوهين کيس نٿا سُڃاڻو، هو شيرين ڪلام ۽ خوش گفتار آهي، ساڻس جيڪو به گڏبو، سو سندس مداح ٿي ويندو. هو سڀني قبيلن کي اوهانجي خلاف متحد ڪري ڇڏيندو.
ڪا ٻي رٿ سوچيو
ابوالبختريءَ چيو
کيس لوھ جي زنجيرن ۾ ٻڌي قيد ڪري ڇڏيو.
دروازي تي پهرو ويهاري ڇڏيو.
شيخ نجدي شيطان پنهنجي شيطاني کل ۾ کليو ۽ چيائين: اها رٿ عمل جوڳي ڪونهي. دير سوير، سندس ساٿي وٽس پهچي کيس ڇڏرائي وٺندا.
ٻيئي رٿون رد ڪيون ويون.
هاڻ ابوجهل ڳالهايو.
چوڻ لڳو: اي معزز قريشو! منهنجي ڳالهه ڌيان ڌَري ٻُڌجو ۽ اُن تي ٿڌي نموني غور ڪجو، جو ان کان وڌيڪ ٻي ڪا بهتر رٿ ڪونهي.
سڀني چيو: چئو، ابو الحڪم.
ابوجهل جي مڪروھ مُهانڊي تي شيطان جي چهري کان به مڪروھ ڦٽڪار اُڀري. هن جي تکين ۽ هيڏانهن هوڏانهن نهاريندڙ اکين ۾ اونداهيءَ جا پاڇا مليا. ڳالهه ڪرڻ کان اڳ هُن پنهنجي ڏڪندڙ نوڪدار زبان مان گندي ٿُڪ جا ڇنڊا اُڏايا ۽ ويٺي ويٺي پاسو بدلايو. پوءِ واري واري سان سڀني ڏانهن ڏٺو ۽ پنهنجي ڏاڙهيءَ تي هٿ گهمائي، چپن تي آڱر ڦيري ۽ اکيون جهڪائيندي چيو:
اسين (نعوذبالله) محمد (ﷺ) کي قتل ٿا ڪري ڇڏيون.
سازشين جي محفل ۾ ماٺار ڇانئجي وئي.
سڀني کي خاموش ڏسي ابوجهل ٻيهر چيو:
هي قتل هڪ خاص اٽڪل سان ڪنداسين.
اهڙي طريقي سان جو ڪو به قبيلو اُن جو بدلو وٺي نه سگهندو.
ڪيئن .. ڪيئن؟
ڪيترن ئي همراهن هڪئي وقت چيو
شيطان ابوجهل ۾ مڪمل طور تي حلول ڪري چڪو هو.
چيائين:
اسين هيئن ڪنداسين جو هر قريشي خاندان مان هڪ نيزي بردار وٺنداسين. سڀ نيزي بردار محمد (ﷺ) جي گهر جو گهيراءُ ڪندا. سڄي رات سندس دروازي تي هُن لاءِ بيٺا رهندا. پوءِ جيڏي مهل به رات جو يا صبح جو گهر مان ٻاهر نڪرندو ته اِهي سڀ گڏجي هڪئي مهل مٿس ڀرپور ۽ موتمار حملو ڪندا. ايئن جو پوءِ ڪنهن کي به اها خبر پئجي نه سگهي ته هو ڪنهن جي نيزي سان (نعوذبالله) قتل ٿيو. الزام هڪئي وقت سڀني قبيلن تي ايندو. پوءِ سندس حامي يا حمايتي جنهن سان به وڙهڻ گهرندا، اڪيلي سر ڪنهن کان به اُن جي قتل جو بدلو وٺي نه سگهندا. وڌ ۾ وڌ معاملو خون بها تائين ايندو، جيڪو اسين سڀ قبيلا گڏجي ادا ڪري ڇڏينداسين.
قصو ختم.
شيطان شيخ نجدي دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيو.
چيائين. اوهان صحيح ئي سوچيو آهي.
ايئن ئي ڪريو.
سڀئي تياريءَ ۾ لڳي ويا.
ابوجهل پاڻ به قاتلن جي اُن جٿي ۾ هو.
سڀني رٿ موجب اُن رات آقاﷺ جي گهر جو گهيراءُ ڪري ورتو. سڀني جي هٿن ۾ تکن چاقن وارا ڊگها نيزا هئا.
هو سڀ پنهنجي منحوس رٿ ٺاهي ويٺا هئا.
آسمان تي خدا مُرڪي رهيو هو.
۽ شايد سوچي رهيو هو ته ڏسو.
خدائي منهنجي آهي، پر هي اها پنهنجي سمجهي ويٺا آهن.
سوره الانفال (قرآن) ۾ خدا اُن طرف اشارو ڪيو.
” اي پيغمبر. اهو وقت به ياد رکڻ جهڙو آهي، جڏهن ڪافر تنهنجي خلاف رٿون رٿي رهيا هئا ته توکي قيد ڪن يا قتل ڪن يا جلاوطن ڪري ڇڏين. هو پنهنجون رٿي رهيا هئا ۽ الله پنهنجي رٿ ۽ الله سڀني کان بهترين رٿ رٿيندڙ آهي“.
الله هڪ گهڙيءَ جي هزاروين حصي ۾ جبرائيل عليه السلام جي وسيلي ڪافرن جي سڄي سازش آقاﷺ کي سُڻائي ڇڏي.
حڪم ڏنائين ته هاڻ اُٿو،
هلڻ جو وقت اچي ويو آهي ۽ اُلڪو نه ڪج.
آءٌ توسان گڏ آهيان.

آقاﷺ جي هجرت

آقاﷺ جي هجرت

آسمان مان چٽو پيغام اچي ويو.
هلڻ جي ڪجي.
آيت لٿي
”تون چئه! اي منهنجا پالڻهار! مونکي سُٺي نموني سان پهچائي ۽ مونکي سُٺي طريقي سان موڪل ۽ پنهنجي طرفان مدد ڪرڻ واري سگهه مهيا ڪر.“
]سوره الاسراء-80[
سج ڪاپارتي اچي ويو هو. 13 آگسٽ 622ع جو گرم ڏينهن، آرهڙ جا ڏينهن هئا 26 صفر 14 نبويءَ جو سال.
ڪجهه گهڙيون اڳ ئي دارلندوه ۾ آقاﷺ جي قتل جي ’نعوذ بالله‘ رٿ رٿي وئي هئي. ندوه گهر جي ندوي سازش اڃا شايد سازش گهر مان ٻاهر نه نڪتي هئي. جو آقاﷺ کي آسمان تان خبر پهچي ويئي.
حڪم مليو
حڪم ملندي ئي آقاﷺ گهر مان ٻاهر نڪتا.
پنهنجي دوست سيدنا ابوبڪررضه گهر جو دروازو کڙڪايو.
سيدنا ڇرڪيو.
اهڙي وقت ۾ آقاﷺ جي آمد، ضرور ڪا خاص ڳالهه هوندي.
آقاﷺ پهچندي ئي حڪم ڏنو.
”سڀني کي موڪلي ڇڏ.“
سيدنا ابوبڪررضه سمجهي ويو. ضرور ڪا خاص ڳالهه آهي.
آقاﷺ فرمايو
”هلڻ جو حڪم اچي ويو آهي.“
سيدنا ابوبڪر جي اکين ۾ موتي اچي ويا ۽ پَلڪن کي سجدي ۾ جُهڪائيندي ادب مان چيائين:
”مونکي به پاڻ سان گڏ وٺي هلو.“
آقاﷺ مُرڪيا ۽ فرمايائون
”هائو.“
سيدنا ابوبڪر جون جُهڪيل پلَڪون ڏڪيون، اکين جي شيشن تي آسمان جا ستارا لٿا. مُرڪيا، اکين جي روح ۾ سڄي عمر جي محبت جي ڪڪر ۾ عشق مصطفيٰﷺ جي وِڄ کڙي ۽ اکين مان لڙڪ ڦڙو ڦڙو ٿي ڪرڻ لڳا. چپ ڪجهه چوڻ کان بيهي رهيا. هڪ ٻن گهڙين جي ماٺار کانپوءِ چيائين:
”ٻه سفيد ڏاچيون مون ٻٻر جا پلڙا کارائي مَچائي مواڙ ڪري ڇڏيون آهن.“
آقاﷺ فرمايو
”آءٌ پنهنجي ڏاچيءَ جي قيمت ادا ڪندس.“
اهو ڪو عام سفر نه هو.
آقاﷺ هديو يا تحفو وصول ڪندي هٻڪندا نه هئا، پر اُن مهل معاملو سرڪاري هو. سرڪاري ڊيوٽي ۾ ڪنهن تحفي جي گنجائش نه رکڻ جو اصول آقاﷺ کي ڏيڻون هو. جيڪو پاڻ ڏيئي ڇڏيائين.
نه ته صديق اڪبر جي سڄي زندگي آقاﷺ جي حق جي پيغام لاءِ وقف هئي. جنهن مهل سيدنا ابو بڪر صديق ايمان آندو ته وٽس چاليهن هزار درهمن جي روڪڙ رقم موجود هئي. هُن ٻانها آزاد ڪرايا. مڪي جي مفلس ۽ غريب مسلمانن جي مدد ڪندي، هجرت جي اُن ڏينهن تائين وٽس رڳو ڇھه هزار درهم بچيا هئا. اهي به هن پاڻ سان سفر جي خرچ پکي لاءِ کنيا. پهريون اسلامي خليفو ٿيو ۽ وفات وقت سندس ذاتي اثاثو صفا ٻُڙي هو.
وٽس ڪائنات جو ڪو وڏو خزانو هو ته
هم سفر رسول اللهﷺ جو خاص سفر هو.
سفر جا سڀئي معاملا طئي ٿيا.
طئي اهو ٿيو ته رات جي ٽين پهر ۾ آقاﷺ ايندا ۽ سيدنا ابوبڪر جي گهر کان سفر جي شروعات ڪبي. سيدنا ابوبڪر اڳ ۾ ئي ڪيترا ڀيرا هجرت جي موڪل گهري چڪا هئا. پر آقاﷺ فرمائيندا هئا.
ابوبڪر تڪڙ نه ڪر
شايد اُن سفر ۾ توکي ڪو هم سفر ملي وڃي.
اهڙو هم سفر
جنهن جي سفر جي حد ته خدا جي سڀ کان مُحترم ملائڪ جبرائيل عليه السلام تي به هڪ هنڌ تي ختم ٿي وڃي ٿي.
اُن جي هم سفري
الله الله
سيدنا ابوبڪر جون اکيون ڇو نه خوشيءَ سان ڀرجي اچن.
هُن جو روح وجد ۾ هو. پر کيس رات تائين سفر جا سڀ بندوبست ڪرڻا هئا.
سڀ بندوبست سُهڻي نموني ٿيو.
رات اچي سَھڙي
سازشي قاتل ابوجهل جي اڳواڻيءَ ۾ آقاﷺ جي گهر جو نيزا کڻي گهيرو ڪري اچي بيٺا.
آقاﷺ کي هاڻ پنهنجي ڀائيٽي، ساٿي ۽ اولاد وانگر پاليل سيدنا عليرضه سان ڳالهائڻون هو. ان وقت سيدنا علي چوويهن سالن جو هو. کيس گُهرائي سڄي ڳالهه ٻڌايائين ۽ چيائين:
”منهنجي چادر اوڍي
منهنجي بستري تي
ليٽي پئج
تنهنجو ڪير وار به ونگو نه ڪندو
۽ اهي امانتون، جيڪي شهر وارن
مون وٽ رکرايون آهن
کين موٽائي
مون وٽ هليو اچج.“
آقاﷺ جي حسن ۽ اخلاق ته ڏسو.
اِهي جيڪي آقاﷺ کي (نعوذبالله) قتل ڪرڻ جي لاءِ گهيريو بيٺا هئا، تن جون امانتون گهر ۾ پيون هُيون. ڇو ته دشمنيءَ جي حد هوندي به شهر وارن کي خبر هئي، يقين هو ته آقاﷺ وٽ رکيل امانتون هر حال ۾ محفوظ آهن.
رات جو ٽيون پهر ويجهو اچي رهيو هو.
ابوجهل قاتلن جي منڊليءَ ۾ پنهنجي شيطاني سوچ جي آخري حد تائين سوچي ويٺو هو، کيس اُن گهڙيءَ قريشن جي هر قبيلي جو نيزي بردار پنهنجي ڪمان ۾ ڏسي تڪبر جو وڏو بخار چڙهيو هوندو. پنهنجن سڀني بشنين ۽ بدمعاش فسادين کي ڀَڙڪائڻ ۽ پنهنجي ڪنهن نفرت ڀري سوچ کي سوچيندي مسخري پڻي واري انداز ۾ کلندي چيائين ”محمدﷺ جو خيال آهي ته جيڪڏهن اوهين سندس پيروي ڪندا ته عرب ۽ عجم جا بادشاھ ٿي ويندا. مرڻ کانپوءِ اوهانکي جنت ملندي، ايمان نه آڻيندا ته مارجي ويندا.“ اهو چئي هُن ٽهڪ ڏنو، ڇو ته سندس گمان ته ڇا کيس يقين جي حد تائين مغالطو هو ته نعوذ بالله اها آقاﷺ جي زندگيءَ جي آخري رات آهي. هو شيطاني کل ۾ پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چوي ٿو.
”هو اهو به چوي ٿو ته مرڻ کانپوءِ اوهين دوزخ جي باھ ۾ سڙندو.“
جنهن مهل ابو جهل اهو سڀ چئي رهيو هو.
آقاﷺ پنهنجي گهرمان نڪتا
آقاﷺ ابوجهل جي چيل ڳالهه ٻڌي ورتي
سندس ٽوڪَ واري کل به ٻڌي ۽ فرمايو
”هائو، آئون اهوئي چوان ٿو
۽ تون به انهن مان آهين، جيڪو دنيا ۾ منهنجي ساٿين جي هٿان قتل ٿيندين ۽ مرڻ کانپوءِ دوزخ جي باھ ۾ سَڙندين.“
پوءِ آقاﷺ مٽيءَ جي چپٽي کنئي ۽ انهن ڏانهن اُڇلي ۽ انهن جي وچان ئي بي ڊپا ٿي قرآن پاڪ جي دل سوره ياسين پڙهندا نڪري آيا.
اُن گهڙيءَ آقاﷺ جي زبان مبارڪ تي سوره ياسين جي هيءَ آيت هئي.
”اسان هُنن جي اڳيان ڀت ۽ پويان
ديوار کڙي ڪري ڇڏي
پوءِ
مٿان ڍڪي ڇڏيوسون
تنهن ڪري هو ڏسي نه رهيا هئا.“ ]سوره ياسين 98[
نه رڳو اهو پر آقاﷺ جي هٿان مَٿن اڇليل مٽيءَ جي چپٽيءَ کي قرآن ۾ پنهنجي هٿ سان منسوب ڪري ڇڏيو ۽ فرمايو
”اها مٽي اوهان نه پر اسان مَٿن اُڇلي هئي.“
مُشرڪن جو مقابلو رڳو رسول اللهﷺ سان نه هو، پر سڌو سنئون خدا سان هو ڇو ته خدا پنهنجي رسول کي چئي چڪا هئا.
”تون هرگز غم نه ڪر.. اسان توسان گڏ آهيون.“
ابوجهل ۽ سندس جاهل ساٿي نيزا کڻيو آقاﷺ جي گهر کي گهيرو ڪريو بيٺا هئا ته هڪ واٽ ويندڙ همراھ وٽن آيو ۽ کين چيائين ته اوهين جنهن جي اوسيئڙي ۾ بيٺا آهيو ، اُهو ته هينئر ئي اوهانجي وچ مان نڪري منهنجي اکين اڳيان لنگهي ويو ۽ ويندي ويندي اوهان سڀني تي مِٽيءَ جي مُٺ به اڇلي هليو ويو. ابوجهل ۽ سندس ساٿي اُن واٽهڙوءَ جي ڳالهه ٻڌي سخت حيران ٿيا. پوءِ پنهنجي منهن ۽ مٿي تي هٿ گهمايائون ته اُڇلايل مٽي پنهنجن وارن ۽ ڏارهين ۾ ڏٺائون.
هو ڇرڪيا.
آقاﷺ جي گهر جي اندر جنهن ڪمري ۾ کين گمان هو ته آقاﷺ اُت سمهندا آهن، اُن جي هڪ جهروڪي مان اندر جانچيائون. اونداهي ڪمري ۾ ڏيئي جي روشنيءَ ۾ آقاﷺ جي بستري تي سندس ئي چادر اوڍڻ وارو گهري پُرسڪون ننڊ ۾ ستل هو. هو پوءِ ٻيهر تيار ٿي پهري تي بيهي رهيا. ديوار يا دروازو ٽپڻ عربن ۾ قتل کان به وڏو ڏوھ سمجهيو ويندو هو. هو ته قتل جي ارادي سان آيا هئا. گهر ۾ عورتن جي موجودگيءَ ۾ ڀت ٽپي قتل ڪرڻ جهڙو وڏو ڏوھ ڪيئن ڪن ها.
هو صبح تائين اُتي ئي بيٺا رهيا.
هيڏانهن آقاﷺ سيدنا ابوبڪر جي گهر پهتا.
سيدنا تيار ويٺا هئا.
ٻي گهڙيءَ هو ٻيئي گهر جي پويان روانا ٿيا، جتي ٻه سفيد ڏاچيون تيار بيٺيون هيون. سيدنا ابوبڪر جي وڏي نياڻي سانئڻ اسماءَ، جنهن جي وهي ستاويهه سال هئي، تنهن سفر لاءِ ناشتو تيار ڪري ڇڏيو هو. آقاﷺ ۽ سيدنا ابوبڪر کي جلدي روانو ٿيندي ڏسي هٿ ۾ پنهنجي ڊگهي قبا تي ٻڌل پير جي مُرين تائين ربن نما ڪمر پوش کولي اُن مان ڏوري ٺاهي، آقاﷺ جي ناشتي وارو ٿلهو ٻڌو ۽ ”ذات النطاتين“ جو خطاب ماڻيو. پوءِ جڏهن سيدنا ابوبڪر جي نابينا پيءَ ابوقحافه سيده اسماء کان پڇيو ته اوهان جو پيءَ سڀ ملڪيت مڏي پاڻ سان کڻي ته نه ويو آهي، اوهان لاءِ به ڪجهه ڇڏيو اٿس يا نه. ته سيده اسماء جنهن طاق تي سيدنا ابوبڪر پنهنجي ميڙي چونڊي رکندو هو ، ان ۾ ڪجهه پٿريون رکي، ان جي مٿان رومال وجهي پنهنجي نابينا ڏاڏي جو ان تي هٿ ڦيرايو ۽ چيو ڏاڏا اسان وٽ گهڻو ڪجهه آهي.
سانئڻ اسماءَ ڪوڙ ڪو نه چيو هو.
جنهن جي پيءُ کي آقاﷺ جي هم سفري ملي ويئي هجي.
اُن کي باقي ٻي ڪهڙي شئي کپي
آقاﷺ دريءَ مان نڪري پنهنجي چئن سئو درهمن ۾ خريد ڪيل سفيد ڏاچيءَ تي سوار ٿيا.
اُن ڏاچي جو نالو ”قصويٰ“ هو.
ٻي ڏاچيءَ تي سيدنا ابوبڪر پنهنجي پويان پنهنجو پُٽڙو عبدالله ويهاريو.
ٻنهي ڏاچين جو مُنهن اتر اولهه ۾ يثرب شهر جي بدران، اُن جي مخالف طرف ڏکڻ اوڀر ۾ يمن طرف هو.
مڪي شهر کان پري ويندي آقاﷺ جي دل غمگين هئي، پاڻ سڳورن فرمايو، ”اي الله! تو مونکي هن شهر مان ڪڍيو، جيڪو مونکي سڀني شهرن کان محبوب هو. هاڻ مونکي اُن شهر ۾ رهائج، جيڪو توکي سڀني شهرن کان وڌيڪ محبوب هجي“.
آقاﷺ مڪي کان ٻاهر وڃي رهيو هو.
مڪي شهر کان ساڍن چئن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي 759 ميٽرن جي مٿانهينءَ تي هڪ جبل آهي.
جبل ثور
مٿانهينءَ جي لحاظ کان مڪي جي ٻي پاسي واري جبل نور کان به 120 بلند. ان جبل جي بلنديءَ تي به هڪ غار آهي. اُن وقت به ايتري هئي، جيتري اڄ آهي. منهن هڪ گز ويڪرو، ان جي ٻي پاسي اڌ وال جو سوراخ، ڇت ڇهن فوٽن کان به ٿورو گهٽ، قد وارو ماڻهو اُڀو ٿي بيهيءَ ته مٿو ڇت کي وڃي لڳي، اندر ايتري جاءِ مس آهي، جو ٻه ڄڻا مُشڪل سان ٽنگون پکيڙي ليٽي سگهن ٿا.
غار حرا وانگر اها غار ثور به خدا جي طرف کان”ٽيلر ميڊ“ لڳي ٿي.
بلڪل سائيز تي ٺهيل.
غار حرا جي اندر گنجائش ئي هڪ جي آهي.
۽ غار ثور ۾ فقط ٻن ڄڻن جيتري جاءِ.
غار تائين پهچڻ جي لاءِ پهرين رات جي وڳڙي ۾ چڙهندي ٻئي سفيد ڏاچيون واپس موڪليون ويون. جن کي سيدنا ابوبڪر جو پُٽڙو سيدنا عبدالله واپس وٺي ويو.
عبدالله جي پويان سيدنا ابوبڪر پنهنجي غلام عامر بن فهيره تي هڪ ڪم رکيو هو ته هو پنهنجي ٻڪرين جو ڌڻ اُن ئي رستي تي ڪاهي، بظاهر ايئن لڳي ته هو ٻڪريون پيو چاري، پر ان جو مقصد ڏاچين جي پيرن جي نشانن کي ڊاهڻ هجي، ان ئي سبب جي ڪري عامر بن فهيره کي سيدنا ابوبڪر، سيدنا بلال بن رباح سان هجرت ڪرڻ نه ڏني. سيدنا ابوبڪر اڳ ۾ ئي سڀ بندوبست ڪري ڇڏيو هو.
پُٽڙي عبدالله تي اهو ڪم رکيل هو ته هو شام جو ڪنهن نموني سان اچي مڪي جون سڀئي اهم خبرون چارون کين سُڻائيندو.
دشمنن جي چالن کان واقف ڪندو.
عامر بن فهيره روزانو عبدالله جي قدمن کي ڊاهڻ جي لاءِ اُن ئي هنڌ تي ٻڪرين جو ڌڻ چاريندو وتندو ۽ روزانو غار ۾ اچي کين ٻڪرين جو تازو کير پياريندو. هنن ڪجهه ڏينهن اُتي رهڻ جو فيصلو ڪيو هو. ايستائين جيستائين کين ڳولهڻ وارا ٿڪي نه پون يا پنهنجي ڳولا جو رخ ٻي پاسي نه ڪن.
اُن کانپوءِ ئي اصل سفر شروع ٿيڻون هو.
اُن سفر ۾ کين جيڪو رستو ڏسيندڙ مليو هو.
اهو مسلمان نه هو
مُشرڪ هو.
هو به آقاﷺ جي دشمن عاص بن وائل جو حليف .
پر هو ايترو ته اعتبار جوڳو هو، جو آقاﷺ پنهنجي زندگيءَ جي سڀني کان اهم سفر ۾ ، سڀني کان خطري واري رستي تي، سفر لاءِ پنهنجي زندگيءَ سڄي مملڪت ۽ سلطنت جي سلامتيءَ جي لاءِ مٿس اعتبار ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪو هو.
اهو ڪافر مُشرڪ ۽ راھ ڏيکاريندڙ وفادار عبدالله بن اريقط هو.
اهوئي عبدالله بن اريقط جنهن طائف جي سفر تان واپسي تي مڪي جي پندرهن سردارن وٽ وڃي، آقاﷺ جي لاءِ پناھ جي درخواست ڪئي هئي.
اُن عبدالله بن اريقط کي انهن ٻنهي سڳورين هستين کي هزارين دشمن اکين کان بچائي پنج سئو ڪلوميٽر پري يثرب پهچائڻون هو.
هو مڪي ۽ مديني جي وچ ۾ هر پهاڙي، ٽڪري، لڪ، ريگستان، ۽ کوھ کان واقف هو. کيس سندس ان فن ۾ ڀَڙ هئڻ جي حوالي سان ”ماهر خيريت“ چيو وڃي ٿو، يعني خيريت سان پهچائڻ وارو.
عبدالله بن اريقط کي غارثور وٽ تڏهن اچڻون هو، جڏهن آقاﷺ پاران کيس سفر جو اشارو ملي ها. تڏهن جڏهن سيدنا ابوبڪر جو پٽڙو عبدالله ’آل ڪليئر‘ جو اشارو ڏي ها.
پر اُن رات اڃا جبل ثور جي بلنديءَ تي موجود غارثور تائين پهچڻون هو.
ڏاچيون واپس موڪليون ويون.
پهاڙ جون سنگلاخ ڇِپون، ڪٿي ڪٿي نوڪدار پٿر، ڪٿي کاهيون،ڪٿي پير ڌرڻ جي جاءَ به نه. ڪٿي ترڪڻ هئڻ سبب تِرڪي هزارين فوٽ هيٺ گهري کڏ ۾ ڪرڻ جو ڊپ، تنهن کانسواءِ ويراني، رستي ۾ ڪو به موذي جانور به ٿي سگهيو ٿي.
اونداهي رستي تي جبل جي خطري واري رستي تي گڏ هلندڙ سيدنا ابوبڪر جي بي چيني، اشتياق ۽ پريشاني ڏسڻ وٽان هئي.
ڪنهن مهل سيدنا ابوبڪر احترام ۾ ٻه وکون پويان هلڻ ٿي لڳو.
ڪنهن مهل هٻڪي اڳيان وڌي ٿي ويو.
ڪنهن مهل آقاﷺ جي ساڄي پاسي ٿي ٿيو،
ته ڪنهن مهل وري تڪڙو کاٻي پاسي ٿي ٿيو.
اهو ڏسي آقا پُڇيو:
ايئن ڇو پيو ڪرينءَ ابوبڪر!
اونداهي رات ۾ سيدنا ابوبڪر جي اکين ۾ ماھ ڪامل جي مُحبت جو نور چمڪيو.
اکيون ڀِڄي ويس
ڪنڌ جون نسون ڦونڊجي آيس
چپ ڪجهه چوڻ کان اڳ ڄمي ويس..
ڪجهه گهڙيون ايئن ئي ٻُڏ تر ۾ رهيو
پوءِ هوريان هوريان عرض ڪيائين
”يارسول اللهﷺ جنهن پاسي کان خطري جو گمان ٿو ٿئي، اُن پاسي ٿو ٿيان.“
آقاﷺ فرمايو:
”ابوبڪر! توکي پنهنجي جان جو خطرو ڪونهي.“
سيدنا ابوبڪر جي جسم جو ٻيرو ٻيرو فداڪاريءَ جي وجد ۾ ڦڙڪيو. نُنهن کان وٺي چوٽيءَ تائين سندس ڄڻ ارمان جاڳي پيا ۽ هوريان هوريان چيائون.
”آقاﷺ -
هيءَ جان ته قربان ٿيڻ جي لاءِ آهي.“
غار اچي وئي.
پهرين سيدنا ابوبڪر اندر گهڙيو ،
اطمينان ڪيائين ته اندر ڪو موذي جانور ته ڪونهي.
مٿي جي پَڳهه لاهي، فرش جي پٿرن کي صاف ڪيائين.. غار جي ڪُنڊن پاسن جي سوراخن کي پنهنجي پَڳهه جي ٽڪرن سان بند ڪيائين.
جڏهن اطمينان ٿيس ته عرض ڪيائين.
”آقاﷺ هاڻ اندر اچو.“
غار جي هڪ ڪنڊ ۾ ڪو سوراخ رهجي ويو.
اُتي ڪنهن موذي جانور جي چرپُر محسوس ٿي ته ان سوراخ تي پنهنجي کُڙي رکي ڇڏيائين.
آقاﷺ ٿڪل هئا.
سيدنا ابوبڪر، آقاﷺ جي لاءِ پنهنجي سيني کي وهاڻو ڪري سمهاري ڇڏيو.
هوڏانهن غار جي ڏر ۾ چر پر ڪندڙ نانگ سيدنا ابوبڪر کي ڏنگ هڻي ڪڍيو.
سور سبب سيدنا جو سڄو جسم ڏڪيو. پر هُن ڪابه چر پر نه ڪئي.
ته ڪٿي آقاﷺ جي اک نه کلي وڃي.
سور ته نيٺ سور آهي،
سيدنا ابوبڪر جي اکين مان لڙڪ ڳڙي اچي آقاﷺ جي چهري مبارڪ تي پيا.
آقاﷺ جي اک کلي ويئي.
پُڇيائون، ڇا ٿيو ابوبڪر .
ابوبڪر کي سور وسري ويو .
آقاﷺ جي ننڊ ڇو خراب ٿي.
عرض ڪيائين، آقاﷺ اوهان سمهي رهو.
پر توکي ڇا ٿيو آهي. تنهجو بُت ڇو پيو ڏڪي؟
عرض ڪيائين.
کُڙيءَ تي ڪنهن موذيءَ ڏنگي وڌو آهي.
آقاﷺ کڙيءَ تي آڱر سان پنهنجو لعاب مبارڪ هنيو ۽ اُن ئي گهڙي سڄو درد ويندو رهيو. پوءِ سڄي زندگي سيدنا ابوبڪر کي کڙي ۾ وري سور نه ٿيو.
صبح ٿيو.
اها رات 27 صفر، چوڏهن نبوي سال بمطابق 15 آگسٽ 622 هئي. جڏهن آقاﷺ هجرت جي لاءِ مڪي مان نڪتا.
اِها گذري ويئي.
ڏينهن جو عبدالله بن ابوبڪر مڪي مان خبرون کڻي اچي پهتو.
خبر پئي ته ابوجهل ۽ سندس ٽولي پرھَ ڦٽڻ تائين آقاﷺ جي گهر جي دروازي تي انتظار ڪيو. پوءِ بي صبريءَ وچان عربن جي صديون پراڻي رسم ، عزت ۽ ناموس جي تحفظ جي رسم ٽوڙي، دريءَ جا طاق کولي ڪمري ۾ گهڙيا ۽ چادر کڻي ڏٺائون ته حيران ٿي ويا.
بستري تي سيدنا علي مُرتضيٰ سڪون سان سُتا پيا هئا.
کيس جاڳيائون.
پُڇيائون. هُو ڪيڏانهن ويو؟
سيدنا عليرضه شايد پنهنجي سڄي زندگيءَ جي خوشي اُن گهڙيءَ تي واري ڇڏي. اطمينان سان چيائين، ’هو ته هليو ويو.‘
ابوجهل ۽ سندس ڀاڙيتو ٽولي جي وات مان گڦَ وهڻ لڳي. سندن اکين ۾ سڄي جهان جا شيطان اچي نرت ڪرڻ لڳا. سندن مُٺيون ڀڪوڙجي وري کُلڻ لڳيون ۽ هو بَڪ بَڪ ڪرڻ، دڙڻ ۽ داڦڻ لڳا.
سيدنا عليءَ پاسو ورايو ۽ سمهي پيا. سمهڻ کان اڳ کين چيائون.
’اوهان آقاﷺ وٽ جيڪي امانتون رکرايون هيون، انهن کي موٽائڻ خاطر هِتي ترسيو آهيان. وڃو، سڀني کي چئو ته جن جن جون امانتون آهن، سي مون کان اچي وٺي وڃن.‘
اهي سڀئي قاتل شايد پنهنجين امانتن جي باري ۾ سوچيندا اوڏانهن نڪري ويا.
ٻاهر اچي هنن وري اچي ڪَٺ ڪيو.
چوڌاري ماڻهو ڊوڙايا ويا.
مڪي کان ٻاهر ويندڙ هر رستي تي گهوڙن تي سوار تلوار بردار جٿا موڪليا ويا. ابوجهل ڊوڙندو سيدنا ابوبڪر جي گهر ويو.
سيده اسماء دروازي تي آئي.
ابوجهل رڙ ڪئي تنهنجو پيءُ ۽ سندس دوست ڪٿي آهن.
سيده اسماءَ وٽ اُن جو ڪو جواب نه هو .
چُپ رهي.
ابوجهل عربن جي تهذيب کي ٿڦڙ هنيو.
ايتري زور سان ٿڦڙ ستاويهن سالن جي سيده جي ڳل تي هنيو ، جو سندس ڪَن ۾ پيل والي ڪري پئي.
ابوجهل ٻيھر سڀئي ساٿي گڏ ڪيا.
هن ڀيري طئي ٿيو ته اعلان ڪيو وڃي ته جيڪو به نعوذبالله رسول کي زنده يا مُرده جهلي ايندو، اُن کي هڪ انسان کي قتل جي برابر ڏني ويندڙ ’ديت‘ کان وڌيڪ هڪ سئو ڳاڙها اُٺ ڏنا ويندا.
مڪي ۾ ڄڻ لاٽريءَ جو اعلان ٿي ويو.
جنهن وٽ جيڪا به سواري هئي، هو اُن تي چڙهي پنهنجي ڀاڳَ کي آزمائڻ جي لاءِ روانو ٿي ويو.
ابوجهل ۽ سندس ساٿين مڪي کان مديني ويندڙ سڀني رستن جي ڊوڙ پنهنجي ڀاڳَ جي مٿان وڌي.
جنهن رات 27 صفر 14 نبوي سال 14 آگسٽ 622ع تي جڏهن آقاﷺ ۽ سيدنا ابوبڪر مڪي مان نڪتا هئا، اهو جمع جو ڏينهن هو. ان رات کانسواءِ ڇنڇر ۽ آچر، ٽئي راتيون آقاﷺ ۽ سندس دوست ان ئي غار ۾ گذاريون.
ٽي رات کان پهرين ڏينهن لڙڻ کان اڳ ابوجهل، ابوسفيان بن حرب ۽ اُميه بن خلف پنهنجن ساٿين سان گڏ ان علائقي جي سڀ کان وڏي پيريءَ کي پاڻ سان گڏ وٺي نڪتا.
عربستان ۾ پيري گم ٿيل پيرن جا نشان به ڳولهي وٺندا آهن.
اهو پيري ڪو عام پيري نه هو.
پنهنجي ڪم ۾ ڀَڙ هو.
هو ٻَڪرين جي قدمن ۾ گم ٿيل سفيد ڏاچين جي پيرن کي سُڃاڻندو، کين بلڪل اُن هنڌ جبل ثور تي، غار ثور وٽ وٺي آيو.
اُتي بيهي چيائين
هتان کان اڳيان پويان، کاٻي ساڄي ڪيڏانهن به نشان نٿا وڃن.
هِتي ئي ٿي سگهن ٿا.
سامهون غار هئي.
هو سڀ آقا ۽ سيدنا ابوبڪر جي ايترو ته ويجهو پهچي چڪا هئا. جو سندن سڀ ڳالهيون هو ٻُڌي رهيا هئا.
اُنهن مان هڪ چيو
سامهون غار ۾ وڃي ڏسئون ٿا.
سيدنا ابوبڪر گهٻرائجي ويو.
چيائين.
جيڪڏهن انهن مان ڪنهن جُهڪي پنهنجي پيرن طرف ڏٺو ته اسين نظر اچي وينداسين.
آقاﷺ فرمايو
”اُلڪو نه ڪر... خدا اسان سان گڏ آهي.“
پوءِ فرمايائون
”اسين اهي ٻه آهيون جنهن جو ٽيون خدا آهي.“
پوءِ ٻاهر بيٺل دشمنن جون پاڻ ۾ ڳالهيون ٻُڌڻ لڳا.
ڪجهه قدم غار ڏانهن وڌيا.
پوءِ هڪ ڳرو ٿڪل پراڻو آواز آيو
ڳالهائڻ وارو اُميه بن خلف هو.
چيائين هن غار کي ته ڏسو
هن تي مڪڙيءَ جي ڄار ته محمد (ﷺ)جي ڄمڻ کان به پراڻي آهي.
هيڏانهن ڏسو
ڪبوترن جي جوڙي ۽ اُنهن جو آکيرو ته بلڪل غار جي مُنهن وٽ آهي.
ڪبوتري ته بيدن تي ڇار ويٺي آهي.
اڳيان هي بيٺل وڻ ته ڪيترا سال پراڻو ٿو لڳي.
هلو هتان
وقت نه وڃايو.
هُن ڪاوڙ ۽ نفرت مان پيريءَ کي ٺونٺ هنئي ۽ ڀُڻ ڀُڻ ڪئي.
اسانجو خواھ مخواھ وقت برباد ڪيئي.
پوءِ هو ڪنهن ٻي پاسي نڪري ويا.
ٻي رات جي آخري پهر ۾ آچر تي ’بني الديل‘ جو عبدالله بن اريقط ٻئي سفيد ڏاچيون کڻي پهچي ويو. ساڻس گڏ عامر بن فهيره هو. حضرت عبدالله بن ابوبڪر سندس ٻڪريون واپس مڪي ڪاهي ويو. خود عامر بن فهيره سيدنا ابوبڪر جي پويان ويٺو. اڳيان آقاﷺ جي ڏاچي قصويٰ هئي ۽ ٻنهي ڏاچين جي واڳ جهلڻ وارو، هڪ خدا کي نه مڃيندڙ، رڳو آقاﷺ جو شيدائي عبدالله بن اريقط سونهون بڻيو اڳيان هلي رهيو هو.
آقاﷺ کي جهلڻ جي لالچ وارو اعلان هن به ٻُڌو هو.
جيتوڻيڪ سندس مزدوري يا انعام جيڪو آقاﷺ يا سيدنا ابوبڪر طئي ڪيو هوندو، اهو پڪ سان هڪ سئو ڳاڙهن اٺن کان گهٽ هوندو. پر تاريخ جي صفحن ۾ شايد خدا کي اهو لکرائڻون هو ته سندس سڀ منڪر ايترا خراب نه هوندا آهي.
ڪي ايترا ته سٺا هوندا آهن، جو اسان جي اڳواڻ جي رهبريءَ جا فرض به انهن جي هٿان پورا ڪيا ويندا آهن.
پوءِ ته سڄو عرب ’عبدالله بن اريقط‘ سميت مسلمان ٿي ويو.
پر اُن سفر ۾ عبدالله بن اريقط ڪمال مهارت سان رهنمائي ڪئي.
پهرين هو جبل ثور کان مڪي کان جدي ايندڙ سمنڊ جي ساحل طرف ويو. پوءِ ساحل کان ٿورو پهرين هو اُتر طرف مُڙيو. رستي ۾ مديني ويندڙ رستي کي ڪَٽي، ان جي رستي اُتر طرف پري تائين هليو ويو. پوءِ اڳيان ”امج“ واري جاءِ تان مديني ويندڙ رستي کي ڪٽي ٻيهر ساحلي پٽيءَ طرف ويو . ايئن هو انگريزي لفظ ايس جي مٿان ايس ٺاهيندو، مديني جي روايتي رستي جي ڪڏهن ساڄي ته ڪڏهن کاٻي ”رابعه“ جي هنڌ وٽان ”بدر“ تائين ساحلي پٽيءَ تي روايتي رستي کان گهڻو پري، اطمينان سان اُن سڳوري قافلي کي وٺي ويندو رهيو. پوءِ باقي رستو به هن ساحل طرف ئي رکيو.
هو انهن رستن کان واقف هو.
هڪ خدا جو مُنڪر
پر منهنجي آقاﷺ جي سهڻي اخلاق ۽ امانت جو غلام .
اُن جي پيرويءَ ۾ ڇا ٿيو، اهو عظيم ترين سفر، شايد آقاﷺ اهو اصول لاڳو ڪرڻ جي لاءِ ڪيو ته سڀني انساني قدرن مان وڏو قدر انسانيت آهي.
مذهب، دنيا داري ۽ ديني معاملن کان به وڌيڪ
جنهن جو بنياد امانتداري
سچ
وعدي کي پورو ڪرڻ
۽ اندر جي نفس جي هر چوٽَ کان مٿانهون ٿي، ڪنهن انسان جي اُن فن ۽ پيشي وراڻي مهارت جي قدر شناسيءَ سان لاڳاپيل آهي.
پوءِ ڀلي اهو ڪير به هجي
اهو عزت جي قابل آهي
رستي ۾ سيدنا ابوبڪر هڪ اُٺن جي وڳَ جي دراڙ کان کير وٺي آقاﷺ کي پياريو.
پوءِ ڪجهه ٻڪرارن کان کير وٺي آيو.
اڳيان رستي ۾ پوءِ ٻه واقعا ٿيا.

سراقه بن مالڪ جو پيڇو ڪرڻ

سراقه بن مالڪ جو پيڇو ڪرڻ

هڪ واقعو ته هي ٿيو، جو ’مدلج قبيلي‘ جو بدو سردار سراقه بن مالڪ پنهنجي گهوڙي جي پُٺيءَ تي چڙهي نيزو کڻي آقاﷺ جي ڳولا ۾ نڪري پيو، کيس خبر پئجي چڪي هئي ته آقاﷺ کي جهلڻ جو انعام ڪهڙو آهي.
هُن جو ڳوٺ ساحلي پٽيءَ تي هو.
سندس هڪ ماڻهوءَ کيس اچي ٻڌايو ته لڳي ايئن ٿو ته جنهن جي ڳولا آهي ۽ جنهن تي هيترو انعام رکيل آهي، اهي ٻيئي سفيد ڏاچين تي اوڏانهن وڃي رهيا آهن.
سراقه جوفڙيو هو.
هُن سوچيو، انعام ملندڙ هڪ سئو ڳاڙهن اُٺن ۾ ٻين کي ڇو ڀاڱي ڀائيوار ڪجي، هن خبر ڏيندڙ کي ٽاري ڇڏيو ۽ پاڻ پنهنجي جهوپڙيءَ جي پويان گهوڙي جي اڏَ وٺي نيزو کڻي نڪتو.
گهوڙو ڏاچين کي پري وڃڻ ڪٿي ٿو ڏي.
زمين پٿريلي هئي.
گهوڙو تيز ڊوڙندو آيو.
ويجهو پهتو ته گهوڙي ٿاٻو کاڌو
سراقه گهوڙي تان ڪري پيو
هن چيلهه سان ٻَڌل فال جي تير کي ڇُھيو
فال ڪڍيائين، هٽي وڃ، واپس موٽي وڃ .
پر سئو ڳاڙهن اُٺن جي لالچ، ان ڏينهن کيس فال کان وڏي لڳي. ٽُپ ڏئي گهوڙي تي چڙهيو ۽ جيترو به تِکو گهوڙو ڊوڙائي ٿي سگهيو، ڊوڙايائين، هو ايترو ويجهو پهچي ويو ، جو کيس آقاﷺ جي قرآن پڙهڻ جو آواز ٻُڌڻ ۾ اچڻ لڳو.
سيدنا ابوبڪر تعاقب ۾ ايندڙ نيزي بردار گهوڙي سوار کي ڏسي ٿورو هَڄي ويو.
پوءِ هڪ عجيب ڳالهه ٿي.
ڊوڙندڙ سراقه جو گهوڙو هڪدم بيٺو ۽ پنهنجون ٻيئي اڳيون ٽنگون هوا ۾ کڻي بيهي رهيو ، ڄڻ کيس ڪنهن لوهي هٿ روڪي ڇڏيو هُجي.
سراقه وري ڪِري پيو
هن وري فال جي تيرن کي ڇُهيو
فال چيو، مُڙي وڃ.. اڳتي نه وڌ،
پر هُن جي مٿي تي ڀوت سوار هو.
ٽُپ ڏيئي وري گهوڙي تي چڙهيو ۽ چهٻڪن سان گهوڙي کي رتورت ڪري ڇڏيائين. تيز ڊوڙندڙ گهوڙو هڪ پٿريلي ٽڪر کي اُڪري آقاﷺ جي ڀرسان پهچڻ وارو ئي هو، جو پٿريلي زمين ڄڻ ڏري پئي ۽ گهوڙي جو ٻيئي ٽنگون ان جي اندر ايئن ڦاسي پيون، ڄڻ مکڻ ۾ تکي ڪاتي. هن ڀيري سراقه پنهنجي ئي گهوڙي جي ڪنڌ تي وڃي ڪريو ته سڄو هَڄي ويو ۽ پنهنجا سڀ حوصلا وڃائي ويهي رهيو ۽ سندس گهوڙي جو کانئس به خراب حال هو.
سراقه ڊڄي ويو.
هُن جي دل ڊپ سبب ڌڙڪڻ لڳي.
هو ٻي علم بَدو هو.
سندس سڄو علم هڪ زور آور گهوڙي، هٿ ۾ جهليل نيزي ۽ پنهنجي ٻانهن جي ٻَل تي هو. هو پهريون ڀيرو اهڙي سگهه سان مُنهن ڏيئي رهيو هو. جيڪا دنيا جهان جي مڃيل قوتن کان مٿانهين هئي.
سگهاري هئي.
سندس گهوڙو پَٿرائين زمين ۾ ڦاٿو پيو هو ۽ هو پٿريلي زمين تي ريتيءَ ۾ ڀڀوت ٿيو پيو هو.
هُن اُن ئي حالت ۾ آقاﷺ جي مختصر قافلي کي سڏيو
آقاﷺ جي ٻن اُٺڻين جو قافلو بيهي رهيو،
سراقه بن مالڪ پنهنجو ڌَڪيل جسم، هَڄيل منهن ۽ ڪپهه جيان ڌنوندڙ عذاب جو حال ڏسي چڪو هو. پنهنجي بي وسي، رتوڇاڻ ٿيل روح جي پوري رڙ سان عاجزيءَ مان ٻيرو ٻيرو ٿي چيائين
منهنجو عرض ٻُڌندا وڃو
اهو ٻُڌي آقاﷺ پنهنجو منهن مبارڪ هُن ڏانهن ڪيو
سراقه چيو..
اوهانکي جهلڻ جي لاءِ هڪ سئو اُٺن جو انعام رکيل آهي.
آءٌ لالچ ۾ اچي ويو هئس.
پر مون ڏسي ورتو ته اوهان کي ڪير به مغلوب ڪري نٿو سگهي.
اوهانجو غالب اچڻ يقيني آهي
منهنجي هڪ وينتي آهي، هڪ گذارش آهي.
آقاﷺ فرمايو. چئو
سراقه چيو.. مونکي يقين آهي ته اوهين غالب اچي ويندو ۽ جڏهن ايئن ٿئي ته مونکي پنهنجي هن حرڪت تي امان کپي.
آقاﷺ پاڻ ته اُمي هئا.
پر پنهنجن غلامن کي پڙهڻ، لکڻ ۽ ڪنهن به سفر ۾ ڪاغذ ۽ قلم پاڻ گڏ کڻي هلڻ جي لاءِ حڪم ڏيندا هئا. سيدنا ابوبڪر جو غلام عامر بن فهيره به پڙهيل لکيل هو. وٽس ڪاغذ طور چمڙي جو هڪ ٽڪر به هو، قلم به هو، جنهن جو قسم خدا کنيو ۽ جنهن جي عظمت ۾ آسمان مان پهريون حڪم لٿو.
آقاﷺ سراقه کي مخاطب ٿي چيو
”اهو وقت به ڪهڙو نه هوندو، جڏهن تون ”ڪسريٰ“ جا ڪنگڻ پائيندين،“
اُن گهڙيءَ سراقه کي ڪسري جي بادشاهت جي پکيڙ، هُن جي مٿي وٽ لڙڪيل سوين مَڻ سون جو تاج ۽ ڪيترن ئي سيرن جو وزني ٻانهن ۾ پاتل ڪنگڻ جو شعور ڪٿي هوندو.
پر تاريخ ۾ اهو به محفوظ ٿي ويو ته اُن گهڙيءَ کان پندرهن سال پوءِ سيدنا عمر بن خطاب جي دور حڪومت ۾ اسلامي فوجن ايران جي عظيم عالمگير سلطنت ۾ اسلام جي خوشبو پکيڙي، اُن کي فتح ڪيو ۽ جڏهن ڪسريٰ جا ڪنگڻ مديني پهتا ته سيدنا عمر بن خطاب کي آقاﷺ جي چيل ڳالهه ياد هئي، جيڪا آقا ﷺ ان وقت چئي هئي.
”اهو به وقت ايندو جڏهن تون ’ڪسريٰ‘ جا ڪنگڻ پائيندين.“
ته سيدنا عمر بَدو سراقه بن مالڪ کي گهرايو ۽ کيس ڪسريٰ جا ڪنگڻ پارائي ڇڏيا، وقت جنهن سان آقاﷺ مخاطب ٿيو هو .
واھ اڃا اڳتي هلي
رستو اڃا باقي هو
رستي ۾ اڃا ”اُمه معبد“ جي جُڳهي اچڻي هئي. جيڪا پنهنجي تنبوءَ جي ٻاهر شينهڻ جيان ويهندي هئي. جنهن کي پنهنجي زندگيءَ جو سڀ کان سهڻو مشاهدو اڃا ڪرڻون هو.

اُمه معبد جي جُڳهي

اُمه معبد جي جُڳهي

ڳاڙهي سمنڊ جي ساحلي پٽيءَ کان هٽي رسالت جو سڳورو قافلو مديني ويندڙ روايتي رستي کي ڇڏي اُتر طرف پري ريگستان جي هنج ۾ هليو ويو. ”قديد“ جو هند جيڪو معلوم شاھراھ تي هو، پٺيان ڇڏي آيا. اڳيان بيابان، کليل ريگستان، سنگلاخ ٽڪريون جيڪي صبح جي تپش سبب سڙي ڳاڙهيون ٿي ويون هيون. ڪاوڙيل جبل پري پري تائين ڪوبه ساهوارو نظر نه ايندڙ. ڪنهن ڳوٺ جا به ڪٿي آثار نظر نٿي آيا. اهڙيءَ حالت ۾ ٻن سفيد اٺڻين تي سوار باوقار سوارن کي اُڃ ۽ بُک ستائڻ شروع ڪيو.
سفر جو سامان ختم ٿي چڪو هو.
پاڻيءَ جو خليون خالي ٿي چڪيون هيون
۽ رستي ۾ ڪو سائو پتو به نه هو
جيڪو رستي ۾ ڪنهن کوهيءَ جي هئڻ جو ڏس ڏي.
اوچتو ريگستان جي منجهند جي سر سر ڪندڙ هوا هڪ پاسي کان ڪنهن خيمي جي ٿڪل ۽ پراڻي دروازي جي پردي کي ڦڙڪايو. خيمي جي اُٺن جي ڏاس مان ٺهيل ٿلهي پراڻي چادر جي سر سر ڪندڙ آواز ڪاروان نبوتﷺ جي مسافرن کي اُڃ ۽ بُک تي فتح جي خوشخبري ٻُڌائي.
ڪو آهي، هتي ويجهو ئي آهي.
ٿورو اڳتي وڌيا
هڪ پهاڙي مُوڙ مُڙيا
وارياسي سطح تي، کليل بيابان ۾ هڪ تنبو ڏسڻ ۾ آيو.
قافلي جي سفيد ڏاچين جا قدم پاڻمرادو تيز ٿي ويا. تنبو ساحل ڏانهن پُٺي ڪيو، سامهون واري جبل تي اکيون کپائي بيٺو هو ۽ تنبوءَ جي کليل ڦڙ ڦڙائيندڙ دروازي جي ٻاهر ساٺيڪو سالن جي لڳ ڀڳ هڪ هپاڻيل پر بُت ۾ ڀريل عورت، پنهنجي تنبوءَ جي ڇانوَ ۾ هڪ سڌي پٿر تي اعتماد سان ويٺي هئي.
اها عورت اُم معبد هئي.
اُم معبد بنت حارث عنسي
هُن جون اکيون به ويجهو ايندڙ اُٺ سوارن تي هيون .
اُٺڻيون ۽ سوار ويجهو اچي ويا.
رستي جي مٽي، ڌوڙ، آگسٽ جي گرميءَ جو پگهر، چمڪندڙ تيز باھ وسائيندڙ سج، گرم پهاڙين جي تپش، رستي جي ساڙيندڙ واري، اهڙي مُند ۾ به انهن پري کان ايندڙ اوپرن مسافرن جي مُھانڊن تي ڪيتري نه تازگي هئي.
اهڙي اُس ۾ به هڪ مسافر جي مُنهن تي ڄڻ نور پيو وسي ۽ ڄڻ چوڏهين جو چنڊ هُجي هُن جو چهرو ،
اُم معبد اکيون ڦاڙي انهن سوارن کي تڪي رهي هئي.
حيران هئي.
ته اُس جي ان سفر ۾ بنجر جابلو صحرائي سفر ۾ ڪو مسافر ايترو تازو توانو ڀلا ڪيئن ٿو رهي سگهي.
هي ڪير آهي.
هن مسافر کي اُس ۾ ڪير ٿو چانڊوڪي ڏي
اوپرا ويجهو اچي سَهڙيا.
هُنن پنهنجون اُٺڻيون ويهاريون .
سيدنا ابوبڪر ريگستان جي هر رهاڪوءَ کي سڃاتو ٿي. کيس خبر هئي ته هتي شايد ڪجهه سُڪل گوشت يا اُٺ ۽ ٻڪريءَ جو کير ملي وڃي. جيئن هو خريدي سگهي.
اُم معبد کان پُڇيائين،
جيڪا اڃا تائين سيدنا ابوبڪر سان گڏ ٻي سوار کي تڪي رهي هئي. ڄڻ هن جي سڄي عمر جي اُڃايل اکين جي اُڃ اڄ ئي ختم ڪرڻي هئي.
چيائين سُوڪهڙي جا ڏکيا ڏينهن آهن. گهر ۾ اهڙي ڪابه شئي ڪونهي جيڪا مزمانن کي پيش ڪري سگهان. نه ته وڪرو ڪرڻ پنهنجي جاءِ تي، آءٌ ته دل کولي ميزباني ڪريان ها. بس هي هڪ ڦاٽل تنبوءَ ۽ ان جو ڇانورو حاضر آهي اطمينان سان گهڙي سوا آرام ڪري وٺو.
آقاﷺ به هيٺ لٿا
تنبوءَ جي اندر هڪ ڏٻري مَرگهيل ٻڪري ٻَڌل هئي.
آقاﷺ پڇيو؛ ٻيون ٻڪريون ڪٿي آهن؟
اُم معبد وراڻيو: منهنجو مڙس کين چارڻ ويو آهي.
۽ هيءَ ٻڪري؟ آقاﷺ اُن ٻڪري ڏانهن اشارو ڪندي پُڇيو.
اُم معبد ته آقاﷺ کي ٻلهار ٻلهار اکين سان ڏسي رهي هئي. کلندي وراڻيائين. هن کان ته چُريو ئي نٿو ٿئي. صفا ڪمزور آهي. ڪيئن چَرڻ وڃي ها.
آقاﷺ فرمايو
”جيڪڏهن موڪل ڏيو ته هن کي ڏُهان.“
اُم معبد جون اکيون حيرت مان اها اڻ ٿيڻي ڳالهه ٻڌي کُليون ۽ چيائين هن ته ڪڏهن ڦڙي کير جي به نه ڏني آهي. ڀلا ان جي قابل هجي ته ....سا ٿي ڏُڀي.“
ڀلي ڏُهوس.
اها گهڙي شايد اَڻ ٿيڻي، ٿيڻ وار گهڙي هئي.
آقاﷺ بسم الله پڙهي ان ڏٻري مَرگهيل ٻڪريءَ جي ڳچيءَ تي پيار مان هٿ گهمايو. ٻڪريءَ جي سڄي بُت ۾ سگهه ۽ تازگي اُڀري آئي. هن جي سڪل کل جي اندر ڄڻ ساوڪ اُڀري آئي.. ڄڻ سالن کان اڃايل صحرا ۾ وڏو ڦڙو وسڻ لڳو..
آقاﷺ ٻڪريءَ جي چيلهه تي پيار مان هٿ ڦيريو. ٻڪري پنهنجي قد کان وڏي نظر اچڻ لڳي. آقاﷺ ٻيهر هيڪڙي خدا جو نالو ورتو.
فرمايو
”اي الله! اُم معبد جي هن ٻڪري کي برڪت ڏي.“
۽ ٻڪريءَ جي سُڪل ٿڻن تي هٿ ڦيريو
ٻڪري ٻيئي ٽنگون کولي ڇڏيون
هُن جي مُرجهايل ٿڻن ۾ اُڀار آيو
ٿڻ ڀرجڻ لڳا.
هوريان هوريان سڪل ٿڻ ڦوڪڻي جيان ڦوڪجي ويا ۽ انهن جي ڄُنڊين تي کير جا ڦڙا چمڪڻ لڳا.
اُم معبد اهو منظر ڏسندي ئي ڄڻ پٿر بنجي ويئي.
هُن جي سامهون سندس زندگيءَ جو سڀ کان حيرت ۾ وجهندڙ واقعو ٿي رهيو هو.
آقاﷺ ام معبد کان ڪو ٿانو گهريو.
هوءَ پنهنجي تنبوءَ مان سڀ کان وڏو پيالو کڻي آئي.
آقاﷺ کير ڏڌو
ٻڪريءَ جي ٿڻن نور جي برسات وهائي ڇڏي
ايترو کير
وري گجيءَ سان ڀريل، مکڻ سان ٽمٽار.
اُم معبد ڄڻ پٿر بڻجي ويئي.
آقاﷺ کير جو ڀريل پهريون وٽو اُم معبد کي پيش ڪيو
هُن جا هٿ حيرت مان ڪنبي رهيا هئا.
اکيون حيرانيءَ مان ڦاٽي چهري تي اُڀري آيس
کير جو پيالو وٺڻ سَمئه چيائين
عالي وقار.. پهريون اوهين پيئو
ساقي آخر ۾ پيئندو آهي.
اُم معبد کير جي نور جو هڪ ڍُڪ پيئندي، نور ڪائنات جي روشن چهري کي اهڙي ته پيار ۽ دل لڳيءَ سان ڏٺو، جو نور محمديﷺ جي هر نور جو نقش ياد ڪري ڇڏيو.
آقاﷺ وري پيالو ڀريو
واري واري سان پنهنجن ساٿين کي پياريو
پوءِ پڇاڙيءَ ۾ پاڻ پيتو
هڪ هڪ ڀيرو وري پيتو
سڀني ٻيهر پيتو ۽ ڍءُ ٿي وين
آقاﷺ اُم معبد جي خيمي ۾ پيل سڀني ٿانوَن کي کير سان ڀريو، پوءِ ڪاروان نبوت اُم معبد جي مهرباني مڃي اُتان رخصت ٿيو.
اُم معبد پري ويندڙ اُن قافلي کي نيڻ نهار تائين پنهنجي تنبوءَ جي ٻاهران بيهي ڏسندي رهي. ايستائين، جيستائين اهي اکين کان اوجهل نه ٿي ويا.
نظرن کان پري ٿيڻ جي باوجود اُم معبد ڳچ دير تائين حيرت ۾ بيٺي اُن پاسي ڏسندي رهي. کيس اها سَمڪ ئي نه رهي ته ڏينهن لڙڻ لڳو هو ۽ سندس مُڙس صبح جو پَهرايل لاچار ٻڪرين جي لاءِ گاھ جو تندون ڳولهيندو، ان سوڪهڙي ۾ ٿڪي ٽُٽي موٽي آيو هو.
هو اُم معبد جي چهري کي سڃاڻي ئي نه سگهيو
اهڙي چمڪَ ۽ سُهائي ڄڻ چمڪندڙ هيرو
ڄڻ ٻڙڪندڙ چشمو
وهندڙ ندي
وسندڙ ڪڪر
۽ حيرت ۾ ورتل جهان
اُم معبد مونکي ته ٻڪريون چارڻ جي لاءِ ڪوبه گاھ پَٺو نه مليو.
تون هتي ايتري حيران ۽ بدلي بدلي ڇو بيٺي آهين.
ڇا ٿيو؟
اُم معبد اڃا تائين ڄڻ خمار ۾ هئي
چيائين
تون گاھ ڳولهيندو رهين
پر سڄو باغ ته ڪو هِتي کڻي آيو
تون اُس پهري ڦِري رهيو آهين
ڪو نور جي برسات ته هتي کڻي آيو
هيڏانهن اَچ
هن کير مان ڀريل سڀ ٿانوَ ابومعبد جي سامهون رکيا ۽ سڄي ڳالهه ڪري سُڻائي.
ابو معبد کير پيتو، هن جون اکيون چمڪڻ لڳيون، چيائين: مونکي اُن ڀاڳوان، نيڪ طبيعت واري شخصيت جو سراپا ته ٻڌائي، جيڪو اسانجي هڪ ڇنل ۽ ڦٽل جُهڳيءَ ۾ پنهنجي نور جا ستارا ٽانڪي ويو آهي.
لڳي ٿو ته اُهو اهوئي بابرڪت شخص آهي. جنهن جي ڳولا ۾ قريش ڀَڄ ڊُڪ ۾ آهن.
مونکي ٻڌاءِ ته سَهي هو ڏسڻ ۾ ڪيئن ٿي آيو.
اُم معبد جي اکين ۾ ٻيهر ڏٺل ماھ ڪامل جي تصور سان آسمان جا هڙئي تارا لهي آيا ۽ هوءَ پنهنجن خيالن ۾ کوئجي ويئي. پوءِ هوءَ پنهنجي کُليل اکين کي بند ڪندي چوڻ لڳي.
اڄ حيرت ڀريل خوشنصيب ڏينهن آهي.
جيڪو منهنجي سڄي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو آسمان تان لٿو آهي.
اڄ مون سڄي ڪائنات جي سڀ کان حسين اُجرائپ ۽ پاڪيزگي انساني شخصيت ۾ مُجسم ڏٺي آهي.
چهري تي نور
اخلاق خلائق جي هر حد کان وڌيڪ
مُناسب عضوا
جسم گلن ڀريل ٽاري
خوش خيال
ڪمال حد تائين جمال
نه وڌيل پيٽ هئڻ جو عيب
نه ڪنڌ ويٺل، نه مٿو ننڍو
مٿي جا وار پورا، گهاٽا ۽ ڊگها
۽ وچٿرا گُهنڊي دار
وارن جي ڪاراڻ تيز چمڪندڙ
سُهڻي ۽ سڌي ڳچي
مَهڪندڙ گهاٽي ڏاڙهي
اکين جي مٿان تراڙ جهڙا سَنها ڀِرون
پاڻ ۾ سُهڻي نموني جڙيل
اکيون موتين سان ڀريل جادوئي ڪوڏ
ڏَيا واريون ۽ وڻندڙ
حَيا سبب جُهڪيل
اکين جون ماڻڪيون ڪاريون
خوش خياليءَ مان ڀريل
نيڪ طبيعت
سليقي وارو
۽ اکين جي اَڇاڻ
کير جي مکڻ کان اُجري
براق
هن جي اکين جي چمڪ
هيري کان به وڌيڪ تيز
ڄڻ نور جي ڏياٽي
نور ئي نور
جيڏانهن به اک کڻ
رُت بدلجي وڃي
کيريون ڪندڙ
سُهڻو انداز
سُهڻو ڳالهائڻ
خوش گفتار
خاموشيءَ ۾ به وقار
مُرڪي ته ڄڻ حُسن جو وهندڙ آبشار
ڳالهه ٻولهه ڄڻ ته موتين جي لڙي
هن جي ڳالهائڻ سان ڄڻ موتي پيا ڇَڻن
خوش ڪندڙ
شيرين سُخن
سڄي ڳالهه ڪندڙ
پُر لطف
گهٽ ڳالهائيندڙ
پر گهٽ ڳالهائڻ اهڙو به نه جو ڳالهه پوري نه ٿئي
لفظ لفظ موتين جي مالها
گلن جو هار
مَن موهيندڙ
آواز ۾ سُر جا سڀئي آهنگ
نفيس ۽ بلند خيال
اَجائي ڳالهائڻ کان ڪوهين ڏور.
شان ۽ مان وارو
پري کان ڏسي ته سڀني ۾ سُهڻو.. سراپا جاھ و جسم
ويجهڙ کان ڏس ته مِٺو... مرد ابريشم
گفتار ۾ فصيح
اَبلاغ ۾ بلاغت
خوش گذار ۽ خوش رفتار
ڏسڻ ۾ نه ايترو ڊگهو جو قد اڻ وڻندڙ لڳي
نه قد جو بندرو
مناسب قد ۽ ڪاٺ
سُٺو
نرمل
سڀني کان ڌار نظر ايندڙ
ڳالهائڻ ۾ وقار ۽ شان
ٻن شاخن ۾ هڪ ڏار
ٻن ساٿين سان گڏ، جن جي گهيري ۾ رهندڙ
پنهنجي بي حد ڌيان جي دائري ۾ رهندڙ
سندس وات مان نڪرندڙ هر ٻول
سندن ساٿين جي لاءِ حُڪم
ساٿي به حد کان وڌيڪ اطاعت ڪندڙ
وڏا ڀاڳوان ۽ حق شناس
جيڪي حُڪم جي پورائيءَ ۾ سڀني کان اڳيان
نه تِکا نه گهڻو ڳالهائيندڙ
مخدوم اهڙا جو خادم بنجي ويل
آقا اهڙو جو چنڊتارا سڀ غلام
سج ۽ چنڊ سندس پيرن جي مٽِي
ڪائنات جي ذري ذري جو کيس سلام
ڪيئن ٻڌايان ته هو ڪيئن هو.“
ابو معبد ٻيئي هٿ کاڏيءَ جي هيٺان رکيو سَڪتي ۾ ويٺو، ڌيان سان سڀ ٻڌي رهيو هو. پوءِ سندس اُس ۾ سڙيل جهوني چهري جا گُهنج سَرسَر ڪري هڪٻئي تي چڙهيا. اکين مان لڙڪ ڳڙيس ۽ ڪنڌ کي پويان پنهنجي هٿ سان مَهٽيندي چيائين ”اي اُم معبد! جيڪڏهن آءٌ ان مهل اچي وڃان ها ته آقاﷺ کي عرض ڪيان ها ته مونکي اوهانجي صحبت ۾ رهڻون آهي. مونکي پاڻ سان گڏ رک.“
چون ٿا ته اُن جي ٻي ڏينهن صبح جو مڪي جي زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ هڪ غيبي آواز اُڀريو، جنهن کي ماڻهن ٻڌو ته سهي، پر چوندڙ کي ڪنهن به نه ڏٺو.
آواز هو
”الله جيڪو سڀني انسانن جو پالڻهار آهي، اُنهن ٻن سنگتين کي بهترين جزا ڏي، جيڪي اُم معبد جي خيمي ۾ لٿا. جنهن هنڌ تي اِهي ٻيئي لٿا ۽ اُتان هليا ويا. محمدﷺ ۽ سندس ساٿي ڪامياب ٿيا.“
اُم معبد جي جُڳهيءَ کان لنگهڻ کانپوءِ آسمان سفر کي ڪامياب چئي ڇڏيو.
مڪي وارن به ٻُڌي ورتو.

قُبا ۾ پهچايو ويو

قُبا ۾ پهچايو ويو

’ڪاروان رسول‘ هوريان هوريان مديني جي ويجهو ٿيندو پي ويو. مڪي جي ڀرسان مڪي ڏانهن ايندڙ ٽن ڪلوميٽرن تي قبا جي وستيءَ ۾ مڪي کان هجرت ڪري آيل مهاجرن سان گڏ مديني جي اوس ۽ خزرج قبيلن جا مسلمان پنهنجي هادي برحق رسول اللهﷺ جي اوسيئڙي ۾ هئا. هو روزانو ڏينهن چڙهندي ئي قبا جي کجين جي وڻن تي چڙهي ويندا هئا. يا مٿانهين جاين تي، يا پنهنجي گهرن جي ڇتين تي اُڀا اُڀا ٿي پنهنجي دل جي ماھ ڪامل کي آسمان جي ڀت جي بدران صحرا جي بيابان ۾ صبح جي سُهائيءَ ۾ ڳولهيندا هئا.
کين پري کان ايندڙ هر قافلي تي آقاﷺ جو گمان ٿيندو هو. اُس جي تيزي ۽ گرميءَ جي تپش کين بي چين ۽ مايوس ڪري ڇڏيندي هئي. کين خبر هئي ته صحرا جي ريگزارن ۾ رات سمئه چانڊوڪي ۽ تارن جي ڪومل ٿڌاڻ ۾ سفر ٿيندو آهي ۽ مسافر عام طور تي اُلل وهاڻي ئي پنهنجي منزل تي پهچندا آهن.
رستي ۾ آقاﷺ کي هڪ ميڙ ملي ويو
پهرين نظر ۾ سمجهي نه سگهيا ته دوست آهن يا دشمن
هو هئا به سڀ سوار
اُٺن گهوڙن تي
۽ تيرن ۽ تلوارن سان هٿيار بند
اُنهن جو سردار بريده اسلمي هو.
هو به سئو ڳاڙهن اُٺن جي انعام جي جوف ۾ نڪتا هئا، جيئن آقاﷺ کي جهلي قريشن جي حوالي ڪري سگهن. پر سندن ڀاڳ ۾ اُن انعام کان به وڌيڪ رقم لکيل هئي. قافلي جو سردار پنهنجو گهوڙو ڊوڙائيندو وڏي مستيءَ ۾ آقاﷺ جي ڀرسان پهتو.
آقاﷺ سلامتيءَ جي دعا کانپوءِ پڇيو
تون ڪير آهين؟
سردار وراڻيو؛ ”آءٌ بريده آهيان.“
آقاﷺ جي چهري مبارڪ تي مُرڪ پکڙجي ويئي ۽ سيدنا ابوبڪر ڏانهن مُنهن ڪري چيائين
اي ابوبڪر اسانجو ڪم ٿڌو ۽ صحيح ٿيو.
پوءِ آقاﷺ پڇيو
”ڪهڙي قبيلي مان آهين؟“
جواب مليو؛ ” قبيلي اسلم مان.“
آقاﷺ فرمايو
”اسين سلامت رهياسين.“
پوءِ پُڇيو ”قبيلي اسلم جي ڪهڙي شاخ مان؟“
بريده وراڻيو: بني سهم مان
آقاﷺ وراڻيو، ”تنهنجي پَتي نڪري آئي.“
بريده پڇيو، ”اوهان ڪير آهيو؟“
آقاﷺ فرمايو: ”محمد بن عبدالله... الله جو رسول.“
پوءِ الائجي ڪيئن بريده جي سئو اٺن جي لالچ ڪافور ٿي ويئي. هو گهوڙي تان لٿو ۽ آقاﷺ جي اُٺڻ جي هني جي ڪنڊ کي جهلي هڪ غلام وانگر آقاﷺ جي پيرن تي هٿ رکيائين ۽ پوءِ اهي ئي هٿ عقيدت مان پنهنجي سيني تي رکيائين ۽ چيائين؛ ”آءٌ الله ۽ سندس رسول کي ڀليڪار ٿو چوان. اقرار ٿو ڪريان
لاالھ الا الله محمد رسول الله
هن جي اسلام آڻيندي ئي سندس سڄو لشڪر به سردار جو هم نوا بنجي ويو. هُن جا ستر جا ستر هٿياربند سپاهي، جيڪي تلوارون اُڀيون ڪري آقاﷺ کي جهلڻ جي لاءِ نڪتا هئا، ٻي گهڙيءَ سندس محافظ بنجي ويا.
عجيب ڪرشمو ٿيو
اک ڇنڀ ۾ دلين جي ڪَٽ لهي ويئي
۽ اهي قلعي ٿي چمڪڻ لڳيون
سندن چهرا نور محمدﷺ جي هڪ ڪرڻي سان خير ۽ ڀلائي ورهائيندڙ چنڊ ٿي بنجي ويا.
اندر جي سڄي ڪيمسٽري ئي بدلجي وئي.
سوچ جو رُخ ئي ٻيو ٿي ويو.
سيدنا بريده وينتي ڪئي، ”آقاﷺ مديني ۾ گهڙڻ مهل اوهان جي اڳيان هڪ جهنڊو هئڻ گهرجي.“
پوءِ پاڻ ئي ڪجهه سوچي سيدنا بريده پنهنجي قوم جي سرداريءَ واري سُڃاڻپ پنهنجي مٿي تي ٻڌل سفيد پڳ لاهي، اها پنهنجي ڊگهي نيزي جي اُڻيءَ تي جهنڊي وانگر ٻڌي اُڀي ڪئي ۽ پوءِ هڪ غلام وانگر پنهنجو گهوڙو ڇڏي آقاﷺ جي ڏاچي قصويٰ جي اڳيان هلڻ لڳو.
ڳپل پنڌ تائين هو پنهنجي سپاهين سان گڏ محافظ دستو بنيل رهيو. پري کان جڏهن قبا جي بستيءَ جا کجين جا وڻ نظر اچڻ لڳا ته آقاﷺ پنهنجي اُن غلام کي واپس پنهنجي بستيءَ ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني.
اڃا ٿورو ئي اڳتي وڌيا هئا ته سامهون هڪ واپاري اٺن جو قافلو سامان سان لڏيل ايندي نظر آيو. صحرا جي واري اُڏي، قافلو ويجهو پهتو ته اهو آقاﷺ جي قديمي غلام آقاﷺ جي سڀ کان پياري گهر واري سيده خديجه جي ڀائيٽي زبير بن عوام جو قافلو هو، جيڪو سيده ابوبڪر جي نياڻي اسماء جو ٿيندڙ گهر وارو هو. ان قافلي سان گڏ سيدنا طلحه جا واپاري اُٺ پڻ هئا. هو شام مان واپاري مال لڏي پي آيو. هن جي اُٺن جي ڪجاون ۾ روم جي خوشبو ۽ قسطنطنيه جو ڪپڙو هو.
هُنن جي لاءِ صحرا جي وچ ۾ ڄڻ سڀني عيدن جو چنڊ اُڀري آيو هو. هنن ٻنهي محبت ۽ عقيدت مان آقاﷺ کي کيڪاريو. واريءَ جي دڙن تي ڇانورا ڪري ڇڏيا. روم مان آندل عطر ، شام ۽ قسطنطنيه مان آندل شاندار چمڪندڙ ڪپڙو پيش ڪيو.
دسترخوان وڇايو ۽ شاندار دعوت ڪئي .
آقاﷺ ۽ سندس ساٿين جا گذريل پندرهن ڏينهن ريگستان ۾ سفر ڪندي پاتل ڪپرا ميرا ٿي ڦاٽڻ تي هئا.
خدا کي ته پنهنجي پياري، اسانجي آقاﷺ کي ٺهيل جُڙيل حالت ۾ منزل تي پهچائڻون هو.
خدا جو ڪيل ڪو به ڪم اتفاقي نه هوندو آهي .
اهو خدا ئي ڪهڙو، جيڪو ڪجهه ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن اتفاقي واقعي جو اوسيئڙو ڪري، خدا ته هر اتفاقي سمجهيل واقعي کي جنم ٿو ڏي.
ڪُن فيڪون
کيس فقط چوڻون پوي ٿو.
’ٿي پئو‘
۽ جنهن کي حڪم ملي ٿو
اهو پورائو ڪري ٿو
ڪنهن جي اها مجال آهي، زمين ۽ آسمان تي
۽ اُنهن جي وچ ۾
جيڪو اُن حڪم جو پورائو نه ڪري
خوشيءَ سان يا نا خوشيءَ سان، هر مخلوق هُن جي تابع آهي.
اهي جبل هجن، بيابان هجن، جهنگل هجن، صحرا هجن، سمنڊ هجن، درياھ هجن، نديون يا نالا هجن، هوا هجي، ڪڪر هجن، برسات هجي، ڪوبه ساهوارو هجي، ڪابه شئي هجي، هر شئي هن جي ارادي سان ٻڌل آهي.
بس هڪ انسان کي ايتري ڍَر ڏنل آهي، جو اسين مغالطا پالي سگهون ٿا.
هو اسان کي انهن مغالطن
وهمن سان ئي پالي ٿو.
آقا ۽ سندس ساٿين سڄي رستي جي سڄي ڌڌڙ، مير ۽ مٽي ڌوئي، اُجرا ڪپڙا پاتا، هاڻ هو اُنهن اُجرن ڪپڙن کي پائي قبا جي چائنٺ ۽ مديني جي دل طرف وڌي رهيا هئا، جيڪو اُن وقت سڀني مسلمانن جي دل بنجي پنهنجي ڌڙڪن سان گڏ آقاﷺ جي ديدار جي اوسيئڙي ۾ هو.
ڏينهن اڌ کان به مٿي گذري چڪو هو.
قبا جي بستيءَ جا اوسيئڙي ۾ بيٺل پروانا اُن ڏينهن، نيڻن کي آقا جي واٽ ۾ واجهائي، ٿڪي واپس وڃي چڪا هئا. اوچن دڙن تي بيٺل پروانن جا پير سڙي چڪا هئا. ڇتين تي واجهائيندڙ اکيون ريگستان جي ذري ذري تي نظر رکڻ کانپوءِ ڏاڪڻين تان هيٺ لهي چڪيون هُيون. جو هڪ اوچي گهر جي ڇت تي چڙهي پنهنجو ڪم ڪندڙ هڪ پوڙهي يهوديءَ کي صحرا مان ٻه سفيد اٺڻيون ايندي نظر آيون، جن تي اُس کان به اجرن اڇن ڪپڙن ۾ ٻه ڄڻا سواري ڪري رهيا هئا.
يهودين ته آقاﷺ کي ايئن ٿي سُڃاتو، جيئن هو پنهنجن ٻارن کي سڃاڻندا هئا.
اُن يهوديءَ پنهنجي ڇتين تي اوسيئڙي ۾ ويٺل ٿڪل ۽ بي چين پروانن کي باغن جي ڇانوَ ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺل ڏسي، انهن کي سڏ ڪندي چيو؛
قايله جا ٻچڙو! اوهانجو مبارڪ ڀاڳ اچي ويو.
هو اچي ويو.
قبا جا پروانا اُن آواز تي پنهنجي پيرن تي نه پرڄڻ پَرن تي اُڏرندا آيا.
چوڌاري هُل مچي ويو.
ڀَڄ ڊُڪ مچي ويئي
بي تابي ۽ ديدار جو شوق ڏسڻ وٽان هو
هو ڊوڙندا ويا.
ڊوڙندي ڪيترا ته ڪِري به پيا. هڪٻئي کي سڏيندا، مُرڪندا، دلين جي مُکڙين کي گُل بنائيندا، روحن کي مهڪائيندا هو قبا پهتا.
سامهون ٻن اُٺڻين تان ٻه دوست لهي رهيا هئا.
ڏسڻ وارا نيڻ وڇائي، عقيدت ۽ احترام جي هر حد کان اڳتي ڌڙڪندڙ دلين سان ڀليڪار جي سرمستيءَ ۾ ٽُپ ڏيندا، هٿ مٿي ڪري چئي رهيا هئا.
الصلواة والسلام عليک يا رسول الله
اهلاً و سهلاً
يا رسول الله ﷺ
آقا پنهنجي ڏاچيءَ تان لهي هڪ وڏي پٿر تي ويهي رهيا.
سيدنا ابوبڪر سندس احترام ۾ پاسي ۾ بيٺو هو.
ٻنهي جي عمرين ۾ ٿورو ئي فرق هو
سيدنا ابوبڪر اڍائي سال کن ننڍا هئا.
کيس بيٺل ڏسي ديدار جا متوالا کيس رسول الله سمجهي، ادب سان عقيدت ۽ سلام پيش ڪرڻ لڳا. اهو ڏسي سيدنا ابوبڪر پنهنجي مٿي تي ٻڌل پڳهه لاٿي ۽ هڪ غلام جيان کولي رسول الله ﷺ جي مٿي تي ڇانورو ڪري بيهي رهيا ته جيئن ڪو غلط فهميءَ ۾ نه رهي ته ڪير خادم آهي ۽ ڪير مخدوم ، ڪير ٻانهو آهي ۽ ڪير آقاﷺ .
بني عمرؤ جي ماڻهن قبا جي بستيءَ ۾ وڏو هُوليرو کڻي ڪيو. هنن خوشيءَ ۾ وٺي نعرا هنيا، گهر گهر مان هر ڪو ٻاهر نڪري آيو. پوڙها، جوان، ٻارڙا، ٻارڙيون، ۽ عورتون. هو هڙئي آقاﷺ کي ڏسڻ کانسواءِ ئي سندس ٻانهپ ۾ ٻڌجي چڪا هئا.
اُن مهل آسمان مان وحي لٿي.
” بيشڪ الله تنهنجو محافظ آهي ۽ جبرائيل عليه السلام ۽ صالح مومن به ۽ ملائڪ تنهنجا مددگار آهن“ (قرآن 26-4)
اها 12 هين ربيع الاول، پهرين هجري 2 سيپٽمبر 622ع، بروز سومرجي ڳالهه آهي، مڪي جي مهاجرن مان آيل سڀني کان پهرين سيدنا عمر بن خطاب، آقاﷺ جي قدم بوسيءَ لاءِ حاضر ٿيو.
ٽن ڏينهن کانپوءِ سيدنا عليرضه به آقاﷺ وٽ رکيل ماڻهن جون امانتون کين موٽائي، اچي آقاﷺ سان گڏيو ۽ آقاﷺ سان ئي ٽِڪيو. قبا جي بستيءَ جو سردار ڪلثوم بن هدم پنهنجي قبيلي عمرو بن عوف پاران ڊوڙندو اچي ادب سان آقاﷺ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو.
آقاﷺ چيو
”جيڪڏهن موڪل ڏينءَ ته ٿوري دير تنهنجي وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهان.“
هُن هٿ ٻڌي چيو
آقاﷺ ! غلام جو گهر به حاضر آهي.. اُتي هلو.
آقاﷺ فرمايو، توکي تڪليف ٿيندي.
هُن منٿ ڪئي ته آقاﷺ منهنجي گهر ۾ هڪ حجرو خالي آهي.. جيڪو اوهانجي لاءِ ئي خالي رکيو اٿم.
هلو...
آقاﷺ پوءِ هڪ شرط تي سندس ڳالهه مڃي ته رُڳو رهائش.. باقي کاڌو پيتو منهنجو هوندو.
اتي هر پرواني جي اها خواهش هئي ته مون ڏانهن هلو.
سعد بن خثيمه به پهچي ويو
اُتي ئي ڀرسان سندس کليل گهر به هو ۽ سڄو خالي هو. هو اڻ پڙهيل نوجوان هو. سندس ان گهر کي ’ڪنوارن جو گهر‘ چيو ويندو هو. هو زور ڀرڻ لڳو ته آقاﷺ اُتي اوهان کي سهولت رهندي.
آقاﷺ سردار ڪلثوم بن هدم وٽ وڃڻ لاءِ هائوڪار ڪري چڪو هو. اوڏانهن ويا، رات جو اتي ئي رهندا هئا ۽ ڏينهن جو ماڻهن سان ملڻ جلڻ ۽ حق جو پيغام پکيڙڻ جي لاءِ ڪنوارن جي گهر سعد بن خثيمه وٽ هليا ايندا هئا.
آقاﷺ ٽي ڏينهن قبا ۾ قيام ڪيو. پوءِ ٽي ڪلوميٽر پريان مديني شهر ڏانهن روانا ٿيا. قبا کان وڃڻ کان اڳ پاڻ سڳورن اُتي هڪ مسجد جو بنياد رکيو. جنهن کي ”مسجد تقويٰ“ جو نالو ڏنو ويو. ان ئي مسجد لاءِ آقاﷺ فرمايو هو.
”جيڪو شخص گهران پاڪ ٿي نڪتو ۽ هن مسجد ۾ داخل ٿي ٻه رڪعتون نماز پڙهيائين ته اُن کي عمري يعني حج اصغر جو ثواب ملندو.“
’سلطنت عثمانيه‘ جي وقت ۾ اُن مسجد جي توسيع سلطان محمود خان غازي 1873ع ۾ ڪئي ۽ نئين سر تعمير جو ڪُتبو لڳايو. 1970ع ۾ شاھ فيصل شهيد اها نئين سر اڏرائي. 1988ع ۾ ٻيھر ان جي توسيع ڪئي ويئي. ان جي ڇت تي 58 ننڍا قبا آهن. اُنهن قبن جو تعداد لڳ ڀڳ ايترو ئي آهي، جيترا اُتي مڪي مان مهاجر آيا هئا.
قبا جي بستي، جيڪا قبا نالي هڪ کوھ جي ڪناري آباد ٿي هئي. آقاﷺ جي مديني اچڻ جي مُبارڪ چائنٺ بڻي. آقاﷺ جي منزل هاڻ ٽي ڪلوميٽر پري مدينو طيبه هئي.
اهو سفر جمع جي ڏينهن شروع ٿيو .
قصويٰ جي پُٺيءَ تي آقاﷺ سان گڏ سيدنا ابوبڪر به هو.
ماھ ڪامل ۽ چنڊ اڪمل جي مُجسم چانڊوڪي
۽ آسمان جي سُهائيءَ جو هر سنهري ڪرڻو چانديءَ جي تارن سان جڙيل عروسي هار ۾ رستي ۾ اکيون وڇائي ويٺو، پروانن جي اڃايل اکين جا سُنهري موتي پوئي مسڪرائي رهيو هو.
ڪجهه ڏهاڙا اڳ جنهن جي گهر جي ٻاهران مڪي جا بدخواھ دشمن، تلوارن، نيزا ۽ ڀالا جهلي ڪائنات جي چنڊ کي ڪيرائڻ جو پڪو ارادو ڪري گَهٽ جهلي ويٺا هئا. هاڻ ان جي آڌرڀاءُ لاءِ مديني جي بنو نجار قبيلي جا سپوت هٿن ۾ اگهاڙيون تراڙيون اُڀيون ڪري، آقاﷺ جي حفاظت ۽ عزت لاءِ ”گارڊ آف آنر“ جو دستو بنجي اوسيئڙي ۾ هئا.
رستي ۾ رانوناءُ ماٿريءَ ۾ بنو سالم بن عوف جي بستي آئي. اُن مهل ٻپهري لڙڻ لڳي هئي ته آقاﷺ اتي جمع جي نماز پڙهائي. اتي پهريون ڀيرو سئو کان به وڌيڪ پروانن آقاﷺ جي اُمامت ۾ جمعي جي نماز پڙهي.
اُتي آقاﷺ مختصر خطبو ڏنو:
”اي ماڻهؤ!
پنهنجي ايندڙ زندگيءَ جي باري ۾ سوچيو
اُن کي ٺاهڻ ۾ رڌل رهو
ڄاڻڻ کپي ته مرڻ کانپوءِ ٻيهر جيئرو ٿيڻو آهي.
خدا جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيڻو آهي.
جتي سڀ ڪو مدهوشيءَ جي حالت ۾ پنهنجي ٻڪرين جي ڌڻ کي دراڙ کان سواءِ ڇڏي پهچندو.
اُن گهڙيءَ هو ڪنهن ترجمان کانسواءِ هم ڪلام ٿيندو ۽ پُڇندو. ٻُڌايو! اوهان وٽ منهنجي رسول ڪونه آيو هو، جنهن اوهانکي منهنجا حڪم ٻڌايا. ڇو مون اوهان کي مال ڏيئي، پنهنجو فضل نه ڪيو هو. پوءِ ڇا اوهان آخرت جي لاءِ توشو اڳتي موڪليو. ڏسڻ وارو شخص ساڄي کاٻي، اڳيان پويان ڏسندو، پر کيس ڪجهه به نظر نه ايندو. اڳيان ڏسندو ته دوزخ هوندي.
تنهنڪري اي ماڻهؤ!
دوزخ کان بَچو
پوءِ هڪ کجيءَ جي کارڪ سان ئي .
جنهن کي اِها به ميسر نه هجي
ته اهو
سُهڻو ڳالهائي
مُرڪي ٻول ٻولي
سائل کي سٺي نموني ورندي ڏي
اُن جو اَجر ڏهن نيڪين کان وٺي ست سئو ۽ ان کان به وڌيڪ آهي.
اوهان تي، خدا جي رسولﷺ تي سلامتي،خدا جي رحمت ۽ برڪت هجي“.
جنهن جاءِ تي جمعي جو خطبو پڙهيو ويو.
اڄ اُن هنڌ تي ”مسجد جمعه“ آهي.
اِها قبا کان اڌ ڪلو ميٽر جي پنڌ تي آهي.
۽ منزل رسولﷺ اڃا به اڍائي ڪلوميٽر پري هئي.
آقاﷺ جا پروانا رستي ۾ بيٺل کجيءَ جي وڻ تي موجود کجين کان به مِٺين نظرن سان آقاﷺ کي ڏسي پنهنجي روحن ۾ مِٺاڻ ڀري رهيا هئا. اڄ کجيءَ جي وڻن جون ٽاريون عجيب مستيءَ واري خوشيءَ ۾ سرشار ٿي، پنهنجي کليل هٿن جون آڱريون کولي ، اکين ۾ خوشي ڀري ، خوشيءَ ۾ سَر سَر ڪري رهيون هيون.
آقاﷺ جا بدخواھ مَڪي دشمن پري رهجي ويا هئا.
شمع رسالتﷺ کي سندس پروانا وٺڻ آيا.
اُن ڏينهن هڪ ٻيو اصول به طئي ٿي رهيو هو.
جيڪڏهن پروانن ۾ جنون جي حد تائين سرفرو شي هجي
مَٽجڻ
سَڙڻ
۽ عشق ۾ فنا ٿيڻ جي سگهه ملي وڃي
ته پروانن جي محفل ۾ شمع ڪائناتﷺ جو ورد ٿي وڃي ٿو.
شمع ڪاملﷺ پنهنجي پروانن جي تڪميل پاڻ ئي ڪرڻ پهچي وڃي ٿي.
ڪنهن کي شڪ هُجي ته
پرواني جا پرَ هڻي
لڳن ۽ عشق جي درياھ ۾ ٽپي
ماھ ڪاملﷺ نور جي اڻ کٽ سمنڊ ۾
هڪ ڀيرو ٻُڏي
تڙپي
پنهنجي ميڻ جهڙي جسم جي سوراخ جي اندر
هڪ مُحبت جي ڪوڏَ پالي
جنهن ۾ آقاﷺ جي محبت مان اُڇلجي نڪتل ڪو لُڙڪ هجي.
اُن کي اُبتو سانڍيندو وڃي
پوءِ ڪڏهن ڪنهن محبت سان ٽُٻا ٽُٻ گهڙيءَ ۾
هڪ لڙڪ ته وهائي ڏسي
آقاﷺ جي حضوري ملي ئي ويندي
اها ڀاڳوان غلامي جنهن تي بادشاهي به رشڪ ڪندي آهي.
اها خوش ادا، بي مثل جواني، خوش آهنگ، پاڪيزه شان قلندري ملي ئي ويندي.
اِهو اُهوئي منظر هو.
شمع رسالت ﷺ پنهنجي پروانن جي ديس ۾ پهچڻ واري هئي.
پروانا رستي ۾ نيڻ وڇائي ڏسڻ جي آس ۾ ويٺا هئا.

مديني ۾ ڀليڪار

مديني ۾ ڀليڪار

شمع رسول ﷺ جا پروانا
بيٺا تڙپي رهيا هئا
آقا ﷺ
اسان جا ڀاڳ جاڳايو
هِتي ئي ٽِڪو
آقا ﷺ فرمايو ٿي:
”اوهان تي خدا جي بَرڪت هجي
مُنهنجي ڏاچي خدا جي حڪم تي پئي هلي
جتي بيهندي
اُتي ئي رهندس.“
مديني جي وسندي ڪشادي، سهڻي ۽ سيبتي هئي.
اُن ۾ 24 کان به وڌيڪ پاڻيءَ جا چشما هئا، جن جو پاڻي مِٺو ۽ ٿڌو هو.
وڏن جبلن جي وچ ۾ ، اُتر ۾ احد، ڏکڻ ۾ جبل عير، اولهه ۾ جبل بني عبيد ۽ وچ ۾ سلح جي ٽڪري هئي، جنهن وٽ ڳتيل آباديءَ ۾ بنو نجار جو محلو هو، جتي آقاﷺ جو ڏاڏو سيدنا عبدالمطلب جنميو هو ، اُتي ئي سندس امڙ سيده سلميٰ زوجه هاشم جو گهر هو. اُن ئي پاڙي جي هڪ گهر ۾ آقا ﷺ جي پيءَ سيدنا عبدالله هي جهان ڇڏيو هو .
اُتي ئي سندس قبر هئي.
اُنهن ئي گهرن ۾ پاڻ سڳورا پهريون گُهمرو ڇهن ورهين جي وهيءَ ۾ پنهنجي امڙ سيده آمنه سان گڏ آيا هئا. اهو ئي سفر سندس پنهنجي امڙ جي آخري ياد هئي ته ان هنڌان نڪري سندس امڙ مڪي تائين نه پهتي. مديني کان ايندڙ رستي ۾ ابواء جي هنڌ تي هوءَ سدائين جي لاءِ ترسي پئي. اُتي ئي دفن ٿي.
کيس خبر هئي ته سندس پُٽڙو وڏي شان وارو آهي.
شايد کيس پنهنجي پُٽڙي جي شان ۽ عزت جو اندازو هو، جنهن کي هوءَ ڇهن سالن جي وهيءَ ۾ ويران بيابان جي رستي ۾ سفر جي حالت ۾ رڳو پنهنجي پالڻهار جي سهاري ڇڏي وڃي پنهنجي ڌڻيءَ کي پَرتي.
آقا ﷺ جي ڏاچي مديني جي گهٽين مان لنگهي جڏهن اُن پاڙي ڏانهن مُڙي ته آقا ﷺ جي ڌيان ۾ اها ڇهن ورهين جي عمر ۾ گذريل ٻٽي يتيميءَ جي ڏکارن ڏينهن جي ڪا تِکي نوڪ چُڀي هوندي.
پر ڏاچي اُن هنڌ نه ترسي، جتي آقا ﷺ جي امڙ ترسي هئي.
گڏ ئي آقا ﷺ جي پيءُ جي قبر وارو گهر هو.
ڏاچي اُن هنڌان به ڪنڌ جهڪائي لنگهي ويئي ،
هاڻ اڳيان آقا ﷺ وسلم جي ڏاڏي سيدنا عبدالمطلب جي امڙ جو گهر هو.
ڏاچي اُتان به هلندي اڳيان وڌي ويئي.
جن پَٽن تي آقا ﷺ ننڍي وهيءَ ۾ کيڏيا هئا. قصويٰ هاڻ انهيءَ رستي تي هلي رهي هئي.
ساڻس گڏ پروانن جو ميڙ به هلي رهيو هو.
ڏاچي اڃا تائين اُن پاڙي مان لنگهي رهي هئي. هُن جي هوريان هوريان کنيل وکن تي سندس راھ روڪيندڙ پرستار پروانن جا پَر سڙي رهيا هئا.
گڏ گڏ اُڀين تراڙن وارن محافظن جو جلوس به هلي رهيو هو.
بني نجار قبيلي جو هر ٻار، ٻُڍو، نوجوان، مرد ۽ عورت، آقا ﷺ جي ماءُ بڻجي دعائون گهري رهي هئي ته آقا ﷺ جي ڏاچي اُن ئي پاڙي ۾ بيهي.
الائجي خدا وٽ ڪنهن جي دعا اَگهي.
بنو نجار جي ئي پاڙي ۾ ڳتيل گهرن واري گهٽي ختم ٿي ته هڪ ميدان اچي ويو،
ڏاچي بيٺي،
اُن سان گڏ هلندڙ ماڻهن جو ساھ به بيهي رهيو
خوشيءَ سبب بيٺل ساهن مان خوش ڪندڙ رڙ نڪتي
ڏاچيءَ ڪنڌ ورائي پويان ڇڏيل ٽن گهرن ڏانهن ڏٺو
ڄڻ فاصلو ماپيو هجي
پوءِ چئني طرفن ڪنڌ ورائي ڏٺو
ڄڻ سڄي جهان جي ڪنارن کي جانچيو هُجيس
پوءِ هوريان هوريان ڪنڌ جُهڪايو ۽ پنهنجا پويان گوڏا موڙي ويهي رهي.
آقا ﷺ واڳ ته اڳ ۾ ئي ڇڏي ڏني هئي.
ماڻهن جون خوشيءَ مان رڙيون نڪري ويون
ڊوڙيا.. ڀڄندا آيا
ڏاچيءَ وري ڪنڌ مٿي کنيو
گوڏا سِڌا ڪيا
اُٿي بيهي رهي
وري هلڻ لڳي
ڪجهه وکون اڳيان
پوءِ بيٺي
مُڙي
جتي اڳ ۾ بيٺي هئي، اُتي اچي ٿورو پويان هَٽي
پوءِ بيٺي
چئني ڏسائن ناسون کولي ڄڻ هوا کي سُنگهيائين، پنهنجي ڪنن کي لوڏي ڄڻ ڪجهه ٻُڌائين.
پوءِ مُڙي
جتي پهرين بيٺي هئي،
بلڪل اُن جاءِ تي اچي ويهي رهي
چئني ٽنگن زمين کي ڇُهيو ۽ پيٽ به ڌرتيءَ سان وڃي لڳس.
بنونجار جي محلي ۾ ” ماھ ڪامل“ لهي آيو.
گڏ هلندڙ ماڻهن کان خوشيءَ ۾ رڙيون نڪري ويون.
آقا ﷺ جي لهندي ئي سڀ کان ويجهي گهر جي ايڪٽيهن سالن جي سُهڻي جوان ابو ايوب انصاريءَ جي ڄڻ ته لاٽري نڪري آئي
هُن ڊوڙندي اچي آقا ﷺ جي قصويٰ جي واڳ ورتي ۽ چيو
آقا ﷺ هو سامهون سڀني کان ويجهو گهر منهنجو آهي.
ميزبانيءَ جو حق مونکي ڏيو
سيدنا اسعد بن زراھ به ڀڄندو آيو
منهنجو گهر به پري ڪونهي، منهنجا آقا ﷺ
آقا ﷺ مرڪيا، چيائون
”جتي سامان هوندو آهي. مهمان اُت ئي ويندو آهي“.
سيدنا اسعد بن زراھ وڏي هيجَ مان قصويٰ جي ڪنڌ تي هٿ ڦيريو ۽ سندس سيوا ڪرڻ جي لاءِ کيس گهر وٺي ويا.
اِها اُهائي قصويٰ هئي،
جنهن اٺ سال مديني ۾ آرام ڪيو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر خدا جي ڪرم سان جتان لِڪي ڇُپي نڪتي هئي، اُن مڪي شهر کي فتح ڪرڻ جي لاءِ ڏهن هزارن پروانن کي باز (شاهين) بڻائي، آقا ﷺ کي پنهنجي پُٺيءَ تي ويهاري وٺي وئي هئي.
ڪنهن کي خبر هئي ته قصويٰ جا ڀاڳَ ڪيڏا نه بلند آهن.
بخت آوري ته اُن ڏينهن ڪو بنو نجار وارن کان پُڇي ها، جنهن جون ٻارڙيون پنهنجي وقت جو بهترين ساز دفينو هٿن ۾ کڻيو، وڄائي، ڪائنات جي عظيم هستيءَ کي خوش آمديد چئي رهيون هيون.
نحن جوارِِ من بني النجار
يا حبذا محمدصه من جار
]اسين بني نجار جون ڇوڪريون آهيون، محمدصه اسانجو ڪيترو نه سُٺو پاڙيسري بڻجي ويو آهي[
پوءِ هُنن وري نئون گيت ڇيڙيو:
اشرق البدر علينا... من ثنيات الوداع
وجب الشڪر علينا.. ما دعا لله داع
ايها المبعوث فينا- جئت بالامر المطاع.
]اُنهن ڏکڻ جي سُتل جبلن مان
چوڏهينءَ جو چنڊ ظاهر ٿيو آهي اسان لاءِ
ڪهڙو نه سُهڻو دين ۽ تعليم آهي
اسان کي الله جا ٿورا مڃڻ گهرجن
اسان تي تنهنجي حڪم جي اطاعت فرض آهي
توکي جنهن موڪليو آهي...[
ماڻهو خوشيءَ ۾ سرشار هئا.
ٻارڙا جُهومي رهيا هئا
عورتون ڳائي رهيون هُيون
مرد روايتي عربي لباس ۾ نعرا هڻي چَھڪي رهيا هئا
پُوڙها مرڪي رهيا هئا.
آقا ﷺ فرمايو
”هذا ان شاءَ الله المنزل.“
”انشاءَ الله هيءَ ئي اسانجي منزل هوندي.“

مسجد جي جاءِ لاءِ هديي جي منع

مسجد جي جاءِ لاءِ هديي جي منع

آقا ﷺ اطمينان مان ويٺل قصويٰ تان لهي، اُتي بيهي بنو نجار پاڙي جي گهٽيءَ جي سامهون اُن خالي ميدان کي ڏسڻ لڳا.
ڪجهه سوچي رهيا هئا.
سوچيندي آقا ﷺ پنهنجي ميزبانن کي مخاطب ٿيا.
آقا ﷺ پُڇيو
هيءَ پَٽ ڪنهن جو آهي؟
اهو اڍائي ٽن ايڪڙن جو زمين جو خالي ٽڪرو هو، جتي کجور سُڪائي ويندي هئي.
ڪجهه کجيءَ جا وڻ به بيٺل هئا.
ڪجهه پراڻيون ڊٺل قبرون به هيون
ٻه ٻارڙا آندا ويا
سُهل ۽ سُهيل
کين سيدنا اسعد بن زرارھ وٺي آيو
چيائين ته هي پُٽ هنن ٻن يتيمن جو آهي. جيڪي مرهيات ’رافع بن ابي عمرو‘ جا پُٽ آهن ۽ آءٌ هنن جو سرپرست آهيان.
ٻارن جو چاچو به اچي ويو
يتيم ٻارڙن چيو ؛
آقا ﷺ اسين هي پَٽ اوهانکي هديو ٿا ڪريون .
آقا ﷺ ڪڏهن به هديو نه ٺڪرائيندا هئا.
تحفا ڏيڻ ۽ اهي وٺڻ جي تلقين ڪندا هئا.
پر اهو ڪو وڏو اصول طئي ڪرڻ جي گهڙي هئي.
آقا ﷺ فرمايو
نه
ٻُڌايو ته هي پَٽ وڪڻندؤ؟
مارڪيٽ جي اگهه تي نه ، پر اُن کان به وڏي اگهه تي.
آقا ﷺ اُتي موجود ڪيترن ئي ماڻهن کان اُن پَٽ جي قيمت پُڇي.
ڀرپاسي جي جڳهين جي اگهه سان ڀيٽيو
وڏي سوچ ۽ فڪر کانپوءِ
اندازو ٿيو ته پَٽ ستن دينارن جو آهي.
درهم نه، سون جا دينار
دينار ٻن قسمن جا هوندا هئا.
ڪسريٰ جا دينار يا روم جا دينار
هڪ دينار چاليهن کان پنجاھ هزار درهمن جو هوندو هو.
ڏسڻ ۾ سون جي اشرفي
ڪسريٰ ۽ رومي دينار سون جا هوندا هئا، جن تي سندن بادشاهت جي مورت چِٽيل هوندي هئي.
ڀَر ۾ ادب سان بيٺل آقا ﷺ جي خزاني واري وزير بنا دير جي ڏھ اشرفيون ڪڍي يتيم ٻارن جي هٿ ۾ ڏنيون.
اُتي مسجد نبوي ٺاهڻ جو آقا ﷺ فيصلو ڪيو
اصول طئي ٿيو.
مسجد ٺهرائڻ لاءِ زوري زمين نه ورتي ويندي
ڪوبه حيلو بهانو نه هلندو.
مفت ۾ مليل زمين تي به مسجد نه ٺهندي
موڪل وٺي اها خريدڻي پوندي
۽ مسجد جي لاءِ زمين خريد ڪندڙ هستي رڳو وقت جو مجاز حاڪم هوندو.
ايئن اها زمين مسجد نبوي ﷺ ٺاهڻ جي لاءِ خريد ڪئي ويئي.
۽ جنهن هنڌ
رسول الله ﷺ جي اُٺڻي قصويٰ پنهنجا پير پَساري ويٺي هئي ۽ پيٽ زمين تي لڳو هئس.
اُتي مسجد رسول الله ﷺ جو اهو دروازو ٺهيو، جيڪو جبرائيل عليه السلام اچڻ وڃڻ جي لاءِ استعمال ڪندا هئا.
ملائڪ رڳو پاڪ ۽ حلال جاءِ تي ويندا آهن.
ملائڪ ڪڏهن به جبر، حرام يا پَرماريت مان جوڙيل عمارت جي اندران نه لنگهندا آهن. پوءِ ڀلي کيس ڪهڙو به نالو ڏنو وڃي.
اهو ٻيو اصول هو.
جنهن کي شايد جبرائيل عليه السلام طئي ڪيو هو
اڄ به اهو دروازو ”باب جبرائيل“ ئي سڏيو وڃي ٿو.
جنهن جي هڪ پاسي هاڻ ”روضه رسول“ﷺ آهي.
۽ ٻي پاسي ’صفه ٿلهي‘ سان لڳ اها جاءِ آهي، جتي ڪڏهن خاتون جنت سانئڻ فاطمه ۽ سيدنا علي عليه السلام جو ننڍو حجرو هو.
ان ڪمال جي حد تائين اعزاز ۾ انهن ادا ڪيل ڏهن دينارن جي برڪت به شامل آهي، جيڪي آقا ﷺ جي حڪم تي سيدنا ابوبڪررضه ادا ڪيا هئا.
اها مسجد قيامت تائين
۽ اُن کانپوءِ به ڪائنات جي سڀني پروانن لاءِ نور جو چشمو ۽ جنت جو باغ آهي.
رياض الجنت-

سيدنا ابو ايوب انصاريرضه

سيدنا ابو ايوب انصاريرضه

مڪي ۾ بيت الله جي پاڙي ۾، رسول الله ﷺ جي هجرت کان ايڪٽيھه سال اڳ جنم وٺندڙ خالد خزرجي، آقا ﷺ جي ڏاڏاڻن بنو نجار مان هو، هن جي شادي اُم حسن بنت زيد انصاريءَ سان ٿي. تاريخ ۾ اُن جو نالو سيدنا ابو ايوب انصاري آهي. کيس عقبه ۾ چنڊ واري رات جو ماھ ڪامل ﷺ جي دست مبارڪ تي بيعت جو شرف مليو هو. سندس گهر جي سامهون واري پَٽ کي خدا، آقا ﷺ جي رهائش ۽ مسجد نبويءَ جي اڏاوت لاءِ ڌڻيو هو. سڀني کان ويجهي گهر هئڻ جي ناتي هو آقا ﷺ کي ميزبانيءَ جي لاءِ پنهنجي گهر وٺي ويو.
سندس گهر ٻه ماڙ هو
گهر جي کاٻي پاسي سندس کجين جو باغ هو
آقا ﷺ سندس گهر هليا ويا.
سيدنا ابو ايوب انصاري ادب مان عرض ڪيو
آقا ﷺ اوهين مٿينءَ ماڙ تي رهو
اوهان جي پيرن جي هيٺان رهنداسين ته سعادت هوندي . آقا ﷺ جي اڳيان دين اسلام جو واڌارو هو. ماڻهن جو ميڙو مَتو رهندو هو.
آقا ﷺ فرمايو
”ايندڙ ويندڙ جي سهوليت خاطر هيٺ رهڻ ڏيو.
سيدنا ابو ايوب انصاري مٿي شفٽ ٿي ويو، اڃا قيام جي پهرين رات هئي جو سيدنا ابو ايوب انصاري هڪدم ڇرڪيو
زال کي سڏيائين
چيائين، اسان کان گستاخي ٿي ويئي.
جنهن ڇت جي هيٺان آقا ﷺ جو قيام هجي اُن تي اسين پيرن سان هلون.
هاءِ ..
ڪيڏي نه وڏي غلطي ڪري ويٺاسين
سڄي رات ڀتِ سان لڳا ويٺا رهيا.
صبح ٿيو ته آقا ﷺ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو.
سڄي ڳالهه ۽ دل جي ڪيفيت ٻُڌايائين
هٿ جوڙي چيائين؛ آقا ﷺ اوهان مٿي رهو
آقا ﷺ جي ساڳئي ڳالهه هئي.
آقا ﷺ کي ايندڙ ويندڙن جي سهوليت گهربل هئي. هيٺ اڪثر صلاحون مشورا ۽ فيصلا پيا ٿيندا هئا.
آقا ﷺ سمجهائي سيدنا ابو ايوب انصاريءَ کي ٻيهر مٿي روانو ڪيو. اُن وقت ته سيپٽمبر جي مهيني جي شروعات هئي. گرميون هيون، حضرت ابو ايوب انصاري پنهنجي اندازي سان ڇت تي پنهنجي قيام ۽ هلڻ ڦرڻ لاءِ اهو هنڌ چوندي ورتو، جنهن جي هيٺان گمان هو ته آقا ﷺ اُت نه هوندا آهن.
رُت بدلي
سرديون آيون
مديني جون سرديون سخت ٿينديون آهن
هڪ رات جو مٿي کانئس پاڻي جو گهڙو ڀڄي پيو..
گهڙي جي ٽٽڻ سان پريشاني وڌي ويئي.
پاڻي ڇت جي هيٺان ٽميو ته پوءِ؟
ڪو ڇَنڊو آقا ﷺ تي ڪريو ته
بي چينيءَ جي اُن حالت ۾ گهر ۾ جيڪو هڪ ڪمبل هو، سو کڻي هاريل پاڻيءَ تي وڌائين ته جيئن ڪو هڪ ڦڙو به هيٺ نه ڪري.
اُن وقت ڇتيون به ڪچيون هونديون هيون.
ڪک ڪانا ۽ کجيءَ جي ڦڙن سان ٺاهيون وينديون هيون.
صبح جو وري هٿ جوڙي هيٺ ويو.
عرض ڪيائين. منهنجا آقا ﷺ هلو! هاڻ مٿي رهڻ جي همت نه اٿم.
آقا ﷺ پنهنجي پرواني جي ڳالهه مڃي ورتي
گهرجي مٿينءَ ماڙ تي هليا ويا.
اُن گهر ۾ ئي مسجد نبوي ﷺ ۾ عمل ۾ ايندڙ ڪمن جي تڪميل ٿي، مواخات ۽ ڀائيچاري جا معاملا به گهڻو تڻو اُن ئي گهر ۾ طئي ٿيا.
اُتي ئي آقا ﷺ پنهنجي لاڏلي سفير، مبلغ ۽ سهڻي ساٿي سيدنا مصعب بن عمير کي سيدنا ابو ايوب انصاري جو ڀاءُ بنايو جنهن آقا ﷺ جي مديني آمد کان اڳ اوس ۽ خزرج جي وڏن کي اسلام ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ ڪامياب رهيو هو.
اُن گهر ۾ رهڻ جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ آقا ﷺ پنهنجن ٻچڙن کي اُتي گهرائي ورتو هو. آقا ﷺ جا گهر وارا اُتي ئي آقا ﷺ سان گڏ رهندا هئا. ٻنهي وڏين صاحبزادين جون شاديون ٿي چڪيون هيون. سيده زينبرضه پنهنجي گهرواري، سيده خديجهرضه جي ڀائيٽي ابوالعاص سان اڃا تائين مڪي ۾ رهي پئي هئي.
سيده رقيه سيدنا عثمان بن عفان جي زوجه مديني ۾ هئي. گهر ۾ سيده اُم ڪلثوم ۽ خاتون جنت، آقا ﷺ جي سڀني کان لاڏلي نياڻي سيده فاطمه هئي، زيد بن حارث ۽ سندس گهر واري اُم ايمن هئي. انهن جو پُٽڙو اسامه هو ، اتي ئي آقا ﷺ سان سندس پياو ڀائيٽو، ڀاءُ ۽ ٽيويهن ورهين جوسيدنا عليرضه به هو.
سيدنا زيد بن حارث ۽ سيدنا علي آقا ﷺ جي لاءِ روزي روٽي ڪمائيندا هئا ۽ آقا ﷺ نئين جنم وٺندڙ سلطنت اسلام جي ڀلائيءَ جي رٿن کي عملي شڪل ڏيندا هئا.
انهن ئي ڏينهن آقا ﷺ جي امير ناٺي سيدنا عثمان بن عفان کي خبر پئي ته وادي عتيق ۾ هڪ مِٺي پاڻي جو کوھ آهي
کوھ جو مالڪ هڪ يهودي آهي.
يهودي ته هر وکر تان پئسا ڪمائيندا هئا.
اُنهن ڏينهن جڏهن پاڻيءَ جهڙي خدائي نعمت ڪٿي به وڪرو نه ٿيندي هئي. اهو يهودي اڄ جي نيسلي ۽ ان جي ديکاديکي، سندس نقش قدم تي هلندڙ مسلمانن وانگر، پاڻي وڪڻندو هو. وڪڻندو به وڏي اگهه تي هو. مسلمانن سان ته سندس اصل ڪاريءَ وارو وير هو. کين تنگ ڪندو هو، انتظار ڪرائيندو هو ۽ ڪڏهن ته وري ٽاري به ڇڏيندو هو.
اُن کوھ کي هو سونَ جي کاڻ وانگر هلائي رهيو هو.
هڪ ڏينهن سيدنا عثمان بن عفان اُن يهوديءَ وٽ لنگهي ويو. هو پنهنجي وقت جو سڀني کان ڪامياب واپاري هو. نفعي نقصان جي بحث ۾ سيدنا عثمان بن عفان يهوديءَ کي الائجي ڪيئن راضي ڪري ورتو ته هو اهو کوھ کيس وڪرو ڪري ڏي.
کوھ جو نالو ”بيئرروما“ هو
اڄ ڪلهه جتي مسجد قبلتين آهي، اُن جي اتر ڏکڻ ۾ هو.
ان کوھ جي تاريخ به پراڻي هئي.
چون ٿا ته گهڻا سال اڳ، آقا ﷺ جي ولادت کان ستر سال اڳ، اُتي يمن جو بادشاھ آيو هو، تبع يمني، پهرين ته هو پنهنجي پٽ جي هڪ شهريءَ جي هٿان اتفاقي موت تي سڄي مديني کي ڊاهي پَٽ ڪرڻ تي سندرو ٻڌي بيهي رهيو. پوءِ هڪ يهوديءَ هٿ ٻڌي چيس، هي هنڌ آخري رسول ﷺ جي هجرت جي جاءِ آهي. هن جي بي حرمتي نه ڪريو.
اها ڳالهه هُن مڃي ورتي.
نه رڳو مڃيائين، پر رسول جي محبت ۾ اُتي کوھ به کوٽرايائين ته جڏهن اهو آخري رسول بَرحق اچي ته هو ۽ سندس ساٿي اُڃيا نه رهن.
هوريان هوريان يهودين اُن کوھ تي قبضو ڪري ورتو ۽ جڏهن آقا ﷺ ۽ سندس ساٿي اُتي آيا ته مٿن اُن کوھ جو پاڻي بند ڪيو ويو.
سيدنا عثمان بن عفان کي سودو ڪرڻ آيو ٿي.
وٽس پئسي ڏوڪڙ جي ته ڪا کوٽ نه هئي.
يهوديءَ پنهنجي جُوف ۾ جيڏي وڏي ٻولي لڳائي سگهيو، سيدنا عثمان اها منظور ڪري ورتي.
يهوديءَ 35 هزار درهم گهريا، جن مان اٺ نوَ سفيد ڏاچيون خريد ڪري ٿي سگهجيون. سيدنا عثمان مُرڪي اِهي ادا ڪري ڇڏيا ۽ سڄو کوھ مسلمانن لاءِ وقف ڪري ڇڏيو.
نه رڳو مسلمانن لاءِ پر هر انسان حيوان پکي ۽ پکڻ لاءِ
پاڻي وڪڻڻ جي رسم ختم ڪري ڇڏيائين.
آقا ﷺ کي خبر پئي ته دعا ڪيائين.. ڏاڍا خوش ٿيا.
مديني ۾ ٻيا به کوھ هئا.
هڪ کوھ جو نالو ”بيئر اريس“ هو،
اهو مسجد قبا جي اُتر اولهه ۾ هو
هڪ باغ جي چوديواري جي اندر
هڪ ڀيري اتي عجيب واقعو ٿيو
جيڪو تاريخ ۾ اُن ئي ترتيب سان ظاهر ٿيو
هيئن ٿيو، جو باغ ۾ وڻن جي ڇانوَ ۾ آقا ﷺ ان کوھ جي ڪنڌيءَ تي ٿي ويٺا.. پير کوھَ ۾ لڙڪائي.
ساڻس گڏ سيدنا ابوبڪر ويٺل هو.
سيدنا ابوبڪر جي پاسي ۾ سيدنا عمر بن خطاب به اچي ويٺا. سند سامهون سيدنا عثمان بن عفان به ويٺل هئا.
اُن وقت آقا ﷺ کي مهر نبوي پاتل هئي.
اُن وقت هنن جون ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون، سي ته تاريخ جي ڪنهن ڪتاب ۾ لکيل ڪونهن پر تاريخ شاهد آهي ته آقا ﷺ جي اها مُنڊي آقا ﷺ کانپوءِ سيدنا ابوبڪر جي هٿ جي سونهن بَڻي، جڏهن پاڻ پهريان خليفا ٿيا. پوءِ اهائي مُنڊي سيدنا عمر بن خطاب کي پائڻ جي سعادت حاصل ٿي، جڏهن کان پاڻ ٻيو خليفو بڻيو، پوءِ اهائي منڊي سيدنا عثمان بن عفان جي آڱر ۾ آئي. سندس خلافت جو ڇهون سال هو، جو اها منڊي ان کوھ ”بيئر اريس“ ۾ ڪري پئي.
ڏاڍي ڳولها ڪئي ويئي
ٽي ڀيرا کوھ جو پاڻي ڪڍيو ويو.
پر مُنڊي نه ملي.
پوءِ مُنڊيءَ کانسواءِ سيدنا عثمان بن عفان جي هٿ ۾ چڱي خاشي ڪامياب حڪومت ۾ سورش برپا ٿي ويئي، ان وڳوڙ ۽ هنگامه آرائيءَ ۾ سيدنا عثمان جو رت وهيو ، جيڪو سدائين جي لاءِ قرآن پاڪ جي صفحن تي محفوظ ٿي ويو، جيڪو ان گهڙيءَ تلاوت فرمائي رهيا هئا.
آقا ﷺ سيدنا ابوبڪر ۽ سيدنا عمر جو گڏ ويهڻ به تاريخ بنجي ويو. ٽيئي ساٿي اڄ به گڏ سُتا پيا آهن ۽ سيدنا عثمان ٿورو پر ڀرو جنت البقيع ۾.
مديني ۾ هڪ ٻيو ۽ اهم کوھ به هو.
”بيئر غرس.“
مسجد قبا کان اڌ ميل جي فاصلي تي
اُن کوھ جي پاڻيءَ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته اُن پاڻيءَ کي آقا ﷺ پيتو. ان جي پاڻيءَ مان آقا ﷺ ڪيترائي ڀيرا وضو ڪيو ۽ آقا ﷺ جي مبارڪ جسم کي ان ئي کوھ جي پاڻيءَ سان آخري غسل ڏنو ويو.
اڄ اهي ٽيئي کوھ وقت جي هٿان گم ڪيا ويا آهن.
سيدنا ابو ايوب انصاريءَ جو گهر به مسجد نبويءَ جي توسيع جو حصو بنجي چڪو آهي، ازواج مطهرات جا فقيراڻه حجرا به مسجد نبويءَ ۾ شامل آهن.
حضرت ابو ايوب انصاريءَ جو روضو اڄ به موجود آهي، قسطنطنيه، جنهن کي هينئر استنبول چيو ويندو آهي، اُتي ڇهاسي سالن جي ٻُڍڙي سيدنا ابو ايوب انصاريءَ کي ياد آيو ته آقا ﷺ ڇا فرمايو هو ، آقا ﷺ انهن فوجين جي لاءِ دعا ڪئي هئي، جيڪي سامونڊي سفر ڪري وڃي اسلام جي عظمت مٿاهين ڪندا. 55 هجري جو زمانو هو ، امير معاويه قسطنطنيه فتح ڪرڻ لاءِ هڪ بحري ٻيڙو موڪليو، سيدنا ابو ايوب انصاري اُن ۾ سپاهي بنجي ويو.
ڊگهي عرصي تائين قسطنطنيه جو گهيرو رهيو ، رومين جو قلعو ڏاڍو مضبوط هو، مسلمانن گهيرو ڪري رکيو، پر هو قلعي ۾ ڪو ڏار وجهي نه سگهيا.
سيدنا ابو ايوب انصاري ته اڳ ۾ ئي وڏي ڄمار سبب هيڻو ۽ ڪمزور هو، سو بيمار ٿي پيو، بَچڻ جي اميد نه رهي، اسلامي فوج جو سالار سندس خدمت ۾ حاضر ٿيو. سيدنا اُن دور ۾ شايد سڀني کان پراڻو صحابي هو ۽ سندس شرف به اعليٰ هو.
رسول الله ﷺ جو ميزبان
جنهن آقا ﷺ لاءِ سڀ کان پهرين پنهنجو دروازو اُپٽيو هو.
فوجي آفيسر ادب مان پنهنجي سپاهي سيدنا ابو ايوب انصاري کان پُڇڻ لڳو.
منهنجي لاءِ ڪهڙو حڪم آهي.؟
ڪا وصيت فرمايو،
سيدنا ابو ايوب انصاري چيو:
’جڏهن مري وڃان ته منهنجو جنازو دشمن جي علائقي ۾ جيترو به اندر کڻي وڃي سگهو کڻي وڃجو، پوءِ پنهنجي قوت جي آخري حد تائين مونکي دفنائجو.‘
سيدنارضه گذاري ويو.
اسلامي فوج جي سالارن اڇو جهنڊو کنيو. ’فليگ ٽيگ‘ سان سيدنا جو جنازو ڪُلهن تي رکيو ۽ قسطنطنيه جي سگهاري قلعي جي ديوار ڏانهن روانا ٿي ويا. قلعي جي دروازي تي بيٺا ۽ چيائون.
اڄ اسان پاڻ سان تلوارون نه آنديون آهن. پنهنجي هڪ بزرگ جو جنازو کڻي آيا آهيون ۽ سندس ئي وصيت موجب اوهانجي قلعي جي دروازي سان گڏ، ڀت جي هيٺان دفنائي رهيا آهيون. دفنائي اسين واپس پراڻي پوزيشن تي موٽي وينداسين.
پر هڪ ڳالهه ڪَن کولي ٻُڌو
جيڪڏهن اسانجي بزرگ، جيڪو اسانجي رسول ﷺ جو ميزبان به رهيو، اُن جي قبر جي اوهان ماڻهن ڪا بي حرمتي ڪئي ته ياد رکجو اسانجي وشال اسلامي مملڪت ۾ هزارين ديولون آهن، جيڪڏهن اوهان هِتي شرارت ڪئي ته پوءِ اسلامي رياست ۾ اسين ڪٿي به ناقوس وڄڻ نه ڏينداسين.
هو ڀلا ايترو رسڪ ڇو کڻن ها.
بلڪ اُبتي ڳالهه ٿي.
جڏهن به روم جي فوجين کي ڪا مُشڪل پيش آئي ٿي ته هو سِرڪندا اُن قبر تي اچي ويندا هئا.
دل ۾ جيڪا ڳالهه هوندي هُين.
جيڪا دعا گهرندا هئا.
اُهو، جنهن آقا ﷺ جي لاءِ پنهنجي گهر جو دروازو کوليو هو، کيس ڪنهن جي دعا کي الله جي چائنٺ تي منظور ڪرائڻ ۾ ڪهڙي تڪليف پيش اچي ٿي سگهي. رومين جون دعائون سندن دشمن سپاهيءَ جي قبر تي اچي پوريون ٿيڻ لڳيون. پهرين هُنن ئي سندس مزار کي ٺاهيو سينگاريو.
پوءِ وقت پاسو بدلايو
شايد رومين سوچيو، جنهن فوج جو ڪُراڙو سپاهي هتي دفن ٿي اسانکي برڪت ڏئي رهيو آهي، اُن سان ڪيئن وڙهون؟
ٿيو کڻي ڪجهه به
جنهن آقا ﷺ جي پذيرائيءَ ۾ پنهنجي گهر جو دروازو کوليو هو. الله ان جي جسم خاڪي جي صدقي، ان قلعي جو دروازو کولرائي ڇڏيو.
قسطنطنيه فتح ٿي ويو.
مسلمانن پنهنجي وقت جي سپر پاور سلطنت روم کي ڊاهي ڇڏيو.
مڃڻون ٿو پوي
دروازو کوليندڙ جي لاءِ ئي دروازا کلن ٿا. پوءِ سڀني کي چوڻون ٿو پئي.
”دروزو کُلي ٿو.“

مسجد نبويءَ جي اڏاوت

مسجد نبويءَ جي اڏاوت

زمين خريد ڪئي ويئي
سِڌي سَنئين ڪئي ويئي
پوءِ عمارتي سامان گڏ ڪيو ويو
عمارتي سامان وري ڪهڙو هو.
وڍيل کجين جي وڻن جا ڪجهه ٿَڙ
جن مان ٿنڀا ٺهڻا هئا.
کجيءَ جي وڻ جون ٽاريون ۽ اُنهن جا کليل هٿن جهڙا ڦڙها، ڀَرپاسي جي وارياسن پَٽن ۽ سلح جبل مان آندل پٿر.
۽ واريءَ جو ڍڳ
پاڻيءَ مشڪيزن ۾ ڀري آندو ٿي ويو.
مٽيءَ جو ڳارو ٺاهيو ٿي ويو
آقا ﷺ خود پنهنجن هٿن سان بنيادن جي نشاندهي ڪئي.
خدا پنهنجو حرم ٺهرائڻ مهل حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام کي ملائڪن جي هٿان موڪليل هوا مان ليڪ ڪڍرائي هئي. آقا ﷺ جي حرم ٺهڻ جو وقت آيو ته ان کي ’رياض الجنت‘ چئي جنت جي باغ جو درجو ڏئي پنهنجن ملائڪن جي حلق هوا جي سڄي سگهه، فيصله ڪُن قطعيت ۽ دسترس آقاﷺ جي اک کي لکي ڏني.
جتي جتي اشارو ٿئي،اهوئي جنت جو باغ .
پوءِ اُتي توسيع ته تمام گهڻي ٿي ۽ قيامت تائين ٿيندي رهندي، پر جيڪو ڀاڳ ان وقت جي بنياد تي جُڙيل مسجد جي ڀاڳ ۾ آيو. اُن جنت جي باغ تي سڄي جنت جو گلستان شرمائيندو، فخر ڪندو ته رڳو هي ئي جنت جو باغ سدائين جي لاءِ رهڻو آهي. ان وقت به جڏهن زمين جا جبل ڪپهه جي پُوڻين وانگر اُڏرندا ۽ آسمان ويڙهيا ويندا.
اهو ڪهڙو نه ڀاڳوان ڏينهن هوندو.
جڏهن مسجد جي بنياد جو پهريون پٿر آقا ﷺ پاڻ پنهنجن هٿن سان رکيو.
پاڻيءَ ۾ مٽي ڳوهي پهريون ڀيرو ڳارو به آقا ﷺ ئي ٺاهيو. اهي صندلي خوشبو ۾ رچيل مَرمرين هٿ، جن جي اشهد آڱر جي ٿوري اشاري سان آسمان جو چنڊ ٻه اڌ ٿي پيو هو ۽ اُن ئي هٿ جي جُڙڻ سان ڳنڍجي ويو هو. اهي خوش ادا هٿ جيڪي پريان بيٺل اُحد جبل کي اشارو ڪن ها ته اهو سڄو سون جو ٿي پوي ها ۽ غلام بنجي گڏ گڏ هلڻ لڳي ها.
پر آقا ﷺ کي ته پنهنجن پيروڪارن کي انساني حدن ۾ رهي. محنت جي علامت بنجي، لڳن، شوق ۽ فدا ڪاريءَ سان دنيا جي ٻاڙي ٻاڙي کي ’رياض الجنت‘ جهڙو معتبر ۽ پاڪيزه بنائڻو هو.
ڳارو بنجي ويو.
سيدنا ابوبڪر ۽ سيدنا عمر بن خطاب پٿر کڻي اچڻ لڳا.
عثمان بن عفان
۽
علي مرتضيٰ به گڏ هئا.
چون ٿا ته هنن ئي بنيادن ۾ آقا ﷺ جي رکيل پهرين پٿر سان گڏ هنن ئي پٿر جوڙي رکيا. پوءِ مٽيءَ سان ڀريل پاٽيون انهن جي مٿان هاريندا ويا.
سڄي بنياد ۾ پٿر لڳا.
سرون وارياسي مٽيءَ جون هيون
ڪنهن پرواني سرن جي قالب ۾ ڳوهيل وارياسي مِٽي وجهي سرن جا بلاڪ ٿي جوڙيا. ڪو وري ڳرا ڳرا پٿر کڻي ٿي آيو.
ڳريون سرون کڻڻ سان آقا ﷺ جي ڇاتي مبارڪ مٽي ۽ ڳاري سان ڀرجي وئي.
اهو ئي سينو جيڪو خدا جي برگزيده ملائڪن جي امام جبرائيل عليه السلام ٽي ڀيرا سڳورو آسماني پاڻي آڻي صاف ڪيو هو.
پر آقا ﷺ کي ته پنهنجي غلامن ۾ خدا جو غلام بنجي رهڻو هو. آقا ﷺ سرون کڻي ٿي آيا ته سرون هڻندڙ غلام سيد بلال بن رباح اِهي کڻي ڀت ۾ ٿي هنيون
اهو منظر به ڏسڻ جهڙو هو.
جڏهن غلام جي لاءِ مزدوري آقا ﷺ پاڻ ئي ڪري رهيا هئا.
اُتي قريشن جو پهلوان شير خدا امير حمزو به ڪم ۾ لڳل هو. جيڪو مڪي ۾ مور پَنک سجائي پاڻ تي ڪَک به نه سَھندو هو. اڄ مٽي ۾ ليٿڙيل سِرن مٿان سِرون رکندو پي ويو.اُتي ئي سيدنا عبدالرحمان بن عوف ۽ سيدنا زبير بن عوام به ڳارو ڍوئڻ، سِرون کڻڻ ۽ سرن مٿان سرون رکڻ ۾ لڳل هئا، جن جي مال ۽ اسباب سان ڀريل هزارين اُٺن جا قافلا هوندا هئا ۽ کين عربستان کان ٻاهر شام ۽ مصر، روم ۽ يمن جي چمڪندڙ مَنڊين ۾ راجڪمارن جهڙي شان ۽ مانَ سان ويهاريو ويندو هو.
اڄ اِهي پنهنجي آقا ﷺ جا غلام بنجي اسلام جي روح جي بدن، مسجد نبويءَ جي اڏاوت ڪري رهيا هئا. انهن ۾ مديني جي سڀ کان وڏي قبيلي خزرج جو سردار سعد بن عباده به گوڏن تائين گوڏ ٻڌي مٽيءَ جي چَلھي ۾ بيٺو مٽي ڳوهي رهيو هو، اوس جو سردار سعد بن معاذ اُنهي ڳاري کي تغارين ۾ وجهي مٿي تي کڻي هلي رهيو هو. هي مديني جا اِهي معززين ۽ طاقت جا مالڪ همراھ هئا، جن جي اک جي هڪ اشاري سان انهن قبيلن وارا تراڙيون اگهاڙيون ڪريو پيڙهين تائين جنگيون ڪرڻ، مرڻ ۽ مارائڻ جي لاءِ اُڀا ٿي ويندا هئا. اِهي اڄ ڪنڌ جُهڪايو سڪون ۽ اطمينان سان هڪ نئين انساني تهذيب ۾ ڀائيچاري جي محبت ۾ سرشار هڪٻئي جا ٻانهن ٻيلي بنيا بيٺا هئا.
مڪي جو سڀني کان خوشنما، سدائين خوشبوئن سان ٽٻٽار ڪپڙن ۾ رهڻ وارو، ڊگهن سُهڻن وارن وارو ۽ پنهنجي خوش ڪلاميءَ ۾ مِٺن ٻولن سان دلين کي ميڻ ڪندڙ نوجوان آقا ﷺ جو هم شڪل مصعب بن عمير مٽيءَ ۾ ڀڀوت ٿيو مٽي کوٽڻ جي ڪم کي لڳو پيو هو. آقا ﷺ جو پُٽيلو غلام زيد چئني ڏسائن ڊوڙندو پي وتيو. هن جي ڪلهن تي ڪنهن مهل ڳاري جي تغاري هئي ته ڪنهن مهل سِرون، اسعد بن زراره به اُتي ئي هو ۽ سندس سرپرستيءَ ۾ پلجندڙ سهل ۽ سهيل به هئا، جن کان آقا ڏيڍوڻي قيمت ڏيئي اها زمين خريد ڪئي هئي.
سڀ اُتي گڏ هئا.
ڪم ۾ جُنبيل هئا.
آسمان جي اک اهڙو نظارو نه ان کان اڳ ڏٺو هو ۽ نه ان کان پوءِ
ڪٿي ڏٺو.
ڏيکاريو.
عمار بن ياسر جنهن جي امڙ سيده سميه کي ابوجهل پيٽ ۾ نيزو هڻي ماري ڇڏيو هو. جيڪا پهرين شهيد خاتون آهي. ان جي مٿي تي ڪنهن وڌيڪ سرون رکي ڇڏيون. هو ڏاڍي تڪليف سان آقا ﷺ وٽان لنگهيو ۽ بدن جي سور کي مُرڪي ٽاري چيائين:
”آقا ﷺ لڳي ٿو ته هي مونکي ماري ڇڏيندا.“
آقا ﷺ مُرڪي ڪجهه سِرون هِن جي مٿي تان لاٿيون ۽ فرمايو
”نه توکي هي نه ماريندا
توکي مسلمانن جو هڪ باغي گروھ ماريندو.“
کيس ڪهڙي خبر ته ان مهل آقا ﷺ تمام ڏور جي ان دُکي زماني کي به ڏسي رهيا هئا.
اهو سڀ ڏسي سگهيو ٿي، جيڪو خدا ڏيکاريو ٿي، ڏسي ته آسمان به رهيو هو.
سڀ مزدور بڻيا، الله جي گهر، رسول الله ﷺ جي مسجد جوڙي رهيا هئا. سڀ ڪم ۾ ايترو ته خوش، مگن ۽ سرشار هئا، جو اُن خوشيءَ مان سُر آلاپي رهيا هئا.
هذا الحمال لا حمال خيبر
هذا اهر ربنا او اطهر
]هي بار خيبر جي کجين جهڙو ڪونهي،
پر، اي رب! تون ڄاڻين ٿو ته هيءَ پاڪيزه نيڪي آهي[
آقا ﷺ به سِرون کڻندي اهوئي رجز پڙهڻ ٿي لڳا، ڪڏهن صحابي اهو گنگنائڻ ٿي لڳا ۽ آقا ﷺ ساٿ ڏيڻ ٿي لڳا.
اللهم لا عيش الاعيش الاخره
فاغفر الانصار ولمها جره
] اي الله! زندگي ته آخرت جي زندگي آهي،
تنهنڪري تون انصارن ۽ مهاجرن تي رحم فرمائي[
ڳائيندي، مُسڪرائيندي، ڪم ۾ جنبيل پروانن جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان هو. هو اڪثر گڏجي ڳائڻ ٿي لڳا.
لئن قعد نا والنبي يعمل
لذالڪ منا الحمدل المضلل
]جيڪڏهن اسين ويٺا رهياسين ۽ نبي ﷺ ڪم ڪندو رهي ته اهو اسانجي لاءِ گمراهيءَ جو عمل هوندو[
ويهي ڀلا ڪير ها، جڏهن آقا ﷺ پاڻ ئي مِٽي ڍوئي رهي هئا.
هفتن جو ڪم ڏينهن ۾ ٿيڻ لڳو، اٺ اٺ فوٽ ڊگهيون ڀتيون کڄي ويون. اُترين ڀت جي وچ ۾ فلسطين واري پاسي اُمامت جو مُصلو ٺاهيو ويو. لڳ ڀڳ سئو فٽ ڊگهي ۽ نوي فوٽ ويڪري احاطي جي چوڌاري ڀت بنجي ويئي، جتي قصويٰ ويهي خدا جي حڪم سان پيٽ پٽ سان هنيو هو. اُتي مرڪزي دروازو بنيو.
باب جبرائيل عليه السلام
هينئر به اهو اتي آهي.
اُتان ئي جبرائيل عليه السلام ايندو هو.
ڇت ٺاهڻ جو وارو آيو.
کجيءَ جي وڻن جي ٿڙن جا ٿنڀا کڙا ڪري، مٿان کجيءَ جا ڦڙها وجهي وچ ۾ کليل هٿ جهڙن ٽارين وارن مهربان ٿڙن کي وجهي، انهن جي مٿان مٽي، ڇت ايتري اوچي جو هٿ مٿي کڄي ته ڇت کي لڳي.
هيٺيون فرش اُگهاڙو ۽ ڪچو هو
مينهن پوندو هو ته ڇت ٽُمڻ لڳندي هئي.
هيٺ فرش سڄو گَپ ٿي ويندو هو. هڪ ڀيري هڪ مسلمان جهوليءَ ۾ پٿريون کڻي آيون، جيڪي هن فرش تي وڌيون آقا ﷺ خوش ٿيا. ماڻهن پٿرين جا جهول ڀري اچي فرش تي وڌا ۽ مٽي لِڪي وئي. هاڻي نماز پڙهڻ مهل پٿريون چُڀڻ لڳنديون هيون. مينهن پوندو هو ته پاڻي بيٺو رهندو هو.
مسلمان مسجد ۾ مينهن جي پاڻي ۽ گَپ کان بچڻ جي لاءِ پنهنجي سلوار يا گوڏ گوڏن کان مٿي رکندا هئا، ته جيئن ڪپڙا خراب نه ٿين.
نماز شروع ٿيندي هئي ته سڀ وجد ۽ سرشاريءَ جي عالم ۾، آقا ﷺ مُصلي تي بيٺل هجي ۽ پويان پروانا ته پوءِ جسم ۽ جان روح ۽ بدن جو ڪهڙو حصو نه هوندو، جيڪو نه ٽٽندو هجي. اکين ۾ لڙڪ، دل ۾ محبت جا تير اُن کان وڌيڪ ٻيو ايمان جو ڪهڙو تاثير ٿي پي سگهيو.
دنيا کان بي خبر، اُنهن جي روحن جي پاڪيزه هلت آسمان تان لٿل ڪلام آقاﷺ جي دل مان نڪري زبان تي اچي، ٻُڌي ڪيئن نه جهومندو هوندو. اها سوچڻ جي ڳالهه آهي.
اهي ماڻهو ڪهڙا نه ڀاڳوان هئا،
مسجد جڙي ويئي،
ٺهڻ ۾ سَت مهينا لڳا.
ان سان گڏ ٻيا ڪم به ٿيندا رهيا.
هر مسلمان هڪ ڏينهن مسجد جو ڪم ڪندو هو، ٻي ڏينهن هو پنهنجي گذر سفر جي لاءِ مزدوري ڪندو هو. آقا ﷺ مڪي مان مهاجر ته گهرائي ورتا، پر ڪو به مهاجر ڪنهن تي بار بنجڻ نه ڏنو، نه انصاري ميزبانن تي ڪو دٻاءُ اچڻ ڏنو.
آقا ﷺ عظيم رٿابند ته هئا ئي.
ايندي ئي مهاجرن ۽ انصارن ۾ هڪ عجيب ڀائيڇارو قائم ڪري ڇڏيائون. ٻن ٻن مسلمانن جون جوڙيون بنائي ڇڏيون. ٻن مختلف قبيلن، شهرن جي ماڻهن کي ايمان جي جذبي ۽ اخوت ۾ ٻڌي هڪٻئي جو ڀاءُ بنائي ڇڏيو.
اُن کي ”مواخات“ جو نالو ڏنو ويو.

ڀائيچارو

ڀائيچارو

انساني تاريخ، مواخات يا ڀائيچاري جو انتهائي ڪامياب مثال مديني کانسواءِ ڪنهن ٻي هنڌ يا ڪنهن ٻي ليڊرشپ جي اثر هيٺ ڏيکارڻ ۾ صفا گونگي آهي.
اهو مواخات يا ڀائيچارو ڇا هو؟
ٻن ڌار تهذيبن، تمدن، شهرن، مختلف مزاجن، مختلف قبيلن، مختلف علم ۽ فن جي ماڻهن کي ٻُڙن وانگر هڪ ٻئي سان ايئن جوڙي ڇڏڻ، ڄڻ منڊيءَ ۾ ٽِڪَ .
ٻن ٻن ماڻهن جون جوڙيون
هڪ مدني انصاري ميزبان ، ٻيو مڪي مهاجر.
مڪي مان ڪُل پنجاھ جي لڳ ڀڳ مڪي مهاجر آيا هئا. گهرائڻ وارن جن اُماوس رات جو عقبه جي واديءَ ۾ بيعت ڪئي هئي. اِهي پنجهتر هئا، جن ۾ ٻه عورتون به شامل هيون.
آقا ﷺ هڪ ڀيري فرمايو هو.
جنهن وٽ ٻن ڄڻن جي کائڻ جي ماني هُجي ، اهو ٽي کي به پاڻ سان ويهاري ،
جنهن وٽ ٽن ڄڻن جي کائڻ جيترو کاڌو هجي، اُهو چوٿين کي،
جيڪو اڪيلو ويٺو کائي رهيو هُجي، اهو به ڪنهن کي پاڻ سان گڏي ويهاري ،
الله برڪت وجهندو.
مديني ۾ اڄ سوڌي اهائي برڪت جاري آهي،
مواخات ]ڀائيچاري[ جو سلسلو ڏکارن ڏينهن ۾ آقا ﷺ مڪي ۾ به لاڳو ڪيو هو. پر اُتي نه مسلمانن وٽ هڪٻئي جي کلم کلا مدد جو ڪو چارو هو، نه وري آزادي. اُتي قبائلي ٻنڌڻن ۾ ٻَڌل هرڪو پنهنجي بچاءَ جي ويڙھ وڙهندو رهيو. پر اُن مواخات به هڪٻئي جي ڀاءُ بنايل همراهن جي دلين کي ڳنڍي رکيو هو.
آقا ﷺ ته آيا ئي دلين کي ڳنڍڻ هئا.
مَن جي اندران قبائلي تعصب، نسلي متڀيد، هَٺ، غرور، وڏائي، ننڍي وڏي جو فرق، ريا ڪاري، تذليل کي مٽائڻ جي لاءِ ته آيا هئا.
برابري ۽ معاشي انصاف قائم ڪرڻو هو.
ماڻهن کي عزت نفس ڏيڻي هئي.
وکريل موتين جهڙن اُجرن ماڻهن جي عملن کي نيڪ نيتيءَ جي مادي سان ڌوئي پوئي هڪ لڙيءَ ۾ پوئي هار بنائڻو هو.
نوَ لکو هار..
جنهن جو هر ٻُڙو هيري وانگر چمڪي
۽ ٻين کي اُن جي ڪابه ڪُنڊ نه چُڀي
اهو رستي جي چراغ وانگر چمڪي
۽ ٻين کي واٽ ڏيکاري
اِهو هو منهنجي آقا ﷺ جي پيش نظر پنهنجي قوم جي لاءِ مطمع نظر. جيڪو خدا جي وحدانيت تي ڀروسو ۽ آقاﷺ جي رسالت، يوم آخرت تي يقين ۽ صالح عملن جي تلقين جي ڪري هڪ سرمدي پيغام بنجي ويو هو. اهوئي سڀني مسلمانن جو نصب العين هو.
ان مواخات ]ڀائيچاري[ صديون پراڻي تعجب ۽ ويڳاڻپ جي بُت کي ٽوڙي اجنبي ماڻهن کي سَڳن ڀائرن کان به وڏو درجو ڏيئي ڇڏيو.
مديني ۾ مواخات هجرت جي پنجين مهيني، مسجد نبويءَ جي اڏاوت جي ڏينهن ۾ ٿي. اُن تي گفتگو ته مسجد نبوي ۾ ٿيندي رهي، پر ڀائيچاري جو ٻنڌڻ سيدنا انس بن مالڪ جي گهر ۾ ٻَڌو ويو، ڪل 45 مهاجرن کي 45 انصارين جو ڀاءُ بنايو ويو. انهن مان ڪن جوڙين جا نالا هن ريت آهن:
سيدنا ابوبڪر سيدنا خارجه بن زيد
سيدنا عمر بن خطاب سيدنا عتبان بن مالڪ
سيدنا ابو عبيده بن جراح سيدنا سعد بن معاذ
سيدنا عبدالرحمان بن عوف سيدنا سعد بن ربيع
سيدنا زبير بن عوام سيدنا سلامه بن سلام
سيدنا عثمان بن عفان سيدنا اوس بن ثابت
سيدنا مصعب بن عمير سيدنا ابوايوب انصاري
سيدنا طلحه بن عبيد الله سيدنا ڪعب بن مالڪ
سيدنا بلال بن رباح سيدنا ابو رويحه
سيدنا عثمان بن مظعون سيدنا الهيشم بن تيصان
سيدنا مقداد سيدنا عبدالله بن روام
سيدنا ارقم سيدنا طلحه بن زيد
سيدنا عامر بن فهيره سيدنا حارث بن صمد
]رضوان الله عليه اجمعين[ ]اسيره النبويه، ابن هشام، فتح الباري[
آقا ﷺ سيدنا علي عليه السلام کي پنهنجو ڀاءَ بنايو، جيڪو هڪ يهوديءَ جي کوھ تي سڄو ڏينهن پاڻي ڀريندو هو ۽ شام جو کيس سورهن کجين جي جيڪا مزدوري ملندي هئي اُنهن مان اٺ کجيون اچي آقا ﷺ جي هٿ تي رکندو هو ۽ اٺ پاڻ کائيندو هو. مقصد اهو ٻُڌائڻ هو ته ڪيئن ڪمائين ٿا ۽ ڪيئن کائين ٿا.
مواخات جو اهو رشتو ايترو ته سگهارو، مضبوط ۽ عزت ڀريو مڃيو ويو، جو نسبي ۽ رت جي رشتن جي برابر سمجهي، اُن کي وراثت ۾ به حصيدار بنايو ويو. وراثت جو اهو حڪم بدر جي جنگ تائين قائم رهيو. پوءِ هر ايندڙ ڏينهن مهاجرين جي مالي حيثيت مستحڪم ٿيندي ويئي.
الله قرآن ۾ اُن انمول باهمي محبت تي پنهنجي تصديق جي مهر به هڻي ڇڏي.
”بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ هجرت ڪئي ۽ پنهنجن مالن ۽ جانين سان الله جي رستي ۾ جهاد ڪيو ۽ جن ماڻهن مهاجرن کي ٺڪاڻو ڏنو ۽ سندن مدد ڪئي اِهي ماڻهو هڪٻئي جا وڌيڪ حقدار آهن.“ (قرآن ڪريم)
قرآن ۾ اهو به فرمايو:
” ۽ جيڪي مهاجرن کان پهرين گهر ۾ رهيا ۽ ايمان ۾ (مستقل) رهيا، جيڪي هجرت ڪري وٽن اچن ٿا، انهن سان محبت ڪن ٿا ۽ جيڪي ڪجهه کين مليو اُن مان دل ۾ ڪجهه خواهش نٿا رکن ۽ کين پنهنجي جانين کان مقدم رکن ٿا، پوءِ ڀلي اهي گُهرجائو هجن ۽ جيڪو شخص نفس جي لالچ کان بچايو ويو ته اهڙا ماڻهو ئي مُراد ماڻين ٿا.“ ]قرآن سوره حشر 9[
قرآن ۾ هڪ ٻي آيت لٿي:
”۽ مهاجرن ۽ انصارن مان (ايمان ۾) اڳرائي ڪرڻ وارا ۽ جن چڱائيءَ سان سندن تابعداري ڪئي، انهن (سڀني) کان الله راضي آهي ۽ اهي کانئس راضي آهن ۽ انهن لاءِ باغ تيار ڪيا اٿس، جن جي هيٺيان نهرون وهنديون آهن، منجهن سدائين رهڻ وارا آهن. اها وڏي مراد ماڻڻ آهي.“ ]سوره التوبه 100[
سيدنا عبدالرحمان بن عوف جو مواخاتي ڀاءُ سيدنا سعد بن ربيع مالدار ماڻهو هو، چيائين اوهين منهنجي مال مان اڌ کڻو، منهنجون ٻه زالون آهن. جيڪا اوهانکي پسند اچي اُن کي طلاق ٿو ڏيان، عدت گذرڻ کانپوءِ اوهين ان سان شادي ڪري وٺجو. سيدنا عبدالرحمان بن عوف چيو ”منهنجا ڀاءُ! الله توکي مال ۽ عيال ۾ برڪت ڏي. مونکي رڳو بازار جو رستو ڏيکار.“
هو بازار مان واپس وريو ته هن وٽ ڪجهه پنير ۽ ڪڻڪ ساڻ گڏ هئي.
انصارن، مواخات کانپوءِ آقا ﷺ کي عرض ڪيو ، اوهين اسان جا کجين جا باغ مهاجرن ۾ ورهائي ڇڏيو.
پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو: نه
انصارن وري عرض ڪيو ته پوءِ هو اسان سان باغن ۾ هٿ ونڊائين. ڦل ۾ اسانجا شريڪ هجن. آقا ﷺ اها ڳالهه مڃي ورتي.
مڪي جي رهاڪن ۽ مديني وارن جي مزاج کانپوءِ اُٿي ويٺي ۽ رهڻي ڪهڻيءَ ۾ گهڻو فرق هو. مڪي واپاري پيشه هئا. صحرائن ۾ هلڻ وارا، رستن کان واقف، صحرائن جي سرن جا راز ڀائي، پهاڙي لَڪن ۽ چوٽين کان واقف، ڳالهين جا ڳهير، بازار جي هيٺ مٿاهين کان واقف، کين واپاري گُر ايندا هئا. پنهنجي هٿن سان ڪم ڪرڻ جا گهڻو ماهر نه هئا. هو نه هاري هئا، نه هنر مند. واجبي پڙهيل لکيل هئا، گهرن ۾ به انهن مردن جو راڄ هو. عورتن کي ڪا گهڻي عزت نه ڏيندا هئا. فيصلا پاڻ ڪندا هئا. گوشت خور وڌيڪ هئا. مڪي ۾ ڀاڄيون ۽ ميوات گهٽ ٿيندي هئي.
مديني جا رهاڪو محنتي هئا.
گهڻو تڻو ٻني ٻاري سان لاڳاپيل هاري.
هُنر مند، ڪوري، موچي،
تلوارون زرهون، ڍالون ۽ ٻني ٻاري جا اوزار ٺاهيندڙ
سون، چاندي ۽ موتين جا زيور، هار، هَس، پازيب
موسيقيءَ جا اوزار، دف، بئنسري، جانجهر ۽ دُهل
هُنن ۾ نفاست ۽ قرينو وڌيڪ هو. هو وڌيڪ مُهذب هئا.
مُهذب ۽ هنرمندن ۾ جڏهن شرافت به هجي ته انهن جو استحصال به ٿيندو آهي ، استحصال مديني وارن جو به ٿيندو هو. منڊي لڳندي هئي ته ٻين شهرن مان آيل واپاري قافلا، مديني جي بهترين صنعت، ميوو ۽ گل ڀڳڙن مٺ تي خريدي ڪنهن ٻي هنڌ کڻي وڃي وڪڻي، خوب ناڻو ڪمائيندا هئا.
مڪي واپاري جڏهن مديني جي انصارن جا ڀائر بنجي ويا ته هنن مديني جو اهو استحصال روڪي ڇڏيو. مديني وارن کي صحيح فائدي تي مناسب هنڌ تي مال وڪڻڻ جي سکيا ڏني، پاڻ به اڳيان وڌيا. ايئن اهو ڀائيچارو ٻنهي جي لاءِ فائدي وارو رهيو.
سڀني کان وڏي ڳالهه اها ته ڪوبه ڪنهن جو زير دست نه رهيو. نه ڪو پينو بنيو، نه ڪو بي گهر رهيو، هر ڪنهن تي ايترو بار وڌو ويو، جيترو هو سَهي سگهي.
مدينو هڪ قوم بنجي ويو.
انسان دوستي ۽ مهمان نوازيءَ جا اَڻ مٽ مثال قائم ٿي ويا.
هڪ رات هڪ بُکايل شخص مسجد نبوي آيو، آقا ﷺ کي چيائين، ڪيترن ڏينهن کان بُکيو آهيان. آقا ﷺ پنهنجي گهران معلوم ڪرايو ته کائڻ لاءِ ڪجهه بچيل آهي. جواب مليو نه ، پوءِ آقا ﷺ اُتي موجود مسلمانن کي چيو ته ڪو کيس پنهنجي گهر وٺي وڃي ماني کارائي سگهي ٿو.
سيدنا ابو طلحه انصاري ان کي پنهنجي گهر وٺي ويو.
گهر وڃي خبر پيس ته ماني ته آهي، پر صفا ايتري جو ٻارن کي ئي کارائي سگهجي ٿي. سيدنا ابو طلحه زال کي چيو ته جيڪو به آهي اهو تيار ڪري وٺ. ڏيئو ٻار، اُنهن ڏينهن ڏيئا رات جو مهمانن جي لاءِ ئي ٻاريا ويندا هئا. ماني ٺهي، ٻارن کي پرچائي ماترائي بُکيو سمهاري ڇڏيائون. پوءِ ڪنهن بهاني سان ڏيئو رڳو مهمان جي اڳيان رکي پاڻ اونداهيءَ جي اَڏ ۾ ويهي خالي ٿانون ۾ هٿ وجهندو ۽ وات هلائيندو رهيو. پاڻ هڪ گرهه به نه کاڌائين ۽ مهمان کي ڍؤ ڪري کارايائين. (بخاري)
اهو هو اخلاص.
اهو انصارن جو اسلام ، مسلمانن ۽ آقا ﷺ سان گڏ آيل مهاجرن جي لاءِ قربانيون. اُن حد تائين جو پنهنجن ٻچڙن جي وات جو گرھ کسي به انهن کي ڏنائون. مهاجرن جي دلين مان غربت، اوپرائپ، وحشت ۽ عدم تحفظ جو سڄو احساس نپوڙي ورتائون، سندن دليون جيتي ورتائون، روحن کي روشن ڪري ورتائون. الله کي خوش ڪري ڇڏيائون.
ان جو الله به قرآن ۾ اقرار ڪيو،
”هو ٻين کي پاڻ تي ترجيح ڏيندا آهن، توڻي کين جو احتياج به هوندو آهي“ ]سوره حشر-9[
مهاجرن ۽ انصارن جي وچ ۾ مواخات جي ڪري جيڪو ٻَنڌڻ ٻَڌو ۽ اڻ مٽ تعلق ۽ ڀائيچارو جُڙيو، اهو نسلن تائين هلندو رهيو. جيتوڻيڪ خيبر جي جنگ کان پوءِ هڪ سڄو نخلستان، محلاتن سان ڀريل، قلعن تي ٻڌل شهر، مسلمانن جي قبضي ۾ اچڻ کانپوءِ نه ڪو مهاجر ۽ نه وري انصار ، علمي طور تي ڪنهن جو محتاج رهيو ۽ نه غريب.
خدا جو وعدو ڪيل آهي.
ڏکن کانپوءِ سُک آهن.

ٻانگَ

ٻانگَ

نماز جي مهل ٿيندي هئي ته نمازي اچي ويندا هئا.
جيئن ته شروع ۾ سڏڻ جو ڪو طريقو مُروج نه هو، تنهنڪري ڪو جلدي اچي ويندو هو ته ڪو دير سان.
آقا ﷺ سوچڻ لڳا ته ڪهڙي تدبير ڪجي.
ڪن صلاح ڏني ته ناقوس (گهنڊ) وڄائي سڏيو وڃي
اهو آقا ﷺ کي نصارن (عيسائين) جو طريقو لڳو.
ڪن صلاحيو ته سَنگا وڄائينداسين ته سڀ نمازي گڏ ٿي ويندا.
آقا ﷺ کي پسند نه آيو. اهو يهودين جو طريقو هو.
آقا ﷺ سوچيو ته اُن جو ٻيو حل ڇا هئڻ گهرجي.
خدا تصديق فرمائڻ کان اڳ آقا ﷺ جي ٻن غلامن کي خواب ۾ سڏڻ جو طريقو ڏيکاريو.
اها هجرت جي پهرينءَ سال جي ڳالهه آهي.
عبدالله بن زيد انصاري خزرجي هڪ خواب ڏٺو
ڏٺائين ته ڪو ناقوس کڻيو پيو وتي
پويان ڀَڳس
پُڇيائينس
وڪڻندي؟
جنهن شخص کي هٿ ۾ ناقوس هو، تنهن کي سائي چادر اوڍيل هئي.
چيائين ڇا ڪندي؟
عبدالله بن زيد چيو: ماڻهن کي نماز جي لاءِ سڏڻ لاءِ وڄائيندس.
سائي چادر واري همراھ چيو
توکي اُن کان سٺو طريقو سُڻايان
عبدالله وراڻيو: هائو.
اُن خواب ۾ عبدالله کي سڄي اذان (ٻانگ) ٻُڌائي.
آخري ”الله اڪبر“ تي اک کلي پيس.
اَلل وهاڻي هئي.
رات مري رهي هئي.
هو تڪڙو تڪڙو مسجد نبويءَ ۾ آيو ۽ آقا ﷺ کي سَڄو خواب سُڻايائين. آقا ﷺ ڌيان سان ٻڌو
ٻُڌي مرڪي فرمايائين
”انشاء الله تنهنجو خواب سچو آهي.“
بلال کي سڏيائين
فرمايائون هن سان گڏ بيهه
هي جيڪو ٻُڌائي تون اُهو وڏي آواز ۾ چوندو وڃ، تنهنجو آواز سُريلو ۽ وڏو آهي.
ايئن ئي ٿيو .
اها پهرين يادگار صبح هئي.
بلال مسجد وٽ بيٺل هڪ کجيءَ جي وڻ تي چڙهيو. هيٺ عبدالله بن زيد انصاري هوريان هوريان چوندو ويو ۽ سيدنا بلال وڏي سڏ اهو ئي چوندو ويو.
مديني جي گهٽين ۾ بلال جي آواز ۾ اها پهرين ٻانگ ٻُرائي.
الله اڪبر
الله اڪبر
اشهد ان لاالھ الا الله
اشهد ان لاالھ الا الله
اشهد ان محمد رسول الله
اشهد ان محمد رسول الله
حي الصواة حي الصلواة
حي الفلاح، حي الفلاح
الله اڪبر، الله اڪبر
لاالھ الا الله.
مديني ۾ جڏهن هوا پهريون ڀيرو اهو آواز کڻي اُڏري ته سڀ کان پهرين جنهن جي اک کُلي اُهو سيدنا عمر بن خطاب هو.
هو ڇرڪيو
اِهوئي آواز، اِهي ئي لفظ ته هن ڪجهه گهڙيون اڳ خواب ۾ ٻُڌا هئا ۽ ڪو چئي رهيو هو.
هي سڏ ڏئي ماڻهن کي نماز جي لاءِ سڏيو
هو ششدر- حيران
ڪنهن سپني جي ساڀيان ايئن گهڙي پل ۾ ٿي وڃي ٿي.
پاڻ ڊوڙندو مسجد نبوي ۾ ويو
بلال، اڃا کجيءَ جي وڻ تان لٿو ئي نه هو ته سيدنا عمر بن خطاب پنهنجو خواب به ٻڌايو.
آقا ﷺ مُرڪيا.
شايد آقا ﷺ ڊوڙندي آيل سيدنا عمر جي ناهموار ساهن، ڌنوندڙ ڇاتي ۽ اکين جي جوت مان اندازو لڳائي ورتو هو ته هو ڪيترو نه تکو ڊوڙندو آيو هو.
ڪجهه گهڙيون آقا ﷺ مُرڪندا رهيا.
پوءِ فرمايائون
عمر، جبرائيل عليه السلام توکان تکو آهي.
هو، اُن جي تصديق ڪري ويو آهي.
نماز جي اُمامت جي لاءِ بيهي ٻانگ جي هڪ واڌو سٽ ٻه ڀيرا چئج
قدقامت الصلواة
قدقامت الصلواة
خواب ۾ ڏٺل سڳوري هستيءَ، جنهن کي ٻه سايون چادرون اوڍيل هيون ۽ هٿ ۾ ناقوس جهليل هئس، اُن ئي اهو ٻڌايو هو.
ناقوس عيسائين جي علامت آهي.
ٻه سايون چادرون آقا ﷺ جي پيروڪارن جي .
خواب ۾ جنهن هستيءَ ٻانگ ٻڌائي هئي، منهنجي خيال ۾ سيدنا ابن مريم عليه السلام حضرت عيسيٰ عليه السلام ئي هوندا. جنهن آقا ﷺ جي اچڻ جي بشارت ڏني هئي. گذريل سڀني نبين مان فقط هڪ کيس ئي ٻيهر اچڻو آهي. ۽ اهو ئي چوڻو آهي، جيڪو ٻانگ جو مغز آهي.
اشهد ان لاالھ الا الله
اشهد ان لاالھ الا الله
کيس لهڻو به آسمان مان هڪ مسجد جي اَذان واري مينار تان آهي.
دمشق جي جامع مسجد ۾
اهو هِن عاجز جو خيال آهي. ڪو مڃي يا نه مَڃي.
فجر جي ٻانگ ۾ هڪ سٽ جو وڌارو هڪ معتبر غلام جو آهي، سيدنا بلال ابن رباح جي اها رٿ هئي، جيڪا آقا ﷺ منظور فرمائي
الصلواة خير من النوم
نماز ننڊ کان بهتر آهي
هڪ غلام کان وڌيڪ ننڊ جي اهميت جي ٻي کي ڪهڙي خبر،
غلام کي سُمهڻ ڪير ٿو ڏي
ڀلا ٿورو سچ ته ٻڌايو، جڏهن هڪ غلام پنهنجي ننڊ تي ڪنهن ٻي شئي کي اهميت ڏي
ٻُڌايو
رٿ ڏي، سندس اها راءِ ڪيڏي نه ڀروسي جوڳي هوندي.
اهو جنهن صحرا جي تپندڙ پٿرن کي پنهنجي ننگي بُت تي سَٺو هجي، جنهن وزني پٿرن کي وزن کي پنهنجي مٿان برداشت ڪيو هجي، اهو به صحرا جي گرم تپندڙ واريءَ تي، سوا نيزي سج جي هيٺان، سندس نڙي سڪي ٿي ويئي، پر جڏهن به ڪو ساھ ٻاهر ٿي نڪتو ته زندگي ۽ موت جي تصديق ڪرڻ وارن جي ڪنن تي فقط هڪ لفظ پوندو هو.
احد
احد
الله هڪ آهي.
۽ ٻيو ڪجهه به نه .
سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي.
جيڪڏهن کيس اهو انعام نه ملي ها ته ٻيو ڪنهن کي ملي ها.
پنهنجي وڏائي ۽ عظمت جي نالي سان گڏ، پنهنجن ٻانهن کي گهرائڻ لاءِ هِنَ غلام کي نه ڌُڻي ها ته ٻيو ڪنهن کي ڌُڻي ها؟
آقاﷺ اُن ڪري اسلام جي پهرين ٻانگَ جا لفظ سيدنا بلال بن رباح جي انهن چپن مان ادا ڪرايا، جن زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي به پنهنجن سڀني ساهن ڀريل زندگيءَ کان بي نياز ٿي خدا جي عظمت مڃرائي هئي.
هُن اُن سڄي ڪيفيت مان گذري ،
انهن سڀني منزلن مان لنگهي سمجهه ۾ اچي ٿي
هنن ٻن لفظن جي ڪهڙي معنيٰ آهي.
”الله اڪبر“
هجرت جي پهرينءَ سال آسمان مان هڪ ٻيو حڪم به نازل ٿيو
پهرين فقط رڪعتون نماز فرض هئي.
هر ڪنهن تي
هر نماز ۾
حڪم آيو ته جيڪو رهي ٿو، هڪ بستي ۾ ترسيل آهي، اهو فجر ۽ سانجهيءَ کانسواءِ ٻن جي بدران چار رڪعتون فرض پڙهي.
سفر ۾ پراڻيون ٻه رڪعتون نماز جي سهوليت برقرار رهي.
خدا ته سفر ۾ سهوليت جو قائل آهي.

ميثاق مدينه

ميثاق مدينه

ڪو گهر هُجي، وستي هجي، ڳوٺ هجي، رياست هجي يا مملڪت، اها سٺي نموني عدل، برابري ۽ خير سگاليءَ سان هلائڻ جي لاءِ ڪجهه بنيادي اصولن کي اختيار ڪرڻو پوي ٿو. ڪجهه نه ڪجهه طئي ڪرڻو پوي ٿو ته جڏهن ڪا غير معمولي صورتحال پيش اچي، ڪا فيصلي جي گهڙي اچي ته ڪنهن جو فيصلو هُجي.
ماڻهن جو پاڻ ۾ لڳ لاڳاپو ڪيئن هوندو؟
اُن جو بنياد ڪهڙو هوندو
ڪنهن جا ڪنهن تي ڪهڙا حق هوندا.
سڀني کي ڪهڙا فرض ادا ڪرڻا پوندا.
امن ۽ آشتيءَ جي لاءِ ڇا ڇا ڪرڻو پوندو.
ڏوھ ٿيندو ته سزا ڪهڙي هوندي. فيصلو ڪير ڪندو. عدالت جو طريقي ڪار ڪهڙو هوندو، هر ڪنهن کي پنهنجي ريتن رسمن، پسند، مذهب ۽ ديني معاملن کي ڪنهن ڊپ ڊاءُ کانسواءِ آزاديءَ سان ڪيئن سرانجام ڏيڻو پوندو. لڙائي ۽ صلح جو منظر نامو ڪهڙو هوندو. حليفن سان تعلق ۽ دشمن سان ڇيڙي نبيري ڪيئن ڪجي، سڄي بستي ۽ رياست جي بچاءِ لاءِ گڏيل خرچ ڪيئن هوندو.
ڇا مدني رياست جا ماڻهو هڪ قوم سمجهيا ويندا؟
اِهي بنيادي سوال هئا، هزارين سالن کان پوءِ به ڪنهن جديد رياست جي آئين جا بنيادي نقطا سمجهيا ويندا آهن. اڄ جي ڪنهن به رياست جي مقابلي ۾ مديني جي نئين مملڪت کي انوکا چئلينج هئا. هونئن ته ٻه بنيادي طبقا هئا. مهاجرن جي وڃڻ کان اڳ، هڪ عربَ ]اوس ۽ خزرج[ جيڪي گهڻو ڪري شهر ۾ اندر رهندا هئا. ٻيا يهودي جيڪي اڪثر شهر جي آسپاس رهندا هئا. تعداد ۾ اهي لڳ ڀڳ هڪجيترا هئا ۽ هڪٻئي جا حليف هئا. مهاجرن جي وڃڻ سان هڪ ٽيون طبقو پيدا ٿيو. ان طبقي کانسواءِ مديني جي عرب ماڻهن ۾ به ٻه حصا ٿيا، هڪڙو اڪثريتي مديني جو عرب حصو ته مسلمان ٿي ويو، اُن ۾ اوس ۽ خزرج ٻنهي قبلين جا ماڻهو هئا. ڪجهه مُشرڪ ئي رهيا مديني ۾ به. جيتوڻيڪ انهن جو ڏينھون ڏينهن تعداد گهٽبو ويو، پر اُنهن ۾ منافقن جاءِ پيدا ڪري ورتي. هاڻ اُن منجهيل صورتحال ۾، مديني جي انهن مڙني طبقن کي بنا ڪنهن جهيڙي جهٽي ۽ بحث مباحثي جي هڪ اهڙي آئين تي متحد ڪرڻو هو، جنهن ۾ رياست جي سربراهي، ان مملڪت جي سڀ کان گهٽ اڪثريتي گروھ جي سرپئنچ جي هٿ ۾ هُجي، جنهن وٽ رڳو پنجاھ ماڻهو، پنج سئو ڪلوميٽر پري مڪي شهر کان آيا هجن، اها ڪيڏي نه نئين ڳالهه هئي.
پر اها هاڻ نئين ڳالهه ٿيڻي هئي،
هجرت کي ٿيندي اڃا پنج مهينا ٿيا هئا.
مديني جو دستور بنجي ويو
جنهن کي ”ميثاق مدينه“ چيو وڃي ٿو.
اُنهن ڏينهن اڃا مسجد نبويءَ جي اڏاوت جاري هئي.
انهن ئي ڏينهن مسلمانن جي اندر پاڻ ۾ ڀائپيءَ جو سونهري ”مواخات“ جو معاملو به طئي ٿيو هو. اُن مواخات جي ريت پوڻ سان به شايد مديني جي ٻين ٻنهي طبقن، غير مسلم عربن ۽ يهودين سوچيو هجي ته اسين به ڪنهن دستور ۾، ڪنهن ميثاق تحت سلامتي ۽ امن مان فيضياب ٿيون.
اُن معاهدي ۾ ڪُل 41 فقرا آهن.
اهو معاهدو ٻن حصن ۾ لکيو ويو.
پهريون حصو مسلمانن ۽ غير مسلمان عربن جي وچ ۾ نظر ٿو اچي،
ٻي حصي ۾ تفصيل سان يهودين جو ذڪر آهي.
ٿي سگهي ٿو ته ٻئي حصا ڌار ڌار وقتن تي لکيا ويا هجن ۽ پوءِ هڪ وڏي ”ميثاق مدينه“ جو حصو بنجي ويا هجن. بهرحال اُن سڄي ميثاق مدينه ۾ مديني جي هر ذڪر جوڳي قبيلي جو نالو لکي، ان جي حقن ۽ فرض کي لکيو ويو آهي ۽ پڇاڙيءَ ۾ سڀني ڌرين جون شاهدن سميت صحيحون ورتل آهن.
”ميثاق مديني“ جي اهم فقرن جو ذڪر ڪنداسين ته سڀني کان اهم ڳالهه اها هئي ته جن ماڻهن آقا ﷺ کي رسول الله ﷺ ڪري نٿي مڃيو، مُنڪر هئا يا يهودي، انهن به ميثاق مدينه ۾ تحريري طور تي آقا ﷺ کي رسول الله ﷺ جي خطاب سان تسليم ڪري ورتو، نه رڳو اهو پر هُنن اقرار ڪيو ته ڪنهن به تڪراري ۽ فيصلي طلب صورتحال ۾ اهي آخري فيصلي جي لاءِ پاڻ سڳورن ڏانهن رجوع ڪندا، جنهن جو هر فيصلو آخري هوندو ۽ سڀني ڌرين جي لاءِ قبوليت جوڳو.
اُن معاهدي جي ٻي اهم ڳالهه جيڪا ان معاهدي جو پهريون فقرو بڻي، اها هيءَ ته مديني جا سڀئي ماڻهو مسلمان ۽ غير مسلمان عرب، سڀني يهودي قبيلن سميت هڪ قوم تصور ڪيا ويندا ۽ سڀئي هڪٻئي جي جان، مال، عزت، آبرو ۽ ڪنهن غير مدنيءَ جي جارحيت جي لاءِ هر مهل تيار، گڏ ۽ اثرائتي انداز ۾ وڙهندا ۽ لڙائيءَ جو خرچ سڀئي گڏجي برابريءَ جي بنياد تي ڀريندا.
اهو به طئي ڪيو ويو ته ڪير به مڪي جي قريشن کي پناھ نه ڏيندو ۽ نه ئي انهن جي هٿان استعمال ٿي فتني فساد کي هوا ڏيندو.
هر ڌر کي پنهنجي مذهبي، ثقافتي، تمدني ۽ تهذيبي رسمن ۽ رواجن موجب آزادي سان ۽ پنهنجي مرضيءَ موجب ادا ڪرڻ جي اجازت هوندي. ڪوبه ڪنهن جي مذهبي يا سماجي معاملن ۾ رڪاوٽ نه بڻبو.
پاڙيسريءَ کي پنهنجي برابر سمجهيو ويندو، نه کيس ڪو نقصان رسايو ويندو ۽ نه ڪو ساڻس ڏوهاري عمل يا سلوڪ ڪيو ويندو.
انساني زندگيءَ جو وقار قائم رهندو.
جان ۽ مال جو تحفظ حاصل هوندو.
ڏوھ ڪرڻ تي هر ڪنهن ڌر جي پنهنجن اصولن ۽ پنهنجي پنهنجي ڪتاب موجب سزا ۽ جزا ڏني ويندي.
اهو باڪمال آئين ايتري ٿوري وقت ۾ جُڙي به ويو ۽ لاڳو به ٿي ويو.
سڀني کان خوش ڪندڙ ڳالهه هيءَ هئي ته ”ميثاق مدينه“ جو مسودو هيئن ٿو شروع ٿئي:

بِسم الله الرّحمٰن الرَّحِيمِ
1. هيءَ لکت محمدﷺ الله جي نبي طرفان آهي، جيڪو الله جو رسول آهي. قريشن جي مومن ۽ مسلمانن ۽ يثرب جي رهاڪن جي وچ ۾ ۽ جيڪي سندن تابع آهن ۽ ساڻن جُڙيل ]الحاق[ آهن، ۽ ڪوشش ۽ جدوجهد ۾ ساڻس گڏ آهن.
2. اهو ته سڀ، انسانن جي مقابلي ۾ هڪ اُمت هوندا.
سڀني مامرن بابت پورا 41 فقرا آهن. امن ۽ جنگ جي حالتن ۾ سڀ ڌُريون عدل، مساوات تي ٻڌل حقن ۽ فرضن جو احاطو ڪن ٿيون. اُن عھدنامي ۾ آقاﷺ پنهنجي ذات مبارڪ کي ڪا ڌر نه بنايو، پر سرپرست اعليٰ جي حيثيت ڏني. هڪ مرڪزي شخصيت مڃرايو، جيڪو تڪرار ۽ جهيڙي جي حالت ۾ آخري فيصلي ڪرڻ جو حقدار هُجي، جنهن کانپوءِ ڪٿي، ڪو اپيل جو حق نه هجي.
اهو دنيا جي تاريخ ۾ ڪنهن به رياست جي بنيادي حقن جو پهريون لکت ۾ دستاويز آهي. اهو سڄو عھدنامو ’ابن اسحاق‘ ۽ ’ابن هشام‘ پنهنجن ڪتابن ۾ لکيو آهي، تنھنڪري هتي ميثاق مدينه جو سڄو مَتن نٿو ڏجي. البت ’ابن اسحاق‘ جي هڪ ڳالهه لکندس.
”رسول الله ﷺ هڪ تحرير لکي، مهاجرن ۽ انصارن جي وچ ۾، اُن ۾ يهودين به مصالحت اختيار ڪئي ۽ ساڻن معاهدو ڪيو، کين سندن ئي دين تي قائم رکيو ويو. سندن جيڪو مال ۽ ملڪيت هئي، اها وٽن ئي رهي، ڪجهه شرط کين مڃرايا ۽ سندن مڃيا.“
آقا ﷺ انساني تاريخ کان اهو مڃرائي ورتو ته دنيا جو سڀ کان وڏو قانون دان به هو ئي آهي. جيڪڏهن تاريخ جي يادگيريءَ ۾ ڪو ٻيو آهي ته ڀَلي ٻڌائي.

حجرات

حجرات

هجرت جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ آقا ﷺ پنهنجي سڀ کان پياري غلام زيد بن حارث کي مڪي موڪليو ته جيئن هو سندس ٻارڙين ۽ گهر واري سيده سودو کي وٺي اچي، سانئڻ خديجه جي چالاڻي کانپوءِ آقا ﷺ گهر ۾ ننڍڙين ٻارڙين جي سار سنڀال لاءِ سيده سوده سان نڪاح ڪيو هو. اها مڪي ۾ 11 نبوي جي ڳالهه آهي. آقاﷺ کي ته سفر ۾ رهڻو پوندو هو، ڇھن مهينن جي لاءِ طائف ويا. زخمن سان چور ٿي واپس وريا، اُن کانپوءِ به آقا ﷺ هر هنڌ، هر ميدان، ميڙي،بازار ۾ جتي به ٻُڌندڙ هوندا هئا، پنهنجو حق جو پيغام ٻڌائيندا هئا.
سيده سوده بن زمعه شاديءَ جي وقت آقا ﷺ کان به وڏي هئي.
آقا ﷺ جي عمر ايڪونجاھ سال ۽ سيده سودو سٺ سالن جي هئي.
بني عامر بن لوئي سان واسطو هئس. اسلام جي شيدائڻ هئي. حبشه جي ٻي هجرت ۾ پنهنجي خاوند سيدنا سڪران بن عمروءَ سان گڏ ويئي هئي. اُتي سندس مڙس گذاري ويو. سندس مڙس جو ڀاءُ اهو ئي مُشرڪ سهيل بن عمرو هو. بيوهه ٿي هوءَ ٿڪي ٽُٽي پنهنجن پنجن ڇھن ٻارڙن سميت مڪي آئي.
سيدنا خديجه جي ڀائيٽي خوله بنت حڪيم، جيڪا درويش راهب نما مسلمان سيدنا عثمان بن مظعون جي زال هئي، هُن آقا ﷺ کي سيده سوده سان پرڻجڻ جي رٿ ڏني.
آقا ﷺ کي پنهنجي ٻارڙين جي سار سنڀال لاءِ هڪ سُلڇڻي ۽ نيڪ فطرت عورت جي ضرورت هئي. ته جيئن پنهنجي گهر جون ذميداريون اُن جي حوالي ڪري آقا ﷺ پنهجو مشن جاري رکي سگهي.
آقا ﷺ هائوڪار ڪئي.
اُن دوران سيده خوله بنت حڪيم، آقا ﷺ جي سيدنا ابوبڪر جي ارڙهن سالن جي نياڻي سيده عائشه سان نسبت جي ڳالهه به ڪئي. سيده عائشه اڳ ۾ مطعم بن عدي، جنهن اُنهن ڏينهن آقا ﷺ کي پناھ ڏني هئي، جي پٽَ جبير بن معطم سان منسوب ٿيل هئي. انهن جي مڱڻي به ٿيل هئي. جبير بن مطعم جي عمر به چاليهن سالن کان مٿي هئي. ’دارلندوه‘ جو رڪن هو. سيدنا ابوبڪر ته سچو، امين ۽ وعدي جو پڪو هو. پهرين مطعم بن عدي جي گهر ويو.
شادي جي ڳالهه چوريائين.
خدا جي ڪرڻي جو مطعم بن عديءَ جي زال پاڻ ئي پٺتي هٽي ويئي.
چيائين، تون منهنجي پُٽ کي پاڻ جيان بي دين ”صابي“ بنائي ڇڏيندين، تنهنڪري هاڻ اُن ڳالهه کي ڇڏيو.
سيدنا ابوبڪر خوشيءَ سان سيده عائشه جي مڱڻي آقاﷺ سان ڪري ڇڏي. نڪاح هجرت کان لڳ ڀڳ اٺ مھينا پوءِ ٿيو، جڏهن سيده جي عمر لڳ ڀڳ ارڙهن يا اوڻيهه سال هئي. پراڻن ڪتابن ۾ سيده عائشه جي شاديءَ جي وقت عمر گهٽ لکڻ جي جيڪا انتهائي ڀوائتي ۽ اعتراضن جوڳي غلطي ڪئي وئي آهي، اهو منهنجي آقاﷺ تي هنيل سڀ کان گهٽيا الزام آهي.
صحيح بخاري ۾ سيده عائشه جي حوالي سان لکيل آهي ته جڏهن اسلام اسانجي گهر آيو ته مونکي مڪمل هوش هو. ڀلا ٻارڙيءَ کي چئن يا پنجن سالن کان اڳ جي ڳالهه ياد ڪٿي ٿي رهي. جيڪڏهن اُن وقت عمر چار يا پنج سال به لڳايو ته مڪي جي تيرهن سالن جي زندگيءَ ۾ سيده عائشه تيرهن سالن جي ٿي ويئي. پنجن سالن جي هئي ته اُن وقت عمر ارڙهن سال هوندي. پوءِ ست اٺ مھينا هجرت کانپوءِ ته شادي جي وقت ڪيتري عمر هوندي؟
ٻيو ته جڏهن سندس مڱڻي چاليهن سالن کان به وڏي جبير بن مطعم سان طئي ٿيل هئي ته ڇا ان جو مطلب اهو ڪونه ٿيو ته ان وقت سندس عمر ايتري هوندي، جنهن ۾ شادي ڪري سگهبي آهي. تنهن کان سواءِ ڪراس چيڪ ۾ به خبر پوي ٿي ته سيده عائشه پنهنجي وڏي ڀيڻ اسماءَ کان ڏھ سال ننڍي هئي ۽ اهاڳالهه به طئي آهي ۽ ڪتابن ۾ لکيل آهي ته هجرت وقت سيده اسماءَ ستاويهن يا اٺاويهن سالن جي هئي. هاڻ رڳو اهي ڪجهه روايتون رهن ٿيون ته سيده شادي کانپوءِ به رانديڪن سان کيڏندي هئي.
رانديڪن سان راند رهڻ جي عمر جي ته ڪا حد مقرر ڪونهي.
جنهن جي مرضي ڪهڙي به وهيءَ ۾ رانديڪن سان کيڏي .
پوءِ جن معصوم ۽ شفاف دلين جي اندر معصوم ٻارڙو مري نٿو، اِهي سدائين رانديڪن ۾ دلچسپي رکندا آهن.
بهرحال جتي مسجد نبوي تعمير ٿي رهي هئي.
اُن جي روبري ٻه ننڍيون ڪوٺيون ٺاهيون ويون. هر حجري جي سائيز ٻارهن فوٽ ڊگهي ۽ ۽ ڏھ فوٽ ويڪري هئي.
اُن جي اڳيان ايتروئي ننڍڙو ورانڊو به هو.
مسجد جون ڀتيون ته ڪچين سرن سان ٺهيون هيون، اُنهن جي حجرن جي ڀتين ۾ ته ڪچيون سرون به نه هيون.
کجين جا ڦڙا، ڪچي زمين ۾ اُڀا ڪري کوڙي، انهن جي مٿان مٽيءَ جو راڳو ڪيو ويو.
ڇت به کجيءَ جي ڦڙن جي
فرش اُگهاڙو ڪچي مٽيءَ جو
اندر سامان ۾ هر ڪوٺيءَ ۾ هڪ اٽي پيھڻ جو جنڊ
هڪ ٻه پيالا
چمڙي جي چَٽائي
اُٺ جي وارن مان ٺھيل اُن دور جو سڀ کان سستو خاڪي ڪمبل.
پائڻ لاءِ ٻه ڪپڙا
هڪ چَلھه، جيڪا شايد ئي ٻَرندي هجي.
اهو منهنجي آقا ﷺ جو گهر هو، اهو هو رسول الله جو حجرو.
اهڙو ئي هڪ ٻيو حجرو سيده عائشه جي لاءِ به ٺھرايو ويو.
ٻيئي حجرا اڳيان پويان مسجد نبويءَ سان لاڳاپيل .. اُترين پاسي، اُن قطار ۾، ساڳئي سائيز ۾ ٻيا حجرا به بنيا. جڏهن جڏهن انهن جي گهرج پيئي.
بهرحال پهريون حجرو سٺ سالن جي اُم المومنين سيده سوده جي لاءِ هو، جنهن سان گڏ آقا ﷺ جي نياڻين کي گڏ رهڻو هو.
جڏهن اهو ٺھي ويو.
ته آقا ﷺ پنهنجي گهر واري سيده سوده ۽ ٻارن سان گڏ اُن حجري ۾ هليا ويا. حضرت ابو ايوب انصاريرضه ميزبان رسول الله جو گهر ڇڏي ڏنائون، پر پنهنجي دل مان پنهنجي ميزبان جي محبت ڪڏهن به نه ڇڏيائون.

ڪعبي جي تبديلي

ڪعبي جي تبديلي

هجرت جي پهرينءَ سال ئي 15 شعبان تي آقا ﷺ پنهنجي هڪ مرحوم پرواني جي گهر ويا.
اهو پروانو به عجيب هو.
آقا ﷺ کي ڏسڻ ۽ ساڻس ملڻ کان اڳ ۾ ئي ’بيعت عقبه ثاني‘ ۾ ايندي هو سڄو رستو نماز فلسطين ڏانهن مُھڙ ڪري پڙھڻ جي بدران، مڪي ڏانهن منهن ڪري پڙهندو آيو هو. جڏهن چوڏهينءَ جي چنڊ واري رات ۾ نور ڀريل برسات ۾ وهنجندڙ ماٿريءَ ۾ ، وفاداريءَ جي حلف کڻڻ جو وقت آيو ته هن سڀني کان پهرين ٽُپ ڏئي ادب مان آقا ﷺ جو هٿ جهليو.
اهو پروانو شمع رسول ﷺ سان ايتري ويجهڙائپ کان ڪيئن ٿي بچي سگهيو.
سَڙي ويو.
آقا ﷺ جي هجرت ڪرڻ کان اڳ هي جهان ڇڏي ويو.
بقيع ۾ دفنايو ويو.
وفات کان اڳ وصيت ڪئي هئائين ته منهنجو مُنهن منهنجي آقا ﷺ جي اباڻي شهر ”حرم شريف“ طرف ڪجو.
ايئن ئي ڪيو ويو.
اهو سيدنا براء بن معرور هو.
آقا ﷺ مديني پهچي پاڻ اُن جي غائبانه جنازي نماز به پڙهائي هئي.
ان جو پٽ بشير بن براء، جيڪو خيبر جي جنگ ۾ هڪ يهودڻ جي زهر کائڻ ۾ آقا ﷺ جو هم نواله هو. اُن ماني کائڻ جي ڪري شهيد ٿي ويو. پر ان گهڙيءَ هُن پنهنجي گهر آقا ﷺ جي دعوت جهلي هئي.
سندس گهر اڏجندر مسجد نبويءَ کان ساڍا ٽي ڪلوميٽر پري ’ڪوھ سلع‘ جي پويان وادي عقيق ۾ هو.
منجهند جي ماني کائڻ کانپوءِ اڳين نماز جو وقت آيو.
آقا ﷺ اُن پاڙي جي هڪ مسجد ۾ ڪجهه مسلمانن سان گڏ نماز پڙھڻ لڳا.
عجيب واقعو ٿيو.
سيدنا براءَ بن معرور جنهن کي رڳو خدا جي گهر ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهڻ جو جنون هو. اُن جي ئي گهر جي اڱڻ ۾ نماز پڙهندي سجدي جي حالت ۾ آقا ﷺ کي آسمان تان هڪ وحي نازل ٿي.
”بيشڪ اسين تنهنجو آسمان ڏانهن منهن کڻي ڏسڻ ڏسي رهيا آهيون. تنهنڪري اسين توکي اُن ئي قبلي طرف ڦيرينداسين، جيڪو توکي پسند آهي. هاڻ، پنهنجو مُنهن مسجد حرام طرف ڦيريو.“ (سوره بقره 144:4)
آقا ﷺ نماز ۾ سجدي جي حالت ۾ ئي گهمي ويو.
منهن مبارڪ فلسطين جي بدران، اُن جي اُلٽو مڪي ڏانهن ڦيري ڇڏيائين.
آقا ﷺ جي پوئلڳن کي آقاﷺ جي پيروي ڪرڻي هئي، آقا ﷺ جي پويان سجدي ۾ پيل نمازين کي آقا ﷺ جي پويان ئي سجدو ڪرڻو هو.
هو سڀئي آقا ﷺ جي پويان ئي سجدي ۾ گُهمي ويا.
سجدي جو رخ بدلجي ويو.
آسمان اِهوئي رهيو.
زمين اِهائي رهي.
الله تعاليٰ زمين ۽ آسمان ۽ اُن جي وچ ۾.
پنهنجي بارگاھ ۾ ايندڙ وقتن ۾ ادا ٿيندڙ سڀني سجدن جا رُخ ڦيري ڇڏيا.
اهو گهر، جيڪو آقا ﷺ جي جد امجد سيدنا ابراهيم عليه السلام ۽ ان جي سڳوري پُٽ اسماعيل عليه السلام جي حڪم سان ئي جوڙيو هو. سڄي ڪائنات جي لاءِ، خدا جي خاطر ڪنڌ جهڪائيندڙن جو مرڪز بنجي ويو.
اڄ مديني ۾ اُن جاءِ تي ”مسجد قبلتين“ آهي، جتي هڪئي وقت ۾ هڪ ئي اڳينءَ جي نماز ۾ ٻن طرفن مُھڙ ڪري آخري ڀيرو اها يادگار نماز پڙهي ويئي هئي. جڏهن آقاﷺ پنهنجي مرحوم پرواني سيدنا براء بن معرور جي گهر مان منجهند جي ماني کائي نڪتا هئا.
ايندڙ وچينءَ جي نماز مسجد نبويءَ ۾ نئين طرف تي خانه ڪعبه ڏانهن منهن ڪري پڙهي ويئي.
ماڻهو مديني ۾ پڙهو ڏيندا وتيا.
ٻُڌو!
مسلمانو
ڪعبي جي تبديليءَ جو حڪم اچي ويو آهي،
هاڻ خانه ڪعبه ڏانهن مُھڙ ڪري نماز پڙهو.
يهودين کي جيڪو پنهنجي سڳوري گهر جو مان هو.
اهو هليو ويو،
شايد هو سمجهن يا نه ته خدا کين جيڪا فوقيت ڏيئي رکي هئي. اها کانئن کسجي ويئي، خدا کي ٿيندڙ سَجدن جو رخ بدلايو ويو.

صَفه

صَفه

ڪعبي جي تبديليءَ کانپوءِ مسجد نبويءَ جو رخ بدلايو ويو.
مسجد نبويءَ ۾ اُتر طرف جيڪا اقامت جي لاءِ جيڪا جاءِ هئي، اها خالي ٿي ويئي.
منبر ٻي پاسي هليو ويو.
جيڪا جاءِ خالي ٿي هئي، آقاﷺ جي حڪم سان اُن تي هڪ ڇَپر وڌو ويو، اُن جي هيٺان ڏيڍ فوٽ کن اوچو ٿَلهو ٺاهيو ويو. ان ٿَلهي تي چڙهڻ ۽ لهڻ، اچڻ ۽ وڃڻ جي لاءِ ڪا رڪاوٽ نه رکي ويئي. جتان به وڻي چڙهو ۽ جتان به وڻي لھو.
اهو ٿَلهو صفه سڏجڻ لڳو.
پري ۽ ويجهن هنڌن کان اهڙا ڪيترائي نوان مسلمان اچي رهيا هئا، جن وٽ رهڻ جي ڪا جاءِ نه هئي، نه وري آرام سان ويهي اجهاپ ڪرڻ جي سَبيل.
آقاﷺ اهڙن غريب ۽ بي پھچ پروانن جي لاٰ قبله اول جي طرف خدا جي حڪم سان خالي جاءِ عنايت ڪري ڇڏي.
مسلمانن کي به ترغيب ڏنائون ته پنهنجن انهن نادار ۽ بي پھچ ماڻهن جي مدد ڪريو. روزانو ڪو نه ڪو انصاري پنهنجي کجين جي باغ مان پڪل کجين جو سڄو ڇُڳو وڍي کڻي ايندو هو ۽ صفه جي ٿُلهي تي لڙڪائي ڇڏيندو هو.
ماڻهو هڪ هڪ ڪري اُن مان کجيون ڇني کائيندا هئا.
رات جي نماز کانپوءِ آقاﷺ صفه وارن کان پُڇندا هئا ته ڪنهن ماني نه کاڌي آهي؟
بُکايل صفه وارن کي مديني جا رهاڪو هڪ هڪ ٻه ٻه ڪري پنهنجي گهر وٺي وڃي ماني کارائيندا هئا.
باقي جيڪي بَچندا هئا، تِن کي آقاﷺ پنهنجي گهر وٺي ويندا هئا.
آقاﷺ جي گهر ۾ سامان وري ڪهڙو هو؟
هڪ اڌ پيالو،
هڪ ٻه تڏا ۽ تنئوريون
۽ اَٽي پيھڻ جي لاءِ جَنڊ
خاتون جنت، سيده فاطمه شادي کان اڳ ۽ سيدنا علي شادي کان پوءِ اُن جنڊ کي پيھي پنهنجي هٿن ۾ ٻَن وجهندي هئي. اهي هٿ ڪڏهن خدا ڏانهن گهرڻ جي لاءِ کڄندا هئا ته آقاﷺ جي اکين مان لڙڪ نڪري آمين آمين چوندا هئا. ٻن ٿڃ پياڪ شينهن سيدنا حسن ۽ حسين يا سيده زينب جي لاءِ اٽو پيھڻ لاءِ هٿن ۾ لُڦون پئجي وينديون هيون. هوءَ جيڪا اصحاب صفه جي کائڻ لاءِ اٽو پيهندي هئي، ان جي رڳڙ سان ڪائنات جا اِهي سڳورا هٿ گهائجي پوندا هئا.
سيده پنهنجن ٻارڙن کي بُکيو سمهاري ڇڏيندي هئي. پر صفه تي ترسيل الله جي رسول جي اصحابين کي بُکيو سمھڻ نه ڏيندي هُئي.
صفه واري ٿَلهي تي رهندڙ ماڻهن جو انگ وڌندو گهٽجندو رهندو هو.
ڪڏهن ڪڏهن ته هو سٺ ستر تائين پهچي ويندا هئا.
هُنن جو لباس بس هڪ گوڏ واري چادر ئي هوندي هُئي
پير اگهاڙا
مٿا اگهاڙا
بُت مٽي سان ڀريل
اُتي ڪي غاليچار ٿوروئي ڪو وڇايل هوندا هئا.
سڄي مسجد نبوي ۽ صفه جو ٿَلهو ڪچي مٽيءَ جو ٺھيل هو.
اُن ٿلھي تي رهندڙن کي آقاﷺ جي قربت وڌيڪ ملڻ لڳي.
علم ۽ معرفت، گيان ۽ عرفان جون ڳنڍيون انهن جي اندر کُلڻ لڳيون ، اِهو ڏسي مديني جا ڪيترائي سُکيا ستابا ماڻهو، مهاجر ۽ انصار رضا ڪاراڻي نموني انهن روح پَرور محفلن مان علم پرائڻ جي لاءِ اچي ٽِڪندا هئا ۽ پنهنجن روحن کي سڳوري علم سان سيراب ڪندا هئا.
ايئن مديني ۾ جتي ’مملڪت مدينه‘ جا سڀئي کاتا مِڙي آيا هئا، اُتي صفه جي صورت ۾ هڪ يونيورسٽيءَ جو به واڌارو ٿيو.
آقاﷺ غور ۽ فڪر تي زور ڏنو.
الله به تصديق جي مھر هڻي ڇڏي ۽ چئي ڇڏيو ته ’جيڪي ماڻهو الله جي نشانين تي غور ويچار نٿا ڪن، اِهي انسان نه پر جانورن کان بَدتر آهن.‘
ايئن خود الله تعاليٰ ئي اکيون بند ڪري تقليد جو رستو بند ڪري ڇڏيو.
سوچ ويچار تي انعام به رکي ڇڏيائين.
جنهن به سوچ ۽ ويچار ڪئي
اُن کي رستو مليو.
اُن کي انعام مليو
اڃا سُوڌي ملي رهيو آهي.
خدا، زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ جيڪا به جوڙ جوڙِي آهي، تخليق ڪيو آهي، اُنهن سڀني تي سوچڻ ۽ غور ويچار جو حڪم ڏنو آهي. زمين ۽ اُن جي مخلوق جي پيدا ٿيڻ، رُتن جي بدلجڻ، ڪڪرن جي رنگ مَٽائڻ، پکين جي اُڏار، بحري جهازن جي ترڻ، لوھ جي آسمان تان لھڻ، وهٽن جي هلڻ، ٻنين ۾ فصلن جي ڦٽڻ ، وڌڻ ويجهڻ، هڪ ئي مٽيءَ مان رنگ برنگي گُلن جو ڦٽڻ ۽ ڌار ڌار حسين ۽ ذائقن جي ميون جي پيدا ٿيڻ کي، خدا جي نشانين تي غور ڪرڻ جي لاءِ چيو ويو آهي.
ستارن تي سوچڻ جو چيو ويو آهي.
ته ڏسو
اهي پنهنجي پنهنجي مَدار ۾ ڪيئن نه مُنظم نموني هلي رهيا آهن.
سج ۽ چنڊ بابت راز ٻُڌايا ۽ چيو ويو، سوچيو ۽ انعام حاصل ڪريو.
جبل، درياءَ، نديون، سمنڊ، خدا پنهنجي هر تخليق نهايت سُهڻي طريقي سان جوڙِي آهي. سمنڊ ۽ درياءَ جي مخلوق، آسمان تي اُڏندڙ دنيا، طوفان، واچوڙا، وِڄ، انساني جسم ۽ اُن جسم جي پالنا، هڪ پيٽ ۾ پلجندڙ ”امبريو“ کان وٺي ڪراڙپ جي وهيءَ تائين ويندي ويندي هر عضوي جا جسم تي اثر.
خدا قرآن ۾ ڇا ڪجهه نه ٻُڌايو آهي.
ڪيترا ڀيرا حڪم ڏنو اٿائين ته سوچيو
غور ڪريو
اُنهن ڳالهين تي ويچاريو
هي اِهي سڀ ڳالهيون آهن، جن کي اڄ اسانجو علم سائنس سڏي ٿو.
اُنهن تي سوچڻ، ويچارڻ ۽ انعام حاصل ڪرڻ جو اعلان ڪيل آهي.
انگريزي ۾ اُن کي ريسرچ (تحقيق) چئجي ٿو.
اُن کي ترجيح ڏني ويئي آهي.
اسان اُن جي ابتڙ ڪيو
جتي جتي سوچڻ جو حڪم ڏنو ويو، اهو اورانگهي اڳيان نڪري وياسين.
سوچيوسين ڪونه
سوچڻ به نه ڏنوسين.
جتي ساڌو سوڌو قانون مليو، سوچڻ جي ڳالهه نه ڪئي ويئي، عمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، اُتي سوچڻ لڳاسين.
هي ڪَريو
هي نه ڪريو
اُتي سوچ ۾ پئجي وياسين
مُناظرا ڪرڻ لڳاسين
فرقا ٺاهي ورتاسين
قرآن چوي ٿو:
”بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي پئدائش ۽ رات ۽ ڏينهن جي بدلجي اچڻ ۾ عقل وارن جي لاءِ نشانيون آهن.“
”جيڪي بيٺل ۽ ويٺل ۽ ليٽيل خدا کي ياد ڪن ٿا ۽ آسمان ۽ زمين جي پئدائش تي غور ڪن ٿا ته اي پروردگار تو انهن کي اجايو پيدا نه ڪيو آهي. تون پاڪ آهين، تون اسانکي دوزخ جي عذاب کان بچائج.“ (سوره آل عمران: آيت 190- 191)
قرآن ۾ غور ڪندڙن جي لاءِ نشانين جو بار بار ذڪر ڪيو ويو آهي.
”۽ اِهو ئي آهي، جنهن زمين کي پکيڙيو ۽ اُن ۾ جبل ۽ درياءَ پيدا ڪيا ۽ هر قسم جي ميون جا ٻه ٻه قسم جوڙيا. اهوئي رات کي ڏينهن جو لباس پهرائي ٿو. غور ڪندڙن جي لاءِ اُن ۾ وڏيون نشانيون آهن“.( سوره الرعد آيت 3)
غور ڪندڙن تي خدا ڪيترو نه زور ٿو ڏي
ٿورو ڏسو ته سَهي
”اِهوئي ته آهي، جنهن آسمان مان پاڻي وسايو، جيڪو اوهين پيئو ٿا ۽ اهڙا وڻ به جيڪي اوهين پنهنجن وهٽن کي چاريو ٿا. اُن ئي پاڻيءَ سان هو اوهانجي لاءِ کيتي ۽ زيتون ۽ کجيون ۽ انگور اُپائي ٿو ۽ هر قسم جا ميوا- غور ڪندڙن لاءِ اُن ۾ نشانيون آهن.“ (سوره النحل 10-11)
ڪتاب نازل ڪَرڻ جو سبب ئي خدا اهو ٻُڌائي ڇڏيو ته پوءِ باقي ڪهڙو شڪ رهي ٿو. فرمان باري تعاليٰ آهي قرآن ۾:
” ۽ اسان توتي ئي هي قرآن نازل ڪيو ته جيئن جيڪي ماڻهن تي نازل ٿيا آهن، اُنهن تي ظاهر ڪر- ۽ ته جيئن هو غور ڪَن.“ (سوره النحل آيت 44)
هاڻي خدا جيڪا غور ۽ فڪر، سوچڻ ۽ ڪجهه ڪرڻ جي لاءِ بار بار شدت سان هدايت ڪئي آهي. اها ڌارين ٻُڌي ورتي.
پنهنجي ڳنڍ ۾ ٻَڌي ڇڏي
هُنن پکين کان اُڏرڻ سکيو ۽ هوائي جهاز جوڙيا.
پاڻيءَ کي سمجهيو، اُن مان سگهه حاصل ڪئي.
آسماني وِڄ جي ڳولا ڪئي، پنهنجا شهر روشن ڪيا.
هُنن وقت جي ڦيٿي جي رفتار تي سوچيو ۽ اسان کان صديون اڳتي نڪري ويا.
اسين اِهي بدنصيب آهيون، جن جي لاءِ اِهي سڀ حڪم ناما لٿا، پر اسين انهن کي سمجهڻ کانسواءِ اکيون بند ڪري، ڪنڌ لوڏي اهي رٽيندا رهياسين.
ڪنهن به ڳالهه تي نه سوچيوسين ۽ نه غور ڪيوسين
جيڪڏهن سوچيوسين به ته بادام جي ان ڇلڪي تي سوچيوسين. اخروٽ جي هڏيءَ جهڙي خول تي ويچاريوسين. پر اُن جي اندر جيڪو مغز آهي. ڳرَ آهي، تاثير آهي، اثر آهي، جنهن ۾ سڀ ڪجهه آهي، اُن کي ڇهيوسين ئي ڪونه.
ظاهر آهي ته اسين جيسين اخروٽ جو ڇلڪو نه ٽوڙينداسين، ان جي ڳرَ تائين ڪيئن پهچنداسين.
ڪاش، اڄ اسلامي دنيا ۾ ڪو ”صفه“ جهڙو هنڌ هُجي، جتي سوچڻ ۽ غور ڪرڻ جي اجازت هجي.
جنهن جو خدا بار بار حڪم ڏنو آهي.

سلمان فارسيرضه

سلمان فارسيرضه

ستن مهينن جي محنت کانپوءِ آقاﷺ ۽ سندس ساٿي مسجد نبويءَ جي اڏاوت کان وانڌا ٿيا ته کين هڪ وڏو صدمو رسيو. مديني ۾ آقاﷺ جي ساٿين مان سڀني کان وڏو ساٿي، جنهن وٽ ٽِڪي سيدنا مصعب بن عمير خدا جي مدد ۽ آقاﷺ جي سُهڻي اخلاق جا قصا ٻڌائي آقاﷺ جا اڻ ڏٺي پروانا گڏ ڪيا هئا، اهو جيڪو ٻارهن نقيبن ۾ سڀني کان مٿانهون ”نقيب النقباء“ جي خطاب سان سرفراز هو. اهو جنهن پورن ماشيءَ جي رات حلف وفاداريءَ ۾ عقبه جي ماٿريءَ ۾سڀني کان پهرين آقاﷺ جي هٿ مبارڪ تي بيعت ڪئي هئي.
اهو سيدنا اسعد بن زراھ گذاري ويو
سڀ مسلمان سوڳوار بنجي ويا.
آقاﷺ سڀني کان وڌيڪ ڏکارو هو.
ڪانڌي کيس دفنائڻ لاءِ ”جنت البقيع“ جي قبرستان ۾ ويٺا هئا.
مٽي ۽ پٿرن سان ڀريل اُن قبرستان ۾ هڪ پٿر تي آقاﷺ به ويٺا هئا.
ماحول سوڳوار ۽ سنجيدو هو.
جيڪو به آيو ٿي، سو اُن سوڳَ جو حصو بنجي ٿي ويو.
پر هڪ عجيب نئون همراھ آيو.
مرڻ واري جي خبر ٻُڌي روايتي ڏک ته سندس چھري تي هو، پر سندس نظرون آقاﷺ جي مُنهن مبارڪ تي ڄميل هيون. هو چرين جيان ڏانهنس ڏسي رهيو هو. هڪ گهڙيءَ جي لاءِ شايد آقاﷺ کي لڳو ته اُن نئين آيل اوپري چهري تي سندس پرواني سعد بن زراھ جون پُراشتياق اکيون لڳل آهن. پر اهو اجنبي پنهنجي منهن مُهانڊي مان نه ته عربي ٿي لڳو ۽ نه وري يهودي. هو ڪنهن دور ديس کان آيو هو. رنگ جو ڳورو، چهرو صاف، وار به ڌار طريقي سان ڪٽيل، اکين ۾ چمڪ، نڪ سڌو، ڳچي ڊگهي، وچولو قد ۽ عمر ڪا چاليهه ٻائيتاليھه سال.
آقاﷺ جي ڀرسان پهچي، هو ايئن ڦرڻ لڳو، جيئن پروانو شمع جو طواف ڪندو آهي. ڪيڏي مھل کاٻي پاسي ٿي ويو ته ڪيڏي مھل ساڄي پاسي. نيٺ آقاﷺ کي سندس نظرن جي شدت پنهنجي ڪلهن جي وچ ۾ محسوس ٿي.
آقاﷺ کي ياد آيو
اُن نئين همراھ کي هڪ ٻه ڀيرا اڳ به ڏٺو هئائين.
پهرينءَ ڏينهن ته هو اُن ڏينهن ئي آقاﷺ جي سامهون آيو هو. جڏهن آقاﷺ مديني جي چائنٺ قبا ۾ قدم رکيو هو. اها شايد قبا ۾ آقاﷺ جي ٻي شام هئي. جڏهن اهو شخص اکين ۾ تارا ٽمڪائي، شوق ۽ وارفتگيءَ جي عجيب عالم ۾ پنهنجي ڪنبدڙ هٿن جون تريون کولي آقاﷺ جي اڳيان گوڏا کوڙي ويٺو هو. هٿن ۾ ڪجهه کجيون هيس.
چيائين آقاﷺ صدقو آندو اٿم.
آقاﷺ محبت مان برڪت جي دعا ڏني ۽ کجيون ڀرسان ويٺل ماڻهن کي کارائي ڇڏيون. پاڻ نه کاڌائون.
نئين آيل همراھ جي اکين ۾ ٽمڪندڙ ستارن جي چمڪَ وڌي ويئي، سندس چھري تي آقاﷺ جي لاءِ موجود پيار ۽ عقيدت اڃا به وڌي ويئي.
پوءِ هو ماٺڙي ڪري هليو ويو.
آقاﷺ ته اُن ڏينهن ئي محسوس ڪيو هو ته هي ڪٿان پري کان آيو آهي.
ڪجهه ڏينهن لنگهي ويا.
آقاﷺ قبا مان مديني تشريف کڻي آيا.
مسجد نبويءَ جي اڏاوت شروع ٿي ويئي.
اهو نئون آيل همراھ ٻيهر آيو.
اکين ۾ عقيدت جا اهي تارا ٽمڪائي،
هن ڀيري چيائين،
آقاﷺ اوهانجي لاءِ هديو آندو اٿم
سوکڙي
آقاﷺ برڪت جي دعا ڏني
بسم الله پڙهي هڪ کجي پاڻ کاڌائون ۽ باقي ساٿين کي کارائي ڇڏيائون، نئين آيل جي چمڪندڙ مُحبت ڀريل اکين جا ستارا گهميا، سڀني تارن جو هڪ ڇيد بنجي ويو. اهو ڏينهن جي سُهائي ۾ ماھ ڪامل جي روبرو هو.
هُو وري هليو ويو.
هن ڀيري سندس لوڏ جو انداز فاخرانه هو.
جنهن ڏينهن آقاﷺ جي قربت ۾ سڀني کان پهرين بيعت ڪندڙ اسعد بن زرارھ ٻين کان اڳ سڙي ويو. گذاري ويو، چون ٿا ته سندس گلي ۾ خناق (کرٽئي) جي بيماري ٿي، هڪدم ساھ بند ٿي ويس. پروانو سڙي مِٽي ٿي ويو. ان جي مٽيءَ جي ڍڳ تي ٻيا پروانه مِٽي وجهي رهيا هئا ۽ هڪ پروانو اکين ۾ چنڊ سمائي آقاﷺ جي پٺيءَ تي نظرون کپائي بيٺو هو.
آقاﷺ سمجهي ويو
نئون آيل ڇا ٿو ڏسڻ گهري
آقاﷺ پنهنجي ڪلهن تي اوڍيل چادر جو هڪ پلاند هٽايو.
پويان بيٺل پرواني جي اندر مان ڪنهن ٻار جي سڏڪن جهڙي محبت ڀريل سڏڪا اُڀريا. آقاﷺ کي محسوس ٿيو ته هو آقاﷺ ڏانهن جُهڪيو، هن جا ڏڪندڙ هٿ آقاﷺ جي ڪلهن کي ڇهڻ يا نه ڇهڻ جي ٻُڌ تر ۾ لڏڻ لڳا. پوءِ آقاﷺ کي هن جي چپن جو ڇھاءَ پنهنجي ڪلهن جي وچ ۾ ”مھرنبوت“ تي محسوس ٿيو. چپن سان گڏ نئين آيل جي اکين مان نڪرندڙ محبت جا سرمدي بي قابو لڙڪ الائجي ڪيتري وقت کان هن جي اکين ۾ ڄميل هئا ۽ اهي هڪدم ڪڪر بنجي وسڻ لڳا.
هن جي لڙڪن آقاﷺ جي ڪلهن مبارڪن کي جَل ٿل ڪري ڇڏيو.
آقاﷺ سَڏيس.
”سامهون اچ!“
نئين آيل کان مهر نبوت تان چپ نه پي کڄيا.
هُن جو بُت ڇڪجي ويو
ڳچيءَ جون نسون هڪ ٻئي مٿان چڙهي ويس.
اکين مان لڙڪن جا ڀڄي پيل بند
حڪم جي تعميل ضروري هئي.
هو مِٽي ۽ پٿرين تي گوڏن ڀر گسڪندو عجيب سرشاريءَ مان سڙيل پَرن جهڙي پرواني وانگر ڦڙ ڦڙ ڪندو اچي گوڏن ڀر آقاﷺ جي سامهون ويٺو. هٿ ٻڌي، لڙڪن سان ڀريل اکيون آقاﷺ تي کپائي ايئن ويهي رهيو، جيئن هو پنهنجي آتشڪدي جي سامهون ويهي سوچيندو هو ته انهي باھ جي اُلائن ۾ ڪڏهن ته ماھ ڪامل جي روشني ڏسان ۽ پنهنجي روح کي زمين جي پاتال مان ڇڪي آسمان جي اُتاهين تائين ڇڪي وڃان.
اُن ڏينهن سندس زندگيءَ ۾ اها گهڙي اچي ويئي هئي.
پنهنجا هٿ ٻڌي، ڏاڍي ڏکيائن سان پنهنجن ڪلهن جي چڙهيل پُٺن کي مَھٽيندي هن چيو:
آقاﷺ مون هن گهڙيءَ جي لاءِ پنجويهن سالن جو سفر ڪيو آهي.
آقاﷺ ڇرڪيا
پوءِ هو پنهنجي ڪهاڻي سُڻائڻ لڳو
چيائين:
آءُ ايران جي شهر اصفھان جي ڳوٺ ’جي‘ جو رهواسي آهيان.
پنهنجي زميندار ۽ شاهوڪار پيءُ جو اڪيلو پُٽ
لاڏلو
هن مون کي اُس به لڳڻ نه ڏني.
ڳوٺ ۾ آتشڪدو منهنجي پيءُ جو ئي هو
اسين ’زرتشت‘ کي مڃيندا هئاسين. باھ جي پوڄا ڪندا هئاسين.
سڄو ڏينهن ۽ رات.. باھ جو مچ ٻَرندو رهندو هو.
آءٌ ان آتشڪدي جو رکوالو هئس.
باھ وسامڻ نه ڏيندو هئس.
اُن ئي باھ تي نظرون کُپائي سوچيندو رهندو هئس ته ڇا واقعي هيءَ باھ اسانجو خدا آهي.
منهنجي اندر ۾ شڪ جون چڻنگون اُن باھ جي مَچ پاڻ ئي ڇڏيون.
خدا جي عجيب ڪرڻي ٿي.
هڪ ڏينهن منهنجي پيءُ کي پنهنجي جاگير تي ڪو ڪم ٿي پيو، هو ڪنهن ٻي ڪم ۾ رڌل هو، هن مونکي اوڏانهن موڪليو.. رستو ڏاڍو پُرلطف، برف سان جنجھيل، ٿڌا جبل، ماٿرين ۾ ساوڪ ۽ ميويدار وڻ.
آءٌ پهريون ڀيرو ٻاهر نڪتو هئس.
نظارن ۾ کوئجي ويس.
رستي ۾ مونکي سُريلين گهنٽين جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا.
ناقوس جي آواز مونکي پاڻ ڏانهن ڇڪيو.
هڪ سائي ستابي پَٽ جي هنج ۾ برف جي ڇت جي هيٺان هڪ شانائتي عمارت هئي، اُن جي مينار تي صليب کتل هو. ماڻهو ڏاڍي سليقي سان اُن سجيل دروازي مان اندر وڃي رهيا هئا. انهن ۾ پوڙها به هئا ته منهنجي وهيءَ وارا جوان به هئا. ٻار به هئا ته زائفائون به .
منهنجي عمر سورهن سترهن سال هئي.
ديکا ديکي آءٌ به اهو دروازو ٽپي اندر ويس.
اندر لوبان جي خوشبو ۽ تازن گلن جي مھڪ هئي.
اُتي ويٺل ماڻهو سُريلن آوازن ۾ مناجاتون پڙهڻ لڳا.
هو هڪ خدا، اُن جي رسول ۽ رسول جي امڙ مريم جي واکاڻ ڪرڻ لڳا ۽ نبيءَ جي ڏسيل نيڪ ڪمن ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ لڳا.
مونکي اهو ماحول ڏاڍو وڻيو.
منهنجي من مان اَبي جو ٻڌايل جاگير جو ڪم نڪري ويو.
آءٌ شام تائين اُتي ئي رهيس.
ماڻهو اٿي هليا ويا. پر منهنجي اٿڻ تي دل ئي نه پي ٿي.
پوءِ اُن ديول جي پادريءَ محبت مان مون کان حال احوال پڇيو
ڪير آهين؟
هاڻ گهر وڃ
منهنجي دل ۾ جيڪو هو، سو مون چئي ڏنو.
ته آءٌ آتش پرست آهيان، هاڻ اتي منهنجي دل نٿي لڳي.
تون مون کي پاڻ وٽ ئي ٽِڪائي.
هو منهنجي پيءُ جي دٻدٻي ۽ ڏمر کان ڊڄي ويو.
چيائين: هتي اسين توکي تنهنجي پيءُ کان بچائي نه سگهنداسين
پري شام ملڪ جي دمشق شھر ۾ اسانجو وڏو ديول آهي.
ڪو قافلو اوڏانهن ويو ته توکي گڏي ڇڏيندس.
هينئر وڃ...
آءٌ گهر موٽي آيس.
پي، دڙڪا ڏنا ته ڪٿي هُئين؟
جيڪو ڪم ڪرڻ جي لاءِ توکي موڪليم، اُهو به نه ڪيئي.
منهنجي اند ر سچ چوڻ جي سگهه اچي ويئي هئي.
چيم: هاڻي مون کي وڌيڪ آتشڪدي جي باھ ناهي ٻارڻي،
پنهنجي روح کي پاڪ ڪرڻو اٿم
گهر ۾ طوفان مچي ويو.
ڌڙڪو داٻ ٿيو
ماريو ڪُٽيو ويس.
پوءِ به نه مڃيم ته پيءُ منهنجي پيرن ۾ ڪڙيون وجهي هڪ ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيو. دري بند نه ڪيائين. هڪ ڏينهن دريءَ مان مونکي اُن ديول جو هڪ همراھ نظر آيو. هو منهنجي انت کان واقف هو. کيس سڄو قصو ٻڌايم. چيو مانس ڪنهن طرح هتان ڪڍي دمشق پُڄايو.
اتفاق سان ٻي ڏينهن اتان هڪ قافلو نڪرڻ وارو هو.
هو رات جو آيا، زنجير ٽوڙيائون. ۽ مونکي دريءَ مان ڪڍي قافلي ۾ ڇڏي آيا.
رستو ڊگهو هو.
رستي ۾ منهنجي لاءِ حيرت ئي حيرت
جبل، ماٿريون، درياھ ۽ صحرا.
دمشق پهچي ويس.
اُتي پادري ماڻهن کي خوب ڦريندو هو.
ماڻهن سان ڪوڙا وعدا ڪندو هو.
ماڻهو هُن مان خوش هئا.
کيس وزير امير به خوب مال ڏيندا هئا.
آءٌ ته رات ڏينهن اُتي ئي رهندو هئس.
ڏسي ورتم ته هو سڄو مال ۽ مَڏي مَٽڪن ۾ ڀري ڪٿي ٿو لڪائي.
هن جي ڪنهن به ڳالهه ۾ دخل نه ڏنم
الله جي ڪرڻي.. جو هڪ رات هو مري ويو
ٻي ڏينهن سڄي بستيءَ جا ماڻهو ڏکارا ٿي پھتا ۽ هن جي سادگي، عظمت، ديانت ۽ نيڪ نيتيءَ جا قصا بيان ڪرڻ لڳا.
مون کان رهيو نه ٿيو
نيٺ به ته ڪوڙ کي ڪيستائين لڪايان ها؟
پوءِ هن ماڻهن کان ڦُري جيڪو خزانو ميڙيو هو، اهو ماڻهن تائين ڇونه پهچي ايئن مون انهن ماڻهن کي اها جاءِ ڏسي ڇڏي.
باقي ڳالهيون هو پاڻ ئي سمجهي ويا.
نئون پادري به شايد مون کان ڊڄي ويو
چيائين: تون سچ جو ڳولهائو آهين.
اُترينءَ عراق ۾ دجله جي ڪنڌيءَ تي، جتي ڪڏهن بابل ۽ نينوا جي پراچين تهذيب ميسوپوٽيميا هوندي هئي، اُتي هاڻي ’موصل‘ جو شهر آهي. اوڏانهن وڃ.. اتي جو لاٽ پادري تنهنجي سچ جي راھ ۾ سٺي سِکيا ڪندو.
ڊگهي سفر کانپوءِ آءٌ موصل پهچي ويس.
لاٽ پادري سچ پچ ته هيري جي دل ۽ اُجري روح وارو هو. هن جي وڏي خدمت ڪيم. هڪ ڀيري هو ناچاڪ ٿي پيو ته چيائين، شايد آءٌ چڙهي نه سگهان.. تون هڪ ٻيو سفر ڪر.
اڄ جي ترڪيءَ جي سرحدي علائقي ۾ وقت جي رومي سلطنت ۾ هڪ شهر هو،
”نصيبن“
اُتي موڪليو ويس
اُتي جي پادري جي به وڏي خدمت ڪيم
هو وڏو خوش ٿيو
منهنجي اندر سچ ۽ حق ڄاڻڻ جو سچو جذبو ڏسي هُن مونکي رومي سلطنت جي اندر ئي مصر جي شهر ’عموريه‘ ۾ مُنهنجي گروءَ وٽ موڪلي ڏنو. ’عموريه‘ جي لاٽ پادريءَ جي روشن چهري تي خير ۽ سلامتي ورهائڻ جا ڍڳ لڳل هئا.
مون خدمت ڪري کيس جيتي ورتو
هو ڪُراڙو هو
بيمار ٿيو ته چيائين
پُٽ! شايد آءٌ نه بچان
اڄ توکي تنهنجو اُجرو روح ڏسي، هڪ راز ٿو ٻڌايان،
اهو ڏينهن بس اچڻ وارو آهي.
يا اچي چڪو آهي.
جڏهن عربستان جي سرزمين ۾ هڪ آخري رسولﷺ جو ظهور ٿيندو.
آءٌ پاڻ به سڄي عمر هُنَ جي غلامي ڪرڻ جي لاءِ سِڪندو رهيو آهيان. پر شايد منهنجي عمر مون سان وفا نه ڪري، تون ان تائين پهچي ويندين. هو رهندڙ ته سنگلاخ جابلو ريگزارن جو هوندو، پر سندس دائمي رهڻ جي جاءِ جتي هو هجرت ڪري ويندو، اُن جون نشانيون سمجهي وٺ.
هو ٻن وڏن اُڀرندڙ جبلن جي ڄميل ڪارين ٽڪرين جي وچ ۾، جتي جي رُت ڏاڍي وڻندڙ هوندي، جِتي مِٺين کجين جي گهڻائي هوندي. خود ان رسولﷺ جون ذاتي نشانيون ڏاڍيون چٽيون هونديون. هو صدقو ڪين کائيندو، هديو کائيندو، هن جي پُٺيءَ تي ڪلهن جي وچ ۾ رومي اشرفيءَ جهڙي اڀريل مھر هوندي.
مھر نبوي
بس آقاﷺ مونکي پوءِ وڌيڪ اِتي ٽڪڻ نه پُڳو.
ان خبر ٻڌائيندڙ وڏي پادريءَ جا هٿ چمي ۽ موڪل گهريم، ۽ جيڪا ڪجهه ميڙي چونڊي هيم ، اها پنهنجون ٻڪريون ۽ ڍڳيون ڀاڙي طور ڏيئي هڪ يهودي قافلي سان گڏجي پيس، جيڪو عربستان پي ويو.
اهو قافلو بنو ڪلب جو
قافلو هفتن تائين هلندو رهيو،
”وادي القريٰ“ ۾ ٻه کجين جا باغ آهن، مديني جي اتر ۾ ]اڄڪلهه ان وستيءَ کي ”العلا“ سڏيو ويندو آهي[ اتي پھچي قافلي جي يهودين جي نيت خراب ٿي پئي.
هنن مونکي هڪ غلام ظاهر ڪري منڊيءَ ۾ هڪ يهوديءَ کي وڪڻي ڇڏيو. هڪ پرديس ٻيو اڪيلو. ڇا ٿي ڪري سگهيس. لاچار ان يهودي جي غلامي ڪندو رهيس.
پوءِ هڪ ڏينهن منهنجو ڀاڳ کُلي پيو.
منهنجي يهودي مالڪ جو سئوٽ، مديني جي وستي ’بنو قريظه‘ مان اُتي آيو، کيس الائجي ڇو وڻي وڻيس.. هن مونکي خريد ڪري ورتو ۽ پاڻ سان گڏ مديني وٺي آيو.
آءٌ جيئن جيئن مديني جي ويجهو ٿيندو ويس.
منهنجي دل جا گؤنچ ڦُٽندا ويا.
ٻه جبل
اڳيان پويان ريتي
شھر جي چوڌاري ڪارا ڄميل ٻرندڙ جبل
اندر کجين جا باغ
منهنجي دل تصديق ڪري ڇڏي
اها ئي منهنجي آقاﷺ جي هجرت جي جاءِ آهي.
آءٌ ته غلام هئس.
محنت ۽ مزدوريءَ ۾ لڳو رهيس. مونکي ڪنهن ڳالهه جي خبر نه هئي ته اوهان ڪڏهن ايندؤ.
پوءِ هڪ ڏينهن اها ڀاڳ واري گهڙي اچي ويئي.
آءٌ پنهنجي يهودي مالڪ جي باغ ۾ هڪ کجيءَ جي وڻ تي چڙهيو کجيون ٽوڙي رهيو هئس. منهنجو مالڪ هيٺ کٽ تي ويٺو هو. ايتري ۾ سندس هڪ ڀاءُ آيو، جيڪو قبا ۾ رهندو هو.
هن جي مُنهن تي ڄڻ ڪنهن مِٽي ملي ڇڏي هئي.
ڄڻ سڙيل ڪوئلو
حسد ۽ ساڙ سبب هن جو مُنهن بگڙيل هو.
هُن اچڻ سان ئي ڏاڍي ڏک، طنز ۽ ڪيني مان منهنجي مالڪ کي چيو
قايله جا پُٽ هُن جي استقبال ۾ چريا ٿي رهيا آهن
ٺينگ ٽپا ڏيئي رهيا آهن
جُهمريون هڻي خوشيون ملهائي رهيا آهن.
ڇو؟ منهنجي مالڪ پڇيو
هو اچي ويو آهي نه
ڪير ؟
جنهن کي هجرت ڪري هاڻ هتي اچي رهڻو آهي.
جنهن جي دعويٰ آهي ته هو الله جو رسول آهي، خدا جو آخري پيغمبرﷺ .
آءٌ چڙهيل ته وڻ تي هئس، پر منهنجا ڪن هيٺ زمين تي کُتل هئا.
آخري رسولﷺ جي اچڻ جو سُڻي منهنجي هٿن ۽ پيرن کي ڪنهن سهاري جهلڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي
هٿ ڪڍيم
پير ترڪيم ۽ تيزيءَ سان کجيءَ جي وڻ تان کسڪندو هيٺ لٿس ۽ قبا مان آيل مالڪ جي ڀاءُ کان سوال مٿان سوال پُڇڻ لڳس
هو ڪڏهن پھتو؟
ڪيئن آهي؟
منهنجو مالڪ جيڪو اُتي ويٺو هو، تنهن منهنجي منهن تي زور سان چماٽ وهائي ڪڍي ۽ چيائين، وڃ منهنجو ڪم ڪر... ٽَر هتان.
بس اها رات پنجويهن سالن ۾ ڳولا ۾ نڪتل مون ڄڻ آتشتڪدي ۾ ٻرندڙ هڪ ڪاٺيءَ جيان ٻري گذاري. ٻي ڏينهن، جيڪو قبا ۾ اوهانجي آمد جو ٻيو ڏينهن هو، پنهنجي مزدوريءَ مان ڪمايل ڪجهه کجيون کڻي اوهانجي خدمت ۾ پھتس.
پھرين تصديق ٿي ويئي، اوهان صدقو ڪونه کاڌو.
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ غلام کي ٿوري وٿي ملي ته وري به کجيون کڻي مديني ۾ اوهانجي خدمت ۾ حاضر ٿيس.
اوهانﷺ هديو نوش فرمايو
ٻي تصديق به ٿي ويئي.
اڄ ستن مهينن کان پوءِ ٽي موڪل تي سڀ شڪ دور ٿي ويم.
اڄ پنهنجي اکين سان مھر نبوت به ڏسي ورتم.
سيدنا سلمان فارسيءَ جي اکين جو درياءَ روئيندي روئيندي سمنڊ بنجي ويو.
هو جذبات جي شدت سبب سِڌو ٿي ويو. هُن جون اکيون آقاﷺ تي کُپي ويون. ۽ هٿ ٻڌي وينتي ڪيائين.
آقاﷺ ڏسڻ ۾ ته ڪنهن ٻي جي نوڪري ٿو ڪريان
پر مونکي پنهنجي غلاميءَ ۾ قبولي وٺو
مون سڄي زندگيءَ جي هر سفر ۾ اوهانجي ڳولا ۾ وکون کنيون آهن.
آقاﷺ مُون اوهانجي رسالت ۽ اوهانجي هيڪڙي خدا تي ايمان آندو.
آقاﷺ کيس خير ۽ برڪت جي دعا ڏني.
اهو پروانو ته تمام ڏورانھين هنڌ تان باھ جو ٻَرندڙ مچ ڇڏي، هزارين ميلن جو پنڌ ڪري، چوٿائي صديءَ جي مسافريءَ کانپوءِ پھتو هو. هن جي عشق جي شدت ته اهوئي سمجهي سگهي ٿو، جيڪو انهن رستن تان لنگهي منزل تائين پھتو هوندو.
ايندڙ چئن سوا چئن سالن تائين سندس يهودي مالڪ کيس پنهنجي غلاميءَ مان نه ڇڏيو. غلام کي جڏهن به موڪل ملندي هئي ته هو پنهنجي آقاﷺ جي قدمن ۾ اچي ويهندو هو.
هڪ ڏينهن آقاﷺ فرمايو
سلمان پنهنجي يھودي مالڪ مان ڪنڌ آجو ڪر.
ساڻس طئي ڪر ته کيس ڪيترو مُلھه گهرجي
ساٿي مسلمانن کي سڏي آقاﷺ چيو
”پنهنجي ڀاءُ سلمان جي مدد ڪريو.“
اها خبر يهودي مالڪ جي ڪنن تائين به پھچي چڪي هئي.
هن پنهنجي اندازي سان ايتري رقم رکي ۽ اهڙا شرط رکيا، جيڪي سندس خيال ۾ پورا ٿيڻ ممڪن نه هئا. چيائينس؛ چاليهه اوقيه نج سون ۽ ٽي سئو کجيءَ جا وڻ ڏي ته توکي آزاد ڪريان.
سلمان ڪنڌ جُهڪائي آقاﷺ وٽ آيو.
اُن ڏينهن آقاﷺ وٽ ڪو سون جو چڱو مقدار کڻي آيو هو. آقاﷺ ته هر شئي ورهائي خالي هٿين گهر ويندا هئا. فرمايائين: سلمان الله تعاليٰ تنهنجي اچڻ کان اڳ ئي تنهنجي آزاديءَ جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي.
هي سون کڻ، اهو سون هڪ بيدي جي سائز جيترو هو. ڏسڻ ۾ ايئن ٿي لڳو ته وزن ۾ گهٽ هوندو. پر جڏهن يهودي مالڪ ساهميءَ ۾ رکي توريو ته پورا چاليهه اوقيه ٿيو، هڪ رتي به نه گهٽ نه وڌ.
هاڻي ٽي سئو کجيءَ جا وڻ لڳائڻ وڃي رهيا.
آقاﷺ مھاجرن ۽ انصارن کي چيو ، وڃو يهوديءَ کان وڃي پُڇو ته ڪٿي وڻ پوکڻا آهن، جتي چوي اُتي ٽي سئو کڏون کوٽيو، ڪن ٻين کي حڪم ڏنائون ته پنهنجي پنهنجي باغن مان کجيءَ جا ٽي سئو ٻوٽا هٿ ڪريو. پوءِ جڏهن کڏون کوٽجي وڃن ۽ ٻوٽا گڏ ٿي وڃن ته مونکي ٻڌائجو. اهي سڀ ٻوٽا آءٌ پنهنجن هٿن سان يھوديءَ جي باغ ۾ هڻندس.
ايئن ئي ٿيو.
کڏون کوٽجي ويون.
سڀ ٻوٽا آقاﷺ پنهنجي هٿن سان پوکيا.
اهو تاريخ ۾ محفوظ رهجي وڃڻ وارو باغ آهي.
اڄ ڏينهن سوڌي مديني ۾ ڦَر ڏيندو آهي. روايت آهي ته آقاﷺ جي هٿن مان لڳل اهي ٻوٽا وڌيا ۽ ويجهيا.
اهو باغ اڄ سوڌي مھَڪي رهيو آهي.
سيدنا سلمان فارسي هميشه لاءِ آقاﷺ جي قدمن ۾ اچي ويو.
سڀ ماڻهو ساڻس پيار ڪندا هئا.
مھاجر چوندا هئا، کانئس وڌيڪ هجرتون ٻي ڪنهن به ڪين ڪيون آهن، هي مھاجرن مان آهي.
انصاري چوندا هئا: هي ته اسانجي ’بنو قريظه‘ جو رهواسي هو. کيس انصاري چئو.
هڪ ڏينهن سيدنا سلمان فارسيءَ آقاﷺ کان پُڇيو
آقاﷺ ٻنهي طرفن جي ڀائرن جو اصرار آهي
اوهين ٻڌايو ته آءٌ ڪھڙن مان آهيان؟
آقاﷺ مُرڪيو
۽ فرمايائين:
”سلمان... تون منهنجي اهل بيت مان آهين.“
اهل بيت ۾ ڪڏهن ايئن زيد بن حارث به آيو هو.
هو به غلام هو.
غلام بنجڻ کانسواءِ اهل بيت جي دروازي تي پهچڻ ممڪن ڪونهي.

سيدنا عبدالله بن سلامرضه

سيدنا عبدالله بن سلامرضه

مديني جي امير يهودي زرگر (سونارڪي) قبيلي جي هڪ عالم ۽ پنهنجي ڪتاب جي باريڪين کي سچيءَ دل سان سمجهڻ واري شخص جو نالو حصين هو. ڪُنيت ابو يوسف هئي. حضرت يوسف عليه السلام جي ٽي نسل مان هو. سهڻي شباهت ۽ سهڻي سيرت وارو، هن جو لقب ”جر“ هو. گهران ٻارن لاءِ ميوات وٺڻ جي لاءِ نڪتو. ورتائين- واپس موٽي رهيو هو، جو پتو پيس ته آقاﷺ مديني پهچي ويا آهن. هو ته اڳ ۾ ئي اوسيئڙي ۾ هو، هن پنهنجي ڪتاب توريت ۾ رسول اللهﷺ جون نشانيون پڙهيون هُيون. کيس وڏي عرصي کان ساڻس ملڻ جو اشتياق هو. خبر پيس ته آقاﷺ ، حضرت ابو ايوب انصاري جي گهر ٽڪيل آهي.
مُٺيون ڀيڙي وٺي ڀڳو
پنهنجي ٻارن لاءِ جيڪو ميوو ورتو هئائين
اهو محبت مان آقاﷺ جي خدمت ۾ پيش ڪيائين.
پهرينءَ نظر ۾ ئي آقاﷺ تي اَڪن ڇڪن ٿي پيو
سُڃاڻي ورتائين ته
”هي شخص ڪوڙو ٿي نٿو سگهي.“
آقاﷺ جي محفل ۾ ادب سان ويهي رهيو
آقاﷺ ماڻهن کي فرمائي رهيو هئا.
”اي ماڻهو! ماڻهن کي کاڌو کارائيندا وڃو- پاڻ ۾ سلام جي سلامتي پکيڙيندا ڪريو ۽ رحم ڪندا ڪريو.“
رات جو جڏهن ماڻهو سُتل هجن ته نماز پڙهو.. ته جنت ۾ سلامتيءَ سان داخل ٿي ويندا. (ترمذي)
عبدالله بن سلام، آقاﷺ جي ڀرسان وڃي ويٺو ته ادب سان ٽي سوال ڪيائين. جن جي باري ۾ سندس خيال هو ته انهن جا جواب نبيءَ کانسواءِ ٻي ڪنهن وٽ به نه هوندا. آقاﷺ ٽنھي جا جواب ڏيئي رهيو هو.
عبدالله بن سلام جي اکين جي چمڪ وڌي ويئي. کيس پنهنجي ڳولا مڪمل ٿيندي نظر آئي.
هڪدم چيائين
لاالھ الا الله محمد رسول الله
آقاﷺ حصين جو نالو بدلائي عبدالله رکيو.
هُن آقاﷺ کي چيو: آقاﷺ منهنجي قوم يهود اوهانجي مقام ۽ مرتبي کان واقف آهي. پر حسد ۾ اقرار نٿي ڪري. ڪوڙا لزام ۽ بھتان بازي ڪرڻ واري آهي، اڃا منهنجي قوم جي ڪنهن به ماڻهوءَ کي خبر ڪونهي ته مون اوهانجي پيغام تي لبيڪ چئي آهي. منهنجي رٿ آهي ته اوهين اسان جي ڪجهه ماڻهن کي گهرائي منهنجي باري ۾ کانئن راءِ وٺو ۽ مونکي هتي ڪٿي لِڪائي پوءِ ساڻن ڳالهايو.
آقاﷺ يهودين کي گهرايو
هو آيا.
آقاﷺ چيو
”اوهانکي چڱي طرح خبر آهي ته آءٌ الله جو رسول آهيان ۽ هن دنيا ۾ حق کڻي آيو آهيان. پوءِ اوهين اسلام ۾ ڇو نٿا داخل ٿيو.“
هُنن وراڻيو: اسان کي خبر ڪونهي.
آقاﷺ ٽي ڀيرا اهو سوال ورجايو
ٽيئي ڀيرا هُنن جو اهو ئي جواب هو.
پوءِ آقاﷺ وسلم پُڇيو: حصين ڪير آهي؟
ڪيئن آهي؟
چيائون: اسانجو سردار آهي.
اسانجي سڀني کان وڏي عالم جو پُٽ آهي
دانشور، ڪتاب جو علم رکندڙ آهي.
ڏاهو ۽ داناءُ آهي
اسان سڀني کان افضل
آقاﷺ چيو: چڱو جيڪڏهن آءٌ چوان ته اوهانجو اهو ڏاهو، داناءُ، دانشور، عالم ۽ فاضل مون تي ايمان آڻي چڪو آهي ته؟
هُنن سڀني چيو: نا ممڪن.
آقاﷺ سڏيو: ابن سلام ٻاهر اچ..
عبدالله بن سلام ٻاهر نڪري آيو.
يهودين جا مُنهن لھي ويا
هَڄي ويا.. منهن ڌما ڇڏي وين
عبدالله بن سلام وڏي آواز ۾ چيو
”اشھد ان لاالھ الا الله محمد رسول الله .“
۽ پوءِ يھودين کي چيائين:
”اوهانکي چڱي طرح خبر آهي ته هي الله جو رسولﷺ آهي ۽ حق کڻي آيا آهن. پوءِ ايمان ڇو نٿا آڻيو.“
يھودين جا مُنهن ڪوئلي وانگر ڪارا ٿي ويا، سندن اکين ۾ نفرت ۽ ڪيني جي ڪار اچي ويئي. وات مان گڦ نڪرڻ لڳين.
شرنا وا ابن شرنا
تون سڀني کان بُڇڙو ۽ بُڇڙي جو پُٽ
ڪوڙي ۽ ڪذاب جو اولاد
بَد شد ڳالهائيندا رهيا ۽ عبدالله بن سلام مُرڪندي آقاﷺ کي ڏسي چيو
”آقاﷺ ڏٺوَ.
گهڙي سوا ۾ ئي هي ڪيئن ٿا راءِ بدلائي ڇڏين.“
هِنن جي انا کي جيڪو ڇيڙي
جنهن کي هنن پنهنجو خدا بنايو آهي.
امير ماڻهو هو
خوشحالي سندس گهر جي چائنٺ تي لکيل هئي.
هڪ ڀيري ڪاٺين جي ڀَري مٿي تي کڻي گهر وڃي رهيو هو.
رستي ۾ هڪ واقف ڪار چيس:
”خدا ته اوهان کي هن تڪليف کان آجو ڪيو آهي. پوءِ به پاڻ تي هيءَ سختي ڇو؟“
سيدنا عبدالله ڪاٺين جي ڀريءَ جي هيٺان دٻيل پنهنجي ڪنڌ کي مٿي ڪري چمڪندڙ اکين سان کيس ڏٺو ۽ چيو
هن غرور ۽ تڪبر جي قلعي کي ڊاهڻ ٿو گُهران
اهو اَنا جو خطرناڪ ڪيڙو آهي.

موڪل نامو

موڪل نامو

مڪي جا دشمن، مديني ۾ مسلمانن جي امن سان رهڻ تي تپيا باھ ٿيو ويٺا هئا. سندن دلين ۾ دشمنيءَ جي ٻريل باھ کين اندر ئي اندر ۾ ساڙي، زخمي ڪري رهي هئي.
ٻنهي طرفن جا جاسوس، ٻنهي هنڌن تي موجود هئا.
مديني ۾ قريشن جو همراھ عبدالله بن ابي سلول هو، جيڪو منافقن جو سردار هو، جنهن کي قريشن لڙائي ڪري، مديني ۾ ملندڙ بادشاهيءَ ڏيارڻ جو آسرو ڏنو هو. قريشن جو مديني ۾ ٻيو همدرد گروپ يهودي هئا. جيڪي پنهنجي بغض ۽ ڪيني جي ڪري مسلمانن لاءِ چڱو نه چاهيندا هئا.
باهمي مفاد جي تقاضا دشمن جي دشمن کي دوست بنائي ڇڏيو هو.
مڪي ۾ آقاﷺ جو به هڪ سگهارو ۽ بااثر جاسوس هو.
آقاﷺ جي رياست جو چيف سپائي ماسٽر
آقاﷺ جي سيڪيورٽيءَ جو سڀ کان وڏو انچارج
جيڪو مُشرڪن جي هاءِ ڪمان جي وچ ۾ ويهي پنهنجي اهميت ۽ فوقيت مڃرائي چڪو هو ۽ آقاﷺ جي حُڪم سان ئي اُتي رهيو پيو هو.
اهو سيدنا عباس هو
جيڪو پَل پَل جون خبرون آقاﷺ تائين پُڄائيندو پيو هو.
قريشن دشمنيءَ جو پهريون تير هنيو.
عبدالله بن ابي سلول کي هڪ خط لکيائون، جنهن جو مقصد اهو خط ابي سلول جي هٿان رسول اللهﷺ کي ڏيکارڻو هو. خط ۾ لکيل هو:
” اوهان اسانجي ڀڳل همراھ کي پناھ ڏني آهي. تنهنڪري اسين الله جو سُنهن کڻو ٿا ته يا ته اوهين کيس قتل ڪري ڇڏيو يا مديني مان تڙي ڪڍو يا وري تيار ٿيو. اسين هڪ وڏو ڪٽڪ وٺي اوهان تي هَلان ڪنداسين ۽ اوهانجي مردن کي قتل ڪري اوهان جي عورتن جي عزت پامال ڪري ڇڏينداسين“ ]سنن ابي دائود[
ڪهڙي خبر ته اهو خط عبدالله بن ابي پاڻ ئي وڃي لکرايو هُجي. هاڻ کيس بھانو ملي ويو. هُن ماڻهن ۾ گهڻو ھُلايو.. هر ڪنهن کي اهو ڌمڪيءَ وارو خط ڏيکاريو.
اها خبر آقاﷺ تائين پهچائڻي هئي.
سا پھچي ويئي.
آقاﷺ ته امن جا داعي هئا.
قرآن جو چٽو حڪم هو.
”لا اڪره في الدين“
]دين ۾ ڪوبه جبرڪونهي[
آقاﷺ فساد کي هوا ڏيڻ جي بدران، پنهنجي پيغمبراڻي انا کي ڇڏي. پاڻ هلي عبدالله بن ابي سلول وٽ ويا. هُن خط سندس سامهون رکيو.
آقاﷺ ڪهڙي نه اعليٰ تدبر جي ڳالهه ڪئي.
فرمايو
”ڇا تون پنهنجن ڀائرن ۽ پُٽن سان وڙهڻ گهرين ٿو؟“
ابي سلول کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي.
مديني ۾ سندس اثر رسوخ آقاﷺ جي اثر جي سامهون ڪجهه به نه هو.
هو ظاهري طور تي چُپ ٿي ويو .
مڪي مان ٻي ڌمڪي يهودين کي ملي، کين اهو ئي چيو ويو ته ماريوس يا تڙي ڪڍوس.
يهودين کي پهريون ڀيرو ڪنهن شئي جي قابل سمجهيو ويو هو. هو هوا ۾ ڏيڍ فوٽ مٿي اُڏرڻ لڳا. هُنن کان اهو وسرڻ لڳو ته هُنن آقاﷺ سان گڏجي امن جو ٺاھ ڪيو آهي. کين پنهنجو حاڪم مڃيو آهي. امن ۽ ڀائيچاري سان پنهنجي پنهنجي دين تي رهندي، پنهنجي پنهنجي ڪتاب موجب معاملا طئي ڪري سلامتيءَ سان هڪ شھر جي حفاظت ڪرڻي هئي. بچاءُ ڪرڻو هو.
هو به خط لهرائيندا وتيا
جوڙ ٽوڙ وڌائي ڇڏيائون.
سَٽون سَٽڻ لڳا.
سازشون ڪرڻ لڳا.
فتنو پکيڙڻ لڳا
۽ مڪي وارن سان ڳٺ جوڙ.
هُنن سڀني کان ڀوائتي ڌمڪي مديني جي شينهن کي ڏني
اوس جي جري، بهادري ۽ مانائتي سردار سعد بن معاذ کي،
سيدنا سعد بن معاذ، عمرو ڪرڻ لاءِ مڪي ويو. وڏو ماڻهو هو. مڪي جي ڪيترن چڱن مڙسن سان رستو هئس. حرم شريف ۾ هو اُميه بن خلف سان ويٺو هو، جيڪو اُتي سندس ميزبان هو. رستي ۾ جاهلن جو پيءُ ابو جهل گڏجي ويس. سعد بن معاذ کي ڏسي ٻُوٿَ تي ست ٻُوٿ چڙهي ويس. اکين ۾ نفرت ڀرجي آيس. ٿُڪ ڳڙڪائيندي بدبخت جا چپ چُرڻ لڳا. هن ڪاوڙ مان پنهنجي ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيريو ۽ واٽ ويندڙ سعد بن معاذ کي جهلي چيائين.
”شڪر ڪر جو تون هينئر ابو سفيان ۽ اُميه بن خلف جي پناھ ۾ آهين، نه ته جيئرو بچي مديني پهچي ڪين سگهين ها. ڇاڪاڻ ته اوهان اسان جي ڀاڄوڪڙن کي پاڻ وٽ پناھ ڏني آهي.“
سعد بن معاذ، اوس جو سردار
ڊگهي قد
ڳري بُت وارو
ببر شينهن
رعبدار آواز ۾ گجگوڙ ڪئي
”ڇا تون مونکي هيڏانهن اچڻ کان جهليندين
آءٌ تنهنجي هر قافلي جي اتان لنگهڻ جي راھ روڪي ڇڏيندس
هاڻ اتان ڪو قافلو لنگهائي ته ڏيکارج.“
هڪ فرد کي ڌڙڪي جي جواب ۾ سڄي مڪي جي واپار کي بند ڪرڻ جي ڌمڪي، سر، جو جواب پٿر سان نه ، پھاڙ سان.
مڪي وارن وٽ واپار کانسواءِ گذر سفر جو ٻيو وسيلو به ڪهڙو هو ۽ اُتر ڏانهن واپار جي هر واٽ شام، عراق، فلسطين، مصر ۽ روم جي لاءِ، مديني وٽان ئي گذرندي هئي.
اُن ڏينهن سعد بن معاذ مڪي وارن جي ننڊ اُڏائي ڇڏي
مديني پھتو ته اها خبر پنهنجي سڄي تناظر ۾ اڳ ۾ ئي آقاﷺ تائين پهچي چڪي هئي. هاڻ مڪي جي قافلن کي اهو ٻُڌائڻ ضروري هو ته مديني وارا اُن جي قابل آهن، جو هو اوهانجي قافلن کي روڪي سگهن ٿا. مديني ۾ جيڪا نئين سلطنت جوڙي اٿن، اُن جي حاڪميت ۽ سلامتي مڃرائي سگهن.
الله به آسمان مان قرآن ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو،
”هي اهي مظلوم آهن، جيڪي ناحق پنهنجي گهرن مان ڪڍيا ويا. اُنهن جو اُن کانسواءِ ٻيو ڪوبه ڏوھ نه هو ته هو چوندا هئا ته اسانجو پاليندڙ پروردگار الله آهي. (الحج)
”جن جي خلاف ظالمن جنگ جي شروعات ڪئي آهي، تن کي به هاڻ جنگ جي موڪل ڏجي ٿي. ڇو ته مَٿن سراسر ظلم ڪيو ويو آهي ۽ الله سندن مدد ڪرڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿو.“ (الحج)
امام زرقاني لکي ٿو ته اهو آسماني موڪل نامو. 12 صفر سن 2 هجريءَ ۾ مليو. هجرت کان يارهن مهينا پوءِ .

گشتي پارٽيون

گشتي پارٽيون

ڪنهن به سلطنت ۾ حڪومت جي پھرين ذميداري امن جو قيام آهي.
اُن سان ترقياتي ڪمن ۽ رعيت کي عدل ۽ انصاف، معاشي ۽ سماجي سازگاري، برابري، رواداري، لڳاءُ، عام تعليم ۽ نيڪ نيتيءَ جي اصول تي هلي خوشحالي ۽ ترقي ملي ٿي. پر اُن جو حصول تڏهن ممڪن ٿئي ٿو، جڏهن ڪنهن اندرينءَ خلقشار ۽ ٻاهرينءَ جارحيت جو ڊپ نه هُجي.
هڪ محفوظ رياست ئي ڪاميابيءَ جي ڏاڪڻين طرف وڌي سگهي ٿي.
مديني ۾ يھودي ۽ منافق اندريان دشمن هئا
ٻاهريان دشمن مڪي جا قريش.
مڪي وارن مديني جي اندرينءَ دشمنن کي ورغلايو ۽ مديني کي سنئون سڌو جنگ جي ڌمڪي ڏني. جواب ۾ مديني ۾ اوس جو سردار به للڪاري آيو هو ته اسين اوهانکي مديني وٽان لنگهڻ نه ڏينداسين.
فضا ۾ جهيڙي جا ڪڪر ڇانئجڻ لڳا-
ڪنهن به جنگي ٽڪراءُ جي صورت ۾ سڀ کان پهرين جيڪي حفاظتي اصول آهن، صديون اڳ به اِهي ئي هئا.
پنهنجن دشمنن کي سُڃاڻو
پنهنجي ماڻهن جي انفرادي ۽ گڏيل صلاحيتن کي پَرکيو
جانچيو
تربيت ڪريو
پنهنجي وسيلن جو جائزو وٺو ۽ اُنهن کي وڌايو
جنهن به علائقي ۾ ٽڪراءُ جو اُمڪان هُجي، اُن تي نظر رکو
اوڏانهن وڃو
غور ڪريو
اُن زمين جي فزيڪل فيچرز کي سمجهو.
جبل ڪٿي آهي، ڪيترو اوچو آهي.. ڪيئن آهي.
ڪٿان چڙهي سگهجي ٿو ۽ ڪٿان لھي.
اُتي لڪڻ جا هنڌ ڪٿي ڪٿي آهن
رستي ۾ نديون، نالا، اُنهن جا ڪنارا
اُنهن تي چڙهڻ،لھڻ
هوائن سان وڙهڻ- هوا جو عمومي رخ
صحرا جي ريتي ڪيئن آهي.
ڪهڙي موسم ۾ ڪيئن هوندي آهي ،
ڪهڙي رُخ تي سج ڪهڙي پاسي هوندو. صبح جو ڪهڙي پاسي ۽ شام جو ڪهڙي پاسي.
پاڻيءَ جا چشما ڪٿي آهن
ڪهڙا سُڪل آهن ۽ ڪهڙا ڀَريل
ساوڪ ڪٿي آهي ۽ ڪهڙي نوعيت جي
اُنهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو ڪيئن آهن.
کين اتحادي بنايو. ساٿي بنجي وڃن ته وهواھ
نه ته گهٽ ۾ گهٽ دشمن نه هُجن. جيڪڏهن دشمن جا حليف آهن ته کين پنهنجو حليف بنايو-
رُڳو دشمن جا ٻانهن ٻيلي نه ٿين.
واپاري رستا ڪهڙي پاسي آهن
اُنهن جو پاڻ ۾ ميلاپ
اُنهن تائين شارٽ ڪٽ ذريعي پهچڻ جا ڏس
اُنهن رستن ۾ قدرتي ميلاپ آهن يا رڪاوٽون-
اُنهن قافلن جي ٽِڪڻ جا هنڌ
رهڻ جي مُدت-
واپاري قافلن جي رستي ۾ سفري سهولتون ڪٿي ڪٿي آهن-
اُنهن قافلن جي هٿيار بند نگرانن جو تعداد ۽ انهن جي سگهه
اهو سڀ ڄاڻڻ ضروري آهي.
مونکي حيرت آهي
مون ٽيھه سال پاڪستان آرمي، پاڪستان نيوي ۽ سعودي آرميءَ ۾ مختلف عھدن ۽ درجن تي رهي ڪمانڊ ڪئي آهي- اسانجي جديد دور جي ماڊرن فوج پنهنجي تربيت انگريزن کان ورتي ۽ اُن کي اڳتي وڌايو-
انگريزن عظيم جنگين کانسواءِ يورپ جي اندر صدين تائين پاڻ جنگيون ڪندا رهيا. پوءِ دنيا کي محڪوم بنائڻ وقت هزارين جنگيون مَڙهيون. رڳو ٻي مھاڀاري لڙائي ۾ ساڍا چار ڪروڙ ماڻهو مُئا. هزارين شهر، لکين وسنديون مٽجي ويون، پر اُنهن سڀني سکيائن جو جيڪڏهن نچوڙ ڏٺو وڃي ته انهن جا بنيادي احوال بغير تشدد ۽ بي رحميءَ جي اهي ئي نظر ٿا اچن، جيڪي پندرهن سئو سال اڳ هڪ عالمي سطح جي بهترين تاجدار ۽ جرنل جي حيثيت سان آقاﷺ طئي ڪيا هئا. تاريخ شاهد آهي ته ايترين مُنجهيل حالتن، گهٽ وسيلن ۽ ايتري گهٽ جڳهه تي ايتري ٿوري وقت ۾ جيڪي ڪاميابيون آقاﷺ حاصل ڪيون، اِهي دنيا جو ڪوبه سپھه سالار حاصل ڪري نه سگهيو.
اها للڪار هڪ حقيقت جيان اڄ به برقرار آهي.
ڪير منهنجي آقاﷺ کان بھتر سپھه سالار ڏيکاري؟
سندس شخصيت جو هر رخ اعليٰ ترين هو.
اُن جي ڪنهن به رخ جي مقابلي ۾ ڪو ٻيو آڻي ته ڏيکاريو؟
ٿي ئي نٿو سگهي
ڇاڪاڻ ته الله ساڻس گڏ هو.
الله جي اک کان ڪهڙي ڳالهه ڳُجهي
ماضي، حال ۽ مستقبل... اسانجا ٽي زمانا آهن
خدا جي سامهون هڪئي سَنئين ٿالهيءَ وانگر
هو جڏهن به وڻيس ڪنهن زماني کي ڪَنَ مان جهلي ڪنهن ٻي زماني سان اچي گڏي..
وقت سندس هٿ جو چھٻڪ آهي.
جنهن سان هو زمان ۽ مڪان کي هڪلي ٿو
ڪهڙي شئي هُن جي وَس ۾ ڪونهي
اهو خدا منهنجي آقاﷺ سان هو ۽ آهي. اُن خدا پاران هاڻ پنهنجي بچاءُ جا اشارا اچي رهيا هئا..
آسمان تان اجازت نامو اچي چڪو هو.
آقاﷺ پنهنجي سمجهه ۽ ڏاهپ سان تياري شروع ڪري ڇڏي.
هجرت جي سَتن مهينن کانپوءِ معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ گشتي جاسوسي جٿا مديني جي ڀرپاسي، چؤڏس موڪلڻ شروع ڪري ڏنا. انهن کي اسانجي جنگ سان مُحبت ڪندڙن ننڍيون جنگيون، سَرايا يا غزوات جا نالا ڏيئي ڇڏيا.
جنهن ۾ آقاﷺ پاڻ شرڪت نه ڪئي اهي سريه- جنهن ۾ پاڻ گڏ ويا اُهي غزوه.
نالو ڪهڙو به کڻي ڏيون
پر اِهي جنگي پارٽيون نه هُيون
پهريون ڀيرو جنگ هجرت جي ارڙهن مهينن کانپوءِ رمضان مهيني جي سترهين تاريخ بدر واري مقام تي ٿي.
بدر جي جنگ کان پهرين اٺ ڀيرا اهڙيون معلوماتي ريڪي پارٽيون موڪليون ويون.
قريشي قافلا جِتان جِتان به لنگهندا هئا يا لنگهي سگهيا ٿي، اوڏانهن موڪليون ويون.
اُنهن جا ڪيترائي مقصد هئا.
باقي قريشن کي اهو به ٻُڌائڻ هو ته اسين به هٿين خالي نه آهيون
ڀرپاسي جي قبيلن ۽ بستين کي به سمجهائڻو هو ته هاڻ اسين به آهيون.
پنهنجي سلطنت جون ٻانهون پکيڙي پنهنجي حاڪميت جي علائقي جون حدون طئي ڪرڻيون هيون.
پوءِ مڪي جي دشمنن وٽ اُنهن هٿين خالي آيل مھاجرن جون جيڪي جائيدادون رهجي ويون هيون، اِهي به ڇڏائڻيون هيون.
جنگ جي صورت ۾ دشمن جي واپار جو سمورو مال بنا شڪ ۽ شُبهي جي جنگي هٿيارن ۾ بدلجي وڃي ٿو. سون، چاندي، اشرفيون، دينار ۽ درهم سميت زربفت، ريشم، کَلون، خوشبو، جنگ جي وچ ۾ گهوڙا، اُٺ، تلوارون، ڍالون، زرھ پوش، نيزا، ڀالا ۽ ۽ غلام خريد ڪيا وڃن.
سپاهين جو تعداد وڌايو وڃي ٿو.
اڄ به اهائي جنگي حڪمت عملي آهي.
اُنهن ڏينهن به اهوئي هو.
اڄ سوڌي اسانجا دشمن اسانجي پويان ڇو پيل آهن؟
هو ڇو اسانکي رستا، جديد ريلوي، ڊيم ۽ وڏا ڪارخانا لڳائڻ نٿا ڏين.ڇو ته اسانجا ڪي ڳاڻ ڳڻيا ماڻهو هر دور ۾ خريد ڪيا ويندا آهن، جن جو ڪم انتشار پکيڙڻ ۽ ترقيءَ جي رفتار کي روڪڻ آهي. جيئن مڪي جي قريشن مديني ۾ يهودين ۽ منافقين جي سردار ’عبدالله بن ابي سلول‘ کي خريد ڪري رکيو هو. بس اهي ويڪائو همراھ ڪجهه ٽَڪن جي عيوض يا رڳو پنهنجي اَنا جي بگڙيل بُڇڙي شڪل کي ڪنهن گمان ۾ پالي مملڪت ۾ هر فلاحي ڪم جي رستي ۾ رڪاوٽ بنيل رهندا آهن.
خاص طور تي جڏهن گاڏي تِکي ڊوڙڻ لڳي.
اهي ڪنهن نه ڪنهن هنڌ فساد پکيڙي دهشت جي لاءِ راهون هموار ڪندا آهن، ته جيئن باقي سلطنت جو پاڻ ئي هٿن سان ٻيڙو ٻُوڙين.
اهو سلسلو اڄ به جاري آهي.
جنگ بدر کان اڳ گشتي جٿن کي وڙهڻ جي موڪل نه هئي.
کين رڳو خبرون آڻڻ، ڊيڄارڻ ۽ علائقي جي صورتحال تي نظر رکي غور ڪرڻ جو حڪم هو.
انهن سڀني معلوماتي پارٽين وٽ هڪئي رنگ جو جهندو هو.
ڪبوتر
ڳيري رنگ جو
اَڇو جهنڊو-
امن جو جهنڊو .

امن جي اڇي جهنڊي واريون مُهمون

امن جي اڇي جهنڊي واريون مُهمون

آقاﷺ ، شير خدا سيدنا امير حمزه کي مديني مان نڪرندڙ پھرين گشتي معلوماتي مھم جو امير بنايو. حضرت سيدنا عبيده بن حارث بن عبدالمطلب کي هٿ ۾ اڇو جهنڊو ڏنو، ۽ بحر قلزم ]ڳاڙهي سمنڊ[ جي ساحل ”العيص“ ڏانهن روانو ڪيو. اڄڪلهه اهو هنڌ رابع بندر گاھ جي اُتر ۾ 30 ڪلو ميٽر پري آهي، اتي العيص نالي هڪ چشمو هو، جنهن جي رستي تي قافلا ڊاٻو ڪندا ۽ ساھي پٽيندا هئا. گمان اِهو هو ته اُتي ابوجهل جي اڳواڻيءَ ۾ قريشن جو هڪ واپاري قافلو پھچي رهيو آهي.
سيدنا حمزه وقت تي پھچڻ جو عادي هو.
ساڻس گڏ ٽيھه مھاجر هئا.
اهي ابوجھل جي قافلي کان اڳ اُتي پھتا.
ابوجھل ۽ سندس قافلو پھتو ته سامهون شير خدا هو.
ابو جهل جي مٿي تي اڃا تائين سيدنا حمزي جي لڳل ڪمان جي زخم جو نشان هو. هاڻ ته سامهون ڪمانون اُڀيون هيون، اُنهن تي تير چڙهيل هئا. مسلمان جنگي پوزيشن ۾ ڪمانون ڪشي قطاريل هئا.
ابوجهل ڊپ کان ڪنبي ويو.
هو، اُن واديءَ جي سردار مجدي بن عمرو جھنيءَ کي ٽياڪڙ ڪري وٺي آيو. ان علائقائي سردار جو قريشن ۽ مسلمانن سان حلفيانه لاڳاپو هو. هو وچ ۾ اچي بيٺو ته وقتي طور تي موت ابوجهل کان ٽري ويو. ويڙھ نه ٿي.
ابوجھل کي سندس ڏنل ڌمڪيءَ تي سعد بن معاذ پاران مليل للڪار سچ ٿيندي نظر آئي.
اها هجرت جي ستين مهيني رمضان جي مهيني ۽ پهرين هجريءَ جي ڳالهه آهي. اڃا رمضان جي روزن جو حڪم نه لٿو هو. اُن کانپوءِ ايندڙ رمضان ۾ بدر جي جنگ ٿي هئي ۽ اُن رمضان کان هڪ مھينو اڳ شعبان ۾ روزا فرض ٿيا هئا.
هڪ هفتو گذري ويو-
شوال جو چنڊ نظر آيو.
خبر پيئي ته هن ڀيري هزارين اُٺن تي ٻڌل قافلو اچي رهيو آهي، اهو به اُن ئي رستي کان جيڪو ’ثنية العره‘ کان ٿيندو رابغ ۽ العيص جي وچان سمنڊ جو ڪنارو ڏيئي پيو اچي- هن ڀيري قريشي قافلي جو سردار ابو جهل کان به وڏو دشمن ابو سفيان بن حرب هو. آقاﷺ جنهن کي جهنڊو ڏنو، اهو عبيده بن حارث بن عبدالمطلب هو. پنهنجي اُن سٺ سالن جي سئوٽ کي امير بنائي ساڻس سٺ مهاجر به گڏي ڇڏيائون، انهن ۾ آقاﷺ جو مامون، تير اندازيءَ جو ماھر سيدنا سعد بن ابي وقاص به هو.
ابو سفيان بن حرب به سيدنا سعد بن وقاص جي تير جي زد ۾ اچي ويو.
ڪمان ڪَشي ويئي
ابو سفيان ڊپ سبب ڏڪي ويو.
پر آقاﷺ اڃا رت وهائڻ جو حڪم نه ڏنو هو. سيدنا سعد بن وقاص، نشانو ته ابو سفيان بن حرب جي آقاﷺ کي سدائين نفرت کان ڏسندڙ اکين جي وچ ۾ ورتو هو، پر آقاﷺ جي حڪم سان ئي سندس جان بخشي ڇڏي ۽ ابوسفيان جي تڪبر مان ٻُڏل پَڳهه کي تير هڻي سندس مٿو اگهاڙو ڪري ڇڏيو-
اهو ڪنهن مسلمان جو هلايل پھريون تير هو.
ابو سفيان جي محافظن جو تعداد 200 هو.
پر دشمن تير انداز سعد بن ابي وقاص کان پري ئي رهيا.
پري کان تير هليا.
بس ابو سفيان جي پَڳهه کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڪيرايو ويو.
مقصد رڳو دشمن کي ڊيڄارڻون هو
سو ڊيڄاريو ويو.
اُن جو هڪ بونس اهو مليو ته قريشن جن ٻن مسلمانن کي هجرت ڪرڻ کان جهلي ڇڏيو هو، اهي سعد بن وقاص جي تير هلڻ جي حوصلي ۾ شينهن بنجي ويا ۽ پنهنجا سپاهي ڇڏي اچي مسلمانن سان گڏيا.
اهي سيدنا مقداد بن عمرو براني ۽ عتبه بن عزوان مازني هئا.
هن ڀيري اڇو جهنڊو سطح بن اثاثه جي هٿن ۾ هو.
ٽيون ڀيرو موڪليل گشتي پارٽي شايد علائقي جي زمين، رستن، جبلن، پھاڙن، ندين ۽ نالن جو تفصيل سان جائزو وٺڻ جي لاءِ ويئي هئي. اها مديني کان مڪي طرف ويئي هئي. مديني کان پري مڪي جي ڀرسان ’جخفه‘ وٽ، الخرار تائين پنڌ ئي پنڌ، الخرار آواز سان وهندڙ پاڻيءَ کي چيو ويندو آهي. اُن جٿي جو سربراھ سيدنا سعد بن ابي وقاص هو. خرار وٽ هڪ قريشي قافلو ٽِڪيل هو. اهو جٿو اُتي پھتو ته دشمن قافلو اڳ ۾ ئي پُڄي ويو هو.
مارڻ کان وڌيڪ ڊيڄارڻ اثر رکي ٿو.
قريشن تي هڪ ڊپ به طاري ڪرڻو هو ته سندن واپاري قافلن جو رستو هاڻ اسانجي پهچ ۽ وَس ۾ آهي.
تنهنڪري رستو بدلايو، يا وري ذهن، دل ۽ دماغ ۾ تبديلي آڻيو.
هاڻ مسلمان هڪ سگهه هئا.
هڪ مملڪت وارا
سيدنا سعد بن ابي وقاص، آقاﷺ جو ماسات هو. اسلام جي شروعاتي ڏينهن ۾ سترهن سالن جي عمر ۾ اسلام آندو هئائين. اُن گشتي جٿي ۾ ٽيهن سالن جي عمر ۾ شريڪ ٿيو هو. هُن سڀني جنگين ۾ حصو ورتو هو. آقاﷺ کانپوءِ سيدنا عمر جي وقت ۾ سندس ئي هٿان ايران جهڙي سپر پاور فتح ٿي. عراق جو قديم شهر بابل ۽ نينوا به هن ئي فتح ڪيا.
اُنهن ٽن شروعاتي ڪامياب گشتي جٿن کي جڏهن اطمينان جوڳا اطلاع مليا ڄاڻ گڏ ٿي وئي ته آقاﷺ پاڻ مسلمانن جي هڪ مضبوط جٿي کي ساڻ ڪري مديني مان ٻاهر نڪتا، اُن ۾ ستر مھاجر شامل هئا.
هن ڀيري منزل مديني ۽ مڪي جي وچ ۾ هڪ سڳورو هنڌ هو.
ابواء-
جتي ڇھن سالن جي عمر ۾ پاڻ سڳورا پنهنجي امڙ کان وڇڙيا هئا.
هينئر ’ابواء‘ وٽ هاڻ ”هرشي“ نالي هڪ وسندي آهي. ان علائقي کي ”ودان“ به چيو وڃي ٿو. ’جحفه‘ کان هڪ سئو ڪلوميٽر پري اُن هنڌ تي ان وقت ٽي وڏا قبيلا آباد هئا.
بنو ضمره، بنو غفار ۽ ڪنانه-
مديني مان نڪرڻ مھل آقاﷺ خزرج جي سردار سيدنا سعد بن عباده کي پنهنجو نائب مقرر ڪيو ۽ پنهنجو امن جو اڇي ڪبوتر جهڙو جهنڊو سيدنا حمزي کي هٿ ۾ ڏنو. خود پنهنجن هٿن سان اهو جهنڊو ٻڌو.
قبيلن ۾ اثرپذيريءَ جو ٻج پوکيو ويو هو.
هاڻ ڦل حاصل ڪرڻ جو وقت هو.
اهو ڦل مليو.
بني ضمره جي سردار مخشي بن عمرو رسول اللهﷺ سان دوستاڻو معاهدو ڪري ورتو.
لکت ۾ معاهدو
آقاﷺ هر سفر ۾ قلم ۽ ڪاغذ ساڻ رکندا هئا.
معاهدي جي لکت هن ريت هئي.
”هيءَ بنو ضمره جي لاءِ محمد رسول اللهﷺ جي لکت آهي. هي ماڻهو پنهنجي جان ۽ مال جي باري ۾ بلڪل امن ۾ رهندا ۽ جيڪو مَٿن حملو ڪندو، تن جي خلاف سندن مدد ڪئي ويندي، سواءِ اُن جي ته اهي خود الله جي دين جي خلاف جنگ ڪن. هي معاهدو تيستائين آهي، جيستائين سمنڊ اهو ٻوڙي ڇڏي ۽ جڏهن به رسول اللهﷺ کين سڏيندو ته کين مدد جي لاءِ اچڻو پوندو.“
آقاﷺ پنهنجو قيام پنهنجي امڙ سانئڻ جي قبر وٽ ’ابواء‘ ۾ ئي ڪيو.
پاڻ سڳورا جنگ جي بدران محبت جون ٻانهون کولي آيا هئا. کيس پنهنجي امڙ جي قبر جي قربت سان هڪ وڏي قبيلي جي وفاداري ملي هئي.
دل ۾ سڪون جو درياھ کڻي
اکين ۾ امڙ جي محبت جو درياھ لڪائي
مالا مال ٿي مديني واپس وريا.
اهو واقعو صفر سن 2 هجريءَ جو آهي.
ريبع الاول ۾
پاڻ سان گڏ 200 پروانا.
هن ڀيري مقصد اُن قريشي واپاري قبيلي کي روڪڻ جو هو، جيڪو آقاﷺ جي غلام بلال بن رباح کي تپندڙ واري ۽ باھ جيان ڌڳندڙ پٿرن تي ليٽائڻ کانپوِءِ سندس مٿان ڳرا نوڪدار پٿر رکي ڇڏيندو هو.
اُميه بن خلف
هو اڍائي هزار اُٺن جي واپاري قافلي جي ميلن تائين ڊگهي قطار سان شام مان نڪتو هو. ساڻس گڏ ٻه سئو محافظ هئا. آقاﷺ سڌو اُن قافلي جي رستي ۾ پنهنجا ساٿي وٺي ويو.
اهو قافلو جنهن هنڌ ٽڪيل هو، اُن جو نالو ”بواط“ هو-
اهو هنڌ مديني ۽ يبنوع ٻنهي کان سئو ڪلوميٽر پري هو. اُتي ٻن جبلن جي وچ ۾ هڪ وڏو قبيلو ”جهينه“ آباد هو. اتي ئي هڪ مشهور جبل ”رضوي“ آهي.
مديني ۾ پنهنجو نائب اوس جي سردار، سيدنا سعد بن معاذ کي بنايو ۽ جهنڊو سعد بن ابي وقاص کي ڏنو
ڪو به رت نه وهيو.
اُميه بن خلف تيزيءَ سان پنهنجو قافلو وٺي ڀَڳو-
آقاﷺ سندن پيڇو نه ڪيو.
”جهينه“ قبيلي به آقاﷺ جي برتري مڃي ورتي.
ٻي ڀيري، ايندڙ مهيني، آقاﷺ ٻيهر چوٿون ڀيرو لڳاتار قيادت ڪندي مديني مان نڪتا.
هن ڀيري منزل ”بدر جو ميدان“ هو.
بدر جي ميدان ۾ جنگ ته ڇھن مهينن کانپوءِ ٿيڻي هئي. آقاﷺ اُن جو جائزو وٺڻ ويا هئا، شايد ٿيو هيئن ته قريشي مڪي جي هڪ چور ’ڪرز بن جابر فهري‘، چالاڪي ۽ عياريءَ سان مديني جي سرڪاري چراگاھ تي هلان ڪري ڏني ۽ ڪيترا اُٺ اتان چوري ڪري پاڻ سان وٺي ويو. اها خبر جڏهن آقا تائين پُڳي ته پاڻ ستر سوار وٺي چور جي پويان روانا ٿيا. بدر جي ويجهو سفوان جي ماٿريءَ تائين ويا. اهو 85 ميلن جا فاصلو هو. بدر جي ميدان جي اڳيان چور جا پيرا نه مليا.
چور پڪڙجي نه سگهيو.
پر پوءِ جهليو ته به عجيب نموني.
اهو ئي چور ٿورن ڏينهن کانپوءِ پاڻ مسلمان ٿي ويو.
۽ آقاﷺ جي اُن ئي چراگاھ ۾ اُٺن کي چارو ڏيندڙ ۽ انهن جو رکوال بنجي ويو. مديني مان وڃڻ مھل آقاﷺ سيدنا زيد بن حارث کي پنهنجو نائب بنايو هو.
جهنڊو اُن وقت به گڏ هو.
جهنڊي کڻڻ وارو هو شير رسولﷺ سيدنا عليرضه
اُن تعاقب کان ٿورو اڳ خبر پئي ته ابوسفيان بن حرب هڪ وڏو واپاري قافلو مڪي مان وٺي شام جي لاءِ روانو ٿيو آهي. هو ينبوع جي ويجهو هڪ هنڌ ’ذوالعشيره‘ پھتا، ساڻن گڏ صرف 30 اُٺ گڏ هئا، انهن تي واري وٽي سان چڙهيا ٿي، جنهن ڪري پهچڻ ۾ دير ٿي وئي ۽ قافلو نڪري ويو.
هي اهو ئي قافلو هو، جنهن کي واپسيءَ ۾ جهلڻ جي صورت ۾ بدر جي جنگ ٿي.
آقاﷺ جو اُن مشن تي وڃڻ به مبارڪ ثابت ٿيو.
اُتي ٽڪڻ جي دوران ٻن سگهارن قبيلن بنو مدلج ۽ بنو ضمره سان عدم جارحيت جو ٺاھ ٿيو.
مديني مان نڪرڻ مھل سيدنا ابو سلمه بن عبدالاسد المخزوميءَ کي نائب مقرر ڪيو ۽ امن جو اڇو جهنڊو شير خدا سيدنا امير حمزي کي ڏنائون.
اُن ترتيب سان چئن مختلف گشتي پارٽين جي قيادت آقاﷺ پاڻ ئي ڪئي ۽ پنهنجن سپاهين جي ميدان ۾ تربيت ڪري، پاڻ ئي پرکيائين ۽ آزمايائين.
بدر جي جنگ کان اڳ رجب 2 هجري ۾ آقاﷺ هڪ ٻارهن ڄڻن تي مشتمل جٿو جائزي وٺڻ جي لاءِ مڪي ۽ طائف جي عين وچ ۾ مڪي جي سرحد تي، مڪي جي حدن ۾ ”نخله“ جي هنڌ تي موڪليو.
اُن جو مقصد شايد اهو هو ته اسان مڪي جي هر روايتي رستي تي ته اوهان کي روڪڻ جي سگهه رکون ٿا. پر هاڻ اسين ان طرف به اچي سگهون ٿا، جنهن پاسي اوهان ڪڏهن سوچيو به نه هوندو.
ان جٿي جي قيادت پاڻ سڳورن سيدنا عبدالله بن حجش جي حوالي ڪئي. ان سان گڏ سيدنا سعد بن ابي وقاص به هو. امير مقرر ڪرڻ مھل آقاﷺ چيو؛
”اڄ آءٌ اوهان مان هڪ اهڙي شخص کي امير مقرر ڪندس، جيڪو اوهان سڀني مان وڌيڪ بُک ۽ اُڃ برداشت ڪرڻ وارو آهي.“ (زرقاني)
اصول طئي ڪيو ويو.
ڊگهي جنگي يا معلوماتي مشن جي مقرري ڪندي،
آقاﷺ سفر ۾ مشن جي امير سيدنا عبدالله بن حجش کي لفافي ۾ بند هڪ لکت ڏني.
۽ فرمايو
”ٻن ڏينهن جي سفر کانپوءِ هن کي کولج، پَڙهج ۽ پنهنجن ساٿين کي به سُڻائج، پوءِ جيڪو لکت ۾ حڪم هجي، اُن تي عمل ڪج، جيڪو ساٿي اڳتي هلڻ نه گهري، اُن تي جبر نه ڪج“-
ٻه ڏينهن مسافريءَ ۾ اوسيئڙي ۾ گذريا.
خط کوليو ويو ته لکيل هو.
بسم الله الرحمٰن الرحيم
اوهان کي الله جي برڪت نصيب ٿئي، اوهان ۽ جيڪو ساٿي اوهان سان هلڻ گهري، اُن کي پاڻ مان وٺي روانو ٿج- ايستائين جو اوهين نخله تائين پهچي قيام ڪريو، اُتي قريشن جي هڪ قافلي تي نظر رکجو، جيڪو اناج کڻي پيو وڃي، اميد آهي ته اوهين اُن جي ڪا خبر کڻي واپس ورندؤ.“
سيدنا عبدالله بن حجش خط پڙهندي ئي چيو:
حڪم جي تعميل ٿيندي
ساٿين کان پُڇيائين
سڀئي هلڻ جي لاءِ تيار هئا.
سڀ اڳتي وڌيا
اڳيان ’فرع‘ جي ميدان ۾ نجران جي علائقي ۾ هڪ عجيب واقعو ٿيو.
سيدنا سعد بن ابي وقاص ۽ سيدنا عتبه بن غزوان هڪ ئي اٺ تي سوار هئا، اهو گم ٿي ويو، اهي ٻيئي اُٺ کي ڳولهڻ لڳا. باقي ٻارهن مان ڏھ ڄڻا ٻُڌايل منزل طرف روانا ٿي ويا.
اهي بطن نخله پھچي ويا..
هدايت موجب قريشي قافلي جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳا
اوسيئڙي جون گهڙيون ختم ٿيون.
اهو قافلو اچي ويو
قافلي ۾ اُٺن جي ڊگهي قطار هئي.
اُنهن تي سامان لڏيل هو.
انهن ۾ ڪشمش، سُڪل ميوو، ڏاڙهن ۽ سُڪل ڊاکن جون ڀريل ٻوريون هيون.
سڄو بطن نخله خشڪ ميوي جي سرهاڻ سان واسجي ويو.
اهو قريشن جو اندروني علائقو هو، طائف ۽ مڪي جي وچ ۾، ساڻن محافظ به ڪي ٽي چار ئي هئا. عمرو بن حضرمي، حڪيم بن ڪيسان، عثمان بن عبدالله بن مغيره مخزومي ۽ نوفل بن عبدالله مخزومي.
اُن قافلي جي ماڻهن ۾ گهڻا ابو جهل جا مٽ مائٽ هئا.
انهن سڀني جي سامهون مسلمانن جا شينهن جيڪي سوين ميلن جو ڊگهو غير روايتي سفر ڪري سندن مٿان تراڙيون اُڀيون ڪريو بيٺا هئا.
ابو جهل جا مٽ مائٽ هڪ ئي گهڙيءَ ۾ کنڀجي ڪُٺل جهرڪيون بنجي ويا.
سندن سامهون باز بيٺا هئا.
باز جهڙپ ڏيڻ کان اڳ سوچي رهيا هئا.
حملو ڪريو يا ڇڏي ڏيون؟
مليل هدايت جو تجزيو ٿيڻ لڳو.
حڪم ته نظر رکڻ ۽ خبرون آڻڻ جو هو.
پر نظر هٽائبي ته اهي ڀڄي ويندا.
اڳيان ’حرم ڪعبه‘ جون حدون شروع ٿي ٿيون.
اُتي کين ڪجهه به نه ڪري سگهبو. اهو لڙهندڙ ڏينهن شايد احترام واري رجب جي مهيني جو آخري ڏينهن هجي. چنڊ هڪ ڏينهن اڳ نڪري چڪو هو. سفر ۾ غور نه ڪيو. ٿي سگهي ٿو ته اڄ شعبان جي پهرين تاريخ هجي. جيڪڏهن اڄ به رجب آهي ته اهو احترام وارو مهينو آهي. جيڪڏهن کين رجب جي آخري شام مڃي ڇڏي ڏجي ته اهي لازمي طور تي ڪجهه ڪلاڪن جي اندر حرم ڪعبي جي حدن ۾ داخل ٿي ويندا. جنهن جو احترام لازمي آهي.
ڇا ڪجي
باز سوچي رهيا هئا.
گڏھ ڪَن هيٺ ڪري هَڄيا بيٺا هئا.
مرڻ کان اڳ ئي سندن رت ڄمڻ شروع ٿي ويو هو.
۽ سڄي وادي نخله خشڪ ميوي جي هُڳاءُ سان ڀريل ساھ کڻي رهي هئي.
آقاﷺ کان فوري طور تي حڪم وٺڻ ممڪن نه هو.
جنهن جو سڀني زمينن ۽ آسمانن تي حڪم هلندو هو، رڳو ان جي ارادن کي ئي طئه ڪرڻو هو.
هونئن فيصلو ته مشن جي امير جو هو ندو هو، اُنهن ۾ ڳچ دير تائين صلاح مشورو ٿيندو رهيو.
امير مشن پنهنجن ساٿين کي ياد ڏيار ٿو ته
قرآن ۾ ”سوره حج“ ۾ جنگ جي موڪل ملي چڪي آهي.
سڀئي هڪ فيصلي تي پهچي ويا.
واقد بن عبدالله سھميءَ پنهنجي ڪمان تي تير چاڙهيو.
۽ ڪمان ڇڪي
شست ٻڌائين
۽ ڇڏي ڏنائين
تير سڌو وڃي قافلي جي سرپئنچ عمرو بن حضرميءَ کي لڳو
۽ هو ڊهي پيو
سندس ساٿين ۾ ڀڄ ڊُڪ مچي ويئي
هو سڀ سامان اُٺ وغيره ڇڏي وٺي ڀڳا. ٻن کي جهلي قيدي بنايو ويو. انهن ۾ هڪ عثمان بن عبدالله هو.
۽ ٻيو حڪم بن ڪيسان
مسلمانن جو اهو دستو ٻنهي قيدين ۽ سُڪل ميوي جي ٻورين کي اُٺن تي لڏي، ڪا به ٻوري کولڻ کانسواءِ، ڪشمش چکڻ، آلو بخارن کي هٿ لڳائڻ يا سڪل ڏاڙهون جو داڻون به ڦڪڻ کانسواءِ ئي بند ٻورين ۾ مديني کڻي آيا.
آقاﷺ جي خدمت ۾ حاضر ٿيا.
آقاﷺ جي چھري تي سنجيدگي طاري هئي.
فرمايائون
”مون اوهانکي وڙهڻ جي لاءِ نه چيو هو.“
آقاﷺ جي ناپسنديدگي چِٽي هئي.
اصحابه سريه، جيڪي فتح جي خوشيءَ ۾ هيتري سفر کانپوءِ گهر موٽيا هئا، تن جا ته هوش ئي ڇڏائجي ويا. هُنن جي لاءِ آقا جي خوشنودي ئي دنيا ۽ آخرت جو اڪيلو سهارو هئي. هو ڊپ سبب ڏڪڻ لڳا. سمجهيائون ته برباد ٿي وياسين. سندن سنگتين به کين ملامت شروع ڪري ڏني.
مال غنيمت ۾ آندل سُڪل ميوي جون ٻوريون بند ئي رهيون. مسلمان بکايل ۽ مُفلس هئا. مٿان وري اُن ميوي جي خوشبوء سندن بک وڌائڻ لڳي.
هيڏانهن مڪي وارن وٺي هُل ڪيو.
جيئن اڄ ڪلهه نجي ٽي وي چينل بار بار بريڪنگ نيوز جي فائرنگ ڪري ماڻهن کي رتو ڇاڻ ڪندا آهن.
هُنن ڀرپاسي ٽِڪر هلائي ڇڏيا.
هنن جي شاعرن غليظ تُڪ بنديون ڪيون.
ماڻهن کي ڀڙڪايو
ڏسو، هِنن بي دينن حرم جي حدن وٽ
احترام واري مهيني ۾ قتل ڪري ڇڏيو
قافلو ڦُري ورتو
بدلو اڻ ٽر ٿي پيو.
تياري ڪريو
ابو جھل جو آواز انهن سڀني مان مٿانهون هو
هيڏانهن مسلمان، خاموش، اُداس ۽ پريشان
نيٺ آسمان تان حڪم لٿو.
وحي آئي:
”ماڻهو اوهان کان پُڇن ٿا ته جيڪو حُرمت جو مهينو سمجهيو وڃي ٿو، ان ۾ لڙائي ڪرڻ ڪيئن آهي؟ چؤ، اُن ۾ وڙهڻ خراب ڳالهه آهي. پر الله جي رستي ۾ روڪڻ ۽ ان کان انڪار ڪرڻ ۽ مسجد حرام جو رستو بند ڪرڻ، حرم ۾ رهڻ وارن کي اتان ڪڍي ڇڏڻ، الله جي نظر ۾ اُن کان به وڏي بُڇڙائي آهي ۽ فتنو، قتل کان به وڌيڪ آهي“. (البقره)
الله انهن سڀني کي آجو ڪري ڇڏيو-
نه رڳو اِهو، پر الله اُنهن جي دل کولي مٿڀرائپ ڪئي.
”بيشڪ اُنهن ماڻهن جن ايمان آندو ۽ جيڪي وطن کان بي وطن ٿي تڪليفون سهي الله جي واٽ ۾ جهاد ڪيائون. بيشڪ اهي ئي ماڻهو آهن، جيڪي الله جي رحمت جا اميدوار آهن ۽ الله غلطي معاف ڪرڻ وارو ۽ پنهنجي نعمتن سان نوازڻ وارو آهي.“ ( البقره)
هو سڀ سُرخرو ٿي ويا
ٻنهي قيدين کي ڇڏائڻ وارا فديو کڻي مڪي مان پهچي ويا.
ٽي ٽي اوقيه سون يعني هر ڪنهن جي لاءِ چار سئو اسي درهم.
ٻنهي جي لاءِ فديو ادا ٿي ويو
عبدالله بن مغيره هٿ ڇنڊي اُٿي کڙو ٿيو
ٻيو قيدي چار ڏينهن مسجد نبويءَ ۾ مسلمانن جي پاڪيزگي ڏسي ۽ آقاﷺ جي حُسن اخلاق جي هٿان لُٽجي ويو. جڏهن مڪي کان آيل سندس مٽ مائٽ سندس فديو ادا ڪري، سندس هٿ جهلڻ ويا ته هو ڍڪون ڏئي روئڻ لڳو:
آقاﷺ جي اڳيان هٿ ٻڌي چيائين
مونکي نه موڪليو
پنهنجو غلام.. قيدي بنائي رکو
منهنجي جسم ۽ روح جي ٻوٽي ٻوٽي شاهدي پئي ڏي
”لاالھ الا الله محمد رسول الله“
آقاﷺ آءٌ اوهان جو ٻانهو آهيان
مونکي نه ٺڪرايو
آقاﷺ ته ٺڪرايلن کي ئي پنهنجو ڪندا هئا.
اُن جو فديو واپس ڪيو ويو.
هو وادي نخله مان آيل سڀني کان وڌيڪ خوشبودار ميوو هو. جنهن جي آقاﷺ سان وفاداري، سڄي زندگيءَ جا رشتا ناتا ٽوڙي، پنهنجي بستيءَ کان پري قيدي بنجي اچڻ ۽ بلڪل آزاديءَ جي وقت، آقاﷺ جي غلامي اختيار ڪرڻ جي ڪري اڄ سوڌي حيرت جي علامت ۽ آقاﷺ سان عشق جو اڻ مٽ مثال آهي.
مڪي جي مُشرڪن ۽ خاص ڪري ابوجهل ۽ اُميه بن خلف تي ته ٻٽي ڪاتي هلي، جو سندن قيديءَ پاڻ ئي آزاد ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
شايد اُن ڏينهن هنن هڪ فيصلي ڪندڙ جنگ جي تياري تيز ڪري ڇڏي، جيڪا ٻه مهينا پري بيٺل بدر جي پڙَ ۾ انهن غير مهذب ظالم روحن کي دفنائڻ لاءِ، انهن جا جسم طلبي رهي هئي.

بدر جي جنگ

بدر جي جنگ

ٽي مهينا اڳ آقاﷺ ابو سفيان جي شام ويندڙ، جنهن قافلي جو ’عشيره‘ تائين تعاقب ڪيو هو، پر اهو هٿ نه لڳو هو. هاڻ اُن ئي قافلي جي ڪنهن به مھل شام مان واپسي ٿيڻي هئي.
اچڻ مھل مديني جي اتر ۾ ڪيترائي رستا هئا.
پر اُن قافلي جو هر رستو مديني کان 150 ڪلوميٽر مڪي ڏانهن بدر مان ٿي لنگهندو هو.
بدر هڪ ساڍن چئن ۽ ساڍن پنجن ڪلوميٽرن جو بيضوي ميدان هو. جنهن جي ريتي ٻنهي ڪنارن تي گڏ ٿي دڙا ٺاهيندي هئي. قرآن ۾ سوره انفال ۾ خدا جنگ جا خد و خال ۽ لڙائي جا طريقا ٻڌائي انهن دڙن کي قريبي ۽ پري جا دڙا چيو.
بدر جي ان ئي صحرائي ميدان جي ٻنهي پاسن وڏا پھاڙ هئا.
اُنهن پھاڙن جي وچ ۾ ريگستاني ميدان سان گڏ هڪ وڏي خشڪ بنجر جابلو ٽڪري آهي، جيڪا ’جبل اسفل‘ سڏجي ٿي. ان ٽڪريءَ تي چڙهبو ته ڏکڻ اولھه ۾ ڏھ ميل پريان پکڙيل ڳاڙهي سمنڊ جو نيرو پاڻي صاف نظر ٿو اچي.
بدر جي ريتيلي ميدان ۾ ڪيترائي کوھ ۽ باغ آهن.
اُتي واپاري قافلا ترسندا هئا.
ان زماني ۾ اتي پهرين ذيقعد کان اٺين ذيقعد تائين اٺن ڏينهن جو هڪ ميلو لڳندو هو. اُتي ڀرسان ئي بنو ضمره وارا آباد هئا.
آقاﷺ شام، بدر ۽ مڪي ڏانهن اڳ ۾ ئي جاسوس موڪليا هئا.
شام طرف سيدنا طلحه بن عبيدالله ۽ سيدنا سعد بن زيد موڪليا ويا هئا. ۽ بدر ڏانهن سيدنا لبسبس بن عمرو جھني روانا ڪيا ويا هئا. مڪي ڏانهن عدي بن ابي الزغبا کي روانو ڪيو ويو هو.
اها 12 هين مارچ 623عيسوي بمطابق 12 رمضان سن 2 هجري آچر جي ڏينهن جي ڳالهه آهي، جو ٻنپھرن ڌاري بدر ڏانهن موڪليل جاسوس لبسبس ڊوڙندو مسجد نبويءَ ۾ آيو. آقاﷺ سان اڪيلائيءَ ۾ ڪا ڳالهه ڪيائين، جيڪا ٻڌندي ئي آقاﷺ فرمايو :
”جن وٽ سواريون هِتي موجود آهن، اهي اسان سان هلن“.
لڳو ٿي ته گهڻي تڪڙ هئي
چراگاھ مان اُٺن آڻڻ جو وقت ئي نه هو.
جيڪا مديني کان ٻاهر اُٺن ملن ۾ پکڙيل هئي.
ماڻهن کي ميڙڻ ۾ به وقت لڳي ٿي سگهيو
ڪجهه ماڻهن کي مديني مان اوچتو روانگي سمجهه ۾ نه آئي
قرآن به تصديق ڪئي.
”توکي تنهنجي رب صحيح سبب جي ڪري ٻاهر ڪڍيو، جيتوڻيڪ ايمان وارن جو هڪ گروھ اُن مان خوش ڪونه هو.“
صحابين کي به خبر نه هئي ته ڪيڏانهن هلڻو آهي.
سفر جي تياري ۽ سفر جو سامان به مناسب نه هو
اڳ ۾ ايئن ٿيندو هو ته سفر جي لاءِ مديني مان ٻاهر نڪرڻ مھل ڪنهن جاءِ تي ترسي انتظامن جو جائزو ورتو ويندو هو.
ساٿي ساريا ويندا هئا.
سواريون ڳڻيون وينديون هُيون
ايئن هڪ ميل ٻاهر اچي، ”بيئر ابي عقبه“ نالي کوھ تي ترسيا.
اُٺن کي پاڻي پياريائون-
ماڻهن به پاڻي پيتو
روزا ته ڀڳا ويا. جو سفر تي روانا ٿيا هئا.
پخالين ۾ پاڻي ڀريائون، سيدنا قيس بن صمحه کي کوھ تي بيهاريو ويو ته هو سوارين ۽ ساٿين کي ڳڻي.
ڳڻپ ٿي
خبر پئي ته 313 ڄڻا آهن.
74 مهاجر
229 انصاري
313 جي اُن سڄي گروھ وٽ رڳو ستر اُٺ ۽ ٻه گهوڙا هئا.
هڪ گهوڙو سيدنا مقداد جو ۽ ٻيو زبير بن عوام جو.
ست ننڍي عمر وارا ٻارڙا به گڏ ِآيا هئا.
آقاﷺ حڪم ڏنو ته ٻارڙا واپس وڃن.
سورهن سالن جو عمير بن ابي وقاص حڪم ٻُڌي روئڻ لڳو.
کُڙين تي اُڀو ٿي بيٺو ۽ چهرو لڙڪن مان ڀري ڇڏيائين
آقاﷺ کي رحم اچي ويو.
گڏ هلڻ جي اجازت ڏنائون.
اُن سفر ۾ به امن جو اڇي ڪبوتر جهڙو جهنڊو روايت موجب قائم رکيو ويو. جيڪو عَلم بردار قبيلي عبدالدار جي شهزادي سيدنا مصعب بن عمير جي هٿ ۾ هو. پر هن ڀيري پهريون ڀيرو ٻه ڪارا جهنڊا به کنيا ويا هئا. جيڪي سپاهين جي ٻنهي طرفن جي اڳواڻن وٽ هئا.
پهرين ڪاري جهنڊي تي عقاب ٺهيل هو
اهو عقاب وارو جهنڊو سيدنا عليءَ کي ڏنو ويو.
ٻيو ڪارو جهنڊو ”اوس“ جي سردار سعد بن معاذ کي مليو.
ستن اُٺن ۽ ٽي سئو تيرهن سوارين جي ڪري ماڻهن جا ٻه گروپ بنايا ويا. چئن چئن ماڻهن جي حصي ۾ هڪ سواري آئي. جنهن گروپ ۾ آقاﷺ هئا، سيدنا علي به اُن ۾ هو. باقي ٻه ڄڻا به سيدنا علي وانگي اصرار ڪري رهيا هئا ته الله جا رسول اوهان نه لھو. اسين پنڌ ٿا هلون.
پر چوونجاھ سالن جو آقاﷺ ته مُجسم عدل هئا.
فرمايائون .
”نه اوهان ۾ مون کان وڌيڪ هلڻ جي سگهه آهي ۽ نه آءٌ اوهان کان وڌيڪ خدا جي اَجر کان بي نياز آهيان.“
سفر جاري رهيو
تيز
وک وک سان ملائي.
وادي عتيق، ذوالحلفيه، ذات الجيش، تربان، ملل، غميس الحمام ۽ الساليه کان ٿيندا فهج الروحا جي کوھ تائين پھتا. پوءِ پاڻ سڳورا شنوڪر ۽ عرق الظبيه مان لنگهي سجسج پهچي ترسيا. ان ڳوٺ کي ’الروحا‘ به چيو ويندو هو. هتي پاڻ سڳورن ابو لبابه بن عبدالمنذر کي ابن مڪتوم جي جاءِ تي پنهنجو نائب ڪري مديني روانو ڪيو. پوءِ وادي رحمان مان لنگهندي، جڏهن السفر جي ڀرسان پھتا ته بنو ساعد جي حليف پنهنجي جاسوس لبسبس بن جھني ۽ بنو نجار جو حليف عدي بن ابي رعنا کي بدر ڏانهن وڌي ابو سفيان بن حرب جي قافلي جي تازي خبر آڻڻ جي لاءِ موڪليو.
الصفرا جي کاٻي پاسي کان لنگهي ”ذفران“ جي ويجهو ترسڻ مهل هڪ نئين خبر ملي ويئي.
خبر به اهڙي جنهن کي شروع ۾ پهرين نه ته آقاﷺ جي ساٿين سچ سمجهيو ۽ وري ذهني طور تي ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سوچي گهران نڪتا هئا. پر آقاﷺ جي پيرويءَ ۾ ته هو ڪنهن به طوفان سان ٽڪرائجڻ جي لاءِ تيار هئا.
خبر اِها هئي ته ابوسفيان جي واپاري قافلي کي بچائڻ جي لاءِ مڪي مان هڪ وڏو جنگي لشڪر نڪري چڪو آهي ۽ اُن جو رخ به بدر ڏانهن آهي.
ڳالهه هيءَ هئي ته ابو سفيان پنهنجي اُن واپاري قافلي ۾ مڪي جي هر گهر تي اهو لازمي ڪري ڇڏيو هو ته مڪي جو هر مرد، هر عورت ان قافلي جي لاءِ سيڙپ ڪري. ۽ اُن مان ايترو ته فائدو حاصل ڪيو وڃي، جو ان مان اٺ، گهوڙا، تراڙيون، زرهون، ڍالون، نيزا، ڀالا ۽ ٻانها خريد ڪري مديني تي هلان ڪئي وڃي ۽ مسلمانن کي نيست و نابود ڪيو وڃي.
تاريخ جي صفحن ۾ پوءِ ابوسفيان اهو مڃيو ته مون اهو چيو هو .
”قريش جو هر فرد، مرد توڙي عورت بانس جيترو به نش يا جيڪو به هجي، اهو قافلي جي لاءِ ڏي.“ ]طبقات ابن سعد[
نش سون جي اڌ اوقيه جيترو يا ويهن درهمن جو هوندو آهي.
اُن ماليت ۾ چانديءَ جا سڄا سارا چار تولا ايندا هئا.
ايئن اُن قافلي ۾ مجموعي طور تي پنجاھ هزار دينار ن جي سيڙپ ٿيل هئي.
اُن زماني ۾ ايتري ماليت ۾ ارڙهن هزار ست سئو پنجاھ تولا نج سون ملندو هو.
اهو مڪي جي تاريخ ۾ سڀني کان مَهنگو ۽ سنهري قافلو هو.
اُن قافلي سان ستر زرھ پوش جوانن جو دستو هو.
ايڏي موڙيءَ وارو قافلو، جنهن ۾ هڪ هزار اٺن تي سامان لڏيل هجي.. ابو سفيان به غافل نه هو ۽ هن به پنهنجا جاسوس ڀرپاسي ڊوڙايا هئا.
تياريون ڪيون هُئائين
معاملا کُلي جنگ هئا.
جنگ ۾ ڪير ٿو ڪنهن کي پنهنجي پاڻي، پنهنجن صحرائن يا پنهنجي ڀرسان گذرڻ ڏي. خاص طور تي اهڙا قيمتي لاجسٽڪ خزانا، جنهن جو مقصد دشمن کي تباھ ڪرڻ هجي.
هن واپسي تي ٻيڻو.. ٽيڻو بندوبست ڪيو هو.
رستي ۾ جوڻيت مقرر ڪيا هئا.
مديني جي منافقين ۽ يهودين کان آقاﷺ جي چُرپر جي خبر وٺندا رهندا هئا.
کين اهو پتو پئجي چڪو هو ته آقاﷺ پنهنجي ساٿين سميت روانا ٿي ويا آهن، ته هڪ خاص جاسوس کي واويلا مچائڻ جي لاءِ تيز رفتاريءَ سان مڪي موڪليائون.
اُن جو انعام ابو سفيان اڳواٽ ڏئي ڇڏيو هو.
20 مثقال سون، جيڪو ساڍا ست تولا سون ٿو ٿئي.
اُن جي ذميداري اها هئي ته هو خوف ۽ هراس پکيڙي
هيجان پيدا ڪري
مڪي جي سڄي فوجي سگهه کي تيزيءَ سان بدر تائين وٺي اچي.
هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب رهيو.
ان جو نالو ضمضم بن عمرو هو
مڪي جا سڀئي سردار پنهنجن قتل گاهن ڏانهن نڪري پيا.
هنڌ اهوئي هو
بدر..







بدر جي جنگ ۽ عاتڪه جو خواب

اڃا ابوسفيان بن حرب پاران مڪي مان جنگي لشڪر کي گهرائڻ جي لاءِ موڪليل ضمضم بن عمرو غفاريءَ جي مڪي ۾ پهچڻ ۾ ٽي ڏيهاڙا هئا، جو هڪ عجيب واقعو پيش آيو.
مڪي ۾ ٽِڪيل آقاﷺ جي پُڦي عاتڪه هڪ خواب ڏٺو
خواب ڀَوائتو هو
هوءَ هَڄي وئي
پنهنجي ڀاءُ سيدنا عباس کي هٻڪندي هٻڪندي اهو خواب سُڻايائين.
اُن سان گڏ تاڪيد ڪيائينس
ته ڪنهن کي نه ٻُڌائج
متان ڪو مذاق نه اُڏائي
خواب سُڻي سيدنا عباس به ڇرڪي پيو
خواب هو به اهڙو،
خواب ۾ ڏٺائين ته هڪ عجيب اُٺ سوار آيو آهي. ابطخ جي هنڌ تي اُٺ جهليائين، پوءِ واڪا ڪرڻ لڳو.
اي آل غدر، ٽن ڏينهن جي اندر پنهنجن قتل گاهن ڏانهن هلو.
ماڻهن ۾ ڀَڄ ڍُڪ مچي ويئي هن جي چوڌاري مِڙي ويا.
پوءِ هو پنهنجو اٺ وٺي مسجد حرام ويو.
ميڙ گڏ هئس. اُٺ کي ڪعبي جي ڀت سان بيهاريائين
پوءِ وري اهوئي آواز ڏنائين
پوءِ جبل قيس جي چوٽيءَ تي بيٺل نظر آيو.
اُتي به سڏيائين
هُن جي سڏ ۾ عجيب قسم جي رڙ هئي.
جنهن سان هڏين تان گوشت لهندي محسوس ٿيو.
اهڙو ڊيڄاريندڙ آواز ٻُڌي هوش ئي اُڏي وڃن. پوءِ هن جبل جي چوٽيءَ تان هڪ پٿريلي ٽڪري مڪي جي بستيءَ ڏانهن لڙڪائي، ٽڪري گسڪندي آواز پيدا ڪندي جبل جي ڀڪَ ۾ ڪِري ته ڌماڪي سان ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويئي، سنگلاخ نوڪدار پٿر اُڏيا ۽ مڪي جي هر گهر مٿان اچي ڪريا.
ڪوبه گهر سلامت نه بچيو
عاتڪه اهو خواب ٻُڌائي ڏڪندي چيو
ڀائڙا! مونکي لڳي ٿو ته تنهنجي قوم تي ڪا مصيبت اچڻ واري آهي. پر تون ڪنهن سان اُن جو ذڪر نه ڪجائين.
سيدنا عباس ڀيڻ جي تاڪيد تي ڪنڌ ڌوڻيو. پر اندران ڏڪي ويو.
کيس سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا ٿيڻ وارو آهي.
اهو سوچيندي هو پريشانيءَ وچان وڃي رهيو هو، جو وات تي وليد بن عتبه ملي ويس.
هُن پڇيس: ابو فضل ايترو ماٺ ڇو آهين؟
وراڻيائين نه پُڇين ته چڱو
پر هُن زور ڀريس ته ٻڌاءِ،
هُن کيس عاتڪه جو خواب ٻڌائي ڇڏيو.
اُن سان گڏ اها به تاڪيد ڪيائينس ته ڪنهن سان ذڪر نه ڪجائين.
وليد اها ڳالهه وڃي پنهنجي پيءَ عتبه بن ربيعه کي ٻڌائي
ايئن ڳالهه پکڙجي ويئي.
ٻن ڏينهن کانپوءِ سيدنا عباس مسجد حرام ويو ته ڏٺائين ته اُتي ابوجهل ڪانڀ ٻڌيو مَنڊلي مچايو، ان خواب تي پيو ڳالهائي
سيدنا عباس کي ڏسندي ئي چيائين
”اي بني عبدالمطلب
تنهنجي مرد تي نبي هئڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ۽ هاڻ اوهانجون عورتون به نبياڻيون بنجڻ لڳيون آهن.“
سيدنا عباس کيس گهري نظر سان ڏٺو ۽ چپ رهيو
ابوجهل جي زبان ڪئنچيءَ وانگر هلندي هئي.
چيائين
ڏس ابوالفضل
خواب ۾ ٽن ڏينهن جي مدت چيل آهي نه، اڄ ٻه ڏينهن ٿي ويا آهن، سڀاڻي ٽيون ڏينهن آهي، جيڪڏهن سڀاڻي تائين تنهنجي ڀيڻ جو ٻُڌايل اُٺ وارو نه آيو ته آءٌ هڪ لکت لکرائيندس. جنهن ۾ لکرائيندس ته سڄي عربستان ۾ تنهنجو ڪٽنب ’بنو هاشم‘ سڀني کان وڌيڪ ڪوڙو آهي. اها لکت ڪعبي جي ڀت تي ٽنگيندس.
سيدنا عباس پوءِ به چُپ رهيو.
گهر آيو ته گهر ۾ ڳالهه ڪيائين
ٻُڌئون ته کيس گهيري ورتائون.
تنهنجي غيرت ڪٿي مري ويئي هئي.
اُن سوئر ۾ ايتري همت جو هو تنهنجي ڀيڻ ۽ عورتن جي باري ۾ ايئن ڳالهائي ۽ تون ماٺ ۾ رهين.
سيدنا عباس کي به ڪاوڙ آئي ۽ پنهنجي خاموشيءَ تي ڦِڪائي ٿيس. ٻي ڏينهن هو پنهنجي اندر ۾ اها ڪاوڙ سانڍي حرم ۾ ويو ته اڄ ابوجهل کي ست سُريون ٻُڌائيندس.
ابوجهل سامهون بيٺو هو.
پر هو سيدنا عباس ڏانهن ڏسڻ جي بدران مسجد حرام جي دروازي ڏانهن ڏسي بد حواس ٿي وٺي ڊوڙيو
هيڏانهن ابو سفيان جو اُماڻيل ضمضم بن عمرو پنهنجي اُٺڻ تي ويٺو اُبتي قميص پايو، وارن کي پَٽي، پنهنجي ڇاتي ڪَٽيندي، چرين جيان رانڀاڙ ڪري چئي رهيو هو.
بچايو
بچايو
ابو سفيان جي قافلي تي حملو ٿي ويو.
اوهين سڀ لُٽجي ويا.
مارجي ويا.
هُن پنهنجي اٺڻ جون ناسون به چيري رتو رت ڪري ڇڏيون هُيون. اٺڻ جا ڪَن چيريل هئا، پنهنجي ۽ اُٺڻ جي منهن تي رت مَکيل هئس، مٿي ۾ مٽي ۽ واري وڌل هُيس.
ماڻهو ڊپ ۾ مِڙڻ لڳا.
قريشن کي عاتڪه جو خواب وسري ويو.
اچي قافلي بچائڻ جي هوري لڳين.
اُن قافلي تي هر ڪنهن جو پئسو سيڙيل هو.
ابوجهل هڪدم ڪمان سنڀالي ورتي.
لشڪر تيار ڪريو
هلو جلدي ڪريو، دير نه ڪريو.
سڀ قريش سردار تيار ٿي ويا.
ڪوبه پوئتي نه رڪيو.
مجبوريءَ جي حالت ۾ بني عبدالمطلب کي به گڏ نڪرڻو پيو. اُن وچ ۾ سيدنا عباس جيڪو آقاﷺ جو ڳجهو سپلائي ماسٽر به هو، هڪ همراھ کي آقاﷺ ڏانهن ڊوڙايو ۽ پاڻ مجبوريءَ ۾ لشڪر سان روانو ٿيو.
ابو لھب بدنيت هو.
ٿلهو ۽ وڏي عمر جو
پاڻ ته نه وڃي سگهيو پر پنهنجي جاءِ تي پنهنجي هڪ قرضيءَ کي، جنهن تي چار هزار درهم گهرندو هو، اهو چئي روانو ڪيائين ته منهنجي طرفان محمد (ﷺ) سان وڃي وڙھ ته تنهنجو قرض معاف. اهو همراھ تيار ٿي ويو.
اهو ابوجهل جو ڀاءَ عاصي بن هشام هو
اُميه بن خلف به تيار ته هو
پر اندر ۾ ڊنل هو.
جنهن ڏينهن ڪعبي جي احاطي ۾ مديني مان آيل اوس جي سردار سعد بن معاذ ابو جهل جي ڌڙڪي جي جواب ۾ نهايت وڏي آواز ۾ کيس للڪاري چيو هو ته هاڻ اسانجي شهر جي ڀرسان قافلو لنگهائي ته ڏيکار ته ڀرسان بيٺل اُميه بن خلف، سعد بن معاذ جو ڪلهو جهلي چيو هو، ”هوريان ڳالهاءِ! هي ابوالحڪم اسان جي سردارن مان آهي“ ته سعد بن معاذ، اميه بن خلف جو هٿ اڇليندي چيو هو : لڳي ايئن ٿو ته تنهنجي باري ۾ آقاﷺ جيڪو چيو هو ۽ اهو ئي ٿيڻون آهي.
اُميه بن خلف پريشان ٿي ويو
کيس خبر هئي ته آقاﷺ جو چيو ٽري نٿو سگهي
هن سڄي عمر ڪڏهن ڪوڙ نه ڳالهايو آهي.
اُن ڏينهن ابوجهل ته رستي تان هٽي ويو، پر اُميه بن خلف، سيدنا سعد بن معاذ سان ضد ڪرڻ لڳو.
منهنجي باري ۾ تنهنجي آقا ڇا چيو هو، جيڪو ٿيڻون آهي؛
سعد بن معاذ کي ڪوڙ ڳالهائڻ نه ايندو آهي.
سچ ڳالهايائين
چيائين، آقاﷺ چيو هو ته
”تون به سندس ئي ساٿين جي هٿان مرندين.“
اُميه ته اُن ڏينهن ئي مري ويو هو.
ڏسڻ ۾ ته ٿلهو متارو
پر اندر ۾ ڄڻ سُرو لڳي ويس.
گهر اچي سڄي ڳالهه زال کي سُڻايائين
ان ڏينهن جڏهن ماڻهو ڊوڙندا پنهنجن گهرن ڏانهن ويا ته جيئن زرهون پائي، تلوارون، نيزا، ڀالا ۽ ڍالون کڻي لشڪر ۾ وڃڻ جي لاءِ نڪتا ته اُميه بن خلف جي زال، دروازي کي جهلي بيهي رهي.
چيائينس.
پنهنجي اُن يثربي دوست جي ڳالهه وساري ڇڏيئي ڇا؟
ڇو پيو مرڻ وڃين.
خبر به اٿئي ته محمد (ﷺ) جيڪو چوندو آهي، سو ٿيندو آهي.
هن پاڻ به وڃڻ نه پي گهريو
حرم ۾ سِگهريءَ ۾ لوبان ٻاري ويهي رهيو.
عقبه ابن معيظ چٿر ڪندي چيس. جيڪڏهن قومي جنگ ۾ وڃڻون نه اٿئي ته بازاري رنن وانگر پنهنجا ڪپڙا کولي پَڙو پکيڙي ويهي بُت کي واس ڏي.
اهو ٻڌي اُميه بن خلف سگهريءَ کي لت هنئي،
گهر اچي تراڙ کنيائين ۽ زالهنس جي جهلڻ جي باوجود به اچي لشڪر ۾ پهتو.
ٽن ڏينهن جي تياري ۾ تيرهن سون جو لشڪر تيار ٿي ويو.
هڪ سئو گهوڙا
اُٺن جو ته ڪو ڳاڻيٽو ئي نه هو.
ايترا اُٺ ته مسلمانن وٽ به نه هئا، جيترا هنن رستي ۾ ڪُهي کاڌا، قريش جي نون معزز ماڻهن اُن لشڪر جي هر پڙاءُ ۾ کاڌي پيتي جو بندوبست ڪيو. ابوجهل پهريون پڙاءَ ’مرالظهران‘ ۾ ڪيو .
خيما کوڙجي ويا.
ديڳيون ڌَمجي ويون.
لشڪر جو پهريون ميزبان خود ابوجهل هو. جڏهن اُن دعوت جي لاءِ اُٺ ڪٺا پي ويا ته هڪ اٺ زخمي حالت ۾ تڙپندو وٺي ڀڳو. هن جي ڪٽيل ڳچيءَ جي ڪنهن نس مان رت جي پچڪاري نڪري رهي هئي. هو تڙپندو، ڪرندو پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڊوڙ ۾ قريش جي خيمن طرف نڪري آيو. رت سندس زخم مان ڦوهارا ڪري وهي رهيو هو. اُن جا ڇنڊا قريشن جي سڀني خيمن تي لڳا، ڪوبه خيمو بي داغ نه رهيو.
اهڙو ئي هڪ هڪ خواب هڪ رات اڳ اُن سفر ۾ ’جهيم بن احلت‘ ڏٺو هو، ابوجهل سندس به مذاق اُڏايو. ڇو ته هو بنو عبدالمطلب مان هو.
بنو عدي ته اهوواقعو ۽ ٻيئي خواب ٻڌي واپس موٽي ويو. اهو سيدنا عمر بن خطاب جو ڪَٽنب هو، جنهن جي ڪنهن به فرد بدر جي جنگ ۾ قريش جو ساٿ نه ڏنو.
قافلو عسفان پهتو
ته دعوت ٿلهي ۽ ڊنل اُميه بن خلف پاران هئي.
قديم هنڌ تي ٽي ڏينهن سهيل بن عمرو ٻيهر پنهنجا اٺ ڪهي لشڪر کي کارايا.. اُتي ئي شام جو شيبه جي ڀاءُ عتبه بن ربيعه پنهنجا اٺ ڪٺا. ان کانپوءِ سيدنا عباس به سندن پيٽ ڀريو. ڳجهي ايجنسي جي ڊيوٽيءَ ۾ دشمن کي دوست ٺاهي رکڻ جي قيمت ته ڏيڻي پوندي آهي. ۽ کين کارائڻو ۽ پيارڻو پوندو آهي. اهو لشڪر جڏهن بدر پھتو ته ابوالبختري سندس کاڌي پيتي جو بندوبست ڪيو.
ايئن هو دعوتون کائيندا هَٺ ۽ آڪڙ مان پنهنجي شان ۽ شوڪت ڏيکاريندا بدر پهتا.
هو جڏهن وادي عسفان ۽ قدير اڪري جحفه تائين پهتا ته کين ابو سفيان جو نياپو به اچي مليو.
قافلو بچائي، هُنن کان پري وٺي آيو آهيان.
هاڻ خطرو ڪونهي
تنهنڪري واپس موٽي وڃو.
آقاﷺ جي ناناڻي آڪهه جا قريشي بنو مروه وارا ٽي سئو هئا.
اُنهن جي سردار اخنس بن شريف صاف چئي ڇڏيو.
اسين جنهن قافلي کي بچائڻ جي لاءِ آيا هئاسين، اهو ته بچي نڪري ويو آهي.
هاڻ اڳتي وڃڻ جو ڪهڙو فائدو
ابوجهل ڀَڀڪي ڏني
اسين سندن ٻيڙو ٻوڙي ڇڏينداسين
سڄي علائقي ۾ اسانجي هاڪَ مچي ويندي.
بدر جي ميدان ۾ موج ميلا ڪنداسين
رنڊيون اسان سان گڏ آهن
ناچ گانو ٻُڌنداسين
هنن جا اُٺ جهلي رڌي کائينداسين
اسين ته واپس ڪونه مُڙنداسين
بنو زهره وارن ابوجهل جي هڪ به نه ٻُڌي
سندن سردار اشارو ڪيو
قبيلي جا ٽي سئو جوان پنهنجن اٺن، گهوڙن ۽ هٿيارن پنهوارن سان مڪي موٽي ويا. شايد آقاﷺ جي امڙ سيده آمنه جي قبيلي مان ٽڪر الله کي پسند نه هو. ان قبيلي جو هڪ فرد به بدر جي جنگ ۾ نه هو.

جنگ بدر- جنگ جو ميدان

جنگ بدر- جنگ جو ميدان

ابو سفيان بن حرب وڏو چالاڪ هو.
کيس خبرون ملي چُڪيون هيون
بدر ايندي ايندي، بدر کان اڳ موڙ وٽ، جتان هڪ لنگهه بدر ڏانهن ٿي ويو، ٻيو ساحل کان ٿيندو مڪي ڏانهن ٿي ويو، هن اُتي پنهنجو قافلو روڪيو ۽ پنهنجي اُٺ تي ويهي ٻُوٿ ٻڌي بدر ڏانهن خبر چار وٺڻ جي لاءِ ويو.
ڏٺائين ته بدر جي هڪ کوھ وٽ هڪ پوڙهو ويٺو هو ۽ ساڻس گڏ ٻه عورتون به ، انهن ٻن عورتن جي هوندي ڪجهه گهڙيون اڳ اتي آقا ﷺ جا جاسوس لبسبس ابن عمرو ۽ عدي بن عمرو ۽ عدي بن ابي الزغابه آيا هئا. هنن کوھ جي ڪناري تي پنهنجا اٺ به ويهاريا هئا.
خبرون سدائين کوھ جي ڀرپاسي ئي ملنديون آهن.
پوءِ ڀلي اِهي پاڻيءَ سان ڀريل يا خالي
کوھ ڀريل هوندا آهن ته اُڃايل اُتي ڳالهائيندا آهن.
خالي هوندا آهن ته اُڃ سندن ڳالهيون ڪندي آهي.
آقا ﷺ، جاسوسن بظاهر ته پاڻي پيتو
پنهنجي خلين ۾ پاڻي ڀريو ۽ ڪن عورتون جي ڳالهين ڏانهن رکيائون.
هڪ مائي ٻي مائي کان پنهنجي اوڌر گهري رهي هئي.
ٻي کيس منٿ ڪري رهي هئي ته هڪ ٻن ڏينهن جي مھلت ڏينم، اجهو قريشن جو واپاري قافلو پهچڻ وارو آهي، مزدوري ڪري ڪجهه ڪمائي وٺنديس ۽ تنهنجي اوڌر توکي موٽائي ڇڏيندس.
ابو سفيان ته قافلو پويان جهلي آيو هو.
پاڻ اڪيلو کوھ تي آيو هو.
کيس شايد پريان ويندڙ جاسوسن جا پاڇا به نظر اچي رهيا هئا. مايون به ڳالهيون ڪنديون کيس کوھ تان وينديون نظر آيون.
پوڙهو اُتي ئي ويٺو هو.
پوڙها ماڻهو به سڄي عمر گذاري کوھ بنجي ويندا آهن.
اندران اونها
پاڻيءَ سان ڀريل
پَر خاموش
ڪو پيئي نه پيئي
لاپرواهه
بي نياز
اُهو پوڙهو به لاپرواھيءَ مان ويٺو هو.
ابو سفيان پاڻي پيتو، پوءِ پوڙهي کان پُڇيائين
هتي ڪو اجنبي ڏٺئي
پوڙهي جي لاءِ سڀئي اجنبي هئا.
جيڪي ٻارڙا هئا، جوان ٿي ويا.
جوان پوڙها
جن کي پوڙهو سُڃاڻندو هو، اُنهن نه ٿي سُڃاتس
جيڪي کيس سُڃاڻندا هئا، تن کي پوڙهو نه سُڃاڻندو هو.
وراڻيائين ٻه همراھ پاڻي پي ۽ ڀَري کڻي ويا آهن.
ساڻن ڪا ڳالهه مُھاڙ به ٿي
اُس کان بچڻ لاءِ چھري تي ڪپڙو پيل هُئن
هتي اٺ ويهاريائون ٻنهي. پاڻي پيتائون ۽ روانا ٿي ويا.
ابو سفيان کي تجسس ٿيو
جتي ويهاريائون اوڏانهن ويو
اُٺن جي لِڏ پيئي هئي
لِڏ کڻي هٿن سان مَهٽيائين ته اندران کجور جون ککيون نڪتيون
هڪ دم بَڙ بڙايائين
هي ته مديني جو چارو آهي.
پنهنجي اُٺ تي ويٺو ۽ اهو ڀَڄائيندو اچي قافلي ۾ پهتو ۽ قافلي جو منهن بدر کان ڦيرائي سمنڊ جي ڪنڌيءَ ڏانهن ڪيايائين. جڏهن محفوظ حد تائين اڳتي نڪري ويو ته مڪي مان گهرايل پنهنجي لشڪر کي نياپو مُڪائين ته قافلو بچي ويو آهي.
هاڻي ڀلي موٽي وڃو
پر ابو جهل جي مٿي تي ته موت نچي رهيو هو .
مرڻ جو هنڌ ۽ وقت مقرر ٿي چڪو هئس.
اهي جايون جتي جتي ابوجهل ۽ سندس ساٿي سردارن کي مرڻو هو. آقا ﷺ کي ڏيکاريون ويون هيون.
اهي ٿيل فيصلي کي ڪيئن ٿي ٽاري سگهيا.
ضد تي قائم رهيو
سڄو بنو زهره ٽن سئو همراهن کي وٺي واپس موٽي ويو.
پر هو نه موٽيو
نه ڪنهن کي موٽڻ ڏنائين
سيده خديجه جي ڀائيٽي حڪيم بن خرام آخري ڪوشش ڪئي، قريشن جي سڀ کان جهوني ۽ معزز سمجهيو ويندڙ سردار عتبه بن ربيعه وٽ ويو. کيس چيائين ته جيڪڏهن تنهنجي ڀاڳ ۾ ڪا نيڪي آهي ته هيءَ آخري موقعو اٿئي.
هن چيس: ٻُڌاءِ
حڪيم چيو: ابو سفيان جو قافلو ته بچي ويو
هاڻ ابوجهل عمرو بن حضرمي جي خون جي بدلي اجايو جنگ ۾ اُلجهي رهيو آهي. تون حضرميءَ جو حليف هئين. امير ماڻهو آهين، اهو قصو چُڪائي ان جو خون بها پاڻ ئي ڏيئي ڇڏج، پنهنجي ماڻهن کي هن خوني جنگ کان بچائي.
عتبه بن ربيعه پاڻ به دل ۾ جنگ جي ٽَرڻ لاءِ دعائون گهري رهيو هو. مڪي مان رواني ٿيڻ مهل سندس پراڻو غلام عداس، جنهن آقا ﷺ جي خدمت ۾ تازن انگورن جي پليٽ ڏيئي، آقا ﷺ جي نرڙ کي ادب سان چمي مٿس ايمان آندو هو ۽ هو آقاﷺ جي عظمت کان واقف هو.
جڏهن عتبه ۽ شيبه ٻيئي ڀائر تلوارون کڻي گهران نڪتا هئا ته عداس روئيندي سندس ٽنگن کي چُهٽي پيو.
روئيندي چوندو رهيو، نه وڃو
هُنن پڇيو ڇو؟
عداس چيو : اوهين جنهن سان وڙهڻ پيا وڃون.
اُن سان خدا آهي.
هو الله جو رسول آهي.
خدا جي مُھابي نه وڃو، اوهين جنهن به خدا کي مڃو ٿا،
ترسي پئو
اوهين پنهنجي قتل گاهن ڏانهن پيا وڃو
عداس کي ٽارڻ ڏکيو نه هو
هو ته سندن پنهنجو غلام هو
ٽاري ڇڏيائون.
پر سندن دلين ۾ ڪا ڳالهه ويهي رهي
پوءِ ٿوري دير اڳ قريش جي پنهنجي هڪ پرک رکندڙ سمجهو عمير بن وهب جمحي کي گهوڙي تي ويهاري مسلمانن جي پڙاءَ جي چوڌاري خبر چار وٺڻ جي لاءِ روانو ڪيو. مسلمان اُن وقت پڙاءُ ۾ قطار ۾ بيٺل هئا. سندن چهرن تي غضب جي وحشت هئي. ڍال ۽ زرھ ته ڪنهن وٽ به نه هئي. رڳو چمڪندر تراڙيون هيون، ڄڻ اُڃايل زبانون، اُنهن جي پويان اٺن جو وڏو ميڙ هو. جن جي پاکڙن تي قريشن کي پنهنجن ماڻهن جو موت ٻڌل نظر آيو.
هن پري کان ئي گهوري تي ويٺي ريڪي ڪئي.
رپورٽ ڏنائين
چئي ڏنائين ته اِهي ته ڪا ٻي مخلوق ٿا نظر اچن، جيڪي اڄ رڳو مارڻ جي لاءِ آيا آهن.
اُنهن مان ڪوبه مرڻ کانسواءِ نه مَرندو
جيڪڏهن هيترا همراھ مارائي پوءِ اوهان کين ماريو پوءِ به زندگي ڪيتري نه بي ڪيف بنجي ويندي.
منهنجي مَڃو ته موٽي هلو
نه وڙهو.
هُن اِهي ڳالهيون عتبه بن ربيعه جي سامهون ابوجهل سان ڪيون
پر ابو جهل پنهنجي هوڏَ تي قائم رهيو
حڪيم بن خرام به سڌو سنئون ابوجهل سان ڳالهايو
پُڇيائينس: ٻڌاءِ ته ڪڏهن محمد (ﷺ) ڪوڙ ڳالهايو؟
ابوجهل اقرار ڪيو
هُن ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهايو
هن ماڻهن کي کارايو پياريو، اسان به کارايو پياريو
سقايه.. رفاده هنن وٽ
جهنڊو ۽ دارلندوه اسان وٽ
اسين برابر ٿيندا پي آياسين
هاڻ وٽن نبوت به هُجي. اها آءٌ ڪيئن هضم ڪريان؟
آءٌ ته وڙهندس..
اُن مھل حڪيم بن خرام، عتبه بن ربيعه کي مڃائي ورتو.
هُن اعلان ڪري ڇڏيو
وڙهڻو ناهي
ابوجهل، عتبه جي پويان پئجي ويو
تنهنجو هڪ پٽ حذيفه، محمد (ﷺ)سان گڏ آهي نه؟
هاڻ تون اُن جي اسان جي هٿان ٿيندڙ موت کان ڊڄين ٿو.
تنهنجا ڦڦڙ ڀريل آهن.
تون بُت تي خوشبوء هڻي رَن بنجي وڃي ويھه
نا مرد
عتبه بن ربيعه ڪاوڙ ۾ اچي زرهه پائي ورتي
هيڏانهن ابوجهل، عمرو حضرمي جي ڀاءُ کي ورغلايو.. پنهنجي مُئل ڀاءُ جي بدلي ۾ مسلمانن جو رت گهر.
هاءِ عمرو حضرمي
سندس ڀاءُ پنهنجي مٿي تان چادر هٽائي.. چَرين وانگر بدلي لاءِ رڙيون ۽ واڪا ڪرڻ لڳو..
ڪجهه گهڙيون اڳ جيڪا امن جي آس ٻَڌي هئي. اها ٽٽي پئي
قريشي لشڪر جنگ جي لاءِ تيار ٿي ويو.
هيڏانهن آقا ﷺ پنهنجن معززين کي گڏ ڪيو.
سڀني کي صورتحال کان واقف ڪيائين
آقا ﷺ پاڻ سيدنا زبير بن عوام ۽ طلحه ۽ سعد بن ابي وقاص کي قريشي لشڪر جي طاقت ۽ تعداد جو اندازو لڳائڻ جي لاءِ موڪليو. هو قريشن جو هڪ غلام جهلي آيو. هو ٽيئي اڃا اُن مائنڊ سيٽ ۾ هئا ته متوقع ٽڪراءُ ابو سفيان جي واپاري قافلي سان آهي. هُنن غلام کان پڇيو ته ابو سفيان سان ڪهڙا ڪهڙا ويڙهاڪ آهن.
هن وراڻيو هنن ۾ ابو سفيان ته ڪونهي .
هُنن کيس ٿڦا ٿوڦي ڪئي.
پوءِ هو ماٺ ٿي ويو
وري پُڇيائونس ٻڌاءِ انهن ۾ ڪير ڪير آهن؟
هُن وراڻيو:
ابوالحڪم (ابوجهل) عتبه، شيبه، وليد، اُميه بن خلف، ابوالبختري.
وري به کيس ڪُٽڪو ڏنائون ته ڪوڙ ٿو ڳالهائين.
آقا ﷺ نماز پڙهي رهيا هئا.
سلام ورايائون ته مرڪي فرمايائون
”جڏهن هي سچ پيو چوي ته به اوهين کيس ماري رهيا آهيو.“
غلام کي پاڻ وٽ سڏيائون.
پيار سان ويهاريائون
سڀني جا نالا پُڇيائون
فرمايائون: صحيح پيو چوي
پوءِ پنهنجن ماڻهن کي چيائون
”اڄ مڪي پنهنجي جگر جا ٽڪرا اوهانجي اڳيان اُڇلي ڇڏيا آهن“
پوءِ غلام کان مڪي جي فوج جو تعداد پُڇيائون. هو بي علم ماڻهو هو، ڳڻپ نه ايندي هُيس... کيس تعداد ٻڌائڻ نه پي آيس
آقا ﷺ غلام کان پڇيو
”ڀلا ٻڌاءِ ته رستي ۾ ماني کائڻ جي دوران گهڻا اُٺ ڪُهندا آهن؟“
غلام وراڻيو
”ڪڏهن اٺ ته ڪڏهن نوَ.“
آقا ﷺ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو
هو ساڍا نو سئو آهن.
هو ايترا ئي هئا.
هاڻ آقا ﷺ پنهنجي خاص ساٿين جي گڏجاڻي سڏائي ۽ فرمايائون :
”سڄي صورتحال اوهان جي اڳيان آهي.. اسانجو مُهاڏو هڪ لشڪر سان آهي.
مون کي مشورو ڏيو .“
پروانا ته شمع تي قربان ٿيڻ جا بهانا ڳولهي رهيا هئا .
مشورو ڪهڙو ڏين ها.
پر آقا ﷺ کي هڪ اصول طئي ڪرڻو هو.
صلاح مصلحت ۽ مشوري سان سڀ ڪجهه طئي ڪرڻو هو. سيکارڻو هو. حڪم لاڳو ڪرڻو نه هو.
واري واري سان سيدنا ابوبڪر ۽ سيدنا عمر اُٿي بيٺا ۽ آقا ﷺ جي پيرويءَ ۾ جا نثاريءَ جو کليل اظهار ڪيائون .
آقا ﷺ برڪت جي دعا ڪئي ۽ چيو: مونکي صلاح ڏيو.
سيدنا مقداد اُٿي بيٺو. چيائين آقا ﷺ اسين موسيٰ عليه السلام جي قوم بني اسرائيل ڪونه آهيون، جيڪا چوندي هئي ته تون ۽ تنهنجو خدا وڃي وڙهو. اسين گڏ نڪتا آهيون. گڏ وڙهنداسين.. گڏ مرنداسين.. پوءِ ڀلي اوهان اسان کي عربستان جي ٻي ڪنڊ ’برڪ العماد‘ تائين وڙهڻ جي لاءِ وٺي وڃو.
آقا ﷺ برڪت جي دعا ڏني ۽ وري چيو.. مونکي صلاح ڏيو.
اوس جي سردا سعد بن معاذ، آقا ﷺ جو رخ پاڻ ڏانهن ڏسي چيو.. اي الله جا رسول! لڳي ٿو ته اوهانجو سوال اسان کان آهي؟
آقا ﷺ مُرڪيا ۽ هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيائون
سيدنا سعد بن معاذ وري اُٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو.
”يارسول الله! اسان اوهان تي ايمان آندو آهي. اسان شاهدي ڏني آهي ته اوهان جيڪو به آندو آهي، اهوئي حق آهي. اسان اوهان سان ساٿ ڏيڻ جو پڪو حلف کڻي چڪا آهيون.
يارسول الله! اوهين مديني مان ڪنهن ٻي ارادي سان نڪتا هئا.
پر هتي الله ٻي صورت پيدا ڪري ڇڏي آهي.
هاڻ اِهو اوهانجي مرضيءَ تي آهي ته جيڪو به ڪريو. جنهن سان چاهيو واسطو ڳنڍيو، جنهن سان چاهيو لاڳاپو ختم ڪريو. ڪنهن سان ٺاھ ٿا ڪريو يا دشمني. اسين هر حال ۾ اوهان سان گڏ آهيون. اسان جي جان ۽ مال جيڪو به آهي. اهو اوهانجو آهي. اوهين جيڪو حڪم ڏيندا، اسين ان جي پورائي ڪنداسين.
قسم آهي اُن ذات جو جنهن اوهان کي حق سان گڏ موڪليو آهي. اوهان جيڪڏهن اسانکي سمنڊ ۾ ٽُپو ڏيڻ جوحڪم ڏيندا ته ان جي به پورائي ٿيندي. بنا ڪنهن ڊپ جي اُن ۾ ٽپي پونداسين. اسان جو هڪ ماڻهو به پٺتي نه رهندو. اسين دشمنن سان وڙهڻ ڄاڻون ٿا. اسين جنگ ۾ صبر ۽ حوصلي سان وڙهندا آهيون. اسان کي اُميد آهي ته اسان جي جنگي ڪارڪردگي ڏسي اوهانجون اکيون ٿڌيون ٿينديون.
اوهان خدا جو نالو وٺي اڳتي وڌو. (زرقاني)
مهاجرن ۽ انصارن جي اهم ماڻهن جون ڳالهيون سُڻي آقا ﷺ جو چهرو مُبارڪ ٻهَڪڻ لڳو ۽ ارشاد فرمايائون.
”مونکي بشارت ڏني ويئي آهي ته ٻن جماعتن مان هڪ تي ڪاميابي يقيني آهي، يقين سان هيءَ ئي اها جماعت آهي، جو هيڏا وڏا سردار هيڏانهن ڪاهي آيا آهن ۽ مونکي سندن مرڻ جون جايون ڏيکاريون ويون آهن ته ڪير ڪٿي ڪٿي ماريو ويندو.“ ]زرقاني، عيون الاثر، ابداويه و، النهايه[
آقا ﷺ پنهنجي سپاھ کي جنگي ترتيب ۾ آڻڻ جي لاءِ بدر جي ميدان ۾ هڪ هنڌ چونڊيو. انصار جي هڪ ساٿيءَ سيدنا جناب بن منذر ادب سان ويجهو اچي عرض ڪيو ”آقا ﷺ هن هنڌ جي چونڊ اوهان آسماني حڪم سان ڪئي آهي يا انساني جنگي حڪمت جي ڪري ؟“
آقا ﷺ فرمايو
”آسماني وحيءَ سان نه پر انساني انداز سان... جنهن ۾ صلاح مشورو ٿي سگهي ٿو.“
اهو ٻُڌي سيدنا جناب بن منذر وري چيو: منهنجي رٿ آهي ته اسين ڀَر واري ٽڪريءَ تائين وڌي وڃون.. منهنجي ڄاڻ موجب اُتي ڪيترائي کوھ آهن. انهن مان ڪي مٺي پاڻيءَ جا به آهن. انهن جي پويان ساوڪ آهي. اسانجو پاڻيءَ تي ڪنٽرول هوندو. باقي کوھ اسين ڍڪي ڇڏينداسين.“
آقا ﷺ تجويز سان اتفاق ڪيو.
هڪ اصول ٻيو به طئي ڪيو ويو.
سپھه سالار کي به صلاح ڏئي سگهجي ٿي.
۽ صحيح صلاح سپھه سالار مڃي به ،
سيدنا سعد بن معاذ به هڪ صلاح ڏني
چيو آقا ﷺ
اوهين پنهنجي سپاهين جي پويان رهو
پويان اسين اوهانجي لاءِ هڪ تنبو کوڙي ٿا ڇڏيون.
هڪ ڇانورو ٿا ڪري ڇڏيون
اُتي اوهانجي سيڪيورٽي ۽ تحفظ جي لاءِ آءٌ پاڻ پنهنجن چونڊ ساٿين سان موجود رهندس. اُتي تازيون توانا اُٺڻيون تيار بيٺيون هونديون.. خدا نه ڪري جيڪڏهن نتيجو اسانجي حق ۾ نه نڪتو ته اسان وٽ واپسيءَ جي راھ کليل هوندي ۽ مديني ۾ اسان جهڙا سوين ٻيا پروانا موجود آهي. جن کي اسين پنهنجي مدد لاءِ آڻي سگهون ٿا.“
آقا ﷺ اها صلاح به مڃي ورتي.
هڪ ٻيو اصول به طئي ٿي ويو
ته واپسيءَ جي راھ به سدائين رکجي.
اُن تنبوءَ ۾ آقا ﷺ جو يار غار ۽ ٻانهن ٻيلي سيدنا ابوبڪر هر وقت آقاﷺ سان گڏ جنگي حڪمت عمليءَ ۾ اعليٰ فيصلي ساز فورم تي موجود هو.
سيدنا سعد بن معاذ به تلوار کڻيو عرش سائبان جي ٻاهر بيٺو هو.
آقا ﷺ ٻه رڪعتون نماز پڙهي عجيب والهانه انداز ۾ عجز ۽ نوڙت جي تصوير بنيو دعا ۾ ٻُڏي ويو. خدا کان دعا گهرڻ مھل سندس لڙڪن سان زمين ڀِڄي ويئي. چهرو مبارڪ لُڙڪن سان پُسي ويو. خدا کي عرض ڪيائين.
”اي الله! اڄ جيڪڏهن مسلمانن جي هيءَ ننڍڙي جماعت هلاڪ ٿي ويئي ته پوءِ تنهنجي زمين تي وري ڪڏهن به تنهنجي عبادت نه ٿيندي.“
پاڻ سڳورا ايترا ته دعا ۾ محو هئا، جو بار بار سندن ڪلهن تان چادر کسڪي ٿي ويئي. اکين ۾ رسالت جو چنڊ ۽ نظرن ۾ الله جي عظمت جو جلال، لڙڪ ئي لڙڪ، نور ۾ ٻُڏل لڙڪ.
اها گهڙي ياد ڪري سيدنا ابوبڪر چوندا هئا ته رسول الله ﷺ کي اُن ڏينهن ڏسي يقين ٿي ويو هو ته سندس دعا قبولجي ويئي آهي.
الله به ملائڪن کي چئي ڇڏيو.
”آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. اوهين ايمان وارن جا قدم ڄمايو.. بس ڪافرن جي دلين ۾ ڊپ وجهي ڇڏيو.“ (القران 8-12)
آقا ﷺ کي آسمان جي خبر اچي ويئي.
مُرڪي فرمايائون
ابوبڪر خوش ٿي، الله جي نصرت ]مدد [اچي ويئي.
الله ننڊ طاري ڪري ٿڪل مسلمانن کي تازو توانو ڪري ڇڏيو. مينهن وسائي نرم واريءَ کي مسلمانن جي پيرن ۾ ڄمائي ڇڏيو ۽ اُن مينهن سان مُشرڪن جي پيرن هيٺان زمين تِرڪائي ڇڏي.
اهو 17هين رمضان 2 هجري مطابق 17 مارچ 623ع، خميس جو ڏينهن هو.
جنگ جي لاءِ صف بندي آقا ﷺ پاڻ ئي ڪرائي.
هٿ ۾ لٺ کڻي ماڻهن کي قطار ن ۾ بيهاريو.
پهرينءَ قطار ۾ تيرانداز ويهاربا.
ٻي قطار ۾ نيزي باز، نيزا اُڀا ڪريو چست ٿيو بيٺا هئا.
ٽين قطار تلوار وارن مجاهدن جي هئي. جنگ جي اُگهاڙين تلوارن سان سج به ڊنل هو.
اُس مٿن پيئي ٿي ته رڙيون ڪرڻ ٿي لڳي.
بدر جو کوھ تلوار وارن جي کاٻي هٿ تي هو
ساڄي پاسي اڳيان زبير بن عوام جو گهوڙو هو.
کاٻي طرف مقداد بن عمرو گهوڙي تي سوار هو.
تلوار وارن جي پويان مسلمانن جو پڙاءُ هو
کوھ جي ويجهڙائي جي ڪَري اُتي ساوڪ ۽ کجين جا وڻ هئا. ڇانورو هو،
اُتي ئي آقا ﷺ جو تنبو هو.
ڪمانڊ پوسٽ
اها جاءِ اوچي ۽ نمايان هئي.
اُتان سڄو بدر جو ميدان نظر ٿي آيو.
قطارن جي صف بندي ڪرائيندي آقا ﷺ پاڻ ئي ماڻهن کي سڏي ليڪ تي بيهاري رهيا هئا. ڪن کي هٿ سان ته ڪن کي هٿ ۾ جهليل لٺ سان اشارو ڪري، هڪ ساٿي کي پويان ڪندي آقا ﷺ جي هٿ ۾ جهليل لٺ سندس پيٽَ ۾ لڳي ويئي، هن چيو يارسول الله! اوهان مونکي لٺ سان ڏکويو آهي. اوهان کان وڌيڪ عادل ٻيو ڪير آهي.
مونکي اُن جو قصاص گهرجي.
مونکي به ايئن ئي اوهانجي پيٽ کي ڌڪ هڻڻون آهي.
الله الله جنگ جي حالت
سپھه سالار اعظم
رسول الله ﷺ کان اها تقاضا
دنيا ۾ ڪا ٻي فوج هُجي ها، ڪوبه جرنيل هجي ها ته کيس اُن مھل ئي قتل ڪيو وڃي ها.
پر پاڻ ته رحمت العالمين هئا.
خدا کي اِهو ثابت ڪرڻو هو
آقا ﷺ هٿ کڻي پنهنجو اندر گهڙيل پيٽ سندس سامهون ڪيو،
لٺ به سندس هٿ ۾ ڏنائين،
اهوسواد بن غزيه رضه هو .
چيائين: آقا ﷺ منهنجو پيٽ اگهاڙو آهي.
اوهين به ڪپڙو هٽايو.
آقا ﷺ پنهنجي پيٽ مبارڪ تان ڪپڙو هٽائي ڇڏيو،
پوءِ
سواد بن غزيه هڪ ٻڪري جي ڪُٺل ڇيلي وانگر ٻَڙڪندو جُهڪيو ۽ آقاﷺ جي جسم مبارڪ کي پنهنجا چپ رکي روئڻ لڳو. چمڻ لڳو. هن جي نس نس ڏڪي رهي هئي.
آقا ﷺ پُڇيو،
”سواد تو ايئن ڇو ڪيو؟“
سواد وراڻيو: آقا شهادت جي خواهش کڻي آيو آهيان.
سوچيم: پوءِ شايد اوهانجي جسم مبارڪ کي چُمي نه سگهان،
منهنجي اُن گستاخيءَ کي معاف ڪري ڇڏيو
آءٌ فقط هڪ غلام آهيان. جيڪو اوهانجي جسم کي هڪ چمي ڏيڻ جي خاطر پنهنجي جان هزارين ڀيرا قربان ڪري سگهان ٿو.
آقا برڪت جي دعا ڏني.
ايئن مسلمانن جي اها مختصر فوج پنهنجي تربيت گاھ ۾ اچي ويئي. جنهن جو هاڻ جيئڻ ۽ مرڻ رڳو آقا ﷺ جي خوشنودي، محبت ۽ اطاعت ۾ هو.
مڪي قريش به پنهنجي لشڪر، گهوڙن، ڀالن، نيزن، ڍالن، زرهن، تيرن ۽ تلوارن سان سامهون اچي ويا.
ابو سفيان بن حرب جي زال هنده جو پيءَ عتبه بن ربيعه، هنده جي چاچي عتبه جو ڀاءُ شيبه بن ربيعه ۽ هنده جو ڀاءُ ربيعه جو پُٽ وليد ٽيئي زرھ پوش ٿي مڪي فوج مان اڳيان نڪري آيا ۽ للڪاريندي مقابلي جي دعوت ڏنائون.
مسلمانن پاران اشارو ملندي ئي ٽي انصاري نڪتا.
عوث بن حارث، معوذ بن حارث ۽ عبدالله بن رواحه
عتبه وڏي هَٺ ۽ فخر مان چيو
اوهين ڪير آهيو.. اوهانکي نٿا سڃاڻو.. پوءِ وڏي واڪي چيائين
محمد (ﷺ)اسانجي جوڙ جا همراھ موڪل
اسين پنهنجي قوم جا سردار عتبه، شيبه، ۽ وليد آهيون،
پوءِ هن پنهنجي قبيلي جا ڳُڻ ڳاتا.
آقا ﷺ ٽنهي انصارن کي واپس گهرائي ورتو
۽ اشاري سان پنهنجن ٽن ببر شيرن کي اڳيان ڪيو
ٽيئي زرھ پوش دشمن جي مُنهان مُنهن ٿيا. هنن پنهنجا مُنهن ۽ چهرا چادر سان ڍڪي رکيا هئا. عتبه ٽنهي کي سڃاڻي نه سگهيو . چيائين اوهين ڪير آهيو؟
عتبه جي روبرو رستم قريش شير خدا هو
وراڻيائين آءٌ حمزه بن عبدالمطلب بن هاشم آهيان.
عتبه جو روح رڦي ويو. پر دل ٻڌي چيائين
هائو، تون اسانجي جوڙ جو آهين.
شبيه وچ ۾ هو.. پنهنجي سامهون واري کان پُڇيائين. تون ڪير آهين؟
ٻُٽ ٻڌل مجاهد جو دٻدٻي وارو آواز آيو.
عيبده بن حارث بن عبدالمطلب بن هاشم
شيبه کي به ماٺ وٺي ويئي
وليد جي سامهون شير رسول ۽ شير خدا سيدنا عليرضه هو.
گجگوڙ ڪندي چيائين
تُنهنجي سامهون سردار ابوطالب بن عبدالمطلب بن هاشم جو پُٽ علي آهي.
وليد ته اُن ئي گهڙيءَ اڌ مري ويو
ٻي گهڙيءَ عليءَ هڪ وار ڪيو. وليد جو ڪنڌ زره پوش لوهي ڪَڙين جي اندران گجر وانگر ڪپيو ۽ پري وڃي ڪريو. سيدنا حمزي هڪ ئي وار ڪيو ۽ عتبه بن ربيعه جيڪو مڪي ايندڙ هر زيارتيءَ کي ورغلائڻ جي لاءِ چوندو هو ته هي ساحر ۽ جادوگر آهي، رسول ڪونهي، ڌوڙ ٿي وڃي پُٽ تي ڪريو ۽ تڙپڻ لڳو. شيبه تي به سيدنا عبيده بن حارث هڪ سگهارو وار ڪيو. پر پير ترڪيس، ڪرندي به تلوار، گهمايائين.. سيدنا عبيده جيڪو سڀني مجاهدن ۾ وڏي عمر جو هو، تلوار سان سندس پير تي زخم آيو. پر ٻي گهڙي سيدنا حمزي ۽ سيدنا علي جون تلوارون لهرايون ۽ شيبه به وڃي پنهنجي ساٿين سان گڏيو.
پهرئين ئي گهڙيءَ ۾ قريشن جا ٽي بُرج ڊهي پيا
ٽي سردار مار جي ويا
هو ڊوڙندا پنهنجن سردارن جا لاشا کڻڻ جي لاءِ آيا.
هُنن جي فوج ۾ عجيب قسم جو ڊپ، دهشت ۽ بدنظمي پکڙجي ويئي
مسلمانن زخمي عبيده کي کڻي آقا ﷺ جي تنبوءَ ۾ پهچايو ويو.
سندس زخمي ٽنگن مان رت ڦوهارا ڪري وهي رهيو هو.
لڳو ايئن ٿي ته سندس نس ڪٽجي ويئي آهي.
سندس رنگ هئڊو ٿيندو پي ويو
هٿ پير ٿڌا ٿيڻ لڳس
هن مُحبت سان آقاﷺ جو هٿ جهليو ۽ مُرڪي پنهنجي جسم جي هيٺان پنهنجو هاشمي رت وهندي ڏسي چيو، اڄ جيڪڏهن سيدنا ابوطالب جيئرو هجي ها ته کيس مڃڻون پوي ها ته آءٌ سندس هن شعر جو حقدار هجان ها.
ونسلم حتي نصرع حوله
و نزمل عن ابنائنا والحلائل
”اسين محمدﷺ کي ان وقت ئي دشمن جي حوالي ڪري سگهؤن ٿا، جڏهن اسين سڀ کانئس اڳ ۾ قتل ڪيا وڃون ۽ پنهنجي اولاد کان بي خبر ٿي وڃون.“
اُن کانپوءِ پاڻ آقا ﷺ جي قدمن ۾ پنهنجي جان ڌڻيءَ جي حوالي ڪئي.
آقا ﷺ فرمايو ”آءٌ شاهدي ٿو ڏيان ته تون شهيد آهين.“
هو آقا ﷺ جي قدمن ۾ جان ڏيندڙ پهريون شهيد هو.
مڪي قريشن جا گهوڙا پٿريلي واريءَ تي پنهنجي سُنبن جون چڻنگون اُڏائيندي چرين وانگر مسلمانن تي ڪاهي آيا. رڻ گجيو، راڙو ٿيو... اڳيان ويٺل تير اندازن جن جي ڪمانن ۾ تير چڙهيل هئا. ڪمانون ڇڪيون ۽ اُن وقت ڇڏيون، جڏهن گهوڙن تي ويٺل هَٺيلا ۽ مغرور سوار ايترو ته ويجهو آيا، جو کين تيرن ۾ پُوئي هوا ۾ اڏايو وڃي.. هو ڀڄندا آيا ۽ ڪبابن جيان تيرن تي چڙهندا ويا.
ٻيو ريلو آيو
هاڻ نيزي بردار اڳيان وڌيا
حملو ڪندڙن کي کڻي نيزن تي کنيائون
پوءِ تلوارن هليون
هيڏو وڏو لشڪر
ساڍا نَو سئو سپاهي
سئو گهوڙي سوار
اُن ننڍي فوج جي سامهون ايئن منٽن ۾ ڊهي پيا
جيئن عُقاب جي سامهون جهرڪيون
پوءِ ته اچي ڀاڄ پَين ،
قريشي پنهنجن ئي ماڻهن کي چٿيندا، جيڏانهن منهن آين، تيڏانهن وٺي ڀڳا
ڪجهه ڇوڪرا ابوجهل جي ڳولا ۾ نڪتا.
انهن مان هڪ ئي ماءُ غفرا جا ست پُٽ اُن جنگ ۾ شامل هئا.
ان عورت ٻه ڀيرا نڪاح ڪيو هو. پهرين مڙس حارث مان ٽي پُٽ عوف، معوذ ۽ معاذ ڄميس، ٻيو نڪاح بڪير بن ياليل سان ڪيائين. ان مان چار پٽ اياس، عاقل، خالد ۽ عامر پيدا ٿيا.
معاذ ۽ معوذ قريشن جي ڀڄندڙ ميڙ مان سيدنا عبدالرحمان بن عوف وٽ آيا ۽ پُڇيائون
چاچا... هنن ۾ ابوجهل ڪهڙو آهي؟
عبدالرحمان بن عوف ٻارڙن جي عمر ڏسي سوچيو. انصاري آهن. ڪٿي ڪو نقصان نه ٿين.
پُڇيائين: ڀائيٽا ڇو پيا پُڇيو؟
هڪ ڇوڪري وراڻيو: آءٌ خدا سان عهد ڪري آيو آهيان ته يا ته ابوجهل کي ماريندس.. يا پاڻ مري ويندس.. ڇا ڪاڻ ته هو اسان جي آقا ﷺ جو دشمن آهي. اوهين جيڪڏهن مونکي ابوجهل ڏيکاريو ته منهنجو پاڇو کانئس تيستائين ڌار نه ٿيندو ، جيستائين يا ته هو مري يا آءٌ مارجي وڃان . اڃا اهي ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته ابوجهل سامهون اچي ويو. عبدالرحمان بن عوف ٻنهي کي اشاري سان ابوجهل ڏيکاريو.
اشارو ملندي ئي ٻنهي باز وانگر جَهڙپ ڏني
ابوجهل کي گهيري مٿس وار ڪيائون
معاذ پهريون ڌڪ هنيس، تلوار وڃي ابوجهل جي ڪنڌ تي لڳي ۽ سندس ڪنڌ مان گهايل اٺ وانگر رت وهڻ لڳو.. ابوجهل مُڙي وار ڪيو ۽ ٻي طرف کان وار ڪندڙ معوذ کي شهيد ڪري ڇڏيائين.. معاذ وري تلوار هلائي ۽ ابوجهل کي ڌوڙ ڪري ڇڏيائين.
ابوجهل جو پُٽ عڪرمه پنهنجي پيءُ جو باڊي گارڊ بنيل هو. پڻهنس ڊٺو ته هُن معاذ جي ڪلهي تي تلوار هنئي. ٻانهن وڍجي ويئي. معاذ لڙڪندڙ ٻانهن سان به وڙهندو رهيو. بُخاريءَ جي روايت آهي ته معوذ ۽ معاذ کي ابوجهل کي ماريندڙ لکيو ويو آهي.
معاذ ۽ معوذ سان گڏ معاذ بن عمرو بن الجموع کي به ابوجهل کي جهنم رسيد ڪرڻ ۾ شريڪ لکيو ويو آهي.
جڏهن جنگ جا ڪَڪر هٽيا ته آقاﷺ، عبدالله بن معوّذ کي ابوجهل جي خبر آڻڻ جي لاءِ موڪليو . لاشن جي ڍڳَ ۾ ابوجهل زخمي حالت ۾ رت ۾ ٻُڏو مٽيءَ ۽ ڌوڙ ۾ ڀڀوت ٿيو پيو هو ۽ پويان پساھ کڻي رهيو هو.
عبدالله بن مسعود فرمائي ٿو
مون ابوجهل کي ڏاڙهيءَ مان جهلي چيو
”اي خدا جا دشمن توکي الله ذليل ۽ خوار ڪيو.“
ابوجهل جيڪو ڌوڙ ۾ ڀڀوت ٿيو، پنهنجي ئي رت ۾ پيو هو. پر اَنا وري ايڏي هُيس، جو چپ به چوري نٿي سگهيو، لفظ به نه ٿي اُڪيلس، ڪن لڳائي ٻڌم ته چئي رهيو هو.
”افسوس مونکي هارين ماري ڇڏيو.. ڪاش منهنجو قاتل ڪو ٻيو هُجي ها.“
هو سڄي عمر مڪي ۾ عبدالله بن مسعود جي به توهين ڪندو رهيو هو.
اُن عبدالله بن مسعود تلوار جهلي ابوجهل جو ڪنڌ ڪپڻ لاءِ ابوجهل جي ڪنڌ تي پير رکيو ته ابوجهل جون مڪار ،۽ تيز گهمندڙ اکيون آخري ڀيرو حيرت مان گهميون ۽ مرڻ مھل نڙ گهٽ مان آواز نڪتس
“او ٻڪريون چاريندڙ.. ڏس ته ڪٿي پير رکيو اٿئي.”
خدا جي ڪرڻي جو غريب ڌراڙ عبدالله بن مسعود جي تلوار به مُڏي هئي.
ابوجهل جي جيئري دماغ تائين پهچندڙ نسون ڪَسيل تلوار سان ڪٽجي رهيون هيون . هو تلوار کي آري وانگر هلائي رهيو هو.
خدا تعاليٰ ابوجهل جو ڪنڌ به هوريان هوريان ڪٽرائڻ جو بندوبست ڪيو هو. ابو جهل جي پنهنجي تلوار ڏاڍي سُٺي ۽ تکي هئي. خود ابوجهل جنهن تلوار سان آقا ﷺ تي وار ڪرڻ آيو هو، اُن تلوار ڏانهن اشارو ڪري هن عبدالله بن مسعود کي چيو هو. هن سان منهنجو ڪنڌ وڍ.
پر ڏس! آءٌ سردار آهيان. منهنجي ڳچي ڊگهي وڍج.
اُن ئي تلوار سان سندس ڪنڌ ڪپيو ويو
اُن تلوار جو نالو ذوالفقار هو، جيڪا پوءِ آقا ﷺ جي حصي ۾ آئي.
جڏهن ابوجهل جو وڍيل ڪنڌ آڻي آقا ﷺ جي قدمن ۾ رکيو ويو
ته آقا ﷺ ٽي ڀيرا چيو
”سڀ ساراهون الله جي لاءِ آهن، جنهن اسلام ۽ مسلمانن کي عزت بخشي.“
جنگ ختم ٿي
مرڻ وارا ڳڻيا ويا.
قيدين جي ڳڻپ ڪئي ويئي
چوڏهن مسلمان شهيد ٿيا. ڇھه مهاجر، اٺ انصاري .
مڪي جا ستر مُشرڪ ماريا ويا. جن ۾ جنگ ۾ آيل لڳ ڀڳ سڀ سردار شامل هئا. ستر کن مُشرڪ قيدي بنايا ويا. باقي سڀ مُشرڪ پاڻ سان آندل ڳائڻ وارين رنن سميت ڀڄي ويا.
جنگ جو ميدان دشمن جي لاشن ۽ ڀڄندڙن جي جوتن، بوٽن، ڍالن، نيزن، ڀالن، ٽٽل ۽ سالم تلوارن سان ڀريو پيو هو. اُتي ئي سندن ستر قيدي ٻڌا پي ويا.
دشمن جي لاشن کي دفنائڻ به آقا ﷺ جي ذميداري بڻي.
پهريون چوڏهن مسلمانن کي عزت، شان ۽ مان سان دفنايو ويو.
ستر مُشرڪن لاءِ ڌار ڌار قبرون ڪير پيو کو ٽي ها.
اُتي ڪنهن زماني ۾ بني نجار قبيلي جي ڪنهن شخص هڪ کوھ کوٽيو هو. اُن مان پاڻي ته شايد نه نڪتو هو، البت اهو سڄي ماٿري جي سڄي گندگي ۽ غلاظت جي جاءِ بنجي ويو. جن ڏينهن بدر جي ميدان ۾ ميلو لڳندو هو، انهن ڏينهن ماڻهو ان کوھ ۾ گندگي ۽ غلاظت اُڇليندا هئا. خدا جي قدرت ته مڪي جي گهڻن سردارن جا لاش ان جي آسپاس اچي ڪريا.
اُن ڪِني کوھ ۾ مڪي جي ستر مان 24 سردارن جي لاشن کي گهيلي اُڇليو ويو. انهن ۾ ابوجهل جو وڍيل ڪنڌ ۽ ڌڙ به هو، ان ئي کوھ ۾ عتبه، شيبه، وليد ۽ ٻين مغرور مڪي جي رئيسن جا لاش به اُڇليا ويا.
جڏهن لاش ڦٽا ڪري دنگ ڪيا ويا ته آقا ﷺ ان کوھ جي ڪنڌيءَ تي وڃي بيٺا ۽ هڪ هڪ جو نالو وٺي فرمايائون. اي عتبه، اي شيبه بن ربيعه، اي ابوجهل، ڇا اوهانجي لاءِ اهو چڱو نه هُجي ها ته اوهين الله ۽ سندس رسول جي اطاعت ڪريو ها. اسان سان اسانجي رب جيڪو وعدو ڪيو ، اهوئي حق ۽ سچ پاتوسين. ڇا اوهان ڏٺو ته الله اوهان سان جيڪو وعدو ڪيو هو. اهو سچ نڪتو. (بخاري)
ابن اسحاق جي روايت آهي ته آقا ﷺ اهو به فرمايو.
”اي کڏ وارؤ! اوهين پنهنجي نبيءَ جي قبيلي ۽ ڪُٽنب جا بُڇڙا ماڻهو ثابت ٿيا- اوهان مون کي ڪوڙو قرار ڏنو، جڏهن ته ٻين منهنجي تصديق ڪئي. اوهان مون کي وطن مان ڪڍيو، ٻين مونکي پناهه ڏني. اوهان مون کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته ٻين منهنجي مدد ڪئي. اوهان هڪ امين کي جادوگر چيو ۽ هڪ صادق کي ڪوڙو چيو... الله اوهان کي بُڇڙي سزا ڏيندو.“
آقا ﷺ کي کڏ وارن سان ڳالهائيندي ڏسي سيدنا عمر بن خطاب عرض ڪيو:
”يا رسول الله! اوهين اهڙن جسمن سان ڳالهيون پيا ڪريو. جن ۾ هاڻ روح ڪونهن.“ آقا ﷺ فرمايو.
”قسم آهي خُدا جو جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي- آءٌ جيڪو ڪجهه چئي رهيو آهيان، اوهان انهن کان وڌيڪ ڪونه پيا ٻُڌو. پر هي جواب نٿا ڏيئي سگهن.“
]بخاري، مسلم، زرقاني، البدايه والنهايه، مسند احمد[
هڪ ٻيو اصول به طئي ٿي ويو.
مُردا قبرن ۾ سُڻندا آهن.
بدر جي جنگ جي فيصلي وارو ڏينهن جمع جو هو. 17 رمضان- 2 هجري، 17- مارچ 623عيسوي .
هيڏي وڏي سوڀَ جي خبر هڪدم مديني پهچڻ گهرجي.
اها خوشخبري مديني پهچائڻ لاءِ آقا ﷺ ٻن ماڻهن کي چونڊيو. مديني جي هيٺين حصي جي لاءِ سيدنا زيد بن حارث ۽ مديني جي مٿئينءَ حصي جي علائقي عوالي لاءِ سيدنا عبدالله بن رواحه-
ٻيئي اُٺ ڊوڙائيندا روانا ٿي ويا.
خوشي ۽ جوش مان.
حيرت ۾ وجهندڙ ولولي سان.
هيڏانهن مديني ۾ منافقن اِهو افواهه پکيڙي ڇڏيو هو ته مسلمانن هارايو آهي ۽ نعوذ بالله آقا ﷺ قتل ڪيا ويا آهن.
جنهن مهل سيدنا زيد بن حارث، آقا ﷺ جي اُٺڻ قصويٰ کي ڊوڙائيندي مديني ۾ داخل ٿيو ته هڪ منافق، ماڻهن کي هن ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
لڳي ٿو ته رڳو هي هڪ ئي بچيو آهي.
ڏسو، اُٺڻ به اُن جي آهي، جيڪو مري ويو. نعوذ بالله.
ماڻهو اڳ ۾ ئي سوڳوار بيٺا هئا.
بقيع قبرستان ۾ آقا ﷺ جي نياڻي سيده رقيه کي دفنائي، اُن جي قبر تي مٽي وجهي رهيا هئا- اُنهن سان گڏ سيده جو گهر وارو سيدنا عثمان بن عفان به قبر جي ڪنڌيءَ تي ويٺو روئي رهيو هو ۽ سيده رقيه جي بيماريءَ جي ڪري، آقا ﷺ، سيدنا عثمان کي پويان مديني ۾ ڇڏي ويا هئا.
ماڻهو رسول اللهﷺ جي نياڻيءَ جي وفات ۽ ان افواهه جي ڪري اندر ئي اندر ۾ رتورت ٿي چڪا هئا.
اهڙي ڏکاري ماحول ۾ سيدنا زيد بن حارث شاندار فتح جي خبر سُڻائي ته ماڻهن کي ڄڻ ته يقين ئي نه آيو. هو نالا وٺي رسول خدا جي دشمنن جي باري ۾ ٻُڌائڻ لڳو ته فلاڻا فلاڻا سڀ مارجي ويا آهن. مرندڙ ۽ قيدين جو تعداد ٻڌايائين. ماڻهو پهرين ته ڳالهه ٻڌي ڄڻ مَنڊجي سيدنا زيد کي تڪڻ لڳا. پوءِ جيئن ئي کين يقين ايندو ويو ته سندن حالت بدلجڻ لڳي.
افواهه جو ايترو ته زور هو، جو سيدنا زيد جو پندرهن سالن جو پٽڙو اُسامه بن زيد پيءُ کي ڌار وٺي وڃي پُڇڻ لڳو
بابا! ڳالهه ته صحيح ٿا چئو نه-؟
سيدنا زيد، اُسامه کي زور سان ڇڪي ڇاتيءَ سان لاٿو ۽ منهن چُميو ۽ چيائين: پُٽڙا صبح جي سج وانگر سچ پيو چوان. اسان عظيم سوڀَ ماڻي آهي. اسامه ڊوڙندو ان منافق وٽ ويو، جنهن اها ڪوڙي خبر پکيڙي هئي.
چيائينس: اڙي ڪوڙا ڪوڙ پيو بَڪين.
هُن نرڄائيءَ مان چيو: مون ته ايئن ئي ٻُڌو هو.
ڪنهن کان ٻُڌئي؟
ڳالهه جو پيرو کنيو ويو ته اُن جا سِرا رئيس المنافقين عبدالله بن ابي سلول تائين وڃي پهتا. اُنهن افواهن پکيڙڻ ۾ يهودي به شامل هئا. خاص ڪري شاهوڪار سونارو قبيلو بنو قنيقاع، جيڪو اُن ئي عبدالله بن ابي سلول جو حليف ۽ سرپرست هو.
آقا ﷺ خوشخبري ڏيندڙ کي موڪلي پاڻ پنهنجن ساٿين ۽ ستر قيدين کي ساڻ ڪري مديني روانا ٿيا.
”روحا“ واري هنڌ تي مديني جا ماڻهو استقبال ڪرڻ جي لاءِ پهچي چڪا هئا.
ماڻهن جو جوش، جذبو ۽ خوشي ڏسڻ وٽان هئي. خوشيءَ جي ڪري ماڻهن جي اکين مان لڙڪ جاري هئا. خدا جي حضور شڪراني جون صدائون هيون.
هيڏي وڏي سوڀَ.
فتح مُبين
اسلام جي مٿڀرائپ سج جيان روشن هئي ۽ مسلمانن جي هٿان قريش جي شڪست ۽ رُسوائي.
منافق هَڄي ويا.
عبدالله بن ابي سلول به استقبال ڪندڙن ۾ اچي بيٺو.
وٽس ڏيکاءُ ۽ پنهنجي سلامتيءَ جي لاءِ ٻي ڪا راهه به نه بچي هئي. هن به سرعام ڪلمون پڙهيو.
لا الھ الا الله محمد الرسول الله
پر سندس من ۾ اهائي مَدي هئي.
اندر ۾ هو ”لا“ کان اڳتي وڌي نه سگهيو.
حقيقت ۾ اُن ڏينهن عربستان جي نقشي تي هڪ ڌار مسلمان اُمت ۽ ان جي سلطنت مديني جو خاڪو عرب جي قبيلن کي نظر اچڻ لڳو.
جنهن ڏينهن آقا ﷺ اها جنگ جيتي گهر آيا.
اهو اربع جو ڏينهن هو.
23 رمضان- ٻي هجري جي تاريخ هئي.
بمطابق- 23 مارچ-623عيسوي.
اهو اسلام جو پهريون رمضان هو... جنهن جا روزا فرض هئا. اُن کانپوءِ جيڪا عيد آئي، اها پهرين عيدالفطر هئي، جيڪا ملهائڻ جي لاءِ آسمان تان حڪم لٿو هو. اُن عيد تي آقا ﷺ پهريون خطبو ڏنو- ٻه رڪعتون عيد نماز پڙهائي.
سوچيو ته سَهي... اهو عيد جو ڏينهن ڪيترو نه نج-نبار خوشيءَ جو ڏينهن هو.

بدر جي جنگ.... ابو لهب جو انجام

بدر جي جنگ.... ابو لهب جو انجام

هارايل مڪي فوج، ٽڙيل پکڙيل، شرمساريءَ ۾ ورتل، بي وس چورن وانگر لِڪندي پنهنجن گهرن ڏانهن واپس وڃڻ کان لنوائي رهي هئي.
مڪي وارن پنهنجي لشڪر جو جيڪو پهريون شخص ڏٺو، اهو حيسمان بن عبدالله خزاعي هو. لٿل مُنهن، اکيون ڏرا ڏيئي ويل، چپن تي خشڪيءَ جا تهه ڄميل.
چُپ
ماڻهو گڏ ٿي ويا...
خدا جي حرم جو هنڌ
ماڻهن پُڇيس
ٻُڌاءِ
ڪهڙي خبر آندي اٿئي...
هو ماٺ...
کانئس ڪجهه به ڪُڇيو نه ٿيو
هڪ ٻن ڄڻن ڪلهن مان جهلي لوڏيس.
هُن جي نڪ جي ناسن ۾ هڪ مک گهڙي، جنهن کي اُڏائڻ لاءِ هن هٿ هلايو، پوءِ اهو ئي هٿ ڳچيءَ تي ڇري جيان ڦيريو ۽ چيو:
اسان جا سڀ وڏا وڏا سردار مارجي ويا.
ميڙ مان هڪ حيرت ۾ وجهندڙ ”اَئي گهوڙن هيس.. هي وري ڇا..“ جو آواز نڪتو.
ڪير ڪير...
هُن پنهنجن سُڪل چپن کي کاٻي هٿ سان مَهٽيو
ٿُڪ ڳڙڪايائين.
ڪجهه گهڙيون سندس ڪنڌ جون نسون ڦڙڪنديون رهيون. هڪ ڊگهو ساهه کنيائين. پوءِ مرندڙن جا نالا وٺڻ لڳو.
عتبه بن ربيعه مارجي ويو.
شيبه به...
وليد به نه بچيو...
ابو جهل به ڪري پيو ۽ مري ويو.
ماڻهو هن جي واتان نالا ٻڌڻ سان ئي ڄڻ زمين ۾ گهڙندا پي ويا. ڄڻ ڪا اڻ ٿيڻي ٻُڌي رهيا هجن.
حطيم ۾ اُميه بن خلف جو پُٽ صفوان ويٺو سُڻي رهيو هو
چيائين
هي همراهه پنهنجي هوش ۾ ڪونهي...
نشي ۾ آهي... کانئس پُڇو
صفوان بن اُميه جو ڇا ٿيو؟
هڪ ڄڻي پُڇيو.
خبر ڏيندڙ ٻڌي صفوان ڏانهن هٿ جو اشارو ڪيو... هو ته گڏ ويو ئي نه هو، هوڏانهن حطيم ۾ ويٺو آهي.
هو ڏسو.
پر سندس پيءُ اُميه بن خلف منهنجي اکين جي اڳيان قتل ٿيو.
گهر گهر خبر پهچڻ لڳي
هر گهر ۾ ماتام مچي ويو.
سيدنا عباس جو گهر خوشيءَ سان ڀرجي ويو.
سيدنا عباس ته مصلحت خاطر پنهنجو ايمان لڪائي رکيو هو- پر سندس گهرواري اُم فضل ۽ ٻارڙا اعلانيه طور مسلمان هئا. سيدنا عباس جو هڪ غلام ابو رافع جيڪو پوءِ مديني ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم جي غلاميءَ ۾ اچي ويو هو. زم زم جي کوهه وٽ ٺهيل هڪ حجري ۾ ويهي ڪاٺيون چيري اُن جي منهن ۾ لوهه جي اَڻي هڻي تير ٺاهيندو هو. اُن جو گهر سيدنا عباس جي گهر سان گڏ هو. اُم فضل خوشيءَ مان ٻَهڪندي ابو رافع وٽ آئي، ساڻس مسلمانن کي سوڀَ ملڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيائين.
ٻنهي جون اکيون چمڪي رهيون هيون
سندن اکين ۾ تارا نچي رهيا هئا...
ايتري ۾ ابو لهب، لٿل مُنهن، ٻَرندر اکين سان پنهنجون ٽنگون گهليندو پنهنجي ڦيڦي ۽ بي ڊول بُت سان اچي پهتو. اڃا ڪا ڳالهه به نه ٿي هئي، جو ابو لهب جو ڀائيٽو ابو سفيان بن حارث به اُتي پهتو. هي ابو سفيان، آقا صلي الله عليھ وسلم جي سڀ کان وڏي چاچي، حارث جو پُٽ هو. سندس عمر آقا صلي الله عليھ وسلم جيتري هئي. ننڍي هوندي ۽ جوانيءَ ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم سان دوستي هُيس. پر مَن جو صفا ميرو هو، ايمان نه آندو هئائين. شاعر به هو، پنهنجي تُڪ بنديءَ سبب آقا صلي الله عليھ وسلم کي ڏاڍو ستايو هئائين. اهو بدر جي جنگ کان موٽيو هو. ماڻهو کانئس خبرون چارون پُڇي رهيا هئا. هُن ابو لهب کي ايندي ڏٺو ته ان جي حجري ۾ آيو.
ابو لهب کيس هٿ جي اشاري سان سڏي پاڻ وٽ مُوڙي تي ويهاريو ۽ پڇيائين.
ڀائيٽا ٻُڌائي ڇا ڏٺئي-؟
ڇا ٿيو-؟
ابولهب جي سيني تي ڄڻ ڇُپَ رکيل هئي.
سوال پڇندي به ڄڻ آهه ٿي ڀريائين.
ابو سفيان بن حارث ڪنڌ جهڪائي ايئن گهمايو، جيئن اُکريءَ ۾ موهيلڙو ڦيري چٽڻي ٺاهبي آهي.
چيائين-
چاچا... عجيب ماجرا ڏٺم...
اسان جو هيڏو وڏو لشڪر هو.
سندن سامهون سڀ بي جان رڍون بنجي وياسين.
ٿورا مسلمان هئا...
اسان تي حاوي... مڪمل حاوي.
جنهن کي چاهيائون گجر- موريءَ وانگر ڪٽي ٿي ڇڏيائون.
جنهن کي ٿي چاهيائون، اُن جون ڇڪي ٻانهون ٿي ٻڌائون.
قيدي ٿي بنايائون.
آءٌ پنهنجن همراهن کي ملامت نٿو ڪريان... پر حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه هيءَ هئي ته اسان جو مقابلو آسمان تان لٿل چٽڪمرن گهوڙن تي سوار اڻڄاتل مخلوق سان هو، هُنن جي سامهون بيهڻ ڏکيو هو.
ابو سفيان بن حارث سان گڏ اچي بيٺل سندس پُٽ مغيره بن حارث به اهو ئي ٻُڌائڻ لڳو.
اهي چٽڪمرن گهوڙن وارا الائجي ڪير هئا؟
تير ٺاهيندڙ چمڪندڙ اکين ۽ خوشيءَ سان ٽٻٽار سيدنا عباس جي غلام ابو رافع اهو ٻُڌو ته سندس وات مان بي اختيار نڪري ويو،
اهي ملائڪ هئا... ملائڪ.
ڀرسان ويٺل ابو لهب الائجي ڪهڙي ازل جي باهه ۾ سڙي رهيو هو، ابو رافع جي وات مان ملائڪن جو نالو ٻڌي، صفا باهه ٿي ويو ۽ ڀَرڪري هڪ زورائتو ٿڦڙ ابو رافع کي هڻي ڪڍيائين. ابو رافع ڪمزور ۽ ننڍي وهيءَ جو هو، پر ابو لهب جو ٿڦڙ کائي چيتي جيان گُڙيو. ابو لهب، ابو رافع کي کڻي دسيو ۽ هن جي ڇاتيءَ تي چڙهي ويهي رهيو ۽ مُڪن ۽ ٿڦڙن سان ابو رافع کي مارڻ لڳو. اُم فضل به ان ڪمري ۾ موجود هئي. تنهن جو اهو لقاءُ ڏٺو ته ڪاوڙ ۾ اچي ڀت سان رکيل هڪ ٿلهو ڏنڊو کنيو، جيڪو ڪنهن خيمي جي ٿوڻي هئي، جنهن جي هڪ سِري کي لوهه جي پٽي چڙهيل هئي، هن اهو ڏنڊو کڻي زور سان ابو رافع جي ڇاتيءَ تي ويٺل ابو لهب جي مٿي تي واهي ڪڍيو...
هڪ ئي ڌڪ سان ابو لهب جو مٿو ڦاٽي پيو...
رت ٺينڍيون ڪري وهڻ لڳس ۽ سندس بُڇڙي چهري ۽ ڏاڙهيءَ کي پُسائيندو سندس ڪلهن تائين آيو.
اُم فضل شينهڻ جيان لٺ کڻيو بيٺي هئي.
چيائين: هن گهر جو مالڪ ڪونهي... اُن ڪري تون هن کي مارينءَ پيو.
ابو لهب پنهنجو ڦاٽل مٿو جهلي، چڪرائيندو اتان نڪري ويو.
سندس زخم ناسور بنجي ويو.
زخم جي اندر الائجي ڪهڙو جراثيم اچي ويو، جو اهو ڇُٽي نه سگهيو.
اُلٽو سندس ڪنڌ جي پويان ڳنڍا ٿي پيا.
سندس ٻنهي بغلن ۾ به انگور جي داڻن جيتريون سخت ڳنڍيون اُڀري آيون.
هينئر پاڻ اهڙين ڳنڍين کي ”لمف نوڊ“ چئون ٿا.
بس اُن ڏينهن کان ست ڏينهن پوءِ.
ابو لهب مري ويو.
مُئل ابو لهب جو لاش سُڄي پيو-
چوڌاري ڌپَ پکڙجي ويئي.
سندس پُٽن مان ڪنهن به سندس لاش کي هٿ به نه لڳايو.
۽ ڀلا ڪير سندس ويجهو وڃي ها.
هو پنهنجن غلامن جي ذريعي هڪ بانس سان ٻڌي ابو لهب جي بدبودار لاش کي آباديءَ کان ٻاهر کڻي ويا. اُتي ويرانيءَ ۾ ڪنهن کڏ ۾ اُن ڦاٽل ۽ ڌپاري لاش کي ڦِٽو ڪيائون ۽ پريان بيهي پٿر کڻي لاش کي اڇليائون ۽ انهن پٿرن مان کڏو ڀري ڇڏيائون-
گويا ابو لهب مرڻ کانپوءِ پنهنجن ئي پُٽن هٿان سنگسار ٿيو.
خبر ڪونهي.
اُنهن پٿرن لڳڻ سان ڪيترا ڀيرا سندس ٻانهون ڀڳيون.
هو ڪيترا ڀيرا مري مري مئو.
هو جنهن جي مرڻ کان ڪيترا سال اڳ آسمان مان سندس انجام جي خبر لٿي هئي-
تَبَّتْ يَدَآ اَبِيْ لَهَبٍ وَّتَبَّ Ǻ۝ۭ مَآ اَغْنٰى عَنْهُ مَالُهٗ وَمَا كَسَبَ Ą۝ۭ سَيَصْلٰى نَارًا ذَاتَ لَهَبٍ Ǽ۝ښ
ابو لهب جا ٻيئي هٿ ڀڄن ۽ هلاڪ ٿئي، نه ته سندس ڪو کيس ڪم آيو، نه وري اهو ڪم آيس جيڪو هن ڪمايو. هو جلد ئي ڀڙڪندڙ باهه ۾ داخل ٿيندو (سوره لهب)

بدر جي جنگ- مڪي ۾ رد عمل

بدر جي جنگ- مڪي ۾ رد عمل

ابو سفيان بن حرب هاڻ مڪي جو اڪيلو سردار هو. سڀ وڏا وڏا قريشي سردار مارجي وڃڻ کانپوءِ هاڻ هو مڪي وارن جي قسمت جو فيصلو ڪندڙ اڪيلو سردار بچيو هو.
ڪيني ۽ ڪدورت سان ڀريل
هُن جي پنهنجي گهر ۾ سڀني کان وڌيڪ ماتم هو.
هڪ سندس پُٽ مئو
ٻيو عمرو قيدي بڻيو.
چاچا به مارجي ويس
زالهنس جو پيءُ عتبه بن ربيعه به مُئو.
زالهنس هنده جو ڀاءُ وليد به ڌوڙ ٿي ويو هو.
زالهنس هنده جو چاچو شيبه به قتل ٿيو.
سندس زال تڙپي... بدلو وَٺ
ارُني... رڙي...
وار کولي ڇڏيائين... هوءَ عورت مان ڏانئڻ بڻجي ويئي.
چوڻ لڳي حمزي جون هينئون چٻاڙينديس... ڪَچو.
خود ابو سفيان به قسم کنيو ته جيستائين بدلو نه وٺندس... تيستائين نه وهنجندس، نه زال ڏانهن ويندس.
نه مٿي کي تيل هڻندس.
نه گيهه واپرائيندس.
سندس گهر جهنم بنجي ويو.
گهر گهر ۾ ماتم.
ابو سفيان ظالم وري ايترو جو مڪي وارن تي پابندي هڻي ڇڏيائين ته
ڪوبه پنهنجن جو ماتم نه ڪري.
نه ڪو روئي، نه ڪو رڙي.
غم ۽ ڏک تي ماتم، نوحا ۽ روئڻ رڙڻ جي مڪي ۾ پراڻي رسم هئي. روئڻ سان ماڻهو پنهنجن جو غم هلڪو ڪري وٺندا آهن. ابو سفيان کي خبر هئي ته مڪي ۾ لڪيل مسلمان به آهن ته مسلمانن جا حمايتي به- هن نٿي چاهيو ته مڪي وارن جي روئڻ رڙڻ ۽ ماتم ڪرڻ سان انهن مسلمانن يا سندن طرفدارن کي دل ئي دل ۾ ڪا خوشي ملي.دارالندده ۾ ويهي حڪم ڏيئي ڇڏيائين:
جيڪو هاڻ مڪمل طور تي سندس وَس ۾ هو.
ڪوبه نه روئي.
روئڻ ته سڀني کان بيٺو نٿي.
هو لِڪي لِڪي روئندا هئا.
عاتڪه جي خواب وانگر مڪي جو ڪوبه گهر نه بچيو، جنهن کي زخم نه لڳو هو.
اُتي هڪ پوڙهو هو.
هو به وري شاعر
نالو هئس اسود بن مطلب
بدر سندس ۾ ٽي پُٽ مئا هئا.
رمعه، عقيل ۽ حارث-
هُن جو ته اندر ئي وڍجي ويو هو. ٻيرا ٻيرا ٿي ويو هو. پر حڪم هو ته ڪوبه نه روئي.
هڪ ڏينهن هن پاڙي ۾ روئڻ جو آواز ٻڌو. جلدي پنهنجي غلام کي موڪليائين ته پُڇي اچي ته
روئڻ جي موڪل ملي ويئي آهي ڇا-؟
غلام اچي ٻڌايو ته
نه...
پاڙيسرياڻي اُن ڪري پئي روئي ته سندس اُٺ گم ٿي ويو آهي.
ان ڏينهن اسود بن مطلب هڪ نظم چيو.
جنهن جو ترجمو هن ريت آهي:
”ڏسو ته سهي، هوءَ اُن ڪري ٿي روئي
جو سندس اٺ گم ٿي ويو آهي.ان ڏک ۾ هوءَ نه سُمهي ٿي نه ڪنهن کي سُمهڻ ٿي ڏي.
اي گهٽ عقل واري پاڙيسرياڻي.
تون پنهنجي اُٺ تي نه رو!
رو ته پنهنجي قوم جي ڪم همتيءَ تي...
جيڪا بَدر ۾ ڊهي پيئي.
رو ته انهن جي ڀاڳن تي جيڪي اُتي ٻُڏي ويا.
هائو، بدر تي رو...
بني مصيص جي سردارن تي روءِ...
بني مخزوم ۽ ابو الوليد جي ماڻهن تي ماتام ڪر
روئڻو اَٿئي ته منهنجي عقيل تي روءِ...
حارث تي نوحو ڪر... جيڪو شيرن جو شينهن هو.
سڀني تي روءِ... پوءِ ڀلي اُنهن جو نالو نه ڳِن.
اُن حڪم تي ماتم ڪر... جنهن جي جوڙ جو ڪير به نه هو.
ڪهڙي نه بي وقوف آهين... جو هڪ اُٺ جي گم ٿيڻ تي پئي رو ئين.
ڏس-
ڏينهن ڪيئن بدليا آهن.
ڇڇورا سردار بنجي ويا آهن.
جيڪڏهن بدر جو معرڪو نه ٿئي ها ته
سڄي زندگي کين سرداري نه ملي ها- [ابن هشام]
ڇڇوري سردار مان سندس مطلب پڪَ سان ’ابو سفيان بن حرب‘ ڏانهن هو، جنهن کيس روئڻ به نٿي ڏنو. اُن ابو سفيان جو هڪ پُٽ مديني ۾ قيدي هو. مڪي جا ٻيا ماڻهو فديي جا پئسا کڻي پنهنجن کي ڇڏائڻ لاءِ مديني مان نڪتا. ابو سفيان عياريءَ سان مديني مان آيل هڪ مسڪين زيارتي سعد بن نعمان کي جهلي ورتو ۽ نياپو مُڪائين ته قيدي جي بدلي قيدي کي ڇڏرايو، منهنجو پُٽ ڇڏيو.
آقا صلي الله عليھ وسلم جي وڏن دشمنن مان هڪ عمير بن وهب جمحي به هو. هُن جو به هڪ پُٽ مديني ۾ بدر جو قيدي هو. هڪ ڏينهن هو مڪي ۾ صفوان بن اُميه بن خلف سان گڏ ويٺو هو، اُتي ٽيو ڪير به نه هو. صفوان بدر ۾ مارجي ويل پنهنجي ٿلهي پيءُ کان وڌيڪ زهريلو هو. هُن چيو: هيترن سردارن جي مرڻ کانپوءِ زندگي هاڻ بي مزي واري بنجي ويئي آهي.
عمير وراڻيو: ٺيڪ ٿو چوين.
آءٌ اڪيلو ئي اُن جنگ جو بدلو وٺي لاهيان ها، پر مون تي قرض جو بار آهي ۽ اولاد کي پالڻ جي ذميداري به اٿم.
صفوان جي اکين ۾ نانگ جي ڦڻ لهرائي...
چيائين: ڇا ڪرينءَ ها؟
چيائين: آءٌ بهاني سان پنهنجي پُٽ جو فديو ڏيڻ وڃان ها ۽ (نعوذ بالله) محمد (صلي الله عليھ وسلم) کي قتل ڪري اچان ها.
صفوان ويٺي ويٺي ٽُپ ڏنو.
چيائين: تون قرض ۽ ٻارن جي سار سنڀال کان ڇُٽو آهين... اهو منهنجون ذمون آهن... انعام ڌار ڏيندوسين- تون وڃ.
عمير چادر ويڙهي ۽ چيائين: ٺيڪ آهي آءٌ اجهو ٿو روانو ٿيان.
صفوان سندس ٻانهي جهلي پڪي سازش جي آخري تصديق ڪئي ۽ ڀُڻ ڀُڻ ڪري چيو:
ڏس! ڳالهه پاڻ تائين رکج
اُلڪو نه ڪر...
اِها ڳالهه رڳو اسان ٻن جي وچ ۾ آهي- عمير وراڻيو.
مديني پهچي ويو.
مسجد نبويءَ جي دروازي تي ڳچيءَ ۾ زهر ۾ ٻڏل تلوار لڙڪائي، اکين ۾ نانگ جو زهر، چپن تي ڦڪي کِلَ.
روبرو سيدنا عمر بن خطاب.
عقابي اکين مان سندس اکين ۾ اکيون ملائي، سندس اندر پڙهڻ ۾ رڌل هو.
پُڇيائينس: ڪيئن اچڻ ٿيو-؟
وراڻيائين: پُٽم جو فديو ادا ڪرڻون اٿم.
چيائينس: پوءِ هيءَ تلوار ڇو-؟
شرمندگيءَ مان پنهنجي عياري لڪائيندي وراڻيائين. هنن تلوارن اسان کي ڪهڙو فائدو ڏنو آهي.
سيدنا عمربن خطاب کيس ڳٿر مان جهلي مسجد نبويءَ جي اندر آقا صلي الله عليھ وسلم وٽ وٺي ويو.
آقا صلي الله عليھ وسلم کين ڌيان سان ڏٺو ۽ فرمايو:
”عمر هن کي ڇڏي ڏي-“
پوءِ عمير کي چيائين.
”منهنجي ويجهو اچ-“
ڀرسان ويهاري پُڇيائينس:
”ڪيئن آيو آهين؟
چيائين: منهنجو پُٽ اوهان وٽ قيدي آهي.
آقا صلي الله عليھ وسلم چيو-
”ڳالهه نه ڦيرائي سچ ٻڌائي.“
هو چُپ رهيو.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو، تو ۽ صفيان بن اُميه حطيم ۾ ويهي منهنجي قتل جي سَٽ ڪونهي سَٽي؟ پوءِ آقا صلي الله عليھ وسلم کيس صفيان سان ٿيل ڳالهه ٻولهه لفظ به لفظ ڪري سُڻائي ۽ صفيان جيڪا سندس قرض ادا ڪرڻ ۽ ٻارن پالڻ جي ذميداري کنئي هئي، اها به ٻُڌائي.
ميربن وهب جون اکيون ڦاٽي ويون.
مُنهن ڌَما ڇڏي ويس.
چيائين.
خدا جو قسم ته اها ڳالهه ته اسان ٻن کانسواءِ ٽي ڪنهن به نه ٻُڌي هئي ۽ نه وري اسان مان ڪنهن ٻي کي سُڻائي.
پوءِ هُن جون ڦاٽل حيران اکيون ماه ڪامل جي روبرو ويهي، چنڊ جي چمڪندڙ اُجري چمڪ سان چمڪيون. هن ڪا گهري سوچ سوچي ۽ اندر ۾ پيل ڪا ڳنڍ کولي
۽ چيائين.
مون ايمان آندو ته اوهان کي آسمان تان خبرون اينديون آهن.
سدائين سچيون خبرون.
آءٌ اقرار ٿو ڪريان
لا الھ الا الله محمد رسول الله.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو: ”پنهنجي ڀاءُ کي وٺي وڃو، کيس قرآن جي تعليم ڏيو. سندس قيدي ڇڏي ڏيو.“
آهي ڪا اهڙي برادري، اهڙو قبيلو، ڪا قوم، ڪو مذهب، ڪو دين، جنهن ۾ توحيد جو ڪلمون پڙهڻ سان قتل جي ارادي سان آيل دشمن، ڏسندي ئي ڏسندي ايئن بدلجي وڃي، جو اهو ئي وري اُن جو چوڪيدار بنجي وڃي، جنهن کي قتل جي ارادي سان گهران نڪتو هُجي ۽ ٻنهي جي وچ ۾ ٻن سڳن ڀائرن جهڙو لاڳاپو پيدا ٿي وڃي. اُن کان به وڌيڪ، آقا صلي الله عليھ وسلم ۽ غلام جهڙو- ڄڻ هڪ جسم ٻه جانيون هُجن، هڪ ئي بدن جا ٻه هٿ، ڪيمسٽري ايئن بدلبي آهي.
هڪ ئي نظر سان...
جنهن جي ڀاڳ ۾ اها هُجي.
سيدنا عمير بن وهب جيڪو مڪي مان اچڻ مهل نفرت سان ڀريل، جنهن جو خون ڪرڻ جي لاءِ آيو هو، هاڻ اُن جو ئي ٻانهو بنجي ڪَنبي رهيو هو. سندس لُڙڪن هاڻين اکين جي هيٺان ڪنبندڙ چپ هاڻ گذريل گستاخيءَ تي معافي مَڱي رهيا هئا. هُن مڪي وڃڻ جي موڪل گهري، جيئن اُتي وڃي ڏيئي مان ڏيئو ٻاري ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم جو غلام بنجي جيئي.
هوڏانهن صفوان، عمير جي وڃڻ کان پوءِ ماڻهن کي مُرڪندي ڏند ٽيڙي چوندو هو
ڪجهه ڏينهن صبر ڪريو...
اهڙي خوشخبري ٻڌائيندو سانوَ جو بدر جو ڏک اوهان کي وسري ويندو.
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ کيس خبر پيئي ته عمير بن وهب موٽي آيو آهي، پر جنهن کي مارڻ ويو هو، اُن کي آقا صلي الله عليھ وسلم مڃي موٽيو آهي. اهو ٻڌي صفوان اندر ئي اندر سڙي پَچي ۽ کامي ويو ۽ اندر ئي اندر نانگ جيان وٽجڻ سٽجڻ لڳو. هُن قسم کنيو ته هاڻ اُن ”غدار“ سان ڪڏهن به نه ڳالهائيندس.
بدر جي جنگ کي ٿيندي ڏيڍ مهينو گذري چڪو هو.
ابو سفيان پنهنجي قسم جي ڪري بدبودار ٿي ويو.
هو نه وهنجيو نه ڦڻي ڏنائين.
نه گيهه کاڌائين.
نه پنهنجي زهريلي زال هنده جي ويجهو ويو...
نيٺ هُن سوچيو، بدلو وٺڻو پوندو.
جيتوڻيڪ هن پنهنجي قافلي جي ڪمائي جا سڄا سارا پنجاهه هزار دينار ڌار ڪري هڪ وڏو لشڪر تيار ڪرڻ جي لاءِ رکي ڇڏيا، پر ان لشڪر جي تياريءَ ۾ گهُوڙن، تلوارن، زرهن ۽ ٻين هٿيارن جي خريداريءَ ۽ جنگ جي تيارين ۾ ته وقت گهربل هو. کيس فوري بدلو وٺي وهنجڻو هو، مٿي تي تيل هڻڻو هو، گيهه کائڻو هو. هن لڳ ڀڳ ٻه سؤ همراهه اُٺن تي ويهاريا ۽ لِڪندو ڇُپندو راتاهو هڻڻ جي لاءِ مديني لاءِ نڪتو.
هن جو مديني جي ڀرپاسي رهندڙيهودين سان ڳٺ جوڙ هو.
هن پنهنجا همراهه ۽ اُٺ مديني جي ڀرسان قتاه ماٿريءَ جي هڪ سري تي ٽڪايا. نيب نالهي هڪ پهاڙيءَ جي ڀڪَ ۾ چورن وانگر رات جو يهودي قبيلي بنو نضير جي سردار حئي بن اخطب جو دروازو وڃي کڙڪايو. هن دروازي جي سوراخ مان ابو سفيان بن حرب کي ڏٺو ته مسلمانن جي ڊپ سببان دراوزو ئي ڪونه کوليو. ابو سفيان ڦِڪو ته ٿيو، پر اُن ئي قبيلي جي ٻي اهم سردار سلام بن مشڪم جي دروازي تي پينو بنجي وڃي بيٺو.
هُن دروازو کوليو.
ٻيئي سازشي گڏجي ويٺا.
ساز باز ٿي.
سلام بن مشڪم مديني جي ڳجهن رستن جي نشاندهي ڪئي. مسلمانن جي اهم ٺڪاڻن مان سڀني کان آسان ۽ غير محفوظ ٽارگٽ شهر جي ٻاهران اُٺن جي چراگاهه هئي.
ابوسفيان اُن تي راتاهو هڻڻ جو فيصلو ڪيو.
پنهنجا ماڻهو رات جو چورن وانگر وٺي اُتي ويو.
”عريض“ نالي جاءِ تي هڪ چوڪيدار انصاري ۽ سندس نوڪر سُتا پيا هئا. ٻنهي کي قتل ڪري ڇڏيائون. اُتي ئي ڪجهه ڪچا ڪمرا هئا، ڪجهه گاهه پَٺو پيو هو. اُنهن کي باهه لڳائي ڇڏيائون ۽ پوءِ شيطان کان به تِکا وٺي مڪي ڏانهن ڀڳا.
آقا صلي الله عليھ وسلم کي خبر پئجي ويئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم پاڻ ئي پنهنجي قصويٰ تي چڙهيا
پاڻ سان گڏ ٻه سؤ جانباز به گڏ ورتائون.
مديني کان وٺي ”قرقره اڪدر“ تائين ڀاڄوڪڙ قاتلن جو پيڇو ڪيائون. پر ابو سفيان ته اهڙي ڊپ جي حالت ۾ ڀڄي رهيو هو، جو پاڻ سان گڏ سفر ۾ کائڻ جي لاءِ اُٺن تي جيڪي ستؤ سان ڀريل ٻورا کڻي آيا هئا، ڀڄندي اِهي به رستي تي اَڇلي ڇڏيائون ته جيئن اٺ هلڪا ٿين ۽ تيز ڊوڙن. عربيءَ ۾ ”ستوئن“ کي ”سويق“ چيو ويندو آهي- ايئن اهو واقعو ”غزوه سويق“ طور ڄاتو وڃي ٿو.
ابو سفيان اُن ئي رات ڀڄي ويو.
پر سڄي عربستان جي قبيلن ۾ سندس مٽي پليت ٿي ويئي.
ماڻهو چوڻ لڳا.
هي مڪي وارا رات جي وڳڙي ۾ چورن وانگر لِڪي مديني ويا ۽ گاهه پَٺو ساڙي، پوءِ ڊپ ۾ ڀڄي آيا.
پر ابو سفيان پنهنجي خيال ۾ بدر جي جنگ جو بدلو وٺي لاٿو هو ۽ گهر وڃي پنهنجي زال هنده سان گڏجڻ کان اڳ چڱي طرح وَهنجي سَهنجي بُت تان گندگي صاف ڪيائين. مٿي ۾ تيل هنيائين، ڦڻي ڏنائين، گيهه کائي هنده سان ملڻ جي لاءِ روانو ٿي ويو.

بدر جي جنگ- مُشرڪ قيدي

بدر جي جنگ- مُشرڪ قيدي

آسمان مان وحي جي ذريعي پنهنجي بچاءُ ۾ وڙهڻ جو موڪل کان پوءِ، جيڪا بدر جي جنگ ٿي، اُن ۾ الله پنهنجي وعدي موجب مسلمانن کي شان ۽ شوڪت ۽ شاندار فتح مُبين سان نوازيو. ٻه نيون صورتون به پيدا ٿي ويون، هن جي باري ۾ اڃا ڪو آسماني حڪم نه لٿو هو.
هڪ ته جنگ ۾ قيد ڪيل مَڪي مُشرڪ هئا.
ٻيو مسلمانن کي جنگ کٽڻ جي صورت ۾ جيڪو مال و اسباب اُٺ، گهوڙا، تلوارون، زرهون ۽ ٻيو سامان سَڙو مليو هو.
هاڻ سوال پيدا ٿيو ته اُنهن جو ڇا ڪجي-؟
جيستائين آسمان تان ڪو حتمي فيصلو نٿو اچي، آقا صلي الله عليھ وسلم جو معمول هو صلاح مشورو. پهرين قيدين جي باري ۾ راءِ ورتي ويئي.
سيدنا ابوبڪر نرم سڀاءُ، معاف ۽ درگذر ڪرڻ واري هستي هئي. هُن پنهنجي سڀاءُ موجب اِهائي صلاح ڏني ته کين فديو وٺي ڇڏي ڏنو وڃي، شايد هي پاڻ يا سندن ايندڙ نسل ايمان جي دولت سان مالا مال ٿي وڃن. فديو عرب جو پراڻو رواج هو. اها راءِ ڏني ويئي ته هر هڪ کان سندن مالي حيثيت آهر هڪ هزار کان چار هزار درهم ورتا وڃن.
سيدنا عمر بن خطاب کان به راءِ ورتي ويئي.
سيدنا عمر ظالم کي سندس ظلم جو سَزاوار سمجهندو هو. سندس راءِ ڌار هئي. هن عرض ڪيو: آقا صلي الله عليھ وسلم هنن اوهان کي نه مڃيو، اوهان کي ڪوڙو قرار ڏنو. اوهان کي رنجايو ۽ تڪليفون ڏنيون، اوهان سان جنگ ڪئي، هي نه مُڙندا، کين ختم ڪيو وڃي ته جيئن هو پنهنجي ڪيئي جو ڪيتو لوڙين ۽ سندن ٻين ساٿين کي عبرت حاصل ٿئي.
اوس جي سردار سعد بن معاذ جي راءِ به سيدنا عمر بن خطاب جي تائيد ۾ هئي.
پر راءِ ڏيندڙن جي گهڻائيءَ پهرينءَ راءِ کي ترجيح ڏني.
آقا صلي الله عليھ وسلم ته سَراپا رحمت هئا.
رحمت اللعالمين صلي الله عليھ وسلم.
پاڻ فيصلو ڏيئي ڇڏيائون
قيدين کي فديو وٺي ڇڏيو وڃي.
۽ جيڪي قيدي فديي ڏيڻ جي قابل نه هجن، اهي فديي جي بدلي ۾ ڏهن مسلمان ٻارن يا وڏن کي علم سيکارين. ظاهر آهي ته مُشرڪن کان قرآن ته سکڻو ڪونه هو، عام رائج علم لکڻو، پڙهڻو هو ۽ دنياوي علمن جو سکڻ پڙهڻ ئي گهربل هو.
دنياوي علم جي ايتري اهميت
چئن هزار درهم فديي جي برابر.
وري مسلمان ٻارن ۽ وڏن کي پڙهائڻ به ڪافرن کان
مسلمانن ۾ علم جي حيثيت پَڪي ٿي ويئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم جي حڪم جي تعميل شروع ٿي ويئي.
هاڻ ٻيو مسئلو آيو
جيڪو مال مَڏي هٿ لڳو هو
آقا صلي الله عليھ وسلم اُن تي خاموش
آسماني حڪم جو اوسيئڙو
وري مسلمانن جا رايا به مختلف-
ڪن چيو، جنهن جي هٿ جيڪو مال چڙهيو، اهو اُن جو- ٻيا وري جن دشمنن کي ماريو، سي چوڻ لڳا اوهان اهو مال اُن ڪري گڏ ڪري سگهيا، جو اسان جنگ جي ميدان ۾ کين ماري ڀڄايو.
جيڪي حفاظتي ڊيوٽيءَ تي هئا، تن چيو حفاظتي گهيرو ته اسان ڪيو هو، اسان جو حصو-؟
اڃا اِهي دعوائون جاري هيون، جو آسمان تان وحي لٿي-
وحي آئي ته آقا صلي الله عليھ وسلم جو رنگ هئڊو ٿي ويو.
جنهن کي ٻنهي جهانن جون ڪُنجيون مليون هيون، اهو ڊپ سبب ڪَنبي ويو. اکين مان لڙڪ جاري ٿي ويس.
الله تعاليٰ وحيءَ ۾ آخري حڪم ته آقا صلي الله عليھ وسلم جي هر ادا ۽ فيصلي جي حق ۾ ڏنو. پر پنهنجي راءِ سيدنا عمر بن خطاب ۽ سيدنا سعد بن معاذ سان سهمت ڪئي. بهرحال، الله جبرائيل عليھ السلام کي موڪليو ۽ قيدين جي باري ۾ سڄو اختيار رسول الله صلي الله عليھ وسلم کي ڏيئي ڇڏيو ۽ فديو وٺي احسان سان گڏ ڇڏي ڏيڻ جي موڪل ڏيئي ڇڏي.
آقا صلي الله عليھ وسلم، الله جي تنبيهه کان ڏاڍا ڊنا.
رُنا.
چيو وڃي ٿو ته آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو:
”الله جيڪو عتاب جو ڊپ ڏنو، اهو لاٿو ڪونه. نه ته رڳو ٻه بچن ها عمر بن خطاب ۽ سعد بن معاذ-“
بهرحال، آقا صلي الله عليھ وسلم جي فيصلي جي تعميل شروع ٿي ويئي.
مڪي مان ماڻهو فديو کڻي اچڻ ۽ پنهنجا قيدي ڇڏائڻ لڳا.
مال ۽ اسباب جو معاملو اڃا لڙڪيل هو.
هٿ چڙهيل سموري مال غنيمت جو هڪ ڍڳ لڳو پيو هو. اُن مان ڪير ڪجهه به کڻي نٿي سگهيو.
سيدنا سعد بن ابي وقاص، جنهن پوءِ سيدنا عمر بن خطاب جي دور خلافت ۾ ايران ۽ عراق فتح ڪيا هئا. بدر جي جنگ ۾ هن دشمن رسول سعيد بن عاص کي پنهنجي هٿ سان جهنم رسيد ڪيو هو. مرندڙ جي تلوار سيدنا سعد بن وقاص کي گهڻي وڻي. دل ۾ تمنا جاڳيس ته اها تلوار کيس ملي. هو اها کڻي آيو ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم کي عرض ڪيائين ”آقا صلي الله عليھ وسلم مون ئي هن تلوار واري کي ماريو هو. گذارش اٿم ته اها مون کي ڏني وڃي.“
آقا صلي الله عليھ وسلم خاموش، الائجي ڪهڙي ڌيان ۾ ويٺا هئا. فرمايائون
”نه اُتي ئي واپس رکي ڇڏ، جتي ٻيو سامان رکيو آهي.“
تعميل ٿي.
پوءِ مڙيا ته خيال آيس ته جيڪڏهن اهو سامان ورهايو ويو ته الائجي اها تلوار ڪنهن کي ملي. تلوار ڏاڍي ڀَلي هئي. ان تلوار تي نالو به لکيل هو.
ذوالکتعھ
ويندي ويندي وري بيٺا
مُڙيا
ٻيهر آقا صلي الله عليھ وسلم جي خدمت ۾ اهو ئي عرض ڪيائين.
آقا صلي الله عليھ وسلم جو وري ساڳيو ئي جواب.
”اُتي ڍڳ تي رهڻ ڏي.“
سيدنا سعد بن ابي وقاص ڪنڌ جُهڪائي مايوس روانا ٿيا. اڃا گهڻو پري نه ويا هئا، جو آقا صلي الله عليھ وسلم کيس سڏ ڪيو.
هو ڊوڙندو آيو.
”آسمان مان حڪم اچي ويو آهي.
پهرين هيءَ تلوار منهنجي نه هئي، نه وري مون کي ڪنهن کي ڏيڻ جو اختيار هو، تنهن ڪري مون توکي چيو ته واپس رکي ڇڏ... هاڻ الله وحيءَ جي ذريعي مون کي اهو اختيار ڏيئي ڇڏيو آهي ته جنهن کي وڻي اُن کي ڏي... تنهن ڪري هاڻ اها توکي ٿو ڏيان.“
الله تعاليٰ صاف صاف چئي ڇڏيو هو.
”اهي مال غنيمت جي باري ۾ پُڇن ٿا... کين چئو ته اهو مال الله ۽ الله جي رسول کانسواءِ ٻيو ڪنهن جو به ڪونهي“ (قرآن)
خدا، سڀ اختيار رسول الله کي ڏيئي ڇڏيا هئا.
رسول الله اهو مال غنيمت انصاف سان ورهائي ڇڏيو.
اهي اَٺ اصحابي سڳورا، جن کي پاڻ سڳورن مختلف ڪمن جي سلسلي ۾ واپس موڪليو هو، جن ۾ سيدنا عثمان بن عفان به شامل هو، جنهن کي پاڻ پنهنجي بيمار نياڻي سيده رقيه جي سار سنڀال لاءِ پويان ڇڏيو هو، جيڪا آقا صلي الله عليھ وسلم جي واپسيءَ کان اڳ گذاري ويئي هئي، کيس به اُن تبرڪ ۾ شامل ڪيو ويو، نه ته سيدنا عثمان بن عفان ته سڀني مسلمانن مان وڌيڪ شاهوڪار هو. ۽ يهودين کان کوهه خريد ڪري مديني ۾ مسلمانن جي لاءِ وقف ڪندو هو.
جنگي قيدين ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم جو محبوب چاچو سيدنا عباس به شامل هو. کيس هڪ انصاريءَ ڪعب بن عمرو ابو السير قيدي بنايو هو. قيدين جي لاءِ اهو طئي ٿيو ته جن جن جا اهي قيدي آهن، سي کين پنهنجي گهر وٺي وڃن ۽ ساڻن سُٺي نموني پيش اچن. هاڻ جيئن ته حڪم ٿي ويو هو ته مسلمان سُهڻي سلوڪ ۾ اُن حد تائين وڌي ويا، جو پاڻ کجور کائي به قيدين کي ماني کارائيندا هئا. جن قيدين جي تَن تي ڪو ڪپڙو لَٽو نه هوندو هو، تن کي پنهنجا ڪپڙا پارائيندا هئا. جن جا گهر نه هئا يا ننڍا هئا، اُنهن کي قيدين کي مسجد نبويءَ ۾ رکڻ جي اجازت هئي.
سيدنا عباس کي به مسجد نبويءَ ۾ آڻي ٻَڌو ويو.
مسجد نبويءَ سان گڏ ئي آقا صلي الله عليھ وسلم جو جهوپڙي نما ڪمرو هو، جنهن جون ڀتيون کجيءَ جي ڦڙن مان ٺهيل هيون، جن تي مٽيءَ جو راڳو ڪيل هو. هَلڪو کُڙڪو به گهر جي اندر ٻُڌڻ ۾ ايندو هو. هڪ رات قيد ڪندڙ سيدنا عباس جا هٿ ٿورو زور سان ٻڌا هئا، جو کانئس آهه نڪري ويئي، جيڪا آقا صلي الله عليھ وسلم پنهنجي ڪمري ۾ ٻڌي ورتي ۽ ڏک سبب سڄي رات سُمهي نه سگهيا- پر پنهنجي پيروڪار کي ڪجهه به نه چيو. صبح جو سيده سوده زوجه رسول صلي الله عليھ وسلم اها ڳالهه ٻُڌائي ڇڏي. اهو مسلمان هَڄي ويو، هڪدم سيدنا عباس جا هٿ ڍرا ڪري ڇڏيائين. جڏهن بنو نجار وارن کي خبر پيئي ته آقا صلي الله عليھ وسلم پاڻ سڳورن سان ايتري محبت ڪن ٿا ته هو گڏجي آيا ۽ چيائون.
”آقا صلي الله عليھ وسلم اوهان جو چاچو عباس اسان جو ڀاڻيجو آهي-“ ايئن هو به، جو هو سيدنا عباس جي ڏاڏي سيده سلميٰ، سيدنا هاشم جي زال ۽سيدنا عبدالمطلب جي امڙ جي قبيلي مان هئا.
چيائون:
اسين کيس فديو وٺڻ کانسواءِ ڇڏڻ لاءِ تيار آهيون.
آقا صلي الله عليھ وسلم مُسڪرايو.
فرمايائون: ”نه نه... هي مالدار ماڻهو آهي...
فديي وٺڻ کان سواءِ نه ڇڏجوس.“
سيدنا عباس ٻُڌي رهيو هو.
چيائين: ”ڀائيٽا... هن ڀيري ڪاروبار ۾ مزو نه رهيو آهي.
پئسا گهٽ اٿم...“
آقا صلي الله عليھ وسلم ٻيهر مُسڪرايو ۽چيو.
”اِها گهڙي ياد ڪر... جڏهن نه چاهيندي به جنگ لاءِ ايندي اوهان هيتري رقم پنهنجي زال اُم فضل کي ڏني ۽ ان سان اها نصيحت ڪئي ته جيڪڏهن نه آيس ته هيتري هِن کي ۽ هيتري هُن کي ڏج. اها سموري رقم ۽ گڏ سون ۽ مين اوهان پنهنجي گهر جي فلاڻي حصي ۾ لڪائي ڇڏيو آهي. ٻُڌاءِ سچ آهي يا نه-؟“ اهو ٻڌي سيدنا عباس جون اکيون ڦاٽي ويون- جيتوڻيڪ پاڻ صلي الله عليھ وسلم جا وڏا جاسوس هئا، پري پري جون خبرون آقا صلي الله عليھ وسلم تائين پهچائيندا رهندا هئا. پر آسمان مان آيل خبر سُڻي ڪنڌ ڌوڻڻ لڳا... چيائين ”واقعي ڀائيٽا... آءٌ شاهدي ٿو ڏيان ته تون الله جوسچو رسول آهين، ڇو ته اُن مال جي مون کان ۽ منهنجي زال کانسواءِ ڪنهن بني بشر کي خبر ڪونهي.“
سيدنا عباس کان پورا چار هزار درهم ورتا ويا.
نه رڳو اِهو، پر آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو:
عقيل جا پئسا به تون ئي ادا ڪر-
جيڪي به هُن ادا ڪيا.
هُن ته جلدي مديني اچڻ ٿي گهريو، پر آقا صلي الله عليھ وسلم جو حڪم هو ته مڪي ۾ رهڻ ۾ مصلحت آهي. توکي اُتان خبرون موڪلڻيون آهن. بهرحال اهو طئي ڪري ورتو ته هجرت جو عرصو ۽ علامت سيدنا عباس تي ختم ٿيندي، جيڪو ساڻس گڏ مديني آيو، اهو مهاجر سڏبو... کانئس پوءِ اچڻ واري کي اهو رتبو نه ملندو ته هو مهاجر سڏرائي.
سُهيل بن عمرو قريش جو شعله بيان مقرر هو، هو به قيدي هو، سيدنا عمر بن خطاب آقا صلي الله عليھ وسلم کي مشورو ڏنو ته سندس اڳيان ٻه ڏند ڀڳا وڃڻ ته جيئن هو جڏهن اسلام جي خلاف ڳالهائي ته سندس ڳالهه مان هوا نڪري وڃي.
آقا صلي الله عليھ وسلم اها درخواست رد ڪري ڇڏي.
”آءُ مثله جي موڪل ڏيئي نٿو سگهان-“
سهيل بن عمرو، اُم المومنين سيده سوده جي پهرينءَ مرحوم خاوند جو ڀاءُ هو. هڪ ڀيري سيده سوده جي مٿس نظر پيئي، جيڪو ڪنڌ جُهڪايو، هر ۾ جوٽيل ڏاند وانگر ٻَڌو ويٺو هو، ته بي ساختگيءَ مان چيائين.
”تو رنن وانگر پاڻ ٻڌرايو، باقي اهو نه ٿيئي ته مُڙسن وانگر وڙهي مرين ها.“
آقا صلي الله عليھ وسلم ڀرسان موجود هئا. فرمايائون:
”سوده منهنجي مقابلي لاءِ هُشڪاري رهي آهين.“
سيده سوده هَڄي ويئي ۽ معافي گهريائين ته ’بي اختيار وات مان نڪري ويم.‘ (سيره ابن هشام) هونئن ته سهيل بن عمرو خوشحال ماڻهو هو، پر فوري طور تي سندس فديي جي رقم جو بندوبست ٿي نه سگهيو، مڪي جو هڪ مُشرڪ مڪرز بن حفص اُن ڪوشش ۾ لڳل هو. نيٺ هُن آقا صلي الله عليھ وسلم کي درخواست ڪئي ته منهنجي شخصي ضمانت تي سهيل بن عمروءَ کي آزاد ڪريو. ان جي جاءِ تي منهنجي پير ۾ ونگهه وجهو ۽ قيدي بنايو. سندس ڳاهه مڃي ويئي، سهيل بن عمروءَ کي فديو وٺڻ کانسواءِ ڇڏيو ويو ۽ سندس جاءِ تي سندس ضمانتيءَ کي ٻَڌو ويو. بعد ۾ سهيل بن عمروءَ رقم گڏ ڪري پنهنجي ضمانتيءَ کي آزاد ڪرائي ورتو.
بَدر جي قيدين ۾ هڪ نوفل بن حارث به هو.
فديي جي ڳالهه آئي ته هُن چيو ته مون وٽ ڪجهه به ڪونهي.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو.
”نوفل! تنهنجا اهي نيزا ڪٿي آهن، جيڪي تون جدي ۾ ڇڏي آيو آهين.“
نوفل کي ڄڻ ڪنهن ڏنگ هڻي ڪڍيو. سندس اکيون ڦاٽي ويون. چيائين. الله جو قسم! اُن ڳالهه جي خبر مون کان سواءِ ٻيو ڪنهن کي به ڪونهي. آءٌ توهان کي مڃان ٿو! اوهان جي رسالت جي شاهدي ڏيان ٿو ته اوهان صلي الله عليھ وسلم الله جا سچا رسول آهيو. نوفل مسلمان ته ٿيو، پر هن نيزا به آندا ته فديو به ڏنائين.
قيدين ۾ مڪي جو مشهور شاعر به هو.
شاعر اُن زماني ۾ به غريب هوندا هئا.
خاص ڪري اهي شاعر جيڪي ڪنهن قبيلي جا رئيس يا سردار نه هُجن. پر سندن اثر رسوخ ۽ ماڻهن ۾ احترام هوندو هو. اهو شاعر مُشرڪ هو، پنهنجي شاعريءَ ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم جي هِجو ۽ اسلام دشمنيءَ جي ڳالهين سان ماڻهن کي هشڪاريندو هو. چيائين: پاڻ کي ڇڏائڻ لاءِ ڪجهه به ڪين اٿم... پنج نياڻيون اٿم... هٿين خالي آهيان. مون وٽ پنهنجن لفظن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي. جيڪي اوهان جي قصيدن ۾ چوندس... چوندو ئي رهندس جيڪڏهن مون کي آزادي ملي وڃي ته:
اُن جو نالو ”ابو عزه عمرو لحمجي“ هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم ابو عزه کي مفت ۾ آزاد ڪري ڇڏيو.
فقط هڪ وعدو ورتائين پنهنجن لفظن سان اشتعال انگيزي نه پکيڙج.
آزادي ماڻي کيس يقين ئي نه پي آيو ته ڪو هو آزاد ٿي ويو آهي.
ڪنهن به فديي کانسواءِ.
اُن سهڻي سلوڪ جي نتيجي ۾ هُن آقا صلي الله عليھ وسلم جي واکاڻ ۾ قصيدا لکيا. شعر چيا، پر ٿوري وقت ۾ هو ٻيهر ابو سفيان بن حرب جي ايندڙ جنگين ۾ ٻارڻ گڏ ڪرڻ جي لاءِ ماڻهن ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم ۽ مسلمانن جي خلاف چڙ ڏياريندڙ شاعري ڪرڻ لڳو.
پوِءِ ايندڙ جنگ ۾ جهليو ويو.
۽ ماريو ويو.
جتي جتي مسلمان هئا، اِهي خوشين ۽ سَرهاين سان مالا مال ٿي ويا. حبشه ۾ ٽڪيل هڪ سؤ مسلمانن کي اها خبر عجيب طريقي سان ملي.
هڪ ڏينهن حبشه جي سڀني مسلمانن کي بادشاهه نجاشيءَ دعوت ڏيئي پنهنجي محل: ۾ گهرايو.
سڀ ٺهي جُڙي اُتي پهتا.
ڏٺائون ته سيدنا نجاشي بادشاهه پراڻن ڦاٽل ڪپڙن ۾ پَٽ تي مِٽي پکيڙي، اُن ۾ ڀَڀوت ٿيو ويٺو هو. سندس اکين ۾ موتي جَرڪي رهيا هئا. منهن ايترو ته تازو توانو، جو ڄڻ آسمان مان تارا ٽوڙي آيو هجي.
هُن مسلمانن کي خوشدليءَ سان ڀليڪاريو ۽ چيو:
اڄ نه رڳو اوهان جي مون وٽ دعوت آهي، پر هڪ خوشخبري به آهي.
مسلمان خوشخبري ٻُڌڻ جي لاءِ بي تاب هئا.
سيدنا نجاشيءَ خدا جي واکاڻ ۽ رسول الله صلي الله عليھ وسلم جي مدح بيان ڪرڻ کان پوءِ چوڻ لڳو: اسان جا جاسوس جيڪي مڪي ۾ رهن ٿا، تن خبر موڪلي آهي ته مڪي ۽ مديني جي وچ ۾ بدر واري هنڌ مسلمانن ۽ قريشن جي مُشرڪن جي وچ ۾ هڪ وڏو معرڪو ٿيو آهي، جنهن ۾ قريشن جا سڀئي وڏا وڏا سردار مارجي ويا آهن. مسلمان کي مڪمل طور تي سوڀَ ملي آهي. فلاڻا فلاڻا سردار مارجي ويا آهن ۽ فلاڻا فلاڻا گرفتار.
حبشه جا مسلمان سجدي ۾ ڪري پيا.
هنن خوشيءَ مان روئي روئي مُنهن ئي پُسائي ڇڏيا.
جڏهن حوصلا بحال ٿين ته عرض ڪيائون بادشاهه خوشخبري جي لاءِ مهرباني.
دعوت لاءِ ٿورائتا آهيون.
پر هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي؟
سيدنا نجاشيءَ پُڇيو ڪهڙي ڳالهه.
مسلمانن چيو:
اوهان هيڏي خوشي ملهائڻ لاءِ پنهنجا ڪهڙا حال ڪري رکيا آهن. ڦاٽل پراڻا ڪپڙا ۽ پَٽ تي غريبن جيان پلٿي هڻي ويهڻ، جڏهن ته اوهان تاجدار آهيو. محلاتن جا مالڪ- تاج ۽ تخت جا ڌڻي.
سوال سُڻي سيدنا نجاشي دلجمعي سان مُرڪيو
ڪجهه گهڙيون خاموش رهيو.
ڄڻ سوچي رهيو هجي ته ٻڌايان يا نه.
پوءِ سندس اکين ۾ تارا جرڪيا ۽ چيائين:
سيدنا عيسيٰ عليھ السلام تي وحي جي ذريعي هڪ حڪم لٿو هو
”الله جي ٻانهن تي لازم آهي ته جڏهن کين الله تعاليٰ پاران ڪو انعام مُيسر ٿئي ته انتهائي عاجزي ۽ نهٺائي جو اظهار ڪن-
ٻڌايو ته مون کي يا اوهان کي اُن کان وڌيڪ ڀلا ٻيو ڪهڙي انعام ملڻ جي توقع هئي. هيءَ ته هن عاجز جي ٿوري دير جي عاجزي ۽ نوڙت آهي. نه ته اُن جو حق ڀلا ڪير ٿو ادا ڪري سگهي.

سليماني ٻُڙن وارو هار

سليماني ٻُڙن وارو هار

مسجد نبويءَ ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم ويٺا هئا.
ماڻهن جي ميڙ ۾ بدر جي هڪ قيديءَ کي ڇڏائڻ جي لاءِ مڪي مان فديي جو مال پهتو. مال آڻيندڙ روڪڙ درهم ڳڻي هڪ پاسي ڍڳ ڪري رکيا. اهي چئن هزارن کان گهٽ هئا. هن پاڻ سان آندل سائي چادر جي هڪ ڳنڍ گڏ رکي ۽ چيو؛ هن ۾ گهر جا زيور آهن، جيڪي گڏي فديي جي رقم پوري ڪئي وڃي.
ڳنڍ کولي ويئي.
سائي رنگ جي چادر کلي ته اندران ڪجهه سون جون مُنڊيون، چانديءَ جا زيور ۽ هڪ نيرن سليماني ٻُڙن واري جُڙاءُ وارو هار نڪتو.
آقا صلي الله عليھ وسلم جي چهري جو رنگ هڪدم بدلجي ويو.
هڪئي گهڙيءَ ۾ روشن رُخ پيلوپئجي ويو.
روشن جَرڪندڙ اکين ۾ عجيب ڏک ڀريا ڪڪر لهي آيا.
آسمان جو چنڊ، جنهن ماهه ڪامل جي ٻُڙي جي نور سان چانڊوڪيءَ جو طلبگار هوندو هو، انهن اکين مان لڙڪ ڳڙي پيا. هڪ هڪ لڙڪ موتي بنجي خوبصورت ڳلن تي تِرڪڻ لڳو.
آقا صلي الله عليھ وسلم اهو هار سُڃاڻي ورتو.
اهو هار آقا صلي الله عليھ وسلم جي مُحسن، ايثار ۽ وفا جي علامت مرحومه گهر واري سيده خديجه جو هو، جنهن پنهنجي زندگيءَ جو پَل پَل، پنهنجو سمورو مال ۽ مَڏي آقا صلي الله عليھ وسلم ۽ سندس نصب العين تي ٻَلهار ڪري ڇڏيو هو ۽ اهوئي هار پنهنجي هٿن سان آقا صلي الله عليھ وسلم جي سامهون ۽ پنهنجي ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم جي سڀ کان وڏي نياڻي زينب جي ڳچيءَ ۾ وڌو هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم جي اُن وڏي نياڻي سيده زينب، مڪي مان پنهنجن زيورن جي اها هَڙ پنهنجي خاوند ابوالعاص کي ڇڏائڻ جي لاءِ اُماڻي هئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم جي اکين مان لڙڪن جي قطار وهڻ لڳي.
چهرو مبارڪ اُنهن ۾ ڀِڄي پيو.
اکين ۾ گذريل زندگيءَ جا سڀ اولڙا گذري ويا هوندا، پنهنجي مرهيات گهرواريءَ سان گهاريل گهڙين ۽ سڄي عمر جي ساٿ، سندس ايثار، پهرين وحيءَ کانپوءِ آقا صلي الله عليھ وسلم تي ايمان آڻڻ، آقا صلي الله عليھ وسلم کي سندس رحمدلي، امانت داري ۽ جملي اخلاقن کي ياد ڏياري چوڻ ته سندس الله ئي حفاظت ڪندو. پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ شعب ابي طالب ۾ ٽي سال آقا صلي الله عليھ وسلم سان گڏ ڏکن کي سهڻ ۽ گذاري وڃڻ.
خدا ئي ٿو ڄاڻي ته انهن ڪجهه گهڙين ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم جي دل ۾ ڪهڙا ڪهڙا خيال اُڀريا هوندا.
سڀني کان وڏي نياڻي زينبرضه
سندس جنم جي خوشگوار گهڙي ۽ پنهنجي اڳيان وڏو ٿيندو ڏسڻ-
آقا صلي الله عليھ وسلم جي آڱر جهلي هلڻ سکڻ
آقا صلي الله عليھ وسلم جي گهر جي دروازي تي بيهي اوسيئڙو ڪرڻ-
پوءِ سندس پَرڻي جو ڏينهن.
جڏهن خوشين سان ڀَرئي تُرئي گهر مان آقا صلي الله عليھ وسلم ۽ سيده خديجه پاران کانئس ڪلايو هو ته اِهو ئي سليماني ٻُڙن وارو سونو هار سون واري پاڻي چڙهيل ڪاري ڏوريءَ۾ پوتل. سيده زينب جي ڳچيءَ ۾ ڪيترو نه ٺهندو هو.
اهو ئي هار سانئڻ خديجه کي پاتل هو.
پنهنجي ڳچيءَ مان لاهي ڌيءَ کي پارايو هو.
اهوئي هار کليل ڳُنڍ ۾ پَٽ تي رکيو هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم جي اکين ۾ ڪيئن نه لُڙڪ اچن ها؟
آقا صلي الله عليھ وسلم جي پروانن کي اُن گهڙيءَ جي سنجيدگيءَ جو احساس ٿيو.
سڀ خاموش.
سڀني جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا.
خدا طرفان آقا صلي الله عليھ وسلم کي آسمان مان وحيءَ جي ذريعي قيدين ۽ مال غنيمت جي ورهاست جي سلسلي ۾ پورو اختيار ڏنو ويو هو. آقا صلي الله عليھ وسلم جا پروانا آقا صلي الله عليھ وسلم جي اک جي هڪ ڇُنڀ تي پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ ۽ پنهنجي انا کي قربان ڪرڻ جا بهانا پيا ڳولهيندا هئا.
پر آقا صلي الله عليھ وسلم ڪوبه حڪم نه ڏنو.
پنهنجي لڙڪن هاڻين اکين سان اُن هار کي تڪيندي فرمايائون.
”جيڪڏهن مناسب سمجهو ته هي هار واپس ڪري، اُن قيديءَ کي ڇڏي ڏيو.“
پروانن گوڏن ڀَر ويهي ادب سان اها ڳنڍ ٻَڌي.
قيديءَ کي احترام سان آندو ويو.
سڀ روڪڙ ۽ زيورن جي ڳنڍ کيس ڏيندي چيو ويو
تون آزاد آهين.
آقا صلي الله عليھ وسلم ابو العاص کان هڪ وعدو ورتو.
ابوالعاص هڪدم مڃي ورتو
طئي اهو ٿيو ته مڪي پهچي هو سيده زينب کي مديني موڪلي ڏيندو.
ڪجهه هفتن کان پوءِ آقا صلي الله عليھ وسلم، زيد بن حارث کي هڪ انصاريءَ سان گڏي مڪي موڪليو، مڪي وارن سان تازي ٿيل جنگ جي ڪري هي ٻيئي مڪي جي حدن کان ٻاهر هڪ طئي ٿيل هنڌ ”بطن“ ۾ ترسيا. ابوالعاص کي سيده زينب کي اُتي پهچائڻو هو.
ابوالعاص سَچو ماڻهو هو،
وَچن پورو ڪيائين.
پنهنجي ڀاءُ ڪنانه بن ربيع کي سيده جي حفاظت ۽ نگهبانيءَ جي لاءِ گڏ موڪليائين.
سندس ڀاءُ ماهر تيرانداز هو.
هُن پنهنجي ڪمان ڪلهي تي لڙڪائي
چيلهه ۾ تيرن جو ترڪش ڀريو.
ڳچيءَ ۾ تلوار وڌائين ۽ سيده زينب کي قريشن جي معزز عورتن جي ڏوليءَ ۾ ويهاريائين. ٻي اُٺ تي پاڻ چڙهيو ۽ ڏينهن ڏٺي جو دينا داستي مڪي کان ٻاهر مقرر هنڌ ڏانهن روانو ٿيو.
سيده زينب سان گڏ سندس ننڍڙي نياڻي اُمامه به هئي.
اُمامه کانپوءِ ڄاول ڇوڪرو علي، ٿڃ پيئڻ جي ڏينهن ۾ ئي گذاري ويو هو.
سيده اُن مهل پنهنجي ٽي ٻارڙي جي اميد سان هئي.
قريش جي بدبخت دشمنن کي خبر پئجي ويئي.
هو گهوڙن تي چڙهي پويان آيا.
ساڻن گڏ سندن سردار ابو سفيان بن حرب به هو.
گهوڙي سوارن وڌي اچي ٻنهي اُٺن کي گهيرو ڪيو. قريش جو هڪ بدذات ’هبار بن اسود‘ پنهنجي گهوڙي کي ڊوڙائي نيزو لهرائيندو سڌو سيده زينب جي اُٺ ڏانهن وڌيو.
ڪنان بن ربيع جي ڪمان ۾ تير چڙهيل هو، اُٺ تان ٽُپ ڏيئي هيٺ لٿو ۽ ڪمان ڇڪي تير ڇڏيائين. بدبخت هبار بن اسود ته بچي ويو، پر سندس گهوڙو زخمي ٿي ڪريو. ڪنانه بن ربيع جي ڪمان ٻيو تير ڪِريل هبار جي عين سيني تي چٽڻ واري هئي، جو قريش سردار دشمن رسول ابو سفيان بن حرب ڊوڙندو اڳيان آيو ۽ چيائين:
مُنهنجي رٿ ٻُڌو.
ڪنانه ڪاوڙ ۾ ڀريل هو.
هُن جي ترڪش ۾ تعاقب ۾ آيل سڀني ماڻهن کان وڌيڪ تير هئا.
ابو سفيان بن حرب جي سيني سميت.
هُن ڪمان جو رخ هبار بدران سردار طرف ڪيو ۽ چيو.
چئو... ڇا ٿو چوين.
اهو ڏسي ابو سفيان بن حرب جي نڙي خشڪ ٿي ويئي. هَڄي چيائين.
”ميان! اسين ڌيءَ کي پنهنجي پيءُ کان جدا ڪرڻ نٿا گهرون، پر تنهنجي ڏينهن ڏٺي- دينا داستي، اها حرڪت سَهپ کان ٻاهر آهي. جيڪڏهن تون رات جي وڳڙي ۾ وٺي وڃين ها ته ٻي ڳالهه هئي. مڪي ۽ ڀرپاسي جي قبيلن ۾ اسان جي عزت اڳ ۾ ئي مٽيءَ ۾ ملي پيئي آهي. تنهن ڪري اسان جي خواري ٿيندي.
منهنجي صلاح آهي.
هينئر مڪي موٽي هَل.
ڪجهه ڏيهاڙن کانپوءِ ڪنهن رات جو کيس وٺي وڃج... اسان جي ساکَ به رهجي ويندي ته اسين رسول الله صلي الله عليھ وسلم جي ڌيءَ کي موٽائي آيا آهيون... ۽ ها هن تير جو منهن ته منهنجي ڇاتيءَ تان هٽائي.“
ڪنانه اڃا به ڪاوڙ ۾ هو.
سندس ڪاوڙ جو هڪ ڪارڻ اهو هو ته بدبخت هبار، نيزو کڻي پنهنجي گهوڙي تان سيده جي اُٺ کي ڊيڄاريو هو ، جنهن سان سيده جو اُٺ ڪري پيو ۽ اُٺ تي ويٺل سيده زينب به هيٺ اچي ڪِري، جنهن سان مٿي تي ڌڪ لڳس. حامله هئي، سو ٻارڙي جو به نقصان ٿيس.
ابو سفيان جي بار بار زور ڀرڻ ۽ وعدن تي ڪنانه پنهنجي تير جو رخ بدلايو ۽ سيده کي ٻيهر سوار ڪري مڪي موٽي ويو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سيده جي ٽي ٻار جي جنم بدران ڪُساڻ ٿي. ڪجهه ڏينهن صحت سُڌرڻ خاطر وڌيڪ مڪي ۾ ٽڪڻو پيو. چاڪ چڱي ڀلي ٿي ته ڪنانه ٻيهر تير ڪمان کڻي هڪ رات اونداهيءَ ۾ سيده کي وٺي مڪي مان ٻاهر هليو ويو. مقرر هنڌ سيدنا زيد بن حارث پهتل هو. ساڻس گڏ سندس انصاري دوست به هو، ٻيئي سيده ۽ سندس نياڻي اُمامه کي وٺي مديني آقا صلي الله عليھ وسلم جي خدمت ۾ پهچي ويا.
هاڻ سيده مديني ۾ هئي.
سندس گهر وارو مڪي ۾ هو،
ٻنهي جي پاڻ ۾ گهڻي محبت هئي
ابو العاص واپاري هو.
قريش جي واپاري قافلن جو ڳاڙهي سمنڊ جي رستي بدر کان ٿي وڃڻ وارن رستن تي سفر بند ٿي چڪو هو. انهن رستن مڪي وارن بدران مديني جي حاڪميت مڃي ورتي هئي. هاڻ هو اتر اوڀر جي ڏوراُنهن رستن تان پنهنجا واپاري قافلا شام ۽ عراق طرف وٺي ويندا هئا. اهڙي ئي هڪ رستي تان ابو العاص پنهنجو واپاري قافلو شام کان آڻي رهيو هو، جو مديني جي مسلمانن جي مُنهن پئجي ويو.
سندس محافظ ڀڄي ويا.
هن رات جي وڳڙي ۾ ڏاڍي ڏکيائيءَ سان پنهنجي جان بچائي.
قافلي جا سامان سان ڀريل اٺ مسلمان مديني وٺي ويا.
ابو العاص پنهنجي مڪي ساٿين وانگر مڪي ڀڄي وڃڻ جي بدران لڪندو ڇُپندو اچي پنهنجن ساهرن وٽ مديني پهتو ۽ سڌو پنهنجي وني سيده زينب وٽ پهتو.
رات گذري چڪي هئي.
سيده فجر جي نماز پڙهڻ جي لاءِ مسجد نبوي وڃي رهي هئي.
مسجد سان لڳ ئي ته آقا صلي الله عليھ وسلم جو حجرو هو.
اُتي ابوالعاص کي ترسايائين.
هيڏانهن فجر جي نماز جي لاءِ آقا صلي الله عليھ وسلم هٿ کڻي ”الله اڪبر“ چئي نيت ڪئي. سندس پويان بيٺل نمازين به نماز جي نيت ڪرڻ جي لاءِ الله اڪبر چيو. کن پَل کانپوءِ نماز جي لاءِ بيٺل زائفائن مان هڪ آواز اُڀريو.
”مون زينب بنت رسول الله صلي الله عليھ وسلم ابو العاص کي پناهه ڏني.“
ايترو چئي سيده زينب به الله اڪبر چئي نماز ۾ شامل ٿي ويئي.
نماز ته شروع ٿي چڪي هئي.
پڙهجڻ شروع ٿي ويئي هئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم نماز پڙهائي سلام ورايو ۽ پوءِ مڙي نمازين کان پڇيو.
”ماڻهؤ! منهنجي ڪنن جيڪو آواز ٻڌو آهي، ڇا اوهان به اهو آواز ٻُڌو... ان ذات جو قسم، جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي. مون کي ان کانسواءِ ٻي ڪابه خبر ڪونهي. مون به رڳو اهو ئي ٻڌو، جيڪو اوهان ٻڌو. اهو سمجهي وٺو ته مسلمانن جون ننڍڙي ۾ ننڍڙو شخص به ڪنهن کي پناهه ڏيئي سگهي ٿو. هاڻ جڏهن هڪ مسلمان زائفان ڪنهن کي امان ڏيئي چڪي آهي ته اُن کي مڃڻ هر مسلمان تي لازمي آهي.“
انهن ماڻهن، جيڪي هن جي قافلي جو مال کسي آيا هئا، اُنهن اهل بيت جي پناهه جي احترام ۾ اهو سمورو مال ابو العاص کي ورائي ڏنو. ابو العاص کي سُئي سڳي تائين سڀ ڪجهه ٻيهر واپس ملي ويو.
هِنَ جي اندر جي ڪيمسٽري بدلجڻ لڳي.
هي ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهن.
ڪهڙو نه سُهڻو اخلاق اٿن.
پنهنجي اندر ۾ ته هُن اُن ڏينهن ڪلمو پڙهي ورتو، پر الامين صلي الله عليھ وسلم جو ناٺي هو. سندس ذمي مڪي جي ماڻهن جون واپاري قافلي جي مال جي صورت ۾ امانتون هُيون. سڄو واپاري مال کڻي واپس مڪي آيو، جنهن ۾ جنهن جو حصو پَتي هئي، اهو اُن کي ڏنائين، جيڪو جنهن کي ڏيڻو هو، ان کي ڏنائين. پوءِ ماڻهن کي مخاطب ٿي چيائين:
”ٻُڌو!
منهنجي مَن مديني ۾ شاهدي ڏني هئي ته الله کانسواءِ ٻيو ڪو به عبادت جي لائق ڪونهي ۽ محمد صلي الله عليھ وسلم الله جو ٻانهو ۽ رسول آهي. اڳ ۾ اعلان اُن ڪري نه ڪيم ته متان ڪير اهو شڪ ڪري ته مون اهو سڀ ڪجهه اوهان جو مال کائڻ جي لاءِ ڪيو. هاڻ جڏهن اوهان سان سمورو حساب ڪتاب چُڪتو ڪري ڇڏيو اٿم ۽ اوهان جي امانتن جي فرض کان آجو ٿي ويو آهيان ته اعلان ٿو ڪريان ته آءٌ مسلمان آهيان.
اهو چئي ابو العاص پنهنجي چمڪندڙ اُجڙي روح سان مُرڪندو مڪي کان سدائين جي لاءِ موڪلائي مديني هجرت ڪري هليو آيو.
مديني ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم جي گهر ۾ سندس وَني سيده زينبرضه اهو ئي پنهنجي امڙ جو هار هن ڀيري پنهنجي عظيم پيءُ جي هٿان پائي، پنهنجي مڙس جو آڌر ڀاءُ ڪري رهي هئي.

بني قنيقاع مان ڇوٽڪارو

بني قنيقاع مان ڇوٽڪارو

مديني ۾ يهودين جي ٽن قبيلن مان ’بنو قنيقاع‘ شهر جي اندر رهندو هو ۽ اهو ٽنهي يهودين قبيلن مان وڌيڪ شاهوڪار هو. اهي ٻني ٻارو نه ڪندا هئا، نه ئي وري سندن کجين جا باغ هئا. اهي هنرمند هئا، گهڻو تڻو سونارا هئا ۽ سونارڪو ڪم ڪندا هئا. هو سون، چاندي ۽ قيمتي پٿرن جا واپاري يا وري لوهه ۽ پتل جا ڪاريگر هئا، هٿيار ٺاهيندا هئا. ٿانوَ به ٺاهيندا هئا ۽ وياج جو ڪم ڪندا هئا.
وٽن پئسي ڏوڪڙ جي ريل ڇيل هئي.
اُن پئسي جي ڏڍ تي اهي ٻين يهودين قبيلن جي ڀيٽ ۾ گهڻي شرارت ڪندا هئا. مسلمانن تان ٽوڪون ۽ چٿرون ڪندا هئا. لکت ۾ ڪيل ٺاهه جي بار بار ڀڃڪڙي ڪندا هئا. ڪيترائي ڀيرا آقا صلي الله عليھ وسلم کين سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هُنن جون گستاخيون وڌنديون ويون.
رئيس المنافقين عبدالله بن ابي سلول ظاهري طور ته مسلمان ٿي چڪو هو، پر هو حد کان وڌيڪ مسلمانن جو دشمن هو. اُن بني قنيقاع جو حليف هو، انهن جي ئي ڏڍ تي اندر ئي اندر فتني ۽ فساد جا ٻجَ ڇٽيندو رهندو هو.
بدر جي جنگ کانپوءِ اهي همراهه سرعام اهو چوندا وتندا هئا ته اڻ تجربيڪار ماڻهن کي ماري ڪهڙو تير ماريو اٿن. اسان سان اٽڪن ها ته خبر پوين ها.
وٽن ست سئو ويڙهاڪ هئا، جن مان ٽي سئو زرهه پوش هئا. تلوارون، نيزا، ڀالا ته هو پاڻ ئي ٺاهيندا هئا، جن جو وٽن ججهو تعداد موجود هو. ان ڳالهه کين پاڻيءَ مان ڪڍي ڇڏيو هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم کين هڪ ڀيرو ٻيهر سمجهائڻ ويا.
جنهن تي هو اُلٽو مڇرجي پيا ۽ چيائون.
”اي محمد (صلي الله عليھ وسلم) ڪنهن خود فريبيءَ ۾ مبتلا نه رهجو. قريشي ته اڻ ڄاڻ، اڻ تجربيڪار ۽ جنگ جي اصولن کان اڻ واقف هئا. اوهان کين ماري ڀڄايو ته ڪهڙا ڦاڙها ماريوَ. جيڪڏهن اسان سان مقابلو ڪريو ها ته اوهان کي خبر پئجي وڃي ها ته جنگ ڇاکي چئبو آهي ۽ اها ڪيئن وڙهبي آهي.“
يهودين جون اِهي گستاخيءَ واريون ڳالهيون سُڻي به آقا صلي الله عليھ وسلم خاموش رهيا ۽ خاموشيءَ سان هليا آيا.
هُنن سمجهيو ته اسان ڊيڄاري ڇڏيو آهي، تنهن ڪري هو وڌيڪ فتني خوري ڪرڻ لڳا. هڪ ڏينهن هُنن ڏاڍي بُڇڙي حرڪت ڪئي.
سندن بازار ۾ انصاري مسلمان کير وڪڻندڙ زائفان ڪجهه وٺڻ ويئي. هوءَ دڪان تي ويٺي ته هڪ يهوديءَ ان زائفان جا ڪپڙا پويان هڪ لڙڪندڙ ڏوريءَ سان چپ چپات ۾ اهڙي طرح ٻڌي ڇڏيا، جو هوءَ جڏهن اُٿڻ لڳي ته بي سَتر ٿي پيئي.
يهودين جا سڄي بازار ۾ ٽهڪ ٻُرائجڻ لڳا.
اُتي هڪ مسلمان به ويٺو هو.
هو ڪاوڙ مان اُٿيو ۽ ان يهوديءَ کي کڻي دَسيائين. جنهن تي بازار ۾ موجود سڀ يهودي مِڙي آيا ۽ مسلمان کي لوهي سيخن سان هڻي ماري وِڌائون.
فساد ته وڌڻو هو.
سو وڌي ويو.
مسلمان آقا صلي الله عليھ وسلم جي بارگاهه ۾ حاضر ٿيا. طئي ٿيل ”ميثاق مدينه“ موجب هر قضيي ۽ تڪرار جو فيصلو آقا صلي الله عليھ وسلم کي ئي ڪرڻو هو. پر يهودي آقا صلي الله عليھ وسلم جي عدالت جا انڪاري بنجي پنهنجي عهد تان ڦِري ويا.
آقا صلي الله عليھ وسلم کي آسمان مان حڪم جو اوسيئڙو هو.
حڪم اچي ويو.
”جيڪڏهن توکي ڪنهن قوم مان خيانت جو انديشو هُجي ته اُن معاهدي کي اعلانيه سندن آڏو ڦِٽو ڪر. پڪ سان الله خيانت ڪندڙن کي پسند نٿو ڪري [القرآن]
اُنهن ماڻهن هڪ ڏينهن هڪ ٻيو فتنو برپا ڪيو. مڪي مان آيل خط کي کڻي اُن جو سرعام ذڪر ڪرڻ لڳا. خط ۾ ’ابو سفيان بن حرب‘ کين لکيو هو:
”اوهين هٿيارن پنهوارن ۽ قلعن جا ڌڻي آهيو. تنهن ڪري اهو ضروري آهي ته اوهين سڀ اسان جي دشمنن سان وڙهو. نه ته اسين اوهان سان جيڪو ڪجهه ڪري سگهياسين، اهو ڪنداسين.“ [فتح الباري/ابو دائود]
هُئڻ ته ايئن کپندو هو ته اُن توهين واري ڌمڪيءَ کانپوءِ هو قريش جي خلاف اُٿي کڙا ٿين ها، جن کي هي ناتجربيڪار چوندا هئا. پر هو الٽو ان غلط فهميءَ ۾ اچي ويا ته قريش کين ڇوٽڪارو ڏياريندڙ سمجهي کين عربستان جي حڪمرانيءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار بنائي ڇڏيو آهي.
مسلمانن کي جنگ جو ڌڙڪو ڏيئي، هو پاڻ ئي قلعن ۾ بند ٿي ويهي رهيا ته قلعن ۾ ويهي وڙهنداسين.
اهو جمع جو ڏينهن هو.
شوال جي 15 تاريخ- 2 هجري بمطابق 15- اپريل 623ع.
اها بدر واري جنگ کان اٺاويهه ڏينهن پوءِ جي ڳالهه آهي.
آقا صلي الله عليھ وسلم فوج جو جهنڊو سيدنا حمزه عه کي ڏنو.
پاڻ سپاهين سان گڏ نڪتا ۽ ’بني قنيقاع‘ جي قلعن کي گهيري ورتائون. اهي جيڪي جنگي مهارت جون وڏيون وڏيون ڊاڙون ۽ ٻَٽاڪون هڻندا هئا، ڪنهن مسلمان کي هڪ رهنڊ به پائي نه سگهيا. ڊپ سبب پنهنجن گهرن ۾ ويٺا ڄڻ مينهن ۾ ڀنل ڪڪڙ ٿي ويا. سڀ امير هئا. جنگ جون اجايون ڳالهيون ڪرڻ، ٻٽا ڪون هڻڻ ۽ هٿيارن گڏ ڪرڻ جا شوقين هئا. جڏهن اصلي ويڙهاڪن کي پنهنجن قلعن جي ٻاهران شينهن جيان گُڙندي ڏٺائون ته پندرهن ڏينهن جي اندر ئي همت هاري ويٺا ۽ هٿيار ڦٽا ڪري پاڻ کي آقا صلي الله عليھ وسلم جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏنائون.
عهد ڀَڃڻ جي سزا خود سندن پنهنجي ڪتاب توريت ۾ لکيل هئي.
سندن حليف منافقن جو اَبو ’عبدالله ن ابي سلول‘ سندن مدد لاءِ ڊوڙندو آيو ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم کي چوڻ لڳو: هنن مون سان هر ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏنو آهي،آءٌ کين قتل ٿيڻ نه ڏيندس، سندن جان بخشي وڃي. آقا صلي الله عليھ وسلم ڪوبه جواب نه ڏنو. مُنهن ڦيرائي ڇڏيائون ۽ ٻيهر سامهون آيو ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم جي ڪلهي تي هٿ رکيائون.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو
”هٿ هٽائي.
تنهنجي خاطر اُنهن سڀني کي بخشي رهيو آهيان، پر سڀني کي جلاوطن ٿيڻو پوندو. پاڻ سان ڪوبه هٿيار پنهوار نه کڻندا.“
آقا صلي الله عليھ وسلم سعد بن عباده کي حڪم ڏنو ته کين مديني جي حدن مان تڙي ٻاهر ڪڍو. حڪم جي تعميل ٿي.
هو سڀ پنهنجو سون چاندي پاڻ سان گڏ کڻي ويا. پهرين هو شام طرف ويا. اُتان کان پوءِ ’ازرعات‘ ۾ وڃي ٽڪيا. سندن گهرن ۽ قلعن ۾ پيل هٿيارن ۽ پنهوارن جو وڏو ڍڳ مسلمانن کي هٿ لڳو، جن ۾ تلوارون، ڍالون، زرهون، زيور ٺاهڻ وارا اوزار ۽ ٽين جا ٿانوَ ٺاهڻ جا اوزار شامل هئا. سندن وڃڻ سان انصارن ۽ مهاجرن جون مالي حالتون بدلجي ويون.
آقا صلي الله عليھ وسلم جي گهر ۾ اهو جنڊ
اهي ئي ٻه پيالا.
اهو ئي کجين جي ڦڙن وارو بسترو.
آقا صلي الله عليھ وسلم پنهنجي رهڻي ڪهڻي ساڳئي رکي.
هٿيارن جي ورهاست ٿي ته آقا صلي الله عليھ وسلم جي حصي ۾ ٽي ڪمانون آيون. انهن جا نالا هئا: ڪتوم، روحاء ۽ ٽي بيضا- ٻه زرهون صخديه ۽ فضه به آقا صلي الله عليھ وسلم جي حصي ۾ آيون. ٽي تلوارون به آقا صلي الله عليھ وسلم جي حصي ۾ آيون، جن مان ٻن جا نالا هئا قلعي ۽ بتار ۽ ٽيءَ جو نالو رڪارڊ تي ڪونهي. آقا پنهنجي لاءِ ٽي نيزا به چونڊيا.
مديني جا مسلمان ٽن يهودي قبيلن مان هڪ قبيلي جي شَر کان محفوظ ٿي ويا. اڃا ٻه شرارتي قبيلا مديني ۾ هئا.

ڪعب بن اشرف يهودي

ڪعب بن اشرف يهودي

هُن جو واسطو ته عرب قبيلي سان هو، پر يهودي بنجي مديني جي يهودي قبيلي بنو نضر ۽ بنو قريظه جو حليف ۽ اکين جو تارو هو. سندس پيءُ جو واسطو ”طي“ قبيلي جي شاخ ’بنو نبهان‘ سان هو ۽ سندس ماءُ عقيله، عربستان جي مالدار شخص ابوالحقيق جي ڌيءَ هئي. سندس ساليون وڏن وڏن عرب گهراڻن ۾ جن ۾ اوس قبيلو به شامل هو، پرڻايل هُيون. هو رئيس ۽ امير ماڻهو هو. مشهور هو، سندس شهرت جو ڪارڻ سندس شاعري ۽ شاعريءَ ۾ وزن سندس دولت هئي. هو مديني جي ٻاهر هڪ قلعي نما گهر ۾ نوابن وانگر رهندو هو. يهودين کانسواءِ سندس مڪي قريشن سان خصوصي لڳ لاڳاپو هو.
هو مسلمانن جو دشمن هو.
سندس شاعري اسلام ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم جي هِجو هئي.
سندس چيل چَڱو مَٺو ڪلام ٿورن ئي ڏينهن ۾ گهر گهر پهچي ويندو هو. ايئن هڪ شخص جي زبان مان نڪتل ڳالهه سوين ماڻهن جي ڳالهه بنجي ويندي هئي. اُن زماني ۾ شاعري اڄڪلهه جي ميڊيا هئي. هر اوچتو، نئون ۽ ڇڇورو شعر ماڻهن جي ذهنن ۾ ”بريڪنگ نيوز“ بنجي ٽپا ڏيندي، ڦوٽا پيدا ڪندو هو.
بدر جي جنگ ۾ قريش سردارن جي مارجڻ تي ڪعب بن اشرف ستر ڄڻن جو هڪ جٿو وٺي همدرديءَ جي لاءِ مڪي ويو. جتي هو هڪ مڪي رئيس مطلب بن ابي وداءَ سهميءَ جو مهمان بڻيو.
مڪي ۾ ويهي هن بدر ۾ مارجي ويل قريشن جا مرثيا لکيا، نوحا ٺاهيا، تقريرون ڪيون. پاڻ به تقرير ڪندي رئندو هو ۽ مڪي وارن کي به خوب رئاڙيائين. مُشرڪن کي ڏاڍو ڀڙڪايائين.
بَدر جو بدلو وٺجو
مسلمانن جي پاڙ پَٽي ڇڏجو
کين اصل نه ڇڏجو
پنهنجي پيءُ جي حوالي سان غطفان جي قبيلن ۾ پڻ سندس ساکَ هئي. اُتي به ويو. اُتي به اسلام دشمنيءَ جو پرچار ڪيائين. ايئن سمجهجي ته کانئس جيڪو ڪجهه ٿي سگهيو، سو ڪيائين.
هن هڪ سڀ کان وڏو گستاخيءَ وارو ڪم به ڪيو.
جيڪو عام طور تي عرب نه ڪندا هئا.
هن پنهنجي شاعريءَ ۾ مسلمان عورتن بابت گهٽ وڌ چيو.
کين بدنام ڪيو.
اهي سڀئي حرڪتون کيس سزا جو حقدار قرار ڏيڻ لاءِ ڪافي هُيون، خاص ڪري تڏهن به جڏهن هو مديني جو شهري هُجي ۽ ”ميثاق مدينه“ تحت مديني جي امن امان ۽ پاڻ ۾ ڀائيچاري کي قائم رکڻ جو حلف کڻي چڪو هجي ۽ اهو پڻ مڃي چڪو هجي ته ڪنهن تڪرار جي صورت ۾ اِهو معاملو آقا صلي الله عليھ وسلم جي روبرو آندو ويندو ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم جو فيصلو هر ڌر جي پنهنجي ڪتاب موجب آخري هوندو.
گمان اهو ئي آهي ته ٿي سگهي ٿو ته آقا صلي الله عليھ وسلم کيس گهرايو هُجي، ته جيئن هو پنهنجن ڪرتوتن جي وضاحت پيش ڪري.
تاريخ ٻُڌائي ٿي ته هو ڪڏهن به آقا صلي الله عليھ وسلم جي روبرو پيش نه ٿيو. اهو به مَڃي سگهجي ٿو ته آقا صلي الله عليھ وسلم کانئس ڏکويل هجي، پر اها ڳالهه مڃڻ جوڳي نٿي لڳي، جيڪا اُن کان پوءِ چئي وڃي ٿي ته مديني جي ڪجهه مسلمانن کيس دوکي، چالاڪي ۽ ڪوڙا ٻول ٻولي ڪعب بن اشرف يهوديءَ کي سندس ڪوٽ نما گهر ۾ وڃي قتل ڪري ڇڏيو.
ڏاڍي دلچسپ ڪهاڻي ٻڌائي ويئي آهي ته سيدنا محمد بن مسلمه پنهنجن ڪجهه ساٿين عباده بن بشير، سلطان بن سلام، جنهن جي ڪُنيت ابو نائله هئي، حارث بن اوس ۽ ابو عبس بن اوس کي وٺي ڪعب بن اشرف وٽ ويو. کيس ڪوڙو قصو ٻڌائي ته هو نعوذ بالله آقا صلي الله عليھ وسلم کان بيزار ٿي پيا آهن. هاڻ ته هو صدقو ۽ زڪوات به گهري ٿو، سندن مالي حالت هيڻي ٿي ويئي آهي. ڪجهه اناج اوڌر تي ڏي.
ڪعب بن اشرف چيو: حاضر... ڏيڻ لاءِ تيار آهيان
پر ڪا حفاظت... ڪجهه گروي رکو.
هُنن چيو: ڪهڙي شئي؟
ڪعب بن اشرف چيو. پنهنجون ڇوڪريون ڇڏي وڃو.
هُنن وراڻيو: تون ايترو ته سُهڻو آهين... جو هو تو تي فدا ٿي پونديون.
ڪعب مُرڪيو: پوءِ ڪجهه ڇوڪرا موڪلي ڏيو.
هڦنن وراڻيو: هو سڄي زندگيءَ لاءِ خوار ٿي ويندا.
هو پُڇڻ لڳو: پوءِ ڇا..؟
هُنن چيو: اسان وٽ ڪجهه هٿيار آهن... تلوارون ۽ ڍالون آهن، اهي اوهان وٽ گروي رکرائي ٿا ڇڏيون.
هِن اها ڳالهه مڃي.
رات جو سڀ سامان آڻڻ ۽ نيڻ جو پروگرام ٺهيو.
رات آئي.
ڪعب بن اشرف گهر جي اندر خوشبوئن سان ٽمٽار پنهنجي نئين ڪنوار سان گڏ ويٺو هو، جنهن جي خوشبو کيس مدهوش ڪري رهي هئي. جو کيس هيٺان سڏ ٿيو.ڪعب اُٿي وڃڻ لڳو ته سندس نئين زال کيس جهليو ۽ خوشبو سان ٻٽار ساهه کڻندي چيو.. اوهان نه وڃو.
مون کي اُن سڏ مان رت ٽپڪندو نظر ٿواچي.
ڪعب وراڻيس. اِهي منهنجي اوس جا رشتيدار آهن. انهن ۾ هڪ ڀائٽيو ۽ ٻيو ويڳو ڀاءُ اٿم. ڪوبه خطرو ڪونهي.
پوءِ هو اُٿي هليو ويو.
هُنن هيٺ اڳواٽ ئي رٿا تيار ڪري ڇڏي هئي.
ڪعب خوشبو وکيريندو ويو.
هو اُن خوشبوءَ جي واکاڻ ڪرڻ لڳا.
هن ترنگ ۾ اچي چيو: نبار مُشڪ آهي.
ابو نائله چيس: ڪعب تنهنجي وارن ۾ خاص خوشبو مهٽيل آهي. موڪل ڏينءَ ته سُنگهان.
ڪعب گل جيان ٽڙي پيو. چيائين: سُنگهه..
ابو نائله وار سونگهيندي کڻي ڪنڌ کان قابو ڪيس. ساٿين کي اشارو ڪيائين، جن تلوارن سان ڊڙي وڌس. ڪعب رڙيون ڪندو ڪِري پيو ۽ مري ويو.
ڪهاڻي ته ايتري ئي آهي.
ٿي سگهي ٿو، ايئن ئي هُجي
پر اُن ڪهاڻيءَ ۾ جيڪا ڳالهه ڀروسي جوڳي نه آهي، اها هيءَ ته ماريندڙ مسلمانن ڪعب بن اشرف کي مارڻ کان اڳ آقا صلي الله عليھ وسلم کان موڪل ورتي هئي.
اهو ناممڪن آهي.
آقا صلي الله عليھ وسلم ڪڏهن به پنهنجي بدترين دشمن کي ايئن ٽارگيٽ ڪلنگ نه ڪرايو. ابو جهل، ابو سفيان بن حرب، سميت الائجي ڪيترن سخت دشمنن جا نالا وٺي سگهجن ٿا. انهن سڀني الٽو ڪيترا ڀيرا آقا صلي الله عليھ وسلم کي (نعوذ بالله) قتل ڪرائڻ جون سَٽون سَٽيون، پر امن جي زماني ۾ ڪنهن دوکي بهاني سان گهر ۾ گهڙي، آقا صلي الله عليھ وسلم ڪنهن بدترين دشمن جي باري ۾ به ڪڏهن ايئن نه سوچيو.
گهر ۾ گهڙي مارڻ کان ته ابو جهل جهڙي شخص به پاسو ڪيو. اُن قسم جا ٻه واقعا ٻيا به آهن.
هڪ واقعو هڪ شاعره عورت عصماء کي رات جو سُتي، مديني جي هڪ انڌي شخص عمير بن عديءَ جي هٿان قتل جو قصو آهي. اهڙوي ئي نموني هڪ ٻي يهودي ابو رافع جي قتل جو واقعو به لکيل آهي.
انهن ٽنهي واقعن جي مطالعي مان ايتري خبر ضرور پوي ٿي ته اهڙا واقعا انفرادي طور تي ڪجهه مسلمانن لڪِي ڇُپي ڪيا هوندا يا ڪرڻ جا خواهشمند هوندا، پر انهن مان ڪنهن به واقعي تي آقا صلي الله عليھ وسلم جي رضامندي، حڪم يا شاباسي ناقابل يقين آهي. اهو آقا صلي الله عليھ وسلم جنهن پنهنجي ذاتي زندگيءَ سان لاڳاپيل بدترين دشمنن کي به معاف ڪري ڇڏيو، سو اهڙن ٽِٽي ٽامڻي شاعرن کي ايئن دوکي ۽ ڪوڙ سان ڪڏهن به مارائي نٿي سگهيو. حقيقت هيءَ آهي ته آقا صلي الله عليھ وسلم جنگ جي ميدان کان سواءِ نه ڪڏهن ڪنهن کي مارڻ جي موڪل ڏني ۽ نه وري مارايو.
منهنجو هي تفصيلي بيان ڪرڻ جو مقصد اِهو آهي ته آقا صلي الله عليھ وسلم جي سيرت ۾ ڪجهه اڻ ڄاڻ مهربانن اهڙيون ڪيتريون ئي رهنڊون هنيون آهن، جنهن جي ڪري آقا صلي الله عليھ وسلم جا دشمن صدين کان آقا صلي الله عليھ وسلم تي تنقيد ڪندا پي آيا آهن.
ياد رهي ته تاريخ جا شروعاتي ڪتاب به خلفاءِ راشدين جي دور ۾ نه پر 85 کان 150هه کانپوءِ مسلمانن جي بادشاهي دور ۾ لکيا ويا. ان وقت شايد بادشاهن کي پنهنجي سيڪيورٽي جي خدشي تحت ان قسم جي قتلن ڪرائڻ کانپوءِ ان قسم جو ڪو جواز گهربل هو، جنهن سان هُنن پنهنجن ڏوهن کي سَند ڏيارڻ لاءِ قبوليت جوڳو بنائڻ ٿي گهريو.حديث جا ڪتاب ته ڏيڍ سؤ سال پوءِ سهيڙيا ويا. 250 هجري کان 300 هجريءَ تائين جي وچ ۾- اهي به حقيقت کي سامهون رکڻ، زماني جي ترتيب ۽ مخاطب ڪير آهي ۽ مخاطب ٿيڻ جو سبب ٻُڌائڻ کانسواءِ مرتب ڪيا ويا.
ڪعب بن اشرف جي انهن ڏوهن جي ڪري سڀ کيس موت جي سزا جو اهل ثابت ڪن ٿا. پر سزا جي لاءِ جيڪو طريقي ڪار ڪجهه ڪتابن ۾ لکيو ويو آهي، اهو طريقو آقا صلي الله عليھ وسلم رحمت للعالمين جو ڪونهي.
اُن ڪهاڻيءَ ۾ سڀ ڪجهه صحيح هوندو.
پر منهنجي آقا صلي الله عليھ وسلم ڪڏهن به ڪوڙ جي واڌ نه ڪئي.
نه دوکو ڏنو.
نه وري ڪنهن کي ايئن ڪرڻ جي اجازت ڏني.
تاريخ ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم اڪيلي اها هستي آهي، جنهن جا بدترين دشمن به اِهو مڃين ٿا ته پاڻ سڳورا صادق ۽ امين هئا. ۽ ٻيو ڪو پاڻ سڳورن جي اعليٰ اخلاق جي ڌڌڙ تائين به ڪونه پهتو.
تاريخ ۾ اهو واقعو بدر جي جنگ ۽ احد جي جنگ جي وچ ۾ 14 ربيع الاول 3 هجريءَ جي چانڊوڪي رات جو لکيو ويو آهي.
چانڊوڪي رات ته ڇا، دنيا جي ڪنهن به اونداهي رات ۾ به آقا صلي الله عليھ وسلم جي پُرنور زندگيءَ ۾ اهڙو انڌير ڪڏهن به نه آيو ته پاڻ سڳورا ڪنهن جي موت جي لاءِ ڪوڙ ۽ دوکي جو سهارو وٺن يا اهڙي ڪنهن عمل جي سرپرستي ڪن.
منهنجي سوچيندڙ دوستن کي آقا صلي الله عليھ وسلم جي شخصيت جي سونهن ۽ سُوڀيان، رحمت اللعالمين ۽ سڄي زندگيءَ جي موجود رڪارڊ کي ذهن ۾ رکي ٻيهر غور ڪرڻ جي درخواست آهي. جنهن اصول ”ڪامن سينس“ ۽ قرآن جي آڌارتي جناب بخاريءَ پنهنجي شروع ۾ گڏ ڪيل ڇهه لک حديثن مان رڳو 7397 تي ڀروسو ڪيو. پوءِ انهن مان به ڇنڊڇاڻ ڪري رڳو 2602 حديثن کي صحيح قرار ڏنو، رڳو پنهنجي عقل ۽ سوچ جي بنياد تي، اُنهن تي هاڻ ٿورو غور ۽ ويچار ڪرڻ جي اسان کي موڪل ڏني وڃي.
اهو منهنجي آقا صلي الله عليھ وسلم جي عزت جو سوال آهي.
جيڪو نه ڪوڙو هو، نه وري ڪوڙ ۽ فريب جي سرپرستي ڪري ٿي سگهيو. ڇو ته پاڻ صادق، امين ۽ رحمة للعالمين هئا. اهو ئي قرآن ٿو چوي ۽ قرآن يقينن ڪنهن به محدث ۽ تاريخ نويس کان وڌيڪ سچو آهي.

خاتون جنت ۽ حضرت عليرضه

خاتون جنت ۽ حضرت عليرضه

مڪي کان هجرت ڪري مديني ايندي ٻاويهه مهينا اچي ٿيا هئا. سيده عائشه جي رخصتي ساڍا چار مهينا پوءِ جي ڳالهه آهي. سيده سچي سانئڻ خاتون جنت بي بي فاطمھرضه آقا صلي الله عليھ وسلم جي سڀني کان لاڏلي ۽ ننڍي نياڻي اڻويهين سالن ۽ هڪ مهيني جي اچي ٿي هئي.
اها صفر 3 هجري جي ڳالهه آهي.
بدر جي جنگ کٽندي پوڻا ٽي مهينا گذري چڪا هئا.
آقا صلي الله عليھ وسلم کي آسمان مان خاتون جنت جي شاديءَ جو اشارو گهربل هو.
اشارو اچي ويو.
آقا صلي الله عليھ وسلم، پنهنجن هٿن سان پاليل نپايل پنهنجي محبوب عليرضه کي گهرايو.
پنجويهن سالن جو سُهڻو سيبتو جوان عليرضه حاضر ٿي ويو.
جنهن بدر جي ميدان ۾ امير حمزه سان گڏجي قريشي سردارن کي اک ڇنڀ ۾ ڌوڙ ڪري ڇڏيو هو. اهي ٽيئي وليد، عتبه ۽ شيبه انهن ٻنهي جي هٿان مُئا هئا. علي هو به سخي. مال غنيمت مليس ته غريبن ۽ مسڪينن ۾ ورهائي ڇڏيائين ۽ پاڻ محنت مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪندو هو. ڪڏهن ڪنهن يهوديءَ جي کوهه تان ڀريل پاڻيءَ جا ٻه ڏٻا ڀري ڪانواٺي ڪلهن تي رکي، سوا ڪلو ميٽر پري ان يهودي جي کجين جي باغ کي پاڻي ڏيندو هو، شام جو يهودي سورهن کجيون ڳڻي سندس هٿ جي تريءَ تي رکندو هو. اٺ پاڻ کائيندو هو ۽ اٺ کڻي آقا صلي الله عليھ وسلم جي خدمت ۾ پيش ڪندو هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم کيس پيغام پُڄرايو ته عليءَ کي چئو ته بنت رسول خاتون جنت جو سَڱ گهري.
سيدنا عليءَ جو چهرو حيا جي ڪري ڳاڙهو ٿي ويو.
حڪم هو.
حاضر ٿيو- سيده اُم سلمه جو حجرو آهي.
دروازو کلي ٿو.
سامهون ٻنهي جهانن جو سردار آقا صلي الله عليھ وسلم ويٺا هئا.
بدر جي فاتح جون ٽنگون رڦڻ لڳيون.
حضرت علي سائينءَ جي زبان مان لفظ نڪرڻ کان نابري واري بيٺا. دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳيس، اکيون حيا سبب هيٺ جُهڪيل هيس، ساهه هيٺ مٿي ٿي رهيو هئس.
آقا صلي الله عليھ وسلم ويهڻ جو چيس.
حجرو به صفا ننڍو هو.
خاتون جنت به اُتي ئي هئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم عليرضه کان پڇيو:
ڪجهه چوندين؟
جي- هو رڳو ايترو چئي سگهيو ۽ زور زور سان ساهه کڻڻ لڳو.
آقا صلي الله عليھ وسلم مُرڪيا- ۽ پنهنجي نياڻي خاتون جنت کان پُڇيائين.
ڌيءَ! هن توسان شاديءَ جو پيغام آندو آهي.
خاتون جنت شرم ۽ حيا جي ٻُوٽي بڻجي ڪنڌ جُهڪائي خاموش ويٺي رهي.
آقا صلي الله عليھ وسلم ٽي ڀيرا پُڇيو.
پوءِ پُڇيائين: ڇا تنهنجي خاموشيءَ کي هائوڪار سمجهان.
خاتون جنت پهريون ڀيرو هلڪي اک کڻي پنهنجي پياري پيءُ کي ڏٺو. سندس نيڻن ۾ ماهه ڪامل ۽ آسمان جي ستارن جي چمڪ هئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم کي جواب ملي ويو.
عليرضه کان پُڇڻ لڳو.
تو وٽ شاديءَ جي خرچ لاءِ ڇا آهي؟
عليعه سوچ ۾ پئجي ويو.
وٽس هو ته ڪجهه به نه.
رڳو هڪ تلوار ۽ ڍال.
هڪ مجاهد وٽ ڀلا ٻيو ڪهڙو اثاثو هوندو.
آقا صلي الله عليھ وسلم پنهنجي اُن شينهن کان واقف هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم کي خبر هئي ته عليرضه ڪڏهن به مدافعتي جنگ نه وڙهندو آهي. جيڪڏهن وٽس ڍال هوندي آهي ته به هو ڪنهن جو وار پنهنجي ڍال تائين اچڻ نه ڏيندو آهي. هو صرف سراپا تلوار آهي ۽ سندس تراڙ جي اڳيان هر ڍال بيڪار آهي.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو:
”تلوار ضروري آهي. ڍال ۽ زرهه وڪڻي اچ. تنهنجو محافظ خدا آهي.“
زرهه چئن سئو اسي درهمن ۾ وڪي ويئي.
اُن مان حق مهر ادا ٿيو.
اُن مان وليمو به ٿي ويو.
چيو وڃي ٿوته اهو پنهنجي دور جو شاندار وليمو هو.
گهر کي سانئڻ عائشه ٺاهيو جوڙيو...
ڇڻڪار ڪيائين.
چادرون وڇايائين.
خوشبو وکيريائين.
پوءِ کاڌو رڌو ويو، جيڪو سڀني کاڌو.
آقا صلي الله عليھ وسلم پاران ڏاج به ضروري هو.
جيڪو ڏنو ويو.
کجين جي ڦڙن سان واڻيل هڪ کٽَ
چمڙي جو وڇاڻون
گڏوگڏ ٻه جنڊَ
هڪ پنهنجي اَٽي پيهڻ جي لاءِ ۽ ٻيو اهل صفا جي مانيءَ جي لاءِ- ٺِڪر جو هڪ مَٽ، هڪ وهاڻو، جنهن ۾ کجيءَ جا ڦڙا ڀريل هئا، جن کي سَٽي ڪُٽي نرم ڪري ڀريو ويو هو. اُن سان گڏ کوهه تان پاڻي ڀري اچڻ جي لاءِ هڪ چمڙي جي مشڪيزه.
ته جيئن خاتون جنت کي ياد رهي.
ته قيامت تائين خدا جي رستي تي نڪرندڙ، آقا صلي الله عليھ وسلم جي غلامن کي اُڃ جي سختيءَ ۾ انهن جي در تان ئي پاڻي جا ٻه ڍُڪ ملندا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته آقا صلي الله عليھ وسلم جا ئي ظاهري طور تي ڪلمي گو، هڪ ڏينهن سانئڻ فاطمھ جي سڄي اولاد کي درياءُ جي ڪنڌيءَ تي اُڃيو ٻَڌي ماري ڇڏيندا.
بس اهو ئي ڏاج هو.
اها هئي شادي... خاتون جنت ۽ شير خدا جي.
هونئن ماني ته ڏاڍي سُٺي هئي، پر ٿوري هئي.
کائڻ وارا ڇُلنگيون ٿي اچڻ لڳا.
ڪهڙي ڳالهه جو ڊُپ هُئن.
آقا صلي الله عليھ وسلم دستر خوان تي ويٺا هئا.
سَڄو جهان به پهچي وڃي ها ته به ماني نه کُٽي ها.
سڀني ڍؤ ڪري ماني کاڌي.
ڏينهن گُذرڻ لڳا.
جَنڊ هلندو رهيو.
گهر ۾ خدا ٻارڙا ڏنا.
17 هين رمضان 3 هجريءَ تي سيدنا حسن جي پيدائش ٿي. يارهن مهينن کان پوءِ 4 هين هجريءَ ۾ سيدنا حسين عليھ السلام دنيا ۾ اک پَٽي- الله تعاليٰ زينب ۽ مُحسن به ڏنا. سچي سانئڻ خاتون جنت جا جَنڊ پيهي پيهي هٿ ئي زخمي ٿي پيا.
هڪ ڀيرو ڪنهن جنگ ۾ ڪيترائي ٻانها ۽ ٻانهيون مسلمانن آنديون. گهڻيون تڻيون جنگيون به ته عليرضه ئي کٽندو هو، پر پنهنجوحصو پتي گهڻو ڪري غريبن ۽ مسڪينن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. سيده جي هٿن ۾ جنڊ پيهڻ سبب ٿيل ڦلڻن کي ڏسي چيائين. رسول الله صلي الله عليھ وسلم وٽ وڃ، شايد اسان کي ڪو ٻانهون يا ٻانهي ملي وڃي. سچي سانئڻ ڳچ دير تائين هٻڪندي رهي، اُٿي ٿي بيٺي وري ويهي ٿي رهي، نيٺ همت ڪري ويئي. پر آقا صلي الله عليھ وسلم جي سامهون ڪا تقاضا ڪري نه سگهي، ڪجهه ڳالهائڻ لاءِ وات کوليائين ٿي، پر وري هيڏي هوڏي ڏسي ڪنڌ نوائي ڪجهه سوچڻ ٿي لڳي.
آقا صلي الله عليھ وسلم سمجهي ويا.
خاموش رهيا.
شام ٿي ويئي. سيده خالي هٿين موٽي آئي.
رات ٿي ته آقا صلي الله عليھ وسلم سيده جو دروازو کڙڪايو. سيده پيءُ جي خوشبو ته گهٽيءَ جي مُهڙ وٽ ئي سُڃاڻي ورتي هئي. ڊوڙندي آئي، زخمي هٿن مان دروازي جي ٽاٽ جو پردو هٽايائين.
آقا صلي الله عليھ وسلم اندر گهڙي آيا.
اکين ۾ محبت جا ڏيئا.
رات روشن ٿي ويئي.
فرمايائون: توکي اُن کان سُٺي شئي نه ڏيان، جيڪا تون سوچي گُهرڻ آئي هُئينءَ؟
سيده عرض ڪيو: بلڪل... بلڪل...
آقا صلي الله عليھ وسلم چيو:
سُمهڻ کان اڳ 33 ڀيرا سبحان الله، 33 ڀيرا الحمد الله ۽ 34 ڀيرا الله اڪبر پڙهي پوءِ سُمهندي ڪر.
پوءِ سيده اِهو پنهنجو معمول بنائي ڇڏيو.
خدا ٻانهي ۽ ٻانهيءَ جي سهوليت کان بي نياز ڪري ڇڏيو.
پر گهر ٻار جا روزانو جا خرچ.
مٿان وري مديني وارن کي اها خبر هئي ته هِن در تان ڪڏهن به ڪوبه خالي نه ويو آهي.
هڪ ڀيري سچي سانئڻ گهر جي اندر جَنڊ جي گَهر گَهر ۾ ڪڻڪ پيهي رهي هئي. دروازي تي هڪ سواليءَ صدا هنئي.
آواز آيو.
اي خاتون جنت ڪيترن ئي ڏينهن کان بُکيو آهيان.
سانئڻ سيده تڪڙي اُٿي ۽
دروازي وٽ وڃي چيائين. اڃا اَٽو پيهي رهي آهيان. ڳوهينديس ته تنهنجي لاءِ به ماني پچائينديس.
سائل جي آواز ۾ بي صبري هئي.
چيائين: سانئڻ اوسيئڙو ڪندس ته مري ويندس. هينئر ڪجهه مليم ته جان بچي وينديم.
سچي سانئڻ هڪ گهڙيءَ ۾ پنهنجي گهر جي ننڍي ڪوٺيءَ ۾ پيل هر شئي جي باري ۾ الائجي ڪيترا ڀيرا سوچيو. ڪابه اهڙي شئي نه هئي جيڪا هڪدم اُن سواليءَ جي ڪم اچي سگهي ۽ جيڪو سائل وڪڻي پنهنجي مرضيءَ جي ماني وٺي کائي سگهي. نيٺ سيده پنهنجي مٿي تي پيل چادر لاٿي.
اها چادر جنهن جي قسمت تي آسمان به ناز ڪري.
اها چادر جنهن تي ڪائنات جي هر سُهڻي شئي قربان.
جنهن جي حرمت بي ڪنار.
جنهن جي سڳورپَ هر سڳورپَ کان مٿانهين.
سانئڻ پنهنجي مٿي تان چادر لاهي سواليءَ کي ڏيئي ڇڏي.
چيائين: يهودي ڪرياني وارو هن جي بدلي ۾ توکي ججهي ماني ڏيندو. سوالي اها کڻي يهودي دڪاندار وٽ ويو. اها چادر ڪڏهن اُن ئي دڪان تان سيده خريدي هئي. هُن سڃاڻي ورتي.
چيائين: سچ ٻُڌائي. هيءَ چادر ته بنت رسول الله صلي الله عليھ وسلم جي آهي.
سائل اقرار ڪيو ۽ سڄي ڪهاڻي ڪري سُڻائي.
يهوديءَ جو روح ڏڪي ويو.
جسم ٻيرا ٻيرا ٿي ويس.
اکيون لڙڪن سان ڀَرجي ويس.
وات مان لفظ به نه اُڪليس.
سائل کان چادر وٺي ادب سان پنهنجي مٿي تي رکيائين.
هن جيڪي کاڌي پيتي جون شيون گهريون سي ڏنائينس.
پوءِ سانئڻ جي چادر ادب سان پنهنجي مٿي تي رکي سڌو سيده جي دروازي تي پهتو ۽ رُئندي سُڏڪندي در کڙڪايو. سيده دروازي جي ٽاٽ جي جهروڪي مان کيس ڏٺو ۽ پُڇيو: ڇو پيو روئين؟
يهودي دڪاندار سيده جي چادر ٻنهي هٿن ۾ جهلي ڪنڌ جهڪائي اڳيان وڌائي، هن کان ڪجهه ٻوليو نه ٿيو. بس روئندو رهيو ۽ رئندي چيائين.
’سانئڻ! اڄ آءٌ اوهان جي محترم والد جي دين تي ايمان آڻيان ٿو، جنهن جي نياڻي هڪ سائل جي لاءِ پنهنجي مٿي تان چادر لاهي سگهي ٿي، ڌيئڙي! منهنجي خبر پنهنجي محترم والد تائين پهچائي ڇڏج. مون تنهنجي الله ۽ تنهنجي رسول کي ڌيءَ جي سخاوت سبب سُڃاتو، جنهن جي نياڻيءَ جو اهو مقام هُجي، اهو پاڻ ڪيڏو نه وڏو ۽ عظيم رتبي جو هوندو ۽ مٿس خدا ڪيترو نه مهربان هوندو.
ڌيءَ ٻُڌ... ۽ ان جي شاهد رهجان. آءٌ اقرار ٿو ڪريان
لا الھ الا الله محمد الرسول الله
گهر جو خرچ سيدنا عليءَ جي ٿوري مزدوري سان هلندو هو. هڪ ڀيري سيده ڪنهن ضرورت جي لاءِ سيدنا علي کي سندس باغ مان مليل ڪجهه ڦلدار ٻوٽن جون چڪيون وڪڻڻ جي لاءِ موڪليو ته جيئن گهر جي گهرج پوري ڪري سگهجي. سيدنا علي ويا، وڪيائون ۽ بازار ۾ بيهي پئسا ڳڻڻ لڳو.
هڪ سوالي ڀريان بيٺو کيس درهم ڳڻيندو ڏسي رهيو هو، جنهن جي جهنڪار سبب سندس اندر جي ضبط جا سڀ ٻنڌڻ ٽٽي پيا. هو خودداري ۽ عزت نفس کي لتاڙيندو وکون کڻندو سيدنا عليءَ وٽ آيو ۽ زارو قطار رُئندو ۽ سڏڪا ڀرڻ لڳو. سيدنا پُڇيس، ڇا ٿيو؟ هو پنهنجي وارتا ٻڌائڻ لڳو، چيائين: قرضي آهيان. قرض ڏيندڙ ڪافي وقت کان تپائين پيا، مون کان ڪجهه به نه پيو ٿئي، اڄ شام تائين سندس آخري مُهلت آهي. قرض نه ڏنم ته هو مون کي منهنجي گهر مان ڪڍي ڇڏيندو. آءٌ هتي بيٺو شام تائين جو اوسيئڙو ڪريان، نيٺ شام کي به ته اچڻو ئي آهي. پر ويندس ته پهچڻ وارو هوندو، زالهنم کي گهران ڪڍي ڇڏيندو، هوءَ اميد سان آهي. ٻارڙو ڄمڻ وارو آهي، ٺڪاڻون نه هوندو ته شايد هو به مري وڃي.
سيدنا عليرضه درهم ڳڻيندي ڳڻيندي بيهي رهيو.
هٿن جي ٻنهي مُٺين ۾ ڀريل درهم کيس ڏيکاريندي چيائين: هنن مان ڪم هلي ويندو؟
سواليءَ جي چهري تي اولهه پاسي ٻُڏندڙ سج ڄڻ ته ٻيهر اُڀري آيو. شام جي ڌنڌلڪي ۾ ڄڻ صبح جي اَڇاڻ هن جي منهن تي ظاهر ٿي ويئي. هن جي حالت اها ٿي ويئي، ڄڻ ڪو دفنائجڻ مڙهه اُٿي ويهي رهي.
چيائين: هي سڀ منهنجي لاءِ؟
هائو، وٺ ۽ قرض مان جند ڇڏائي.
سيدنا ٻنهي هٿن ۾ جهليل درهم هن جي جهوليءَ ۾ وجهي ڇڏيا.
هو گوڏن ڀر ويهي رهيو.
چيائين: سَيدي! جيئن ئي سهوليت ٿي، اهو قرض موٽائي ڏيندس.
سيدنا علي وري به خالي هٿين.
گهر ڪهڙو مُنهن کڻي وڃي ها.
ٻارڙا بکُيا سمهي رهيا هوندا.
ڦِڪائيءَ سبب گهر نه ويا.
مسجد نبويءَ ۾ آيا ۽ اُن جي پٽ تي ليٽي سمهي پيا. ٿوري دير کان پوءِ آقا صلي الله عليھ وسلم ڏيئو کڻي مسجد جي فرش تي ڪجهه ڳولهڻ لڳو.
آقا صلي الله عليھ وسلم ڏسي ورتس.
فرمايائين: ”اُٿ ابو تراب.“
[تراب مٽيءَ کي چئبو آهي ۽ ابو پيءُ کي]
ان رات آقا صلي الله عليھ وسلم سيدنا عليءَ کي مٽيءَ جو پيءُ قرار ڏنو.
اها مٽي جيڪا ڳوهي، ڪڏهن اسان جي پيءُ آدم عليھ السلام کي ٺاهيو ويو هو.
اها مٽي جنهن جي اندر هر ڪا شئي وڃي، پنهنجو پاڻ کي فنا ڪريو ڇڏي. اها مٽي جنهن مان هر باغ، هر گل، ٻوٽو، هر ميوي جو وڻ ڦُٽي نڪري ٿو. اها ئي مٽي، جنهن ۾ اِهي سڀئي نمڪيات ۽ جُزا آهن، جيڪي اسان جي يا هِن ڌرتيءَ جي ڪنهن به تخليق ۾ پاتا وڃن ٿا ۽ جيڪو جنهن ۾ آهي، اهو ئي ان مٽيءَ جو حصو بنجي وڃي ٿو.
اُن مٽيءَ جو پيءُ... ابو تراب عليرضه کي چيو ويو.
چيو وڃي ٿو ته سيدنا علي مٽيءَ ۾ ڀڀوت ٿيو بي خبر سُتو پيو هو، پر سُمهڻ واري کي ۽ اهو به مٽي ۾ ڀڀوت سمهڻ واري کي ”مٽي جو پيءُ“ جڏهن ٻنهي جهانن جو سردار آقا صلي الله عليھ وسلم چوي ته معنيٰ جي بَرکا ته پري تائين وسندي رهي. لفظن جي اندر لڪيل سڀني انڊلٺي رنگن مان ڪنهن ٻي جي ڳجهه جي خبر پوي ٿي.
مٽيءَ کي جيڪڏهن سيدنا عليءَ جو اولاد بنائي، کيس ان جو پيءُ چيو ويو ته ڳجهه نبري ويو.
مٽيءَ تي به اڄ سندس ئي راڄ ٿي ويو.
باقي ڇا وڃي بچيو.
مٽي پنهنجي پيءُ جي نه ٻڌي ته ناخلف... ناجائز... ٻُڌي ته فرمانبردار.
اُن ڪري ته ماڻهو کيس ڪشور ڪشا، مشڪل ڪُشا ۽ لڄ پال مڃين ٿا.
آقا صلي الله عليھ وسلم وانگر سيدنا علي جي محترم ڏاڏي سيدنا عبدالمطلب کي به مڪي جي سردارن به هڪ لقب ڏنو هو.
ابو الاآب.
پاڻيءَ جو پيءُ. جڏهن سندس هٿان ٻيهر زم زم جي لڀجڻ کانپوءِ خيبر جي وارياسن رستن ۾ سندس هلندڙ اُٺن جي پيرن جي دٻاءَ سبب بنجر خشڪ زمين مان چشما ڦُٽي نڪتا.
سوچڻ جي ڳالهه آهي.
پاڻي ۽ مٽي ٻنهي جا پيءُ سيدنا هاشم جي اولاد مان آهن ۽ ’حوض ڪوثر‘ جو ساقي اسان جا آقا صلي الله عليھ وسلم آهن.
اها سڀ الله جي عطا ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم جو ڪرم آهي.
سيده جو ساٿ ۽ سندس عظيم الشان ٻارن جي مٿانهين هنڌ جو دليل به آهي.
عيد جو ڏينهن هو.
بَدر جي جنگ کانپوءِ عيد ملهائڻ جو حڪم مليو هو.
ملهائي ويئي.
پوءِ هر سال ملهائبي رهي.
اهڙي ئي هڪ عيد هئي.
آقا جي آڱرين کي جهلي حسنين وک وک هلي رهيا هئا.
آقا صلي الله عليھ وسلم کي مَٿن پيار آيو ۽ ٻنهي کي کڻي ڪُلهن تي ويهاريائون.
ماڻهن، آقا صلي الله عليھ وسلم جي سوارن کي آقا جي ڪُلهن تي سوار ڏٺو ته پنهنجي پنهنجي سوارين تان لهي ادب سان پويان پويان هلڻ لڳا. گهٽيءَ جا ٻارڙا به اهو سُهڻو نظارو ڏسي خوش ٿيا. مُحبت مان اڳيان پويان ڀڄڻ ۽ هلڻ لڳا. هڪ ٻن بُزرگن جي اکين مان ته لڙڪ ڳڙهي پيا. هڪ سياڻي ويجهو اچي حسن ۽ حسين کي چيو:
”ٻارو! اوهان جي سواري ته لاجواب آهي.“
آقا صلي الله عليھ وسلم مُرڪيا ۽ فرمايائون:
”سوار به ته لاجواب آهن.“

اُحد جي جنگ

اُحد جي جنگ

هڪ سردار مُنهن ويڙهي، مٽيءَ ۾ ڀَڀوت... مڪي مان مديني جو پنج سئو ڪلوميٽر پٿرائون ۽ ڏکيو رستو ٽن ڏينهن ۾ طئي ڪري سخت ٿڪل حالت ۾ تيزيءَ سان قبا جي وستيءَ ۾ پهتو.
پُڇڻ لڳو: هينئر آقا صلي الله عليھ وسلم ڪٿي هوندا.
اتفاق سان اُن رات آقا صلي الله عليھ وسلم اتي ئي قبا ۾ ترسيل هئا.
کيس آقا صلي الله عليھ وسلم جي روبرو پيش ڪيو ويو.
هن آقا صلي الله عليھ وسلم کي هڪ بند لفافو ڏنو.
خط ڏسي آقا صلي الله عليھ وسلم سُڃاڻي ويا.
خط آقا صلي الله عليھ وسلم جي چاچي عباس جو لکيل هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم پڙهڻ جي لاءِ ابي بن ڪعب کي ڏنو ۽ اڪيلائيءَ ۾ ٻُڌو.
خط ڏاڍو اهم هو.
هڪ ڀوائتي خبر هئي.
لکيل هو: ”قريش جو هڪ وڏو لشڪر، وڏين تيارين کانپوءِ مڪي مان مديني حملو ڪرڻ جي لاءِ نڪتو آهي. خط ۾ حملو ڪندڙن جا سڀ تفصيل لکيل هئا. لکيل هو ته اُنهن جو تعداد ٽي هزار آهي ۽ ايترا ئي اُٺ اٿن. انهن ۾ ست سئو زره پوش آهن، ٻه سئو گهوڙيسوار ۽ هڪ سئو تير انداز. ان لشڪر جو سپهه سالار ابو سفيان بن حرب آهي. بنو هاشم، بنو عدي، ۽ بنو زهره تي قريشن جو هاڻي اعتبار نه رهيو آهي. تنهن ڪري اُنهن ٽنهي قبيلن مان ڪوبه ڪونهي. پر ابو سفيان پنهنجن ٻين حليف قبيلن مان ڪيترائي ماڻهو لشڪر ۾ گڏ ڪيا آهن. تنهن ڪري ڀائيٽا پنهنجي بچاءُ لاءِ تياري ڪريو.“
آقا صلي الله عليھ وسلم خط پڙهندڙن کي اها خبر ڳجهي رکڻ جي لاءِ چيو.
هڪدم واپس مديني ڏانهن موٽيا.
ٻيو ڏينهن 5 شوال 3 هجري خميس جو ڏينهن هو.
سيدنا انس ۽ سيدنا مونس کي گهوڙا ڏيئي مڪي مان ايندڙ حملي آورن جي خبر چار وٺڻ موڪلڻ لاءِ موڪليائون.
ابو سفيان جو لشڪر مڪي کان ٻن ڏينهن جي دوريءَ تي پهچي چڪو هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم اڳ ۾ ئي بندوبست شروع ڪري ڇڏيا هئا.
پنهنجن خاص خاص ماڻهن کي خبر ٻڌايائون ۽ چيائون ته تياري ڪريو، جنگ شروع ٿيڻ واري آهي.
اوس ۽ خزرج جي سردارن کي به گهرايائون.
ٻيئي سعد بن معاذ ۽ سعد بن عباده اچي ويا.
شهر جي چوڌاري پهرو ويهاريو ويو.
سيدنا حباب بن منذر کي قريشي فوج جي خبر چار لهڻ جي لاءِ موڪليائون. قريشي لشڪر مديني کان اٺ ميل پري مسلمانن جي چراگاهن ۾ اُٺ چاري رهيا هئا. فوج جو تعداد اُٺن، گهوڙن، زرهه پوشن ۽ تيراندازن جو سڄو تفصيل لکي موڪليو، جيڪو ايترو ئي هو، جيترو سيدنا عباس لکي موڪليو هو.
5 ۽ 6 شوال جي وچين رات پهري جي چوڪسي وڌائي ويئي.
سيدنا سعد بن معاذ، سيدنا سعد بن عباده، سيدنا اسيد بن حضير ۽ سندن سنگتي خود تلوار اُڀي ڪري آستانه رسول صلي الله عليھ وسلم ۽ مسجد نبويءَ تي سڄي رات چوڪي ڏيندا رهيا.
6 شوال جو سج اُڀريو. جمع جو ڏينهن هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم جمع جي خطبي کان اڳ هڪ صلاح مصلحت هاءِ ڪمان اجلاس سڏايو. سڄي صورت حال سندن اڳيان رکي. قريشي فوج جا تفصيل سُڻايا. اُنهن جا ارادا سڻائڻ جي ضرورت نه هئي. پنهنجو هڪ خواب به ٻڌايو، جيڪو آقا صلي الله عليھ وسلم ان ئي رات ڏٺو هو.
خواب هو ته آقا صلي الله عليھ وسلم هڪ گهيٽي تي سوار آهن. آقا صلي الله عليھ وسلم هٿ ۾ تلوار آهي، تلوار ۾ رهڙ آئي آهي. ڪجهه ڍڳيون ڪُٺيون آهن، پر آقا صلي الله عليھ وسلم جو هٿ هڪ مضبوط زرهه جي اندر آهي.
تعبير به آقا صلي الله عليھ وسلم ئي ٻڌائي.
جيڪا پوءِ ٿيندڙ واقعن سان سچ نڪتي.
روايت موجب آقا صلي الله عليھ وسلم ماڻهن کان مشورو گهريو.
ڪجهه سياڻن چيوته مدينو ڪڏهن به ٻاهرين حملي آورن کان فتح نه ٿيو آهي، اندر رهي بچاءَ ڪجي، نوجوان جوش ۾ هئا. کين بدر جي جنگ مان حصو مليل هو. ڪِن کي حسرت هئي ته تڪڙ ۾ نڪرڻ مهل هو ڪنهن سبب جي ڪري گڏ نه وڃي سگهيا هئا. هاڻ اها حسرت پوري ڪندا.
آقا صلي الله عليھ وسلم خاموشيءَ سان سڀني کي ٻُڌو.
مشورو ڏيندڙن ۾ منافقن جو سردار عبدالله بن ابي سلول به هو. هن راءِ ڏني ته شهر جي اندر رهي بچاءُ ڪجي.
آقا صلي الله عليھ وسلم ته منافقن جي سردار جي اندر کي ڄاتو ٿي.
خدا ٿو ڄاڻي ته آقا صلي الله عليھ وسلم ڪهڙي گهري سوچ سوچيندي ڪنڌ ڌوڻيو.
نوجوان وري جوش ۾ دليل ڏيڻ لڳا ته مقابلو شهر کان ٻاهر ٿئي.
جوشيلن پروانن جي گهڻائي هئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم هڪ سپهه سالار وانگر جنگ جي جاءِ ۽ وقت جو تعين ڪري رهيا هئا.
جنگ ۾ سڀني کان اهم فيصلو پنهنجي سگهه ۽ دشمن جي طاقت ڏسي دشمن کي پنهنجي پسند جي جاءِ تي وٺي وڃي وڙهڻو هوندو آهي.
ڪٿي کُليو ميدان گهرجي ۽ ڪِٿي تنگ رستي تي دشمن کي ڌڪڻو آهي. ڪٿي قدرتي گهيري جي اَڏ وٺڻي آهي، پنهنجي ۽ دشمن جي ڪيتري فوج کي چُرڻ پُرڻ جي موڪل ڏيڻي آهي. صفبندي ڪيئن ڪرڻي آهي. ڪهڙي گهڙيءَ جنگ شروع ڪرڻي آهي. ڪڏهن ختم ڪرڻي آهي. پنهنجا ارادا ڪهڙا آهن. هڪ هڪ ڪري پنهنجا سڀ مقصد ڪيئن پورا ڪرڻا آهن.
آقا صلي الله عليھ وسلم اُن ئي مهل پنهنجي ذهن ۾ جنگي پلان تيار ڪرڻ شروع ڪيو.
آقا جمع جي نماز پڙهائي.
۽ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. ايڊوانس پارٽي هينئر ئي اُحد طرف رواني ٿيندي. ۽ باقي سڄي فوج رات جو فجر کان اڳ- تياري شروع ڪريو- ۽ پاڻ تيار ٿيڻ جي لاءِ مسجد نبويءَ سان ٺهيل پنهنجي ڪچي حجري ۾ هليا ويا.
آقا صلي الله عليھ وسلم جڏهن تيار ٿي نڪتا ته روپ ئي اور هئن.
حد درجي جي جمال تي پهتل
حد درجي جي جلال تي هئا.
جَنگي پوشاڪ پَهريل.
ارادي جي سگهه ۽ جُرئت سان ڀريل.
مٿي تي عمامو ٻڌل.
جنهن جي مٿان جنگ جي ميدان ۾ آهني ٽوپ پاتل هو.
سيني تي ٻه زرهون پاتل
ڄڻ خبر هجي ته اڄ بُڇڙي دشمن جي وارَ کي روڪڻ آهي.
پٺيان پٽڪي جو وَر.
اهڙو جو شان جلاليءَ ۾ به ماه ڪامل جو جمال رهي.
ڪنڌ جي هڪ پاسي اکيون کيريون ڪندڙ چمڪندڙ تلوار جو ڦَر.
ٻي ڪُلهي تي ڪمان لڙڪي رهي هئي.
چيلهه جي پويان تيرن سان ڀريل ترڪش.
۽ هٿ ۾ جري نيزو.
اُن ڏينهن آقا صلي الله عليھ وسلم عظمت رسالت ۾ سپهه سالار اعظم هئا، جيڪو دليون پنهنجي مِٺڙي زبان ۽ قرآن جي دليل سان کٽندا هئا. پر ڀٽڪيل حملي آورن کان بچاءُ جي لاءِ، جنهن سان ٽڪرائڻ گهرجي، اهو طريقو سمجهائڻ به ضروري هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم جي عظمت ۽ جلال کان هَڄي ڪن پروانن سمجهيو ته شايد اسان آقا صلي الله عليھ وسلم کي ڪاوڙائي ڇڏيو آهي. نوجوانن جي راءِ تي شايد آقا مصلحت اختيار ڪئي آهي. چيائون: آقا صلي الله عليھ وسلم اسين نٿا ڳالهايون. جيئن اوهان چاهيو، تيئن ڪريو.
آقا صلي الله عليھ وسلم ڪنڌ ڌوڻيو، ڄڻ چئي رهيو هجي، اِهو ئي ڪري رهيو آهيان.
فرمايائون:
”نبيءَ جي لاءِ اهو مناسب ڪونهي ته هو جڏهن زرهه پائي ته اُن وقت کان اڳ لاهي جڏهن الله سندس ۽ سندس دشمنن جي وچ ۾ فيصلو نه ڪري.“
فوج کي ٽن حصن ۾ ورهايائون.
ٽي جهنڊا گهرايا ويا.
هڪ مُعصب بن عمير کي ڏنو ويو، جيڪو بنو عبدالدار جي جَهنڊي بردار قبيلي مان هو.
ٻيو اسيد بن حضير کي ڏنو ويو، جيڪو اوس قبيلي مان هو.
ٽيون احباب بن المنذر جي حوالي ڪيو ويو، جنهن جو واسطو خزرج سان هو.
هن ڀيري آقا صلي الله عليھ وسلم اوس ۽ خزرج جي نائب سردارن کي عزت بخشي.
نيٺ اُنهن جي تربيت به ضروري هئي.
مسلمان فوج جو تعداد هڪ هزار هو، جنهن مهل هو مسجد نبويءَ مان نڪتا هئا. اُنهن ۾ هڪ سئو زرهه پوش ۽ پنجاه گهوڙيسوار هئا. ڪوبه اٺ گڏ نه کنيو هئائون. احد، مسجد نبوي کان ساڍا پنج ڪلوميٽر پري هو. رستي ۾ باغ هئا. رستو اهڙو اختيار ڪيو ويو ته جيئن دشمن جي نظر ۾ اچي نه سگهجي ۽ بنا ڪنهن رنڊڪ جي آقا صلي الله عليھ وسلم جي ذهن ۾ طئي ٿيل جاءِ تي پهچي وڃجي ۽ دشمن کي اُن هنڌ تي وڙهڻ تي مجبور ڪَجي، جيڪا آقا صلي الله عليھ وسلم سوچي رکي هئي.
ايئن ئي ٿيو.
رستي ۾ ڪجهه اهم واقعا ٿيا.
شيته الوداع وٽ هٿيارن پنهوارن سان ليس هڪ فوجي دستو گڏيو. ٻُڌايو ويو ته هي يهودي آهن، وڙهڻ جي لاءِ گڏ هلڻ ٿا گهرن.
آقا صلي الله عليھ وسلم پڇيو.
”ڇا مسلمان ٿي ويا آهن“.
خبر پئي ته نه.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو:
”جيڪي نٿا مَڃين تن کي ساٿ ڪري منڪرن سان وڙهڻ جو ڪهڙو فائدو.“
سندن مهرباني مڃي کين موٽايو ويو.
صحيحن جي هنڌ تي سانجهيءَ جو وقت اچي ويو.
بلال جي ٻانگ کان پهرين، آقا صلي الله عليھ وسلم سڄي فوج جو معائنو ڪيو.
پندرهن سالن کان گهٽ عمر وارا ٻارڙا موٽايا ويا. رافع بن خديج، پَٻن تي بيهي پاڻ کي وڏو ڏيکارڻ لڳو. چهري مان تڙپ ۽ اکين مان لڙڪن جي لار. آقا صلي الله عليھ وسلم سندس ايماني جذبو ڏسي کيس گڏ هلڻ جي موڪل ڏني. سندس پاسي ۾ بيٺل واپس موڪلجندڙ ٻارڙو سمرا بن جندب تڙپيو ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم کي چيائين.
’آقا صلي الله عليھ وسلم، آءٌ هن کان سَگهو آهيان. مون کي هن سان ملهه ويڙهائي ڏسو.‘
ملهه ٿي- هو کٽي ويو.
اهو ٻارڙو به مسلمان فوج ۾ ڀرتي ٿي ويو.
رستي ۾ هڪ پوڙهي نابينا مربع بن قينطي جو کجين جو باغ هو.
اهو به منافق هو.
فوج هن جي باغ مان لنگهڻ لڳي ته هو بَڙبڙائڻ ۽ گاريون ڏيڻ لڳو. پوءِ چرين وانگر پَٽ تان مٽي کڻي ماڻهن تي اُڇلڻ لڳو ته مسلمان کيس ڪُٽڪو ڏيڻ لاءِ اڳتي وڌيا.
آقا صلي الله عليھ وسلم منع ڪئي.
فرمايائون:
”ڇڏيوس! هي دل ۽ اکين ٻنهي کان ڏسڻ کان لاچار آهي.“
اڳيان باغ جو رستو سوڙهو هو.
۽ رستي ۾ هڪ ڪُتي ويامي هئي ۽ سندس ڪيترا پونگڙا موجود هئا.
آقا صلي الله عليھ وسلم اُتي پهتا. ماڻهن مان هڪ کي اُتي بيهاريائون.
ته هر ايندڙ کي احتياط ڪرڻ جو چوي.
ڪُتيءَ جو ڪوبه پونگڙو سپاهين جي پيرن هيٺان نه چُپجي.
ڏينهن چڙهڻ لڳو هو.
مسلمان فوج احد ڏانهن وڌي رهي هئي. عين جنگ جي ميدان ۾ عبدالله بن ابي سلول تڪرار کڙو ڪري ڇڏيو. چيائين آقا صلي الله عليھ وسلم شهر جي اندر رهي بچاءُ ڪرڻ جي منهنجي ڳالهه نه مڃي، تنهن ڪري آءٌ پاڻ سان آندل ٽي سئو ماڻهو واپس وٺي وڃي رهيو آهيان.
مسلمان هڪا ٻَڪا ٿي ويا.
جنگ جي ميدان مان ٽي سئو همراهه ڌار ٿي بيهي رهيا، جيڪو سندن اڳواٽ رٿيل منصوبو هو. جيئن مسلمانن ۾ انتشار ۽ بي همٿي پيدا ٿئي. جيڪڏهن کين ساٿ نه ڏيڻو هو ته پوءِ ٽن سئو ماڻهن کي جنگ جي ميدان تائين ڇو وٺي آيا ۽ دشمن کي اک ڏيکاريائون ته ڏسي وٺو، منهنجي وفاداري اوهان سان آهي. هِنن سان نه.
هُو پنهنجن ماڻهن کي وٺي واپس موٽي ويو.
سيدنا جابر کيس سمجهائڻ جي لاءِ سندس ڪَڍ ويو.
پر هُنَ ڳالهه نه مڃي.
اُلٽو چيائين.
”اسان کي خبر آهي ته جنگ ٿيڻي ڪونهي. هروڀرو جون ڳالهيون آهن. جيڪڏهن واقعي جنگ ٿيڻي هجي ها ته اسين ضرور ساٿ ڏيون ها.“
قرآن پاڪ جي وحي لٿي ۽ سَڄو ڀانڊو ڦاڙي ڇڏيائين.
سندس ڪوڙو جملو قرآن نقل ڪيو.
”جيڪڏهن اسان کي خبر هُجي ها ته جنگ ٿيندي ته اسين ضرور اوهان جو ساٿ ڏيون ها.“
پوءِ وحيءَ ۾ ٻڌايو ويو.
”جنهن مهل هنن اها ڳالهه چئي، ان مهل هو ايمان جي ڀيٽ ۾ ڪفر جي وڌيڪ ويجهو هئا، اهي زبان مان اهڙي ڳالهه چون ٿا، جيڪا سندن دلين ۾ ڪونهي ۽ هو جيڪي دلين ۾ لِڪايو ويٺا آهن، سو الله چڱي طرح ڄاڻي ٿو. (سوره آل عمران)
ٽن هزارن جي مقابلي ۾ هڪ هزار نڪتا هئا.
اُنهن مان ٽي سئو نڪري ويا.
باقي وڃي ست سئو بچيا.
دشمن سان سندس ڀيٽ ٽن جي بدران پنج رهي. مسلمانن ۾ بزدلي جي هڪ لهر پکڙي. اها لڪيل رهي ها، پر الله ڪنهن جي لڪائيندو ڪونهي.
وحي اچي ويئي.
”جڏهن اوهان مان ٻن جماعتن ارادو ڪيو ته بزدلي اختيار ڪريون ۽ الله اُنهن جو وارث آهي ۽ مومنن کي الله تي ڀروسو ڪرڻ گهرجي. (قرآن-3/122)
سيدنا جابر تڙپي، عبدالله بن ابي کي مڃائڻ جي پويان ويو هو. اها آيت ٻڌي روئندو هو ۽ چوندو هو ته اِها اسان جي باري ۾ لٿي آهي، آءٌ بي دليو ٿيو هئس، پوءِ الله وارث ٿيو ۽ مون ۾ حوصلو پيدا ٿيو.
آقا صلي الله عليھ وسلم جو حوصلو ته ساڳئي نموني اَٽل هو.
فرمايائون
”جيڪڏهن حڪم تي هلندو، ثابت قدم رهندا ته کٽندؤ-“
آقا صلي الله عليھ وسلم جنگي مهارت جو ثبوت ڏيندي، پنهنجن سپاهين جي لاءِ جاءِ ڳولي.
احد جي جبل کي پنهنجي پٺيان ۽ کاٻي اَڏ ۾ ورتائون.
ڪمانڊ هيڊ ڪواٽر مٿاهينءَ تي کڻي ويا.
اڳيان لاهياري سوڙهي رستي تي دشمن کي آڻي پورو ڪرڻ جي رٿا جُڙي، جتي سندن گهوڙا بي وس ٿي اچن، جتان گهوڙن جي وستي جو رستو هو، اُن جي وچ ۾ هڪ ننڍي ٽڪري هئي، جنهن کي ’جبل رماة‘ به چيو وڃي ٿو. اها اسلامي لشڪر کان ڏيڍ سئو ميٽر پري هئي.
اُن ٽڪريءَ تي پنجاهه تيرانداز مقرر ڪيائون.
اُنهن جو اڳواڻ جبير بن لقمان هو.
حڪم ڏنائون ته:
”اوهان سڀني کي هتي بيهي قريشن کي اسان تي پويان حملي ڪرڻ کان روڪڻو آهي، جيڪڏهن اوهين اسان کي مُشرڪن تي غالب پوندي ڏسو ته به پنهنجي جاءِ تان متان هٽجو. پر جيڪڏهن مُشرڪن کي اسان تي غالب پوندي ڏسو ته به پنهنجي جاءِ نه ڇڏجو. جيڪڏهن پکين کي به اسان کي کائيندي ڏسو ته به پنهنجي جاءِ تان نه هٽجو. اُن وقت تائين، جيستائين آءٌ اوهان کي نه سڏايان.“
صاف صاف چيو ويو هو ته جيڪڏهن اسان کي قتل ٿيندي ڏسو ته به پنهنجي جاءِ نه ڇڏجو. جيڪڏهن مال غنيمت ميڙيندي ڏسو، تڏهن به پنهنجي جاءِ تان نه هٽجو.
فوج جي ميسره زبير بن عوام جي هٿ ۾ هئي، جنهن کي حڪم هو ته خالد بن وليد کي روڪجو. ميمنه تي منذر بن عمرو ۽ قلب جي ڪمان امير حمزي وٽ هئي. قيادت جو پڙاءُ جبل جي ڀڪَ ۾ مٿاهينءَ تي هو ته جيڪڏهن شديد حملو ٿئي ته مٿي چڙهي سگهجي. سهوليت ۽ برتريءَ جو فائدو رهي ۽ دشمن هيٺاهينءَ تي رهڻ تي مجبور ٿئي.
ڏاهپ ڀري حڪمت عملي هئي.
بدر جي جنگ ۽ احد جي جنگ جي وچ ۾ مسلمانن نوَ ڀيرا دشمن سان مُنهان مُنهن ٿي چڪا هئا. اُنهن مان ٽي ڀيرا ته آقا صلي الله عليھ وسلم به گڏ هئا. هر معرڪي لاءِ حڪمت عملي ۽ رٿابندي ڌار ڌار هئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم جي فوجي حڪمت عمليءَ جا ڪي سُنهري اصول هئا.
پهريون اهو ته: دشمن کي حيران ڪري ڇڏڻ.
اوچتو اهڙي هنڌ تي وڃي دشمن سان ٽڪرائڻ، جيڪو پنهنجي مفاد ۾ هجي. وقت جو خيال رکڻ، سج ڪهڙي پاسي آهي. اکين ۾ ڪنهن مهل چُڀندو، ان جو خيال رکڻ، صحيح ماڻهن کي صحيح ذميداري سونپڻ.
هاڻ صورتحال هيءَ هئي ته اتر ۾ ڇهه ڪلوميٽر احد جبل جي ڀڪَ ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم جي ڪمانڊ پوسٽ سڄي منظرنامي ۾ مٿاهين هئي. سُرخي مائل ڀوري پٿريلي خشڪ جبل تي سامهون هيٺاهينءَ ۾ مسلمانن جي پيادل فوج، تلوارن ۽ نيزن سان هٿياربند امير حمزي جي قيادت ۾ هئي. سندس ساڄي ۽ کاٻي پاسي گهوڙيسوار دستا زبير بن عوام ۽ منذر بن عمروءَ جي ڪمان هيٺ هئا. انهن جي اڳيان ’رماة جبل‘ تي تيراندازن جو دستو بيٺل هو، جيڪو چئني ڏسائن چوڪس ٿيو دشمن گهوڙي سوارن کي جبل جي هيٺاهينءَ ۾ جنگ جي لاءِ ڏسيل جاءِ تي روڪڻ جي لاءِ تيار بيٺو هو.
دشمن اُحد جي ڏکڻ ۾ مديني طرف هو.
پر مديني ويندڙ رستي تي آقا صلي الله عليھ وسلم هڪ حفاظتي گهيرو بنائي رکيو هو، اهو مسلمان فوج جو حصو هو، جنهن جي ڪمان محمد بن مسلمه جي هٿ ۾ هئي. اهو دستو هڪ لحاظ کان آقا صلي الله عليھ وسلم جي ريزرو فوج هئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو:
”جيستائين حڪم نه ڏيان تيستائين جنگ شروع نه ٿئي.“
پوءِ آقا پنهجي تلوار مياڻ مان ڪڍي لهرائي، صبح جي اُس جي ڪرڻن ۾ اها تلوار سج وانگر چمڪي ۽آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو:
”هيءَ تلوار اُن کي ڏيندس جيڪو حق ادا ڪري،
ڪير هن جو حق ادا ڪندو.
ڪيترا ئي هٿ اڳيان وڌيا.
ڪيترائي روح تڙپيا.
سڀ پروانا ڦڙڪڻ لڳا.
سيدنا ابو دجانه وڌي اڳتي آيو.
هُنَ جي نظرن ۾ نيزاري هئي ۽ اکين ۾ تارا ٽوڙي آڻڻ جي اُميد. هُن چيو:؛
”آقا صلي الله عليھ وسلم هن جو حق ڪهڙو آهي؟“
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو:
”هي ايتري ته دشمن تي هنئي وڃي جا اِها مُڙي وڃي ۽ هن سان ڪنهن به مسلمان کي نه ماريو وڃي.“
ابو دجانه هڪدم چيو: اهو حق آءٌ ادا ڪندس.
اڳيان وڌيو ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم اها تلوار کيس ڏني.
ابو دجانه، جنهن جو سڄو نالو سماج بن خرشه هو ۽ هو خزرج جي سردار سيدنا سعد بن عباده جي چاچي جو پُٽ هو. تلوار هٿ ۾ ملندي ئي ڄڻ جبل بنجي ويو. ڪنڌ ۾ پيل ڳاڙهو رومال ڪڍي اُن جي پٽي ڪري مٿي تي ٻَڌائين ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم کان ورتل تلوار تي لکيل شعر رجزيه انداز ۾ پڙهندو آڪڙ ۾ هلڻ لڳو.
شعر هن ريت هو:
بزدليءَ ۾ عار آهي
اڳيان وڌڻ ۾ عزت
۽ همت هارڻ سان ڀاڳ نٿو بدلجي.
هُو اهو شعر پڙهندو ۽ آڪڙ مان تلوار لهرائڻ لڳو.
آقا صلي الله عليھ وسلم کيس ويندي ڏسي چيو:
”الله کي هيءَ چال ههڙن موقعن کانسواءِ پسند ڪونهي.“
دشمن فوج به پنهنجون اڳيون صفون قائم ڪري ڇڏيون.
ابو سفيان، ميمنه ۾ خالد بن وليد کي رکيو، ميسره ۾ عڪرمه بن ابو جهل کي ۽ پيادل دستي جي ڪمان صفوان بن اُميه بن خلف جي حوالي ڪئي. تيراندازن کي عبدالله بن ربيعه جي ڪمان ۾ ڏنو ۽ پنهنجو جهنڊو ڏيڻ جي لاءِ قريش جي علم بردار قبيلي طرف ويو. اُن دوران قريش مان آيل ٺهيل جڙيل چوڏهن زائفائن جي ٽولي دف وڄائيندي، ڳائيندي، لشڪر جي آسپاس ڪونجن جيان ٽيلارا ڪندي رجزيه شعر پڙهي بدر ۾ مارجي ويل سردارن جي بدلي وٺڻ لاءِ لشڪرين کي اُڀاريندي رهي.
اها ٽولي پنهنجن سپاهين ڏانهن اشارا ڪندي گيت ڳائڻ لڳي:
نطن بنات طارق
نمشي علي المنارق
ان تقبلوا انعانق
ان تدبر و انفارق
فراق غير وامق
”اسين آسمان جي تارن جون ڌيئرون آهيون،
غاليچن تي اسين هلنديون آهيون
اڳتي وڌندا ته اوهان کي ڇاتيءَ سان لڳائينديوسين
پُٺي ڏيندا ته اوهان کي ڇڏي وينديون سين.
اوهان کان اهڙيون ته جدا ٿينديون سين،
جو اوهان سان محبت به نه ڪنديوسين.“
زائفائن جي ٽولي ويئي ته مديني مان ڀڳل غدار ’ابو عامر‘ پنهنجي زهد ۽ پارسائيءَ سان مسلمانن جي سامهون آيو. هن جو نالو عبد عمرو بن صيفي هو، پاڻ کي راهب چوندو هو. ڪو وقت هو جو هو مديني ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم جي اوسيئڙي ۾ هو. پوءِ آقا صلي الله عليھ وسلم سان حسد دشمنيءَ ۾ بدلجي ويس. آقا صلي الله عليھ وسلم هن جو نالو راهب بدران فاسق بنائي ڇڏيو. مديني جي مسلمانن کيس ڏسندي ئي چوڻ شروع ڪيو.
او فاسق... ٽَر هتان.
هِنَ اهو سمجهيو ٿي ته مون کي ڏسندي ئي منهنجي قبيلي وارا آقا صلي الله عليھ وسلم جو ساٿ ڇڏي ڏيندا. اهو بي وقوف اڃا پنڊال ۾ ئي هو جو ابو سفيان بن حربَ پنهنجي فوج کي آخري شڪل ڏيندي قريش جو جهنڊو قريش جي علمبردار قبيلي عبدالدار جي طلحه بن طلحه کي ڏيندي کيس للڪاريندي غيرت ڏيارڻ لڳو.
چيائين:
”اوهان جهڙي نموني بدر ۾ هن جهنڊي جي بي عزتي ڪرائي، اَڄ نه ڪرائجو. اُتي اوهان جهنڊو ڪيرائي اسان جو نڪ ڪٽرائي ڇڏيو. جيڪڏهن سنڀالي نه ٿا سگهو ته ڪنهن ٻي جي حوالي ڪري ڇڏيو.“
طلحه بن طلحه صفا ڇتو ٿي پيو.
چيائين: هي اسان جي گهراڻي جو شان آهي.
ٻي ڪنهن کي ڪهڙي مجال آهي، جو جهنڊي بردار ٿئي.
اڄ ڏسج ته اهو ڪيئن ٿا مٿانهون رکن.
ابو سفيان به شايد اهو ئي ٿي چاهيو ته کيس ڀڙڪائي ڇڏجي. پر هو شايد وڌيڪ ڀَڙڪي ويو.
هُن اُن جهنڊي لاءِ سڄو ڪٽنب مارائي ڇڏيو.
جهنڊو کڻي پاڻ ئي اڳتي وڌيو ۽ مسلمانن کي للڪارڻ لڳو.
وڏي سڏ چيائين:
”اوهان جو خيال آهي ته اوهان جون تراڙيون اسان کي جهنم ۾ پهچائي ٿيون ڇڏين ۽ اسان جون تراڙيون اوهان کي جنت ۾. اوهان کي جنت مِٺي آهي، اچو ته منهنجي تراڙ اوهان کي جنت ۾ پهچائي ڇڏي.“
سيدنا علي اهو ٻُڌي اڳتي وڌيو. اُٺ تي چڙهي آيل طلحه بن طلحه جي زبان مان اڃا جملو به پورو نه ٿيو، جو تراڙ گهمايائين. پهرين سندس ٽنگ وڍجي ويئي. پوءِ هو هيٺ جهڪيو ته ڪنڌ اُڏي ويس.
هو مسلمانن کي جنت پهچائڻ جي لاءِ جنت چوندي ”ت“ تائين به نه پهتو هو، جو پاڻ ئي جهنم ۾ هليو ويو.
جهنڊو ته جهنڊي بردار قبيلي لاءِ سندس حق هو.
طلحه بن طلحه جو ڀاءُ عثمان بن طلحه ڊوڙندو آيو ۽ جهنڊي کي ڪِرڻ کان بچائڻ لڳو.
هن ڀيري سيدنا حمزه تلوار لهرائي.
ڪلهي کان وٺي ڌن تائين چيري ڇڏيائينس. پيٽ جا آنڊا وڍجي پيس ۽ سندس جسم کي ڌوڙ ۾ گڏي ڇڏيائين.
اهو ڏسي سندس ٽيون ڀاءُ ابو سعد بن ابي طلحه جهنڊو ڪِرڻ کان بچائڻ لاءِ آيو ته پويان بيٺل سعد بن ابي وقاص شست ٻڌي اهڙو ته تير هنيس، جو همراهه وڃي ڦهڪو ڪيو، پوءِ تراڙ سان سندس ڪم لاهي ڇڏيائين.
طلحه جو هڪ پُٽ جلاس بن عبدالله جهنڊو کڻڻ آيو ته سيدنا طلحه بن عبيدالله کيس پورو ڪري ڇڏيو.
ان ڪٽنب جو ڇهون ڀاتي ارطاة بن شرجيل جهنڊي کي جلهڻ جي لاءِ وڌيو ته سيدنا عليءَ جي تراڙ هڪ ڀيرو ٻيهر چمڪي ۽ هو وسامي ويو.
ڇهن ڄڻن جي مارجڻ کانپوءِ اُن ڪٽنب جا چار ڄڻا ٻيا به هڪٻئي جي پويان اهو جهنڊو کڻڻ جي لاءِ آيا، پر مارجي ويا. پوءِ جهنڊي بردار قبيلي جو هڪ غلام صراب اڳيان وڌيو ۽ هو جهنڊو بچائي کڻي ويو.
مسلمان سندس پويان لڳا.
هو بهادريءَ سان وڙهيو، مرڻ مهل چيائين.
”مون ته پنهنجي وسان ڪين گهٽايو.“
جَهنڊو پَٽ تي ڪري پيو.
اُن کي مٽي، گهوڙن جي سنبن، اُٺن ۽ ماڻهن جي پيرن لتاڙي ڇڏيو.
عام لڙائي شروع ٿي ويئي.
لڙائي جي شروعات ۾ ئي قريشن جا ڏهه ماڻهو مارجي ويا.
هو هَڄي ويا.
هيڏانهن ابو دجانه، مٿي تي ڳاڙهي پَٽي ٻَڌي، جنهن کي ماڻهو ”عصابة الموت“ يعني ’موت جو پروانو‘ چوندا هئا، قريشي لشڪر ۾ ڪاهي پيو. هڪ ڀيري ته سندس ترار جي زد ۾ ابو سفيان جي ڀڄندڙ زال هنده جي ڳچي آئي. تلوار اُٿي چڪي هئي، ابو دجانه ان جي ڪنڌ تائين پهچندي ئي روڪي ڇڏي ۽ ڀڻڪيو.
”آقا صلي الله عليھ وسلم جي تلوار آهي... ان جو اهو شان ڪونهي ته اها ڪنهن عورت تي آزمائي وڃي.“
ٿوري ئي وقت ۾ مسلمانن جي هٿان ايترن قريشن جي مارجي وڃڻ سبب هنن جي سڄي لشڪر تي ڊپ ڇانئجي ويو.
هنن جا سپاهي ڊپ سبب ڏڪي ويا.
پوءِ وٺي ڀڳا.
هُنن جي صف بندي ٽٽي وئي.
اهي رنون جيڪي جنگ ۾ پنهنجن سپاهين کي ڄمي بيهڻ جي لاءِ همت ڏيارڻ جي لاءِ آيون هُيون، سڀني کان وڌيڪ ڊپ ۾ پَر ڪٽيل پکين وانگر هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙڻ لڳيون. هنن جون چادرون پيرن ۾ گهيرجڻ لڳيون ۽ ريتيءَ واري پَٽ تي ڊوڙڻ سبب سندن ڇيرون ڇمڪڻ لڳيون. ڪَرائين جون چوڙيون ڇنڪڻ لڳيون. مردن جي ڀيٽ ۾ هو ڊوڙندي بار بار ڪِريون ٿي. کين ڪرندي اُٿندي ڏسي، جنگ جو ميدان تراڙين جي ڇڻڪاٽن سان گڏ چوڙين جي ڇن ڇن ۽ ڇيرن جي ڇم ڇم سان به گونجڻ لڳو هو.
رماة جبل تي بيٺل تير انداز به پري بيٺل خالد بن وليد جي بيٺل گهوڙيسوار دستي کي ڏسڻ جي بدران اوڏانهن ڌيان ڌرڻ لڳا.
مسلمان ڪرندڙ ڀڄندڙ ماڻهن جو ڪريل سامان گڏ ڪرڻ لڳا.
ڪو تلوارون گڏ ڪرڻ لڳو.
ڪنهن جي هٿ ۾ جسم تان ڪرندڙ زرهه اچي ويئي.
ڪو ڪنهن جي مٿي تان ڪريل ٽوپ کڻڻ لڳو.
اُٺن کي رسين مان جهلي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ لڳا.
قريش بدر جي جنگ کان به وڌيڪ بدحواس ۽ بي ترتيب ٿي ويا.
شديد ڀاڄ سبب چوڌاري ڌوڙ ڇانئجي ويئي.
رستو به سوڙهو هو.
قريش پنهنجي پڙاء طرف ڀڄڻ لڳا، جتي سندن اُٺ هئا، مسلمان سندن پويان هئا. ڊوڙ جي اُن طوفان ۾ ڄڻ ڀت تي لکي ويو هو ته جنگ جو فيصلو ٿي ويو. تيراندازن جي اها ٽولي جيڪا رماة جبل تَي بيٺي هئي. اهي پاڻ ۾ ڳالهائڻ لڳا.
جنگ ختم ٿي ويئي.
هلو ته پاڻ به مال غنيمت ميڙيون.
سندن سالار عبدالله بن جبير کين ڏاڍي منع ڪئي ۽ کين ياد ڏياريو ته آقا صلي الله عليھ وسلم ڇا چيو هو.
هتي ئي بيهڻ جو حڪم آهي.
هتان نه لهو.
پر سندن سامهون ٻيو منظر هو ۽ هنن جي ڪنن ۾ جدا آواز پهچي رهيا هئا. هو نه بيٺا،
لهي ويا.
پهرين هڪ هڪ ڪري لٿا
پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي سڀني پنهنجي جاءِ ڇڏي ڏني.
عبدالله بن جبير سان ڪجهه وفادار اُتي ئي ڄميا بيٺا رهيا.
خالد بن وليد ذهين سپهه سالار هو.
پري کان اهو سڄو تماشو ڏسندو رهيو.
جڏهن ڏٺائين ته اها ٽڪري خالي ٿي ويئي آهي ته هو پنهنجن گهوڙن کي ڇهه ڪلوميٽر ڊگهي احد جبل جي پويان گهمائي پهاڙ جي مديني کان ساڄي طرف حملي آور ٿيو، ايئن سمجهو ته جڏهن سندس گهوڙا ڊوڙندا آيا ته مسلمانن جي اُنهن ڏانهن پُٺ هئي، جيڪي مُشرڪن جي پويان ڊوڙي رهيا هئا. اڳيان ڀڄندڙ قريش فوج جي ڪري اُڏندڙ ڌوڙ ايتري ته هئي، جو کين ان مهل احساس ٿيو، جڏهن خالد بن وليد جي رسالي جو دستو تلوارون اُڀيون ڪري سندن پويان حملي آور ٿيو.
پوءِ ڇا ٿيو.
اک ڇنڀ ۾ جنگ جو نقشو بدلجي ويو.
مسلمان جيڪي بي ترتيب ٿي قريشن جي پويان هئا، انهن جي پٺيان قريشي گهوڙي سوار اچي ويا.
پيادل جي مقابلي ۾ گهوڙو ته جبل هوندو آهي.
گهوڙن کي تيرانداز روڪين ٿا
عبدالله بن جبير ۽ سندس ڪجهه ساٿين، جيترو ٿي سگهيو تير هلايا.
ڪيترن ئي گهوڙن کي گهائل ڪيو.
پر تير ٿورا هئا ۽ گهوڙا گهڻا، نيٺ پاڻ به شهيد ٿي ويا.
اهي قريشي جيڪي اڳيان ڀڄندا پي ويا، پويان منظر بدلجندو ڏسي بيهي رهيا.
سيدنا حمزه ماڻهن کي ترتيب سان بيهڻ جو حڪم ڏيئي رهيو هو.
سباع بن عبدالعزيٰ غشاني سامهون آيو ته کيس للڪاريائين، تلوار سان ڍڙي ڇڏيائينس.
جنهن مهل سباع، سيدنا حمزه جي تلوار سان ڪري رهيو هو، هڪ ڪاري چهري تي ڄميل ٻه زهريليون اکيون سيدنا حمزه جي تاڙ ۾ هجوم ۾ تيزيءَ سان ڦِري رهيون هُيون.
اِهي اکيون هڪ حبشيءَ جون هُيون.
حبشيءَ جو نالو وحشي هو،
هو جبير بن مطعم جو غلام هو.
جبير بن مطعم جو چاچو طعيم بن عدي، بدر جي جنگ ۾ سيدنا حمزي جي هٿان مُئو هو. جبير بن مطعم کي خبر هئي ته وحشي پنهنجو نيزو، جيڪو ٿورو ننڍو هوندو آهي، ايتري ته مهارت سان اُڇلي ٿو، جو اِهو ڪرائيءَ جي چوڙيءَ جي اندران گذاري ڇڏي ٿو. مديني ايندي رستي ۾ وحشي پنهنجي نشاني جي داد وٺندو آيو هو. سندس نشاني جي مهارت ڏسي سندس آقا جبير بن معطم ساڻس وچن ڪيو هو ته بس تون حمزي کي مار ته توکي انعام ۾ آزاد ڪريان.
ابو سفيان جي زال هنده کي جبير بن مطعم کان وڌيڪ سيدنا حمزي سان وير هو، سندس پيءُ، چاچو، پُٽ، ڀاءُ سڀ بدر جي جنگ ۾ مارجي ويا هئا، هن انهن سڀني جي موت جو ذميدار سيدنا حمزي کي سمجهيو ٿي.
هن وحشيءَ کي چيو
هو توکي آزادي ڏيندو
آءٌ غلامي.
توکي انعام سان مالا مال ڪري ڇڏينديس.
بس تون رڳو حمزي کي مار.
وحشيءَ کي پنهنجي آزادي حاصل ڪرڻي هئي.
هو پٿرن ۽ ٽڪرين جي اَڏ ۾ هلندو، هٿ ۾ پنهنجو نيزو کڻيو،سيدنا حمزي کي ڳولي رهيو هو.
هيڏانهن سيدنا حمزي، سباح بن عبدالعزيٰ کي ڍڙيو ته وحشيءَ ڏسي ورتو، هو پنهنجو نيزو کڻيو لِڪندو سندس پويان ويجهو پهتو ۽ جڏهن سيدنا حمزو لاش کي ڪيرائي سڌو ٿيو ته وحشيءَ پنهنجو نشانو چِٽيو.
نيزو سڌو سيدنا حمزي جي پيٽ ۾ لڳو.
نيزي جي پيٽ ۾ لڳڻ سان سيدنا حمزو تڙپيو.
وحشيءَ کي جهلڻ لاءِ هٿ وڌايائين، پر ڪِري پيو.
شهيد ٿي ويو.
هنده اچي وحشيءَ جي پُٺي ٺپري.
هُن جي مُنهن تي عجيب وحشت اچي ويئي.
پنهنجي ٻانهن مان سونا ڪنگڻ لاهي وحشيءَ کي ڏنائين ۽ چيائين:
وَڃ
هن جو پيٽ چيري هن جو جگر وڍي اچي مون کي ڏي.
وحشيءَ اهو ئي وحشت ناڪ ڪم ڪيو.
هنده، سيدنا حمزي جو جگر وات ۾ وجهي چٻاڙيو.
۽ پوءِ پاڻ اڳيان وڌي.
هڪ تلوار کنيائين ۽ سيدنا حمزي جي مُنهن ۽ جسم جا عضوا وڍي هار ٺاهيائين ۽ پنهنجي ڳچيءَ ۾ پاتائين. کيس ايئن ڪندي ڏسي ٻين رنن به ڪيترن ئي مسلمانن جي جسمن سان اهڙيون وحشياڻيون حرڪتون ڪيون.
ابو سفيان ڏسندو رهيو.
اُنهن عورتن مان هڪ عورت عمره بنت علقمه، قريشن جو پَٽ تي مٽيءَ ۾ لتاڙيل جهنڊو کڻي اُڀو ڪيو، جنهن سان سندن فوج جيڪا ڀڳي پي ويئي، ڄمي بيهي رهي.
مسلمانن جي پهرين رٿابندي پوري طرح ڪامياب رهي هئي، پر ترتيب ٽٽڻ ۽ ’جبل رماة‘ تي بيٺل تير اندازن جي لهڻ کانپوءِ جيڪي ٿيو، ان صورتحال جو ڪائونٽر اٽيڪ کانپوءِ جو پلان اُن ڪري نه جوڙيو ويو، جو ان قسم جي توقع ئي نه هئي ته ڪو آقا صلي الله عليھ وسلم جي حڪم جي ڀڃڪڙي به ٿيندي.
پوءِ به مسلمان آقا صلي الله عليھ وسلم جي حفاظت لاءِ ڊوڙيا، پهرين نون جانبازن جو هڪ جٿو آقا صلي الله عليھ وسلم جي حفاظت تي مقرر ٿيل هو. آقا صلي الله عليھ وسلم هيٺ جنگ جي بگڙيل صورتحال ڏٺي ته سڏ ڪيو. هيڏانهن اچو...
هو قريشيءَ آواز سڃاڻي ورتو.
اهو عبدالله بن قميه قريشن جو پهلوان هو.
هڪ تڪڙو مٿي آيو.
اُن سان گڏ پنهنجن ساٿين کي سَڏي آقا صلي الله عليھ وسلم کي گهيري ۾ وٺي لاٿو.

اُحد ۾ ڏکيو وقت

اُحد ۾ ڏکيو وقت

اُن وقت آقا صلي الله عليھ وسلم جي حفاظت ڪندڙ ست انصاري ۽ ٻه مسلمان مهاجر موجود هئا.
عبدالله بن پنهنجن بد نيت گستاخ ساٿين سان مٿي جبل تي چڙهي آيو.
هن وڏي گستاخي ڪئي.
تلوار گهمائي آقا صلي الله عليھ وسلم جي پاسراٽين تي هنئي.
الله آقا صلي الله عليھ وسلم کي ٻه زرهون پارائي موڪليو هو.
زرهه ڌڪ سهي ويئي، زخم نه ٿيو.
سور ڪيترائي مهينا رهيو.
اِهو ظالم پوءِ به نه مُڙيو.
پاسو بدلائي وري تلوار جو وار ڪيائين، جيڪو آقا صلي الله عليھ وسلم جي چهري مبارڪ تي لڳو.
الله اُتي هيلمٽ پارائي پوءِ آقا صلي الله عليھ وسلم کي جنگ تي موڪليو هو، پر تلوار جو اهو وار ايترو ته سخت هو، جو آهني خود جون ٻه لوهي ڪڙيون مُڙي ويون ۽ کاٻي اک جي هيٺان اُڀريل آقا صلي الله عليھ وسلم جي سُهڻي خوشنما ڳل جي هيٺان هڏيءَ ۾ گهڙي ويون.
رت وهڻ لڳو.
آقا صلي الله عليھ وسلم جو پاڪ رت.
ان سان گڏ عبدالله بن قميئه رنڀ ڪئي.
آءٌ قميسئه (ٽوڙڻ وارو) جو پُٽ آهيان.
آقا صلي الله عليھ وسلم آهني خود جي گِهڙيل ڪڙين مان وهندڙ رت هٿ سان اُگهيو ۽ فرمايو.
”الله توکي ٽوڙي ڇڏي.“
آقا صلي الله عليھ وسلم جي چيل ڳالهه آقا صلي الله عليھ وسلم جو خدا نه سُڻي،
اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي.
وقت ۽ جاءِ جو تعين خود خدا ٿو ڪري.
اُن گهڙيءَ آقا صلي الله عليھ وسلم جا جان نثار بي جگريءَ سان ٻين حملي آورن سان وڙهي رهيا هئا. تير هلائي، ڊوڙندو ايندڙ دشمنن کي پَري ڪري رهيا هئا. ڪي وري صفا سر تي چڙهي آيل دشمنن کي پري ڌڪي رهيا هئا. ڪي وري سر تي چڙهي آيل دشمنن جي تلوارن کي مُڏو ڪري رهيا هئا.
عبدالله بن قمئه بار بار حملا ڪري رهيو هو.
سڀئي دشمن رسالت جي شمع کي اُجهائڻ تي سَندرو ٻڌيو بيٺا هئا.
آقا صلي الله عليھ وسلم جو قديمي پروانو، مڪي جي سُهڻو شخص، آقا صلي الله عليھ وسلم جو هم شڪل، آقا صلي الله عليھ وسلم کان وهيءَ ۾ اڌ جيترو سيدنا معصب بن عمير تلوار سان ابن قميئه سان مقابلي ۾ هو، هو اڳ ۾ ئي گهايل هو ۽ هن بي انت تيرن جي بوڇاڙ کان بچائڻ لاءِ آقا صلي الله عليھ وسلم کي پنهنجي اَڏ ۾ وٺي لاٿو هو. کيس تلوارن جا زخم به هئا. هن مُڙسي ڪري ابن قميئه کي آقا صلي الله عليھ وسلم کان پري ڪري هيٺ ڌڪي ڇڏيو، پر خود ايترات زخم رسيا هئس جو اتي ئي آقا صلي الله عليھ وسلم جي پيرن ۾ ڪري ساقيءَ ڪوثر صلي الله عليھ وسلم جي اڳيان جام شهادت پيتائين.
مڪي جي خوشبوءَ ۾ رهندڙ، خوشبودار صاف سُٿرن ڪپڙن ۾ رهندڙ سهڻي سيرت، مٺي ڳالهه ٻولهه وارو خاموش ٿي ويو. اهو جنهن مديني ۾ پنهنجي خوش آهنگي، دليل ۽ خوش سخنيءَ سان ماڻهن جي دلين ۾ ايمان جو ٻج پوکيو هو، اهو ڪَٽيل ڏار وانگر ڪري پيو.
مٽيءَ ۾ ڀڀوت
شڪسته ۽ ڦاٽل ڪپڙن ۾
رت ۾ رڱيل
آقا صلي الله عليھ وسلم جو پروانو پنهنجي ايمان جي شمع تان قربان ٿي ويو.
ٻيا پروانا واري واري سان پنهنجي جان ڏيندا رهيا،
ستن جا ست ئي انصاري هڪٻئي جي پويان قربان ٿي ويا.
هڪ دل لوڏيندڙ موقعو اچي ويو.
آقا صلي الله عليھ وسلم جا فقط ٻه پهريدار وڃي بچيا.
سيدنا سعد بن ابي وقاص ۽ سيدنا طلحه بن عبيدالله .
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو:
”ڪير آهي جيڪو هنن کي مُنهن ڏي.“
سيدنا طلحه عرض ڪيو: ”آقا صلي الله عليھ وسلم آءٌ آهيان.“
اڳيان وڌيو. مقابلي ۾ يارهن ڪافر هئا.
اڪيلو مقابلو ڪيائين.
تلوار اهڙي ته هلايائين جو هٿ شل ٿي ويس.
ايترا ته زخم رسيس جو پوءِ جڏهن ڳڻيا ويا ته ستر کان به وڌيڪ نڪتا. اُن گهڙيءَ هو جسم ۽ جان جي هر تڪليف کان مٿي ٿي چڪو هو. سندس ذهن ۽ دل ۾ رڳو پرواني جو روح وڃي رهيو هو، جيڪو شمع رسالت کي سُهائو رکڻ جي لاءِ تڙپي تڙپي اُنهن منحوس ڦوڪن کي ڀَسم ڪرڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي رهيو هو، جيڪي اُن چراغ ڪائنات صلي الله عليھ وسلم کي وسائڻ جي بُڇڙي ارادي سان گڏ هئا.
گڏ بيٺل ماهر تيرانداز جانباز سيدنا سعد بن ابي وقاص جي ڪمان مان بار بار تير نڪتو ٿي. ڪنهن مهل هن سامهون هجوم جو نشانو ٿي ورتو ته ڪنهن مهل پريان ايندڙ دشمنن کي پري هٽڻ تي مجبور ٿي ڪيائين.
آقا صلي الله عليھ وسلم پنهنجي ترڪش جا سڀئي تير سعد بن ابي وقاص کي ڏنا ۽ ان گهڙيءَ آقا صلي الله عليھ وسلم سعد بن ابي وقاص کي اها ڳالهه چئي جيڪا هن سڄي زندگي ڪنهن ٻي کي نه چئي.
فرمايائون:
”ارم فداک ابي و امي“
”منهنجا ماءُ پيءُ قربان، تير هلائي“ (بخاري)
هيڏانهن هڪ ڀاءُ آقا صلي الله عليھ وسلم جو ايترو پروانو ۽ شيدائي هو ته ٻيو سڳو ڀاءُ ڪافرن جي لشڪر ۾ آيو، عتبه بن ابي وقاص. اهڙو ته سنگدل ۽ ظالم جو جڏهن طلحه جي تلوار ۽ پنهنجي ڀاءُ سعد بن وقاص جي تيرن جي ڊپ کان اڳيان وڌي نه سگهيو ته ٽڪرين جي اَڏ وٺندو، هٿ ۾ وڏو پٿر کڻي اوچتو سامهون آيو ۽ تاڙي اهو پٿر آقا صلي الله عليھ وسلم کي هڻي ڪڍيائين.
احد جبل به ڏڪي ويو هوندو.
هَڄي ويو هوندو ته جنهن آقا صلي الله عليھ وسلم جي قدمن ۾ جبل احد جُهڪيل هو، اُن جو ئي هڪ ناڪاره پٿر هنيو وڃي.
پٿر چهري تي لڳو.
آقا صلي الله عليھ وسلم هيٺ ڪري پيا. هيٺان ٻه ڏند شهيد ٿي ويا. هيٺيون چپ به ڦاٽي پيو.
منهن مبارڪ رتورت ٿي ويو.
ڄڻ ماه ڪامل تي زخم آيو هجي ۽ خورشيد (سج) جو جگر ڪَٽجي ويو هجي. مبارڪ رت سان چهرو ڳاڙهو ٿي ويو. آقا صلي الله عليھ وسلم رت اگهندي فرمايو.
”اها قوم ڪيئن ٿي فلاح پائي سگهي، جنهن پنهنجي نبيءَ جي چهري کي زخمي ڪيو.“
آسمان مان وحي لٿي.
”الله گهري ته کين توبه جي توفيق ڏي ۽ گهري ته عذاب ڏي، ڇو ته هو ظالم آهن.“
آقا صلي الله عليھ وسلم هڪدم پنهنجي زخمي چپ ۽ چهري سان خدا کي ٻاڏايو.
”اي الله! منهنجي قوم کي معاف فرمائي. هو مون کي نٿا سڃاڻن. ]مسلم،فتح الباري[
هو پٿر هڻي ڀڄي ويو.
حضرت حاطب بن ابي بلقه پٿر هڻندڙ بدبخت عتبه بن ابي وقاص جو پيڇو ڪيو ۽ وڃي جهليائينس.
پنهنجن سڀني نسن جي زور سان پنهنجي تلوار هلائي ۽ اُن نڀاڳي جو ڪنڌ اُڏائي ڇڏيو.
سيدنا مالڪ بن سنان ڊوڙندو آقا صلي الله عليھ وسلم وٽ آيو. منهن مبارڪ تان رت کي وهندو ڏسي پنهنجا چپ ان وهندڙ سڳوري رت تي رکي چوسي ورتائين.
آقا صلي الله عليھ وسلم چيس: ٿُڪي ڇڏ.
رُئندڙ اکين سان آقا صلي الله عليھ وسلم ڏانهن ڏسي التجا ڪيائين.
نه، آقا صلي الله عليھ وسلم هن کان وڌيڪ سڳوري شئي اڳ ڪڏهن به منهنجي نڙيءَ کان هيٺ نه لٿي آهي.
آقا صلي الله عليھ وسلم بشارت ڏني.
”ڪير جيڪڏهن ڪنهن جنتيءَ کي ڏسڻ گهري ته هن کي ڏسي.“
هاڻ، آقا صلي الله عليھ وسلم وٽ ڪمڪ پهچي چڪي هئي.
سڀني کان پهرين آقا صلي الله عليھ وسلم جو يار غار سيدنا ابو بڪر ڀَڄندو آيو. منهن مبارڪ تي لوهي خود جو ڪڙيون گهڙيل ڏٺائين ته ڪڍڻ لڳو ته سندس پويان ايندڙ سيدنا ابو عبيده بن الجراح عرض ڪيو ته اها سعادت مون کي بخشيو. هٿ سان ڳل مبارڪ مان لوهه جون ڪڙيون ڪڍڻ سان آقا صلي الله عليھ وسلم جي چهري مبارڪ تي سور جي لهر اُڀري ته ابو عبيده پنهنجن ڏندن سان هڪ ڪڙيءَ کي زور سان ڇڪيو. ڪڙِي ته نڪري آئي، پر سندس هڪ ڏند ٽٽي پيو. ٻي ڪڙي ڪڍندي سندس ٻيو ڏند به ٽٽي پيو.
ڪتابن ۾ اچي ٿو ته سيدنا ابو عبيده سڄي عمر انهن ٻن ڀڳل ڏندن جي ڪري اهڙو ته سُهڻو نظر ايندو هو، جو جيڪو به ڏسندو هئس، اهو ڏسندو ئي رهندو هئس. اُن سخت حملي وقت قتاده بن النعمان آقا صلي الله عليھ وسلم جي منهن مبارڪ جي اڳيان بيهي رهيو ۽ پنهنجو مُنهن دشمن جي اڳيان ڪري ڇڏيائين. هڪ تير سڌو اچي سندس اک ۾ لڳو. اک ڪنهن بال وانگر وانگر اڇلجي سندس هٿ ۾ اچي ويئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم جون اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي آيون.
دعا گهريائون. الله! جنهن تنهنجي نبيءَ جي چهري جي حفاظت فرمائي، تون ايئن ئي هن جي چهري جي حفاظت ڪر، پوءِ اُن اک کي ساڳئي هنڌ رکي ڇڏيائين. اک ان وقت ئي صحيح ۽ سالم ٿي ويئي. اڳ کان به وڌيڪ روشن، سُهڻي ۽ نظر به تيز ٿي ويس ]زرقاني، البدايه والنهاويه، ابن هشام، خصائص الڪبريٰ[
سيدنا ابو دجانه به دشمنن جي تيز حملن وقت آقا صلي الله عليھ وسلم جي سامهون ڍال بنجي بيهي رهيو ۽ ڪيترائي تير پنهنجي بدن تي سَٺائين.
اُن ڏينهن سيدنا ابو طلحه انصاري ۽ سيدنا سعد بن ابي وقاص ڪيتريون ئي ڪمانون تير اُڇليندي ڀڳيون. ڪنهن مهل هڪ ڄڻو اڳيان اچي ڍال ٿي بڻيو ۽ ٻي پويان تير ٿي هلايا. سيدنا ابو طلحه سينو تاڻي آقا صلي الله عليھ وسلم جي روبرو بيٺو رهيو. هن آقا صلي الله عليھ وسلم کي عرض ڪيو ته پنهنجو ڪنڌ هيٺ رکو. منهنجو سينو ڍال آهي.
اُن ڏينهن شمع رسالت صلي الله عليھ وسلم تي مَرندڙن جي عيد هئي. ڊوڙندا ٿي آيا ۽ دل کولي فدا فدا ۽ قربان پي ٿيا.
ترت ئي صحابين جي ٻي جماعت سيدنا ابوبڪر سان گڏ اچي پهتي، جنهن ۾ سيدنا عمر بن خطاب، سيدنا علي، سهيل بن حنيف، مالڪ بن سنان، قتاده بن نعمان، حاطب بن ابي بليقعه ۽ سندن ساٿي شامل هئا.
هاڻ آقاصه جي محافظن جو تعداد نوَن مان وڌي ٽيهه ٿي ويو.
اهو انگ وڌندو گهٽبو رهيو.
جنهن پاسان حملي آورن جو زور ٿي ٿيو ته محافظ اُن طرف لڙي ٿي پيا.
اِها سڄي خوفناڪ صورتحال ڪجهه منٽن جي هئي.
تيرن جو وسڪارو
تلوارن جي ڇَڻڪار
تيز ڀالن جا حملا
ڌڪا
۽ پٿر
ان گهڙيءَ مشرڪن جي هڪ هٺيلي گهوڙيسوار عثمان بن مغيره، پنهنجي گهوڙي تي سوار ٿي آقا صلي الله عليھ وسلم تي حملو ڪيو. چيائين: اڄ يا ته آءٌ رهندس يا وري هو. آقا صلي الله عليھ وسلم جواب ڏيڻ لاءِ ترسيو، ڪجهه به نه ڪُڇيائون.
هن جو تيز گهوڙو ڊوڙندي ايندي هڪ کڏ ۾ ڪري پيو.
سيدنا حارث بن صمه تلوار سان سندس ڪم پورو ڪري ڇڏيو.
مڪي جي وڏيري اُميه بن خلف جو ڀاءَ ابي بن خلف مڪي ۾ چوندو هو ته آقا صلي الله عليھ وسلم کي آءٌ ئي قتل ڪندس.
آقا صلي الله عليھ وسلم ڳالهه ٻڌي سدائين چپ رهندا هئا.
هڪ ڏينهن آقا صلي الله عليھ وسلم چئي ڏنس.
”تون نه پر آءٌ توکي قتل ڪندس.“
اُن نازڪ گهڙيءَ جي کيس خبر پئجي ويئي.
هو گهوڙو ڊوڙائيندو آيو، جنهن جي باري ۾ چوندو هو ته کيس ايترو داڻو ٿو کارايان جو هن تي چڙهي توکي قتل ڪريان. هو گهوڙي تي چڙهي آيو، آقا صلي الله عليھ وسلم جا پروانا کيس روڪڻ جي لاءِ اڳيان وڌيا.
آقا کين منع ڪئي ۽ چيو ته کيس اچڻ ڏيو.
هو زره پوش هو.
مٿي تي لوهي ٽوپ ۽ سيني تي زرهه.
جڏهن ويجهو پهتو ته آقا صلي الله عليھ وسلم ڀرسان بيٺل حارث بن صمه جي هٿن مان نيزو ورتو ۽ هٿ ۾ کڻي هن جي ڳچي ۾ لوهي ٽوپ ۽ زره جي وچ ۾ نيزي جي اَڻي هنئي، هو گهوڙي تان لڙڪي پيو.
پوءِ ڪرندو، رڙيون ۽ دانهون ڪندو واپس پنهنجن ساٿين وٽ پهتو.
ساٿي حيران ٿي ويس ته هڪ رهڙ تي ايڏي گهوڙا گهوڙا.
هن چيو: هي معمولي ڌڪ ڪونهي.
محمد (صلي الله عليھ وسلم) جي هٿ جو لڳل ڌڪ آهي.
جيڪڏهن هو مُون تي ٿُڪي ها ته به مري وڃان ها.
آءٌ مران پيو.
واپسيءَ ۾ مڪي ڏانهن ويندي هو تڙپندو ”سرف“ جي هنڌ تي مري ويو.
سڄي دنيا ۾ اهو ئي هڪ بدبخت هو، جيڪو رحمة اللعالمين جي هٿان مُئو.
قريش، هيٺاهينءَ واري پاسي هئا.
آقا صلي الله عليھ وسلم جبل جي ڀڪَ۾.
مٿي جبل تي چڙهندي، عين گهيري جي هڪ گهڙيءَ، عبدالله بن قميئه، آقا صلي الله عليھ وسلم جي هم شڪل سُهڻي پرواني معصب بن عمير کي شهيد ڪري ڇڏيو. آقا صلي الله عليھ وسلم جي زرهه پوش پاسراٽين تي وار ڪيا ته آقا صلي الله عليھ وسلم هڪ گهڙيءَ جي لاءِ ابو عامر فاسق جي کوٽايل کڏي ۾ ڪري پيا. ڪجهه گهڙين جي لاءِ آقا صلي الله عليھ وسلم ماڻهن جي نظرن کان اوجهل رهيا ته عبدالله بن قميئه مُڙي پنهنجي پنڊال ۾ رڙيون ڪري چوڻ شروع ڪيو ته (نعوذ بالله) آقا صلي الله عليھ وسلم کي شهيد ڪيو ويو آهي. جنگ جي ميدان ۾ اهڙي خبر ٻُڌي آقا صلي الله عليھ وسلم جا پروانا صفا بي سَت ٿي پيا.
ماڻهن آقا صلي الله عليھ وسلم کانسواءِ پنهنجي ايندڙ زندگيءَ جي باري ۾ سوچيو به نه هو.
هُنن جي سوچڻ ۽ سمجهڻ جون سڀئي صلاحيتون گم ٿي ويون.
جنهن اهو ٻُڌو ٿي، ڄڻ مري ٿي ويو.
مسلمانن جي همت جواب ڏيڻ لڳي.
سيدنا ڪعب بن مالڪ جنهن کي سڄي عمر ياد رهيو ته ڪعبي ۾ پهرين ملاقات ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم سندس باري ۾ چيو هو: اهو ڪعب بن مالڪ جيڪو شاعر آهي؟ هو اُن کڏي وٽان لنگهيو.
نظر اندر پيئي ته ڪائنات جو نور
ڄڻ کوهه ۾ يوسف عليھ السلام.
هُوليرو مچي ويو.
آقا صلي الله عليھ وسلم جيئرا آهن.
الله جا رسول موجود آهن.
اسلام جو جهنڊو هاڻ سيدنا عليرضه وٽ هو.
جهنڊو کنيائين ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم جي کڏ مان ٻاهر ايندي ئي کوڙي ڇڏيائين.
مسلمانن ۾ ساهه پئجي ويو.
بي دم ڄڻ مُئل پروانن جا پَر خوشيءَ سان ڦڙڪڻ لڳا.
سڀ آقا صلي الله عليھ وسلم جي پناهه ۾ اچي ويا.
مسلمانن جو قلعو مضبوط ٿي ويو.
هيٺ هيٺاهينءَ ۾ جتي جتي مسلمان هئا، انهن نئين سر پنهنجون دفاعي لائينون جوڙيون. ڪجهه مسلمان مٿي جبل تي چوڪيدار بنجي تير ڪمان سنڀالي تيار ٿي بيٺا ته جيئن ٻيهر ڪو حملي آور هيڏانهن نه اچي، دشمن پري رهي.
هڪ ڀيري ابو سفيان ۽ صفيان بن اُميه جبل جي مٿان دامن ڪوهه ۾ ٺهيل آقا عليھ السلام جي ڪمانڊ پوسٽ تي حملي جي نيت ڪئي، پر مسلمان تيراندازن کين ڊوڙائي ڇڏيو.
جيل جي چوٽي ڪافرن کان خالي ٿي ويئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم مٿي چڙهڻ لڳا.
هڪ ٽڪريءَ تي چڙهڻ ۾ طلحه مدد ڪئي.
هاڻ آقا صلي الله عليھ وسلم ۽ سندس ساٿي مُشرڪن جي پهچ کان پري هئا. هو نه جبل جي هيٺان چڙهي وٽن پهچي ٿي سگهيا ۽ نه جبل جي چوٽيءَ تان لهي اُتي اچي ٿي سگهيا. هر رستي تي مسلمان چوڪس هئا، پر خاموش.
ابو سفيان وٽ واپسيءَ کانسواءِ ٻي ڪابه واهه نه هئي.
پر کيس پنهنجي انا کي پاڻي ڏيڻون هو، پنهنجي گهوڙي تي چڙهي هو جبل جي هيٺ مسلمانن جي تيرن جي نشاني کان پري ٿي بيٺو.
گلو ڦاڙي چيائين.
ڇا اوهان ۾ محمد (صلي الله عليھ وسلم) جيئرو آهي؟
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو: ڪير به جواب نه ڏي.
هُن ٿوري دير انتظار ڪيو. پوءِ وري رڙ ڪيائين.
ڇا اوهان ۾ ابن ابي قحافه (ابوبڪر) موجود آهي.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو: جواب نه ڏيوس.
احد ۾ خاموشي
هوا سائين سائين ڪندي رهي
خاموش بيٺل پروانن جا ڪپڙا ڦڙ ڦڙائڻ لڳا
چؤڏس سانت
پوءِِ ابو سفيان جو ڳرو آواز گونجيو
ڇا اوهان ۾ عمر بن خطاب اڃا آهي؟
آقا صلي الله عليھ وسلم خاموشيءَ جو حڪم ڏنو.
جڏهن کيس ڪنهن به سوال جو جواب نه مليو ته هن پنهنجي گهوڙي جو لغام لوڏيو ۽ بيٺي بيٺي گهوڙي کي شان دلبري ۽ تڪبر مان پٿرن تي اڳين سُنبن تي ٽپ ڏياريو. هن جي سُنبن مان چڻنگون نڪتيون. خاموش احد جي اُداس چهري مان هن جي گهوڙي جي سُنبن جو آواز بار بار ٽڪرايو ۽ هُن پنهنجن ساٿين ڏانهن منهن ڪري وات چُٻو ڪري طنز مان چيو:
لڳي ٿو ته اهي ٽيئي قتل ٿي ويا.
جيئرا هجن ها ته ڪر وراڻي ڏين ها.
ابو سفيان جي زبان مان حقارت وارا جملا سُڻي سيدنا عمر بن خطاب کان ماٺ ٿي نه سگهي. سندس آواز ابو سفيان جي آواز کان ٻيڻو اوچو هو، هن رڙ ڪري چيو.
اي خدا جا دشمن، تو غلط چيو
تنهنجي رنج جو سامان اڃا باقي آهي.
اسين ٽيئي جيئرا آهيون.
ابو سفيان چيو.
ٺيڪ آهي، اوهان جا ٻيا ته هتي ميدان ۾ مُئا پيا آهن
پوءِ ابو سفيان نعرو هنيو.
اعليٰ هبل- جئه هبل
آقا صلي الله عليھ وسلم چيو: چوينس
الله اعليٰ اجل... الله سڀني کان اعليٰ ۽ مٿانهون آهي
ابوسفيان ٻيو نعرو هنيو
لناعزيٰ ولا عزيٰ لکم- اسان وٽ عزيٰ آهي. اوهان وٽ عزيٰ ڪونهي.
آقا صلي الله عليھ وسلم: عمر چوينس
الله مولانا ولا موليٰ لکم- الله اسان جو مولا آهي ۽ اوهان جو ڪوبه مولا ڪونهي.
ابو سفيان چيو.
هي ڏينهن، بدر جي ڏينهن جو بدلو آهي.
تنهن ڪري اسين ۽ اوهين برابر ٿياسين.
۽ جنگ کوهه جي ڏول وانگر آهي... ڪڏهن هيٺ... ڪڏهن مٿي...
سيدنا عمر چيو:
اسين برابر نه آهيون... اسان جا مقتولين جنت ۾ آهن ۽ اوهان جا جهنم ۾ آهن.
پوءِ ابو سفيان، عمر کي سڏي چيو.
عمر آءٌ توکي الله جو واسطو ٿو ڏيان ته سچ ٻڌائي.
ڇا اسان محمد (صلي الله عليھ وسلم) کي قتل ڪيو؟
سيدنا عمر وراڻيس... خدا جو قسم ته نه. هو هينئر به تنهنجون ڳالهيون ٻُڌي رهيو آهي.
ابوسفيان وراڻيس: تون منهنجي نظر ۾ ابن قيمئه کان وڌيڪ سچو آهين. پوءِ ابو سفيان چيو: اسان جي ماڻهن جي هٿان اوهان جي ڪن مقتولن جو مثلو ٿيو آهي... نه آئون ان عمل مان راضي آهيان، نه ناراض، نه مون منع ڪئي، نه مون ان جو حڪم ڏنو هو.
وڃڻ مهل ابو سفيان آڪڙ مان ڪنڌ کڻي چيو: ايندڙ سال بدر ۾ ميلي جي ڏينهن ۾ ٻيهر جنگ جو وچن آهي.
آقا صلي الله عليھ وسلم چيو: چوينس انشاء الله پڪو (ابن هشام).
ابو سفيان بن حرب پنهنجو لشڪر وٺي روانو ٿي ويو.
آقا صلي الله عليھ وسلم حضرت عليءَ کي ڪجهه جانثارن سان گڏ سندن پويان لڳايو.
چيو: ڏسو ته
هي اُٺن تي ويهن ٿا ۽ گهوڙا پويان رکن ٿا، يا گهوڙن تي سوار ٿين ٿا ۽ اُٺ پويان؟
سيدنا علي پويان لڳن.
خبر آندائون ته
سڀ اُٺن تي سوار ٿي ويا آهن ۽ گهوڙا پويان آهن.
آقا صلي الله عليھ وسلم اطمينان جو ساهه کنيو ۽ فرمايو.
هاڻ هي مڪي ويا آهن. مديني ڏانهن نه مُڙندا.
اڳينءَ تائين جنگ ختم ٿي چڪي هئي.
زخمن کان چور آقا صلي الله عليھ وسلم ويهي اُمامت ڪرائي. اڪثر صحابين ويهي نماز پڙهي، پوءِ هيٺ لٿا. شهيدن جي جسمن کي گڏ ڪيو. سيدنا حمزه جي جسم اقدس کي وڍيل ڏسي آقا صلي الله عليھ وسلم غم سبب ڏڪڻ لڳا. لڙڪڻ جي برسات وسي، سڄو جسم مبارڪ ڏک سبب ڏڪي ويو.
چيائون: آءٌ ڏهن ڪافرن کان اهڙو بدلو وٺندس.
پر پوءِ ڄڻ آسمان مان ڪا تنبيهه آئي. چيائون: نه، اسان کي لاشن جي ايئن بي حرمتيءَ جي موڪل ڪونهي. اهو فيصلو ٿيو ته سڀني جي جنازي نماز پڙهائي کين اُتي ئي هيٺاهينءَ ۾ دفنايو وڃي. شهيدن جا لاش آندا ويا، کڄندا ويا. جنازي نماز ۾ امير حمزي جو جسم مبارڪ آخر تائين پيو رهيو. اُن تي آقا ستر ڀيرا جنازي نماز پڙهائي ۽ فرمايو:
آسمان مان جبرائيل عليھ السلام اچي چيو آهي ته آسمان تي سيدنا حمزه جو لقب لکجي چڪو آهي- ”اسد الله و اسد رسول“ (الله ۽ الله جي رسول جو شينهن ]ابن هشام[
اُن ڏنهن آقا صلي الله عليھ وسلم ايترو ته رُنا جو پاڻ سڏڪڻ لڳا. پوءِ فرمايائون:
”قيامت جي ڏينهن الله وٽ حمزو سڀني شهيدن جو سردار هوندو“ (مستدرڪ حاڪم)
سيدنا حمزي کي سندس ڀيڻج سيدنا عبدالله بن حجش (پڦي اُميه جو پُٽ) سان گڏ احد جبل جي هيٺاهينءَ ۾ دفنايو ويو. ڪفن ننڍو هو، پيرن تي گاهه وڌو ويو. باقي شهيد به هڪ هڪ قبر ۾ ٻه ٻه دفنايا ويا. ڪجهه ماڻهو پنهنجن عزيزن کي مديني کڻي ويا هئا. آقا صلي الله عليھ وسلم کين حڪم ڏنو ته واپس آڻي هتي احد ۾ دفن ڪريو.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمائيندا هئا:
”احد اسان سان پيار ٿو ڪري ۽ اسين احد سان.“
مديني جون عورتون به ڀَڄنديون آيون.
ڪنهن مشڪيزه ۾ پاڻي ڀري آندو.
ته ڪا دوا دارون کڻي آئي.
ڪا کاڌي پيتي جي
آقا صلي الله عليھ وسلم جا زخم خاتون جنت سانئڻ فاطمه ڌوتا.
سندس گهروارو سيدنا علي پنهنجي لوهي خود ۾ پاڻي ڀري آيو.
پوءِ سيده هڪ تڏو ساڙي اُن جو ڦلهيار زخم تي رکيو ته رت بند ٿيو.
ستر مسلمان شهيد ٿيا هئا.
مُشرڪ پنهنجا چوويهه لاش اُتي ڇڏي ويا هئا.
مديني واپسي ٿي ته مديني وارن دل کولي ڀليڪار ڪئي. هڪ عورت جنهن جو پيءُ، ڀاءُ ۽ پُٽ شهيد ٿي ويا هئا، ٽنهي جي شهادتن جي خبر سُڻي، بي قراريءَ مان پُڇندي رهي، ”ٻڌايو ته رسول الله ڪيئن آهن؟“
جڏهن ٻُڌائين ته پاڻ سڳورا خيريت سان آهن ۽ پنهنجي سامهون آقا صلي الله عليھ وسلم کي ايندي ڏٺائين ته سندس دکي دل تي ڄڻ بهار اچي ويئي.
چيائين:
”آقا صلي الله عليھ وسلم اوهان کي ڏسڻ کانپوءِ سڀ غم هيچ آهن.“
مُنافقين جي وات ۾ بدبودار زبانون هُيون.
چوندا پي وتيا: اسان جا ٻارڙا مارائي ڇڏيائون.
”اسان جي ڳالهه مڃين ها ۽ گهر مان نه نڪرن ها ته نه مارجن ها.“
خدا قرآن ۾ واضح ڪري ڇڏيو.
”ڪا اهڙي جاءِ ٻڌايو، جتي اوهين موت کان بچي سگهو ٿا.“
جنگ جو پاسو ته ڪجهه گهڙين ۾ ئي مسلمانن جي حق ۾ ٿي ويو هو، اهي تير انداز پنهنجي جاءِ نه ڇڏين ها ته قريش ڀڄي چڪا هئا.
پر خدا کين آجو ڪري ڇڏيو.
”تنهن ڪري اُنهن کي معاف ڪريو ۽ انهن جي لاءِ مغفرت گهرو ۽ جيڪو ڪم ٿئي، ان ۾ ساڻن صلاح مشورو ڪريو.“ (قرآن 3- 159)
آقا صلي الله عليھ وسلم تي حملو ڪندڙن مان ٻه ته اتي ئي مارجي ويا. عبدالله بن قميئه جيڪو چوندو هو ته ’آءٌ ٽڪرا ڪرڻ واري جو پُٽ آهيان،‘ جنهن آقا صلي الله عليھ وسلم جي چيلهه ۽ خود تي تلوار سان وار ڪيو هو، مڪي موٽي ويو ۽ پنهنجون ٻڪريون موٽائڻ ويو ته هڪ ٻڪر کيس سڱن سان ٿونا هڻي مٿاهين ٽڪريءَ تان هيٺ کڏ ۾ ڪيرائي وڌو ۽ سندس جسم ڦوندا ڦوندا ٿي ويو. جيئن آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو هو. ”خدا تنهنجا ٽڪرا ٽڪرا ڪري“. خدا ايئن ئي ڪيو. اهو به هڪ معمولي ٻَڪر هٿان.
مديني ۾ اها شام ڏاڍي اُداس هئي.
شهيدن جي گهرن ۾ ماتم وڇايل هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم جي مبارڪ اکين مان اڃا سوڌي پنهنجي پياري چاچي، دوست، پرواني شير خدا، شير رسول حضرت حمزي جي غم جا لُڙڪ وهي رهيا هئا. پاڻ سڳورا ماتم ڪندڙ هڪ گهر وٽان لنگهيا ته بي حد ڏک مان چيائون:
”منهنجي چاچي امير حمزي لاءِ ڪوبه ماتم ڪندڙ ڪونهي.“
اهي عورتون پنهنجا شهيد وساري ويٺيون ۽ سيد الشهداء جو غم ملهائڻ لڳيون.
رات جو آقا صلي الله عليھ وسلم کي ننڊ اچي ويئي.
فجر جو بلال جي اَذان سان گڏ جاڳيا.
بلال کي سڏي هڪ عجيب حڪم ڏنائون.
فرمايائون: اعلان ڪر ته
فجر جي نماز کان پوءِ هڪدم روانگي ٿيندي.
فقط اهي مجاهد گڏ هوندا جيڪي ڪالهوڪي جنگ ۾ احد ۾ شامل هئا. نئون ڪوبه نه هوندو.
پاڻ به زخمي
ته گهڻا تڻا مجاهد به زخمي
زخمي به وري اهڙا جو ڪنهن کي ستر زخم ٿيا هئا ته ڪن کي ان کان به ججها.
سيدنا عليرضه اطلاع ڏنو هو ته دشمن مڪي ڏانهن روانو ٿيو آهي. آقا صلي الله عليھ وسلم کي خيال آيو ته ڪٿي دشمن رستي مان موٽي نه اچي، تنهن ڪري سندن پيڇو ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن هو واپس وريو ته ساڻس مقابلو ضروري آهي.
روانا ٿي ويا.
دشمن مديني کان 36 ڪلوميٽر پري ”روحا“ جي هنڌ تي ترسي اهو ئي سوچي رهيو هو.
ابو سفيان جو ضد هو ته واپس وڃي مسلمانن کي پاڙؤن پَٽي ڇڏجي.
اڃا موقعو آهي.
هو زخمي ۽ هيڻا آهن.
صفيان بن اُميه جو اصرار هو ته اهو ته اسان جو ڀاڳ ڀَلو هو جو عزت رهجي ويئي اٿئون، ڪٿي اها به ٻُڏي نه وڃي.
پوءِ وارن ڏينهن ۾ خالد بن وليد مسلمان ٿيڻ کان پوءِ ٻڌايو ته اصل ۾ اسان جو شايد ئي ڪو اهڙو گهوڙو بچيو هجي، جنهن کي تير نه لڳو هجي. هنن جا گهوڙا رومي سلطنت جي گهوڙن وانگر زرهه پوش ته نه هوندا هئا، سو تيرن جي بوڇاڙ کان ڪٿي ٿي بچي سگهيا. زخمن تي مَکيون اُڏري رهيون هيون. هنن جا ماڻهو به زخمي هئا، اهي به گهڻا زخمي تيرن جي ڪري ئي ٿيا هئا. تير جا اڪثر زخم فوري موت نه ڏيندا آهن، پر موت کان وڌيڪ سور ۾ مبتلا رکندا آهن.
اُن کانسواءِ سندن دلين ۾ مسلمانن جو ڊپ به ويٺل هو.
۽ مسلمان گهڻيون قبرون کوٽي، پنهنجن زخمن کان بي نياز گهوڙن ۽ اُٺن تي چڙهي پاڻ کان پنج ڀيرا وڌيڪ فوج جي تعاقب ۾ لڳا ويا.
آقا صلي الله عليھ وسلم مديني کان اٺ ميل ٻاهر حمرالاسد جي هنڌ تي ٽڪيا. سومر، اڱارو، اربع يعني 9، 10 ۽ 11 شوال- هجري، ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون اتي قيام ڪيائون. هر رات ڪاٺين جا وڏا مَچ ٻاريائون ته جيئن دشمن ڏسي ۽ مٿس ڊپ طاري ٿئي.
ان دوران آقا صلي الله عليھ وسلم جو هڪ همدرد معبد بن ابي معبد الخزاعي جيڪو قبيلي خزاعه جو چڱو مڙس هو. اُتي آقا صلي الله عليھ وسلم کي ملي ويو. سندس قبيلي جا ڪيترائي ماڻهو مسلمان هئا. ان ملاقات ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم جو حوصلو ڏسي مسلمان ٿي ويو. آقا صلي الله عليھ وسلم کيس چيو: اڃا قريشن کان پنهنجو ايمان ڳجهو رکج. اڳيان ’روحا‘ وٽ قريشن جا حوصلا خطا ڪج. جنهن ڳالهه کي اڄڪلهه نفسياتي جنگ چيو وڃي ٿو، اها ڪرڻ جو حڪم ڏنو. بنو هاشم ۽ بنو خزاعه هڪٻئي جا حليف هئا. هاڻ ته معاملو ئي ٻيو هو.
اهو سردار پاڻ به آقا صلي الله عليھ وسلم شمع رسالت جو پروانو هو.
اُتي پهتو.
جتي ابو سفيان بن حرب اڃا به صفوان بن اُميه سان اُن بحث ۾ رڌل هو ته واپس موٽي مديني ٿا هلئون. ڪم ته ڪوبه نه ٿيو. پنجاهه هزار دينارن جو فائدو لُٽجي ويو، وريو سَريو ڇا؟
هو ڪاروباري ماڻهو هو.
پنهنجي هر ڪاميابي ۽ ناڪاميءَ جي تور تڪ ڪندو هو.
معبد خزاعي پهچي ويو.
ويندي ئي ڀَڙاٽ ڪيائين
هاڻ اوهين ضرور جهلبا
ابو سفيان پُڇيس: ڪيئن؟
معبد چيس: اوهين اڃا هِت ويٺا آهيو
خبر ورتي اٿوَ ته اوهان جي پويان وڏو راڪاس پيو اچي.
هو هَڄي ويو
صفوان بن اُميه به ڪَن ڪيٽا ڪيا
عڪرمه بن ابو جهل جون اکيون به ٻاهر نڪتيون.
معبد چيو: مديني مان ته هزارين ماڻهن جي فوج تلوارون، بڻڇيون ۽ ڀالا کڻيو، ڪاوڙ ۾ ڀوت بنجي مينهن واهه ڪندي هن پاسي پيئي اچي. شايد سندن ايڊوانس پارٽي هِتي ويجهو ئي هُجي. رات جو اوهين جاسوسن کي موڪلي خبر چار وٺو، آءٌ ته پنهنجي اکين سان ڏسي آيو آهيان. هوته اهو پڪو پهه ڪري نڪتا آهن ته اوهان کي مارڻ کانسواءِ واپس ڪين ورندا.
اوهين ڪيترا سردار آهيو.
هو چئي رهيا هئا، ته جيترن کي بدر ۾ ماريو هوسين، هاڻ ٻيڻ تي ماري کين کڏ ۾ اُڇلڻون آهي.
ابوسفيان جا ته هوش ئي اڏي ويا.
هن اڳ ۾ ئي خبر چار وٺڻ جي لاءِ جاسوس موڪليا هئا. انهن مان هڪ اهو اچي اطلاع ڏنو ته حمرالاسد وٽ هڪ وڏي فوج جو خونخوار حصو ويٺو آهي، لڳي ايئن ٿو ته هو ڪنهن ڪمڪ جي اوسيئڙي ۾ آهن. همراهه وڏي ڪاوڙ ۾ هئا. سڀ مديني جا آهن، ڪي ته ڄاتل سُڃاتل به هئا ۽ جنگ ۾ شامل هئا. ٻُڌو اٿئون ته پويان تازه دم فوج اچي رهي آهي. گهوڙا به زرهه پوش آهن. اهو ٻڌي صفوان بن اميه، ابو سفيان بن حرب جي سرداريءَ جي ٽَڪو به پرواهه نه ڪئي ۽ پاڻ ئي حڪم ڏنائين.
اُٿو هلو.
هاڻ رستي ۾ ڪٿي هروڀرو نه بيهجو.
جيڪا عزت بچي اٿئون، اها ته بچي رهڻ ڏيو.
اُٿو دير نه ڪريو... هلو.
سڀ ڪنڌ جهڪائي اُٿيا.
پنهنجي پنهنجي سواريءَ تي ويٺا ۽ کين ڊوڙائيندا مڪي پهچي دَم پٽيائون.
هيڏانهن مسلمانن کي پنهنجي پڙاءُ ۾ بدر واري جنگ ۾ قيد ٿيل هڪ شاعر ابو عزه ٻيهر هٿ چڙهي ويو. ان وقت هُن آقا صلي الله عليھ وسلم سان وعدو ڪيو هو ته اوهان ۽ اسلام جي خلاف چِڙ ڏياريندڙ شاعري نه ڪندس. فديي جا پئسا ڪونه اٿم، پنج نياڻيون اٿم، مفت ۾ ڇڏي ڏيو. آقا صلي الله عليھ وسلم مٿس اعتبار ڪري کيس ڇڏي ڏنو، احد جي تياريءَ وارن ڏينهن ۾ ابو سفيان کيس کيسي خرچي ڪرائي مسلمانن ۽ اسلام جي خلاف کيس پنهنجي پروپيگنڊائي سيل جو انچارج بنائي ڇڏيو. هن قبيلن ۾ گهمي ڦري پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي مسلمانن جي خلاف ٻيهر ڀڙڪايو.
هن ڀيري ٻيهر جهلجي پيو.
شاعر شايد هوريان هوريان هلندا آهن.
يا ڪم وٺندڙ کانئن ڪم وٺي پوءِ کين پاڻ سان گڏ نيندا به نه آهن.
هو پويان رهجي ويو.
پنهنجي قريشي قافلي کان پري.
ٻيهر جهلجي پيو.
وري اهي ئي منٿون، بهانا ۽ وعدا...
آقا صلي الله عليھ وسلم چيس: ابو عزه هن ڀيري توکي موڪل ڪانه ڏبي ته واپس مڪي وڃي پنهنجي مُنهن تي هٿ ڦيري چوين ته آءٌ محمد (صلي الله عليھ وسلم) کي ٻيهر بيوقوف بنائي آيو آهيان.
ٻُڌو.
”مسلمان هڪ سوراخ مان فقط هڪ ڀيرو ئي ڏنگجي سگهي ٿو“.
جنگ جي حالت هئي.
هو دشمن جو ماڻهو هو.
هو ماريو ويو.
تاريخ ۾ اُن جنگ کي هروڀرو مسلمانن پاڻ ئي مسلمانن جي شڪست طور مڃيو آهي، اُن جو سبب شايد اهو آهي ته جڏهن هجرت کان سٺ ستر سال پوءِ تاريخ جا پهريان ڪتاب لکيا پي ويا ته ان وقت اقتدار ’ابو سفيان بن حرب‘ جي اولاد وٽ هو. لکڻ وارن کي نه رڳو پنهنجو قلم، پر پنهنجو ڪنڌ ڪپجڻ کان به بچائڻو هوندو آهي. هُنن جيڪڏهن اُن سڄي قصي ۾ ٿورو رنگ ابو سفيان بن حرب کي فاتح قرار ڏيڻ جو ڀَري ڇڏيو ته ڪو حرج ڪونهي. نيٺ جان به ته بچائڻي آهي ۽ پيٽ گذر به ته ضروري آهي.
اهو سچ آهي ته مسلمانن جو جانين جو ذيان قريشن جي ڀيٽ ۾ ٽيڻ تي ٿيو. هنن جا چوويهه ڄڻا مئا ۽ مسلمانن جا پنجهٺ ستر چيا وڃن ٿا.
هڪ جي ڀيٽ ۾ ٽي. پر فوج جي نسبت به ته پنجوڻي هئي. ٻيو ته هر جنگ جو هڪ مقصد هوندو آهي. مسلمانن جو مقصد پنهنجي شهر جو بچاءُ ۽ دين جي سلامتي هو، جيڪو هُنن حاصل ڪري ورتو. قريش جو مقصد مسلمانن کي پاڙؤن پٽي ڦٽو ڪرڻ هو، جنهن ۾ هو ناڪام رهيا.
هاڻ پاڻ ئي فيصلو ڪريو ته ڪنهن کٽيو؟ ڪنهن هارايو؟
پر ترسو- هڪ سال اوسيئڙو ڪجي.
ابوسفيان جي پنهنجي للڪار جو
ته ايندڙ سال ٻيهر بدر ۾ معرڪو ٿيندو
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو هو: پڪو وعدو انشاء الله.
اُن للڪار جو نتيجو ڏسي، پوءِ جيڪو اوهان جي دل چوي اهو فيصلو ڪجو.

نجي سهولتون

نجي سهولتون

عربن جي نجي زندگيءَ جا معاملا سندن وسيع اُجري پکڙيل ريگستان جهڙا هئا. ڀلي ڪيترا به طوفان اچن، هوائون هَلن، واچوڙا اُٿن، واريءَ جا دڙا رستي جي هڪ پاسي کان کسڪي ٻي پاسي هليا وڃن، پر انهن صحرائن ۾ ڏار نه پوندا هئا.
اهي سالم رهندا هئا.
چئي ته ايئن سگهجي ٿو ته واريءَ جي زرڙن سان جڙيل زمين ڏسڻ ۾ هڪ جان، ڳوهيل سلامت رهي ٿي. اُس آئي ٿي ته ذرو ذرو سُهائو، ڄڻ چانڊوڪي لٿل هجي ۽ واريءَ جو ريگستان هيرن جيان جَڳ مَڳ ڪرڻ لڳندو هو.
اڳ ۾ جنگيون گهڻيون ٿينديون هيون.
اَجايون- بي مقصد
رڳو قبائلي نفرت سان ڀريل.
ڪيترين ئي پيڙهين تائين ماڻهو ان جي ٻَل چڙهي ويندا هئا.
مرندا هئا
ماريندا هئا
پنهنجن پنهنجن وڏڙن جا ڳُڻ ڳائيندا هئا.
رجزيه شعر پڙهندا هئا.
وڙهندا رهندا هئا.
موسم به سخت
هر گرميءَ جي مُند ڪنهن نه ڪنهن گهر کي ٿڌا لُڙڪ ڏيئي ويندي هئي.
مسلمانن ۽ مڪي قريش جي جنگين ۾ به ڪيترائي ماڻهو موت جو شڪار ٿيا. مسلمان ته ايماني قوت سان سرشار هئا، موت هنن جي لاءِ شهادت هو، جنهن کين سدا حيات ڪري ٿي ڇڏيو. سدائين جي لاءِ اَمر ڪري ٿي ڇڏيو.
هو پنهنجن شهيدن کي عقيدت مان سلام ڪندا هئا.
کين محبت سَان ساريندا هئا.
کين خبر پئجي چڪي هئي ته هن زندگيءَ جو سڄو سفر هڪ رُخو آهي. هِتي اچي ويا آهيون ته هاڻ رڳو اڳتي وڃڻون آهي، ايندڙ جهان ۾.
جتي پُڇا ڳاڇا ٿيندي
هڪ هڪ ساهه جو حساب ٿيندو
جيڪو ڪمايو، اٿئون جيڪو کاڌو اٿئون
سڄي زندگي جي موڙي ڪٿي لُٽائي،
سڀ ڪجهه ٻُڌائڻو پوندو.
کين زندگيءَ جا هڙئي راز آقا صلي الله عليھ وسلم قرآن جي وسيلي ٻُڌائي ڇڏيا هئا. پنهنجي اُٿي ويٺيءَ سان سمجهائي ڇڏيا هئا. هنن جي لاءِ هيءَ زندگي ايندڙ ابدي زندگيءَ جو هڪ مختصر مسافر خانو بنجي ويئي هئي.
اهڙي کيتي، جنهن جا ٻج ته هتي پوکڻا ٿي پيا. گُل ٻوٽا، هِتان کان ئي اکيون ٻُوٽي نظر ٿي آيا، مليا ٿي.
هِتان کان عزت ۽ ڪامياب وڃڻ جي ڪُنجي اعليٰ مقصد ۽ عظيم نصب العين ۾ آهي. هو خدا جي ٻُڌايل ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم جي سمجهايل رستي تي ٿي هليا.
هلندا ٿي رهيا.
ٻين جي لاءِ فائدي وارو بنجڻ
تور ۾ گهٽتائي نه ڪرڻ
سچ ڳالهائڻ
امانت کي موٽائڻ
مائٽن جو ادب ڪرڻ
پاڙي وارن جو خيال رکڻ
مسافرن جي خذمت چاڪري ڪرڻ
مسڪينن ۽ مسافرن کي کاڌو کارائڻ
الله جي سڄي مخلوق جي ڀَلائي گهرڻ
پاڻ تي ٻين کي ترجيح ڏيڻ
آڪڙ نه ڪرڻ
هَٺ ۽ وڏائيءَ کان بچڻ
ڪنهن کي گهٽ ۽ حقير نه سمجهڻ.
پنهنجن وڏڙن تي فخر نه ڪرڻ
پَر پُٺ ڪنهن جي گِلا نه ڪرڻ.
فتني ۽ فساد کان بچڻ
دل ۾ ڪنهن جي لاءِ ڪدورت ۽ وير نه رکڻ
ڇاڪاڻ ته اهو سڀ الله جو حڪم آهي.
جيڪو يڪتا، واحد ۽ احد آهي.
رڳو هو ئي عبادت جي لائق آهي
۽ آقا صلي الله عليھ وسلم، رسول الله، الله جا آخري رسول آهن.
هاڻ انهيءَ خوش رنگ، مَهڪندڙ، عزت ڀرئي ايمان جي سلامتيءَ لاءِ هنن مڪي ۾ تيرهن سالن تائين مڪمل عدم تشدد }اهنسا{ جي ذريعي هر قسم جو تشدد ۽ ظلم سَٺو. لِڪي لِڪي پنج سئو ڪلوميٽر پري مديني آيا. هِتي به اهي پراڻا دشمن بار بار مٿن حملا ڪري آيا.
دشمنن جا به ڪيترائي ظالم مارجي ويا.
پنهنجا به شهيد ٿيا.
گهرن ۾ مري ويندڙن جو ڏک ته رهي ٿو.
ٻارڙا يتيم ٿيا.
عورتون بيوهه رنڙ ٿيون
پر صحرانشيني ۾ پنهنجي صحرائن جهڙي جاوداني آهي.
هو جلد ئي اُن ڏک کي جيتي، اڳيان وڌڻ لڳندا هئا.
جن جا مُڙس مري ويا، سي چئن مهينن جو عدت پورو ڪري نئون گهر آباد ڪنديون هُيون. يتيم ٻارن کي نون پاليندڙن جو سهارو ملي ويندو هو.
زندگيءَ جو ڦيٿو بدلجي ويندو هو.
پر هلندو رهندو هو.
گهرن جا معاشي، سماجي، بيالوجيڪل ۽ تحفظ جا هَڙئي اُمڪان ٻيهر جُڙي پوندا هئا.
صحرا جي اُجري، نفيس، سمنڊ جهڙي لهر ۾ لهرائيندڙ موجون پنهنجي جاءِ تان هلنديون هُيون، پر سڄو صحرا اُن ئي وقار سان موجود رهندو هو.
شهيدن جون زالون ٻي شادي ڪري وٺنديون هُيون. ٻي شادي ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙ جي نرڙ تي ڪوبه گُهنج نه پوندو هو.
نه ڪو طعنو ڏيندو هو.
نه ڪو اُن مان ڪَنڊو ڪڍندو هو.
اُتي شادين ۾ عُمرين جي فرق به ڪا معنيٰ نٿي رکي.
گڏيل انساني قدرن وانگر هر مرد ۽ هر عورت پنهنجي ساٿيءَ جي چونڊ سمئه معاشري ۾ اُن جي عزت ۽ احترام کي گهڻي ترجيح ڏيندا هئا.
هر ڪو ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان ڪنهن عظيم سگهاري شخصيت سان جُڙيو رهڻ کي ترجيح ڏيندو هو. ٻيو ته اتي ڪُٽنبي حيثيت ۽ عزت ۽ آبرو جي رجز يه شاعريءَ ۾ ته ماڻهو پنهنجي پيءُ ڏاڏي جي نالي جو رعب وجهندا هئا، پر ماءُ، ڀيڻ، ۽ ڌيءَ جي رشتي سان محبت ۽ دلي لگن جي ٻنڌڻ سان نسلن تائين ٻڌل رهندا هئا ۽ ان کي نبائيندا هئا. جنهن قبيلي جو ڪو ناٺي هوندو هو ته عام طور تي سڄو قبيلو پنهنجي ناٺيءَ جو خيرخواهه ۽ مَتوالو هوندو هو.
مخالف قبيلن مان شاديون، اُن دور جي قبائلي عرب سماج ۾ اُنهن قبيلن سان خير سگاليءَ جو ڀرپور اظهار هوندو هو.
اُنهن حقيقتن جي ڪري، بيوهه زائفائن کي جلد ئي مُڙس ملي ويندا هئا.
خدا جو حڪم به ايئن ئي آسمان تان لٿو...
”۽ پنهنجي قوم جي رنڙ زالن جو نڪاح ڪري ڇڏيندا وڃو ۽ ٻانهين جا به- جيڪڏهن هو مفلس آهن ته خدا پنهنجي فضل سان کين خوشحال ڪري ڇڏيندو ۽ خدا گهڻي وسعت ڏيندڙ ۽ سڀ ڄاڻڻ وارو آهي.“ (سورة نور، 32-43)
خدا جو فضل ٿي ويندو هو،
گهر ٻيهر آباد ٿي ويندا هئا.
ٻارن جي مٿان ٻيهر شفقت جو ڇانورو اچي ويندو هو.
اُنهن ئي ڏينهن جي ڳالهه آهي، سيدنا عمربن خطاب جي نياڻي سيده حفصه جو مُڙس جيڪو بدر جي جنگ ۾ زخمي ٿيو هو، احد جي جنگ ۾ شهيد ٿي ويو... بدر وارن ڏينهن ۾ ئي سيدنا عثمان غنيءَ جي گهر واري آقا صلي الله عليھ وسلم جي نياڻي بيماريءَ وگهي گذاري ويئي.
چئن مهينن جو عدت پورو ٿيو.
سيدنا عمر، سيدنا عثمان سان حفصه جي ڳالهه چوري.
پر هُن نٽايو.
ان کان اڳ سيدنا عمر، سيدنا صديق اڪبر سان به اظهار ڪري چڪا هئا. جيتوڻيڪ هن جي عمر 53 سال هئي. آقا صلي الله عليھ وسلم کان ٻه ورهه ننڍا، پر هو به ماٺ ۾ رهيو. سيدنا عمر کي، عثمان غنيءَ کان وڌيڪ شڪايت هئي، جيڪو اڪيلو هو ۽ عمر به اڃا 39 سال هُيس.
آقا صلي الله عليھ وسلم وٽ شڪايت کڻي ويو.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو:
ڪهڙي خبر الله کي ڪجهه ٻيو منظور هُجي.
ڇا-؟ سيدنا عمر پڇيو.
ممڪن آهي ته خدا عثمان کي توکان سُٺو سهرو ڏي ۽ توکي عثمان کان سُٺو ناٺي-
سيدنا عمر هڪ گهڙي جي لاءِ آقا صلي الله عليھ وسلم جي ڳالهه تي ويچاريو.
ڳجُهه کلي پيو... چيائون: يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم ڇا ايئن ممڪن آهي؟
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو: ڇو نه.
سيدنا عثمان بن عفان جي ٻي شادي آقا صلي الله عليھ وسلم جي ٽين نياڻي سيده اُم ڪلثوم سان ٿي ۽ سيده حفصه آقا صلي الله عليھ وسلم جي نڪاح ۾ آئي. عمر ۾ هوءَ سيده عائشه کان ٻه سال وڏي هئي. اُن وقت سيده عائشه 21 سالن جي هُئي ۽ سيده حفصه 23 سالن جي.
ٻنهي ۾ ساهيڙپ ٿي ويئي.
اها 3 هجري جي ڳالهه آهي.
سيده حفصه پڙهيل ڳڙهيل ۽ سگهڙ عورت هئي.سيده عائشه کانئس لکڻ ۽ پڙهڻ سکيو. بس طبيعت ۾ سيده حفصه ٿوري تيز هئي. عظيم پيءُ جي ڌيءَ.
جيڪو دل ۾ هوندو هئس، زبان تي آڻي ڇڏيندي هئي.
اُن وقت آقا صلي الله عليھ وسلم جي وهي 55 سال هئي.
سيده حفصه آقا صلي الله عليھ وسلم جي خدمت ۾ اٺ سال رهي. 59 سالن جي عمر ۾ 41 هجريءَ جمادي الاول ۾ وفات ڪيائين. سندس پهرينءَ گهرواري جو نالو خنيسرضه بن حذاقه بن قيس بن عدي اسلميٰ هو. ٻيئي سابقين مسلمانن مان هئا. حبشه ۽ مديني جون هجرتون ڪيائون. سندس ڀاءُ عبدالله بن حذاقه اسلمي به صحابي هو ۽ مشهور شاعر به. سيده حفصه جي امڙ زينب بنت مظعون به مسلمان هئي ۽ هجرت کان اڳ گذاري ويئي هئي. سيده جو مامون عثمان بن مظعون درويش، تارڪ الدنيا مسلمان هو. مديني ۾ هجرت ڪندڙن مان سڀ کان پهرين فوت ٿيو. بقيع ۾ دفن ٿيو. آقا صلي الله عليھ وسلم سندس نرڙ تي چمي ڏني ۽ خود دفنايو. پنهنجي ٿڃ پياڪ پُٽڙي سيدنا ابراهيم عه جي قبر 10 هجري ۾ اُتي ئي سندس قبر جي ڀرسان جوڙيائون.
سيده زينب بن خزيمه جي وهي سٺ سالن کان به وڏي هئي. آقا جي پُڦيءَ جي پُٽ عبدالله بن حجش جي رنڙ هئي. احد ۾ سندس مڙس شهيد ٿي ويو. سار سنڀال لاءِ ڪير به نه هو. عبدالمطلب ڪُٽنب جي ڏهٽي جي ڪراڙي رنڙ بي آسرا ٿي ته آقا صلي الله عليھ وسلم مٿس هٿ رکيو. اڍائي مهينا آقا صلي الله عليھ وسلم جي زوجيت ۾ رهي، پوءِ گذاري ويئي. ماءُ پاران هيءَ اُم المومنين ميمونه جي ڀيڻ هئي، جيڪا آقا صلي الله عليھ وسلم جي آخري گهرواري بڻي.
جن جن سان به نڪاح ٿيو ته ته مسجد نبويءَ جي اوڀر ۾ هڪ ننڍو ڪچو ٻارهن باءِ ڏهه جو حجرو جوڙيو ٿي ويو. ايترو ئي اڳيان اڱڻ به هوندو هو. اڱڻ ۽ ڀتيون ڪچيون، ڀت تي کجيءَ جي ڦڙن تي مٽيءَ جو راڳو، ڀتيون به ڏسڻ ۾ ڪچيون، اندر کجيءَ جا ڦَڙا، مٿان مٽيءَ جو راڳو ٿيل هوندو هو. مينهن پوندو هو ته مٽي ڳري ويندي هئي ۽ ڦَڙا ظاهر ٿي پوندا هئا. طوفان يا واچوڙو لڳندو هو ته اهي ڦڙا ڦڙ ڪندا ٿڙڪڻ لڳندا هئا. گهر جي اندر هڪ ڪونڊي، چمڙي جو کجين جي ڦڙن سان ڀريل وهاڻو، هڪ ٻه پيالا، هڪ چُلهه جيڪا هفتن جا هفتا نه ٻَرندي هئي. کائڻ جي لاءِ ڳڻي کجيون کائبيون هيون. خيبر جي فتح جي ڳالهه آهي، سيده عائشه چوي ٿي ته ان کانپوءِ اسين ڳڻڻ کانسواءِ کجيون کائڻ لڳيوسين.
سيده زينب بن خريمه جي چالاڻي کانپوءِ سيده اُم سلمهرضه آقا صلي الله عليھ وسلم جي نڪاح ۾ آئي. هُن جي ڪهاڻي به ڏکوئيندڙ هئي، جنهن جو گذريل صفحن ۾ ذڪر ٿي چڪو آهي. هوءَ ابوجهل جي قبيلي بنو مخزوم سان واسطو رکندڙ قديمي مسلمان هئي. مڪي ۾ ابو جهل کيس ڪافي ستايو. سندس مڙس ابو سلمه عبدالله بن عمرو بن مخزوم جو واسطو ابو جهل جي قبيلي سان هو. ماءُ جي رشتي ۾ ابو سلمه، آقا صلي الله عليھ وسلم جي سڳي پُڦي ”بره“ بن عبدالمطلب جو پُٽ هو. جڏهن ابو جهل ٻنهي زال مڙس کي گهڻو ستايو ته سيدنا ابو طالب انهن ٻنهي کي پنهنجي قبيلي بنو هاشم پاران پناهه ڏني، جنهن تي ابو جهل گهڻو بگڙيو، دڙيائين پر اهو مڪي جي دستور موجب هو ۽ هاڻ ابو جهل ٻنهي کي هٿ به لڳائي نه ٿي سگهيو. سڄو بنو هاشم سندن پُٺڀرائيءَ ۾ هو.
ٻيئي ڄڻا ڪجهه وقت جي لاءِ حبشه هجرت ڪري ويا.
سيدنا ابو سلميٰ، آقا صلي الله عليھ وسلم ۽ سيد الشهداء امير حمزي ٻنهي جو رضائي ڀاءُ هو.
سيدنا ابو طالب جي وفات کانپوءِ بني هاشم جي سردار ابو لهب پناهه ختم ڪري ڇڏي. مديني هجرت جي ڳالهه ٻولهه هلي رهي هئي، اڃا بيعت ثاني نه ٿي هئي ته ٻيئي زال مڙس پنهنجي پُٽ سلميٰ کي ساڻ ڪري مديني روانا ٿيا. ابو جهل گهراڻي ٽنهي پيءُ، ماءُ ۽ پُٽ کي الڳ الڳ ڪري ڇڏيو، ڪيتري وقت تائين اُم سلميٰ اڪيلي روئندي رهي. پوءِ ٻارڙو مليس. مڙس مديني ۾ هئس. اڪيلي پنڌ ئي پنڌ مديني وڃڻ جي لاءِ نڪري پيئي. پنج سئو ڪلوميٽر جابلو،خشڪ بنجر صحرائي رستو، رستي ۾ خدا جي گهر جو ڪُنجي بردار نيڪ سيرت عثمان بن طلحه ملي ويس، جيڪو اڃا مسلمان نه ٿيو هو، پر سندس روح اڇو ۽ اُجرو هو، خدا ايئن ئي ته پنهنجي گهر جي چاٻي کيس ڪونه ڏني هئي. هو پنهنجي اُٺ جي واڳ جهلي کيس ٻارڙي سميت ويهاري قبا تائين پهچائي آيو.
مڙس ابو سلميٰ بدر ۾ شريڪ ٿيو.
اُحد ۾ شهيد ٿيو.
سندس چار ٻارڙا هئا...
سلميٰ، عمر، دره ۽ زينب.
سندس نالو هند هو. آقا صلي الله عليھ وسلم رمله رکيس.
امڙ عاتڪه هُيس، عاتڪه بنت عامر خزيمه- اڪثر آقا صلي الله عليھ وسلم سان گڏ مهمن تي ويئي. صلح حديبيه، خيبر جي جنگ، عمرة القفاء جي اهم موقعن تي گڏ هئي. ڏاڍي ذهين ۽ هوشيار خاتون هئي.
جڏهن آقا جي نڪاح ۾ آئي ته 35 سال عمر هيس.
40 سال عمر ماڻيائين 60 هجريءَ ۾ وفات ڪيائين. آقا صلي الله عليھ وسلم جي ساٿ ۾ سوا ڇهه سال رهي. نڪاح وقت آقا صلي الله عليھ وسلم جي عمر 56 سال هئي. سندس لاءِ نئون حجرو ٺاهڻ جي گهرج نه پئي، جو ساڻس نڪاح کان ٿورا ڏينهن اڳ سيده زينب بن خزيمه گذاري ويئي. اِهو حجره کيس ڏنو ويو.
آقا صلي الله عليھ وسلم جي زينب جي نالي واري ٻي گهرواري به هئي. زينب بن حجش خزيمي. سندس امڙ ”اميه“ آقا صلي الله عليھ وسلم جي سڳي پُڦي هئي. سندس پهريون نڪاح آقا صلي الله عليھ وسلم جي آزاد ڪيل ۽ پٽيلي، بي حد لاڏلي سيدنا زيد بن حارث سان ٿيو هو. اهو نڪاح هڪ سال تائين رهيو. نڪاح کان اڳ سيده زينب ۽ سندس گهروارا اُن شاديءَ جي لاءِ تيار نه هئا. آقا جي چاهت هئي. الله، آقا صلي الله عليھ وسلم جي راءِ کي حڪم جو درجو ڏيئي ڇڏيو، آيت لٿي:
”جڏهن خدا ۽ سندس رسول ڪنهن ڳالهه جو فيصلو ڪري ڇڏي ته ڪنهن مومن يا عورت جي لاءِ ان ڪم ۾ پنهنجو ڪو اختيار نٿو رهي.“ (قرآن 33: 36)
نڪاح وڌو ويو،
پر زيد ۽ زينب پَري پَري ئي رهيا.
گهر ۾ ناچاڪي رهي.
سيدنا زيد بار بار آقا ﷺ کي چيو ته زينب طلاق پئي گهري.
اوهان اجازت ڏيو ته ڏيانس؟
آقا صلي الله عليھ وسلم کيس جلهيندا هئا.
چوند اهئا: حلال شين مان اها شئي مون کي سڀني کان وڌيڪ ناپسند آهي.
پر اسان جي خدا شادي جي اُن ٻنڌڻ سان عربن ۾ صدين کان هلندڙ هڪ رسم کي ٽوڙڻ ٿي گهريو. رسم اِها هئي ته رت جي رشتي کانسواءِ ئي ڪو شخص ڪنهن کي به پنهنجي گود وٺي پنهنجو پُٽيلو بنائي پنهنجي پُٽ هئڻ جو اعلان ڪري ڇڏيندو هو. ماڻهو کيس اُن جو پُٽ چئي سڏڻ لڳندا هئا. نه رڳو اهو پر اهو پنهنجي وات ڪوٺئي پيءُ جي وراثت جو حقدار به بنجي ويندو هو. جيڪڏهن اڳ ۾ سڳو اولاد به هوندو هو يا پوءِ ٿيندو هو ته هڪ قضيو جنم وٺندو هو. پوءِ جيڪا عزت ۽ احترام سڳي ڀاءُ سان لاڳاپيل هوندي هئي، اها ئي پٽيلوحاصل ڪري وٺندو هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم پنهنجي شديد محبت ۾ مبتلا پنهنجي غلام زيد کي آزاد ڪري کيس پنهنجو پُٽ سڏيو هو. مڪي ۾ هو زيد بن حارث جي بدران زيد بن محمدصه جي نالي سان سڏيو ۽ سُڃاتو ويندو هو.
هاڻ خدا کي اها رسم بدلائڻي هئي.
قرآن پاڪ ۾ گهڻو اڳ آيت لهي چڪي هئي...
”محمد (صلي الله عليھ وسلم) تون مردن مان ڪنهن جو به پيءُ ناهين“ (قرآن 33-40)
هاڻ تفصيل سان حڪم نازل ٿيو.
”خدا اوهان جي وات ڪوٺلن کي اوهان جو پُٽ ناهي بنايو. اهي اوهان جون پنهنجون ڳالهيون آهن ۽ الله سچ فرمائي ٿو ۽ سڌي واٽ تي هلائي ٿو. اهڙن شخص کي سندن پيئرن جي نالن سان سڏيو، خدا وٽ اهائي ڳالهه اتفاق واري آهي.“ ]قرآن 338-41-5[
هاڻ هڪدم زيد بن محمد صلي الله عليھ وسلم ٻيهر زيد بن حارث سڏائڻ لڳو. اها جيڪا پُٽيلو هئڻ ۽ پيءُ پُٽ هئڻ جي ڳنڍ هئي، نڪري ويئي. محبت ۽ پيار، ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم ۽ غلام جو جيڪو رشتو هو، اهو موجود هو، بلڪ اَڻ مٽ ٿي ويو.
ٻنهي زال ۽ مڙس جي نا چاڪي بدستور قائم رهي.
زيد طلاق جي موڪل گهري ٿي.
آقا صلي الله عليھ وسلم گهريو ٿي ته گهر آباد رهي، منع ٿي ڪيائين.
سيده زينب کي قريشي معززين جو مان هو.
زيد غلاميءَ کي مٿي جو تاج سمجهي رهيو هو.
آخر آسمان کي ٻيهر اهو مسئلو سُلجهائڻو پيو.
خدا وري اهو اهڙي نموني سلجهايو ته پوءِ مسلمانن ۾ ڪو شڪ نه رهي ته پٽيلو اصلي پُٽ نه هوندو آهي.
آسمان مان آيت لٿي،
”پوءِ جڏهن زيد جي دل کانئس ڀرجي ويئي، اسان اوهان سان هُن جو نڪاح ڪري ڇڏيو ته جيئن مسلمانن تي پنهنجن وات ڪوٺيل پُٽن جي زالن سان نڪاح جي باري ۾ ڪا تنگي نه رهي، جڏهن هو کين طلاق ڏيئي ڇڏين ۽ الله جو اهو حڪم ته ٿيڻ وارو هو. (القرآن)
سيده زينب بن حجش ڏاڍي سخي ۽ عبادت گذار خاتون هئي. هٿ جي هُنرن جي به ماهر هئي. چمڙو رڱڻ، سيبو ٽوپو ڪرڻ، رڌ پچاءُ ۽ گهر کي ٺاهڻ جوڙڻ ۾ به ڀَڙ هئي. پنهنجي هنرمنديءَ سبب ڪمائيندي به هئي ۽ جيڪو ڪجهه ڪمائيندي هُئي، ان مان خيرات به ڪندي هئي. ٻي خليفي سيدنا عمر جي زماني ۾ 20 هين هجريءَ ۾ وفات ڪيائين. ان وقت سندس عمر 52 سال هئي. شادي وقت چاليهن سالن جي هئي. پنجن سالن کان به گهٽ وقت آقا صلي الله عليھ وسلم جي ساٿ ۾ گذاريائين. سندس ئي چوڻ تي آقا صلي الله عليھ وسلم ماکي پاڻ تي حرام ڪري ڇڏي هئي، ڇاڪاڻ ته کيس ماکيءَ جي بوءِ نه وڻندي هئي. الله خبردار ڪيو ته: حلال شين کي حرام نه ڪريو.
آقا صلي الله عليھ وسلم ڌڻيءَ در اڳيان توبه ڪئي ۽ ٻيهر ماکي واپرائڻ شروع ڪئي. امڙ عائشه چوندي هئي: ”زينب ئي آهي جيڪا بارگاهه رسول الله صلي الله عليھ وسلم ۾ منهنجي حيثيت جي برابر هئي.“
اسلام ۾ سيده زينب سان شادي کانپوءِ ئي اسلام ۾ عورتن کي مَٿو ڍڪڻ جو حڪم مليو. سندس اصل نالو ”بره“ هو.
شاديءَ جو اهو واقعو 5 هجري جو هي.
ماڻهن اُن شاديءَ جي حڪمت کي سمجهڻ کانسواءِ ئي هروڀرو افسانو بنائي ڇڏيو. اسان جا اڪثر سيرت نگار به اُن وهڪري ۾ وهي ويا ۽ اسلام جي دشمنن کي هروڀرو خدا جي ان سُهڻي فيصلي کي مِٽيءَ هاڻو ڪرڻ جو موقعو ڏنو، اهو چئي ته (نعوذ بالله) هڪ ڀيري آقا صلي الله عليھ وسلم زيد جي گهر ويا ۽ سيده زينب کي ڏسي مٿس مُوهت ٿي پيا. هوءَ آقا صلي الله عليھ وسلم جي سڳي پُڦي زاد هئي، سندس ئي اڳيان وڌي وڏي ٿي هئي. پردي جو ته اڳ ۾ ڪو قانون موجود نه هو. پنهنجن هٿن سان ئي پنهنجي لاڏلي غلام زيد سان وڏي هيجَ مان پرڻايو هئائينس... ڇا اُتي سيده کي پهريون ڀيرو ڏٺو هئائين؟ اُن وقت آقا صلي الله عليھ وسلم جي عمر 54 سال هئي. مڪي ۾ 35 سالن جي عمر ۾ 40 سالن جي رنڙ سيده خديجه سان شاديءَ جي 25 سالن جي ٻنڌڻ دوران ٻي ڪابه شادي نه ڪيائين. پڇاڙيءَ تائين سيده خديجه کي محبت ۽ احترام سان ياد ڪيو ۽ اها ڳالهه چوندا هئا ته خدا کيس ان کان وڌيڪ ٻي ڪا بهتر زال عطا نه ڪئي.
ٻيو ته آقا صلي الله عليھ وسلم جي زندگي ته هڪ عالمگير اِلاهي سڳوري مشن جي تڪميل هئي. ازواج جو پنهنجن پنهنجن حجرن ۾ قيام، آقا صلي الله عليھ وسلم جي اُنهن پيغامن کي پهچائڻ ۽ نشر و اشاعت جي لاءِ هو، جيڪي نجي معاملن بابت هئا. نه ته سڄو ڏينهن خلوت ۽ جلوت ۾، شهر هجي يا ويراني، امن ۾ يا مهمن ۾ آقا جي آسپاس رڳو مرد ئي مرد هوندا هئا. زندگيءَ جا جيڪي جُز عورتون چڪائينديون هُيون، تن ڏانهن مردن جو ڌيان نه هوندو هو. مرد حال ۾ رهندا هئا، جيڪي صاحب نظر آهن، ورنه مستقل ۾، اُنهن جي هر فقري جي پڄاڻي ”هوندو/هوندي“ تي ٿئي ٿو. پر عورت گذريل وقت ۾ جيئي ٿي، گذريل ڳالهين تي ايئن ڳنڍ ٻڌي ويهي ٿي رهي، جيئن ڪُڪڙ ڇار تي ويهندي آهي. وري اهو به نه پنهنجي گمان موجب انهن ڪڪڙ جي بيدن مان ڪڏهن بدڪ ته ڪڏهن سُرخاب جا چوزا به ڪڍندي آهي. عورت جي حسي تخليق ڪمال جي آهي. سندس ڳالهه ٻُولهه جي پُڄاڻي سدائين ماضيءَ جي جملن تي ختم ٿيندي آهي.
هاڻ آقا صلي الله عليھ وسلم جو پيغام جيڪو ايندڙ هر وقت ۾، هر گهڙيءَ ۾ محفوظ رهڻو هو، اُن جي لاءِ ذهين ۽ هوش ۽ حواس وارين ڏاهين عورتن جو آقا صلي الله عليھ وسلم جي ساٿ ۾ رهڻ ۽ اهو به حلال ۽ جائز طريقي سان ڪيترو ضروري هو.
اهو ئي ٿيو.
سيده عائشه کان ٻه هزار ٻه سئو ڏهه حديثون روايت ڪيل آهن. جن مان 174 صحيحن ۾ متفقه آهن. رڳو بخاريءَ ۾ 54 آهن. صحيح مسلم ۾ 67 ۽ ٻين معتبر ڪتابن ۾ انهن جو تعداد 2017 آهي.
مومنن جي انهن اَمڙين مسلمانن جي علمي رهنمائيءَ جي لاءِ وڏو ڪم ڪيو.
سيده زينب جي لاءِ به هڪ ڪوٺڙي بنجي ويئي.
هن پنهنجي سُگهڙائپ سان اها سجائي ورتي.
سيده اُم حبيبه قريشن جي سردار ابو سفيان بن حرب جي ڌيءَ هئي.
جن ڏينهن ابو سفيان مڪي جي مسلمانن تي ڏمريل هو،انهن ڏيهن سندس نياڻي اُم حبيبه مسلمان ٿي ويئي. سندس اصل نالو ”رمله“ هو. سندس پهريون گهروارو عبدالله بن جحش هو. اُن سان گڏ پيءُ جي تشدد جي ڊپَ کان حبشه هجرت ڪيائين. مُڙس حبشه وڃي عيسائي ٿي ويو، پوءِ اُتي ئي گذاري ويو، پرديس ۾ اڪيلي رهجي ويئي. هڪ رات خواب ڏٺائين ته ڪو کيس ’اُم المومنين‘ ئي پيو سڏي.
گهٻرائجي ويئي.
ڪٿي رسول الله ﷺ جي ٻانهي... ڪٿي هي انعام... الله الله.
پوءِ نياپو آڻيندڙ به اچي پهتي.
سيده خوشي ۾ پنهنجي ٻنهي ڪراين ۾ پاتل سونا ڪڙا لاهي کيس انعام ۾ ڏنا. نڪاح حبشه جي بادشاهه نجاشيءَ پڙهايو. آقا صلي الله عليھ وسلم طرفان چار سئو درهم حق مهر ادا ڪيو ۽ پوءِ سيدنا جعفر بن ابو طالب ۽ ٻين مسلمانن سان گڏ مديني روانو ڪيو. جڏهن اُتي پهتا ته مسلمان خيبر فتح ڪرڻ جي لاءِ ويل هئا. سيدنا جعفر خيبر وڃي آقا صلي الله عليھ وسلم سان گڏيو، سيده مديني ۾ ٽِڪي پيئي. هُن جي لاءِ به حجرو بنجي ويو. پر قريش سردار ۽ ڪنانه جي ڌيءَ هئي. اُتي ڀرسان ئي مديني ۾ محل نما پنهنجو گهر هئس، اُتي ئي رهندي هئي.
باقي ٻين ازواج مطهرات جو ذڪر به گڏوگڏ ٿيندو رهيو آهي.
ايندڙ صفحن ۾ به ايندو.
ڳالهه شروع ٿي هئي عربن جي عائلي ۽ خانگي نظام جي.
اهو نظام ايترو ته سڌو ساڌو ۽ ڪنهن مونجهاري کان سواءِ آهي، جو اُتي گهرن ۾ ڪڏهن به اڻ پرڻيل، رنڙ يا ڪنواري نه ويٺي. ان زماني ۾ ڇوڪريءَ ۽ ڇوڪري وارن کي پنهنجي پنهنجي نصيب تي ڀروسو هوندو هو. جڏهن ڪا ڇوڪري بلوغت کي رَسندي هئي ته اُن جو پرڻون ڪيو ويندو هو. طلاق به خوشيءَ سان ورتي ويندي هئي، بلڪ اڪثر جيڪڏهن هڪٻئي سان نباهه ٿي نه سگهندو هو ته گهري ويندي هئي.
اهو نه ٿيندو هو ته اندر ئي اندر پيو ڪڙهبو، پڄربو ۽ دکبو هو.
اڄڪلهه ته ايئن ئي ٿئي ٿو.
سڄو ڏينهن ڪِر ڪِر، هڻ وٺ، نه پاڻ جيئڻ نه ٻي کي جيئڻ ڏيڻ، ساڙ، حسد.
ٻاهر ته مصنوعي مُرڪ پر اندر ۾ ڪاتيون... تون تون، مان مان.
عدم تحفط ’مال جو جُوف‘ ڪو ٻي جائيداد ۾ شامل نه ٿي وڃي. اهي چريائپ جهڙيون فڪرمنديون، ڄڻ پاڻ ئي خدا هُجي.
پاڻ ۾ نٿي جُڙي ته الله واهي.
جهيڙو جَهٽو ڪهڙي ڳالهه تي.
پنهنجي پنهنجي پسند پنهنجون پنهنجون ترجيحون.
ساڌو سُوڌو فلسفو.
طلاق مليل آهي ته اُن ۾ ڪهڙو حرج آهي.
بيوه ٿي ويئي ته ان ۾ ڪهڙو ڏوهه. بس هر عورت جي زندگيءَ جي واٽ ڪنهن صدمي سان دوچار ٿي، ڪجهه مهينن کانپوءِ وري نين وکن سان، خوشدليءَ سان ٺهيل جُڙيل واٽ تي هلڻ لڳندي هئي.
اسلامي نجي ڪلچر جو اهو پهلو اسان جي ننڍي کنڊ ۾ نه آيو.
جتي ڪڏهن وفا جون پتليون بنجي مڙس جي اَرٿيءَ سان گڏ سڙي ”سَتي“ ٿي وينديون هيون، ڇو ته سندن سماج کين نه قبوليندو هو. اڄڪلهه سَتي هئڻ جو رواج ته ڪونهي، پر عورتن سَتيءَ جي اها رسم پنهنجي تقدير مان ڪڍي پنهنجن پنهنجن مڙسن جي ڀاڳ ۾ ٽنگي ڇڏي آهي. اها به سندن جيئري جاڳندي زندگيءَ ۾ ته اسين مرون يا نه مرون، پر اوهين جي نه سَگهو.
اسان کي عرب مسلمان معاشري کي ڏسي سندن ڪپڙن لٽن، کاڌي پيتي کان وڌيڪ سندن زندگيءَ جي انهن نجي معاملن کي اختيار ڪرڻ گهرجي، پوءِ ڏسجو ته اسان جي سماج ۾ ڪابه عورت مجبور، اڪيلي ۽ بي سهارا نه رهندي.
مجموعي طور تي معاشرو هر لحاظ کان صحتمند، عزت ڀريو ۽ گُڻائتو هوندو. بس حسد، ساڙ ۽ رشڪ جي جاءِ تي پاڻ ۾ ڀائيچاري، رواداري ۽ ورهائي کائڻ جي سُنهري اصولن کي اختيار ڪرڻون پوندو.
اولاد به ڏکويل مائرن جي رنگ ۾ زهر آلود رهي ٿو. کين به عرب سماج جي سُونهري اصولن کي اختيار ڪرڻ گهرجي. ٻين جي ميڙي چونڊيءَ تي رڳو پنهنجو حق سمجهڻ نه گهرجي. ڪمائڻ لاءِ سندن پنهنجا هٿ به هوندا آهن ۽ سندن هٿن ۾ به ڀاڳ جون لڪيرون هونديون آهن.
لالچ، ڪمينگي ۽ ذاتي مفاد مان نڪري کين پنهنجي ماءُ پيءُ کي انسانن وانگر خوشدليءَ سان جيئڻ ڏيڻ کپي ۽ جڏهن هو جوان بنجن ته ’پيرا سائٽ‘ بنجڻ جي بدران پنهنجن پيرن تي بيهڻ گهرجي، نه ڪي سڄي عمر پيءُ جي هڏين تان ماس روڙڻ گهرجي ۽ کين گهٽ وڌ ڳالهائجي ته اسان جي لاءِ ڇاڪيئهِ ڪمايئه؟
اها ڏکي ڳالهه ڪونهي، سوچ بدلائڻ جي ڳالهه آهي.
ڪلچر سکڻ واري شئي آهي.
سِکي سگهجي ٿي.
سيکاري سگهجي ٿي
اختيار ڪري سگهجي ٿي
اهو جين ۾ ٽرانسفر نٿو ٿئي.
رسم ۽ رواج سان بنجي ٿو، لاڳو ٿيڻ سان پڪو ٿئي ٿو، قلم ڪار اُن جو خاڪو مقرر ڪن ٿا. ۽ معاشري جو هر حساس ۽ هوشمند کيس وڌائي ٿو. خدا جي ڏنل هر سهوليت ۾ اسانجي لاءِ سولائي آهي. آقا صلي الله عليھ وسلم سدائين انهن ٻن رستن مان اهو رستو ڌُڻيو، جيڪو سولو هو ۽ سهولتون پيدا ڪندڙ هوندو هو.
اهوئي اسان جو اصول هئڻ گهرجي.
جيڪڏهن اسين آقا صلي الله عليھ وسلم جي پيروي ڪرڻ گهرون ٿا.

بيئر معونه ۽ رجيع

بيئر معونه ۽ رجيع

سيدنا عمرو بن اُميه ضمريرضه انهن چاليهن علم جي صاحبن ۽ قرآن جي قارين جي مسڪين گروهه جو انچارج هو، جيڪي سڄو ڏينهن جهنگ مان ڪاٺيون گڏ ڪندا ۽ رات جو مسجد نبويءَ جي چبوتري ”صفه“ تي عبادت ۾ رڌل رهندا هئا. اِهي همراهه ويڙهاڪ نه هئا، سندس سگهه سندن علم، گيان ۽ معرفت الاهي هئي، ڪن ڪتابن ۾ اُنهن جو تعداد ستر لکيو ويو آهي.
احد جي جنگ کان ڏيڍ مهينو کن پوءِ آقا صلي الله عليھ وسلم نجد جي هڪ وستيءَ ۾ بنو عامر ۽ بنو سليم جي سردار ابو براءِ بن عامر بن مالڪ بن جعفر جي درخواست تي انهن جي جماعت کي موڪليو ويو هو. گُهر به ’ابو براء‘ ئي ڪئي هئي، جڏهن هن ايمان آڻڻ جي آڇ ڪئي. هو قائل ته ٿي ويو، پر حتمي طور تي ايمان نه آندائين. چيائين، ڪجهه ماڻهو منهنجي قبيلي ۾ موڪليو ته جيئن هو منهنجي قوم کي منهنجو هم خيال بنائي سگهن ۽ کين قرآن جي تعليم ڏين.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو:
”مون کي نجد وارن کان خطرو آهي.“
هو بضد رهيو چيائين: آءٌ ضامن آهيان،کين منهنجي امان آهي.
عربستان ۾ ڏنل امان جو وڏو لحاظ ڪيو ويندو آهي.
آقا صلي الله عليھ وسلم ڳريءَ دل سان پنهنجي علم جي شيدائي مسڪينن جو گروهه موڪلي ڏنو. اُنهن ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم جو هجرت مڪي کان مديني جو وفادار ساٿي سيدنا ابوبڪر جو غلام عامر بن فهيره به هو.
بيئر معونه، جيڪو نجد جي علائقي ۾ مِٺي پاڻيءَ جو کوهه هو، اُتي وڃي ترسيا. سيدنا حرام بن ملحان، رسول الله صلي الله عليھ وسلم جو نالو مبارڪ وٺي بني عامر قبيلي جي سردار عامر بن طفيل جي خيمي ۾ ويو، جيڪو اُنهن عالمن کي گهرائيندڙ ابو براء عامر بن مالڪ جو ڀائيٽو هو ۽ قبيلي جي سرداري جي معاملي ۾ نه رڳو ابو براء جو مخالف، پر خود اميدوار هو.
اُن خط کي پڙهڻ ته ڇا پر ڏٺو به نه، اُلٽو پنهنجي هڪ همراهه کي، جيڪو سيدنا حرام بن ملحان جي پويان بيٺو هو، منحوس اشارو ڪيو ۽ هُن پويان نيزو هڻي ايلچيءَ کي ماري ڇڏيو.
مرڻ واري جي زبان مان آخري جملو هي نڪتو،.
”رب ڪعبي جو قسم... آءٌ ڪامياب ٿي ويس.“
قاتل عامر بن طفيل، پوء بنو عامر کي سڏي اتي ٽڪيل سڀني بي خبر ۽ بي گناهه قارين کي مارڻ جو حڪم ڏنو. بنو عامر، ’ابو براء‘ جي ڏنل امان ڏانهن ڌيان نه ڌريو، پر کيس جهليو به ڪين. پوءِ هن بنو سليم ۽ ان جي ٻين شاخن رمل، ذڪوان ۽ عصيه کي سڏي انهن قارين کي گهيري ورتو ۽ انتهائي بي درديءَ سان شهيد ڪري ڇڏيو. انهن چاليهن ۾ ٽي ٻارڙا به هئا. هڪ ڪعب بن زيد جيڪو زخمي ٿي لاشن جي دڳ تي بي سُڌ ٿيو پيو هو، پر سندس نبض هلندي رهي.
ٻه ٻيا منذر بن عقبه ۽ عمرو بن اميه ضمري هئا.
هو ٻئي اُتان کان ٿورو پرڀرو نخلستان جي ڪناري تي مُريل گاهه وٽ پنهنجي قافلي جي اُٺن کي چاري رهيا هئا.
کين سندس ترسڻ واري جاءِ تان عجيب هَڄيل ڊنل خاموش روئندڙ هوا ايندي محسوس ٿي. سندن دلين ۾ وسوسا ٿيڻ لڳا. کين خبر هئي ته آقا چيو هو ته ”مون کي نجد وارن کان خطرو آهي.“
سندن ڌيان پنهنجي ترسڻ واري هنڌ ڏانهن هو.
ٻيوته عمرو بن اُميه ضمري ته ان گروهه جو اڳواڻ هو. هو هرَ هرَ ڪنڌ کڻي اوڏانهن ڏسڻ ٿي لڳو.
اوچتو کيس ٽڪڻ واري جاءِ جي کجين جي وڻن جي جُهنڊ مٿان ٻه وڏيون ڳجهون اڏامندي نظر آيون، جيڪي هر هر کجين جي وڻن کان هيٺ لهي پنهنجن چَنبن ۽ مُڙيل منحوس چهنبن سان گوشت پٽي اُٿي رهيون هيون.
هوريان هوريان ڳجهن جو تعداد وڌندو ويو.
کليل ريگستان، دور وڻن ٽڻن کان خالي تپندڙ پهاڙ ۽ ڳجهن جي عين ترسڻ واري جاءِ تي يلغار هئي.
عمرو بن اُميه ضمري ۽ منذر بن عقبه جي دلين جي ڌڙڪڻ بي ترتيب ٿي ويئي. هو ڊنل ۽ ڦاٽل اکين سان پنهنجي ترسڻ واري هنڌ ڏانهن ڊوڙيا. ريگزار ۾ اُٺ جيترا تيز ڊوڙائي ٿي سگهيا، ڊوڙايائون. واريءَ جو هڪ وڏو دڙو چڙهي هيٺ لٿا ته سندن سامهون عجيب منظر هو. واري ۽ پٿرين جي وچ ۾ مُريل نخلستان جو گاهه رت سان ڀريو پيو هو. سندن ساٿين جي جسمن جا وڍيل ٽڪرا پکڙيا پيا هئا. اُتي فقط بي ترتيب، خاموش لاش ئي پيا هئا.
هوا ۾ رت ڊوڙي رهيو هو.
فضا سِڏڪا ڀَري رهي هئي.
ٻيئي ڄڻا اهو دل ڌوڏيندڙ منظر ڏسي ڏڪي ويا.
سندن بدنن جي ٻوٽي ٻوٽي ڪنبڻ لڳي. ڪاوڙ سبب سندن سڄا وجود انسان مان راڪاس بنجي ويا.
هيڏي مڪاري
سنئون سڌو دوکو
هو رڳو ٻه هئا
وڙهڻ جي لاءِ لهي پيا...
قاتل سوين هئا.
قاتلن کين قابو ڪري ورتو.
منذر بن عقبه وڙهندي شهيد ٿي ويو.
آقا صلي الله عليھ وسلم جي هجرت جو ساٿي سيدنا عامر بن فهيره به شهادت ماڻي چڪو هو، پر سندس جسد مبارڪ نه مليو. قاتلن پاڻ ئي نشاندهي ڪئي. ٻُڌي چيائون:
اسان سُڃاتو هو
اڻ ٿيڻي اک هئي. جڏهن سندس لاش پٽَ تي ڪريو ته هوا جو هڪ واچوڙو آيو ۽ سندس جسم کڻي آسمان تي هليو ويو.
اهو منظر اڃا سوڌي اسان جي اکين ۾ ڄميل آهي.
عمرو بن ضمريءَ کي به دشمنن جهلي ٻڌي ڇڏيو. قاتلن جي سرواڻ کي جڏهن خبر پئي ته عمرو بن ضمري، قبيلي بنو ضمر مان آهي، جنهن قبيلي جي ڪنهن قيديءَ کي سندس امڙ آزاد ڪرڻ جي باس باسي هئي ته هن سندس مٿي جا وار ڪوڙي سندس ٻانهون کولي کيس آزاد ڇڏيو.
هو لاشن تي بي سُڌ ٿي پيل ڪعب بن زيد کي ساڻ ڪري عجيب حالت ۾ مديني پهتو.
اها خبر آقا صلي الله عليھ وسلم کي ته اڳ ۾ ئي جبرائيل عليھ السلام ڏيئي چڪو هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم جي دل تي اڃا احد جي شهيدن جي غم جو پهاڙ هو، جو اُنهن مسڪين قارين کي دوکي سان قتل ڪرڻ جو غم سوايو ٿي ويو.
اُن ڏينهن هڪ ٻي ڏکاري خبر به آئي.
اهڙو ئي وعدو ڪري طالف ۽ مڪي جي وچ واري علائقي ”رجيع“
جي بستيءَ ۾ رهندڙ بنو هذيل جي ماڻهن مديني مان تعليم جي بهاني گهرايل ڏهن قارين کي دوکي سان جهلي شهيد ڪري ڇڏيو ته وارو ڪريو انهن کان بدر جو بدلو وٺو.
ان علم ڏيندڙن جي ننڍڙي ٽولي جو امير سيدنا عاصم بن ثابت هو.
هو بدر ۽ احد جو غازي هو.
بدر ۾ سندس هٿان هڪ قريش رئيس زادي سلافه بنت سعد جو پُٽ مُئو هو. اُن بدنيت رَن قسم کنيو هو ته هوءَ پنهنجي پُٽ جي قاتل جي کوپڙيءَ ۾ شراب وجهي پيئندي.
ماڻهن ۾ اهو پَڙو ڏنو ويو ته جيڪو به عاصم بن ثابت کي جهلي ايندو
اهو دل گهريو انعام گهري وٺي.
قاتل بنو هذيل قبيلي جي علم ۾ سلافه جو انعام هو. هن سيدنا عاصم کي شهيد ڪري سندس لاش کي سلافه کي وڪڻڻ جو ارادو ڪيو.
اُن جو ڪنڌ ڪپيو ويو.
سلافه کي ته کوپڙيءَ ۾ شراب پيئڻو
واريءَ ۾ وڍيل لاش منڊيءَ جي ٻُڙن جيان چمڪي رهيا هئا.
رجيع جي کوهه وٽ ڦٽيل کجين جي وڻن ۽ انگورن جي وَلين جي وچ ۾ خدا ڄاڻي ڪڏهن کان ماکيءَ جون مکيون پالي رکيون هيون، جن جي ڪنن ۾ خدا وحي ڪري، کين هر خوشنما، خوشبودار مهڪندڙ گُل مان رنگ رس کڻڻ جو حڪم ڏنل هو.
هيڏانهن قاتل سيدنا عاصم جو ڪنڌ ڪپڻ جي ارادي سان سندس ويجهو ٿيا. هوڏانهن خدا ماکيءَ جي مَکين کي مٿن حملي جو حڪم ڏنو.
اهي سيدنا عاصم جي جسم کي هٿ لڳائڻ کانسواءِ وٺي ڀڳا. سوچيائون ته رات جو مکيون اُڏري وينديون، پوءِ ڪپيندا.
رات آئي
اُن سان گڏ تيز برسات جو ريلو
اُن سان گڏ طوفاني هوا.
قريبي ندي اُٿلي پيئي
سيدنا عاصم جي خاڪي جسم کي پاڻي وهائي کڻي ويو،
سلافه جو قسم ڪڏهن به پورو نه ٿيو
سيدنا عاصم جي شهادت کان اڳ گهريل هڪ دُعا پوري ٿي.
هُن دعا گهري هئي،
”اي پالڻهار! اڄ آءٌ جيئن تنهنجي دين جي حفاظت ڪري رهيو آهيان، تيئن ئي تون منهنجي جسم جي هنن بي دينن کان حفاظت ڪج.“
الله بي اختيار ٿورو ئي ڪو آهي.
هُن حفاظت ڪئي.
ماکيءَ جون مکيون به سندس تابع
هوائون به هن ٻَڌي رکيون آهن
نديون سندس ئي حڪم سان وهن ٿيون
الله جا سڀئي لشڪر اسان جي علم ۾ ٿورو ئي ڪو آهن.
زمين ۽ آسمان تي ۽ ان جي وچ ۾ جيڪي ڪجهه به آهي، اهو پنهنجي خوشي يا ناخوشيءَ سان الله جو هر حڪم مڃڻ تي مجبور آهي.

ٿورو سوچيو

ٿورو سوچيو

رجيع واقعي جي ڏهن مظلوم قارين مان سيدنا زيد بن وثنه کي مڪي جي الله جي رسول جي دشمن اُميه بن خلف جي پُٽ صفوان بن اُميه پنهنجي پيءُ جي انتقام ۾ خريد ڪري ورتو. بيئر معونه ۽ رجيع ٻيئي اجتماعي قتل جا واقعا دوکي سان محرم جي احترام واري مهيني ۾ ٿيا، پر زيد بن وثنه کي مڪي جي پاڪ حدن ۾ قتل ڪرڻ جي بدران قاتل صفوان صفر جي شروع واري تاريخن ۾ مڪي جي تنعيم حدن ۾ وٺي ويو.
صفوان مڪي جي سڀني چڱن مڙسن ۽ ٻارن کي اهو تماشو ڏسڻ جي لاءِ گهرايو.
ابو سفيان بن حرب، پنهنجن ٻارڙن سان گڏ ٽڙندو مُرڪندو، پنهنجي من ۾ لڪيل آقا صلي الله عليھ وسلم سان شديد دشمنيءَ جي ڪري اهو تماشو ڏسندڙن ۾ سڀني کان اڳڀرو هو.
اُتي تنعيم ۾ انهن ڏهن مان جهلي مڪي ۾ وڪرو ڪيل درويش عالم مسلمانن ۾ ٻيو سيدنا خبيب بن عدي هو.
سيدنا زيد بن وثنه کي قتل ڪرڻ جي ذميداري صفوان بن اُميه پنهنجي غلام نسطاس کي ڏني ۽ سيدنا خبيب جي لاءِ ڪاٺ جا ڪِلا کوڙي ڦاسي گهاٽ ٺاهيو هئائون.
اُن ڏينهن تماشائين جي سردار ابو سفيان بن حرب مرڻ وارن کان هڪ سوال ڪيو. وڏي ٺٺ، غرور ۽ بي حيائيءَ سان، رسول الله صلي الله عليھ وسلم سان پاليل سڄي عمر جي دشمنيءَ جو زهر پنهنجي زبان تي کڻي آيو.
چيائين: ”توکي خدا جو قسم ڏيئي پُڇان ٿو
سچ سچ ٻُڌائي
ٿورو سوچ ته سهي
ڇا تون هن گهڙيءَ اها ڳالهه پسند نه ڪندين ته هينئر تنهنجي جاءِ تي محمد (صلي الله عليھ وسلم) هُجي ها ۽ اسين اُن جو ڪنڌ ڪپيون ها ۽ تون پنهنجن ٻارن ٻچن سان گڏ آرام ڪري رهيو هُجين ها.“
پويان هٿ ٻڌل ۽ سر تي اگهاڙي تراڙ کڻي بيٺل جلاد جي موجودگيءَ ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم جي غلام زيد بن وثنه تي عشق ۽ مستيءَ جو عجيب آسمان کليل هو.
هُن آقا صلي الله عليھ وسلم جو نالو سُڻي پنهنجي اکين جي پلڪن سان نظر جي چائنٺ تي سجدو ڪيو.
مُحبت جو هڪ لُڙڪ ڳڙي سندس کاٻي اک مان نڪتو
ساڄي اک لڙڪن ۾ ترڻ لڳي
پوءِ هن جي ڳلن تي سندس لڙڪ اهڙي ته بي تابيءَ سان پکڙيا، ڄڻ آقا صلي الله عليھ وسلم جا پير ڌوئڻ نڪتا هُجن ۽ هن ڪجهه گهڙيون پوءِ ڪٽجندڙ پنهنجي ڪنڌ کي وقار سان مٿي کنيو ۽ ابو سفيان جي نانگ جهڙين اکين ۾ اکيون وجهي عجيب سرشاري ۽ مستيءَ مان پنهنجي لُڙڪن ڀنل نيڻن ۾ آسمان جي سڀني تارن ۽ چنڊ جي چمڪ آڻي وراڻيائين.
”توهه، آءٌ اها ڳالهه بنهه سَهي نه سگهان ها ته ڪو منهنجي جاءِ تي منهنجو آقا صلي الله عليھ وسلم هجي ها، آءٌ ته اهو به سَهي نٿو سگهان ته رسول الله صلي الله عليھ وسلم جي پير مُبارڪ ۾ هڪ ڪنڊو به لڳي... ۽ اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته آءٌ پنهنجن ٻارن ٻچن ۾ هُجان ۽ هو هِتي هجي.“
اهو سُڻي ابو سفيان جو منهن ڪوئلي جيان ڪارو ٿي ويو.
اها سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي.
اُن گهڙيءَ جيڪو ڪجهه ابوسفيان چيو اهو تاريخ جي ڪتابن ۾ موجود آهي.
ابو سفيان بن حرب چيو:
”مون دنيا ۾ ڪوبه اهڙو شخص نه ڏٺو، جنهن سان سندس ساٿي ايتري محبت ڪندا هجن.“
ابو سفيان اهو چئي پٺتي هٽيو ۽ پنهنجي دوست صفوان بن اُميه کي اشارو ڪيائين. صفوان بن اُميه پنهنجي غلام نسطاس کي ڪنڌ ڌوڻي تلوار هلائڻ جو چيو. تلوار جو وار ٿيو. آقا صلي الله عليھ وسلم جي پرواني جو ڪنڌ هڪئي ڌڪ سان ڪَٽجي وڃي پري پيو.
چون ٿا ته ڪنڌ جي چپن تي آخري لفظ هي هئا:
”الصلواة والسلام عليڪ يا رسول الله“
چون ٿا ته پنج سئو ڪلوميٽر پري آقا صلي الله عليھ وسلم مديني ۾ ماڻهن جي وچ ۾ ويٺي تڙپي وراڻي ڏني.
”وعليڪم السلام.“
ساڳئي قسم جو سوال ابو سفيان سوريءَ تي چڙهڻ جي لاءِ ٻڌل سيدنا خبيب سان مڪي جي حد تنعيم ۾ ڪيو. کيس سيدنا خبيب بن عديءَ، زيد کان به زور دار جواب ڏنو.
ان ڏينهن ابو سفيان پنهنجي اندر ۾ ڪيترو نه ڪڙهيو هوندو، سَڙيو، پچيو ۽ کاميو هوندو، اها به سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي.
قاتلن سيدنا خبيب کان مرڻ کان پهرين ڪَا خواهش پُڇي.
سيدنا خبيب چيو: ”جيڪڏهن ٻه رڪعتون شڪراني جي نماز جون پڙهڻ ڏيو...“
ابو سفيان ۽ سڀ تماشائي حيران ٿي ويا. سوريءَ تي چڙهڻ جي لاءِ ٻَڌل، ڪجهه گهڙين کان پوءِ جنهن جي پيرن هيٺان زمين ڇڪي ويندي، جنهن جي گردن لٽڪجندي رهجي ويندي، اهو ڪهڙي ڳالهه جو شڪريو ادا ڪرڻ ٿو گهري.
ڇاڪاڻ ته پُڇيو هئائون
موڪل ملي ويئي
سيدنا خبيب ٿوري زندگي گهري هئي
هو ته شهادت ملڻ تي ٿورائتو هو.
هن ايتري ته تيزيءَ سان نماز پڙهي جو زندگي به حيران ٿي ويئي هوندي ته آءٌ ڪيتري نه غير اهم آهيان.
سيدنا خبيب ته اصل ۽ جاوداني ۽ سدائين قائم رهندڙ زندگيءَ ڏانهن وڃي رهيو هو.
جلدي سلام ڦيريائين ۽ پنهنجي ڳچيءَ ۾ ڦاسيءَ جو ڦندو وجهي چيائين:
اچو...
پوءِ آسمان ڏانهن مُنهن ڪيائين ۽ چيائين:
’اي الله هنن ماڻهن کي چڱي طرح ياد ڪري ڇڏج
کين ڇڏج نه.‘
پوءِ ڪجهه شعر پڙهيائين:
جن جو ترجمو هن ريت آهي:
”دين اسلام تي جان ڏيندڙن کي ڪهڙي پرواهه
ته قتل کان پوءِ آءٌ ڪهڙي پاسي ٿو ڪِران
مارڻ وارا ڪيئن ٿا مارين.“
قاتل، حارث جو پُٽ بدر ۾ مارجي ويل پنهنجي پيءَ جي قتل جو بدلو وٺي رهيو هو. سيدنا ”خبيب“ کي سوريءَ تي ٻَڌي پوءِ اُتي هجوم ۾ بيٺل هر ٻارڙي کي چيو ته ”اچو، ان کان اڳ جو آءٌ هن جي ڳچيءَ جو رسو ڇڪيان، اوهين سڀ هن جي جسم تي پنهنجي تلوارن ۽ چاقن سان چَهڪ ڏيو، بدر جو بدلو وٺو.“
وڏا توڙي ٻارڙا
قريش جا بدبخت، بدفطرت ماڻهو
پنهنجون پنهنجون ڇُريون، چاقو ۽ تلوارون کڻي هڪ سوريءَ تي ٻڌل آقا صلي الله عليھ وسلم جي غلام جي جسم تي پنهنجي قوت ۽ نيچ پڻي موجب گهاءُ لڳائڻ لڳا.
سڄو جسم رتورت ٿي ويو.
جسم جي ٻوٽي ٻوٽي ساهه ڇڏڻ لڳي.
روح اکين ۾ ستارن وانگر چمڪيو ۽ سدائين جي لاءِ خاموش ٿيندڙ چپن آخري ڀيرو زور سان اندر ساهه کڻي چيو:
”الصلواة والسلام علي ڪم يا رسول الله“
ڳچيءَ جو رسو ڇڪيو ويو.
رتورت ٿيل جسم، ٻرندڙ ميڻ بتيءَِ تي پروانن جي سَڙيل پَرن وانگر ڏڪيو ۽ پوءِ ماهه ڪامل جي ميڻ جهڙي چانڊوڪيءَ جو حصو بنجي ويو.
پنج سئو ڪلوميٽر پري ويٺل آقا صلي الله عليھ وسلم هڪ ڀيرو ٻيهر تڙپيا ۽ وڏي آواز ۾ فرمايائون:
”وعليڪم السلام يا خبيب“
اُنهن ظالمن چاليهن ڏينهن تائين سيدنا خبيب جي جسم خاڪيءَ کي سوليءَ تي لڙڪائي رکيو ۽ پهرو هڻي ڇڏيائون ته ڪو لاهي نه وڃي.
مديني مان آقا صلي الله عليھ وسلم پنهنجي حواري زبير بن عوام ۽ سيدنا مقداد بن اسود کي موڪليو ته وڃو بي گناهه مصلوب ٿيل کي احترام سان لاهي اچو.
هو ويا...
رات جو چوڪيدار بي خبر سُتا پيا هئا
مصلوب بي گناهه سيدنا خبيب کي سوليءَ تان لاٿائون ۽ گهوڙي تي رکيائون
ڏٺوَ
هيءَ ڪهڙي ماجرا آهي
چاليهن ڏينهن جي گرمي
اُس
واري
هنڌ هنڌ تان وڍيل جسم
۽ وري سڄو جسم مٿي کان وٺي پيرن تائين تازو
اهڙو مهڪندڙ گُل ڄڻ اجهو ٽڙيو هجي
زخم چمڪي رهيا هئا
رت مهڪي رهيو هو.
رستي ۾ هڪ هنڌ شهيد جي جسم کي رکيائون
زمين احترام مان ڦاٽي پيئي
۽ ايئن لڳو ڄڻ ماءُ جا ٻيئي هٿ کليا هُجن
زمين جي هنج شهيد حق کي احترام ۽ محبت مان پنهنجي اندر ۾ سموئي ورتو، اُن ڪري سيدنا خبيب لاءِ اهو لقب مشهور ٿي ويو.
”بليع الارض“ ]البدايه والنهويه، زرقاني[
ايئن ئي ڪونه هو، اتفاق سان هزارين سال اڳ، جڏهن خدا سيدنا ابراهيم عليھ السلام ۽ سيدنا اسماعيل عليھ السلام کان مڪي ۾ پنهنجو گهر اڏرايو ته اُن گهڙيءَ جبرائيل عليھ السلام اچي، سيدنا ابراهيم عليھ السلام کي مڪي جي احترام جي حدن جو تعين به ڪرايو هو.
اُن ۾ هڪ حد اهو ئي هنڌ تنعيم جو به هو.
اِها حد سيدنا ابراهيم عليھ السلام جي گهريل دعا سان محبت ڪندڙ ۽ تعظيم جي حد ڏيکارڻ جي هڪ ننڍڙي تمثيل هئي. خدا جي اڳيان سڀئي زمانا گڏ پيا هوندا آهن. ماضي، حال ۽ مستقل- اُن گهڙيءَ به خدا جو قلم اهو منظر ۽ شهيد پروانن جا چيل آخري لفظ لکي چڪو هو.
”الصلواة والسلام عليک يا رسول الله .“

بنو نضير

بنو نضير

احد ۾ ستر شهيدن کان ڏيڍ مهينو پوءِ پنجاهه قارين جو بيئر معونه ۽ رجيع ۾ دوکي سان قتل آقا صلي الله عليھ وسلم لاءِ وڏي ڏک جو باعث هو. پر آقا صلي الله عليھ وسلم کي ڪو ٻيو فڪر هو.
بيئر معونه ۾ پنهنجن چاليهن ساٿين کي مرندي ڏسي، قافلي جي بچي ايندڙ امير سيدنا عمرو بن اُميه ضمريءَ کي رستي ۾ قاتل قبيلي جا ٻه ماڻهو مليا.
عمرو بن اُميه ضمري، جنهن جا سڀئي ساٿي بي گناهه هئا ۽ دوکي سان قتل ڪيا ويا هئا، تنهن وجهه وٺي ٻنهي کي ماري ڇڏيو ۽ مديني پهچي ويو.
آقا صلي الله عليھ وسلم ڏکويل ته هئا، پر انصاف حيرت انگيز هو.
اُنهن رستي ويندڙ بنو عامر جي ٻن همراهن جي مارجي وڃڻ تي پريشان ٿي ويا. فرمايائون: اُنهن مرندڙن کي مون مديني پاران پناهه ڏني هئي. هاڻ انهن جي ديت ڏيڻ سڀني مديني جي قانون جي پاسداري ڪندڙن تي لازمي آهي.
پنهنجن مرندرن جو نه بدلو ورتو
نه ديت گهري ويئي،
پر جن جي ذميداري ۽ پناهه پاڻ کنئي هُئائين، اهي قاتلن جي ٽولي جي هئڻ جي باوجود ديت جو حق رکندا هئا. آقا صلي الله عليھ وسلم ديت گڏ ڪرڻ شروع ڪئي.
اُن سلسلي ۾ مسلمانن سان گڏ يهودين سان به رابطو ڪيو، ڇو ته ”ميثاق مدينه“ ۾ اهو ئي لکيل هو، جنهن تي يهودين به صحيح ڪئي هئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم پاڻ هلي بنو نضير طرف وڃڻ لڳا، اُن کان اڳ بنو نضير وارن جون شرارتون گهڻيون وڌي چڪيون هُيون. احد ۾ مسلمانن جو جاني نقصان ڏسي اِهي همراهه گهڻو خوش ٿيا هئا، گهرن ۾ چراغان ڪئي هئائون. ماڻهن جي سامهون به پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪندا ۽ کڳيون هئا، ان حد تائين چيو هئائون ته جلد ئي اسين قريش ۽ غطفان قبيلن سان گڏجي کين هِتان تڙي ڪڍنداسين. منافق به انهن سازشن ۾ هر گهڙيءَ ساڻن گڏ هئا. هنن جي قريش قبيلن ۽ نجد ۾ آباد غطفان سان ساز باز ۽ صلاح مشورو هو.
اُنهن جي صلاح تي ئي هنن پهرين هڪ ٻيو خطرناڪ ڪم ڪيو. هنن سوچيو ته ڪنهن به نموني مديني جي مسلمان قبيلن اوس ۽ خزرج ۾ تڪرار پيدا ڪري کين پاڻ ۾ ويڙهايو وڃي. هڪ ڀيري اوس ۾ خزرج جا مسلمان ڀائرن وانگر ڪنهن هنڌ خوشدليءَ سان ويٺا هئا. موسم سُهڻي هئي. کجين جا وڻ پڪل کجين جي ڇُڳن سان ڀَريا پيا هئا. ماڻهو پاڻ ۾ گڏجي ڦل گڏ ڪري رهيا هئا. ٻَڌي ۽ اعتماد جي سُريلي فضا هئي.
بنو نضير جو سردار حئي بن اخطب اتان لنگهيو.
هن جي دل ۾ نانگ ڦَڻ ڪڍي
هن وڃي هڪ شاعر کي هيڏانهن موڪلي ڏنو.
شاعر پهرين ته موسم جي رعنائي ۽ عشق ۽ محبت جا گيت آلاپيا، پوءِ اوچتو ئي پنهنجن شعرن ۾ اوس ۽ خزرج جي وچ ۾ سئو سالن تائين پاڻ ۾ ٿيل جنگين ۾ ٻنهي طرفن کان چيل رزميه ترانا ڳائڻ لڳو.
هن ”اوس“ جي سورهيائي ۽ شان و شوڪت جا شعر ٿي ٻڌايا ته اوس وارا ڪنڌ ڌوڻڻ ٿي لڳا، پوءِ هن پنهنجي اکين ۾ لڪيل زهر نانگ وانگر ٿي لهرايو ۽ انهن ٻنهي جي جنگ ۾ شاعريءَ ۾ ٿيل ”خزرج“ جي واکاڻ ۾ چيل شعر آلاپڻ ٿي لڳو ته خزرج وارا ويٺي ويٺي اُنهن شعرن تي پير لوڏيڻ ٿي لڳا.
هوريان هوريان اُن نڀاڳي شاعر ٻنهي قبيلن جا ڪجهه اهڙي نموني جذبا ڀڙڪائي ڇڏيا جو اوس ۽ خزرج ۾ سئو سالن تائين وڙهي ويندڙ جنگين جو سڄو نقشو ٻيهر سندن اڳيان ڇڪي، ٻنهي کي ذهني طور تي ان جنگ جي مُهڙ وٽ پهچائي ڇڏيو. ٿوري دير اڳ ٻيئي قبيلا جيڪي کير کنڊ ٿيو، ڀائرن وانگر ويٺا هئا، اهي وري هڪٻئي کي پنهنجن ابن ڏاڏن جي اکين سان ڏسڻ لڳا. بعاث جي جنگين جي هولناڪين سبب سندن نڪن جون ناسون ڦونڊجڻ لڳيون.
پهرين تون تون... مان مان ٿي... پوءِ هُنن اُٿي بيهي هڪٻئي کي للڪارڻ شروع ڪيو، ماڻهو پنهنجن پنهنجن قبيلن جي همراهن کي سڏڻ جي لاءِ روانا ٿي ويا. ڪي گهرن ڏانهن ڊوڙيا، ته جيئن هٿيار پنهوار کڻي اچن. اُن دوران ڪنهن سمجهو پرواني ڊوڙي وڃي آقا صلي الله عليھ وسلم کي خبر سُڻائي.
آقا صلي الله عليھ وسلم هڪدم اُتي پهتا.
ڏٺائون ته سندس پروانا ٻيهر محبت جا پَر لاهي هڪٻئي کي نفرت مان گهوري رهيا هئا.
آقا صلي الله عليھ وسلم ناراض ٿيا.
فرمايائون:
”جنهن جهالت مان ڪڍي خدا اوهان کي پاڻ ۾ ڀاءُ بنايو، ٽُٽلن کي ڳنڍيو، اوهين وري اُن ئي سُڃاڻپ ڏانهن ٻيهر وڌي رهيا آهيو. جڏهن ته آءٌ اوهان ۾ موجود آهيان.“
هڪدم ڄڻ ٻَرنديءَ تي پاڻي پئجي ويو.
ماڻهن کي پنهنجي چَرپڻ جو احساس ٿيو.
هو ٻيهر موٽي آيا.
پروانا ٻيهر پنهنجي هدايت جي شمع جي اکين جي ٿڌاڻ بنجي ويا.
پاڻ ۾ گلي مليا
گهڻو ئي رنا
آقا صلي الله عليھ وسلم کان معافي گهريائون.
يهودي قبيلي بنو نضير جي سردار جو موڪيل شاعر چُپڙي ڪري اُتان کسڪي ويو.
آقا صلي الله عليھ وسلم اُن شاعر کي سزا نه ڏني. پنهنجن پُروانن جي پَرن تي پنهنجي محبت جو ميڻ ملي ڇڏيو ۽ ان ڏينهن آقا صلي الله عليھ وسلم پنهنجي گهايل دل ۾ دوکي سان ماريل ايتري انگ ۾ بي گناهه قارين جي قاتلن جي قبيلي جي ٻن ماڻهن جي قتل جي ديت ۾ يهودين جو حصو وٺڻ جي لاءِ خود بنو نضير قبيلي ڏانهن هلي ويا.
پهرين ته يهودين چيو.
اوهين پاڻ سان ٽيهه ماڻهو وٺي آيا آهيو، اسان جا به ٽيهه ئي ڳالهائيندا.
آقا صلي الله عليھ وسلم ڳالهه مڃي ورتي.
پوءِ بنو نضير طرفان مطالبو ٿيو.
ٽيهن ماڻهن جي ڪهڙي گهرج آهي، ٽن ڄڻن کي پاڻ سان گڏ وٺي اچو. آقا، سيدنا ابوبڪر، سيدنا عمر ۽ هڪ ٻي ساٿيءَ کي پاڻ سان وٺي انهن جي قلعن تائين پهتا.
هنن جا قلعا ڏاڍا مضبوط هئا
پڪا ۽ اوچا گُهر هُئن...
هو ڳڙهيون ٺاهي مديني جي ڏاکڻين حصي ۾ رهندا هئا. وٽن زمينون، باغ، دڪان هئا، هو ڏاڍا شاهوڪار هئا، کين پنهنجي مال ملڪيت ۽ سگهه تي وڏو ناز هو.
پر هُنن پنهنجي مَن ۾ نانگ پالي رکيا هئا.
هُنن جو سردار حئي بن اخطب سڀني يهودي قبيلن مان آقا صلي الله عليھ وسلم جو سڀ کان وڏو ۽ مَن جو ميرو دشمن هو. جيتوڻيڪ هُن پنهنجي ڪتاب توريت جي حوالي سان چڱي پَر ڄاتو ٿي ته آقا ﷺ ئي اهو آخري رسول آهي، جنهن جي باري ۾ سندن ڪتاب ۾ چِٽا اشارا موجود آهن. پر هو به مڪي جي ابو جهل وانگر ضدي ۽ هوڏي شخص هو ته مڃڻون ڪونهي. جيتوڻيڪ هڪ ڀيري هُن پنهنجي لاڏلي نياڻي صفيه، جيڪا پوءِ اُم المومنين بڻي، اُن جي سامهون پنهنجي ڀاءُ کي چيو هو:
”هائو، هيءَ اهو ئي آهي
اُهو ئي رسولصه جنهن جون اسان جي ڪتابن ۾ نشانيون لکيل آهن.
پر آءٌ ڪڏهن به ڪين مڃيندس.“
اُن حئي بن اخطب پنهنجن ماڻهن سان صلاح مشورو ڪيو ته واهه جو موقعو مليو آهي، هيئن جو اڪيلي سر ٻن ماڻهن سان آقا صلي الله عليھ وسلم سندن هٿ چڙهي ويو آهي، کيس اهڙي نموني قتل ٿا ڪريون، جو ڏسڻ ۾ حادثو لڳي.
هُنن آقا صلي الله عليھ وسلم کي پنهنجي هڪ قلعي جي ڀت جي پاڇي ۾ احترام سان ويهاريو ۽ پنهنجي هڪ بدبخت ساٿي عمرو بن ججاش بن ڪعب کي چيو ته هو قلعي جي سڀ کان اوچي ڇت تان عين اُن هنڌ تي، جتي آقا صلي الله عليھ وسلم ويٺل آهن، هڪ ڳرو پٿر ڪيرائي (نعوذ بالله) آقا صلي الله عليھ وسلم کي قتل ڪري ڇڏي.
سازش جُڙي ويئي.
کين پنهنجي هڪ ساٿي سلام بن مشڪم منع ڪئي
چيائين: ايئن نه ڪريو.
هو الله جو رسول صلي الله عليھ وسلم آهي
کيس آسمان وارو اوهان جي ارادي کان واقف ڪري ڇڏيندو. سندن هڪ مذهبي اڳواڻ ڪنانه بن سوريا جيڪو پڻ ڪتاب جو علم رکندڙ هو، تنهن به سلام بن مشڪم جي ڳالهه جي تائيد ڪئي، حئي بن اخطب کي جهليو.
پر هُن نه مڃيو.
هڪ وڏو ۽ ڳرو پٿر ڏيئي عمرو بن ججاش بن ڪعب کي پنهنجي قلعي جي اوچي ڇت تي چاڙهيو. هو اهو ڳرو پٿر کڻي قلعي جي ڇت ڏانهن وڃڻ لڳو، پر آسمانن جي ڇت واري خدا اُن گهڙيءَ جبرائيل عليھ السلام کي هيٺ لاٿو.
جبرئيل امين عليھ السلام آقا صلي الله عليھ وسلم کي چيو.
هِتان روانو ٿيڻ جو وقت آهي.
بنو نضير جي سازش جو سڄو ڦاٽ ڦاڙي وڌائون.
آقا صلي الله عليھ وسلم هڪدم اُٿيا ۽ روانا ٿي ويا. موٽي اچي نضير وارن کي نياپو موڪليائون ته اوهان منهنجي قتل جي جيڪا رٿ رٿي هئي، اُن جي آسمان تان خبر اچي ويئي آهي. سڄو تفصيل ٻَڌڻون اَٿوَ ته اچي ٻڌُي وڃو، پر هاڻ ڳالهه سَهپ کان چڙهي ويئي آهي. اوهان پنهنجو حلف ٽوڙيو آهي، ڏهن ڏينهن جي مهلت اٿوَ، ميثاق مدينه موجب هاڻ اوهان جي جيڪا سزا آهي، سا پڙهي وٺو.
هنن نياپي تي ڪوبه ڌيان نه ڌريو.
اُلٽو ڌمڪيون ڏيڻ لڳا.
کين اهو وهم ٿي پيو هو ته احد، بيئر معونه ۽ رجيع کانپوءِ هاڻ مسلمانن ۾ اهو دم خم نه رهيو آهي. اُن کانسواءِ کين رئيس المنافقين عبدالله بن ابي سلول، بنو قريظه، غطفان ۽ قريش جي مدد جي به اُميد هئي. چئني طرفن پنهنجا همراهه ڊوڙايائون.
پر ڪٿان به ڪا فوري مدد نه پهتي.
پوءِ هڪ ڏينهن آقا صلي الله عليھ وسلم حڪم ڏنو
هُنن جو گهيرو ڪيو وڃي.
جهنڊو سيدنا عليرضه کي ڏنائون
پاڻ پنهنجن سپاهين سان گڏ پهچي ويا
هڪئي هفتي ۾ بنو نضير جي هوا نڪري ويئي.
ايندڙ هڪ هفتو هو ڳالهين مُهاڙين ۾ لڳل رهيا. ڪل پندرهن ڏينهن جي گهيري کانپوءِ هنن پنهنجو پاڻ کي آقا صلي الله عليھ وسلم جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏنو.
آقا صلي الله عليھ وسلم ته رحمة العالمين هئا.
حُڪم ٿيو
اوهان جون جانيون بخشيون ويون آهن.
جيتوڻيڪ اوهان جي ڪتاب ۾ وعده خلافيءَ جي سزا موت تجويز ڪئي ويئي آهي.
اوهان کان اوهان جو مال مُڏي به نٿو کسيو وڃي. تنهن ڪري پنهنجن اُٺن تي جيترو کڻي سَگهو، کڻو ۽ هن شهر مان نڪري وڃو.
ڪجهه ڏينهن اڳ گهيري جي دوران هو مسلمانن سان شڪايت ڪندا هئا ته اوهين اسان جي قلعن جي آسپاس اسان جي باغن جا وڻ نه وڍيو، جيڪي جنگي حڪمت عمليءَ جي ڪري، رستو ٺاهڻ ۽ ڊپ طاري ڪرڻ جي لاءِ ضروري سمجهيا ويا هئا. هاڻ هو پاڻ ئي جن گهرن کي ڇڏي وڃي رهيا هئا، تن کي اندران برباد ڪري رهيا هئا.
الله ٻيئي ڳالهيون آسمان مان قرآن ۾ لاٿيون.
”اوهان جيڪي کجين جا وڻ وڍي ڇڏيا يا جن کي پنهنجن ٿڙن تي بيهڻ ڏنو اٿوَ، اهو سڀ الله جي اذن سان ٿيو ته جيئن الله فاسقن کي ذليل ڪري.“ (سوره حشر)
وري به وحي آئي:
”هو پنهنجن گهرن کي پنهنجن هٿن سان برباد ڪري رهيا آهن ۽ مسلمانن جي هٿان به. تنهن ڪري اي سمجهه وارؤ اُن مان عبرت حاصل ڪريو.“ (سورة حشر)
اها سوچڻ جي ڳالهه آهي.
ڪڏهن ڪنهن شهر جي رهواسيءَ پنهنجي گهر جي ٺاهه ٺوهه ڪرڻ مهل اهو سوچيو آهي ته ڪو اهڙو وقت به ايندو جڏهن ان گهر کي ٻاهران دشمن ٽوڙي ۽ اندران هو پاڻ.
اِهي هڙئي سوچڻ جهڙيون ڳالهيون آهن.
جن تي الله بار بار غور ڪرڻ جو حڪم ڏي ٿو.
سندن گهر ڪي عام گهر نه هئا.
ٺهيل جُڙيل محلن جهڙا.
مَنجهن وڏو ڏيکاءَ رکيل هو.
سندن محلاتون چٽن گلن سان سينگاريل هيون. هُنن پاڻ ئي پنهنجن گهرن کي ڀڃي ڊاهي کنڊر بڻائي ڇڏيو. ان حد تائين جو گهرن جون دريون ۽ دروازا به ڀتين مان ڪڍي اُٺن تي لَڏيائون.
آقا صلي الله عليھ وسلم محمد بن مسلمه کي حڪم ڏنو ته کين پنهنجي نگرانيءَ ۾ مديني جي حدن مان ٻاهر روانو ڪري اچ... جيستائين هنن جو اسان جي حدن ۾ سفر آهي، تيستائين هو محفوظ آهن.
هو نڪري ويا.
البت جنگي ۽ عسڪري نوعيت جو سامان کڻي وڃڻ تي پابندي هئي. هو پنهنجون 50 زرهون، 50 آهني خود ۽ 240 تلوارون پاڻ سان گڏ کڻي وڃي نه سگهيا. سندن ٻنيون ٻارا، کوهه ۽ کنڊر ٿيل گهر به پويان رهجي ويا.
هو هليا ويا.
هو مديني مان نڪري سڌو 150 ڪلوميٽر پري يهودين جي قلعن واري امير ترين شهر خيبر پهتا، جتي سندن پراڻيون مِٽيون مائٽيون هُيون، هو پاڻ سان سون چاندي ۽ روڪڙ مال به کڻي ويا هئا. ٿورن ئي ڏينهن ۾ پنهنجي معاشي برتري، ۽ روڪڙ مال سون چانديءَ جي ڍڳن ۽ مسلمانن جي خلاف پنهنجي بي انتها دشمنيءَ جي ڪري هُنن خيبر جي يهودين کي پنهنجي پويان لڳائي ورتو.
غطفان جي مُشرڪ قبيلن سان ساز باز ڪيائون
قريش سان رابطا تيز ڪيائون
مديني ۾ رهندڙ ’بنو قريظه‘ وارن کي به پنهنجو هم خيال بنائي ورتائون.
رئيس المنافقين عبدالله بن ابي سلول کي مسلمانن جي اندر فتنو پکيڙڻ جي ذميداري ڏنائون ۽ هڪ وڏي جنگ جي تيارين ۾ لڳي ويا.
جيڪا سندن خيال ۾ مسلمانن ۽ مديني جي رياست کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندي.

بَدر ثاني ...

بَدر ثاني ...

آقا صلي الله عليھ وسلم کي سيدنا عباس جو پيغام پهتو.
ابو سفيان ٻن هزارن جو لشڪر ساڻ ڪري بددليءَ مان بدر طرف روانو ٿيو آهي. ساڻس گڏ پنجاهه گهوڙا به آهن.
آقا صلي الله عليھ وسلم ته تيار ويٺا هئا.
اصل ۾ ابو سفيان پاڻ به ڊنل هو.
هن چاهيو ٿي ته مسلمان ڪنهن طريقي سان ڊڄي وڃن
بدر نه اچن
هُن هڪ جوڻيت به مديني موڪليو.
نعيم بن مسعود- کيس اهو ڪم سونپيو ويو ته تون مديني جي ماڻهن کي ڊيڄار ته ابو سفيان مسلمانن کي پاڙؤن پَٽي ڦِٽو ڪرڻ جي لاءِ هڪ وڏو لشڪر تيار ڪيو آهي.
هو ڊيڄارڻ آيو هو.
پر مسلمان ڀَڙڪي پيا.
کين احد جا زخم ياد اچي ويا.
هن ڀيري ابو سفيان کي ڇڏڻون اصل نه آهي.
هر ٻار به تيار ٿي ويو.
جوش سبب سڀني جا مُنهن تپي ڳاڙها ٿي ويا.
ڳالهه به کَري هئي
ماڻهن جو ايماني جذبو به ڪمال جي حد تي پهتل هو.
ٻيو ته گذريل ڏينهن بيئر معونه ۽ رجيع جي المناڪ واقعن کانپوءِ مسلمانن کي بنو نضير تي شاندار سوڀَ حاصل ٿي هئي ۽ اُن بدر ثانيءَ جي لاءِ ته هڪ سال اڳ احد مان واپس ورندي خود ابو سفيان مسلمانن کي للڪار ڏني هئي، جيڪا للڪار سُڻي آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو هو: ”منظور آهي... انشاء الله پهچنداسين.“
مقرر وقت جي گهڙي شعبان 4 هجري اچي ويئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم للڪار کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڏيڍ هزار جو لشڪر وٺي بدر طرف روانو ٿيو. جهنڊو سيدنا عليرضه جي هٿ ۾ هو. مديني جو انتظام عبدالله بن رواحه جي حوالي ڪيو ويو ۽ ٻيهر اُن بدر جي ميدان ۾ پهچي ويا. انهن ڏينهن بدر ۾ عرب قبيلن جو ساليانو ميلو هو.
چوڌاري ان جنگ جو هُل متل هئي.
مسلمانن جي فوج پهچي چڪي هئي.
ابو سفيان ۽ سندس لشڪر جو اوسيئڙو هو.
عرب قبيلن جي لاءِ اها جنگ کان وڌيڪ هڪ اکين ڏٺي مئچ هئي ته ڏسجي ته ڪير ٿو کٽي-؟
ابو سفيان بن حرب به پنهنجو لشڪر وٺي نڪتو. وٽس ماڻهو ته ٻه هزار هئا، پر دل ۾ لکين وسوسا هئس.
ڊپ...
کيس ۽ سندس ساٿين کي بدر جي پهرين جنگ ياد هئي، جنهن ۾ 313 مسلمانن 950 قريشن کي سندن سردارن سميت اُڊيڙي ڇڏيو هو.
هينئر ته مسلمان پندرهن سئو جي فوج سان اُتي پهتا هئا.
عرب قبيلن ۾ هُل مَتل هو.
ابو سفيان کي ڀَڄڻ لاءِ ڪو بهانو گهربل هو.
اڃا غطفان، خيبر ۽ مديني جي منافقين سان سندس معاهدا نه ٿيا هئا، هو اڪيلو قريشن سان گڏ جنگ کٽي نٿي سگهيو. اها ڳالهه هو چڱي طرح سمجهي رهيو هو.
ڪهڙو بهانو ڪريان؟
هو مڪي کان ٻاهر ”مرالظهران“ ۾ اچي ويهي رهيو. جاسوس کيس اچي ڊيڄاري رهيا هئا. هو سوچي سوچي پوڙهو ٿيڻ لڳو.
نيٺ هن پنهنجي ساٿين کي مخاطب ٿي چيو:
”ڀائرو!
جنگ تڏهن مناسب ۽ موزون هوندي آهي، جڏهن شادابي ۽ ساوڪ هُجي. گاهه پَٺو ۽ چاري جي گهڻائي هُجي. وَهٽ دل کولي چَري ڦِري سگهن. اسين انگور ۽ کجور جو شراب پي سگهون. ڍءُ ڪري اُٺڻين جو کير پيئون.
هينئر سُوڪهڙو آهي
ڪو سائو پَن به نظر نٿو اچي.
کوهه سُڪل آهن.
تنهن ڪري آءٌ ته واپس پيو وڃان.
اوهان کي به اهائي هدايت آهي ته واپس هلو-“
جڏهن قريش جو سپهه سالار ئي ايترو ڀاڙيو هُجي ته پوءِ باقي فوج ۾ ڪهڙو ٻَل هوندو. هُنن ڪنڌ جهڪائي پنهنجا اُٺ ۽ گهوڙا مڪي شهر ڏانهن موڙيا ۽ پُڇ پائي وٺي ڀڳا.
هيڏانهن بدر جي ميدان ۾ اٺن ڏينهن تائين مسلمانن جشن ملهايو.
اها جنگ مسلمانن جي لاءِ ”واڪ اوور“ هئي.
وڙهڻ کانسواءِ ئي کٽي ورتائون.
کٽيائون به ايئن ته بدر جي ميدان ۾ آيل عرب قبيلن جي هزارين ماڻهن تي سندن ڌاڪو ويهي رهيو.
احد جي جنگ ۾ مسلمانن جي جاني نقصان سبب وقتي طور تي جيڪا سندن لاءِ هوا کڙي ٿي هئي، اها نه رڳو بحال ٿي، پر ان ۾ سگهه به آئي ته نکار به پيدا ٿيو.
ڪيترائي نوان قبيلا مسلمانن سان ٻڌي ۽ سهڪار ۾ اچي گڏيا.
نوان حليف بڻيا.
پراڻڻ وعدن جي تجديد ٿي.
جيڪڏهن ڪو قبيلو عهد ٽوڙي ويٺو هو ته هُن اهو ٻيهر قائم ڪري ورتو.
اُن سان گڏ ان واپاري ميڙي ۾ مسلمانن ڪاروبار ڪيو. خريد ۽ فروخت ڪئي ۽ خوب مالا مال ٿي، خدا جو ٿورو مڃيندي، ڳاٽ اوچا ڪري عزت ۽ آبروءَ سان آقا صلي الله عليھ وسلم سان گڏ مديني موٽي آيا.
سَڙندڙ جا مُنهن ڪارا ٿي ويا.
اُنهن مان سڀ کان وڌيڪ ڪاراٺ مديني جي منافقن جي چهرن ۽ دلين تي هئي، جيڪي مسلمانن کي ڦِڪو ڪرڻ جي لاءِ ڪا نئين ٽَل سوچي رهيا هئا.

بني مصطلق

بني مصطلق

مڪي ۽ مديني جي وچ ۾ هڪ جاءِ آهي، ”قديد.“
قديد جي معنيٰ آهي ”ڦاڙڻ وارو“.
اُتي پراچين سمئه يمن جو بادشاهه تبع مديني مان واپس ورندي ٽڪيو هو. هوا ايتري ته تکي هلي هئي، جو اُن بياباني ريگستان ۾ هن جا تنبو ڦاٽي پيا هئا. هن ان هنڌ کي ”قديد“ جو نالو ڏنو.
پوءِ اُتي هڪ ڳوٺڙو آباد ٿيو، اهو به قديد سڏجڻ لڳو،
اُن ڳوٺ جي ڀرسان هڪ مِٺي پاڻيءَ جو چشمو هو،
جنهن جو نالو ”مرسيع“ هو.
جتي چشما هوندا آهن، اُتي وڻ ٻوٽا ڦُٽي ايندا آهن.
ماڻهن کجين جا وڻ هنيا
خود روگاهه ڦُٽڻ سبب ساوڪ ٿي ويئي
پوءِ اُتي هڪ قبيلو اچي آباد ٿيو
قبيلو بنو مصطلق هو.
اها بنو خزاعه جي هڪ شاخ هئي. جذيمه بن سعد بن عمرو بن ربيع بن حارثه جو لقب به اهوئي هو مصطلق- اولاد به اهو ئي سڏرائيندي هئي. اُن قبيلي جي سردار حارث بن ابي ضرار پنهنجن ماڻهن کي هٿياربند ڪرڻ شروع ڪيو. هن مسلمانن جي لاءِ پنهنجي مَن ۾ مير رکڻ شروع ڪيو. هڪ ته هو واپاري رستي ۾ رڪاوٽ هو، ٻيو هو مديني تي حملي جا پَهه پَچائڻ لڳو.
آقا صلي الله عليھ وسلم کي سُڻس پئي
پوءِ به جانچ جُونچ ضروري هئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم سيدنا بريده بن بريد بن حصيب اسلميرضه کي صورتحال جو مڪمل جائزو وٺڻ جي لاءِ موڪليو.
هن حالتون ڏٺيون ۽ موٽي اچي تصديق ڪيائين ته هو حملي جون تياريون پيا ڪن. آقا صلي الله عليھ وسلم جو اصول هو. سرپرائز... دشمن کي سندن طئي ٿيل وقت کان اڳ پنهنجي پسند جي وقت ۽ ڌُڻيل جاءِ تي وڃي ڳاٽي مان جهلڻ.
سيدنا زيد بن حارث کي مديني ۾ پنهنجو نائب مقرر ڪيائون. هڪ روايت سيدنا ابوذر غفاريءَ کي نائب بنائڻ بابت به آهي. پاڻ سان ست سئو همراهه ۽ ٽيهه گهوڙا ساڻ ورتائون.
2 شعبان 5 هجري سومر جي ڏينهن روانا ٿيا. ]زرقاني[
مهاجرين جو جهنڊو سيدنا ابوبڪر جي هٿ ۾ ۽ انصارن جو جهنڊو سيدنا سعد بن عباده وٽ هو.
بنو مصطلق جو سردار حارث بن ابي ضرار به هوشيار هو.
هُن هڪ جاسوس موڪليو.
جيڪو مسلمانن جهلي ماري ڇڏيو.
بنو مصطلق تائين خبر پهچڻ نه ڏنائون ۽ اوچتو پهچي ويا.
هو اڃا اُٺن کي پاڻي پياري تيار ڪري رهيو هو. جو کين گهيريو ويو. مزاحمت نه هئڻ جي برابر هئي. ڏسندي ئي ڏسندي دشمن جا ڏهه سپاهي مارجي ويا. مسلمانن جو هڪ ڄڻو شهيد ٿيو، جيڪو به پنهنجن جي هٿان غلطي سان.
لڙائي شروع ڪرڻ کان اڳ آقا صلي الله عليھ وسلم سيدنا عمر بن خطاب جي ذريعي وڏي سڏ اعلان ڪرايو ته جيڪڏهن غير مشروط هٿيار ڦٽا ڪري امن ۽ سلامتيءَ جي رستي تي ايندا ته سڀني جي لاءِ معافي آهي.
پر هُنن نه مڃيو
وڙهڻ جي لاءِ تيار ٿي ويا
لڙائي شروع ٿي ته منٽن ۾ ڊهي پيا.
700 مسلمان سپاهين 660 ڄڻن کي قيدي بنائي ورتو.
اُنهن سان گڏ سئو کن عورتون به.
ٻه هزار اُٺ ۽ پنج هزار ٻڪريون به مسلمانن جي قبضي ۾ اچي ويون.
اُنهن عورتن ۾ بنو مصطلق جي سردار حارث بن ابي ضرار جي نياڻي جويريه به هئي، ورهاست ٿي ته هوءَ سيدنا ثابت بن قيس جي پتيءَ ۾ آئي. سيدنا قيس کيس چيو ته مون کي فديو ڏي ۽ تون آزاد ٿي. هوءَ ڊوڙندي آقا صلي الله عليھ وسلم جي تنبوءَ ۾ آئي. چيائين، ”آءٌ سردار جي ڌيءَ آهيان، مون کي سردار جي گهر رهڻ جي عادت آهي. منهنجي مدد ڪريو. فديو ادا ڪرڻون اٿم. آزاد ٿيڻ کان پوءِ اوهان جي غلامي.“
آقا صلي الله عليھ وسلم پنهنجي حصي مان فديو ادا ڪري ڇڏيو.
آسمان مان تصديق اچي ويئي ته جيڪا اوهان سان پرڻجڻ جي خواهشمند هُجي، اُن سان شاديءَ جي موڪل آهي. 58 سالن جي آقا صلي الله عليھ وسلم جي زندگيءَِ جا ڏينهن ۽ راتيون مهمن، دين، جي تبليغِ مدني رياست جي ڇيڙي نبيري ڪرڻ ۽ آسمان مان لهندڙ وحيءَ کي گڏ ڪرڻ ۽ ماڻهن ۾ الله جا احڪام پکيڙڻ ۽ اُنهن تي عمل ڪرڻ جي تلقين ۾ گذرندا هئا. کين هڪ مظلوم عورت جو فرياد ٻڌڻ ۽ مڃڻ ۾ ڪهڙو حرج هو، جنهن اسلام قبولي ورتو هو.
شادي ٿي ويئي.
مسلمانن کي خبر پيئي ته جن کي هو قيدي بنائي ويٺا آهن. اهي ته آقا صلي الله عليھ وسلم جو ساهراڻون قبيلو بنجي ويا آهن. مسلمانن هڪدم رضا خوشيءَ سان پنهنجا پنهنجا قيدي آزاد ڪري ڇڏيا. هڪئي ڏينهن ۾ قيد ٿيل هڪ سئو کان به وڌيڪ گهراڻن کي آزادي ملي ويئي.
سيده اُم سلميٰ ۽ سيده عائشه به گڏ هيون.
سيده عائشه اڪثر چوندي هئي.
”مون جويريه کان وڌيڪ ڪنهن به عورت کي پنهنجي قوم جي حق ۾ برڪت ڀريو نه ڏٺو، جنهن جي ڪري هڪ ئي ڏينهن ۾ سئو گهراڻا آزاد ٿيا. ]ابو دائود، ابن هشام، عيون الاثر، زادالمعاد[
سيده جويريه جو پيءُ تمام گهڻا اُٺ فديي طور ساڻ ڪري پنهنجي ڌيءَ کي ڇڏائڻ جي لاءِ مديني آيو، پر ايندي مهل رستي ۾ ٻه قيمتي اُٺ هڪ هنڌ کاهيءَ ۾ لڪائي آيو.
آقا صلي الله عليھ وسلم مُرڪيا ۽ فرمايائون
”اِهي اُٺ ڪٿي آهن، جيڪي تون فلاڻي کاهيءَ ۾ لڪائي آيو آهين.“
حارث بن ابي ضرار آيو ته ڌيءَ کي ڇڏرائڻ هو، پر آقا صلي الله عليھ وسلم جي واتان اهڙي ڳالهه سُڻي صفا وٺجي ويو. هو سمجهي ويو ته سندس سامهون جيڪا هستي آهي، اُن کي ٻُڌائڻ وارو ڪو ٻيو نه پر زمينن ۽ آسمانن جو واحد ڌڻي خود خدا آهي. ڌيءَِ کي غلاميءَ کان بچائي وٺي وڃڻ وارو آقا صلي الله عليھ وسلم جي سامهون گوڏن ڀَر ڪنڌ جهڪايو ويٺو هو.
غلام بنجي ويو.
شهادت جو ڪلمون پڙهيائين ۽ مسلمان ٿي ويو،
پوءِ کيس پنهنجي خوشنصيبيءَ تي روئڻ اچي ويو.
جو هو هيڏي وڏي هستيءَ جو سُهرو بنجي ويو. ]الاصابه، خصائل ڪبريٰ، بيهقي[ بظاهر ته اُن غزوه جو داستان بس ايترو ئي آهي،
پر تاريخ جي ڪتابن ۾ ان مهم جي اهميت ٻن سببن جي ڪري ٿي:
پهريون سبب اهو هو ته اِها مسلمان جي پهرين فوجي ڪاروائي هئي، جنهن ۾ مديني جي منافقن جو ڳپل تعداد به شامل هو. انهن ۾ رئيس المنافقين عبدالله بن ابي سلول پاڻ به موجود هو. بظاهر ته هو سڀ مال غنيمت جي جوش ۾ آيا هئا، پر سندن ارادا گهڻا خطرناڪ هئا.
هو مسلمانن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم جي گهٽتائي ڪرڻ ۽ کين بدنام ڪرڻ جي ارادي سان آيا هئا. اُنهن منافقن جو خيبر جي يهودين ۽ مڪي جي قريشن سان اندروني ڳٺ جوڙ هو.
هن ڀيري هو اندران وار ڪرڻ آيا هئا.
پهريون وار هي ڪيائون جو مهاجرن ۽ انصارن ۾ جهيڙو ڪرائي وڌائون.
ڳالهه مان ڳالهوڙو ڪري ڇڏيائون.
ڳالهه بنهه ننڍڙي هئي.
مرسيع ۾ قيام جي دوران وهٽن کي پاڻي پيارڻ جي دوران مسلمانن جي ٻن علامن ۾ تڪرار پيدا ٿي پيو. هڪ مهاجر غلام جهجا بن سور غفاري هو، جيڪو سيدنا عمر جو ڪَمي هو، هُن پنهنجن گهوڙن کي پاڻي پيارڻ پي گهريو، ٻيو سنان بن دير جهني هو، جيڪو مديني جي بني عوف قبيلي خزرج جو حليف هو. ٻنهي جي پاڻ ۾ مُنهن ماري ٿي. جهجا، سنان کي لت وهائي ڪڍي.
اُتي بيٺل منافقن سنان انصاري کي ڀڙڪائي ڇڏيو.
پنهنجن همراهن کي سَڏي وٺ
پاڻ به واويلا ڪرڻ لڳا.
وٺي هُل ڪيائون، اي انصاريو... مدد ي لاءِ اچو..
هو گڏجي مهاجر غلام تي ڪاهي آيا.
کيس به برغلايائون... پنهنجن ماڻهن کي گهرائي نه ته مار کائيندين.
ٿوري ئي دير ۾ هنگامو کڙو ٿي ويو.
رئيس المنافقين عبدالله بن ابي سلول جون نانگ جهڙيون اکيون ڪنهن دٻيل خوشيءَ سبب چمڪڻ لڳيون.
آقا صلي الله عليھ وسلم کي خبر پئي.
جلدي اُتي پهتا ۽ فرمايائون
”هي جهاليت جا ڪهڙا آواز آهن.“
ماڻهن عرض ڪيو ته يار رسول الله هڪ مهاجر، هڪ انصاريءَ کي لت هنئي آهي.
آقا صلي الله عليھ وسلم جو چهرو مُبارڪ ڳاڙهو ٿي ويو.
فرمايائون، ”انهن بُڇڙين ۽ بدبودار ڳالهين کي ڇڏيو. ڪو ظالم هجي يا مظلوم اوهان جو ديني ڀاءُ آهي. ظالم آهي ته کيس جهليو... مظلوم آهي ته ان جي حمايت ڪريو.“
مهاجرين سعد بن عباده سان ڳالهائي معاملو ختم ڪرائي ڇڏيو.
عبدالله بن ابي سلول جي اندر ۾ جيڪو نانگ زهر سان ڀريو ويٺو هو، اُن جو وار خالي ويو.
هو ڇُپَ هڻي ويهي رهيو.
سندس سرڪرده همراهه به وٽس موجود هئا. اهي هئا: مالڪ، سويد، قاعيس، عبيدالله بنتل، معين بن قشر، زيد بن السيد وغيره. اتفاق سان زيد بن ارقم، به ڀرسان ئي موجود هو، جنهن عبدالله بن ابي سلول جون ڳالهيون ٻُڌي ورتيون.
عبدالله بن ابي سلول ڀَڙڪيو ويٺو هو.
هر هر پنهنجي جاءِ تان پاسو ٿي ورايائين.
ٿلهو ۽ ڊگهو همراهه هو.
چهري تي ڪاوڙ ۽ نفرت ڀَري حقارت سان تيز تيز ڳالهائڻ لڳو...
”مون اڄ کان وڌيڪ ذلت ڀريو ڏينهن زندگيءَ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺو آهي. اڳ ۾ ئي ذلت محسوس ڪري رهيو هُئس. اڄ ته حد ٿي ويئي. اهو سڀ منهنجي قوم جي ڪري ٿيو.“
هو پنهنجن همراهن ڏانهن هٿ جون اُڇلون ڏيئي چوڻ لڳو:
اسان ۽ انهن ڪنگلن مهاجرن جو مثال ايئن آهي.
سمن ڪلبڪ يا ڪلڪ
]پنهنجي ڪُتي کي ٿلهو ڪريو ته جيئن هو اوهان کي کائي وڃي[
اوهان انهن مهاجرن کي مٿو ڍڪڻ جي لاءِ جاءِ ڏني.
کين پنهنجو مال ڏنو ۽ سانڍيو.
هاڻ هو اوهان کي لت ٿا هڻن... سو به انهن جو غلام
ڪاش، اڄوڪو ڏينهن ڏسڻ کان اڳ مري وڃان ها-
اڄ به هوش کان ڪم وٺو،
پنهنجو مال بچايو.
هنن تي خرچ نه ڪريو.
پاڻ ئي ٽڙي پکڙي ويندا.
اوهان ماڻهن هنن کي بچائيندي پنهنجا ٻارڙا يتيم ڪرايا.
پنهنجي عورتن کي رنڙ بنايو.
اوهين ڏينهون ڏينهن ڪمزور ۽ هو سگهارا ٿيندا پيا وڃن.
کين ماري ماري سِڌو ڪريو.
ته جيئن کين عقل اچي.
هاڻ کين واپس وري خبر پئجي ويندي ته اسين عزت وارا ماڻهو هنن ذليل ماڻهن کي مديني مان تڙي ٻاهر ڪڍنداسين.
اها زهر سان ڀريل پَٽاري هئي.
اُن ڏينهن هن پاڻ ئي سڄو زهر ڪڍي ڇڏيو.
سيدنا عبدالله بن ارقم عمر ۾ ته ننڍو هو، پر ايمان ۾ گهڻو سگهارو هو.
عبدالله بن ابي سلول جون اهي ڳالهيون سهي نه سگهيو ۽ وڃي آقا ﷺ کي ٻُڌايائين.
آقا صلي الله عليھ وسلم جو مُنهن مبارڪ ڳاڙهو ٿي ويو.
اِهي ڳالهيون جڏهن سيدنا عمر بن خطاب کي معلوم ٿيون ته هو تراڙ ڪڍي آقاﷺکان موڪل گهرڻ لڳو ته هينئر ئي وڃي ان گستاخ جو ڪنڌ ڪپيان.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو.
”عمر صبر کان ڪم وَٺ...
آءٌ توکي اهڙو حڪم نٿو ڏيئي سگهان... جو ماڻهو چون ته محمد (صلي الله عليھ وسلم) پنهنجن ساٿين کي قتل ٿو ڪري.“
جڏهن عبدالله بن ابي سلول کي خبر پئي ته ڳالهه ڪٿي وڃي پهتي آهي ته هو اندر ۾ ڊپَ سبب ڏڪڻ لڳو.
ڀڄندو اُتي آيو. آقا ﷺجي اڳيان الله جا قسم کڻڻ لڳو ته مون اهو سڀ ڪجهه نه چيو آهي. عبدالله بن ارقم اڃا ٻار آهي، کيس غلط فهمي ٿي آهي. هن منهنجي ڳالهين جو ابتڙ مطلب ورتو آهي. هو قسم کڻندو ۽ ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالهائيندو پي ويو.
آقا ﷺکيس خاموشيءَ سان تڪيندا رهيا.
کيس ڪجهه به نه چيائون.
عبدالله بن ارقم سچ ڳالهائڻ تي ڏاڍو نادم ٿيو ۽ ڏاڍو صدمو رسيس. پر آسمان جو خدا ته ڪنهن مصلحت جو پابند ڪونهي.
الله آسمان مان سوره منافقون نازل فرمائي.
سيدنا عبدالله بن ارقم جيڪي ڪجهه چيو هو، اُن جي تائيد جبرائيل عليھ السلام آسمان مان وحيءَ جي صورت ۾ کڻي آيو.
جڏهن اها سوره لٿي ته آقا ﷺعبدالله بن ارقم کي گهرائي اُن سوره جون کيس آيتون پڙهي ٻڌايون ۽ فرمايو: الله تنهنجي ڳالهين جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
وحيءَ ۾ چيو ويو:
”جڏهن منافق همراهه اوهان وٽ اچن ٿا ته چون ٿا ته اسين اقرار ٿا ڪريون ته اوهان بيشڪ خدا جا پيغمبر آهيو ۽ خدا ڄاڻي ٿو ته در حقيقت تون سندس پيغمبر آهين. پر خدا پڌرو ڪري ٿو ڇڏي ته منافق ڪوڙ ا آهن. هُنن پنهنجن قسمت کي ڍال بنائي رکيو آهي، اُن جي وسيلي ماڻهن کي خدا جي راهه کان روڪي رهيا آهن، ڪوبه شڪ ڪونهي ته اِهي جيڪي ڪم ڪن ٿا، سي بُڇڙا آهن. هنن ايمان آندو ۽ پوءِ ڪافر ٿي ويا ته انهن جي دلين تي مهر هنئي ويئي، سو هاڻ هي نٿا سمجهن. چون ٿا ته اسين واپس مديني پهتاسين ته عزت وارن کي اُتان تڙي ٻاهر ڪڍنداسين. حالانڪ عزت خدا جي آهي، اُن جي رسول جي ۽ مومنن جي، پر منافق نٿا ڄاڻن}سوره منافقون.{
عبدالله بن ابي سلول جو پُٽ عبدالله هڪ سچو مسلمان هو. جيتوڻيڪ هو پيءُ جو گستاخ نه هو، پر جڏهن هن پڻهس جون ڳالهيون ٻُڌيون ته مديني جي رستي ۾ مياڻ مان تراڙ ڪڍي بيهي رهيو. پيءُ کي چيائين: ”آءٌ تيستائين توکي مديني ۾ گهڙڻ ڪين ڏيندس، جيستائين تون اُن ڳالهه جو اقرار نه ڪندين ته ذليل تون پاڻ آهين ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم عزت وارا آهن.“ پنهنجي ڪنڌ کان ڪجهه انچن تي اگهاڙي ترار ڏسي عبدالله بن ابي سلول جا هوش ڇڏائجي ويا. وٽس ڪوبه بهانو نه بچيو هو.
آسمان مان تصديق اچي چڪي هُئي.
هُن اقرار ڪيو ته ’هائو، آءٌ ذليل آهيان ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم عزت وارا آهن.‘ ]ترمذي، فتح الباري[
پُٽ اهو به چيو هو ته جيستائين آقا صلي الله عليھ وسلم موڪل ڪين ڏيندو، تيستائين تون مديني ۾ داخل ٿي نه ٿو سگهين.
آقا صلي الله عليھ وسلم سندس اقرار ٻڌو ته کيس موڪل ڏيئي ڇڏيائين.
تڏهن ئي سندس پُٽ هُن جو رستو ڇڏيو.
اُن مهم ۾ منافقن کي هڪ ٻيو شوشو به هٿ چڙهي ويو.
اها بُهتان تراشيءَ جي حد هئي ۽ وري جنهن تيزي ۽ بدنيتيءَ سان منافقن اُن جي تشهير ڪئي، اُن سان سندس اندر جي غلاظت سندن وات مان اچي ويئي.
هتي هُنن نه رڳو ڳالهه مان ڳالهوڙو ڪيو، پر جبل کي ريتي ڪري اُن جا ذرا اُڏائڻ جي ڪوشش ڪئي. بهتان هنيائون به ته ڪنهن تي، اُم المومنين سانئڻ عائشه تي.
ڳالهه هيءَ هئي ته ان مهم تي روانو ٿيڻ وقت سيده عائشه پنهنجي ڀيڻ کان هڪ قيمتي هار اُڌارو وٺي ڪنڌ ۾ پاتو هو، هڪ هنڌ رات جو ترسڻ ٿيو. سيده ضروري حاجت لاءِ جهنگ ۾ ويئي ته اهو هار ڪٿي ڪِري پيو. واپس ترسڻ واري جاءِ تي آئي ته هار ڪنڌ ۾ نه هئس. اونداهي رات هئي، هار ڳولهيندي رهي. هار ته لڀجي ويو، پر جڏهن واپس پڙاءُ ۾ پهتي ته قافلو روانو ٿي ويو هو. سيده جي پالڪي ڪير ٿي کولي ڏسي سگهيو.
کڻندڙن احترام مان کنئي
اُٺ تي رکي ۽ روانا ٿي ويا.
هنن سمجهيو ته سانئڻرضه پنهنجي هودج ۾ هوندي
قافلو هليو ويو
ميدان خالي هو
سيده پريشان ٿي اُن ميدان ۾ سياري ۾ پنهنجي چادر ويڙهي ليٽي پئي ته جڏهن کين خبر پوندي ته قافلي مان ڪونه ڪو ضرور واپس ايندو. ليٽندي ئي سيده جي اک لڳي ويئي.
آقا ﷺ جو هر پڙاءُ تي هڪ انتظام هوندو هو.
پڙاءُ مان وڃڻ کان پوءِ ڪونه ڪو واپس وڃي پڙاءُ مان چڪر هڻي ايندو هو. اها ان جي ذميداري هوندي هئي ته:
جيڪڏهن ڪنهن جي ڪا شئي ڪريل يا اُتي پيل ملندي هئي ته هو اها کڻي ايندو هو.
اُن رات اها ڊيوٽي سيدنا صفوان بن معطل جي هئي.
سرد رات، تارن جي روشنيءَ ۾ سُهائي هئي.
ريگستاني ميدان ۾ تارا زمين ۽ آسمان جو رستو ٻُڌائيندا آهن.
هو آيو.
اڃا آقا ﷺ جي گهر وارين لاءِ آسمان مان پردي جو حُڪم نه لٿو هو.
هُن سيده کي سڃاڻي ورتو
ڏسندي ئي فقط هڪڙو ئي جملو چيو:
انا الله وانا اليھ راجعون.
رسول الله صلي الله عليھ وسلم جي زوجه جي اک کلي ويئي.
سيدنا صفوان بن معطل کيس اُٺ تي ويهاريو.
سيده اُٺ تي ويٺي. صفوان واڳ جهلي ۽ ادب مان هلندو اڳينءَ منزل ڏانهن روانو ٿيو. سڄي رات هو ڪٿي به نه ترسيو. ڏينهن جو منجهند ڌاري هو لشڪر جي ترسڻ واري هنڌ پهتا.
عبدالله بن ابي سلول ۽ سندس ساٿين پهرين ته مهاجرن ۽ انصارن ۾ جهيڙو ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. هاڻ کين بهتان بازيءَ جو هڪ نئون موقعو هٿ چڙهي ويو...
الله به پنهنجن ٻانهن کي ڪجهه سيکارڻ گُهرندو آهي.
شايد کين ٻُڌائڻ ٿي گهريائين ته بهتان بازي کان ڪيترو نه پري رهڻ گهرجي.
شايد خدا کي اهو به طئي ڪرڻو هو ته بهتان هڻندڙن کي ڪيتري سزا ملندي.
بهرحال منافقن جا جيترا هئا وات اوتريون هُيون ڳالهيون
ڳالهه آقا صلي الله عليھ وسلم تائين پهتي.
آقا صلي الله عليھ وسلم خاموش رهيا.
آقا صلي الله عليھ وسلم کي آسمان تان خبر جو اوسيئڙو هو.
۽ سيده بي خبر هئي.
نه آقا صلي الله عليھ وسلم ڪجهه پُڇيو، نه وري ڪنهن ٻي کي همت ٿي ته سيده کي ڪجهه چوي. مديني واپس وري سفر جي ٿڪاوٽ ۽ سرد موسم جي ڪري سيده بيمار ٿي پئي، کيس دل ۾ ٿورو کُٽڪو ٿيو ته آقا صلي الله عليھ وسلم اچي سندس خيريت به نه پُڇي.
ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ڪئي.
سيده کي خبر ئي نه هئي ته ماڻهن ڪهڙيون ڪهڙيون کڻي ڳالهيون کڙيون ڪيون آهن. هڪ رات حاجت جي خيال کان پاڻ پنهنجي پڦي اُم مسطح سان گڏ نڪتي. اتفاق سان اُم مسطح جو پير پنهنجي ئي چادر ۾ اٽڪيو ۽ هوءَ ڪرندي ڪرندي بچي ۽ بي خياليءَ ۾ هُن پنهنجي ئي پُٽ کي پاراتو ڏنو.
سيده حيران ٿي ته پنهنجي ئي پُٽ کي ڇو پٽئي-
اُم مسطح حيرانيءَ مان سيده کي ڏٺو
پُڇيائينس: توکي خبر ڪانهي ڇا؟
سيده اڻ ڄاڻ...
کيس ڪابه خبر نه هئي
پوءِ اُم مسطح سڄي ڳالهه ڪري سُڻايس ته انهن شرارتي ماڻهن ۾ منهنجو پُٽ به شامل آهي، جن ڳالهه کي کڻي ڳالهوڙو بنايو آهي.
سيده جي دل ڪيتري ڏکي هوندي
اها سوچڻ جي ڳالهه آهي.
گهر اچي سيده، آقا صلي الله عليھ وسلم کان پنهنجن مائٽن وڃڻ جي موڪل گُهري.
موڪل ملي ويئي.
سيده ٻه راتيون ۽ هڪ ڏينهن روئندي گذاريو.
روئي روئي اکيون سُڄي ويس
نڙي ويهي رهيس...
دل اندران ڦاٽي پيس
ڏينهن گذرندا ويا.
هڪ ڏينهن آقا صلي الله عليھ وسلم سيده وٽ آيو
گهر ۾ خاموشي ڇانئجي ويئي.
سڀ ماڻهو چُپ هئا.
رسول الله صلي الله عليھ وسلم جي احترام ۾ سڀني جا ڪنڌ جُهڪي ويا.
آقا صلي الله عليھ وسلم سيده عائشه کي فرمايو:
”تو بابت هڪ ڳالهه جي خبر پئي آهي، جيڪڏهن تون بي ڏوهي آهين ته جلدي ئي الله تنهنجي بَريت ڪندو، پر جيڪڏهن توکان ڪا غلطي ٿي ويئي آهي ته تون الله کان توبه ڪر... ڇو ته الله توبه قبول ٿو ڪري.“
لڙڪ لاريندڙ ۽ سڏڪا ڀريندڙ سيده جا لڙڪ ٿمجي ويا.
هوءَ ڄڻ پٿرائجي ويئي.
هُن سڌو سنئون ورندي ڏيڻ جي بدران پنهنجي والدين طرف ڏٺو ۽ چيو ته اوهين جواب ڏيو.
سيدنا ابوبڪر ۽ اُم رومان جا مُنهن اڳ ۾ ئي هئڊا ٿيل هئا.
هٿن ۾ ڏڪڻي هئي.
ادب مان خاموش ويٺا رهيا.
پوءِ سيده پاڻ ئي ڳالهايو.
”مون کي خبر آهي ته ماڻهن جي واتان ڳالهيون ٻُڌي اها ڳالهه اوهان جي دل ۾ ويهي رهي هوندي ۽ اوهان اِها سچ مڃي ورتي هوندي. هاڻ جيڪڏهن آءٌ ان ڳالهه کان انڪار ٿي ڪريان ۽ الله چڱي طرح ڄاڻي ٿو ته آءٌ ان گناهه کان آجي آهيان ته اوهين اها صحيح نه سمجهندا، پر جيڪڏهن آءٌ اها ڳالهه مڃيان، جيڪا سچ ڪونهي ته اوهين سچ سمجهندا. تنهن ڪري آءٌ اها ئي ڳالهه چونديس جيڪا حضرت يوسف عليھ السلام جي محترم والد ڪئي هئي.“
فصبر جميل والله المستعان عليٰ ماتصفون (سوره يوسف: آيت 18)
”صبر ۾ ئي چڱائي آهي ۽ اوهين جيڪي ڪجهه چئو پيا ان معاملي ۾ الله جي مدد گُهران ٿي.“
اها ڳالهه چئي سيده وڃي بستري ڀيڙي ٿي.
ڪجهه گهڙين کان پوءِ آسمان مان جبرائيل عليھ السلام نازل ٿيو.
وحي لٿي...
آقا صلي الله عليھ وسلم جي مٿي جي هيٺان چمڙي جو وهاڻو رکيو ويو.
چادر مٿانئس وڌي ويئي.
سيده به آقا صلي الله عليھ وسلم کي وحي جي نزول وقت ڏٺو.
هوءَ بنهه نه ڊني...
کيس خبر هئي ته پاڻ بي گناهه آهي ۽ کيس خبر هئي ته الله به چڱي پَر ڄاڻي ٿو.
سيده جا والدين، آقا ﷺ تي وحيءَ کي لهندي ڏسي ڊپ سبب ڏڪڻ لڳا.
سندن چهرا پيلا پئجي ويا.
وحي اچي ۽ هلي ويئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم اُٿي نرڙ تان پگهر اُگهيو.
سندس چهري مبارڪ تي مُسڪراهٽ هئي.
سندن اکيون ماهه ڪامل جي چانڊوڪيءَ جيان چمڪي رهيون هُيون.
فرمايائون:
”عائشه خوش ٿي
الله توکي آجو ڪري ڇڏيو.“
سيده چيو: الحمد الله-
سيده جي امڙ اُم رومان، سيده کي چيو: وڃ، وڃي رسول الله صلي الله عليھ وسلم جو ٿورو مڃ.
سيده چيو:
”خدا جو قسم آءٌ الله کانسواءِ ٻي ڪنهن جو به ٿورو نه مڃينديس، جنهن مون کي آجو قرار ڏنو.
اُن موقعي تي سوره نور جون ڏهه آيتون نازل ٿيون.
آيت نمبر 11- کان 20 تائين.
سوره نور ۾ فرمايو ويو:
”جن ماڻهن اهو طوفان کڙو ڪيو آهي، اهي به اوهان مان ئي هڪ گروهه آهن. تون اُن کي پاڻ لاءِ خراب نه سمجهه، پر اهو تنهنجي حق ۾ چڱو آهي. هائو، انهن مان هر شخص تي ايترو گناهه آهي، جيترو هن ڪمايو ۽ انهن مان، جنهن ان جي وڏي حصي کي سرانجام ڏنو، ان جي لاءِ وڏو عذاب آهي.“
”مسلمانو! جڏهن اوهان اهڙي ڳالهه ٻُڌي ته مومن مردن ۽ عورتن پنهنجي مومن ڀاءُ، ڀيڻن جي حق ۾ نيڪ گمان ڇو نه ڪيو.
اوهان اهڙي ڳالهه سُڻندي ئي اهو ڇو نه چيو ته اسين اهڙي ڳالهه وات مان ڪڍڻ جي لائق نه آهيون، يا الله تون پاڪ آهين، اهو ته وڏو بهتان آهي ۽ تهمت آهي.
جڏهن ته اوهان پنهنجي زبانن مان نقل در نقل ڪرڻ لڳا ۽ پنهنجي وات مان اهڙي ڳالهه چوڻ لڳا، جنهن جي اوهان کي خبر نه هئي ۽ اوهان اهڙي ڳالهه کي هَلڪو سمجهيو، حالانڪه الله جي نظر ۾ اها ڳالهه وڏي آهي.
جيڪي ماڻهو مسلمانن ۾ بُڇڙائي پکيڙڻ جا خواهشمند آهن، تن جي لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ درد ناڪ عذاب آهي.“ ]سوره النور[
جن ڏينهن مسطح بن اثاثه، حسان بن ثابت ۽ حمنه بنت حجش، اُم مومنين زينب بنت حجش جي ڀيڻ اهو افواهه اڏايو ته سيدنا ابوبڪر پنهنجي غريب مائٽ پُڦيءَ جي پُٽ مسطح جي جيڪا مالي سهائتا ڪندو هو، اها ڪاوڙ ۾ اچي بند ڪري ڇڏي هئي.
سيدنا ابوبڪر،سورة نور جي ايندڙ ٻن آيتن کي سمجهي ويو ته اهي سندس لاءِ تنبيهه آهن. قرآن جي وحي آئي.
”اوهان مان سرنديءَ وارن کي لاڳاپي وارن ۽ مسڪينن ۽ خداجي رستي ۾ هجرت ڪرڻ وارن سان سُٺو سلوڪ نه ڪرڻ جو قسم نه کڻڻ گهرجي، پر انهن کي معاف ۽ درگذر ڪرڻ گهرجي. اي مسلمانو! ڇا اوهين اها ڳالهه نٿا ڄاڻو ته خدا اوهان جي بخشش فرمائي ۽ خدا بخشڻ وارو مهربان آهي. (النور قرآن)
اهي آيتون ٻڌندي ئي سيدنا ابوبڪر ڪنن کي هٿ لڳايو ۽ روئندي چيو: ”بيشڪ آءٌ گهران ٿو ته الله منهنجي بخشش فرمائي ۽ آءٌ مسطح کي جيڪو ڪجهه ڏيندو هئس، اهو بند نه ڪندس ۽ ڏيندو رهندس. ]ابن هشام[
اُنهن آيتن جي روشنيءَ ۾ بهتان بازين جو ڏوهه چٽو ٿي پيو. مسطح بن اثاثه، حسان بن ثابت ۽ حمنه بنت حجش تي قذق جي حد جاري ڪئي ويئي ۽ اسي اسي درا هنيا ويا.
صفوان بن معطل پاڪ ۽ پارسا هو، پوءِ ڪنهن جنگ ۾ شهيد ٿيو، کيس جڏهن اُن تهمت بابت خبر پئي ته هو تلوار کڻي شاعر حسان بن ثابت تي حملي آور ٿيو، جنهن اُن تهمت جي اڏ ۾ شاعري ڪئي هئي. حسان بن ثابت کي ترار جو زوردار ڌڪ هنيو.
عبدالله بن رواحه مديني جو منتظم هو.
پُڇيائين: رسول الله صلي الله عليھ وسلم کي تلوار جي اُن ڌڪ جي خبر آهي؟
صفوان چيو: منهنجي ڄاڻ موجب ڪونهي.
عبدالله بن رواحه، صفوان کي ڇڏي ڏنو.
پاڻ وڃي آقا صلي الله عليھ وسلم کي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايائين.
آقا صلي الله عليھ وسلم صفوان ۽ حسان ٻنهي کي گهرايو.
صفوان چيو: ”آقا صلي الله عليھ وسلم... هن منهنجي هِجو ڪئي، مون کي ڪاوڙ اچي ويئي ۽ مون هن کي تلوار جو ڌڪ هنيو.
هُن وٽ زبان هئي ۽ مون وٽ تلوار.. ٻنهي هلائي. زبان جو گهاءُ گهرو ٿيندو آهي. هن شايد اهو ٿي چوڻ گهريو.
آقا صلي الله عليھ وسلم حسان بن ثابت کي چيو:
”اي حسان! توکي اهڙيون ڳالهيون چوڻ نه گهرجن ها.“
پوءِ حسان کي چيائين: توکي زخم لڳو. معاف ڪري ڇڏ.
حسان ليلايو... آقا صلي الله عليھ وسلم اوهان کي اختيار آهي.
آقا صلي الله عليھ وسلم کي اختيار ڏنائين ته آقا کي کٽي ورتائين.
زخم ته پنهنجي زبان سان حسان آقا صلي الله عليھ وسلم کي به هنيو هو، پر آقا صلي الله عليھ وسلم تلوار نه هنئي، جنهن تلوار هنئي، اُن طرفان حسان کي مديني ۾ ”بيرحا“ نالي هڪ محل بخشي ڏنو ويو، جيڪو ابي طلحه بنب سهل کيس نذر ڪيو هو، پاڻ سڄي عمر کجين جي ڦڙن، گپ ۽ گاري سان ٺهيل ڀتين واري ڪوٺڙيءَ ۾ ئي رهيا.
”قديه“ يعني ڦاڙڻ واري هنڌ جي ويجهو مرسع چشمي وٽ ويل ان مهم ۾ منافقن، مسلمانن کي پاڻ ۾ ڦاڙڻ ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم جي ڪُٽنب تي ڪوڙي تهمت هڻي اُن سڳوري ڪُٽنب کي ڦاڙڻ جي جيڪا ڪِني ڪوشش ڪئي، خدا اها اونڌي ڪري ڇڏي.
سوره منافقين لاهي سندن ڪاريون دليون ۽ منافق مُهانڊا ظاهري ڪري ڇڏيا ۽ مسلمانن کي اهڙن معاملن ۾ سدائين جي لاءِ احتياط ڪرڻ ۽ زبان کي ذميداريءَ سان استعمال ڪرڻ سيکاريو ۽ ٻڌايو ته تهمت ڪيتري نه بُڇڙي بَلا آهي ۽ اُن جي سزا ڀُوائتي ۽ دوزخ جو عذاب آهي.
اِها سازش، جيڪا سازشين مسلمانن کي ڦاڙڻ (ٽوڙڻ) جي لاءِ شروع ڪئي هئي، مسلمانن کي پاڻ ۾ اڃا به وڌيڪ ڳنڍي ويئي.

خندق جي لڙائي

خندق جي لڙائي

احد جي جنگ کان ٻه سال پوءِ شوال جي مهيني 5 هين هجريءَ ۾ مڪي مان هڪ گهوڙيسوار کي چٺي ڏيئي سيدنا عباس مديني روانو ڪيو.
گهوڙيسوار ٽن ڏينهن کان پوءِ آقا صلي الله عليھ وسلم جي سامهون هو.
خط جو متن ڊيڄاريندڙ هو.
ابو سفيان اُن زماني ۾ عربستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو لشڪر تيار ڪري مديني تي چڙهائي ڪرڻ جي لاءِ روانو ٿي چڪو هو. اطلاع موجب لشڪر ۾ ڏهه هزار سپاهي هئا. اُن ۾ قريش کانسواءِ ڪنانه، تهامه جا سڀئي قبيلا،ان سان گڏ آقا صلي الله عليھ وسلم جي دشمن علائقي نجد جا بنو غطقان قبيلا، فزاره، مره، وشج بن عينيه بن حصن، حارث بن عوف ۽ معر بن رخيله جي قيادت ۾ اُنهن جا فوجي دستا به مڪي کان ٻاهر ’مهر الظهران‘ ۾ ابو سفيان جي لشڪر سان اچي گڏيا. بنو اسد به اچي پهتو.
اُن سڄي لشڪر جي تياري، سپاهين جي کاڌي پيتي، هٿيارن پنهوارن، گهوڙن ۽ اٺن تي ٿيندڙ سموري خرچ جي ذميداري خيبر جي يهودين پنهنجي ذمي کنئي هئي. ان کانسواءِ مديني جي اندر منافق ۽ بنو قريظه به ان ۾ ابو سفيان سان ٻٽَ هئا.
هاڻي اهو سڄو لشڪر پنهنجي پَر ۾ مديني جي سلطنت ۾ مسلمانن کي پاڙؤن پٽي ڦِٽو ڪرڻ جي لاءِ اچي رهيو هو. ان جي پهچڻ ۾ رڳو ڇهه ست ڏينهن ئي رهيا ٿي.
لشڪر جو سپهه سالار ابو سفيان بن حرب هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم هڪدم پنهنجن صلاحڪارن کي سڏايو.
زميني حقيقتون، دشمن جا ارادا ۽ پنهنجا مقصد سامهون رکيا.
دشمن جا ارادا ته ڀت تي لکيل هئا.
هُنن جي سگهه سان رستي جي واري ڌوڙ بنيل هئي.
جبل ڏڪي رهيا هئا.
مسلمانن جو مقصد اهو هو ته دشمن ڪامياب نه ٿئي.
مدينو بچيل رهي.
مسلمانن وٽ ساڍا ٽي هزار سپاهي هئا.
مقابلو ڪٿي ڪجي؟
سلمان فارسي به صلاحڪارن ۾ ويٺل هو. هن راءِ ڏني ته اسان جي ايران ۾ جڏهن به پاڻ کان وڏي فوج سان مقابلو هوندو آهي ته اسين هڪدم قلعي بند ٿي ويندا آهيون، جي قلعو نه هوندو آهي ته دشمن جي رستي ۾ وڏي خندق کوٽي ويندي آهي. ايتري ويڪري جو ڊوڙندڙ گهوڙو به اِها اُڪري نه سگهي، ايتري اونهي جو ان ۾ ڪريل دشمن ٻاهر نڪري نه سگهي.
اها ڳالهه آقا صلي الله عليھ وسلم کي دل سان لڳي.
مديني جون زميني حقيتون به اُن جي حق ۾ هُيون.
چئني پاسن خندق کوٽڻ جي گهرج به نه هئي.
ٽن پاسن کان قدرت ڀت ٺاهڻ کانسواءِ ئي هن شهر جو بچاءُ ڪري رکيو هو.
اُتر ۽ اولهه طرفن ٻرندڙ جبلن جي لاوي مان ٺهيل ڪاريون ٽڪريون هُيون، جيڪي گهڻيون مٿانهيون ته نه هُيون، پر انهن تي هلڻ محال هو. صدين جي اُس انهن جي اُڀريل ڪُنڊن کي تيز ۽ نوڪدار ڪري ڇڏيو هو. انهن تي رکجندڙ پير جوتن سميت چيرجي ٿي ويا.
پويان ڏکڻ اولهه ۾ ’سلح جبل‘ هو.ان جي وچ ۾ به جابلو ٽڪريون هيون.
ڏکڻ ۾ گهاٽا باغ هئا. گهاٽي آباديءَ واريون گهٽيون، ڳڙهيون ۽ گهر هئا. انهن جي ٻاهر کجين جا وڻ هئا، جيڪي گهڻا وڏا نه هوندا آهن ۽ هڪ ٻئي سان جڙيل هوندا آهن. انهن مان ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو ئي ڪنڌ جُهڪائي هلي سگهيو ٿي. اتان سڄو لشڪر لنگهي نٿي سگهيو.
اُن ئي پاسي بنو قريظه جي بستي هئي.
اُنهن جون وفاداريون مشڪوڪ ته هيون، پر هو اڃا سوڌي اعلانيه ”ميثاق مدينه“ مان نه نڪتا هئا ۽ پنهنجي عهد موجب مٿن مديني جي بچاءَ لاءِ مديني وارن جو ساٿ ڏيڻ لازمي هو.
بندوبست شروع ٿي ويا.
پهرين ته شهر جي ٻاهران چراگاهن مان مال وَجهو، اُٺ، ٻڪريون، گهوڙا وغيرهه شهر اندر آندا ويا ۽ انهن جي لاءِ گاهه پٺو ۽ چارو گڏ ڪيو ويو.
گهيرو ڪيترو ڊگهو ٿي سگهي ٿو؟
آقا صلي الله عليھ وسلم جو ذهن هڪ سپهه سالار وانگر سوچي رهيو هو.
آقا ﷺ کي خبر هئي ته شوال کانپوءِ ذيقعد جي اڌ تائين هو هِتي ترسي پي سگهيا.
هڪ مهينو
پوءِ کين حج جي ڏينهن ۾ هر حال ۾ مڪي پهچڻون هوندو.
سڄي سال ۾ حج جي موسم قريش جي عزت ۽ سڄي سال جي ڪمائيءَ جو وقت هوندو آهي.
اهو طئي ڪيو ويو ته
هر گهر ۾ هڪ مهيني جو سيڌو سامان موجود هُجي.
هاڻ اهو فيصلو ڪرڻون هو ته خندق ڪٿي ڪٿي هُجي.
ڪيتري گهري ۽ ويڪري.
آقا صلي الله عليھ وسلم پاڻ ئي پنهنجن هٿن سان خندق کوٽڻ جي لاءِ ليڪو ڪڍيو. پوءِ ڪوڏر هٿ ۾ کڻي الله جو نالو وٺي زمين تي پهريون ڌڪ هنيو. پاڻ سڳورن جي زبان مبارڪ تي هي لفظ هئا:
بسم الله و بھ بدينا
ولو عبدنا غيره شقينا
حبذا ر با و حبذا دينا
”الله جي نالي سان اسان جو ڪم شروع ٿئي ٿو، اسين هُن کانسواءِ ٻي ڪنهن جي عبادت ڪريون ته بدبخت ۽ بدنصيب ليکجون.هو ڪهڙو نه سُٺو رب آهي ۽ ڪهڙو نه سُٺو دين آهي ]الباري، روض الانف[
آقا صلي الله عليھ وسلم ڏهن ڏهن جون ٽوليون ٺاهيون.
هر ٽوليءَ جي ذمي چاليهه هٿ ڊگهي کاهي کوٽڻي هئي.
کوٽجندڙ زمين ورهائي ويئي.
خندق جي ڪُل ڊيگهه ڇهه ڪلوميٽر ٿي (4، 554 ميٽر)
ويڪر پندرهن فوٽ طئي ٿي (4.7 ميٽر)
۽ اونهائي لڳ ڀڳ ڏهن کان ٻارهن فوٽ سوچي ويئي (3.3 ميٽر)
اها سڄي کوٽائيءَ ڇهن ڏينهن کان اڳ مڪمل ڪرڻي هئي.
سڀني گهرن مان کوٽائيءَ جو سامان گڏ ڪيو ويو.
فيصلو اهو ڪيو ويو ته کوٽائيءَ جي ڪري نڪرندڙ سموري ريتي، واري، مٽي ۽ پٿر مديني جي اندرين پاسي ڍڳ ڪيا ويندا، ايئن دفاعي نقطه نظر سان اها دفاعي لائين طور هڪ مضبوط مورچي جو ڪم به ڏيندي، جنهن جي پويان، جتي به گهرج پوندي ماهر تير انداز پوزيشن وٺي حملي ڪندڙن کي ڀَڄائي سگهن. ان زماني ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم اهڙي تيز رفتار جارحاڻي دفاعي فوج جي جوڙجڪ ڪئي، جيڪا ايڪهين صديءَ ۾ آمريڪا ۽ نيٽو اختيار ڪئي ۽ ان کي ’ريپڊ ڊيپلائمنٽ فورس‘ جو نالو ڏنو آهي. مرڪزي ڪمان آقا صلي الله عليھ وسلم پنهنجي هٿ ۾ رکي، ڪمانڊ پوسٽ کوٽائيءَ مهل ته فارورڊ کوٽيل خندق سان گڏ هئي. بعد ۾ اها پويان مرڪز هنڌ سلح ٽڪريءَ جي هنج ۾ اوچي جاءِ تي جوڙي ويئي، جتي اڄڪلهه مسجد فتح جڙيل آهي. اُن جاءِ تان جنگ جو سڄو منظر سامهون نظر اچي ٿو. جيڏانهن به ڪمڪ جي گهرج ٿي پئي، اوڏانهن تيرانداز موڪليا ٿي ويا.
اها سڄي جنگ دشمن جي پهچڻ کان اڳ وڙهي ويئي.
وڙهي به زمين سان ويئي.
زمين ڪٿي ته نرم ٿي نڪتي، گهڻي تڻي پٿريلي ۽ ڪٿي ڪٿي وري زمين جي اندر سنگلاخ ٽڪريون هيون.
آقا صلي الله عليھ وسلم سڀني اصحابين سان گڏ 58 سالن جي عمر ۾ ساڳئي جوش ۽ جذبي ۽ لڳاءُ سان. زور مان ڪوڏر هڻي، اُڏندڙ مٽي، پٿرين، واريءَ کي کوٽي ۽ ٽڪرين کي ٽوڙيو ٿي ويو. ماهه ڪامل پنهنجي اُجري چانڊوڪيءَ سميت مٽي مٽي ٿي ويو.
اُتي سپاهي ۽ سپهه سالار اعظم سڀ هڪ جهڙا هئا.
پري کان خبر ئي نٿي پئي ته ڪير ڪير آهي.
جرنل ڪير آهي ۽ سپاهي ڪير.
صبح کان شام ٿي ويندي هئي.
کوٽائيءَ جو ڪم اندازي کان ڏکيو نڪتو.
اُن کي هر ٻي ڪم تي ترجيح ڏني ويئي
کائڻ، پيئڻ، ٻارڙا، گهر ٻار... ايستائين جو نمازون به قضا ٿيڻ لڳيون.
ڪم رُڳو ڏينهن جو ٿي پي سگهيو.
سياري جا ڏينهن هونئن به ننڍا هوندا آهن.
وري ٿڌيون هوائون...
کوٽائيءَ جا اوزار به معياري نه هئا.
آقا صلي الله عليھ وسلم جنگ جي لاءِ تلوارون، ڍالون، زرهون ته گهڻيون ئي ٺهرايون هُيون، پر اُن گهڙيءَ جو هٿيار ڪوڏر، بيلچو ۽ ٽيڪم هو. کوٽائي ڪندڙن جي مجموعي نفري ۽ کوٽائيءَ جي لاءِ طئي ڪيل هنڌ جو تعين ڪري حساب لڳايو وڃي ته ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ اُنهن ڇهن ڏينهن ۾ مديني جي هر جوان ۽ پوڙهي پنهنجي قبر جي سائيز جي جاءِ کي ست ڀيرا کوٽيو.
اُنهن ڇهن ڏينهن ۾ ڪيترائي عقل کان مٿانهان واقعا به ٿيا.
ماڻهن جي گهرن ۾ راشن جي کوٽ ٿي پئي.
تازيون ڀاڄيون ۽ ميوات گم ٿي ويون.
ميڙي چونڊي ختم ٿيڻ لڳي.
ٻاهران واپاري اچڻ بند ٿي ويا.
اندريان، ٻاهران ڪجهه به آڻي نه پي سگهيا.
جيڪو ڪمائڻ ۽ ٻارن کي پالڻ جو وقت هو، اهو کوٽائيءَ جي بِلي..
نوبت وڃي فاقن تائين پهتي.
هڪ ڏينهن سيدنا طلحه پنهنجي پيٽ تان پنهنجو ميرو ۽ مٽيءَ سان ڀڀوت ڪپڙو هٽايو ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم کي پنهنجو پيٽ ڏيکاري چوڻ لڳو: ”آقاﷺ، ڏسو پنهنجي معدي کي ڀريل هئڻ جو دوکو ڏيڻ لاءِ پيٽ تي هڪ پٿر ٻَڌل آهي.“
آقا ﷺ مُرڪيو ۽ هوريان هوريان پنهنجي پيٽ تان ڪپڙو مٿي ڪيو.
آقا صلي الله عليھ وسلم جي پيٽ تي ٻه پٿر ٻَڌل هئا.
پٿر ٻڌڻ سان معدو دماغ کي پيغام ڏي ٿو ته آءٌ دٻيل آهيان، خالي نه آهيان، تنهن ڪري جسم ۾ بُک جي شدت سان جيڪا هيڻائي ۽ هڪدم ڪجهه کائڻ جو حڪم اچي ٿو، اهو ٽري ٿو وڃي. پر جسم جي هيڻائي ۽ نستائي ته پنهنجي جاءِ تي وڌندي رهندي آهي. بس وقتي طور تي بُک جو خيال محو ٿي وڃي ٿو.
ماڻهو ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿي رهيا هئا.
هڪ هڪ ڪري ڇهه ڏينهن پورا ٿيڻ وارا هئا.
خندق جتي جتي سوچي ويئي هئي، اُتي تيار ٿيڻ واري هئي.
مديني جي آسپاس ابو سفيان جو ڏهن هزارن جو لشڪر پهچڻ وارو هو. ايندڙ لشڪر سبب اُن طرف آسمان تي مٽي ڇانيل هئي.
کوٽائي تيز ڪئي ويئي.
کوٽائي وارن ڏينهن دوران جتي جتي زمين ۾ ڪا سخت ٽڪري ٿي آئي ته ماڻهو ڀڄندو آقا صلي الله عليھ وسلم وٽ ٿي آيو.
آقا صلي الله عليھ وسلم ٽڪري اچي ويئي آهي.
ٽُٽي ئي نٿي.ڪيترا ڀيرا ايئن ٿيو
آقا صلي الله عليھ وسلم اچي ٿي ويا.
خليءَ مان پاڻي ڀري وات ۾ وجهي اندر گهمائي، پوءِ اها گرڙي ٽڪريءَ تي ٿي ڪيائون ته اها ڪجهه ئي گهڙين ۾ نرم ٿي ٽُٽي ٿي ويئي. ڪنهن تي وري هٿ سان پاڻي ڇڻڪائي بسم الله پڙهي ٿي وڌائون ته اها ذريون ذريون ٿي پوندي هئي.
هڪ ڏينهن کوٽائيءَ دوران هڪ وڏي ٽڪري اچي ويئي
ماڻهو ڊوڙندو آقا صلي الله عليھ وسلم وٽ پهتو
آقا پنهنجو ٽيڪم ڪلهي تي رکيو ۽ ان ٽڪري وٽ پهتا.
ٽيڪم جو پهريون ڌڪ هنيو
هڪ چڻنگ نڪتي ۽ ٽڪري ٻه اڌ ٿي پئي. آقا صلي الله عليھ وسلم خوشيءَ مان نعرو هنيو ۽ الحمد لله چيو. پنهنجن ماڻهن کي گڏ ڪيو ۽ ٻڌايو ته ان چمڪ ۾ شام جي ڳاڙهين محلاتن کي ڏيکاري الله انهن جون چاٻيون منهنجي حوالي ڪري ڇڏيون آهن.پوءِ ٻيو ڌڪ هنيائون.
هن ڀيري وڏو ڏار پيو ۽ چڻنگون نڪتيون. آقا صلي الله عليھ وسلم جي مُنهن مبارڪ تي تازگي اچي ويئي ۽ مُرڪي فرمايائون: فارس جي ڪنگرن وارا محل ۽ مدائن جي قصر جون چاٻيون به عطا ڪيون ويون آهن.
پوءِ الله اڪبر چئي ٽيون ڌڪ هنيو..
ٽڪريءَ جي هڪ ڪنڊ ٽڙڪي ڌار ٿي ويئي... چڻنگون وري اُڏيون، آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو يمن ۾ صنعا جا دروازا کلي ويا. انهن جون چاٻيون به ملي ويون. اُن آزمائش جي گهڙين ۾ به آقا صلي الله عليھ وسلم جي ساٿين جي لاءِ ڪيڏيون نه شاندار خوشخبريون هيون، پر جن جي دلين ۾ اونداهي هئي، تن کي پٿر مان نڪرندڙ چڻنگن ۾ ڏٺل بشارتن تي ڪٿي ٿي يقين آيو. جيتوڻيڪ هُنن پاڻ کي عقل وارو ٿي سمجهيو، پر اهي اندر جا ڪارا ۽ منافق هئا. هو هيڏانهن هوڏانهن سُس پُس ڪندي اهو چوندي نظر اچڻ لڳا ته: اسان لاءِ ته ضروري حاجت لاءِ نڪرڻ به ڏکيو ٿي پيو آهي ۽ هيڏانهن هي دنيا جي عظيم سلطنتن جون ڪُنجيون ميڙڻ جي ڳالهه پيا ڪن.
حالانڪه تاريخ ڏٺو ته اُن واقعي جي ڏهن پندرهن سالن جي اندر اندر اهي سڀئي سلطنتون ۽ بادشاهتون آقا صلي الله عليھ وسلم جي غلامن جي پيرن جي هيٺان هُيون، جن جون ڪُنجيون اُن گهڙيءَ آقا صلي الله عليھ وسلم کي خدا بخشيون هُيون.
آقا صلي الله عليھ وسلم کي خدا جي سڀ کان وڏي نعمت سندس ساٿي هئا. هو جنهن لڳاءَ، محبت ۽ جذبي سان آقا صلي الله عليھ وسلم جي هر حڪم جي پابندي ڪري رهيا هئا، اُن جو مثال تاريخ ۾ شايد ئي ڪٿي ملي. هو کاهي کوٽيندا ۽ هي شعر گيت جي صورت ۾ پڙهندا ويا.
نحن الذين بايعوا محمدا
علي الجهاد ما بقينا ابدا.
”اسين اهي ماڻهون آهيون، جن محمد صلي الله عليھ وسلم جي هٿ تي بيعت ڪئي آهي، جيستائين سِسيءَ ۾ ساهه اٿئون، اسين ڪافرن سان جهاد ڪنداسين.“
آقا صلي الله عليھ وسلم ساٿين کان اهو سُڻي فرمائيندا هئا.
اللٰهٰم لاعيش الا عيش الآخرة
فا غفر الانصار و المهاجره
”اي الله بيشڪ زندگي ته صرف آخرت جي زندگي آهي... تنهن ڪري تون انصار ۽ مهاجرين جي مغفرت فرمائي...“
آقا صلي الله عليھ وسلم مٽي ڍوئيندي هي گيت به چوندا هئا. خاص ڪري عبدالله بن رواحه جو هي گيت:
اللٰهم لولانت ما اهتد ينا
ولا تصدقنا ولا طينا
فانزلن سکينھ علينا
وثبت الاقدام ان لاقينا
ان الالي قد بغوا علينا
اذا ارادوا فثنه ابينا
” اي الله جيڪڏهن تون نه هُجين ها ته اسان کي هدايت نه ملي ها
نه صدقو ڏيون ها، نه نماز پڙهئون ها
تنهن ڪري تون اسان تي سڪون ۽ اطمينان نازل فرماءِ
جيڪڏهن دشمن سان مُهاڏو اٽڪي ته اسان کي ثابت قدم رکج
هُنن ماڻهن اسان تي گهڻو ظلم ڪيو آهي
جيڪڏهن هو اسان کي فتني ۾ وجهڻ گهرن ته
اسان کي جُهڪائين متان- (بخاري)
هيڏانهن خندق کوٽجي رهي هئي.
هوڏانهن دشمن جي ويجهي اچڻ جون خبرون اچي رهيون هُيون،
ڪم ۾ تيزي اچي ويئي
کاڌي پيتي جو به هوش نه رهيو.
سيدنا جابر، آقا صلي الله عليھ وسلم جي چهري تي بُک ڏٺي ته تڙپي پنهنجي گهر ويو. هڪ ڇيلو ڪُٺائين، زال کي ڏيڍ ڪلو کن جوَ پيهڻ جو چيائين- ماني ٿوري هئي، تنهن ڪري هوريان هوريان آقا صلي الله عليھ وسلم جي ويجهو آيا ۽ عرض ڪيائون.
آقا صلي الله عليھ وسلم گهر ۾ اوهان جي لاءِ ڪجهه رڌيو اٿئون.
هلو، اسان جي عزت افزائي ڪريو.
آقا ﷺ کيس برڪت جي دعا ڏني ۽ سڀني خندق کوٽيندڙن کي سَڏيو اچو ته هلئون
جابر ماني ڪئي آهي
اِهي همراهه مٽي ڇنڊي هٿ ڌوئڻ لڳا
هُنن جو انگ هڪ هزار کان به مٿي هو
سيدنا جابر پريشان ٿي ويو.
ماني ته رڳو ڪجهه ماڻهن جيتري هئي.
هاڻي ڇا ٿيندو؟
آقا صلي الله عليھ وسلم سيدنا جابر جي پريشاني سمجهي ويا.
سيدنا جابر ٻوڙ جي ديڳڙي آقا صلي الله عليھ وسلم جي اڳيان رکي. اُن سان گڏ مانين جي دَٻڪي به، جنهن جي مٿان ڪپڙو ويڙهيل هو. آقاﷺ بسم الله پڙهي لنگر ورهائڻ شروع ڪيو. هڪ هزار کان به وڌيڪ ماڻهن ڍؤ ڪري ماني کاڌي.
ديڳڙيءَ ۾ ٻوڙ اوتري جي اوتري پئي هئي.
ماڻهو چون ٿا ته آقا صلي الله عليھ وسلم جي محبت ۾ کارائجندڙ اڄ جي هر لنگر ۾ برڪت به اُن ڏينهن جي حوالي سان آهي.
سيدنا لقمان بن بشير جي ڀيڻ مُٺين ۾ کجور کڻي آئي ته جيئن پنهنجي پيءُ ۽ مامي عبدالله بن رواحه کي کائڻ لاءِ ڏي. آقا ﷺ وٽان لنگهي ته ٿوري کجور آقاﷺ جي خدمت ۾ به پيش ڪيائين. آقا ﷺ پَٽ تي ڪپڙو وڇايو ۽ ان تي کجور پکيڙي ڇڏيائين. پوءِ خندق کوٽيندڙن کي سڏيائين.
هيڏانهن اچو
ٿوري ساهي کڻو
کجور به آئي آهي.
سڀني گڏجي کاڌي. جيتري کاڌائون ٿي اوتري وڌي ٿي ويئي.
هيڏانهن خندق مڪمل ٿي.
هوڏانهن ابو سفيان جو لشڪر به پهچي ويو.
ڏهن هزارن تي مشتمل فوج
ڌوڙ ئي ڌوڙ
مِٽي ئي مِٽي
دشمن سپاهين احد جبل جي اوڀري پاسي ’ذنب نقمي‘ ۾ لڏو لاٿو.
رستي ۾ ايندي دشمن الائجي ڪهڙيون ڪهڙيون سَٽون سَٽي پهتو هو. هتي پهتو ته ڏٺائون ته شهر ڏانهن ويندڙ رستي جي وچ ۾ هڪ وڏي ۽ تازي کاهي کوٽي پئي آهي.
هو سخت پريشان ٿيا.
عربستان جي ريگستان ۾ اها دفاعي حڪمت عملي نئين هُئي.
خندق جي ويجهو ٿيڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائون ته مديني واري پاسي خندق جي ڪناري تي مٽيءَ جي ٺهيل وڏن مورچن مان مٿن تيرن جو مينهن ٿي وسي ويو.
هاڻ ڇا ڪجي؟
هو خندق جي ٻاهر ڪنڌيءَ تي گهوڙا ڊوڙائڻ لڳا
ڏسون ته ڪٿي ويڪر گهٽ آهي.
۽ هو گهوڙن کي ڊوڙائي کاهي ٽپي سگهن.
هڪ ٻن جڳهين تي آقا صلي الله عليھ وسلم شايد ڄاڻي ٻُجهي ويڪر گهٽ رکي هئي ته جيئن دشمن جو ڪو مَٿو ڦِريل سورمو هيڏانهن ٽپي اچي ۽ کيس گهيري ماريو وڃي.
ايئن ئي ٿيو
ٻن هفتن تائين ڀڄ ڊُڪ کانپوءِ دشمن اهي گهٽ ويڪر واريون جايون ڏسي ورتيون. ڪجهه قريش سردار عمرو بن عبدؤو، عڪرمه بن ابوجهل، هيبره بن وهب، ضرار بن خطاب ۽ نوفل بن عبدالله ان ئي هنڌ تان واري واري سان ڊوڙندڙ گهوڙن سان خندق پار ڪري ورتي.
هيڏانهن سيدنا علي سندن اوسيئڙي ۾ بيٺا هئا.
پهرين ته هُنن جي واپسيءَ جو گهٽ بند ڪيائين
پوءِ سندن سامهون آيو.
پهرين عمرو بن عبدؤو سامهون آيو، تڪبر ۽ لوهه جي زرهه ۾ غرق.
حقارت مان چيائين: ٻار آهين... ڪنهن وڏي کي موڪل.
سيدنا عليءَ کيس ڪا اهڙي ڳالهه چئي جيڪا کيس ڏکي لڳي
ڪاوڙ ۾ گهوڙي تان لَٿو.
سيدنا عليءَ کي اُن گهڙيءَ جو اوسيئڙو هو.
اهڙو وار ڪيائينس جو هو ڪٽجي ٻه اڌ ٿي اچي ڪريو.
نوفل بن عبدالله به خندق ٽپي گهوڙي کي ڊوڙائيندو پي آيو، جو سندس گهوڙو ڇرڪيو ۽ هو گهوڙي سميت وچ خندق ۾ ڪري پيو. ماڻهن کيس پٿر هڻڻ شروع ڪيا.
رڙ ڪري چيائين پٿرن سان نه مون کي تلوار سان ماريو
عزت سان ماريو
آءٌ قريش جو سردار آهيان
سيدنا علي خندق ۾ لٿو ۽ کيس پورو ڪري ڇڏيائين.
قريش سندس لاش وٺڻ آيا
۽ پاڻ سان ڏهه هزار درهم به آندائون
آقا صلي الله عليھ وسلم لاش مفت ۾ واپس ڪري ڇڏيو. ٻُڌائڻ جو مقصد اهو هو ته اسين لاش نه وڪڻندا آهيون.
اهو مسلمانن جي لاءِ آزمائش جو وقت هو.
قرآن پاڪ خود اُن ڪيفيت جي منظر ڪشي ڪئي آهي.
”مسلمانو، ياد ڪريو اُن وقت کي جڏهن دشمن اوهان جي مٿان اچي پهتو هو، مٿان کان به ۽ هيٺان کان به، اوهان جون اکيون کيريون ٿي ويون ۽ جگروات ۾ ٿي آيا. ۽ الله تعاليٰ سان طرح طرح جا گمان ڪرڻ لڳا. ان هنڌ ايمان وارا آزمايا ويا ۽ خوب آزمايا ويا. (الاحزاب- قرآن)
اها خوفناڪ حالت اُن وقت ٿي جڏهن مسلمانن کي خبر پئي ته مديني جي ڏکڻ ۾ بنو قريظه وارن مسلمانن سان غداري ڪري قريش سان ڳٺ جوڙ ڪري ورتو آهي. مٿان ڏهن هزارن جو لشڪر ۽ هيٺ يهودين جي قلعن طرف رستي ۾ ڪابه رڪاوٽ نه هئي. آقا صلي الله عليھ وسلم احتياط طور اُن پاسي هڪ ڪئمپ هڻي ڪجهه محافظ اُن پاسي مقرر ڪري ڇڏيا ۽ مديني جا ٻار ۽ زائفائون به اتي گڏ ڪيا. ان ڪئمپ جو هڪ واقعو آهي ته اتي بنو قريظه وارن هڪ جاسوس موڪليو ته خبر چار وٺي اچ ته ڪيترا چوڪيدار آهن. هيڏانهن آقا صلي الله عليھ وسلم جي پُڦي، سيدنا حمزي جي ماءُ ڄائي ننڍي ڀيڻ صفيه اُن جاسوس کي ڏسي ورتو
چوڪيءَ ته شاعر حسان بن ثابت هو
کيس چيائين ته جَهلينس
هن هَڄي وراڻيو
آءٌ ته شاعر آهيان. ويڙهه وارو ڪم نٿو اچيم.
سيده صفيه ڪاوڙ ۾ اچي منهن ۽ مٿو ڍڪي، تنبوءَ جو ڪِلو کڻي ويئي ۽ اُن يهودي جاسوس کي ماري ڇڏيائين. پوءِ وري اچي حسان بن ثابت کي چيائين ته ”آءٌ کيس ماري آئي آهيان. تون وڃي سندس زرهه لاهي اچ. زائفان هئڻ جي ناتي مون اها نه کولي. اها زرهه به تنهنجي ٿي ۽ اُن جي تلوار به تون کڻج.“
حسان بن ثابت اڃا تائين هَڄيل هو.
چيائين: مون کي زرهه ۽ تلوار جي ضرورت ڪونهي.
آءٌ نٿو وڃان.
پر بنو نضير جو سردار حئي بن اخطب، جنهن کي سڄي قبيلي سميت مديني مان تڙيو ويو هو، اهو لِڪندو ڇُپندو خيبر مان مديني پهچي ويو. هن بنو قريطه جي سردار ڪعب بن اسد جو دروازو کڙڪايو. ڪعب بن اسد دروازي جي جهروڪي مان حئي بن اخطب کي ڏٺو ۽ چيو.
حئي تون منحوس ماڻهو آهين
آءٌ دروازو ڪونه کوليندس.
مون محمد صلي الله عليھ وسلم سان عهد ڪري رکيو آهي ۽ مَنجهس سچائي ۽ عهد کي پورو ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڏٺو آهي.
حئي سَرٻاٽ ڪيو
ڪعب تون درواو ته کول.
آءٌ تنهنجي لاءِ دائمي عزت جو سامان کڻي آيو آهيان. قريش ۽ غطفان جو اهو وڏو سمنڊ محمد (صلي الله عليھ وسلم) ۽ سندس ساٿين کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ کانسواءِ هِتان نه چُرندو. اهو هُنن جو مون سان وعدو ڪيل آهي.
ڪعب وراڻيس
خدا جو قسم! تون مون وٽ سدائين ذلت ۽ خواريءَ جو وسندڙ ڪڪر بنجي آيو آهين، جيڪو پنهنجي لاءِ ئي گپَ ڪري ٿو... تون وڃ... توسان ڪو واسطو نه اٿم.
پر حئي ٽرڻ وارو ڪٿي هو.
نيٺ ڪعب کي اُن ڳالهه تي راضي ڪري وڌائين ته مسلمانن سان ڪيل معاهدو ٽوڙي ڇڏ.
هُن ٽوڙي ڇڏيو.
آقا صلي الله عليھ وسلم کي خبر پئي.
تصديق جي لاءِ سيدنا سعد بن معاذ، سعد بن عباده، سيدنا عبدالله بن رواحه ۽ سيدنا خوات بن جبير کي موڪليو ويو. اُن سان گڏ اها به تاڪيد ڪيائون ته جنگ جي حالت ۾ آهيون، تنهن ڪري واپسيءَ تي خبر مبهم لفظن ۾ ڏجو، جيئن خراب خبر سبب بَددلي نه پکڙجي.
صورتحال ڏاڍي نازڪ هئي.
پر چڱا مڙس ويا
ڪعب بن اسد کي سندس عهد ياد ڏياريائون.
هو بنهه بدليل شخص هو.
گارين ڏيڻ تي لهي آيو.
توهين جي حد ڪري ڇڏيائين
ڪهڙو عهد؟
ڪهڙو رسول الله؟
موڪليل چڱا مڙس موٽي آيا
سندن مُهانڊن تي چوڻ آکڻ کانسواءِ سڀ ڪجهه لکيل هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم ماڻهن ۾ ويٺل هئا.
مبهم انداز ۾ خبر ڏيڻ جي لاءِ کين بيئر معونه ۽ رجيع جي دوکو ڏيندڙ قبيلن جا نالا ياد اچي ويا. عفل ۽ قاره... اِهي ٻُوليائون.
آقا صلي الله عليھ وسلم ڪنڌ گوڏن تي رکيو
چهري تي ڪپڙو وڌائون.
خبر ڪونهي ڇا سوچيائون، چهري تي ڪهڙو تاثر اُڀريس
يا آسمان تان ڪا خبر لٿي.
ڏسندي ئي ڏسندي ڪنڌ مٿي کنيائون ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو
”الله اڪبر... مسلمانو... خوشخبري آهي.“
آقا صلي الله عليھ وسلم بنو قريظه طرف لشڪر موڪلي ڏنو
۽ بچاءُ جون تدبيرون وڌائي ڇڏيائون
صورتحال ڏاڍي خراب ٿي ويئي
سامهون ڏهن هزارن جو لشڪر مديني کي ڀيلڻ جي لاءِ تيار بيٺو هو.
پويان رياست جي وفاداريءَ ۾ ساٿ ڏيندڙ يهودي قيبلو باغي ٿي، دشمن سان ملي ويو. اُن پاسي ته نه ڪا رڪاوٽ هئي، نه ڪا خندق.
آقا صلي الله عليھ وسلم، الله جي حضور ۾ دعا جي لاءِ هٿ کنيا
”اللهم استر عوراتنا وامن روعاتنا“
”اي پالڻهار! اسان جي عيبن جي ڍَڪ رکج ۽ اسان کي خطرن کان محفوظ رکج ]فتح الباري، زرقاني[
پوءِ زوال مهل آقا ﷺمسجد ۾ بيهي الله جي اڳيان ليلائڻ لڳا.
”اللهم منزل الڪتاب، سريع الاحساب، وهازم الاحزاب، اهزمهم وانصرنا عليهم.“
”اي الله! ڪتاب نازل ڪرڻ وارا، جلد حساب وٺڻ وارا، هِنن لشڪرن کي شڪست ڏي، کين شڪست ڏي ۽ اسان کي مَٿن سوڀ ڏي.“ (بخاري/زرقاني)
آقا صلي الله عليھ وسلم جيڪو چيو... اهو الله سُڻي ورتو.
اُن کان اڳ جو الله زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ پنهنجي هوائن کي طوفان ۾ ويڙهي هنن ڏانهن موڪلي، الله هڪ مُشرڪ نعيم بن مسعود اشجيءَ جي دل ۾ جيڪو بنو عطفان مان هو، ايمان جي بتي ٻاري ڇڏي ۽ تدبيرن جو واچوڙو هلائي ڇڏيو.
نعيم کي ابو سفيان ۽ بنو قريظه جي سردار ڪعب بن اسد ٻنهي جو ڀروسو حاصل هو. هُن جي دل ڏسندي ئي ڏسندي آقا ﷺجي غلام بنجي ويئي.
هُن وات مان ڪٿي به ايمان جو اظهار نه ڪيو هو. آقا صلي الله عليھ وسلم جي حضور ۾ حاضر ٿيو. دل جي ڪيفيت ٻُڌائي، ايمان جو اقرار ڪيو ۽ ان جنگ کي امن ۾ بدلائڻ جي لاءِ پنهنجون خدمتون پيش ڪيون.
پهرين هو بنو قريظه جي سردار ڪعب وٽ ويو.
چيائينس: ابو سفيان ۽ غطفان وارا ته وڙهي جُڙي هليا ويندا، توکي ۽ تنهنجي قبيلي کي هِتي رهڻو آهي. جيڪڏهن پوءِ مسلمانن اوهان جو گهيراءُ ڪيو ته ڪيڏانهن ويندا ۽ هو ڪٿان اوهان جي مدد لاءِ ايندا؟
ٿورو سوچي وَٺ.
ڪعب سوچ ۾ پئجي ويو.
پوءِ چيائينس:
ڇا ڪجي..؟
نعيم رازداريءَ سان کيس ڪجهه چوڻ جي لاءِ سندس ويجهو ٿيو ۽ سندس ڪن ۾ هڪ تجويز وڌي.
ڪعب جون وساميل اکيون ٻيهر چمڪڻ لڳيون. پُڇيائينس: ابو سفيان مڃيندو؟
توکي مڃرائڻ گهرجي، جي نه مڃي ته سمجهي وٺجو ته هو توکي پنهنجي فائدي جي لاءِ استعمال پيو ڪري.
ڪعب ڪنڌ ڌوڻيو. چيائين: تنهنجي رٿ ته سُٺي آهي.
نعيم اها رٿ ڏني هئي ته ابو سفيان کي چئج ته پنهنجا ڪجهه چڱا مڙس اوهان وٽ ضامن طور اسان جي نگراني ۽ حفاظت ۽ اطمينان جي لاءِ ڇڏي، پوءِ ئي اوهين مسلمانن تي پويان حملو ڪندا.
نعيم جو مقصد هو ته تون تحفظ جي گارنٽي حاصل ڪري وٺ.
ڪعب اها رٿ مڃي ورتي.
اُتان اُٿي نعيم سڌو ابو سفيان وٽ ويو. چيائينس: ڪعب سان ملي پيو اچان.
ابو سفيان پُڇيس: سُڻائي ڪهڙي خبر چار آهي.
نعيم مُنهن ڀيلو ڪيو ۽ وڏي ڏک مان مُنهن ڦٽائي چيائين.
ڪعب مسلمانن جي داٻي ۾ اچي ويو آهي. اُنهن تي حملو ته پري جي ڳالهه، مُرڳي هو اوهان جا ڪجهه خاص خاص چڱا مڙس دوکي ۽ چالاڪيءَ سان جهلي مسلمانن جي حوالي ڪرڻ ٿو گهري ته جيئن هو مسلمانن کان بچيل رهي.
ڇا مطلب؟ ابو سفيان اُٿي ويٺو.
نعيم وري رازداريءَ مان ابو سفيان ڏانهن جُهڪيو ۽ چيائين: هو توکان تحفظ ۽ نگرانيءَ جي بهاني ڪجهه ماڻهو گُهرندو... پر تون متان سندس ڳالهه مَڃين، نه ته بنو قريظه وارا اِهي ئي همراهه مسلمانن جي حوالي ڪري پنهنجي وعدي خلافيءَ جو ازالو ڪندا.
ابو سفيان جون اکيون ڪاوڙ ۽ حيرت ۾ ڀڙڪڻ لڳيون.
هڪدم پنهنجا ماڻهو بنو قريظه وارن ڏانهن ڳالهين لاءِ موڪليائين ۽ چيائين. اوهين بنو قريظه وار هڪدم حملو ڪريو.
ڪعب وراڻيس... هڪ ته ڇنڇر جو ڏينهن آهي ۽ ٻيو ته پنهنجا ڪجهه همراهه اسان وٽ ڇڏ.
ڪعب اهو ئي مطالبو ڪيو
ابو سفيان ٻڌو ته ڪنڌ ڌوڻيو... نعيم ٺيڪ چئي رهيو هو.
ٻنهي طرفن بداعتمادي ٿي ويئي.
مٿان وري خدا روڪيل هوائن جي ڳنڍ کولي ڇڏي.
لڱ ڄمائيندڙ ٿڌيون هوائون
طوفان جي صورت ۾ ڪاهي آيون
مٿان وري ڪَڪر به مِڙي آيا.
تيز مينهن، تکين هوائن ۾ پٿرين جيان وسڻ لڳو. طوفان ايترو ته سخت هو جو ابو سفيان جي فوجين لاءِ چُلهه تي چڙهيل ديڳيون به اُبتيون ٿي ويون. باهه ڪٿي ڀڙڪي ٿي پئي ته ڪِٿي اُجهامي ٿي ويئي.
تنبو اُبتا ٿي پيا.
تنبو ڦاٽي پيا.
بانس اُکڙي ويو.
رسيون ڇِڄي پيون
ابو سفيان جي پڙاءُ ۾ طوفان سڀ ڪجهه هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو
صحرا جو غبار
مٿان وري بُت ڇليندڙ تيز مينهن
هٿ کي هٿ نه سُجھي
آسمان تان وحي لهي آقا صلي الله عليھ وسلم کي سڄو منظر ڏيکاري ڇڏيو.
”اي ايمان وارؤ! الله جي اُن انعام کي ياد ڪريو، جيڪو اوهان کي اُن وقت مليو، جڏهن ڪافرن جا ڪيترا ئي لشڪر اوهان جي مٿان اچي ڪَڙڪيا هئا. ان وقت اسان اوهان جي دشمنن تي هڪ انڌو طوفان موڪليو ۽ آسمان تان اوهان جي مدد لاءِ اهڙا لشڪر لاٿا، جيڪي اوهين ڏسي نٿي سگهيا ۽ الله اوهان جي عملن کان چڱي پَر واقف آهي. ]سوره الاحزاب[
رات ڏاڍي ٿڌي هئي.
ڊسمبر جي پوين راتين مان هڪ.
ذيقعد جو مهينو هو.
گهيري کي هڪ مهينو ٿي چڪو هو.
ابو سفيان جي لشڪر جي رسد ختم ٿي چڪي هئي
اڳيان حج جو مهينو هو،
کيس مڪي به پهچڻون هو.
غطقان قبيلن ۾ به مايوسي هئي
ابو سفيان کي بنو قريظه پاران بدگماني پيدا ٿي چڪي هئي.
۽ مٿان وري ههڙي طوفاني رات.
سڀ ڪجهه اُبتو ٿي ويو
پڙاءُ ۾ سڀ ڪجهه ظاهر ٿي ذرو ذرو ٿي ويو.
هيڏانهن مديني ۾ ان سرد رات جو آقا ﷺخندق جي ڪناري هڪ خيمي ۾ چادر ويڙهيو ويٺا هئا. تنبوءَ جون رسيون لڏي رهيون هُيون. تنبوءَ جو ڪپڙو ڦڙ ڦڙائي رهيو هو. مينهن پئجي رهيو هو.
آقا ﷺسيدنا حذيقه بن اليمان کي سڏيو
هو جاسوسيءَ جو ماهر هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم کيس چيو ته، قريش جي ڪئمپ ۾ وڃ
خبر چار وٺي اچ
ٻيو ڪجهه به نه ڪج
دعا ڪيائينس ته الله هر طرف کان تنهنجي حفاظت ڪري.
سيدنا حذيفه، آقا صلي الله عليھ وسلم جي دعا ٻُڌي شينهن بنجي ويو. اهڙي ڀُوائتي موسم ۾ بَدن تي چادر ويڙهيائين ۽ روانو ٿي ويو ۽ ابو سفيان جي لشڪر جي رهائشي هنڌ تي پهچي ويو.
اُتي ته منظر ئي ٻيو هو.
پڙاءُ کڄي چڪو هو
اونداهي اهڙي جو اک نه ڏسي گوڏو
تيز هوائون، ڌوڙ، مٽي، گپَ
ڪريل اُڏرندڙ تنبو
مانيءَ جون اُبتيون ٿيل ديڳيون
سانت
شائين شائين ڪندڙ تيز طوفاني هوا.
تيز وسندڙ مينهن پاڻي... گپَ
وِڄن جا وَراڪا
ڪڪرن جو دل ڏاريندڙ گوڙ...
روح فنا ڪندڙ منظر هو.
ماڻهن ۾ ڊپ جي لهر ۽ بي ربط ڀڄندڙ قدم.
ايتري ۾ حذيفه کي اونداهيءَ ۾ هڪ طرف ڀڄندڙ ابو سفيان بن حرب جو ڪَن تي آواز پيو-
اي قريشو
هاڻ ترسڻ جي جاءِ ڪونهي
اسان جا وَهٽ مري ويا آهن
بنو قريظه وارا به ڦِري ويا آهن
طوفان سڀ ڪجهه اُبتو ڪري ڇڏيو آهي.
منهنجي مَڃو ته موٽي هلو.
پوءِ ابو سفيان جهڙپ ڏيئي پنهنجي اُٺ ڏانهن ويو.
ٽپ ڏيئي اُٺ تي ويٺو. کيس اٺ کي ڀڄائڻ جي ايتري ته تڪڙ هئي جو اهو به وساري ويٺو ته ويٺل اُٺ جي گوڏن کي هن ٻڌي ڇڏيو هو. ان اُٿڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي ته وري ويهي ٿي رهيو.
ابو سفيان جي ڪنهن ساٿيءَ اُٺ جا گوڏا کوليا.
ڀڄندڙن ۾ ابو سفيان جو اُٺ سڀني کان اڳيان هو.
هڪ هنڌ ابو سفيان، حذيفه جي ايترو ته ويجهو آيو، جو، چاهي ها ته کيس تلوار جي هڪ وار سان پورو ڪري ڇڏي ها، پر کيس آقا صلي الله عليھ وسلم جو حڪم ياد اچي ويو. ٻيو ڪجهه به نه ڪج... رڳو خبر چار وٺي اچ...“ ]زرقاني[
هو ڊوڙندو واپس آيو
آقا صلي الله عليھ وسلم کي خوشخبري ٻُڌايائين.
آقا ﷺالله جي اڳيان ٿورا مڃيندي شڪراني جي سجدي ۾ هليا ويا.
صبح ٿيو ته مديني جي سامهون ميدان خالي پيو هو. دشمن جو نالو نشان به نه هو.
”اعز جنده و نصر عبده، و هزم الاحزاب وحده“
”پنهنجي لشڪر کي عزت بخشي، پنهنجي ٻانهي جي مدد ڪئي ۽ اڪيلي ئي سڄي لشڪر کي شڪست ڏني.“ ]الاحزاب[
جنهن طوفاني رات ابو سفيان پنهنجو لشڪر وٺي واپس مڪي ڀڳو. آقاﷺ فرمايو:
”هاڻي دشمن ڪڏهن به اسان تي حملو نه ڪندو. هاڻي اسين مٿن هَلان ڪنداسين.“
جنهن ڏينهن آقا ﷺخندق کان واپس آيا، اهو اربع جو ڏينهن، ذيعقد جي 22 هين تاريخ ۽ 5 هجري هئي. ابو سفيان ۽ سندس آندل ڏهن هزارن جو لشڪر هزارين درهم، وقت ۽ پنهنجن جانورن جو ذيان ڪرائي بُڇڙو ٿي، ناڪام ۽ نامراد ٿي ڀڄي چڪو هو. پنهنجا ٽي چڱا مڙس نفل بن عبدالله، عمرو بن عبدؤو ۽ منبه بن عبيد به مسلمانن جي هٿان مارايائون. ڇهه مسلمان به شهيد ٿيا. اوس جو سردار سعد بن معاذ به زخمي ٿيو، سندس ٺونٺ ۾ تير لڳو. سندس گهڻو رت وهيو. مسجد نبويءَ ۾ سندس علاج لاءِ تنبو هنيو ويو. هڪ عيسائي عورت رفيده اسلميه سندس علاج تي مقرر هئي.
کيس اڃا تاريخ جو هڪ وڏو فيصلو ڪرڻون هو.

بنو قريظه

بنو قريظه

خندق جي ٻاهر اُجڙيل خالي ميدان جتي ابو سفيان جي فوج خيما کوڙيو ويٺي هئي، جڏهن صبح جي خنڪ ريشمي ريشمي سُهائي لٿي ۽ مسلمانن شڪراني جي نماز پڙهڻ سان گڏ فجر جي نماز پڙهي، ان مهل طوفان ٿمجي ويو. هوا ۾ ٿڌاڻ ۽ امن جي سُرهاڻ هئي. هڪ مهيني جي ٿڪل ٽٽل مسلمانن جي مُهانڊن تي فتحيابيءَ جي سُنهري اُس هئي.
ماڻهو پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ آرام ڪرڻ جي لاءِ هليا ويا.
آقا صلي الله عليھ وسلم به جنگي لباس لاهي ڇڏيو.
اڳينءَ ڌاري اُم المومنين اُم سلمه جي گهران غسل ڪري نڪتا ته سامهون جبرائيل عليھ السلام مٿي تي اُمامه ٻڌيو بيٺا هئا. آقا صلي الله عليھ وسلم کي چيائون:
”اوهان هٿيار لاهي ڇڏيا آهن.
پر ملائڪن اڃا نه لاٿا آهن
آسمان جو حڪم آهي ته بنو قريظه کي سندس بد عهديءَ تي پڪڙيو وڃي.
پنهنجن ماڻهن کي اوڏانهن هَلان جو حڪم ڏيو.
آءٌ اوڏانهن وڃي سندس دلين ۾ ڊپ ٿو وجهان. ]ابن هشام، عيون الاثر، البدايه والنهايه[
آقا صلي الله عليھ وسلم پَڙو ڏياري ڇڏيو
وچينءَ جي نماز بنو قريظه جي قلعن جي ٻاهر ادا ڪئي ويندي.
هر ڪو هٿيار بند ٿي اُتي پهچي
پاڻ سڳورا به روانا ٿي ويا ۽ ٽن هزارن ماڻهن تي لشڪر ۽ ٽيهه گهوڙا ساڻ هئن.
بنو قريظه پهچي ويا.
اُنهن انا جي ماريل يهودين پنهنجي کوهه جو نالو به ”انا“ رکيو هو.
اُتي کوهه جي ڀرپاسي ساوڪ تي خيما کوڙيائون
بنو قريظه جي سڀني ڳڙهين ۽ قلعن کي گهيري ورتائون.
پهرين ته مهڙينءَ دستي ۾ سيدنا عليرضه سان گڏ پهتل ٿورن ماڻهن کي گڏ ڏسي بنو قريظه وارن پٿر هنيا، گاريون ڏنيون ۽ وڏا ٽُپ ڏنا، پر پوءِ جڏهن پنهنجن چئني طرفن ڪاوڙيل مسلمانن جي هٿن ۾ اگهاڙيون تراڙون ڏٺائون ته هَڄي ويا. پنهنجن گهرن جا دروازا بند ڪري ڇڏيائون. قلعن جي مٿان تيرانداز ويهاري ڇڏيائون ۽ قلعن جي اندر پنهنجن هئڊن مهانڊن سان ڏڪڻ لڳا.
گهيرو جاري رهيو.
قلعي جي اندر يهودين وٽ راشن پاڻي جام هو
جيڪو هوريان هوريان کٽندو ويو
25 ڏينهن اندر اهو به ختم ٿي ويو.
سندن سردار ڪعب بن اسد پنهنجي قوم جي سامهون ٽي رٿون رکيون. پهرين اها ته ٻي ڪا واٽ نه بچي آهي، قلعي مان نڪري اسلام قبولي ٿا وٺون. اوهان ته ڏسي ورتو آهي ته هي اِهو ئي سچو رسول صلي الله عليھ وسلم آهي، جنهن جو توريت ۾ ذڪر آهي. عاقبت به بچندي ۽ اسانجي دنيا به بچيل رهندي.
سندس قوم چيو: نامنظور
ٻي تجويز ٻُڌائي
ڪعب بن اسد چيو:
پوءِ مقابلو ٿا ڪريون
پنهنجين زالن ۽ ٻارن کي هٿن سان ماري، مرڻ مارڻ جي لاءِ نڪري ٿا پئون.
سندس قوم چيو: نامنظور
ٻارن ۽ زالن کانسواءِ ڪهڙي زندگي گذرندي.
ٽي رٿ ڪهڙي اٿئي؟
سندن سردار چيو:
اڄ ڇنڇر آهي، هو سمجهندا ته اسين موڪل پيا ملهايون، ڪجهه نه ڪندا آهيون. شايد هو غفلت ۾ هُجن. اڄ ئي رات مٿن راتاهو ٿا هڻون.
پوءِ جيڪو ٿيندو، سو ڏٺو ويندو.
سندس اندر ڀڄي ڀُري چڪو هو.
کين ڪابه تجويز دل سان نه لڳي.
هاڻ هڪ ئي رستو وڃي بچيو هو، هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو، پر هُنن سوچيو ته پهرين مديني جي پنهنجن پُراڻن حليفن ’بنو اوس‘ سان صلاح مصلحت ڪري وٺون. هنن آقا صلي الله عليھ وسلم وٽ درخواست موڪلي ته ڪو فيصلو ڪرڻ کان اڳ اسان کي اوس جي ڪجهه همراهن سان ملڻ جي موڪل ڏني وڃي. خاص طور تي سيدنا ابو لبابه بن عبدالمنذر سان، جيڪو اوس جي سردار سعد بن معاذ جو سئوٽ هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم ابو لبابه کي هُنن ڏانهن روانو ڪيو.
بنو قريظه جا مرد کيس ڏسي تڙپندي هن ڏانهن وڌيا
گڏجي روئڻ لڳا.
عورتن ۽ ٻارن ڍڪون ڏيئي رانڀاڙ ڪري روئڻ شروع ڪيو.
سيدنا ابو لبابه جي دل ڀرجي آئي.
بنو قريظه وارا پُڇڻ لڳا.
ڇا ٿو سمجهين.... اسان جو ڇا ٿيندو؟
ابو لبابه ٿوري دير ته چُپ رهيو. سندس نرڙ تي پگهر آيو. چپ خشڪ ٿي ويس. هو بنو قريظه وارن جي عين جنگ ۾ بد عهدي، اعلانيه عهد ٽوڙڻ ۽ گهيري کي ڊيگهه ڏيڻ جي سڀني حقيقتن کان واقف هو، ڇا ٿي چئي سگهيو، چُپ رهيو. اُن جنوري جي هڪ شام جو غير معمولي حالت ۾ مٿي تي آيل پگهر اُگهيائين ۽ هنن جو سوال وراڻيائين ڇا ٿيندو؟ چوندي پنهنجي هڪ آڱر پنهنجي ڳچيءَ تي ڦيريائين ۽ موٽي آيو.
سندس پويان عورتون ۽ ٻارڙا صدمي سبب ڪري پيا
مرد اشارو سمجهي پنهنجن پيرن تي بيهي نه سگهيا
واپس ورندي ابو لبابه کي خيال آيو اها ته خيانت ٿي ويئي.
اندر ئي اندر احساس جُرم ايترو ته وڌيس جو مسجد نبويءَ ۾ وڃي زارو قطار روئندي پاڻ کي مسجد جي هڪ کجيءَ جي ٿڙ مان ٺهيل ٿنڀ ۾ ٻڌي ڇڏيائين. قسم کنيائين ته جيستائين خدا منهنجو تو به نٿو قبولي ۽ رسول الله پنهنجن هٿن سان مون کي نٿو کولي، تيستائين ٻُڌل رهندس، پاڻ کي نماز ۽ ضروري حاجتن لاءِ کولرائيندو هو. کاڌوپيتو بند ڪري ڇڏيائين. ڪمزور ٿيندو ويو ۽ ٻَڌل رهيو.
آقا صلي الله عليھ وسلم کي تفصيل ٻُڌايو ويو.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو: مون وٽ اچي ها ته آئون سندس لاءِ استغفار ڪريان ها. هاڻ هن معاملو رب تي ڇڏيو آهي. رب کي ئي فيصلو ڪرڻ ڏيو. ]ابن هشام، عيون الاثر، البدايه والنهايه[
هوڏانهن بنو قريظه وارن هٿيار ڦٽا ڪري پنهنجن قلعن مان ٻاهر نڪري قطار ٺاهي.
گُهر ڪيائون ته اسان جو فيصلو آقا صلي الله عليھ وسلم نه ڪري،
اسان جو پراڻو حليف قبيلي جو سردار سعد بن معاذ ڪري.
آقا صلي الله عليھ وسلم سندن اهو مطالبو مڃي ورتو.
سيدنا سعد بن معاذ کي زخمي حالت ۾ گهرايو ويو.
هو هڪ خچر تي ويهي آيو
هاڻ هو جنهن هنڌ پهتو اُتي عدالت لڳي چڪي هئي.
بنو قريظه جو سردار ۽ سندس همراهه پنهنجي مقدر جو فيصلو ٻُڌڻ جي لاءِ اُتي موجود هئا، فيصلو ڪندڙ جج جي سواري اچي ويئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم آڌر ڀاءُ جي لاءِ خود اُٿيا
۽ فرمايائون: پنهنجي سردار جي احترام ۾ اُٿي بيهو
سڀ اُٿي بيٺا.
عدالت جي جج جو احترام سيکارڻ جو اهو پهريون موقعو هو.
نه ته آقا جي هوندي مديني ۾ ڪنهن ٻي کي اڳ ۾ فيصلي ڪرڻ جي حيثيت ڪڏهن به حاصل نه ٿي هئي. اِها سهولت به آقا صلي الله عليھ وسلم مملڪت جي خلاف جنگ ۾ بغاوت جي ڏوهارين کي سندن ئي مطالبي تي ڏني هئي
ماڻهن زخمي سيد سعد بن معاذ کي سواريءَ تان لاٿو.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو:
هي تنهنجي فيصلي تي راضي ٿيا آهن.
سيدنا سعد پڇيو:
ڇا منهنجو فيصلو مٿن لاڳو ٿيندو
يهودين وراڻيو: هائو.
سيدنا سعد وري پُڇيو ۽ مسلمانن تي به؟
جي هائو... مسلمانن وراڻيو.
۽ هُن تي به؟
سيدنا سعد جو اشارو آقا صلي الله عليھ وسلم ڏانهن هو، پر احترام ۾ اوڏانهن رخ نه ڪيو.
آقا سمجهي ويا ۽ فرمايائون
هائو، مون تي به .
اُن کانپوءِ سيدنا سعد بن معاذ، بنو قريظه تي الزامن جو تفصيل معلوم ڪيو. کين صفائيءَ جو موقعو ڏنو، وٽن بغاوت جي صفائيءَ جو ڪو ٺوس سبب نه هو، پوءِ سندن ڪتاب توريت گهرايائين. عهد ٽوڙڻ ۽ بغاوت جي سزا ڏانهن ڌيان ڏياريو ۽ فيصلو ٻُڌائي ڇڏيائين.
يهودي بيٺي بيٺي ڪري پيا.
هُنن جي پيرن سندس جسمن کي کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
فيصلو اهو ئي هو، توريت موجب موت جي سزا
عورتن ۽ ٻارن کي ڇڏي ]استشنا باب 20- توريت[
فيصلو سُڻي آقا فرمايو:”تو اهو ئي فيصلو ڪيو آهي، جيڪو ستن آسمانن تي الله جو فيصلو آهي.“
فيصلي تي عمل ڪيو ويو.
ڪن ڪتابن ۾ موت جي سزا ملندڙن جو تعددا چار سئو لکيو ويو آهي. ڪجهه ڪتابن ۾ انهن جو انگ ساڍا ڇهه سئو لکيو ويو آهي، انهن مان ڪيترا ته مسلمان ٿي ويا، جيڪي ڇڏيا ويا. ڪن کي مسلمانن پناهه ڏيئي رکي هئي، اِهي به ڇُٽي ويا. عورتن ۽ ٻارن مان فقط ”بنانه“ نالي عورت کي سزا ملي، جنهن هڪ قلعي جي ڀت تان پٿر جي ڪونڊي ڪيرائي هڪ مسلمان سيدنا خلاد بن سويد جي جان ورتي هئي. باقي عورتن ۽ ٻارن کي نجد ۾ لڳل غلام منڊيءَ ۾ وڪرو ڪري، اُن ئي منڊيءَ مان گهوڙا خريد ڪيا ويا.
ڏيڍ هزار تلوارون، ٻه هزار نيزا، ٽي سؤ زرهون ۽ پنج سئو ڍالون، جيڪي هُنن قريش جي لشڪر کي ڏيڻ لاءِ ڌار چونڊي رکيون هُيون، مسلمانن جي هٿ چڙهي ويون. بنو نضير جو سردار ’حئي بن اخطب‘ جنهن کين عهد ٽوڙڻ تي اُڀاريو هو، انهن سان گڏ جهليو ويو ۽ ماريو ويو.
الله ستن آسمان تي لکيل پنهنجو فيصلو لاڳو ڪري ڇڏيو.
آقا صلي الله عليھ وسلم جنهن کي زمين ۽ آسمان ۽ سڀني جهانن لاءِ رحمت ڪري موڪليو ويو هو، کيس اُن فيصلي ڪرڻ جي تڪليف نه ڏني ويئي.
رحمت ڪُل کي رحمت اللعالمين صلي الله عليھ وسلم بنائي رکيو ويو.
ابو لبابه رحمت العالمين جي بدران رب العالمين کان معافي ۽ درگذر جي لاءِ درخواست ڪندي پاڻ کي مسجد جي ٿنبي سان ٻڌي رکيو هو.
ڇهه ڏينهن گذري ويا
ابو لبابه سُڪي ڪنڊا ٿي ويو.
رُئندو ٿي رهيو
ڪجهه کاڌائين پيتائين به نه ٿي،
سَتين صبح آسمان توبه جي قبوليت کڻي آئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم اُم سلمه جي حجري ۾ هئا.
سيده کي خوشيءَ مان ٻُڌايائين.
سيده ڊوڙندي ويئي، دروازو کوليائين ۽ زور سان چيائين
’ابو لبابه مبارڪ هُجئي.
الله تنهنجي توبه قبولي ورتي آهي.‘
ابو لبابه جون رڙيون نڪري ويون.
رُئندي وراڻيائين: قسم اهو به هئم ته آقا صلي الله عليھ وسلم پنهنجن هٿن سان کوليندا ته کُلندس.
آقا صلي الله عليھ وسلم تشريف وٺي آيا.
رُئندڙ بي سُڌ ابو لبابه کي پنهنجن مبارڪ هٿن سان کوليائون. ]زرقاني[جنگ خندق ۾ سيدنا سعد بن معاذ کي حبان بن عبد مناف نشانو وٺي تير هنيو هو. هُن ان وقت دعا گهري هئي ته، ”اي الله! مون کي تيستائين موت نه ڏجان، جيستائين بنو قريظه جي ذلت ۽ رسوائي سان منهنجون اکيون نٿيون ٺَرن.“
الله اِهو فيصلو کانئس ئي ڪرايو.
اُن دور ۾ مسجد نبوي نه رڳو اسلامي سلطنت جو مرڪز، پر اسپتال به هئي، غير مسلم عورت سندس سنڀال ڪري رهي هئي. ٺونٺ تي زخم ڀرجڻ به لڳو هو، پوءِ هڪ ڏينهن کَلي ويو. رت مسجد نبوي مان نڪري بني غفار جي خيمن تائين اچي ويو.
سيدنا سعد بن معاذ شهيد ٿي ويو.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو.
”سعد بن معاذ جي موت سان الله جو عرش لڏي ويو.“ (بخاري)
هڪ انصاريءَ شعر لکيو:
وما اهتر عرش الله من موت مالڪ
سمعنا به الاسعد ابي عمرو
]ڪنهن مرندڙ جي موت تي الله جو عرش نه لڏيو. سواءِ سعد بن ابي عمرو جي موت تي[ (عيون الاثر)
هُنَ جي قبر مان ڊگهي عرصي تائين مُشڪ جي خوشبو ايندي رهي.

شراب حرام

شراب حرام

شراب اهو مشروب آهي، جيڪو صدين کان بني نوع انسان جي سماجي زندگيءَ جو حصو رهيو. خاص طور تي اُتي جتي مِٺن خوشگوار مهڪندڙ گلن جي گهڻائي هوندي هئي، اُتي شراب ٺاهڻ جون بَٺيون لڳي وينديون هُيون. انگور، کجي، صوف، مالٽا جيڪو به رس ڀريو ميوو ماڻهن کي ملندو هو، اهو گڏ ڪري ڪنهن ٿانوَ يا مٽَ ۾ وجهي مٽيءَ ۾ پُوري ڇڏيندا هئا. ڪجهه وقت کان پوءِ اهو ميوو پنهنجو قدرتي قدر وڃائي هڪ بدنما بدبودار ٿُڪ جهڙو بڻجي ويندو هو، جنهن ۾ وري ڪجهه اهڙا جراثيم پيداٿي ويندا هئا، جيڪي انساني جسم جي ڀلائيءَ لاءِ پيدا ڪيل ميون کي اُبتو ڪري ڇڏيندا هئا.
اهي ميوا جيڪي صحت جو ضامن هوندا هئا.
اُنهن ميون کي چِڪائڻ سان انساني عضوا ۽ هوش و حواس بگڙڻ لڳندا هئا.
پر دلين ۾ وسوسن جو فصل پچائي ويٺل گهٽ عقل ماڻهو وقتي طور تي ان مشروب مان پنهنجي عقل ۽ سمجهه کي سُمهاري مزو ماڻيندا هئا. هُل بکيڙو ڪندا هئا، جيڪو سوچڻ سان کين ڏک ٿيندو هو، ان سوچ کان بچيو رهڻ جو ڍونگ رچائيندا هئا.
عربستان جي صحرا نشينن وٽ شراب اهڙي ئي هڪ وندر هئي.
نخلستان جا رهواسي عام طور تي اُن سان دل کولي پاڻ کي وندرائيندا هئا.
مديني ۽ مڪي جا رهواسي به ان کان آجا نه هئا.
قرآن پاڪ کي نازل ٿيندي 18 کان 19 سال ٿي ويا هئا.
اڪثر اهم احڪامات لهي آيا هئا.
پر شراب جي چٽي منع خندق جي جنگ تائين نه ٿي هئي
ڇهين هجريءَ جو سال اچي ويو هو.
اڪثر پاڪيزه صفت، نيڪ ۽ صالح مسلمان ته شروع کان ئي اُن شغل کان پري هئا. نه رڳو پري هئا، پر دل سان ان کي خراب سمجهندا هئا.
سيدنا عمر ته اعلانيه طور تي اُن جي خلاف هو.
هُن ڪيترا ڀيرا آقا صلي الله عليھ وسلم کي عرض ڪيو.
يا رسول الله! الله جي حضور ۾ دعا گهرو.
آسمان مان اُن شراب بابت ڪو چٽو حڪم نازل ڪري.
اهو صحت ۽ ماحول ٻنهي تي ڳرو آهي.
ماڻو اهو پي هوش ۾ نٿا رهن.
آسمان تي اها ڳالهه ٻُڌي ويئي.
قرآن ۾ هيءَ آيت لٿي:
”اي پيغمبر ماڻهو توکان شراب ۽ جُوا بابت حڪم پُڇن ٿا. کين چئو ته انهن ۾ وڏا نقصان آهن ۽ ماڻهن جي لاءِ ڪجهه فائدا به آهن، پر انهن جا نقصان فائدن کان ججها آهن ]قرآن: سوره بقره: 21[
سيدنا عمر خاموش ته ٿي ويو، پر دل کي قرار نه آيس.
شراب نوشيءَ ۾ مبتلا ماڻهو خدا جي منع جي ان تجويز تي به پيئڻ بند نه ڪيو.
شراب نوشيءَ جاري رهي.
ڪجهه وقت کانپوءِ سيدنا عمر، ٻيهر آقا صلي الله عليھ وسلم جي خدمت ۾ گذارش ڪئي، يا رسول الله! الله کي چِٽن حڪمن جي درخواست ڪريو.
شراب مان جند ڇڏرايو.
هاڻ آسمان مان دليل سان گڏ آيت لٿي.
خدا ماڻهن کان هوريان هوريان عادت ڇڏرائڻ ٿي گهري.
الله فرمايو: قرآن ۾ آيو.
”مومنو اوهين جڏهن نشي جي حالت ۾ هُجو ته جيستائين وات سان نه چئو، اها سمجهڻ لڳو. نماز جي ويجهو نه وڃو. ]قرآن 23:4[
پڙهو ڏياريو ويو.
ڪوبه شخص نشي جي حالت ۾ نماز نه پڙهي.
نمازين ۾ نماز مهل شراب نوشي گهٽجي ويئي.
جيڪڏهن غير عرب ملڪن ۾ اڃا به ڏٺو وڃي، اسين ماڻهو جن کي عربي نٿي اچي، جيڪي اهو سمجهن ئي نٿا ته نماز جي دوران وات سان ڇا پڙهي رهيا آهن، انهن جي حالت نشي کانسواءِ به نشي جهڙي ئي آهي. پر ڪنهن عرب مسلمان ملڪ اهو سوچيو ئي ڪونه ته اسلام اختيار ڪرڻ جي لاءِ عربي زبان کي سمجهڻ، قرآن کي سمجهڻ، نماز ۾ جيڪي ڪجهه پڙهيو وڃي ٿو، اهو سمجهي ڳالهائڻ ڪيترو ضروري آهي. نه ته انهن تي اهو ئي قانون لاڳو ٿئي ٿو.
”جيستائين اهو نه سمجهڻ لڳو ته ڇا پيا پڙهو، نماز جي ويجهو نه وڃو.“
پر ڇا ڪجي.
هتي ته دعائون اِهي گهريون ۽ گهرايون وڃن ٿيون، جيڪي اسين سمجهون ئي نٿا. ڇا اها گهٽ بدنصيبي آهي.
سيدنا فاروق جي بي تابي نه ويئي.
هُو آسمان تان چِٽي حڪم جي دعا ۾ مگن هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم جي اڳيان به ليلائيندا رهندا هئا.
ڪجهه اهڙا واقعا به ٿيا ته مسلمانن ۾ ڪنهن دعوت ۾ شراب جو دور هليو.
مهاجر ۽ انصار نشي ۾ هڪٻئي تي ڪَڙڪي پيا.
ڪجهه زخمي به ٿيا.
اَجاين سَجاين ڳالهين جي ڪري گهري مُحبت وارو ڀائيچارو به متاثر ٿيو. ان ۾ ويريون پوڻ لڳيون. منافقن کي چڻنگ کي ڀڀڙ بنائڻ جو موقعو ملڻ لڳو.
سيدنا عمررضه، آقا صلي الله عليھ وسلم جي اڳيان گوڏن ڀر ويهي رهيا
آقا صلي الله عليھ وسلم آسمان تان جبرائيل اچي ته ڳالهائجو س
چِٽو خدائي فيصلو گُهرجوس
خدا کي ته ماڻهن ۾ هوريان هوريان شعور جاڳائڻو هو.
جيڪو جاڳايو ويو.
بُري ڀَلي ۾ فرق سيکارڻون هو
جيڪو سيکاريو ويو.
آسمان تان چٽو فيصلو لٿو.
”اي ايمان وارو! شراب، جوا ۽ ڍارو اُڇلڻ جهڙا ناپاڪ شيطاني ڪم آهن، تنهن ڪري اُنهن کان بچجو، ته جيئن شيطان کان ڇوٽڪارو حاصل ڪريو. شيطان ته چاهي ٿو ته شراب ۽ جوا سبب اوهان ۾ دشمني ۽ رنجش وجهي ڇڏي ۽ اوهان کي الله جي ياد ۽ نماز کان روڪي، سو اُوهين انهن ڪمن کان پاسو ڪجو. ]سورة المائده- 190-91[
اَٽل فيصلو اچي ويو
پَڙهو ڏياريو ويو
الله تعاليٰ شراب کي حرام قرار ڏيئي ڇڏيو آهي.
جنهن مهل قرآن حڪيم ۾ اِهي آيتون نازل ٿيون، سيدنا اَنس هڪ محفل ۾ ساقي بنيا ويٺا ماڻهن کي شراب پياري رهيا هئا. سندس ڪَن ۾ اُن پَڙي جو آواز پيو ته هن شراب جي مَٽڪي کي لت هنئي، مٽڪو ته ڀڄي پيو، ڀريل گلاس هاريا ويا. ماڻهن پنهنجي واتن ۾ اوتيل ڍُڪَ ٿُڪي ڇڏيا، جن جي معدن ۾ شراب وڃي چڪو هو، انهن گهرن مان ٻاهر نڪري اُلٽيون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون.
اُن ڏينهن مديني جي گهٽين ۾ شراب پاڻيءَ کان به وڌيڪ وهي رهيو هو.
ماڻهن ۾ نسل در نسل، سالن کان وٺي شراب جو شوق ته رهيو هو، پر آقا صلي الله عليھ وسلم جي حڪم ۽ قرآن جي آيتن تي عمل ڪندي هنن هڪ ئي پَڙي کان پوءِ پنهنجي صدين جي پراڻي رسم کي هڪدم پنهنجي زندگيءَ مان ڪڍي ڇڏيو.
ڪجهه شرارتي ماڻهن سُر کنيو ته
جيڪڏهن اهو شراب ايترو ئي ڪِنو ۽ بُڇڙو آهي ته انهن ماڻهن جو ڇا ٿيندو جن جو بدر ۽ احد جي جنگين ۾ به شراب پيتل هو؟
الله اهو اعتراض به ٻُڌي ورتو
آسمان مان وحي لٿي.
”جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪندا رهيا، تن تي انهن شين جو ڪو گناهه ڪونهي، جيڪي هو کائي چڪا آهن، جڏهن ته هُنن پرهيز ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ نيڪ ڪم ڪيا. وري پرهيز ڪئي، ۽ ايمان آندائون، وري پرهيز ڪيائون ۽ نيڪيءَ جا ڪم ڪيائون ۽ الله نيڪوڪارن کي دوست رکندو آهي. ]المائده: 5-13[
آقا صلي الله عليھ وسلم جي دور ۾ شراب پيئندڙن کي کجيءَ جي بانٺي سان گڏ جُوتا هڻڻ جي سزا تجويز ٿي.
صديق اڪبر چاليهه دُرا هڻڻ جي سزا مقرر ڪئي
ٻي خليفي سيدنا عمر سٺ دُرا مقرر ڪيا.
هاڻ مُهذب دنيا ڄاڻي ٿي ته سزا واجب آهي
جيڪو قرآن جو دليل آهي، اهو ئي سچ آهي
شراب پي دنيا ۾ ٽريفڪ جا حادثا
جهيڙا جَهٽا
جسم ۾ ڀَڄ ڊاهه
جگر جون بيماريون
ذهن جو فِتور
ڪهڙي اهڙي سزا آهي جيڪا بني نوع انسان اُنهن مصيبتن جي جَڙ مان نٿو پالي
جوا جون بُڇڙايون به انساني نسل جو ناسور آهن
خدا جو جوڙيل رستو پاڪ ۽ پوَتر آهي
۽ خدا هوريان هوريان سمجهائي دليل سان عقل کي اپيل ڪري ٿو
اهائي صراط مستقيم ]سڌي واٽ[ جي نشاني آهي
موٽر وي وانگر اهو رستو مسافر کي ڀٽڪڻ نٿو ڏي.
ٿوري ٿوري پنڌ کانپوءِ ڪيڏانهن وڃڻو آهي، باقي ڪيترو پنڌ بَچيو آهي، ڪيترو پنڌ ٿي چڪو آهي، ڪِٿي لهڻو آهي، ڪٿان چڙهڻو آهي... اهو سڀ اهڙي سُهڻي رستي تي کليل هوندو آهي.
اهو سلامتيءَ جو رستو آهي،
اهو سُهڻو ۽ سنئون رستو آهي.

سيدنا ثمامهرضه

سيدنا ثمامهرضه

هو اُن لاءِ ويا هئا ته جيئن چورن جا اُٺ ۽ ٻڪريون جهلي اچن، پر رستي مان هڪ شينهن جهلي آيا.
جهلي اچي مسجد نبويءَ جي ٿنڀ سان ٻَڌي ڇڏيائون.
هنن کيس ڪو عام ڦورو سمجهيو
پر هو هڪ سردار، هڪ بادشاهه، ڊگهي قد وارو رعبدار ۽ ٻُرائيندڙ آواز وارو.
اها ڏهين محرم، ڇهين هجري جي ڳالهه آهي.
بنو قريظه واري فيصلي کان ڪجهه ڏينهن پوءِ، آقا صلي الله عليھ وسلم نجد ڏانهن ”بڪرات“ جي علائقي ڏانهن، مديني کان ستن ڏينهن جي مسافريءَ تي ٽيهن سوارن تي مشتمل هڪ دستو موڪليو، جنهن جو مقصد واپاري رستن ۾دخل اندازيءَ کي روڪڻ هو. هو بڪرات جي علائقي ”ضريه“ جي ڀرپاسي ”قرطا“ نالي وسنديءَ ۾ ويا. دشمن ڀڄي ويو، سندن ڏهه همراهه مارجي ويا. ڏيڍ هزار اُٺ ۽ ٽي هزار ٻڪريون هٿ چڙهيون. اوڻيهن ڏينهن کانپوءِ يعني 29 محرم ڇهين هجريءَ تي اهو دستو واپس مديني پهتو.
اچڻ مهل هنن رستي مان جهليل ’ثمامه بن اثال‘ کي مسجد نبويءَ جي ٿنڀ سان ٻڌي ڇڏيو.
صبح جو آقا صلي الله عليھ وسلم مسجد ويا
ساٿين کي سَڏي پڇيائون ته خبر اٿوَ ته ڪنهن کي جهلي آيا آهيو؟
ٿنڀ سان ٻڌل همراهه کي سُڃاڻو ٿا؟
هنن نهڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. چيائون: يا رسول اللهصه نه.“
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو: هي ثمامه بن اثال آهي. بنو حنيفه جو سردار
يمامه جو بادشاهه.
پوءِ حڪم ڏنائون ته هن سان نرميءَ سان پيش اچجو.
ثمامه بن اثال مسلمانن لاءِ ڏاڍو سخت هو.
کيس جڏهن پهرين اسلام جي دعوت ملي ته هو اُلٽو مسلمانن جو ويري ٿي پيو. هن پنهنجي علائقي مان لنگهندڙ ڪيترن ئي مسلمانن کي جهلي ماريو به هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم جڏهن ثمامه وٽان لنگهيا ته بيهي رهيا ۽ پُڇيائون:
”ثمامه منهنجي باري ۾ تنهنجو ڪهڙو گمان آهي“
ثمامه چيو:
”گمان ته سٺو آهي
جيڪڏهن اوهان قتل ڪندا ته هڪ خونيءَ کي ماريندا، احسان ڪندا ته قدر دان ٿي ٿورائتو رهندوس. مال جي خواهش آهي ته جيترو چوندا اهو حاضر ڪبو.“
آقا صلي الله عليھ وسلم خاموشيءَ سان اُٿي هليا ويا.
پنهنجي گهران ماني ٺهرائي ثمامه کي موڪليائون
اُن سان گڏ پنهنجي اُٺڻ جو کير به.
ٻي ڏينهن آقا صلي الله عليھ وسلم ساڳيو سوال ورجايو.
ثمامھ اِهو ئي جواب ڏنو. البت پهريون ۽ آخري جملو هذف ڪري ڇڏيائون، رڳو ايترو چيائون، ”جيڪڏهن احسان ڪندا ته قدردان ۽ شڪرگذار ٿو رائتو ٿيندس.“
آقا صلي الله عليھ وسلم وري خاموشيءَ سان اٿي ويا.
ٽي ڏينهن آقا صلي الله عليھ وسلم وري به وٽس بيٺا ۽ ساڳيو ئي سوال ڪيائون.
هن ڀيري ثمامه ٻيو جملو به حذف ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجو معاملو آقا صلي الله عليھ وسلم تي ڇڏي ڏنائون.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو.
”ثمامه تون آزاد آهين... جيڏانهن وڻئي هليو وڃ.“
پنهنجن ماڻهن کي اشارو ڪيائون
هُنن کولي ڇڏيس
ثمامه حيرت مان اکيون ڦاڙي سڀني کي سَڪتي جي حالت ۾ ڏسندو رهيو. پوءِ ڳل تي هٿ رکي ڳچ دير تائين ڪنهن گهري سوچ ۾ ٻُڏل رهيو. هن ٽن ڏينهن تائين مسجد نبويءَ ۾ مسلمانن کي ڏٺو هو.
هُنن جون ڳالهيون ٻُڌيون هُيون.
هُنن جي اُٿي ويٺي سندس نظر مان گذري هئي
شراب مسلمانن تي حرام ٿي چڪو هو
ڳالهيون هنن جون اجريون اُجريون
نه ڪنهن، ڪنهن جي پَرپُٺ بُرائي ٿي ڪئي، نه مُنهن تي واکاڻ.
هر ڪنهن سچ ٿي ڳالهايو.
گِلا جو ڪنهن به مزو نٿي ورتو.
فتني فساد جي ڪنهن به ڳالهه نٿي ڪئي.
هي ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهن
نه گهٽ تورين ٿا
نه ڪا مِلاوٽ ڪن ٿا
دنيا جي ڪنهن به معاملي ۾ کوٽ نٿا ڪن
هڪ الله کي معبود مڃين ٿا
اُن جي ئي عبادت ڪن ٿا.
سوچيندي سوچيندي هو اُٿيو ۽ ڀَرواري چشمي تي ويو، وهنجي سَهنجي تازو توانو ٿي واپس وريو ته سندس چهري تي ڪو ٻيو چهرو هو. چوڏهينءَ جي چنڊ جهڙي چانڊوڪي سان چمڪندڙ پروانن جهڙو.
ايندي ئي آقا صلي الله عليھ وسلم جي اڳيان گوڏن ڀَر ويٺو.
۽ چيائين: لا الٰھ الا الله محمد رسول الله
چيائين: منهنجا آقا صلي الله عليھ وسلم جڏهن هِت آندو ويو هئس ته سڄي زمين تي سڀني کان خراب چهرو مون کي اوهان جو لڳندو هو ۽ هاڻ سَڄي ڪائنات ۾ اوهان جي چهري کان وڌيڪ ڪو ٻيو محبوب چهرو مُنهنجي لاءِ ڪونهي. مون کي اوهان جو دين به سڀني کان خراب لڳندو هو، هاڻ اهو ئي سڀني کان وڌيڪ وڻندڙ. اوهان جي شهر مديني بابت به منهنجو اهو ئي گمان هو، هاڻ هي پنهنجو شهر ٿو لڳيم، سڀني کان پيارو. آقا صلي الله عليھ وسلم هيءَ اُٿل پٿل ڪيئن؟
پوءِ پُڇڻ لڳو: يا رسول الله! آءٌ عمري ڪرڻ جي نيت سان نڪتو هئس
هاڻ ڪهڙو حڪم آهي؟
آقا صلي الله عليھ وسلم چيس: وڃ... ضرور وڃ... پر اُتي حاضري ڏيڻ مهل لبيڪ چوندي چئج:
لبيک الهٰم لبيک
لا شريک لک لبيک
ان الحمد والنعمة
لک المک لاشريک لک
”آءٌ حاضر آهيان- الله آءٌ حاضر آهيان
تنهنجو ڪو به شريڪ ڪونهي
بيشڪ سڀئي ساراهون ۽ سڀئي نعمتون تنهنجي لاءِ آهن.
۽ اقتدار تنهنجو آهي... تنهنجو.“
سيدنا ثمامه عرض ڪيو... تعميل ٿيندي.
اهڙي طرح جڏهن مڪي پهتو ته وڏي آواز ۾ تلبيه پڙهندو ”حرم شريف“ ۾ داخل ٿيو. وڏي رعبدار ۽ گرجدار آواز ۾
لاشريک لک لبيک
لا شريک لک
جا آواز قريشي مُشرڪن جي دل ۽ دماغ تي هٿوڙا بنجي لڳڻ لڳا. هنن تلوارون ڪڍي ورتيون
ڪن سڃاڻي ورتس
هي ته يمامه جو بادشاهه، ابو حنيفه جو سردار ثمامه بن اثال آهي
پُڇيائونس: سردار ڇا بي دين ٿي ويو آهين؟
ثمامه چيو: نه، دين تي آيو آهيان. ڀٽڪيل هئس، صحيح رستي تي آيو آهيان. هو زور ڀرڻ لڳس ته هتي ”لاشريک لک“ نه چئو. باقي لبيڪ ڀلي چوندو رهه.
لبيڪ ئي ته لاشريڪ کي آهي. پوءِ ڇو نه چوان
هو تڪرار تي لهي آيا.
ثمامه به پنهنجي جلال تي لهي آيو.
چيائين: هاڻي يمامه مان جيڪو ان موڪليندو هئس، اُن جو هڪ داڻو به تيستائين مڪي نه ايندو، جيستائين آقا صلي الله عليھ وسلم اجازت نٿو ڏي
اهو ئي ڪيائين
واپس يمامه وڃي مڪي لاءِ ويندڙ اناج بند ڪري ڇڏيائين.
مڪي ۾ ته هڪ سائو پتو به نه ڦٽندو هو.
سڄو اناج يمامه مان ايندو هو.
ٿورن ئي ڏينهن ۾ مڪي وارن جا هوش اُڏي ويا.
سندن دستر خوان تان ماني گم ٿي ويئي.
ديڳڙين ۾ وجهڻ جي لاءِ دال به نه پي ملي.
مڪي جا مُشرڪ رئندا پٽيندا پنهنجي سردار ابو سفيان بن حرب وٽ پهتا ته ڪنهن نموني مديني مان ثمامھ کي سفارش ڪرائي، هاڻ ته اسان جا ٻار ٻچا بُکن وگهي مرڻ لڳا آهن.
اهو ئي ابو سفيان جيڪو ٽي مهينا اڳ ڏهن هزارن جو لشڪر وٺي مديني جو چنڊ اُجهائڻ ويو هو. نوڙت سان آقا صلي الله عليھ وسلم کي خط لکي ٿو ته اوهين صله رحمي ڪندڙ قريبي رشتيدار آهيو ۽ پنهنجي شهر مڪي ۽ ان جي رهواسين تي رحم فرمايو ۽ ثمامه لاءِ اهو لکي ڏيو ته هو مڪي لاءِ اناج بند نه ڪري ]فتح الباري، زادالمعياد، عيون الاثر، مسلم[
هي اهو ئي ابو سفيان هو، جنهن مڪي ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم جي قيام جي آخري ڏينهن، ٽن سالن جي لاءِ نه رڳو آقا صلي الله عليھ وسلم، پر سڄي بنو هاشم سان قطع تعلق ڪرڻ جي عهد نامي تي ٻين سردارن سان گڏ صحيحون ڪيون هُيون ۽ ٽن سالن تائين آقا ۽ سندس سڄي قبيلي کي بُک ۽ سماجي بهشڪار سان شعب ابي طالب ۾ سِڏڪايو هو.
گذريل ڏينهن ابو سفيان، خندق کانپوءِ هڪ ڀاڙي جي قاتل کي خنجر ڏيئي مديني موڪليو هو ته وڃ (نعوذ بالله) محمد صلي الله عليھ وسلم کي قتل ڪري اچ.
هو مديني پهتو
آقا صلي الله عليھ وسلم کي آسمان واري ٻُڌائي ڇڏيو.
اُن کي جهليو ويو.
هن سڄي ڳالهه ڪري ٻُڌائي.
هو غلام ٿي ويو
ابو سفيان ڇا ڇا نه ڪيو. پر جڏهن هو بُک مرڻ لڳا ته اُن جي اڳيان هٿ جهلي ليلائڻ لڳا.
آقا صلي الله عليھ وسلم اڳ به ته ڪنهن جهليل خالي هٿ کي خالي نه موٽايو هو،
جيڪو گهريو هو، سو ڏيئي ڇڏيو هئائون
ابو سفيان جي درخواست مڃي ورتائون
آقا صلي الله عليھ وسلم ثمامه کي خط لکرايو
”مڪي ڏانهن ويندڙ اناج نه روڪيو.“
اها آهي رحمت العالميني.

صلح حديبيه

صلح حديبيه

خندق واري لڙائي کي پورو هڪ سال ٿيو هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم هڪ خواب ڏٺو
”مسجد حرام ۾ امن سان داخل ٿيا، خانه ڪعبه جي چاٻي ورتي، ساٿين سان گڏ طواف ۽ عمرو ڪيو، پوءِ ڪن مٿي جا وار لهرايا، ڪِن ڪُتريا.“
ساٿين کي دلجمعيءَ سان خواب ٻڌايائون
سڀئي خوش ٿيا.
مڪي کي ڇڏي مديني ايندي ڇهون سال شروع ٿيو هو.
هر ڪو پنهنجي اندر ۾ بي چين هو. ڪنهن نموني ٻيهر پنهنجو شهر، خدا جو گهر وڃي ڏسجي.
پر ڇا مڪي جا قريش حرم ۾ وڃڻ ڏيندا؟
حرم ته سڀني جي لاءِ آهي
عمري ۽ حج تي ڪڏهن به ڪنهن پابندي نه هنئي
اها روايت صدين کان هلندي پي آئي
پر هُنن جي وچ ۾ ٽي خوني جنگيون ٿي چڪيون هُيون.
بدر، احد ۽ خندق.
صلاح مشورا ٿيندا رهيا... تياري به شروع ٿي ويئي.
سومر پهرين ذيقعد ڇهين هجريءَ جو ڏينهن آيو.
آقا صلي الله عليھ وسلم پاڻ سان چوڏهن سئو همراهه ورتا، کين چيو ته فقط عمري جا ڪپڙا رکو.
هڪ هڪ تلوار به مياڻ ۾ رکو
اُن سان گڏ نشان لڳل قرباني جا اُٺ
هلو.
آقا صلي الله عليھ وسلم قصويٰ تي سوار ٿيا.
اهائي قصويٰ جنهن ڇهه سال اڳ غار ثور مان لِڪندي لڪائيندي آقا صلي الله عليھ وسلم کي مديني آندو هو.
امڙ اُم المومنين اُم سلميٰ به گڏ هيون.
”ذوالحلفيه“ پهچي ويا.
جانور جن جي قرباني ڏيڻي هُئي، تن کي ڳانا پاتا ويا. سڀني عمري جو احرام ٻَڌو.
غدير اشطاط پهچي ويا.
اُتان هڪ همدرد حليف جاسوس، جنهن جو بني خزاعه سان واسطو هو، بسر بن سفيان اُن کي اڳيان موڪليائون ته قريشن جي ارادن جي خبر چار وٺي اچي.
سندن سفر جاري هو.
عسفان جي ويجهو پهتا ته موڪيل جاسوس، هَڄيل حالت ۾ واپس آيو
ٻُڌايائين:
قريشن کي ان حالت ۾ ڇڏي آيو آهيان ته هو مقابلي جي لاءِ حليف قبيلن مان ماڻهو گڏ ڪري رهيا آهن. هنن وڏو هُل مچايو آهي. هر اول دستي طور خالد بن وليد ٻن سؤ سوارن سان گڏ اوهان سان وڙهڻ جي لاءِ ”غيم“ واري هنڌ تي پهچي چڪو آهي.
غيم ته آقا صلي الله عليھ وسلم جي پڙاءُ کان فقط اُٺ ميل پري هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو:
قريشن تي افسوس آهي. هو جنگين ۾ تباهه ٿي ويا، پر پوءِ به کين عقل نه آيو آهي.
آقا صلي الله عليھ وسلم پنهنجن صلاحڪارن سان مشورو ڪيو.
چيو: اسين جنگ لاءِ نه پر عمري جي لاءِ آيا آهيون. هاڻ نئين صورتحال ۾ ڇا ڪجي؟
سيدنا ابوبڪر عرض ڪيو
الله ۽ الله جو رسول ئي بهتر ٿو ڄاڻي، آيا ته فقط عمري جي لاءِ آهيون، پر جيڪڏهن اسان کي روڪيو ويو ته جنگ به ڪنداسين.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو: ته پوءِ هلندا هلو... رستو بدلائي ڇڏيو. غيم ۾ جتي خالد بن وليد گهوڙيسوارن سان گَهٽ جلهيو بيٺو آهي، اتان نه پر ٻي هنڌان هلو.
ثيته المراد پهتا ته آقا صلي الله عليھ وسلم جي اُٺڻ قصويٰ ويهي رهي.
ماڻهو چيو: آقا صلي الله عليھ وسلم قصويٰ ته صفا چُري به نٿي، صفا ضد تي چڙهيل آهي.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو:
قصويٰ کي ضد جي عادت ڪونهي. کيس اُن هستيءَ روڪيو آهي، جنهن هاٿي ويهاري ڇڏيا هئا.
پوءِ آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو:
مون تي شعائر الله جي تعظيم لازمي آهي، پوءِ قريش اُن جي گهر ڪن يا نه.
آقا صلي الله عليھ وسلم پوءِ چئني ڏسائن نهاري، ويجهي حديبيه جي چشمي کي ڏٺو ۽ اُٺڻ کي اٿاري اوڏانهن هلڻ جي لاءِ چيو. قصويٰ حديبيه چشمي جي ڪناري اچي ويهي رهي.
مديني ۾ ته موسم گرم نه هئي، پر مڪي ۾ گرمي هئي.
چشمي ۾ پاڻي به سُڪو پيو هو.
آقا ﷺ جا ساٿي اُڃايل چشمي جي ڪناري تي بيهي رهيا.
آقا صلي الله عليھ وسلم کي سندن چهرن تي اُڃ چٽي نظر اچڻ لڳي.
آقا صلي الله عليھ وسلم پنهنجي ترڪش مان هڪ تير ڪڍي ڏنو ته وڃي چشمي جي وچ ۾ هڻي اچو.
تير هنيو ويو.
چشمو جاري ٿي ويو.
پاڻي ڀَڙڪا ڏيئي جوش مان نڪرڻ لڳو.
منٽن ۾ جَل ٿَل ٿي ويئي.
سڄي لشڪر پي ڍءُ ڪيو.
پاڻي وهندو رهيو.
اُڃ اجهي ته عمري جي اُڃ وڌي ويئي
هاڻ قريشن سان ڳالهين مُهاڙين جي ضرورت هئي
آقا صلي الله عليھ وسلم خراش بن اميه خزاعيءَ کي هڪ اٺ تي سوار ڪيو ته وڃ قريشن کي چئو ته اسين جنگ جي لاءِ نه پر بيت الله جي زيارت ڪرڻ جي لاءِ آيا آهيون.
پر قريش ايترا ته نادان نڪتا جو ڪاوڙ ۾ اچي ايلچي جو اٺ جهلي ڪُهي ڇڏيائون. سيدنا خراش وڏي مشڪل سان سگلاخ پٿرن تان پاڻ کي زخمي ڪندو واپس پهتو.
مڪي جا قريش، مٿو جهلي ويهي رهيا.
سندن سامهون سڀني کان وڏو مسئلو غيرت جو هو.
ماڻهو ڇا چوندا.
قبيلن جي سامهون اسان جو نڪ ڪٽجي ويندو
ايئن وري ڪيئن. جڏهن وڻين تڏهن هليا اچن.
کين ڪنهن به صورت ۾ مَڪي اچڻ نه ڏنو ويندو.
پر اندر ۾ اهو ڊپ به هئن ته جيڪڏهن اهي سڀئي مسلمان مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا ته؟
اسان جي شهر جي دروازي تي اچي ويٺا آهن.
ڪا اهڙي ٽَل ڪجي، جو هو واپس هليا وڃن ۽ لڙائي نه ٿئي.
عرب ۾ ڀَرم به رهجي وڃي.
هُنن سوچيو ته آقا صلي الله عليھ وسلم وٽ ڪنهن ڏاهي ۽ سمجهوءَ کي موڪليو وڃي، جيڪو سڄي صورتحال جو جائزو وٺي ۽ سندن سگهه، ارادن وغيرهه جو به جائزو وٺي.
هُنن خزاعه قبيلي جي رئيس بَديل بن ورقه کي ڪجهه ماڻهن سان گڏ موڪليو.
بَديل چيو:
هو حديبيه جي ڀرسان هڪ وڏو لشڪر تيار ڪري رهيا آهن ته جيئن ڪنهن، حالت ۾ اوهان کي مڪي ۾ گهڙڻ نه ڏين. ساڻن گڏ کير ڏيندڙ اُٺڻيون به آهن. هنن جو ڊگهي عرصي تائين قيام جو ارادو آهي.
آقا صلي الله عليھ وسلم کيس پنهنجو مقصد ٻڌايو ۽چيو:
”اسين وڙهڻ نه پر عمرو ڪرڻ آيا آهيون. قريشن کي جنگين ٿڪائي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن هو گُهرن ته پاڻ ۾ رضامنديءَ سان هڪ مُدت تائين صلح ڪري سگهجي ٿي. پر جيڪڏهن کين لڙائيءَ کانسواءِ ٻي ڪا شئي منظور ڪونهي ته قسم آهي اُن ذات جو، جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي. آءٌ ضرور ساڻن جنگ ڪندس ايستائين جو يا ته منهنجو ڪنڌ ڪپجي وڃي يا الله پنهنجو اُمر لاڳو ڪري.
بَديل وڃي سڀئي ڳالهيون کين ٻُڌايون.
قريشن هِنَ جي ڳالهين کي اهميت نه ڏني.
ٻي ڀيري قريشن مڪرز بن حفص کي موڪليو.
کيس ڏسي آقا صلي الله عليھ وسلم چيو.
هي بد عهد ماڻهو آهي.
پاڻ سڳورن ڳالهين ٻولهين ۾ اهو ئي چيو، جيڪو بَديل کي چيو هئائين.
ٽي ڀيري قريشن بنو ڪنانه جو حليس بن علقمه موڪليو
کيس ايندي ڏسي آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو:
هي شخص هدي واري نشان لڳل جانورن جو گهڻو احترام ڪندو آهي. اوهين هن جي سامهون هدي وارا جانور آڻي بيهارجو.
صحابين ايئن ئي ڪيو ۽ لبيڪ لبيڪ جي نعرن سان سندس آڌر ڀاءُ ڪيو.
هو ايترو ته متاثر ٿيو، جو آقا صلي الله عليھ وسلم سان ملاقات ڪرڻ کانسواءِ ئي جذباتي ٿي واپس مُڙي ويو.
هُنن کي وڃي چيائين:
مون هدي وارا جانور ڏٺا آهن، جن جي ڳچين ۾ ڳانا آهن ۽ سندن نڪ چيريل آهن، کين روڪڻ بي ادبي آهي.
کين نه روڪيو.
قريش اڳ ۾ ئي ٻن موڪليل همراهن جون ڳالهيون ٻُڌي صفا چڙيو ويٺا هئا، سو هو هدي جانورن جي پرستار بنو ڪنانه جي ”حليس بن علقمه“ جون ڳالهيون ٻڌي صفا ڀڙڪي پيا.
چيائونس...
تون جهڙو بَدو آهين. تهڙو بَدو نڪتين...
بي وقوف
حليس به سردار هو
اهو ٻُڌي ڪاوڙ ۾ اُٿيو
۽ چيائين:
آءٌ ۽ منهنجي قبيلي جو ڪوبه همراهه محمد (صلي الله عليھ وسلم) کي طواف کان نه جهليندو ۽ نه جهلڻ ڏيندو.
اُٿو.
هو پنهنجن همراهن کي اُتان واپس وٺي هليو ويو
قريش پريشان ٿي ويا
هُنن دوست کي دشمن بنائي ورتو.
کيس منٿون شروع ڪري ڏنائون.
سندن دماغ جو فتور ڪجهه ڏاڪڻيون هيٺ لٿو.
هاڻ قريشن عروه بن مسعود ثقفيءَ کي وڃڻ لاءِ چيو.
هو اڳ ۾ ٽن وفدن جي ذلت ڏسي چڪو هو. تنهن وڃڻ کان لاچاري ڏيکاري.
پر هِنن هَڻي ڌُڻي کيس مَڃائي ورتو ۽ آقا ﷺ ڏانهن روانو ڪيو.
آقا صلي الله عليھ وسلم ساڻس به اهي ئي ڳالهيون ڪيون، جيڪي هن بَديل ۽ ٻين سان ڪيون هُيون.
جنهن تي عروه بن مسعود ثقفيءَ چيو.
اي محمد (صلي الله عليھ وسلم) هڪ ڳالهه ته ٻُڌائي. جيڪڏهن اوهان پنهنجي قوم جو صفايو ڪري ڇڏيو ته هن کان اڳ ڪنهن عرب جي باري ۾ ٻُڌو اٿئي، جنهن پنهنجي قوم کي ختم ڪيو هُجي؟ پر جيڪڏهن ٻي صورتحال پيش آئي ته آءٌ ڏسان پيو ته هي جيڪي مختلف قومن جا گڏيل سڏيل ماڻهو توسان گڏ آهن، سي ان مهل تنهنجو ساٿ ڇڏي ڀڄي ويندا.
سيدنا ابوبڪر منهن ويڙهيو پويان ويٺو هو، ڪاوڙ ۾ اچي کيس دٻَ پٽيائين: اسين رسول صلي الله عليھ وسلم کي ڇڏي ڀڄي وينداسين؟
عروه پڇيو: هي ڪير آهي؟
ماڻهن وراڻيو: ابوبڪر بن قحافه
عروه چيو: جيڪڏهن هِن جو مون تي ٿورو نه هُجي ها ته کيس جواب ڏيان ها. اهو چئي عروه وري آقا صلي الله عليھ وسلم سان ڳالهائڻ لڳو.
ڳالهائيندي هو بار بار هٿ آقا صلي الله عليھ وسلم جي ريش مبارڪ طرف وڌائي رهيو هو. آقا صلي الله عليھ وسلم وٽ عروه بن مسعود جو سڳو ڀائيٽو، مغيره بن شعبه تلوار کڻيو ويٺو هو. مٿي تي فولادي خود چڙهيل هئس. سڃاڻپ ۾ نه پي آيو. جڏهن به عروه هٿ آقا صلي الله عليھ وسلم جي ريش مبارڪ ڏانهن وڌايو ٿي ته هُن تلوار جو دستو عروه جي هٿ تي ٿي هنيو ۽ چيو ٿي.
هٿ پويان ڪر.
ٻه ٽي ڀيرا هن جي هٿ تي تلوار جو دستو لڳو ته پُڇيائين
هي ڪير آهي؟
ماڻهن چيس: تنهنجو ڀائيٽو، مغيره بن شعبه
عروه کيس دٻائڻ لڳو ۽ ياد ڏيارڻ لڳو ته تنهنجي خاطر مون تنهنجي ذمي تيرهن مقتولين جي ديت ادا ڪئي هئي. ڪو پراڻو قصو هو، جڏهن هو مصر جي شاهه مقوقس جي درٻار مان واپس اچي رهيو هو ته ڪجهه ماڻهن کي رستي ۾ ان ڪري ماري آيو ته کين شاهه کان وڌيڪ انعام مليو هو.
بهرحال جڏهن عروه، آقا صلي الله عليھ وسلم جي پروانن جي عقيدت، صدق، اخلاص، محبت ۽ پاڻ ارپڻ ڏٺو ته هُن جون اکيون ڦاٽي ويون. واپس قريشن وٽ پهچي صاف لفظن ۾ کين چيائين ته جيڪڏهن جنگ ٿي ته ان شمع جا پروانا سَڙي مرندا، پر پويان نه هٽندا. مون ههڙي وفاداري دنيا جي ڪنهن به فوج جي پنهنجي بادشاهه سان نه ڏٺي آهي. صاف چئي ڏنائين ته: اي قوم مون ڪيترن ئي بادشاهن کي ڏٺو آهي، پر ڪوبه محمد (صلي الله عليھ وسلم) جهڙو نه ڏٺو آهي. هو ته مون کي بادشاهه نه پر اُن کان به مٿي ٿو لڳي ]گويا اشارو ڪري ويو ته پيغمبر آهي[
قريشن ۾ سياڻي عمر جي ماڻهن جو صلح ۽ صفائي ڏانهن جهڪاءُ ڏسي، سندن جنگباز جوشيلن نوجوانن صلح ۾ رنڊڪ وجهڻ جو پروگرام ٺاهيو. هنن رات جو ماٺ مٺيءَ ۾ مسلمانن جي ڪئمپ تي حملو ڪري جنگ ڇيڙڻ جو پروگرام جوڙيو. هيڏانهن مسلمان به چوڪس ويٺا هئا. ڪمانڊر سيدنا محمد بن مسلمه انهن سڀني حملو ڪندڙن کي جهلي ورتو. ٻي ڏينهن آقا صلي الله عليھ وسلم اعتماد سازي جي باهمي فضا کي بهتر بنائڻ لاءِ کين معاف ڪري آزاد ڪري ڇڏيو. انهن جي باري ۾ قرآن پاڪ ۾ فرمايو ويو.
اهوئي آهي جنهن مڪي ۾ هُنن جا هٿ اوهان تي روڪيا ۽ اوهان جا هٿ مٿن، پوءِ اوهان کي مٿن جيت ڏني.
(القرآن 48-24)
هاڻ آقا صلي الله عليھ وسلم ٺاهه جي لاءِ، امن جي واڌاري ۽ وقتي صلح جي لاءِ سيدنا عمر بن خطاب کي سفير بنائي مڪي موڪلڻ جو سوچيو. سيدنا عمر صاف گوئي سان ڳالهايو: آقا صلي الله عليھ وسلم مڪي ۾ عثمان بن عفان جون انهن جي معززين سان مٽيون مائٽيون آهن، سندس اشارو ابو سفيان بن حرب ڏانهن هو، جيڪو سيدنا عثمان بن عفان جي ئي قبيلي بنو اُميه مان هو. هونئن به سيدنا عمر سوچيو هوندو ته جيڪڏهن جنگ ڪرڻي آهي ته مون کي يا عليءَ کي موڪليو، جيڪڏهن صلح ڪرڻي آهي ته عثمان بهتر رهندو.
آقا صلي الله عليھ وسلم کي اها تجويز وڻي.
سيدنا عثمان بن عفان، رسول الله صلي الله عليھ وسلم جو سفير بنجي مڪي روانو ٿي ويو.
سعيد بن عاص اُٿي سندس آجيان ڪئي. پنهنجي گهوڙي تي زين ڇڪي کيس ويهاريو ۽ پنهنجي پناهه ۾ وٺي قريش سردارن ڏانهن وٺي ويس.
ڳالهيون مُهاڙيون ٿيون
قريشن سيدنا عثمان بن عفان کي آڇ ڪئي ته تون هلي خانه ڪعبه تي حاضري ڏي ۽ طواف ڪر- توکي موڪل آهي.
سيدنا عثمان بن عفان نهڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
چيائين:
آقا صلي الله عليھ وسلم کانسواءِ خدا جي گهر نه ويندس.
ڳالهيون ٻولهيون ڊگهيون ٿي ويون
قريشن به جنگين ۾ وقفو ٿي چاهيو
کين سندن واپاري قافلن کي مديني وٽان رستو ٿي کَتو.
سندن معيشت تباهه ٿي چڪي هئي
پر ڳالهه ”اَنا“ جي هئي.
هُنن جي مرضي هئي ته هينئر ڪنهن به نموني مسلمان موٽي وڃن
ته جيئن عرب قبيلن ۾ سندن نڪ نه ڪٽجي.
سندن ڪجهه ڀَرم رهجي وڃي.
جڏهن سيدنا عثمان بن عفان جي حديبيه واپس اچڻ ۾د ير ٿي ويئي ته اهو افواهه پکڙجي ويو ته سيدنا عثمان بن عفان کي شهيد ڪيو ويو آهي.
اُن خبر جي پهچندي ئي حديبيه ۾ ڄڻ زلزلو اچي ويو.
هر مسلمان احرام پائڻ جي باوجود به اگهاڙي ترار جيان تڙپڻ لڳو.
آقا صلي الله عليھ وسلم جو چهرو مبارڪ به ڳاڙهو ٿي ويو.
پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم فرمايو: جيستائين عثمان جي خون جو بدلو نه وٺندس، تيستائين هِتان نه ويندس.
سڀئي ساٿيءَ صلي الله عليھ وسلم جا هم خيال هئا.
آقا صلي الله عليھ وسلم ٻٻر جي ان جي هيٺان ويٺا هئا.
پاڻ پنهنجو ساڄو هٿ اڳيان وڌايائون
اچو بيعت ڪريو.
عثمان جي خون تي...
ته اسين قتل جو بدلو وٺڻ کان سواءِ هِتان نه وينداسين.
سڀني کان پهرين سيدنا ابو سفيان اسدي، آقا صلي الله عليھ وسلم جي هٿ مبارڪ تي هٿ رکي حلف کنيو. سڀ صحابي ڊوڙندا آيا.
سڀني بيعت ڪئي.
سيدنا مسلمه بن رڪوم ٽي ڀيرا بيعت ڪئي.
سڀني بيعت ڪري ورتي ته آقا پنهنجي ساڄي هٿ کي پنهنجي کاٻي هٿ تي رکيو ۽ فرمايو:
هيءَ بيعت عثمان پاران آهي
مٿان وحي اچي ويئي.
الله فرمايو: انهن سڀني جي مٿان مُنهنجو هٿ آهي.
خبر ته ڪوڙي هئي
الله اُن گهڙيءَ اها رسول الله صلي الله عليھ وسلم کي نه ٻُڌائي
پر الله کي ته خبر هئي ته عثمان شهيد نه ٿيو هو.
الله کي ته پنهنجن کي آزمائڻو هو.
منجهن جوش ۽ ولولو پيدا ڪرڻو هو.
وحي لٿي:
”بيشڪ الله ايمان وارن کان راضي ٿيو، جڏهن هو وڻ جي هيٺان توسان بيعت ڪري رهيا هئا ]سورة الفتح[
هيڏانهن قريشن کي خبر پئي ته موت تي بيعت ٿي ويئي آهي
سندن رت سُڪي ويو
هَڄي ويا.
هاڻ هنن فوري طور تي ٺاهه جي لاءِ ڊوڙ ڊُڪ شروع ڪري ڏني.
پاسو پَلٽجي ويو.
اهي جيڪي لڙائيءَ کان گهٽ تي راضي نه پي ٿيا، هاڻ اُن ڀڄ ڊُڪ ۾ هئا ته اها ٽري وڃي.
هيڏانهن مسلمان جيڪي وڙهڻ جي ارادي سان نه آيا هئا، سي ايترو ته ڪاوڙيا جو مرڻ مارڻ تي حلف کنيائون.
قريشن طريقي ڪار بدلايو
سهيل بن عمروءَ کي صلح تي راضي ڪرڻ جي لاءِ موڪليائون
آقا صلي الله عليھ وسلم کيس ايندي ڏٺو ته فرمايو.
”قد سهل لکم من امرکم“
”هاڻ تنهنجو ڪم ٿورو سولو ٿي ويو آهي.“ ]زرقاني[
ڳالهيون مُهاڙيون شروع ٿيون.
ان دوران اطلاع مليو ته سيدنا عثمانرضه خيريت سان آهن.
دير تائين ٺاهه جون ڳالهيون ٻولهيون ٿينديون رهيون.
نيٺ فيصلو ٿي ويو.
شرط طئي ٿيا
آقا صلي الله عليھ وسلم سيدنا عليرضه جي هٿ ۾ قلم ۽ ڪاغذ ڏنو ۽ چيو:
لِک
بسم الله الرحمن الرحيم
سُهيل بن عمروءَ پنهنجا ننڍا ۽ ڳورا هٿ نچايا
هي ”رحمٰن“ ڪير آهي؟
اسان جو الله-
اسين جيڪڏهن کيس رحمٰن مڃون ها ته پوءِ جهيڙو ڇا تي آهي. پراڻي دستور موجب لکو.
باسمڪ اللهٰم
آقا صلي الله عليھ وسلم سيدنا عليءَ کي چيو..
اهو ئي لک.
پوءِ فرمايو: هي اهو معاهدو آهي، جنهن تي رسول الله صلي الله عليھ وسلم صلح ڪئي
سهيل بن عمرو وري هٿ مٿي ڪيو.
چيائين:
جيڪڏهن اسين توکي الله جو رسول مڃيون ها ته روڪيون ڇو ها.
اوهان سان ڇو وڙهون ها.
تنهن ڪري اوهين لکرايو: محمد (صلي الله عليھ وسلم) بن عبدالله.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو: اهو ڪَٽي، جيڪي هي چوي ٿو سو لک.
سيدنا عليءَ جا هٿ ڏڪڻ لڳا.
اکين ۾ لُڙڪ اچي ويس
وات مان اکر به نه ڪُڇيائين.
ڏاڍي ڏکيائيءَ سان چيائين: سرڪار هي لفظ مون کان نه مِٽجندو.
آقا صلي الله عليھ وسلم اُمي هئا. پُڇيائون ڪٿي لکيل آهي.
سيدنا عليءَ قلم جي نُب سان ان لفظ کي چُميو.
آقا صلي الله عليھ وسلم پنهنجي هٿ ۾ قلم وٺي اهو ڪٽيو.
چيائين: جيئن هي چوي ٿو، تيئن لک.
سڄو دستاويز تيار ٿي ويو.
ڏسڻ ۾ مسلمانن کي سڀئي شرط مايوس ڪندڙ لڳا.
پهريون شرط اهو هو ته مسلمان هن سال عمرو نه ڪندا، پر هِتان کان ئي واپس مڪي موٽي ويندا. ايندڙ سال هِنن ئي ڏينهن ايندا ۽ ٽي ڏينهن خانه ڪعبه ۾ رهندا. ساڻن گڏ فقط مياڻين ۾ بند تلوارون هونديون ۽ ٻيو ڪوبه هٿيار نه هوندو، قريش ساڻن ڪوبه واسطو نه رکندا.
ٻيو شرط هو:
ڌرين ۾ ڏهن سالن تائين ڪابه جنگ نه ٿيندي، اُن عرصي ۾ ماڻهو امن ۽ امان سان رهندا.
ٽيون فقرو هو: جيڪو قبيلو جنهن به ڌر جو حليف هوندو، اُن کي اجازت هوندي ته جيڪو جنهن جو فريق هوندو، ان جو حصو سمجهيو ويندو.
چوٿون شرط مسلمانن کي وري ڳرو لڳو، ڇو ته اهو به هڪ طرفو هو.
معاهدي ۾ لکيو ويو هو ته جيڪو شخص پنهنجي سرپرست جي اجازت کانسواءِ هاڻ محمد (صلي الله عليھ وسلم) وٽ ويندو ته کيس واپس مڪي موٽايو ويندو، پر جيڪڏهن ڪو مسلمان ڀَڄي مڪي ايندو ته مڪي وارا کيس واپس ڪرڻ لاءِ ٻڌل نه هوندا.
دستاويز تي اڃا صحيحون ٿيڻيون هيون.
لکت لکي پي ويئي، جو گوڙ ٿيو.
ڏٺائون ته مڪي مان سهيل بن عمروءَ جو پنهنجو پُٽ ابو جندل، جنهن جي پيرن ۾ زنجيرون پيل هيون، اُنهن کي گهليندو، اتي پهتو هو.
هو قديمي مسلمان هو، سُهيل بن عمروءَ کيس قيد ڪري رکيو هو. کيس خبر پئي ته مسلمان مڪي جي ويجهو پهتا آهن ته هو زنجيرون ٽوڙي ڀڄي آيو. مسلمانن کيس گلي سان لڳايو. هو اُن ٻار وانگر روئڻ لڳو، جيڪو ڪافي عرصي کانپوءِ پنهنجي امڙ جي هنج ۾ آيو هُجي.
سهيل بن عمرو اٿي کڙو ٿيو
چيائين:
هي شخص ابو جندل پهريون شخص آهي، جيڪو هن معاهدي جي روح موجب واپس ٿيڻ گهرجي.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو، اڃا لکت مڪمل نه ٿي آهي.
صحيحون به ٿيڻون آهن.
پر سُهيل هوڏ ٻَڌي بيهي رهيو
ته پوءِ آءٌ صحيح ئي نٿو ڪريان.
آقا صلي الله عليھ وسلم، ان حد تائين به چيس ته منهنجي خاطر ڇڏي ڏينس.
پر سهيل نه مڃيو، ۽ اُٿي پٽهنس کي هڪ زوردار ٿڦڙ هڻي ڪڍيائين ۽ کيس گلي مان جهلي پنهنجن ماڻهن جي حوالي ڪيائين.
ابو جندل رڙيون ڪري چوڻ لڳو: ڇا آءٌ وري مُشرڪن ڏانهن موٽايو ويندس.
آقا صلي الله عليھ وسلم کيس صبر جي تلقين ڪئي ۽ فرمايو:
الله جلد تنهنجي ۽ تو جهڙن ٻين ڪمزور مسلمانن جي لاءِ آساني۽ ڪشادگي عطا فرمائيندو.
اَبو جندل کي سهيل بن عمرو پاڻ سان وٺي ويو.
امن جي معاهدي تي شاهدن ۽ ڌرين جون صحيحون ٿيون.
مسلمانن طرفان ابوبڪر، عمر بن خطاب، حضرت علي ڪاتب دستاويز، عبدالرحمان بن عوف، سعد بن ابي وقاص، ابو عبيده بن الجراع ۽ محمد بن مسلمه انصاري شاهد هئا. مُشرڪن طرفان ڪيترائي شاهدهئا، جن ۾ حويطب بن عبدالعزيٰ ۽ مڪرز بن حفص به هئا. دستاويز جون ٻه ڪاپيون سيدنا عليرضه لکيون. هڪ آقا ﷺ وٽ رهي ۽ ٻي ڪاپي سهيل بن عمرو پاڻ سان کڻي ويو.
مسلمان سڀ سَڪتي جي حالت ۾ هئا.
کين گهڻو ڏک، پيڙا ۽ ڦِڪائي محسوس ٿي رهي هئي
کين معاهدي جا شرط برابريءَ جي سطح تي نظر نه آيا.
ابو جندل سندن ئي سامهون رئندو ، مار کائيندو، رڙيون ڪندو، مدد لاءِ سڏيندو گهيلي نيو ويو، هو پري تائين انهن جي اُٺن کي مڪي طرف ويندي ڏسندا رهيا.
سڀ وساميل ۽ چپ هُئا.
عمرو به نه ٿيو.
هِتان کان ئي واپسي
سيدنا عمر جي بي چيني سڀني کان گهڻي هئي.
ادب سان آقا صلي الله عليھ وسلم جي خدمت ۾ آيا
چيائون:
ڇا اوهين الله جا سچا نبي نه آهيو؟
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو: آءٌ الله جو برحق نبي آهيان.
سيدنا عمر عرض ڪيو: ڇا اسين حق تي ۽ هو باطل تي نه آهن؟
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو: بيشڪ.
سيدنا عمر ليلايو: پوءِ اسين هيءَ ذلت ڇوسَهون؟
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو: آءٌ الله جي حڪم جي خلاف وزري نٿو ڪري سگهان، هو منهنجو ساٿي ۽ مددگار آهي.
سيدنا عمر وري عرض ڪيو. يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم ڇا اوهان اهو نه فرمايو هو ته بيت الله جو طواف ڪنداسين؟
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو: چيو هئم. پر اهو نه چيو هئم ته هن سال.
وقت تي ڪمان ته الله جي آهي.
آقا صلي الله عليھ وسلم کي زمين و مڪان جون ڪُنجيون ته خدا ڏنيون هُيون.وقت جو تعين پنهنجي هٿ ۾ رکيو هو. جڏهن چاهيندو هو وقت آقا صلي الله عليھ وسلم جي ڪرائيءَ تي ٻڌي ڇڏيندو هو.
الله ته الله آهي.
جڏهن وڻيس ۽ جيڪو وڻيس سو ڏي.
جڏهن نه گُهري ته ساڻس ڪير ٿو ضد ڪري سگهي.
ماڻهن جي سمجهه ۾ نه الله جي حڪمت ۽ نه رسول الله صلي الله عليھ وسلم جي فراست سمجهه ۾ آئي. هو ڪنڌ جهڪايو، مايوسيءَ مان ويٺا هڪٻئي کي ڏسندا رهيا.
هنن جا ذهن مائوف ٿي ويا هئا.
آقا صلي الله عليھ وسلم سڀني کي قربانيءَ جا جانور ڪُهڻ ۽ مٿو ڪوڙائڻ جو چيو. سڀ مسلمان ڀڳل دلين ۽ ڏک ۾ ڀريا ويٺا هئا. سندن ٽنگن ۾ پنهنجن جسمن جو بار کڻڻ جي سگهه نه بچي هئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم ٽي ڀيرا چَين، پر نه اُٿيا.
آقا صلي الله عليھ وسلم پنهنجي خيمي ۾ ويا.
سيده اُم سلمه خيمي جي پردي جي اَڏَ مان سڀ ڪجهه ڏسي رهي هئي، آقا صلي الله عليھ وسلم کي عرض ڪرڻ لڳي: مسلمان ڏکارا ۽ مايوس آهن.
دليون ڀڳل اٿن...
اوهين ڪنهن کي ڪجهه چوڻ آکڻ کانسواءِ چپ چاپ پنهنجا جانور ذبح ڪريو، حجام کي گهرائي مٿو ڪوڙايو، سڀ پاڻمرادو اوهان جي پيروي ڪندا.
ايئن ئي ٿيو.
هيڏانهن آقا صلي الله عليھ وسلم پنهنجو نشان لڳل اٺ قربان ڪيو، ته هوڏانهن سڀ پنهنجا پنهنجا قربانيءَ جا اُٺ جهلي قربان ڪرڻ لڳا.
آقا صلي الله عليھ وسلم قربانيءَ جو جيڪو اٺ ڌُڻيو هو، اهو ابو جهل جو هو، اُن جي نڪ ۾ ابو جهل چانديءَ جو ڇلو وڌو هو. ابوجهل ته بدر ۾ مارجي ويو. سندس اٺ خوش نصيب نڪتو، جيڪو آقا صلي الله عليھ وسلم جي هٿان الله جي نالي تي قربان ٿيو.
آقا ﷺ جي ديکا ديکي قربانيءَ کانپوءِ ماڻهو مٿو ڪوڙائڻ لڳا.
آقا صلي الله عليھ وسلم پاڻ خراش بن اُميه بن فضل خزاعيءَ کان مَٿو ڪوڙايو ۽ هر مٿو ڪُوڙائڻ واري جي لاءِ ٽي ڀيرا مغفرت جي دعا ڪئي. ۽ وار ڪَترائي ننڍا ڪرائڻ وارن جي لاءِ هڪ ڀيرو-
حديبيه ۾ ٻه هفتا ٽڪيا.
واپس مديني موٽندي رستي ۾ آسمان مان سورة فتح نازل ٿي.
الله اُن صلح نامي کي ’فتح مبين‘ قرار ڏنو.
الله هزارين سال اڳ حضرت ابراهيم عليھ السلام، حضرت اسماعيل عليھ السلام هٿان پنهنجو گهر ٺهرائڻ سمئه ڪعبي جي حدن جي هڪ اهم حد حديبيه شايد اُن ئي بيعت رضوان ۽ فتح مبين سڏجندڙ صلح حديبيه کي لکي لکرائي هئي- ٻُڌائي هئي.
ڇو ته سندس قلم اِهي سڀئي واقعا اڳ ۾ لکي ٿو، جيڪي هڪ هڪ ٿي کيس ڪرڻا هوندا آهن- ڏيکارڻا هوندا آهن.
مُڃائڻا هوندا آهن.
بس هڪ ”دعا“ جي لاءِ سندس قلم هر وقت کليل هوندو آهي،
جڏهن به گُهري
جتي به گُهري
اُن ۾ ترميم يا واڌارو ڪري سگهي ٿو.
پنهنجي لکئي ۾ به کيس جيڪو گهري سو لکڻ اچيس ٿو.
هُن ايئن ئي ته قلم جي لکيل لفظن جو قسم ڪونه کاڌو آهي، جتي هن ’سوره فتح‘ ۾ مومنن کان راضي ٿيڻ جي خوشخبري ٻُڌائي، اُتي هڪ ويجهي فتح جي خوشخبري به ڏني.هڪ مهيني کانپوءِ اُها گهڙي به اچي ويئي.

ابو بصيررضه

ابو بصيررضه

ويجهي فتح اچڻ کان اڳ ابو بصيررضه مڪي مان ڀڄي آيو.
صلح حديبيه جا شرط لکڻ مهل جيئن ابو جندل کي مڪي مان زنجيرن سان ٻَڌل گهليندي مڪي واپس وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو هو، اهڙي ئي هڪ ٻي صورت بنجي آئي.
مسلمان، ابو بصير جي مڪي جي قيد مان ڀڄي اچڻ تي خوش ٿيا.
خوشيءَ مان ساڻس ڀاڪر پائي ملڻ لڳا.
اندران ڊنل هئا ته ڏسون ته آقا صلي الله عليھ وسلم ڪهڙو ٿو فيصلو ڪري. ايتري ۾ مڪي مان ٻه ڄڻا ابو بصير کي وٺڻ جي لاءِ پُڄي ويا. هو سڌو آقا صلي الله عليھ وسلم سان ملڻ جي لاءِ مسجد نبوي پهتا.
ماڻهو ڊڄي ويا.
آقا صلي الله عليھ وسلم ته هر معاهدي جي پاسداري ڪندا هئا.
ايئن ئي ٿيو.
مَڪي مان ابو بصير کي وٺڻ لاءِ ايندڙ ٻنهي مُشرڪن چيو ته معاهدي موجب هو هِتي رهي نٿو سگهي.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو: درست ٿا چئو. کيس وٺي وڃو.
ابو بصير کي مُشرڪن جي حوالي ڪيو ويو
هو ڏاڍو رُنو، رڙيو... دانهون ڪيائين،
پر مجبور هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم کيس دلاسو ڏنو ۽ صبر جي تلقين ڪندي فرمايو:
اميد رک ته جلد ئي الله تنهنجي لاءِ ڪشادگي ۽ ڇوٽڪاري جي راهه پيدا ڪري ڇڏيندو.
ابو بصير ڏکويل دل سان وٺڻ لاءِ آيل ٻنهي سان گڏ هليو ويو.
هن جي دل ڀڳل هئي.
اکيون ڳاڙهيون هُيس.
مَن ۾ باهه جا مچ پي ٻَريس.
رستي ۾، مديني کان ٿورو ٻاهر ’ذوالحليفه‘ جي هنڌ تي ٽيئي ترسيا. وٺي ويندڙ ٻيئي مديني مان مليل کجيون کائڻ لڳا.
ابو بصير کين ڳالهين ۾ مُنجهائي کين ويسلو ڪري ڇڏيو.
هڪڙي کي چيائين:
تنهنجي تلوار ته ڏاڍي شاندار آهي.
ڪٿان ٺهرائي اٿئي؟
هو کجين جي مزي ۾ مگن هو.
ڦوشر ۾ اچي چوڻ لڳو... منهنجي تلوار جهڙي ڪير ٿو رکي سگهي؟
واهه ڪهڙي ڳالهه ڪجي...
واقعي
ٿورو ڏسڻ ته ڏي.
ابو بصير تلوار هٿ ۾ کڻي اُن جي ڏاڍي تعريف ڪئي، اُن جي تکي ڌار تي آڱر ڦيريائين، پوءِ اها هوا ۾ گهمائي واکاڻيائين ۽ پوءِ گهمائي هڪ وار ڪيائين، مُشرڪ جو ڳلو نڙيءَ ۾ کجيون کائيندي ککڙي سميت ڪٽجي ويو.
اهو ڏسي ٻيو مڪي مُشرڪ ڊپ مان اُٿي ڀڳو.
ابو بصير تلوار سميت هُن جي پويان لڳو.
هو ڪافي پري هو.
هُن وٺي مديني ڏانهن پناهه وٺڻ لاءِ منهن ڪيو.
کيس خبر هئي ته مديني جو آقا صلي الله عليھ وسلم ظلم ٿيڻ نه ڏيندو آهي.
اهو مُشرڪ سڌو آقا صلي الله عليھ وسلم وٽ پهتو.
کيس سڄي ڪهاڻي ٻُڌايائين.
چيائين: مون کي بچايو، هو مون کي به ماري ڇڏيندو.
ابو بصير چيو: آقا صلي الله عليھ وسلم اوهان معاهدي تي عمل ڪيو.
مون کي واپس موٽايو
هاڻ الله مون کي ڇوٽڪارو ڏنو آهي
اوهان سڳورن جي دعا سان.
هاڻ مون کي نه موٽائجو.
آقا صلي الله عليھ وسلم حيران
فرمايائون:
هن کي جيڪڏهن ڪو ساٿي ملي وڃي ته هي جنگ جي باهه ڀڙڪائي سگهي ٿو.
ابو بصير اشارو سمجهي ويو.
کيس خبر هئي ته آقا صلي الله عليھ وسلم معاهدي جي ڪڏهن به ڀڃڪڙي نه ڪندا. الله جي زمين وشال آهي ۽ هاڻ ساٿي به گهربل آهن.
ابو بصير مديني مان هليو ويو.
تلوار به ساڻس گڏ هئي. اها به شاندار تلوار
هو مڪي نه ويو، پر مڪي ۽ مديني جي ساحلي واپاري رستي تي وڃي ويٺو.
کيس ڪجهه ٻيا سنگتي ۽ ساٿي به ملي ويا.
مڪي ۾ قيد صلح حديبيه وقت گهلي نيو ويندڙ ابو جندل تائين، اها خبر پهتي.
ابو جندل به ابو بصير سان، ساحل تي اُچي مليو.
ٿورن ئي ڏينهن ۾ اُتي ستر جي لڳ ڀڳ مسلمان گڏ ٿي ويا.
هاڻ هو هڪ طاقت هئا.
ڪڏهن ڪڏهن ته هُنن جو تعداد ٽن سونَ تي به وڃي ٿي پهتو. مڪي مان قافلا ايندا هئا ۽ هنن انهن لاءِ رڻ ٻاري ڇڏيو.
هُنن انهن ئي قافلن کان تنبو کسيا.
سمنڊ جي ڪنڌيءَ تي پنهنجو ڳوٺڙو کڻي ٻَڌائون. اُٺ ۽ ٻڪريون گڏ ڪري، سوارين ۽ خوراڪ جو بندوبست به ڪيائون. هاڻ اُتي هنن هڪ ڇوٽي موٽي بازار به کڻي هنئي.
ان شاهراهه تان قريشن جو واپاري رستو بند ٿي ويو.
صلح حديبيه ۾ قريشن هڪ فائدو انهن واپاري رستن جو به ورتو هو. اهو اهم رستو قريشن جي هٿان نڪري ويو. قريش وري به منهن مَٿو پٽي مَٿو مٿي سان جوڙي ويٺا، کين سمجهه ۾ نه پي آيو ته ڇا ڪجي.
نيٺ هنن پنهنجن چڱن مڙسن کي مديني موڪليو. هنن آقا صلي الله عليھ وسلم جن جي اڳيان ليلايو ۽ کين چيو ته اوهين سدائين رحمدليءَ کان ڪم وٺندا آهيو.
صلح حديبيه جو ٽيون فقرو ختم ڪري ڇڏيو.
اوهان جو جيڪو به ماڻهو مڪي يا ٻي ڪنهن به هنڌان اچي مديني ۾ رهڻ گهري ته اسان کي ڪوبه اعتراض ڪونهي. رڳو پنهنجن انهن ساحل جي ڪنڌيءَ تي ويٺل همراهن ابو بصير ۽ ابو جندل ۽ سندس ساٿين کي مديني گهرائي وٺو.
اُن کانسواءِ اوهان جي شهر مديني ۾ مڪي مان ڪجهه مسلمان زالون اچي رهيون آهن. معاهدي جي روح موجب انهن کي واپس ڪري ڇڏيو. عورتن جي واپسيءَ واري اها ڳالهه آقا صلي الله عليھ وسلم هڪدم رد ڪري ڇڏي ته معاهدي ۾ لفظ ”رجل“ لکيو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ ”مرد“ آهي، جيڪي موٽائي نٿيون سگهجن.
هائو، باقي فقرو برقرار رکڻون اٿوَ ته ابو بصير ابو جندل، پنهنجن ساٿين سميت جتي آهن، کين اُتي ئي رهڻ ڏجي، اهو ته معاهدي موجب آهي.
هنن وري به منٿ ڪئي، ليلايو ته معاهدي جو ٽيون فقرو ختم ڪريو.
اوهين کين واپس گهرائي وٺو.
آقا صلي الله عليھ وسلم ساحل جي ڪنڌيءَ تي ويٺل ابو بصير کي خط لکي موڪليو ته پابندي ختم ٿي ويئي آهي، هاڻي مديني موٽي اچو.
خدا جي ڪم جي خدا کي ئي خبر
هيڏانهن اَبو بصير کي آقا صلي الله عليھ وسلم جو خط مبارڪ مليو
پڙهيائين.
اکين مان لُڙڪ جاري ٿي ويس
دل جي ڌڙڪن بي ترتيب ٿي ويس.
خبر ڪونهي ته هو اڳ ۾ ئي بيمار هو، يا آقا صلي الله عليھ وسلم جي خط کي پاڻ ڏانهن محبت مان لکيل ڏٺائين ته خوشيءَ مان دل جي ڪا رڳَ ڦاٽي پيس
اکين مان لڙڪ ئي نه بيٺس.
منهنجي آقا صلي الله عليھ وسلم مون کي گهرائي ورتو
آقا جي شهر مديني مان
منهنجو سڏ اچي ويو.
آقا صلي الله عليھ وسلم منهنجي اوسيئڙي ۾ آهن.
ڪيترن ڏينهن جو پنڌ آهي.
خبر ڪونهي، هو ڇا ڇا سوچيندو رهيو.
خط مُبارڪ کي اکين تي رکيائين.
چُميائين.
ڪنهن سِڏڪندڙ ٻار وانگر آقا صلي الله عليھ وسلم جي خط کي سيني تي رکي، هڪ زور سان ساهه کنيائين. پوءِ اهو ساهه سندس جسم مان ٻاهرنه آيو.
سندس ڇاتيءَ تي آقا صلي الله عليھ وسلم جو خط هٿن ۾ جهليل ڦڙڦڙائيندو رهيو.
هُن جون لڙڪن سان ڀريل اکيون، ساڳئي طرح آسمان جي اُن ڪنڊ ڏانهن مُڙي ويون. جتان اِهي ساحلي پٽي مديني ڏانهن مُڙنديون هُيون.
هو کن پل ۾ مديني پهچي ويو.
جسم ساحل جي واريءَ تي ڇڏي ويو.
ابو جندل، ابو بصير کي اُتي ئي ساحل تي دفنائي، اُتي هڪ مسجد جوڙيائين. پوءِ آقا صلي الله عليھ وسلم جي حڪم جي تعميل ڪندي سڀني همراهن کي وٺي مديني روانو ٿي ويو.

خيبر جي جنگ

خيبر جي جنگ

ويجهي فتح جي گهڙي اچي ويئي.
حديبيه مان مديني موٽندي آقا صلي الله عليھ وسلم کي هڪ مهينو ئي ٿيو هو جو حڪم ڏنائون ته تياري ڪريو... هلڻون آهي. 6 هين هجريءَ جي آخري مهيني ذي الحج ۾ حديبيه مان واپس وريا هئا. ايندڙ مهيني محرم ستين هجري جي آخري تاريخن ۾ روانگي ٿي. اها سن 628عيسوي جي ڳالهه آهي. ان وقت آقا صلي الله عليھ وسلم جي عمر سٺ سال ٿيڻ واري هئي.
روانگي سدائين جيان ڳجهي ۽ تيزيءَ سان هئي.
حڪم ٿيو ته گڏ اِهي هلن، جيڪي حديبيه ۾ به گڏ هليا هئا. اهي ئي چوڏهن سؤ همراهه، جن کان خدا راضي ٿيو هو، ٻه سؤ ٻيا ساٿي به زور ڪري شامل ٿي ويا. پر آسمان مان چٽو حڪم هو ته ڪوبه منافق گڏ نه وڃي.
اُم المومنين،سيده اُم سلمه جيڪا حديبيه ۾ به گڏ هلي هئي، رڳو اهائي گڏ ويئي. ٻه سؤ هٿياربند گهوڙيسوار به گڏ هئا... لشڪر جو جهنڊو اڳ جيان سيدنا عليرضه کي ڏنائون. سيدنا مصعب بن عمير جي شهادت کانپوءِ اهو جهنڊو سدائين سيدنا عليرضه سان گڏ رهيو. مديني جو انتظام سيدنا سباع بن عرفه انصاريءَ کي سونپيو ويو ۽ سفر شروع ٿي ويو.
آقا صلي الله عليھ وسلم جو لشڪر مديني جي اُتر ۾ ”غابة العليا“ کان ”غابة السلفيٰ“ تائين پهچي، خيبر ڏانهن ويندڙ رستي تي هلڻ لڳو. رستي ۾ جبل اشمد ۽ جبل نمار جي وچ ۾ سوڙهو جابلو گَهٽ هو، جيڪو تيزيءَ سان پار ڪيائون.
جبل نمار کان فوج جا ٻه حصا ڪيا ويا.
فوج جو هڪ ننڍو حصو ”دومه“ نالي پهاڙيءَ طرف خيبر ۽ مديني جي وچ ۽ غطفان قبيلن کي خيبر پهچڻ کان روڪڻ جي لاءِ، ريزرو دستي طور روانو ڪيو ويو. ٻي وڏي فوج جا حصا اهڙي رستي کان نيئڻ جو حڪم ڏنو ويو ته خيبر جي بستيءَ ۾ مديني مان ايندڙ رستي جي بدران مٿي اُوڀرندي پاسي کان مُڙي ايئن اچجي جو خيبر وارا سمجهن ته شام مان لشڪر آيو آهي.
اهو لشڪر خيبر جي قلعن تي شام ڌاري اچي ڪڙڪيو، پر آقا صلي الله عليھ وسلم رات جو جنگ نه ڪند اهئا. جنگي تدبيرون سوچيندا هئا.
تدبيرون ته اڳ ۾ ئي سوچجي چُڪيون هيون.
خيبر جي سڄي بستي جو جائزو ورتو ويو هو.
اُن وقت خيبر عربستان جي اُپٻيٽ ۾ يهودين جو سڀ کان وڏو ڳڙهه هو. مديني مان تڙيل بنو نضير وارن به اُتي ئي اچي ديرو ڄمايو هو. انهن جي ئي سردار حئي بن اخطب جي ڀڙڪائڻ تي عين خندق واري جنگ جي ڏينهن ۾ بنو قريظه بغاوت ڪئي هئي، ان کانسواءِ هنن جنگ ۾ مالي مدد کانسواءِ سون چاندي به مدد طور انهن خيبر جي يهودين ئي ڏنو هو. هاڻ جڏن مهينو کن اڳ قريش مڪه پاران ڏهن سالن جي لاءِ امن جو معاهدو ٿي چڪو هو ته اهو ڊپ موجود هو ته اهي خيبر جا يهودي مسلمانن جي خلاف مڪي قريشن يا ان زماني جي ڪنهن وڏي طاقت ايران يا روم سان ڪو معاهدو نه ڪري وٺن ۽ مسلمانن تي ڪو وار نه ڪن.
تنهن ڪري آقا صلي الله عليھ وسلم پنهنجي بچاءُ ۾ جارحاڻي ڪاروائيءَ ۾ اڳرائي ڪئي. غطفان وارن جي مسلمانن سان دشمني ۽ يهودين جو ڳٺ جوڙ ڪنهن کان لڪيل ڇپيل ڳالهه نه هئي. انهن نجد جي غطفان قبيلن، قريش جي لشڪر سان گڏجي خندق جي جنگ ۾ مسلمانن تي حملو ڪيو هو.
خيبر جا يهودي اڃا غطفانين سان گڏجي مسلمانن جي خلاف حملي جون سَٽون سٽي رهيا هئا ته آقا صلي الله عليھ وسلم سڀني کي حيرانيءَ ۾ وجهي، انوکي رستي تان سفر ڪري عين خيبر جي قلب ۾ اچي خنجر هنيو.
خيبر مديني کان هڪ سئو ميل پري، بي حد گهاٽو کجين جي وڻن سان ڀريل هيٺاهينءَ ۾ هڪ نخلستان آهي. اتي هڪ ٻرندڙ جبلن جو سلسلو مديني جي جبلن وانگر اتي به سلسلو آهي، مديني کان خيبر جو رستو هڪ سئو ڪلو ميٽرن تائين جبلن جي وچ مان سوڙهو ۽ ور وڪڙن وارو آهي. شهر کان پندرهن ويهه ڪلوميٽر پهرين هلڪي رنگ جون پوکيءَ لائق زمينون آهن. پوءِ پهاڙي سلسلو شروع ٿئي ٿو، اُن سلسلي ۾ موجود رستي جا ساڄي پاسي قديم يهودي کنڊر ميلن تائين پکڙيل آهن. ڪجهه ڊٺل تلائن جا بند به نظر اچن ٿا. انهن ۾ هڪ صبها نالي تلاءَ آهي، جتي خيبر ايندي ويندي آقا صلي الله عليھ وسلم ڪيترائي ڀيرا قيام به ڪيو هو. ان کان اڳتي هڪ ماٿري آهي، جنهن ۾ خيبر آباد هو.
اهو ايترو ته باغن سان ڀريل هو، جو پري کان اُن جا ڪي نشان نظر ئي نه ايندا هئا. سنگلاح ڳاڙهن لڳندڙ پهاڙن، سنهري واري وارين ڀِٽن جي وچ ۾ اهو کجين سان ڀريل شهر، اُن ريگستان جي هٿ ۾ پاتل هڪ سوني منڊيءَ ۾ لڳل سبز رنگ جو ٻُڙو لڳندو هو.
شهر ۾ خوشحالي هئي.
قبائلي پاڙا پڪن قلعن ۽ ڳڙهين جي صورت ۾ ٺهيل هئا.
بستي ٻن حصن ۾ آباد هئي.
پهرينءَ حصي ۾ پنج وڏا قلعا هئا، قلعي کي هو ”حصن“ چوندا هئا.
هر قلعي جو هڪ نالو هو، جيڪي هن ريت هئا:
حصن ناعم، حصن صعب بن معاذ، حصن زبير، حصن ابي ۽ حصن نزرار. انهن مان ٽن وڏن قلعن جو علائقو ”نظاة“ سڏبو هو، جتي خيبر وارن پنهنجا جنگي جوان ترسايا هئا. باقي ٻن قلعن کي هو ”شق“ سڏيندا هئا.
شهر جي ٻي حصي ”ڪتيبه“ ۾ ٽي قلعا هئا، جيڪو شهر اندر هو، اهو حصن قموص سڏبو هو، جتي مرحب هو، ٻيو حصو وطيح ۽ ٽيون حصو سلالم.
اُنهن اٺن قلعن کانسواءِ به خيبر ۾ محل ۽ ڳڙهيون هيون. جنگ ٿورن قلعن ۾ ٿي، باقي قلعن وارا ڊڄي هٿيار ڦٽا ڪري، ٻاهر نڪري آيا.
خيبر کي ڀڙڪائڻ وارا به اُتي هئا. ان جنگ ۾ هو اُتي چالون هلي رهيا هئا.
پر سندن اِهي چالون اُبتيون پي ٿيون.
بنو نضير جي ڀاڄوڪڙ سلاد بن شڪم کي سپهه سالاري مليل هئي. هن رسد ۽ کاڌ خوراڪ جو سمورو سامان قلعي ناعم ۾ منتقل ڪري ڇڏيو.
مسلمان پهريون حملو ئي ناعم تي ڪيو. رسد ۽ لاجسٽڪ آخري دفاعي لائن ۾ هوندي آهي، پر مسلمان آيا ئي اُبتي پاسي کان هئا. هُنن جي سڀ کان پهرين دفاعي لائن ڪٽي ويئي. سيدنا محمد بن مسلمه هڪ فوجي دستو وٺي حملو ڪيو. قلعي جي ڀت جي پاڇي ۾ ويٺا هئا جو ڪنانه بن ربيعه جيڪو بنو نضير جي پراڻي سردار حئي بن اخطب جو ناٺي هو، ان قلعي جي ڀت تان چڪيءَ جو ڳرو پٿر ڪيرائي کيس شهيد ڪري ڇڏيو. مسلمانن زوردار حملو ڪيو، قلعو فتح ڪري ورتائون ۽ گڏوگڏ ڀرپاسي جا ننڍا وڏا قلعا به خالي ڪرائي ورتائون.
ناعم کانپوءِ اندرينءَ وڏي قلعي ”قموص“ کي گهيرو ڪيو ويو. اهو هڪ پهلوان مرحب جي ڪمان هيٺ هو.
گهيرو ڪيترائي ڏينهن جاري رهيو.
پر فتح نه ٿيو.
اُنهن ئي ڏينهن سٺ سالن جي آقا صلي الله عليھ وسلم کي اڌ مٿي جو سور به ٿيو. ڪيترن ئي بهادرن کي جهنڊو ڏيئي موڪليائون، پر سڀ فتح کانسواءِ موٽيا. آقا ﷺ ڪيترن ئي ڏينهن تائين پاڻ محاذ تي وڃي نه سگهيا.
هڪ رات فرمايائون
سُڀاڻي جهنڊو ان کي ڏيندس جيڪو الله ۽ ان جي رسول صلي الله عليھ وسلم کي محبوب رکي ٿو ۽ الله ۽ سندس رسول ساڻس پيار ڪن ٿا،هُن جي هٿان الله ان قلعي کي فتح ڪرائيندو.
اها رات سڀني صحابين بي چينيءَ ۾ گذاري.
سڀئي سوچيندا رهيا ته شايد آءٌ ئي ڀاڳن وارو بنجان.
ٻي صبح اچي ويئي.
سڀ خدمت ۾ حاضر ٿيا.
آقا صلي الله عليھ وسلم چئني ڏسائن نظرون ڦيرايون ۽ پُڇيو:
عليرضه ڪٿي آهي.
سيدنا عليءَ جون اکيون اُٿيون هُيون.
سڏڻ تي پهچي ويو.
آقا صلي الله عليھ وسلم هن جي اکين تي لعاب مبارڪ مَکيو ۽ دعا گهري
پوءِ جهنڊو گهرايائون.
سيدنا عليءَ کي ڏنائون ۽ حملي جون حڪم ڏنائون... الله ڪاميابي ڏيندو.
سيدنا علي عرض ڪيو: يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم- يهودين کي وڙهي مسلمان ڪريون؟
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو:
سندن اڳيان نرميءَ سان اسلام پيش ڪر. جيڪڏهن تنهنجي هدايت تي هڪ شخص به مسلمان ٿي ويو ته تنهنجي لاءِ اها ڳالهه ڳاڙهن اُٺن کان ڀلي آهي. ]بخاري/مسلم[
سيدنا عليءَ جهنڊو کنيو ۽ قلعي جي سامهون پهچي ويو. پهرين يهودين کي نرميءَ سان اسلام ۽ سلامتيءَ جي دعوت ڏنائين، جيڪا هُنن ٺڪرائي ڇڏي.
روايت آهي ته قلعي ۾ ويهه هزار سپاهي هئا.
اُنهن جو سالار مرحب هو.
مرحب وڏي ناز ۽ نخري سان پنهنجي تلوار گهمائيندو، تڪبر سان اهو چوندي ٻاهر نڪتو:
”خيبر جي سڀني ماڻهن کي خبر آهي
ته آءٌ مرحب آهيان
هٿياربند، بهادر، تجربيڪار
مُنهنجي هڪ جهلڪ سان
جنگ جو شعلو ڀَڙڪي ٿو“
سندس مقابلي لاءِ سيدنا عامر بن اڪوع اڳيان وڌيو
۽ هي رجزيه شعر پڙهيائين:
”خيبر ڄاڻي وٺي
آءٌ عامر بن اڪوع آهيان
هٿياربند، ويڙهاڪ ۽ شهه زور.“
ٻنهي هڪٻئي تي حملو ڪيو.
مرحب جي تلوار عامر ڍال تي روڪي
هيٺان مرحب جي پيرن تي وار ڪيو، پر سندس ننڍي تلوار مرحب کي نه لڳي. تلوار ڦري سندس ئي پير جي مُريي کي اچي لڳي- ان ئي زخم سان شهيد ٿيا.
”بعد ۾ آقا سندس لاءِ ٻيئي آڱريون گڏ ڪري چيو هو.”هُن جي لاءِ ٻِٽو اجر آهي.“ ]بخاري/مسلم[
هاڻ سيدنا علي پاڻ مرحب جي سامهون آيو
۽ هي شعر پڙهيائين،
”آءٌ اهو آهيان جنهن جو ماءُ حيدر نالو رکيو
ٻيلي جي شينهن وانگر خوفناڪ آهيان.
آءٌ ان کين ٻيالي جي بدلي ۾ نيزي جي ماپ پوري ڪري ڏيندس.“ (فتح الباري)
شير خدا جهڙپ ڏيئي مرحب جي مٿي تي اهڙو ته وار ڪيو، جو آهني خود سميت هن جو مٿو سندس ڌڙ ۾ گهڙي ويو.
مرحب مارجي ويو.
قلعو فتح ٿي ويو.
خيبر غاليچي وانگر مسلمانن جي پيرن ۾ وڇائجي ويو.
باقي ٻيا قلعا به مسلمان جي هٿن ۾ ايندا ويا. ڪجهه قلعن جي ڀتين تي آقا صلي الله عليھ وسلم ڪاٺ جي ٺهيل دبابه، جنهن کي اڄڪلهه ٽئنڪ چيو وڃي ٿو، گهوڙن ۽ ڇڪڙن جي مٿان ٺاهي استعمال ڪيو. ڀتين تي منجنيقن سان پٿر جا گولا وسايا. منجنيقون به اُنهن ئي قلعن مان مليون هُيون. گهيرو ڪيترن ئي ڏينهن/هفتن تائين جاري رهيو. قلعي زبير جي اندر ويندڙ چشمي جو پاڻي روڪيو ويو. هو هٿيار ڦٽا ڪري ٻاهر نڪري آيا.
جڏهن قلعو صعب بن معاذ فتح ٿيو ته مسلمان کاڌ خوراڪ کان بي اُلڪا ٿي ويا. آخر ۾ وطيح ۽ سلالم قلعن جي فتح کان پوءِ، چوڏهن ڏينهن جو گهيرو ختم ٿيو. اهو مشهور يهودي ابو الحقيق جو قلعو هو.
هُن هٿ ٻڌا
چيائين: جان بخش ڪئي وڃي
ڪنهن به بار، ٻُڍي، جوان، مرد، عورت کي نه ماريو وڃي.
باقي سڀ سون مين، قلعا، محل، باغ باغيچا اوهين رکو
رڳو تن تي پاتل ڪپڙا ڇڏيو.
ٻيو ڪجهه به نه.
آقا صلي الله عليھ وسلم چيو منظور آهي. پر جيڪڏهن اوهان ڪجهه لڪايو ته پوءِ الله ۽ الله جو رسول آجو آهي.
يهوديءَ وراڻيو: منظور آهي.
ٺاهه ٿيو.
ابو الحقيق جا ٻه پُٽ هئا، ٻنهي ڪافي مال لڪائي ڇڏيو. بنو نضير جي حئي جو هڪ پلاسٽڪ جو ٿيلهو به لڪائي ڇڏيائون، جنهن ۾ سون ۽ دينار ڀريل هئا.
آقا پُڇيو: اهو ٿيلهو ڪٿي آهي؟
چيائين: خرچ ٿي ويو.
آقا ﷺ پُڇيس: جيڪڏهن اسين اهو هٿ ڪري وٺون ته پوءِ؟
چيائين: اسان کي ماري ڇڏجو.
آقا صلي الله عليھ وسلم هڪ انصاريءَ کي حڪم ڏنو. فلاڻي اُٺ جي هيٺان کڏ ۾ اهو مال دٻايو ويو آهي. اهو کوٽي ڪڍي اچو.
ٻه مسلمان ويا.
ٻُڌايل هنڌ تي کوٽائي ڪئي ويئي. خزاني وارو چمڙي جو ٿيلهو ملي ويو ۽ پاڻ سان کڻي آيا.
آقا صلي الله عليھ وسلم جي سامهون کوليو ويو، ان ۾ ڏهه هزار سونا دينار هئا، اهو سڀ اصل مال جو اڌ هو. بس سڄي خيبر جي جنگ ۾ اهي ٻه ڪوڙا يهودي ٺاهه موجب ماريا ويا ۽ ٽيون ڏوهاري ڪنانه بن ابي الحقيق هو، بنو نضير جي سردار حئي بن اخطب جو ناٺي.
جنهن قلعي جي ڇت تان پٿر ڪيرائي مسلمان کي ماريو هو.
اُن ڪنانه کي جڏهن موت جي سزا ملي ته اُن جي بيوه، حئي بن اخطب جي نياڻي صفيه کي پهرين سيدنا وحيه کي بخش ڪري ڏنو ويو، پر خاتون چيو ته آءٌ سردار جي ڌيءَ آهيان، فديو وٺي مون کي آزاد ڪري ڇڏ. سيدنا وحيه سندس اها ڳالهه مڃي ورتي. هوءَ ڀڄندي آقا صلي الله عليھ وسلم وٽ آئي، تنبوءَ جو پاسو کڻي پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ چيو: سردار جي گهر رهي آهيان. هاڻ سرڪار ڪائنات جي گهر رهنديس.
هُن ڄاتو ٿي ته آقا صلي الله عليھ وسلم سَچا رسول آ هن.
هن پنهنجي پيءُ ۽ چاچي کان رسالت جي شاهدي ۽ نشانيون ٻڌيون هيون. سندس پيءُ ۽ چاچو پنهنجي ضد ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم جي دشمنيءَ ۾ مري ويا. سيده صفيه آقا صلي الله عليھ وسلم جي سامهون اقرار ڪيو:
لا الٰھ الله محمد الرسول الله
اعلانيه اقرار ڪرڻ ۾ ته سانئڻ صفيه ڪجهه وقت ورتو، پر آقا صلي الله عليھ وسلم کي مسلمانن ۾ اها رسم به لاڳو ڪرڻي هئي ته اهل ڪتاب سان شادي جائز آهي. سيده صفيه آقا صلي الله عليھ وسلم سان مومنن جي امڙ بنجي مديني آئي ته هُن جي لاءِ به ٻين حجرن سان گڏ هڪ ننڍو حجرو بنجي ويو. سيده جي آزاديءَ لاءِ فديي جا پئسا آقا صلي الله عليھ وسلم پاڻ ادا ڪيا.
سيده صفيه جلد سمجهي ورتو هوندو ته سردار جي ڌيءَ ۽ رئيس جي زال جي ڀيٽ ۾ هڪ رسول الله صلي الله عليھ وسلم جي گهرواري بنجي دنياوي سهولتون ته ميسر ڪونهن، پر سدائين رهڻ واري عزت، اطمينان، پاڪيزگي ۽ سلامتي ضرور آهي.
خيبر جي جنگ ختم ٿي
ڪجهه هفتا گهيرو رهيو
لڙائيءَ ۾ نوي يهودي مئا
سورهن مسلمان شهيد ٿيا
فتح کان پوءِ آقا صلي الله عليھ وسلم خيبر جي ڪنهن به يهوديءَ کي قيد نه ڪيو. ڪنهن کي به پنهنجي گهر مان بي دخل نه ڪيو. کين اُتي ئي رهڻ ڏنو. سندن حيثيت بدلجي ويئي. ٻنيون ته وٽن ئي رهيون، بس انهن ٻنين ۽ گهرن جا هو مالڪ نه رهيا. مسلمان کان هارائي هُو اُنهن جا هاري بنجي ويا. جيڪو به فصل پوکيندا هئا، ان جي اڌ حصي جا حقدار وڃي رهيا.
هنن جي سڄي ملڪيت اُٺ، ڍڳيون، ٻڪريون ۽ باغ باغيچا مسلمانن کي ملي ويا. حڪم موجب غنيمت جو سمورو مال رڳو صلح حديبيه کي مليو. مديني ۾ انصارن پاران مليل زمينون، باغ ۽ گهر مهاجرن واپس ڪري ڇڏيا. خيبر مان مليل سڀني باغن کي 36 حصن ۾ ورهايو ويو. ارڙهن حصا ماڻهن ۾ ورهايا ويا. باقي ارڙهن حصا رياست جي لاءِ مخصوص ڪيا ويا، انهن ۾ مملڪت جي معاملن جو خرچ پکو هلڻ لڳو.
ماڻهو خوشحال ٿي ويا.
مديني جا مهاجر پهريون ڀيرو ڍءُ ڪري کجيون کائڻ لڳا.
حديبيه ۾ شامل هر هڪ کي حصو مليو، جيڪي گهوڙيسوار هئا، انهن جا ٽي حصا، ٻه حصا گهوڙي جا هئا.
خيبر ۾ يهودي کجين جا باغ پوکيندا هئا. سيدنا عبدالله بن رواحه هر بٽائيءَ تي خيبر ويندا هئا، جنسن جا ٻه ڍڳ ٺاهيندا هئا. پوءِ يهودين کي چوندا هئا، جيڪو ڍڳ پسند اچيوَ، سو کڻي وٺو.
هڪ ڀيري هڪ يهوديءَ چيو:
”انهيءَ عدل تي زمين ۽ آسمان قائم آهي.“ ]ابو دائود، فتوح اللبدان[
خيبر جي فتح کان پوءِ، اڃا آقا صلي الله عليھ وسلم خيبر ۾ ئي هئا ته پندرهن سال اڳ مڪي مان حبشه ويل سيدنا جعفر بن ابي طالب جيڪو هاڻ چاليهن سالن جي وهيءَ جو اچي ٿيو هو، اتي اچي مُليو. ساڻس گڏ ابو موسيٰ اشعري به هو. آقا ﷺ سيدنا عمرو بن اميه ضمريءَ کي نجاشيءَ وٽ موڪلي سڀني مسلمانن کي حبشه مان واپس گهرائي ورتو. اهي سڀ ٻن ٻيڙين تي سوار ٿي اچي ويا. عورتن ۽ ٻارن کي مديني ڇڏي پاڻ خيبر هليا آيا. آقا صلي الله عليھ وسلم جي اکين ۾ عجيب خوشنما دلڪش چمڪ هئي. فرمايائون:
”آءُ فيصلو نه پيو ڪري سگهان ته مون کي خيبر جي فتح جي وڌيڪ خوشي آهي يا جعفر جي اچڻ جي.“
خيبر فتح ڪرڻ کان پوءِ آقا صلي الله عليھ وسلم ٽي ڏينهن اُتي ٽِڪيا. هڪ ڏينهن يهودي سردار سلام بن مشڪم جي زال زينب بنت حارث هڪ ٻڪري ڀُڳي ٺاهي آقا صلي الله عليھ وسلم جي خدمت ۾ هديي طور پيش ڪئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم اڪيلي سر ته ڪونه کائيندا هئا.
اُن مهل آقا صلي الله عليھ وسلم سان گڏ سندس قديمي پروانو براء بن معرور رضه جو پُٽ بشير بن براء به ويٺل هو، جنهن جي گهر تي ڪڏهن دعوت کائڻ کانپوءِ مديني جي ويجهو هڪ مسجد ۾ قبلي جو رخ خانه ڪعبه ڏانهن موڙيو ويو هو. اهو بشير جنهن جو پيءُ بيعت عقبه ثانيءَ جي چانڊوڪي رات ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ اچڻ مهل مديني کان مڪي تائين نماز مڪي جي ”حرم ڪعبه“ ڏانهن مُنهن ڪري ئي پڙهندا آيا هئا. اهو ئي براء بن معرور جنهن عقبه جي بيعت ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم جو مبارڪ هٿ سڀني کان پهرين پنهنجي هٿ ۾ ورتو هو ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم کي پنهنجي وفاداريءَ جو يقين ڏياريندي عرض ڪيو هو ته مديني هليا اچو. اهو ئي پروانو جيڪو آقا صلي الله عليھ وسلم جي مديني پهچڻ کان پهرين شمع رسالت جي انتظار ۾ گذاري ويو ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم سندس غائباني جنازي نماز پڙهائي. اُن جو پُٽ بشير بن براء اُن گهڙيءَ مانيءَ ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم سان شامل هئا.
آقا صلي الله عليھ وسلم هڪ گرهه کنيو
وات ۾ وڌو، ڀُڳل ٻڪريءَ جي گوشت هٿ کڻي ٻڌا
عرض ڪيائين، زهريلي آهي... آقا صلي الله عليھ وسلم گرهه ٿُڪي ڇڏيو
بشر بن براء اهو گرهه ڳڙڪائي ڇڏيو
ٻيئي بيمار ٿي پيا
آقا صلي الله عليھ وسلم سلامت رهيو.
بشر بن براء سخت بيمار ٿي پيو.
زهر وڌل ڀُڳل ٻڪريءَ جي گوشت جو تحفو موڪليندڙ زينب زوجه سلام بن مشڪم کي گهرايو ويو.
پڇيائونس: اها حرڪت ڇو ڪيئي؟
وراڻيائين: مون امتحان ورتو هو ته جيڪڏهن اوهين سچا نبي آهيو ته اوهان کي زهر بابت خبر پئجي ويندي... جيڪڏهن ڪوڙا آهيو ته ماڻهن کي اوهان مان ڇوٽڪارو ملندو.
آقا صلي الله عليھ وسلم پنهنجي ذات جي ڪري ڪنهن کان به بدلو نه وٺندا هئا، اُن خاتون کي ڇڏي ڏنائون.
اها عورت هاڻ سچ ڄاڻي چڪي هُئي.
مسلمان ٿي ويئي.
پر سندس موڪليل زهريلي گوشت کائڻ سبب فوڊ پوائزنگ ٿيڻ جي ڪري سيدنا بشر بن براء گذاري ويو.
هاڻ اها سابق يهودڻ هُئي يا نئين مسلمان
سزا جي حقدار هُئي
کيس قصاص ۾ موت جي سزا ملي.
خيبر جي آسپاس يهودين جا ڪجهه ڳوٺ هئا، فدڪ، القريٰ ۽ تيماء. خيبر مان واپس ورندي اِهي رستي ۾ آيا. ٿوري مزاحمت کانپوءِ هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيائون. ساڻن به خيبر جي يهودين جهڙو ورتا ڪيو ويو، ڪي ٽڪراءَ کانسواءِ وفادار بنجي ويا. فدڪ جي سرزمين جيئن ته ڪنهن مزاحمت کانسواءِ ملي هئي، تنهن ڪري اها صرف آقا صلي الله عليھ وسلم جي لاءِ مخصوص ٿي ويئي. پر اُن مان آيل ميوو آقا پنهنجن گهروارن کي ڏيڻ کان اڳ صفه جي ٿلهي وارن کي موڪلي ڏيندا هئا. وادي القريٰ جي يهودين ڪجهه ڏينهن وڙهي پنهنجا يارهن همراهه مارائي وڌا. انهن مان ڪي سيدنا زبير بن عوام ته ڪجهه وري سيدنا علي جي هٿان مُئا. پوءِ پاڻ ئي هٿ ٻڌي آزيون گيسيون ڪندا نڪري آيا. آقا صلي الله عليھ وسلم ساڻن به خيبر وارن سان ڪيل ورتاء جهڙو ورتاءَ ڪيو. زمين کين بٽائي تي ڏني ويئي. چار ڏينهن وادي القريٰ ۾ رهيا، ان کانپوءِ مديني طرف روانا ٿيا ته رستي ۾ تيماء جو يهودي ڳوٺ آيو.
هنن کي خيبر جي قلعن جي فتح، فدڪ ۽ وادي القريٰ وارن جي يهودين جي شڪست جي خبر هئي، تنهن ڪري هنن پاڻ ئي نياپو موڪلي چيو ته اسين تابعدار آهيون. اسان کان جزيو وٺو، اهي سڀني کان وڌيڪ فائدي ۾ رهيا. سندن مال ملڪيت، زمينون وٽن ئي رهڻ ڏنيون ويون جزيي جي معمولي رقم ڏيئي هو مسلمانن جي امان ۾ اچي ويا.
اهي سڀ يهودي ڳوٺ آقا صلي الله عليھ وسلم جي زندگي ۽ پهرين خليفي سيدنا ابوبڪر صديق جي اڍائي سالن جي دور تائين يهودين سان ڀريل رهيا. پوءِ ٻي خليفي سيدنا عمر بن خطاب جي دور ۾ انهن سڀني کي عرب اُپٻيٽ مان نڪري وڃڻ جو حڪم مليو، ڇو ته آقا صلي الله عليھ وسلم چئي ويا هئا، ”يهودين کي عربستان مان ڪڍي ڇڏجو.“
يهودي سدائين فساد جو سبب رهيا هئا.
هُنن پئسي کي خدا جو درجو ڏنو.
پئسن سان هو ماڻهن کي گمراهه ڪري سازشون ڪرائيندا هئا.
تنهن ڪري کين هر هنڌ سزا ملي
شيطان اهڙن ڳوٺن جي ڀرسان ئي رهي ٿو، جيڪي فساد پکيڙين ٿا.
خيبر مان واپس ورندي هڪ هنڌ آقا صلي الله عليھ وسلم سميت سڀني مسلمانن کي اهڙي ته ننڊ اچي ويئي، جو ٻانگو بلال بن رباح به سُتل ئي رهيو. فجر جي ٻانگ لاءِ اُٿي نه سگهيو.
آقا صلي الله عليھ وسلم جي اک کلي ته اُس اکين کي کيرو ڪري رهي هئي.
گهٻرائجي اُٿيا
ماڻهن کي سجاڳ ڪيائون ۽ فرمايائون: هِتي شيطان آهي.
اڳتي وڃي فجر جي قضا نماز پڙهيائون.
مديني موٽڻ وقت سڀ مسلمان خوشحال ٿي چڪا هئا. هو زمينن جا ڌڻي، باغن ۽ قلعن ۽ محلن وارا بنجي چڪا هئا.
سڀي مالا مال ٿي واپس وريا.
سيدنا علي، فاتحه خيبر هٿين خالي پنهنجي گهر خاتون جنت سيده فاطمه جي چائنٺ ٽپي آيا. سيده پُڇيس:
ٻيا ته ڀَرجي تُرجي آيا آهن ۽ تون خالي هٿين!
سيدنا علي فرمايو:
خيبر مديني کان ڪافي پري آهي.
رستي ۾ مون کي مون کان به وڌيڪ غريب مسڪين نظر آيا.
مون کان هُنن جو ڏک ڏٺو نه ٿيو.
جيڪي مليو هئم. اهو موٽائي آيو آهيان.
خالي هٿين ويو هئس.
خالي هٿين وَريو آهيان.
آقا صلي الله عليھ وسلم جي حجرن ۾ به اهو ئي حال هو.
محل ورهايا ويا، قلعا حڪومت جا ٿيا، سون ۽ چاندي به ٻين کي پارايو ويو.
سونن زيورن جا ڍڳَ ۽ چانديءَ جي درهمن سان ڀريل ٻوريون سڀئي ورهايون ويون.
آقا صلي الله عليھ وسلم جي گهر اهائي پٿر جي هڪ پراڻي چَڪي.
ڪجهه پيالا، کجيءَ جي ڦڙن سان ٺهيل تڏا ۽ تؤنريون ۽ پائڻ جي لاءِ ڪپڙن جي ٻن وڳن کان وڌيڪ نه.
”جوَن“ جو ڏارو اُٻاري آقاﷺ کائيندا هئا. اهو به اڪثر اوڌر تي ورتل.
اِهو ئي حال رهيو. آقا ﷺ آخري گهڙيءَ تائين قرضي ٿي رهيا.
آخري قرض ٽن درهمن جو هو، جيڪو ادا ڪيو ويو.
آقا صلي الله عليھ وسلم اهو مثال قائم ڪيو هو. هڪ مسلمان اڳواڻ جو.

ٻُڌو بادشاهو!

ٻُڌو بادشاهو!

صلح حُديبيه جي ٿيڻ ڪري قريشن پارا نبي الُڪائي ٿي ۽ امن امان جا ڏهه سال ملي ويا. ايندڙ ٻن مهينن جي اندر آقا صلي الله عليھ وسلم مديني جي سلطنت اتر اولهه ۾ سئو ميلن تائين پکيڙي ڇڏي. عربستان جي اُپٻيٽ جو سڀني کان سُهڻو ۽ خوشحال نخلستان ۽ اُن جا قلعا ۽ انهن قلعن جي ڳڙهين سان آباد شهر خيبر فتح ڪري ورتو. واريءَ جي ريگزارن ۽ سندن سنگلاخ جبلن جي وچ ۾ زمرد جهڙو هيرو اسلامي رياست ۾ جُڙي ويو.
هاڻ مدينو، عربستان ۾ هڪ ڌيان طلب، سگهاري ۽ تيزيءَ سان اُڀرندڙ رياست هئي، اُن رياست جو تاجدار ڪو دنياوي تاجدار نه پر خدا جو بندو ۽ خدا جو رسول صلي الله عليھ وسلم هئا. جنهن جي رسالت سج ۽ چنڊ جي عُمرين کان پوءِ به قائم رهڻي آهي.
هاڻ آقا صلي الله عليھ وسلم جي لاءِ اهو وقت/گهڙي اچي پهتي هئي، جڏهن پاڻ دنيا جي هر رياست، هر بادشاهت ۽ هر سلطنت کي سلامتي ۽ هدايت جي رستي تي آڻن لاءِ پيغام موڪلي.
آقا صلي الله عليھ وسلم خط لکرايا.
اهي خط اُن دور جي آسپاس جي سڀني عرب ۽ غير عرب بادشاهن جي نالي هئا. لڳ ڀڳ سڀني ۾ هڪئي پيغام هو-
ته اچو
خدا ڏانهن
سلامتيءَ جي رستي تي ۽ سلامت رهو.
ڪجهه خط خيبر وڃڻ کان اڳ لکرايا هئائون، ڪجهه وري خيبر جي فتح کان پوءِ موڪليائون
اها سَتين هجريءَ جي ڳالهه آهي.
ڇهين هجريءَ جي پُڄاڻي تي حديبيه کان واپس وريا هئا.
ايندي ئي پيغام رسانيءَ جي اُن طريقي کي عالمي دعوت طور اختيار ڪيائون. هڪ چانديءَ جي مهر ٺهرائي، ڇو ته بادشاهن کي لکيل خط جي هيٺان مهر لڳل نه هوندي هئي ته بادشاهه خط تي غور نه ڪندا هئا.
آقا ته مهر نبوت آهن.
رسالت ۽ نبوت ته آقا صلي الله عليھ وسلم تي ختم ٿي.
آقا صلي الله عليھ وسلم جي مهر مبارڪ به ان راز جي آشڪار هئي.
مهر تي ٽي لفظ هئا.
مٿان الله- هيٺان رسول ۽ ان جي هيٺان محمد صلي الله عليھ وسلم
هر خط جي پڇاڙيءَ ۾ هيٺ اها مهر لڳل هوندي هئي.
خط جي پڇاڙي ”مهر نبوت“ سان ٿيندي هئي. جنهن جو آخري لفظ هوندو هو محمد صلي الله عليھ وسلم. فقط هڪ خط جو متن ٻين خطن کان ڌار هو. اهو خط آقا جي پنهنجي هڪ غلام شاهه حبشه نجاشي سيدنا اصحمه بن انجير جي نالي هو، جنهن آقا جي خط کي چمي پنهنجي اکين تي رکيو. پوءِ تخت تان هيٺ لهي فرش تي ويهي ادب سان پڙهيو ۽ آقا جي سئوٽ جفعر بن ابي طالب جي هٿ تي هٿ رکي آقا صلي الله عليھ وسلم جي رسالت ۽ خدا جي وحدانيت جو اقرار ڪيو، مسلمان ٿيو. ٻن سالن کان پوءِ جڏهن حبشه ۽ سيدنا نجاشي اصحمه چالاڻو ڪيو ته آقا صلي الله عليھ وسلم کي جبرائيل عليھ السلام آسمان تان لهي خبر ڏني. آقا صلي الله عليھ وسلم شاهه نجاشي سيدنا اصحمه جي مديني ۾ پاڻ ئي غائبانه جنازي نماز پڙهائي.
انهن ڏينهن شاه حبشه جي گاديءَ جو هنڌ ”اڪسوم“ هو، جيڪو هينئر ايٿوپيا جو تاريخي شهر آهي. اُتي ئي سيدنا نجاشيءَ کي آقا صلي الله عليھ وسلم جو خط پهتو هو. هن جي محل تي شاندار انوکي قسم جا بُرج هئا. يورپ جي پَرماريت جي دوران جڏهن اٽلي وارن هِتي قبضو ڪيو ته ان محل جي ڪجهه برجن کي بحري جهازن تي کڻي وڃي روم ۾ کوڙيو.
اهي اڄ به اُتي محفوظ آهن.
اهو’ اڪسوم‘ جو شهر اريٽيريا جي گاديءَ جي هنڌ ’اسمارا‘ کان لڳ ڀڳ ڏيڍ سئو ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ آهي ۽ اريٽيريا جي بندرگاه مصوع، اڪسوم کان 210 ڪلوميٽر پري آهي. مصوع جو مديني جي ويجهي بندرگاه ينبع کان مفاصلو هڪ هزار ڪلوميٽر آهي.
آقا صلي الله عليھ وسلم شاهه حبشه سيدنا نجاشيءَ کي ڇا لکيو.
۽ حبشه جي بادشاهه هڪ غلام بنجي ادب سان ڪهڙو جواب ڏنو. اهي سڀ سڌي سادي نموني سمجهه ۾ اچڻ جهڙيون ڳالهيون آهن. جيئن هڪ آقا صلي الله عليھ وسلم ۽ غلام جي وچ ۾ لکيل خط هوندا آهن، اهو اهڙو ئي آهي. ڌيان طلب ڳالهه هيءَ آهي ته آقا صلي الله عليھ وسلم ٻين بادشاهن کي ڇا لکيو. شاهه حبشه کانسواءِ اٺن ٻين بادشاهن کي به خط لکيا ويا.
ڏسڻ ۾ ته اهو هڪ حيرت ۾ وجهندڙ ۽ جرئت ڀريو معاملو هو. هڪ ننڍڙي غريبڙي صحرا جي وچ ۾ اُڀرندڙ رياست پنهنجي دور جي ٻنهي عالمي طاقتن، سپر پاورز، شاهه ايران ڪسريٰ خسرو پرويز ۽ قيصر روم هرقل کي خط لکيا. انهن کان سواءِ بحرين جي شاهه منذر بن ساوي، اسڪندريه مصر جي حاڪم مقوقس، عمان جي والي جيفرو عبد پسران جاندي، يمامه جي تاجدار هوزه بن علي ۽ شام دمشق جي ڀرواري علائقي موته جي حڪمران حارث بن ابي شهر غساني کي به خط لکيا.
قيصر روم کي نهايت سهڻي شڪل واري، سيبتي نوجوان سيدنا وحيه بن خليفه ڪلبيرضه خط پهچايو. جنهن جو واسطو بنو ڪلب سان هو ۽ جبرائيل عليھ السلام کي ايترو ته پسند هو جو اڪثر آسمان تان اُن جي شڪل ۾ ئي لهندو هو، ان کي هرقل وٽ سفير ڪري موڪليو ويو. هرقل به رنگ جو اڇو، سهڻو ۽ يوناني نسل مان هئو. هن بازنطيني رومي سلطنت تي ايڪٽيهه سال حڪومت ڪئي. يعني 61 کان 641 تائين. 611عيسوي ۾ روم ۽ ايران ۾ جنگ لڳي ته روم هارايو. ايران شام، فلسطين، ايشياءِ ڪوچڪ جي علائقي ۽ مصر تي قبضو ڪري ورتو. 614عيسوي ۾ ايران يروشلم کي تباهه ڪيو ۽ عيسائين جو سڳورو صليب به پنهنجي شهر مدائن کڻي ويا.
ان وقت آقا ﷺ مڪي ۾ بعثت نبويءَ جو اعلان ڪري چڪا هئا.
قرآن لهي رهيو هو،
الله سورة روم لاٿي.
۽ رومين جي لاءِ خوشخبري به ڏني.
قرآن ۾ وحي لٿي.
”رومي ويجهن علائقن ۾ مغلوب ٿيا، ڪجهه سالن کان پوءِ هو غالب پوندا.“ (سورة روم)
ايئن ئي ٿيو.
622عيسوي ۾ جڏهن رومين کي شام ۾ فتح حاصل ٿي ته اُن وقت مديني ۾ مسلمان بدر جي جنگ ۾ فتح جون خوشيون ملهائي رهيا هئا.
روم ۽ مديني جون خوشيون ساڳيون هيون.
29-628عيسوي ۾ جڏهن آقا صلي الله عليھ وسلم هرقل قيصر روم کي خط لکيو ته بادشاهه يروشلم ۾ رهيل هو. پنهنجي فتح جي خوشي ۽ ايرانين کان سڳوري صليب جي واپسيءَ جي خوشي ملهائڻ جي لاءِ ”حمص“ کان ”ايليا“ بيت المقدس تائين پنڌ هلي آيو هو، اُتي ئي هرقل کي آقا صلي الله عليھ وسلم جو خط مليو.
خط ڪجهه هن ريت هو:
بسم الله الرحمان الرحيم
الله جي ٻانهي ۽ اُن جي رسول صلي الله عليھ وسلم پاران هرقل روم ڏانهن
اُن شخص تي سلامتي هُجي، جيڪو هدايت جي پيروي ڪري ٿو. تون اسلام قبول ڪر. سلامتي ماڻيندين. اسلام قبول ڪر، الله توکي ٻِٽو اُجر ڏيندو، پر جيڪڏهن تو انڪار ڪيو ته توتي تنهنجي رعيت جو به گناهه پوندو. اي اهل ڪتاب هڪ ڳالهه ڏانهن اچ، جيڪا اسان جي ۽ تنهنجي وچ ۾ ساڳئي آهي ته اسين الله کانسواءِ ٻي ڪنهن جي عبادت نه ڪريون. اُن سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪريون ۽ الله کانسواءِ اسين ڪنهن ٻي کي پنهنجو رب نه بنايون. سو جيڪڏهن ماڻهو اعتراض وارين ٿا ته چئي ڇڏ ته اوهين شاهد رهجو ته اسين مڃيندڙ مسلمان آهيون.

(بخاري)
اُن خط جو اصل مَتن، اُن سڳوري ڪاغذ تي نبوي مهر سان اڄ به محفوظ آهي.
هرقل آقا صلي الله عليھ وسلم جو خط سر تي رکيو. اکين جي پَلڪن سان ڇُهيو، چپن سان چُميو، پوءِ اهو کولي مترجم کان پڙهايو.
هُن جي اکين ۾ نور جي چمڪ اُڀري
هُن جي دل ايمان آندو
پر پنهنجي درٻار جي وزيرن ۽ فوج جي سالارن يعني پنهنجي دور جي اسٽبلشمنٽ کان ڊڄي ويو.
چيائين: سوچي جواب لکندس.
هن اهو خط سون جي هڪ شاهي قلمدان ۾ محفوظ رکيو، جيڪو هيرن جواهرن، نيلم، زمرد ۽ ياقوت سان جُڙيل هو ۽ سندس نسل در نسل ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم جو اهو خط ساڳئي شان ۽ ادب سان محفوظ رهيو. کانئس پوءِ سندس هر جانشين اُن خط جي عزت ۽ حفاظت ڪئي. سندن اهو عقيدو بنجي ويو ته جيستائين اهو خط وٽن محفوظ آهي، سندن سلطنت باقي رهندي.
اهو مُبارڪ خط اڃا تائين يورپ ۾ آهي.
قيصر روم هرقل آقا صلي الله عليھ وسلم جي سفير سيدنا وحيه ڪلبي جي وڏي خدمت چاڪري ڪئي ۽ کيس سوکڙين پاکڙين سان نوازيو.
پوءِ پنهنجي درٻار کي مخاطب ٿيو.
عربستان جي ان سرزمين تان جتان هي خط آيو آهي، ڪو واپاري هِتي آيو هُجي، جيڪو هن سڳوري نبيءَ کي سڃاڻندو هجي ته کيس درٻار ۾ حاضر ڪيو وڃي.
پڙهو ڏياريو ويو.
اتفاق سان انهن ڏينهن ابو سفيان بن حرب اُتي واپاري قافلو وٺي ويو هو ۽ غزه ۾ ٽِڪيل هو. صلح حديبيه ٿي چڪي هئي. مڪي وارن جي لاءِ مديني جي ڀَروارا رستا کوليا ويا هئا.
بيت المقدس جي هنڌ ’ايليا‘ جي قيصر جي درٻار ۾ دربان سڏيو.
ابو سفيان حاضر ٿئي.
ابو سفيان پنهنجي پڳڙي مٿي تي ٺاهيندي، پنهنجي جُبي کي سنڀاليندي، ادب سان قيصر روم جي سامهون وڃي بيٺو. ابو سفيان سان گڏ مڪي جا ڪيترائي چڱا مڙس ۽ واپاري به هئا. جن ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم جو چاچو سيدنا عباس به هو، پر هُنن مڪي جي حڪمران ابو سفيان کي ئي اڳيان وڌايو، ابو سفيان چيو ته آءٌ هن جو ويجهو مائٽ آهيان.
قيصر روم ترجمان جي ذريعي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ابو سفيان جي باقي ساٿين کي درٻار ۾ ويهاري اهو چيو ويو ته جيڪڏهن هي ڪا غلط بياني يا گهٽ وڌائي ڪري ته اوهين کيس ٽوڪجو ۽ صحيح ڳالهه چئجو.
هرقل جو پهريون سوال هو، رسول الله صلي الله عليھ وسلم جو حسب نسب؟
ابو سفيان و راڻيو، هو اوچي نسل مان آهي.
هرقل پڇيو: ڇا هن کان اڳ به اوهان جي قوم مان ڪنهن نبوت جي دعويٰ ڪئي؟
نه- ابو سفيان چيو.
ڇا هُن جي وڏڙن مان ڪو بادشاهه ٿي گذريو آهي، جنهن جي سلطنت کسي ويئي هُجي.
نه- ابو سفيان نهڪار ۾ جواب ڏنو.
هرقل ٿوري دير ابو سفيان کي گهرين نظرن سان چتائي ڏسندي ڪا ڳالهه سوچي، ڪجهه گهڙيون ماٺ ۾ رهيو، پوءِ پُڇيائين-
هن شخص نبوت جي جيڪا ڳالهه ڪئي آهي، اُن کان اڳ اوهان کيس ڪڏهن ڪوڙ ڳالهائيندي ڏٺو يا ٻُڌو؟
ابو سفيان پنهنجن ماڻهن ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ ڪنڌ جهڪائي جواب ڏنائين.
نه-
هو صادق ۽ امين جي لقبن سان سڃاتو ويندو هو.
هرقل پنهنجي تخت تي ويٺي ويٺي ڄڻ ڏڪي ويو. ڄڻ هن جي تخت جي هيٺان زلزلو اچي ويو هُجي. پنهنجن جذبن کي شاهي تاج جي سونهري بار هيٺان گڏ ڪري ٿڦڪي ڏنائين ۽ ٻيو سوال ڪيائين.
هُن جي پيروي وڏا ۽ چڱا مڙس وڌيڪ ڪري رهيا آهن يا هُن جي مڃيندڙن ۾ گهڻائي ڪمزور، هيڻن ۽ غريب ماڻهن جي آهي؟
غريب ۽ مسڪين ئي سندس وڌيڪ مڃيندڙ آهن.
هن جي ڪنهن مڃيندڙ ناراض يا بيزار ٿي ڪڏهن هن جو ساٿ ڇڏيو آهي؟
نه-
ڇا هُن ڪڏهن وعدي خلافي ڪئي؟
نه- اڃا تائين ته هن نه ڪئي آهي. اسان جو هن سان صلح جو معاهدو هلي رهيو آهي.
ڇا اوهان ۽ هنن جي وچ ۾ ڪڏهن جنگ ٿي؟
هائو، ڪيتريون ئي جنگيون ٿيون
نتيجو ڇا نڪتو؟
ڪڏهن هو حاوي رهيو، ڪڏهن اسين،
پوءِ هرقل پُڇيو ته: ٻڌاءِ ته هو ڪهڙين ڳالهين جو حڪم ٿو ڏي.
فقط هڪ الله جي عبادت ڪرڻ ۽ ٻي ڪنهن کي هُن جي ذات ۾ شريڪ ڪرڻ کان منع ٿو ڪري. بُتن کي نه پُوڄيو، صاف ۽ پاڪ رهو، مائٽن، پاڙيسرين، مسافرن ۽ ڪمزورن جو خيال رکڻ جو چوي ٿو. گهٽ تورڻ کان منع ٿو ڪري. چوي ٿو ته سچ ڳالهايو، امانتدار بنجو، ڪنهن بابت خراب نه سوچيو، نه ڪنهن کي تڪليف ڏيو، نماز پڙهو، غريبن کي خيرات ڏيو. شاهدي سدائين سچي ڏيو. گلا ۽ غيبت کان پاسو ڪريو. پوڙهن والدين جي اڳيان ادب سان جُهڪيل رهو. فضول خرچي نه ڪريو. الله کان ڊڄو، وري جيئرا ڪيا ويندؤ. هن دنيا ۾ جيڪي ڪجهه مليو اٿوَ، ان جو حساب ڪتاب ٿيندو، اُن جي سزا ۽ جزا ملندي. بس اُن قسم جون ڳالهيون آهن، جن بابت پاڻ چون ٿا ته آسمان تان لٿيون آهن.
قيصر جي اکين ۾ چمڪندڙ ستارا هاڻي مڪمل چنڊ جهڙي روشني پائي چڪا هئا. هو ٿوري دير جي لاءِ ماٺ ۾ رهيو. پوءِ ڪنڌ ورائي پنهنجي درٻار جي درٻارين کي گهري شڪ جي نظرن سان ڏسي. پوءِ ڪجهه سوچي پنهنجي مٿي تي پاتل تاج سميت ڪنهن فيصلي ڪرڻ جي همت ڪري ڪنڌ جُهڪايو ۽ پنهنجي پيرن جي وٿين کي تڪيندي چيائين:
”اوهان جيڪو ڪجهه ٻُڌايو آهي، اهو جيڪڏهن سڀ سچ آهي ته اهو شخص جلد ئي منهنجن هِنن ٻنهي قدمن واري جاءِ جو مالڪ هوندو. مون کي خبر هئي ته هڪ نبي اچڻ وارو آهي، پر اهو گمان نه هئم ته اهو اوهان مان هوندو. جيڪڏهن مون کي يقين هجي ته آءٌ وٽس پهچي سگهندس ته ساڻس ضرور ملاقات ڪريان ها ۽ سندس ٻيئي پيرڌُئان ها.“
هرقل قيصر هڪ ڀيرو ٻيهر آقا صلي الله عليھ وسلم جو خط درٻار ۾ پڙهايو.
هن جي درٻارين ۾ چُڻ ڀُڻ شروع ٿي ويئي.
هن جي آواز ۾ احترام هو
ابو سفيان ۽ سندس ساٿين کي درٻار مان نڪرڻ جو اشارو مليو، هو سلام ڪري نڪري آيا. ابو سفيان واپس ويندي پنهنجي سنگتين کي چيو، ”هي پنهنجي ابن عبدالله جو معاملو گهڻو زور وٺي ويو آهي. هاڻ ته لڳي ٿو ته رومين جو بادشاهه ”ابو اصفر“ به کانئس ڊڄي ٿو. ]بخاري[
انهيءَ سفر ۾ سيدنا عباس، ابو سفيان کي چيو هو، ”ابو سفيان هاڻ تون منهنجي ڀائيٽي جي رسالت جو اقرار ڪري وٺ.“
ابو سفيان جي وات مان الائجي ڪيئن نڪري ويو، ”آءٌ جيستائين تنهنجي ڀائيٽي کي مڪي جي ٻاهران ’مهر الاظهر‘ ۾ هڪ وڏي لشڪر سان ٽِڪيل نه ڏسندس تيستائين ايمان نه آڻيندس.“
اها صلح حديبيه کانپوءِ ستين هجريءَ جي ڳالهه آهي. عين هڪ سال پوءِ 17 رمضان، اٺين هجري ۾ اها گهڙي به اچي ويئي. اتفاق سان سيدنا عباس وري به گڏ هو. هن عين مهر ’الاظهر ان‘ آقا صلي الله عليھ وسلم جي وڏي بهادر لشڪر کي ٽڪيل ڏسي ابو سفيان کي چيو هو، ”هي ان جو ئي لشڪر آهي. ياد اٿئي... هرقل قيصر روم جي درٻار مان نڪرڻ مهل تو ڇا چيو هو؟
ڇا تنهنجي اندر ۾ اڃا به ڪو شڪ باقي آهي؟“
شڪ وجهڻ جي ذميداري ته شيطان کي مليل هئي، جيڪا هو هر اُن دل تي خوب نبائي ٿو، جنهن جي دل ”انا“ جي ماريل هوندي آهي.
فارس جو بادشاهه ڪسريٰ خسرو پرويز بن هرمز پنهنجي دور جي صدين جي پراڻي عظيم سلطنت جو تاجدار هو. هو ڪيترن ئي مَڻن جي سون واري وزن سان جُڙيل، ڇت سان زنجير جي ذريعي لڙڪيل تاج جي اندر پنهنجو مٿو وجهي درٻار جو پردو کڻائيندو هو.
هِنَ جي انا ڪيئن نه آسمان بنيل هئي؟
پنهنجي راڄڌاني مدائن جي محل ۾ ويٺو هو، ته سيدنا عبدالله بن حذافه آقا صلي الله عليھ وسلم جو خط کڻي پهتو. خط جو متن هيئن هو.
بسم الله الرحمان الرحيم
هي خط رسول الله صلي الله عليھ وسلم پاران فارس جي حڪمران ڪسريٰ کي لکيو پيو وڃي.
سلام هُجي اُن شخص تي، جيڪو هدايت جو رستو اختيار ڪري. الله ۽ ان جي رسول تي ايمان آڻي ۽ شاهدي ڏي ته هڪ الله کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي. هن جو ڪوبه شريڪ ڪونهي ۽ محمد صلي الله عليھ وسلم اُن جو ٻانهو ۽ رسول آهي. آءٌ توکي الله طرفان دعوت ڏيان ٿو. بيشڪ آءٌ الله جو رسول آهيان. مون کي سڀني ماڻهن جي لاءِ رسول بنائي موڪليو ويو آهي، ته جيئن اُن شخص کي تنبيهه ڪريان، جيڪو جيئرو آهي ۽ انڪار ڪندڙ تي الله جو فرمان ثابت ٿي وڃي. تون مسلمان ٿي وڃ، محفوظ رهندين، پر جي انڪار ڪيئي ته عام رعيت جو گناهه به تنهنجي ذمي هوندو.


(الطبقاب الڪبريٰ)

خط ٻڌي ڪيترائي مَڻ سون سان ٺهيل تاج ۾ مٿو ڏيئي ويٺل ايراني تاجدار ڪسريٰ خسرو پرويز جو مُنهن ڪاراٽجي ويو. اکيون ڳاڙهيون ٿي ويس، وات مان گڦَ نڪرڻ لڳيس. نڪ ڦونڊيندي، تڪبر مان ڇاتي تاڻيندي چيائين.
”منهنجي هڪ حقير غلام جي ايتري جرئت جو هو پنهنجو نالو منهنجي نالي کان اڳيان ٿو لکي ۽ مون کي پنهنجو پوئلڳ بنجڻ جي دعوت ٿو ڏي.“
کيس آقا صلي الله عليھ وسلم ۽ غلام جي رشتن جي ڪهڙي خبر هئي.
هو ته دنيا جي طاقت رکندڙ ۽ استعمال ڪندڙ کي آقا صلي الله عليھ وسلم ۽ هتي مسڪين نظر ايندڙ کي غلام سمجهندو آيو هو. هن پنهنجي سوچ موجب اهو ئي چيو هو، تنهن کانسواءِ ته هن جي حڪومت عربستان جي يمن ۾ به هئي. شام ۽ اردن جي وچ واري علائقي عراق تي سندس ڏن ڀريندڙ حڪمران هو. رڳو عربستان جي صحرا ۾ حجاز، نجد، تهامه جا ڪجهه علائقا ايران ۽ روم پري، بيڪار، بنجر، واري ۽ ٺوٺ جبل سمجهي ”نو مين لينڊ“ طور تي واپاري قافلن جي لنگهه لاءِ ڇڏي ڏنا هئا. جتي ڪوبه ذڪر جوڳو شهر آباد نه هو. خانه بدوش وسنديون هُيون، جتي جي رهاڪن کي دنيا جون سپر پاورز ايران ۽ روم پري ويهي پنهنجي واپاري مفاد ۾ هَڪلينديون رهنديون هيون. اُن مغالطي ۾ هُن چيو.
منهنجي حقير غلام جي ايتري جرئت.
ڪاوڙ ۽ تڪبر ۾ اچي آقا صلي الله عليھ وسلم جو خط ڦاڙي ڇڏيائين.
پوءِ پنهنجي يمن جي گورنر ”باذان“ کي لکيائين. حجاز ۾ اُن همراهه ڏانهن ٻه سگهارا همراهه موڪل ۽ کيس جهلي منهنجي اڳيان پيش ڪر.
باذان پنهنجا ٻه فوجي مديني موڪليا.
جن جا نالا خرخسره ۽ بابويه هئا.
هُنن جي هٿان هڪ خط به موڪليائين ته هن همراهه سان گڏ اوهان کي ڪسريٰ جي سامهون پيش ٿيڻو آهي.
هو ٻئي خط کڻي مديني ويندي رستي ۾ طائف ۾ ترسيا. اُتي هڪ قريشيءَ کي باذان جو خط ڏيکاري آقا صلي الله عليھ وسلم جو اَتو پتو پُڇيو.
طائف وارن هڪدم مديني جو رستو سمجهاين.
اندر ۾ ڏاڍو خوش ٿيا.
خوشين مان هڪٻئي کي چُهنڊڙيون وجهڻ لڳا.
هاڻي فڪر جي ڪا ڳالهه ڪونهي
هاڻ ڪسريٰ هٿ وڌو آهي
هاڻ هو اڪيلو ئي کيس سنڀالي وٺندو.
خرخسره ۽ بابويه مديني پهتا.
بابويه چيو.
”ڪسريٰ باذان کي حڪم ڏنو آهي ته اوهان کي گرفتار ڪري وٽس موڪلي. باذان مون کي موڪليو آهي، اوهين اسان سان هلو. جيڪڏهن اوهان حڪم جي تعميل ڪئي ته باذان، ڪسريٰ کي اوهان جي پارت ڪندو ۽ ڪسريٰ اوهان کي ڪجهه به نه چوندو. انڪار جي صورت ۾ اوهان کي خبر آهي ته هو ڪهڙي قسم جو بادشاهه آهي. هو اوهان کي اوهان جي قوم ۽ اوهان جي سڄي علائقي کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندو.“
آقا صلي الله عليھ وسلم سندس اهو گمان ۽ سندس تقرير سُڻي دل ۾ مُرڪيا ته ضرور هوندا. بي پروائيءَ مان فرمايائون.
”في الحال واپس وڃو... سڀاڻي مون وٽ اچجو.“
رات جو آسمان تان وحي لٿي.
الله تعاليٰ آقا صلي الله عليھ وسلم ۽ غلام جي حيثيت سدائين جي لاءِ طئي ڪري ڇڏي.
ٻي ڏينهن سمن آڻيندڙ يمن جا ٻئي سپاهي وري پهچي ويا
آقا صلي الله عليھ وسلم کين ويجهو سڏايو
ويهاريو ۽ فرمايو.
”گذريل رات مُنهنجي رب تنهنجي بادشاهه کي ماري ڇڏيو آهي، جنهن کي تون پنهنجو رب ٿو سمجهين. وڃ اها ڳالهه باذان کي ٻڌائي ته هو پڪ ڪري وٺي.“
بابويه چيو: اوهين سمجهو ٿا ته اوهين ڇا پيا چئو-؟ هو واقعي ڪسريٰ کي پنهنجو رب سمجهندو هو. کيس هڪ گهڙيءَ ۾ سڄي ڳالهه ڪيئن ٿي سمجهه ۾ اچي سگهي.
ڌڙڪي واري انداز ۾ چيائين.
”اسان اوهان کي سوَلي ڳالهه ٻڌائي ڇڏي. اوهين نٿا مڃو. اسين وڃي باذان کي ٿا ٻُڌايون.“
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو:
”هائو کيس ٻُڌائج. اهو به ٻُڌائج ته منهنجو دين ۽ منهنجي حڪومت اُتي پهچندي، جيستائين ڪسريٰ جي حڪومت آهي، پر اُن کان به اڳتي، جيستائين ڪنهن اٺ يا گهوڙي جي پهچ ٿي سگهي ٿي. باذان کي اهو به چئج ته جي تون مسلمان ٿينءَ ته آءٌ تنهنجي حڪومت تو وٽ ئي رهڻ ڏيندس ۽ جيڪي ڪجهه تو وٽ آهي، اهو تنهنجو ئي رهندو.“
ٻنهي سپاهين ڪهڙي نه حيرت سان آقا صلي الله عليھ وسلم کي اُن گهڙيءَ ڏٺو هوندو. چوڻ لڳا:
”الله جو قسم اهي ڳالهيون ڪنهن بادشاهه جون ٿي نٿيون سگهن. اسان جي خيال ۾ هو سچو نبي آهي، جيئن هو دعويٰ ٿو ڪري،. لڳي ٿو ته هُن جيڪي ڪجهه چيو آهي، اهو ٿي چڪو هوندو. جيڪڏهن اها ڳالهه سچ نڪتي ته سندس سچي نبي هئڻ ۾ ڪو به شڪ نٿو رهي. غلط ثابت ٿي ته پوءِ ڪو فيصلو ڪري وٺنداسين.“
ڪجهه ڏينهن ۾ ايران مان خط اچي ويو.
ايران مان آيل خط ڪسريٰ خسرو پرويز جي پُٽ شيرويه جو هو. لکيو هئائين. مون فلاڻي رات ڪسريٰ کي قتل ڪري سلطنت جون واڳون سنڀالي ورتيون آهن. منهنجو خط ملڻ کانپوءِ تون علائقي جي ماڻهن کان منهنجي بيعت وٺج. جنهن شخص جي باري ۾ مقتول ڪسريٰ گرفتار ڪري موڪلڻ جو حڪم ڏنو هو، کيس ڪجهه به نه چئج. ]طبقات ابن سعد، الڪامل في التاريخ[
يمن جي گورنر باذان جا سڀ شڪ دور ٿي ويا.
چيائين.
”بيشڪ محمد صلي الله عليھ وسلم الله جا رسول آهن.“
پاڻ به مسلمان ٿي ويو ۽ يمن ۾ رهندڙ ايرانين کي به مسلمان ڪيائين.
بابويه به اقرار ڪيو، اهو جيڪو گرفتار ڪرڻ ويو هو، پاڻ ئي ايمان ۾ گرفتار ٿي ويو. باذان کي چيائين: ساڻس ڳالهائڻ مهل مون تي ايترو ته رعب طاري ٿيو، جيترو ڪڏهن ڪنهن بادشاهه سان ڳالهائڻ مهل به نه ٿيو.
باذان پُڇيس.
ڇا پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم سان گڏ محافظ پوليس هوندي آهي؟
بابويه وراڻيو: نه.
جنهن مهل آقا صلي الله عليھ وسلم کي اها خبر پئي ته سندس خط ڪسريٰ ڦاڙي ڇڏيو آهي. اُن مهل آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو.
”هن منهنجو خط ڪونهي ڦاڙيو. پنهنجي سلطنت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.“ سندس سلطنت جو پهريون ٽڪرو جيڪو هُن کان ڌار ٿيو، اهو باذان جي سربراهيءَ ۾ يمن هو. باذان کي جڏهن آقا صلي الله عليھ وسلم جي چيل ڳالهه جي تصديق ٿي ويئي ته هُن دل ۽ جان آقا صلي الله عليھ وسلم جي رسالت ۽ خدا جي وحدانيت مڃي ورتي ته پوءِ ادب مان آقا صلي الله عليھ وسلم جي خدمت ۾ غلام بنجي درخواست موڪليائين ته اوهان صلي الله عليھ وسلم جو چوڻ صحيح نڪتو.
هاڻ اسان کي حڪم ٿئي. اسين ڪهڙي پاسي آهيون.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو
”اوهين اسان جي پاسي آهيو.“
ايئن يمن جي رياست مديني ۾ ويٺل آقا ﷺ جي غلام بنجي ويئي.
دين کي سمجهائڻ لاءِ آقا ﷺ يمن پنهنجا عالم موڪلي ڏنا.
آقا ﷺ هڪ خط لکرائي پُڇيو.
”ڪير منهنجو خط مصر جي حاڪم تائين پهچائيندو. اُن جو اجر الله جي ذمي هوندو.“
سيدنا حاطب بن ابي بلتع هڪدم اُٿي بيٺو ۽ عرض ڪيائين.
”الله جا رسول صلي الله عليھ وسلم! اها خذمت آءٌ انجام ڏيندس.“
آقا صلي الله عليھ وسلم کيس برڪت جي دعا ڏني.
حاطب مصر ۾ اسڪندريه پهتو.
اُتي هڪ ٻيٽ ۾ ’مقوقس شاهه مصر‘ درٻار لڳائي ويٺو هو. سيدنا حاطب هڪ ٻيڙيءَ تي سوار ٿيا. بادشاهه جي محفل ۾ پهتو ته پري کان هٿ مٿي ڪري سڳورو خط ڏيکاريائين ۽ ڌيان ڇڪرايائين. بادشاهه جي نظر پيئي ته سڏي ورتائينس.
اسڪندريه جي ٻيٽ ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم جو خط پهچي ويو.
اسڪندريه اڄڪلهه مصر جو مشهور بندرگاهه آهي.
332 قبل مسيح ۾ اهو سڪندراعظم فتح ڪرڻ کانپوءِ آباد ڪيو هو. بطليموس بادشاهن جي وقت ۾ ]306 ق. م کان 330 ق. م[ اسڪندريه ئي مصر جي گاديءَ جو هنڌ رهيو ۽ علم ۽ دانش جو مرڪز بنيو. هتي ئي يوناني سائنسدان بطليموس ڪلاڊيس ]90 کان 163ع[ پيدا ٿيو. هن جي لکڻين ۾”امجسطي“ ]فلڪيات[ ”بطيلموس جاگرافي“ آفاقي شهرت رکن ٿيون. نبوي دور ۾ شاهه مقوقس رومي سلطنت جو ڏن ڀريندڙ هو ۽ اسڪندريه جي قلعي ۽ بندرگاهه جي ويجهو هڪ ٻيٽ ”فاروس“ ۾ موجود هو، جنهن تي روشني جو هڪ عظيم مينار کڙو هو، جيڪو قديمي عالمي عجائبن ۾ ڳڻيو ويندو هو. پراڻو لائٽ ٽاور 1324ع ۾ آيل هڪ زلزلي ۾ ڪري پيو هو. 1477ع ۾ سلطان فايتبائي پراڻن کنڊرن تي هاڻوڪو قلعو پراڻي ”فاروس“ جي نالي سان ئي اڏرايو.
بهرحال مصر جي حاڪم مقوقس وٽ آقا صلي الله عليھ وسلم جو سفير خط سميت پهچي ويو. خط جو متن هن ريت هو.
بسم الله الرحمان الرحيم
هي خط محمد رسول الله طرفان مصر جي حڪمران مقوقس کي لکيو پيو وڃي.
سلامتي هُجي اُن شخص تي جنهن هدايت جي واٽ اختيار ڪئي. آءٌ توکي اسلام جي دعوت ٿو ڏيان. مسلمان ٿي محفوظ رهندين. مسلمان ٿي، الله توکي ٻيڻو اجر ڏيندو. پاسو ڪندين ته پنهنجي رعيت جي مسلمان نه ٿيڻ جو گناهه به توتي پوندو.
ارشاد باري تعاليٰ آهي
”اي اهل ڪتاب! ان ڳالهه طرف اچو جيڪا اسان ۽ اسان جي وچ ۾ پَڪي آهي ته اسين الله کانسواءِ ٻي ڪنهن جي عبادت نه ڪريون ۽ ساڻس ڪنهن کي به شريڪ نه ڪريون ۽ پاڻ ۾ ڪنهن کي به الله کانسواءِ رب نه بنايون. جيڪڏهن اهل ڪتاب نه مَڃين ته اي مسلمانو، ته اوهين اعلان ڪري ڇڏيو ته سڀ شاهد رهو ته اسين مسلمان آهيون.“

(آل عمران/قرآن)

مقوقس خط پڙهيو. پڙهايو. پوءِ ڪجهه زباني ڳالهيون ڪيون. سيدنا حاطب مختصر طور تي اسلام جو تعارف ڪرايو.
”اسين دين تي نه هئاسين. بهتر دين جي دعوت ملي ته اسان دين بدلايو. قريشن وڏي مخالفت ڪئي. پر اسان جي نبي صلي الله عليھ وسلم جا سڀ کان وڏا دشمن يهودي آهن. البت عيسائي مسلمانن جي گهڻو ويجهو آهن. حضرت موسيٰ عليھ السلام جو حضرت عيسيٰ عليھ السلام کي خوشخبري ڏيڻ ۽ حضرت عيسيٰ عليھ السلام جو اسان جي رسول الله صلي الله عليھ وسلم جي اچڻ جي بشارت ڏيڻ هڪ جهڙي ڳالهه آهي. اسان جو اوهان کي قرآن ڏانهن سڏڻ ايئن آهي جيئن اوهين يهودين کي انجيل ڏانهن سڏيو ٿا. اسين حضرت مسيح عليھ السلام جي دين ۾ رڪاوٽ نه آهيون، پر اُن جي پابنديءَ جو حڪم ڏيون ٿا.“ ]عيون الاثر[
مقوقس پُڇيو.
اوهان جنهن جي باري ۾ بيان ڪيو. اهو نبي آهي ڇا-؟
حاطب چيو: بيشڪ اهو الله جو رسول آهي.
مقوقس وري سوال ڪيو: ته پوءِ جڏهن سندس قوم کيس پنهنجي شهر مان ڪڍيو ته هُن انهن جي لاءِ بددعا ڇو نه ڪئي؟
سيدنا حاطب چيو: حضرت عيسيٰ ابن مريم عليھ السلام جي باري ۾ اوهين ڇا ٿا چئو. ڇا هو رسول نه هو؟ ته پوءِ جڏهن سندس قوم کيس مصلوب ڪرڻ جو ارادو ڪيو ته هن بددُعا ڇو نه ڪئي؟
مقوقس مُرڪيو. خوش ٿيو ۽ چيائين.
تون هڪ ڏاهو شخص آهين، جيڪو ڪنهن ڏاهي وٽان آيو آهين. ]سيرت ابن ڪثير[
خط جو جو جواب لکرايائين.
بسم الله الرحمان الرحيم
هي خط حضرت محمد بن عبدالله جي خدمت ۾ قبطين جي حڪمران مقوقس پاران لکيو پيو وڃي.، اوهان تي سلامتي هُجي. مون اوهان جو خط پڙهيو ۽ جنهن ڳالهه جو ذڪر اوهان ڪيو آهي ۽ جنهن جي دعوت ڏني آهي، اهو چڱيءَ طرح سمجهيو اٿم. مون کي اها ته خبر هئي ته آخري نبي (صلي الله عليھ وآلھ وسلم) اچڻ وارا آهن، پر منهنجو خيال هو ته اِهو شام مان ايندو. بهرحال مون اوهان جي قاصد جي پوري تعظيم ڪئي آهي ۽ اوهان جي خذمت ۾ ٻه ٻانهيون موڪلي رهيو آهيان، جن کي قبطين ۾ وڏو مرتبو حاصل آهي. اُن سان گڏ اوهان جي خذمت ۾ اوهان جي لاءِ ڪپڙن جا وڳا ۽ اوهان جي سواريءَ جي لاءِ بهترين خچر به موڪلي رهيو آهيان- والسلام“
شاهه مقوقس، سيدنا حاطب کي هڪ سئو دينار نقد، سوکڙي طور پنج ڪپڙا، واپسيءَ تي حفاظتي دستو گڏ ڏنو ۽ چيو.
”جلد ئي هن علائقي تي اوهان جي نبي ﷺ جي حڪومت هوندي.“
ٻه ٻانهيون ماريه ۽ شيرين گڏ موڪليون ويون. سيدنا حاطب پنج ڏينهن شاهه مقوقس جو مزمان رهيو. سيده ماريه قبطيه آقا صلي الله عليھ وسلم سان عقد ڪيو، جنهن جي پيٽان سيدنا ابراهيم جنميو، جيڪو ننڍپڻ ۾ ئي ارڙهن مهينن جي وهيءَ ۾ گذاري ويو. شيرين جو شاعر رسول ’حسان بن ثابت‘ سان نڪاح ڪرايو. مقوقس جو موڪليل خچر ”دلدل“ گهڻو عرصو جيئرو رهيو. ماکي، مصر جي قباطي ڪپڙي جا20 جوڙا ۽ هڪ شيشي جو پيالو هديي طور پيش ڪيو. اُن پيالي ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم مشروب پيتو، شاهه مصر هڪ ماهر حڪيم به آقا صلي الله عليھ وسلم ۽ مسلمانن جي علاج واسطي موڪليو. آقا صلي الله عليھ وسلم کيس چيو ته ”تنهنجو هتي ڪم نه هلندو، ڇو ته اسين تيستائين ماني نه کائيندا آهيون، جيستائين اسان کي بُک نه لڳي ۽ کائڻ مهل به ڍءُ ڪري نه کائيندا آهيون“ ]الطبقات الڪبريٰ[
ڪجهه سالن کان پوءِ جڏهن مسلمانن جي حڪومت مصر تائين پهتي ته سيده ماريه قبطيه جي پراڻي بستي حضن ۽ ان جي سڄي علائقي انفنا تان مسلمان بادشاهه امير معاويه، خاتون مصر ام المومنين ماريه جي احترام ۾ سڀئي ڍلون ۽ ڏن وٺڻ بند ڪري ڇڏيا.
آقا صلي الله عليھ وسلم جو خط بحرين جي حاڪم منذر به ساوا کي به پهچايو ويو. خط نيندڙ سيدنا علابن حضرم هو.
هن جواب ۾ وڏي احترام مان لکيو:
”اي الله جا رسول صلي الله عليھ وسلم! مون اوهان جو خط بحرين جي ماڻهن کي پڙهايو، ڪن اسلام کي محبت جي نظر سان ڏٺو ۽ قبول ڪيو. ڪن کي نه وڻيو. منهنجي مملڪت ۾ يهودي ۽ مجوسي به آهن. انهن جي باري ۾ پنهنجو حڪم فرمايو. هن اهو به اقرار ڪيو ته سوچ ۽ ويچار کانپوءِ مون اهو سمجهيو آهي ته اسلام دين ۽ دنيا ٻنهي جي لاءِ فائدي وارو آهي. هيستائين آءٌ ان شخص تي حيرت کائيندو هوس، جيڪو ان دين کي قبول ڪندو هو. هاڻ اُن جي حالت تي عجب وٺندو اٿم، جيڪو ان سچي دين کي رد ٿو ڪري ]رومن الامت[
يمامه جي رئيس هوذه بن عليءَ جي نالي به خط روانو ٿيو.
هن خط جو وڏو احترام ڪيو، هوذه اسلام کان متاثر ته ٿيو، کيس اهو به اندازو ٿي ويو ته اهو جلد ئي سڄي عربستان ۽ دنيا ۾ لاڳو ٿي ويندو، پر کيس ذاتي خوف دوکو ڏيئي ويو. هن جواب لکيو ”اوهين جنهن شئي ڏانهن سڏي رهيا آهيو، اها ڏاڍي سُٺي ۽ بهتر آهي، عرب منهنجي دٻدٻي ۽ مرتبي کان ڊنل آهن. اوهين مون کي ڪجهه اختيار عطا فرمايو ته آءٌ اوهان جي پيروي ڪندس.“
هُن به آقا ﷺ جي سفير کي سوکڙين پاکڙين، محبت ۽ ادب سان روانو ڪيو.
عمان جي حاڪم جيفرو عبدا پسران جلندي ڏانهن سيدنا عمرو بن عاص خط کڻي ويو. غوط دمشق جي حاڪم حارث بن ابي شمر غسانيءَ ڏانهن سيدنا شجاع بن وهب اسدي خط کڻي ويو.
مجموعي طور تي سڀني حاڪمن آقا صلي الله عليھ وسلم جي خط ڏانهن ڌيان ڌريو ۽ عزت ڏني. رڳو هڪ فارس جي خسرو پرويز گستاخيءَ مان خط ڦاڙي ڇڏيو،. جنهن کي پوءِ خود خدا طرفان ڦاڙيو ويو.
بصريٰ جي حاڪم شرجيل بن عمرو ان کان به وڏي بدتميزي ڪئي. هن نڀاڳي پهرين ته آقا صلي الله عليھ وسلم جي سفير کي قيدي بنائي ورتو ۽ پوءِ قيد ۾ کيس قتل ڪرائي ڇڏيو. اهو واقعو موته جي ڀرسان ٿيو. سفير حارث بن عمير جي شهادت آقا صلي الله عليھ وسلم کي ڏکارو ڪيو. اُن بي گناهه قتل جي بدلي جي لاءِ آقا صلي الله عليھ وسلم ڪجهه مهينن کان پوءِ جمادي الاول اٺين هجري ۾ ٽن هزارن جو لشڪر موڪليو، جنهن جو تفصيل اڳيان ايندو.
بهرحال، اُنهن خطن نه رڳو عربستان ۾ اسلام جي شڪل چٽي ڪري ڇڏي، پر ان دور جي ٻن سر طاقتن ايران ۽ روم تي به واضح ٿي ويو. سڄي دنيا کي معلوم ٿي ويو ته سج اُڀري آيو آهي، انسانيت جي ڀاڳ مان جهالت جي تڏا ويڙهه شروع ٿي ويئي آهي.

عمرة القضاء ۽ سيده ميمونه

عمرة القضاء ۽ سيده ميمونه

انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون
صلح حديبيه کي هڪ سال پورو ٿي ويو.
صلح جي شرطن موجب امن سان عمرو ادا ڪرڻ جو وقت اچي ويو هو.
جيئن ئي ذيقعد ستين هجريءَ جو چنڊ نظر آيو ته مديني جا مسلمان خوشيءَ سبب جهومڻ لڳا. مهاجرن جي چهرن تي تازگي ڏسڻ وٽان هئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم حڪم ڏنو ته گذريل سال وارا سڀئي صلح حديبيه وارا زيارتي تيار ٿي وڃن. چوڏهن سئو ماڻهو اهي ئي هئا، ڪجهه شيدائي ٻيا به تيار ٿي ويا. ٻن هزارن تي انگ وڃي پهتو. احتياط ڪندي آقا صلي الله عليھ وسلم هڪ سئو مسلمانن جو سوار دستو هٿياربند ڪري، سيدنا محمد بن مسلمه جي اڳواڻيءَ ۾ اڳ ۾ روانو ڪري ڇڏيو. کين اهو حڪم ڏنو ويو ته هو مڪي جي حدن کان ٻاهر ”مرالظهران“ ۾ ٽڪن، اتان کان اڳتي نه وڌن.
رستو به محفوظ ٿي ويو.
اُتي مڪي جي سرحد تي چوڪي به ٿي ويئي.
گڏ ويندڙن وٽ رڳو هڪ هڪ تلوار هئي، جيڪا به مياڻ ۾ بند هئي.
جيئن معاهدي ۾ لکيل هو، تيئن ئي ڪيو ويو.
قربانيءَ جي لاءِ سٺ اُٺ ساڻ کنيائون، جن جي ذميداري ’سيدنا ناجيه بن جندب اسلمي‘ جي حوالي ڪئي. مديني جو انتظام سيدنا ابو رهم انصاريءَ کي سونپي روانگي اختيار ڪيائون.
مڪي جي حدن ۾ پهتا.
ذوالحلفيه، پهچي احرام ٻَڌائون ۽لبيڪ جي تڪبير هنيائون. وادي ”ياجج“ پهچي هٿيار رکي ڇڏيائون. ٻه سئو ساٿي حفاظت جي لاءِ اُت ڇڏيائون ۽ سيدنا اوس بن خولي انصاريءَ کي اُن دستي جو انچارج بنايائون، جنهن جو مقصد حفاظتي بندوبست هو ته جيڪڏهن قريشن ڪا شرارت ڪئي ۽ امن معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪن ته پنهنجي بچاءَ کان غافل نه هججي. هاڻ مسلمانن وٽ رڳو هڪ هڪ تلوار هئي. اها به احرام سان گڏ مياڻ ۾ بند هُئي.
سفر جاري رهيو.
لبيڪ لبيڪ سڏيندا مسلمان هلندا هليا.
ڪدا جي رستي وٽان حجون واري هنڌان مڪي ۾ گهڙڻون هو.
مڪي ڏانهن رستا ته ٻيا به وڃڻ جا هئا، پر آقا صلي الله عليھ وسلم جنهن رستي جي چونڊ ڪئي، ان ۾ هڪ راز نظر اچي ٿو. هڪ سڄي زندگيءَ جي محبت جو ساٿ، غار حرا ۾ جيڪا پهرين وحي لٿي هئي، ان کي پهريون ڀيرو ڪنهن ٻُڌو هو، جنهن سڄي دنيا ۾ پهريون ڀيرو آقا صلي الله عليھ وسلم جي پيغام تي لبيڪ چئي، جنهن پنهنجي سڄي حياتي آقا صلي الله عليھ وسلم تي نڇاور ڪري ڇڏي. اها هستي سيده امڙ خديجھ ’حجون‘ ۾ ئي آرامي هئي.
سندس قبر اُتي هئي.
ست سال اڳ آقا صلي الله عليھ وسلم مَڪو ڇڏي لِڪندي ڇُپندي هِتان روانا ٿيا هئا. هاڻ امن ۽ عزت سان مڪي پهتا هئا، سو ايئن ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته سيده خديجه جو خيال نه آيو هُجي.
اُتان حجون جي رستي تان مڪي ۾ ٺهيل خدا جي گهر طرف ويا.
مسجد حرام ۾ لٺ سان حجر اسود کي ڇهيو
عمر مُبارڪ سٺ سالن کان به مٿي ٿي چڪي هئي.
سواريءَ تي ويٺي ئي طواف ڪيائون.
مڪي جي مُشرڪن سڄو بيت الله خالي ڪري ڇڏيو هو.
هو گهر ڇڏي ڪعبي جي اُتر ۾ جبل قعيقعان تي چڙهي پاڻ ۾ سُس پُس ڪري رهيا هئا ته ڏسو ته سهي يثرب جي بُخار هنن کي اڌ مئو ڪري ڇڏيو هوندو. کانئن هليو به نه ٿيندو هوندو.
آقا صلي الله عليھ وسلم پنهنجن متوالن کي حڪم ڏنو ته ڪعبي جي طواف ۾ پهريان ٽي چڪر ڊوڙي ڊوڙي هڻن. کاٻو ڪلهو اُگهاڙو ڪري پهلوانن جي چال ۾ ”رمي“ ڪندي ڪافرن جي نظرن جي سامهون لنگهن. حجر اسود ۽ رڪن يماني جي وچ ۾، ڪعبي جي اوٽ ۾ مشرڪن جي نظر نٿي پئي، ڇو ته هو ڏکڻ ۾ هئا. مُشرڪ اُتر طرف واري جبل تي چڙهيل هئا. تنهن ڪري آقاﷺ پنهنجي ساٿين جي سهوليت جي لاءِ چئي ڇڏيو ته ان وقفي ۾ ڊوڙڻ جي بدران وک وک ڏيئي هلن.
ايئن ئي ڪيو ويو.
مُشرڪ، مسلمانن جي طاقت ۽ قوت ڏسي هڪٻئي جا مُنهن تڪڻ لڳا.
هُنن جي چهرن تي مايوسي لکيل هئي.
طواف کانپوءِ صفا ۽ مروه جي ٽڪرين جي وچ ۾ ”سعي“ ڪيائون.
اُن راهه تي ست چڪر هنيائون، جنهن تي ڪڏهن سيده حاجره عليھ السلام پنهنجي ٿڃ پياڪ ٻارڙي حضرت اسماعيل عليھ السلام جي لاءِ پاڻي جي ڳولا ۾ ڊوڙي هئي. جيئن هوءَ ڊوڙي هئي، تيئن آقا صلي الله عليھ وسلم ڊوڙيا ۽ آقا جي سندس سڀني ساٿين پيروي ڪئي. اڄ به اهو ئي طريقو هلندو پيو اچي.
جيڪو سيده حاجران اختيار ڪيو هو.
اُن راهه تي سعي ڪرڻ وقت ستين چڪر جي پُڄاڻيءَ تي سيده هاجران جي سيدنا اسماعيل عليھ السلام جي ننڍڙن پيرن جي کڙين جي پَٽ تي لڳڻ سان سڳوري مِٺي پاڻيءَ جي چشمي تي نظر پئي هئي.
سيده هاجران ڊوڙندي آئي هئي.
زم زم... بيهي بيهي... سيده حاجران عليھ السلام اُن چشمي کي چيو هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم سعي ختم ڪري سڌو زم زم جي چشمي تي ويا.
اهو ئي سڳورو پاڻي پيتو.
سڀني مسلمانن به پيتو.
وار ڪوڙايائون.
پوءِ قرباني ڪيائون.
ٻه ٽي سئو ماڻهو جيڪي مڪي جي حدن وٽ چوڪي ڏيئي رهيا هئا، اُنهن جي جاءِ تي عمرو ادا ڪندڙن کي موڪليائون ته وڃو هاڻ انهن جي جاءِ تي پهرو ڏيو، جيئن هو اچي عمرو ڪن.
سڀني ماڻهن عمرو ڪيو.
مهاجر پنهنجن مديني جي دوستن کي پنهنجا پُراڻا اباڻا گهر ڏيکارڻ جي لاءِ مڪي جي گهٽين ۽ بازارين ۾ هليا ڦريا. پراڻن ڏينهن کي ياد ڪيائون. دوستن کي پُراڻيون ڳالهيون سُڻايائون.
مَڪي جا مُشرڪ جبل تي چڙهيو اهو سڀ ڪجهه ڏسندا رهيا.
مسلمانن جي پاڻ ۾ ميٺ محبت ۽ نظم و ضبط متاثر ڪندڙ هو.
نه هُل نه هنگامون
هڪٻئي کي کارائي، پوءِ پاڻ کائيندا هئا.
هر ڪنهن سان ڀلائي
هر ڪو ٻي کي ڏسي مُرڪندو هو
هر ڪنهن جي دل جو اطمينان اُن جي اکين مان پڙهي سگهجي ٿو.
مشرڪ حيران هئا
هنن هي وري ڪهڙو سبق پڙهي ورتو آهي، جو هنن جي مهانڊن جي آرڪاڻن ۾ خير ۽ برڪت جا گُل ڦٽي آيا هئا. ڪُپت ۽ هُل بکيڙي جو هڪ ڪَنڊو به ڪنهن مسلمان جي اک ۾ ٻي جو نه ٿي چُڀيو. نه گلا نه غيبت، نه هُل نه بَکيڙو، نه شراب کي هٿ لاٿائون، وک وک سنڀاليل- هر ڳالهه نِکريل.
هيءَ وري ڪهڙي ڪايا پلٽي هئي.
جتي مڪي جي مردن تي مسلمانن جي سچائي ۽ خوش خلقي ڏسي حيران ڪندڙ اثر پيو، اُتي مڪي جي هڪ معزز بيوه خاتون سيده ميمونه به گهڻي متاثر ٿي. ميمونه بنت حارث جو مڙس ابو رهم بن عبدالعزيٰ قريشي گذاري ويو هو. هو پاڻ ۾ اٺ ڀينرون هيون ۽ اٺ ئي سڳيون ڀينرون مڪي جي اميرن جون زالون هيون.
هنن جي هڪ سڳي ڀيڻ سيدنا عباس جي گهر واري اُم فضل هئي. اسلام جي ڇڪَ ته ڪافي وقت کان سيده ميمونه جي دل ۾ هئي. اُن گهڙيءَ سندس اوسيئڙي جي حد به پوري ٿي ويئي. هُن اسلام قبولڻ کانسواءِ مسلمانن ۾ انتهائي عزت حاصل ڪندڙ عورتن ۾ پنهنجو نالو به شامل ڪرائڻ لاءِ آقا صلي الله عليھ وسلم جي خدمت ۾ درخواست موڪلي ته مسلمان ٿي اوهان جي زوجيت جو شرف حاصل ڪرڻ ٿي گهران.
الله سَڀ سُڻي ۽ ڏسي رهيو هو.
الله کي خبر هئي ته منهنجو رسول صلي الله عليھ وسلم رڳو اهائي ڳالهه ڪري ٿو، جيڪا آءٌ چوان ٿو.
آسمان تان وحي آئي.
”اي نبي! اسان تنهنجي لاءِ اهي سڀئي زالون حلال ڪري ڇڏيون آهن، جن کي تو مهر ڏيئي نڪاح ڪيو آهي ۽ اِهي ٻانهيون به جيڪي الله توکي جنگ ۾ غنيمت طور عطا ڪيون ۽ تنهنجي چاچي جون ڌيئرون ۽ تنهنجي پُڦين جون ڌيئرون ۽ تنهنجي مامي جون ڌيئرون ۽ تنهنجي ماسين جون ڌيئرون، جن توسان هجرت ڪئي ۽ ڪابه مومن عورت جيڪا بنا مهر وٺڻ جي پنهنجو پاڻ کي پيغمبر جي حوالي (يعني هبه) ڪري، بشرطيڪه نبي به اُن سان نڪاح ڪرڻ گهري، پر اها رعايت رڳو تولاءِ آهي، مومنن لاءِ نه آهي. يقيناً اسان کي (اهي ڪيل حڪم) معلوم آهن، جيڪي اسان اُنهن تي سندن ٻانهين ۽ زالن جي باري ۾ عرض ڪيا آهن، (۽ تو لاءِ خاص آساني ان لاءِ ڪئي اٿئون) ته جيئن توکي ڪا ڏکيائي ۽ تنگي نه ٿئي ۽ الله ته بيحد بخشڻهار ۽ وڏو رحم ڪرڻ وارو آهي ]سوره الاحزاب، 50[
آقا صلي الله عليھ وسلم سيده ميمونه سان نڪاح فرمايو.
مَڪي ۾ ترسڻ جا ٽي ڏينهن پورا ٿيا ته مڪي جا سردار جبل تان لهي آيا ۽ چيائون:
هاڻ واپس وڃو.
آقا صلي الله عليھ وسلم پنهنجن ساٿين سان گڏ مڪي مان نڪري ويا.
سيده ميمونهرضه، مڪي کان ٻاهر مديني جي رستي تي آقاﷺ جي غلام ابو رافع سان گڏ ”سرف“ جي هنڌ تي آقاﷺ جي حضور ۾ پهتي
سيده ميمونه رضه آقا صلي الله عليھ وسلم جي آخري گهرواري هئي.
آقاﷺ جي برقعو مٽائڻ کانپوءِ به اڌ صديءَ تائين جيئري رهي ۽ اُن هنڌ ”سرف“ کي ڪڏهن به وساري نه سگهي، جتي پاڻ پهريون ڀيرو آقاﷺ جي حضور ۾ حاضري ڏني هئي. وفات کان اڳ وصيت ڪئي هئائون ته جڏهن ٻيهر ٻي جهان وڃڻ وقت آقاﷺ جي حضور ۾ اُتي حاضري ٿئي ته مون کي ان ئي ”سرف “ جي مٽي جي هيٺان دفن ڪجو، جنهن تي قدم رکي مون آقاﷺ جي غلامي اختيار ڪئي هئي.
وصيت موجب سيده ميمونه کي انهيءَ هنڌ ”سرف“ ۾ دفنايو ويو. ايئن سڀني ازواج مطهرات مان ٻه مڪي ۾ دفن آهن. هڪ آقا صلي الله عليھ وسلم جي خاتون اول سيده خديجھ حجون جي هنڌ مڪي ۾ ۽ ٻي آخري گهرواري سيده ميمونه مڪي کان ٿورو ٻاهر ”سرف“ جي هنڌ تي، باقي سڀئي مديني پاڪ ۾ جنت البقيع جي هڪ ئي ويڙهي ۾ آرامي آهن.

خالد بن وليدرضه

خالد بن وليدرضه

مڪي ۾ مسلمانن جي ٽن ڏينهن جي ٽِڪڻ سان مڪي جي ماڻهن تي مسلمانن کي ڏسي حيرت ۾ وجهندڙ خوشگوار اثر پيو. پر هڪ اعلان سان مڪي جي سردارن جي چوڪڙيءَ ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي.
مڪي جي سڀني کان وڌيڪ جِري، بهادر ۽ ڏاهي نوجوان گهوڙيسوار دستن جي سالار خالد بن وليد، قريش سردارن جي ڀَرئي ميڙ ۾ اعلان ڪري ڇڏيو
”ٻُڌو!
هر سمجهوءَ تي هاڻ چٽو ٿي چڪي آهي ته محمد ﷺ نه جادوگر آهن ۽ نه وري شاعر. سندس ڪلام عالمن جي رب جو ڪلام آهي. تنهن ڪري هر هوش مند شخص تي اهو لازم آهي ته هو اُن جي پيروي ڪري.“
خالد بن وليد جن ماڻهن جي سامهون اهو اعلان ڪيو، انهن ۾ سندس ويجهو دوست ابو جهل جو پُٽ عڪرمه به هو. هو بي چين ٿي اٿيو.
چيائين.
خالد، محمدﷺ تنهنجي پيءُ، تنهنجي چاچي ۽ ڪيترن ئي ٻين مٽن مائٽن ۽ عزيزن قريبن کي جنگين ۾ مارايو- هاڻ تون وري ڪهڙيون پيو ڳالهيون ڪرينءَ؟
خالد بن وليد جو هڪئي جواب هو.
عُڪرمه منهنجي دل بدلجي چڪي آهي.
مون تي حقيقت چِٽي ٿي چڪي آهي.
ابو سفيان بن حرب به اُتي ئي هو.
هو خالد بن وليد سان اٽڪي پيو.
پنهنجي ڪجهه ساٿين سان گڏجي خالد تي حملو ڪري ڏنائين.
عڪرمه، ابو سفيان جي ٻانهن مان جهلي کيس ڇڪيو ۽ چيو.
”ابو سفيان! خدا جو سُنهن، جنهن خطري جو توکي ڊپ آهي، آءٌ به اُن کان ڊنل آهيان، نه ته خالد وانگر آءٌ به اهو ئي چوان ها ۽ هُنَ جي دين کي دل ۽ جان سان قبولي وٺان ها. مون کي انديشو آهي ته هڪ سال جي اندر ئي مڪي جا سڀ ماڻهو محمدﷺ جي دين کي قبولي وٺندا.“
ابو سفيان، عڪرمه جي ڳالهه ٻُڌي چپ ٿي ويو.
سندس مُنهن هئڊو ٿي ويو.
سندس فوج جو سڀ کان وڏو بُرج خالد بن وليد سندس هٿن مان ڪِري پيو هو.
هاڻ هو سندس دشمن جي تلوار پهرڻ پي ويو.
عمرة القضا جي سوا ٻن مهينن کان پوءِ خالد بن وليد هڪ مهاجر جي حيثيت سان مڪي مان مديني روانو ٿيو.
اها صفر اٺين هجريءَ جي ڳالهه آهي.
سيدنا خالد بن وليد جي دل جي مُکڙيءَ مان سبز پتو ته عمرة القضا جي موقعي تي پنهنجي مسلمان ڀاءُ وليد بن وليد جو خط پڙهي ئي ٿُئي پيو هو.
وليد بن وليد مڪي آيو ته ڀاءُ کي ڳولهڻ لڳو
ڳولهڻ جي باوجود به خالد نه مليس
نيٺ سندس نالي هڪ خط لکي سندس ڪنهن دوست کي ڏيئي ويو.
خط پڙهي خالد بن وليد جي وکريل سوچن کي رخ ملي ويو.
خط ڪجهه هن ريت هو.
”خالد-
مون اُن کان وڌيڪ ٻي ڪا حيراني جي ڳالهه نه ڏٺي ته اڃا سوڌي تنهنجي راءِ اسلام جهڙي پاڪيزه ۽ سُٺي دين کي قبولڻ کان هٻڪي رهي آهي. جيتوڻيڪ تنهنجو عقل تنهنجي ڏاهپ آهي.
رسول الله ﷺ مون کان تنهنجو حال احوال پُڇيو ۽ چيو ته خالد ڪٿي آهي؟
مون عرض ڪيو، ته يا رسول الله ﷺ ، الله جلد ئي کيس اوهان وٽ وٺي ايندو.
پاڻ سڳورن به فرمايو:
عجب آهي ته خالد جهڙو سَمجهو، ڏاهو ۽ بهادر اڃا سوڌي اسلام کان اڻڄاڻ آهي، پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم اهو به فرمايو ته جيڪڏهن خالد مسلمانن سان گڏجي باطل جو خاتمو آڻي ها ته اِهو سندس لاءِ وڌيڪ سُٺو ٿئي ها ۽ اسين کيس ٻين کان وڌيڪ اهميت ڏيون ها.
تنهن ڪري منهنجا ڀاءُ
توکان ڪيترائي سُٺا موقعا ذيان ٿي ويا.
هاڻ انهن جي تلافي ڪر...
هي تلافي ۽ سمجهڻ جو وقت اٿئي.
وليد بن وليد.“
ڀاءُ جو خط پڙهي خالد بن وليد کي رستو ملي ويو.
سوچيندو ته ڳچ عرصي کان رهيو هو. اڳ ۾ به ڪيترن ئي مُعرڪن ۾ مسلمانن جي خلاف وڙهي ايندو هو ته کيس دل تي بار محسوس ٿيندو هو. کيس ايئن محسوس ٿيندو هو ته هو هڪ اَجائي ۽ بيڪار رستي تي پاڻ کي ذيان پيو ڪري.
حديبيه جي موقعي تي خالد کي خيال آيو ته مسلمانن تي نماز جي حالت ۾ گهوڙي سوار دستي سان حملو ڪجي، پر خالد پنهنجي ارادي جي باوجود به ايئن نه ڪري سگهيو. کيس محسوس ٿيو ڄڻ سندس اُن ارادي کان آقا صلي الله عليھ وسلم باخبر ٿي چڪو آهي. خالد بن وليد بعد ۾ ٻُڌائيندو هو ته پاڻ ان گهڙيءَ ئي ڄاڻي ورتو هئائين ته هي شخص ’من جانب الله‘ آهي.
خالد بن وليد تي پنهنجي ماسي سيده ميمونه جي فيصلي جو به گهڻو اثر پيو.
هُن سوچيو ته هڪ عورت کانئس سٺو ۽ تڪڙو فيصلو ڪري سگهي ٿي، هو ته وري به مڪي جو مَڃيل ۽ سڀني کان ڪامياب دستي جو سالار هو. جنگ جي ميدان ۾ هُن جو ذهن عقاب جي اک بنجي ڦڙتائي ۽ تيزيءَ سان نشاني تي پهچڻ لاءِ ايترا ته شاندار فيصلا ڪندو هو، جو کيس ڪنهن به جنگ ۾ هار نه ٿي.
هاڻ پهريون ڀيرو امن جي زماني ۾ خالد بن وليد جنگي حڪمت عمليءَ جهڙو زبردست فيصلو ڪيو.
هو مديني وڃي رهيو هو.
ڪنهن ۾ همت هُئي، جو خالد بن وليد کي روڪي
اُلٽو هو پنهنجن دوستن کي چئي رهيو هو
اوهين دير سوير ايمان ته ضرور آڻيندا. اچو مون سان گڏ هلو.
خالد عڪرمه کي دعوت ڏني
عڪرمه لهرائي ويو.
خالد صفيان بن اميه بن خلف کي چيو
هن به نه مڃيو.
خالد بن وليد کي وڃڻو ته هو ئي، بس دل ۾ هئس ته سفر ۾ ڪو گڏ هُجي.
عڪرمه ۽ صفوان کان نااُميد ٿي هو ڪعبي جي چاٻي بردار عثمان بن طلحه سان مليو
چيائينس: مديني پيو وڃان مسلمان ٿيڻ،
هلندين؟
عثمان بن طلحه ته هو ئي الله جي گهر جو چاٻي بردار، ڪيترين ئي پيڙهين کان وٺي چاٻي سندس ڪُٽنب ۾ رهندي پي آئي ۽ اڃا تائين ان نسل جي ماڻهن وٽ ئي آهي.
اهو چاٻي ڦيرائڻ ۽ ڪيتري ئي وقت کان بند ڪيل دروازي جي کلڻ جو وقت هو. اونداهين جي تهن ۾ قيد ڪيل انا جي پاليل بُتن جا رخ موڙي زمين ۽ آسمان جي نور ۾ سمائڻ جي گهڙي لهي آئي
ڪعبي جي چاٻي بردار جي چاٻي دروازي ۾ ڦِري ٿي
دروازو کلي ٿو
۽ عثمان بن طلحه جو چهرو بدلجي وڃي ٿو.
هُن جي اکين ۾ تارا جرڪڻ لڳا.
جرڪندڙ تارن سان آقا صلي الله عليھ وسلم جو رخ روشن چوڏهين جي چنڊ جيان ٺهي کيس نظر اچڻ ٿو لڳي. هن جي چهري جون نسون عجيب آسودگيءَ ۾ ڦڙ ڦڙائين ٿيون ۽ هن وارفتگي ۽ ديوانگيءَ مان پهريون ڀيرو پنهنجي روح سان هم آهنگ ٿي ڪعبي جي تالي ۾ چاٻي گهمائيندي چيو:
هلندس
مسلمان ٿيندس.
خالد کيس وڏي هيجَ مان گلي سان لڳايو.
ٻنهي پنهنجون سواريون مڪي کان مديني ڏانهن موڙيون.
عجيب راز آهي
وڏو اهم راز آهي
خدا جڏهن پاڻ ڏانهن سڏيندڙن، پنهنجي گهر جي سالارن ۽ ڪُنجي بردارن کي به جڏهن پنهنجي واٽ ڏيکاريندو آهي ته کيس پنهنجي گهر، پنهنجي شهر مڪي کان مديني جي رستي تي وجهندو آهي.
خدا کي خبر آهي ته، خدا اُن کي ٿو ملي، جيڪو مديني واري صلي الله عليھ وسلم سان ملي خدا سان ملڻ ايندو آهي.
مڪي جا اهي مسافر مديني ڏانهن وڌندا رهيا.
هنن جي روح ۾ اُٰجرائپ آسمان تان لهي چمڪندي رهي.
جنهن ڏينهن خالد بن وليد ۽ عثمان بن طلحه مڪي کان مديني وڃي رهيا هئا، اهو وڏو خوشنصيب ڏينهن هو. اُن ڏينهن مڪي جو هڪ ٻيو سردار، فوج جي سالار عمرو بن العاص جي اندر جي ڪيمسٽري به بدليل هئي. هو اڪيلي سر خدا جي گهر کي سلام ڪري، آقا صلي الله عليھ وسلم جي خذمت ۾ حاضر ٿيڻ جي لاءِ مديني وڃي رهيو هو.
مديني جي رستي تي هو اُن ڏينهن ”حده“ جي هنڌ تي موجود هو.
اُن ڏينهن خالد بن وليد ۽ عثمان بن طلحه، عمرو بن العاص کي سڃاڻي نه سگهيا. اُن ڏينهن عمرو بن العاص جو چهرو عجيب شان سان چمڪي رهيو هو، هن جي اکين ۾ نور جو آسمان لٿل هو.
اندر جي ڪيمسٽري بدلي ته ٻاهرين فزڪس تي ڪيئن نه اثر ٿئي.
دل جي ڪيفيت اکين مان ظاهر ٿي پئي ٿي.
هيڏانهن خالد ۽ عثمان جا چهرا آقا صلي الله عليھ وسلم جي سڪ جي نور ۾ چمڪي ڌوپجي چڪا هئا.
جڏهن خبر پئي ته ٽنهي جي منزل ساڳئي آهي ته ٽيئي ڪو خوش ٿيا هوندا ڇا؟
اهو رڳو سوچي ئي سگهجي ٿو.
انهن ٽنهي مان عمرو بن العاص عمر ۾ وڏو هو. اُن وقت خالد ٽيهن سالن جي وهيءَ ۾ هو. عثمان ستٽيهن سالن کان ٿورو مٿي ۽ عمرو بن العاص اٺيتاليهن ۽ پنجاهه سالن جي وچ ۾ هو. هو مِٺو ڳالهائيندڙ، مدبر ۽ سپهه سالار هو. تاريخ ۾ سيدنا عمر بن خطاب جي خلافتي دور ۾ مصر هُن جي ئي هٿان مسلمان فتح ڪيو. عراق ۽ شام جي فتح خالد بن وليد جي هٿان لکيل هئي، جڏهن ته هُن جي هٿان ئي يرموڪ جي جنگ ۾ دنيا جي عظيم سلطنت کي فتح ٿيڻو هو.
اُن ڏينهن قيصر ۽ ڪسريٰ جا ٻيئي فاتح مديني ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم جا غلام بنجڻ جي لاءِ حاضر ٿي رهيا هئا.
اهو ڪو عام ڏينهن نه هو،
ٿوري ئي وقت کان پوءِ خالد بن وليد کي الله جي تلوار بنجڻ جو لقب ملڻ وارو هو.
اهو وڏي ڀاڳَ وارو ڏينهن هو.
اُنهن ۾ ٽيون خدا جي گهر جي دروازي جي چاٻي سنڀاليندڙ هو. جنهن جي ڪُٽنب ۾ قيامت تائين ان نور جي گهر جي چاٻي رهڻي هئي.
اهو ڏينهن ڪيترو نه سُهائو ۽ ڀاڳن وارو هوندو.
نه ڪا جنگ ٿي
نه ڪو مُعرڪو
نه ڪو تبليغي مشن ويو.
نه ڪو بحث ۽ تڪرار ٿيو.
اُن هڪ ئي ڏينهن مڪي جا ٽي معزز ترين رئيس، خود پنهنجي سوارين تي چڙهي، پنهنجي مرضيءَ سان، سالن کان پنهنجي اندر ۾ سانڍيل ”اَنا“ جا بُت ڀڃي ڀور ڪري، نور جي مجسم صورت آقا صلي الله عليھ وسلم جي خذمت ۾ حاضر ٿي رهيا هئا.
مديني پهچندي ئي خالد کي پنهنجو ڀاءُ وليد بن وليد ملي ويو.
ٻيئي ملندي ئي جذباتي ٿي روئڻ لڳا. وليد جلدي چيو: جلدي هلو،
آقا ﷺ کي اوهان ٽنهي جي اچڻ جي خبر ملي چڪي آهي.
اوهان جو ئي اوسيئڙو ٿي رهيو آهي.
ٽيئي آقا صلي الله عليھ وسلم جي خذمت ۾ پهچي ويا
خالد ادب مان هٿ مَٿي کڻي چيو.
اسلام عليڪم يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم
آقا صلي الله عليھ وسلم محبت مان اُٿي کين کيڪاريو.
سيدنا خالد شهادت جو ڪلمون پڙهيو. الله جي هيڪڙائي ۽ رسول اللهﷺ جي رسالت جي شاهدي ڏني.
آقا صلي الله عليھ وسلم چيس ويجهو اچ، پوءِ فرمايو.
”سڀ ساراهون ان ذات جون، جنهن توکي اسلام جي توفيق ڏني، آءٌ ڏسندو هئس ته تون ڏاهپ جو ڌڻي ۽ سمجهه وارو آهين ۽ مون کي پڪ هئي ته تنهنجي سمجهه توکي ضرور ڀلائيءَ طرف آڻيندي.
خالد بن وليد نوڙت مان ڪنڌ جهڪائي شرمساري مان چيو
آءٌ شرمندو آهيان ته جنگين ۾ آءٌ اوهان جي ۽ حق جي مقابلي ۾ سامهون ايندو رهيس، پنهنجي ڪيئي تي پڇتاءُ اٿم، رڳو هڪ گذارش اٿم ته الله منهنجي اُنهن سڀني خطائن کي معاف فرمائي.
آقا صلي الله عليھ وسلم مرڪيا ۽ فرمايائون
اسلام انهن سڀني خطائن ۽ گناهن کي ختم ٿو ڪري ڇڏي، جيڪي ان کان اڳ ٿيا هوندا آهن.
پوءِ خالد بن وليد جي لاءِ آقا ﷺ خير ۽ برڪت ۽ معافيءَ جي دعا گُهري.
سيدنا خالد بن وليد کانپوءِ عثمان بن طلحه ۽ پوءِ عمرو بن العاص، آقا صلي الله عليھ وسلم جي هٿن مبارڪن تي بيعت ڪئي. سيدنا عمرو بن العاص ته آقا صلي الله عليھ وسلم جي اڳيان گوڏن ڀَر ويهي لڙڪ لاڙڻ ۽ ٻارن جيان سڏڪڻ لڳو. وات مان فقط ايترو نڪتس.
آقا صلي الله عليھ وسلم شرمندو آهيان. پراڻن گناهن جي معافي ڏياريو.
آقا صلي الله عليھ وسلم کيس به اهائي ڳالهه چئي، جيڪا خالد بن وليد کي چئي هئي. گڏوگڏ اهو به فرمايو
اسلام جيان هجرت به گناهن کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي ۽ اوهان ٽنهي ته ٻيئي ڪم ڪيا آهن. اسلام به آندو ۽ هجرت به ڪئي.
جنهن ڏينهن اهي ٽيئي جليل القدر قريشي رئيس مسلمان ٿيا
آقا صلي الله عليھ وسلم خوش ٿي پنهنجن صحابين کي چيو
مڪي پنهنجي جگر جا ٽڪرا اسان جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن.
اُنهن ئي جگر جي ٽڪرن کي تاريخ جي جگر ۾ روم، مصر، عراق، شام ۽ ايران جي فتحن جي لکت لکرائڻي هئي، سيدنا عمر بن خطاب جي دور ۾، جيڪو آقا صلي الله عليھ وسلم وٽ ويٺو مُرڪندو ۽ کين ڏسندو رهيو.

جنگ موته

جنگ موته

اهو هڪ غير معمولي ڏينهن هو.
مديني کان اُٺ جي سواريءَ تي ٻن مهينن جي مسافريءَ تي پري ”مُردار سمنڊ“ جي ڏاکڻي ڪُنڊ ۾ هاڻوڪي اردن جي هڪ زرخيز ميدان ۾ موجود ”شهر موته“ ڏانهن ويندڙ لشڪر کان موڪلائڻ لاءِ آقا صلي الله عليھ وسلم شهر کان ٻاهر ”شيبته الوداع“ تائين آيا.
اُن لشڪر جو سپهه سالار آقاصلي الله عليھ وسلم جو اهو غلام هو، جنهن پنهنجي ماءُ پيءُ ڀائرن ڀيڻن، پنهنجي ڪٽنب ۽ علائقي کي آقا صلي الله عليھ وسلم جي محبت ۾ قربان ڪري ڇڏيو.
آزادي ماڻي به غلاميءَ لاءِ ليلايو هئائين.
جنهن کي آقا صلي الله عليھ وسلم حرم ڪعبي ۾ وٺي وڃي اعلان ڪيو هو ته آءٌ هن جو وارث آهيان ۽ هي منهنجو وارث هوندو. منهنجو پُٽ هوندو. اهو ئي زيد بن حارث- آقا صلي الله عليھ وسلم جي اصحابن مان رڳو ان جو نالو قرآن ۾ آيو آهي.
کيس خدا حافظ چوڻ لاءِ آقا صلي الله عليھ وسلم پري تائين گڏ آيا.
اها خالد بن وليد جي اسلام قبولڻ کان ٽي مهينا پوءِ جي ڳالهه آهي.
عمرة القضاء جي پنجن مهينن کان پوءِ جو اهو واقعو آهي.
جمادي الاول اٺين هجريءَ جو مهينو هو.
لشڪر ۾ ٽي هزار سپاهي هئا.
رڳو هي ئي هڪ لشڪر هو، جنهن جا آقا صلي الله عليھ وسلم هڪٻئي جي پويان ٽي امير مقرر ڪيا هئا ۽ چوٿين جي باري ۾ به اشارو ڪري ڇڏيو هئائون.
فرمايو هئائون
جيڪڏهن زيد بن حارث شهيد ٿي وڃي ته سيدنا جعفر بن ابي طالب لشڪر جو امير هوندو، جعفر شهيد ٿي وڃي ته عبدالله بن رواحه سپهه سالار هوندو. اهو به شهيد ٿي وڃي ته پوءِ لشڪر وارا جنهن کي وڻي اُن کي پنهنجو امير مقرر ڪن ]بخاري، فتح الباري، زرقاني، طبقات ابن سعد[
اُن کان اڳ آقا صلي الله عليھ وسلم هڪئي لشڪر جا هڪٻئي جي پويان امير مقرر نه ڪيا هئا.
ڇا جيڪو ٿيڻون هو، تنهن جي آقا صلي الله عليھ وسلم کي خبر هئي.
نه رڳو- اهو.
موڪلائڻ جي لاءِ پري تائين ويندي، آقا صلي الله عليھ وسلم سيدنا زيد کي نصيحت فرمائي رهيا هئا، هدايتون ڏيئي رهيا هئا.
”هر حال ۾ تقويٰ ۽ پرهيزگاري قائم رکجو.
پنهنجن ساٿين سان ڀَلائي ڪجو.
الله جي راهه ۾ ڪفر ڪندڙن سان جهاد ڪجو.
پر ڏسجو
عهد نه ٽوڙجو
خيانت نه ڪجو
ڪنهن ٻار، عورت، ٻُڍي ۽ تارڪ الدنيا کي نه مارجو
ڪنهن عبادت گاهه، گرجا ۾ نه گهڙجو
کجيءَ جو وڻ يا ڪو ٻيو وڻ نه وڍجو
ڪنهن عمارت کي نه ڊاهجو.“
اهي هدايتون هيون اُن لشڪر کي جيڪو ٽن هزار سپاهين تي ٻڌل هو ۽ هڪ سفير کي قتل ڪرڻ جو بدلو وٺڻ جي لاءِ ايترو پري وڃي رهيو هو.
ڪجهه عرصو اڳ جڏهن آقا صلي الله عليھ وسلم عربستان ۽ ان جي ڀرپاسي جي بادشاهن کي سلامتي ۽ هدايت جي رستي جي نشاندهي جي لاءِ خط لکيا هئا. قيصر روم ۽ ڪسريٰ ايران کي به خط لکيا. انهن ڏينهن بصري جي حاڪم شرجيل بن عمرو غسانيءَ وٽ سيدنا حارث بن عمير ازدي کي خط ڏيئي موڪليو هو. بصري جي حاڪم سفير کي جهلي مارائي ڇڏيو. پوءِ ڊپ کان شام ۾ قيصر روم جي فوجن کي مدد جي لاءِ سڏيو ته اچو وارو ڪريو، مون کي مديني مان ڊپ آهي.
آقا صلي الله عليھ وسلم کي پنهنجي سفير جي خون جو بدلو وٺڻو هو.
ڳالهه مُهاڙ جو ڪو رستو نه هو.
اُلٽو اهو به خطرو هو ته ڪٿي بصري جو گستاخ حاڪم، قيصر روم جي فوج وٺي مديني تي ڪاهي نه اچي.
اُن جو بِلو ڪرڻ ضروري هو.
فوج موڪلي ويئي.
اُن فوج ۾ سيدنا خالد بن وليد پهريون ڀيرو مسلمانن طرفان شامل ٿيو.
نه ته ان کان اڳ احد جي جنگ ۾ سندس ئي هٿان مسلمانن جو گهڻو جاني نقصان ٿيو هو. حديبيه ۾ به سندس گهوڙي سوار دستو مسلمانن کي ڌمڪائيندو رهيو هو.
هو هڪ تجربيڪار ۽ مَڃيل رسالي جو ڪمانڊر هو.
هو پنهنجي گهوڙيسوار دستن جي چرپر سان سامهون واري فوج ۾ هلچل مچائي ڇڏيندو هو.
ڏاڍو ذهين ۽ ڦڙت سالار هو.
هفتن جي سفر کان پوءِ فوج پنهنجي نشاني تي وڃي پهتي.
پنهنجي منزل تي پهچڻ جي لاءِ کين مديني جي اولهه ۾ ست سئو ڪلوميٽر پري تبوڪ کان ٿي وڌيڪ چار سئو ڪلوميٽر اڳيان ”مردار سمنڊ“ جي ڪنڌيءَ تي سرسبز ميدان تي آباد شهر ”موته“ وٽ پهچڻو هو.
اُتي پهتا
اُتي پهچي خبر پئي ته اُتي معاملو ئي ٻيو آهي.
بصري جي حاڪم پنهنجي تحفظ ۽ سلامتيءَ جي لاءِ قيصر روم جي هڪ لک جري، فولاد ۾ ويڙهيل فوج کي گڏ ڪري رکيو آهي.
مسلمان سالارن پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪيو.
ڪن راءِ ڏني ته وڌيڪ فوج گهرائي وڃي.
پنڌ گهڻو هو، راءِ تي اتفاق ٿي نه سگهيو.
ڪن چيو: موٽي هلجي، تعداد ۾ وڏو فرق آهي، ڪٿي هڪ لک فوج، پنهنجي وقت جي بهترين هٿيارن پنهوارن سان هٿياربند ۽ ڪٿي مقابلي لاءِ مهيني جي مسافري ڪري آيل ٽي هزار سپاهي.
گهڻي دير تائين ڪو فيصلو ٿي نه سگهيو.
نيٺ عبدالله بن رواحه هڪ جوشيلي تقرير ڪئي
چيائين دوستو!
”اوهين جنهن شئي کان لهرايو پيا اهائي شهادت آهي. جنهن جي تمنا کڻي اسين پري کان پنهنجن گهرن مان نڪتا آهيون. اسان کي ڪافرن جي طاقت ۽ گهڻائيءَ تي نه پر پنهنجي ايماني جذبي ۽ خدا تي ڀروسو آهي. ٻن ڀلائين مان هڪ ڀلائي ضرور اسان جي هٿ ايندي، يا ته اسين دشمن کي ماري مڃائينداسين يا وري شهادت ماڻينداسين ]ابن هشام/عيون الاثر[
ماڻهن ۾ جوش ڀرجي ويو.
نعرا هڻندا اُٿي کڙا ٿيا ۽ دشمن سان ٽڪرائجي ويا.
سيدنا زيدرضه جي هٿ ۾ آقا ﷺ جو عطا ڪيل اڇو جهنڊو هو
تيرن جي بُوڇاڙ ۾ پهرين اهو ئي آيو.
وڙهيو
پر آقا صلي الله عليھ وسلم جو اهو پهريون غلام شهيد ٿي ڪري پيو.
سوا هزار ڪلوميٽرن کان به پري ويٺل آقا ﷺ کي خبر پئجي ويئي.
غلام هيٺ ڪريو.
هڪ هزار ميل پري ويٺل آقا صلي الله عليھ وسلم ڏک سبب اُٿي بيٺا.
پاڻ صلي الله عليھ وسلم مسجد نبويءَ ۾ ويٺا هئا، پر سندن سامهون ڄڻ جنگ جي ميدان جي فلم هلڻ لڳي.
هوڏانهن غلام جي جسم مان رت وهيو
هيڏانهن آقا صلي الله عليھ وسلم جي اکين مان لُڙڪ وهڻ لڳا.
مديني ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم جا اصحابي سڳورا سُڻي رهيا هئا.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمائي رهيا هئا.
زيدرضه کي تير لڳو آهي.
رت وهيو
۽ هو ڪِري پيو.
آقا صلي الله عليھ وسلم جا لُڙڪ وهڻ لڳا.
پوءِ آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو.
هاڻ جهنڊو جعفر سنڀالي ورتو آهي.
مديني جي مسجد نبويءَ ۾ ويٺل مسلمان دل جهلي ويٺا آقا صلي الله عليھ وسلم جي زبان مبارڪ مان اکين ڏٺو حال ٻُڌي رهيا هئا.
آقا ﷺ سوا هزار ڪلوميٽر پريان ويٺا سڄو منظر ڏسي ٻڌائي رهيا هئا.
جعفررضه جهنڊو کڻي دشمن جي صفن ۾ ڪاهي پيو.
وڏي ويڙهه ٿي، رڻ گجيو راڙو ٿيو.
جعفر تي ڪيترائي گهوڙيسوار تلوارون سنڀالي ڪاهي آيا.
هيءَ جعفر جي هڪ ٻانهن ڪپجي ويئي.
جعفر جهنڊو ٻي هٿ ۾ کنيو، پرڪرڻ به نه ڏنو.
ٻي ٻانهن تي به وار ٿيو.
ٻيئي ٻانهون ڪپجي ويون.
هو گهوڙي تان ڪري پيو.
پر جهنڊو ڪرڻ نه ڏنائين.
وڍيل ٻانهن مان وهندڙ رت سيني سان لڳائي ڇڏيائين.
هاڻ سندس مُهانڊي تي شهادت جو کڙڪو آهي.
هو ڪِري رهيو آهي.
جهنڊو سنڀالڻ جي لاءِ ٽيون نامزد امير عبدالله بن رواحه اڳتي وڌيو
آقا صلي الله عليھ وسلم جي اکين مان لُڙڪ وهندا رهيا.
ٻُڌڻ وارن مسلمانن جون دليون ڦاٽي پيون.
سوا هزار ڪلوميٽر پري ويل سپاهه سان گڏ آقا ﷺ جون اکيون به ويون هُيون.
انهن اکين سان، آقاﷺ اهو سڄو منظر ڏسي پنهنجن ساٿين کي ٻڌائي رهيا هئا.
پوءِ عبدالله بن رواحه به شهيد ٿي ويو.
آقا ﷺجا مقرر ڪيل ٽيئي امير واري واري سان آقا ﷺ جي عطا ڪيل جهنڊي جي شان تي قربان ٿي ويا. جيئن ئي عبدالله بن رواحه هيٺ ڪريو، جهنڊو فوج ۾ شامل بنو عجلان جي هڪ سپاهيءَ ثابت ابن ارقم سنڀالي ورتو.
چيائين.
مسلمانو! پاڻ مان ڪنهن کي امير ڪري وٺو.
ماڻهن چيس، تون ئي اسان جو امير آهين
ثابت ابن اَرقم چيو.
نه، مون کي مهارت ڪونهي.
اسان ۾ جنگ جون هيٺ مٿانهيون سمجهندڙ هڪ سالار موجود آهي. هن جهڙو اسان ۾ ٻيو ڪوبه ڪونهي.
مُنهنجي ڳالهه مڃو ته خالد بن وليد کي امير بنائي وٺو.
ماڻهن چيو.
ٺيڪ ٿا چئو.
خالد بن وليد هاڻ اسان جو امير ٿيو.
هيڏانهن مديني ۾ ويٺل آقا ﷺ پنهنجي لڙڪن هاڻين اکين سان سڄو منظر ڏسي، ٽنهي شهيدن جي موت جي خبر سُڻائيندو، پهريون ڀيرو مُرڪي فرمايو.
هاڻ الله جي تلوارن مان هڪ تلوار خالد بن وليد، اسلام جو جهنڊو سنڀالي ورتو آهي. هاڻ فتح اسان جي آهي.“
ايئن ئي ٿيو.
”اُن ڏينهن خالد بن وليد جي هٿان نوَ تلوارون ٽٽيون. رڳو هڪ يمني تلوار هُن جي هٿ ۾ رهي.“ ]بخاري]
سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته جڏهن هن جون نوَ تلوارون دشمن کي ماريندي ٽُٽيون ته انهن تلوارن سان ڪيترا دشمن ڌوڙ ٿيا هوندا.
اُتي ڳڻپ جو سمئه نه هو.
پنهنجي فوج کي هڪ لک فوج کان عزت ۽ آبروءَ سان بچائڻ مقصد هو.
خالد بن وليد پنهنجي ماهراڻي گهوڙيسواري سان پنهنجن سوار دستن جو پيشي وراڻي مهارت سان حرڪت ڪري سگهه جو مظاهرو ڪيو. پاڻ بچائيندي دشمن تي سَڄي کَٻي وار ڪندي اڳيان وڌندي ۽ پويان هٽندي اهڙي ته مهارت جو مظاهرو ڪيو، جو دشمن حيران رهجي ويو.
جنگ جو پهريون ڏينهن گذري ويو.
شام جو خالد بن وليد رٿابندي ڪئي.
پنهنجن سپاهين جو هڪ حصو رزرو ڪري پويان ڇڏيو، جتي ڪنهن جي مَٿن نظر نه پوي، پوءِ ضرورت پوڻ تي هو وڏي جوش ۽ خروش جو مظاهرو ڪندي، بنا ڪنهن رنڊڪ جي طئي ٿيل وقت تي خالد بن وليد جي اشاري تي پهچن.
ايئن ئي ٿيو.
پويان رزرو بڻائي ڇڏيل دستو جڏهن عين جنگ جي حالت ۾ وڏي ڌڌڙ اُڏائيندو تازي تواني دستي جيان ٽپندو ڪُڏندو وِڄ وانگر وراڪا ڪندو پهتو ته دشمن سمجهيو ته مسلمانن کي تازي ڪمڪ پهچي ويئي آهي.
دشمن هَڄي پويان هٽيو.
پوءِ خالد بن وليد ساڳئي گهوڙيسوار دستي سان اهڙي ته مهارت ۽ جارحاڻي طريقي سان دشمن کي ڊيڄاريو ۽ مهارت سان پاڻ کي بچائيندي دشمن جي ڪمزور پاسي وڙهندي پويان هٽيو جو دشمن سمجهيو ته هاڻ ڪنهن ٻي پاسي کان وار ٿيندو.
دشمن ڇڙ وڇڙ ٿيو.
ته خالد بن وليد پنهنجن سپاهين کي هڪ ڀُوائتي منظر مان ڪڍي، وٺي آيو.
بظاهر ته ٽي جليل القدر صحابي، ٽي امير شهيد ٿيا هئا، پر مجموعي طور تي مسلمانن جا دشمن جي ڀيٽ ۾ گهٽ ماڻهو مُئا. شهيد ٿيندڙ مسلمان جو تعداد فقط ٻارهن هو. جڏهن ته ٽن هزارن جي لشڪر جو مقابلو هڪ لک فوج سان هو، ڪن لکندڙن اهو انگ ٻه لک به لکيو آهي.
رومي فوج منتشر ٿي ته خالد بن وليد جنگي مصلحت تحت سندن پيڇو نه ڪيو.
جنگ جو هدف/مقصد پنهنجي سگهه ڏيکارڻ ۽ دشمن کي اهو باور ڪرائڻ هو ته هِنن ناحق هڪ پُرامن رستي تي آيل سفير کي قتل ڪيو، جيڪو ڪنهن به حالت ۾ سَهپ جوڳو عمل نه آهي.
پيغام بنهه چٽو هو.
دشمن کي خبر پئجي ويئي.
کين آئنده ڪا اهڙي شرارت ڪرڻي ڪونهي.
نه رڳو اهو، پر دشمن اهو به سمجهي ويو ته هاڻ سندن علائقا مسلمانن جي پهچ کان پري ۽ محفوظ نه آهن، تنهن ڪري هو پويان هَٽي ويا.
مسلمان رياست جي نئين حد بندي ٿي ويئي،
جيڪا مُردار سمنڊ جي ڪناري تائين هئي.
جنهن جي کاٻي پاسي مصر هو.
ساڄي طرف قسطنطنيه.
تبوڪ رستي ۾ رهجي ويو هو.
مسلمان لشڪر عقبه ۽ ايليا جي بندرگاهن وٽان لنگهي ويو هو.
اسلامي رياست جون اُتر اولهه ۾ حدون مقرر ٿي رهيون هُيون
اُن معرڪي ۾ عرب قبيلن تي، مسلمانن جو ڌاڪو ويهي رهيو
کين احساس ٿي ويو ته مسلمان ڪنهن ناحق زيادتيءَ کي نٿا سَهن.
اُن لاءِ جيڪي سوا هزار ڪلوميٽر پري وڃي قيصر روم سان وڙهي سگهن ٿا، سي اسان جي ڪنهن ڪوتاهيءَ تي اسان کي ڪين بخشيندا. تنهن ڪري سندن ڪنهن سفير يا شهريءَ کي تنگ ڪرڻ جا خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا.
غطفان، زيبان، بنو سليمه، خزاره ۽ اشج جهڙن ڪيترن ئي قبيلن جا ذيلي قبيلا جيڪي اڪثر مسلمانن سان وڙهندا رهندا هئا، اهي يا ته مسلمان ٿي ويا، يا حليف بنجي ويا.
قيصر روم جي ماتحت وڙهندڙ عرب فوجن جي سالار فزده عمرو الجذاميءَ اسلام قبولي ورتو. سزا طور قيصر روم کيس قتل ڪرائي ڇڏيو.
پر ماڻهن ۾ ان جو گهڻو اثر پيو، هو اسلام جي ويجهو اچي ويا.
مسلمانن جي لاءِ واپاري رستا وڌيڪ محفوظ ٿي ويا.
اڳتي هلي اهاسئي جنگ بازنطيني- رومي سلطنت جي فتحن جي سلسلي ۾ وڙهيل جنگين جو شاندار پيش خيمو ثابت ٿي ۽ ان جنگ مان حاصل ٿيل تجربن جو نکار ايندڙ جنگين ۾ سوڀن جي ڪامياب حڪمت عملي بڻيو.
فوج واپس مديني موٽي آئي.
آقا ﷺ پاڻ شهر کان ٻاهر نڪري فوج جو استقبال ڪرڻ لاءِ بيٺا هئا.
اُن جنگ ۾ سيدنا خالد بن وليد کي ”سيف الله“ جو خطاب مليو، جيڪو ڪنهن ٻي سپهه سالار کي مِلي نه سگهيو. اُن ئي جنگ ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم جو سڀني کان لاڏلو غلام، جنهن کي آقا صلي الله عليھ وسلم پنهنجو پُٽ چيو هو، سيدنا زيد بن حارث هميشه لاءِ آقا صلي الله عليھ وسلم جي سامهان پري ٿي ويا. سواءِ سندن اکين ۾ جتي سندن چهرو سدائين نظر ايندو هو. زيد جي موت کان پوءِ پاڻ سڳورن زيد جي حصي جو پيار به زيد جي پٽ اُسامه بن زيد کي ڏنو، جيڪو انهن ڏينهن پيدا ٿيو هو، جڏهن آقا صلي الله عليھ وسلم تي پهرين وحي آسمان تان لٿي هئي.
هو قرآن جي عمر جيڏو هو.
جمادي الاول اٺين هجريءَ ۾ جڏهن اهو لشڪر روانو ٿيو ته اسامه ايڪيهن سالن جو هو ۽ ايڪيهه سال پهرين آقا صلي الله عليھ وسلم جي چائنٺ تي پهريون ڀيرو آسمان مان جبرائيل عليھ السلام لٿا هئا، تڏهن آقا صلي الله عليھ وسلم چاليهن ورهين جا هئا. آقا صلي الله عليھ وسلم وٽ زيد سان گذريل زندگيءَ جي ساروڻين ۾ شايد سڀ کان وڏي ياد طائف جي سفر جي هئي.
جڏهن آقا صلي الله عليھ وسلم جي جسم ڏانهن ايندڙ پٿرن کي ’زيد بن حارث‘ پنهنجي جسم جي ڍال سان روڪيندو رهيو.
هن ڀيري به زيد ڍال بنجي قيصر روم جو رُخ مديني کان مُوڙيو هو.
غلام ته آقا صلي الله عليھ وسلم جي لاءِ هڪ ڍال ئي هوندو آهي.

سيدنا عمرو بن عاصرضه

سيدنا عمرو بن عاصرضه

موته جي جنگ کان ٻه مهينا اڳ خالد بن وليد ۽ عمرو بن عاص هڪئي ڏينهن مڪي مان مديني پهچي مسلمان ٿيا هئا. موته جي جنگ ۾ خالد بن وليد کي فوج جي ڪمان مِلي ۽ اُن جنگ کان ٻه هفتا پوءِ عمرو بن عاص کي به آقا صلي الله عليھ وسلم هڪ مهم جو امير بنائي روانو ڪيو.
اها فوجي مهم ٽن سئو سپاهين تي ٻَڌل هئي.
۽ اُن مهم جو نشانو، مديني کان تبوڪ ڏانهن ويندڙ وارياسي رستي کان هٽي ڳاڙهي سمنڊ جي ڪناري ”ضبا“ بندرگاهه وٽ، ساحلي علائقي ۾ هڪ چشمي ”سلاسل“ جي ڀرسان رهندڙ قبيلن کي سيکت ڏيڻ هو.
”سلاسل“ چشمي جي ڪري اُن مهم کي تاريخ جي صفحن ۾ ”ذات سلاسل“ جو نالو ڏنو ويو. اُن جي اهميت هيئن آهي ته جيڪي قبيلا مديني جي خلاف گڏ ٿي رهيا هئا. انهن مان هڪ وڏو قبيلو ”بلي“ هو، جيڪو سيدنا عمرو بن عاص جي ”امڙ“ جو قبيلو هو.
عربستان ۾ والده جي حوالي سان مِٽن مائٽن سان هڪ والهاڻون پيار هوندو آهي ۽ ماءُ جا مٽ مائٽ اڪثر ڀاڻيجن جي طرف داري ڪندا آهن.
اُن ڪري آقا صلي الله عليھ وسلم کي مُهم جو امير چونڊڻ ۾ دير نه لڳي.
آقا ﷺ هڪ نئين پر انتهائي تجربيڪار سالار کي چونڊي ورتو.
ايئن آقا ﷺ جي نظر داريءَ ۾ عمرو بن عاص جي تربيت به ٿيندي.
۽ اُن خاص موقعي تي، سندس نسبت سان انهن قبيلن سان جنگ کي ٽاري امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سندس مِٽي مائٽيءَ سان لاڳاپيل امڪانن کي به موقعو ڏيڻ شامل هو.
بهرحال، آقاﷺ جي سمجهه ۾ ڏاهپ جو ڪو هڪ پَرت ٿورو ئي ڪو هو.
سندن فراست نبوي، سمجهه ۽ دور رس نظرون ايندڙ ڏينهن جو جيڪو منظر نامو ڏسي رهيون هُيون، ان جي لاءِ تياري ۽ ماڻهن جي سکيا لازمي هئي،
ٽن سئو ماڻهن جو لشڪر روانو ٿيو،
اها جمادي الاآخر اٺين هجريءَ جي ڳالهه آهي.
مڪي جي فتح کان ڪجهه مهينا اڳ
رات جو سفر ڪرڻ ۽ ڏينهن جو لڪي ويهڻ جو حڪم هو.
ٻٽيهه گهوڙا به گڏ هئا.
محاذ تي پهتا ته ڏٺائون، دشمن اندازي کان به وڌيڪ سپاهي گڏ ڪيا هئا.
سيدنا عمرو بن عاص هڪ محتاط ۽ تجربيڪار سالار هو.
هُن وڌيڪ سپاهي موڪلڻ جي لاءِ نياپو مُڪو.
آقا صلي الله عليھ وسلم ٻن سئو سپاهين تي ٻڌل لشڪر قديمي اصحابي سيدنا ابو عبيده بن جراح جي ڪمان ۾ روانو ڪيو. هي اهو ئي جليل القدر اصحابي آهي، جنهن احد جي جنگ ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم جي حفاظت ڪئي هئي ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم جي مُبارڪ ڳل ۾ ڦاٿل لوهي خود جود ڪڙيون پنهنجن ڏندن سان ڪڍڻ مهل پنهنجا ٻيئي ڏند آقا صلي الله عليھ وسلم تي قربان ڪري ڇڏيا هئا.
جڏهن ته جنهن نئين امير جي ڪمان ۾ اها ڪمڪ وٺي وڃي رهيو هو، اهو احد جي جنگ ۾ دشمن جي فوج جو بُرج هو، پر حڪم ته آقاﷺ جو هلندو هو.
هلي ٿو،
آقا صلي الله عليھ وسلم کين روانو ڪندي فرمايو هو:
گڏجي ڪم ڪرڻون آهي... سهمت رهڻون آهي ۽ اختلاف ڪرڻون ڪونهي.
اها ذميداري وڏي جي حوالي ٿي.
اصول طئي ڪيو ويو
جيڪو مقام، مرتبي ۽ سُڌ سمجهه ۾ وڏو هجي، اهو اها ذميداري نبا هي ۽ نئين ايندڙ کي جيڪڏهن آقا صلي الله عليھ وسلم ڪو ڪم سونپيو آهي ته کيس ان سان سهمت رهڻون آهي.
نون ايندڙن جي تربيت ته پراڻا ئي ڪندا آهن.
اُن ئي سيدنا عمرو بن عاص جي هٿان هڪ ڏينهن مصر فتح ٿيڻو هو.
۽ اها ڳالهه شايد آقا صلي الله عليھ وسلم جي سمجهه ڏسي چڪي هئي.
۽ جنهن عمرو بن عاص کي، مصر فتح ڪرڻ جي لاءِ موڪلڻو هو، ان کي شايد اُن ڪري موڪليو ويو هو ته هو شايد اهو مشاهدو ڪري وٺي ته ان وقت کيس پنهنجو سالار چونڊڻ ۾ سهولت رهي.
سيدنا عمرو بن عاص اسلام ۾ سيدنا ابو عبيده بن جراح جي عظيم مرتبي کان واقف هو.
پُڇيائينس: اوهين سپهه سالار بنجي آيا آهيو يا مددي لشڪر وٺي.
سيدنا ابو عبيده بن جراح چيو: مددي لشڪر وٺي.
اهو چوڻ کانپوءِ سيدنا ابو عبيده بن جراح ڪجهه مهينا اڳ مسلمان ٿيل عمرو بن عاص جي اُمامت ۾ نماز پڙهندو رهيو، نه رڳو اهو، پر سيدنا ابو عبيده بن جراح جي ٻن سئو ماڻهن تي ٻَڌل مددي لشڪر ۾ کانئس به عظيم اصحابي موجود هئا، جن ۾ سيدنا ابوبڪر ۽ سيدنا عمر بن خطاب به شامل هئا.
آقا صلي الله عليھ وسلم کي مسلمانن کي اها ڳالهه سمجهائڻي هئي ته امير جي اطاعت ضروري آهي ۽ اُن حڪم جي تعميل لازمي آهي، جيڪو آقا ﷺ ڏنو هجي.
اهو ڪو وڏو معرڪو نه هو، بس دشمن کي سيکت ڏيڻي هئي، سا ڏني ويئي.
هڪ مختصر جنگ ٿي، دشمن پُچ پائي ڀڄي ويو. عمرو بن عاص، فتح جي خوشخبري آقا صلي الله عليھ وسلم کي ترت پهچائڻ لاءِ آقا صلي الله عليھ وسلم جي خدمت ۾ ماڻهو روانو ڪيو، پاڻ لشڪر جون واڳون مديني ڏانهن مُوڙيائون.
کين خبرهئي ته آقا صلي الله عليھ وسلم، پنهنجن ماڻهن جي تربيت ڪرڻ وقت ڪڏهن امير مقرر ڪندا آهن ته ڪڏهن امير جو سپاهي. ڇو ته فوجي سکيا ۾ ڪمانڊ، اسٽاف ۽ ريسرچ جي هر مرحلي تي، هر رينڪ ۽ پوزيشن تي رهڻ جي صلاحيت ۽ تجربو فائدو ڏيندو آهي.
آقا صلي الله عليھ وسلم هڪ ڀيري فرمايو هو.
”ماڻهو سُون ۽ چانديءَ جي کاڻين وانگر هوندا آهن،
جيڪي ماڻهو جاهليت ۾ بهتر هئا، اسلام آڻڻ کان پوءِ به اِهي بهتر رهندا. جيڪڏهن کين دين اسلام جي صحيح سمجهه اچي وڃي.“

مڪي جي فتح: قريشن پاران ٺاھه جي ڀڃڪڙي

مڪي جي فتح: قريشن پاران ٺاھه جي ڀڃڪڙي

صلح حديبيه کي ٿيندي پوڻا ٻه سال ٿي چُڪا هئا.
مڪي کان مديني هجرت جو اٺون سال هو.
اها شعبان اٺين هجريءَ جي ڳالهه آهي، جڏهن قريشن ”صلح حديبيه“ جي ٺاهه جي خلاف ورزي ڪئي، امن ٺاهه کي پٺتي اُڇلي ڇڏيائون.
ٿيو هيئن ته مسلمانن جي حليف قبيلي ’بني خزاعه‘ تي رات جي وڳڙي ۾ قريش جي حليف قبيلي ’بنو بڪر‘ان مهل حملو ڪري ڏنو، جڏهن اهي پنهنجي علائقي جي اندر ”وتير“ نالي کوهه وٽ نخلستان ۾ سُتا پيا هئا.
انهن جا ويهه همراهه قتل ٿي ويا.
ٻيئي قبيلا مڪي جي آسپاس ئي رهندا هئا.
ٻنهي قبيلن ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ هو.
پر ”صلح حديبيه“ جي ’امن ٺاهه‘ کان پوءِ ٻنهي تي قريشن ۽ مسلمانن وانگر هڪٻئي جو احترام واجب هو- نه رڳو اهو، پر قريش قبيلي جي ڪن اهم سردارن پنهنجي قبيلي بنو بڪر کي روڪڻ بدران، ساڻن گڏجي اهو ”راتاهو“ هنيو ۽ کين هٿيار پنهوار پهچايا. اُنهن سان گڏ به ويا. صفوان بن اُميه، شيبه بن عثمان، سهيل بن عمرو، حويطب بن عبدالعزيٰ ۽ مڪرز بن حفص ته پنهنجا هٿيار به بنو بڪر کي ڏنا ۽ قريشن پنهنجن ڪجهه همراهن کي حملي آورن سان گڏ به موڪليو. بنو خزاعه وارا جان بچائڻ لاءِ ڀڄندا حرم ۾ ويا. اُتي به کين پناهه نه ملي. ڪي وري ڊپ سبب ڀڄندا مڪي جي رئيس ’بديل بن ورقه خزاعيءَ‘ جي گهر ۾ گهڙيا ته جيئن بچي وڃون، پر قريش ۽ بنو بڪر وارن اُن گهر ۾ گهڙي به کين ماريو ۽ لُٽيو.
هو اهو سمجهندا رهيا ته اهو مڪي ۽ حرم جو معاملو آهي، مدينو گهڻو پري آهي.
پر خبر مديني پهچي ويئي.
بنو خزاعه جو سردار، آقا صلي الله عليھ وسلم جو حليف، عمرو بن سالم، پنهنجن چاليهن مظلوم ساٿين کي وٺي مديني پهتو.
آقا ﷺ مسجد نبويءَ ۾ پنهنجن اصحابين سان گڏ ويٺا هئا.
عمرو بن سالم پنهنجي مٿي تي ٻڌل پَٽڪو لاهي پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهي پنهنجن ماڻهن جي مظلوميت ۽ قريش پاران بنو بڪر سان گڏجي مٿن ڪيل ظلم بيان ڪرڻ لڳو.
صلح حديبيه جو شرط ياد ڏياريو.
ڳالهيون سڀ شعرن ۾ چيائين.
هڪ شعر هن ريت هو:
هم بيتو نا بالو تير هجدا
وقتلونا رڪعا و سجدا.
[هُنن اسان تي ’تير‘ چشمي وٽ سُتل حالت ۾ رات جي اونداهيءَ ۾ حملو ڪيو ۽ اسان کي رڪوع ۽ سجدي جي حالت ۾ قتل ڪيو]
جيتوڻيڪ هو پاڻ مسلمان نه هو، پر سندس قبيلي خزاعه جا قتل ٿيندڙ ڪيترائي ماڻهو مسلمان به هئا. هُن پنهنجي ڪٿا سُڻائي مدد جي لاءِ پڪاريائين.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو.
”اي عمرو بن سالم- تنهجي مدد ڪئي ويئي.“
آقا صلي الله عليھ وسلم آسمان طرف ڏٺو، نيري آسمان تي ڪڪر جو هڪ ٽڪرو سُنهري ٿي رهيو هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم ڪڪر تي نظر وڌي ۽ فرمايو.
”هي ڪڪر تنهنجي مدد جي بشارت سان چمڪي رهيو آهي.“
مظلوم سردار عمرو بن سالم جي چهري تي آسمان مان لهندڙ سنهري ڪرڻن ۾ اُميد قائم ٿي ۽ هن ٻيهر مدد جو مطالبو ورجايو.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو.
”تيسين منهنجي مدد نه ڪئي وڃي... جيسين تنهنجي مدد نه ڪريان.“
پوءِ واقعي جا سڀ تفصيل پُڇيائون.
ان دوران بديل بن ورقه خزاعي به هڪ وفد وٺي اهائي شڪايت کڻي مديني پهتو ۽ عمرو بن سالم جي چيل سڀني ڳالهين جي تصديق ڪيائين. واقعي جا سڀ تفصيل ٻُڌائي، ثبوت ڏنائين ته قريشن ڪهڙي طريقي سان اُن ڏوهه ۾ سهڪار ڪيو.
آقا صلي الله عليھ وسلم قريشن کي نياپو موڪليو.
ٽي شرط لکي چيائون ته انهن مان ڪنهن هڪ تي عمل ڪريو.
خزاعي مقتولين جي ديت ادا ڪريو.
يا پنهنجي حليف بنو بڪر کان ڌار ٿي وڃو.
يا.. صلح حديبيه جي ختم هئڻ جو اعلان ڪريو.
قاصد نياپو پهچائي ڇڏيو.
قريشن ته ”اَنا“ جي جبل تي چڙهي ويٺا هئا.
اُنهن ۾ قرطعه بن عمرو، قريشن جي زبان بڻجي آڪڙيو ويٺو هو.
چيائين:
’اسين نه مَرندڙ جي ديت ادا ڪنداسين
نه وري پنهنجي حليف بنو بڪر سان ناتو ٽوڙينداسين.
هائو، اوهان جو ٽيون شرط منظور اٿئون، اسين امن جي معاهدي صلح حديبيه کي ختم ڪرڻ تي راضي آهيون.
جيڪو ڪرڻون اٿوَ سو ڪريو.‘
قاصد اهو ٻُڌي واپس مديني موٽي آيو.
جڏهن ابو سفيان بن حرب، معاملي جي سنگيني، مسلمانن جي سنجيدگي ۽ پنهنجي دفاعي حيثيت جو احساس ڪيو ته ڊڄي ويو.
کيس مسلمانن جي طاقت جو اندازو هو.
ڊپ سبب ڏڪڻ لڳو.
ڀَڄندو اڪيلو مديني آيو.
رستي ۾ کيس مديني مان بَديل بن ورقه واپس ورندي نظر آيو.
کانئس پڇيائين: تون اسان جي شڪايت ڪرڻ جي لاءِ ته مديني ڪونه ويو هُئين؟
هن ڳالهه ٽاري ڇڏي.
ابو سفيان هن جي اُٺ جون پولڙيون هٿ ۾ کڻي مَهٽي ڏٺيون ته اندران کجين جون ککيون نڪتيون. سمجهي ويو ته هو مديني مان ئي موٽيو آهي، لازمي طور تي تفصيل سان اسان جي شڪايت مديني پهچي ويئي هوندي.
هُن جو ڊپ وڌي ويو.
سواريءَ جي رفتار اڃا به وڌائي ڇڏيائين.
ابو سفيان مديني پهچي ويو.
اڪيلو ئي اڪيلو. بي وس اندران ٽٽل ڦٽل.
اُن شهر ۾ جتي احد جي جنگ ۾ هن ستر مسلمان شهيد ڪيا هئا. جتي سندس اکين جي اڳيان آقا صلي الله عليھ وسلم جي پياري چاچي،دوست، خدا ۽ رسول الله صلي الله عليھ وسلم جي شينهن امير حمزي جو سينو چيري جگر ڪڍيو ويو هو. سندس زال هنده آقا ﷺ جي دل جي ٽڪري جو جگر وات ۾ وجهي ڏندن سان چٻاڙيو هو. اُن شهر ۾ اڄ هو هٿين خالي امن جي خيرات وٺڻ آيو هو. هي اهو ئي شهر هو، جنهن جو هن جنگ خندق ۾ مهيني تائين گهيرو ڪيو هو ۽ سڄي عربستان مان لشڪر ميڙي هُن شهر کي گهيري ۾ رکيو هو. اُن شهر کي پاڙئون پٽي ختم ڪرڻ جي سندس ڪوشش گهڻي پُراڻي نه هئي. پوڻا ٽي سال اڳ جي ته ڳالهه هئي.
پر هاڻي وقت بدلجي ويو هو.
مسلمان مضبوط ٿي چڪا هئا.
خيبر جا قلعا ۽ اُتي جا باغ، محل ۽ ماڙيون مسلمانن جي قبضي ۾ هيون.
مديني جي چئني ڏسائن جي سڀني واپاري رستن تي مسلمانن جو ڪنٽرول هو.
آسپاس جا سڀئي قبيلا مسلمانن جا ساٿاري هئا.
پري پري تائين، چئني طرفن مسلمانن جو ڌاڪو ويٺل هو.
قريش هاڻ بنو بڪر جهڙن ڪجهه ايڪڙ ٻيڪڙ شرارتي کانسواءِ باقي ٿورن ئي عرب قبيلن جا اتحادي ۽ حليف وڃي بچيا هئا. هُنن جا پراڻا سردار مري چڪا هئا. نوان سالار ۽ سردار سندن ساٿ ڇڏي مسلمانن سان گڏجي ويا هئا. مڪي ۾ قريش جي هوا نڪري چڪي هئي. هو ڪيئن نه ڊڄي ها، سندس اندر ڇيهون ڇيهون ٿي چڪو هو، پر پوءِ به هو قريش ۽ ڪنانه جو سردار هو. پنهنجي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي بچائڻ لاءِ، جنهن ۾ هو سوار هو ۽ اُن ۾ سوراخ ٿي چڪو هو، هن جي منهن تي ”انا“ جو نمائشي وقار ۽ دٻدٻو چڙهيل هو. پنهنجي ڳري بُت ۽ آڪڙيل ڪنڌ سان، ريشمي قبا جي ڦڙ ڦڙائيندڙ پلئه کي بار بار جهليندي، ڇڏيندي، پنهنجو جلال ۽ سرداري ڏيکاريندي هو مديني جي گهٽين ۾ ڦرڻ لڳو.
ماڻهن کيس سُڃاڻي ورتو.
سندس خيال هو ته ماڻهو ڀَڄندا ايندا
کيس کيڪاريندا
پر ڳالهه اُبتي ٿي.
جنهن به ڏٺس ٿي، تنهن مُنهن ڦيري ٿي ڇڏيو، ڄڻ ته هو ڪنانه جو سردار نه، پر ڪجهه به نه هو.
ٺڪر ڀتر هُجي..
کيس ايئن اگنور ٿيڻ، تلوار جي گهاءُ کان به وڌيڪ وڍڻ لڳو.
مديني ۾ سندس ڌيءُ جو گهر هو.
سندس نياڻي سيده اُم حبيبه، آقا صلي الله عليھ وسلم جي گهر واري هئي.
هوءَ پراڻي مسلمان هُئي. پنهنجي پيءُ جي شرارت کان محفوظ رهڻ جي لاءِ مڪي کان حبشه طرف پنهنجي گهر واري سان گڏ هجرت ڪري ويئي هئي. اُتي سالن تائين ڏکي زندگي گذاريائين. سندس گهروارو اُتي عيسائي ٿي مري ويو. بيوه بنجي ويئي، آقا صلي الله عليھ وسلم سان سندس نڪاح خود بادشاهه سيدنا نجاشيءَ پڙهايو. حق مهر جا چار سئو درهم به آقا صلي الله عليھ وسلم پاران پاڻ ئي ادا ڪيائين ۽ نهايت ادب ۽ احترام سان سيده کي آقا صلي الله عليھ وسلم ڏانهن مديني روانو ڪيائين.
اُن ئي ڌيءَ اُم حبيبه جي دروازي کي هاڻ ابو سفيان پناهه جي لاءِ کُڙڪايو.
ڌيءَ دروازو کوليو. پر ابو سفيان کي ويهڻ جي لاءِ نه چيو ته هو پاڻ ئي هڪ وڇايل چادر تي ويهڻ لڳو ته سيده اُم حبيبه جهڙپ ڏيئي اها چادر کسڪائي ورتي.
ابو سفيان ويهندي ويهندي بيهي رهيو ۽ پيرن ڀَر بيٺو رهيو. پنهنجي اها بي عزتي ڏسي چيائين:
ڌيءَ! هي هنڌ منهنجي ويهڻ جي قابل ڪونهي يا آءٌ هن تي ويهڻ جي لائق نه آهيان؟
سيده وراڻيو: هي هنڌ آقا صلي الله عليھ وسلم جو آهي. الله جي رسول جو آهي، تون اُن جي لائق نه آهين ته اُن تي ويهين.
ابو سفيان ٿڪل ٽنگن سان پنهنجي مُڇن کي مروڙيندي شرمساريءَ مان پنهنجي ڏاڙهي کنهندي چيو:
ڌيءَ! تون مون کان پوءِ شَر ۾ مبتلا ٿي ويئي آهين.
سيده وراڻيو.
شر ۾ آءٌ نه پر اوهان آهيو. اڃا تائين اُنهن بُتن کي پوڄيو ٿا، جيڪي نه سُڻي سگهن ٿا ۽ نه ڏسي سگهن ٿا. جيتوڻيڪ تون ڪنانه جو سردار آهين.
ابو سفيان ڌيءَ تي ڪاوڙيو ۽ پوءِ ڪاوڙ مان دروازو کولي ٻاهر نڪري ويو.
هاڻ کيس سمجهه ۾ نه پي آيو ته ڇا ڪري؟
آقا صلي الله عليھ وسلم مسجد نبويءَ ۾ ويٺا هئا.
اوڏانهن ڀڳو.
مسجد ۾ موجود سڀني اصحابين کيس ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري ڇڏيو.
هُن بار بار پنهنجو تعارف ڪرايو.
آءٌ ابو سفيان بن حرب، قريشن جو سردار، ڪنانه جو تاجدار آهيان.
مون سان ڳالهايو،
پر ڪنهن به مُنهن نه ڏنس
هو پنهنجي قبا کي سنڀاليندو، جهليندو، ڇڏيندو، هَڄيو، مسجد نبويءَ جي اندر ويو.
آقا صلي الله عليھ وسلم جي روبرو ٿيو
آقا صلي الله عليھ وسلم مُنهن ڦيري ڇڏيو
هُن ڪيترائي ڀيرا ڳالهه ڇيڙي
آقا صلي الله عليھ وسلم ڪوبه جواب نه ڏنس
هو هر هر چوندو رهيو. آءٌ پنهنجي ٺاهه تي قائم آهيان
صلح جو وقت وڌائڻ آيو آهيان.
پر نه ديت ادا ڪرڻ جي ڳالهه ٿي ڪيائين، نه بنو بڪر سان ناتو ٽوڙڻ جي.
ساڻس ڪير ڳالهائي به ته ڇو؟
جڏهن آقا صلي الله عليھ وسلم ئي کيس نه پي ٻُڌو ته ٻيو وري ڪير کيس ٻُڌي ها.
هو اڪيلو ئي ڳالهائيندو، رڙيون ڪندو، وڦلندو، مايوس ٿي نڪري ويو.
۽ سيدنا ابوبڪر وٽ پهتو
هُو به ماٺ-
کيس ڪوبه جواب نه مليو.
سيدنا عمر بن خطاب ڏانهن ويو ته صلح نامي کي ايئن ختم ٿيڻ نه ڏيو.
سيدنا عمر جون مُڇيون، ابو سفيان کان به وڏيون هُيون، مڇيون وٽيندي چيائين.
جيڪڏهن مون وٽ لوهه جي بدران هڪ تلڙ وڃي بچي ته به آءٌ اوهان سان وڙهندو رهندس.
ابو سفيان ته اڳ ۾ ئي ڊنل هو. سيدنا عمررضه جي ڳالهه سُڻي سندس پيرن هيٺان زمين ئي نڪري ويئي. ڀَڄندو سيدنا عليءَ جي دروازي تي پهتو.
دروازو کليو
اندر وڃي ليلائڻ لڳو. چيائين: علي! تون منهنجو ويجهو مائٽ آهين. ڪو اهڙو طريقو ڪڍ جو مون کي هٿين خالي نه ورڻون پوي. تون آقا صلي الله عليھ وسلم وٽ منهنجي سفارش ڪر.
سيدنا عليءَ چيس:
ابو سفيان توتي افسوس ا ٿم.
رسول الله صلي الله عليھ وسلم جيڪو ارادو ڪري ورتو آهي، اسين اُن جي باري ۾ ڪا ڳالهه ڪري نٿا سگهون.
پوءِ ابو سفيان خاتون جنت سيده فاطمه سان مخاطب ٿيو
چيائين:
اوهين پنهنجي ڇهن سالن جي پُٽڙي حسن کي حڪم ڏيئي سگهو ٿيون ته هو اسان جي وچ ۾ پناهه ڏيڻ جو اعلان ڪري سدائين جي لاءِ عربستان جو سردار بڻجي وڃي.
سيده فاطمه وراڻيو: والله! رسول الله ﷺ جي هوندي ٻيو ڪير ٿو اهڙي جرئت ڪري سگهي. ٻيو ته منهنجو پُٽڙو اڃا صفا ننڍو آهي.
ابو سفيان پريشانيءَ مان هٿ مَهٽڻ لڳو.
کيس سمجهه ۾ نه پي آيو ته ڇا ڪري.
سيدنا عليءَ فرمايو: معاملو گهڻو سنگين ۽ نازڪ آهي.
ڇا ڪريان؟ مون کي صلاح ڏي.
سيدنا عليءَ فرمايو: منهنجي سمجهه ۾ ته ڪجهه به نه پيو اچي. البته تون ’بنو ڪنانه‘ جو سردار آهين. شهر ۾ ماڻهن جي وچ ۾ بيهي امان جو اعلان ڪر ۽ پوءِ واپس موٽي وڃ.
ابو سفيان پُڇڻ لڳو:
علي! ڇا تون سمجهين ٿو ته منهنجي ڳالهه ڪارگر ٿيندي؟
نه- سيدنا عليءَ صاف چئي ڇڏيو، پر اُن کانسواءِ ٻي ڪا صورت به نظر نٿي اچي.
ابو سفيان جا اعصاب جواب ڏيئي چڪا هئا.
هو ماٺڙي ڪري دروازو کولي ٻاهر نڪتو.
مسجد نبويءَ جي سامهون، شهر جي چونڪ ۾ جتي ماڻهن ڏانهس منهن ورائي به نه ڏٺو، هو وڏي آواز ۾ اعلان ڪرڻ لڳو:
”ماڻهو! آءٌ ابو سفيان بن حرب ڪنانه جو سردار صلح جي مدت وڌائڻ ۽ ان جي تجديد ڪرائڻ جو اعلان ٿو ڪريان.“ اهو چئي هو اٺ تي چڙهي ويٺو ۽ ان جي پيٽ تي پير هڻي واڳ ڇڪي، ناڪام ۽ نامراد مديني مان نڪري مڪي ڀڄي ويو.
هُن جي ڀڄڻ جي رفتار، خندق جي جنگ جي آخر ۾ ايندڙ ڀُوائتي طوفان کان ڊڄي ڀڄڻ جي رفتار کان به تکي هئي. واپس موٽي هن پنهنجن قريشي سردارن کي سڄي ڳالهه ڪري سُڻائي ۽ عليرضه جي چوڻ تي جيڪو اعلان ڪيو هئائين، اهو به ٻُڌايائين. سردار مرڪيا ۽ چيائون:
ابو سفيان! عليرضه توسان مشڪري ڪئي آهي.
محمد ﷺ جي رضامنديءَ کانسواءِ تون ڪيئن مطمئن ٿي ويو آهين.
نه صلح جي خبر آندي اٿئي، جو اسين مطمئن ٿيون، نه جنگ جو تازيانو آندو اٿئي جو اسين تياري ڪريون.
ابو سفيان مڃيو: خدا جو قسم اُن کانسواءِ ٻي ڪا صورت بنجي نه سگهي.
هاڻ هو سڀ مَٿو مَٿي سان ڏيئي ويهي سوچڻ لڳا
هاڻي ڇا ٿيندو؟
ٿيندو اهو ئي جيڪو خدا فيصلو ڪري چڪو هو.
ٻه سان اڳ... صلح حديبيه جي موقعي تي جنهن ’فتح مبين‘ جو اشارو ٿيو هو
اها گهڙي اچڻ واري هئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم دل ۾ پڪو ارادو ڪري ورتو، پر اهو زبان تي نه آندائين.
تياريون شروع ٿي ويون.
تلوارن جي ٺهڻ ۾ تيزي اچي ويئي، ڍالن ۽ زرهن جي مرمت ٿيڻ لڳي. گهوڙا خريد ڪيا ويا. آهني خود سنوارجڻ لڳا. گهوڙيسوارن جا لباس نکارجڻ لڳا. جنگ ۾ جنهن جنهن شئي جي گهرج پوندي هئي، اها گڏ ٿيڻ لڳي.
پر جنگ ڪٿي ٿيندي؟
لشڪر جو رخ ڪهڙي پاسي هوندو؟
نشانو ڪير بنجندو؟
اهو سڀ راز ۾ رکيو ويو.
اُن حد تائين جو ماڻهن جو خيال مڪي ڏانهن نه وڃي، آقا صلي الله عليھ وسلم نجد ۽ ٻين طرفن گشتي جٿا روانا ڪيا. ماڻهن کي جنگ جون تياريون نظر اچڻ لڳيون. جنگ کان اڳ جاسوسي پارٽيون جڏهن اُنهن پاسن وينديون هيون ته ماڻهو سوچڻ لڳا ته شايد نجد ۾ غطفان سان وڙهڻو پوندو.
شايد شام طرف هلڻو پوي.
ڪهڙي خبر موته ڏانهن نڪرجي
رازداري اُن حد تائين رکي ويئي جو آقا صلي الله عليھ وسلم جو يار غار سيدنا ابوبڪر پنهنجي نياڻي سانئڻ عائشه کان پُڇڻ لڳو ته ڌيءَ! ڪا خبر اٿئي ته آقا صلي الله عليھ وسلم ڪهڙي پاسي جنگ جي تياري پيو ڪري؟
سيده عائشه به بي خبر هئي. ڇا ٿي سُڻائي سگهي.
تياري مڪمل ٿي ويئي
هاڻ روانگيءَ جو وقت اچڻ وارو هو
مٿان رمضان جو مهينو اچي سَهڙيو
10هين رمضان، اٺين هجري، 22 ڊسمبر 624 هين تي روانگي ٿيڻي هئي
آقا صلي الله عليھ وسلم وٽ آسمان مان هڪ خبر پهتي
جبرائيل عليھ السلام اچي ڪجهه سُڻايو.
آقا صلي الله عليھ وسلم سيدنا علي، زبير بن عوام ۽ مقداد کي سڏايو
حڪم ڏنائين
گهوڙا ڊوڙائيندا هڪدم مڪي جي واٽ وٺو. ۽”فاخ باغ“ وڃجو. اُتي هڪ اٺ تي سوار عورت ملندي، اُن وٽ هڪ خط هوندو جيڪو کانئس کسي اچو.
آقا صلي الله عليھ وسلم جو حڪم
پروانا روانا ٿي ويا.
باغ جو مفاصلو ٻارهن ميل هو. ’فاخ باغ‘ ۾ انهن پارن واري عورت ملي ويئي، نالو ساره هئس، اُن جو اٺ ويهاري جڙتي ورتائون، ڪجهه به نه مليو.
بار بار جڙتي ورتائون
هر ڀيري مايوسي ٿي.
ٽيئي اصحابي پريشان
سيدنا علي هڪدم مياڻ مان تلوار ڪڍي
عورت کي چيائين: ڏس!
رسول الله صلي الله عليھ وسلم ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندا آهن.
ٻيو ته اها خبر آسمان تان آئي آهي.
تو وٽ هڪ خط هوندو، اهو ڪڍي اسان کي ڏي، نه ته اسين مجبور ٿي تنهنجي جَڙتي وٺنداسين ۽ تنهنجي بي پردگي ٿيندي. خط تو وٽ آهي ۽ اهو اسان کي هر حال ۾ کڻي وڃڻو آهي.
اها عورت هَڄي ويئي
ٽنگون ڏڪڻ لڳيس
منهن هَئڊو ٿي ويس.
چيائين: ترسو، مُنهن ٻي پاسي ڪريو.
وار کوليائين. چوٽيءَ جي اندر هڪ لفافو لڪل هو.
ڪڍي سيدنا عليءَ کي ڏنائين.
خط بارگاهه نبويءَ ۾ پهچي ويو.
خط کولي پڙهيو ويو.
حاطب بن ابي بلتعه هڪ جليل القدر مهاجر اصحابي هو. بدر جي جنگ ۾ به شامل هو، ڪيترين ئي مهمن ۽ معرڪن ۾ حصو وٺي جانثار بنجي چڪو هو. اهو خط اُن پاران مڪي جي قريش سردارن سهيل بن عمرو، صفوان بن اُميه ۽ عڪرمه بن ابو جهل جي نالي هو.
لکيو هئائين
اي قريشيو!
رسول الله صلي الله عليھ وسلم اوهان تي هڪ وڏو لشڪر وٺي پهچي رهيو آهي، سمجهو ته پهچي چڪو آهي. لشڪر جيڪو سيلاب وانگر روان دوان آهي. خدا جو قسم، جيڪڏهن رسول الله صلي الله عليھ وسلم اوهان تي اڪيلي سر ڪَڙڪي پوي ته به الله سندس مدد ڪندو ۽ فتح جو وعدو پورو ڪندو.
هاڻ اوهين پنهنجو انجام سوچي وٺو
آءٌ چاهيان ٿو ته اوهان تي منهنجو هڪ ٿورو رهي. والسلام .
اهو خط مڪي وارن کي رڳو هڪ اطلاع هو ته مٿن حملو ٿيڻ وارو آهي، پر جڏهن آقا صلي الله عليھ وسلم اُن جنگ جو هر معاملو ڳجهو رکيو هو ته ان جي ڀڃڪڙي هڪ وڏو ڏوهه هو.
حاطب بن ابي بلتعه کي گهرايو ويو.
آقا صلي الله عليھ وسلم کانئس پُڇيو.
حاطب هي ڇا آهي؟
سيدنا حاطب جو منهن رنگ ڇڏي ويو. هٿ پير ڏڪڻ لڳس.
چيائين:
آقا صلي الله عليھ وسلم مون کي صفائي پيش ڪرڻ جو موقعو ڏيو. خدا جو قسم! منهنجو الله ۽ سندس رسول تي ايمان آهي، آءٌ نه مرتد ٿيو آهيان ۽ نه وري مون ۾ ڪا تبديلي آئي آهي.“
آقا صلي الله عليھ وسلم ٻاجهائپ سان مُرڪي فرمايو
چئو! ڇا ٿو چوڻ گهرين.
سيدنا حاطب جي منهن تي رنگ وَرڻ لڳو ۽ چيائين.
آقا صلي الله عليھ وسلم- مڪي ۾ منهنجن قريشي ڀائرن جا مٽ مائٽ به آهن، پر اُنهن جا قريبي واسطيدار آهن، کين ان ڳالهه جو ڊپ ڪونهي ته مٿن ڪا اوچتي مصيبت ڪڙڪي.
پر منهنجو معاملو ڌار آهي
آءٌ قريشي نه آهيان، سندن حليف آهيان. منهنجا مٽ مائٽ مڪي ۾ رهن ٿا، جيڪي بي يارو مددگار آهن، اُنهن جو ڪوبه رشتيدار مڪي ۾ ڪونهي. مون کي خيال آيو ته قريشن تي ڪو ٿورو ڪريان ته جيئن ڏکئي وقت ۾ هو منهنجن مٽن مائٽن ۽ اهل عيال کي ڪا تڪليف نه رسائين. خدا ٿو ڄاڻي ته مون ۾ نه ڪفر آهي نه نفاق، نه ڪو وري آءٌ اسلام جي عظمت کان انڪاري ٿيو آهيان.
رڳو ايتري ڳالهه هئي، جنهن ڪري مون کان اها حرڪت ٿي.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو،
بيشڪ حاطب تو ماڻهن سان سچي ڳالهه ڪئي آهي.
سيدنا عمررضه مياڻ مان تلوار ڪڍيو بيٺو هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم کان اجازت جو طلبگار هو ته هن جو سر اُڏائي ڇڏيان.
آقا صلي الله عليھ وسلم سيدنا عمررضه کي مخاطب ٿي فرمايو.
ڏس! هي بدري آهي.
۽ عمر توکي ڪهڙي خبر ته الله اهل بدر وارن کي مخاطب ٿي فرمايو هُجي
اعملواما شئتم فقد غفرت لکم
”جيڪو وڻيوَ ڪريو، مون اوهان کي بَخشي ڇڏيو.“
بدر وارن جي مرتبي جو ٻڌي سيدنا عمر جي هٿ ۾ تلوار ڏڪڻ لڳي. اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيس، چهرو لڙڪن سان ڀرجي ويس ]بخاري[
مديني مان قريشن کي اسلامي لشڪر جي ڪابه خبر نه پهتي.
پهرين هر جنگ تي مڪي مان رواني ٿيندڙ هر لشڪر جي خبر اُتي ويٺل آقا صلي الله عليھ وسلم جو چيف ڳجهو سيڪيورٽي انچارج سيدنا عباس موڪليندو هو. هن ڀيري مديني مان پهريون ڀيرو مڪي تي چڙهائي ڪرڻ جي لاءِ هڪ وڏو لشڪر نڪرڻ لڳو ته آقا صلي الله عليھ وسلم کين اطلاع ڏياري موڪليو.
اوهين هاڻي مڪي مان هجرت ڪري مديني اچي وڃو.
جيئن نبوت مون تي ختم ٿي، تيئن هجرت توتي ختم ٿي.
تون آخري مهاجر آهين.
10هين رمضان اٺين هجري، 22 ڊسمبر 629 عيسوي جو ڏينهن اچي ويو.
ڏهن هزارن سپاهين تي مشتمل لشڪر مديني مان روانو ٿيو.
مومنن جي مائرن مان سيده اُم سلمه ۽ سيده ميمونه ساڻ هُيون.
مديني کان ٿورو ٻاهر ذوالحليفه جي جاءِ تي پهتا ته حڪم جي تعميل ڪندي آقا صلي الله عليھ وسلم جو چاچو سيدنا عباس پنهنجي اهل ۽ عيال سميت مديني ويندي گڏجي ويو. اهل عيال ۽ گهر جو سامان ته مديني روانو ڪيائين ۽ پاڻ آقا صلي الله عليھ وسلم سان روانو ٿي ويو.
’ابواء‘ جو هنڌ جتي آقا ﷺ جي امڙ جي قبر هئي، اتي پهتا ته آقا صلي الله عليھ وسلم جو سئوٽ ابو سفيان بن حارث بن عبدالمطلب ۽ آقا جي پڦي عاتڪه جو پُٽ عبدالله بن اُميه پاڻ سڳورن جي پڙاءَ ۾ پهتا. ٻئي آقا صلي الله عليھ وسلم جا سخت دشمن هئا. پر ان گهڙيءَ ٻنهي جي منهن مان نور جي برسات وسي رهي هئي.
آقاﷺ جي پڙاءَ ۾ پهچي، ٻنهي آقا ﷺ جي حضور بازيابيءَ جي گذارش ڪئي
آقا صلي الله عليھ وسلم کي اُنهن جون سڀئي دشمنيون ياد هُيون.
کين ملڻ کان جواب ڏيئي ڇڏيائون.
ابو سفيان بن حارث، آقا صلي الله عليھ وسلم جو ننڍپڻ جو دوست هو.
هم عمر هو
هڪ لحاظ کان ڀاءُ هو.
جيستائين آقا صلي الله عليھ وسلم نبوت جو اعلان نه ڪيو هو، تيستائين مٿس ساهه پَساهه ڏيندو هو. آقا صلي الله عليھ وسلم جي هدايت جي پيغام تي بگڙجي پيو.
سُٺو شاعر به هو.
شاعري شايد ناحق بلاغت ۽ عظمت جو گمان پالي ٿي وٺي. هن آقا صلي الله عليھ وسلم جي واکاڻ ڪرڻ بدران آقا صلي الله عليھ وسلم جي ”هِجو“ چوڻ شروع ڪري ڏني. پنهنجن شعرن ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم تي طنزون ڪيون. هو ته سئوٽ، سڀني کان وڏي چاچي حارث جو پُٽ ۽ عبدالمطلب جو پوٽو.
ٻيو پُڦي عاتڪه جو پُٽ عبدالله بن اُميه.
زبان جو ڪِنو ۽ گستاخ
آقا صلي الله عليھ وسلم کي چوندو هو.
”خدا جو قسم آءٌ توتي هرگز ايمان نه آڻيندس. جيڪڏهن تون ڏاڪڻ لڳائي آسمان تي چڙهي وڃين ۽ آءٌ توکي پنهنجي اکين سان ڏسان ته تون آسمان تان هڪ دستاويز کڻي لٿو آهين ۽ چار ملائڪ توسان گڏ آهن، جيڪي اُن ڳالهه جي تصديق ڪن ته الله توکي رسول ڪري موڪليو آهي، پوءِ به توتي ايمان نه آڻيندس.“
آقا صلي الله عليھ وسلم کي سڀ ڪجهه ياد هو.
ٻيئي سيده اُم سلمه وٽ پهتا
ليلايائون.
ابو سفيان بن حارث تڙپي روئڻ لڳو.
چيائين: جيڪڏهن آقا صلي الله عليھ وسلم ملاقات جي مهرباني نه ڪئي ته آءٌ پاڻ سان آندل پُٽڙي جعفر سان گڏ بَر منهن ڪري هليو ويندس ۽ بُکيو اُڃيو پنهنجي جان ڏيئي ڇڏيندس.
منهنجي لاءِ سفارش ڪريو.
آقا صلي الله عليھ وسلم سان ملرايو.
سيده اُم سلمه آقا صلي الله عليھ وسلم وٽ ٻنهي جي سفارش ڪئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم، سيده کي ٻنهي جون پراڻيون ڳالهيون ٻُڌايون ته هنن پنهنجي زبان سان ڪهڙا ڪهڙا نه ڏک ڏنا آهن.
جيئن ته سفارش سيده اُم سلمه جي هئي.
نيٺ آقا صلي الله عليھ وسلم مَڃي ورتو.
موڪل ملي ويئي
ابو سفيان بن حارث آقا صلي الله عليھ وسلم جو سئوٽ عقيدت ۽ محبت ۾ پَنبڻيون پير ڪري، محبت مان ڏڪندو آيو ۽ سيدنا علي جي صلاح مان زبان سان اها ڳالهه ڪڍي، جيڪا حضرت يوسف عليھ السلام جي ڀائرن، يوسف عليھ السلام جي عظمت ڏسي آخر ۾ چئي هئي. هن آقا صلي الله عليھ وسلم جي روشن رخ کي ڏسي چيو:
”تالله لقد اثرک الله علينا و ان کنا الخطيئن.“
”الله جو قسم- بيشڪ الله اوهان کي، اسان تي فضيلت بخشي ۽ يقينن اسين خطاڪار هئاسين (سوره يوسف: 91:16)
آقا صلي الله عليھ وسلم، ابو سفيان بن حارث کان يوسف جي ڀائرن جي چيل ڳالهه ٻُڌي ته اهو ئي چيو، جيڪو يوسف عليھ السلام فرمايو هو.
” لاتثريب عليکم اليوم يغفر الله لکم و هو ارحم الرحمين“
اڄ اوهان تي ڪوبه الزام ڪونهي، الله اوهان جو ڏوهه معاف فرمائي ۽ هو سڀ کان وڏو مهربان آهي. (سورة يوسف: 92:12)
اهي ٻئي پراڻا ويري به جانباز ۽ سرفروش بنجي آقا صلي الله عليھ وسلم جا ڀيچي ٿي هلڻ لڳا. پوءِ ابو سفيان بن حارث جيڪو گذريل 21 سالن کان آقا صلي الله عليھ وسلم جي ”هِجو“ چوندو هو. اڄ اندر جي موسم ۾ خير ۽ نور جي بَرکا ڏسي. رسول الله صلي الله عليھ وسلم جي واکاڻ ۾ شعر چوڻ لڳو.
سندس زبان مان سندس دل جو آواز لفظن جو روپ وٺي نڪرڻ لڳو.
”تنهنجي عمر جو قسم
جنهن مهل مون اهو جهنڊو کنيو هو ته
لات جا گهوڙيسوار
محمد صلي الله عليھ وسلم جي سوارن تي غالب اچي ويندا.
اُن مهل منهنجي حالت ڀٽڪيل مسافر جهڙي هئي.
جيڪو تارن ڀَري سُهائي رات ۾ به حيران ۽ منتشر هجي.
خدا جي مهرباني آهي
اها ڀاڳ واري گهڙي اچي ويئي
جڏهن آءٌ هدايت ماڻي رهيو آهيان.
منهنجي نفس تي هن ڀيري، هڪ هادي صلي الله عليھ وسلم هدايت ڏني آهي.
اُن شخص مون کي ا لله جو رستو ٻُڌايو آهي.
جنهن کي مون هر ڀيري ڌڪاريو.“
آقا صلي الله عليھ وسلم سندس شاعري ٻُڌي ته سندس ڇاتيءَ تي هٿ هنيو.
۽ فرمايو: تو هر موقعي تي مون کي ڌڪاريو هو.]عيون الاثر، ابن هشام[
سيدنا ابو سفيان بن حارث جي ڇاتي تي آقا صلي الله عليھ وسلم جو هٿ لڳو ئي هو، جو هن جو سينو عشق رسول الله ﷺ سان اهڙو ته ڀرجي ويو جو ٿوري هلچل تي به اُڇلجي پوندو هو. اکين مان لڙڪ ڳڙڻ لڳندا هئس. هر وقت آقا صلي الله عليھ وسلم سان چُهٽيل رهندو هو. پاڇي وانگر، ڏسي پيو خوش ٿيندو هو. سندس دل ۾ آقاﷺ جي ننڍپڻ ۽ ٻالڪپڻ جي محبت ٻيهر موٽي آئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم ته آهي ئي سراپا مُحبت.
جيڪو ساڻس محبت ڪري، هو اُن مُحبت جو جواب ڪيئن نه ڏي.
لشڪر جو سفر جاري هو.
رستي ۾ عسفان ۽ قديد جي وچ واري هنڌ ڪديد نالي چشمي وٽ پهچي آقا صلي الله عليھ وسلم سڄي لشڪر کي ڏيکاري پنهنجو روزو ٽوڙيو.
چشمي جو پاڻي پيتو.
ماڻهن کي سمجهه ۾ اچي ويو ته سفر ۾ روزو رکڻون نه آهي.
سفر جاري رهيو.
16هين رمضان 8 هجري، 26 ڊسمبر 629 عيسوي جي شام اچي ويئي.
۽ اسلامي لشڪر، مڪي جي ڀرسان ’ مراظهران‘ پهچي ويو.
اهائي ”فاطمھ ماٿري“ آهي.
مڪو اتان کان 25 ڪلوميٽر آهي.اهو ئي مڪو، جتي تيرهن سال اڳ آقاﷺ ۽ سندس ساٿين تي زمين تنگ ڪئي ويئي هئي.
ڏک ڏنا ويا،
تڪليفون ڏنيون ويون،
ماريو ڪُٽيو ويو،
بي عزتي ۽ تذليل جي هر انتها ڪئي وئي
ٽن سالن تائين شعب بن ابي طالب ۾ گهيري سماجي بهشڪار ڪيو ويو.
پوءِ اُتان نڪرڻ لڳا ته رستن تي پهرا ويهاريا ويا.
آقا صلي الله عليھ وسلم جي قتل جون سازشون بڻيون.
ڪيڏي نه ڏکيائيءَ سان اتان نڪتا ته پنج سئو ڪلوميٽر پري مديني اچي حملا ڪيائون، احد جي پهاڙ جي هنج ۾ ستر مسلمان ماريا ويا ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم جي پياري چاچي امير حمزي کي نشانو بنائي شهيد ڪرائي، سندس جسم جي بي حرمتي ڪئي ويئي. خندق جي جنگ ۾ هڪ مهيني تائين ڊپ ۾ گهيري رکيو ويو.
هاڻ اهو ئي مڪو آقا صلي الله عليھ وسلم کان ڪجهه ڪوهن جي فاصلي تي هو ۽ مڪي جو اهو ئي دشمن ابو سفيان بن حرب پنهنجن ٻن ساٿين حڪيم بن حزام ۽ پديل بن ورقه سان گڏ ڊنل حالت ۾ ”مر الظهران“ جي وادي فاطمھ ۾ اهو ڏسندو پي ڦريو ته ڪٿي ڪي حملي آور ته نه اچي ويا آهن.
رات پنهنجا پَر پکيڙيا
وادي فاطمھ، مرالظهران ۾ ڏهه هزار باهه جا مَچ ٻري رهيا هئا.
ايئن پي لڳو ته آسمان پنهنجن سڀني تارن سان زمين تي لهي آيو هجي. ان گهڙيءَ ابو سفيان بن حرب هڪ ڪک وانگر هو، جنهن کي اُڏائڻ جي لاءِ زمين ۽ آسمان جا سڀ طوفان گڏ ٿي ويا هجن.

حجون ۾ مڪي جي فتح جو جهنڊو

حجون ۾ مڪي جي فتح جو جهنڊو

ابو سفيان بن حرب بُوکلائجي ويو.
کيس سمجهه ۾ نه پي آيو ته ”مرالظهران“ جي ”وادي فاطمھ“ ۾ ٻرندڙ ڏهه هزار مچ ڪنهن جا آهن. کيس مسلمانن جي حملي جو خطرو ته هو، پر اندازو ڪونه هو ته هو اوچتو ايڏو وڏو لشڪر وٺي مڪي جي مٿان اچي ڪڙڪندا.
ابو سفيان سان بيٺل بديل بن ورقه چيو.
لڳي ٿو ته اهو خزاعه وارن جو ميڙ آهي.
ابو سفيان ناڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ چيو.
خزاعه وارا ايترا ڪٿي آهن. هو ته تمام گهٽ تعداد ۾ آهن.
رات جي اونداهي هئي.
چنڊ ۽ تارن جي ڪومل سفيد چانڊوڪيءَ کي پڙاءَ ۾ ٻرندر هزارين باهه جي مچن جي ڳاڙهاڻ مائل پيلي روشنيءَ جون زبانون چَٽي رهيون هيون. ڊسمبر جي آخري راتين مان هڪ رات جي ٿڌي هوا جا ٿڦڙ هر ٻرندڙ اُلاءُ جي گرمائش ڀريل زندگي وادي ۾ سر سراهي رهي هئي.
عجيب قسم جي خاموشي ۽ اُلائن جي چرچراهٽ هئي.
روشنيءَ جا ڀڀڪا هئا.
آواز اُڇلجي پري تائين پکڙجي ٿي ويو.
اتي ئي ڪٿي ويجهو ئي سيدنا عباس، آقا صلي الله عليھ وسلم جي اڇي خچر ’دلدل‘ تي چڙهي اُن پٿريلي رڻ پٽ ۾ ڪنهن ڪاٺير کي ڳولهڻ نڪتو هو، جيئن ان کي هو پيغام ڏيئي ابو سفيان بن حرب ڏانهن موڪلي سگهي ته جيڪڏهن جان جي امان چاهين ٿو ته آقا صلي الله عليھ وسلم جي اڳيان حاضر ٿي سلامتي گهر، پنهنجي جان ۽ مڪي جو تقدس بچائي وٺ. کيس ڪهڙي خبر ته الله، ابو سفيان بن حرب کي اُتي ئي موڪلي ڏنو آهي، ڪنهن ڪاٺير جي هٿان نياپي موڪلڻ جي هاڻي ضرورت نه رهي آهي. سيدنا عباس، ابو سفيان جو آواز سڃاڻي ورتو.
ابو حنظله؟
ابو سفيان به سيدنا عباس جو آواز سڃاڻي چيو.
تون، ابو الفضل آهين؟
ٻيئي اونداهيءَ ۾ پنهنجون سواريون آوازن جي طرف ڊوڙائي ويجهو ٿيا. ابو سفيان پنهنجي اُٺ تي ويٺي ويٺي پُڇڻ لڳو.
ابوالفضل هي ڪنهن جو پڙاءَ آهي، هيڏو وڏولشڪر؟
سيدنا عباس وراڻيو
هي رسول الله صلي الله عليھ وسلم جو لشڪر آهي.
ابو سفيان جو ساهه بيهي رهيو. ڏاڍي ڏکيائيءَ سان زبان مان نڪتس. هاءِ قريشن جي تباهي.
سيدنا عباس چيس: تون اُٺ تان لهي، منهنجي خچر جي پويان ويهه.
ڪنهن ڏسي ورتئي ته سر اُڏائي ڇڏيندئي.
ابو سفيان سان گڏ آيل ٻيئي ساٿي کسڪي ويا. سيدنا عباس چيس:
هَل! آءٌ توکي آقا صلي الله عليھ وسلم کان پناهه وٺي ٿو ڏيان.
ابو سفيان جي ڏڪندڙ سرير ۾ ساهه پيو. اٺ کي ويهاري، ٽپ ڏيئي هيٺ لٿو ۽ هارايل جواريءَ وانگر پنهنجو هٿ سيدنا عباس جي هٿ ۾ ڏيئي، ٽپ ڏيئي سندس سفيد خچر جي پويان ويهي رهيو. سيدنا عباس خچر کي اِٽَ هنئي ۽ خچر وڏيون وکون کڻندو هلڻ لڳو. سيدنا عباس سوچيو ته ابو سفيان کي سڄي لشڪر جي ٻاهران پڙاءَ جو سڄو نقشو ڏيکاري ڇڏيان ته جيئن سندس دل ۾ ويٺل ڊپ کيس وڍڻ لڳي ۽ سندس حوصلا اڃا به خطا ٿي وڃن.
لشڪر جي ڪئمپ جي خيمن وٽان خچر لڦڙ لڦڙ ڪندو اڳتي وڌڻ لڳو. باهه جي اُلائن جي چوڌاري ويٺل ماڻهن جا منهن هئڊي ڳاڙهي روشنيءَ ۾ جرڪندا رهيا ۽ هو ڪنڌ ورائي اکيون ڦاڙي خچر ڏانهن ڏسڻ ٿي لڳا. آقا ﷺ جي خچر کي سُڃاڻي ادب سان اُٿي ٿي بيٺا ۽ ادب سان ويهي ٿي رهيا. ڪن سيدنا عباس کي سڃاتو ٿي، ڪن وري ابو سفيان کي. ان ڪئمپ جو سيڪيورٽي ڪمانڊر سيدنا عمر بن خطاب هو.
سيدنا عباس، سندس خيمي وٽان ابو سفيان کي وٺي لنگهيو ته ”اُلا“ جي روشنيءَ ۾ کيس ابو سفيان جو لٿل منهن نظر اچي ويو.
او، خدا ۽ رسول جا دشمن، ابو سفيان.
سيدنا عمر نيام مان ترار ڪڍي وڌيو.
سيدنا عباس خچر کي اِٽَ هنئي.
سيدنا عباس پنڌ ئي گهوڙي جي رفتار سان ڊوڙيو
سيدنا عباس، آقا صلي الله عليھ وسلم جي خيمي وٽ پهچي ويو.
اُن جي پويان سيدنا عمر تلوار کڻي پهتو.
سيدنا عباس، آقا صلي الله عليھ وسلم جي حضور عرض ڪيو.
مون ابو سفيان بن حرب کي پناهه ڏني آهي.
سيدنا عمر زور ڀرڻ لڳو. آقا صلي الله عليھ وسلم اجازت ڏيو ته زمين جي بار کي هن کان هلڪو ڪري ڇڏيان.
سيدنا عباس چوڻ لڳو، هينئر هي منهنجي ذاتي پناهه ۾ آهي.
آقا صلي الله عليھ وسلم ٻنهي جي ڳالهه ٻُڌي
ابو سفيان هَڄيو اڌ مئو ٿيو بيٺو هو.
ساڻس ڪنهن به نه ڳالهايو.
سيدنا عباس کي فرمايائون: هينئر اوهين هن کي پنهنجي خيمي ۾ وٺي وڃو. صبح جو حاضر ڪجوس.
اها رات ابو سفيان جي سڄي زندگيءَ جي ڳري رات هئي. جيتوڻيڪ کيس بظاهر ته امان حاصل هئي، پر صبح جو آقا صلي الله عليھ وسلم کي سندس زندگي ۽ قريشن جي قسمت جو فيصلو ڪرڻو هو. ابو سفيان کي آقا صلي الله عليھ وسلم سان ڪيل زيادتين ۽ پنهنجي قوم پاران گذريل 21 سالن ۾ ڪيل ڏوهه ته ياد آيا هوندا.
کيس ننڊ ڪيئن ٿي اچي سگهي.
کيس ٻي ڏينهن صبح جو ننڊاکڙين اکين ۽ ٽٽل حوصلن سان آقا صلي الله عليھ وسلم جي خيمي ۾ حاضر ڪيو ويو.
آقا صلي الله عليھ وسلم لشڪر کي روانگيءَ جو حڪم ڏيڻ وارا هئا.
اها سترهين رمضان اٺين هجري، 27 ڊسمبر 629 عيسوي جو صبح هو.
ابو سفيان گوڏن ڀر آقا صلي الله عليھ وسلم جي سامهون ويهي رهيو.
اهو ئي ابو سفيان، جنهن احد جبل جي ڀڪَ ۾ بيهي آقا صلي الله عليھ وسلم جي سامهون سينو تاڻي نعرو هنيو هو، ”جئه هبل.“ اڄ هن جي زبان ۽ گلو سڪل هئا، وات مان آواز به نه پي اُڪليس. هن جي حالت ان قيديءَ جهڙي هئي، جهن کي خبر نه هئي ته قيدي رهندس يا ماريو ويندس.
ابو سفيان جون نظرون ڦِڪائيءَ سبب جلال نبوي صلي الله عليھ وسلم جي اڳيان جُهڪيل هيون، ۽ اهي پيرن ۾ کتل هُيون.
آقا ﷺ ابو سفيان سان سندس ڪنهن به ڏوهه جو ذڪر نه ڪيو.
فرمايائون:
”ابو سفيان توتي افسوس آهي.
ڇا توکي اڃا تائين پڪ نه ٿي آهي ته الله کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي.“
ابو سفيان جو ڪنڌ جهڪيل هو ۽ زبان چُريس.
”منهنجا ابو ۽ امان اوهان تي قربان، اوهين بردباد، سٻاجها، ٻاجهارا ۽ رحم ڪرڻ وارا آهيو، اوهين اعليٰ اخلاق جا ڌڻي آهيو. آءٌ سمجهي چڪو آهيان ته الله کانسواءِ جيڪڏهن ڪو ٻيو معبود هُجي ها ته اڄ اسان جي ڪم اچي ها.“
آقا صلي الله عليھ وسلم وري فرمايو.
ابو سفيان توتي افسوس آهي، ڇا تنهنجي لاءِ اڃا به وقت نه آيو آهي ته تون ڄاڻي سگهين ته آءٌ الله جو رسول آهيان.“
ابو سفيان جو ڪنڌ جهڪيل هو، چيائين: منهنجا ابو امان اوهان تي قربان، اوهان جي سٻاجهائپ ۽ ٻاجهائپ ۽ رحمدلي تي به ڪوبه شڪ نه اٿم. پر اوهان جي نبوت جي باري ۾ اڃا به دل ۾ ٿورو شڪ اٿم.
سيدنا عباس کيس ٺونٺ هنئي.
هي بحث جو موقعو ڪونهي
ڇو ڪنڌ ڪٽرائڻو اٿئي ڇا؟
شهادت جو ڪلمون پڙهي وٺ
ابو سفيان اڃا به ٻُڏتر ۾ هو.
سيدنا عباس کيس هڪ ڳالهه ياد ڏياري. چيائينس:
ياد اٿئي.
هرقل جي درٻار مان نڪرڻ مهل تو ڇا چيو هو؟
ته جيستائين تنهنجي ڀائٽي کي ”مهرالظهران“ ۾ پڙاءَ ڪندي نه ڏسندس، تيستائين سندس رسالت نه مڃيندس.
هاڻ تو سندس ”مهرالظهران“ ۾ خيما کتل ڏسي ورتا.
هاڻ اقرار ڪري وٺ
نه ته منهنجي ڏنل امان جي حد به ختم ٿي ويندي.
ابو سفيان بن حرب ڪنڌ هيڏانهن هوڏانهن گهمائي ڏٺو ۽ چيائين.
اشهد ان لا الا الا الله اشهد ان محمد رسول الله.
آقا صلي الله عليھ وسلم چپن ۾ ڀڻڪيو.
دين ۾ ڪوبه جبر ڪونهي.
پوءِ سيدنا عباس کي چيائين، ’تنهنجي پناهه تي مون پناهه ڏني.‘
سيدنا عباس عرض ڪيو.
ابو سفيان پنهنجي قوم جو سردار آهي
هن لاءِ ڪو فرق مقرر ڪريو.
آقا ﷺ فرمايو، جيڪو ابو سفيان جي گهر ۾ ايندو اهو امان ۾ رهندو
ابو سفيان چيو: سرڪار، منهنجو گهر ايترو وڏو ڪٿي آهي.
آقا ﷺ چيو: جيڪو خانه ڪعبه جي اڱڻ ۾ ويندو، اهو به امان ۾ رهندو.
ابو سفيان ليلايو، حضور خانه ڪعبه جو اڱڻ به ايڏو وڏو ڪونهي.
حڪيم بن حزام ۽ بديل بن ورقه ته رات جو ئي ابو سفيان کان اڳ ئي اچي توبهه تائب ٿي، ڪلمون پڙهي مسلمان ٿي چڪا هئا. انهن جي لاءِ به آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو، جيڪو انهن جي گهر ۾ گهڙندو، اهو به امان ۾ رهندو.
آقا صلي الله عليھ وسلم ته ڏهن هزارن جو لشڪر وٺي پهتا هئا، پر هاڻي سڀني دشمنن کي امان ڏيئي رهيا هئا. ابو سفيان جي اها ڳالهه سُڻي ته خدا جي گهر جو اڱڻ ايترو وڏو ڪونهي. آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو، جيڪو به پنهنجي گهر جو دروازو بند ڪري ويهندو، اُهو امان ۾ رهندو.
هاڻي باقي ڪير بچيو هو.
دشمنن جي سڀني گهرن کي خدا جي گهر جي برابر ڪري ڇڏيائون.
سڀني کي امان ڏيئي ڇڏيائون.
آقا صلي الله عليھ وسلم سيدنا عباس کي اڪيلائيءَ ۾ گهرايو ۽ چيو ته ابو سفيان کي جبل جي چوٽي تي وٺي وڃي بيهار ته جيئن هو اسلامي لشڪر جي حشمت ۽ سگهه جو مشاهدو ڪري سگهي.
ايئن ئي ڪيو ويو.
اسلام جي لشڪر مان پنج ٻانهون نڪتيون
سڀني کان پهرين خالد بن وليد جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ هزار نوَ سئو سوارن جو دستو نڪتو، چمڪندڙ ۽ تازن توانن گهوڙن تي سوارن جون زرهون ۽ تلوارون سج جي روشنيءَ ۾ چمڪي رهيون هيون.
ابو سفيان جو ساهه مٿيون مٿي ۽ هيٺيون هيٺ رهجي ويو.
خالد بن وليد جي لشڪر کي حڪم هو ته مڪي جي هيٺاهين واري حصي کان گهمي، صفا جي هنڌ تي پهچي.
قبيلن جي پويان قبيلا گذرندا رهيا.
هر قبيلي کي ڏسي ابو سفيان پُڇڻ ٿي لڳو
هي ڪير آهن؟
سيدنا عباس ٻُڌايو ٿي
مهاجرين جو جهنڊو سيدنا زبير بن عوام جي هٿن ۾ هو. اهو به سوارن جو هڪ وڏو دستو وٺي ساڄي طرف کان ڦِري مڪي ۾ داخل ٿيڻ جي لاءِ وڃي رهيو هو.
انهن جي هٿن ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم پنهنجو جهنڊو ڏنو هو.
حڪم به ڏنو هو ته مڪي پهچي منهنجو جهنڊو
سڄي اسلامي فوج جو جهنڊو
”حجون“ جي هنڌ تي هڻجو.
ڪنهن نٿي ڄاتو ته ”حجون“ ۾ ڪهڙي هستي آرامي آهي
سيده خديجھ
اِهائي، جنهن جي سامهون آقا صلي الله عليھ وسلم پنهنجي پهرين وحي چئي هئي. جنهن هن دنيا ۾ پهريون ڀيرو آقا صلي الله عليھ وسلم جي پيغام تي لبيڪ چيو هو ۽ يقين ڏياريو هو ته ”اوهان صلي الله عليھ وسلم رحمدلي ۽ اخلاق جي اعليٰ درجي تي آهيو. الله هرگز اوهان کي ذيان نه ڪندو. اوهان کي ڪاميابي ۽ ڪامراني ملندي.“
هي اهو ئي ڏينهن هو، جنهن جي سيده بشارت ڏني هئي.
اُن ڏينهن فتح جو جهنڊو سندس قبر جي ڀرسان هڻڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو مناسب هنڌ ٿي پي سگهيو.
جهنڊو اُتي ئي لڳو.
اتي ئي آقا سڀ کان پهرين قدم رکيو.
پوءِ خدا جي گهر ڏانهن ويا.
انصار جو لشڪر خزرج جي سردار سعد بن عباده جي ڪمان ۾ هو. هو جبل جي مُنهن وٽان لنگهيو ته مٿي بيٺل ابو سفيان تي نظر پئجي ويس. کيس به بدر، احد ۽ خندق وارن ڏينهن کان به اڳ عقبه ۾ چانڊوڪي رات ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم جي هٿن تي حلف کان پوءِ مڪي جي لوفرن هٿان کاڌل مار ياد هئي. هن ڪنڌ مٿي ڪري هٿ ۾ جهليل جهنڊي کي لوڏيندي وڏي آواز ۾ چيو:
اليوم يوم الملحمه
اليوم تستحل الکعبه
اڄ رڻ گجڻ جو ڏينهن آهي
اڄ ڪعبي ۾ قتل حلال هوندو
ابو سفيان جي پيرن هيٺان جبل کسڪڻ لڳو. سيدنا عباس کان پُڇيائين.
هي ڪير آهي؟
وراڻيائين: هي خزرج جو سردار
ابو سفيان لشڪر ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم جو روشن رُخ ڳولهڻ لڳو ته ڪيئن هُن تائين ڳالهه پُڄايان، مڪي کي بچايان. ان کانپوءِ پيرن کان وٺي مٿي تائين لوهي ٽوپن، چمڪندڙ زرهن، ڊگهن تيرن ۽ چمڪندڙ تلوارن سان جنجهيل هڪ گهوڙي سوار ۽ اُٺن تي ويٺل دستو اڳتي وڌيو.
ابو سفيان اڳ ۾ ئي ڇاتي جهليو بيٺو هو.
پڇيائين: هي ڪير آهن؟
سيدنا عباس وراڻيو: هي رسول الله صلي الله عليھ وسلم جو دستو آهي.
ابو سفيان رسول الله صلي الله عليھ وسلم کي سُڃاڻي ورتو.
پاڻ سڳورا پنهنجي اُٺڻي قصويٰ تي ڪاري پٽڪي سان نهايت نوڙت سان ڪنڌ جهڪائي ويٺا هئا. هيڏي عظيم الشان فتح جو فاتح ۽ عجز ۽ بندگيءَ ۾ ايترو جُهڪيل ڪنڌ جو سر مبارڪ قصويٰ جي ڪنڌ ۽ کاڏي صفا اُن کي ڇهي رهي هئي.
دنيا جي فاتحن جي لاءِ اهو اصول طئي ڪري ڇڏيو.
جيتري وڏي فتح ۽ ڪاميابي، ايترو وڌيڪ جُهڪو
مفتوح ابو سفيان، آقا ﷺ کي ڏسي ڏانهن وڌيا ۽ ادب سان سڏيائون:
حضور
آقا صلي الله عليھ وسلم ڪنڌ مٿي کنيو
ابو سفيان چيو
حضور، سعد بن عباده هي چوندي لنگهيو آهي
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو: سعد غلط چيو آهي
اڄ خانه ڪعبه جي بي حرمتي نه ٿيندي
پر اڄ اهو ڏينهن آهي، جنهن ۾ خانه ڪعبه جي عظمت ۾ اڃا به واڌارو ٿيندو.
سيدنا عثمان بن عفان ۽ سيدنا عبدالرحمان بن عوف عرض ڪيو ته اسان کي ڊپ آهي ته متان سعد بن عباده اُتي ڪجهه ڪري نه وجهي، ڇو ته سندس جذبا چوٽ چڙهيل آهن.
آقا ﷺ اُن ئي مهل پنهنجا ماڻهو اڳيان موڪليا.
سيدنا سعد بن عباده کي پاڻ وٽ سڏيو ۽ سندس ڪمانڊ جو جهنڊو سندس پُٽ قيس بن سعد کي ڏنو.
جڏهن آقا ﷺ جبل جي چوٽيءَ جي هيٺان لنگهي ويا ته سيدنا عباس، ابو سفيان کي ڊوڙايو ته هاڻ ترت پنهنجي قوم وٽ وڃ ۽ کين اطلاع ڏي ته پنهنجن گهرن، ۾ ، تنهنجي گهر يا خدا جي گهر ۾ ويهن. ايئن بچي ويندا. ڀَڄ کين بچائي.
ابو سفيان رَئي ئي هڪڙي ڪئي ۽ ماڻهن کي گڏ ڪري اعلان ڪرڻ لڳو.
سندس زال هنده اڃا تائين ترنگ ۾ هئي. ابو سفيان جون ڊنل لهجي ۾ ڳالهيون ٻڌي صفا ٻُڏي ويئي. پوءِ چِڙي ۽ ڪاوڙ ۾ اچي چيائين: هن ٿلهي جون مڇيون پَٽي وٺو. هي ڪنانه جو ڊڄڻون سردار چريو ٿي ويو آهي، ڪير به هن جي ڳالهين ۾ نه اچي.
هوءَ اچي ابو سفيان سان وڙهڻ لڳي.
ماڻهو مُنجهي پيا ته ڪنهن جي ڳالهه مڃين.
مسلمانن جو لشڪر چئني ڏسائن کان مڪي جي شهر ۾ گهڙي رهيو هو.
گهٽيون، گليون ۽ بازارون اُن لشڪر جي پيرن سان ڏڪي رهيون هيون. شهر جي چوڌاري ڌُڌڙ جو طوفان اُٿيل هو.
ايئن پي لڳو ته ڄڻ هڪئي وقت مڪي ۾ ڪيترائي طوفان اچي ويا هجن
مڪي جو هر گهر ڏڪي رهيو هو
هر رهاڪو ڪنبي رهيو هو
فقط خدا جو گهرچمڪندڙ اُجري اُس ۾ مُرڪي رهيو هو.
مڪي جو هر مُشرڪ وساميل ڦلهيار جهڙي چهري ۽ پکڙيل اکين جي ماڻڪين سان بدحواسيءَ مان هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ جي راهه تڪي رهيو هو.
هر شهريءَ جو چهرو پيلو ٿيل هو.
پر سيدنا حمزي جو جگر چٻاڙيندڙ هنده جي چهري تي اڃا لالاڻ باقي هئي. هُن ڪاوڙ ۾ اچي ابو سفيان جي ڳلي مان جهليو ۽ چيو: تون ڪنانه جو سردار آهين، مڪي جو بچاءَ ڪر- سڀني کي بچائي.
ابو سفيان هنده کي ٻانهن مان جهلي پري ڪيو
۽ پنهنجي مُئل روح سان رڙ ڪري کيس چيو
مڪو اسان جي هٿن مان نڪري چڪو آهي
اهو فتح ڪيو ويو آهي.
تون ڀَڄي پنهنجي جان بچائي
ٻين کي به بچائڻ ڏي،
هَٽي پري ٿي.
اسين هارائي چڪا آهيون.
سڀ ماڻهو ڊڄي پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن ڀڳا.
هنده پنهنجا وار کولي اُتي ئي ويهي رهي. ٽنگن سندس ساٿ ڇڏي ڏنو هو. ابو سفيان کيس گهليندو گهر آيو. هنده اڃا تائين هوش ۾ نه هئي، پوءِ ڀڙڪي چيائين: اهو سڀ ڪيئن ٿيو؟
ابو سفيان کيس ڪلهن کان جهلي، پاڻ ڏانهن متوجه ڪندي، پنهنجي شان ۽ شوڪت سان ڀريل گهر ۾ ڀت سان رکيل ٺهيل جُڙيل ڪاٺ، پٿر ۽ لوهي بُتن ڏانهن اشارو ڪندي چيو:
هنده! اسان ان ڪري هارايو آهي ته اسان پاڻ کان به گهٽ بُتن کي پنهنجو خدا سمجهيو ۽ ڪري رکيو.
هنده پهريون ڀيرو نفرت مان پنهنجن خدائن کي ڏٺو.
پنهنجن بُتن کي ڏٺو
ڄڻ سڄو ڏوهه اُنهن جو ئي هُجي.
۽ پوءِ اُتي ئي مايوسيءَ مان ڊهي پيئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم جي لشڪر جون پنج ئي ٻانهون حڪم ڏنل رستن تان ٿي مقرر هنڌن تي پهچي ويون.
مڪي جا ٻار، ٻڍا، عورتون ۽ مرد پنهنجن گهرن جي درن ۽ درين جي جهروڪن مان گهوڙن، اُٺن ۽ پيادل دستن تي مشتمل هيڏي وڏي لشڪر جي گجگوڙ ۽ فوج جي نعرن جي ٻُرائيندڙ آواز سبب اندر ئي اندر ڪنبي رهيا هئا.
سڀ لِڪي ويا.
مڪو هڪ جنن جي واسو ڪيل خالي شهر وانگر ڀڙ ڀانگ نظر اچڻ لڳو.
جيڪي پنهنجن گهرن ڏانهن ڀڄي وڃي نه سگهيا، اهي اتي ئي حرم ڪعبه ۾ وڃي هَڄي ويهي رهيا.
مڪي جا ڪي فتني خور، بنو بڪر جي ڪجهه لوفر ڇورن کي وٺي عڪرمه بن ابوجهل، صفوان بن اُميه ۽ سهيل بن عمرو مڪي جي هيٺين پاسي کان ايندڙ حضرت خالد بن وليد جي گهوڙي سوار زورآور دستي تي لڪي تير هلائڻ لڳا. جڏهن خالد اسفل کان ٿي خندمه پهتو ته اها حرڪت ٿي.
کين شايد خبرنه هئي ته اُن سگهاري دستي جو اڳواڻ ڪير آهي.
خالد بن وليد ڪجهه ئي گهڙين ۾ گهوڙن کي اهڙي نموني گهمايو جو سڀ وٺي ڀڳا، انهن مان ڪجهه مارجي ويا. عڪرمه بن ابوجهل، صفوان بن اُميه ۽ سهيل بن عمرو به جيڏانهن ڪنڌ هُئن، تيڏانهن وٺي ڀڳا. خالد بن وليد جي دستي مان به ٻه مسلمان شهيد ٿي ويا، جيڪي غلطيءَ سان خالد بن وليد جي پويان هلندا ڪنهن ٻي گهٽيءَ ۾ وڃي نڪتا هئا. اِهي ٻئي مسلمان سيدنا ڪرز بن جابر فهري ۽ سيدنا نفيس بن خالد بن ربيعه هئا.
خالد بن وليد پنهنجي لشڪر کي مڪي جي گهٽين گهوٻن مان گهمائي ڦيرائي صفا جي ٽڪريءَ وٽ اچي بيٺو، جتي ترسڻ جو حڪم هو.
سيدنا زبير بن عوام، اسلام جو مرڪزي لشڪر وٺي پنهنجي ماسي ۽ رسول الله جي پهرين گهرواري سيده خديجهرضه جي قبر وٽ آقا صلي الله عليھ وسلم جي فتح جو جهنڊو کوڙي آقا صلي الله عليھ وسلم جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳو.
آقا صلي الله عليھ وسلم به اُتي پهچي ويا.
اُتي ئي سيده جي قبر وٽ ان وقت جي نشاني طور ”مسجد فتح“ ٺهيل آهي.
مڪي ۾ هر هنڌ اعلان ٿي رهيو هو:
’جيڪو شخص هٿيار ڦٽا ڪندو اهو امان ۾ رهندو.
جيڪو پنهنجي گهر جا دروازا بند ڪندو، اهو امان ۾ رهندو.
جيڪو ابو سفيان يا حڪيم بن حزام جي گهرن ۾ پناهه وٺندوان کي امان آهي.
جيڪو خدا جي گهر جي اڱڻ ۾ هليو ويندو،ان کي امان آهي.‘
چوڌاري امان ئي امان.
هي اهو ئي شهر هو، جنهن گذريل ايڪيهه سال آقا صلي الله عليھ وسلم ۽ سندس ساٿين کي امان نه ڏني.
اڃا آقا صلي الله عليھ وسلم کي مڪي کي پنهنجو مرڪزي هنڌ بنائڻو هو.

مڪي جي فتح جي مرڪزي آفيس شعب اَبي طالب

مڪي جي فتح جي مرڪزي آفيس شعب اَبي طالب

مَڪو فتح ٿي چڪو هو
هاڻي سوڀاري فوج جي ڪئمپ آفيس مڪي ۾ ڪٿي هوندي؟
ڪن صلاح ڏني
آقا ﷺ اوهان جو اباڻو گهر!
ڪن چيو
خدا جي گهر جو اڱڻ
پر آقا صلي الله عليھ وسلم کي ته ڪجهه ٻيون يادون اچي رهيون هيون
ٽن سالن جو اهو ڀوائتو زمانو
جڏهن انهن قريشن سڄي دنيا سان پاڻ سڳورنﷺ جي ڪٽنب جو تعلق ٽوڙي رکيو هو.
هو بي رحمي ءَجي آخري حد تائين ويا هئا.
ان هنڌ ۽ جاءِ تي سندن سخي ۽ غني مُحسن گهرواري سيده خديجه پنهنجي زندگيءَ جا پڇاڙڪا ڏينهن ڪيڏي نه ڪسمپرسيءَ ۾ گذاريا هئا. اتي ئي آقا ﷺ جي محبوب سرپرست چاچي سيدنا ابو طالب پيريءَ ۾ تحفظ، سلامتي ۽ ساٿ نباهڻ جي رسم نباهڻ جي اهڙي ته روايت قائم ڪئي، جنهن جو ان کانپوءِ ڪٿي به مثال نه مليو. هو رات جو اُٿي ان الُڪي سبب آقا صلي الله عليھ وسلم جون کٽون بدلائيندو هو ته متان دشمن راتاهو نه هڻي. پر جي دشمن راتاهو هڻن ته هو پاڻ مري، سندس ٻَچڙن کي نقصان ٿئي، پر آقا صلي الله عليھ وسلم کي رهڙ به نه اچي. انهن ئي ٽن سالن جي سختين سهڻ سبب آقا صلي الله عليھ وسلم جون اهي ٻئي مُحسن ۽ محبوب هستيون سانئڻ خديجه ۽ سيدنا ابو طالب هي جهان ڇڏي ويا.
اُن شعب ابي طالب کان وڌيڪ آقا صلي الله عليھ وسلم جي لاءِ اُن ڏينهن ٻي ڪهڙي جاءِ احترام جوڳي هُجي ها. حڪم ٿيو ته اتي ئي شعب ابي طالب ۾ منهنجو خيمو کوڙيو وڃي.
جتي ڪڏهن آقا صلي الله عليھ وسلم ۽ سندس قبيلي ڏانهن ڪنهن کي اچڻ جي موڪل نه هئي، اُتي آقا صلي الله عليھ وسلم جو خيمو کوڙيو ويو ته سڄي مڪي جا ماڻهو امان وٺڻ جي لاءِ اوڏانهن ڊوڙيا.
هر ڪو اُتي رسائي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳو رهيو.
آقا صلي الله عليھ وسلم شعب ابي طالب ۾ پنهنجي کُتل ڳاڙهي چمڙي واري تنبوءَ ۾ ويا.
غسل ڪيائون
پوءِ اٺ رڪعتون نماز فتح پڙهيائون
اهو صبح جو چاشت جو وقت هو.
۽ 18 هين رمضان 8 هجري، بمطابق 27 ڊسمبر 629عيسوي جو ڏينهن هو.
تنبوءَ ۾ گهڻي دير آرام نه فرمايائون.
جلدي ٻاهر نڪري آيا ۽ پنهنجي اُٺڻ قصويٰ تي سوار ٿي، مهاجرن ۽ انصارن سان گڏجي خدا جي گهر مسجد حرام آيا. قصويٰ تي ويٺي ويٺي خانه ڪعبه جو طواف ڪيائون. اُن وقت آقا صلي الله عليھ وسلم جي عمر مبارڪ ايڪهٺ سال هئي. ان وقت بيت الله جي چوڌاري ۽ ان جي اندر 360 بُت موجود هئا. آقا صلي الله عليھ وسلم جي هٿ ۾ هڪ لڪڻ هو، پاڻ سڳورا اُن لڪڻ سان بتن کي ڌڪ هڻندا ڪيرائيندا ويا. گڏوگڏ اهو چوندا ويا:
”جاءِ الحق و زهق الباطل ان الباطل کان زهو قا“
”حق آيو ۽ باطل هليو ويو، بيشڪ باطل وڃڻ واري شئي آهي“ (قرآن: 17-18)
طواف مان واندا ٿي سيدنا عثمان بن طلحه کي سڏيائون
ڪعبي جي ڪُنجي بردار کي
اُن کان ڪُنجي ورتائون.
خدا جي گهر جي ڪُنجي هاڻي آقا صلي الله عليھ وسلم جي هٿ ۾ هئي.
جنهن کي وڻي، تنهن کي ڏيئي ٿي سگهيا
الله کي پنهنجي گهر جي ڪُنجي جنهن کي به ڏيارڻي هئي، آقا صلي الله عليھ وسلم جي هٿان ئي ڏيارڻي هئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم ڪعبي جي اندر ويا.
پاڻ سان گڏ رڳو سيدنا بلال ۽ سيدنا اُسامه کي ورتائون. دروازو اندران بند ڪري ڇڏيائون.
اندريون ڀتيون پيغمبرن جي تصويرن ۽ فرش بُتن سان ڀريو پيو هو. آقا صلي الله عليھ وسلم، حضرت ابراهيم عليھ السلام ۽ حضرت اسماعيل عليھ السلام جي ٺهيل تصويرن جي هٿن ۾ فال ڪڍڻ جا تير ڏسي فرمايو: خدا جو قسم، اُنهن پيغمبرن ڪڏهن به فال جا تير استعمال نه ڪيا. بيت الله جي اندرين ڀت تي سيده مريم عليھ السلام ۽ ابن مريم سيدنا عيسيٰ عليھ السلام جون تصويرون پڻ ٺهيل هيون. هڪ ڪتاب ۾ پڙهيم ته آقا صلي الله عليھ وسلم اُنهن کي محبت سان ڏٺو ۽ فرمايو هنن کي هٿ نه لاهجو. بيت الله جي اندر هڪ ڪاٺ جي ڪبوتريءَ جو بُت به هو، جنهن کي پوڄيو ويندو هو. پاڻ سڳورن پنهنجن مبارڪ هٿن سان اهو ڀڳو، ڀتين تان تصويرون ڊاهڻ جو حڪم ڏنو. بيت الله جي سڀني ڪُنڊن کي توحيد ۽ تڪبير جي آواز سان ياد ڪيو. هَبل جي ڀوائتي بُت کي آقا صلي الله عليھ وسلم لڪڻ سان ڇُهيو ته اهو منهن ڀَر اچي ڪريو. واندا ٿي، الله جي گهر کي اندران پاڪ ڪري پنهنجي ٻنهي هٿن کي مٿي کڻي خدا جا ٿورا مڃيندي خدا جي گهر جو دروازو کوليو.
سندس سامهون هزارين اکيون کيس ڏسي رهيون هُيون،
پهريون ڀيرو بُتن کان پاڪ بيت الله جو دروازو کليو
آقا صلي الله عليھ وسلم الله جي گهر مان مُرڪندي ٻاهر نڪتا.
آقا صلي الله عليھ وسلم ڏٺو ته ڪعبي جو اڱڻ ماڻهن سان ڀريو پيو هو.
سڀ اوسيئڙي ۾ هئا ته
مڪي جي قيدي رهاڪن جي لاءِ رسالت صلي الله عليھ وسلم جي زبان مبارڪ مان ڪهڙو ٿو حڪم نڪري
وقتي امان ته ملي ويئي هئي.
هاڻ اُنهن دشمنن ۽ ڏوهارين کي ڪهڙي ٿي سزا ملي
سڀ هَڄيا، ڊنا سامهون بيٺا هئا.
سندن چهرا هئڊا ٿي ويا هئا
ڄڻ منجهن رت جو ڦڙو به نه هجي.
مُهانڊا ڌَما ڇڏي ويل
جسم جو انگ انگ ڏڪي رهيو هُئن،
ڦِڪائي ۽ ڊپ
سندن چوڌاري آقا ﷺ جا تلوارن ۽ نيزن سان هٿياربند دستا
ڦُڙت ۽ هوشيار ٿيو بيٺا هئا.
آقا صلي الله عليھ وسلم هوريان هوريان وکون کڻندا اچي خدا جي گهر جي چائنٺ تي بيٺا.
خدا جي گهر جو ست فوٽ اوچو دروازو کولي، اُن جا ٻيئي تاڪ جهلي بيهي رهيا
سامهون بيٺل ماڻهن جي ميڙ کي هڪ ڇيڙي کان ٻي ڇيڙي تائين ڏٺائون.
آقا صلي الله عليھ وسلم جي نظر جيڏانهن وئي ٿي مڪي قريشي جو ساهه بيهي ٿي رهيو
سندن مُهانڊا رت ڇڏي ٿي ويا
سڀ هئڊن ۽ رت ڇڏي ويل چهرن سان ڊنل بيٺا هئا.
کين پنهنجا سڀ ڏوهه ياد هئا.
آقا صلي الله عليھ وسلم جي مڪي ۾ تيرهن سالن جي رهڻ دوران
۽ اٺ سال پري وڃڻ کان پوءِ به
اُنهن مڪي جي مُشرڪن آقا صلي الله عليھ وسلم ۽ سندس ساٿين کي سُک سان جيئڻ نه ڏنو. رڳو اُن ڪري ته هن ئي گهرواري جو حڪم هو ته ”آءٌ اڪيلو آهيان، واحد خدا، منهنجو ڪوبه شريڪ ڪونهي ۽ محمد رسول الله صلي الله عليھ وسلم آهي.“
ايتري ڳالهه جو به اقرار نه ڪيائون، جڏهن ته انهن کي اها چڱي پَر خبر ئي ته آقا صلي الله عليھ وسلم وسلم ننڍپڻ کان ئي امين ۽ صادق آهن. سچار آهن، ڪنهن جي امانت ۾ خيانت نه ڪندا آهن، سو هُو ڀلا آسمان مان لٿل ڪنهن ڳالهه ۾ ڪيئن ٿي ڪوڙ جي ملاوت ڪري سگهيا، ڪيئن ٿي اُن ۾ خيانت ڪري سگهيا. خدا کي پنهنجو پيغام پهچائڻ لاءِ هڪ صادق ۽ امين جي ئي ضرورت هئي.
اُنهن ماڻهن سڀ ڪجهه ڄاڻندي ۽ ڏسندي به آقا صلي الله عليھ وسلم جي مخالفت ڪئي.
۽ آقا صلي الله عليھ وسلم کي پنج سئو ڪلوميٽر پري اهڙا ته متوالا مليا، جن آقا کي ڏسڻ کان سواءِ ئي پنهنجو آقا صلي الله عليھ وسلم مڃي ورتو. پنهنجي غلاميءَ تي ناز ڪيو. هو سڀ آقا صلي الله عليھ وسلم جا محافظ بنيا ۽ اڄ آقا صلي الله عليھ وسلم جا سپاهي هئا.
مڪي جا مُشرڪ سخت پريشان هئا
سوچي سوچي پوڙها ٿي رهيا هئا..
اڄ سندن قسمت جو فيصلو ٿيڻ وارو هو
جڏهن آقا صلي الله عليھ وسلم ڪعبي جي دروازي جي ڪُنڊ جهلي ڪجهه چوڻ جي لاءِ بيٺا ته سامهون بيٺل ماڻهن جا ساهه اُکڙڻ لڳا.
سانت ڇانئجي ويئي.
هرڪو خاموش هو.
هر ڪَن آقا ﷺ جي چيل جملي کي ٻُڌڻ جي لاءِ بي تاب هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم چوڻ شروع ڪيو.
”الله کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، هو اڪيلو آهي، ساڻس ڪوبه شريڪ ڪونهي، هُنَ پنهنجو وعدو پورو ڪري ڏيکاريو ۽ پنهنجي ٻانهي جي مدد فرمائي ۽ سڀني ٽولن کي اڪيلي شڪست ڏني. اهي سڀئي ريتون ۽ رسمون، خون يا مال جو مطالبو، جيڪو هلندو پي آيو،اڄ منهنجي پيرن جي هيٺان آهي. پر بيت الله جي درٻانيءَ جي چاٻي جي سنڀال ۽ پاڻي پيارڻ جا عهدا، ساڳئي پراڻي رسم موجب رهندا.
اهو به ٻُڌي وٺو
ڪوبه شخص غلطيءَ سان مارجي وڃي يا ڪوڙي يا لٺ جي ڌڪ سان مري وڃي ته اُن ۾ ديت لاڳو ٿيندي. يعني سئو اٺ، جن ۾ چاليهه اُٺڻيون حامله هجن.
اي قريشو!
جاهليت ۾ اوهان جي اندر جيڪو پيءُ ۽ ڏاڏي جو غرور هو ته اسين سڀني کان اُتم آهيون، وڏا آهيون، الله اُنهن جو خاتمو ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ هڪ ئي حقيقت مڃي ويندي ته سڀ انسان آدم عليھ السلام جو اولاد آهن ۽ آدم مٽيءَ مان جُڙيو هو.
حق تعاليٰ جو ارشاد آهي
اي انسانو
اسان اوهان کي هڪ مرد ۽ هڪ عورت مان پيدا ڪيو ۽ پوءِ اوهان کي قومن ۽ قبيلن ۾ ورهايو، ته جيئن اوهين هڪٻئي کي سُڃاڻي سگهو. اوهان مان الله وٽ عزت وارو ۽ باوقار اُهو ئي آهي، جيڪو سڀني کان وڌيڪ پرهيزگار هُجي. بيشڪ ڄاڻندڙ ۽ هر شئي کان واقف آهي. ]البدايه والنهاويه[
خطبو ختم ڪري آقا صلي الله عليھ وسلم ميڙ تي نظر وڌي
هڪ ڇيڙي کان ٻي ڇيڙي تائين ڪنڌ گهمائي ڏٺو.
خدا جي گهر جي اڱڻ ۾ بيٺل سڀني قريشن جو اندر کنيل ساهه ڪجهه گهڙين جي لاءِ ٻاهر نه آيو. هو سڀ گهيري ۾ هئا. قيدين وانگر پنهنجي چوڌاري بيٺل اگهاڙين تراڙين واري لشڪر کي آڏيءَ اک سان ڏسي رهيا هئا، جن جا هو قيدي هئا ۽ پنهنجي هر ڏوهه جا واقف هئا.
ڊڄن به ڇو نه ها،
اها فيصلي جي گهڙي هئي.

مڪي جي فتح- فيصلي جي گهڙي

مڪي جي فتح- فيصلي جي گهڙي

مڪي جا مُشرڪ ڪنڌ جهڪايو، هارائي، آقا ﷺ جي سامهون بيٺا هئا.
فيصلو آقا صلي الله عليھ وسلم کي ئي ڪرڻون هو،
هُنن جي زندگي ۽ موت آقا صلي الله عليھ وسلم جي زبان مبارڪ مان نڪتل لفظن تي هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم اُتي ئي ڪعبي جي دروازي تي بيٺي بيٺي پُڇيو:
”اي قريشيو! اوهين ڇا ٿا سمجهو
منهنجو اوهان جي باري ۾ ڪهڙو فيصلو هوندو؟
ميڙ مان جواب آيو
خيراخ کريم و ابن اخ کريم.
”اسين اوهان مان ڀلائي ۽ خير جي اُميد ٿا رکون، ڇو ته اوهين پاڻ ڀَلارا ۽ ڀلائي ڪندڙ ڀاءُ آهيو.“
جواب ڏيندڙ سُهيل بن عمرو هو، جنهن صلح حديبيه جا شرط طئي ڪيا هئا ۽ پنهنجي مسلمان پُٽ ابو جندل کي ٿڦڙ هڻي پاڻ سان گڏ مڪي وٺي ويو هو.
جنهن لکيل لفظ ”رسول الله“ ڪٽرايو هو.
پر آقا صلي الله عليھ وسلم جي ٻاجهه هر سمنڊ کان اونهي هئي.
هُن جي رحم کان هر آسمان هيٺ هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم جي ٻاجهه ۽ رحم دليءَ جو جوش جولان ۾ آيو
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو آءٌ اوهان کي اِهائي ڳالهه ٿو چوان جيڪا سيدنا يوسف عليھ السلام پنهنجن ڀائرن کي چئي هئي.
اذ هبو انتم الطلقاءَ لاتثريب عليکم اليوم
”يعني، جيڪو ڪجهه ٿيڻو هو، سو ٿي چڪو، اڄ اوهان تي ڪوبه الزام ڪونهي. وڃو اوهان سڀني کي معافي آهي.“
هڪئي جُملي ايڪيهن سالن تائين ڏوهه ڪندڙ ڏوهارين کي قيدي بنائڻ کانپوءِ معاف ڪري ڇڏيو
وڃو سڀ آزاد آهيو
غير مشروط طور تي
ايمان آڻيو يا نه آڻيو، آزاد آهيو
ڪنهن به سزا ڏيڻ کانسواءِ
ڪوبه فديو وٺڻ کانسواءِ.
قريشن جي ميڙ ۾ زندگيءَ جون نسون ٻيهر ڦڙڪڻ لڳيون.
هئڊن ٿيل چهرن تي خوشيءَ سان ڀريل رنگ اُڀرڻ لڳو.
هو سڀ بَچي ويا.
کين يقين ئي نه پي آيو
کين قيد مان آزادي ملي آهي.
سندن تلوارن جي هيٺان لڙڪندڙ ڪنڌن کي ڇوٽڪارو ملي ويو آهي.
سوريءَ تي لڙڪندڙ سندن جسم ڦندن کان ٻاهر اچي ويا آهن.
اهڙي ڪريمي، اهڙي رحمدلي، انساني تاريخ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺي ويئي، نه ٻُڌي ويئي ۽ نه پَڙهي ويئي. اهو ڏينهن سڄي جهان کي رحمت العالمين جي رحمت ڏيکارڻ جو ڏينهن هو، اهڙي ڳالهه ته ڪڏهن ڪنهن سوچي به نه هوندي.
خطبي مان واندا ٿي عثمان بن طلحه کي سڏيائون.
بيت الله جي چاٻي اڃا سوڌي آقا صلي الله عليھ وسلم جي هٿ ۾ هئي.
ڪو وقت اهڙو به هو جڏهن آقا صلي الله عليھ وسلم عثمان بن طلحه کان اها چاٻي گُهري هئي. هن نهڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي زبان سان انڪار ڪيو هو. آقا صلي الله عليھ وسلم کيس اُن ڏينهن به چيو هو:
عثمان هڪ ڏينهن اِها چاٻي منهنجي هٿ ۾ هوندي ۽ آءٌ جنهن کي چاهيندس اُن کي ڏيندس. آقا صلي الله عليھ وسلم اهو سڀ ياد ڪرائي پنهنجي هٿ ۾ جهليل چاٻي ڏيکاري،
آسمان تان وَحي لٿي
”اي پيغمبر! الله توکي حڪم ٿو ڏي ته امانتون امانت وارن کي پهچائي.“
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو
عثمان منهنجي ويجهو اچ
عثمان بن طلحه ويجهو آيو
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو:
”هيءَ چاٻي وَٺ، اڄ سُهڻي سلوڪ ۽ وعدي نباهڻ جو ڏينهن آهي، هيءَ چاٻي قيامت تائين وَٺ. هيءَ چاٻي توکي الله ڏياري آهي. ظالم ۽ غاصب کانسواءِ ٻيو ڪير به توکان هيءَ چاٻي نه کسيندو. اي عثمان! الله اوهان ماڻهن کي پنهنجي گهر جو امين بنايو آهي. تنهن ڪري توکي بيت الله مان جيڪو ملي اهو رسم ۽ رواج موجب استعمال ڪج.“ ]طبقات ابن اسعد، زرقاني، فتح الباري[
سيدنا عثمان بن طلحه کي نسل در نسل ان خدا جي گهر جي پاسباني جو مليل اعزاز ڪيئن لڳو هوندو.
اها سوچڻ جي ڳالهه آهي.
خدا کي به ياد هوندو.
هي اهو ئي شريف ۽ امانت دار شخص آهي، جيڪو هجرت وارن ڏينهن کان پهرين، مڪي مان هجرت ڪندڙ پهرين مسلمان خاتون اُم سلمه ۽ سندس پُٽ کي پنهنجي اُٺ تي ويهاري، مڪي کان مديني سندس مڙس ابو سلمه وٽ ڇڏڻ ويو هو، جنهن جي باري ۾ سيده اُم سلمه چوندي هئي ته مون هن کان وڌيڪ پرهيزگار ۽ شريف ٻيو ڪوبه شخص نه ڏٺو، جنهن پنج سئو ڪلوميٽرن جي ڏهن ڏينهن جي سفر ۾ هڪ ڀيرو به کيس پاڻ ڏانهن اک کڻندي نه ڏٺو. جيتوڻيڪ اُم سلمه مسلمان هئي ۽ ان وقت عثمان بن طلحه مُشرڪ ۽ ڪافر هو. اها ئي اُم سلمه، احد ۾ پنهنجي مڙس ابو سلمه جي شهادت کان پوءِ آقا صلي الله عليھ وسلم جي نڪاح ۾ اچي سڀني مسلمانن جي ماءُ جي حيثيت اختيار ڪري ويئي ۽ عثمان بن طلحهرضه کي انعام ۾ قيامت تائين سندس ڪُٽنب وٽ خدا جي گهر جي امانت داريءَ جي چاٻي پهچي ويئي.
چاٻي ڪهڙي به تالي جي هُجي
ايئن ته ناهي ملندي
اها چاٻي، جنهن سان ڪائنات جي جوڙ جوڙيندڙ، زمين ۽ آسمان ۽ اُن جي وچ ۾ جيڪي ڪجهه به آهي، اهو سُڃاڻڻ ۽ هلائڻ واري خدا جي پنهنجي گهر جي دروازي جي چاٻي، جڏهن اِها خدا جي گهر جي دروازي ۾ پنهنجي ”انا“ جي صليب تان لهي گُهمي وڃي ته اهو سڳورو دروازو کلي ٿو.
هتي رڳو نور ئي نور آهي
خدا جو نور، قرآن جو نور ۽ نور محمد صلي الله عليھ وسلم
اهو سجدي جو هنڌ آهي
چئني ڏسائن
اُتي طرفن جو ڪو نالو ڪونهي.
اُهو خدا جي گهر جو دوازو آهي. اُن جي چاٻي ۽ اُن جو چاٻي بردار ڪو عام شخص ٿي نٿو سگهي.
خدا هر چاٻي سوچي سمجهي ڏيندو آهي
شايد رڳو اُن کي ڏيندو آهي، جنهن ڪڏهن به ڪنهن جو تالو ناهي ٽوڙيو.
۽ هٿ ۾ آيل چاٻيءَ جو ناحق استعمال نه ٿئي.
اهي سڀ خدا جا راز آهن.
تالن ۽ چاٻين وارا
اُنهن چاٻين سان آسمان تي سج هلي ٿو،
آسمان تي تارا جهرمرڪن ٿا.
چنڊ پنهنجي چانڊاڻ پکيڙي ٿو.
رڻ پَٽ ۾ واري وسندي آهي
سنگلاخ ٽڪرين تي اُس چڙهندي آهي.
ساين ماٿرين ۾ گؤنچ ڦُٽن ٿا.
ساوڪ جون چادرون پکڙجن ٿيون
نيلن، پيلن ۽ لال گلابي،
سڀني رنگن جي پنهنجي ٻولي
سڀني رنگن جو پنهنجو ڳُجهه
هر ڳُجهه جي پويان چاٻي
هر چاٻيءَ جي پنهنجي کيڏ
چاٻي ملي ته خوش بختي
رستي جو هر دروازو
کُلي پئي ٿو.
سيدنا عثمان بن طلحه جي ڀاڳن جو دروازو کلي پيو.
سج پنهنجي رستي تي هلندو رهيو.
مٿي کان مٿي ٿي نيازمنديءَ سان آقا صلي الله عليھ وسلم ڏانهن جُهڪيو
اڳينءَ جو وقت ٿي ويو هو
آقا صلي الله عليھ وسلم سيدنا بلال بن رباح کي حڪم ڏنو
ڪعبي جي ڀت تي چڙهي ٻانگ ڏي.
پوءِ مڪي جي مُشرڪن هڪ انوکو منظر ڏٺو.
جنهن کي هو تپندڙ واريءَ تي رسين سان ٻڌي ڪاٺ يا لوهه وانگر حقير ۽ بي جان شئي سمجهي گهليندا هئا، جنهن جي هيڻي ۽ اڌ مئل سڄي زخمي بُت تي اُس سبب تپندڙ وڏا وڏا پٿر رکي، هُن جي سِڏڪندڙ وات مان نڪرندڙ لفظن کي سُڻندا هئا، جيڪو پنهنجي جان جي امان گهرڻ جي بدران رڳو هڪئي لفظ چوندو هو احد ... احد ... اُن ڪاري بدن واري غلام کي اڄ ڪهڙو انعام ملي رهيو هو. خدا جي گهر جي ڇت تي چڙهي اُنهن ئي چپن سان خدا جي عظمت بيان ڪرڻ، اها به وڏي آواز ۾.
الله اکبر
اهي چپ، جن کان ڪڏهن پورو ساهه کڻڻ جو اختيار به کسيو ويو هو، جنهن کي چيو ويندو هو ته جيڪڏهن جيئڻو اٿئي ته خدا جو نالو نه وٺ. هن سوچيو ته اهڙيون هزارين زندگيون آءٌ اُن نالي تان قربان ڪري ڇڏيان... جيڪو ڪو ٻيو نه پر رڳو احد آهي. هڪ آهي، اڪيلو واحد الله آهي.
الله اڪبر
اڄ اُن واحد خدا جي طرفان انعام ڏيڻ جي گهڙي هئي
غلام خدا جي گهر جي ڇت تي بيٺو هو،
اهڙين عظمتن لاءِ غلام ئي چونڊيا وڃن ٿا، تاريخ اهو ئي ٻُڌائي ٿي.
غلام به ڪنهن جو؟
اُن آقا صلي الله عليھ وسلم جو، جيڪو خدا جو سڀ کان وڏو غلام آهي.
بلال ڪَنن تي هٿ رکي سڏي رهيو هو
الله اکبر
الله اکبر
مڪي جي قريشن جي لاءِ اها ٻِٽي وڏي حيرت هئي.
هڪ اها ته ڪو خدا جي گهر جي ڇت تي چڙهي
گويا انسان جي حيثيت ۽ عزت خدا جي گهر کان وڌي ويئي
ٻي اها ته اهو غلام هُجي، ڪارو شيدي هُجي
۽ اهو سڏي، ڇا... الله جو نالو... خدا جي عظمت
اُتي ته صدين کان پنهنجي قبيلي، پنهنجن ابن ڏاڏن ۽ پنهنجي واکاڻ ڪرڻ ۽ ٻُڌڻ جو رواج هو. هيءَ وري ڪهڙي نئين رسم شروع ٿيڻ واري آهي. پنهنجي ذات کان وڌيڪ ڪنهن ٻي کي چوڻ جي عادت-
مُشرڪ قريش سوچي رهيا هئا،
وڏي ذات ته فقط هڪئي آهي... الله
صرف الله ئي وڏو آهي.
الله اکبر
باقي سڀ ٻانها
غلامن جو به هڪ ئي آقا صلي الله عليھ وسلم آهي.
اهو به خدا جو غلام آهي.
الله اکبر
سيدنا بلال ٻانگ ڏيئي رهيو هو.
ميڙ ۾ سانت-
هڪ ايڪيهين سالن جي ڇوڪري عتاب بن اسيد ڀُڻ ڀُڻ ڪري پنهنجي ڀَر ۾ بيٺل ابو سفيان بن حرب ۽ ٻين ساٿين کي چيو- ”الله منهنجي پيءُ اسيد جي عزت رکي ورتي. جو هُو هي آواز ٻڌڻ کان اڳ مري ويو، نه مري ها ته اڄ کيس هي آواز ٻڌڻو پوي ها.“ ڀَر ۾ حارث بن هشام چيو: ٻُڌ! مون کي جيڪڏهن علم هجي ته تون حق تي آهين ته آءٌ ضرور تنهنجي پيروي ڪريان ها. پوءِ هو ابو سفيان بن حرب کان سندس راءِ ٻڌڻ جي لاءِ جُهڪيو ته ابو سفيان چيس: ڏس! خدا جو قسم! آءٌ هڪ لفظ به نه چوندس، ڇو ته جيڪڏهن مون زبان مان هڪ لفظ به ڪڍيو ته هي پٿريون به مون بابت خبر ڏينديون. هن پَٽ تان ڪجهه پٿريون هٿ ۾ کڻي عتاب بن اسيد ۽ حارث بن هشام کي ڏيکاريون.
ٿوري دير کان پوءِ آقا صلي الله عليھ وسلم اُتان لنگهيا
انهن ٽنهي وٽان لنگهندي گهڙي کن بيٺا ۽ فرمايائون: اوهان ٽنهي جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن،
پٿريون اِهي مون کي ٻڌائي چڪيون آهن، پوءِ آقا ﷺ اهي سڀ ڳالهيون ورجايون، جيڪي ٻُڌي حارث بن هشام ۽ عتاب بن اسيد جون اکيون ڦاٽي ويون ۽ وات پَٽيل رهجي ويا ۽ هو ٻئي هڪدم گوڏن ڀر ويهي ڪنڌ جهڪائي چوڻ لڳا.
اسين شاهدي ٿا ڏيون ته اوهان واقعي الله جا رسول آهيو ۽ الله هڪ ئي آهي.
الله اکبر.
آقا صلي الله عليھ وسلم اُن ايڪيهن ورهين جي عتاب بن اسيد کي ڪلهي کان جهلي پاڻ سان ورتو، اهو عتاب بن اسيد جيڪو ڪجهه گهڙيون اڳ چئي رهيو هو ته شڪر آهي جو منهنجو پيءُ گذاري ويو، نه ته اڄ کيس هي آواز ٻڌڻون پوي ها. کيس آقا ﷺ مڪي جو گورنر نامزد ڪري ڇڏيو.
هڪ گهڙيءَ ۾ ڀاڳ ايئن ٿا بدلجن.
گهڙي گهڙيءَ جو نصيب هوندو آهي.
جاءِ جاءِ جي ڳالهه هوندي آهي.
هاڻ اهو عتاب بن اسيد سوچي رهيو هو ’ڪاش منهنجو پيءُ زنده هجي ها ته ڏسي ها ته سندس پُٽ مڪي جو راجا بنجي ويو آهي.‘
جنهن گهڙيءَ سيدنا بلال ٻانگ ڏيئي رهيو هو، ان مهل سامهون ميڙ ۾ ڪجهه ٻارڙا ٻانگ جو نئون آواز ۽ نئون انداز ڏسي حيران ٿيا. ڪجهه ٻارن سيدنا بلال جي ٻانگ جي آهل ڪندي جملا وڏي سَڏ چيا. اها آهل ڪندڙن ۾ هڪ سورهن سالن جو ٻارڙو ابو مخذوره به هو، سندس آواز سُٺو ۽ سُريلو هو، پر ان گهڙيءَ ته هن شرارت ڪئي هئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم انهن شرارتين کي ڏسي ورتو
فرمايائون: جهلي اچو هُنن کي
جهلڻ وارا ڊوڙيا...
ڪجهه ٻارڙا ڀڄي ويا
ابو مخذوره ۽ ڪجهه ٻارڙا جهلجي پيا.
هو سڀ سمجهي ويا ته هاڻ مارجي وينداسين.
قتل ڪيا وينداسين.
آقا صلي الله عليھ وسلم سڀني کي ڇڏي ڏنو
پر ابو مخذوره کي وڃڻ نه ڏنو.
هو سَمجهي ويو ته بس هاڻ ماريو ويندس
آقا صلي الله عليھ وسلم ابو مخذوره کي چيو:
هاڻ آهل ڪڍ.
ساڳئي طريقي سان ٻانگ ڏي
ابو مخذوره سمجهي ويو ته ٻانگ ٻڌي قتل جو حڪم ڏيندو.
پنهنجي زندگيءَ جي آخري هڏڪيءَ وانگر عجيب سوز مان ٻانگ ڏنائين.
آقا صلي الله عليھ وسلم کيس درهمن مان ڀريل هڪ ٿيلهي ڏني.
سندس مَٿي ۽ پيشانيءَ تي مُحبت مان هٿ ڦيريو.
پوءِ سيني ۽ پيٽ تي هٿ مبارڪ سان ٿڦڪي ڏني، پوءِ دعا ڪئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم جو هٿ مبارڪ مَٿي، پيشاني ۽ سيني تي ڦِرڻ سان ابو مخذوره جو ڦِرڪو ئي ڦِري ويو. هو محبت ۽ ديوانگيءَ مان ﷺ کي تڪڻ لڳو.
چيائين
آقا صلي الله عليھ وسلم مون کي ٻانگ ڏيڻ اچي ويئي آهي.
مون کي ٻانگو مقرر ڪرڻ فرمايو
اهو ته ڏيڻ جو ڏينهن هو
آسمان تان ڪريمي ۽ رحمت زمين تي لٿل هئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم کيس خانه ڪعبه جو ٻانگو مقرر ڪري ڇڏيو.
الله اڪبر
گورنر ايڪيهين سالن جو
ٻانگو سورهن سالن جو
ڪجهه گهڙيون اڳ هو ٻئي ڇا هئا
۽ هاڻ ڪجهه گهڙين ۾ هو ڇا مان ڇا ٿي ويا.
اهو آهي گهڙين جو ڀاڳ
گهڙي گهڙيءَ جي ڳالهه آهي
ڳالهين ڳالهين ۾ ڳالهه جي تقدير
هُن جي تدبير جي اڳيان
هر تدبير بيڪار
مڪو فتح ٿي ويو
هاڻي دليون فتح ٿيڻ لڳيون
مُحبت ئي هڪ اهڙي تلوار آهي
جيڪا جنهن تي وار ڪري
اهو مات ٿيو وڃي.

اشتهاري ڏوهاري

اشتهاري ڏوهاري

ايڪيهين سالن تائين آقا صلي الله عليھ وسلم ۽ سندس ساٿين تي بي حد ظالماڻن ڏوهن ۾ ملوث پندرهن ماڻهن جا نالا لکي ڪعبي جي ڀت تي ٽنگيا ويا ته هنن ماڻهن کي ڇڏڻو ڪونهي، اِهي جتي به هٿ چڙهن کين جهلي ماريو وڃي. پوءِ ڀلي هو ڪعبة الله جي پردن جي پويان ئي لڪيل هُجن.
اُنهن پندرهن ڄڻن ۾ ڇهه شاعر ۽ چار زائفائون به هيون.
شاعر اهي هئا جن انهن ايڪيهن سالن ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم ۽ سندس هدايت جي پيغام کي بدنما بڻائي، پنهنجن لفظن جي ٺاهه ٺوهه سان لڳاتار اسلام جي توهين ۾ شاعري ڪئي هئي. آقا صلي الله عليھ وسلم جي ”هِجو“ لکي هئي. آقا صلي الله عليھ وسلم جي غلامن جي توهين ڪئي هئي، الله ۽ ان جي رسول جو مذاق اُڏايو هو.
انهن شاعرن ۾ سڀني کان اڳڀرو ڪعب بن زهير هو.
مڪي جي فتح واري ڏينهن هو پنهنجي ڀاءُ بجير بن زهير سان گڏ مڪو ڇڏي ڀڄي وڃي نجد جي هڪ غير معروف علائقي ’ابرق الفرات‘ ۾ لِڪو. سندس ڀاءُ بجير بن زهير به شاعر هو، اُن ڪعب بن زهير کي چيو:
تون ترس
آءٌ وڃي خبر چار وٺان ٿو ته معافيءَ جي ڪا صورت آهي.
ڪعب بن زهير چيو: حڪم ٿي چڪو آهي ته ڪعبي جي غلاف جي اندر به لڪل هُجي ته به ماري ڇڏجو، پوءِ ڪٿي پناهه ڳولهيندين؟
ڀاڻس بجير وراڻيس
شايد اها پناهه جيڪا خدا جي گهر جو غلام به ڏيئي نه سگهي، اها آقا صلي الله عليھ وسلم جي قدمن ۾ ملي وڃي، مون کي وڃڻ ڏي.
هو مڪي هليو ويو
آقا صلي الله عليھ وسلم وٽ حاضر ٿيو، هڪ ٻول ٻوليائين
لا الٰھ الا الله محمد رسول الله
پناهه ملي ويئي.
خدا جي به ۽ اُن جي رسول جي به.
بجير ڪلمو پڙهي هڪ مڪمل بدليل شخص هو، جنهن کي اندر مَن جي روشني ملي ويئي.
هو آقا صلي الله عليھ وسلم جي غلاميءَ ۾ اچي ويو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ جڏهن آقا صلي الله عليھ وسلم هوازن جي جنگ ۽ پوءِ طائف طرف ويا ته ساڻن گڏ هو. هن پنهنجي اکين سان عربستان جي وڏن وڏن چڱن مَٺن سردارن کي ڏٺو، جيڪي آقا صلي الله عليھ وسلم سان سخت وير رکندا هئا، پر جڏهن ايمان آندائون ته آقا صلي الله عليھ وسلم سندن گرمجوشيءَ سان آڌر ڀاءُ ڪيو. کين معاف ڪري ڇڏيو ۽ هڪ لفظ به شڪايت جو زبان مان نه ڪڍيو. هن پنهنجي لڪل ۽ ڀاڄوڪڙ ڀاءُ ڪعب بن زهير کي خط لکيو.
”ادا،
تون ڪيستائين سچ کان پري ٿي لڪندو وتندين
هو واقعي سچو نبي آهي
مون کي معافي ملي چڪي آهي
تون به دير نه ڪر
پاڻ اچي حاضر ٿي
هو ته سَراپا رحمت آهي
توکي نوازي ڇڏيندو، اَڏي ڇڏيندو“.
خط پڙهي ڪعب بن زهير کي پنهنجي ڏسا وڃايل زندگيءَ ۾ ڏسا نظر اچڻ لڳي، هن جي دل بدلجڻ لڳي، اندر ۾ جيڪو ڊپ هئس ته ڪٿي سڃاتو نه وڃان، جهلجي، مارجي نه وڃان، اشتهاري ڏوهاري آهيان.
آقا صلي الله عليھ وسلم بابت پُڇا ڪيائين
خبر پئي ته آقا صلي الله عليھ وسلم مديني وڃي چڪا آهن
هو مديني هليو ويو
آقا صلي الله عليھ وسلم کيس ڪڏهن به نه ڏٺو هو.
اجنبي بنجي آقا صلي الله عليھ وسلم جي اڳيان پيش ٿيو.
هن جو سَند سَند ڏڪي رهيو هو.
چپ ۽ نڙي خشڪ هئس.
ڊپ سبب اکيون اندر گهڙي ويل.
پر آقاﷺ جي روشن چهري تي نظر پوندي ئي دل ۾ اطمينان لهڻ لڳس.هو جيڪو سڀ وساري ويٺو هو، کيس سوال ڪرڻ اچي ويو.
سوال ڪيائين
يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم اوهان سڀني توبه ڪندڙن کي معاف ڪري ڇڏيندا آهيو.
جيڪڏهن ڪعب بن زهير به شرمندو ٿي اوهان جي سامهون مسلمان ٿيڻ جي لاءِ پيش ٿئي ته ڇا هو امان جو حقدار هوندو؟
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو: هائو.
ڪعب بن زهير جو روح سندس جسم ۾ ڌمال وجهڻ لڳو. هڪدم چيائين:
آقا صلي الله عليھ وسلم
اي الله جا رسول صلي الله عليھ وسلم
آءٌ ئي اهو بدبخت آهيان، پنهنجن ڪرتوتن تي نادم آهيان. خدا کي واحد ۽ اوهان کي خدا جو سَچو رسول صلي الله عليھ وسلم مڃڻ جو اقرار ٿوڪريان.
هڪ انصاري ڀَر ۾ تلوار کڻيو ويٺو هو.
هن شاعر جي پراڻي شاعري ٻُڌي هئي،
تلوار کڻي چيائين
آقا صلي الله عليھ وسلم موڪل ڏيو ته هن جي سسي لاهي ڇڏيان.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو، نه، تون هن جو ڪنڌ ڪيئن ٿو لاهي سگهين، جيڪو اسلام جي چائنٺ تي جُهڪي چڪو آهي، هاڻ هي توبه ڪري سلامتيءَ جو رستي تي آيو آهي.
هي امن ۾ آهي
منهنجي امان ۾ آهي.
سيدنا ڪعب بن زهير جڏهن پنهنجي سڄي زندگي پنهنجن لفظن سان آقا صلي الله عليھ وسلم کي گهاءُ ڏنا هئا، ويٺي ويٺي وجد ۾ اچي، ڪيف ۽ مستيءَ ۾ جهومي هڪ پروانو بنجي شمع رسول الله ﷺجي چوڌاري طواف ڪندي آقاﷺجي ثنا ۾ قصيدو پڙهڻ لڳو:
بانت سعاد و قلبي اليوم مبتول
متيم اثر هالم يفد مکلبول
پوءِ جڏهن هي بند پڙهيائين:
ان الرسول سيف يستصاء به
مهند من سيون الله سسلول
ته آقا صلي الله عليھ وسلم جيڪا دلڪش يمني چادر اوڍي رکي هئي، اها لاهي ڪعب بن زهير کي اوڍائي.
پرواني جي عيد ٿي ويئي.
اهو جنهن جي لاءِ موت جو پروانو ڪعبي جي ڀت تي لڳل هو، کيس اهڙو ته امن مليو ته آقا صلي الله عليھ وسلم جي ڪُلهن جي چادر هن جي جسم تي اچي ويئي.
هُن جا نصيب جاڳي پيا.
باقي سڄي زندگي هو آقا صلي الله عليھ وسلم جا قصيدا ڪُڇندو رهيو.
اُن فهرست ۾ ڪجهه ٻيا شاعر به هئا، ان زماني ۾ شاعر ’ميڊيا ميگنٽ‘ هوندا هئا. هلندڙ ڦرندڙ ٽي وي چينلس يا روزانيون اخبارون. هنن جا چيل شعر ماڻهو ياد ڪري وٺندا هئا ۽ ايئن هڪ فرد جي چيل ڳالهه هجوم جي زبان بنجي ويندي هئي. شاعرن سُٺن ۽ خراب ٻنهي قسمن جي جذبن کي وڌائڻ ۾ گهڻي هٿي ڏيندا هئا. اِهي جيڪي فتني خوريءَ ۾ پنهنجي اندر ۾ لڪل بغض ۽ پنهنجي انا جي تسڪين يا پنهنجي فسادي سردار جي خوشنوديءَ جي لاءِ سچ کي گرهڻ هڻي، لغو ۽ بُڇڙين ڳالهين کي هوا ڏيئي وڌائيندا هئا، اهي آقا صلي الله عليھ وسلم جي پڪڙ ۾ اچي ويندا هئا، انهن کي ٺڪاڻي لڳائڻ ضروري هو. حارث بن طلاطل، عبدالله بن زبعري، حويرث بن نقيد کانسواءِ ٻه ٻانهيون شاعرائون به هُيون.
فرتني ۽ قريبه.
پر اُنهن مان گهڻن هوا جو بدليل رخ ڏسي، پنهنجي اندر جي هوائن جو رخ موڙيو ۽ توبه تائب ٿي آقا صلي الله عليھ وسلم کان امن ۽ امان ورتائون.
عڪرمه بن ابو جهل ۽ صفوان بن اُميه بن خلف به انهن ماڻهن مان هئا. ٻنهي مڪي جي فتح واري ڏينهن هروڀرو خالد بن وليد جي لشڪر تي وجهه وٺي لڪي حملو ڪرائي نه رڳو پنهنجا ويهه بي وقوف مارايا، پر ٻن مسلمانن کي به شهيد ڪرايو هو، جڏهن ته سڀني مڪي وارن کي سندن سردار ابو سفيان بن حرب جي درخواست تي امن ڏنو ويو هو.
ٻيئي اُن ڏينهن ئي مڪي مان ڀڄي ويا.
عڪرمه بن ابوجهل ڀڄي يمن طرف ويو، سندس گهرواري ”ام حڪيم“ ڊوڙي آقاﷺ وٽ آئي، سندس دل ته اڳ ۾ ئي اسلام لاءِ اُڪير پئدا ٿي چڪي هئي، هاڻ ته سڀ ڪجهه ڏينهن وانگر چِٽو ٿي چڪو هو، آقا جي خدمت ۾ حاضر ٿي توحيد ۽ آقا ﷺجي رسالت جو اقرار ڪيائين.
آقا ﷺکان پنهنجي مڙس عڪرمه جي لاءِ امان گهريائين.
رحمت العالمين کان رحم گهريائين.
رحم ڪيئن نه ملي ها.
ملي ويو.
امان ملي ويئي ابوجهل جي پُٽ کي.
هوءَ رنڙ ٿيڻ کان بچي ويئي،
هن جو چهرو خوشيءَ سان چمڪڻ لڳو.
هُن عڪرمه جي پويان ماڻهو ڊوڙايا، پاڻ به سندس پويان ويئي.
عڪرمه جدي مان ڪنهن ٻيڙيءَ تي سوار ٿيڻ وارو هو. زالهنس وڃي روڪيس. چيائينس: توکي زندگي مبارڪ هُجي. توکي آقا صلي الله عليھ وسلم کان امان ملي ويئي آهي، هاڻ مون سان گڏجي موٽي هَل ۽ عڪرمه بن ابوجهل ڊنل قدمن ۽ هَڄيل چهري سان آقا صلي الله عليھ وسلم جي اڳيان حاضر ٿيو. عڪرمه تي نظر پوندي ئي آقا صلي الله عليھ وسلم مُرڪي اهڙي ته تيزيءَ سان سندس استقبال جي لاءِ اُٿيا، جو آقا صلي الله عليھ وسلم جي ڪُلهن تي پيل چادر کسڪي ڪري پيئي. عڪرمه جو آڌرڀاءُ ڪري کيس محبت سان پنهنجي ڀَر ۾ ويهاريو.
عڪرمه به ابوجهل جو پُٽ هو
ايترو جلد سندس دل نه ڦِري.
کيس به تيز نظرن سان هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ جي عادت هئي. منهن تي ندامت ۽ شرمندگي ته هُيس، پر ڪنڌ اڃا به آڪڙ ۾ اُڀو هئس.
چيائين: سائين! اوهان سراپا رحمت آهيو، پر ايمان آڻڻ ۾ اڃا ٿوري هٻڪ ا ٿم، مون کي ٻن مهينن جو وقت ڏيو سوچڻ لاءِ.
آقا صلي الله عليھ وسلم مرڪي فرمايو،
توکي چئن مهينن جي مهلت ٿا ڏيون.
چار مهينا ته پري رهيا
چئن ڏينهن ۾ ئي هن جي مَن جي منجهيل ڏوري سُلجهي ويئي.
هن جي روح سچ کي سڃاڻي ورتو.
۽ دل جي گهراين سان آقا صلي الله عليھ وسلم جي غلام هئڻ جو وڏي واڪي اعلان ڪيو.
لا الھ الا الله محمد رسول الله صلي الله عليھ وسلم
سيدنا عڪرمه بن ابوجهل هڪ شاندار صحابي بڻيو ۽ ڪيترين ئي جنگين ۾ سالار بنجي حصو ورتو. سيدنا صديق اڪبر جي خلافت ۾ ’جنگ اجناد‘ ۾ شهادت جو رتبو حاصل ڪيو. اُن وقت سندس جسم تي ستر کان به وڌيڪ زخم هئا. اهو جنهن ڪڏهن اسلام کي زخم ڏنا، ان جي ڪايا اها پلٽي ته اسلام جي راهه ۾ اُن کان به ججها زخم کاڌائين ۽ امر ٿي ويو.
ڀاڳ ڏي ڀيڙو ته... هر ڪنهن جو پنهنجو نصيب.
پيءُ ابوجهل ئي رهيو
مُئو ته بَدر جي هڪ ڪِني کوهه ۾ ڦِٽو ڪيو ويو.
پُٽ ڪيتري ئي عرصي تائين آقاﷺ سان دشمني نڀائيندو رهيو، پوِءِ جڏهن ڀاڳ چمڪيو، خدا طرفان هدايت ملي، آقاﷺجي غلاميءَ ۾ آيو ته شهادت جو درجو حاصل ڪيائين.
صفوان بن اُميه سان به ايئن ٿيو.
پيءُ جي بدلي ۾ هن ڀاڙي جو قاتل مديني موڪليو، جيڪو اُتي وڃي آقاﷺجو غلام بنجي ويو. مسلمان ٿي ويو. خود هن سڀني جنگين ۾ اسلام ۽ رسول الله ﷺجي خلاف وڌي چڙهي حصو ورتو. رجيع جي دوکي ۾ سيدنا زيد بن دثنه کي خريد ڪري مڪي جي حد تنعيم ۾ وٺي وڃي ميڙ گڏ ڪري قتل ڪيو. مڪي جي فتح جي ڏينهن، امن جي اعلان جي باوجود به هن خالد بن وليد جي دستي تي هلان ڪئي، پر سندس زال ”فاخته“ اُڏري آقا ﷺوٽ ويئي، خود هدايت جو اقرار ڪيائين، مسلمان ٿي ۽ آقا ﷺکي پنهنجي مڙس جي لاءِ امن جي درخواست ڪيائين.
آقا ﷺ صفوان جا سڀئي ڏوهه ڄاڻندي به درخواست قبول فرمائي.
سيده فاخته کي يقين اچڻ ۾ ٿوري دير لڳي ته سندس مڙس بچي ويو آهي.
دل ۾ ڊپ هئس ته کيس ڪو ڏسي ماري نه وجهي.
هن جو اشتهار ته ڪعبي جي ڀت تي لکيو پيو آهي. ليلائيندي آقا صلي الله عليھ وسلم کي عرض ڪيائين:
آقا ﷺ هُن کي امن ڏيڻ جي ڪا نشاني ڏيو.
آقا ﷺجي عنايت جي ڪا حد هئي ڇا؟
مٿي تي ٻڌل ڪاري پڳهه، جيڪا اُن وقت به آقا ﷺجي مٿي مبارڪ تي هئي، جڏهن پاڻ سڳورا فاتح اعظم بنجي قصويٰ تي ويهي مڪي شهر ۾ وڏي جلال ۽ شان سان سپهه سالار بنجي داخل ٿي رهيا هئا، پر عجز جي حالت اها هئي ته ڪنڌ جُهڪائي خدا جي حضور ۾ اُٺڻي تي ويٺي سجدي ۾ پيل هئا، اُن وقت کيس اهائي پڳهه پاتل هئي، سيده فاخته جي ڳالهه ٻُڌائين ۽ جلدي امن جي نشانيءَ طور اها ڪاري پڳهه لاهي سندس هٿ ۾ ڏنائين.
ته وڃ... ڪو پُڇي ته چئج
هن ڪاري ڪمليءَ واري پناهه ڏني آهي.
اُنهن پندرهن ڏوهارين ۾ هڪ هبار بن الاسود به هو.
هي اهو ئي ستم گر هو، جنهن آقا صلي الله عليھ وسلم جي سڀني کان وڏي نياڻي سيده زينب تي مڪي مان مديني ايندي گهوڙي تي ويهي پنهنجي نيزي سان حملو ڪيو هو. سيده جي اُٺ ڇرڪ ڀريو ۽ سيده پنهنجي اُٺ تان ڪِري پيئي، اميد سان هئي، ٻار زيان ٿي ويس. سيده جي مٿي تي به ڌڪ لڳو، ڪيتري عرصي تائين زخم چِڳندو رهيو، ان ئي زخم سبب گذاري ويئي.
جرم ته گهڻو سنگين هو
پر آقاﷺ جي رحمت جي به ڪا حد نه هئي.
هو توبه ڪري آيو ته آقا ﷺمُرڪي معاف ڪري ڇڏيس.
عبدالله بن سعد ابي سرح مرتد ٿي ڪافرن سان وڃي گڏيو. هو سيدنا عثمان بن عفان جو رضاعي ڀاءُ هو. مڪي جي فتح واري ڏينهن روپوش ٿي ويو. سيدنا عثمان رضه جي درخواست تي آقا ﷺسندس شرمندگي ٻڌي. هُن ٻيهر هدايت جو اقرار ڪيو. آقا ﷺجي بيعت ڪيائين، معافي مليس. پوءِ سڄي عمر صالح مسلمان رهيو، بعد ۾ جڏهن مصر تي مسلمانن جي حڪومت قائم ٿي ته اُتي جو گورنر به ٿيو.
آقا ﷺجي ڪرم نوازين جي حد کي ڪير ٿو ڄاڻي سگهي.
مديني مان سيدنا حاطب بن ابي بلعه جو مڪي خط کڻي ايندڙ جاسوسڻ ساره جو نالو به اُن فهرست ۾ شامل هو، جنهن کي آقا صلي الله عليھ وسلم جي حڪم تي سيدنا عليٰ فاخ باغ ۾ وڃي جهليو هو، پر ڪتابن ۾ لکيل آهي ته هوءَ به بچي ويئي، شرمندگيءَ جا ڪجهه ڳوڙها ڳاڙي اسلام جي دولت حاصل ڪري ورتائين.
آقا ﷺکي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو صدمون رسائيندڙ اهو هو، جنهن ٽارگٽ بنائي پنهنجي ذاتي جوفَ ۾ شير خدا ۽ شير رسول سيدنا امير حمزي کي نيزو هڻي شهيد ڪيو هو. پوءِ سندس سينو چيري، اُن جو جگر ڪڍي ابو سفيان جي زال هنده بنت عتبه کي ڏنو هو. سو به اُن فهرست ۾ شامل هو، ايترو گهٽيا ڏوهه دنيا جي ڪنهن به ملڪ، ڪنهن به تهذيب، ڪنهن به قانون ۾ معافيءَ جوڳو نه آهي.
پر آقا ﷺته ڪائنات ۾ معاف ڪرڻ جو سبق ڏيڻ آيو هو.
کيس به معاف ڪري ڇڏيائين
کيس فقط هڪ ڳالهه چيائين.
وحشي... اُن جو نالو وحشي هو
کيس چيائين وحشي منهنجي سامهون نه اچج.
اُن جو مقصد کانئس نفرت جو اظهار نه هو، ذهن ۾ اِهو هو ته کيس پنهنجو محبوب دوست چاچو ياد اچي ويندو ۽ اندر جي پنهنجي ”انا“ جي ان سوچ سان متان ڪا رڳ ڦڙڪي ته ڏس هيڏي وڏي ڏوهه جي باوجود به کيس معاف ڪري ڇڏيم.
اها انتهائي نوڙت جي به انتها آهي.
آقا ﷺته پنهنجي ذات جي سڀ کان وڏي صفت رحمة العالمينيءَ کي به پاڻ لاءِ فخر جوڳي بنجڻ نه پي ڏنو. نوڙت ۽ معافي جي اها حالت دنيا ۾ ڪٿي ٿي آهي. اهو آقا ﷺجنهن جي جگر جي ٽڪري جو سينو چيري وحشيءَ هٿ ۾ کنيو هو، جنهن سيدنا امير حمزي جو ڪچو جگر وات ۾ وجهي چٻاڙيو هو. اُن عورت جو نالو به ان فهرست ۾ شامل هو.
اُن جي نالي کان سڄو قريش واقف هو.
اها هنده زال ابو سفيان بن حرب، بنت عتبه ۽ ابو لهب جي زال اُم جميل جي ڀيڻ هئي، جنهن لاءِ قرآن ۾ ’ڪنڌ ۾ پوندس رسو ڪاٻاڙ جو‘ جي سزا تجويز ٿي هئي ۽ جيڪا اُن حالت ۾ مُئي جو مٿي تي ڪاٺين جي ڀَري کڻيو پي وئي، جو اها ڀري ڪنهن وڻ سان اٽڪي پيئي ۽ اُن ڇڪ ڇڪان ۾ هوءَ مري ويئي. هنده ان جي ڀيڻ هئي.
هنده جي لاءِ به سزا تجويز ٿي چڪي هئي.
هن جو نالو به ڪعبي جي ڀت تي لکيل هو.
پر سندس گهر کي آقاﷺ امان ڏيئي ڇڏي هئي.
هوءَ گهر ۾ ويٺي، محفوظ رهي
پوءِ مڪي جا مرد ۽ زائفائون آقاﷺجي بيعت ڪرڻ جي لاءِ ٽولين جي صورت ۾ اچڻ لڳا.
ڪوبه پوئتي نه رهيو.
ڪجهه ئي ڏينهن ۾ مڪي جا لڳ ڀڳ سڀئي ماڻهو، جيڪي ٻن هزارن کان ڪجهه وڌيڪ هئا، آقا ﷺجي خذمت ۾ اچي پيش ٿيا.
آقا ﷺصفا جي ٽڪريءَ وٽ ويٺو ماڻهن کان بيعت وٺي رهيا هئا. آقا کان ٿورڙو هيٺ پٿرن تي سيدنا عمر بيعت کانپوءِ ماڻهن کي هدايت ڏيئي رهيو هو، مردن کانپوءِ مڪي جون عورتون آيون.
عورتون تمام گهڻيون آهن.
مشهور عورتن ۾ آقا ﷺجي ماسيءَ جي ڌيءَ سيده اُم هاني بنت ابي طالب به اچي ويئي. هن جي دل ته ننڍي هوندي کان ئي آقا ﷺکي سچو مڃيندي هئي، پر آقا ﷺجي بيعت ڪرڻ ته هڪ بهانو هو، ڪيئن ٿي ٽاري سگهي، بيعت ڪيائين، پر اُم حڪيم ۽ فاخته وانگر پنهنجي مڙس هبير بن ابي وهب مخزومي جي لاءِ پناهه نه گهريائين. نالو ته اُم هاني جو به فاخته هو، پر هوءَ اصل امن جي فاخته هئي، کيس خبر هئي ته سندس مڙس اُن جو اهل ڪونهي ته آقا صلي الله عليھ وسلم کيس پناهه ڏي. سندس مڙس جو نالو به اُن فهرست ۾ هو، جيڪو ڀڄي نجد هليو ويو، اُتي ئي مري ويو.
سيدنا عتاب بن اُميه جون ٻيئي پڦيون عاتڪه ۽ اروي به بيعت جي لاءِ آيل هيون، سڀني بيعت ڪئي.
پر اُنهن بيعت لاءِ ايندڙ عورتن ۾ هڪ انوکي عورت به هئي.
هن پنهنجو سڄو مُنهن نقاب ۾ ڍڪي رکيو هو. رڳو اکيون پي نظر آيس، هن جو ڏوهه ئي ڪجهه اهڙو هو، جو آقا ﷺکي پنهنجو منهن ڏيکاري نٿي سگهي. هن آقا ﷺجي محبوب چاچي امير حمزي جو جگر ڪاٽي کاڌو هو.
اها هنده هئي.
ڦِڪائي ۽ ندامت سبب مُنهن لڪائي ڇڏيو هئائين.
هاڻ به جيڪڏهن ڪنهن جو ڏوهه ايترو وڏو آهي ته مٿس هنده جي پيروي ضروري آهي، کيس پنهنجو سڄو چهرو لڪائڻ گهرجي، جيئن تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هنده لڪايو هو.
پر لڪيل چهري جي اندر به هوءَ زبان جي تکي هئي
آقا صلي الله عليھ وسلم بيعت وٺڻ مهل فرمايو.
وعدو ڪر ته بُتن کي نه پوڄيندينءَ.
مُنهن تي ريشمي نقاب جي اندران سندس چپ چُريا.
اسان جي بُتن ئي اسان کي مارايو. هاڻ نٿا پوڄيون.
وعدو ڪر چوري نه ڪندينءَ.
وراڻيائين: منهنجو مڙس مَرچوٽ آهي، پورو خرچ نٿو ڏي، تنهن ڪري سندس کيسي مان ڪڍي وٺندي آهيان.
اجازت آهي.
ابو سفيان ڀرسان ئي ويٺو هو، چيائين، جيڪو ڪڍيئي سو ڇٽو هاڻ ايئن نه ڪڍج.
آقا صلي الله عليھ وسلم ابو سفيان جي ڳالهه ٻُڌي ڇرڪيا
پُڇيائين: تون هنده آهين؟
هنده هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
ڦڪائيءَ سبب منهن پوءِ به نه کوليائين.
آقا صلي الله عليھ وسلم وري چيو: چئه بدڪاري نه ڪندينءَ.
هنده چيو: سُٺن گهراڻن واريون ايئن نه ڪنديون آهن.
آقا ﷺ فرمايو: وعدو ڪر ته پنهنجي اولاد کي قتل نه ڪندينءَ.
هنده چيو:
جن کي اسان پالي تاتي وڏو ڪيو، تن کي ته اوهان بَدر ۾ قتل ڪري ڇڏيو، هاڻ اسان ڪٿان ٻار ڄڻينداسين ۽ انهن کي پالينداسين.
سيدنا عمر ڀر ۾ ويٺو هو، هنده جي ڳالهه ٻُڌي ڏاڍو کليو.
آقا صلي الله عليھ وسلم وري وعدو ورتو.
فرمايائون:
بهتان تراشي نه ڪندينءَ.
هنده چيو: اِها ته بڇڙي حرڪت آهي، آءٌ نه ڪندي آهيان.
هنده جي بيعت مڪمل ٿي.
سندس نالو اُن فهرست مان نڪري ويو
اُن گهڙي تاريخ ۾ هوءَ ’سيده هنده‘ ٿي ويئي.
چيائين: آقاﷺمون کي اوهان جي شخصيت ۽ اوهان جي ڪُٽنب سان گهڻو ڪينو هو، پر هاڻ مون ۾ عجيب تبديلي آئي آهي، جيڪو چهرو اڳ ۾ سڀني کان خراب لڳندو هئم، هاڻ نوراني چهرو سڀني کان سُٺو ٿو لڳي. اوهان جو ڪٽنب سڀني کان سُٺو ٿو لڳي.
اهو ڪهڙو راز آهي؟
آقا ﷺمُرڪي فرمايو
اهڙو گمان منهنجي دل ۾ به آهي.
هاڻ سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي.
اهو ڪهڙو ڏوهه آهي، جيڪو آقاﷺ برداشت ڪري معاف نه ڪري ڇڏيو هُجي.
ٻڌايو، سڄي ڪائنات ۾ منهنجي آقاﷺ کان وڌيڪ معاف ڪندڙ ۽ درگذر ڪندڙ، مهربان ۽ ٻاجهارو ڪير آهي. جيڪڏهن ڪو آهي ته سڀني ڪتابن کي للڪار آهي.
سامهون آڻيو.

هوازن ۽ حُنين

هوازن ۽ حُنين

مڪي جي فتح کان پوءِ پندرهن ڏينهن تائين، آقاﷺ مڪي ۾ پنهنجين پراڻين تلخ يادن سان ڀريل علائقي شعب ابي طالب جي ڀڪَ ۾ پنهنجو ڳاڙهسري چمڙي جو تنبو لڳائي ٽڪيا. پوءِ خبر آئي ته هوازن ۽ طائف جا مٿي ڦِريل گڏجي حملي جي تياري ڪري رهيا آهن ته جيئن مڪي کي مسلمانن کان ڇڏائي سگهن.
آقا صلي الله عليھ وسلم ماڻهو موڪلي خبر جي تصديق ڪرائي.
خبر سچي نڪتي
سيدنا عبدالله بن ابي حدره اسلمي تحقيق ڪري سڀني تفصيلن کان آقاﷺ کي واقف ڪيو. آقاﷺ لشڪر جي تياري شروع ڪئي. ڏهن هزارن جو لشڪر ته مديني مان آيو هو، مَڪي ۾ نوان ٿيل ٻه هزار مسلمان به اُن ۾ شامل ٿي ويا.
هاڻي جنگ جو سامان گهٽ لڳو
زرهون گهٽ هُيون، ڇو ته دشمن ماهر تيرانداز هو.
هيڏانهن طائف عربستان جو اڪيلو اهڙو شهر هو، جنهن کي چوڌاري حفاظتي ڀت ڏنل هئي.
اُتي گهيرو ڪرڻو پوي ها ته ڪيترو عرصو؟
رسد ۽ فوج جي کاڌ خوراڪ جو خرچ
سڀ حساب لڳايو ويو
احساس ٿيو ته روڪ رقم ۽ جنگي سامان جي گهرج آهي
عبدالله ربيعه امير ماڻهو هو، کانئس ٽيهه هزار درهم قرض ورتو ويو.
صفوان بن اُميه مڪي جي سردارن مان هو، اڃا مسلمان نه ٿيو هو، کانئس هڪ سئو زرهون طلب ڪيون ويون، هن پُڇيو، زوري يا رضا منديءَ سان.
پاڻ سڳورن فرمايو: زوري نه رضامنديءَ سان... بلڪ اُڌاريون. جيتريون ورتيون وينديون، اوتريون واپس ڪيون وينديون، جيڪڏهن ڪا زيان ٿي ويئي ته ان جو معاوضو ڏنو ويندو.
هي اهو همراه پُڇي رهيو هو، جنهن جي جان بخشي کيس امان ڏني ويئي هئي.
اتفاق سان ڪجهه زرهون جنگ ۾ زيان ٿي ويون، واپسيءَ جي مهل آئي ته انهن جو معاوضو پيش ڪيو ويو.
هاڻ صفوان بن اُميه اُهو نه هو.
هن جي ڪايا پلٽجي چڪي هئي.
هن ٻه مهينا سوچڻ جي لاءِ گهريا هئا.
کيس چار مهينا ڏنا ويا هئا.
ٿورن ڏينهن ۾ هُن جي ڪيمسٽري بدلجي ويئي
هو نور سرمديءَ کان باخبر ٿي ويو.
هن جي روح ۽ هن جي اندر جي سوجهري ماهه ڪامل جي پُرنور روشنيءَ کي سڃاڻي ورتو هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم خراب ٿيل زرهن اُڌارين جو معاوضو پڇيو.
سيدنا صفوان بن اُميه هٿ ٻڌي بيهي رهيو. عرض ڪيائين: آقاﷺ وقت وقت جي ڳالهه آهي،
اهو وقت ٻيو هو
۽ هاڻي
هاڻي زرهون ته ڇڏيو جان به زرهه بنجي حاضر آهي
6 هين شوال اٺين هجري، 11 جنوري 629 عيسويءَ تي مڪي جي فتح کان ارڙهن ڏينهن پوءِ آقا صلي الله عليھ وسلم پنهنجو لشڪر وٺي مڪي مان نڪتا. ٻارهن هزار سپاهي هئا. فوج ۾ ماڻهو بنا اُلڪي جي هئا، ڪن ته وڏي واڪي اهو چئي ڇڏيو ته اڄ اسان کي ڪوبه هارائي نٿو سگهي، اسين هيڏي وڏي انگ ۾ آهيون.
مسلمان پهريون ڀيرو انگ ۾ دشمن کان ججها هئا.
ٻارهن هزار مسلمانن جي سامهون ٽن ساڍن ٽن هزارن جو انگ هو.
”حنين“ مڪي ۽ طائف جي وچ ۾ هڪ سوڙهو ۽ ڏکيو لنگهه آهي، جنهن جي ٻنهي طرفن پٿريليون ڳاڙهيون ٽڪريون آهن. لنگهه ۾ ريتي، پٿريون ۽ پٿر، ڪٿي ڪٿي پاڻي جا چشما ۽ ساوڪ به آهي.
هوازن انهن قبيلن جو نالو آهي، جيڪي مڪي ۽ طائف جي وچ ۾ آباد هئا. انهن ۾ بنو ثقيف به هئا، جيڪي طائف مان آيا هئا. سڀ اُن ڊپ ۾ اچي مِڙيا هئا ته مسلمانن جو ايندڙ نشانو اسين هوندا هئاسين. ان کان اڳ جو مسلمان اچي اسان کي وٺن، اسين وڌي کين هٿ وجهون. هُنن حنين ماٿريءَ جي سوڙهي لنگهه کان پرڀرو هڪ کليل ’ماٿري اوطاس‘ ۾ خيما کوڙيا ۽ مورچي بند ٿي مسلمانن جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳا.
فوجي لحاظ کان انهن وقت مان فائدو وٺي حنين ماٿريءَ جي سوڙهي لنگهه، جتان مسلمانن کي لنگهڻو هو، ان جي چئني پاسن تيرانداز ويهاري ڇڏيا. اها صلاح کين لشڪر سان آيل هڪ ڪراڙي ۽ تجربيڪار بنو جشم جي سردار دريد بن صمھ ڏني، جنهن جي اُن وقت عمر 120 سالن کان به مٿي هئي. هن جي اکين ۾ موتيو هو. ٻُڌندو ۽ ڳالهائيندو ته سڀ ڪجهه هو، پر ڏسي ڪجهه به نه سگهندو هو. هو کيس پاڻ سان گڏ وٺي آيا ته جيئن کانئس صلاح وٺجي. پر ان سڄي لشڪر جو سردار ان پوڙهي کان گهڻو چِڙندو هو ۽ پوڙهي جي ڳالهين کي پنهنجي ڪمان ۾ دخل اندازي سمجهندو هو. ان سپهه سالار جو نالو ”مالڪ بن عوف“ هو.
جڏهن اُن جي فوج ”وادي اوطاس“ پهتي ته پوڙهي دريد بن صمھ پڇيو ته هي ڪهڙو هنڌ آهي؟
ماڻهن چيس ”وادي اوطاس.“ پوڙهي خوش ٿي چيو ته مناسب جاءِ آهي، پر هي آواز ڇا جا آهن؟
اُٺن جي سرسراهٽ
گڏ هن جو هينگڻ
ٻڪرين جي ٻي ٻي
ٻارن جون ٻاڪارون۽ ماين جي پاڻ ۾ چِر چِر
هي آءٌ ڇا پيو ٻُڌان؟
ماڻهن انڌي پوڙهي کي ٻڌايو ته اسان جو سالار مالڪ بن عوف سڀني ماڻهن کي اهل ۽ عيال ۽ مال وجهي سميت هِتي وٺي آيو آهي. سندس خيال آهي ته ٻارن ٻچن ۽ مال وجهي جي هئڻ سان سندس سپاهي ميدان ۾ ڄمي وڙهندا ۽ ڀڄندا ڪونه.
پوڙهي دريد چيو.
اوهان وڏي غلطي ڪئي آهي
جڏهن پير اُکڙي ويندا آهن ته پوءِ زالون ٻار ۽ مال وجهو اهي ڄمائي نه سگهندا آهن. اُن مهل رڳو تير ۽ تلوارون ڪم اينديون آهن. پوءِ هو مالڪ بن عوف کي مخاطب ٿيو.
چيائين: مالڪ تون ته رڍن ٻڪرين جو دراڙ آهين.
هي تو ڇا ڪيو؟
جيڪڏهن اسين جنگ هارائي وياسين ته اوهان کي ٻارن ٻچن ۽ مال وجهي جي باري ۾ ذليل ٿيڻون پوندي. منهنجي ڳالهه مڃين ته انهن کي ڪنهن محفوظ هنڌ تي پهچائي، گهوڙن جي پٺيءَ تي ڄمي ويهي غنيم سان وڙهو. جيڪڏهن اوهين کٽي ويا ته هو اوهان سان اچي گڏبا، جيڪڏهن هارائي ويا ته ٻار ٻچا ۽ مال وجهو محفوظ رهندو.
مالڪ بن عوف کي پوڙهي دريد جي ڳالهين تي سخت چڙ لڳي. چيائينس: پَريا مڙس! تنهنجو عقل گاهه پيو چَري. بنو هوازن يا ته منهنجي اطاعت ڪن يا وري آءٌ پنهنجي تلوار پنهنجي پيٽ مان آرپار ڪري ڇڏيندس، پاڻ کي ماري ڇڏيندس.
هوازن قبيلن چيو: سردار مالڪ اسين توسان گڏ آهيون.
پوڙهو دريد چپ ٿي ويو
ڀُڻ ڀُڻ ڪندي چيائين
هيءَ اهڙي جنگ آهي، جنهن ۾ آءٌ نه شامل آهيان، نه ڌار.
پر مالڪ پوڙهي جي هڪ ڳالهه مَڃي.
پنهنجا تيرانداز وادي حنين جي لنگهه جي ٻنهي پاسن ٽڪرين تي موڪلي ڏنائين ته جڏهن مسلمان گهوڙيسوار صبح جو اُتان لنگهن ته مٿن تيرن جو وسڪارو ڪري ڏجو.
صبح ٿيو
10هين شوال 8 هجري، 15 جنوري 629عيسوي.
آسمان جي نيراڻ ۾ هوريان هوريان نڪرندڙ سُهائي
ريتي ۽ پٿرين سان ڀريل لڪَ جو لنگهه، ٻنهي پاسن خاموش بيٺل پٿريليون ٽڪريون
مسلمانن جي فوج جي ڊگهي قطار
اڳيان گهوڙيسوار دستا
زرهون پاتل سوار
اُنهن جي وچ ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم پنهنجي قصويٰ تي سوار
ساڻس گڏ سندس وفادار
پويان ميلن ۾ ايندڙ فوج جو ڪالم
اڃا سڄي فوج سفر ۾ هئي. صف بندي نه ٿي هئي. جيئن ته پنهنجي سپاهه جي سگهه تي ڪجهه اهڙو ته ڀروسو ڪيو ويو هو، جو فوج جي رستي ۾ آسپاس جي ٽڪرين تي چڙهي انهن کي محفوظ ۽ ڪليئر نه ڪيو ويو، ان ڪري اتي ٽڪرين تي دشمن جي تير اندازن پنهنجا مورچا بنائي ورتا.
صبح جي روشني هوريان هوريان وڌڻ لڳي هئي
هوا ۾ خَنڪي هئي
فضا اُجري هئي ۽ اجرو مُنهن ڪڍي رهي هئي.
گهوڙا ۽ انهن جا سوار هاڻ پري ٽڪرين تان نظر اچڻ لڳا هئا، سڀ سوار بي خبري ۽ خوش خياليءَ ۾ وڃي رهيا هئا ته هن لڪَ مان لنگهي صفبندي ڪري دشمن کي ڌوڙ ڪري ڇڏينداسين.
اوچتو
لڪَ جي چوڌاري مسلمان فوج جي مُهڙين گهوڙيسوار دستي تي تيرن جي بوڇار ٿي، تير زوزاٽ ڪندا، مينهن جيان ٻنهي طرفان کان آيا.
گهوڙي سوار ۽ اُنهن جا گهوڙا تيرن سبب ٽَهيا
هر گهوڙيسوار کي پنهنجو گهوڙي پيارو هوندو آهي. جنگ ۾ سوار جو هڪ حصو ۽ گهوڙي جا ٻه حصا مال غنيمت مان ملن ٿا. ايئن گهوڙيسوار پيادل سپاهيءَ کان ٽي ڀيرا وڌيڪ نفعي ۾ رهي ٿو. اهو تڏهن ممڪن هوندو آهي، جڏهن گهوڙو بچيل رهي، گهوڙو وڏو نشان هئڻ جي ڪري سوار کان پهرين زخمي ٿي پوندو آهي.
تيرن کان پري رهڻ گهوڙي سوار جي ترجيح هوندي آهي. هِتان گهوڙي سوار دستي تي تير وسيا ۽ هوڏانهن گهوڙن ٽَهي پنهنجا رُخ موڙيا.
پويان ايندڙ ماڻهن تي اڳيان ويندڙ چڙهي ويا
ڀاڄ مچي ويئي
ڀاڄ ۾ ڪو طرف نه هوندو آهي
جيڏانهن جنهن جو مُنهن تيڏانهن اُن جو ڪنڌ
جيسين ڳالهه سمجهه ۾ اچي ته ڇا ٿيو
اُتي ته پنهنجن گهوڙن جي سُنبن هيٺان لتاڙجڻ کان بچڻو هو. آقا صلي الله عليھ وسلم جي اڳيان گهوڙي سوار منتشر ٿي ويا. ڪجهه گهڙين جي لاءِ آقا صلي الله عليھ وسلم پنهنجي سپاهه جي بلڪل اڳيان پنهنجن ڪجهه ذاتي وفادارن سان رهجي ويا. ابو سفيان بن حارث آقا صلي الله عليھ وسلم جو سئوٽ هو، اُن مهل به آقا صلي الله عليھ وسلم پنهنجو رخ دشمن کان نه مُوڙيو. پنهنجي خچر دلدل تي سوار مياڻ مان تراڙ ڪڍيائين. صبح جي سج جا پهريان ڪرڻا آقا صلي الله عليھ وسلم جي اُگهاڙي تراڙ کي چُمي مُرڪيا. آقا ﷺ پنهنجي خچر جي واڳ ڇڪي، ان جا پير مٿي کڄيا، خچر جو ڪنڌ مٿي ٿيو. آقاﷺ تراڙ بلند ڪئي ۽ وڏي آواز ۾ هي رجزيه لفظ چيا.
انا النبي لاکذب
انا ابن عبدالمطلب
”آءٌ نبي آهيان
۽ اُن ۾ به ڪوڙ ڪونهي ته آءٌ عبدالمطلب جو پُٽ آهيان.“
پوءِ آقا صلي الله عليھ وسلم پنهنجي محافظ چاچي عباسرضه کي چيو ته آواز ڏيئي سڀني کي سڏ ي صف بندي ڪرائي.
سيدنا عباسرضه جو آواز گهڻو وڏو ۽ رعبدار هو.
هُن سڏيو.
اي انصارن جا گروهه
اي بيعت رضوان وارا
اُن آواز تي سڀ ايئن واپس وريا جيئن ڳئون پنهنجي ٻَچن جي رنڀڻ تي موٽندي آهي.
لبيڪ... لبيڪ... يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم
اسين آهيون
حاضر ٿي ويا آهيون آقا صلي الله عليھ وسلم
پويان خالد بن وليد پنهنجن گهوڙي سوارن کي ترتيب ڏيئي چڪو هو
هن سمجهي ورتو ته تير ڪٿان آيا آهن. ٻنهي پاسن گهوڙي سوار ڊوڙايائين.
اُن حرڪت جي دوران فوج جي صفبندي ٿي.
منٽن ۾ نقشو بدلجي ويو.
آقاﷺ سواريءَ تان لهي سپهه سالار وانگر هر ڪنهن کي صحيح رخ تي لڳايو. پوءِ پَٽ تان هڪ مُٺ ريتيءَ جي ڀَري دشمن ڏانهن اڇليائين ۽ فرمايائون
شاهت وجود
”اوهان جا چهرا بگڙي وڃن“
چهرن کي ته بگڙجڻو هو
چون ٿا ته اها مِٽي اهڙو ته واچوڙو بڻي جو دشمن جي هر اک ۾ ڪنڪريون پيون،
دشمن ڀڄڻ تي مجبور ٿي پيو.
دشمن جو سڄو لشڪر منٽن ۾ جُهڪي پيو.
بنو ثقيف جا ستر ماڻهو مئا. نيٺ هو پنهنجي پويان ڀتين واري محفوظ شهر طائف ڏانهن وٺي ڀڳا. ڪي نخله طرف ڀڳا، پوڙهو دربد بن صمھ جيڪو ان وادي اوطاس ۾ هزارين رڍن، ٻڪرين، اُٺن ۽ ٻي مال وجهي سان ڀريل ڇڪڙن، عورتن ۽ ٻارن سان گڏ هو، مارجي ويو، جنهن جو پوڙهي کي ڊپ هو، اهو ئي ٿيو، هڪ ڏينهن اڳ آقاﷺ کي خبر ڏيندڙ چيو ته، دشمن پنهنجي سموري مال ۽ مَڏي، زالون ۽ ٻار پاڻ سان وٺي آيو آهي ته آقا صلي الله عليھ وسلم اڳ ڪَٿي ڪئي هئي ته ’انشاءَ الله سڀاڻي هي سمورو مال ۽ اسباب مسلمانن جو هوندو.‘
ايئن ئي ٿيو
ڇهه هزار قيدي ٿيا
چوويهه هزار اُٺ
چاليهه هزار ٻڪريون
چار هزار اوقيه چاندي ]ڇهن ڪونٽل کان ڪجهه ڪلوگرام گهٽ ، مڻن ۾.[
سيدنا مسعود بن عمر غفاري جي نگرانيءَ ۾ سڀ مال ۽ مڏي، عورتون ۽ ٻارڙا پويان مڪي ڏانهن جعرانه موڪليا ويا ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم تاڪيد ڪئي ته طائف کان واپس موٽي اچي اُنهن جي ورهاست ڪبي.
اُن جنگ ۾ اَلل وهاڻيءَ جڏهن دشمن جا تير وسيا ته مسلمان ڊڄي ٽهي ڀڳا هئا. اسان جي ’انا‘ جا ماريل تاريخ دان لک پردا وجهن، پر الله قرآن ۾ آقاﷺ جي ڊائري لکندو رهيو هو.
الله قرآن ۾ سچ لاهي ڇڏيو:
”۽ ٻين ڪيترن ئي ميدانن ۾ الله اوهان جي مدد ڪئي ۽ حنين واري ڏينهن جڏهن اوهين پنهنجي گهڻائيءَ تي خوش هئا ۽ پوءِ اها اوهان جي ڪم نه آئي ۽ اوهان تي باوجود ويڪر جي زمين تنگ ٿي ويئي. پوءِ اوهان پُٺ ورائي پويان هٽيا، پوءِ خدا پنهنجي طرف کان پنهنجي رسول ۽ ايمان وارن جي تسڪين فرمائي ۽ فوجون لاٿيون، جن کي اوهان نه ڏٺو ۽ ڪافرن کي عذاب ڏنو ۽ ڪافرن لاءِ اهائي سزا آهي.“ ]قرآن 25-26/9[
اصل ۾ خدا کي اهو سمجهائڻو هو ته اوهين ڪڏهن به پنهنجي گهڻائيءَ تي متان ڦونڊجو ۽ هَٺ ڪريو، اوهين ٿورا هُجو يا گهڻا، ان وقت کٽندا جڏهن رڳو الله تي ڀروسو ڪندا ۽ ثابت قدم رهندا.

طائف جو گهيرو

طائف جو گهيرو

دشمن پنهنجو مال وجهو، زالون ۽ ٻار ڇڏي اهڙو ته پُڇ پائي ڀڳو جو طائف کان اڳ ڪٿي به نه بيٺو.
انهن ڀاڄوڪڙن ۾ سندن سردار مالڪ بن عوف نفري سڀني کان اڳيان هو، جنهن پنهنجن سڀ کان جهوني سپاهي دريد بن صمھ جي ڳالهه نه مڃي هئي.
طائف پهچي هو حفاظتي ڀتين جي پويان لڪي ويهي رهيا.
سرسبز جابلو علائقو هو،
اُن شهر ۾ مهينن جو سيڌو سامان موجود هو
آقاﷺ ، دشمن جي پويان الله جي تلوار لڳائي ڇڏي
خالد بن وليد هڪ هزار سپاهين جو هر اول دستو وٺي طائف ڏانهن ڀڄندڙ دشمن جي پويان ڪاهي پيو. نخله، يمانيه، قرن منازل ۽ ليه مان لنگهي هو طائف پهچي ويو.
ليه ۾ مالڪ بن عوف جو هڪ قلعو هو.
اهو به ڊاهي پَٽ ڪيو ۽ طائف جي وال سٽي قلعي نما شهر کان تيرن جي دوري کان هٽي، شهر کي گهيري ۾ وٺي لاٿو.
سڄو شهر گرفتار ڪيو
آقاﷺ جي سواري به طائف پهچي ويئي.
گڏ هزارن جو لشڪر هو.
سامهون اِهو ئي بي وفا شهر هو.
جتي يارهن سال اڳ پاڻ سڳورا ﷺ پنهنجي جانثار غلام زيد بن حارث سان گڏ مڪي کان پنڌ ئي پنڌ، سواريءَ کانسواءِ پناهه جي ڳولا ۾ ۽ هدايت ڏيڻ آيا هئا.
هفتن جي پنڌ کان پوءِ ٿڪا ٽُٽا
بُکيا اُڃيا
بي يارو مددگار
وطن کان بي وطن
پرديسي مسافر بنجي آقاﷺ هتان جي سردارن کي حق ڏانهن سڏيندا رهيا
پر هُنن اُلٽو مٿن مَشڪري ڪئي
توکي خدا رسول بنايو آهي، جنهن وٽ چڙهڻ جي لاءِ سواري به نه آهي.
اڄ آقا ﷺ جي لشڪر ۾ ٻارهن هزار سواريون هيون.
۽ انهن دشمنن جا چوويهه هزار اُٺ آقاﷺ جي هٿ چڙهي چڪا هئا.
سڄو شهر آقاﷺ جي رحم ۽ ڪرم تي هو
رحم ۽ ڪرم تي ته اُن وقت به هو
جڏهن آقاﷺ جي حق جي پيغام کي سُڻي طائف جي ڪم ظرف سردارن شهر جي بشني، لوفر ۽ رولو ڇورن کي پٿر ۽ سِرون ڏيئي آقا ﷺ جي پويان لڳائي ڇڏيو هو.
رتو رت ڪري ڇڏيو هو
اُن وقت به آقاﷺ جي پيرن ۾ آقاﷺ جو رت ڏسي آسمان کي جوش اچي ويو هو. جبرائيل عليھ السلام لٿو، ساڻس گڏ جبلن جو ملائڪ به هو، جنهن کي آقاﷺ جي ڪمان ۾ ڏيندي جبرائيل عليھ السلام چيو هو، الله هن کي اوهان آقا ﷺ جي تابع ڪيو آهي. حڪم ٿئي ته انهن ٻنهي جبلن کي پاڻ ۾ گڏي هنن کي مُٰڃَ ڪري ڇڏي.
آقا ﷺ گهٻرائجي جلدي چيو هو.
نه نه- ايئن نه ڪجو.
آقاﷺ کي ڊپ هو ته ايئن نه ٿئي جو سندس نه... نه ڪرڻ کان اڳ ئي هو جبلن کي گڏي کين چَٽ نه ڪري ڇڏي، جن ماٿرين ۾ پيدا ٿيندڙ بعد جي نسلن کان آقا ﷺ نااميد نه هئا.
طائف جي بني ثقيف جي نسل مان اڳتي هلي محمد بن قاسم کي جنم وٺڻو هو.
اُن ڏينهن وري اهو ئي معاملو هو.
طائف وارا ڊنل ۽ گهيري ۾ هئا
آقاﷺ جو هڪ پراڻو غلام سردار طفيل دوسيرضه پنهنجي علائقي مان ڪاٺ جي هڪ وڏي منجنيق کڻي آيو، جنهن ۾ وڏا وڏا پٿر وجهي ان شهر جي ڀت ۾ ڏار وڌا ويا. ڪاٺ جا ٽينڪ جهڙا ڇڪڙا، جن کي ”دبا بي“ چيو ويندو هو. اِهي آڻي شهر جي ڀتين جي وڏن دروازن تي مار ڪئي.
ڏهه پندرهن ڏينهن سڄي شهر کي قيد ڪري رکيو.
پوءِ آقا ﷺ نوفل بن معاويه ويلميرضه کان راءِ پُڇي.
جيڪو وڏي عمر وارو ۽ ڏاهو سردار هو. وراڻيائين: آقا ﷺ لومڙي پنهنجي ڏرڙ ۾ ٿَمي ويٺي آهي، ڄميا رهياسين ته جهلي وٺنداسين. ڇڏي وينداسين، تڏهن به اها ڪيڏانهن نه ويندي.
ڪوبه ڊپ ڪونهي.
هاڻ ته عربستان جو سڄو ٻيلو آقا ﷺ جو هو، اُن ۾ هڪ لومڙي ڪيتري وقت تائين پنهنجي چُر ۾ لڪيل رهندي. اِهي طائف وارا پاڻ ئي هٿ ٻڌي گيسيون ڪري، پناهه لاءِ اچي آقا ﷺ جي اڳيان پيش پوندا.
آقا ﷺ گهيرو ڇڏڻ جو حڪم ڏنو.
شهر کي قيد ڪري وري آزاد ڪري ڇڏيو.
آقا ﷺ جا ساٿي پريشان ٿي ويا.
کين فتح جو چشڪو هو.
ڪن چيو: آقا ﷺ کين پاراتو ڏيو.
آقا ﷺ مُرڪيا ۽ فرمايائون.
اي الله! ثقيف وارن کي هدايت ڏي ۽ کين وٺي اچ!
ايئن ئي ٿيو.
جڏهن آقا ﷺ انهن بَکيڙن مان نڪري مديني پهتا ته طائف جا سردار پاڻ هلي اچي حاضر ٿيا ۽ آقا ﷺجي غلاميءَ جو اقرار ڪري ويا.
آقا صلي الله عليھ وسلم ذيقعد اٺين هجري، 11 فيبروري 629عيسوي تي حجرانه پهتا. جتي هزارين اُٺن، ٻڪرين ۽ ڇهن هزار قيدين کانسواءِ سوين مَڻ سون ۽ چاندي ماڻهن ۾ ورهائڻو هو.

اُٺن جي ورهاست ۽ چُڻ ڀُڻ

اُٺن جي ورهاست ۽ چُڻ ڀُڻ

مال مَڏي ورهائجڻ لڳو
ماڻهن محسوس ڪيو ته چاندي، اُٺن ۽ ٻڪرين جي ورهاست ۾ آقا ﷺ جو هٿ نون مسلمانن ٿيل قريشين جي معاملي ۾ وڌيڪ کُليل آهي. ابو سفيان بن حرب کي ڇهه ڪلو چاندي، هڪ سئو اُٺ ۽ ايترو ئي سندس پٽن ۽ پوٽن کي ڏنائون. حڪيم بن حزام کي نوَ سئو اٺ، وڌيڪ گهرڻ تي هڪ سئو اٺ ٻيا به ڏنائونس. صفوان بن اُميه کي ٽي سئو اٺ، قيس بن عدي ، سهيل بن عمرو، حويطب بن عبدالعزيٰ، اقراع بن جالس، عينيه بن حصين، حارث بن ڪلاه کي سئو سئو اٺ، باقي ٻين کي پنجاهه پنجاهه اُٺ.
مڪي جي سڀني قريشين کي مالا مال ڪري ڇڏيائون.
جن ايڪيهين سالن تائين آقا ﷺ کي مڪي ۽ مديني ۾ سُک سان ويهڻ نه ڏنو، تن کي جيئڻ جو بي انت سامان مهيا ڪري ڏنائون، مڪي جي قريشن کي ايئن مال ملندو ڏسي ڪيترائي بَدو مِڙي آيا.
هر شئي جهلي ڇڪڻ لڳا.
آقا ﷺ پويان هٽندي هٽندي هڪ وڻ جي ٿڙ سان وڃي لڳا،
اُنهن بدوئن آقا ﷺ جي ڪلهن تي پيل چادر به لاهي ورتي.
آقا ﷺ فرمايو.
منهنجي چادر مون کي ڏيو.
خدا جو قسم جيڪڏهن مون وٽ تهامه جي وڻن جيترا اُٺ هجن ته اهي به ورهائي ڇڏيان، اوهين مون کي ڪڏهن به بخيل ۽ سخت مزاج نه ڏسندا.
]بخاري، عيون الاثر، طبقات ابن سعد، فتح الباري، زرقاني[
سڀ مال ۽ مَڏي ورهائجي ويو.
مديني جي انصاري نوجوانن ۾ چُڻ ڀُڻ شروع ٿي ويئي
هو هڪٻئي جي ڪنن ۾ سُس پُس ڪرڻ لڳا
هنن جيڪو ڪجهه ٿيو هو، اِهو ڏٺو هو.
جيڪي ايڪيهه سال دشمن رهيا هئا، اهي ڏهن ڏينهن ۾ ايڏا دادلا ٿي ويا، جو سڀ ڪجهه منجهن ورهايو ويو، مديني وارن جي حصي ۾ چار چار ٻڪريون آيون. جن پنهنجو گهر ٻار، شهر تن، من ۽ تن هر شئي آقا ﷺ تي قربان ڪري ڇڏي.
آقا ﷺ کي انهيءَ سُس پُس کان واقف ڪيو ويو.
آقا ﷺ هڪ وڏو چمڙي جو خيمو کوڙايو.
سڀني انصارن کي گڏ ڪيو
ڪجهه قديمي مهاجر به اچي ويا
آقا ﷺ سڀ کان پهرين خزرج جي سردار سيدنا سعد بن عباده کان پُڇيو ته ڇا تنهنجي قوم جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن تن جي توکي خبر آهي؟
سعد بن عباده سَچو ماڻهو هو،
وراڻيائين: آقا ﷺ آءٌ به ته پنهنجي قوم جو ئي آهيان.
چمڙي جي خيمي جي اندر آقا ﷺ جي سامهون سڀ معتبر انصاري بيٺل هئا. آقا ﷺ سڀني کي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين خاموش اکين ۾ محبت جا ڏيئا ٻاري ڏٺو، جيئن شمع پنهنجن پروانن کي روشني پکيڙي تڪيندي آهي، پوءِ چوڻ شروع ڪيو:
اي انصاريو! هيءَ ڪهڙي سُس پُس شروع ڪئي اٿوَ؟
ڇا دلين ۾ ڪا ڳنڍ ته نه پئجي ويئي آهي
ڇا اوهان اهو وساري ڇڏيو ته اوهين هدايت جي رستي کان اڻ ڄاڻ هئا.
منهنجي ڪري الله اوهان کي سَنئين واٽ ڏيکاري
پاڻ ۾ هڪٻئي جو همدرد بنايو
انصارن وراڻيو: بيشڪ الله جا رسول.
اوهان جا اسان تي ٿورا آهن.
آقا ﷺ ڪنڌ ڦيري فرمايو
انصار جا ماڻهو مون کي جواب ڇو نه ٿا ڏيو؟
ٻُڌايو:
آقا ﷺ پُڇڻ لڳا، پوءِ پاڻ ئي فرمايائون
اوهين اهو ته چئي سگهو ٿا ۽ اُن ۾ ڪو شڪ به ڪونهي ته ماڻهو اوهان کي ڪوڙو چوندا هئا ، اسان اوهان کي سچو مڃيو.
ٻين ستايو، اسان حمايت ڪئي
اوهان جي هم وطنن ڪڍيو... جلاوطن ڪيو ۽ اسان اوهان تي پنهنجا دروازا کولي ڇڏيا.
اوهين اسان وٽ بي يارو مددگار آيا هئا.
اسان اوهان جي پيرن هيٺان نيڻ وڇائي ڇڏيا.
آقا صلي الله عليھ وسلم هڪ گهڙيءَ جي لاءِ ترسيا.
وري فرمايائون-
اوهين اهو سڀ چئو... آءٌ وراڻيندس.، سچ ٿا چئو.
پر...
آقا ﷺ جون اکيون ڪجهه چوڻ کان اڳ لڙڪن سان ڀرجڻ لڳيون.
پوءِ فرمايائون
پر
اي انصاريو
ڇا اوهان کي اها ڳالهه پسند ڪونهي ته ٻيا ماڻهو پاڻ سان اُٺ ۽ ٻڪريون وٺي وڃن ۽ اوهان محمد رسول ﷺ کي پاڻ سان وٺي واپس گهر وَرو.
اي انصاريو جيڪڏهن هجرت نه هجي ها ته آءٌ به انصار جو ئي هڪ فرد هُجان ها.
ماڻهو ڪهڙي وادي ۾ وڃن، آءٌ انصار جي واديءَ ۾ رهندس.
انصار منهنجو گوشت آهن
مُنهنجو لباس آهن
منهنجو جيئڻ، منهنجو مرڻ، منهنجو دفن ٿيڻ اوهان سان گڏ آهي
ٻُڌايو، پاڻ سان گڏ اُٺ ۽ ٻڪريون وٺي ويندا
يا مون کي.؟
انصارين جون رڙيون نڪري ويون
چهرا لُڙڪن سان پُسي وين
لُڙڪن جا درياهه اُٿلي پيا
ڪنڌن جا ڪنڊا اُڀا ٿي ويا
هر ڪو پُڪاري رهيو هو
يا رسول الله! اسان کي اوهان کپو.
اوهين ئي ڪافي آهيو.
مديني وارن جي اُن کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوشنصيبي هوندي
آقا ﷺ مديني کي پنهنجي سڃاڻپ بڻائي ورتو.
پوءِ آقا ﷺ کين محبت سان سمجهايو ته مڪي وارا نوان نوان اسلام ۾ داخل ٿيا آهن. اڃا سندن دلين ۾ ڌُنڌ آهي، جيڪو ڪجهه کين ڏنوسين، اهو سندن دل وٺڻ ۽کين پنهنجائڻ لاءِ ڏنو اٿئون.
مديني وارا پنهنجي خوشبنحتي سمجهي ويا.
هو ته اهي پروانا هئا، جن سان شمع جيئڻ ۽ مرڻ جو وچن ڪري چڪي هئي
هر ڪو ٻڌندڙ خوشيءَ مان سرشار هو.
اُٺن ٻڪرين ۽ رڍن جي ڳڻپ کان بي نياز.
هر انصاري آقا جي محبت ۾ پُرڀاش لڳو پيو هو.
اتي ئي جعرانه ۾ آقا ﷺ جي دائي حليمه جا نوَ ماڻهو آيا.
انهن سان گڏ آقاﷺجي ٿڃ شريڪ ڀيڻ شيما به هئي، جيڪا بنو سعد ۾ ٿڃ پيئڻ ۽ ننڍپڻ وارن ڏينهن ۾ آقاﷺ کي ڪڇ ۾ کڻي کيڏندي هئي. آقاﷺ کان وهيءَ ۾ ست اٺ سال وڏي هئي. ايڪهٺ سالن جي آقا جي سامهون سندس اُڻهتر سالن جي پوڙهي ٿڃ شريڪ ڀيڻ ويٺل هئي. شيما پنهنجي ڪُلهي تان چادر هٽائي هڪ پراڻي زخم جو نشان ڏيکاريو ۽ چيو.
آقا ﷺ ياد اٿوَ
اوهان سوا ٽن سالن جي وهيءَ ۾ مون کي ڪنهن ڳالهه تان ڪلهي ۾ چَڪ پاتو هو. هي گهاءُ جو نشان مون سنڀالي رکيو آهي، آقا ﷺسُڃاڻي ورتو.
سڀ ڪجهه ياد اچي ويو، هڪدم احترام ۾ اُٿي بيهي رهيا ۽ پنهنجي مَٿي تي ويڙهيل چادر وڇائي پنهنجي ٿڃ شريڪ ڀيڻ کي ادب سان ويهاريو. سندس ڳالهيون ٻڌائين، مرحوم دائي حليمه ۽ ٻين ڀائرن ڀيڻن بابت پُڇيائون، شيما ننڍي ٿڃ شريڪ ڀاءُ جي دين کي قبولي ڪلمو پڙهي اسلام قبول ڪيو.
سيده شيما سان آيل ماڻهن فرياد ڪيو.
آقا ﷺ اهي اوهان جون رضاعي مائرون، ڀينرون، پُڦيون ۽ ماسيون آهن، هي سڀ جيڪي اوهان جي قيد ۾ آهن. انهن اوهان کي پنهنجي هَنجن ۾ ويهاري کارايو پياريو آهي. اها سندن ڪيڏي نه وڏي خوشنصيبي آهي، اهڙا خوش نصيب اڄ ڪيئن ٿا محروم ٿي سگهن.
آقا ﷺ فرمايو.
سچي ڳالهه پياري هوندي آهي، مون کي سچي ڳالهه محبوب هوندي آهي. آءٌ اوهان جو انتظار ڪندو رهيس. ڪيترا هفتا اوسيئڙو ڪيم. مايوس ٿي مال غنيمت ورهائي ڇڏيم، قيدي به ورهائجي ويا. هاڻ مون وٽ ڪجهه به ڪونهي، نه منهنجي اختيار ۾ آهي. هاڻ اوهين ٻن شين مان ڪا هڪ چونڊيو- مال وٺڻ ٿا گهرو يا قيدي، جيڪي غلام بنايا ويا آهن؟
سيده شيما سان آيل ماڻهن وراڻيو: اسين قيدي واپس وٺڻ ٿا گهرون.
آقاﷺ فرمايو- ٺيڪ آهي. جڏهن آءٌ اڳين نماز پڙهي وٺان ته اوهين اُٿي چئجو اسين رسولﷺکي مومنن ڏانهن سفارش ٿا بڻايون ۽ مومنن کي رسول اللهﷺ ڏانهن ته اوهين اسان جا قيدي ڇڏي ڏيو. جيڪي رسول الله کي ننڍپڻ ۾ کير پيارڻ وارا آهن.
آقا ﷺ جيئن کين حڪم ڏنو هو، انهن ايئن ئي ڪيو. سندن واتان پنهنجي چيل ڳالهه سُڻي آقاﷺ فرمايو:
”ڀائرو! هي هوازن وارا توبه ڪري آيا آهن. ساڻن اهو طئي ڪيو اٿئون ته فقط قيدي واپس ملي سگهن ٿا، جيڪي اوهان جي ملڪيت بنجي چڪا آهن. انهن جو فيصلو اوهان کي ڪرڻو آهي، مون وٽ ۽ بنو عبدالمطلب جو جيڪو حصو آهي، اهو آءٌ کين واپس ٿو ڪريان.“
اهو آهي اُتي عربستان ۾ ٿڃ پيارڻ جو ٻنڌڻ.
شهري ۽ ڳوٺاڻن ڪٽنبن ۾ ٿڃ پيارڻ جو اهو ٻنڌن ڏاڍو سگهارو رشتو آهي، اُتي ماءُ جي حوالي سان جڙيل هر رشتي ۾ محبت ۽ تقدس آهي. اهائي ڳالهه آهي، اتي هر قبيلي وارو اهو چاهيندو هو ته ٻين قبيلن سان سندن مٽي مائٽي ٿئي، محبت جي ڪا سبيل نڪري، ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ، انهن رشتن مان عربستان جي ريگستان ۾ هميشه رهڻ واري سُندر خوشبوءِ پکڙبي هئي. ان ڪري اتي هر صحرائي قبيلي جي هر هوشمند خاتون ڪنهن به چڱي، ناليواري ۽ اهم ڪٽنب جي ننڍڙي ٻارڙي کي ٿڃ پيارڻ جي لاءِ کڻي ويندي هئي، ته جيئن ان ڪٽنب سان سندس اڻ مٽ ٻنڌڻ ٻڌجي، جيڪو ڪنهن مصيبت مهل ڪم به اچي.
مڪي جي فتح کان پوءِ عرب قبيلن ڪَر مُوڙي، هو ڪيتري وقت کان ان اوسيئڙي ۾ هئا ته مڪي قريشن ۽ مسلمانن مان ڪير ٿو جيتي، جڏهن مسلمانن جي فتح سڀني ڏسي ورتي ۽ اسلامي سلطنت جو دٻدٻو قائم ٿيندي محسوس ڪيائون ته وٽن اُن کانسواءِ ٻي ڪابه واهه نه بَچي ته هو ڀڄندا مديني اچن ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم سان پنهنجي وفاداريءَ جو اعلان ڪن. ٺاهه ڪن، امن قائم ڪن، رستو ڏين، واپاري رستو وٺن ۽ ديوار تي لکيل سڄو جواب پڙهي وٺن، ڏسي به وٺن، ان جو اقرار ڪن، ايئن مڪي جي فتح کان پوءِ واري سال ۽ ان کان به ڪجهه وڌيڪ وفدن جي مديني ۾ اچڻ جو سلسلو شروع ٿيو. ڪجهه وفد ته خيبر جي فتح کان پوءِ ئي اچڻ شروع ٿي ويا هئا. اڃا هڪ معرڪو باقي ٿيڻو هو، اهو اسلام جو آقا ﷺ جي زندگي ۾ آخري جنگي سفر هو، تبوڪ ڏانهن، مڪي جي فتح کان پوڻا نَو مهينا پوءِ رجب نائين هجريءَ ۾.

تبوڪ

تبوڪ

سلطنت ٺاهي، اُن کي قائم ۽ دائم رکڻ وڏي ذميداري آهي. مديني مان نڪري مڪي جي فتح ۽ هوازن کي سيکت ڏيڻ کان پوءِ هيٺ ڏکڻ جي ڪُنڊ يمن تائين نئين اسلامي رياست جو ڌاڪو ته ويهي رهيو هو، پر اڃا تائين ڪجهه عربي قبيلا، خاص طور تي جيڪي اُتر ۾ بازنطيني رومي سرحد وٽ هئا. اُنهن جي اندر جو شڪ اڃا دور نه ٿيو هو. هُنن جي اندر اها لڪيل خواهش هئي ته ڪنهن نموني رومي فوجون ان نئين اُڀرندڙ اسلامي رياست کي دٻائي سوڙهو ڪري ختم ڪري ڇڏين.
خيبر جا يهودي، مسلمانن مٿان هارائي، اُنهن جا هاري بنجي ويا هئا، پر انهن جون اندر ئي اندر ياريون ڀائپيون اڃا تائين مديني ۾ مسلمانن سان گڏ ويٺل انهن نانگن سان قائم هيون، جيڪي مُنافق هئا. منافقن جو لٺ سردار عبدالله بن ابي سلول اڃا جيئرو هو، کيس تبوڪ جي جنگ کان ٻه مهينا پوءِ مرڻو هو، انهن ئي منافقن مان هڪ ابو عامر فاسق، مديني ڀڄي رومي بادشاهه جي درٻار ۾ جاسوس بنيو ويٺو کين ڀَڙڪائي رهيو هو ته ڪنهن نموني رومي فوجون اُتر عرب جي غساني قبيلن سان گڏجي مديني تي چڙهائي ڪن ۽ اندر ان مديني مان سندس ماڻهو مدد ڪندا.
ان قسم جا افواهه هوريان هوريان خبرن جي شڪل وٺي رهيا هئا ته قيصر روم هرقل چاليهن هزارن جو لشڪر سرحد تي تيار ڪري ورتو آهي ۽ مديني تي چڙهائيءَ جو ارادو اٿس. ڪنهن وري چيو ٿي ڪجهه قبيلن هرقل، قيصر روم کي خط لکي ڇڏيو آهي ته ”تون فوج آڻ اسين ساٿ ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون.“
اُنهن ئي ڏينهن ڪجهه شامي واپاري مديني آيا، هو زيتون جو روغن وڪڻي رهيا هئا يا اُن جي اڏ ۾ جاسوسي ڪري رهيا هئا. ماڻهو کانئن شام جون خبرون چارون پُڇڻ لڳا، جتي هرقل جو ”ناقوس“ وڄندو هو.
هنن ڏاڍو ڊيڄاريو
چيائون
شام ۽ عربستان جي سرحد تي فوجون گڏ ٿي رهيون آهن.
حملي جي تياري آهي
ماڻهن ۾ ڊپ هو
هُل مَتل هو.
هر سلطنت کي مليل سگهه جي ڪجهه ته قيمت هوندي آهي.
ضروري نه هوندو آهي ته ڪا اُڀرندڙ رياست پاڙيسري ملڪ کي للڪاري، پوءِ ئي هو مقابلي تي اچي، هر رياست پنهنجي ڀرپاسي ۾ پنهنجي رياست لاءِ جيڪي للڪارون هونديون آهن، تن کي دور ڪرڻ لاءِ فوري بچاءُ جا قدم کڻندي آهي.
چون ٿا: بهترين بچاءُ جو طريقو پاڻ وڃي ٽڪرائڻ آهي
پنهنجي مرضيءَ واري وقت تي
پنهنجي پسند جي جاءِ تي
پنهنجي ملڪي ۽ قومي مفادن جي بچاءُ ۾
مديني ۾ غسانين ۽ رومين جي ڳٺ جوڙ سان ڪنهن متوقع جنگ جون لڳاتار خبرون اچي رهيون هيون
مسلمانن کي هر وقت کٽڪو لڳل رهندو هو
ته ڪا نه ڪا جنگ سندن مٿان بيٺي آهي
هڪ ننڍي جنگ ته بهرحال شروع ٿي چڪي هئي
بظاهر ته اهي گهريلو معاملا هئا.
پر، جيئن ته انهن جو واسطو آقا ﷺ جي نجي زندگيءَ سان هو، تنهن ڪري سڀئي مسلمان، خاص طور تي جيڪي آقا ﷺ جا ويجها قرابت دار هئا، سي گهڻو پريشان هئا.
ٿيو هيئن ته مڪي جي فتح کان واپس اچڻ کان پوءِ خدا تعاليٰ، آقا ﷺ کي هڪ ٻي خوشي ڏني. آقا ﷺ جي مصري گهرواري ’سيده ماريه قبطيه‘ کي الله تعاليٰ هڪ سُهڻو پُٽ عطا ڪيو. آقا ﷺ ان جو نالو پنهنجي وڏي جي نالي تي ’ابراهيم‘ رکيو.
ٻار ڪو سُهڻو هو ڇا.
آقا ﷺ سان گهڻي مشابهت هيس، 61 سالن جي عمر ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم جي لاءِ اها خوشي انمول هئي. پاڻ سڳورا اڪثر ٻارڙي کي کڻيو پيا هلندا هئا ۽ ٻين گهروارين کي به خوشيءَ مان ڏيکاريندا هئا. جيئن ته مديني ۾ موجود ٻين گهروارين مان آقا ﷺ کي ڪڏهن به اولاد نه ٿيو هو، تنهن ڪري امڪان اهو هو ته هو اُن نئين ڄاول ٻارڙي ۽ سندس امڙ کان بي حد رشڪ ۽ ساڙ محسوس ڪرڻ لڳنديون.
هوريان هوريان اها ڳالهه وڌي ويئي.
هڪ ڀيري سانئڻ ماريه، جنهن کي آقا ﷺ ٻين گهروارين کان پري هڪ ڌار گهر وٺي ڏنو هو. هوءَ آقا ﷺ سان ملڻ آئي. آقا ﷺ ساڻس سيده حفصه جي حجري ۾ ڳالهه مُهاڙ ڪئي. ان دوران سيده حفصه به اتي اچي نڪتي ۽ ڏاڍي ڪاوڙي. آقا ﷺ اشارو ڪندي چيس ته سيده عائشه کي نه ٻُڌائج، پر هن ٻُڌائي ڇڏيو، هُنن ٻنهي جي پاڻ ۾ گهڻي لڳندي هئي. ٻي گروپ ۾ سيده زينب بنت حجش هئي، جنهن کي ماکي جي خوشبو پسند نه هئي.
اهڙين گهريلو ناچاقين ۽ نجي سهولتن جي مطالبن جي ڪري آقا ﷺ سڀني گهروارين کي ڇڏي حجري جي مٿي ٺهيل سوڙهي ڪوٺيءَ ۾ وڃي رهيا ۽ هڪ مهيني جي لاءِ سڀني کان ڌار ٿي ويا. ماڻهن ۾ ڳالهه پکڙجي ويئي ته
آقا ﷺ پنهنجي سڀني گهر وارين کي طلاق ڏيئي ڇڏي آهي. اُن مٿينءَ بالا خاني تائين وڃڻ جي لاءِ ڪا ڏاڪڻ به نه هئي، هڪ پراڻو کجيءَ جو ٿڙ هو، آقا ﷺ اُن ٿڙ جي ذريعي مٿي چڙهي ويندا هئا.
مٿي چڙهڻ سان هٿن، پيرن ۽ جسم مبارڪ ۾ رهڙون اينديون هيون.
آقا جو هڪ غلام رباح اُن بالا خاني جي ٻاهر چوڪي ڏيندو هو.
آقا ﷺ سڀني سان ملڻ جلڻ بند ڪري ڇڏيو.
سڀ مسلمان پريشان.
سيدنا عمررضه به ڊنل هئا.
هڪ ڏينهن حضرت عمر، آقا ﷺ جي خذمت ۾ حاضر ٿيڻ جو ارادو ڪيو.
بالا خاني جي هيٺ بيهي دربان رسول الله، رباح کي سڏ ڪري چيائين ته منهنجي لاءِ آقا ﷺ کان اجازت گهر.
پر هو بُت بنيو بيٺو رهيو.
ڳالهه تي ڌيان ئي نه ڌريائين
سيدنا عمر وري به سڏ ڪيو
هن ڀيري به نه ٻُڌائين.
ٽي ڀيري سيدنا عمر رڙ ڪري چيو: رباح، منهنجي لاءِ آقاﷺکان موڪل گهر. آءٌ پنهنجي ڌيءَ يا ڪنهن ٻي جو سفارشي ٿي نه آيو آهيان. خدا جي مُهابي مون کي آقاﷺ سان ملڻ ڏي. آقاﷺ کان منهنجي لاءِ اجازت طلب ڪر.
اجازت ملي ويئي
سيدنا عمر اُن کجيءَ جي ٿڙ تي چڙهي ويو.
آقاﷺ کي اُن ننڍي ڪچي حجري ۾ پَٽ تي وڇايل چمڙي جي پراڻي چٽائي تي کجين جي ٿڙن جي وچ ۾ ليٽيل ڏسي ڍڪون ڏيئي روئڻ لڳو. پاڻ سڳورن جي جسم مبارڪ تي انهن ڦڙن جا نشان پئجي ويا هئا. ٻي سامان ۾ هڪ ٺڪر جو پيالو ۽ ٻُڪ کن جوَ ۽ هڪ کل جو بسترو هو.
اهو هو آقا ﷺ جو ڪُل اثاثو.
اهو خزانو
جنهن جي هٿ ۾ خدا زمين ۽ آسمان جون هَڙئي ڪُنجيون ڏيئي ڇڏيون هيون.
حضرت عمررضه ايترو ته رنو جو سندس روئڻ ئي نه ٿي بيٺو. سيدنا عمررضه پوءِ پاڻ سڳورن جي گهر وارين جي باري ۾ ڳالهايو. عرض ڪيو ته جيڪڏهن واقعي اوهان سڀني کي طلاق ڏيئي ڇڏي آهي ته الله اوهان جو والي آهي، ان جا ملائڪ اوهان جا نگهبان آهن. جبرائيل عليھ السلام ۽ ميڪائيل عليھ السلام اوهان جا پهريدار آهن، منهنجو ڪنڌ جُهڪيل آهي. ابوبڪر جانثار آهي، ڪنهن جي مجال آهي، جو اوهان ڏانهن ميري اک سان ڏسي. سيدنا عمررضه ڳالهين جو رخ ڪجهه اهڙي نموني ڦيريو، جو آقا ﷺ مُرڪڻ لڳا.
سيدنا عمر جي پيٽ ۾ ساهه پيو.
اُنهن ئي ڏينهن جي ڳالهه آهي ته هڪ ڀيري سيدنا عثمان بن مالڪ ڀڄندو حضرت عمر وٽ آيو، کيس چوڻون ته اهو هو ته ٻڌو اٿم ته آقا ﷺ پنهجي گهروارين کي طلاق ڏيئي ڇڏي آهي، پر هن تڪڙ ۾ چيو، ”غضب ٿي ويو.“
سيدنا عمر ۽ مسلمانن جي ذهني حالت ڏسو
سيدنا عمر ڇرڪي چيو: ڇا غساني اچي ويا؟
اُن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته غسانين جو رومين سان گڏجي مديني تي حملي جو خدشو ڪيترو نه شديد هو، اهڙين حالتن ۾ آقا ﷺ کي الله جي هدايت يافته ماڻهن جي لاءِ قائم ڪيل پهرين اسلامي رياست کي بچائڻ جون تدبيرون ته سوچڻيون هيون.
سوچيون هوندائين.
آقا ﷺ صلاح مصلحت به ڪندا هئا.
آقا ﷺ ڪجهه نه ڪجهه ته طئي ڪيو هوندو.
الله تعاليٰ آقاﷺ جي گهرو مسئلن بابت صاف فيصلو ڏيئي ڇڏيو.
مسئلو خود الله ئي نبيري ڇڏيو.
آسمان تان آيتون لٿيون
”اي الله جا رسول! پنهنجين گهروارين کي چئي ڇڏيو ته جيڪڏهن اوهين دنيا جي زندگي ۽ اُن جي آرائش ۽ سهوليتن کي گهرو ٿيون ته اچو، اوهان کي مال ڏيان ۽ چڱي طرح روانو ڪريان. (قرآن: 38. 28-29)
الله تعاليٰ ڪا ڳالهه لڪائي ٿورو ئي ٿو ۽ نه سچ لڪائڻ کان ڊڄي ٿو. الله تعاليٰ ته آقاﷺ جي آتم ڪٿا قرآن ۾ لکي ڇڏي آهي. ارشاد باري تعاليٰ آهي.
”۽ ياد ڪر، جڏهن رسول الله ﷺ پنهنجي گهر واريءَ سان راز جي ڳالهه ڪئي، هن ٻيءَ کي ٻڌائي، جڏهن هن ظاهر ڪئي ۽ الله ان ڳالهه کان رسول الله ﷺ کي واقف ڪري ڇڏيو ته رسول الله ﷺ (ان گهر واري) کان پڇا ڳاڇا ڪئي ته هوءَ پُڇڻ لڳي ته اوهان کي اِها ڪنهن سڻائي، پاڻ سڳورنﷺفرمايو مون کي ان ٻڌايو، جيڪو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو ۽ جنهن کان ڪجهه لڪل ڪونهي.“
”جيڪڏهن اوهين ٻيئي الله جي اڳيان توبه ڪريو (ته چڱائي اٿوَ) اوهان جون دليون سوڙهيون ٿي ويون آهن ۽ جيڪڏهن رسول الله (ﷺ) جي (ايذاءَ) تي هڪٻئي جي مدد ڪنديون ته الله ۽ جبرائيل عه ۽ نيڪ ڪردار جا مسلمان هن جا حامي ۽ ان کانسواءِ ملائڪ سندس مددگار هوندا.“
”جيڪڏهن رسول الله، اوهان کي طلاق ڏيئي ڇڏي ته عجيب ڪونهي ته پالڻهار اوهان جي بدلي ۾ کيس سُٺيون زالون ڏي، مسلمان، ايمان واريون، فرمانبردار، توبه ڪندڙ، عبادت گذار، روزا رکندڙ، ۽ ڪنواريون. (قرآن/سوره مائده)
ازواج مظهرات جون اکيون کلي ويون
معاملا الله تعاليٰ نبيري ڇڏيا.
زالن جا معاملا خدا کانسواءِ ٻيو ڪير ٿي نبيري سگهيو؟
گهر جا اجتماعي ۽ انفرادي سطح جا معاملا ته نبري ويا
هاڻ رياست جا اجتماعي ۽ انفرادي سطح جا معاملا به نبرجڻ جو وقت اچي ويو هو.
لڳي ٿو ته خدا کي هي منظور هو ته رياست ۾ هاڻ منافقين جي ذريعي وڌيڪ فتور پيدا نه ٿئي.
هاڻ مومنن ۽ مُنافقن ۾ حدبندي چٽي ڪئي وڃي، جيئن خدا اونداهي چيري، اُن جي پيٽَ مان صبح جي سُهائي ڪڍي ٿو، ايئن ٿو لڳي ته طئي ٿي ويو هو ته هاڻي منافقن جي منهن تي وڌيڪ پردو وجهي رکڻو نه آهي، انهن ڪارين دلين وارن جي ڪاراٺ سندن مُنهن تي ملي ڇڏڻي آهي.
ايئن ئي ٿيو.
جڏهن ايڏي وڏي سفر تي وڃڻ جو حڪم مليو ته جن جي دلين ۾ مير هو، ڪو مناسب جواز به نه هو، اُن سفر تي وڃڻ کان نٽائي ويا.
کير ۽ پاڻي ڌار ڌار ٿي بيٺا.
آقا ﷺسفر جي لاءِ چوڏهن ڏينهن پري تبوڪ جو هنڌ چونڊيو.
تبوڪ اُتر ۾ مديني کان جديد رستي وسيلي 778 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي.
رستو بنجر، پٿريلو، جابلو ٽڪر ۽ وارياسو.
رستي ۾ شايد ئي ڪٿي پاڻيءَ جو چشمو هُجي به کڻي ته اهو به کارو.
مٿي سفر تي وڃڻ جي لاءِ موسم سخت گرم ۽ اُٻَ.
آگسٽ جو آخري هفتو- سن 630 عيسوي آهي.
اها رجب نائين هين هجريءَ جي ڳالهه آهي.
خميس جو ڏينهن هو.
جڏهن فوج کي روانگيءَ جو حڪم مليو.
مڪي جي فتح، هوازن ۽ طائف جي گهيري کانپوءِ آقاﷺ ۽ مسلمان کي ساڍا ست مهينا ئي ٿيا هئا.
هِتي تياري ٿي ويئي.
اها تياري ڏاڍي زور شور سان ٿي.
ٻين جنگين جي سفر جي اُبتڙ اُن جي اڳواٽ خبر آقاﷺ پاڻ ٻُڌائي ته تياري ڪريو.
پري تبوڪ هلڻو آهي.
ايئن پنهنجو نشانو ۽ مقصد پهرين ٻُڌائڻ مان آقاﷺ ڪيترائي مقصد حاصل ڪري ورتا.
هڪ ته دشمن کي چٽو نياپو ملي ويو هوندو
ته جان بچائي سگهو ٿا ته بچايو.
اسين اچون پيا.
اسين ڊڄڻ وارا نه آهيون
عرب قبيلن کي تنبيهه به ضروري هئي
اُنهن ۾ ٻن قسمن جا قبيلا هئا.
هڪڙ اجيڪي ساٿاري هئا ته تياري ڪري اچي گڏجن
جيڪي مخالف آهن، اُهي پنهنجو خير گهرن
پنهنجن ماڻهن کي به تياريءَ جو موقعو ملي
اهو ڪو ننڍو سفر ته نه هو
ڊگهي سفر تي وڏي جنگ جي لاءِ دنيا جي اُن وقت جي سڀ کان وڏي قوت سلطنت روم سان مُنهان مُنهن ٿيڻ جي لاءِ وڃڻون هو، جنهن ان وقت ايران کي هارائي روم جي پهرين پوزيشن مڃرائي هئي، ان جي سرحد جو فيصلو ٿيڻون هو.
پنهنجي رياست جي حدن جو تعين ڪرڻون هو.
اهو ڏاڍو اهم فيصلو هو
هيڏي وڏي سفري قافلي جي لاءِ ’لاجسٽڪ سپورٽ پلان‘ ٺاهڻ ڪو سولو ڪو نه هو.
ڪٿي ڪٿي پڙاءُ ڪرڻون هو،
پهريون نشانو ڪهڙو هوندو، ٻيون، ٽيون، چوٿون.
سڀئي نشانا مقرر ڪيا هوندا.
جنگ جي حڪمت عملي
ٽيڪنڪس
يعني هڪ وڏي رٿا
پوءِ اهي نبيرڻ جون ترڪيبون
پنهنجي فوج جي پکيڙ
اُنهن سڀني معاملن تي خرچ جي لاڳت
خرچ جو اندازو
ٽيهن هزار ماڻهن تي مشتمل لشڪر گڏ ٿي ويو هو
ڏهه هزار ته رڳو گهوڙيسوار هئا.
مديني کان ٻاهر ڇانوڻي، شهر کان به وڏي ٿي ويئي هئي.
هاڻ اُن ڇانوڻيءَ کي سفر ڪري چوڏهن ڏينهن ۾ تبوڪ پهچڻو هو،
خرچ؟
آقا ﷺ ماڻهن کي عام چندي جي اپيل ڪئي
خزاني ۾ پئسا گهٽ هئا.
موسم سُوڪهڙي جي هئي.
مديني جا ميوا پَچي راس ٿي ويا هئا، باقي لاهڻون هو اُنهن کي
ڪنهن وٽ به ڪو گهڻو پئسو پنجڙ نه هو.
لڳاتار ڪيترن ئي سالن جون مُهمون، جنگيون، سفر
ماڻهن کي ڪمائي ڪرڻ جو موقعو ڪٿي مليو هو
پوءِ به جڏهن آقا ﷺ جو حڪم ٿيو ته، جنهن کان جيڪو ڪجهه به ٿي سگهيو، سو هُنن ڪيو.
سيدنا ابوبڪر گهر ۾ جيڪو ڪجهه هو، کڻي آيو، اُن وقت سندس سڄي ميڙي چونڊي چار هزار درهم وڃي بچي هئي، اها سڄي کڻي آيو. جڏهن اسلام آندو هئائين ته وٽس چاليهن هزار درهمن جا اَثاثا هئا. مُشرڪن کان مسلمان غلام خريد ڪري آقا ﷺ جا غلام بنائيندو رهيو، سڀ خرچي ڇڏيائين. هجرت واري رات گهر ۾ ڇهه هزار درهم بچيا هئا. سي سڀ پاڻ سان کڻي آيو. انهن مان به ٻه هزار ويا، باقي وڃي چار هزار بچيا. اهي به هاڻي کڻي آيو.
آقا ﷺ پُڇيو.
ابوبڪر! گهر وارن لاءِ به ڪجهه ڇڏيو اٿئي؟
سيدنا وراڻيو: الله ۽ الله جي رسول ﷺ جي محبت ڪافي آهي.
سيدنا عمر گهر جو اڌ سامان ۽ مُوڙي کڻي آيو.
سيدنا عبدالرحمان بن عوف ٽيهه ڪلو چاندي کڻي آيو. جيڪا ان زماني ۾ ٻن سئو اوقين جو وزن بڻيو هو. سيدنا عاصم بن عادي، نوي وسق کجين جو ڍڳ کڻي آيو. هڪ وسق ۾ لڳ ڀڳ ڏيڍ سئو ڪلوگرام وزن هوندو آهي. ايئن جيڪڏهن سندس آندل کجيون اڄ تورجن ته انهن جو وزن تيرهن سئو ڪلوميٽر گرام ٿئي.
سيدنا عثمان بن عفان کي عثمان غني جو لقب به ان ئي جنگ ۾ مليو. ٻن سئو اُٺن تي مشتمل واپاري قافلو وٺي اچي آقاﷺ جي اڳيان حاضر ڪيائين، ان کان پوءِ ويو ۽ اوڻيهه ڪلوگرام چاندي آڻي ڍڳ تي رکيائين، وري به ويو ۽ پنج ڪلوگرام سون ۽ هڪ هزار سون جا دينار آڻي ڍڳ تي رکيائين. پوءِ وري اٿيو ۽ ڪٿان ٻه سئو گهوڙا خريد ڪري اچي آقاﷺ جي فوج ۾ شامل ڪيائين، اهو هو عثمان غني.
آقا پنهنجي ناٺيءَ جي سخاوت سبب ٻَهڪڻ لڳا. آقاﷺ جي نياڻي سيده رقيه بدر جي جنگ جي دوران گذاري ويئي هئي. ان کان پوءِ آقاﷺ پنهنجي ٻي نياڻي سيده اُم ڪلثوم جو نڪاح، سيدنا عثمان غني سان ڪرايو هو.
اُن جنگ ۾ تبوڪ ۾ گذاريل پنجاهه ڏينهن ۾ سيدنا عثمان غني ايترو ڪجهه خزاني ۾ ڏيئي آقاﷺ جو غلام بنيو. ان گرم ۽ لڱ ساڙيندڙ موسم ۾ اُن ڊگهي سفر تي گڏ روانو ٿيو، پويان مديني ۾ سندن ٻي گهرواري آقاﷺ جي نياڻي سيده اُم ڪلثوم به گذاري ويئي.
ايئن جيڪڏهن ڏسجي ته ان جنگ ۾ سيدنا عثمان جيڪي ڪجهه ڏنو، ان ۾ پنهنجي گهرواريءَ جي زندگي به شامل هئي.
ايترو ڪجهه گڏ ٿيڻ کانپوءِ به آقا ﷺ وٽ سڀني سپاهين جي لاءِ اُٺ نه هئا، بي انت ماڻهو سواري گهرندا هئا، سواري نه ملڻ تي روئندا واپس موٽي ويندا هئا.
اهو منظر پالڻهار قرآن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو.
”آءٌ اوهان کي سوار ٿيڻ جي لاءِ ڪا سواري نه هئڻ سبب اُن حالت ۾ واپس ويندي ڏسان ٿو ته هنن جي اکين ۾ لڙڪ جاري هجن ٿا ۽ کين خرچ جي لاءِ ڪجهه به نٿو ملي“ ]سورة توبه/قرآن[
قرآن، جن جي تصوير ڪشي ڪئي، انهن ۾ سيدنا عبدالله بن مفعل ۽ سيدنا ابو ليليٰ عبدالرحمان بن ڪعب هئا، رئندا پي ويا. رستي ۾ سيدنا يامين بن عمرو نضري گڏجي ويس. پُڇيائينس: ڇو پيو روئين؟
وراڻيائين: آقا ﷺ وٽ سواريءَ لاءِ وهٽ ڪونهي. اسان وٽ وسيلا ڪونهن. ڇا ڪجي، پوءِ وري روئڻ لڳو. روئندي چوندو پي ويو.
مون کي گڏ وڃڻون آهي
ڪو مون کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃي.
يامين بن عمرؤ جي دل کي جَهٻو آيو
هڪدم کيس پاڻ سان گڏ وٺي منڊيءَ ۾ ويو
هڪ اٺ خريد ڪري کيس ڏنائين
۽ سفر لاءِ خرچ پکو به
اهڙي طرح روئندڙ ڪيترائي غريب غُربا هئا.
انهن جو نالو ئي ”البقائون“ پئجي ويو.
فوج جي ڇانوڻي مديني شهر کان ٻاهر هئي.
شهر ۾ آقاﷺ جي جاءِ تي نماز پڙهائڻ جي ذميداري سيدنا ابوبڪررضه جي حوالي هئي.
آقاﷺ هڪ ٻيو اهم ڪم هي ڪيو ته ڇانوڻيءَ مان رئيس المنافقين عبدالله بن ابي سلول ۽ سندس ساٿين کي ڪڍي ڇڏيو.
مديني جو ڪاروهنوار، محمد بن مسلمه انصاريرضه جي حوالي ڪيو ۽ پنهنجي ڪُٽنب جي سار سنڀال جي لاءِ سيدنا عليءَ کي مديني ۾ ترسڻ جو حڪم ڏنائون.
سيدنا عليرضه جيڪو بدر،احد، خندق ۽ خيبر کان وٺي مڪي جي فتح، هوازن، طائف، هر مهم، هر جنگ جو هيرو هو، اُن وڏي فوج سان گڏ نه وڃڻ سبب پريشان ٿيو. اڳ ۾ به دٻيل لفظن ۾ آقاﷺکي عرض ڪندو رهيو هو، پر جڏهن مديني مان فوجي قافلو نڪري ويو ۽ پاڻ بي چين ٿي فوج جي پويان ڊوڙيا ۽ وري آقاﷺجي خذمت ۾ پهچي ويو.
عرض ڪيائين: آقا ﷺ
آءٌ جنگ جي ميدان جو سپاهي آهيان.
هتي عورتن سان گڏ رهڻ نٿو پُڄيم.
آقا ﷺ اهو ٻڌي شايد مُرڪيا هُجن.
۽ شايد اهو به چوڻ گهريو هئائون ته جنگ جو محاذ ڪٿي نٿو هجي.
اُن جنگ کان پوءِ ته آقا ﷺ فرمايو هو،
هاڻ اسين جهاد کان جهاد اڪبر طرف وري رهيا آهيون.
آقا ﷺ ، سيدنا عليرضه کي سمجهايو ۽ وري حڪم ڏنو،
جتي چوان پيو، اُتي ئي رهو
پوئتي وڃ...
آقا ﷺ کي خبر هئي شايد
ته اڳيان، جتي، جنهن محاذ تي عليرضه جي ضرورت هوندي آهي، هن ڀيري اها جنگ ٿيڻي ڪونهي. پويان منافقن کي جيڪي شرارتون ڪرڻيون آهن، مسجد ضرار جوڙي مسلمانن ۾ جيڪا فرقي بندي ڪرڻي آهي، اتي عليرضه جي ضرورت آهي.
آقا ﷺ سيدنا عليرضه کي فرمايو:
جيئن موسيٰ عليھ السلام جي لاءِ هارون عليھ السلام هو، منهنجي لاءِ تون ايئن آهين، جيتوڻيڪ مون کان پوءِ ڪوبه نبي ڪونهي.
سيدنا عليرضه حڪم جي تعميل ڪندي واپس مديني موٽي ويو.
قافلو اڳيان وڌي ويو.
مديني مان اهو قافلو وڏي شان ۽ مانَ سان نڪتو.
مديني جا ٻارڙا، ٻڍا، زائفائون گهرن جي ڇتين تي، وڻن ۾ ٽِنڊڙي، ميدان ۾ انهن جي پويان ڊوڙي، ڀَرپاسي جي جبلن تي، پري پري تائين گڏ هلي کانئن موڪلايو.
مديني جي تاريخ ۾ ايڏي وڏي فوج ڪڏهن به اُتان نه نڪتي هئي، ٽيهه هزار ماڻهو جن ۾ ڏهه هزار گهوڙيسوار هئا.
زرهه پوش
ڪهڙو نه دل کي وڻندڙ ڏيک هو
گهوڙن جو فخر سان هلڻ
ڌڌڙ اُڏڻ
ريتيءَ جو اُڏرڻ
آسمان تي آگسٽ جي آخري هفتي جي ڌڌڙ جي ڪڪر جو ڇانئجڻ
گرم هوا ۾ سپاهين جي پگهر جا ڦڙا
گهوڙن جي چمڪندڙ کل تي آيل پگهر
اُٺن جون ڊگهيون ڳچيون گهمائي چئني ڏِسائن ڏسڻ.
سپاهين جو پويان رهجي ويندڙ شهر ۾ اندازي موجب پنهنجن پنهنجن گهرن جي ڇتين ڏانهن ڏسي هٿ لوڏڻ.
خدا حافظ چوڻ
اهو ڏاڍو شانائتو منظر هو.
خميس جو ڏينهن هو.
ڏينهن لڙڻ جي مهل
رخ اُتر اولهه ڏانهن.
سج لشڪر جي کاٻي اک جي کاٻي ڪناري تي جُهڪيل هو.
ڄڻ پنهنجي تيز چمڪندڙ ڪرڻن کان شرمائجي.
پنهنجي روشن ٽوپي تيڏي ڪري.
آقا ﷺ کي سلام ڪري رهيو هُجي.
کليل پٿريلي ميدان کان پري
اوچا جبل مُسڪرائي ڏسي رهيا هئا.
کاٻي پاسي ٽن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اُس ۾ وهنتل سنهري احد جبل.
آقا ﷺ کي خدا حافظ چئي رهيو هو.
ڏاڍو سُندر منظر هو.
سيدنا ابو حثيمه به مديني جو رهاڪو هو.
گهر جي ڇت تان فوج کي ويندي ڏسي رهيو هو.
پوءِ لٿو.
ڏٺائين، سندس زالن اڱڻ ۾ ڇڻڪار ڪري، سندس لاءِ صندل رکي، اُن تي نرم وهاڻا رکيا هئا. ان سان گڏ ٿڌا شربت پڻ رکيل هئا.
اوچتو هن جي بدن ۾ ڄڻ ماڪوڙيون سُرڻ لڳيون
آقا ﷺ ته اُس، گرمي ۽ڌوڙ ۾ سفر ۾ هجي ۽ سندس غلام هتي ويٺو هيءَ عياشي ڪري. توبه توبه، کڻي صندل کي لت هنيائين. پنهنجي اُٺڻ پلاڻيائين، سفر لاءِ سامان کنيائين ۽ وٺي اُٺڻ کي ڊوڙايائين ۽ آقا ﷺ سان وڃي فوج ۾ گڏيو ۽ کيس دل جو حال ٻڌايائين.
آقا ﷺ مُرڪي پيا.
سيدنا ابوذر غفاري سڄي عمر فقير رهيو.
هڪ اڌ ڪو وهٽ هوندو هئس،
سو به ڪڏهن چاڪ ته ڪڏهن بيمار.
اُنهن ڏينهن سندس اُٺ بيمار هو.
سوچيائين ته ٿورو چاڪ ٿئي ته مٿس چڙهي وڃي لشڪر سان گڏجان
پر اهو ڏينهون ڏينهن وڌيڪ بيمار ٿيندو ويو.
ايترو ته ڪمزور ٿي ويو، جو سفر تي وٺي وڃڻ جي قابل ئي نه رهيو.
سيدنا ابوذر غفاريءَ کي ته وڃڻو ئي هو،
هن سامان جي هَڙ ڪلهن تي رکي ۽ پنڌ ئي روانو ٿي ويو.
ڪوبه قافلو گڏ نه هئس
فوج الائجي ڪٿي ڪٿي ترسي، ڪڏهن تبوڪ پهچي
تبوڪ پهچڻ کان اڳ
هڪ هنڌ، اَلل وهاڻيءَ مهل آقا ﷺ ڏٺو
پريان کليل ريگستان ۾
هڪ همراهه پٿرن تي اڪيلو ئي اڪيلو هلندو پيو اچي.
جتي پهچڻ ۾ اُٺ سوارن کي چوڏهن ڏينهن لڳا.
اُتي ابوذر غفاري پنڌ ئي پنڌ هلندو ٻارهن ڏينهن ۾ پهچي ويو
رستي ۾ ڪيترن ئي لَڪن ۽ لنگهن تان شارٽ ڪٽ رستو اختيار ڪيائين
آرام گهٽ ڪيائين
هليو گهڻو
نيٺ پهچي ويو
پير پِٿون ٿي ويل
بُت ڌڌڙ سان ڀريل
گهاٽا اڻڀا ۽ گهنڊيدار وار مٽيءَ سبب ڄميل
وڏو مٿو، پنهنجي آقا کي ڏسي ٻهڪڻ لڳو
آقا ﷺ ته کيس پري کان ئي ڏسي سڃاڻي ويا هئا.
”ابوذر، هي اڪيلو آهي، اڪيلو اُٿندو، اڪيلو مرندو ۽ روءِ زمين تي هن کان وڌيڪ سچ جو وڏي واڪي اظهار ڪرڻ وارو ٻيو ڪو ڪونهي.“
ٿيو به ايئن
جڏهن، حضرت عثمان غنيءَ جي خلافت جي زماني ۾ سيدنا ابوذر غفاريءَ جي وفات جو وقت آيو ته هو ”زبدة“ جي هنڌ تي هو، اڪيلو، کيس ڪو دفنائڻ وارو به نه هو، پوءِ اُتان هڪ قافلو لنگهيو، قافلي ۾ عبدالله بن مسعود هو، هِن ڏٺو ته کيس ڪيترا سال اڳ چيل آقا ﷺ جي اها ڳالهه ياد اچي ويئي
هي اڪيلو آهي، اڪيلو اُٿندو، اڪيلو مرندو.
اهو اڪيلو ابوذر غفاري به آقا ﷺ سان گڏ تبوڪ پهچي ويو.
تبوڪ ۾ هڪ پاڻيءَ جو چشمو هو.
آقا ﷺ حڪم ڏنو هو
مون کان اڳ ڪوبه اُن چشمي ڏانهن نه وڃي.
اُتي پهتا، ڏٺائون ته ٻه فوجي اڳ ۾ ئي اتي ويٺا هئا
پڇيائون: پاڻي ته ڪونه ڀريو اٿوَ
چيائون: ڀريو اٿائون.
ڏٺائون، چشمي ۾ پاڻي صفا گهٽ هو.
بس ايترو جيترو ٻُڪ ۾ ڀَرجي سگهي.
آقا ﷺ ٻُڪ ۾ ٿورو پاڻي کنيو
وات ۾ وِڌائون
ڳٽن اندر گهمائي
پوءِ اهو پاڻي چشمي ۾ وڌائون
ايئن لڳو ڄڻ چشمي ۾ چرخي ڦري پيئي
هڪ وڏو اُڀار آيو
۽ چشمو پوري زور سان جاري ٿي ويو.
مِٺو، ٿڌو ۽ تازو پاڻي.
جنهن جو اَنت نه ڪنارو
آقاﷺ پوءِ اُتي ئي چشمي جي ڪنڌ تي سيدنا معاذ بن جبل کي چيو:
جيڪڏهن تون جيئرو رهين ته هن هنڌ کي باغن سان سرسبز ڏسندين.
اهو چشمو اڄ سوڌي جاري آهي.
سڄو تبوڪ سائو ستابو آهي.
باغن سان ڀريل
]آءٌ پاڻ به اڍائي سال اُن شهر ۾ رهيو آهيان، اُن شهر جي ٻاهر جيڪا ڇانوڻي آهي اُتي[
تبوڪ جي موسم خوشگوار آهي.
نه گرميءَ ۾ گهڻو گرم
نه سياري ۾ گهڻو سرد
واري به آهي ته
ساوڪَ به
گُل به آهن ته ميوا به
اُجري اُجري اُس به آهي ته شرميلو چنڊ به
سمنڊ به ڪو گهڻو پري ڪونهي
اها پٿرن جي سرزمين آهي
روايت آهي ته مرڻ کان پوءِ سڀ اُتي گڏ ڪيا ويندا.
اُن وقت، جڏهن آقاﷺ اوڏانهن ويا، اها بازنطيني روم ۽ عرب اُپٻيٽ جي سرحد هئي.
آقا ﷺ کي پنهنجي سلطنت جون حدون مقرر ڪرڻيون هُيون.
جيڪي ڪيون ويون
پاڻ سڳورا اُتي ويهه ڏينهن ترسيا.
هڪ لحاظ کان دشمن کي مقابلي جي دعوت ڏنائون
ته اچو ٻه ٻه هٿ ڪريون
پر دشمن واپس موٽي ويو
غساني قبيلا به لڪي ويا
آقا صلي الله عليھ وسلم اُتي بيس ڪئمپ ٺاهي ڀرپاسي جي قبيلن ۾ پنهنجا ماڻهو موڪليا.
چار سئو ڪلوميٽر اُتر ۾ ”دومته الجندل“ جي علائقي ۾ خالد بن وليد کي پنج سئو سوارن سان گڏ موڪليو. فرمايو، اُتان جو سردار ”اڪيدر“ توکي جنگهلي ڳئونءَ جو شڪار ڪندي ملندو، کيس مارج نه، پاڻ سان وٺي اچج.
ايئن ئي ڪيو ويو
سيپٽمبر جي آخري هفتي جي چانڊوڪي رات هئي،.
اڪيدر پنهنجي راڻيءَ سان گڏ محل جي بالڪونيءَ ۾ ويٺو هو، جو محل جي وڏي دروازي تي هڪ جنگهلي ڳئون اچي ٿونا هڻڻ لڳي. اڪيدر تير ۽ ڪمان کنئي، راڻيءَ کي بالڪونيءَ ۾ ئي ڇڏيائين ۽ گهوڙي تي چڙهي جنگهلي ڳئون جي پويان لڳو.
جنگهلي ڳئون کيس ان ئي رستي تي وٺي وڃڻ لڳي، جتان حضرت خالد بن وليد، پنهنجي گهوڙيسوارن سان گڏ اچي رهيو هو، جنگهلي ڳئون جهلڻ واري کي ڳئون جهلڻ کان اڳ ئي خالد بن وليد کي جهلڻون هو.
جهلي ورتائينس،
جنگهلي ڳئون ته هڪ بهانو هو
جنهن بهانو بنائي موڪليو هو، اُن ئي اهو ڳجهه ٿي ڄاتو ته اها ڪيڏانهن ويئي،
آئي به الائجي ڪٿان هُئي.
اڪيدر، جنگهلي ڳئون کي جهلي نه سگهيو
ڊپ سبب هئڊو ٿي ويل ڪيدر، خالد بن وليد جو قيدي بنجي آقاﷺ جي روبرو پيش ڪيو ويو.
هن ماضيءَ ۾ مسلمان قافلن جي خلاف ڪيتريون ئي شرارتون ڪيون هُيون.
هاڻي هو سڀني تي شرمسار هو.
ڏنڊ ۾ هن ٻه هزار اُٺ، اَٺ هزار چار سئو ٻڪريون، اٺ سئو گهوڙا، چار سئو زرهون ۽ هڪ سئو وسق ڪڻڪ ڏني. پاڻ به اسلام قبول ڪيائين. اها ٻي ڳالهه آهي ته ٻُڌڻ ۾ اچي ٿو ته پوءِ ڦرِي ويو.
گمان اهو آهي ته اڪيدر کان مليل اُٺن، ٻڪرين، گهوڙن ۽ ڪڻڪ مان مسلمانن جي اچڻ ۽ وڃڻ جو ڪجهه خرچ نڪري آيو هوندو.
اُتي ئي تبوڪ کان لڳ ڀڳ ٻه سئو ڪلوميٽر مٿي اولهه ۾ ڳاڙهي سمنڊ جي بند شاخ ”خليج عقبه“ جي ڪناري آباد فلسطيني شهر ”ذيله“ جو حاڪم ”يوحنا بن رويه“ پاڻ هلي آيو. ڀليڪار ڪيائين ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم سان هڪ اتحادي بنجي تحريري معاهدو ڪيائين. اُن ٺاهه موجب هن ساليانو ٽي سو دينار ڏيڻ منظور ڪيا.
تبوڪ جي ڏينهن ۾ ئي مسلمانن کان زڪوات ۽ غير مسلمانن کان جزيو وٺڻ جا آسماني احڪام مليا هئا.
جن جي تعميل ٿي.
يوحنا سان ٿيل ’امن ٺاهه‘ جا ڪجهه نقطا هن ريت هئا ته يوحنا ۽ سندس حليفن جي لاءِ خشڪي ۽ سمنڊ جي رستن جو تحفظ اسلامي رياست جي ذميداري هوندي، جيڪي سندن سرحدن مان گذرندا ۽ اهو ئي اصول يوحنا تي لاڳو هو. يوحنا تي اهو به لاڳو هو ته هو انهن ندين کي نه روڪي. جيڪي اُن علائقي مان وهي، مسلمانن جي علائقن ۾ اچن ٿيون. ]ان لحاظ کان اپ اسٽريم درياهه يا ندين جي پاڻيءَ جو تحفظ شايد دنيا ۾ پهريون ڀيرو آقاﷺ تبوڪ ۾ ڪيو.[
هي اهو ئي اصول هو، جيڪو اسان پنهنجا ئي درياهه پاڙيسري ملڪ کي وڪڻڻ وقت ٽوڙي ڇڏيو.
ٻيو شرط اهو هو ته يوحنا ۽ سندس حليفن کي مسلمانن جي رستن جي ناڪابنديءَ جو اختيار نه هوندو، پوءِ ڀلي اهي رستا خشڪي جا هجن يا سامونڊي. آقا صلي الله عليھ وسلم معاهدي جي توثيق ڪئي ۽ پنهنجن ڪلهن تي پاتل يمني چادر يوحنا بن رويه کي ڏني.
ڀَرپاسي جي ٻن ٻين شهرن جا حاڪم به آڻ مڃي آقا صلي الله عليھ وسلم جي خذمت ۾ حاضر ٿيا.
جزيي جي شرط تي امن ماڻيائون
انهن ۾ ”جريا“ ۽ ”ذراح“ جي ننڍين ننڍين رياستن جا حڪمران به هئا.
آقا ﷺ ويهه ڏينهن تبوڪ ۾ ترسيا.
ڪوبه مقابلي ۾ نه آيو.
جتي آقا ﷺ، تشريف فرما ٿيا، اُتي هاڻ هڪ مسجد آهي.
مسجد رسول ﷺ.
اها مسجد ترڪ دور ۾ هڪ ترڪ پرستار 1245ع ۾ ٺاهي هئي. اُتي ئي ڀرسان ترڪ قلعو به موجود آهي، جتي اڄ ڪلهه تبوڪ جبل آهي.
تبوڪ ۾ ڪابه جنگ نه ٿي
پر آقا ﷺ جيڪي نشان مقرر ڪيا هئا، اِهي پورا ٿيا.
رومي فوج بلقاء تائين پويان هٽي ويئي
تبوڪ اسلامي رياست جو علائقو تسليم ڪيو ويو.
ڀرپاسي جي قبيلن نحم، جزام، عاحله ۽ غسان مسلمانن جي برتري مڃي ورتي. ويجهن شهرن پنهنجون وفاداريون مديني سان لاڳاپي ڇڏيون. رستي ۾ وسندڙ قبيلن، بَدوئن جي ڳوٺن ۽ ننڍن ننڍن علائقن جي رهواسين پنهنجي اکين سان اسلام جي ان عظيم فوجي سگهه جو مشاهدو ڪري ورتو ۽ امن تي رهڻ تي مجبور ٿي ويا.
اها ڪل پنجاهه ڏينهن جي مهم هئي
ٽيهه ڏينهن اچڻ ۽ وڃڻ جا
ويهه ڏينهن اُتي رهائش جا
واپسيءَ واري سفر ۾ قوم ثمود جي عبرت واري علائقي ’وادي حجر‘ مان لنگهڻ ٿيو. اُتي پٿرن کي ڪَٽي شهر جوڙيو ويو هو، جتي خدا جو ڏمر نازل ٿيو هو، ڇو ته اُن قوم حضرت صالح عليھ السلام جي اُٺڻ جون ٽنگون ڪپي ڇڏيون هُيون ۽ جيڪو کوهه اُن اُٺڻ جي پاڻي پيئڻ جي لاءِ ٺاهيو هئن، ان مان پنهنجي حصي کان وڌيڪ پاڻي پيئڻ لڳا هئا.
آقا ﷺ ، پنهنجن ماڻهن کي ان کوهه مان پاڻي پيئڻ جي لاءِ چيو هو. ان اُٺڻ جو حصو اڄ به ان کوهه جي ذمي باقي آهي. آقا ﷺ پنهنجن ماڻهن کي چيو هو ته ان ڏمر واري علائقي ۾ نه وڃجو، جيڪڏهن وڃڻون به پوي ته لڙڪن هاڻين اکين سان وڃجو، ڏکارا ٿي وڃجو.
خدا جي ڏمر کي ياد ڪري وڃجو
خدا جي عذاب کان بچڻ جي دعا ڪري وڃجو
اُتي ويل ٻه ماڻهو ڪِري پيا
هڪ کي آقا ﷺ دم فرمايو، اهو بچي ويو
ٻيو بچي نه سگهيو.
چون ٿا، ڪو هوا جو واچوڙو آيو، ان کي اُڏائي ويو.
اُن مهم جي دوران فوج ۾ به ۽ پويان مديني ۾ به منافقن جي سڃاڻپ چٽي ٿي ويئي.
الله هڪ هڪ ڪري انهن سڀني منافقن جي سُڃاڻپ ڪرائي ڇڏي.
اُنهن جون نشانيون ٻڌائي ڇڏيون
اُنهن جو انجام ٻڌائي ڇڏيو
سفر ۾ به هڪ منافق پنهنجي منافقت ڳالهائڻ لڳو.
آقا ﷺ جي اُٺڻ سفر جي ڪنهن پڙاءُ ۾ گم ٿي ويئي
ماڻهو کيس ڳولهڻ لڳا
منافق جي دل جي ڳالهه زبان تي اچي ويئي.
چيائين: چون ٿا ته آسمان جي خبر رکي ٿو، پر پنهنجي اُٺڻ بابت خبر نه اٿس ته ڪيڏانهن هلي ويئي.
آقا ﷺ ٻڌي ورتو، فرمايو:
مون کي ايتري خبر آهي، جيتري مون کي خدا ٻڌائي ٿو.
هاڻي مون کي ٻڌايو ويو آهي ته منهنجي اُٺڻ فلاڻي ماٿريءَ ۾ آهي، ان جي مُهار هڪ وڻ ۾ ڦاسي ويئي آهي، جنهن ڪري اها اتي بيٺي آهي.
ڪجهه صحابين اتي وڃي، اٺڻ کي ان حالت ۾ ڏسي ڇڏائي وٺي آيا.
اُٺڻ ته اچي ويئي
پر منافق سڃاڻجي پيا
آيتون لٿيون
”هي (منافق) اهڙا آهن، جيڪي صدقو ڏيندڙ مسلمانن کي صدقن جي باري ۾ گهٽ وڌ ڳالهائين ٿا ۽ اُنهن ماڻهن تي طنز ڪن ٿا، جن کي محنت، مزدوريءَ جي لاءِ ڪجهه نه هوندو آهي. الله کانئن سندن طنز جو بدلو وٺندو ۽ انهن جي لاءِ دردناڪ سزا هوندي ]قرآن: سورة توبه 9-79[
اُن سڄي مهم ۾ جيڪي ماڻهو بي نقاب ٿيا، سي سڀ منافق هئا،
جڏهن تياري ٿيڻ لڳي هئي ته اهي حوصلو ٽوڙڻ جي لاءِ چوندا وتندا هئا
ههڙي گرميءَ ۾ ويندؤ.
ماڻهن جي همت ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.
اجايا سجايا عذر ۽ بهانا پيش ڪرڻ لڳا.
آسمان مان وحي لٿي.
”الله اوهان کي معاف ڪري ڇڏيو، پر اوهان انهن کي موڪل ڇو ڏني هئي جيستائين تنهنجي سامهون سچا ماڻهو ظاهر نه ٿين ها ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ وارن بابت معلوم نه ڪري وٺو ها.“ ]قرآن: سورة توبه 19-10]
الله انهن منافقن جي سڄي نفسيات لکي موڪلي ڇڏي.
”جيڪڏهن ڪجهه ملڻ جو آسرو هجين ها ۽ سفر به معمولي هجي ها ته هي اوهان ﷺ سان ضرور هلن ها. پر کين پنڌ ئي پري لڳو ۽ هينئر ئي خدا جو قسم کڻي ويندا ته جيڪڏهن اسان جي وس ۾ هجي ها ته اسين ضرور توسان هلئون ها. اهي پنهنجو پاڻ کي برباد پيا ڪن ۽ الله ڄاڻي ٿو ته اهي ڪوڙا آهن.]توبه. 9/42 [
انهن پويان رهندڙن ۾ بدو، منافق ۽ ڪجهه صحابي هئا. صحابين وٽ جائز عذر موجود هو. سواءِ انهن ٽن جي، جن ڪو ڪوڙو عذر پيش ڪرڻ کانسواءِ سچ ڳالهايو ته اها اسان جي سُستي ۽ ڪاهلي هئي. اسين ڏوهي آهيون ۽ الله کان معافي ٿا گهرون.
اُنهن لاءِ پوءِ پورن پنجاهه ڏينهن کانپوءِ معافي لٿي،
اُنهن جي غلطي معاف ڪئي ويئي.
اها مهم به پنجاهه ڏينهن جي هئي.
اهي ٽيئي صالح مسلمان ۽ جليل القدر اصحابي هئا.
انهن جي لاءِ آسمان تان ڪلام آيو.
”... ۽ اُنهن ٽن شخصن جي حال تي به، جن جو معاملو ملتوي ڇڏيو ويو هو، ايستائين جو زمين پنهنجي ڪشادگيءَ جي باوجود به مَٿن تنگ ٿيڻ لڳي ۽ خود پنهنجي زندگيءَ مان بيزار ٿي پيا ۽ هُنن سمجهي ورتو ته خدا کان ڪٿي به پناهه ملي نٿي سگهجي. سواءِ اُن جي ته ڏانهنس رجوع ڪيو وڃي، پوءِ انهن جي حال تي ڌيان ڌريو ويو ته جيئن هو آئنده به رجوع ڪن. بي شڪ الله گهڻو ڌيان ڌرڻ وارو آهي ۽ وڏو رحم ڪرڻ وارو آهي. ]قرآن سورة توبه 9-118[
اهي ٽيئي خوشنصيب مسلمان سيدنا ڪعب بن مالڪ ]رسالت جو پروانو، بيعت عقبه ثاني ۾ بيعت ڪندڙ، جيڪو پهريون ڀيرو جڏهن آقا صلي الله عليھ وسلم سان ملڻ جي لاءِ خانه ڪعبه ويو ته آقا ﷺ کيس ڏسندي ئي فرمايو. اَڇا! اهو ڪعب بن مالڪ، جيڪو شاعر آهي[ ٻيو، سيدنا مراره بن ربيع ۽ ٽيون سيدنا هلال بن اُميه، اهي ٻيئي بدري مجاهد هئا، جن جو مقام ۽ درجو گهڻو اوچو هو. انهن ٽنهي کانسواءِ 81 منافق پويان رهجي ويا هئا. واپسيءَ تي هنن ڪوڙا عذر بيان ڪيا. آقا ﷺ فرمايو، جيڪو پنهنجي زبان سان چئو ٿا، چوندا رهو، آءٌ اوهان کي ڪوڙو نٿو چوان، اوهان جي دلين جو معاملو الله تي ٿو ڇڏيان. الله کير ۽ پاڻيءَ کي ڌار ڌار ڪري ڇڏيو.
اُنهن ئي منافقن گڏجي مسجد ضرار جوڙي هئي.
آقا ﷺ ، تبوڪ جي سفر تان واپس پهچي هڪ حڪم ڏنو هو
منهنجي مديني پهچڻ کان اڳ مسجد ضرار کي باهه ڏيئي ڇڏيو
باهه ڏني ويئي.
پوءِ جهاد کان جهاد اڪبر تائين منزل آئي.
مسجد ضرار مسلمانن ۾ فتني، فساد ۽ فرقي واراڻين سرگرمين جو نشان هئي، تنهن ڪري آقا صلي الله عليھ وسلم حڪم ڏنو ته اها ساڙي وڃي.
ساڙي ويئي.
اهو ”جهاد اڪبر“ هو.
اڃ تائين ڪنهن اُن ڳالهه تي ويچاريو ئي نه آهي
ته ڪيتريون ئي مسجدون فتني، فساد ۽ عناد جو ٻج ڇَٽي رهيون آهن.
قرآن انهن کي ”مسجد ضرار“ چوي ٿو.
خدا جو رسول ﷺ اُنهن کي ساڙڻ جو حڪم ڏي ٿو.
قرآن جا لفظ اڄ به پُڪاري رهيا آهن.
”۽ ڪي اهڙا آهن، جن اُن ڪري مسجد ٺاهي ته نقصان رسائين ۽ ڪفرجون ڳالهيون ڪَن ۽ ايمان وارن ۾ ڦُوٽ وجهن، ۽ ان شخص جي قيام جو سامان ڪن، جيڪو اُن کان اڳ خدا ۽ رسول (ﷺ) جو مخالف آهي ۽ هو قسم کڻندا ته هنن جي نيت ڀَلائيءَ کانسواءِ ٻي ڪابه نه آهي ۽ الله گواهه آهي ته اهي بلڪل ڪوڙا آهن ۽ تون (صلي الله عليھ وسلم) ان ۾ ڪڏهن به کڙو نه ٿئج. ]سورة توبه: 100-108[
اسان ڪنهن اهڙي مسجد جي اڏجڻ کان اڳ سوچيو ئي ڪونهي ته جتي خدا کڙي ٿيڻ کان منع ڪئي آهي، هي اِهي ئي مسجدون آهن، جيڪي مسلمانن ۾ ڦوٽ ۽ تفرقو پيدا ڪن ٿيون، اُتي پنهنجي پنهنجي مسلڪ ۽ فرقي جون ڳالهيون ڪن ٿا، جتي ٻين مسلڪن جي برائي بيان ڪئي وڃي ٿي.
اهي سڀ نقصان رسائيندڙ ’ضرار مسجدون‘ آهن.
جن جي باري ۾ خدا ۽ ان جي رسولﷺ جو چٽو حڪم آهي
جنهن جي تعميل ضروري آهي
تبوڪ جي مهم اسلامي رياست جي شڪل چٽي ڪري ڇڏي
اُن جي جاگرافي ٻُڌائي ڇڏي
اهو به ٻُڌائي ڇڏيو ته ان سلطنت کي اڳتي هلي ڪيتري تيزيءَ سان اڳتي وڌڻون آهي. اُن سان گڏ اسلامي مملڪت جي فردن ۽ شهرين ۾ صالح مومنن ۽ فساد پيدا ڪندڙ منافقن جي وچ ۾ ليڪ ڪڍي، ٻنهي گروهن جي نشاندهي ڪري ڇڏي.
مُنافقن جي چٿڻ جو حڪم ڏنو.
مومنن کي ”جهاد“ کان ”جهاد اڪبر“ طرف وڌڻ جو حڪم ڏنو.
”جهاد اڪبر“ پنهنجي اَنا سان وڙهڻ
پنهنجي نفس جي چاهتن کي نه چاهڻ
خدا جي چاهت کي چاهڻ
خدا جي مخلوق سان پيار ڪرڻ
سَچ تي قائم رهڻ
سچ کانسواءِ ٻي ڪابه ڳالهه نه ڪرڻ
پنهنجي غرض کي هر غرض کان هيٺ ۽ آخر ۾ رکڻ
خدا ۽ اُن جي مخلوق کي پهرين ترجيح بنائي رکڻ،
جنهن هيءَ سڄي جُوڙ جوڙي آهي
ڏسڻ ۾اها مُهم بي حد ڏيا دار ۽ دٻدٻي واري هئي.
ڊگهو سفر هو،
موسم گرم هئي،
ماڻهو گهڻا هئا،
وسيلا گهٽ هئا،
پر محسوس ڪرڻ ۾ اُن مهم جا اثر گهڻو پري پري تائين پيا هئا.
ڀرپاسي جي قبيلن ڏسي ورتو ته اسلامي حڪومت ۾ ايتري سگهه آهي، جو اها دنيا جي سڀني کان سگهاري رياست روم کي للڪاري سگهي ٿي، تنهن ڪري سڀ قبيلا ۽ عربستان جون رياستون ڪنڌ جُهڪائي تابع ٿي ويون.
اسلام ۾ ڪوبه جبر ڪونهي.
ڪنهن قبيلي يا رياست کان اها گهر نه ڪئي ته مسلمان ٿي وڃو يا وڙهو.
ڪيترين ئي رياستن جزيو ادا ڪرڻ جو وعدو ڪيو ۽ مسلمان کين سندن دين، اُنهن جي رسمن ۽ رواجن تي،سندن پنهنجي رسمن ۽ طور طريقي موجب قائم رهڻ جي موڪل ڏني، نه رڳو اهو، پر اُنهن جي حفاظت ۽ نگهبانيءَ جو ذمون پڻ کنيو. کين ڪنهن لشڪر ڪشيءَ ۾ مدد ڏيڻ جي گهرج به نه پوندي هئي.غير مسلمان جيڪڏهن اهو ”جزيو“ ڏيندا هئا، جنهن جو اُن ئي سال آسمان تان حڪم آيو هو، ته مسلمانن لاءِ به زڪوات ادا ڪرڻ جو حڪم آيو هو، ايئن هڪئي رياست ۾ ٽئڪس جا ٻه نالا هئا ۽ رياست جي وفاداري ٻنهي تي لازمي هئي.
تبوڪ جي مُهم کانپوءِ سڄي عربستان مان وفد مديني اچڻ لڳا.
انهن وفدن جي اچڻ جو سلسلو مڪي جي فتح کان هڪدم پوءِ شروع ٿي ويو هو.
تبوڪ جي مهم کانپوءِ اُنهن جي اچڻ جي رفتار وڌي ويئي.
قبيلن ۽ رياستن جا اِهي وفد ايمان آڻڻ ۽ پنهنجي وفادارين جو آقاﷺ جي هٿن تي حلف کڻي يا اتحادي بنائڻ جي لاءِ مديني ايندا رهيا. اُنهن جي اچڻ سان سڄو عربستان، آقاﷺ جي زندگيءَ ۾ ئي، آقاﷺ جي سربراهيءَ ۾ هڪ مڪمل رياست جي وحدت ۾ جڪڙجي چڪو هو.
آقاﷺ اُن مهم جي پنجاهه ڏينهن کانپوءِ رمضان نائين هجريءَ تي واپس مديني پهتو، ته فرمايائون:
”هي طابه آهي
۽ هي احد جبل اسان سان محبت ڪري ٿو
۽ اسين ان سان محبت ٿاڪريون.“
مديني جون ٻارڙيون ۽ ٻارڙا، عورتون ۽ مرد، پوڙها، سڀ گهرن کان ٻاهر آڌر ڀاءُ جي لاءِ نڪري آيا
ڇتين تي چڙهي ويا
وڻن تي ٽنڊري پيا
ڀتين تي چڙهي بيٺا
درين سان لٽڪي پيا
هر ڪو خوشيءَ ۾ اهو ئي ڳيچ ڳائي رهيو هو، جيڪو هنن نوَ سال اڳ آقاﷺ جي مڪي مان هجرت ڪري مديني اچڻ مهل ڳاتو هو،
اُن ڏينهن شام جو ٻيهر ٻارڙيون دڦ وڄائي ڳائي رهيون هيون:
”اسان تي شيته الوداع کان چوڏهين جو چنڊ اُڀريو آهي
جيستائين سڏيندڙ الله کي سڏيندا.
اسان تي شڪر واجب آهي.“

وفدن جو اچڻ

وفدن جو اچڻ

قرآن پاڪ جي ’سورة النصر‘ ۾ الله تعاليٰ خوشخبري ٻُڌائي هئي.
اِها پوري ٿي.
”اوهين الله جي دين ۾ ماڻهن کي ٽولين جي صورت ۾ داخل ٿيندي ڏسندؤ.“
اهي ڏسڻ جا ڏينهن اچي ويا
ماڻهو ٽولين جي صورت ۾ اچڻ شروع ٿيا.
عربستان جي ڪُنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو مديني اچڻ لڳا، اُٺن تي، گهوڙن تي، گڏهن تي، خچرن تي، جنهن کي جيڪا سواري ملي، هو ان تي ويهي روانو ٿيو. ڪيترا ته پنڌ ئي پنڌ هلندا اچي پهتا. ڪا ننڍي ٽولي اچي رهي هئي ته ڪي وري سَون ماڻهن جي جٿي جي صور ت۾. ماڻهو ٺهيل جُڙيل وڏن ۽ سُٺن ڪپڙن ۾، ته ڪي وري ٿڪا مانڌا، مٽيءَ ۾ ڀڀوت مسافري ڪندا اچي پهتا. سڀني وٽ پنهنجي سگهه ۽ پُڄت آهر محبت سان کنيل نذرانن جون هَڙون، جن ۾ پنهنجي پنهنجي علائقي جون سوکڙيون پاکڙيون هيون، ڪن ڪپڙا پي آندا ته ڪن وري چمڙي جون رڱيل نفيس کلون، ڪن گهر جي لاءِ ٿانوَ پي آندا ته ڪن مٿي تي ٻڌڻ جي لاءِ پٽڪا، ڪي پيرن ۾ پائڻ جي لاءِ جوتا کڻي آيا، هر ڪو وڌي چڙهي، پاڻ کي محبت ۽ نياز منديءَ جو اهل ثابت ڪري رهيو هو.
آقا ﷺ ۽ اسلام سان وفاداريءَ جو حلف کڻي رهيو هو.
سن 9 ۽ 10هين هجريءَ ۾ مدينو، عربستان جو ’ڪاسمو پوليٽن‘ شهر بنجي ويو، جتي روزانو ڪُل عرب ڪانفرنس يا سيمينار ٿي رهيو هُجي، مسجد نبوي، مهمانن کي ترسائڻ جي جاءِ، مسجد جي اڱڻ ۽ ٻاهر تنبو لڳي ويا، ڪي ماڻهو مديني جي گهرن ۾ ٽڪايا ويا.
سڀني جي سٺي خذمت چاڪري ڪئي ويندي هئي،
ماڻهو سوکڙيون کڻي ايندا هئا ۽ هديه کڻي واپس ويندا هئا،
آقا صلي الله عليھ وسلم هڪ طرفو وٺندڙن مان نه هئا،
پوءِ جيڪي سوکڙيون اينديون هيون، اهي مملڪت جي بِلي.
پنهنجي گهر ۾ اهو ئي پراڻو، پيالوکجيءَ جي ڦڙن جو تڏو.
کجي جي ڦڙن سان ڀريل چمڙي جو وهاڻو، ٻه جوڙا ڪپڙن جا، هڪ پٿر جو جنڊ ۽ اوڌر تي ورتل کائڻ لاءِ جوَ.
عربستان جي ڪابه ڪُنڊ نه بچي هئي، جتان ڪير نه آيو هُجي، هر هنڌان ماڻهو ڀڳا:
حاضر سائين
وفادار
ايمان آڻيندا هئا
پاڻ ﷺ تاجدار هئا
جيڪو حڪم ملندو،
اُن جي پورائي ٿيندي هئي ڀرپور طريقي سان
اوهان کي ڪڏهن به نه ڇڏينداسين
اوهان کانسواءِ زندگي اجائي آهي،
سڀ پهچي ويا، وفدن جو انگ ستر ٻڌايو وڃي ٿو، مسلمانن جو تعداد ايترو ته تيزيءَ سان وڌيو، جو گذريل ٻاويهن سالن ۾ اهي مس ڪجهه هزار هئا، هاڻ انهن جو تعداد لکن ۾ پهچي ويو. مڪي جي فتح ۾ ڏهن هزارن جي فوج هئي، جيڪا پندرهن ڏينهن ۾ وڌي ٻارهن هزار بنجي ويئي. ڪجهه ئي مهينن ۾ ٽيهن هزارن جو لشڪر تيار ٿي تبوڪ پهتو ۽ ٻي سال ڏهين هجريءَ ۾ حجةالوداع جي موقعي تي اهو ميڙ هڪ لک چوويهن هزارن تي پهچي ويو.
ٻاويهين سالن تائين آقا ﷺ سڄي عربستان ۾ جيڪو حق، صداقت، امانت، قيادت، قرآن جي بَلاغت ۽ شخصي اخلاق جو ٻج پوکيو هو، ان جو فصل تيار ٿي چڪو هو.
ميوه پَچي راس ٿي ويو.
اُن جي سُرهاڻ
سڄي عربستان ۾ پکڙجي ويئي
بَدوئن جون صدين تائين، ڪنهن حڪمران جي قيادت تي راضي نه ٿيندڙ وَستيون، پاڻ ۾ ڪيترين ئي پيڙهين کان وڙهندڙ قبيلا، پنهنجي سڀني تڪليفن کي وساري، انا جي پٿرن ۽ پٿرن جي خدائن کان منهن موڙي، هڪ اڪيلي خدا جي عبادت ۽ هڪ آخري رسول صلي الله عليھ وسلم جي اطاعت تي راضي ٿي ويا.
وکريل لوهه جا منتشر ذرڙا
هڪ ڏِسا ۾ ٿي
چقمق بنجي ويا-
هاڻ اُن سڄي دنيا جي لوهه کي پاڻ جهڙو ميگنٽ بنائڻو هو.
هڪ رخ ۾
سمجهه، بر دبار، لولاڪ جو ڌڻي، عزت ۽ نرم سڀاءَ وارو.
تبوڪ کان واپسيءَ تي، جيڪو سڀ کان پهرين وفد حاضر ٿيو، آقا صلي الله عليھ وسلم کي اُن جو گهڻو اوسيئڙو هو.
اهو طائف جو وفد هو.
اهائي طائف، جتي آقا ﷺ مڪي مان زيد بن حارثرضه سان پنڌ ئي پنڌ ويا هئا ۽ کُڙين تائين رت ڳاڙهيندا،زخمن سان ڏکوئجي واپس وريا هئا. اتان جو سردار عروه بن مسعود ثقفي حاضر ٿيو. طائف جي گهيري جي دوران هو يمن ويل هو ۽ آقا ﷺ جي حضور ۾ حاضر ٿيڻ جي لاءِ بي چين هو. تبوڪ ۾ پنجاهه ڏينهن رهي، جڏهن آقا ﷺ مديني واپس پهتا ته هو ڀڄندو آيو.
پنهنجي اطاعت جو اعلان ڪيائين
مسلمان ٿيو
۽ ٻَڌو ٻانهون بنجي ويو
آقا ﷺ جي عشق ۾ سرشار ٿي ويو
چيائين: وڃي پنهنجي قوم کي ٺيڪ ٿو ڪريان.
”لات“ جي بُت کي ڀَڃي ڀورا ٿو ڪريان.
آقاﷺ، مڪي ۽ ڀرپاسي جا بُت، مڪي جي فتح کان پوءِ اُنهن ئي ماڻهن هٿان ڀَڃرايا هئا، انهن بتن کي ڊاهڻ لاءِ گهڻو ڪري خالد بن وليد کي موڪليو ويندو هو. پر ”لات“ ۾ ته طائف وارن جي جان هئي. هو کيس خدا جي پسنديده ڌيءَ سمجهندا هئا. اُتي وڏو ميلو لڳندو هو، اهو اُن شهر جي سڃاڻپ هو.
آقاﷺ، پنهنجي پرواني عروه بن سعود ثقفيءَ کي سمجهايو ته متان توکي ماڻهو نقصان نه رسائين. ”لات“ جي باري ۾ انهن جي عصبيت گهڻي ۽ سَهپ گهٽ آهي، سيدنا عروه بن مسعود ثقفي هر دلعزيز سردار هو، عرض ڪيائين ته آقاﷺ، منهنجي قوم مون تي فدا آهي، هينئر ئي وڃي کين پنهنجو فرمانبردار ٿو بڻايان.
ويو
ماڻهن کي اسلام جي دعوت ڏنائين،
”لات“ کي لتون هنيائين
ٻي ڏينهن ماڻهن کي نماز لاءِ سڏيائين
ماڻهن لڪي تير ڇوڙيا
سيدنا عروه بن مسعود ثقفي شهيد ٿي ويو.
هاڻ ته طائف وارا پريشان ٿي ويا
مَري وياسين
هاڻ مسلمان نه ڇڏيندا،
ڪو ٺاهه جو طريقو ڪڍجي.
معافيءَ جي ڪا صورت ڪڍجي
هُنن عبداياليل کي ٺاهه ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو
اهوئي عبدياليل، جنهن رولو ڇورن کي هٿن ۾ پٿر ڏيئي آقا ﷺ جي پويان بَڇيو هو ۽ چَٿر ڪندي چيو هئائين، ”خدا توکي رسول چونڊيو آهي، جنهن وٽ چڙهيءَ لاءِ پنهنجي سواري به ڪونهي.“
هو ڊنل هو،
هَڄيل هو،
آقا ﷺ کي پراڻيون ڳالهيون ۽ گذريل تڪليفون ياد هونديون؟
۽ ٻي ڪا صورت به ڪانه هئي،
پنهنجي قوم ۽ پنهنجي شهر کي بچائڻون هو،
پاڻ سان پنج ماڻهو کنيائين ۽ مديني پهچي ويو.
انهن مان هڪ ننڍي وهيءَ وارو عثمان ابن العاص ثقفي به هو.
آقا ﷺ جي دعا کين ڇڪي آندو.
مديني ۾ سيدنا مغيره بن شعبهرضه ان وفد کي مديني ۾ گهڙندي ڏٺو ۽ خوشيءَ مان ڊوڙندو خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ آقا ﷺ ڏانهن ڀڳو.
آقا ﷺ کي اُنهن جو اوسيئڙو هو،
رستي ۾ سيدنا ابوبڪر مان ملاقات ٿيس،
سيدنا ابوبڪر گذارش ڪئي ته،
آقا ﷺ کي اِها خوشخبري مون کي ٻڌائڻ ڏي
سيدنا مغيره هاڪار ڪئي.
آقا ﷺ ٻُڌي خوش ٿيا
مسجد نبوي ۾ شاميانا لڳي ويا
هو روزانو مسلمانن کي نماز پڙهندي ڏسندا هئا ۽ قرآن ٻُڌندا هئا.
ماني، آقا ﷺ جي گهران ايندي هئي
هو ڊنل هئا،
کين پنهنجا ظلم ياد هئا
سيدنا خالد بن وليد رابطا آفيسر مقرر ٿيو، طائف وارا اُن ڊپ ۾ ورتل هئا، سندن ماني کائڻ کان اڳ خالد بن وليد گرهه وات ۾ وجهندو هو، پوءِ هو کائيندا هئا.
ڳالهيون مُهاڙيون شروع ٿيون
طائف جو ثقفي نسل در نسل فيوڊل نواب هئا.
ڀَلين زمينن جا مالڪ هئا،
ٿڌن، خوشگوار، ساين جبلن جا مالڪ
عربستان جي سُٺي انگور ۽ کجور جي شراب جا شوقين
رنگين مزاج
اَنا جا ماريل... هٺيلا...
ريشمي ڪپڙن تي مِٽيءَ جو ٽِڪو به لڳڻ نه ڏيندا هئا،
هنن گهر ڪئي
سرڪار... اسان کي رعايت ڏيو
ڪهڙي رعايت؟
شراب پيئڻ جي موڪل
نه،
وياج وٺڻ جي موڪل
بلڪل نه
بدڪاري ۽ زنا
خبردار.
پوءِ، ڀلا نماز معاف ڪئي وڃي
اهو ته ٿي ئي نٿو سگهي، آقا ﷺ فرمايو
لاخير في دين لاصلواة فيها.
”ان دين ۾ ڪابه بهتري ڪونهي، جنهن ۾ نماز نه هجي.“
ثقفي هوريان هوريان سڀني مطالبن تان هٿ کڻي رهيو هو.
پڇاڙيءَ ۾ چيائين
اسان جي بُت ”لات“ کي ٽن سالن تائين نه ٽوڙيو وڃي.
آقا ﷺ ، نهڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
هُنن ”لات“ جي لاءِ هڪ مهيني جي مهلت گهري
نه ملي.
هاڻ هو پريشانيءَ مان هڪ ٻي جو منهن ڏسڻ لڳا. هنن جي نرڙ تي مديني جي خوشگوار موسم جي هوندي به پگهر اچي ويو. اهي پنج ئي گهڻي دير تائين ماٺ ۾ رهيا، پوءِ عبدياليل ليلائيندي چيو.
بس هڪ آخري سَڌ اٿئون... اها ته مڃجو.
آقا ﷺ پُڇيو: ڪهڙي؟
جيڪڏهن اوهان کي لات جو بُت ٽوڙائڻو ئي آهي ته اهو اسان کان نه ٽوڙايو.
آقا ﷺ مُرڪيا ۽ اها ڳالهه مڃي ورتي.
هو اُن ۾ خوش ٿي ويا، اطاعت جو اعلان ڪري مسلمان ٿي پنهنجي ماڳ موٽيا. آقا ﷺ ، مڪي ۾ ابو سفيان بن حرب کي نياپو موڪليو ته مغيره بن شعبه ۽ ڪجهه اصحابين کي پاڻ سان گڏ وٺي طائف وڃ ۽ طائف جي سڀني کان وڏي بُت خاني جي بُت ”لات“ کي ٽوڙي ڇڏ.
اهو ئي ابو سفيان، جيڪو ڪڏهن خود هبل ۽ لات جا قسم کڻي مسلمانن کي تڪليفون رسائڻ جي لاءِ ايندو هو. ڪُلهي تي ٽيڪم رکي طائف روانو ٿيو. ان وقت تائين سندس دل ۾ اسلام جي روشني لهي آئي هئي. باقي جيڪو ٿورو گهڻو شڪ رهجي ويو هو، اهو به تڏهن دور ٿي ويو هوندو، جڏهن سندس هٿان سندس پراڻون خدا، جنهن کي هو خدا جي ڌيءَ ”لات“ سمجهندو هو، ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو. جناب ابو سفيان جي دل ۾ فقط هڪ خدا جي وحدانيت رهجي ويئي.
جنهن مهل طائف ۾ ”لات“ جو بُت ڀڳو پي ويو، ثقفي عورتون ڇتين تي چڙهي روڄ راڙو ڪندي، ڍڪون ڏيئي روئي رهيون هيون، ڊنل ۽ هَڄيل هُيون.
سندن خدا مري رهيو هو
هو ڪنهن اَڻ ڏٺل عذاب کان ڊڄي رهيون هُيون
وڏي وهيءَ وارا پوڙها ڪُنڊن ۾ لڪي وهي رهيا هئا
پرٿيو ڪجهه به ڪين.
هُنن جڏهن گهر مان ٻاهر نڪري، پنهنجي خدا کي ٽڪر ٽڪر ٿيل حالت ۾ ڀڳل ڏٺو ته پهريون ڀيرو سوچيائون: ’هي ڪهڙو خدا آهي، جيڪو اندران ايترو کوکلو ۽ ٻاهران پٿر.‘
اصل مال ته بُتن جي مُجاورن وٽ هوندو هو، جنهن جي ڪري هو ماڻهن کي بي وقوف بنائي رکندا هئا. لات تي باس تي باسيل ۽ ڏنل سوين مڻ سون ۽ چاندي وٽن هو، جيڪو سڀ گڏ ڪيو ويو.
اُن مال ۽ مڏيءَ جو سڀ کان وڏو حصو ته طائف جي شهيد سردار عروه بن مسعود ثقفيءَ جي پُٽ ابو قبيح ۽ عروه جي ڀائيٽي قارب بن الاسود جي قرض جي ادائيگي تي خرچ ڪيو ويو. باقي بچيل سمورو مال آقاﷺان ئي مهل غريب مسلمانن ۾ ورهائي ڇڏيو.
آقاﷺ طائف جي گهٽين ۾ پٿر کائي، زخمي ٿي، انهن زخمن مان رت ڳاڙهي پِٽَ ڏيڻ جي بدران جيڪا دعا گهري هئي، اها پوري ٿي.
طائف مسلمانن جي سڀني کان وڌيڪ خوبصورت بستي بنجي ويئي.
سڀئي وفد محبت سان سرشار ٿي آيا ۽ هدايت ۽ سلامتيءَ جا مهڪندڙ گل کڻي موٽي ٿي ويا. انهن لڳ ڀڳ ستر آيل وفدن مان ٻه شرارتي ۽ شر سان ڀريل وفد به آيا.
انهن ۾ هڪ وفد ”بنو حنيفه“ جو هو، جنهن ۾ ’مسيلمه ڪذاب‘ سترهن ڄڻن سان گڏ آيو هو. وفد هڪ انصاريءَ جي گهر اچي لٿو. پوءِ آقاﷺ وٽ حاضر ٿي اسلام قبول هو، پر ’مسيلمه ڪذاب‘ جي دماغ ۾ فتور هو، تڪبر ۽ هٺ جي ڪري پاڻ نه آيو.
آقاﷺهن جي شَر کان واقف هو. پر شهر آيل مهمان جو سواگت سٺي نموني ٿيو. آقا ﷺپاڻ هلي اُن بدبخت وٽ ويا.
سندس دلجوئي ڪيائين.
پر هو، جيڪا بدنصيبي پنهنجي ڀاڳ ۾ پنهنجن هٿن سان لکي ويٺو هو، سو ڪيئن ٿي سُڌري سگهيو، چيائين:
’اوهان مون کي، پاڻ کانپوءِ خليفو ۽ نائب بنايو ته بيعت جي لاءِ تيار آهيان. يا وري مون کي پنهنجي رسالت ۾ حصيدار ڪريو، اوهين شهرن جا نبي ۽ آءٌ ڳوٺن جو.‘
آقا ﷺ اُن احمق کي هڪ ڀيرو ڌيان سان ڏٺو.
ان مهل آقا ﷺ جي هٿ ۾ کجيءَ جي هڪ ٽاري هئي.
فرمايائون
”جيڪڏهن تون مون کان هن کجيءَ جو هڪ ڦَڙو به گهرين ته به تون ان جو حقدار نه آهين، نڪو ڏيندس ۽ تون پنهنجي باري ۾ الله جي مقرر ڪيل فيصلي کان ڦِري نٿو سگهين ۽ جيڪڏهن تو پُٺ و رائي ته الله توکي ڀَڃي ڀور ڪري ڇڏيندو. شايد تون ئي اُهو آهين، جيڪو مون کي خواب ۾ ڏيکاريو ويو آهين ۽ هي ثابت بن قيس آهي، جيڪو توکي منهنجي پاران جواب ڏيندو.“
آقا ﷺ اهو فرمائي موٽي آيا.
آقاﷺ جو اهو خواب حضرت ابو هريره ٻڌايو، جيڪو خيبر جي جنگ کان پوءِ آقاﷺ جي خذمت ۾ آيو هو ۽ آقاﷺ جي زندگيءَ جا آخري اڍائي ٽي سال کيس آقاﷺ سان ملڻ جو موقعو مليو. آقاﷺ خواب جي باري ۾ فرمايو:
”مون وٽ سڄي زمين جا خزانا آڻي رکيا ويا ۽ انهن ۾ سون جا ٻه ڪنگڻ منهنجي هٿ تي اچي لڳا... مون کي ڏاڍا ڏکيا لڳا. مون کي چيو ويو ڦوڪَ ڏي. مون ڦوڪ ڏني ته اِهي اُڏي ويا.“
اُن جي تعبير آقا صلي الله عليھ وسلم اها فرمائي ته ٻه ڪوڙا ظاهر ٿيندا.
ايئن ئي ٿيو.
هڪ مسيلمه ڪذاب هو
ٻيو اسود عنسي
اسود عنسي ته آقا ﷺ جي زندگيءَ ۾ ئي مارجي ويو.
مسيلمه ڪذاب، آقا ﷺ جي جانشين سيدنا ابوبڪر جي دور ۾ اُن شخص جي هٿان مُئو، جنهن احد جي جنگ ۾ سيد الشهداءَ امير حمزي کي شهيد ڪيو هو. ڪار وحبشي وحشي بن حرب، جيڪو پنهنجي نشاني تي اڇلائڻ ۾ ايترو ته ماهر هو، جو سندس نشانو خطا نه ٿيندو هو، اهو مسلمان ٿي چڪو هو ۽ آقا ﷺ کيس معاف ڪري ڇڏيو هو. سندس اندر ۾ شايد امير حمزي جي محبت جاڳي، اُن محبت مسيلمه ڪذاب جو خاتمو ڪري ڇڏيو.
ٻيو، گستاخ گروپ الله جي دشمن عامر بن طفيل جو هو، اهو ئي عامر بن طفيل، جنهن ’بيئر معونه‘ جي اصحابين کي دوکي سان قتل ڪيو هو، هڪ نه پر ستر ’اصحاب صفه‘ جي قرآن جي مسڪين قارين کي دوکي سان قتل ڪرائي ڇڏيائين.
هو پنهنجن ماڻهن سان مديني پهتو.
ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها ته کيس جهلي، اُنهن ستر مسلمانن جي خون جو بدلو ورتو وڃي، ها، پر هُو مزمان بنجي آيو هو، هونئن به آقا صلي الله عليھ وسلم ڪنهن کي دوکي سان مارڻ پسند نه ڪند اهئا، پوءِ ڀلي هُن ڪيترا به دوکا ڇو نه ڪيا هُجن.
عامر، جيڪو وفد جو ترجمان هو، پنهنجن پراڻن ڏوهن جي باوجود به آڪڙ ۽ بدنيتيءَ تي لهي آيو هو. جيتوڻيڪ کيس خبر هئي ته هاڻ اسلامي سلطنت تبوڪ کان يمن ۽ تهامه کان عدن ۽ بحرين تائين پکڙيل آهي، آڪڙجي چيائين، اوهان منهنجي ڳالهين مان هڪ کي مڃو ته بيعت ڪندس.
پهرين ڳالهه ته اوهان جي لاءِ واديءَ جا رهاڪو ۽ منهنجي لاءِ صحرا نشين.
ٻيو هي ته اوهان کانپوءِ خليفو آءٌ ٿيندس.
نه ته آءٌ غطفان جي هڪ هزار گهوڙن ۽ هڪ هزار گهوڙين سان اوهان تي ڪاهي ايندس. ڪابه ڳالهه مڃڻ جوڳي نه هئي.
آقاﷺ سندس شرط نه مڃيا. دعا ڪيائين، الله منهنجي لاءِ ڪافي آهي ۽ هن قوم کي هدايت ڏي، عامر نه رڳو اهو، پر ان وفد ۾ آندل هڪ همراهه ”ارفبد“ جي هٿان (نعوذ بالله) آقاﷺ جي قتل جي رٿ رٿي هئي. آقاﷺ کي ڳالهين سان لڳائي ”اربد“ گهمي پويان ويو ۽ پنهنجي مياڻ مان تلوار هڪ فوٽ تائين ٻاهر ڪڍيائين، پوءِ الله سندس هٿ جهلي ورتو، سندس هٿ مفلوج ٿي ويو.
واپس ورندي عامر پنهنجي قوم ”سلول“ جي هڪ عورت وٽ لٿو ۽ سمهي پيو. رات جي الله تعاليٰ مٿس ’طاعون‘ لاٿو، ڳچيءَ ۾ هڪ ڳوڙهي نڪتيس، هو ان ڳوڙهي جي ڪري ساهه کڻڻ کي تڙپڻ لڳو ۽ چيائين، هي ڳوڙهي ته اٺ جي ڳلي ۾ ٿيندي آهي. هڪ ئي رات ۾ تڙپي تڙپي مري ويو.
ٻيو جيڪو تلوار ڪڍڻ جي ڪوشش ۾ لڳل هو، پنهنجي اُٺ تي وڃي رهيو هو، جو الله مٿس وِڄ ڪيرائي، اها وڄ تلوار بنجي مٿس ڪري ۽ هو سڙي مري ويو.
قرآن ٻنهي جا ڊيٿ سرٽيفڪيٽ موڪلي، محفوظ ڪري ڇڏيو.
”هو وِڄ موڪلي ٿو، پوءِ جنهن تي چاهي، اُن تي ڪيرائي ٿو ۽ اهي الله جي باري ۾ وڙهي رهيا آهن، جيتوڻيڪ اهو سخت وٺ ڪندڙ آهي.“ (سورة الرعد 13:13)
بحرين جي ڏورانهين علائقي مان ٻه ڀيرا وفد مديني آيا، پهريون ڀيرو عبدالقيس جو وفد پنجين هجريءَ ۾ بحرين مان آيو، مسلمان ٿي روانو ٿيو. مديني کان پوءِ پهريون جمعو انهن جي ئي مسجد ”جواثي“ نالي ڳوٺ ۾ ٺهيل هڪ مسجد ۾ پڙهيو ويو، پهريون ڀيرو ايندڙن جو تعداد تيرهن يا چوڏهن هو، ايترو ڊگهي سفر کان پوءِ اهي همراهه جڏهن ٿڪا ٽُٽا، مٽيءَ ۾ ڀڀوت مسجد نبويءَ جي دروازي تي پهتا ۽ سندن نظر آقا ﷺ تي پيئي ته جسم ۽ جان، روح ۽ دل تي قابو رکي نه سگهيا ۽ سوارين تان هڪدم ٽپ ڏيئي هيٺ لٿا ۽ ڊوڙندا اچي آقا ﷺ جي اڳيان ويٺا. اُنهن سان گڏ هڪ ننڍي وهيءَ وارو عبدالله بن عوف الاشج به هو، جيڪو اطمينان سان سواريءَ تان لٿو، ٻين جي اُٺن کي ويهاريائين، وکريل سامان ميڙيائين، ٻه اڇا ڪپڙا ڪڍي پاتائين، پوءِ اطمينان سان هلندو آقا ﷺ جي ويجهو اچي سلام ڪيائين.
آقا ﷺ فرمايو
”تو ۾ ٻه گُڻ آهن، جن کي الله ۽ سندس رسول صلي الله عليھ وسلم پسند ڪري ٿو. دورانديشي ۽ بُرد باري...“
اُن قافلي جي مديني پهچڻ کان اڳ، آقا ﷺ مديني وارن کي چوندا هئا: اوهان وٽ هڪ اهڙو قافلو ايندو، جيڪو اوڀر ۾ ڀَلو آهي، جنهن کي ڪڏهن به اسلام لاءِ مجبور نه ڪيو ويو... پر هنن پنهنجون سواريون ٿڪايون، کاڌي پيتي جو سامان ختم ڪيو، اي الله عبدالقيس کي بخشي ڇڏ.“
جڏهن وفد پهتو ته فرمايائون
”ڀليڪار... نه رسوا ٿيانه ڦِڪا ٿيا.“
پاڻ سڳورن کين چئن ڳالهين جو حڪم ڏنو.
لا الھ الا الله محمد رسول الله جي شاهدي
نماز قائم ڪرڻ
زڪوات ڏيڻ
۽ رمضان جا روزا رکڻ
اڃا حج فرض نه ٿيو هو. مال غنيمت مان پنجين پتي ادا ڪرڻ ۽ نشي وارين شين کان پاسو ڪرڻ، اُنهن ٿانون جي استعمال کان به منع فرمائي، جن ۾ اهي شراب ٺاهيندا ۽ پيئندا هئا.
ٻي ڀيري وفد ۾ چاليهه ڄڻا هئا.
جن ۾ هڪ جارو بن علاء عبدي هو
جيڪو عيسائي هو
هِتي اچي مسلمان ٿي ويو.
عيسائين جو سڀ کان وڏو وفد نجران مان آيو.
آقا ﷺ نجران جي وڏي پادريءَ کي خط لکي اسلام جي دعوت ڏني. هُنن سَٺ ماڻهن جو وفد موڪليو.
يمن جي پَٽاپٽي ڪپڙن ۾ ٺهيل جڙيل ڊگهن جبن کي پَٽ تي بادشاهن وانگر گهليندا هلندا هئا. ريشمي چادرون اوڍيل، سونيون مُنڊيون پاتل ۽ڳچيءَ ۾ سون جا صليب پائي هو وڏي شان ۽ مان سان مديني پهتا.
چيائون: اسين ته اڳ ۾ ئي مسلمان آهيون.
آقا ﷺ فرمايو
هئڻ ته ايئن گهرجي، پر ٽي شيون اوهان کي اسلام کان روڪين ٿيون.
ڪهڙيون ؟ هُنن پڇيو.
آقا ﷺ فرمايو
هڪ صليب جي عبادت، ٻيو سوئر کائڻ ۽ ٽيون اوهان جو اهو گمان ته الله جو پُٽ به آهي.
هنن پُڇيو ته پوءِ سيدنا عيسيٰ جو مثل ڪير آهي، جيڪو پيءُ کان سواءِ پيدا ڪيو ويو.
اُن جو جواب الله، آقا ﷺ جي قلب تي لاٿو.
”بيشڪ عيسيٰ (عليھ السلام) جو مثال الله وٽ آدم (عليھ السلام) جهڙو آهي، جنهن کي الله مٽيءَ مان پيدا ڪيو، پوءِ کيس چيائين ته ٿي پئو ته اهو ٿي پيو. حق اوهان جي رب پاران آهي. تنهن ڪري اوهين شڪ ڪرڻ وارن مان نه ٿيو. پوءِ تو وٽ علم اچڻ کان پوءِ جيڪو به توکان هن (عيسيٰ) جي باري ۾ حجت ڪري ته کيس چئو ته اچو، اسين پنهنجن ڌيئن ۽ پُٽن کي ۽ پنهنجن عورتن ۽ خود پنهنجو پاڻ کي، پوءِ الله کان دعا گهرو ته ڪوڙن تي هو پنهنجي لعنت موڪلي.“ (القرآن-آل عمران 59-61)
آقا ﷺ سندن سامهون اهي آيتون پڙهيون ۽ مباهلي جي دعوت ڏني،
وقت ۽ جاءِ طئي ٿي
آقا ﷺ پنهنجي گهران سيدنا علي، خاتون جنت سيده فاطمه، سيدنا حَسن ۽ حُسين کي وٺي چادر ۾ ويڙهي آيا.
اهي پنج ئي هستيون مباهلي جي لاءِ پهچي ويون
اُنهن کي ئي پنجتن پاڪ چيو ويو آهي
پر جن کي مقابلي جي لاءِ اچڻو هو،
سي هَڄي ۽ ڊڄي ويا
کين خبر هئي ته آقا ﷺ نبي برحق آهن.
جيڪڏهن رسول الله ﷺ جي زبان مبارڪ مان لعنت جا لفظ نڪتا ته سندن جَهڻ ٻچو رُلي ويندو.
فنا ٿي ويندا.
هُنن نياپو موڪليو
اسان مقابلي تان هٿ کنيو
اسان کان جزيو وٺو
سال ۾ ٻه ڀيرا هڪ هڪ هزار ڪپڙن جا جوڙا
هڪ ڀيرو صفر جي مهيني ۾ ۽ ٻيو ڀيرو رجب جي مهيني ۾، هر وڳي سان گڏ هڪ اوقيه چاندي به هوندي، جنهن جي قيمت ان زماني ۾ چاليهن درهمن جي لڳ ڀڳ هئي.
آقا ﷺ سندن ڳالهه مڃي ورتي.
مڪمل امان ۽ پنهنجي دين تي قائم رهڻ ۽ پنهنجي عبادت گاهن کي پنهنجي مرضيءَ سان آباد رکڻ جي موڪل ڏيئي ڇڏيائون.
قرآن ۽ آقا ﷺ جو جذبو مجموعي طور تي عيسائين جي لاءِ دوستاڻو هو. الله قرآن ۾ آيتون لاٿيون.
”اوهين سڀني ماڻهن کان وڌيڪ مسلمانن سان دشمني رکڻ وارا، اوهين يهودين ۽ مُشرڪن کي ڏسندا ۽ انهن مان مسلمانن سان دوستي رکڻ وارا ويجها ماڻهو اوهين انهن کي ڏسندا جيڪي پاڻ کي نصاريٰ چون ٿا، اهو ان ڪري ته منجهن ڪيترائي علم دوست عالم آهي ۽ ڪيترائي دنيا تياڳڻ وارا درويش آهن ۽ اهو ئي سبب آهي ته اهي ماڻهو آڪڙ وارا نه آهن.“ (سوره مائده 5-85)
قرآن اڳيان چوي ٿو:
”تنهن ڪري الله کين سندن قول جي بدلي ۾ اهڙا باغ ڏيندو، جنهن جي هيٺان واهيون وهنديون هونديون. اِهي سدائين اُن ۾ رهندا ۽ نيڪيءَ جو اهوئي اَجر آهي“ (مائده 5:85)
اُنهن عيسائين آقا صلي الله عليھ وسلم جي ويجهو ٿي هڪ ٻيو مطالبو ڪيو ۽ چيو، اسان سان گڏ پنهنجو ڪو امانت دار ماڻهو موڪليو. آقا صلي الله عليھ وسلم سيدنا ابو عبيده بن جراح کي موڪلي ڏنو، چيو: هي اسان جو ”امين الامت“ آهي.
واپس ورڻ مهل ٻه ڄڻا ته مديني ۾ ئي مسلمان ٿي ويا. هوريان هوريان انهن جي نس نس ۾ اسلام خوشبوءَ وانگر گهڙي ويو.
سڀ مسلمان ٿي ويا.
وفد ته ڪيترائي آيا.
ڳالهيون به ڏاڍيون شاندار هُيون
بنو طي جو وفد سردار زيد الحسنبل جي سرداريءَ ۾ آيو
مسلمان ٿيو.
آقا ﷺ اُن جي باري ۾ ڏاڍي سُهڻي ڳالهه فرمائي
چيائون: عربستان جي جنهن به ماڻهوءَ جي منهنجي اڳيان فضيلت بيان ڪئي ويئي، ملاقات ۾ اهو اُن کان گهٽ نڪتو، سواءِ زيد الحسنبل جي باري ۾، ان بابت جيڪو ٻُڌم، ان کان وڌيڪ هو.
آقا ﷺ ، زيد الحسنبل کي ”زيد الخير“ جو لقب ڏنو.
فيد جي علائقي سان لڳ جاگير هئي، اها دستاويز تي لکي ڏني، (طبقات ابن سعد)
اشعرين ۽ اهل يمن جا پنجاهه ماڻهو مديني پهتا، اُنهن ۾ ابو موسيٰ اشعري به شامل هو. پهريون ڀيرو جڏهن هو آيو ته آقا ﷺ خيبر ويل هئا. آقا ﷺ فرمايو: ”اشعري انهن ٿيلهين وانگر آهن، جيڪي خوشبوءَ سان ڀريل هونديون آهن.“
بنو اسد بن خزيمه جو وفد نائين هين هجريءَ جي شروع ۾ ڏهن ماڻهن تي ٻڌل آيو. هنن ايمان آڻڻ جو اقرار ڪيو ۽ چيو: اوهان، اسان ڏانهن ڪنهن کي به نه موڪليو، اسان پاڻ اچي اسلام قبوليو آهي ۽ نه ٻين قبيلن وانگر اوهان سان وڙهياسين ۽ نه اسان جي پويان جيڪي ماڻهو آهن، اسين انهن جي لاءِ صلح جو پيغام آهيون.
الله کي سندن اهو احسان جتائڻ نه وڻيو.
آسمان مان وحي لٿي.
”هو توتي احساس جتائين ٿا ته مسلمان ٿيا آهن. تون چوين ته مون تي پنهنجي اسلام آڻڻ جو احسان نه جتايو. پر الله جو اوهان تي احسان آهي ته هُن اوهان کي هدايت ڏني آهي، جيڪڏهن اوهين سچا آهيون، (الحجرات 49-17)
هنن فال ڪڍڻ، جهرڪيون ڊوڙائڻ، ڍارو وجهڻ ۽ پٿريون هڻن بابت پُڇيو- آقا ﷺ کين اُنهن ڳالهين کان بچڻ جو حڪم ڏنو. هنن رمل بابت پُڇيو،
آقا ﷺ فرمايو ”اهو هڪ نبي ڄاڻندو هو.، هاڻ جيڪڏهن ڪنهن جو علم اُن نبي بابت آهي ته ٺيڪ، نه ته اجايو آهي. اهي سڀ عمل غيب جو اندازو لڳائڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهن.“
وفد ڪجهه ڏينهن ترسي هليو ويو.
بني خزاره جو وفد ويهن ماڻهن تي مشتمل هو، هنن پنهنجي ڏڪار واري علائقي لاءِ برسات جي دعا گهرائي، آقا ﷺ منبر تي چڙهي دعا گهري ۽ الله تعاليٰ کين ڀرپور برسات سان نوازيو. ساڳئي طرح ’بني مره‘ جي ڏڪار وارن ڏينهن ۾ جڏهن آقا ﷺ برسات جي لاءِ دعا گهري ته باران رحمت نازل ٿي.
آقا ﷺ بني ثعلبه جي چئن نمائندن جي دعوت ڪئي ۽ سيدنا بلاول کي حڪم ڏنو ته انهن چئني مان هر هڪ کي پنج اوقيه چاندي ڏني وڃي.
اشعث بن قيس جو وفد اسي ڄڻن تي مشتمل آيو. هو سڀئي ٺهي جڙي، تيل ڦليل ڪري سٺا ڪپڙا پائي آيا ۽ اسلام قبوليائون.
جرير بن عبدالله بجلي ڏهين هجريءَ ۾ پنهنجي قبيلي جي ڏيڍ سئو سان گڏ حاضر ٿيو. آقاﷺ سندن اچڻ کان اڳ فرمائي ڇڏيو هو، ”اسان وٽ ڪجهه بهترين ماڻهو اچي ويا آهن، جن جا چهرا بادشاهن جهڙا هوندا.“
بيشمار وفد آيا
هر رنگ ۽ روپ جا ماڻهو
سندن مزاج به ڌار ڌار
هڪ ڀيرو سعد بن بڪر جو چڱو مڙس ضمام بن ثعلبه آيو، هو صفا جنگهلي مزاج جو ماڻهو هو. هڏ ڪاٺ ۾ سگهارو، قد وڏو، مٿي تي ٻه چوٽيون رکيل، نج پِج بَدو، چهرو رعبدار، دنيادار ۽ مختصر ڳالهه ڪرڻ وارو. هو مسجد نبوي پهچي ويو. پنهنجو اُٺ ٻڌائين، پوءِ وڏي سڏ پڇيائين.
اوهان مان ابن عبدالمطلب ڪير آهي؟
ماڻهن ٻُڌايس
آقا ﷺ جي ڀرسان آيو ۽ چيائين.
”اي محمد ﷺ! اوهان کان پُڇندس، پُڇڻ ۾ سختي ڪندس، پر مون تي دل ئي دل ۾ متان ڪاوڙجو.“
آقا ﷺ مُسڪرايا ۽ فرمايائون، جيڪو وڻئي سو پُڇ،
چيائين، اوهان جو قاصد اسان وٽ آيو ۽ چيائين ته اوهين الله جا رسول آهيو؟
آقا ﷺ فرمايو: هُن سچ چيو.
چيائين: آسمان ڪنهن جوڙيو.
آقا ﷺ فرمايو: الله
پُڇيائين: زمين؟
آقا فرمايو: الله
پُڇيائين، هي جبل ڪنهن کوڙيا، ٻُڌايو ڪنهن؟
الله
چيائين اُن ذات جو قسم، جنهن آسمان جوڙيو، زمين پيدا ڪئي، جبل کوڙيا، ڇا اُن الله توکي رسول ڪري موڪليو آهي. ؟
آقا ﷺ فرمايو: هائو.
پوءِ چيائين: اوهان جي قاصد جو اهو به چوڻ آهي ته اسان تي ڏينهن رات پنج نمازون فرض آهن.
آقا ﷺ فرمايو، هُن سچ چيو.
چيائين: ته اُن ذات جو قسم، جنهن اوهان کي رسول بنايو، اهو الله جو حڪم آهي.
آقا ﷺ فرمايو: هائو.
چيائين: قاصد جو اهو به چوڻ آهي ته اسان تي زڪوات فرض آهي.
فرمايائون: هائو.
چيائين، اُن جو حڪم الله ڏنو آهي؟
فرمايائون: هائو.
چيائين: قاصد جو چوڻ آهي ته سال ۾ رمضان جا روزا فرض آهن.
فرمايائون: هائو.
چيائون: ته اهو به الله جو حڪم آهي؟
فرمايائون: هائو.
چيائين: قاصد جو چوڻ هو ته جيڪو بيت الله تائين سفر جي سگهه رکي ٿو، اهو زندگيءَ ۾ هڪ ڀيرو حج ضرور ڪري.
آقا ﷺ فرمايو: هن سچ چيو.
چيائين: اهو به الله جو حڪم آهي؟
فرمايائون: هائو.
پوءِ اُن شخص پاسو ورايو ۽ مٿي تي هٿ رکي سلام ڪندي چيائين: اُن ذات جو قسم، جنهن اوهان کي حق سان گڏ موڪليو، نه ان ۾ زيادتي ڪندس ۽ نه وري ڪمي.
آقا ﷺ فرمايو، جيڪڏهن سچ ٿو چوين ته جنت ۾ ويندين.
آقاﷺ فرمائيندا هئا، ’وفدن ۾ ايندڙ ماڻهن مان ڪوبه اُن ضمام بن ثعلبه کان بهتر نه هو.‘

حجة الوداع

حجة الوداع

آقا ﷺ جي عمر 63 سال ٿي ويئي.
حق جو پيغام پهچايو ويو،
سڄو عربستان مسلمان ٿي ويو.
مُختلف هنڌن تي مسلمان عملدار، گورنر ۽ عهديدار موڪليا ويا. اُن سال ڏهين هجريءَ ۾ معاذ بن جبل کي يمن جو گورنر مقرر ڪري موڪلڻ مهل، ڳالهين ئي ڳالهين ۾ آقا ﷺ فرمايو:
اي معاذ! ٿي سگهي ٿو ته هن سال کان پوءِ تون مون سان ملي نه سگهين، بلڪ هن مسجد ۽ منهنجي قبر وٽان لنگهين.
سيدنا معاذ بن جبل روئڻ لڳو.
آقاﷺ انفرادي توڙي اجتماعي سطح تي مسلمانن جي تربيت ڪري رهيا هئا.
زندگيءَ جو پل پل ڪيئن گذارڻون آهي، سڀ ٻُڌائي ڇڏيو هو.
صبح کان وٺي شام تائين ۽ شام کان وٺي صبح تائين، هر گهڙي، خدا کي ڪيئن سُٺي نموني خوش رکڻ ۽ ٻين جي ڀلائيءَ لاءِ صرف ڪرڻون آهي، سڀ چٽو ڪيو ويو. خرچ ڪيئن ڪرڻون آهي، ماڻهن جي ڀلائي، باهمي اخوت، ڀائيچاري، سچ، امانت، ديانت، پوري ماپ ۽ تور، نه لالچ، نه مِڪر، نه فريب سڌو رستو صراطِ مستقيم، سڀني کي ٻڌائي ڇڏيو هو.
باقي هڪ ڪم وڃي ٿي رهيو.
آقا ﷺ مسلمانن کي عين اسلامي طريقي سان حج ڪري نه ڏيکاريو هو. حج فرض به اُن ئي سال ٿيو هو. پوئينءَ سال تبوڪ مان واپسي رمضان نائين هجريءَ ۾ ٿي ته اُن کان اڍائي مهينا پوءِ آقا ﷺ ، سيدنا ابوبڪر کي ”امير حج“ مقرر ڪري مڪي موڪليو هو، ساڻس گڏ ٽي سئو حاجي مديني مان ويا. اُنهن جي وڃڻ کان پوءِ آسمان تان حڪم نازل ٿيو.
سورة تو به لٿي.
اُن ۾ حج بابت احڪام به هئا،
آقا ﷺ ، سيدنا عليءَ کي، سيدنا ابوبڪر جي پويان روانو ڪيو.
حڪم ڏنو ته ماڻهن ۾ آقا ﷺ پاران اعلان ڪجو
سيدنا عليءَ کي پنهنجي اُٺڻي غضباء تي سوار ڪيو
سيدنا صديق اڪبر، قبحان ماٿريءَ ۾ اُٺڻيءَ جو آواز ٻڌو ته گمان ٿيس ته آقا ﷺ پاڻ تشريف فرما ٿيا آهن، مُڙي ڏٺائين ته اُٺڻيءَ تي سيد نا علي سوار هئا. سيدنا ابوبڪر پڇيو.
امير او مامور؟
”امير بنجي آيو آهين يا ماتحت بنجي؟“
سيدنا عليءَ چيو- مامور- ماتحت بنجي آيو آهيان
رڳو سورة برات جون آيتون ٻُڌائڻ- آقا ﷺ جي حڪم سان.
ٻيئي گڏجي اڳيا ويا.
حج ٿيو.
اسلامي طريقي سان پهريون حج.
سيدنا علي عليھ السلام، ڏهين ذي الحج تي قربانيءَ واري ڏينهن جمره عقبه جي ويجهو بيهي ماڻهن ۾ اُن سورة توبه جي تلاوت ڪئي ۽ اهو اعلان ڪيو، جيڪو آقا ﷺ لکرائي موڪليو ويو.
فرمايو: ماڻهو ٻُڌو.
جنت ۾ ڪوبه ڪافر داخل نه ٿيندو.
ايندڙ سال ڪوبه مُشرڪ حج نه ڪندو.
ڪوبه اُگهاڙو شخص بيت الله جو طواف ڪري نه سگهندو.
۽ جنهن جو سرڪار مدينه ﷺ سان جيڪو عهد آهي، اهو ان مقرر عرصي ۾ پورو ڪيو وڃي ۽ جنهن سان ڪو عهد ڪونهي يا عهد جي ڪا مقرر مَدت ڪونهي. ان جي لاءِ چئن مهينن جو امن آهي، جيڪڏهن اهو انهن چئن مهينن ۾ مسلمان نه ٿيو ته پنهنجي عهد موجب سزا ملنديس.
آقاﷺ پاران اهو اعلان عربستان ۾ بُت پرستيءَ جي خاتمي جو اعلان هو.
اهو پهريون موقعو هو ته حج جو فرض اصلي ’سنت ابراهيميءَ‘ موجب ادا ڪيو ويو.
صديق اڪبر ”يوم النحر“ ۾ امير حج جي حيثيت سان خطبو ڏنو.
اُن کي ”حج اڪبر“ چيو ويو.
اُن ڪري نه ته اهو ڏينهن جمع جو هو.
اُن ڪري ته اهو حج هو، عمرو نه هو.
عمري جي لاءِ ”حج اصغر“ جو لفظ استعمال ٿيندو هو ۽ حج جي لاءِ، پوءِ ڀلي اهو ڪهڙي به ڏينهن هُجي، حج اڪبر.
هاڻ اهو حج آقا ﷺ کي پاڻ ادا ڪرڻون هو.
سڄي انسانيت کي ٻُڌائڻو هو ته حج ڪيئن ڪبو آهي. ان حج جي موقعي تي انسانيت جي صدين کان بگڙيل تقدير، مُنجهيل معاملا ۽ پاڻ ۾ بهترين انساني رابطن کي مربوط ڪري، هدايت ۽ رهنمائيءَ جو اهڙو ته عالمگير پيغام ڏيڻو هو، جنهن جي بنياد تي انسانيت جي ايندڙ سڀني نسلن کي اها شاندار عمارت اَڏڻي هئي، جنهن تي ايندڙ سڀئي قومون فخر ڪَن. عدل، انصاف، پيار، اخوت، برابري ۽ فيئر پلي تي ٻڌل اصولن کي انسانن جي رهڻ جون وستيون وسائڻ جي لاءِ آخري خطبي حجة الوداع جي گهڻي ضرورت هئي.
اُن خطبي ۾ آقاﷺ کي 23 سالن جي دوران ڏنل سڀني هدايتن جو نچوڙ پيش ڪرڻون هو. هدايت ۽ نبوت جي سڄي پيغام تي آخري مهر هڻڻي هئي.
چؤڏس خبر پکيڙي ويئي.
آقا ﷺ، مسلمانن کي پاڻ ئي وٺي حج جي لاءِ مڪي ويندا.
سڄي عربستان ۾ هلچل مچي ويئي.
پويان ڪير رهڻ گُهرندو هوندو
مديني ۾ اُتر جي علائقن کانسواءِ، مڪي جي آسپاس جا به هڙئي قبيلا
آقاﷺ سان گڏ حج ڪرڻ جي لاءِ مڪي وڃڻ لاءِ، مديني پهچي ويا. بحرين، نجران، شام جي سرحد کان هيٺ يمن تائين ماڻهو اچي حاضر ٿيا. عربستان جي سڄي تاريخ ۾ ان کان اڳ ماڻهن جو ايترو گڏ ٿيل ميڙ نه ڏٺو هوندو. لڳ ڀڳ هڪ لک چوويهه هزار ماڻهو.
ايتري ئي تعداد ۾، جيتري تعداد ۾ خدا تعاليٰ آسمان مان زمين تي نبي سڳورا لاٿا هئا.
واهڻ واهڻ، وستي وستي
ايتري ئي تعداد ۾ نبي، جن جي امامت آقاﷺ، معراج جي سفر ۾ ڪئي هئي،
سڀ مديني پهچي ويا
مديني شهر جي آباديءَ کان ڪيترا ڀيرا وڏو شهر، مديني جي ڀرسان آباد ٿي ويو
تنبو ئي تنبو
خيمه ئي خيما
اُٺ ئي اُٺ
سوين هزارين پنڌ به
هر بشر، هر زيارتيءَ جو منهن اُجڙيل، نکريل ۽ ٻهڪندڙ
هر ڪنهن جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي
هو، آقا ﷺ مان گڏ سفر حج تي وڃي رهيا هئا
قربانيءَ جا جانور سجايا ويا
اُنهن جي ڳچين جي چوڌاري ڳانا ٻڌا ويا
رنگ هنيو ويو
پيرن ۾ گنگهريا ٻڌا ويا
ڪَنن کي چيريو ويو
پوءِ روانگيءَ جو وقت اچي ويو.
26 ذيقعد، 10 هجري، ڇنڇر جي ڏينهن، اڳين ۽ وچينءَ جي وچ ۾
آقا ﷺ مديني مان مڪي جي لاءِ روانا ٿيا. انهن ۾ سڀ مهاجر، انصار، بدر جا اصحابي، بيعت رضوان وارا ۽ ماڻهن جو وڏو ميڙ هو. سڀئي ازواج مطهرات ۽ خاتون جنت سيده سانئڻ فاطمه به ساڻ هيون. سڀئي زائرين چادرن ۾، جن ۾ گهڻو ڪري اڇو رنگ هو، ايئن پي لڳو ته آسمان تان مقدس تارن جو ميڙ وارياسي زمين تي لهي آيو هجي.
سڳورپ ئي سڳورپ.
اُن سڄي ميڙ هڪ زبان ٿي آقا ﷺ سان گڏ تلبيه ٿي پڙهي ته رستي جي واري ۽ پٿر، رستي ۾ بيٺل خشڪ پهاڙ ٻُرائجي ٿي ويا.
واري وجد ۾ اچي نچڻ ٿي لڳي.
ڪنڪريون، پنهنجيون نوڪدار زبانون لِڪائي گول بنجي ٿي ويون ۽ ڪنهن کي به نه ٿي چُڀيون
جبل اها چيل تلبيه ٻُڌي بار بار ورجائي رهيا هئا.
تلبيه ٻُرائجي ٿي
لبيک اللهم لبيک
لاشريک لا لبيک
ان الحمد و النعمة لک الملک
لاشريک لک
اهو ڪيف، سرور ۽ سرمدي سرمستيءَ جو انوکو سفر هو
اهو سفر هڪ هفتو جاري رهيو
هڪ رات مڪي جي ڀرسان ”ذي طويٰ“ ۾ به ٽِڪيا
صبح جو اُٿي غسل فرمايائون
هو مڪي ۾ آچر چوٿين ذي الحج ڏهين هجريءَ تي صبح ڌاري داخل ٿيا. رستي ۾ ’صرف‘ واري جاءِ تي آقاﷺ فرمايو: جن وٽ قربانيءَ جا جانور موجود آهن، سي حج جي نيت ڪن، باقي عمري جي نيت ڪن.
خانه ڪعبه ۾ حاضري ٿي.
سڀ بُت مڪي جي فتح جي وقت ئي ڀَڃي ڀورڪري اُڇلايا ويا هئا.
هاڻ اهو خالص اهو ئي گهر هو، جيڪو حضرت ابراهيم عليھ السلام ۽ حضرت اسماعيل عليھ السلام جو جوڙيل هو، جڏهن ته آقا ﷺ پنهنجن هٿن سان ”حجر اسود“ لڳايو هو.
آقا ﷺ حجر اسود کي چُميو
سَتن چڪرن ۾ طواف ڪيو
پهرين ٽن طواف جي چڪرن ۾ رَمل
اها رَمل واري رسم، ابراهيمي يا اسماعيلي نه پر خالص محمدي ﷺ رسم آهي، جيڪا ’عمره القضا‘ جي موقعي تي آقا ﷺ جي حڪم سان پروانن ۾ رائج ٿي هئي ۽ قيامت تائين رائج رهندي. آقا ﷺ پوءِ صفا جبل تي تشريف فرما ٿيا. صفا ۽ مروه جي وچ ۾ چار چڪر هنيائون. حج، حضرت هاجره عليھ السلام جي سُنت جو فرض آهي، پوءِ آقا ﷺ اعلان فرمايو، جن وٽ هديي جا جانور ڪونهن، جن کي قرباني ڪرڻي ڪونهي، تن جو عمرو ٿي ويو، هو احرام کولي ڇڏين
ايتري ۾ سيدنا عليرضه به اچي گڏيو
چيائين: آقا ﷺ قرباني جي لاءِ اُٺ مون وٽ به نه آهن
آقا ﷺ پڇيو: تو ڪهڙي نيت ڪئي هئي؟
سيدنا عليءَ وراڻيو: يا رسول اللهصه احرام ٻڌڻ مهل مون نيت ڪئي هئي ته ”اي الله! منهنجي اِها ئي نيت آهي، جيڪا تنهنجي ٻانهي، نبي ۽ رسولﷺ فرمائي آهي.“
آقا ﷺ پنهنجي قربانيءَ جي جانورن ۾ سيدنا عليرضه جو حصو رکيو ۽ سيدنا عليرضه حج جي سڀني مناسڪ جي ادائگي ۾ گڏ رهيا.
آقا ﷺ اٺين ذوالحجھ تي منيٰ پهتا
سڄو ڏينهن ۽ ايندڙ سڄي رات اُتي ئي گذاريائون.
ٻي ڏينهن 9 هين ذوالحج جو صبح ٿيو، فجر اُتي ئي منيٰ ۾ پڙهي، سج اُڀرڻ جو اوسيئڙو ڪيو.
سج اُڀريو ته پنهنجي قصويٰ تي چڙهي عرفات جي ميدان طرف ويا.
سڀ زائرين پاڻ سڳورن جي اڳيان، پويان، ساڄي، کاٻي هلي رهيا هئا،
عرفات ۾”وادي نمره“ ۾، قبه ۾ قيام ڪيائون
زوال کان پوءِ ٻيهر قصويٰ تي سوار ٿي ’وادي بطن ويا.‘
اُن گهڙيءَ پاڻ سڳورن جا سڀئي پروانا پاڻ سڳورن جي چوڌاري هئا
هڪ لک چوويهه هزار پروانا
۽ هڪ شمع رسول ﷺ
آقاﷺ عرفات جي ميدان جي وچ ۾ ٿورو مٿانهين ٽڪريءَ تي ويا
قصويٰ تي ويٺي ويٺي ئي آقا ﷺ آخري خطبو فرمايو.
هڪ لک چوويهه هزار ماڻهن جو ميڙ ساهه روڪي، وڏي ڌيان سان، ڪَن ڏيو، اکين جي ماڻڪين ۾ ستارا جاڳائي، ڪنڌ اڳيان ڪريو، هٿ ٻڌيو، دنيا ۽ جهان کان بي سُڌ، اهو خطبو ٻُڌڻ لڳو.
آقاﷺ، جيڪو ڪجهه فرمائيندا هئا، اهو پوءِ هڪ وڏي آواز وارو اصحابيءَ سيدنا ربيعه بن اُميه بن خلف ورجايو ٿي، جيڪو پوءِ وري سيدنا بلالرضه ورجايو ٿي.
آواز سڄي عرفات جي ميدان ۾ ٻُرائجڻ ٿي لڳو.
کليل ميدان، جنهن جي چئني ڏِسائن جون ٽڪريون به چيل ڳالهين کي ادب سان ورجائي موٽائي رهيون هيون، هڪ لک چوويهن هزار ٻُڌندڙن ۾ ڪوبه اهڙو نه هو، جنهن کي چيل ڳالهيون سمجهه ۾ نه آيون هُجن.
آقا ﷺ خدا جي حمد ۽ تسبيح بيان ڪرڻ کان پوءِ فرمايو:
ماڻهؤ!
منهنجي ڳالهه ڌيان سان ٻُڌو.
ڇو ته آءٌ نٿو ڄاڻان ته اسين ايندڙ سال، هن هنڌ ٻيهر ملي سگهنداسين يا نه.
]ميڙ جي اکين مان هڪ وڏو لُڙڪ ڪِرڻ ۽ دل جي اندران اٿندڙ آهه جو عجيب آواز ٻُڌڻ ۾ آيو[
آقا ﷺ فرمايو.
اي انسانو! اوهان جو خون، اوهان جو مال ۽ اوهان جون عزتون، اوهان لاءِ ايئن محترم ۽ حرام آهن، جيئن اڄ جي ڏينهن کان پوءِ، هن مهيني ۽ شهر جي حرمت.
ٻُڌو!
جنهن جي به ٻين وٽ امانت آهي، اها موٽائي وڃي.
ياد رکو
جاهليت جا سڀئي معاملا ختم ٿيا، اهي سڀ منهنجي پيرن جي هيٺان آهن. جاهليت جا سڀئي خون معاف ٿيا، ختم ٿيا، سڀني کان پهرين آءٌ ربيعه بن حارث بن عبدالمطلب جي پُٽ جو خون جيڪو هذيل جي ذمي آهي، معاف ٿو ڪريان.
جاهليت جا سڀئي وياڄ ختم، اوهان جو ڏنل مُور اوهان جو آهي، اوهين هڪ ٻي تي ظلم نه ڪريو، نه قيامت جي ڏينهن اوهان تي ظلم ڪيو ويندو- الله وياڄ تي پابندي وجهي، اهو ناجائز قرار ڏيئي ڇڏيو آهي، سڀني کان پهرين آءٌ عباس بن عبدالمطلب جو سڄو وياڄ ختم ۽ باطل ڪريان ٿو.
اي انسانو!
هاڻي عربستان ۾ ڪڏهن به شيطان جي پُوڄا نه ڪئي ويندي، پر هُن جي پوڄا جي بدران جيڪڏهن شيطان جي پيروي به ڪئي ويئي ته هو خوش ٿيندو، تنهن ڪري شيطاني وسوسن کي پنهنجي ڀَرسان به ڀٽڪڻ نه ڏيو.
اي انسانو!
ادب وارن مهينن جو غير ادب وارن مهينن سان اَدل بدل ڪرڻ ڪفر آهي.
۽ ڏسو!
جڏهن شروع ۾ الله آسمان ۽ زمينن کي پيدا ڪيو هو، زمانو ڦِري گهري وري ساڳئي اُن ئي نقطي تي اچي ويو آهي، چار مهينا ادب وارا آهن، يعني ٽي لڳاتار ذيقعد، ذوالحج، محرم ۽ هڪ رجب.
هائو،
عورتن جي باري ۾ الله کان ڊڄو، ڇو ته اوهان کين الله جي امانت طور ورتو آهي ۽ الله جي ڪلمي سان حلال ڪيو آهي.
هي به ڄاڻي وٺو
ته اوهان جو به اوهان جي زالن تي حق آهي ۽ اُنهن جو به اوهان تي حق آهي.
اُنهن تي اوهان جو اهو حق آهي ته هو اوهان جي بستري تي ڪنهن غير مرد يا ڪنهن اهڙي شخص کي اچڻ نه ڏين، جنهن کي اوهين ناپسند ڪريو ٿا، ۽ جيڪڏهن هو ڪو بي حيائيءَ جو ڪم ڪن ته الله اوهان کي موڪل ڏني آهي ته سندن سُڌاري لاءِ، کين پنهنجي بستري کان ڌار ڪري سگهو ٿا ۽ اهڙي سزا ڏيئي سگهو ٿا، جيڪا مٿس نشان نه وجهي، پوءِ جيڪڏهن هو باز اچن ۽ اوهان جي پيروي ڪرڻ لڳن ته قانون ۽ دستور موجب اُنهن جي سار سنڀال اوهان جي ذمي آهي. يقينن عورتون اوهان جي هٿ وَس آهن، جيڪي پاڻ لاءِ ڪجهه به ڪري نٿيون سگهن.
اي انسانو!
سڀ مومن پاڻ ۾ ڀائر آهن.
ڪنهن به شخص جو پنهنجي ڀاءُ جي سندن خوشي ۽ رضامنديءَ کان سواءِ مال وٺڻ جائز ڪونهي.
ٻُڌو!
مون کان پوءِ اُن ڀائپيءَ کي ڇڏي متان ڏجو
وري ڪافراڻون رنگ متان اختيار ڪجو
هڪٻئي جا ڪنڌ متان ڪَپجو.
ياد رکجو!
آءٌ اوهان جي وچ ۾ هڪ اهڙي شئي ڇڏي وڃي رهيو آهيان، جنهن تي ڪاربند رهندا ته ڪڏهن به گمراهه نه ٿيندؤ، اهو آهي الله جو ڪتاب ۽ اُن جي رسول صلي الله عليھ وسلم جي سُنت.
اي انسانو
اوهان جو رب هڪ آهي
اوهان جو پيءُ به هڪ آهي
اوهين سڀ آدم عليھ اسلام جو اولاد آهيو ۽ آدم مٽيءَ مان خلقيو ويو هو. الله جي نظر ۾ اوهان مان وڌيڪ عزت وارو اهو آهي، جيڪو وڌيڪ مُتقي ۽ پرهيزگار آهي.
ياد رکو!
ڪنهن عربيءَ کي ڪنهن عجميءَ تي ڪا به برتري ڪونهي.
نه ڪنهن عجميءَ کي ڪنهن عربيءَ تي فضيلت حاصل آهي.
نه ڪو ڳورو ڪنهن ڪاري تي، نه ڪو ڪارو ڪنهن ڳوري کان مٿاهون آهي.
پر تقويٰ جي ڪري.
اي انسانو!
مون کان پوءِ ڪوبه نبي اچڻون ڪونهي
نه اوهان کان پوءِ ٻي اُمت ايندي
تنهن ڪري پنهنجي پالڻهار جي عبادت ڪريو
پنج وقت نماز پڙهندا رهو،رمضان جا روزا رکو،
خوشدلي ۽ رغبت سان پنهنجي مالن مان زڪوات ادا ڪريو،
پنهنجي رب جي گهر جو حج ڪريو ۽ پنهنجن حڪمرانن جي اطاعت ڪندا رهو،
ته جيئن پنهنجي رب جي جنت ۾ داخل ٿي سگهو.
اي انسانو!
الله ميراث مان هر وارث جي لاءِ هڪ حصو مقرر ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٽي حصي؟ مال کان وڌيڪ جي وصيت ڪرڻ جائز ڪونهي.
ٻُڌو!
ٻار اُن جو آهي، جنهن جي بستري تي پيدا ٿيو ۽ بدڪار جي لاءِ پٿر آهي. جنهن پنهنجي پيءُ جي بدران، ڪنهن ٻي کي پيءُ قرار ڏنو يا ڪنهن غلام پنهنجي مالڪ کانسواءِ ڪنهن ٻي کي پنهنجو مالڪ ظاهر ڪيو ته اهڙي شخص تي الله، ملائڪن ۽ سڀني انسانن طرفان لعنت آهي، قيامت جي ڏينهن اُن کان ڪوبه بدلو يا عيوضو قبول نه ڪيو ويندو.
ٻُڌو!
اوهان کان مون بابت پڇيو ويندو.
ته ٻُڌايو!
اوهين ڇا چوندؤ؟
هڪ لک چوويهه هزار پروانا جيڪي ڀِنل اکين، کُليل وات ۽ اک ڇُنڀڻ کانسواءِ آقاﷺجون ڳالهيون ٻڌي رهيا هئا. آقاﷺ جي پُڇڻ تي کين هڪدم روئڻ اچي ويو.
وراڻيائون:
اوهان اسان کي الله جو پيغام پهچائي ڇڏيو.
اُمت جو حق ادا ڪري ڇڏيو
سڀ پردا کڻي ڇڏيا.
الله جي امانت ايمانداريءَ سان پهچائي ويئي.
آقا ﷺ ماڻهن جي شاهدي ٻڌي ٿوري دير خاموش رهيا،
آسمان ڏانهن ادب سان اکيون کنيائون
پوءِ پنهنجي اَشهد آڱر آسمان ڏانهن کنيائون
۽ ٽي ڀيرا چيائون
اي الله، شاهد رهجان
اي الله، شاهد رهجان
اي الله، شاهد رهجان.
پوءِ عرفات جي ميدان ۾ بيٺل شمع رسالت جي پروانن تي، جيڪي سفيد احرام پاتل هئا ۽ سِڏڪي رهيا هئا، هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين نظر وڌي ۽ فرمايو:
ٻُڌو!
جيڪي هِتي موجود آهن، اِهي، هي ڳالهيون اُنهن تائين پهچائين، جيڪي هِتي موجود نه آهن.
خطبو ختم ٿيو.
آقا ﷺ پنهنجي قصويٰ تان هيٺ لٿا.
سيدنا بلالرضه اڳينءَ جي ٻانگ ڏني.
آقا ﷺ اڳين ۽ وچين، ٻيئي نمازون گڏ پڙهايون.
جڏهن نماز کان پوءِ حمد ۽ ثنا ۽ دعا ۾ رڌل هئا ته ان گهڙيءَ آسمان تان وحي لٿي،
آخري وحي.
”اڄ مون اوهان جي لاءِ اوهان جو دين مڪمل ڪري ڇڏيو ۽ اوهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪري ڇڏي ۽ اوهان لاءِ اسلام کي دين جي حيثيت سان پسند ڪيم. (القرآن)
سيدنا ابوبڪر صديق اها آيت ٻُڌي ته روئڻ لڳا
سندس سِڏڪا بند ئي نه پي ٿيا
چهرو لُڙڪن سان ڀرجي ويس
سمجهي ويو ته هاڻ آقا ﷺ جي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي،
پوڻن ٽن مهينن کان پوءِ آقا صلي الله عليھ وسلم هليا ويا
رفيق اعليٰ ڏانهن.

غدير خم

غدير خم

عرفات جي ميدان ۾ شام ٿي ويئي.
سج پنهنجا ڪرڻا آقاﷺ جي پيرن ۽ سندس پروانن تي نڇاور ڪري آقاﷺ جي قدمن جي هيٺان لڪي ويو. آقاﷺ ، قصويٰ تي پنهنجي پويان ٽيويهن سالن جي اُسامه بن زيد کي ويهاريو ۽ مزدلفه طرف روانو ٿي ويو. اُتي سانجهي ۽ سُمهاڻيءَ جون نمازون هڪ ٻانگ ۽ هڪ اقامت ۾ گڏ پڙهيون.
رات مزدلفه ۾ گذاري
اُتي ئي فجر جي نماز ادا ڪئي
پوءِ قصويٰ تي چڙهيا
سج اُڀرڻ کان اڳ منيٰ جي لاءِ روانا ٿي ويا.
هن ڀيري قصويٰ تي پاڻ سان گڏ سيدنا عباس جي پُٽ فضل بن عباس کي ويهاريائون.
ٽنهي شيطانن جي جمرن تي تشريف کڻي آيا.
اهي ٽئي شيطان، جن سيدنا ابراهيم عليھ السلام، سيدنا اسماعيل عليھ السلام ۽ سيده هاجران عليھ السلام کي ورغلائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ ٽنهي کين پٿر هڻي پٿر بڻايو هو. اُنهن پٿرن هڻڻ جي پيغمبراڻي ادا ۽ شيطان جي لڳاتار سزا اڄ به جاري آهي. آقا ﷺ ٽنهي شيطانن کي سَت سَت پٿريون هنيون.
پوءِ قربانيءَ جو وقت آيو.
آقا ﷺ قرباني جي لاءِ هڪ سئو اُٺ آندا هئا.
پنهنجي عمر مبارڪ جي لحاظ کان آقا ﷺ 63 اٺ پاڻ ڪُٺا.
باقي 37 اٺن ڪُهڻ جي ذميداري سيدنا عليرضه کي ڏنائين. جيڪي اُن وقت لڳ ڀڳ ايترن ئي سالن جا هئا. 33 سالن جا.
هر ڪُٺل اُٺ جي گوشت جو ٽڪرو وڍي رڌيو، کاڌو ۽ اُن جو رس پيتو.
پوءِ وار ڪٽرائڻ جي مهل آئي.
ٽي سال پهرين عمرو قضا ڪرڻ جي موقعي تي آقاصلي الله عليھ وسلم مٿي جا سڀ وار ڪوڙايا هئا، انهن ٽن سالن ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم جا وار ڏاڍي سهڻي نموني مٿي تي مُري آيا هئا، ايڪڙ ٻيڪڙ اڇا وار به ٿي ويا هئن، جن تي آقا ﷺ ڪڏهن ڪڏهن مَهندي يا خضاب به هڻي وٺندا هئا. البت ڏاڙهيءَ جي وارن ۾ اڇا وار ڪجهه گهڻا هئا.
پاڻ سڳورا اڪثر فرمائيندا هئا ته قرآن جي ٻن صورتن مون کي پوڙهو ڪري ڇڏيو آهي ۽ جن ۾ دوزخ جو ذڪر آهي.
هن ڀيري آقا ﷺ مٿي جا پورا وار نه ڪوڙايا
اُنهن کي هلڪو ڪرايو.
وارن جي حجامت ڪرائي ننڍا ڪرائڻ کي ”حلق“ چيو ويندو آهي.
آقا ﷺ جي مٿي جا وار ڪوڙجڻ کان پوءِ پروانن انهن کي پَٽ تي ڪٿي ٿي ڪِرڻ ڏنو. ڪٽرايل هڪ هڪ وار تبرڪ طور خوشبخت صحابين ۾ ورهايو ويو.
قصويٰ جا وري به ڀاڳ جاڳي پيا.
آقا ﷺ مٿس چڙهيا.
مڪي شريف پهتا
بيت الله جو طواف ڪيائون
اُتي ئي اڳين پڙهيائون
۽ هاڻ آب زم زم پيئڻ جي لاءِ، پنهنجي ڏاڏي جي دريافت ڪيل آب زم زم جي چشمي وٽ پهتا. آقا ﷺ جو قبيلو حاجين کي پاڻي پياري رهيو هو. هڪ ڏول ڀري آقا ﷺ کي ڏنو ويو. آقا ڍئو ڪري زم زم جو پاڻي پيتو. ڏهين ذوالحج تي عيد ملهائي ۽ ايام تشريق، 11، 12 13 ذوالحج ۾ وري منيٰ ۾ قيام ڪيو، پوءِ 13 ذوالحج تي سدائين جي لاءِ مڪي کي ڇڏي، مديني روانا ٿيا.
رستي ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي مسلمانن کي خطاب ڪرڻ جو موقعو مليو.
اُنهن خطابن ۾ ٻين ڪيترن ئي معاملن تي هدايتون ڏيڻ کان علاوه خاص ڪري سيدنا عليرضه سان پنهنجي دلي لڳاءَ، مُحبت ۽ سڄي زندگيءَ جي رفاقت جو کُلي اظهار ڪيائون. ڳالهه به ايئن ئي هئي. سيدنا عليرضه انتهائي ننڍي وهيءَ کان آقا ﷺ جي سرپرستيءَ ۾، سندن ئي گهر ۾ پليو، نپنو هو. آقا ﷺ کان عمر ۾ ٽيهه سال ننڍا هئا. هر ڏک سک جي گهڙيءَ ۾ آقا ﷺ سان گڏ رهيا هئا. پاڻ، آقا ﷺ کان جيڪي ڪجهه سِکيو هئائون، آقاﷺ، سيدنا عليرضه جي زندگيءَ جو جيڪو مشاهدو ڪيو هو، اهو ٻي ڪنهن جي حصي ۾ ڪيئن ٿي اچي سگهيو، تنهن ڪري آقا ﷺ فرمايو هو:
”آءٌ علم جو شهر آهيان ۽ علي اُن جو دروازو آهي.“
مڪي کان مديني جي اُن آخري سفر ۾ آقا ﷺ ”غدير خم“ جي هنڌ تي به خطبو ڏنو. اُتي، سيدنا بريده، خالد بن وليد پاران، سيدنا عليءَ جي ڪا شڪايت کڻي آيو. ٿيو هيئن جو رستي ۾ سيدنا علي ۽ خالد بن وليد کي ڪنهن قلعي جي مهم تي موڪليو ويو. ڪمان سيدنا علي جي هٿ ۾ هئي. هُن قلعو فتح ڪري ورتو. قلعي مان کيس هڪ ٻانهي ملي، خالد بن وليد ان جو حوالو ڏيئي هڪ سرسري شڪايت لکي موڪلي. جيتوڻيڪ لشڪر جو امير سيدنا علي هو ۽ هڪ جونيئر کي پنهنجي سينئر جي شڪايت جو حق نه هوندو آهي.
خالد بن وليد جو خط پڙهي آقاﷺ جي چهري مبارڪ جو رنگ بدلجي ويو.
فرمايائون:
”اوهين اُن شخص جي باري ۾ مون کان ڇا ٿا چاهيو، جيڪو الله ۽ ان جي رسولﷺ سان محبت ڪري ٿو ۽ الله ۽ اُن جو رسول ساڻس محبت ٿو ڪري.“
سيدنا براء بن عازب، جيڪي خط کڻي آيا هئا، خوف کان ڏڪي ويا. ليلائيندي چيائين، ”آءٌ الله ۽ سندس رسولﷺ جي ڏمر کان پناهه ٿو گهران. آءٌ ته رڳو هڪ قاصد آهيان.“
آقا ﷺ خاموشي اختيار ڪري ورتي.
پوءِ رستي تي ڪيترن ئي موقعن تي ماڻهن کي گڏ ڪري، حضرت علي رضه جو هٿ جهلي فرمايو،
ڇا آءٌ سڀني مسلمانن کان سندن جانين کان وڌيڪ حقدار نه آهيان.
صحابين وراڻيو: ڇو نه آقا ﷺ.
پوءِ آقا ﷺ فرمايو
پوءِ علي به حقدار آهي.
جنهن جو آءٌ مولا (وارث) آهيان،
علي به اُن جو مولا (وارث) آهي.
پوءِ آسمان ڏانهن ڏسي آقا ﷺ دعا فرمائي:
اي الله! جيڪو عليءَ کي دوست رکي، تون به ان کي دوست رک،
۽ جيڪو عليرضه مان عداوت رکي، تون به ان سان عداوت رک. ]ابن ماجه[
اُن ئي سفر ۾ هڪ ڀيري فرمايائون
”علي مون مان آهي ۽ آءٌ عليءَ مان آهيان ۽ مون کان پوءِ علي هر مومن جي دل ۾ آهي.“ ]ترمذي[
حجة الوداع کان پوءِ، مڪي کان مديني جو اهو سفر مُحبتن جو سفر هو. آقا ﷺ هميشه جي لاءِ مڪي شريف کي ڇڏي رهيا هئا.
اُن سفر ۾ آقاﷺ کي پنهنجو اهو لِڪي ڇُپي ڪيل پراڻو سفر، ٽي راتيون غار ثور ۾ گذارڻ، دشمن جي هَلائن کان بچي نڪرڻ به ياد آيو هوندو. کين عليرضه کي پنهنجي بستري تي سمهاري مديني اچڻ به ڪو وسريو هوندو؟
سو، ايئن سيدنا عليءَ جي محبت ۾ چيل اهي جملا پاڻ سڳورن جي دل جو آواز هئا. اِهي ڳالهيون سڄي زندگي سيدنا عليءَ کان مليل محبت جي جواب ۾ هڪ دلڪش اظهار هُيون. اِهي ڳالهيون نه ڪنهن ٻي جي لاءِ، ڪنهن ٻي معاملي ۾ حجت هئڻ گهرجن يا هروڀرو ساڙيلن لاءِ انهن جي مخالفت- اهي هڙئي ڳالهيون، آقاﷺ جي پهرين زندگيءَ جو عڪس آهن. پر انهن ۾ ڪٿي به آقاﷺ کان پوءِ خلافت جي حقدار جي ڪا ڳالهه نه ڪئي ويئي. جيڪا
آقا ﷺ ، ڪڏهن به ڪنهن جي لاءِ نه چئي.
شايد اِهائي خدا جي مصلحت هئي.
نه ته خدا جيڪو چوڻ ۽ چورائڻ گهرندو آهي
لکڻ ۽ لکرائڻ گهرندو آهي، کيس ڪوبه منع نٿو ڪري سگهي،
آقاﷺجي پهرين چئن خليفه راشدين، سيدنا ابوبڪر، سيدنا عمر، سيدنا عثمان ۽ سيدنا عليءَ آقاﷺ جي زندگيءَ کان وڏي زندگي نه ماڻي.
آقا صلي الله عليھ وسلم 63 سالن جي عمر ۾ رفيق اعليٰ سان وڃي گڏيا.
چئني خليفن به 63 سال ئي عمر ماڻي.
اها سوچڻ جي ڳالهه آهي
جڏهن به خدا کي منظور ٿيو، خدا اُنهن کان ڪم ورتو
اهي چارئي خدا جا پيارا ٻانها ۽ الله جي رسول آقا ﷺ جا پيارا شينهن ۽
دوست هئا. هرڪو پنهنجي جاءِ تي يڪتا، منفرد ۽ شاهوڪار.
آقا صلي الله عليھ وسلم جي محبتن ۾ سندن پُٽيلو غلام زيد بن حارث به هو، جيڪو جنگ موته ۾ شهيد ٿي ويو. حجة الوداع کانپوءِ مديني واپس وري آقاﷺ سيدنا زيد جي ٽيويهن سالن جي پُٽڙي اُسامه بن زيد کي طلب ڪيو. هو پهتو ته آقا ﷺ فرمايو: لشڪر ان جاءِ تي وٺي وڃ، جتي تنهنجو پيءُ شهيد ٿيو هو.
هو ڏکڻ بلقاء ۾ موته جي جاءِ تي پهتو.
ويهن ڏينهن جو هڪ طرفو سفر هو.
لشڪر تيار ٿيڻ شروع ٿي ويو،
هيڏانهن آقا ﷺ جي طبيعت خراب ٿيڻ شروع ٿي.
لشڪر جو امير ٽيويهن سالن جو اُسامه بن زيد هو.
۽ لشڪر ۾ سڀ سينئر صحابي شامل هئا، جن ۾ سيدنا ابوبڪر صديق، سيدنا عمر بن خطاب ۽ ٻيا ڪيترائي جليل القدر صحابي به هئا. ماڻهن ۾ ڇُڻ ڀڻ ٿيڻ لڳي.
آقا ﷺ کي ته ايندڙ نسل کي به تيار ڪرڻو هو.
ٻيو ته اُسامه بن زيد به، سيدنا عليءَ وانگر آقا ﷺجي هڪ پُوٽي وانگر پليو هو، آقا ﷺکان هِن ڇا ڇا نه سکيو هو، اهو ته آقا ﷺ ئي ڄاتو ٿي.
ماڻهن جون ڳالهيون ۽ چُڻ ڀُڻ ٻڌي، آقاﷺ مسجد سان لڳ پنهنجي هجري مان نڪري، مسجد نبويءَ ۾ آيا ۽ فرمايائون. هن کان اڳ اوهين اسامه جي پيءُ زيد جي باري ۾ اهڙي راءِ ڏيئي چڪا هئا، حالانڪه هو سپهه سالاريءَ جي اهل هو ۽ مُنهنجن محبوب ماڻهن مان هو ۽ کانئس پوءِ اُسامه به مون کي سندس جيان ئي پيارو آهي. ]بخاري[
اُسامه کي ان لشڪر جو سپهه سالار بڻايو.
پنهنجن مُبارڪ هٿن سان اُسامه لاءِ جهنڊو تيار ڪيو ۽ کيس ڏنو.
فرمايائون:
فوج کي فلسطين جي سرزمين تي اُن هنڌ تي وٺي وڃ، جتي بلقاء ۽ روم جون حدون ملن ٿيون، اُتي پهچي مورچه بندي ڪج، اُن هنڌ تي جتي دشمنن تنهنجي والد کي قتل ڪيو هو، اُنهن کي اونداهيءَ ۾ گهيرج ۽ اهڙي نموني مٿن حملو ڪَج، جو کين خبر نه پوي، سوڀاري ٿيڻ کان پوءِ خوشخبريءَ سان گڏ جلد مديني وَرڻ جي ڪج.
لشڪر مديني مان نڪري ٽن ميلن جي پنڌ تي هو ته آقاﷺ جي ناچاڪيءَ ۾ شدت اچي ويئي.
لشڪر جي هر سپاهيءَ جي دل ڦِسي پيئي.
هُو مديني کان پري ڪيئن وڃن، جڏهن آقا ﷺ سخت بيمار ٿي پيو هُجي.
خميس جي ڏينهن مَرض ۾ شدت اچي ويئي.
سيدنا ابوبڪر صديق کي نماز پڙهائڻ جو حڪم مليو.
سومر جي ڏينهن آقاﷺکي ٿورو سڪون محسوس ٿيو. صحابين سمجهيو ته هاڻ طبيعت ٺيڪ ٿيڻ لڳي آهي. اُسامه روانگيءَ جو ارادو فرمايو، اُن ڏينهن اُسامه جي امڙ سيده اُم ايمن، اُسامه کي هڪ روئاڙيندڙ نياپو موڪليو.
آقا ﷺ سِڪرات جي حالت ۾ آهن.
سيدنا اُسامه ۽ سندس لشڪر روئيندو، سِڏڪا ڀريندو واپس مديني پهتو.
آقاﷺ، رفيق اعليٰ ڏانهن وڃڻ جي لاءِ آسمان کي ڏسي رهيا هئا.

موڪلاڻي

موڪلاڻي

جيڪا عظيم ترين هستي، هڪ وڏي مقصد عالمگير آدرش ۽ سڄي جهان جي لاءِ هدايت بنجي آئي هجي، اُن پاران پنهنجو ڪم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ دنيا ۾ وڌيڪ رهيو نه ٿيندو آهي. اُن پاڪ هستيءَ کي پوءِ پنهنجي پالڻهار سان گڏجڻ جي تڪڙ هوندي آهي، جنهن وک وک تي کيس سنڀاليو، پڙهايو، رستو ڏيکاريو، ويرين کان بچايو، هر ڳالهه ٻُڌائي، دل کولي ساراهيو، سَجايو ۽ سڄي جهان جي هر ساهواري کان مَڃرايو.
اهو ئي خدا، جنهن پنهنجي ادب جي حد ته نه رکي، پر پنهنجي محبوب آخري رسولﷺ، اسان جي آقاﷺ جي عزت ۽ ادب جي خاطر پنهنجي جلال جي آخري حد به ٻڌائي ڇڏي.
الله فرمايو:
”اي ايمان وارؤ! پنهنجا آواز پيغمبر جي آواز کان مٿي نه ڪَجو ۽ جيئن پاڻ ۾ زور سان ڳالهائيندا آهيو، هُن جي اڳيان نه ڳالهائجو، ايئن نه ٿئي جو اوهان جا اڳيان سڀ عمل چَٽ ٿي وڃن ۽ اوهان کي خبر نه پوي.“ ]سوره الحشر[
سڄي دنيا ۾ ڪوبه اهڙو ڏوهه ڪونهي، جنهن جي ڪري، ڪنهن انسان جا سڀئي عمل چَٽ ٿي وڃن، اڳيان به ته پويان به، ماڻهو شرڪ جو روئڻو روئندا رهندا آهن، اها ته هڪ ”لا الھ الا الله“ جي مار آهي ۽ پوءِ انعامن جو سلسلو ”محمد رسول الله صلي الله عليھ وسلم “ چوڻ سان شروع ٿي وڃي ٿو.
فيصلي جي گهڙي آخري ساهه آهي.
اسان جهڙن گناهگارن لاءِ.
اُن ڪري اسين پنهنجي آخري ساهه ۾ الله ۽ رسولﷺ جي مُحبت جي دعا گهرون ٿا، پر ڳالهه سوچڻ جي آهي.
اهو خدا جيڪو آقاﷺ جي هر ادا جو قسم کڻي کيس ياد ڪري، سندس هر نظر ۾ پنهنجو عڪس رکي، پنهنجي نور سان ڳوهي. قرآن جو بُرهان ٽيويهين سالن تائين ڦڙو ڦڙو، ڪڏهن وري ندي، ڪڏهن دريا بنجي آقاﷺ جي پاڪ دل تي آبشار بڻجي وسي. دنيا جي سڀني قوتن سان آقاﷺ جو مقابلو ڪرائي، ڪڏهن ڏند مبارڪ شهيد ڪرائي، اهو سُهڻو چهرو، جنهن تي خدا ٻَلهار ٻَلهار ٿئي. اُن چهري جي رخسارن ۾ لوهي خود جي نوڪدار ڪَڙين کي چُڀائي، خوبصورت چهري کي آقا ﷺ جي چهري کي رنگين به بنائي.
اهو خدا جيڪو پنهنجي قلم جو قسم کائي، اسان جي آقا صلي الله عليھ وسلم جي اخلاق جا ڳڻُ ڳائي آسمان مان ارشاد ٿيو.
”نون ۽ قلم جو قسم ۽ ان جو (قسم) جيڪي لکڻ وارا لکندا آهن ته تون (اي محمدصه) پنهنجي پالڻهار جي فضل سان هر گز مجنون نه آهين ۽ بيشڪ تو لاءِ اڻ کٽ اجر آهي ۽ بيشڪ تون اخلاق جي اعليٰ مقام تي آهين. (سورة القلم: 4-1)
قرآن ته خدا ئي انعامن جي تفصيلن سان ڀريو پيو آهي.
”ڇا اسان تنهنجو سينو کولي ڪونه ڇڏيو ۽ توتان بار به لاهي ڇڏيو سون، جنهن تنهنجي چيلهه چُٻي ڪري رکي هئي ۽ تنهنجو ذڪر بُلند ڪيو سون. ها، ڏکن پويان سُک آهن، بي شڪ ڏکن کانپوءِ سُک آهن. تون جڏهن واندو ٿئين ته محنت ڪندو وڃج ۽ پنهنجي پالڻهار جو ذڪر ڪندو ڪج. (سوره اشراح: 8-1)
۽ اهو انعام جيڪو سڄي ڪائنات ۾ فقط آقا ﷺ کي مليو.
”بيشڪ اسان توکي ڪوثر عطا ڪيو. تون پنهنجي پالڻهار جي لاءِ نماز پڙهه ۽ قرباني ڪر، بيشڪ تنهنجو دشمن بي اولاد رهندو.“ (سوره ڪوثر: 1-3)
الله ته نبوت جي شروعاتي ڏينهن ۾، انهن آخري ڏينهن جو ڀرپور نقشو ڏيکاريو هو.
صبح جي سهائيءَ جو قسم ءٌ رات جي اونداهي جو، جڏهن اها ڇانئجي وڃي وڃي. تنهنجي پالڻهار نه توکي ڇڏيو آهي ۽ نه ناراض ٿيو آهي ۽ پڇاڙي تنهنجي لاءِ پهرين حالت کان وڌيو بهتر آهي ۽ پالڻهار جلدئي توکي اهو ڪجهه عطا فرمائيندو، جو تون خوش ٿي ويندين ] قرآن سورة الضحيٰ [
خدا جا ٻيا سڀ اڳ آيل نبي سڳورا ۽ رسول سڄي زندگي اُن جتن ۾ جيئندا رهيا ته خدا کي خوش رکن، خدا خوش ٿي وڃي، هِتي خدا اسان جي
آقا ﷺ کي چئي رهيو هو
”جلد ئي توکي اهو ڪجهه ڏنو ويندو، جو تون خوش ٿيندين.“
خدا جي خلقيل هر ساهواري شئي خدا کي خوش ڪرڻ جي جستجوءَ ۾ رهي ٿي ۽ هيڏانهن خدا اسان جي آقاﷺ کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي.
خدا کي سڀ خبر هئي ته آقاﷺڪهڙين تڪليفن ۽ ڏکن مان گذريو هو. خود هڪ گهُمري آقاﷺچيو هو، ”سڀني نبين مان آءٌ وڌيڪ سَتايو ويس.“
شروع جي زندگيءَ جون اِهي سڀئي تڪليفون، ڏک، ايذاءُ ۽ سختيون، جيڪي مشرڪن، يهودين ۽ منافقن وک وک تي آقاﷺکي ڏنيون هُيون، خدا جي مدد، اصحابين جي لڳن، محبت، وفادارين ۽ قربانين سان اهي سڀ دور ٿي ويون.
اهو جيڪو ڪڏهن اڪيلو ’غار حرا‘ مان لٿو هو،هڪ الاهي حق جو پيغام کڻي،
اڄ اُن سان گڏ سڄو عربستان هو.
ايترا ته فرمانبردار، ايترا ته عاشق، جو سڄي زمين تي ڪڏهن به ڪنهن انسان کي، انسانن کان اهڙي محبت، اهڙو ڌيان، اهڙي فداڪاري ۽ اهڙي پيروي نه ملي هئي.
هِنَ جي هڪ اشاري سان سندس چاهيندڙ پنهنجي اکين ۽ اکين سان ڏسجندڙ هر منظر کي پنهنجي نس نس مان، بي نيازيءَ سان خرچي ڇڏيندا هئا، زندگيءَ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا هئا.
آقا ﷺ پنهنجي اصحابين جي هر اک جو چنڊ هو.
سج هو،
هُنن جي لاءِ آقا ﷺ جي خوشنودي ئي زندگي هئي.
ايمان هئي.
اهو ئي انهن سڀني ايمان آڻيندڙن جو شان هو. هُنن سڀني آقاﷺ جي خدا تي ايمان آندو هو
نه ته خدا ڪنهن ڏٺو هو؟
ڪنهن ٻُڌو هو.
خدا جو ڪلام، اُن ڪري ته خدا جو ڪلام مڃيو ويو،
ته اهو الامين ﷺ جي دل تي لٿو هو ۽ ان جي زبان مبارڪ مان ادا ٿيو هو.
آقاﷺآسمان ۽ زمين جي وچ ۾ خدا جو باضابطه آخري رابطو هو. آقاﷺکي جيڪو مَشن سونپيو ويو، اهو مڪمل ٿيو، هاڻي آقاﷺکي پنهنجي خدا سان گڏجڻ ۽ خدا کي پنهنجي محبوب جي ڀليڪار جو اوسيئڙو هو.
آقا ﷺ جي پروانن ۾ خوف ۽ ڏُک جي هلچل مَتل هئي.
پروانن جي اڳيان شمع کڄي وڃي ته سندن زندگي بي معنيٰ بنجي وڃي ٿي.
آقا ﷺ ناچاڪ ٿي پيو،
اصحابي بي چين ٿيڻ لڳا.
موڪلائڻ جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا هئا.
وصال کان ڪجهه مهينا اڳ آقاﷺجي زندگيءَ جو جيڪو رمضان ڏهين هجريءَ ۾ آيو هو، اُن ۾ آقاﷺويهه ڏينهن اعتڪاف ۾ ويٺا، ٻه ڀيرا قرآن پاڪ جو جُبرائيل عليھ السلام جي اڳيان دور ڪيائون. اڳ ۾ هڪ ڀيرو سُڻائيندا هئا، ڏهه ڏينهن اعتڪاف ۾ ويهندا هئا. حجة الوداع جي موقعي تي فرمايو هئائون:
”شايد هن سال کان پوءِ، هِن جاءِ تي پنهنجي ٻيهر ملاقات ٿي نه سگهي.“
جمره عقبه وٽ آقا ﷺ چيو هو:
”مون کان حج جا ارڪان سِکي وٺو، ڇو ته هِن سال کان پوءِ شايد حج نه ڪري سگهندس.“
هڪ آيت لٿي.
”اڄ اسان اوهان لاءِ اوهان جو دين مڪمل ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجون نعمتون مڪمل ڪري ڇڏيون. اوهان لاءِ اسلام کي پسند ڪيوسون.“ ]سوره المائده-3[
طئي ٿي ويو.
وڇوڙي جي گهڙي اچڻ واري آهي.
حجةالوداع کان ورڻ کان پوءِ آقاﷺ تسبيح، توحيد ۽ توبه و استغفار ۾ مشغول ٿي ويا
حالانڪه آقا ﷺ ته ڪائنات جا روح هئا.
اڳئينءَ پوئينءَ هر گناهه کان آجا.
پر پنهنجي رب کي کانئس وڌيڪ ٻيو ڪير چاهيندڙ هو.
جتي چاهت هُجي، مُحبت هُجي، اُتي اظهار ڇو نه هُجي.
۽ خدا جي ذڪر لاءِ حضور ﷺکانسواءِ ٻي ڪهڙي بهتر زبان ٿي سگهي ٿي؟
پاڻ سڳورا ﷺ خدا جي وڏائيءَ جي بيان ۾ مگن رهندا هئا،
صفر جو مهينو اچي ويو
مهيني جي شروع وارا ڏينهن هئا
هڪ ڏينهن آقاﷺ جبل احد وٽ ويا. احد جي جنگ کي اٺ سال ٿي چڪا هئا، اٺ سال اڳ اُتي ستر مسلمان شهيد ٿيا هئا، انهن ۾ آقاﷺ جو محبوب چاچو امير حمزورضه به هو.
آقا ﷺ اٺن سالن کان پوءِ اُتي ٻيهر جنازي نماز پڙهي.
احد جي شهيدن جي قبرن وٽ ويٺا. خدا ٿو ڄاڻي ته دل ئي دل ۾ ڪنهن سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪيائون. سڀني قبرن وٽ وڃي دعا گهريائون. هر قبر وٽ ايئن ويا، ڄڻ موڪلائڻ جي لاءِ الوداعي سلام ڪرڻ آيا هُجن. فرمايائون:
آءٌ اوهان جي قافلي جو سرواڻ آهيان
۽ اوهان تي شاهد آهيان
خدا ٿو ڄاڻي هينئر آءٌ پنهنجو حوض ڪوثر پيو ڏسان
مون کي زمين ۽ سڄي زمين جي خزانن جون ڪُنجيون ڏنيون ويون آهن.
پوءِ جيئرن ڏانهن مُنهن ورائي چيائون:
خدا ٿو ڄاڻي ته مون کي اهو ڊپ ڪونهي ته ڪو اوهين مون کان پوءِ شرڪ ڪندؤ، پر اهو انديشو اٿم ته اوهين دنيا جي طلب ۾ هڪٻئي سان وڙهندا.
دل ۾ موڪلاڻيءَ جي بي چيني وڌندي رهي.
هڪ رات آقا ﷺ بقيع قبرستان ويا.
اُنهن جي لاءِ مغفرت جي دعا گهريائون ۽ فرمايائون:
اي قبرن وار! اوهان تي سلام هُجي
ماڻهو جنهن حال ۾ آهن، انهن جي ڀيٽ ۾ اوهان کي هي حال مبارڪ هُجي، جنهن ۾ اوهين آهيو، فتنو ڪاري رات جي ٽڪرن جيان آهي، هڪ جي پويان ٻيو اچي پيو ۽ پوءِ ايندڙ پهرينءَ کان وڌيڪ خراب آهي.
ٿوري دير تائين آقا ﷺ بقيع ۾ خاموش ويٺا رهيا.
ڪنهن سان ڪهڙو حال اوريائون، اهو ڪنهن نه ٻُڌو.
هڪ جملو جيڪو آقا ﷺ جي زبان مبارڪ مان نڪتو
اهو ٻُڌو ويو. فرمايائون:
اي اهل قبور! اوهان کي بشارت هُجي، اسين پڻ اوهان سان ملڻ وارا آهيون.
آقا ﷺ جو غلام ابو مويبه ساڻن گڏ هو،
جيڪو، آقا ﷺ جي اها ڳالهه سُڻي روئي پيو.
آقا ﷺ فرمايو:
”الله مون کي دنيا جا خزانا ۽ سدائين جي زندگي يا اُن جي بدلي ۾ ٻنهي مان ڪنهن هڪ کي پسند ڪرڻ جو اختيار ڏنو آهي، پر مون دنيا جا خزانا ۽ دائمي زندگي نه گهري، پنهنجي رب سان ملاقات ۽ جنت اختيار ڪيم.“ ]ابن هشام[
اها رات بيماريءَ جي شروع ٿيڻ واري رات هئي.
اها سومر 29 هين صفر يارهين هجريءَ جي رات هئي.
بقيع کان گهرويا ته مٿي ۾ سور شروع ٿي ويو، بُخار به ٿيو، مٿي تي پٽڪي جي هيٺان زور سان پَٽي ٻڌي ڇڏيائون، اِهو مٿي جو سور ۽ بخار ايندڙ تيرهن چوڏهن ڏينهن تائين تائين رهيو.
اهو ئي مرض الموت هو.
اُن سور، بخار ۽ سخت بي چينيءَ ۾ آقاﷺ پوڻا يارهن ڏينهن پاڻ ئي نماز پڙهائي. آخري سوا ٽي ڏينهن، سترهن نمازون پڙهائڻ جي لاءِ آقاﷺ پنهنجي دوست ۽ سيدنا ابوبڪر صديقرضه کي حڪم ڏنو.
بقيع مان موٽندي ئي مٿي ۾ سخت سور شروع ٿي ويو.
سيده عائشه جي حجري ۾ ويا، اتفاق سان هوءَ به مٿي جي سور سبب مٿو جهليو ڪَنجهي رهي هئي. پنهنجي سور جي باوجود به آقا ﷺ خوشطبعي مان فرمايو.
”عائشه، جيڪڏهن تون مون کان اڳ گذاري وڃين ته ان ۾ تنهنجو ڪهڙو گهاٽو؟
آءٌ هٿ سان توکي ڪفن پهرائي، تنهنجي جنازي نماز پڙهائي توکي دفن ڪندس.“
سيده عائشه وراڻيو، ”اوهان جي ته اهائي خواهش آهي، ته مون کي دفنائي ڇڏيو ۽ مُنهنجي حصي جو وقت منهنجي ڪنهن پَهاج کي ڏيو.“
آقا ﷺ خاموش ٿي ويا.
مٿي جو سور وڌي ويو.
پوءِ طبيعت جڏهن ٿوري ٺيڪ ٿي ته سيده ميمونهرضه جي حجري ۾ هليا ويا. طبيعت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي وئي، اُن بيماريءَ جي حالت ۾ آقاﷺ سڀني گهروارين جي حجرن ۾ ايندا ويندا رهيا. تيرهن ڏينهن جي ان بيماريءَ ۾ اٺ ڏينهن ايئن ئي گذري ويا. هاڻ هن دنيا ۾ ست راتيون ۽ اڌ ڏينهن وڃي بچيو هو.
آقا ﷺ جي طبيعت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي ويئي.
بُخار نه لٿو.
مَٿي تي پٽي ٻَڌل رهي
بي چيني ۽ بي سُکائي ڌار
خيبر ۾ ٽي سال اڳ يهودي عورت جيڪو زهريلو گوشت کارايو هو، جنهن کي رڳو چَکيو ئي هئائون، اُن زهر به پنهنجو اثر ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيو. آقاﷺ کي محسوس ٿيو، ڄڻ اهو زهر اندر ئي اندر رڳن کي ڇريءَ جيان وڍي رهيو هُجي.
گهروارين جا سڀئي حجرا ”مسجد نبويءَ“ ۾ هڪ ئي قطار ۾ هئا، هڪ جهڙا، ننڍا ننڍا ۽ ڪچا. پر سيده عائشه جو حجرو مسجد جي بلڪل وچ ۾ هو. اُن جي دروازي تان پردو کڻبو هو ته سامهون نمازي ۽ منبر نظر ايندا هئا. هڪ ڏينهن آقاﷺ سڀني گهروارين کان موڪل گهري ۽ سيده عائشه جي حجري ۾ منتقل ٿي ويا.
آخري ستن راتين ۽ سوا اٺن ڏينهن جي تيماداريءَ جي سعادت سيده عائشه، بيبي فاطمه ۽ حضرت عليرضه کي ملي، جن جو حجرو به سانئڻ عائشه جي ڪمري سان گڏ هو.
آقاﷺ، سيدنا فضل بن عباس ۽ سيدنا عليرضه جي ڪُلهن تي هٿ رکي هوريان هوريان هلي رهيا هئا. مٿي تي پٽي ٻڌل هئي ۽ پير مبارڪ پَٽ تي گهلجي رهيا هئا، بُت ۾ ساڻائي هئي. چهرو مبارڪ خاموش.
ماحول ۾ ماٺار ڇانيل هئي.
هر ڏسندڙ اک ڀِنل، پريشان ۽ ڊنل، اُن حالت ۾ پنهنجي وفات کان ساڍا ست ڏينهن اڳ، آقا ﷺ ، سانئڻ عائشه جي حجري ۾ هليا آيا.
اُن ناچاڪي جي حالت ۾ به آقاﷺ حڪومتي ڪاروهنوار جا فيصلا ڪيا. اسود عنسي، مسيلمه ڪذاب ۽ طلحه اسديءَ جهڙن باغين ۽ ڪوڙي نبوت جي دعويدارن کي سيکت ڏيڻ لاءِ انصارين جون مهمون روانيون ڪيون.
بخار وڌندو ويو.
وفات کان پنج ڏينهن اڳ بخار وڌيڪ تيز ٿي ويو.
جسم ۾ بي چينيءَ جهڙي ڪيفيت طاري ٿي ويئي.
آقا ﷺ فرمايو: مون تي ستن کوهن جا پاڻي وجهو. عربستان ۾ پاڻي سڀ کان وڏي نعمت آهي. ستن کوهن جي پاڻين ۾ ستن قسمن جي نمڪيات هوندي، ست برڪتون ۽پوءِ خدا ٿو ڄاڻي ته ڪهڙا ڪهڙا راز، جن بابت آقا ﷺ ئي ڄاڻندو هوندو. اُن کانسواءِ مديني جي سڀني ڏسائن جي کوهن کي به ته هڪ جهڙو شرف ملڻ گهرجي ها.
ست ئي کوهه به ته آقا ﷺ جي جسم مُبارڪ کي ڇُهڻ جي لاءِ اُڃايل هئا.
ستن کوهن جو پاڻي اچي ويو
پاڻي هڪ جيترو گُهرايو ويو هو.
ته جيئن ڪوبه کوهه شڪايت ۾ نه روئي ته آقا ﷺ منهنجي جسم مان ڪجهه گهٽ ڦڙا ڪڍيا ويا.
هر کوهه مان پاڻيءَ جي هڪ خلي ڀري آندي ويئي.
ست ئي کوهه ڀاڳ وارا
انهن جي پاڻيءَ جو نصيب ۽ انهن جو ذائقو ته آقا ﷺ کي ڇهي امر ٿي ويو.
ستن ئي کوهن جو پاڻي آقا ﷺ جي جسم مبارڪ تي وڌو ويو.
چون ٿا ته: آقا ﷺ وڏي لڳن سان ويهي رهيا هئا.
هر کوهه جي پاڻيءَ مان واري واري سان هڪ هڪ پيالو بُت تي هاريو ويو.
ٿڌي پاڻي وجهڻ سبب تيز بخار ۾ ’ڪولڊ سپانجنگ‘ به ٿي هوندي.
پوءِ پاڻيءَ جو تاثير، عربستان جي ريگستانين جي لاءِ حيرت ۾ وجهندڙ دوا جو ڪم به ڪري ٿو.
اُن ۾ شفا آهي،
آقا ﷺ کي سِڪون مليو
بخار ۾ ڪافي گهٽتائي آئي.
آقاﷺ هڪ ڀيرو ٻيهر سيدنا عليرضه ۽ سيدنا عباس کي ويجهو گهرائي، پنهنجي سواريءَ جيان ويهاريو. انهن جي ڪلهن تي پنهنجون ٻانهون رکيون. هُنن وڏي ادب سان آقاﷺ جي چيلهه ۾ هٿ وڌو ۽ هوريان هوريان آقاﷺ کي اُٿاريو.
آقا ﷺ اُٿي بيٺا
هوريان هوريان وک وک ۾ ڏيئي دروازي مان نڪتا ۽ مسجد ۾ پير رکيائون.
آقا ﷺجا پروانا آقا ﷺجي جهلڪ ڏسي خوش ٿي ويا
اڳينءَ جي مهل هئي.
سيدنا بلالرضه ٻانگ ڏني.
ٻانگ کان پوءِ آقا ﷺ مختصر ڳالهايو.
اهو، آقا ﷺ جو آخري خطبو هو.
فرمايائون...
”الله پنهنجي ٻانهي کي اختيار ڏنو آهي ته دنيا ۽ آخرت مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪري، الله جي اُن ٻانهي، الله جي نعمتن کي ڌُڻيو آهي.“
ايترو چئي آقا ﷺ خاموش ٿي ويا.
ماڻهو خاموش چهرن سان آقا ﷺ کي تڪيندا رهيا.
سامهون ويٺل سيدنا ابوبڪر، آقاﷺ جي ڳالهه سُڻي هڪدم لُڏي ويو، ڏڪڻ لڳو ۽ اندر ۾ ڄڻ ڦاٽي پيو، مُنهن جو رنگ ڦِري ويس ۽ اکين مان لڙڪ ڳڙهڻ لڳس ۽ سڄو چهرو لُڙڪن هاڻو ٿي ويس. ڍِڪون ڏيئي روئڻ لڳو.
ڪجهه ماڻهن کي حيرت ٿي.
آقا ﷺ ته هڪ ٻانهي جي ڳالهه پيو سُڻائي.
پَر، آقاﷺ جي دوست سيدنا ابوبڪر سمجهي ورتو ته اُن ڳالهه ۾ ڪهڙو اشارو آهي. بيماريءَ جي ڪري آقاﷺ هوريان هوريان ۽ رڪجي رڪجي ڳالهائي رهيا هئا. فرمايائون:
”مسجد ۾ جن ماڻهن جا دروازا آهن،
سڀ بند ڪيا وڃن.
سواءِ ابوبڪر جي گهر جي.“
منبر تان ڪمزوريءَ جي ڪري هوريان هوريان لٿا... سيدنا عليرضه
آقا ﷺ جي پيرن کي جهلڻ لڳو ۽ آقا ﷺ فرمايو.
منهنجن دوستن مان مون تي ابوبڪر جيترو احسان ڪنهن جو به ڪونهي. آءٌ جيڪڏهن خدا پاران ڪنهن کي پنهنجو خليل بنائڻ جو اختيار رکان ها ته آءٌ ابوبڪررضه کي پنهنجو خليل بڻايان ها. آقاﷺ اڃا مَنبر تان لٿا به نه هئا، جو انصارين جو ڏک مان روئڻ جو آواز آيو.
آقاﷺ، انصارين ڏانهن ڏسي، هوريان هوريان سڀني ماڻهن ڏانهن نظرون گهمايون ۽ فرمايو:
اي مهاجرن جا گروهه
انصارن سان سُٺي نموني پيش اچجو
ٻين مسلمانن جو تعداد وڌندو ويندو
پر انصاري گهٽجندا ويندا، جيئن کاڌي ۾ لوڻ،
انصار منهنجا محرم آهن
اُنهن جي دامن ۾ مون کي پناهه ملي.
اُنهن جي خوبين جو قدر ڪجو
اُنهن جي ڪمي ڪوتاهيءَ تي اک ٻُوٽَ ڪجو
هو پنهنجو فرض نباهي چڪا آهن
هاڻ اوهان کي پنهنجو فرض نباهڻو آهي،
اهي منهنجي جسم ۾ جگر وانگر آهن، جيڪو هر نفعي ۽ نقصان جو ذميدار ۽ محافظ هوندو آهي. ]بخاري[
بيماريءَ ۽ هيڻائيءَ سبب ﷺ جو بُت ڏڪي رهيو هو.
ٿوري دير ترسيا،
ڄڻ ڳالهه ڪندي ٿڪجي پيا هُجن، ٻنهي هٿن سان منبر کي جهلي بيٺا رهيا. پيرن کي سيدنا علي پنهنجن هٿن سان مَهٽيندا رهيا. سيدنا عباس، ادب مان ڀر ۾ آقاﷺ جي چيلهه ۾ ٻانهن وجهيو بيٺا هئا. ٻيئي اُن ڪري ساڻن گڏ هئا ته الائي ڪيڏي مهل آقاﷺ اُتي حجري ۾ وڃڻ جو ارادو ڪن، ڪيترائي ڀيرا آقاﷺ جي چهري تي اُٿي وڃڻ جو ارادو ظاهر ٿيو، پر ڄڻ پاڻ سڳورا ﷺ وڌيڪ ڪجهه چوڻ گهرندا هجن.
آقاﷺ وري سامهون ويٺل پنهنجن پروانن کي پنهنجي سڄي زندگيءَ جي محبت سان تڙپي ڏٺو پوءِ هڪدم چهري تي سنجيدگي آڻي فرمايو:
”ٻُڌو!
آءٌ پنهنجو پاڻ کي اوهان جي روبرو بدلي جي لاءِ پيش ڪريان ٿو.
جيڪڏهن ڪنهن کي تڪليف رسائي هُجيم ته هاڻ آءٌ حاضر آهيان.
مون کي به ايئن ئي تڪليف رسائي.“
ماڻهو روئڻ لڳا.
آقا ﷺ چيو.
”جيڪڏهن مون ڪنهن جي پٺيءَ تي ڪو ڪوڙو هنيو ته منهنجي پُٺي حاضر آهي.“
آقاﷺ ڏڪندڙ ۽ ڪمزور هٿن کي منبر تان هٽائي هوريان هوريان بُخار سبب پنهنجي جهڪيل پٺيءَ تان پنهنجي قميص هٽائي ڇڏي.
ماڻهن کان رڙيون نڪري ويون
ٻيرا ٻيرا ٿي ويا
”جيڪڏهن ڪنهن جي ڪا بي عزتي ڪئي هُجيم ته حاضر آهيان،
اُٿي ۽ اچي بدلو ڳنهي.“
ماڻهو روئڻ ۽ وِنجهلڻ لڳا.
جيڪڏهن ڪنهن جو مون تي قرض رهيل هجي ته اهو گهري وٺي.
هڪ شخص ادب سان اُٿي بيٺو
چيائين: سرڪار ﷺ اوهان تي منهنجا ٽي درهم رهيل آهن.
آقا ﷺ فضل بن عباس کي فرمايو ته هن کي ٽي درهم ڏيئي ڇڏ.
اهي ادا ڪيا ويا،
پوءِ آقاﷺ جي منبر تي ٿڙندڙ قدمن کي سيدنا علي هٿن ۾ جهلي هوريان هوريان هيٺ لاٿو، پر پنهنجن پيرن تي بيهڻ کان اڳ چيائون
مون کي خبر آهي، ته اوهين پنهنجي نبيءَ جي موت کان ڊنل آهيو،
ٿورو سوچيو ته سَهي.
آقا ﷺ پنهنجن نظرن کي چؤڏس ڦيرائي ڏٺو
ڇا مون کان اڳ ڪو نبي پنهنجي اُمت ۾ هميشه رهيو آهي، جو آءٌ رهان.
ماڻهن جا سڏڪا هاڻ روئڻ ۾ بدلجي ويا.
ٻُڌو.
آءٌ پنهنجي خدا سان ملڻ وارو آهيان.
۽ اوهين به خدا سان ملڻ وارا آهيو.
آءٌ اوهان سڀني مسلمانن کي وصيت ٿو ڪريان ته مُهاجرن سان ڀلائي ۽ نيڪي ڪجو
آءٌ اوهان کي وصيت ٿو ڪريان ته انصارن سان سُٺو سلوڪ ڪجو.
انصارن اسلام کي جاءِ ڏني، اوهان کي پنهنجي ٻنين، باغن ۽ ميون ۾ شامل ۽ ڀاڱي ڀائيوار ڪيو. پنهنجي فقر ۽ تنگدستيءَ جي هوندي به اوهان کي پنهنجي مٿان ترجيح ڏني.
ٻُڌو!
آقا ﷺ پير پَٽ تي کُپائي اُٿڻ جو ارادو ڪيو ۽ اُٿندي اُٿندي فرمايو:
”ٻُڌو! آءٌ اوهان کان اڳ ۾ وڃي رهيو آهيان
۽ اوهين به مون سان اچي ملندؤ.
حوض ڪوثر تي ملڻ جو وعدو آهي.“ ]البدايه والنهاويه[
اهو چئي، آقاﷺ ، سيدنا علي ۽ سيدنا عباس جي ڪُلهن تي هٿ رکي هوريان هوريان مسجد مان نڪري، حجري ڏانهن روانا ٿي ويا.
موڪلائڻ ۾ باقي چار ڏينهن وڃي رهيا هئا.
هڪ ڏينهن آقاﷺ بيماريءَ جي سختيءَ ۾ هئا. بي چيني، تَپ ۽ مَٿي ۾ سور هو ته هوريان هوريان آقا ﷺ جو آواز آيو.
”ڪاغذ ۽ قلم کڻي اچو، اوهان کي هڪ لکت لکرايان، جنهن کان پوءِ اوهين ڪڏهن به گمراهه نه ٿيندؤ.“
سڀني جون نظرون آقا ﷺ جي بگڙجندڙ طبيعت تي لڳل هيون.
سڀني ٻُڌندڙن جي چهرن تي لکيل هو ته آقاﷺ جي طبيعت ٿوري بهتر ٿئي ته حُڪم جي تعميل ڪجي.
سيدنا عمر رضه ماڻهن جي چهرن تي لکيل اها عبارت پڙهي چيو:
هينئر تڪليف ڏيڻ مناسب ڪونهي. الله جو ڪتاب گمراهيءَ کان بچائڻ لاءِ ڪافي آهي.
ٻُڌندڙن ۾ سيدنا علي، سيدنا عباس ۽ ٻيا به ڪيترائي هئا.
اُنهن مان ڪير به اُٿي مس ۽ قلم کڻڻ نه ويو.
سڀئي آقا ﷺ جا پروانا هئا.
شمع ڦڙ ڦڙائي رهي هُجي، ڪو پروانو ڪيئن ٿي چُري سگهيو.
جڏهن هو پاڻ ۾ ڳالهائڻ لڳا ته آقا ﷺ کين حڪم ڏنو.
”هليا وڃو!“
اهو ته خدا ئي ٿو ڄاڻي ته اُن مهل آقاﷺ جي دل ۾ ڇا هو، جيڪو پاڻ سڳورن لکرائڻ ٿي گهريو، پر ٻي ڏينهن جڏهن طبيعت ۾ ٿوري بهتري ٿي ته آقا ﷺ ماڻهن کي ٽن شين جي وصيت فرمائي.
پهرين اها ته عربستان جي حدن مان مُشرڪن ۽ يهودين کي ڪڍي ڇڏيو
ٻيو حڪم اهو ڏنائون ته، ايندڙ وفدن جي مهمانن کي سوکڙيون پاکڙيون ۽ هديه ڏجو، جيئن آءٌ ڏيندو آهيان.
ٽيون حڪم راويءَ کان وسري ويو. سندس خيال آهي ته اهو اُسامه جي لشڪر جي روانگي، يا قبرن کي سجدي گاهه نه بنائڻ، غلامن جو خيال رکڻ ۽ نماز قائم ڪرڻ جي باري ۾ هو. ]بخاري[
پنهنجو جانشين بنائڻ جي باري ۾ آقا ﷺڏانهن، سيد عائشهرضه منسوب ڪري ٿي ته انهن ڏينهن جڏهن آقا ﷺ جي طبيعت ۾ ڪجهه بهتري آئي ته فرمائون ته ابوبڪر کي سڏرائي پنهنجو جانشين مقرر ڪريان. پوءِ سوچيو، الله انڪار ڪندو ته ڇا ابوبڪر کانسواءِ ڪو ٻيو منهنجو پهريون خليفو ٿئي ۽ ايمان وارا ابوبڪر کانسواءِ ٻي ڪنهن جي خلافت کي ڪيئن قبوليندا؟ ]بخاري[
وفات ۾ ٽي چار ڏينهن وڃي بچيا هئا.
سانجهيءَ جي نماز آقاﷺ پاڻ ئي پڙهائي
اها آخري نماز هئي، جيڪا آقا ﷺ جي اُمامت ۾ ٿي.
سُمهاڻي مهل مرض ۾ شدت پيدا ٿي ويئي
بخار تيز ٿي ويو
جسم ڏڪڻ لڳو
اُٿڻ جي به همت نه رهي
آقا ﷺ پُڇيو.
”ماڻهن نماز پڙهي ورتي؟“
عرض ڪيو ويو ”يا رسول الله نه... ماڻهو اوهان جي انتظار ۾ آهن.“
آقا ﷺ پاڻي گهرايو، غسل فرمايو.
اُٿي وڃڻ گهريو، پر وڃي نه سگهيا.
غشيءَ جو دورو پئجي ويو.
ٿورو فرق پيو، وري پُڇيائون: ماڻهن نماز پڙهي ورتي.
جواب اهو ئي هو.
اُٿڻ گهريائون، پر اُٿي نه سگهيا
سانئڻ عائشه کي چيائون:
ابوبڪر کي منهنجو حڪم ڏي ته هو ماڻهن کي نماز پڙهائي.
سيده عائشه عرض ڪيو، هو دل جهلي نه سگهندو، پڙهائي نه سگهندو، اوهان جي جاءِ تي ڪيئن بيهي سگهندو.
گريه زاريءَ ۾ کانئس قرئت ڪيئن ٿي سگهندي.
اوهين عمر کي چئو.
آقا ﷺ ٽي ڀيرا اهو ئي چيو، ابوبڪر کي چئو.
سانئڻ جو هر ڀيري اهو ئي جواب هوندو هو.
آقاﷺ آخري فيصلو ڏنو. ابوبڪر کي چئو، اوهين سڀ يوسف واريون آهيو، ابوبڪر نماز پڙهائيندو. ]بخاري[
سيدنا ابوبڪر لڳاتار ٻه نمازون پڙهايون.
آچر واري رات آقاﷺ جي طبيعت ۾ بهتري آئي. مسجد جي اڱڻ ۾ بنا حجري جي دروازي جو پردو لُڏيو. آقا ﷺ جي آبنوسي معطر پيرن هوريان هوريان گهلجي پردي جي ٻاهر ڏٺو.
مسجد ۾ نور وَسي رهيو هو،
هٿن سان پردو هٽايو ويو.
سيدنا عليرضه ۽ سيدنا عباسرضه جي ڪلهن تي ٻنهي پاسن ٻانهون رکي وکون کڻي حجري مان مسجد ۾ آيا.
هيڏانهن ابوبڪر صديق نماز جي اُمامت شروع ڪري چڪا هئا.
هيڏانهن ڪعبي ڏانهن مُهڙ ڪيائون، هيڏانهن صاحب قرآن اچي ويو.
هڪ طرف تُنهنجي تجلي، ٻي طرف ڪعبو شريف.
وقت سَجدي جو اچي ويو،
ڪيئن جوٽجي نماز
سڀئي ڪعبي تان نظرون هٽائي آقا ﷺ جا پير وٺڻ لڳا.
هنن جي چهري تي اُڀريل ڏک جون ريکائون گَهريون ٿي ويون.
پريان رکيل ايڪڙ ٻيڪڙ ڏيئن جي روشنيءَ سبب هُنن جا پيلا چهرا، هڪدم روشن ٿي ويا. هئڊن ٿيل چهرن تي روشنيءَ جو سرمدي نور ڇانئجي ويو.
ماڻهن کان قرئت وسري ويئي.
سيدنا ابوبڪررضه ڪمري ۾ ڇانيل خوشبودار روشنيءَ مان سمجهي ويا ته آقا ﷺ اچي ويا آهن.
اُن کان اڳ جو نماز ڀڄي پوي
آقا ﷺ فرمايو
”نماز پڙهندا رهو.
مون کي صديق اڪبر جي ساڄي پاسي ويهاريو.“
صديق اڪبر، نماز جي اُمامت ڪندي گهميو ۽ پنهنجي مُصلي تان لهي کاٻي پاسي ٿي ويو.
آقا ﷺ ساڄي پاسي ويهي رهيا.
هاڻ اُمام آقا ﷺ هئا
۽ مقتدي ابوبڪر هو
ابوبڪررضه جيستائين قرئت ڪئي هئي، اُن کان اڳيان ’صاحب قرآن‘ پاڻ ئي قرئت ڪرڻ لڳا.
آواز جهيڻو هو،
پر ٻُڌندڙن لاءِ اهوئي وڻندڙ
جتي تڪبير ٿي چوڻي پئي، اتي سيدنا ابوبڪر ٿي چئي
آقا ﷺ نماز پڙهائي
ڪا ڳالهه مُهاڙ نه ٿي
ساڳئي نموني سيدنا عليرضه ۽ سيدنا عباسرضه جي ڪلهن تي هٿ رکي ٻيهر پنهنجي حجري ۾ هليا ويا،
ماڻهن ۾ اطمينان جي لهر ڊوڙي ويئي،
ته هاڻ آقا ﷺ جي طبيعت بهتر ٿيڻ لڳي آهي
پر ايندڙ ڏينهن چڙهيو
اهو سومر جو ڏينهن هو
12 ربيع الال، يارهين هجري
اهو آقا ﷺ جو هن فاني دنيا ۾ آخري ڏينهن هو،
طبيعت پُرسڪون هئي،
ڪمزوري گهڻي هئي.
فجر جي نماز مهل وري حجري جو پردو لُڏيو
پروانا نماز ۾ بيٺل هئا.
آقاﷺ ٿوري دير عجيب مُحبت وارين نظرن سان پنهنجي مسجد ۾ پنهنجن پروانن کي ڏسندا رهيا.
خاموش
سانت
آقا ﷺ جي مُنهن مبارڪ تي هڪ اَلوهي شان ۽ مُرڪ هئي.
ڪلهن تي ڳاڙهي چادر، اُجرا ڪپڙا، چمڪندڙ ڪاريون اکيون، سونهن جو حسين ترين شاهڪار، مُنهن تي اهڙي مُرڪ، اهڙو ميٺاج، جهڙي نه ڪڏهن ڪنهن ڏٺي نه ٻُڌي هئي.
اُن نور جي نظر جو ڪو مثال نٿو ڏيئي سگهجي.
ڇاڪاڻ ته اهڙو واقعو،سڄي دنيا جي ڪنهن به هستيءَ جي زندگيءَ ۾ نه آيو هو،
نه ايندو.
هڪ شخصيت جي 63 سالن جي زندگيءَ ۾ چاليهن سالن جي صداقت، امانت جي سڄي بستي کان سَند ۽ پوءِ ايندڙ 23 سال خدائي حڪم سان سڄي عربستان جي وکريل واري جي ذرڙن، پٿرين، نوڪدار بنجر جابلو ٽڪرن کي گول ڪري، ڪنهن کي نه چڀندڙ بنائي، هڪ قوم جي وحدت ۾ پُوئي، هڪ خدا جي وحدانيت ۾ سَجائي، خير ۽ برڪت سان ڀريل پنهنجي آخري رسالت تي قائم ڪري، هڪ سگهاري سلطنت قائم ڪري ڇڏڻ، اهڙي سلطنت، جنهن کي ايندڙ ڏهن پندرهن سالن ۾ دنيا جي ٻن وڏين عالمي طاقتن کي ڊاهي پَٽ ڪري ڇڏڻون هو، اهڙن ماڻهن جي تربيت ڪري هڪ ناقابل شڪست، اعليٰ ترين اخلاقي قدرن تي قائم ڪري ڇڏڻ، پوءِ اُن کي پنهنجي زندگيءَ جي آخري صبح جو پنهنجي دروازي مان هڪ نظر ڏسڻ.
اها نظر آقا ﷺ کانسواءِ ٻي ڪنهن جي ٿي پي سگهي.
دروازي جي ٻنهي طاقن کي جهلي، ٿوري دير جي لاءِ آقا ﷺ خاموش بيٺا رهيا
پنهنجن پروانن کي ڏسندا رهيا
خاموش
رڳو آقا ﷺ جون اکيون، مُحبت جي ڪا گهري سوچ سوچي رهيا هئا.
سيدنا صديق اڪبر اُمامت جي جاءِ تان کُڙين سان پويان هٽڻ لڳو ته آقاﷺ جو جهيڻو آواز اُڀريو.
نه هَٽ، نماز جاري رک!
ماڻهو جذبات سبب ٻيهر قبلي کان نظرون هٽائي پنهنجي آقاﷺ کي تڪڻ لڳا.
هر اک لُڙڪن هاڻي
هر چهرو آقا ﷺ کي ڏسڻ کانپوءِ ٽڙيل
۽ آقا ﷺ جو چهرو اهڙو، جهڙو قرآن جو هڪ ورق.
اڇو،
پاڪ پوتر
هيڻو، پر چمڪندڙ،
اهڙو چهرو، جنهن بابت ماڻهو چون ٿا ته پهرين ڪڏهن به آقا صلي الله عليھ وسلم جو اهڙو چهرو نه ڏٺو ويو هو.
ڪجهه گهڙيون آقاﷺ، اُن حجري جي دروازي مان پنهنجي مسجد ۽ پنهنجا نمازي پروانا ڏسندو رهيو. خبر ڪونهي ته انهن ڪجهه گهڙين ۾،
آقا ﷺ پنهنجي ٽيهٺ سالن جي زندگيءَ ۽ معراج پاڪ دوران گذريل نه ڄاتل وقت ۾، ستن آسمانن جي سير جي دوران، زمين جي زندگيءَ کان به ڪيڏي وڏي زندگي گذاري هئي. سڀني آسمانن وٽان لنگهيا هئا. اِهي سمورا پل، گهڙيون، ڪلاڪ، ڏينهن، هفتا، مهينا، سال ۽ صديون، اُنهن ڪجهه گهڙين ۾ ڇا ڇا سوچي گذريا.
يا شايد هاڻي آقاﷺ کي فقط پنهنجي خدا سان ملڻ جو اوسيئڙو هو.
آقا ﷺ دروازي تي بيٺي بيٺي ڪجهه به نه چيو.
پوءِ هڪدم پَردو هيٺ ڪيو،
۽ اندر هليا ويا
آقاﷺ جو سمورو اولاد، ٽي پُٽ، ٽي جوان پَرڻيل ڌيئرون سندن زندگيءَ ۾ ئي چالاڻو ڪري ويون هُيون. سندن فقط هڪ نياڻي اٺاويهن ورهين جي خاتون جنت بي بي فاطمه، جيڪا ڀرسان ئي رهندي هئي، بار بار کيس ڏسڻ ٿي آئي.
تڙپي پنهنجي بابا سان ٿي ملي.
جنهن مهل به سانئڻ فاطمه آئي ٿي، ته سيده عائشهرضه احترام ۾ آقاﷺ کان هٽي بي بي سانئڻ جي لاءِ جڳهه ٿي ڇڏي. کيس خبر هئي ته آقاﷺ کي دنيا ۾ سڀني کان محبوب هستي پنهنجي نياڻي سانئڻ فاطمھ ئي آهي، جن ڏينهن آقا ﷺ ٺيڪ هوندا هئا ته جڏهن به سانئڻ فاطمھ ايندي هئي ته پاڻ سڳوراﷺ اُٿي بيهي سندن آڌر ڀاءُ ڪندا هئا. پنهنجن ڪُلهن تان چادر لاهي، ويهڻ جي لاءِ وڇائيندا هئا. تنهن ڪري ڪنهن کي ڪا سفارش ڪرائڻي هوندي هئي ته اِهي بي بي فاطمھ جي تعظيم ڪندي درخواست ڪندا هئا. پنهنجي درخواست سندن پيرن ۾ رکي آقاﷺ جي حضور ۾ پيش ڪرڻ جي لاءِ چيو ويندو هو.
عرضي جيڪڏهن پيش ٿي ويندي هُئي ته منظور ٿي ويندي هئي.
الله ته اڳ ۾ ئي چئي ڇڏيو هو،
جنهن کي رسولﷺ معاف ڪري، مون کيس معاف ڪري ڇڏيو.
جيڪو رسول جي پيروي ڪري ٿو، اِها منهنجي اطاعت آهي.
جيڪو رسول الله ﷺ ڏي ته اهو وٺو، سمجهو ته مون ڏنو آهي.
الله ته ڪائنات جي سڀني خزانن جون ڪُنجيون آقا صلي الله عليھ وسلم کي ڏيئي ڇڏيون هُيون۽ انهن چاٻين کي، جن جا ڇُڳا، جنهن ”ڪي - رنگ“ ۾ وڌل هئا، ان جو نالو ”خاتون جنت بي بي فاطمھ“ هو.
سيده عائشه کان روايت آهي ته حضور اڪرم ﷺ کي عورتن مان سڀني کان پياري سيده فاطمھرضه ۽ مردن مان سڀني کان وڌيڪ پيارو سندن گهروارو سيدنا عليرضه هو.
آقا ﷺ جي زندگيءَ جي آخري صبح جو سج گهڻو اُداس هو.
8 جون 632ع، 12 ربيع الاول، يارهين هجري.
ايتري گرم ڏينهن جو سج پنهنجي سڄي روشني، چمڪ ۽ تيزي ڪٿي وساري آيو هو.
لڳو ايئن پي ته آسمان جا سڀئي سج
سڀئي تارا
سڀئي چنڊ
اڄ پنهنجي موت جو مَرثيو سوچي رهيا آهن.
اُن ڏکويل، اُداس سج جي روشنيءَ ۾ بي بي فاطمھ تڙپي اچي آقاﷺ جي ڀَر ۾ ويٺي. آقا ﷺ بي چينيءَ مان ڀرسان رکيل پاڻيءَ مان بار بار هٿ پُسائي پنهنجي چهري تي ڦيري رهيا هئا. سانئڻ فاطمھ جون اکيون روئڻ سبب سُڄي ويون هُيون.
ڪُوسن لڙڪن جي هڪ قطار نڪتي،
سانئڻ فاطمھ تڙپي چيو:
”هاءِ منهنجي بابا جي تڪليف ۽ بي چيني.“
آقا ﷺ ٻُڌو.
مٺڙي ڌيءَ ڏانهن نظر کڻي فرمايائين.
”اڄ کان پوءِ تنهنجي بابا کي ڪابه تڪليف نه ٿيندي.“ (بخاري)
پوءِ اشاري سان بي بي فاطمھ کي ويجهو سڏيو.
بي بي سانئڻ ڪَن ڏيئي هوريان هوريان آقا ﷺ جي وات مان نڪتل ڪا ڳالهه ٻڌڻ لڳي.
ڳالهه ٻڌندي، پهرين ته هوءَ روئي پئي. لڙڪ سندس اکين جا بند ڀَڃي سندس چهري تي وهڻ لڳا. چهرو پيلو پئجي ويس. آقا ﷺ ڳالهائيندا رهيا. پوءِ اوچتو آقاﷺ جي ڪا ڳالهه سُڻي بي بي فاطمھ جي چهري تي موجود لڙڪ آسودگيءَ سبب تڙپي چُريا.
منهن جو رنگ مَٽيو ۽ بي بي فاطمھ مُرڪڻ لڳي.
عجيب منظر هو.
هڪ گهڙي اڳ هوءَ روئي رهي هئي
ٻي گهڙيءَ مُرڪڻ لڳي.
پَر ڀرو ويٺل سانئڻ عائشه اهو سڄو منظر ڏسي رهي هئي. هُن بي بي فاطمھ کان ان بابت پڇيو، پر ان ڏينهن بي بي فاطمھ ٻُڌائڻ کان لنوائي ويئي.
پر آقا ﷺ جي هي جهان ڇڏڻ کان پوءِ اهو راز کوليائين.
چيائين: اُن ڏينهن آقا ﷺ ٻڌايو هو
منهنجي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي. آءٌ روئڻ لڳيس.
پوءِ آقا ﷺ فرمايو، پر منهنجي اهل بيت مان سڀني کان پهرين تون ئي مون سان اچي گڏبينءَ. جنهن ڪري آءٌ خوش ٿي ويس. آقا ﷺ جي وڃڻ کان ڇهه مهينا پوءِ سيده فاطمھ به هلي ويئي.
بس اهو صبح هوريان هوريان اُن گهڙيءَ ڏانهن وڌي رهيو هو، جڏهن ٻپهريءَ کان ٿورو پوءِ، آقاﷺ مڪي مان هجرت ڪري، مديني جي چائنٺ قبا تي ڏهه سال اڳ ساڳئي تاريخ ٻارهين ربيع الاول تي پهتا هئا ۽ هڪ وڻ جي ڇانوَ کان ٻاهر اُس ۾ بيهي، استقبال جي لاءِ ايندڙن متوالن مان ان وڻ جي مالڪ کان پڇيو هو.
”جيڪڏهن اجازت ڏيو ته آءٌ ٿوري دير هِن وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهان.“
آقا ﷺ وڻ جي ڇانوَ ۾ ڇا ويٺا.
سڄي جهان کي پنهنجي عاقبت ۽ سلامتيءَ جو ڇانورو ڏيئي ڇڏيو.
آقاﷺ اِهي ڇانوري دار وڻ آهن، جيڪو سڄي ڪائنات جي سڄي زندگي ۾ پهريون ڀيرو زمين تي ڦُٽو، اُسريو، نسريو، وڏو ٿيو ۽ سڄي بني نوع انسانيت جي لاءِ رحمت ۽ ٻاجهه جو سبب بنيو.
اُن ڏينهن آقا ﷺ هن دنيا ۾ آيا هئا،
جڏهن آسمان تي خدا جي ملائڪن چراغان ڪيو هو، ته اڄ ”سراج منير“ زمين تي لاٿو پيو وڃي.
انسانيت جي ڏکن ۽ اَڙيلن جو آڌار انسانن ۽ جنن کي عطا ڪيو پيو وڃي.
هاڻ اها گهڙي اچي رهي هئي.
جڏهن آقاﷺ کي سونپيل ڪم پنهنجي تڪميل تي پهتو هو
مڪمل ڪاميابيءَ سان.
هاڻ ظاهري طور تي، زندگيءَ جو هڪ دنياوي بشري پهلو مڪمل ڪري
آقا ﷺ هميشه جي لاءِ پنهنجي ابدي جاودان زندگي ۾ هميشه هميشه جي لاءِ رحمت العالمين ۽ پنهنجي مڙني صفتن سان گڏ قدرت جي تقاضائن تي ڪنڌ جُهڪائي روپ بدلائڻ وارا هئا.
پهرين مٽيءَ جي لباس ۾ نور هئا.
هاڻ نور، سراسر نور هئا.
گذريل رات آقا ﷺ جي مسجد نبويءَ ۾ تشريف آوري، صبح جو حجري جي دروازي کي جهلي، مسجد ۾ ويٺل پروانن کي خاموش مسڪرائيندو ڏسڻ، مَلڪوتي مُرڪ، ڪُلهن تي ڳاڙهي چادر، قرآن جي ورق جهڙو اُجرو چهرو، روشن اکيون، ماڻهو ڏسي خوش ٿي ويا هئا. اڌ مئل چهرن تي زندگي ڊوڙي ويئي هئي.
ماڻهن سمجهيو ته طبيعت بهتر ٿي ويئي آهي.
سيدنا صديق اڪبررضه پنهنجي ٻي گهر ”سج“ ڏانهن هليا ويا
سيدنا علي به ٻاهر نڪتو. ماڻهن گهيري ورتس ته هاڻ آقاﷺ جي طبيعت ڪيئن آهي. سيدنا عليءَ فرمايو، هاڻ اڳ کان بهتر پئي لڳي.
سيدنا عباس به گڏ هئس.
سيدنا عليءَ جو هٿ جهليائين ۽چيائين
عليرضه خدا جو قسم، ٽن ڏينهن کان پوءِ تون ”عبدالعصا“ (لٺ جو غلام) هوندين، حاڪم ڪو ٻيو هوندو، خدا ٿو ڄاڻي ته آءٌ بنو هاشم جي بُزرگن تي پوندڙ موت جي پاڇن کي پڙهي وٺندو آهيان. وقت بنهه ٿورو اٿئي، اچ ته آقاﷺ کان پنهنجي باري ۾ ڪا وصيت ڪرايون.
سيدنا عليرضه نهڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
هو ته سڀ قديمي پروانا هئا.
هو، شمع رسالت ﷺجي روشنيءَ ۾ ٽيويهه سال هر گهڙي جيئو هو، ٽيٽيهن سالن جي وهيءَ ۾ سيدنا علي ٽيويهه سال آقاﷺ جي نبوت ۽ رسالت ۾ هڪ هڪ گهڙيءَ جو ساٿ ڏنو هو.
سيدنا عليرضه فرمايو، خدا ٿو ڄاڻي ته آءٌ ان باري ۾ آقاﷺ کي هڪ لفظ به نه چوندس.
ماڻهو گهر ان نڪري ڪَمن ڪارين سان هليا ويا.
آقا ﷺ جي طبيعت لمحي لمحي خراب ٿيڻ لڳي.
اٺين جون جو گرم ڏينهن
ٻنپهرن جو وقت.
ننڍو ڪمرو، جنهن جي اٺ فوٽ اوچي ڇت کجيءَ جي ڦڙن ۽ ٽارين تي مٽيءَ جو راڳو ڏيئي ٺاهي ويئي هئي. ڀتيون به ڪچيون، کجيءَ جي ڦڙن ۽ ٽارين تي گپَ جو راڳو ۽ ڇُنڀ ڪري ٺاهيون ويون هيون. فرش ڪچو، ڪمري جي هڪ ڪُنڊ ۾ اٽو ۽ جوَ پيهڻ جي چڪي، ان سان گڏ پاڻيءَ جو گهڙو، ڀت تي لڙڪندڙ پاڻيءَ جي خلي، ڀت جي طاق تي رکيل ٺڪر جا ٻه پيالا.
هڪ کٽ
هڪ ننڍو اوڇڻ، جنهن ۾ کجيءَ جا ڦڙا پيل.
چمڙي جو هڪ وهاڻون، جنهن ۾ پڻ کجيءَ جا ڦڙا.
پٽ تي هڪ رڱيل کل، جيڪا نماز پڙهڻ جي به ڪم ڏيندي هئي
اُتي کٽ جي هيٺان آقا ﷺ جا جوتا پيل
جيڪي اُن گهڙيءَ کانپوءِ آقا ﷺ جي پيرن ۾ پوڻ جي لاءِ سِڪندا رهيا
جيڪي پوءِ ڪڏهن به نه پاتا ويا،
ڇو ته اُن منجهند جو آقاﷺ کي پيرين اُگهاڙو پنهنجي رب جي اڳيان وڃڻو هو.
ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ڇا ٿيڻ وارو آهي.
آقا صلي الله عليھ وسلم جو چهرو پيلو ٿيندو پي ويو. اڇاڻ مائل
نرڙ تي پگهر جا ڦڙا.
آقا ﷺ تي ٿوري ٿوري دير کان پوءِ غشيءَ جا دورا پئجي رهيا هئا.
هڪ گهڙي آقا ﷺ کي هوش آيو.
خوبصورت اکين، سيده عائشه جي چهري کي فوڪس ڪيو ۽ آقاﷺ جو جهيڻو آواز آيو
گهر ۾ جيڪي ست دينار ڪير هديي جا ڏيئي ويو هو،
اِهي خيرات ڪري ڇڏيئي ؟
سيده عائشه، جيڪا آقاﷺ جي ناچاڪيءَ سبب پريشان هئي ۽ ٿوري دير اڳ پاڙي مان رات جو ڏيئو ٻارڻ جي لاءِ تيل اُڌارو وٺي آئي هئي،
کيس ڪهڙي خبر ته
هاڻ سڄي جهان ۾ اونداهي ٿيڻ واري آهي
هاڻ ڏيئو ڪٿي ٻَرندو
بي وسيءَ مان هٿن کي مَهٽيندي وراڻيو
اوهان جي طبيعت ٿوري ٺيڪ ٿئي ته ست ئي دينار ورهائي ڇڏينديس
سانئڻ کي هڪ ڀيري آقا ﷺ جي چيل ڳالهه ياد هئي
اي عائشه! جيڪڏهن آءٌ اشارو ڪريان ته هي جبل احد سڄو سون جو ٿي پوي ۽ مون سان گڏ هلڻ لڳي. پر هي سون جو جبل به جيڪڏهن مون کي ملي ته اهو آءٌ ٻن ئي ڏينهن ۾ ٽڪرا ٽڪرا ڪري ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏيان. مون کي دنيا جي ڪنهن به شئي جي گهرج ڪونهي.
آقا ﷺ جي طبيعت ٻيهر بگڙڻ لڳي.
آقاﷺ سيده عائشه سان جيڪا آخري ڳالهه ڪئي، اها وري به اُنهن ستن دينارن جي هئي. هن ڀيري پاڻ سڳورن جي اکين ۾ عجيب خوف هو. فرمايائون
اهي خيرات ڪري ڇڏ
ڇا آءٌ خدا جي اڳيان ايئن حاضر ٿيان
جو منهنجي گهر ۾ ست دينار پيا هُجن.
سيده جلدي وڃي اهي ست ئي دينار خيرات ڪري ڇڏيا، گهر ۾ هاڻ ٻيو ڪوبه پئسو ڏوڪڙ نه هو. ننڍي ڪمري جي ٻاهر ڪچي مختصر اڱڻ ۾ ڪجهه ٻڪريون ۽ ٻاهر گهٽيءَ ۾ مصر جي بادشاهه پاران موڪليل خچر بيٺو هو، چراگاهه ۾ ڪجهه اٺ ۽ قصويٰ هئي. ڪمري جي ڀت ۾ تلوار لڙڪي رهي هئي ذوالفقار ان سان گڏ ڪنڊيءَ خالي هئي، جنهن ۾ زرهه لڙڪيل هوندي هئي. اها زرهه هڪ يهوديءَ وٽ گروي رکي گهر جي راشن خاطر هڪ ٿانوَ ۾ اڌ صاح (75 ڪلوگرام) جوَ ورتا ويا هئا.
اها هئي منهنجي آقا ﷺ جي ڪُل دنياوي مَڏي.
جڏهن پاڻ سڳورا ٺيڪ هئا ته هڪ ڀيري اصحابين سان گڏ ڪٿي ٻاهر ويٺا ماني کائي رهيا هئا، جو اُتان هڪ پوڙهي مائي لنگهي. آقاﷺ کي ماني کائيندي ڏسي چيائين
ڏسو ته سَهي، ڪيئن نه غلامن سان گڏ ويٺو غلامن وانگر ماني پيو کائي.
آقا ﷺ مُرڪيا
ڏاڍي نوڙت سان پوڙهيءَ کي چيائون
امڙ، مون کان وڌيڪ ٻيو غلام ڪير آهي.
آءٌ پنهنجي پالڻهار جو غلام آهيان.
کانئس روز دعا گُهرندو آهيان
اي الله مون کي مسڪينن ۾ رکج ۽ مسڪينن سان ئي اُٿارج.
اهو آقاﷺ جنهن کي زمين و مڪان، جاءِ ۽ وقت ۽ ستن ئي آسمانن کي هٿ وَس ڪيو ويو هو، اُن خوشيءَ سان غربت ۽ مسڪيني ڌُڻي.
اها هئي منهنجي آقا ﷺ جي ليڊر شپ.
ان ئي اصول تي آقا ﷺ پنهنجي پيروڪارن کي عمل ڪري ڏيکاريو.
اهو ڏينهن موڪلاڻيءَ جو ڏينهن هو.
هوريان هوريان وڇوڙي جي گهڙي ويجهي ايندي ويئي
زمين تڙپي رهي هئي
آسمان روئي رهيو هو.
وڇوڙي جي گهڙي ويجهي اچي رهي هئي
سيده عائشه جي ڪُلهن سان لڳل آقا ﷺ جو جسم هڪدم پيلو ٿي ويو. بخار جي سڄي گرمي ڄڻ سج چوسي ورتي. جسم ٿڌو ٿيڻ لڳو. نرڙ تي پگهر جا خوشبودار ڦڙا اُڀريا ۽ موتين وانگر چمڪڻ لڳا. هٿ پير سفيد ٿيڻ لڳا. ٻانهون کٽ تي ڍَرڪي پيون.
سندن روبرو سيده عائشه جو ڀاءُ عبدالرحمان بن ابوبڪر هٿ ۾ ڏندڻ کڻي اچي بيٺو. آقا ﷺ جون اکيون ڏندڻ تي ڄمي ويون.
سانئڻ ڏندڻ وٺي پنهنجن ڏندن سان چٻاڙي نرم ڪيو ۽ پوءِ آقا ﷺ جي وات ۾ رکيو. آقا ﷺ هڪ ٻه ڀيرا پنهنجي وات ۾ ڏندڻ ڦيريو. جتي وڃڻو هو، اتي اُجري وات سان وڃڻو هو.
پوءِ ڏندڻ وات مان ڪري پيو.
آقا ﷺ ، نظرون آسمان ڏانهن کنيون ۽ فرمايو
”اللهم في رفيق الاعليٰ“
”اي الله! مون کي رفيق اعليٰ تائين پهچائي ڇڏ.“
ٽي ڀيرا، پنهنجي هيڻي اشهد جي آڱر آسمان ڏانهن کڻي اهو ئي چيو.
پوءِ هوريان هوريان مٿي کنيل ٻانهن، سرڪي هيٺ آئي، آقا ﷺ جو قرآن جي صحيفي جهڙو سُهائو چهرو ايئن محسوس ٿيو، ڄڻ پڙهيو پيو وڃي. قرآن جا لفظ پنهنجن ورقن تان آقا ﷺ جي جسم ۾ جذب ٿي ويا.
زمين ۽ آسمان جا سڀ چنڊ، تارا، سج، ڄڻ ڦڙ ڦڙ ڪري ڦِريا ۽ ٽٽي پيا
وڇوڙي جو وقت اچي ويو.
آقا جي اکين جو ”ماه ڪامل“ هوريان هوريان پٿرائجڻ لڳو.
عرب جو چنڊ ﷺ آسمان جي ”ماه ڪامل“ جي اک بنجڻ لڳو.
جنم جنم مان مليل چانڊوڪيءَ کي چنڊ لڳائي ڄڻ ايئن تڪي رهيو هو ته چنڊ نظر نه به اچي، پر چانڊوڪي رهي.
نور وسندو رهي.
آقا ﷺ جي اکين جا چنڊ پٿرائجي ويا،
آسمان تڪيندي، آسمان تي ’رفيق اعليٰ‘ تي ڄمي ويا.
انا الله وانا اليھ راجعون
ڀَر ۾ ويٺل سيدنا علي رڙ ڪَري ڪِري پيو.
بيهوش ٿي ويو.
سيدنا عباس ڇيهون ڇيهون ٿي گوڏن ڀَر زمين تي ويهي رهيو.
سيده عائشه گهٻرائجي اُٿي ۽ احترام مان آقا ﷺ جو ڪنڌ مبارڪ وهاڻي تي رکي ڇڏيائين
عجيب دل ڏاريندڙ رڙيون بلند ٿيون
حجري جي ٻاهر پروانن جا روح سڙي ڀَسم ٿي ويا
ڪوبه بيهي نه سگهيو
ٽنگن هنن جو وزن کڻڻ کان نابري واري ڇڏي
ماڻهو ڪُٺل ڪُڪڙن وانگر ڦڙ ڦڙائڻ ۽هيڏانهن هوڏانهن ڪِرڻ لڳا.
سڀئي چهرا هئڊا ٿي ويل، بدحواس ۽ ڏک ۾ هيڻا ٿي ويل
هرڪو سَڪتي ۾ هو.
سيده فاطمھ زهره ته ان گهڙيءَ ڄڻ ڏک سبب مري ويئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته سيده فاطمھ کي ماڻهن ڇهن مهينن کان پوءِ لحد ۾ لاٿو. آقاﷺ جي وفات کان پوءِ ڪنهن به سيده فاطمھ کي مُرڪندي نه ڏٺو.
سڀني جا هوش اُڏيل هئا
اٺين جون جي روشن ڏينهن ۾، ڏينهن جو هر ڪنهن کي مديني ۾ فقط اونداهي نظر اچڻ لڳي.
ٻنپهرن جو ئي رات آئي هئي
گهڻن جا هوش ۽ هواس ويندا رهيا
سيدنا عمر تلوار مياڻ مان ڪڍي مسجد نبويءَ ۾ اچي ويو. سندن چهري تي ڪو ٻيو جلالي چهرو هو، سندس هٿ ۽ پير ڏڪي رهيا هئا. تلوار لهرائيندي چيائين:
”خبردار
آقا ﷺ فوت نه ٿيا آهن
پنهنجي رب سان ملاقات جي لاءِ ويا آهن
جيئن حضرت موسيٰ عليھ السلام ويا هئا، چاليهن ڏينهن کان پوءِ موٽي آيا هئا
اسان جو آقا ﷺ به ايئن ئي موٽي ايندو.“
سيدنا عمررضه جي ديوانگي عشق جون سرحدون ٽپي ويئي هئي
ماڻهن کي سمجهه نه آئي.
ڪي سيدنا عمررضه جي ڳالهين ۾ اُميد جو ڪرڻون ڳولهڻ لڳا.
ڪي پَٽ تي ويهي سِڏڪڻ لڳا،
ايتري ۾ مسجد نبويءَ جي ٻاهر هڪ تيز ايندڙ گهوڙي جو آواز آيو ۽ پوءِ ڪو اُن تان لٿو
ڪن ماڻهن اوڏانهن ڏٺو
اچڻ وارو، آقا ﷺ جو سڀني کان ويجهو دوست سيدنا ابوبڪررضه هو.
سندس منهن لٿل هو
اکين مان لُڙڪ ويهي رهيا هئا
ڄڻ جيئري ماڻهوءَ تان کل لاٿي ويئي هجي
پاڻ، جلدي حجري ۾ ويا
آقاﷺ کي بستري تي ايئن ليٽيل ڏسي کانئس رڙ نڪري ويئي،
منجهس هڪ وک هلڻ جي به سگهه نه رهي،
اهو جيڪو يار غار هو
جيڪو هجرت جو ساٿي هو،
جنهن کي هنج ۾ وٺي رات جو غار ۾ سُمهاريو هو.
اڄ اڪيلو ئي آرامي هو
ڪمري ۾ سڏڪا تڙپڻ لڳا
سيدنا صديق اڪبر، آقاﷺ جي مُنهن مبارڪ تان چادر هٽائي نوراني چهري تي نظر وڌائين.
سندس اکين مان لڙڪ تڙپيا ۽ آقاﷺ جي خاموش روشن چهري تي سِرڪي پيا. سيدنا ابوبڪر آقاﷺ جي چهري تي جُهڪيا. ادب مان پيشاني چميائين ۽ روئندي چيائين:
”منهنجو ابو امان اوهان تان قربان
خدا جو قسم،الله اوهان تي ڪڏهن به ٻه موت گڏ نه ڪندو
اهو موت جيڪو اوهان جي لاءِ لکيل هو، اوهين اُن جو ذائقو چکي چڪا.“ ]بخاري[
سيدنا ابوبڪر حجري مان ٻاهر آيا
ماڻهن جو ڏک سبب حال هيڻو هو،
سيدنا عمررضه جي ڳالهين جي ڪري ڪي ماڻهو ٻُڏتر جو شڪار هئا
سڀ ڏَڪي ۽ روئي رهيا هئا.
سيدنا ابوبڪررضه سڀني ماڻهن کي مُحبت ۽ ڏک مان ڏٺو ۽ پنهنجي اکين مان وهندڙ لڙڪن کي وهڻ ئي ڏنو. اُگهيو ڪونه.
پوءِ سَڏ ڪيو
”عمر هيڏانهن اچ!“
سيدنا عمررضه ته هوش ۾ هو ئي ڪونه
نه آيو
ويهي رهو. سيدنا ابوبڪر، عمر کي چيو.
هو تلوار کڻي بيٺو رهيو، ويٺو ڪونه.
ماڻهن سيدنا ابوبڪر ڏانهن ڌيان ڌريو.
سيدنا ابوبڪررضه ماڻهن کي مخاطب ٿيو ۽ چيائين:
بيشڪ جيڪو شخص محمد ﷺ جي پوڄا ڪندو هو، اُهو ڄاڻي وٺي ته محمدﷺ گذاري ويا آهن ۽ جيڪو شخص الله جي عبادت ڪندو هو، اهو سمجهي وٺي ته الله جيئرو آهي ۽ سدائين جيئرو رهندو.
پوءِ سيدنا ابوبڪر، قرآن پاڪ جون آيتون پڙهيون:
”۽ محمد (ﷺ) رسول آهي. اوهان کان اڳ به رسول گذري چُڪا آهن. سو جيڪڏهن اهو گذاري وڃي يا شهيد ٿي وڃي ته ڇا اوهين پوئينءَ پير ڦرندؤ ۽ جيڪو پوئينءَ پير ڦرندو به ته خدا جو ڪوبه نقصان نه ڪندو ۽ خدا جلد ئي حق شناس ماڻهن کي اجر ڏيندو. (آل عمران 3/144)
ماڻهن ۾ خاموشي ڇانئجي ويئي.
هنن جا تيز ساهه ۽ بي ربط نسون سڄي ماحول ۾ وڄڻ لڳيون. هنن جا جسم لڙڪن سبب پُسي ويا.
سيدنا عمررضه جون اکيون کلي ويون
اکين جون ماڻڪيون ڦِرڻ لڳيون،
مُنهن هئڊو ٿي ويس.
مٿي ۾ ڀنواٽي اچي ويس
ٽنگن ۾ رت ڄمي ويس
هو پنهنجو جبل جهڙو بُت کڻي ڌڙام سان پَٽ تي ڪري پيو، کيس ايئن لڳو ڄڻ هن قرآن جي اها آيت پهريون ڀيرو ٻُڌي هُجي.
بيبي فاطمھ کان اکر به نه اچي اُڪليو
پر هوريان هوريان فرمايائين
”اي منهنجا مٺڙا بابا... توتي الله پنهنجون رحمتون وسائي ۽ تنهنجي آل تي. سڀئي ساراهون اُن الله جي لاءِ آهن، جيڪو جهانن جو رب آهي، اي منهنجا مٺڙا بابا! اسين تنهنجي وصال جي خبر جبرائيل عليھ السلام کي ڏيون ٿا.“
آقا ﷺ جي طبيعت ۾ وقتي بهتري ڏسي، سيدنا اُسامه جو لشڪر مديني کان ڪجهه ميل پرڀرو ’جرف‘ واري هنڌ تي پهچي چڪو هو. کين اتي اها هانءَ ڦاڙيندڙ خبر ملي، سڀ ڀڄندا واپس آيا.
اسلامي مملڪت جي جانشين جو مسئلو حل ٿيو. انصاري خزرج جي سردار سعد بن عباده سان گڏ مديني جي هڪ پاڙي ”سقيفه بنو ساعده“ ۾ گڏ ٿيل هئا. اوس جو سردار اسيد بن حضير، سيدنا ابوبڪر، سيدنا عمر ۽ ٻين اڪابرين کي ساڻ ڪري اُتي پهتو ته جيئن بعد ۾ ڪو مونجهارو پيدا نه ٿئي. اوس جي سردار حضير بن اسيد مختصر ڳالهايو ته اوهين سيدنا ابوبڪر جو، آقا ﷺ سان لاڳاپو ڄاڻو ٿا. آءٌ کين رسول جي خليفي طور نامزد ڪريان ٿو.
سيدنا اڳتي وڌي سيدنا ابوبڪر جي هٿ تي هٿ رکيو ۽ فرمايو.
آءٌ بيعت ڪريان ٿو
سڀئي هٿ وڌايا
سڀني بيعت ڪري ورتي
اُنهن سڀني ۾ سيدنا ابوبڪر رضه بي چين هو.
لڙڪ لارون ڪري وهي رهيا هئس
جسم ڏڪي رهيو هُئس
چيائين: جيستائين، آءٌ خدا ۽ رسول ﷺ جي پيروي ڪريان، تيستائين اوهين منهنجو حڪم مڃجو، پر جڏهن مون کي اُن کان ڦِرندي ڏسو ته منهنجي گلي مان جهلجو.
اهو ئي ابوبڪر جڏهن مسلمان ٿيو هو، ته سندس اثاثو چاليهه هزار درهم هو. اڍائي سالن جي خلافت، اسلامي مملڪت جي سربراهه بنجي رهڻ کان پوءِ فوت ٿيو ته اثاثو وڃي ٻُڙي بچيو هئس.
منهنجي آقا ﷺ جو اثاثو ته ٻُڙيءَ کان به گهٽ هو
ڪجهه به نه هو.
سندن زرهه گروي رکي اناج ورتو ويو هو
جيڪو مليو اهو واپس ڪري ويا
ورهائي ويا.
نه پنهنجي لاءِ نه وري پوين لاءِ ڪا ملڪيت مَڏي ڇڏيائون.
فرمايائون: نبيءَ جي ڪابه ميراث نه هوندي آهي.
نبيءَ جي ميراث ته درود ۽ سلام آهي، جيڪو قيامت تائين کين ۽ سندن آل تائين پهچندو رهندو.
اُن کان وڏي ملڪيت ڀلا ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي.
تدفين جي لاءِ طئي ٿيو ته جتي نبي وفات ڪندا آهن، اُتي ئي دفن ٿيندا آهن.
اهو ئي سانئڻ عائشه جو حجرو دفنائڻ جي لاءِ چونڊيو ويو.
غسل ڏيڻ مهل فقط ويجها مِٽَ ۽ مائٽ هئا.
سيدنا عليرضه ابن ابي طالب جسم مبارڪ کي مَهٽي رهيا هئا. لڙڪن جي پاڻيءَ سان، سيدنا عباس ۽ سندن ٻه پُٽ فضل ۽ قثم پردو ڪري بيٺا هئا. اسامه بن زيد ۽ هڪ غلام شقران پاڻي وجهي رهيا هئا.
غسل جي دوران چؤڏس خوشبو جو واسو هو،
سيدنا عليرضه چوڻ لڳو
منهنجو ابو ۽ امان اوهان (ﷺ ) تي قربان
جيئري به هن جسم مبارڪ مان خوشبو ايندي هئي ۽ هاڻِ به.
ٽن عام ڪپڙن ۾ ڪائنات جي روح کي ڪفن ڏنو ويو.
مديني جي رواج موجب لحد واري قبر سيدنا ابوطلحه انصاريءَ کوٽي، مڪي ۾ بغلي قبر جو رواج هو. ڪن جي راءِ هئي ته مڪي نموني جي ته ڪن جي راءِ هئي ته مديني جي نموني واري قبر کوٽي وڃي. سيدنا عمر چيو ته بحث مناسب ڪونهي. ٻنهي قسمن جون قبرون کوٽيندڙن کي سڏيون ٿا، جيڪو اڳ ۾ ايندو، اهو کوٽيندو، مڪي وارو سيدنا ابوبڪر عبيده بن الجراح ڪٿي پَري هو، مديني مان ابو طلح ڀڄندو آيو.
آقا ﷺ جو مديني وارن سان جيئن،
گڏ مرڻ،
قبر سان گڏ قبر
رت سان گڏ رت جو جيڪو وعدو ڪيل هو، اُهو پورو ٿيو،
نه رڳو، پر قبر جي ساخت به اهائي رهي، جيڪا مديني ۾ رائج هئي.
هاڻي اها ڪنهن جي مجال هئي جو رسولﷺ جي جنازي جي اُمامت ڪري، ماڻهو ننڍين ننڍين ٽولين ۾ اچي اُمام الانبياء ﷺ جي لاءِ جنازي نماز پڙهندا رهيا. لڳ ڀڳ ٽيهه هزار ماڻهن اتي ڪمري ۽ ان جي ڀت جي ٻاهر انفرادي انداز ۾ اچي جنازي نماز پڙهي.
سومر تي آقا ﷺ رفيق اعليٰ طرف ويا.
اڱارو ۽ اربع جنازي نماز ٿيندي رهي.
اربع جي رات تدفين ٿي
اڌ رات جو ڪوڏارن جي ايندڙ آوازن جي ڪري حجري ۾ موجود ۽ روئي روئي اڌ مُئل ٿيل ازواج مطهرات ۽ اُجڙيل ۽ روئي روئي اکيون سڄي ويل سيده فاطمھ ڏڪڻ لڳيون.
هو سمجهي ويون
هاڻ اهو ماه ڪامل، اهو تاجدار حرم، اهو ڪائنات جي گاڏيءَ کي سنئين واٽ ڏيکاريندڙ هادي رهبرﷺ ، مڻين مٽيءَ جي هيٺان لڪايو پيو وڃي. زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ جيڪي ڪجهه آهي، اهو جنهن جي صدقي جوڙيو ويو، ان کي ان ئي مٽيءَ جي ذرڙن ۾ لڪايو ويو.
صبح جو رئندڙ ۽ سُڄيل اکين سان، سانئڻ فاطمھ خاتون جنت، آقاﷺ جي غلام سيدنا اَنس جي هٿن تي آقاﷺ تي وڌل مٽي ڏٺي ته روئندي پُڇڻ لڳي.
”انس! توکان اهو ڪيئن سَٺو ٿيو ته آقا صلي الله عليھ وسلم جي سڳوري جسم تي پنهنجن هٿن سان مٽي وجهين.“
سيدنا انس رڙ ڪري روئي پيو.
روئندي روئندي ڪري پيو.
پوءِ ٻنهي هٿن جون مُٺيون کولي سانئڻ کي ڏيکاريائين ۽ عرض ڪيو
’سانئڻ! مون اها مِٽي ڇَنڊي ڪونهي.‘
اُن مٽيءَ جي هڪ هڪ ذري ذري ۾ آسمان جي چنڊ، سج ۽ تارن کان وڌيڪ خوشبختي آهي، هيءَ اسان جي آقا جي آرام واري جاءِ جي مٽي آهي. قبر مبارڪ جي اندر ته اهائي سندس ڪلهن تي پيل ڳاڙهي چادر آهي ۽ مٿان هيءَ متبرڪ مٽي.
اُن مٽيءَ کان وڌيڪ دولت زمين، آسمان ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ ڪٿي به ڪونهي.
خبر ڪونهي ته روئندڙ رڙندڙ اُجڙيل اکين واري آقا صلي الله عليھ وسلم جي غلام سيدنا انسرضه اهي سڀ ڳالهيون ڪيون هيون، يا نه؟
پر اهو سچ آهي،
ته صديون پوءِ
آقا ﷺجي هڪ قديمي عقيدت مند جي آقا ﷺ جي قبر مبارڪ تان کنيل مُٺ جيتري مٽيءَ مان هڪ چپٽي مِٽيءَ مون جهڙي حقير، بيڪار گناهه گار کي ملي ويئي، جنهن مٽيءَ جي هڪ هڪ ذري جي اڳيان آسمان جا سڀ سج، چنڊ ۽ تارا هيچ آهن.
اُن مٽي کي ڪن سان لڳائي، مون آقاﷺ جي سڄي ڪهاڻي ٻُڌي ۽ خدا لکرائي ڇڏي. اُن مبارڪ مٽيءَ جي چَپٽيءَ جي ڪهاڻي پنهنجي ايندڙ ڪتاب ”اعتڪاف“ ۾ انشاءَ الله خدا سگهه ڏني ته لکندس. اهو ”اعتڪاف“ جيڪو مسجد نبويءَ ۾ ڪيم ۽ عيد جي خرچيءَ ۾ اها ڀاڳن واري مِٽي ملي.
هزارين درود ۽سلام هُجن
منهنجي مِٺڙي آقا ﷺ تي
جيڪو پنهنجن پروانن
پنهنجن چاهيندڙن
جي هر سلام جو جواب ڏي ٿو.
ياد ڪندڙن کي ياد رکي ٿو
۽ جيڪو آقا ﷺکي ياد هُجي
اُن کي ڀلا زمانو ڪيئن ٿو وساري سگهي.

[ترجمو پورو ٿيو. يارهن لڳي پنجونجاهه منٽ، گورنمنٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ذيل پاڪ، لطيف آباد، حيدرآباد،. اربع 31 آڪٽوبر، 2018ع]

پَس نوٽ

پَس نوٽ

ڪَسيرو ڇا ڪَڻي به نه آهيان!
]سنڌ يڪار پاران[

اڄ ايڪٽيهين آڪٽوبر 2018ع اربع جي ڏينهن مالڪ مهربان جي ڪرم نوازيءَ سان مون ”آقا ﷺ “ جو ترجمو پورو ڪيو.
آقا ﷺ جي ترجمي جي شروعات مون ٻه سال اڳ 30 آڪٽوبر 2016ع تي ڪئي هُئي.
اڄ جڏهن ترجمو پورو ڪري، ترجمي شروع ڪرڻ جي تاريخ ڏٺم ته حيرت ٿيم ته ترجمي جي شروعات پورا ٻه سال اڳ 30 آڪٽوبر تي ڪئي هُيم.
آقا ﷺ جي هن ترجمي جي ڪهاڻي به عجيب آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته روز ترجمو ڪندو هئس ته ڪڏهن وري ترجمي ۾ ڏينهن جا ڏينهن، هفتن جا هفتا ۽ مهينا به وٿي پئجي ويندي هئي.
اُن دوران منهنجي زندگيءَ ۾ عجيب ۽ هنگامه خيز موڙ آيا. پريشانين مُنهن ڪڍيو، ويرين مُون تي وار ڪيا.
ڪيس ڦڏا ڪيائون، گرفتار ڪيو ويس. لاڪ اپ جي عذاب ناڪ ماحول ۾ ڌپَ ۽ مڇرن جي يلغار ۾ راتيون گذاريم.
مُنهنجا ٻه پُٽ منظر ۽ سمير لاڪ اپ ۽ پوءِ سينٽرل جيل حيدرآباد جو مُنهن ڏسي آيا.
منهنجي گهرواري، منهنجي نياڻي، مُنهنجي ٽي پُٽ شهزاد ۽ مون تي ڪيس داخل ڪيا ويا.
شهزاد کي به پوءِ گرفتار ڪري سينٽرل جيل ڏيکاريوا ويو.
ڪيس هليو، انڪوائري ٿي ۽ ڪوڙو ثابت ٿيو.
اُن سڄي عرصي دوران ڊوڙ ڊوڙان، ضمانتن لاءِ ڀَڄ ڊُڪ، ڪڏهن ڪورٽن جا چڪر ڪاٽڻ ته ڪڏهن ٻن ڌار ڌار جيلن ۾ قيد ٻنهي پُٽن سان ملاقاتن تي وڃڻ، سندن گُهربل گُهرجون پوريون ڪرڻ، مالي تنگي، اڪيلو ماڻهو، سڀ ڪجهه الله جي آسري تي، جنهن محبوب مِٺي آقا ﷺ جي صدقي گهڻين تڪليفن مان اُڪاري پار ڪيو.
باقي جيڪي رهيل آهن، اِهي به انشاء الله جلد ختم ٿي وينديون.
الله تعاليٰ مون کي سُٺا ۽ مهربان دوست ڏنا، جن منهنجي مدد ۾ زمين ۽ آسمان هڪ ڪري ڇڏيو. کين اُن جو اَجر الله ئي ڏيندو، مون وٽ کين ڏيڻ لاءِ فقط دعائون ئي آهن.
اُن سڄي عرصي دوران منهنجي ذهن ۾ آقا ﷺ جي ترجمي کي جلد پورو ڪرڻ جو خيال حاوي رهيو.

سيرت رسول الله ﷺ جو مطالعو مونکي سدائين مَرغوب رهيو آهي. مون کي جڏهن به، جتي به سنڌي يا اردوءَ ۾ ”سيرت“ رسول ﷺ تي لکيل ڪو ڪتاب نظر آيو ته مون اهو نه رڳو وڏي شوق سان خريد ڪيو، پر وڏي ڌيان سان پڙهيو ۽ سيرت تي لکيل هر ڪتاب جي مطالعي کان پوءِ آءٌ سيرت پاڪ جي نون نون پهلوئن کان واقف ٿيس، مُنهنجي اڳيان سيرت پاڪ بابت نوان نقطا نروار ٿيا. آءٌ سيرت پاڪ جي ذريعي ئي ”قرآن پاڪ“ ڏانهن رجوع ٿيس، اُن سلسلي ۾ آءٌ مولانا ابوالڪلام آزاد جي هنن لفظن جو سهارو وٺندس:
”ماڻهو قرآن جي مطالعي سان سيرت طرف اچن ٿا ۽ آءٌ سيرت جي مطالعي سان قرآن طرف موٽيس ته منهنجي دل ۽ دماغ جو هر ڪَنڊو صاف ٿي ويو ۽ الله جي فضل سان انڪار ۽ الحاد جي رڻ پَٽ مان نڪري آيس.“
سڄي دنيا ۾ ”سيرت رسول“ﷺ تي هر ٻوليءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن، جن جو انگ معلوم ڪرڻ مشڪل آهي ۽ اهو سلسلو اڄ ڏينهن تائين جاري آهي ۽ قيامت تائين جاري رهندو.
پاڻ سڳورن ۽ سندن تعليم جي باري ۾ اسان وٽ ٽن ذريعن وسيلي معلومات پهتي آهي. (1) قرآن پاڪ (2) حديث (3) المغازي- يعني شروعاتي دور ۾ پاڻ سڳورن جي باري ۾ لکيل ڪتاب.
مٿين ٽنهي ذريعن مان مرڪزي ماخذ يا معلومات جو وسيلو ”قرآن“ آهي، جيڪو 23 سالن جي عرصي ۾ 610ع کان وٺي 632ع تائين يعني پاڻ سڳورن جي وصال تائين نازل ٿيو. اُن جي 114 سورتن ۾ پاڻ سڳورن جي بعثت، شروعاتي حالتن، عهد رسالت جي تعليم، غزوات ۽ خانگي زندگيءَ بابت ٿورو ٿورو ذڪر آهي.
قرآن ٿورو ٿورو ٿي آيتن ۽ سورتن جي شڪل ۾ پاڻ سڳورن تي نازل ٿيو ۽ اُن ۾ ڪڏهن ڪڏهن وحي مڪي يا مديني ۾ ڪنهن خاص صورتحال بابت آئي ۽ قرآن ۾ الله تعاليٰ پاڻ سڳورن تي تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏنو، هر ڀيري وحي اچڻ تي اصحابي سڳورا اها ياد ڪري ۽ لکي وٺندا هئا. قرآن پاڪ جي پهرين باقاعده تدوين پاڻ سڳورن جي وصال کانپوءِ 650ع ۾ ڪئي ويئي، اُن وقت کان وٺي قرآن کي قانون ۽ ضابطي جي حيثيت حاصل ٿي.
اُن سلسلي جو ٻيو ذريعو ”حديث“ آهي. يعني پاڻ سڳورن جا اِهي قول يا چوَڻيون، جيڪي پاڻ سڳورن، قرآن کانسواءِ فرمايون. حديثون رسول الله ﷺ جي عملن (سنت) ۽ قولن (چوڻين) ٻنهي تي مشتمل آهي. اهڙي طرح رسول ﷺ جي سُنت به پاڻ سڳورن جي عملن ۽ قولن جو احاطو ڪري ٿي.
حديثن جا اهڙا ڇهه ڪتاب يا مجموعا عام طور تي مُستند مڃيا وڃن ٿا، جن کي ”صحاح سته“ چيو وڃي ٿو. اُن سلسلي ۾ جيڪو قدر جوڳو ڪم ٿيو، اهو امام بخاريءَ ڪيو، جنهن وڏي محنت ۽ جاکوڙ کان پوءِ حديثن جو ڪتاب ”صحيح بخاري“ ترتيب ڏنو، جنهن ۾ 96 باب آهن. امام بخاريءَ جو زمانو پاڻ سڳورن جي وصال کان ٻه سئو سال پوءِ جو آهي. اُمام بخاريءَ جي ڪم جي تڪميل کان پنج يا ڇهه سال پوءِ امام ابن المجاج القيسر مسلم (261هه/878ع) پنهنجو ڪم منظر تي آندو. اُن کانسواءِ ابو عبدالله ابن يزيد ابن ماجول (273هه/996ع) سليمان ابو دائود (278هه/888ع) ابو عيسيٰ ترمذي (279هه/883ع) ابو عبدالرحمان نسائي (303هه/918ع) پنهنجو ڪم منظر عام تي آندو.
مٿين ڪتابن کانسواءِ امام مالڪ جو ڪتاب ”موطا“ به حديثن جو اهو ڪتاب آهي، جنهن کي ڪي عالم ”صحاح سته“ ۾ شامل ڪن ٿا ته ڪي وري ان ڳالهه تي زور ڀَرين ٿا ته اهو ”مقام“ ابن ماجه کي ملڻ گهرجي.
اُن سلسلي جو ٽيون ذريعو سيرت جا اهي ڪتاب آهن، جيڪي لڳ ڀڳ انهيءَ ئي دور يعني اٺين ۽ نائين صديءَ ۾ پهرين مسلمان مورخن پاڻ سڳورن بابت لکڻ شروع ڪيا، اُنهن ۾ محمد ابن اسحاق (وفات 767ع)، محمد ابن عمر واقدي (وفات 820ع جي لڳ ڀڳ) محمد بن سعد (وفات 845ع) ۽ ابو جرير الطبري (وفات 923ع) شامل آهن.
مٿين ڪتابن مان سڀني کان قديم ماخذ محمد ابن اسحاق جو ڪتاب ”المغازي“ آهي، جيڪو پاڻ سڳورن جي وصال کان هڪ سئو ويهه سال پوءِ لکيو ويو.
اُن سلسلي ۾ ڊاڪٽر محمد حميد الله لکي ٿو:
”مسلمانن گهڻو اڳ پيغمبر اسلام حضرت محمد ﷺ جي سوانح حيات لکڻ شروع ڪري ڏني هُئي، ڪجهه سوانح عمريون صحابي سڳورن جي دور ۾ تيار ٿيون، جن ۾ پهرين ته پاڻ سڳورن جي جنگي ۽ تبليغي مهمن کي موضوع بنايو ويو ۽ پوءِ انسانيت جي وسيع تر ڀلائيءَ ۽ سُڌاري خاطر پاڻ سڳورن جي ڪمن ۽ ڪارنامن تي لکيو ويو، پهرين صدي هجريءَ ۾ حديث جي حوالي مان جيڪو ڪم ٿيو هو، اهو مڪمل طور تي منظرعام تان غائب ٿي ويو ، پر ان دور ۾ پاڻ سڳورن جون لکيل سوانح عمريون عملي طور تي سدائين جي لاءِ غائب ٿي ويون. اُن حوالي سان قديم ترين ڪم جيڪو اڃا تائين موجود آهي. اهو ابن اسحاق (وفات 151 هجري) جي اڻ پورن حصن تي مشتمل ڪم آهي، جيڪو قرويين (فيض) ۽ زاهيريه (دمشق) جي لائبريرين ۾ موجود آهي. ابن اسحاق جي هم مڪتب موسيٰ ابن عقبه جيڪو پوءِ جو ليکڪ آهي، اُن جا لکيل ڪجهه اقتباسات برلن ۾ موجود آهي، جيڪو ڪم اسان تائين تڪميل ٿيل صورت ۾ پهتو آهي، اُن ۾ مغازي (مخطوطه برٽش ميوزيم) ۽ رده (مخطوطه بانڪي پور هندستان) از الواقدي (وفات 207هه) شامل آهن. اسين ابن هشام (وفات 210 هجري) جا ٿورائتا آهيون، جنهن ابن اسحاق جي ڪم جي ٻنهي حصن کي نئين سر ترتيب ڏيئي، ان کي هڪ ڪتاب ”سيرت رسول اللهﷺ “ جي شڪل ۾ محفوظ ڪيو آهي. ان کي ڪيترائي ڀيرا ايڊٽ ڪيو ويو آهي. ابن سعد (وفات 320 هجري) به گهڻي اهميت وارو آهي، ڇو ته هُن پنهنجي ضخيم ڪتاب سوانحي لغت ”طبقات“ ۾ نه رڳو پاڻ سڳورن ﷺ جي باري ۾ لکيو آهي، پر پاڻ سڳورن ﷺ جي ساٿين يعني صحابه ڪرام جي باري ۾ پڻ لکيو آهي.“
سيرت نگاريءَ جي سلسلي ۾ سنڌي عالمن جون خدمتون به ڪنهن کان ڳُجهيون ناهن. اُن سلسلي ۾ مرحوم غلام رباني آگرو ٽه ماهي مهراڻ جي ”سيرت نمبر“ جولاءِ- ڊسمبر 1980 ۾ پنهنجي مضمون ”سيرت جي ڪن اهم ڪتابن جو مختصر جائزو“ ۾ لکي ٿو:
”سڄي دنيا جي اسلامي تاريخ ۾ سيرت نگاريءَ جي پهرينءَ صف ۾ دنيا جا فقط تيرهن عالم شمار ڪيا وڃن ٿا، سنڌ پهرينءَ صف ۾ موجود آهي. دنيا جي هاڪاري ڪتاب ”طبقات“ جي مصنف ”ابن سعد“ جي اُستاد الواقدي جو اُستاد ”ابو معشر“ سنڌي هو. هو دنيا جي پهرين سيرت نگار ”ابن اسحاق“ جو همعصر هو. کيس عام طرح سان ”السندي“ سڏيو ويندو هو. بغداد ۾ دفن ٿيل آهي، سندس جنازي نماز خليفي هارون رشيد پڙهائي هُئي. کيس عام طرح سان ”السندي“ سڏيو ويندو هو. مغازيءَ جي روايتن ۾ کيس ”سَند“ جو درجو حاصل هو. امام احمد بن حنبل کيس ”بصيرت في المغازي ]مغازيءَ ۾ بصيرت رکندڙ[ ڪوٺي ٿو. الخاطي جو خيال آهي ته ”السندي“ جو علم ۽ تاريخ ۾ خاص مقام آهي.
ابو معشر ڪتاب ”المغازي“ به لکيو هو. اُن ڪتاب جا ڪيترائي اقتباس ”واقديءَ“ جي ڪتاب ”المغازي“ ۾ موجود آهن. ’ابن سعد‘ وٽ سيرت جا ڪتاب ڏسي اهو به اندازو ٿئي ٿو، ته ابو معشر رسول الله جي مڪمل حياتيءَ بابت روايتون گڏ ڪيون هيون.“
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، پنهنجي هڪ مقالي ”علم سيرت جي اوسر ۽ ارتقا سنڌ ۾“ ابو معشر السنڌيءَ بابت لکي ٿو:
”هن خطي سنڌ جو اهو پهريون محدث آهي، جنهن جي هڪ ئي وقت حديث ۽ سيرت سان نسبت رهي. هن کي به مُحمد بن اسحاق وانگر ”امام السيرو المغازي“ سڏيو ويندو آهي.
جيتوڻيڪ ابو معشر سنڌي ءَ جي شاگرد واقديءَ بابت محدثن وٽ ڪا چڱي راءِ ڪونهي، سندس باري ۾ اُمام احمد بن حنبل کيس ڪوڙو ۽ امام بخاريءَ کيس متروڪ الحديث چيو. نسائي ته سندس باري ۾ چيو ته ”رسول الله تي ڪوڙ ڳالهائڻ وارن مان مديني ۾ واقدي ۽ خراسان ۾ مقاتل بن سليمان هو.“
واقديءَ جي سيرت پاڪ جي حوالي سان واقعن جي ڪيل بي احتياطيءَ جي ڪري، مستقل ۾ سيرت جي ڪيترن ئي واقعن جي گڏ وچڙ ٿي وڃڻ سبب ڪافي مونجهارا ۽ غلط فهميون پيدا ٿيون، جن کي بنياد بنائي يورپ جي متعصب عالمن پاڻ سڳورن جي باري ۾ تعصب تي ٻَڌل ڪتاب لکيا.
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جي تحقيق موجب سنڌ جي جن ٻين عالمن سيرت پاڪ تي ڪم ڪيو، اُنهن ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ئي سنڌي ٻوليءَ ۾ سيرت تي پهريون ڪتاب لکيو ۽ اهو ڪتاب ”قوت العاشقين“ آهي. علامه جي لکڻ موجب:
”مخدوم محمد هاشم سنڌي، هتي جي سهڻي ۽ سلوڻي ٻوليءَ ۾ نظم فرمايو. برصغير جي رائج ٻولين مان سيرت تي اهو پهريون ڪتاب آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو، هن ۾ حضور ﷺ جي سيرت پاڪ مان رڳو معجزن تي تحقيق ڪئي وئي آهي ۽ هن ۾ حضور پاڪ ﷺ جن جا 160 معجزا پوريءَ تحقيق ۽ سَند سان بيان ڪيا ويا آهن. هن ڪتاب جي اها خوبي آهي جو مخدوم صاحب ڪيترين جاين تي پنهنجي عربي مدحيه قصيدن ۽ مناجاتن کي به ڪتاب ۾ آڻي، اُن کي ڏاڍو سوادو بنايو آهي. ڪيترين ئي جاين تي نبي ﷺ جي وڏن ساٿين ۽ صحابه سڳورن جي سيرت ۽ فضيلت تي حديثون آڻي، انهن جي سمجهاڻي ڏني آهي.“
هي ڪتاب پهريون ڀيرو ڪرائون سائيز جي 380 صفحن تي، 1950ع ۾ حيدرآباد سنڌ مان ڇپجي پڌرو ٿيو.
علامه غلام مصطفيٰ جو مٿيون مضمون پڙهندي مون کي خيال آيو ته جيتوڻيڪ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو مٿيون ڪتاب ”قوت العاشقين“ سنڌي ۾ لکيل پهريون ڪتاب آهي، جيڪو مخدوم صاحب 1127 هجريءَ ۾ تاليف ڪيو، پر اهو ڇپيو گهڻو پوءِ . پر سنڌيءَ ۾ سيرت تي پهريون ڪهڙو ڪتاب هو جيڪو ڇاپي هيٺ آيو، اُن سلسلي ۾ ڪتابن ۽ رسالن جا ورق ورائيندي، منهنجي نظر سه ماهي مهراڻ جي سيرت نمبر (جولاءِ- ڊسمبر 1980ع) ۾ ڊاڪٽر گل حسن لغاريءَ جي مضمون ”سيرت پاڪ تي لکيل سنڌي ڪتابن جي فهرست“ تي پئي، اُن مضمون ۾ لغاري صاحب 1980ع تائين سنڌيءَ ۾ ڇپيل ڪتابن جي فهرست مرتب ڪئي آهي، سندس اُن فهرست موجب 1980ع تائين، سنڌيءَ ۾ ڇپيل ٽوٽل 165 ڪتاب ڄاڻايا ويا آهن، اُن هوندي به ڊاڪٽر لغاريءَ جي لکڻ موجب:
”مون پنهنجي وس آهر ڪتابن جي تلاش ڪئي آهي، تنهن هوندي به ممڪن آهي ته سيرت پاڪَ تي لکيل ڪتاب اڃا به موجود هجن، ۽ منهنجي نظر مان نه گذريا هجن.“ (صفحو 399-400)
ڊاڪٽر گل حسن لغاري اها فهرست وڏي محنت سان تيار ڪئي آهي ۽ اُن ۾ پاڻ سيرت رسول ﷺ تي نثر توڙي نظم جا ڪتاب، مولودن، مناجاتن، معجزن، ٽيهه اکرين جا ڪتاب به ڄاڻايا آهن، اُن کانسواءِ درودن جا ڪتاب ”برڪات الصلواة“ وغيره به ڏنا اٿس.
اُن فهرست ۾ جيڪي ٻه ڪتاب سڀ کان پهرين سال 1911ع ۾ ڇپيل نظر اچن ٿا، انهن مان پهريون حڪيم فتح محمد صغير سيوهاڻيءَ جو ”فتح محمدي“ ۽ ٻيو لالچند امرڏنو مل جگتياڻي جو، ”محمد رسول الله عرف حضرت محمد جي حياتيءَ جو احوال “ آهن. لال چند امر ڏنو مل پهريون سنڌي هندو هو، جنهن مذهبي ڀائيچاري ۽ رواداري جو اصول اختيار ڪندي ”سيرت“ تي اهو ڪتاب لکيو، جڏهن پاڻ اهو ڪتاب لکيائين ان وقت پاڻ سنڌ مدرسي ۾ استاد جي حيثيت سان ڪم ڪندو هو. ان ڪتاب لکڻ تي سندس ڪي دوست چٿر طور کيس ”لعل محمد“ به سڏيندا هئا. پر ڪاڪي لالچند امر ڏني جنهن د ل جي حضور سان اهو ڪتاب لکيو، ان جو ذڪر هو ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڪندي لکي ٿو:
” هر سال ڳچ جيترن مسلمان ڇوڪرن جون ٻانهون منهنجي حوالي ڪيون وڃن ٿيون. ڏسان ٿو ته اِهي پنهنجي نبي سڳوري جي نسبت گهڻو ڪري ڪوري جا ڪورا آهن. ٻيون عجيب و غريب ڳالهيون روزمَره پيا ٻُڌن. پر نبيءَ سڳوري جي احوال مان بلڪل غير واقف آهن. مون هي ڪتاب لکيو آهي ته مسلمانن، خاص طور تي ننڍي ٽهي وارن جون اکيون پٽجن ۽ پنهنجي نبيءَ سڳوري جو احوال پڙهي ڏسن. هندو ٿي مون اهو ڪم پنهنجي ذمي کنيو آهي، ان ۾ ڪهڙي خرابي آهي.؟ آءٌ هندو آهيان ۽ منهنجو ڌرم مونکي سيکاري ٿو ته هر ڪو پير، پيغمبر، نبي ولي، ساڌو سنت عزت جي لائق آهي. مسلمان ته اسان جا مُلڪي ڀائر آهن انهن جي قسمت اسان جي قسمت سان ڳنڍي پئي آهي، تڏهن ته اسان هڪٻئي جي بزرگن کان واقفيتون ۽ انهيءَ ذريعي پاڻ ۾ سلوڪ جو درجو وڌايون.“
اُن فهرست ۾ ڪجهه ٻيا ڪتاب به ڄاڻايل آهن، جن جي ڇپائيءَ جو سال درج ڪونهي، تنهن ڪري ڪا آخري راءِ قائم ڪري نٿي سگهجي.
ڊاڪٽر گل حسن لغاري صاحب جي 1980ع ۾ ترتيب ڏنل مذڪوره فهرست کانپوءِ به سيرت تي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل ڪتابن جو هڪ وڏو انگ نظر اچي ٿو، جن جي هڪ ڌار فهرست مرتب ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سيرت رسول الله ﷺ ئي سنڌي ۾ ٽن قسمن جا ڪتاب ڇپيل آهي.
1. اهي ڪتاب جيڪي طبعزاد لکيا ۽ تاليف ڪيا ويا.
2. اهي ڪتاب جيڪي ٻين ٻولين مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا.
3. اهي ڪتاب جيڪي صحابه ڪرام ۽ اُمهات المومنين جي زندگين تي لکيا ۽ ترجمو ڪيا ويا. ڇاڪاڻ ته اصحابي سڳورن ۽ اُمهات المومنين جون زندگيون پاڻ سڳورن جي ڇَپر ۽ ڇانوَ ۾ گذريون، تنهن ڪري پاڻ سڳورن جي سيرت جي بيان کانسواءِ اُنهن جي زندگين تي لکڻ يا تحقيق ممڪن ئي ڪونهي.

سيرت رسول الله ﷺجي مطالعي مون کي سدائين اُن ڳالهه تي اُڀاريو ته سنڌي ٻولي سيرت جي ڪتابن سان مالا مال ٿئي ۽ سيرت جو ڪوبه اهڙو پهلو نه رهي، جنهن بابت ”سنڌي“ ۾ ڪتاب نه هُجي. منهنجي سدائين اها خواهش رهي ته سيرت تي لکيل اهم ۽ بنيادي نوعيت جي وڌ ۾ وڌ ڪتابن جا سنڌيءَ ۾ ترجما ڪريان.
اُن خواهش جي پورائيءَ جي سلسلي ۾ جيڪو پهريون ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيم، اهو جڳ مشهور هاڪاري عالم ڊاڪٽر محمد حميد الله خان جو سيرت تي لکيل انمول ڪتاب ”محمد ﷺ “ هو، جيڪو 2004ع ۾ ”سنڌيڪا اڪيڊمي“ ڪراچي پاران ڇپجي پڌرو ٿيو.
سيرت رسول ﷺ بابت منهنجو ٻيو ترجمو ڪيل ڪتاب مولانا وحيد الدين خان جو ”سيرت جو مطالعو“ آهي، جيڪو 2015ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.
سيرت رسولﷺ بابت منهنجو ٽيون ترجمو ڪيل ڪتاب ”ڪيرن آرمسٽرانگ“ جو نائين اليون واري واقعي کان پوءِ لکيل ڪتاب The Prophet of our time جو ترجمو آهي، جيڪو به انشاءَ الله جلد ڇپجي پڌرو ٿيندو.
چوٿين ڪري طور ’ڊاڪٽر اين ميري شمل‘ جو سيرت تي لکيل منفرد ڪتاب
And Muhammad Is His messenger جو ترجمو ”حضرت محمد الله جو سنهيو آڻيندڙ“ جي نالي سان ڪيو اٿم.
هي ڪتاب آقاﷺ ان سلسلي ۾ پنجين ڪڙي آهي، جيڪا اوهان جي هٿن ۾ آهي.
”سيرت رسول“ﷺ بابت ڪجهه ٻيا ڪتاب به ذهن ۾ اٿم، جن جو پڻ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جي خواهش اٿم، جيئن سڄي ”سنڌ“ ”سيرت رسول“ جي نور جي تجلين سان مُنور ٿي وڃي، ڇو ته سنڌ اهو خطو آهي، جتان هڪ حديث موجب ’پاڻ سڳورن کي ٿڌڙي هيرَ ايندي هئي.‘

”سيرت رسول“ﷺ تي لکيل هي ڪتاب ”آقا“ﷺ، جناب ابدال بيلا وڏي مطالعي، مُحنت ۽ محبت سان لکيو آهي.
ڪتاب جي وڏي خوبي اها آهي ته اهو اهڙي اسلوب ۾ لکيل آهي، جنهن کي پاڻ ’سوانحي ناول‘ چئي سگهون ٿا، پر ڪتاب ۾ ڪٿي به ناول وانگر مبالغي آرائي يا تصنع نگاريءَ نه ڪئي ويئي آهي. تحقيق هوندي به ڪٿي محققانه انداز اختيار نه ڪيو ويو آهي. واقعن کي جنهن جامع ۽ دلپذير نموني بيان ڪيو ويو آهي، اها تخليقڪار جي تخليقي ۽ فنڪارانه خوبي آهي.
آقاﷺ، سيرت جو هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جيڪو نهايت سليس ۽ روان انداز ۾ لکيو ويو آهي ۽ سيرت جي انيڪ پهلوئن کي واقعاتي انداز ۾ جنهن نموني بيان ڪيو ويو آهي ۽ اهو ايڏو ته دلچسپ ۽ معلوماتي آهي، جو پنهنجي ضخامت جي باوجود به هڪ ڀيرو هٿ ۾ کڻڻ کانپوءِ تُرت پڙهي پورو ڪرڻ تي دل ٿي چوي ۽ اُن سان گڏ هڪ تمام گهٽ پڙهيل پڙهندڙ به نه رڳو دلچسپيءَ سان پڙهي ويندو، پر کيس سمجهڻ ۾ به ڪا ڏکيائي نه ٿيندي.
آقا ﷺ جي هڪ ٻي وڏي خوبي اها آهي ته اهو ڪنهن به گروهه، فرقي يا فقه جي نقطه نظر سان نه لکيو ويو آهي. جيئن محترم ابدال بيلا پيش لفظ ۾ لکيو آهي:
”هن ڪتاب ۾ علميت، فوقيت، عظمت، خطابت يا پنهنجي ڪنهن مَسلڪ جو حوالو ڪونهي، ڪٿي به بحث نه ڇيڙيو اٿم. بنا سبب جي ڪو واقعو ٻيهر لکي، پڙهندڙن کي ٿڪايو نه اٿم، نه مونجهاري جو شڪار ڪيو اٿم، ڪوشش اها ڪئي اٿم ته پڙهڻ وارو جيڪو پڙهي رهيو آهي، اُهو زماني ترتيب سان سڀني تفصيلن سان اُن منظر ۾ ايئن گڏجي وڃي جو پاڻ کي اُهو شاهد سمجهي، ڄڻ هو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو هُجي. مٿس وهي واپري رهيو هُجي.“
مون محسوس ڪيو ته سنڌيءَ ۾ هڪ اهڙي ڪتاب جي گهرج آهي. اُن ڳالهه به مون کي هن ڪتاب جي ترجمي لاءِ اُڀاريو.
هن ڪتاب جو ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ هي پهريون ترجمو آهي. آقا ﷺ جو ٻيو ترجمو عربي ۾ الازهر يونيورسٽي قاهرا (مصر) ۾ ٿيو آهي، جناب ابدال بيلا مونکي ٻڌايو ته آقا جو فارسيءَ ۾ ترجمي جو ڪم پڻ جاري آهي.

جناب رسول ڪريم ﷺ جي سيرت جو مطالعو ڪندي، مون اُن عظيم انقلاب جي دنيا جي ٻين انقلابن سان ڀيٽ ڪئي ۽ اُن نتيجي تي پهتس ته:
ٽيويهن سالن ۾ جيڪو انقلاب آيو، اُن انقلاب جيڪا تبديلي آندي، ماڻهن جي ميرين دلين کي اُجرو ۽ روشن ڪيو.
ماڻهن کي حيوانيت مان انسانيت جي درجي تي رسايو،
انسان کي انسان هُئڻ جي حيثيت ياد ڏياري
رنگ، نسل، گوري توڙي ڪاري
عربي توڙي عجمي
قبيلائي توڙي نسلي عصبيت، تعصب ۽ فرق کي ختم ڪيو،
ضرورت کان وڌيڪ شيون الله جي واٽ ۾ خرچڻ جي تلقين ڪئي ويئي.
يتيمن، غريبن ۽ بي واهن جو خاص خيال رکڻ جو حڪم ڏنو ويو،
[۽ هو پُڇن ٿا ته ڇا خرچ ڪريون، چوين ته ضرورت کان وڌيڪ جيڪو به هُجي. الله اوهان لاءِ حڪم بيان ڪري ٿو ته جيئن اوهين دنيا ۽ آخرت جي معاملن ۾ ڌيان ڪريو ۽ يتيمن بابت پُڇن ٿا چوين ته جنهن ۾ سندن ڀلائي هُجي، اهو ڀَلو آهي ۽ جي اوهين کين پاڻ سان ڀيڙي ڪريوته اوهان جا ڀائر آهن. (بقره: 220-219) ]
غلامن کي برابريءَ جو حق ڏنو ويو،
عورتن کي وراثت مان پهريون ڀيرو حق ڏنو.
اهڙو انقلاب، اهڙي تبديلي ته سڄي دنيا جي انساني تاريخ ۾ نظر نٿي اچي.
اِها اهڙي تبديلي هئي، جنهن بابت ’پروفيسر فلپ ڪي حتي‘ ”تاريخ عرب“ ۾ لکيو آهي.
After the death of Prophet sterile Arabia seems to have been converted as if by magic into a nursory of Heroes the like of whom both in number and quality is hard to find any were.
(P.K. Hitti, History of Arabic, 1979, Page 142)
”پيغمبر اسلام جي وفات کان پوءِ ايئن لڳو ڄڻ عربستان جي بنجر زمين جادوءَ جي ذريعي هيرن جي نرسري Nursery of Heros ۾ تبديل ڪئي ويئي هجي. اهڙا هيرو جن جهڙا تعداد ۽ نوعيت ۾ ڪٿي ٻي هنڌ ملڻ سخت ڏکيو آهي.“
ويڙهجي ويا تڏا انڌي دستور جا
روشنين پير چميا، پاڪ تر نور جا.
]خطائي ٿيٻو[

محترم ابدال بيلا، آقاﷺ جو انتساب سيدنا عيسيٰ عليھ السلام جي نالي ڪيو آهي ۽ ترجمي دوران جڏهن مُنهنجي ساڻس ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي ته هڪ ڀيري پُڇيائين، ”تون آقاﷺ جو انتساب به ڪندين نه؟“
وراڻيم: ”انتساب ته اڳ ۾ ئي اوهان سيدنا عيسيٰ عليھ السلام جي نالي ڪري ڇڏيو آهي.“
وراڻيائين: ”پر سنڌي ترجمي جي انتساب جو توکي حق آهي، تون اهو ڪري سگهين ٿو.“
سندس اها ڳالهه ٻُڌي منهنجي زبان مان بي اختيار نڪتو، ”جيڪڏهن اوهان مون کي اهو حق ڏيو ٿا ته پوءِ آءٌ سنڌي ترجمي جو انتساب ”سيدنا بلال حبشي رضه“ جي نالي ڪندس. جيڪو شمع رسالت جو هڪ اهڙو پروانو هو، جيڪو آقاﷺ جي دَر جو دربان ۽ سندس اُٺڻي جي مهار جهلي هلڻ وارو هو.
جيڪو اسلام جو پهريون ٻانگو هو.
جنهن جي پيرن جو کُڙڪو آقاﷺ معراج جي موقعي تي به پاڻ سان گڏ محسوس ڪيو هو.
جنهن کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هن مسجد نبويءَ ۾ اسلام جي پهرين ٻانگ ڏني:
ڪالهه بلال اَذان ڏني، جنهن وقت مديني ۾،
ڪيڏو نور بَکيو ٿي هن مان، سج هُيو ڄڻ سيني ۾.
]شيخ اياز[
مڪي جي فتح جي موقعي تي آقاﷺ کيس ڪعبة الله ۾ ٻانگ ڏيڻ جو حڪم ڏيئي رنگ، نسل، طبقي ۽ رُتبي بُتن کي ڪعبي ۾ رکي ٽي سئو سٺ بُتن سان گڏ پاش پاش ڪري ڇڏيو.
فتح الله گولن ناليوارو ترڪ عالم ۽ اسڪالر آهي، جنهن ”نور سرمدي“ جي نالي سان سيرت رسول الله ﷺ تي ڏاڍو شاندار ڪتاب لکيو آهي، جنهن جي مهاڳ ۾ هُن لکيو آهي:
”مون ته سڄي زندگي الله تعاليٰ کان اها دعا گهرندي گذاري آهي ته مون کي پاڻ سڳورن جي اصحابين مان ادنيٰ اصحابيءَ جي خذمت ڪرڻ جي اعزاز سان نوازي ۽ پاڻ سڳورن جي اصحابي سڳورن جي پيرن جي پڻيءَ سان پنهنجي پيشاني گسائڻ جي خواهش هڪ گهڙي به منهنجي دل مان ختم نه ٿي آهي. منهنجي زبان تي اُن قسم جون دعائون هونديون آهن.“
مُنهنجي لاءِ آقاﷺ جي دَر جي دربان، سندس عظيم غلام سيدنا بلال حبشيرضه جي غلاميءَ جو ڳٽ به عظيم اعزاز هوندو.
غلامن جي غلامن ۾، اگر جي مان ڳڻي آهيان.
]حسن درس[

آقاﷺ سان مُحبت ايمان جو حصو آهي، پاڻ سڳورن سان دلي محبت کانسواءِ ايمان ڄڻ بي معنيٰ آهي. ڊاڪٽر اين ميري شمل جڳ مشهور جرمن اسڪالر هئي، جنهن مشرقي علوم سان گڏ سيرت پاڪ جو به گهرائيءَ سان مطالعو ڪيو، سندس چواڻي ته
”جڏهن آءٌ شروعاتي زندگيءَ ۾ عربي زبان جو مطالعو ڪري رهي هيس ته رسول ڪريم ﷺ جي صوفياڻي زندگيءَ جو مون تي گهرو اثر پيو.“
اُن اثر هيٺ ڊاڪٽر اين ميري شمل پاڻ سڳورن جي زندگي تي
And Muhammad is His Messenger
جي نالي سان ڏاڍو ڪارائتو ڪتاب لکيو. اُن ڪتاب ۾ هوءَ لکي ٿي ته:
”اها هڪ مڃيل ۽ غير تڪراري حقيقت آهي ته حضورﷺ جو مرتبو خدا کانپوءِ آهي ۽ صرف الله ئي پنهنجي پيغمبر جي اُن عظمت کي ڄاڻي ٿو، جيڪا پاڻ سڳورن کي خدا پاران عطا ڪئي ويئي آهي. ناليواري عظيم صوفي شاعر شيخ سعديءَ ”بعد از خدا بزرگ توئي قصه مختصر“ چئي، اُن حقيقت جو برملا اظهار ڪري چڪو آهي.“
ڊاڪٽر اين ميري شمل وڌيڪ لکي ٿي:
”ولفريد ڪينٽ ويل اسمٿ بلڪل صحيح لکيو آهي ته: مسلمان الله تي حملن کي سَهي ويندا آهن، جو دنيا ۾ بي دين، ملحد ۽ الحاد پرستيءَ تي ٻڌل مواد ۽ عقليت پسند معاشرا موجود آهن، پر حضرت محمد ﷺ جو (نعوذ بالله) حقارت سان ذڪر ڪرڻ تي ملت اسلاميءَ جا بي حد ”لبرل“ طبقا به سخت مُشتعل ٿي ويندا آهن ۽ مذهبي جنون جا تيز شعلا ڀڙڪي پوندا آهن.“
اين ميري شمل اهو به لکي ٿي ته سڄي دنيا جو شعري ۽ صوفياڻو لٽريچر ۾ پاڻ سڳورن سان گهري محبت جي عجيب رنگ ۾ رڱيل آهي.

حسن درس، جديد سنڌي شاعريءَ جي وڏن نالن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. سندس شاعريءَ جو مجموعو ”حسن درس جو رسالو“ سندس حادثاتي وفات کان پوءِ پهريون ڀيرو 2011ع ۾ ڇپيو، جنهن جي وڏي پذيرائي ٿي ۽ هو صحيح معنيٰ ۾ پڙهندڙن جي اڳيان پنهنجي شاعراڻي تخليق جي حوالي سان سامهون آيو.
حسن، لااُبالي طبيعت جو مالڪ هو، چون ٿا ته هو ڪوڙي پاڻيءَ جو وڏو هيراڪ ۽ شوقين هو، سندس حادثاتي وفات جي حوالي سان به اها ڳالهه مشهور آهي ته اها اهڙي ئي حالت ۾ ٿي، واعليٰ عالم.
’حسن درس جو رسالو‘ ڇپجي آيو ته اُن ۾ نعت به شامل هئا، جن تي ڪجهه حلقن پاران چُڻ ڀُڻ به ٿي.
مون کي ياد آهي ته هڪ ڀيري قاضي احمد ۾ ڪو پروگرام هو، مقررين ۽ مهمانن ۾ آءٌ به شامل هئس. اُتي هڪ مقرر مون کان اڳ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ”جن دوستن ”حسن درس جو رسالو“ ڇپرايو آهي، تن اُن ۾ حسن درس جون لکيل نعتون شامل ڪري حسن سان وڏي زيادتي ڪئي آهي ۽ حسن جي شاعريءَ کي ڄڻ ته گِرهڻ هڻي ڇڏي آهي.“
مقرر جي اُنهن لفظن تي مون بي اختيار ٿي کيس ڏٺو، اندر ۾ عجيب بي چيني پيدا ٿي ويم ۽ ارادو ڪيم ته کيس اُن ڳالهه جو جواب ڏبو، ٻي گهڙيءَ منهنجي اندر مان آواز اُڀريو ”تون اُنهن نعتن کي حسن جي شاعريءَ کي گِرهڻ لڳڻ ٿو سمجهين، پر آءٌ سمجهان ٿو ته اُنهن سان حسن جي شاعريءَ کي انيڪ ڪهڪشاهن جا چنڊ لڳي ويا آهن.“
اهو خيال ايندي ئي مُنهنجي بي چيني ختم ٿي ويئي ۽ مون کيس جواب نه ڏنو.
الله سائين ئي غيب جون ڳالهيون ٿو ڄاڻي، هو رحمٰن، رحيم، ستار، غفار ۽ بخشڻهار آهي. حسن درس جون لکيل اِهي نعتون ايتريون ته شاندار آهن، جو انهن کي پڙهڻ سان ماڻهوءَ جي ڪيفيت ئي عجيب ٿيو وڃي. ]۽ مون جڏهن چونڊ سنڌي نعتن جو هڪ مختصر مجموعو ”ثناءِ مصطفيٰ“ 2016ع ۾ ترتيب ڏنو، ته ان ۾ حسن درس جا سڀئي نعت شامل ڪيم.[ اُن مهل منهنجي ذهن ۾ اهو به خيال آيو ۽ منهنجي دل گواهي ڏيڻ لڳي ته رب تعاليٰ پنهنجي مِٺي محبوب جي شان بيان ڪرڻ تي، خوش ٿي، حسن درس مرحوم جي سڀني انساني ڪَمين ڪوتاهين، خطائن ۽ لغزشن کي معاف ڪري ڇڏيو هوندو، ڀَلا، جنهن الله جي محبوب جو شان بيان ڪيو هُجي، اُن کي پروردگار پنهنجي بارگاهه مان بنا اَجر ۽ انعام ڏيڻ جي ڪيئن موٽائيندو.
ڪيڏو نه شاندار نعت لکيو آهي، حسن درس:

ڪَڌي آهيان،صفا ڪمتر، ڪَسيرو ڇا ڪَڻي آهيان،
مگر مُرسل مِٺي نالي، وٺڻ جي لاءِ بَڻي آهيان.

وٺي ويراڳ جا رستا، پُڇايان پئي پنهون پنهنجو،
ڪريان ڌم ڌم ڌمالون ٿي، ڪري ڇَم ڇَم ڇڻي آهيان.

عليعه اولاد تنهنجي تي، ڪريان مان ساهه سر صدقي،
فقيرن ۽ فراقن جي، مٿي جي مان ڦڻي آهيان.

عجيب اوڏڙو ڪر تون، ڏي ڪا جاءِ پيرن ۾،
مِلو مون سان مِٺا مُرسل، وڇوڙن ڇو وڻي آهيان.

صفا ويران واٽن تي، آهيان ويٺي وڇوڙيل ٿي،
پرينءَ جو پيار جي ملندو، ته پوءِ مان پَدمڻي آهيان.

قلندر لال جو ڪِشتو، رڳن ۽ روح جو رشتو،
وڌايان پئي وٽو تنهنجو، گهٽائڻ کان گهڻي آهيان.

نظر ڪج نور جي نوري، اُگهاڙيءَ ۽ اَٻاليءَ تي،
گناهن ۾ گَتل آهيان، ڀلي ڇا به کڻي آهيان.

سمورا تاج، تلوارون، ڪريان سڀ تخت تو صدقي،
غلامن جي غلامن ۾، اگر جي مان ڳڻي آهيان.

خدا جو سُنهن ته منهنجي دل، پئي ڦاٽي ٻُڌڻ جي لاءِ،
رڳو چئو هن ڇوري جو، محمدﷺ مان ڌڻي آهيان.

نماڻي نار ۾ ناري، بندي تنهنجي آهيان باري،
اڪيلي عشق ۾ احمد، ’حسن‘ هڪڙي ڄڻي آهيان.

۽ مون هن ”پَس نوٽ“ جو عنوان ”حسن درس“ جي مٿينءَ نعت مان ورتو آهي. اُن ۾ رڳو هڪ ننڍڙي تبديلي ڪئي اٿم:
حسن درس لکيو آهي
ڪَڌي آهيان، صفا ڪمتر، ڪَسيرو ڇا ڪَڻي آهيان!
مگر مُرسل مِٺي نالي وٺڻ جي لاءِ بڻي آهيان.
پر آءٌ ڪسيرو ڇا ڪڻي به نه رڳو پيرن جي پَڻي آهيان.
آءٌ ته ڪجهه نه آهيان.
مٽيءَ جي ذري به نه آهيان
فریدا! ایسا ہورہو، جیسا ککھ مسیت
پیراں تلے لتاڑیں، کدے نہ چھوڑیں پریت۔
منهنجي حيثيت ته مَسيت جي ڪَکَ جهڙي به ڪونهي.
منهنجي حيثيت ته واريءَ جي ذري جيتري به ڪونهي.
ڪجهه به ڪونهي،
ڪجهه به ڪونهي.
بس آقاﷺ تنهنجي ئي آسري آهيان:
وڏا وڻ وڻڪار جا، جت نانگ سُڄن نيلا
اُتي عبدالطيف چئي، ڪيا هيڪلين حيلا
جت ڪُڙم نه قبيلا، اُت رسج رهبر راھ ۾.
ڇانوَ به تنهنجي، تون ئي ڇَپر، آ ڍڪ به تون ئي ڍول اسان جو
جُهڙ ڦڙ بوندون ۽ برساتون، بادل سائين تنهنجا آهيون.

هيڻن کي ڪر ٻيڻون ٽيڻون، رهبر سُبحان راهه ڊگهي ۾
ڪَمتر آهيون، ڪُوجها آهيون، ڪامل سائين تنهنجا آهيون.
]حسن درس[
بادل سائين!
تنهنجا آهيون
ڪامل سائين
تنهنجاآهيون
تنهنجا آهيون.


يوسف سنڌي
20 نومبر 2018ع
حيدرآباد
ٻارهين ربيع الاول جي رات
وقت 11 لڳي 45 منٽ