شاعري

سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ

بخشل باغي ڌرتي جي قرض کي فرض جيان نڀائڻ جو فن خوب ڄاڻي ٿو. ھي ڪتاب سندس مزاحمتي شاعريءَ جو مجموعو آھي. بخشل باغي لفظن جي ڄار ۾ اُلجهڻ بنان تخليقي پنڌ ۾ پنھنجا پيچرا پاڻ ٺاهيندو وڌندو ٿو رهي، سندس هي مزاحمتي شاعريءَ جو مجموعو پنھنجي ڌرتيءَ سان بي پناھہ اُنسيت ۽ انياءَ خلاف  آواز جو اهڙو سنگم آهي، جنھن تي پاڻمرادو پاڻ نڇاور ڪرڻ جو جذبو ڪَر موڙڻ لڳي ٿو ۽ اهائي خوبي باغيءَ کي ٻين ڪوتاڪارن کان الڳ ۽ منفرد هنڌ تي رسائي ٿي.

  • 4.5/5.0
  • 46
  • 15
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ

اَرپنا

راشد مورائي 
سَرڪش سنڌي 
رسول بخش درس 
علي محمد شاهه لڪياري 
علي خان چانڊيي 
عرفان سَمي

جي نالي


ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ، پوءِ به نعرا نيِنھَن جا  
سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ، مرنداسين پر مرڪندي

(شيخ اياز)

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر بخشل باغيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ“ اوهان اڳيان پيش آهي. 

بخشل باغي ڌرتي جي قرض کي فرض جيان نڀائڻ جو فن خوب ڄاڻي ٿو. ھي ڪتاب سندس مزاحمتي شاعريءَ جو مجموعو آھي. بخشل باغي لفظن جي ڄار ۾ اُلجهڻ بنان تخليقي پنڌ ۾ پنھنجا پيچرا پاڻ ٺاهيندو وڌندو ٿو رهي، سندس هي مزاحمتي شاعريءَ جو مجموعو پنھنجي ڌرتيءَ سان بي پناھہ اُنسيت ۽ انياءَ خلاف  آواز جو اهڙو سنگم آهي، جنھن تي پاڻمرادو پاڻ نڇاور ڪرڻ جو جذبو ڪَر موڙڻ لڳي ٿو ۽ اهائي خوبي باغيءَ کي ٻين ڪوتاڪارن کان الڳ ۽ منفرد هنڌ تي رسائي ٿي.

ھي ڪتاب 2021ع ۾ سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون بخشل باغيءَ جا جنھن ھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)  
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام 
sulemanwassan@gmail.com 
sindhsalamat.com 
 books.sindhsalamat.com


اِداري پاران

اِداري پاران

موجوده دور ۾ نوجوان ليکارين جي گهڻائي جو لاڙو رومانوي شاعري طرف آهي ۽ روايتي مفروضن، تشبيهن ۽ استعارن جي لتاڙ سبب پڙهندڙن جو ڳاڻيٽو ڏينهون ڏينهن گهٽجندو پيو وڃي، جنهن ڪري تخليقي معيار جا ماپا زميني حقيقتن جي ڀيٽ ۾ مايوس ڪندڙ هجن ٿا، ماضيءَ جيان هڪ ڀيرو ٻيهر مزاحمت جو عنصر پروان چڙهي پيو، هر حساس دل ماتمڪده آهي، هر اک شعله بيانيءَ جو تاثر پئي ڇڏي، هر دماغ ۾ هڪ باغيءَ جي چيخ دٻيل آهي ۽ جتي زبان کي تالا لڳي وڃن اُتي هڪ باغي ليکاريءَ جو قلم خاموش ڪيئن ٿو رهي سگهي ۽ بخشل باغي ته ڌرتي جي قرض کي فرض جيان نڀائڻ جو فن به خوب ڄاڻي ٿو، جڏهن سندس اندر جا اُلا لفظن جو روپ ڌاري پنن تي پٿارجي هڪ مچ مچائن ٿا ته ان مچ ۾ فقط پاڻ نه ٿو نچي پر انهن پتنگن کي به پڪاري ٿو، جيڪي سچا به آهن ته کوٽا به، کيس ڀلي ڀت سُڌ آهي ته سندس سڏ ۾ سڏ ڏيندڙ سوڍا سرس نه هوندا، سڀ ڪو پنهنجي ڪاڪ ٿو چاهي، پر هن پڪارڻ ڇڏيو ناهي، لکندو ٿو رهي، لڇندو ٿو رهي، لڳاتار..لڳاتار..!
بخشل باغي لفظن جي ڄار ۾ اُلجهڻ بنان تخليقي پنڌ ۾ پنهنجا پيچرا پاڻ ٺاهيندو وڌندو ٿو رهي، سندس هي مزاحمتي شاعريءَ جو مجموعو “ سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ” پنهنجي ڌرتيءَ سان بي پناهه اُنسيت ۽ انياءَ خلاف آواز جو اهڙو سنگم آهي، جنهن تي پاڻمرادو پاڻ نڇاور ڪرڻ جو جذبو ڪَر موڙڻ لڳي ٿو ۽ اهائي خوبي باغيءَ کي ٻين ڪوتاڪارن کان الڳ ۽ منفرد هنڌ تي رسائي ٿي، جتي هرڪو پهچڻ جي سَٽ ساري نه ٿو سگهي، شال سندس قلم جي تقويت هن باغيءَ ليکاريءَ جي سپنن کي ساڀيان تائين رسائي.

ساجد سنڌي
سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد

گهايل آ گجگوڙ گهٽا ۾ )مھاڳ) نواز شاھ ڀاڏائي

گهايل آ گجگوڙ گهٽا ۾ )مھاڳ) نواز شاھ ڀاڏائي

باغي عمر جي اُن اَڌ ۾ آھي جنھن ۾ اڪثر ماڻھو واڻئي وانگر”وھي کاتي جا پَنا “کولي ويھي رھندا آھن، ۽ ويٺا ليکا چوکا ڪندا آھن، رَکتون، رَھتون اوڳاڙڻ جي رٿابندي ڪندا آھن. ويندڙ جوانيءَ تي ويچارگي ۽ ايندڙ پيريءَ تي پشيماني سان پيا سوچيندا آھن. يا وري حياتي جي ھَڻ ھَڻان کان پوءِ ڪي پل ڪنھن جي سِلڪي وارن جي واديءَ ۾ وِسرام وٺڻ چاھيندا آھن. نيڻن کي ننڊ جو نَشو ڏئي جَڳ جي جَهنجَهٽ کان جان بَچائي اوجاڳيل سَرير کي سڪون جي سنگيت تي سُمھارڻ جا سپنا سانڍيندا آھن. گهر جي خرچن، راشن پاڻيءَ، پينشن جھڙين پَچارن ۾ پيا گهرن ۾ ھُل ھَنگاما ڪندا آھن، پُٽن ۽ ڌيئرن کي جنن، دَيون، ڀُوتن جي آکاڻين سان لُطف اندوز ڪندا آھن. ورد وظيفا ڪري آخرت جي آجائي جا تمنائي ٿيندا آھن. پر باغي شاعر هو، ھڪڙو مزاحمتڪار، سندس اندر ۾ اَزل کان ويٺل ھو. ۽ وري سندس شعوري اسٽيج تي ايندي ئي نظرياتي تعلق سنڌ جي عظيم عاشق مُحترم سائين جي ايم سيد سان جيئن ئي جُڙيو ته باغيءَ کي پنھنجي ڏات ڏيئا ڪرڻ جو چِٽو دڳ ملي ويو. باغي، مُڇين جي ساوَل وقت به سنڌ جي آزاديءَ جا گيت رچيا. اڄ پُختي ڄَمار ۾ به باغي انقلاب جا شعر سِرجڻ ۾ مَگن آھي. سيد جي پيغام، باغيءَ جي شاعري کي سُرخاب جا پَرَ ڏئي ڇڏيا. ۽ ھُن جي تخليقي سُونھن قومي تحريڪ جي سڄي قافلي کي پنھنجي سَحر ۾ وَڪوڙي ورتو. ۽ سيد سان لاڳاپجڻ کان پوءِ ڀِٽ ڌڻيءَ جي ھي سون سَريکي سِٽ مَٿس ٺَھڪي اچي ٿي ته:
”رَتيءَ جي رِھاڻ جِيءُ اَڙايم جَت سيِن“
اُن رَتيءَ جي رھاڻ کيس اھڙو ته کڻي سوگهو ڪيو جو ھُو ڪڏھن به ورچي نه ويٺو. سدائين ميدانِ عَمل ۾ ڪڏھن ڪٿي، ڪڏھن ڪٿي. موسم ڪھڙي آھي، ماحول ڪھڙو آھي، باغي بي نياز، فقيرن جيان پيو ڦِرندو آھي. مون مَنجهس ندين جي رواني، ساگر جي گهرائي، جبل جي اَڏولتا ڏٺي آھي. ھينئر جڏھن وطن ولارجي ويو آھي، زمين سوڙھي ڪرڻ لاءِ سامراجي قُوتون ميگا مُصيبتن جھڙا شھر کڻي آيون آھن، ڌارين جي سونامي سنڌ جي واھڻ ۽ وَسندين کي وڪوڙيندي پئي وڃي، ڌرتيءَ جا پُٽ گُم آھن. ديس جو دامن زخمي ھَرڻ جيان رَتو رَت آھي، وطن جا ويڙھا ويران آھن، وقت جا واچوڙا، سُنھن ۽ ساک جي سِلن کي ڇَڻيل پَنن جيان اُڏائيندا ٿا وڃن. مٽيءَ جي مَھانتا گُم آھي. ڌرتيءَ جون ڌيئرون رَوا چيلھن ۾ ٻَڌي لٿيون آھن. تڏھن بخشل باغي “سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ” کڻي ھڪ انقلابي سولجر وانگر ڪنھن سَت سَنگ جي گُرو گِيانيءَ جيان آزاديءَ جي قافلي سان گڏ پنھنجي اِنفرادي خواھشن جي پَرواھ ڪئي بغير ھلي رھيو آھي. نه ته ان اسٽيج تي ڪيئي نامور چھرا خسيس آسائشن جي حقير تمنائن خاطر سوديبازين جي صلي ۾ مليل ماٺ جي مَڪانن ۾ مُنھن مونن ۾ ھڻي فرضي خدائن اڳيان سجده ريز ٿي رھيا آھن. پر باغي سائين ايم سيد سان ڪيل اَلست جي عزم مُطابق پنھنجي غلام قوم جي خاموش زندگي ۾ پنھنجي شاعري ذريعي جدوجھد جو روح ڦوڪي رھيو آھي. ھن پنھنجي زندگيءَ جو وڏو حصو شھيدِ وطن بشير خان قريشي ۽ سڀني وصفين سُھڻي ساگر حنيف بُڙدي سان گذاريو آھي. بشير خان ۽ ساگر سان گڏ گُذارڻ معنيٰ صدين جي سچ سان گُذارڻ جي برابر هو. جنھن صدين سچ سان گُذاريو ھُجي اُن جي آتما آرامده ڪمرن ۾ آسيس ڪٿي ٿي ماڻي سگهي. مون کي اسان جو پيارو بخشل باغي ھنن حالتن ۾ اُن سُپهه سالار جھڙو ٿو لڳي جيڪو رڳو سرحدن جي حفاظت لاءِ سپاھين جي صِفبندي نٿو ڪري پر پاڻ ھٿ ۾ بندوق کڻي مورچي ۾ ويھي ٿو. باغي جيڪو لکي ٿو سڀ کان پھرين پاڻ ئي اُن تي عمل به ڪري ٿو.
پياري باغي سان مُحبتن جي تشريع ڪرڻ جي ضرورت ان ڪري به ڪونھي ته ڪي ڪي رشتا ايترو وزن رکندا آھن جو جن جي وضاحت ڪرڻ غير ضروري لڳندي آھي. ھُو اسان لاء چنڊ ھوندو آھي ته اسين ڏانھس اُداس چَڪور وانگر اُڏامڻ جي آس رکندا آھيون. ڪڏھن ھُو گل ته اسين پاڻ کي ڀونئرا پيا ڀائيندا آھيون. فطرت جي فرشتن، پيار جي مُلائم مِٽي، درياهه سنڌ جو پاڻي، پگهريل جبلن جي گرمي، وُٺي جي ھوا کي گڏائي باغيءَ جو شاعراڻو اُفق تخليق ڪيو آھي. جنھن ۾ اُھي سڀ ڳُڻ آھن، جن ڳُڻن تي ڳالھائيندي اڪثر عاشق ڇوڪريون پَرين جي ننڊ جا پکي ٿي وينديون آھن. زندگيءَ جي جيڪڏھن ڪو ماڻھو مون کان ڊيفينيشن پُڇي ته آئون ڊِگهو جواب ڏيڻ جي بَجاءِ رڳو بخشل جي شاعري جو نالو کڻي ڇڏيان. مون کي پتو ناھي جيڪي ماڻھو شاعري کان پري رھن ٿا اُنھن جي بور حياتي ڪئين ٿي گذري. گهٽ ۾ گهٽ آئون ته ھِن جنم ۾ ته اھڙو ڪو فيصلو اَفورڊ نٿو ڪري سگهان. مون ته شاعري جي واٽ تي پنھنجي وڃايل وقت جا پيرا ڇڏيا آھن. اُن ڪري جڏھن به دل روئڻ گُهرندي آھي آئون بنا اطلاع جي ڪنھن نه ڪنھن شاعر وٽ ھليو ويندو آھيان، ۽ تخيل جي ڀاڪرن ۾ الا، حَسن درس جي لفظن ۾”ڪيڏي ڪوساڻ“ھوندي آھي.
باغي ڄاڻي ٿو ته اسين پاڻ ڪنھن گُمنام شاعر جي اُن نظم جھڙا ماڻھو آھيون جنھن ۾ ھڪ اَنڌي ماڻھوءَ کي رستو پار ڪرائي موٽندڙ ڇوڪري واپسي ۾ ٽرين ھيٺان اچي ڳڀا ڳڀا ٿي ويندي آھي. اسين پاڻ استاد عاشق علي خان جي ڳايل ڀيم پلاسي راڳ جي اُھا تان آھيون، جنھن کي ٻُڌي جيري جي پيوندڪاري ڪرائڻ لاءِ آپريشن ٿيٽر ۾ ويندڙ عورت جي اکين ۾ حياتي جي ڳاڙھي لڪير آزاديءَ جي جهنڊي جيان لھرائيندي آھي. ڪڏھن ڪڏھن آئون سڀني کان رُٺل ھوندو آھيان. ويندي پنھنجو پاڻ سان به پر شاعري ۽ راڳ سان الائجي ڇو ڪڏھن به رُسي ناھيان سگھندو. باغيءَ جي مزاحمتي توڙي رومانٽڪ شاعري اسان کي راھِ مُسافت ۾ ماءُ جي شفيق ھٿن جھڙو حوصلو بخشيندي آھي. آئون تڏھن ته کيس چوان ٿو ته باغي! تون الجبرا ۽ ميٿاميٽيڪس جھڙو ڏکيو ته ڪونه آھين پوءِ توکي اُھي ماڻھو ڇو سمجھي نٿا سگهن جيڪي پنھنجي تيز ذھانت جي زور تي ڪائنات کي قابو ڪرڻ جا دعويدار آھن. خير ڇڏ اِن ڳالهه کي. پاڻ کي اُھي درد به انھن لاغرض دوستن وانگر دادلا آھن جيڪي پاڻ کي اڪثر ائين ڇڏي ويندا آھن جيئن پنھنجي پريمي سان فرار ٿيندڙ عورت پنھنجا پھريان ٻار بس اسٽينڊ تي ڇڏي ڀَڄي ويندي آھي. آئون نواب شاهه جي خوبصورت وڻن ۽ شاداب زمينن جي ذريعي زرخيز ٿيندڙ شامن کي تحسين ٿو ڏيان جن باغيءَ کي جنم ڏنو. جنھن پنھنجو ناتو ٻالڪپڻ ۾ سنڌ وطن سان جوڙيو. جنھن جي طفيل اسين ساڻس ملياسين. ملياسين ڇا ڄڻ سوگها ٿي وياسين. ھن پنھنجي لامحدود ڀاڪرن ۾ ڀِڪوڙي اسان جا اَزلي ٿَڪ لاٿا. اڄ سندس ڪَوتا ڪتاب”سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ” تي دل جي باطني ڪيفيتن جون ڳالھيون ساڻس شئير ڪرڻ ٿو چاھيان ته: باغي!مون تنھنجو شاعري جو ڪتاب”سپنو سنڌوديش جو“جڏھن پڙھيو ته ڄڻ پنھجو پاڻ کي ڊِسڪَور ڪيو. تنھنجا غزل مون کي ساگر حنيف جي ٽھڪن وانگر وڻندا آھن. منھنجي دنيا دوستي جي دم سان آباد رھي آھي. توھان ٻنھي(باغي ۽ ستار سُندر)اُن دنيا ۾ خوبصورت اضافو آھيو. جن جي ملڻ سان منھنجو خاليپڻو ڀرجي ويو. مون کي اندر جون اُونھيون ڳالھيون سَلڻ جو سبب ملي ويو. مارڪيٽنگ ۽ ڪمرشل اَزم جي ماحول ۾ ڪارپوريٽ ٿي ويل تعلق دارين ۾ تون نِج نِبار کير وانگر اُجرو ۽ روشني جيان اَڻ کُٽ آھين. اُن عمل منھنجو رشتن تي يقين بچايو آھي. نه ته ھتي ھفتي ۾ ماڻھو وڙھي چَٽ ٿيندا آھن. گِلا جو ٺَڪاءُ ھوندن، ھڪ ٻي مان ويٺا عيب ثواب ڪڍندا. پر پاڻ اھڙين ستمگر حالتن مان به پاڻ بچائي نڪتا آھيون. اھو مُحبتن جو مُعجزو آھي. اُن جو ڪريڊٽ به آئون توکي ۽ ستار سندر کي ٿو ڏيان. نه ته اسين عيبن ھاڻا ماڻھون جن کي اُھي به ڇڏي ويا جن بِنا جيئڻ جو تصور گُناھ ھو. ڪِن کي اسان جون عادتون ڪونه وڻيون، ڪِن کي اسان جي زندگي گُذارڻ جو ڍنگ پسند ڪونه ھو، ڪِن کي سياست سان سُٻند نه ھو، ڪي رولاڪين جو رُخ موڙڻ جي ڪوشش ۾ ھئا. پر پنھنجي ذاتي، فڪري ۽ نظرياتي دوستي سڀني شين کان مٿي ٿي بيٺي جو پاڻ ھڪ ٻي جا ڏُک سُک وَنڊي کڻي ورتا. اڄ تون آئون، آئون تون ۾ تبديل ٿي ويا آھيون. سڀ سنڌا ميسارجي ويا آھن. توکي تنھنجي تخليق جي نئين صبح جھڙي نِڪور ڪتاب”سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ“جون اَٿاھ دل سان واڌايون ٿو ڏيان. ھي ڪتاب جيڪو پنھنجي نالي ۾ سُندرتائن جي حسين ڪائنات جھڙو ٿو لڳي. اُن ۾ موجود تخيلاتي بُلند پَروازي سندس ڪاميابي جي ضمانت آھي. ھن ڪَوتا ڪينواس تي سنڌ جي جبري طور وڃايل نوجوانن جي وڇوڙن جون ڪٿائون چِٽيل آھن، ته ٻوڏن جي وَھڪرن ۾ وِکري وَيل وارتائن جا ڏک به ڏسي سگهجن ٿا. اَغوا ٿيل ڌرتي جي شھرن جا اَلميا به ھتي ملن ٿا ته ايڪتا جي پُرجوش ڪيفيتن جا رنگ به آويزان آھن. شھيدن جا مَرثيا به ھتي لکيل آھن ته سامونڊي ٻيٽن جي وڪجي ويل عظمت جا دُکدائڪ منظر به موجود آھن. ايئن باغيءَ جي ھِن ڪتاب ۾ لطيف سائينءَ وانگر مُتضاد حالتن تي موجود اَنيڪ شعر پَکڙيا پيا آھن. جن ۾ سنڌ ديس جي ماڻھن جا فِراق، وِصال، ڀُومي ۽ ڀُومي جي ٻولي، سندن بي آبرو ٿيل خواب، اُجاڙ اُجاڙ بَستيون، ڊَٺل ڳوٺ، ويندڙ عمر جا ڏُک، ھڪ پوري وطن ۽ اُن ۾ آباد ھڪ سڄي قوم ۽ اُن قوم جا اجتماعي تصور، گڏيل ڏُک مَٿن مَڙھيل ڀيانڪ حالتون، اُنھن سنگين حالتن جا ڪيڏارا. اُھو سڀ ڪُجهه محسوس ڪرڻ لاءِ بخشل باغيءَ جو ھي ڪتاب”سنڌڙيءَجو سوڳنڌ“پڙھڻو پوندو.

سيد نواز شاھه ڀاڏائي
(ٺٽو)
7/7/2021

مزاحمت جي چڻگ : شاعر پاران

مزاحمت جي چڻگ : شاعر پاران
مزاحمت جي چڻنگ

*رُومانس ۽ مزاحمت زندگيءَ جا ٻه اهڙا ته فڪري رَويا آهن جن جي آڌار تي ماڻھو جياپي جا اصول قائم ڪري ٿو. رُومانس ۾ جماليات جو رَويو ملي سندس وُسعت کي گھرائيءَ سان گڏ اعليٰ ڪُشادگي بخشي ٿو. مزاحمت ۾ انقلاب ۽ بغاوت جا رَويا، مزاحمتي جذبن توڙي خيالن کي ڀرپور سَگھ سان شَعور جي اُوچي اُڏار بَخشي، مَنجهس اِنڪاريت جي اُها قوت پيدا ڪن ٿا، جيڪا هاڪاري به آهي ته زندگيءَ جي لڳاتار واڌ ۽ اوسر لاءِ لازمي به آهي. اُن ڪري جڏهن رُومانس ۽ مزاحمت پاڻ ۾ ملي هڪٻئي ۾ ضِم ٿين ٿا ۽ فن توڙي فڪر جو گڏيل آهنگ جُڙي ٿو ته اُهي گڏجي، هڪ نئين ڌارا کي جنم ڏين ٿا، جيڪا ماڻهوءَ جي مَن کي سيراب ڪري وجهي ٿي. ۽ ماڻھوءَ جي مَنَ جي اُها سيرابي سندس سَگھ بڻجي پوي ٿي. ۽ پوءِ اُن سيرابيءَ مَنجهان ماڻھپي کي سدا بَھار قوت ملندي رهي ٿي. ۽ جڏهن اُهي ٻئي واٽون آرٽ سان هَمڪلام ٿي شاعري يا ادب جي ڪنھن به صنف ۾ نِروار ٿين ٿيون ته آرٽ جا نَوان نَوان رنگَ نِکري نِروار ٿين ٿا.
شيخ اياز چيو هو ته: “هر شاعرِ انقلاب شاعرِ رُومانس هوندو آهي. جڏهن ته هر شاعرِ رُومانس شاعرِ انقلاب نه هوندو آهي. ”
زندگي جتي رُومانس جي رنگين جذبن ۽ اُمنگن جو سَنگم آهي، اُتي مزاحمت جو پڻ هڪ ڀرپور آواز آهي.
لطيف جي مزاحمتي شاعري هُجي يا خليفي نبي بخش لغاري جو ڪيڏارو، اياز جي مزاحمتي شاعري هُجي يا ابراهيم مُنشي، عبدالڪريم گدائي، راشد مورائي، عبدالحڪيم ارشد، خاڪي جوئي، سرڪش سنڌي، حليم باغيءَ سميت سنڌيءَ جي ٻي مزاحمتي شاعري، اردوءَ ۾ فيض احمد فيض هُجي يا حبيب جالب، چليءَ جو پيبلو نيرودا، اسپين جو لورڪا، روس جو ماياڪوفسڪي، بينگال جو نذرل اسلام، تُرڪيءَ جو ناظم حڪمت، عراق جو عبدالوهاب البياتي، سينيگال (آفريڪا)جو ليوپولڊ سنگهور، پَشتو جو خوشحال خَٽڪ، افغانستان جو سليمان لائق، فلسطين جو محمود درويش ۽ سميع القاسم، شام جو نزار قباني، داغستان جو رسول حمزاتوف، مطلب ته سڄي دنيا ۾ مزاحمت هر دور ۾، هر جاءِ تي هر مظلوم ۽ محڪوم انسان جو اعليٰ ۽ اُتم جذبو رهي آهي. جنھن کي شاعريءَ وسيلي آرٽ سان هم آهنگ ڪري اظھار جو نِرالو رُوپ ڏئي، بي وَس ۽ هيڻن ماڻھن جي سُڪل سَريرن ۾ تحرڪ پيدا ڪيو ويو آهي.
اردوءَ جو ناميارو نقاد قاسم يعقوب لکي ٿو ته:
”مزاحمت ڪنھن نظرئي، فڪر يا نظام کي قبول ڪرڻ کان اِنڪار تي بيٺل فلسفو آهي ۽ جڏهن ڪنھن شيءِ کان اِنڪار ۽ اُن جي خلاف مزاحمت ڪئي ويندي آهي ته مطلب اِنڪار ڪندڙ جي حيثيت مَحڪوم، ماتحت ۽ مجبور واري هوندي آهي. ۽ جنھن خلاف مزاحمت ڪئي وڃي ٿي اُهو ڪنھن طاقتور رويي هُجڻ ڪري مزاحمت ڪندڙ تي قابض آهي. جڏهن اسان مزاحمتي ادب جي ڳالهه ڪندا آهيون، تڏهن ادب جي اُن تخليقي رَويي مان مُراد هوندي آهي جيڪو فڪر، نظام يا نظريي جي اعتبار(جبر) کان انڪار ڪري ٿو. “
”ادب جا تخليقي رويا بُنيادي طور تي ٻِن مُخالف رَوين تي مَدار رکن ٿا. مزاحمتي ۽ مفاهمتي ادب. معاشري ۾ رائج اُنھن فڪري ۽ جمالياتي رَوين سان مفاهمت جي لاءِ به ڪردار ادا ڪندو آهي، جنھن کي تخليقي رَويا سازگار بنائن ٿا. مطلب ته ادب رڳو مزاحمتي نه هوندو آهي پر مفاهمتي به ٿيندو آهي. مفاهمتي ادب اُنھن فڪري ۽ جمالياتي قدرن سان مفاهمت سيکاريندو آهي يا اُنھن جو گس ڏسيندو آهي، جيڪي سماج جي نظرن کان لِڪل هوندا آهن. مفاهمتي تخليقي رويا اهڙي ادب وسيلي اُنھن قدرن کي عام ماڻھن سان روشناس ڪرائيندا آهن، جن جي لاءِ سماج ۾ پھرين کان ئي مفاهمتي تصور موجود هوندا آهن. “
مون شاعريءَ جي شروعات مزاحمت سان ڪئي هئي. لاشعوري طور تي به رُومانس سان گڏ مزاحمت منھنجي رت ۾ شامل رهي آهي. جنھن جو اظھار مون عملي ۽ تخليقي طور تي پئي ڪيو آهي. مون شاعريءَ ۾ مزاحمت رڳو نعري بازي واري انداز سان نه ڪئي آهي پر اُن ۾ فن، فڪر، جماليات، علامت نگاري، ٻوليءَ جي نفاست ۽ پيشڪش جي انداز کي سدائين نظر ۾ پئي رکيو آهي.
دنيا جي مظلوم ملڪن جيان سنڌ ڌرتي به سدائين ٻاهران ڪاهي آيل ڦورن ۽ لُٽيرن جي لُٽ مار جو مَرڪز پئي رهي آهي ۽ سنڌي ماڻھو پُر امن ۽ پيار محبت سان جيئندڙ، سدائين غيرن جي غلامي جا ڳِچين ۾ ڳَٽَ پائي پئي ڏاڍ ۽ ڏِهڪاءَ جو شڪار رهيا آهن. پنھنجي ڌرتي تي رهندڙ سنڌي قوم جي اهڙي حالت ۾ مزاحمت ۽ مفاهمت جا جذبا ۽ ڪيفيتون گڏ گڏ پئي هلنديون رهيون آهن، جن جي مُسلسل اثر سنڌي ماڻهوءَ جي جيءَ ۾ بغاوت جي چڻنگ دُکائي سندس باغياڻن ذهنن ۾ مزاحمتي جولان کي پئي جَنميو آهي. اُن ريت ۽ رنگ جتي سنڌي قوم کي عملي ويڙھ لاءِ پئي اُتساهيو آهي اُتي قومي ڌارا ۽ ڌرتيءَ جا سُجاڳ فرد به پنهنجين تخليقي لکڻين ذريعي مزاحمت ڪندي عام ماڻھن کي پنھنجن شعرن سان پيا ڀڙڪائيندا رهيا آهن. اُن ڪري پيار، محبت، امن واري شاعريءَ سان گڏ مزاحمتي يا انقلابي شاعريءَ جي پڻ تمام گهڻي ضرورت رهي ٿي. مون پنھنجي جمالياتي شاعري سان گڏ مزاحمتي ۽ انقلابي شاعري کي پڻ پنھنجي باغياڻي مزاج جو ڀرپور آواز پئي ڄاتو آهي. ڇو ته مون رڳو شاعري لکي پنھنجو فرض مُڪمل نه سمجهيو آهي پر عملي طور تي به پنھنجي وت ۽ وس آهر سنڌ جي هلندڙ جدوجھد واري تحريڪ ۾ اوسي پاسي ۾ ڪٿ نه ڪٿ شامل رهيو آهيان. اهوئي ڪارڻ آهي جو سنڌ سان ٿيندڙ ستر سالن جي ويڌن جي تاريخ، سالن جي حدن کي اورانگهي صدين جيڏي ڦهلاءُ ۾ ڦھلجي ذهن ۾ چڻنگون دُکائي، منھنجي تخليقي حِس کي مُتاثر پئي ڪندي رهي آهي، جنھن جي ردِ عمل ۾ مون سدائين پئي مزاحمتي شاعري ڪئي آهي. منھنجو پھريون مزاحمتي شاعريءَ جو مجموعو”سپنو سنڌو ديس جو” ۽ ٻيو”سنڌو ديس مَھان“هو. ۽ هاڻ هي ٽيون مزاحمتي شاعريءَ جو ڪتاب”سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ“پڻ ڌرتيءَ سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف بغاوت جو تخليقي آواز آهي. هڪ شاعر هئڻ جي ناتي مان ڪڏهن به وطن ۽ قوم جي درد کان لاتعلق نه رهيو آهيان. ڌرتيءَ جي ڌڻين سان ٿيندڙ ناانصافين منھنجي وجود ۾ سدائين اوٿر اُٿاريو آهي ۽ ڀَڃ ڊاهه پئي ڪئي آهي. اُن ڀَڃ ڊاهه سدائين منھنجي مَنَ ۾ مزاحمت جي چڻنگ ٻاري، منھنجي شعور ۾ ڀَڀڙ ڀَڙڪائي منھنجي تخليق پڻي کي تحرڪ پئي بخشيو آهي. جنھن جي عيوض شاعري منھنجي وجود ۾ گُونجندي رهي آهي.
فرانس جي عظيم مصور پال گاگين جون سِٽون آهن ته: “ماڻهوءَ جي هَٿن جي حاصلات ئي ماڻهوءَ جي تَشريح آهي.”
۽ سچ ته شاعري ئي اصل منھنجي حاصلات آهي ۽ اُهائي منھنجي وجود جي ڀرپور تشريح پڻ. مون جھڙي تمام ننڍڙي ماڻهوءَ کي سمجهڻ لاءِ مون کي منھنجي شاعريءَ جي آئيني ۾ ئي پرکي سگهجي ٿو. باقي منھنجي هستي عام ماڻهوءَ واري مٽيءَ جو پنوڙو آهي، پر پوءِ به اُن مٽيءَ جي پِنوڙي مان جوڙيل وجود کي پنھنجي ديس جي دک، درد سان سلھاڙڻ ئي زندگيءَ جو اصل مقصد ڀانيان ٿو.
فريڊرڪ نٽشي چواڻي ته: “ماڻهو فخر سان جي نه سگهي ته فخر سان مري. “سو منھنجو به اِن ڳالهه ۾ پورو يقين آهي ته زندگي کي پيسو، ڏوڪڙ يا ڪارون، بنگلا اَمرتا ۽ اَڏولتا ڪين بَخشيندا آهن، پر اُهو وطن سان مُحبت جو جذبو ۽ پنهنجن مارُن ۽ مٽيءَ مٿان فخر ئي ماڻهوءَ جي وجود مان ڏِياٽيون ڏِياٽيون سُھائي پکيڙي سندس ذهن ۾ شعوراڻي فخر جي روشني ڦھلائي ڇڏيندو آهي. فخر ئي ماڻهوءَ کي زندگي ۽ موت جي اهميت ۽ افاديت کان واقف ڪري ٿو ۽ جياپي جي جنگ ۾ هارائي به ماڻھو فخر جو موت مري سگهي ٿو. ۽ منھنجي به دلي خواهش آهي ته زندگي ۽ موت جي وچ تي فخر جي لاٽ سان پنھنجي منظر کي روشني بَخشيان. اُن ڪري عملي زندگي کان وٺي تخليقي عمل تائين مان شاعريءَ وسيلي هڪ ذميوار ۽ سُجاڳ شاعر جيان پنھنجو فخر لائق حوالو بنائڻ چاهيان ٿو. اهڙو حوالو جنھن جو دليل منھنجي شاعريءَ ۾ مون کي پنھنجي پوري سگهه سان اُجاڳر ڪري بيھاري.
شيخ اياز پنھنجي شعري مجموعي “ڪپر ٿو ڪُن ڪري.” ۾ ڏاڍي زبردست ڳالهه ڪئي آهي ته: “شاعريءَ کي پنھنجو اَنوکو مَنطق آهي جو ٻئي مَنطق کان وڌيڪ موهيندڙ ۽ مَڃائيندڙ آهي.” سو شاعريءَ بابت وڌيڪ لکڻ منھنجي وس کان مَٿاهون آهي ۽ آئون وڌيڪ سوچڻ ۽ سمجهڻ جي ڪسوٽي پنھنجن پڙهندڙن تي ڇڏي، هن لِکڻيءَ کي پُڄاڻيءَ تي پُھچائي پاڻ پنھنجي منظر مان نِڪري، شاعريءَ جي پسمنظر ۾ پنھنجي پڙهندڙن سان گڏجي هلڻ چاهيان ٿو.


بخشل باغي
03003217411
7/7/2021

نظم

---

ڪاري سانجهي

ڪاري سانجهي

هي ڇا ڏِسندي ڏِسندي، منھنجي منڇر گُم ٿي وئي؟!
ڇوليون ڇُلندي ڇُلندي، منھنجي منڇر گُم ٿي وئي!

اُکَ کُٽي ويندي هئي پوءِ به جَر نه کُٽندو هو
جنھن جي پاڻي مان جيون جو هر رنگ به ڦُٽندو هو

ٻيڙيون وَنجهه، مُھاڻا مُرڪي اُڇليندا ها ڄار
پکين سان گڏ تُڙڳي تُڙڳي تَرندا ها جي ٻار
ڪاڏي ويا منھنجي منڇر جي جوڀن جا ڪردار؟
هوريان هوريان سُڪندي سُڪندي،
منھنجي منڇر گُم ٿي وئي

چانڊوڪيءَ ۾ چِڻنگون چِڻنگون لَھرون ٻَرندي هُئي
سِڙھ ڪري هُو چنڊ گَگن کي ٻيڙي تَرندي هُئي

تارا تارا جِهرمِر جِهرمِر منڇر هئي ٿيندي
وائيءَمان سُر جي ڪا ور ورٻيڙي هئي تَرندي
ڪَتيون ڪَتيون رات سَموري سپناهئي اُڻندي
اُجريون باکُون ڦُٽندي ڦُٽندي،
منھنجي منڇر گُم ٿي وئي

پنھنجو صدين کان هو سَڱُ سِياپو منڇر مَنجهه
مَرڻو ڀي هو پاڻيءَ مَنجهه جِياپو منڇر مَنجهه

مَرڻا، پَرڻا جِيءُ جِياپا جُڳُ جُڳُ پاڻيءَ سان
عشق، وڇوڙا لِڪندي لِڪندي ميل مُھاڻيءَ سان
هاءِ، ويو سو وقت وهامي ويل وِهاڻيءَ سان
آڙين وانگي ڪُسندي ڪُسندي،
منھنجي منڇر گُم ٿي وئي

ماءُ ٻُڌائي ٿي آکاڻي روئي مَنڇر جي
ليڙون ليڙون ٿي وئي آخر لوئي منڇر جي
نيڻن جو هي ڏيکُ ڏِهاڙي ڳوڙها ڳاڙي ٿو
هَڙٻاٺيون ٿيل انگَ، اَنگن تي ڪيڏا چاڙهي ٿو
تارونءَکي هيءَ اُڃ اُڃايل ڪاڙهو ڪاڙهي ٿو
ڪارا ڪَڻڇي ڪَڙهندي ڪَڙهندي،
منھنجي منڇر گُم ٿي وئي

سنڌو دريا توکي ساري ساري سُڏڪي ٿو
واريءَ جي ويرن کي واري واري سُڏڪي ٿو
گاج نَئين جو اُجرو پاڻي توکي ڳوليندي
پياسا پياسا مَن جا پاسا ڄڻ ڇاڇوليندي
ڪُونجن جو وَرلاپ سڄوهي ڪاڇو روليندي
ڪاري سانجهي لَھندي لَھندي،
منھنجي منڇر گُم ٿي وئي

نئين سنڌ جا نَوان رَتن

نئين سنڌ جا نَوان رَتن

ََٻَڌي ٻاٽ جي ٻُٽ اُونداھين ۾
کڻي ٿا وَڃن منھنجا شَھزور جوڌا
کَنڀيا سنڌ جا پُٽ اُونداھين ۾
مگر ڪين خاموش ٿيا مور جوڌا

سَڀن جي چَپن تي آ وِينا وطن جي
سُرن ۾ سِرن جون صدائون هَوا ۾
لَٿي گهوٽ جي ناھ ميندي هٿن جي
گَجي ڪيڏي گجگوڙ گهايل گهٽا ۾

ڪيا سَڏَ سُھڻيءَ ته ڇوليون ڇُلي پيون
اُٿيون مارويون ڳاٽَ اُوچا ڪَري اڄ
هَٿن ۾ ٻَرن مَشعلون اَمن جون ٿيون
اُٿي موج مھراڻ ۾ ٿي وَري اڄ

اِهي رت جا ريج ڏي مَقتلن کي
ڪَٽي ڇڏ ڀلي ڪَرٽ سان تون بَدن هي
اَذيت ڪندي ڪين ڪُجهه گهايلن کي
نه ٻوليندا ٻاڙو ڪڏهن ڀي رَتن هي

تون ٿَڪجي ئي پوندين کَنڀيندي کَنڀيندي
مگر ڪين ٿَڪباسين کَڄندي ڪڏهن ڀي
لَھس توکي لَھسائيندي پئي ڏَنڀيندي
نه جُهڪنداسين تو آڏو ڊِڄندي ڪڏهن ڀي

*

اسلام آباد ۾ لکيل نظم

اسلام آباد ۾ لکيل نظم

هڪ ديس آ دروهي
ٻيو ديس وطن وارثُ
هڪ ديس سڄو ڏوهي
ٻيو ديس سڄو پارسُ

هڪ ديس ۾ دُکن جي
ڪيڏي نه اُسَ تِکي آ
ٻئي ديس ۾ سُکن جي
برسات ڪنھن لِکي آ؟

هڪ ديس ۾ ٿا کَنڀجن
هر روز ديس واسي
ڪاٿي به ڪين لَڀجن
بي ڏوھ سڀئي عاصي

هڪ ديس شھيدن جو
ٻيو ديس قاتلن جو
هڪ ديس يَزيدن جو
۽ ٻيو اُڃايلن جو

هڪ ديس کي مِلن ٿا
هر روز لاش چِچِريل
مائُن جا جِيءُ جِهڄن ٿا
اکڙين جا خواب اُکڙيل

هڪ مُلڪ سَڄو خاڪي
جنھن جي زبان گولي
وَحشي اکيون سَفاڪي
کيڏن ٿيون رَت جي هولي

هڪ ديس مَلھائي ٿو
هر حال ۾ وطن سان
ٻيو ديس ڦِٽائي ٿو
ڌرتيءَ جي سَپوتن سان

هڪ ديس بڻيو”باغي“
تنھنجن ڳچيءَ ڳَٽن کان
ڪَڙين ۾ ڪَڙيل “باغي“
جهيڙي ٿو جَهنجَهٽن سان

*

ڀُونءِ ڀُڻڪي پئي

ڀُونءِ ڀُڻڪي پئي

سنڌ کي تو فلسطين ٺاهي ڇَڏيو
سوچ تنھنجي اِها ساڳي اِسرائيلي
تو ته هر ڳوٺ ۽ ٻيٽ ڊاهي ڇَڏيو
تنھنجي اک ۾ رهي ٿي پَٽي ساحِلي

ديس ۾ پنھنجي، مارُو ڪري بي وطن
ماڳَ سڀئي قديمي ٿو قبضا ڪَرين
روز ڌِڪجن ٿا ڌرتيءَ ڌڻي وِچ دَڳن
هاءِ!لوڙها پَٽي جِهڻ ٿو جُهوپا ڪَرين

اڄ به چَنگيز تو مان نِھاري پيو
روح هِٽلر جو جاڳيو وري تو مَنجهان
منھنجي وَستين، وَٿاڻن کي ساڙي پيو
ڀُونءِ پنھنجي مَٿان ڄڻ ڌِڪاريل هُجان

منھنجي رَت سان لِکي پنھنجي تاريخ تو
تو ۾ گهوڙا مدد خان جا ٿا ڊُڪن
ڪين رَت ۾ ٻُڏل ڪا ٻُڌي چيخ تو
سُنب ڌرتيءَ جو سينو پيا ٿا سَٽن

ڀُونءِ ڀُڻڪي پَئي چُپ سَمجهين مَتان
سَگهه تنھنجي نه هيڻن اڳيان ٿي سَگِهي
ٺاھَ ٺاهي ٺڳين جا تون اُلجهين مَتان
ڇا ڪا تاريخ طاقت سان توکي اَگِهي؟

سنڌ سُھڻي، سَسِي سنڌ نُوري اڃا
سنڌ، دودو ۽ هوشو، بَلاول اَٿئي
وقت!هيمونءَ جي گَردن ۾ سُوري اڃا
تو اڳيان، شاھ، سامي ۽ سَچل اَٿئي

هي ڪَلاچي نه ڪا اَڪ جي ماکي اَٿئي
جنھن کي لاهي چَکڻ تون ٿو چاهين چَريا!
ڏِسُ! سڄي منھنجي تاريخ ساکي اَٿئي
توکي مانگر!ڏسي ڪين گهاتو ڏَريا

ديس ۾ دل دَراوڙ جي ڌَڙڪي پئي
آرين جو پَيو خون تو ۾ ڊُڪي
رات ڪاري ڪُنن مَنجهه ڪَڙڪي پئي
تنھنجي تلوار تان ڪين ٿو رَت سُڪي

ديس جا ديس واسي ئي آهن ڌڻي
ڪنھن به ڌاريي جو اُن تي نه آ حق ڪو
هٿ اُنھي تي ڀٽائي رکيو آ کڻي
ڪين اورانگهبي ڀِٽ يا لَڪ ڪو

او وطن جا سڀئي واهرو! جاڳجو
ننڊ کي سڀ نِھوڙي اُٿو ڙي اُٿو
سَٿ سان ساٿ ساري وري واڳجو
هاڻ زنجير ٽوڙي اُٿو ڙي اُٿو

ديس لئه هاڻ “باغي” بغاوت ڪبي
ماٺ کي چڻنگ ڏيئي ڪي شُعلا ڪبا
رات جي رهزنن سان مزاحمت ڪبي
مَقتلن ۾ شھيدن جا ميلا ڪبا

*

اَک اَک ۾ آ رنگُ اَلستي

اَک اَک ۾ آ رنگُ اَلستي

سَچل!تنھنجي سَرمستيءَ ۾
گيڙو مڌُ جي مَستي آھي
ديواني جو خواب درازا
بي خود ساري بَستي آھي

تنھنجا خيال خُماريل آھن
تنھنجي ڪَوتا آ مڌُ ماتي
لفظ وَڄن ٿا گُهنگهرو جھڙا
سِٽ سٽ اَلفي آھي پاتي

تو وٽ سچ مَٿاھون آھي
تو وٽ اُوچو آ انسانُ
ڳالهه ڪئي تو اَنالحق جي
حق سدائين ماڻيو مانُ

شاھ، سچل، ساميءَ جي ڌرتي
جنھن ۾ پريم ڪيا پَرڻام
اُن جو آ ايمان اَمن ۾
گيڙو گيڙو تنھن جا گام

عشق اُتانھُون تو وٽ سَچل!
تنھنجي مُرڪ مُحبت واري
صُوفي تنھنجي سنڌ سموري
حق موجود چَوي ٿي ساري

تو وٽ مام سَدا منصُوري
توتي رنگُ لَٿو الھامي
تو ۾ نعرا نِينھن ھڻي ٿو
عشق ڏئي ٿو روز سلامي

تنھنجي آڳنڌ تي ديوانا
گيڙو گيڙو جام پيئن ٿا
تو وٽ اوٽ ادب جي اُوچي
مار نغاري چوٽ جيئن ٿا

مي رقصم آ ديس درازي
اَک اَک ۾ آ رنگُ اَلستي
کيپ کِڙيا ھِن خُوب مَدامي
"لا"۾ نيٺ لَڌيسين ھَستي

ڪڏھن من ھي ماڪوڙي آ
ڪڏھن ڪيھر شينھن لڳي ٿو
تنھنجي رنگ ۾ روح رَچيل آ
ڇا ته نِڪورو نِينھن لڳي ٿو

*

باهوءَ جي نالي

باهوءَ جي نالي

او “باهُـــو” تنھنجي ڌرتـيءَ تــي،
مــان آيـــس ميـــرا پـــير کــڻي.
مــــن پـــاتــو ويــس فقـــيري آ،
دل آئــي “هُــو” جـي سَيئن هڻي.

اڄ مون کي “هُو” جي ڇِڪ ڇِڪي،
آ تــنھنجــي دَوار کـــڻــي آئـــي.
ڏُِس!تنھنــجي حق جي حيرت آ،
گـــيــڙو سَـــنسار کـــڻـي آئـــي.

تو يار! فريـبي دنيا کـي،
آ پـــيار ڀَـــريـــو پيـــغــام ڏنـــو.
تـــو مَـــتوالن جــي محــفل مان،
هـِــن جَـــڳ کــي گيڙو جام ڏنو.

ڏِسُ!تنھــنجي آڳنڌ تي جُهـومي،
اڄ شـــام شَـــفق ســـان آئـــي آ.
ٿـــو ڀانـيان تنھنجي نگريءَ تي،
ڪـــائنـــات اُفـــق ســـان آئـــي آ.
ٿـــو تـــو ۾ پـــيار پَـــساھ کـڻي،
تـــو عشـــق ڪـــيو لافـــانـي آ.
تـــو رَمـــز سُــڃاتي مـَجذوبي،
تـــو گــس ڏيــکاريو گِــيانــي آ.

هــي”باهُو“، “بُلھي“، “شاهه حُـسين“،
ٽَئـي وائـــي آھـــن وَحــدت جي.
هــي ســنڌ، پنــجاب ملائــين ٿــا،
هـــي آهـــن پُـــل مـُـحـــبت جي.

ٿـــي ڌرتــي پاڻ ڌَمــال هڻـــي،
هـــر ذرو ٿـــيــو وَجـــدانـــي آ.
آ ڪـــيڏو ڪـــيـف، قـَــرار هتــي،
هــت هـــر لــَمحو سُـــلطاني آ.

تو وٽ ته نه ڪو مَت ڀيد هُيو،
تـو سڀ کي سينـي سـان لاتـو.
پر تنھنجو هي پنجاب ميان!
اڄ پـِــٽ بـَـڻـــيــو آ پـــــاراتـــو.

جنھن تنھنجي در کي ٺُڪرائي،
آ تـَــخـــت بــڻـــايـو لاهـــوري.
او”بــاهُو“تنھنـجو دَرس ڇـڏي،
هر ماڻھونءَجي جندڙي جهوري،

پـــر منـھنـجي ســنڌ اُهـــائـي آ،
جـا شـاھ، ســچل، ســاميءَ جوڙي،
آ اَنــالــحق جــي ڇانـــوَ مَـــٿـس،
جنھن وَحدت جي منزل ووڙي.

هي سنڌ نه آ هڪ لَفظُ رُڳو

هي سنڌ نه آ هڪ لَفظُ رُڳو

او ويڪو! واڪ لڳائي وَٺُ
هر شيءِ وَکر ڄڻ تو لئه آ
جاگير نَگر ڄڻ تو لئه آ
ڌرتيءَ جو مُلھ چُڪائي وَٺُ

تو ٻيٽَ ڏنا سڀ ٻيلاٽيون
ڀُنڊاڙ، ڏِنگيءَ کي ڀيٽ ڪري
سنڌ ساگر ملياميٽ ڪري
تو ڀُونءِ ڀَڳيون ڇو کَنڀڙاٽيون

تو سنڌ کَپائي درٻاري
اڄ سياست ۾ واپار ڪري
هِن ديس مٿان ڇو وار ڪري
غدار! ڪئي آ غداري

هي سَتر سالا ڊرامو آ
جنھن ۾ آ غُنڊا راج رُڳو
جو پنھنجي اَنت تي ڄاڻ پُڳو
جنھن ڀُونءِ ڪئي هي ٽامو آ

پر پوءِ به اڳتي ڪاهيون ٿا
تون ڪيڏا ڀي هٿيار کڻين
۽ منھنجي سيني مَنجهه هڻين
هر ليڪو تنھنجو ڊاهيون ٿا

تون حملا آور چيتي جيئن
ڄڻ سنڌ هِراسيل هَرڻي آ
ته به توکان مُور نه ڏَرڻي آ
تون ڀوڳيندين سڀ ڪيتي جيئن

او ديس دروهي! کوڙ ٿيو
هي ڊرامو ڪوڙي سياست جو
۽ تنھنجي ڪوڙهي رياست جو
هر ماڻھو آهي ٽوڙ ٿيو

هي سنڌ نه آ هڪ لَفظُ رُڳو
پر هِن ۾ آ ڪائنات سڄي
ٿي “ڪُن فيڪون” جي بات سڄي
هِن تي پھريون آواز پُڳو

سڀ ويد، پُراڻ، مَھاڀارت
هي گيتا، گِيان ۽ پاٺ سڀئي
هي پوڄا، مندر ساٺ سڀئي
”موهن” مان جَنميو هي ساهت

تون ڇا به ڪرين تون ڇا به ڪَرين
پر توکي ڪجهه به نه وَرڻو آ
هي جوءِ سَموري ڌَرڻو آ
تون اڄ نه مَرين ته سُڀاڻ مَرين

*

کارو ڇاڻ به لَلڪاري ٿو

کارو ڇاڻ به لَلڪاري ٿو

ڏِنگي ۽ ڀُنڊاڙ تي قبضو
ٻيلاٽين ٻيٽار تي قبضو

ڌرتي واسي ڪيئن قبولن
سنڌوءَ جي سنسار تي قبضو

کيڙائُن جا خواب اُجاڙيئي
پاتڻين جي پار تي قبضو

جُهونا نيڻ کڻي اَسٽوپا
گُهوريو هر آثار تي قبضو

شاهه عنايت!جهوڪ جُهري ٿي
تنھنجي سوچ ويچار تي قبضو

گهوڙا ٻاري، شاهه بندر سان
جاتي ۽ تَلھار تي قبضو

ڪارونجهر کي ٽوڙين ويٺو
چوڙيي تي هالار تي قبضو

کارو ڇاڻ به لَلڪاري ٿو
سامونڊين جي سار تي قبضو
*

اُجاڙيو تو ڀُنڊاڙ جي ٻيٽ کي

اُجاڙيو تو ڀُنڊاڙ جي ٻيٽ کي

اِهي سمنڊ جون ٻيٽ ٻيلاٽيون
مٿان کارڙي ڇاڻ تي چنڊ آ
چٽي چاندني چيٽ ٻيلاٽيون
سنڌوءَ کي سڏيندو پيو سمنڊ آ

سنڌوءَ ڇوڙ کي اُڃَ آهي گهڻي
پَريان سنڌ ساگر اُٻاڻو اَلا
اُتر ڏي مُھاڻيءَ ڏٺو اَک کڻي
پَتڻ تي اُڃايل مُھاڻو اَلا

ڪري ڳاٽ اوچو”موهن جو دڙو“
ڏِسي”کيرٿر“کي صدين کان پيو
”رَني ڪوٽ“خاموش آهي کَڙو
پڙاڏو، سَڏن ڪارونجهر جي ڪيو

”ڏِنگي“کي نِنڌڻڪو ڇڏيو تو ڪري
اُجاڙيو ٿو”ڀُنڊاڙ” جي ٻيٽ کي
صدين جو رَهاڪو بُکيو ٿو مَري
ٿُڏو تو هَنيو آ بُکيي پيٽ کي

اُتر، لاڙ، ڪاڇو هي ڪينجهر ٿَرِي
ڪراچي کان ڪشمور جاڳي پيو
نه ڏيندا سمنڊ جي هي توکي ذَرِي
سڄي سنڌ آواز هڪ ٿي چيو

*

سنڌو توکان سوالي آ

سنڌو توکان سوالي آ

سنڌوءَ جي سينڌ ۾ واري
اکين ۾ اُڃَ هيڪاندي
دُنگيءَ جي دانھن دل ڏاري
مَڇي ٿي ريت ۾ ماندي

مُھاڻي مُرڪَ ۾ صحرا
ڏُڪر ٿو مُک تي ڏَهڪي
چُڳن ٿا لُڙڪَ ئي چھرا
پئي ڄِڀ وات ۾ ڦَٿڪي

پَنجئي درياهه تو پيتا
ڇَھون سنڌو وَئين ڏوگهي
مُقيد سنڌ جي سيتا
ڪئي راوڻ! تنهنجي دوکي

وَهي درياهه ۾ واري
سَڙي ٿي اُڃَ ڪنارن تي
وڍيل ٻيلا سُڪل ٽاري
لَٿي پَڻ ڇَڻ نظارن تي

ڪَنڌين کي رُڃَ پئي رَڙڪي
دريا جو پيٽ خالي آ
پَتڻ تي بُک پئي ڦَٿڪي
سنڌو توکان سَوالي آ

*

ڪراچي

ڪراچي

خدا جي خُواب جي اُجري
اَزل کان ساڀيان تو ۾
ستارن ۾ سَدا اُڀري
ڪراچي! ڪَھڪشان تو ۾

اسان جي ڀاڳ جو روشن
ڪراچي! تون ستارو آن
گُلابن سان ڀَريل گُلشن
مُحبت جو نظارو آن

ڪراچي! سمنڊ آهين تون
اسين تنھنجون سِپُون آهيون
ڪنارن تي پَيل ڪوڏيون
اُنھن مان هار ٿا ٺاهيون

ڪراچي مارئي جھڙي
ڪراچي سنڌ جي سُھڻي
ڪراچي ساھ ۾ اهڙي
ڪراچي ديس جي مُھڻي

ڪلاچي ڪاڪ مومل جي
سنڌوءَ جي سِير ۾ سُھڻي
ڪلاچي جوت مَشعل جي
سدا تصوير ۾ سُھڻي

سِرشٽيءَ کي سَمائي ٿي
ڪراچي ڪائناتون ڪئي
مٽيءَ سان ڀي مَلھائي ٿي
ڪِروڙن کي جِياپو ڏئي

ڪراچي سنڌ جي شَھ رَڳ
ڪراچي دل ۾ ڌڙڪي ٿي
سنڌوءَ جي آ مَٿي تي پَڳ
هوا ۾ سڙھ جيان ڦَڙڪي ٿي

ڪراچي مورڙي جي آ
ڪراچي آهي موکِيءَ جي
نه هي ڪنهن گهورڙيي جي آ
نه ئي ڪنهن ٺَڳ ٺوڳِيءَ جي

مِڙيا توتي وري مانگر
گِدڙ گڏجي پيا سڀئي
ڪندا ڇا هي نوان “نادر“
تنھنجا عاشق اُٿيا سڀئي

ڪراچي هر جنم توسان
رهيو آهي سدا رهندو
اسان جو آ عزم توسان
نه نقشو سنڌ جو ڊَهندو

ڪلفٽن ۽ ڪياماڙي
مَنھوڙي ۽ لِياريءَ جا
لَڙي ايندا سڀئي لاڙي
وچولي، سنڌ ساريءَ جا

*

ڪراچي رُوپ سَرتيءَ جو

ڪراچي رُوپ سَرتيءَ جو

ڪراچي سنڌ جي دل آ
ڪراچي روح ڌرتيءَ جو
ڪراچي بَڙ تي ڪوئل آ
ڪراچي رُوپ سَرتيءَ جو

ڪراچي ماڳ “موهن” جو
ڪراچي ڳاٽُ ڪارُونجهر
ڪراچي سڏ آ “سَن” جو
ڪراچي نُورِي جي ڪينجهر

ڪراچي جهوڪ ۽ ٽَلٽي
ڪراچي ٽوڙي ڦاٽَڪ آ
ڪراچي آ شَفق ريٽي
ڪراچي کيرٿر لَڪ آ

ڪراچي “راجه ڏاهر” جي
ڪراچي ناهي “قاسم” جي
ڪراچي سنڌو ساگر جي
ڪراچي مُرڪ آدم جي

ڪراچيءَ ۾ مِياڻي آ
ڪراچي آ دَٻي منظر
ڪراچي رَت هاڻي آ
ڪراچي نوڪ آ خنجر

ڪراچي آ ڪَبوتر ڪو
ڪراچي ڪُونج ڪا زخمي
ڪراچي ڄڻ پَٽيل پَر ڪو
ڪراچي گُونج ڪا زخمي

ڪراچي اَمن جو سپنو
ڪراچي پَريم جو پاڇو
ڪراچي نيِنھن جو نغمو
سدائين پيار سان ڳاتو

ڪراچي آ ڪَرم تنھنجو
ڏنيون تو جيءَ ۾ جايون
ڀلايو جن ڀَرم تنھنجو
وَتن سي ڌُوڙ مُنھن لايون

ڪراچي آس جي جوتي
ڪراچي سَگهه ڌرتيءَ جي
ڪراچي مُرڪَ جا موتي
ڪراچي سُونھن سَرتيءَ جي
*

ڇَھِين جُونِ

ڇَھِين جُونِ

وطن جي مِٽيءَ جا مُحافظ اسين
شھر، گهر، گهٽيءَ جا مُحافظ اسين
اَباڻا اِهي ڳوٺَ ۽ ماڳَ، گَسَ
قديمي سڀئي ڏيهه وارن جا ڏَسَ
لَتاڙڻ نه ڏينداسين توکي ڪڏهن
اُٿي پَوندا ٿَر، بَر ۽ تَڙ، تَڙ تڏهن
جڏهن ڀي ڪندين وار ڌرتيءَ مَٿان
او تَرخان، تاتار ڌرتيءَ مٿان
جُڳن کان ٿا جهيڙين جُهونجهار ڏِسُ
سَڄي جُوءِ ڪَڙڪِي آ ڪَنڌار ڏِسُ
وَڙهن واهرو روز پنھنجي وطن لئه
وڻن لئه، ولين لئه، گُلن ۽ ڦُلن لئه
ڪراچيءَ کان ڪشمور جاڳي پيو
اُتر، لاڙ، ڪاڇو به جهاڳي پيو
ڏِجي، کيرٿر ۽ رَني ڪوٽ تي
سڀئي توتي ڏَمريل اَٿئي چوٽ تي
ڇَھِين جُونِ توسان وڏي جَنگ آ
وطن هي وَڌيو تو ڏي اَڙٻنگ آ
نه ڪنھن جي به نالي ۾ قبضو کَپي
ڇڏيو سنڌ کي ڪيڪ جيان تو ڪَپي
ڀَلي ڪير ڪيڏو به چاهي کڻي
مگر سنڌ جا ديس واسي ڌڻي
سڀئي هاڻ گڏجي اُٿيا ديس لئه
سدا توسان وڙهندي ڪُٺا ديس لئه
وطن کي ڪيئن ٿا وساري سگهن
وطن لئه مَري ۽ ٿا ماري سگهن
سدائين وطن جا نِگھبان هي
شھادت ئي سمجهن پيا شان هي
سدا پُرامن ٿي رهيا ديس ۾
مُحبت سَندن آھي سَنديس ۾


(21 جون2021ع تي بَحريا ٽائون ڪراچيءَ جي مين گيٽ تي تاريخي ڌَرڻو)

*

ڪيڏارو

ڪيڏارو

هٿيارن جا هَٿَ ڏَڪن پيا
غدارن جا هَٿَ ڏَڪن پيا
ڳاٽن جيئن هَٿَ اوچا آهن
جن ۾ ڳاڙها جَهنڊا آهن
نعرا اُڀَ کي ڏاري وجهندا
ماري!توکي ماري وجهندا
ماڻھونءَ ۾ جا نفرت آهي
ڌرتي تن جي غيرت آهي
جيڪا جاڳائي ٿي جُوءِ
لڱ لڱ لَھسائي ٿي لُوءِ
ذهنن ۾ مانڌاڻ مَتل آ
سوچن ۾ ڳاڙهاڻ رَتل آ
اَک اَک آهي ٽانڊا ٽانڊا
آڳ اُلا ٿيا ديس مُھانڊا
ڪوڙي ڪاڪ ڪيرائيندا هي
گهائيندڙ کي گهائيندا هي
اُلري اُلري آيا آهن
صدين جا هي گهايا آهن
لُوئن جا لُوساٽيل ماڻھون
بُک ۽ اُڃَ اُساٽيل ماڻھون
جاڳي پيا جُهونجهار مٽيءَ جا
موهن مان آثار مٽيءَ جا
سَمبارا جا سانگ سَجايا
اِسٽوپا جا واسي آيا
ڪوٽ ڏجي گجگوڙ ڪري ٿو
رَني ڪوٽ به باھ ٻَري ٿو
ڪارونجهر ڪَڙڪاٽ ڪيا اڄ
چوڙيي ڀي چَمڪاٽ ڪيا اڄ
ڪينجهر اُٿلي پوندي ساري
کارو ڇاڻ ۽ گهوڙاٻاري
هيل به سنڌ سڄي ڪيڏارو
اَرغونون! او تاتارو!
کَرڙي رت جي پياسي آهي
ڀَل تون اَچ گهوڙن تي ڪاهي
توسان هڪ هِڪاڻي ٿيندي
تنھنجي خَتم ڪھاڻي ٿيندي
ڪانئر جو ڪردار نه رهندو
ويرين جو ڪو وار نه رهندو
ڌرتيءَ جو غدار نه رهندو
*

منھنجي سِرَ تي تَعزيرون

منھنجي سِرَ تي تَعزيرون

زنجيرن کي زنگ لَڳل هو
سُورهين پائي لاٿو آ
مُنصف جو ڀي ڪِلڪ ڀَڳل هو
تَعزيرن کي پاتو آ

تنھنجا ٿَڪجي پَوندا ٿاڻا
تنھنجا جيل ڏَڪائينداسين
تنھنجا گَهٽجي پَوندا گهاڻا
ڌرتيءَ کي نه لَڄائينداسين

کَڻندي کَڻندي پَوندين ٿَڪجِي
پاڻ نه کَڄندي پر ٿَڪباسين
ڪَرٽن ساڻ وَڃُون ڀَل ڪَٽجِي
مَقتل ڏانھن به نه رُڪباسين

ويل وَهائي اَنت ڪري ڇڏ
ڏاڍ نه تنھنجو ڏَهڪائيندو
جسم سَمورا رت ڪري ڇڏ
خُون وطن کي مَھڪائيندو

دُولھ ڌرتيءَ ڪاڻ اُٿِي پيا
ڪنھن کي ڪنھن کي تون روڪيندين
ڪانئر! مُرڪي گهوٽ ڪُسِي پيا
ڏيهه سڄي کي ڦاهو ڏيندين؟

مُرڪي پَوندا ڪَنڌُ ڪَپائي
سُر کي سِر سڀ دان ڪندا هي
تَنبوري جي تَندُ تَپائي
آزادي اعلان ڪندا هي

تنھنجي ظلمت جي اُونداهي
جهيڻي ڪا به نه جوت ڪندي
تنھنجي غداريءَ جي کاهي
تنھنجو بُڇڙو موت ڪندي

تو وٽ غداري جا تَمغا
منھنجي سِر تي ڏِسُ تَعزِيرون
مون ۾ ڀَنڀٽ ڀَنڀٽ ڀَڙڪا
تنھنجي اُوندھيءَ ۾ جِهيرون

منھنجي ڌرتيءَ تي ٿو ڀونڪين
ڏيهه سڄي کي ڏاڙهين پيو
ڇِتي ڪُتي جيان پيو سَھڪين
ايندا ويندا تاڙين پيو
*

جَنگي جنون

جَنگي جنون

جنگ کي اکيون ناهن
جنگ کي زبان ناهي
جنگ کي نه ڪَنَ آهن
جنگ خَرمَغز آهي

جنگ اَڏيل ڌرتيءَ کي
خاڪ ۾ مِلائي ٿي
هي بَمن سان بَستيءَ کي
باھ ۾ جَلائي ٿي

رت ۾ سڄي آ چِڪ
جنگ بي حسي آهي
پُر امن بَدن نازڪ
کان جُدا سِسِي آهي

جنگ، جهنگ جھڙي آ
سانَ ٿا وڙهن جنھن ۾
سَنگرام اهڙي آ
ماڻھپو نه ڪو تنھن ۾

چوطرف درندا سڀ
ڏندَ رتو رت ڳاڙها
ٿا ڪِرن پَرندا سڀ
اَمن جي مٿان چاڙها

بوٽ، ڀونءِ ڌوڏن ٿا
ٿا لتاڙجن ٻُوڙا
زُوڪاٽ گولين جا
رَت ۾ چِڪيل چُوڙا

بَمَ بي رحم آهن
ايٽمي نَشو ڇانيل
جنگ ۾ ظلم آهن
هانوَ سڀئي هيسايل

خوف ۾ ڏَڪي جَنتا
بُک ۾ بُکايل ڏِسُ
اَمن جا سڀئي رستا
جنگ ۾ جَلايل ڏِسُ

مُلڪَ ٿا کَپن جن کي
سرحدن جا رکوالا
آدمين سان ڇا تن کي
جن جي هٿن ۾ ڀالا

هي ته وردين ۾ ٿا
روز ڪو رَچن ڊرامو
هي جنوني پاڳل ٿيا
ڀونءِ کي ڪندا ٽامو

ڪين ٿو ٻُڌڻ چاهي
هي جھان ڌماڪا
رت ۾ ٿي رانباهي
موت جا رُڳو واڪا

ڏِسُ سڄي ڊِنل فِطرت
زندگي ڏَڪي پيئي
ڪَڪ ٿي پئي قُدرت
آ تباھ ٿي ويئي

جنگ جي تباهيءَ کان
ڪائنات لَرزي ٿي
ڏِسُ ڌُڏِي ڌَماڪن سان
ڀُونءِ ڀُونءِ وِکري ٿي

هُو جَھاز اُڏرن ٿا
هانءُ ٿا ڇڏن لوڏي
گُهوگَهٽ سان گُذرن ٿا
دل ڇڏين ٿا ڌوڏي

جانور، پکي، ماڻھون
اَمن کي پُڪارن ٿا
آس هي رکي ماڻھون
جنگ کي ڌِڪارن ٿا

وردين ۾ ڏِسُ وَحشي
دَرندا ٻُڌن ٿا ڪِٿ
هاءِ هر طرف وحشي
ماڻھپو رَکن ٿا ڪِٿ

ساھ کڻڻ ڏيو هاڻي
منھنجي ٿَڪل ڌرتيءَ کي
جنگ ڪُجهه نٿي ڄاڻي
هاءِ ڊَٿل ڌرتيءَ کي

هي اَنا جا پُوڄاري
ماڻھپي جا ويري سڀ
جنگ رات آ ڪاري
جنھن ۾ ستارا اَڻ لَڀ

ماسَ جا هوائن ۾
مان ڏِسان پيو ٽُڪرا
اَمن جي نِگاهن ۾
خواب ٿي وَيا رَتڙا

او جنون جا جَرنل!
لانگ بُوٽ ڪر پَرتي
ڪاڻيارا او ڪَرنل!
تنھنجا پيرا در در تي

هڪ طرف سڀئي ماڻھون
ٻئي طرف جنوني ڪُجهه
پُراَمن ڪئي ماڻھون
وردين ۾ خُوني ڪُجهه

هاءِ!ماڻھپي تي ڇو؟
چند ورديون ڀاري
اَمن آجپي تي ڇو؟
رات ظلم جي ڪاري

پُراَمن آ دل منھنجي
مون کي پيار ڌرتيءَ سان
سوچ، جنگ ۾ تنھنجي
ويڙھ، بَم دَستيءَ سان

مان ته اَمن جو شاعر
جنگ ساڻ نَفرت آ
منھنجو ماڻھپو ڀائر
حُسن منھنجي حَسرت آ

ديس جو نوحو

ديس جو نوحو

ديس جي دل ۾ ٿي ڌَڙڪي ڪَربلا
گُرز سيني ۾ مُسلسل ٿا لَڳن
۽ پُٺي زنجير سان گهايل سَڄي
روز ماتم ٿو ٿئي ٽانڊن مَٿان
هر گهٽي هر راھ آ نوحا خوان
مُند مَحرم جي سدائين ڏيهه تي
نوڪ نيزي جي کُتل آ خواب ۾
۽ نِڙيءَ ۾ تيرَ ٿا لڳندا رهن
وقت جا گهوڙا اَچن ٿا ڊوڙندا
ڀُونءِ جو آ ڀاڳُ ڪيڏارو لکيو
روز کَرڙي رَت ۾ ريٽي ٿئي
روز ٿيون سِسيون ڌَڙن کان ڌار ٿين
لِڪ ۾ ٿا چوطرف کان وار ٿين
وقت کي آ ٻُٽ ڪاري ٻُوٿ تي
روز ڪاهُون ٿو ڪري هر رات جو
ديس دانھُون ٿو ڪري هر رات جو

*

رياست

رياست

رياست ڀي ڄڻ ڪُتي آهي
جيڪا هڪ ئي وقت ڪئي
فِتنا ۽ فَساد ڄَڻي ٿي
دهشت گوليون باھ بَڻي ٿي
جيڪي سندس اِشارن تي
اَمن مٿان باهيندا آهن
ڀونڪيندا، ڏاڙهيندا آهن
روز جنوني جهنڊا جُهولي
ڌرتيءَ ماس پَٽيندا آهن
ماڻهوءَ رَت چَٽيندا آهن
*

ڪُرسي

ڪُرسي

سنڌ ڌرتيءَ جي مُقدس آ مِٽي
ديس جو هر هڪ ذَرو آهي اُتم
ديس منھنجو ساري ڌرتيءَ جي مٿان
سُونھن توڙي اَمن ۾ آ بي مثال
هو جَمالو، هَمرچو، سڀ لوڪ گيت
چنگ، بوڙينڊو، طَنبورو، راڳ رنگ
بيت، وايون، آيتون ڀِٽ شاهه جون
ديس صوفيءَ جو سڄو گيڙو سنگيت
هُو اُتم تهذيب موهن جي ميان!
ڀَر مَنجهان وهندڙ اَمر سنڌو دريا
ويد جنھن جي ها ڪنڌيءَ تخليق ٿيا
تون اُنھيءَ مُھذب منھنجي ڌرتيءَ مٿان
غير مُھذب ٿو مڙهين سڀ فيصلا
تو ڪيو اڄ سنڌ کي ڀاڱا وري
ٿي وئي ڌرتي سڄي راڱا وري
توکي طاقت جي نَشي اَنڌو ڪيو
سنڌ جي لئه تيار تو ڦَنڌو ڪيو
ڪم تو چُھڙا!وڏو گندو ڪيو
پر نه توکي لَڄ ٿي اُن تي اَچِي
بي نڪي تنھنجي سياست پئي نَچِي
ڏند ٽيڙي ٿو کَرن کي خوش ڪرين
سنڌ جو نقشو ڪري ٽُڪرا ڇڏيئي
سنڌ سُھڻي تو وڏيرن جي هٿان
هاءِ! واڳن وات ۾ آهي وڌي
ديس کي گهوري ڇڏيئي ڪُرسيءَ مٿان!

(سنڌ ۾ ٻِٽي نظام خلاف مزاحمت.. 2012ع)

*

اَيڪتا جو وچن

اَيڪتا جو وچن

سنڌ جي اَيڪتا آ سُجاڳي بَڻِي
ديس جا اڄ ته جاڳي پيا سڀ ڌَڻِي
اَيڪتا جي وَچن کي پيو ورجهائبو
گيت گيڙو سڄي ديس ۾ ڳائبو
ڀِٽَ تان بيت ڀَڙڪي اُڏيا شاهه جا
ديس تي چَنڊَ اُڀريا جو ويساهه جا
درد رهندا نه ساڳيا هي درياهه جا
شاھ، سامي، سچل سچَ ساڃاهه جا
اَيڪتا جا اِجهو ڄاڻ ميلا مَتا
ڀُونءِ جا هَٿَ ٿيا اڄ ته مينديءَ رَتا
چار داڻا به آهن چَڱا سَنگ ۾
اچ ته رڱجي وَطن جي وَڃون رنگ ۾
روز ميلا مَلھالا هُجن ديس ۾
ڳيچ، سھرا، جَمالا هُجن ديس ۾
هاري ناري هي پورهيت ۽ مَزدُور سڀ
منھنجي ڌرتيءَ جا آهن اِهي نُور سڀ
هي ٿا گَڏجن ته جُهومِي پئي ڪائنات ٿي
ٻاٽ چيري اُڀامي ته پرڀات ٿي
هڪڙي مالھا محُبت جي جوڙيون اَچو!
موت جھڙي هي ماٺار ٽوڙيون اَچو!
اَيڪتا جا اَچو گيت جُهونگاريون
ديپ گڏجي وچن جا سڀئي ٻاريون
گُهگهه اُونداهه ۾ روشني ٿي وڃي
صبح روشن جيان زندگي ٿي وڃي
اَمن پنهنجو تَرانو بڻايون اَچو!
اَيڪتا جو وَچن آ نِڀايون اَچو!

*

تنھنجي مِٽي مھڪندي

تنھنجي مِٽي مھڪندي

هيءَ وري موسم ڪئين تبديل ٿي
هي ڪڪر ڪارا ڪٿان آيا چڙهي
نيڻ جَل ٿَل ٿي ويا سڀ ديس جا
ديس جا ڳوڙهن سان رستا ويا ڀِڃي
سنڌ کي سَڪتو سَراپي ويو وري
اوڇنگارن ۾ ٻُڏي ڌرتي وَئي
اَڙ وٺي اُونداهه جي “هُن” رات ۾
سوڳواري آ ستارن کي ڏني
ديس جي سڀني نظارن کي ڏني
ڪين ٿي تنھنجي اَجل کي دل مَڃي
جو ڪيو مَنسوب توسان پيو وڃي
آجپي جا تنھنجي پيرن مان ڦُٽا
ڪيترا رستا پھاڙي پنڌ ۾
ديس جي خالي اکين ۾ تو ڀَريا
رنگَ خوابن جي اَمر اُتساهه جا
دلرُبا پنھنجي سنڌو درياهه جا
تنھنجي پويان”نانگ“ڦُوڪاريو پئي
”نانگ” جنھن سپنا ڏَنگيا هِن ديس جا
ديس جيڪو دار تي آهي اَڃا
عشق جي تو ڳاٽ کي اُوچو رَکيو
ٻاٽ ۾ تو لاٽ کي اوچو رکيو
پيرَ تنھنجا پنڌ ۾ زخمي رهيا
پوءِ به سڀني کان سدا اڳتي رهيا
تون هُئين آواز گُونگي ديس جو
تون سُجاڳيءَ جي علامت هُئين چِٽي
مھڪندي رهندي سدا تنھنجي مِٽي
تنھنجي طبيعت ۾ فقيري هئي مِٺا!
سازشن کي تو سُڃاتو ڪين ڪي
ڪو وِهاٽڻ ڪاڻ پيڇي ۾ هُيو
تنھنجي پاڇي ساڻ پيڇي ۾ هُيو
جسم تنھنجو ٿي ويو مِٽي ميان!
واسجي هر ڪا وئي گهٽي ميان!
ديس جي دل ۾ سدائين ڌَڙڪندين
ڳاڙهو جهنڊو ٿي هَوا ۾ ڦَڙڪندين
هي وڇوڙو سنڌ جي تقدير ۾
۽ سنڌوءَ جي هر سُڪي ويل وير ۾
ڪانه ڪا تبديلي آڻيندو ضرور
منزلِ مقصود ماڻيندو ضرور
خون سان تاريخ تو تحرير ڪئي
آجپي جي تو چِٽي تصوير ڪئي
تون اسان جي ساھ ۾ رهندين سدا
سنڌ جي ويساهه ۾ رهندين سدا
(شھيد بشير خان قُريشيءَ کي ڀيٽا)
*

ديس جو شھزادو

ديس جو شھزادو

رات ڪاريھر جيان ڦُوڪاريو
زهر جھڙا سڀ ستارا ٿي پيا
ننڊ کي نيراڻ ويئي آ ڪَکي
پَل ۾ سڀئي خواب پيلا ٿي ويا
پِرھ کان پھرين وَڇوڙو پيو وَڍي
ساھ اُونداهي نِپوڙي پَئي ڪَڍي
ديس جي دل سَرد ٿي وئي سانت ۾
سانت سُرمئي سانحو بڻجي وئي
سانحو ڪنھن سَپَ وانگر ٿو لڳي
رات واجهائي پئي واسينگ جيان
ٿو سُري احساس اهڙو روح ۾
ڪنھن کڻي ماکي ملائي ٽُوھ ۾
کُڙکُٻيتن جا اُجهامي خواب ويا
۽ پکين جي ننڊ ئي اُڊڙي وئي
وڻ آهن ماتمي سڀ ديس جا
اُڀ ساهي ٿي وئي آڪاس کي
زهر جي گولي لڳي هُو چنڊ پيو
اوڇنگارن جو ڇُلي آ سمنڊ پيو
هانءُ کي ڏاري ڇڏيندڙ ڏيک آ
موت کي ماري ڇڏيندڙ ڏيک آ
وقت کي واسينگ ويو آهي ڏَنگي
ڦَٿڪندي سڀ ساھ ٿا لمحا ڏين
هارجي رَنگن مٿان ڪاراڻ پئي
جو چِٽي، اُونداهه ٿي، چانڊاڻ وئي
ديس-شھزادو سُتل آ ننڊ ۾
ايتريون دانھون اُٿي ئي ڪين ٿو
ڳاڙهي جَهنڊي ۾ سُتو آهي پيو
هي شھيدِ سنڌ ٿيو ناهي فَنا
موت هُن کي ٻِيو جنم آهي ڏنو
روئي پيو آڪاس ڀي مَڙھ جي مٿان
ديس-ٻيڙيءَ جي جُهريل سِڙھ جي مٿان
ناوَ تَختا تَختا هُن جوڙِي اَچِي
وَنجهه ٻانھُن کي ڪري مانجهيءَ مَھان
جُوءِ کي جِيءَ سان جَلا بخشِي سَچِي
هُو ڪنڌيءَ ڏي ناوَ کي موڙي ويو
سڀ پُراڻا پَڳهه ھُو ڇوڙي ويو!
(شھيد بشير خان قُريشيءَ کي ڀيٽا)
*

شھيدن کي ڀيٽا

شھيدن کي ڀيٽا

شَھادت شاهدي آهي
سَچن جي سُورهيائيءَ جي
وَطن جي اَوَرچائيءَ جي
مِٽي بي رنگ ڌرتيءَ جي
لَھوءَ سان لال ٿي وئي آ
ڪَھاڻي مَقتلن واري
وڏو اُتساهه ٿي پئي آ
ڪھاڻي آ ڪڪوري پَئي
رَتل ڪردار اُن جا ڪَئي
لَھوءَ جي لاٽ ٻاريندي
اَچي اِتھاس مان پيئي
سَھيڙيو اَلميا ڪيئي
اڄوڪي دور جي دَر تي
صَدا هي احتجاجي آ
ڪَٿا آزاد ڌرتيءَ جي
مَتان ڀائين رَواجي آ
سَڄي ڌرتي تَڏو ٿي وئي
سَموري قوم ڏُکياري
مَرڻ کان ڪير ٿو موٽي
شَھادت ذهن تي طاري
ڪي گهاڻن ۾ ويا گهوٽيا
نه ڪي ڦاهين وَٽان موٽيا
رهيا ڪي عمر ڀَر قيدي
جُهڪيا هرگز نه سي پوءِ ڀي
ڪنھين مَقتل کي شَرمايو
سَڙي ڪي خاڪ ٿي ويا ۽
ڪنھين وِھُ کان نه گهٻرايو
ته ڪي گولين جي سَرگم تي
ڪُڏي سِر کي سَھائي ويا
مِٽيءَ سان سڀ مَلھائي ويا
لِکي ويا خُون پنھنجي سان
ڪَھاڻي هانءُ ڏاريندڙ
ڀَڀڙ بي اَنت ٻاريندڙ
مَٿس عُنوان آزادي
اُنھيءَ جي گُهرج قُرباني
ڏِني جا ديس آ هرپل
اَڃا تائين ڏئي ٿو پيو
مگر مايوس ناهي ٿيو
اڳي کا اڳڀرو آهي
ڏِسو هُو پَرڀرو آهي
وطن جي ماڳ جو رستو
اکين مان جاڳ جو رستو
ڦُٽي پيو آهي خوابن مان
اَذيت ۽ عَذابن مان
اسان هِن حوصلا پاتا
لَٽا رَت سان رَڱيل پاتا
شَھادت لئه وَطن ڪارڻ
اسان جا روح هِن آتا
مِٽيءَ جو قرض آ سِرَ تي
مَري سو لاهبو ماتا!
*

ديس جو دلبر

ديس جو دلبر

ٿَر ۾ جيڪو ڪالهه روهيڙو رَتو
رَنگُ تنھن جو سنڌ ساريءَ تي لَٿو
رُوپلي جي رُوپ ۾ آيو هُيو
ڇانورو ٿي ديس تي ڇانيو هُيو
مسجدن کي هُو ڇَڏي مَقتل لَڙيو
مارئي وانگر زَنجيرن ۾ ڪَڙيو
هُن جي پيرن ريت مان رَستو ڪَڍيو
خواب هڪڙو پنھنجي نيڻن ۾ اَڏيو
واسجي ويو سَن جي سُرهاڻ ۾
ڌوپجي ويو ديس جي چانڊاڻ ۾
ننڊ مان جوڳي اچي جاڳائيو
ذهن ۾ هُن جي ڀَڀڙ ڀَڙڪائيو
ذات مان نڪتو ته ڌرتي ٿي وَيو
پيرُ ڪاريھر مٿان هُن جو پَيو
مُرڪ هُن جي سانوري ناياب هُئي
گُهگهه اُوندھ ۾ مِثل مَھتاب هُئي
مُرڪندي سڀئي ڪَشالا ويو ڪَٽي
مھڪندي هُو موسمن کي ويو مَٽي
عشق ۽ ايمان ۾ اَرڏو رهيو
هُو سنڌو درياهه وانگر پئي وَهيو
ڇا ته هُن جي هو تَخيل جو جَھان
کيس ها ٻُڌندا زمين ۽ آسمان
پوپٽن جيئن لفظ ايندا هئا وَٽس
ڇانوَ ڳاڙهي رهندي هرپل هئي مَٿس
اَنت تائين بي ڊپو هلندو رهيو
هُو جبل جيان لُوءِ ۾ جلندو رهيو
اَڪ وانگر زندگي هُن جي تَپِي
روح سان هُن جهانءِ ڌرتيءَ جي جَهپِي
ٻول ٻاٻيھن جيان هُن جا ٻُريا
خواب ڌرتيءَ جا اکين ۾ پئي هُريا
هُو ته ڪارونجهر مَٿان ڪو مور هو
ديس جو اَنمول هڪڙو دور هو
ديس جو دلبر دراوڙ ويو هليو
ڇانوَ جنھن جي هئي اُهو بَڙ ويو هليو
(سائين عبدالواحد آريسر کي ڀيٽا)
*

فلسطين

فلسطين

اڃان ديس مَحمُود جو آ دُکي
غَزه تي رُڳو آ غَمن جي گهٽا
فلسطين جا پو به سُورج مُکي
نه اِسرائيل آڏو ڪڏهن ڀي جُهڪيا

هي بيت المُقدس جي ڳاڙهي مِٽي
ڍَڪيا اڄ فلسطين ڳاڙها لَٽا
ڏِسي اڄ شھيدن سان گهر، گهر گِهٽي
فَلڪ تان سِتارن جا ڳوڙها ٽِميا

گُلن جھڙا معصوم هي ٻارڙا
ٽِڙڻ کان اڳي اڄ وَيا سڀ ڇَڻِي
چِڪيا رَت ۾ چنڊ جا چارڙا
سِتارا وَطن ۾ ٿيا بي ڌَڻِي

فلسطين!تنھنجي اکين جي نَمِي
نَوان خواب آزاد پَيئي اُڻي
نه تو وَٽ شَھيدن جي ڪائِي ڪَمِي
سَڄي قوم گولين جا نَغما سُڻي

شَھيدن مَٿان چنڊ هو عيد جو
ڪَفن، ماتمي رات بڻجِي لَٿِي
قَبر تي ڏيئو، چنڊ اُمِيد جو
اَڃا ڀي آ خوابن جي روشن بَتِي

او مَحمُود! ڌرتيءَ جي گولي مَٿان
مِٽِي مَھڪِي تُنھنجِي فلسطين جي
گُلابن کي ٽِڙندو ڏِسان اُن مَنجهان
رهي ديس تنھنجي، جِي ڌَرتي سُکِي
*

سنڌ صدين کان

سنڌ صدين کان

”ڪُن” کان ڀي اڳي، سچ ته”هُن“کان اَڳي
سنڌ موجود هُئي هِت صدين کان اَڳي
ديس آ مُنھنجو تھذيب جي اِبتدا
ساک جنھن جي ڏئي آ رهيو “اِسٽوپا“
سنڌ جي سيِنڌ سنڌوءَ سَنواري سدا
جنھن جي لھرن تي جِهرمِر ڏِياري سدا
جنھن جي پاڻيءَ مان جَنميو“موهن جو دڙو“
ڳاٽ اُوچو کڻي اڄ به آهي کَڙو.
جنھن مان مُھذب پَڻي جي آ تخليق ٿي.
پُراَمن آجپي جي آ تصديق ٿي.
هر قدم تي نِراليون نِشانيون مِليون.
کوڙ گيڙوءَ رَتيون هِت ڪھاڻيون مِليون.
ڏاند گاڏيءَ جو ڦِيٿو جيئن ئي ڦِريو.
دور بيٺل صدين کان هو اَڳتي سُريو.
وقت کي تيز رفتار ويئي مِلي.
ڊيل وانگر هي دنيا به پيئي ٽِلي.
پيرَ جُهومي “سَمبارا” کَنيان ڀُونءِ تي.
رنگَ هوليءَ جا سَڀني هَنيان ڀُونءِ تي.
گِيان جا دَرَ کُليا ويد تخليق ٿيا.
گيت سنگيت جا سج به اُڀري پيا.
”اوم“کولي اکيون سِير سنڌوءَ ڏِٺي.
کيس آجيان ڪئي سنڌ منھنجيءَ مِٺي.
سُونھن، سُرهاڻ سان سي سنڌوءَ جون ڪَنڌيون.
مھڪنديون ئي رهيون پو ڪروڙها صديون.
جنھن جي پَوَتر مِٽيءَ مان مُحبت ڦُٽي.
جنھن جي خوشبو اَڃا تائين ناهي کُٽي.
سنڌ ڌرتي اَمن جو حَوالو اُتم.
جنھن رکيو ساري انسانيت جو ڀَرم.
جنگ جو ڪو به جنھن وٽ تصور نه هو.
ڪو به ڀالو نه هو ڪوبه خنجر نه هو.
”اَيڪتا“جو ڏنو دَرس جنھن هر گهڙي.
منھنجي تھذيب جي آ اُتم هر ڪَڙي.
جنھن جو اِتھاس دنيا ۾ آ مُنفرد.
آسمانن کان اُوچو گهڻو اُن جو قد.
وقت جي ماپ جنھن آڏو پَوندي کُٽي.
سنڌ جيجل مَنجهان هر خُدائي ڦُٽي.
هي ٿي دنيا جي ماٿي تي بنديا لڳي.
سنڌ موجود هُئي هِت صدين کان اڳي.
*

تھذيب جو ترانو

تھذيب جو ترانو

آ ديس جي لَبن تي، تھذيب جو تَرانو.
اَجرڪ ڪُلھن ۾ اوڍي، رنگين ٿيو زَمانو.

موهي مھڪ مَٽيءَ جي، ڏني رنگن کي راحت
پيئي ٽِڙي ٽِڪن ۾، چانڊاڻ جھڙي چاهت،
ڦُلڙيون فنا نه ٿينديون، ٽِڙنديون سدائين رهنديون،
ساهن ۾ مون سَمائي، پنهنجي رَکِي ثقافت،
کُٽندو ڪڏهن نه موهن جي دَڙي جو خَزانو.
اَجرڪ ڪُلھن ۾ اوڍي، رنگين ٿيو زَمانو.

هُو مور رقص سان اڄ، رنگن کي ٿو پَکيڙي،
ڀِٽَ تي هُو ڊيل ڊوڙِي، ٿي سانجهه کي سَھيڙي،
گَجرن ۾ سَجن ٻانھُون، گَجرن ۾ ڪَجلا سَر آ،
ڇاتيءَ تي گَج گُلابي، ٽَھڪن جا ساز ڇيڙي،
پَنگهٽ تي سُرمئي ٿو، سَپنو لڳي سُھانو.
اَجرڪ ڪُلھن ۾ اوڍي، رنگين ٿيو زَمانو.

رَنگت رِليءَ ۾ آهي، ڌرتيءَ جا خوابَ گيڙو،
بَڻجي ٽِڪُون سِتارا، ٿيا آفتابَ گيڙو،
ٽوپو سَنھي سُئيءَ جو، پورهيو پيار وارو
جيجل جي جُهور هٿڙن، پوکيا گُلابَ گيڙو،
آڇئون جَھان کي هي، اي سنڌ جا جَوانو!
اَجرڪ ڪُلھن ۾ اوڍي، رنگين ٿيو زمانو.

جُگنو ٿي ٽِمڪندا پيا، جَهرجَهنگ ۾ جَمالا،
مورن سان جُهومندا پيا، هر رنگ ۾ جَمالا،
ميلا، ملاکڙا هي، هِن ديس جي سُڃاڻپ،
سازن جا رنگَ گيڙو، چِت، چَنگ ۾ جَمالا،
هي پُراَمن وطن جو ڌرتيءَ تي آشيانو.
اَجرڪ ڪُلھن ۾ اوڍي، رنگين ٿيو زَمانو.
آ ديس جي لَبن تي، تَھذيب جو تَرانو.
*

سنڌي ٻولي اَمرت ڌارا

سنڌي ٻولي اَمرت ڌارا

مِٺڙو لَھجو، لفظَ نِيارا.
سنڌي ٻولي اَمرت ڌارا.

جنھن ٻوليءَ ۾ لولي آئي.
ڇُلنديِ سنڌوءَ ڇولي آئي.
اَکرن ۾ اڄ رَنگَ کِڙي پيا،
لفظن جي آ هولي آئي.
سج جيان آ سُھڻي روشن،
شَبد، چَندرما، ٽُٻڪا تارا.
سنڌي ٻولي اَمرت ڌارا.

ٻوليءَ جو اِتھاسُ اَنوکو.
موتيي جو جيئن واسُ اَنوکو.
الف، بي جي پَٽِي پياري،
لفظن جو اَلماسُ اَنوکو.
اوچي هي تھذيب رکي ٿي،
هِن جا وارث”موهن“وارا.
سنڌي ٻولي اَمرت ڌارا.

ڪيڏي سُونھين مَنجهه ڪتابن.
انسانيت جو دَرس نِصابن.
مَڪتب جو ٿيو مانُ مَٿاهُون،
علم پکيڙيو نُور جَوابن.
زيرون، زَبرون پيش سُريلا،
ٻوليءَ جا آواز پيارا.
سنڌي ٻولي اَمرت ڌارا.

شاهه ڏِنو پيغام مُحبت.
سَچل، سامي جام مُحبت.
اَنالحق جي گُونج اِنھيءَ ۾،
وَحدت واري مام مُحبت.
هِنسا کي آ اَلف مِٽايو،
لفظ اَهنسا جا هِن سارا.
سنڌي ٻولي اَمرت ڌارا.

مٺڙا ٻاتا ٻول ٻُرن ٿا.
لکندي ننڍڙا هَٿَ چُرن ٿا.
آئيندي جا روشن تارا،
سنڌيءَ ۾ تعليم گُهرن ٿا.
علم پِرائڻ ڪارڻ آتا،
گُلڙن جھڙا ٻالڪ سارا.
سنڌي ٻولي امرت ڌارا.

ڇا ته اکر هِن موتين-داڻا.
سبق پَڙهن ٿا مُومل، راڻا.
بيت ڪتابن جا ٿا سارن،
نظم اُچارن ٿا ٻاراڻا.
هَٿڙن مَنجهه ڪتاب، قلم ۽،
پيرن ۾ مَڪتب جا چارا.
سنڌي ٻولي اَمرت ڌارا.

موهن جي لِپِيءَ جي عَظمت.
اُوچي آ سنڌوءَ جي عَصمت.
سنڌي ٻولي اُلفت واري،
اُن جي مٽيءَ ۾ آ وَحدت.
لاڏا، ڳيچ، سُريلا سھرا،
ساٿ هَمرچو ڳائڻ وارا.
سنڌي ٻولي اَمرت ڌارا.
*

مِٽيءَ جي مُحبت

مِٽيءَ جي مُحبت

عشق کي جيڪي سَلامت ٿا رَکن
زندگي ڀَر سي سَلامت ٿا رَهن
موت تن کي ڪين ٿو ماري سگهي
جي اَمرتا جي علامت ٿا رَهن
عاشقي ايڏي اُتم آ ڀُونءِ جي
حوصلا سڀئي شَھادت ٿا رهن
مَقتلن جو موت ماري ڪين ٿو
۽ نه ڦاهي گهاٽ ڏهڪائين ٿا
جن به رشتو ديس سان جوڙي ڇڏيو
رُخ تن تاريخ جو موڙي ڇڏيو
زندگيءَ کان تن کي ڌرتي آ مِٺي
جن به مِٽيءَ جي مُحبت آ ڏِٺي
موت تن لئه ڪوبه ناهي مسئلو
ڪين تن جو هيسجي ٿو حوصلو
ڏِسُ!شھيدن جو وَڌي پيو قافلو
ماڳ جن جو آهي آزادي فقط
موت سان رکندا نه آهن هي رکت
رَت لائيندو اُنهن جو نيٺ رت
مچَ تي ايندا مِڙي سڀئي پَتنگَ
ديس جا ٿيندا رَتاوان روح رَنگَ
*

تانيا

تانيا

روز منھنجي ڀُونءِ ٿي رَت ۾ ٻُڏي
ماروِيون هِت روز ٿيون ماريون وَڃن
ڦَٿڪندي ڌرتي سَموري ٿي لُڇي
مُوملون، سُھڻيون ڪيون ڪاريون وَڃن

ماءُ جون اکڙيون اَڃان ناهن سُڪيون
ڌيءَ جون دانھون ڪَنن ۾ ٿيون ٻُرن
ڀينرون سُڏڪي وَجودن ۾ ڏَڪيون
گهاءُ بڻجي جيڏيون جِيئَن ۾ ڪُرن

تو ڪھاڙيءَ کي سَدا رَت سان رنڱيو
تو وَڍيا هِن اَنگَ جيجل ماءُ جا
ڀيڻ توکان دانُ جيون جو مَنڱيو
پر نه تو ۾ ها ڪَڻا ڪَھڪاءُ جا

ڪُونج جھڙي ڪامڻي تو آ ڪُٺي
رَڙ هي عالم سمورو ٿي وَيو
عمر ڌرتيءَ جي پئي آهي کُٽي
وقت ڀي افسوس ۾ بيھي رَهيو

لَڄَ لوئيءَ جي نه تو ڪڏهين رَکِي
تو نه عورت تي ڪڏهن ويچاريو
رت ۾ پوتي وَنيءَ جي تو رَتِي
ڀيڻ کي ڪاري ڪري تو ماريو

تو رڳو هڪ”تانيا“ماري نه آ
تو هَنئي گولي سڄي ڪائنات کي
هي رڳو هڪ ماءُ آزاري نه آ
تو دُکايو ديس جي جذبات کي
*

خوابن ۾ کَرڙي

خوابن ۾ کَرڙي

صبح سان تنھنجي وڇوڙي جي خبر
ھيروشيما تي ڪِريل اَيٽم جيان
اوچتو دل جي مٿان اھڙو ڪِري
ھانءُ ٿو سيني مَنجهان نِڪتو اچي
ڪنھن غلط ھي ڄاڻ شايد آ ڏنو
ايئن مُمڪن ٿي سگهي ئي ڪين ٿو
جو اَچانڪ موت ڀاڪر ۾ ڀَري
دُور توکي پنھنجي ڌرتيءَ کان ڪَري
تون ته گَھري ننڊ ۾ آھين سُتل
خواب پنھنجي ديس جا پيو ٿو ڏسين
دل ته ھوڏي ڪين ٿي ڪُجهه ڀي مَڃي
تنھنجي وِڇڙڻ جي حقيقت ڪُوڙ آ
منھنجي خيالن ۾ اَڃا مُرڪين پيو
لفظ تنھنجا ڳالھڙيون مَھڪن پيون
ٽََھڪَ تنھنجا ٿا تَصور ۾ ٽِڙن
تون مُحبت جو ھُئين ڪو شاھڪار
توکي قُدرت خاص خلقيو ھو مِٺا!
پيار تنھنجي جي مِٽي ھئي ايتري
جنھن مَنجهان تون ئي جُڙيو جُهونجهار ھُئين
تون ڀٽائيءَ جو اَٿڪ ڪردار ھُئين
سُرَ تنھنجا ھئا ڀٽائيءَ جو ڀَرم
تو صَدا جنھن جي سُرن ۾ ھُئي ھَئين
تون وَطن جو واھرو وڙھندو رَھئين
تون وَڌئين اڳتي سدائين بي ڊَپو
وِکَ پُٺتي ڪين ڪئي ڪڏھين به تو
تون ته سيد جو وَطن لئه سَڏُ ھُئين
تون ته ھيڻن جو ڏُکايل ھَڏَ ھُئين
تون وڏي جو ھُئين حَوالو ھر گهڙي
تو ڪئي پئي روشني اُونداهه ۾
پيار جي توسان سَڀن دَعوا ڪئي
پيار تو سڀ سان ڪيو مَحبوب جيان
تنھن ڪَري محبوب سڀني جو ھُئين
ساھُ ۾ سانڍيئي رسالو شاهه جو
تون ته کاھوڙي ڀٽائيءَ جو ھُئين
تو سَسيءَ جا سُور سَڀ مُرڪي سَٺا
مارئيءَ جيان لَڄَ ڌرتيءَ جي رَکي
تو ۾ سُھڻيءَ جي سَلامت سِڪَ ھئي
تو ۾ لالچ ڪين ليلا جي ھئي
تون ته راڻو راڄ جو بڻجي وَئين
تنھنجي رَڳ رَڳ ۾ ٻُريو ٻِيجل پئي
تو ۾ ڪيڏارو ڪُڏيو پئي ھر گهڙي
تنھنجي خوابن ۾ هئي کَرڙي رُڳو
ڪين توسان ويڙھ ۾ ڪو ڀي پُڳو
تون سموري عُمر ڪاھيندو رھئين
انقلابي گيت ڳائيندو رھئين
تو جبل جهاڳيا وَطن جي جاڳَ جا
تو ۾ شُعلا ڀَڙڪيا پئي آڳَ جا
تنھنجي مِٽيءَ ۾ مِلاوَٽ ڪين ھئي
تو ۾ خوشبو ھئي مِٽيءَ جي مَھڪندڙ
چاھ تنهنجو ديس سان هو چَھڪندڙ
تو مِٽيءَ جي مانُ کي اُوچو ڪيو
تنھن ڪري تنھنجي مِٽيءَ کي مانُ آ
تنھنجي وڇڙڻ جو وڏو اَرمانُ آ
(ساگر حنيف بُڙدي کي ڀيٽا)
*

ساگر

ساگر

رُوپلي جو روح هو تو ۾ ميان!
تو ۾ ھيمونءَ جي ھئي حَشمت وڏي.
تون حَشوءَ جي خواب جي ھُئين ساڀيان.
تون ته ھوشوءَ جي ھُئين عَظمت وڏي.
سڏَ سيد جا ھُئين تون سَن مٿان.
تو ۾ ڏاھر جي ھئي ھَمت وڏي.
تو اندر ٽَڙڪاٽ ھا مَخدوم جيان.
ديس جي تو ۾ ھئي غيرت وڏي.
ڪھڙو ڪھڙو نانءُ مان توکي ڏيان.
تو ۾ دودي جي ھئي جُرئت وڏي.
(ساگر حنيف بُڙدي کي ڀيٽا)
*

تاريخ سان مڪالمو

تاريخ سان مڪالمو

راجا ڏاهر!
تنھنجا ڀائر،
تنھنجي ٻاريل،
لاٽ شَھادت،
واري اڄ ڀي،
پنھنجي رَت سان،
روشن ڪن ٿا.
تنھنجو نالو،
ڏَئي حوالو،
بِن قاسم جي ناجائز ۽،
وَحشي رَت سان،
اڄ به وِڙهن ٿا.
اڳ رِڙهن ٿا،
پُٺتي موٽڻ،
مھڻو آهي،
قرض مٽيءَ جو،
ڀَرڻو آهي،
آزاديءَ جو،
پنھنجي رَت مان،
ڳاڙهو سج،
اُڀرڻو آهي،
تنھنجي!ريت،
نِڀايون پيا ٿا،
اڳتي قدم،
وَڌايون پيا ٿا،
ڪلھ ۽ اڄ ۾،
فرق گهڻو آ،
ساڳي جنگ،
ھلي ٿي پيئي،
آهن آرڻ،
ڏينهن اُهيئي،
ھا پر جنگ جو،
مَٽيل آهي،
طور طريقو،
ڪالهه هٿن ۾،
هُون تلوارون،
گهايل گهوڙن،
جون هڻڪارون،
اڄ جو ويري،
تيز گهڻو آ،
حاڪم ڏاڍو،
آ سو گابو،
ها پر توکي،
پوءِ به سَن جي،
شينھن سُڃاتو،
قوم اَياڻي،
ڪَڻو، ڪَڻو آ،
پوءِ به ڏاهر!
سڀ ڪجهه ظاهر،
پَڌري پَٽ،
پيو آهي،
هيءُ غُلامي،
نيٺ وِهامي،
پَڄري، کامي،
خاڪ اُڏامي،
وَڃڻي آهي،
آزاديءَ جي،
مُومل ماڻڻ،
ڪاڪ ڪڪورڻ،
واري واهر،
راجا ڏاهر!
اچڻي آهي... !
*

نثري نظم

ڪَلر بِلائينڊ

هُو هاڻ ڳاڙهي رنگ کان ڊِڄڻ لڳا آهن
ڇو نه پوءِ اُهو رنگ ڪنھن هوليءَ جو هُجي
خواب جو هُجي يا ڪنھن به جَهنڊي جو
هُو هاڻ ڳاڙهي رنگ کان ڊِڄڻ لڳا آهن
هُو سڀني رنگن مان فقط ڳاڙهي رنگ کي
جلاوطن ڪرڻ چاهين ٿا
ڇو ته ڳاڙهو رنگ کين “ڪَلر بِلائينڊ” ڪري ڇڏي ٿو
هاڻ سندن رَڳن ۾ رَت بدران
بي رنگ پاڻياٺ ڊوڙي ٿي
ڇو ته هُو هاڻ ڳاڙهي رنگ کان ڊِڄڻ لڳا آهن
هُنن، اُن ڊپ ۾ وِڦلندي
سُرخ خوابن تي به بندش مَڙهي ڇڏي آهي
هُو باک کي ڪاراڻ ۾ لِڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪن ٿا
هُنن هاڻ رَت جي ڳاڙهي رنگ کي
نيراڻ مائل يا زرد بڻائڻ شروع ڪيو آهي
يا وري هُو ڳاڙهي رنگ کي باھ ۾ ساڙي
ڪاري ڪرڻ ۾ ئي پنھنجو بَچاءُ ڀائين ٿا
ڇاڪاڻ ته هاڻ هُو ڳاڙهي رنگ کان ڊِڄڻ لڳا آهن
هُو ڳاڙهي رنگ کي کَنڀيندي کَنڀيندي
پنھنجي ئي خوف هَٿان کَنڀجڻ لڳا آهن
هُو هان ڳاڙهي رنگ کان ڏاڍا خوفزده رهڻ لڳا آهن
هُو هاڻ جَهنڊي جي ڳاڙهي رنگ کي ڏسي
لَرزي وڃن ٿا
۽ پنھنجي گردن کي ڦاهيءَ ۾ ڦاٿل محسوس ڪن ٿا
ڇو ته هاڻ ڳاڙهو رنگ هُنن لاءِ
هڪ اهڙي علامت بڻجي چُڪو آهي
جنھن جي پَس منظر کي ياد ڪري هاڻ هُو ڇِرڪڻ لڳن ٿا
اُنھن جي هر ڇِرڪ ۾ هاڻ ڳاڙهو رنگ
ڀَرجي چُڪو آهي
هاڻ ڳاڙهو رنگ سندن جبر، تشدد، ظلم ۽ ناانصافي تي ڇانئجي چُڪو آهي
۽ هُو هاڻ ڳاڙهي رنگ کان ڇِرڪڻ لڳا آهن
*

غزل

---

پيرَ ٽانڊن مٿان پَچائيندو.

پيرَ ٽانڊن مٿان پَچائيندو.
ڌرتتيءَ سان ڪو لَئنون لڳائيندو؟

مون ۾ آھن اڃا به ڪجهه چِڻنگون،
ڪير ڀَنڀٽ ڪري جَلائيندو. ؟

مون وطن جي وَتي آ واٽ سَدا،
پنڌُ توکي منھنجو ٻُڌائيندو.

خوف تنھنجو کَنڀي کَنيون آھي،
ھاڻ توکان نه ڪو لَنوائيندو.

ھي اڪيليون نه ڀينرُون آھن،
ھر ڪو ڀائر سَندن سَڏائيندو

تاءُ تو تائين پُھچندو ڏِسجان،
تنھنجي تارونءَ کي ڀي تَپائيندو.

پاڻ کَپجي اُھو ختم ٿيندو،
ديس جا خواب جو کَپائيندو.

ڪنڌُ ڪَپجي ڪِري سگهي ٿو پر!
ھي نه “باغي” ڪڏھن جُهڪائيندو.
*

ريت جو ھڪ ته راس آ دريا

ريت جو ھڪ ته راس آ دريا
ٻيو ته اُڃَ جي به آس آ دريا

منھنجي ڌرتيءَ جي بَدن تي پياسو
ليڙون ليڙون لباس آ دريا

ھي ته ٻيڙي فقط ئي ڄاڻي ٿي
ٻِن ڪنارن جي پياس آ دريا

پُور ناھي پَتڻ پُڪاري ٿو
ناوَ، مانجهي اُداس آ دريا

ڪَپ دِلي جيان سُڪل ٺِڪر جھڙا
ڄڻ ته خالي گِلاس آ دريا

چنڊ جي ناوَ ناھ لھرن تي
رات ڪاري اُماس آ دريا

اُڃَ آھي ڦُٽي ڪنارن تي
ٺوٺ واريءَ جو واس آ دريا
*

آزاديءَ جي مومل ماڻي اينداسين

آزاديءَ جي مومل ماڻي اينداسين
توڏي سڀئي سينا تاڻي اينداسين

گهوٽي گهوٽي ٿڪجي پوندين تون آخر
گَجندي پاڻ سدائين گهاڻي اينداسين

ويڙھ وَطن جي وڙهڻي آهي ويريءَ سان
ڪُڏندي کَرڙي!تنھنجي ڀاڻي اينداسين

تنھنجون زنجيرون ۽ ورديون لَرزائي
ڀونءِ سڄي ڀونچالي ٿاڻي اينداسين

ڪيٽي بندر، ڳاڙهو، جاتي، سامارو
گهوڙا ٻاري، کارو ڇاڻي اينداسين

ڪا به نه ڪاري ڪاڪ نه رهندي ڌرتيءَ تي
لال لھو ٿي لاک!لُڊاڻي اينداسين

تو مان سُرخ سَويرا ڦُٽندا اُونداهي!
ٽِم ٽِم ٽانڊاڻن جي ٽاڻي اينداسين

ڌرتي!تنھنجو سَڏ سَدا وَرنايو آ
باغي باغي ڀَڙڪي هاڻي اينداسين
*

آزاديءَ جي مَن ۾ اُجري آس اڃان

آزاديءَ جي مَن ۾ اُجري آس اڃان
ڌرتي!تو ۾ منھنجا سڀ وشواس اڃان

پيرن ۾ هي ڌرتي پيرَ ڪَڙين جھڙي
ڳَٽَ ڳَچيءَ ۾ ڀانيان ٿو آڪاس اڃان

سنڌوءَ تي پَنجوڙ وِڌا تو ڊيمن جا
گَرجي ٿي گهنگهور گهٽا ۾ پياس اڃان

سنڌو پنھنجي اَزلئون ديوي ماتا آ
پاڻ مُھاڻا سڀئي اُن جا داس اڃان

هڪڙي شينھن غلاميءَ ۾ گجگوڙ ڪئي
اڄ به ڏَڪن ٿا اندر ۾ راڪاس اڃان
* 

غداريءَ جا تمغا تو وٽ

غداريءَ جا تمغا تو وٽ
چھري تي سَوَ چھرا تو وٽ

منھنجي هڪڙي واٽ اِهائي
ڪيئي آهن رستا تو وٽ

پنھنجي ڌرتيءَ تي مان بي گهر
دولت، گاڏيون، بنگلا تو وٽ

ديس اسان جو آهي ليڪن
اُن جا سڀئي قبضا تو وٽ

روز نئين ڪا سازش تنھنجي
ديس ڌڻين لئه دوکا تو وٽ

تنھنجي سوچ ۾ دهشتگردي
خاڪي وردين وارا تو وٽ

زنجيرن ۾ جُسا جَڪڙيل
قيدي پنھنجا پاڇا تو وٽ

منهنجون عيدون ماتم جھڙيون
محرم ۾ ڀي مُجرا تو وٽ
* 

ڪري گوڙ گجگوڙ ٿي اڄ گَهڻي

ڪري گوڙ گجگوڙ ٿي اڄ گَهڻي
ڪٿان مينھن آيا هي بادل کَڻي؟

وڏا هيل برسات راڱا ڪيا
سَڄي سنڌ خيما ئي خيما بَڻي

ڏَڪي وَئي سَڄي ڀُونءِ بارش ڏسي
قھر ٿي ڪڪر مان ڪِري ٿي ڪَڻي

ٻُڏن جون صدائون ٻُڌي ئي نه ٿي
ڪيو دربدر ديس کي سانوَڻي

ڪَکاوان ڪَچا گهر ڊَهي پَٽَ ٿيا
ڪڪر روڪ آڪاس جا او ڌَڻي!

ڏِسي مينھن جون ديس تي آفتون
اکين جا به “باغي” ڇَپر پيا ڇَڻي
* 

دُور ڪيلاش تان لَھي سنڌو

دُور ڪيلاش تان لَھي سنڌو
منھنجي خوابن ۾ ٿي وَھي سنڌو

ھِن جو پاڻي به سون وَرنو آ
ڪُنوار وانگر پئي ٺَھي سنڌو

ڄڻ پيو شينھن ڪو اَچي گَجندو
ايئن ساگر ڏي پئي ڪَھي سنڌو

تير ڊيمن جا پنھنجي سيني تي
منھنجي جيجل پئي سَھي سنڌو

مان ھُجان يا نه پر منھنجي ماتا
اَبد تائين اَمر رَھي سنڌو
* 

پاڻي ڏِيوم پاڻي، درياهه ٿو چَوي

پاڻي ڏِيوم پاڻي، درياهه ٿو چَوي
ڪَربل جي ھيءَ ڪھاڻي، درياهه ٿو چَوي.

واري به ڄڻ ته واڳون، ڀاڱا ڪئي سنڌو،
وائي نه ڪا وَراڻي، درياهه ٿو چَوي.

رَگويد روح منھنجو، ڪيلاش کان مٿي،
تھذيب آ پُراڻي، درياهه ٿو چَوي.

سنڌو اَزل کان آهي، جيون جَھان جو،
ھر يُگ جي آڏواڻي، درياهه ٿو چَوي.

باکون ڪَڍيون سدا سج، گيڙوءَ رَتيون ڦُٽي
ھر شام صُوفياڻي، درياهه ٿو چوي.

مَرندو نه ڪو مُھاڻو، جُهرندي نه ناوَ ڪا،
ھر مُرڪندي مُھاڻي، درياهه ٿو چَوي.

ڪيڏا به تون سنڌوءَ تي، پَنجوڙ وِجهه کڻي،
رھندي نه قيدياڻي، درياهه ٿو چَوي.
*

ماڻھن تي بار ورديون

ماڻھن تي بار ورديون
ٻُٽُون، هَٿيار ورديون

ڳڀرو وَڃن کَنڀيندا
اَڻ کُٽ هَزار ورديون

مارِين ديس واسي
خاڪي غَدار ورديون

بُک ۽ پياس پيڙهي
ٿَر، بَر، ڏُڪار ورديون

هرڪو وڃيو خريدي
وِڪجن بَزار ورديون

واپار حياتين جا
هَٿ، هَٿ تَرار ورديون

رَت پِيئنديون رَهن ٿِيون
سڀ خُونخوار ورديون

هيڻن جي هَٿان ٿينديون
هي تار تار ورديون

ڌرتي نٿي هي چاهي
بُوٽن جا بار ورديون

آهن جَهمور پويان
سڀ اِقتدار ورديون

رَت ۾ رَنڱيل سَنگِينُون
وحشي نِھار ورديون

”باغي” عَدم تَشدد
سامھون قَطار ورديون
*

بيت

---

خيمي مٿان چنڊ

خيمي مٿان چنڊ

کڻي آيو پاڻ سان، پاڻي پيڙائون،
چارئي ڏِسائون، ٻُڏل آهن ٻوڏ ۾.
*
پاڻي آهي زندگي، هڪڙي حد تائين،
اُن کان پو سائين!ساھُ بَچائڻ آ ڏُکيو.
*
سارنگ!تنهنجا رنگَ سڀ، هيل ويا وِٽڙي،
ڪيڏو ويو پَکڙي، ڪارو رنگُ ڪئنواس تي.
*
صَبُر ڪر سانوڻ!ايڏو ڏَمر ڏيهه تي،
ڪڪرن جا هي ڌَڻ، ڌُوڪي وَڃ تون سمنڊ ڏي.
*
ڪيڏي آ گجگوڙ، هانءُ ڏَڪائي ٿي ڇڏي،
ايڏي ٻوڙان ٻوڙ، اڳ نه ڪئي هُئي سانوڻي.
*
هيلوڪي برسات، کڻي آئي آفتون،
جيون جي هر ذات، پاڻي، پاڻي ٿي وئي.
*
ڪڪر کڻي آئيا، شايد سمنڊ سَڄو،
پاڻي آھ وڏو، هر پاسي ڄڻ ٻوڏ آ.
*
ڪرم ڪر مولا!ماڻھو سَتايل اَٿئي،
بَرسا، تون نه ايترا، ڪڪرن جا ٽولا،
بارش ۾ ڳولا، سُڪِيءَ جي هر ساھ کي.
*
ڪيڏا اُڀا هَٿَ، اکيون سڀ آڪاس ۾،
سانوڻ ڏَمري آئيو، ڪانھي ڪڪرن ڪَٿَ،
مولا! ٻُڏن مَٿَ، تون ئي ڇپر ڇانوَ ٿي.
*
اهڙي حالت اڳ، مِينھَن ڪڏهن ڪين ڪئي،
ڪي به نه بَچيا دَڳ، پاڻيءَ ريءَ نه جاءِ ڪا.
*
ڍنڍون، ڍورا واھ ۽، سِم نالا به سڀئي،
نيٺ وَهي اڄ آئيا، ٻوڙيئون ڳوٺ ڪئي،
پاڻي آ ٿي وئي، ڌرتي، ساري ديس جي.
*
نالي جي سرڪار، رُڳو امدادن پُٺيان،
ٻُڏي ويا مِينھن ۾، جوان، ٻُڍا ۽ ٻار،
ناريون، جُهونيون، جُهوپڙا، ٻَنيون، شھر، بَزار،
پوءِ به سڄي اخبار، گندي سياست سان ڀَريل.
*
منھنجي ڌرتيءَ جا سڀئي، ساوا، ساوا کيت،
ٿي ويا مليا ميٽ، سُک کڻي وئي سانوڻي.
*
خيمي مٿان چنڊُ، چانڊوڪي آهي ڪئي،
پاڻيءَ جو پر سمنڊ، پوبه کُٽي ئي ڪين ٿو.
*
سانوڻ گُذري ويو مگر، گُذري ڏُک نه ٿو،
اڄ به ڪئمپن ۾ الا، تَڙپِي سج لَٿو،
مِينھَن ڪيو دربدر، ڪچو گهر به ڊَٿو،
ڍڪيل ناھ مَٿو، پوتي، پَٽڪو ويا لُڙهي.
*
گهُٽون، مَڇرَ، جيت ۽، پَٽي ڪُت پَئي،
مِينھَن جھڙي هيل ڪئي، اهڙي اڳ نه ڪَئي.
گوڙ ڪري گجگوڙ ٿي، کِنوڻين تَجلا ڏَئي،
بادل مَنجهه ڀَئي، بَرسي ٿو اڄ ڀُونءِ تي.
*
ايڏي مِينھَن وَسَ، سانوڻ! منھنجي ديس تي،
ساھ کنيو هو مَس، ٻوڙي ڇڏيو تو وري.
*
سانوڻ کڻي آفتون، آيو آ بي حد،
ڪئمپون ڀَريل مال جيئن، کوڙ ضرورت مند،
بَچيل آهن چند، باقي سڀ مُتاثرين

(2010ع جي برساتن جي تباھ ڪارين تي)
*

سنڌ، ثَقافت، اَيڪتا

سنڌ، ثَقافت، اَيڪتا

ڌرتيءَ مان آهن ڦُٽيون، اَجرڪ جون ڦُلڙيون،
جَرڪن ٿيون سُورج جيان، ٽِڪون ٽوپيءَ جون،
سنڌ، ثَقافت، “اَيڪتا”، هر دل ۾ ڌَڙڪيون،
جُوءِ سَڄي جُهمريون، جَمالا جاڳي پيا.
*
اُڀري آئي”اَيڪتا“، اَجرڪ، ٽوپيءَ سان،
رنگَ ثَقافت جا بَڻيا، سَرتيون ۽ سَرتا،
پِرتئون سڀ پَرتا، ديس جَمالا ٿي ويو.
*
ٽِڙن مُکڙيون موڙ جون، ٻَھڪن مُکَ سدا
ساري سنڌ اَدا، مينديءَ سان مھڪي پَوي
*
ڇالئه وِرهائين پيو، ماڻھون طبقن ۾،
هڪڙا اَهنجن ۾، ۽ ٻيا جيئن زندگي.
*
چنڊ اسان جي عيد جو، ٿي ويو ڪالهه شھيد،
ڏُک وِڪي بازار ۾، ڪارو ويس خريد،
غلاميءَ جي عيد، اڃا منھنجي ديس ۾.
*
توکي نئين سال جون، ڪيئن ڏِيان واڌايون،
پاڻ اَڃان آهيون، پنھنجي ڌرتيءَ تي غُلام.
*
موت نه ماري ماروي، پاڻ مَري ويو موتُ،
جَرڪي پئي ڏِس جوتُ، باک ڦُٽي آ ديس تي.
*
اُڏري ويئي ڪُونجڙي، ڳاڙها پَنکَ کڻي،
گولي گهات هَڻي، گهاءُ ڏئي وئي ڪُونج کي.
*
آزاديءَ جون پَنکڙيون، مُکڙيون ٿي ٽِڙنديون،
کَٿوريون کِڙنديون، پنھنجي ڌرتيءَ جي مٿان.
*
ڇيتون ڇيتون پَٻَ جا، پٿرَ ٿي ويندا،
توکي جي ٿيندا، سَسئي!سامھون پنڌ ۾.
*



وايون

---

ننڊ نِڀاڳي ڇڏ

ننڊ نِڀاڳي ڇڏ
سِج چڙهي آيو اٿئي
جاڳائي وِجهه جُوءِ کي
سُجاڳيءَ کي سَڏ
سج چڙهي آيو اٿئي
اُس تِکي آهي گهڻي
سِج مَٿان، ڪُجهه اَڏ
سِج چڙهي آيو اٿئي
دل جي دلبر سان ميان!
ديس کڻي تون گَڏ
سِج چڙهي آيو اٿئي
ٻَل بَڻي اُٿ ڀُونءِ جو
هَل تون هِيڻين هَڏ
سِج چڙهي آيو اٿئي
*

پيرن هيٺان دار

پيرن هيٺان دار
تارونءَ ۾ تَلوار
ڳٽَ غلاميءَ جا ڳِچِيءَ
اَٽڪيا هِي اَنياءُ سان
جهيڙيندي جُهونجهار
ڳٽَ غلاميءَ جا ڳِچِيءَ
سَنگينون سَھڪن پيون
گولين جي گُونجار
ڳٽَ غلاميءَ جا ڳِچِيءَ
اڄ به ساڳيا ديس ۾
تَرخاني تاتار
ڳٽَ غلاميءَ جا ڳِچِيءَ
ڇا تو قبولي ڇڏيا؟
اوشاعر، فنڪار!
ڳٽَ غلاميءَ جا ڳِچِيءَ
جُهڪائي سگهندا نه هي
زنجيرن جا بار
ڳٽَ غلاميءَ جا ڳِچِيءَ
* 

ايندو بھار ايندو

ايندو بھار ايندو
وينديون سڀئي خزائون
مايوس ٿي نه مُرجها
مُرڪي نِکار ايندو
وينديون سڀئي خزائون
دل هيڪلي نه رهندي
آخر ته يار ايندو
وينديون سڀئي خزائون
اي ديس! تو لئه گردن
مَقتل يا دار ايندو
وينديو سڀئي خزائون
چاهيو هُيو ڀٽائي!
جيڪو سُڪار ايندو
وينديون سڀئي خزائون
تون سَڏ ته ڪر او ساٿي!
هر جان نثار ايندو
وينديون سڀئي خزائون
لَھسائيندو مٽيءَ کي
اهڙو ڪُنڀار ايندو
وينديون سڀئي خزائون
* 

تنھنجي آڳنڌَ تي اَچِي،

تنھنجي آڳنڌَ تي اَچِي،
دل درازا ٿي وئي.
جامَ پِيتئين عشق جا،
وَجد ۾ اهڙو نَچِي،
دل درازا ٿي وئي.
ڳالهه حق موجود جي،
روح ۾ ويئي رَچِي.
دل درازا ٿي وئي.
گُونج اَنالحق جي،
روح ۾ ويئي رَچِي.
دل درازا ٿي وئي.
وحدت الوجود واري،
سوچ سَچوءَ جي سَچِي.
دل درازا ٿي وئي.
رنگُ تنھنجي راڳ جو،
آ ويو اهڙو جَچِي.
دل درازا ٿي وئي.
خيالَ گيڙو ٿي وَيا،
اڄ ته پيرُن جيئن پَچِي.
دل دَرازا ٿي وئي.
* 

سَچل جي درگاهه تي

سَچل جي درگاهه تي
”سَچل” ڳائي پيو
دَرازا جُهومي پيو!
تنھنجو ڪيف ڪَمال ئي،
جَڳ جُهومائي پيو
دَرازا جُهومي پيو
اَلفي گيڙو رنگ جي
عالم پائي پيو
دَرازا جُهومي پيو
ڳچيءَڳانا پَٽَ جا
سالڪ پائي پيو
دَرازا جهومي پيو
سَرمَستيءَ جي کيپ ۾
نِينھُن نَچائي پيو
دَرازا جهومي پيو
سَچل سارو سچ آ
وقت ٻُڌائي پيو
دَرازا جهومي پيو
* سچل فقير نالي ڳائڻو
* 

اي شھيدِ وطن!

اي شھيدِ وطن!
تُنھنجي لاوارثي،
مون کان ڏِسجي نه ٿي.
جا وطن کي پئي
آپگهاتي رَسي.
مون کان ڏِسجي نه ٿي.
ٿي مَيارون ڏئي،
سنڌ جي آرسي.
مون کان ڏِسجي نه ٿي.
دربدر ديس جي،
درد ۽ بي وَسي.
مون کان ڏِسجي نه ٿي.
ڏيهه جي مُکَ تان،
مُرڪ تو جا کَسي.
مون کان ڏِسجي نه ٿي.
* 

پنجڪڙا

پنجڪڙا

ديس جي دانھَن ڪير وَرنائي
سڀ ڪو پنھنجي ئي ذات ۾ گُم آ
هڪ ٻئي جي ئي مات ۾ گُم آ
ڪير پنھنجي اَنا کي دَفنائي
ديس جي دانھَن ڪير وَرنائي
*
روز منھنجي ديس جا هِت خوابَ ٿا کَنڀجي وَڃن
ٻُٽ اُوندھ جي ٻَڌي ڌاڙيل ڌرتيءَ تي پُڳا
لانگ بُوٽن سان چِٿڻ رابيل ڌرتيءَ تي پُڳا
سوجهري ۾ ڏيهه جا مَھتاب ٿا کَنڀجي وَڃن
روز منھنجي ديس جا هِت خوابَ ٿا کَنڀجي وڃن
*

چوسٽو

چوسٽو

اُٿ اُٿاڻيءَ جو وقت آيو آ
موڪلاڻيءَ جو وقت آيو آ
ماٺ حد کان وَڌي وئي آهي
هاڻ پاڻيءَ جو وقت آيو آ
*