شاعري

خود ڪلاميءَ جو پورٽريٽ

بخشل باغي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو هڪ اهڙو چمڪندڙ ستارو آهي جنھن جي تخليقي اڏام روايتي پيچرن کان هٽي ڪري هڪ منفرد ۽ الڳ ٿلڳ رستي طرف گامزن نظر اچي ٿي. سندس نظم توڙي نثر نہ فقط ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ جي سونھن جا تِجلا پسائي ٿو، پر پاڻ عملي طور بہ سچ ۽ سونھن جو ساٿاري بڻجي هميشہ متحرڪ نظر اچي ٿي. بخشل باغيءَ جي پابند شاعريءَ سان گڏوگڏ نثري نظم ۽ آزاد نظم پڻ معاشرتي ڀڃ ڊاھہ ۽ محبتي مايا جو  اهڙو آئينو آهن جنھن ۾ پڙهندڙ کي پنھنجا عڪس جا بجا نظر ايندا. ”خودڪلاميءَ جو پورٽريٽ” ۾ شاعر جي شاعراڻي سفر جا اهڙا سرور بخش ٿَڪ آهن جن کي روح جا پيرَ محسوس ڪري شاعريءَ جي مُسافريءَ جي حُسناڪين کي سارين ٿا. 

  • 4.5/5.0
  • 36
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book خود ڪلاميءَ جو پورٽريٽ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر بخشل باغيءَ جي نثري نظمن ۽ آزاد نظمن تي مشتمل مجموعو ”خود ڪلاميءَ جو پورٽريٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. 

بخشل باغي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو هڪ اهڙو چمڪندڙ ستارو آهي جنھن جي تخليقي اڏام روايتي پيچرن کان هٽي ڪري هڪ منفرد ۽ الڳ ٿلڳ رستي طرف گامزن نظر اچي ٿي. سندس نظم توڙي نثر نہ فقط ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ جي سونھن جا تِجلا پسائي ٿو، پر پاڻ عملي طور بہ سچ ۽ سونھن جو ساٿاري بڻجي هميشہ متحرڪ نظر اچي ٿي. بخشل باغيءَ جي پابند شاعريءَ سان گڏوگڏ نثري نظم ۽ آزاد نظم پڻ معاشرتي ڀڃ ڊاھہ ۽ محبتي مايا جو  اهڙو آئينو آهن جنھن ۾ پڙهندڙ کي پنھنجا عڪس جا بجا نظر ايندا. ”خودڪلاميءَ جو پورٽريٽ” ۾ شاعر جي شاعراڻي سفر جا اهڙا سرور بخش ٿَڪ آهن جن کي روح جا پيرَ محسوس ڪري شاعريءَ جي مُسافريءَ جي حُسناڪين کي سارين ٿا. 

ھي ڪتاب 2021ع ۾ سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون بخشل باغيءَ جا جنھن ھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي) 

سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام 
sulemanwassan@gmail.com 
sindhsalamat.com  
 books.sindhsalamat.com

اَرپنا

اَرپنا

پنهنجن پيارن ڀاڻيجن
آيان
رونق
زينيان
حَماد
حانيان
جي نانءُ

اداري پاران

اداري پاران

سنڌي شاعريءَ جي اُڀ تي جيتوڻيڪ اڻ ڳڻيا ستارا پنهنجي پنهنجي جهرمٽ سان منفرد ڪشش رکن ٿا، پر ڪجهه ئي ستارن جي مڌم ۽ دلفريب حسناڪي گهڻن کي متوجهه ڪرڻ جي سگهه رکي ٿي. بخشل باغي پڻ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو هڪ اهڙو چمڪندڙ ستارو آهي جنهن جي تخليقي اڏام روايتي پيچرن کان هٽي ڪري هڪ منفرد ۽ الڳ ٿلڳ رستي طرف گامزن نظر اچي ٿي. سندس نظم توڙي نثر نه فقط ڌرتي ۽ سرتيءَ جي سونهن جا تِجلا پسائي ٿو، پر پاڻ عملي طور به سچ ۽ سونهن جو ساٿاري بڻجي هميشه متحرڪ نظر اچي ٿي، اهوئي سبب آهي جو پاڻ مختصر عرصي ۾ مختلف موضوعن تي چوڏنهن ڪتاب سنڌي ادب جي جهول ۾ وجهي سُرخرو ٿيو آهي، توڻي جو سندس ڪيترائي ڪتاب اڃان به ترتيب هيٺ پڻ آهن.
سنڌ جي سهڻي سرجڻهار بخشل باغيءَ جو شمار گذريل ٽن ڏهاڪن کان سنڌي ٻوليءَ جي انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جن لڳاتار قلم جي جنبش کي برقرار رکي داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي جيئن جو تيئن پنن تي پٿاريو آهي. سندس پابند شاعريءَ سان گڏوگڏ نثري نظم ۽ آزاد نظم پڻ معاشرتي ڀڃ ڊاهه ۽ محبتي مايا جو اهڙو آئينو آهن جنهن ۾ پڙهندڙ کي پنهنجا عڪس جابجا نظر ايندا. اميد ته بخشل باغيءَ جي شايع ٿيل ٻين ڪتابن جيان هي ڪتاب “خود ڪلاميءَ جو پورٽريٽ” پڻ حساس دلين جي تارن کي ضرور ڇيڙيندو.

ساجد سنڌي
سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد

خود ڪلاميءَ جو پورٽريٽ (مھاڳ)

خود ڪلاميءَ جو پورٽريٽ (مھاڳ)

*شاعري بي ساخته جذبن جي اُٿل جو نانءُ آهي.۽ پهرين اُٿل ۾ ئي شاعري پنهنجي سڀني رنگن ۽ روپن سان نِروار ٿي ايندي آهي.جنهن کان پوءِ ٻي اهم اُٿل جيڪا شعور جي وَهڪ ۾ فن ۽ فڪر جي سنگم سان سلهاڙجي اهڙو ته تخليق جو پيڪر ٿي پوندي آهي،جنهن کي ڏسي، ٻُڌي ۽ محسوس ڪري دل ۽ دماغ سندس سحر ۾ مَنڊجي ويندا آهن.
دراصل شاعري ٻن قسمن جي ٿئي ٿي يا اڃان به ايئن چئجي ته شاعري جا ٻَه زاويا آهن. هڪ آزاد شاعري ۽ ٻي پابند شاعري.
پابند شاعري ۾ غزل،نظم،وائي،بيت،گيت، ترائيل اچي وڃن ٿا. جڏهن ته آزاد شاعريءَ ۾ نثري نظم يا آزاد نظم اچن ٿا. پر غور ڪبو ته نثري نظم اظهار جي آزاد ڪئنواس جو اُهو حسين ۽ نفيس تَصور آهي جيڪو پنهنجي جوهر ۾ ڏاڍو مُشڪل ۽ گھرو پڻ چئي سگهجي ٿو. ڪولرج چواڻي ته “شاعريءَ جو سمورو سحر، سندس سڄو حُسن،اُن جي ساري قوت،اُن فلسفياڻي اصول ۾ آهي جنهن کي اسان ڏانءُ چئون ٿا.”
نثري نظم بظاهر ننڍين وڏين سٽن تي آڌاريل هڪ اهڙو ته زاويو آهي جنهن جي اندروني آهنگ يا نفاست جي نِج نِبار ۽ اعليٰ استعمال کان سواءِ تصور يا خيال جو ڪو مُڪمل پورٽريٽ نه ٿو جُڙي سگهي.نثري نظم پنهنجي اندروني سِٽاءُ ۾ هڪ اهڙو ته شاعريءَ جو اِدراڪ آهي جنهن کان سواءِ نثري نظم صرف اکرن جو آکاڙو بڻجي رهجي وڃي ٿي.مون ته نثري نظم لکندي پنهنجي تصور،خيال، احساس يا فن، فڪر ۽ فهم کي پنهنجي شعور جي شعاعن سان هم آهنگ پئي ڀانيو آهي.روبرٽ فروسٽ لکيو آهي ته “شاعريءَ” جو وجود تڏهن هوندو آهي جڏهن “جذبن” کي “فڪر” ۽ “فڪر” کي “لفظ”ملي ويندا آهن. يا وري ڊاڪٽر علي شريعتي چواڻي ته، “لفظ معنيٰ سان گڏ روح به رکندا آهن. مفهوم سان گڏ احساس به رکندا آهن. دماغ سان گڏ دل به رکندا آهن.”
اهو ئي ڪارڻ آهي جو مون پابند شاعريءَ کان وٺي نثري شاعريءَ جي سفر تائين شاعريءَ جي نَون نَون ذائقن توڙي ڪيفيتن کي محسوس ڪندي هڪ عجيب قسم جو سَنتوش پئي پاتو آهي. نثري نظم منهنجي نظر ۾ هڪ پابند شاعري ڪندڙ شاعر لاءِ وڏو امتحان آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ جتي پابند شاعريءَ جي اهميت آهي اُتي نثري شاعري، شاعر جي اظهار جا لِڪل ۽ ڳُجها پاسا پڻ دريافت ڪري وٺي ٿي.لفظن جي رواني، تصور جي تُرهي تي ڪويتا جي سمنڊ ۾ تَرڻ جو لُطف ۽ احساس ڏاڍو نِرالو ڀاسي ٿو.
“خودڪلاميءَ جو پورٽريٽ” ۾ به منهنجي شاعراڻي سفر جا اهڙا سرور بخش ٿَڪ آهن جن کي روح جا پيرَ محسوس ڪري شاعريءَ جي مُسافريءَ جي حُسناڪين کي سارين ٿا.
سچ ته نثري نظم اُها شاعري آهي جيڪا منهنجي دل ۽ دماغ جي گهٽين ۾ ڀَٽڪندي پنهنجي اظهار جا رستا ڳولي رهي هئي. جنهن نيٺ اُهي گُم ٿي ويل پيچرا ڳولي منهنجي شاعراڻي جهان کي وڌيڪ نِکاري ڇڏيو آهي.اچو ته”لکڻ کان رهجي ويل نظم“ پڙهي،پنهنجي اندر ۾ ڀٽڪندڙ پنهنجو پاڻ کي نئين انداز سان دريافت ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون.ڇو ته پنهنجي پاڻ کي اندر ۾ دريافت ڪرڻ ئي نثري نظم جي روشني ۾ ممڪن ٿي سگهي ٿو.
ماڻهوءَ جي اندر جي تنهائي توڙي اڪيلائي کي اظهارڻ يا اُن جو پورٽريٽ جوڙڻ لاءِ اسان کي نثري نظم ۾ لفظن وسيلي اندر لهڻو پوندو ۽ نثري نظم جي اندر ۾ لهڻ کان پوءِ ئي سڀ لِڪل راز عيان ٿي توهان سان توهان جي سُڃاڻپ ڪرائيندا.هُون به ڊاڪٽر ناصر عباس نير جي لفظن ۾ ته،”ڪجهه ماڻهن جي خيال ۾ نثري نظم جو خَمير اُنهيءَ تنهائيءَ مان اُٿيو آهي جيڪا صَنعتي ۽ سرمائيداراڻي تهذيب جو ڏيبُ آهي معنيٰ ته جنهن ۾ فرد ۽ سماج جي وچ ۾ اوپرائپ ۽ هڪڙي کَڏَ يا وِٿي اچي وئي آهي.انهيءَ صورت حال ۾ انسان پنهنجو اظهار خودڪلامي جي صورت ۾ ڪندو آهي.خودڪلامي کي نثري نظم جي بڻياد (POETICS) جو اهم اصول به ڄاتو ويو آهي،اِها ڳالهه هڪ حد تائين سچي آهي ڇو ته خودڪلامي رڳو نثري نظم تائين محدود ناهي پر ٻين جديد شعري ۽ نثري صنفن ۾ به موجود آهي ۽ اُنهيءَ جو هڪڙو ڪارڻ اِنفراديت پسندي ۽ تجربو پسندي به آهي.روايت سان ڳُوڙهي لاڳاپي،مڪالمي کي جڏهن ته روايت شڪني جي رَوش،خود ڪلامي کي واڌ ويجهه بخشيندي آهي.۽ اڪيلائي هڪ اهڙو انساني مسئلو آهي جيڪو ڪنهن مخصوص دور سان لاڳاپيل ناهي.انسان جڏهن به پاڻ سُڃاڻڻ ۽ پنهنجي معرفت جي سفر تي نڪرندو آهي تڏهن اڪيلائي سندس تجربو ضرور بڻبي آهي.اِهو صحيح آهي ته هاڻوڪي دور ۾ اڪيلائي جا سماجي ۽ نفسياتي اولڙا وڌيڪ شدت ۽ ڪثرت سان اڳيان آيا آهن ۽ ظاهر آهي ته اُن جو ڪارڻ سياسي،سماجي نظام ۽ سَرمائي پرستاڻي ثقافت آهي،تنهن کان سواءِ اڪيلائي جو تَعلق محبت جي واردات سان به آهي.“
ڏٺو وڃي ته ماڻهوءَ جي من جا مڙئي مِلول يا مُحبتن جا ٽُٽي پيل خواب شاعريءَ جي وجود کي نئين سِر تخليق ڪرڻ جي ڏانءُ ۾ ئي لِڪل آهن.شاعري لکڻ يا پڙھڻ توڙي جو ٻَه الڳ الڳ حالتون آهن پر اُهي ڪنهن نه ڪنهن طرح هڪ ٻئي سان هم آهنگ ۽ هڪ ٻئي ۾ اهڙيءَ ريت پيوست ٿيل آهن جو اُنهن کي جدا ڪرڻ مُشڪل ٿي پوي ٿو.اُن ڪري شاعر،جڏهن شاعريءَ ۾ ڪُجهه به اظهاري ٿو ته پڙهندڙ وري اُن کي گهرائيءَ سان پڙهي پنهنجي روح جي تلخين کي نئين انداز سان پنهنجي وجود ۾ دريافت ڪري وٺي ٿو.
ايئن اُهي ٻئي تعلق هڪ ٻئي سان درد جي ڌارا ۾ گڏ گڏ وهندا هڪ ئي لهر ۾ سمائجي شاعريءَ کي نيون معنائون ۽ مَفهوم بخشيندا آهن.
نثري نظم جي حوالي سان شيخ اياز پنهنجي ڪتاب”سَر لوهيڙا ڳڀيا“جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته، “اُڀرندڙ جديديت جو مُکيه اُونو اهو هو ته جديديت کي تجرباتي ۽ وجودي جماليات مان نِجات ڏياري وڃي.رستا ڳوليا ويا ته آرٽ جي هڪ شهپاري کي حقيقت جو اُتارو نه بڻايو وڃي ۽ نه اُن کي حقيقت جو نعم البدل بڻايو وڃي،پر اُن سان حقيقت ۾ شدت پيدا ڪئي وڃي.باقاعدي بحر و وزن جي پابند شاعري ته گهڻو ڪري حقيقت کي اضطراب ٿِي ڏئي يا اُن جو گلو گهٽي ٿي ڇڏي.شاعر جا لفظ قافيي ۽ رديف جي چڪر ۾ اچي ٿا وڃن.جن جو استعمال اڳي ئي فرض ڪيو ٿو وڃي.” (صفحو.39،40)
“اهڙي طرح يورپ ۾ به اڻويهين صديءَ ۽ ويهين صدي جي شروعات ۾ منظوم شاعريءَ ۾ شاعرن ائفرو ڊائٽي،وينس،پيني لوپي، اپالو،زيوس،ائگميمنان،هر ڪليز ۽ ٻين يوناني ديوين ۽ ديوتائن جو فطري نظارن ۾ يا علامتي طور تي ايترو ذڪر ڪيو جو شاعريءَ جا شائق بيزار ٿي پيا. هُنن پابند شاعريءَ مان جان ڇڏائي، Vers Libre اختيار ڪيو، نثر ۽ نظم جي وچ ۾ آمد رفت وڌي.نثر تي ڌيان اُن سبب ويو جو اُن کي ڪبڪ رفتاري پنهنجي آهي،اُن کي وڻي ته بيهي، وڻي ته چوڳو چوڳي، اڳتي وڌي يا هڪ ۽ اُڏار ۾ سفر طئي ڪري وڃي.
نثر زندگيءَ جون جامع حيثيتون چِٽي سگهي ٿو، اُن جا ورائتا پيچرا ٻوليءَ ۾ آڻي سگهي ٿو، اُن ۾ نظم وانگر دُهراءُ وَرلي آهي، تواتر سان مُناسبتون گهٽ ٿيون ملن. نثر، نظم وانگر معنيٰ کي سُڪوڙي سمائي نٿو سگهي.”
(صفحو.42)
“آزاد نظم،نثري نظم لاءِ هڪ تحريڪ جو حصو آهي. فرانس ۾ نثر،نظم کان ايترو ڌار ٿي ويو،جو نثري نظم هڪ رابطو ٿي پيو. فيني لان، Fenelon(1651ع کان 1715ع تائين-ڪلاسيڪل فرينچ ليکڪ) کان شاطو بريان (1768ع کان 1848ع تائين-فرينچ اديب) جي شاعريءَ تائين، ۽ انجيل جي نثر ۽ وديشي نظمن جي ترجمي جو ذريعو ٿي پيو.”
“دراصل بينادي طور تي نثري نظم جي مُکيه خاصيت اُن جو اُوچو سَڀاءُ ۽ اَروڪ نَواڻ آهي.وَرلي ڪوئي نثري نظم چِٽو ۽ سَنڌائتو آهي نه ته گهڻو ڪري اُن ۾ عجيب ۽ انوکي پڻو آهي ۽ ايئن ٿو لڳي ته يا ته ڦير ڦار کان پوءِ، ٻي فارم کي گهڻو ڪري آزاد نظم کي اُتساهيندو يا نقش بر آب ثابت ٿيندو.”
(صفحو.43،44)
“جڏهن نثري نظم جي باري ۾ لکيو ويو آهي ته ان جي نثريت جو آخري تاثر“نفاست” آهي، تڏهن نثري نظم جي وصف ۽ معنيٰ واضح طور بيان نه ڪئي وئي آهي. نثر ۾ سُر جو لاھ چاڙھ ڪو نه آهي، اُن ڳالهه جو مَدار اُنهيءَ آواز تي آهي جيڪو اُهي محاورا ٺاهي ۽ فقرا بيهاري ٿو،جي ڊيگهه ۾ هڪ جيترا نه آهن ۽ جن جي اهميت به ساڳي نه آهي.”
(صفحو.44)
“انجيل جي نثر کي شاعراڻو لاھ چاڙھ آهي.آسڪر وائيلڊ جي نثري نظمن ۾ هڪ بيانيه آلاپجي رهيو آهي، عبراني تاريخ کي جنهن ريت پڙهيو ويندو آهي ته اُها اِلاهي فرمان لڳندي آهي. نثر ۾ اُها سڀ ٽيڪنيڪ به آهي.ايئن آهي ته نثري نظم جي “نظميت” اُن اِختصار ۾ آهي.”
“ڪيترا نثري نظم انهن مَنظوم نَظمن جو نثري مواد آهن،جي نظمائڻ کان رهجي ويا آهن.اِها ڳالهه ساري”سَر لوهيڙا ڳڀيا” سان لاڳو ٿي سگهي ٿي.اُهي نثري نظم به
“منهنجي تحت الشعور ۾ ايئن اُڀري آيا هئا، جيئن منظوم نظم اُڀري آيا ها.”
(صفحو.45)
“اُن ۾ شڪ نه آهي ته بودليئر آزاد نظم (Free Verse)جو پيشرو هو.نثري نظم ۽ آزاد نظم،فرانس مان انگلنڊ ۽ آمريڪا پهتا،جتي والٽ وٽمئن جي شاعريءَ دنيا کي ڌوڏي وڌو.جرمن شاعريءَ ۾ ترنم وارا شاهڪار ها،جن جا قافيا نهايت سُريلا هيا.”
“شاعر نثري شاعريءَ ۾ وڏيون سِٽون تخليق ڪري،ڪيترو تاثر پيدا ڪري سگهي ٿو، اُهو شاعر تي مَدار آهي. هُن جا جُملا،هُن جون وياڪرڻ جون اِڪائيون، مَحاورا ۽ فِقرا، اَندروني قافيا اِن طرح ڏنا وڃن ٿا ڄڻ وياڪرڻ کي اڳوڻڪائي ڪا نه آهي.هڪ فقرو فقرو نه آهي پر هڪ نظم جي سِٽ آهي، جُملي جي هر حصي کي ڄڻ صرف و نَحو جي غير مَشروط قطعيت آهي،يعني ته نثري نظم کي پنهنجي ترتيب آهي ۽ ڄڻ ته ماٺ ميٺ ۾ گهٽ وڌائي جي موڪل آهي.اِن ريت نثري نظم نَحوي بَناوت کان بي نياز آهي ۽ اُن کي عجيب و غريب مابعدالطبعيات (Metephysical eeriness) آهي.”
(صفحو.48)
يا وري شيخ اياز سنڌ جي سورنهن شاعرن جي ڪتاب”ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان“جي شاندار ماڳ ۾ صفحي41 تي لکيو آهي ته،
“منهنجو مقصد اِهو آهي ته نثري شاعريءَ جو حق صحيح معنيٰ ۾ اُنهيءَ کي آهي جو بودليئر وانگر سُٺي مَنظوم شاعري ڪندو هُجي ۽ پاڻ پنهنجي مَنظوم شاعريءَ تي نثري شاعريءَ کي ترجيح ڏي.دراصل سُٺي نثري شاعريءَ اُهو ٿو ڪري سگهي،جنهن جو معيار بَرٽالٽ بريخت جو هُجي.شاعريءَ جو مقصد روح کي گرمائڻ آهي ۽ انسان جي گوشت پوست کي روح ۾ بدلائڻ آهي.”
“خودڪلاميءَ جو پورٽريٽ” ۾ دراصل منهجي دل جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ سالن کان اَڻ اِظهاريل خيالن، تصورن، اَڪيلاين، دردن ۽ وڇوڙن جا اهڙا ته گونگا آواز هئا جن کي هِنن نثري نظمن جو ريشمي ۽ رنگين آواز ملي ويو. ٻيو ته اِن پس منظر ۾ سنڌي نثري شاعري کان ويندي بين القوامي نثري شاعريءَ جي مُسلسل مُطالعي منهنجي ذهن جي بند گوشين جا تاڪ کولي منهنجي تَحت الشعور ۾ رهجي ويل خوابن کي نَيَن ۽ نَفيس ڏِسائن جا ڏَسُ ڏئي منهنجي شعور جي احساساتي سفر کي نوان پيچرا دريافت ڪري ڏنا.جن تي هلندي تصور جا طلسماتي رنگ منهنجي روح مان سج جي ڪرڻن جيان جَرڪي منهنجي نثري شاعريءَ کي جَرڪائيندا رهيا آهن. نثري نظم جي اِن سموري پَس منظر ۾ ماڻهوءَ جي مَن جي ويڳاڻائپ ۽ دل جون ڳالهيون نه اِظهاري سگهڻ جي جيڪا بيوسي، بيقراري ۽ درد ڇوليون هڻي رهيو آهي، اُهو درد ئي منهنجي زندگيءَ جي ساحل تي لهرون لهرون بڻجي هميشه منهنجن اکين جي ڪنارن کي پئي ڀِڄائيندو رهيو آهي، جنهن احساس جي آلاڻ ئي منهنجي محسوسيات جي موسم کي نثري نظم جو وشال دامن ارپي منهنجي گهايل اظهار کي پنهنجن سورن سَلڻ جو نئون ساهَس بَخشي ڏنو آهي.


بخشل باغي
Mob:03003217411
16-5-2021

نثري نظم

---

مان هاڻ مِٽيءَ ۾ تبديل ٿي چُڪو آهيان

مان هاڻ مِٽيءَ ۾ تبديل ٿي چُڪو آهيان

مان توکي عشق جي اَڻ جَهل گهوڙي تي ڪيئن سَوار ڪري وٺي هلان ها؟
تو بي خبريءَ جي موسم ۾
مُحبتن جو معراج ٿي ماڻڻ چاهيو
توکي ڪهڙي خبر ته،
جڏهن آسمان اُوچاين تان ڪِرندا آهن ته پوءِ
اُهي پيرن ۾ اچي پوندا آهن.
تون اڪثر پنهنجي جنون جي گهاٽي جهنگ ۾
وڃائجي ويندي ھُئينءَ
۽ مان هميشه توکي ڳولي لهندو هُئس
تون ڪيڏي نه معصوم هُئينءَ
تو حقيقت جي ڪڙاڻ چکي ئي ڪٿي هئي
تو پنهنجي خوشحاليءَ جي محدود
دائري جي خُمارن ۾ گُذاريو هو
پيار ته ڪنهن رنگين پوپٽ جيئن
تنهنجي دل جي مُکڙيءَ تي اچي ويٺو هو.
تون موسمن کي هڪ ئي رنگ ۾ ڏسندي هُُئينءَ
پر فطرت جو نظام تبديل به ٿيندو آهي
تو منهنجي ڀاري نالي سان پنهنجو نفيس نانءُ ڳنڍي
دنيا سان ڪيڏي نه حسين بغاوت ڪئي هئي
مان تنهنجين مُحبتن جو مياري ۽ مقروض آهيان
جو توکي تنهنجي مرضيءَ جي مُطابق
ماڻي سگهڻ جي باوجود به
زندگيءَ جي تلخين جو ذائقو نه وساري سگهيس
مون کي ياد آهي ته تو آخري ڀيرو فون تي روئيندي
پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ لاءِ چيو هو
۽ مان گهر جي ذميوارين کي پُٺي
نه ڏئي سگهيو هُئس
تو فون بند ڪري
منهنجي دنيا جون سڀ رنگينيون
بي رنگ ڪري ڇڏيون
مان توکان پوءِ هاڻ مِٽيءَ ۾ تبديل ٿي چُڪو آهيان.

رُسڻ ته ڪو توکان سِکي

رُسڻ ته ڪو توکان سِکي

تون رُسين ٿي ته،
روح، ريگزاريءَ ۾ تبديل ٿيو وڃي.
رنگن کان رنگينيون ناراض ٿيو پَون.
موسمن کان مَٽجڻ ئي وِسريو وڃي.
تون رُسين ٿي ته،
پوپٽَ، گُلن ڏانهن ويندڙ سڀئي گسَ ڀُلجو وڃن.
رات کان چنڊ، ڪاوڙجو پَوي.
رَت، رڳن ۾ ڄَميو وڃي.
تون رُسين ٿي ته،
سانوڻ، سُڏڪن ۾ سُرمائي ٿيو وڃي.
شام، رات جو ڪارو لباس اوڍي،
ستارن جو ماتم ٿيو پوي.
ساھُ، نِڙيءَ ۾، مَڇيءَ جي ڪَنڊي جيان اَٽڪيو پوي.
تون رُسين ٿي ته،
رستا روڳي ۽ گھٽيون غم ۾ نِڍال ٿيو پون.
نديءَ جي نگاهن ۾ نيرُ ڦهلجو وڃي.
نفيس خوابن مٿان اَيٽم ڪريو پوي.
۽ مان ذرڙين ۾ وکرجو وڃان.
تون رُسين ٿي ته،
مڌُ مان خُمار ئي اُڏريو وڃن.
ٽانڊاڻا، جهنگ ۾ گُم ٿيو وڃن.
ستارن کان گردش ۽،
ڌرتيءَ کان ڦِرڻ ئي وسريو وڃي.
تون رُسين ٿي ته،
ڪائنات، ڊانوان ڊول ٿيو وڃي.
او رُسڻي!
رُسڻ ته ڪو توکان سِکي.
تون جي چاهين ته،
سڀ موسمون، رنگَ، احساسَ،
خواب ۽ ڪيفيتون پَل ۾ پرچي پَون.

قبر جي ساميءَ جيان سوڙهي ٿي ويل زندگي

قبر جي ساميءَ جيان سوڙهي ٿي ويل زندگي

*ننڊ اکين کان ڏُور رهڻ لڳي آهي
۽ خواب وري ننڊ کان
آواز نِڙيءَ ۾ مَڇيءَ جي ڪَنڊي جيان ڦاسي پيو آهي
خيال مون کان خوف کائڻ لڳا آهن
تنهائي به هاڻ پَرڀرو رهڻ لڳي آهي
وجود ۾ هڪ جنگ جهڙي حالت آهي
ڪيفيتون، ڪرونا جيان ڪَکڻ لڳيون آهن
پاڇو به ساٿ ڇڏي الائي ته ڪيڏانهن ڀَڄي ويو آهي
موت جي بُوءِ حَواسن کي ڄَئونر جيان چَنبڙي پئي آهي
هٿ، هٿ کان ڇِرڪي ٿو
گهر جي ديوارن تي اُداسين جا رنگَ
لهي آيا آهن
درن، اکيون ٻُوٽي ڇڏيون آهن
ٻارن جا رانديڪا ڪُنڊ ۾
چُپ ڪري هڪٻئي کي ڏسي رهيا آهن
زندگي قبر جي ساميءَ جيان سوڙهي ٿي پئي آهي
پر پوءِ به جيئڻ جا جتن ڪندي
ڪرونا سان اَٽڪي رهيا آهيون
اِن اُميد سان ته
زندگي، موت کي مات ڏيندي.....!

ٻُڙي

ٻُڙي

حسابَ مون کي ٺُپُ نه ايندا آهن.
مان انگن ۾ اُلجهي پوندو آهيان.
انگَ، ذهن لاءِ اَنگاس بڻجي پوندا آهن
مون هميشه،
جن کي به جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
اُنهن موٽ ۾ مون کي ڪَٽي ڌار ڪيو آهي.
دل، تنهائيءَ ۾،
سدائين ضَربجندي رهي آهي.
وقت مون کي وَنڊي،
پاڇيءَ جي اڪيلائي ڏني آهي.
مان هڪ کان اڳتي،
ڳڻپَ جي ڳُجهه ۾ وڃائجي ويندو آهي.
مون کي حسابن جون نيشانيون،
ڪاريهر جيان ڪَکي وِجهنديون آهن.
رياضيءَ جي رياضت،
مون کي موت جي سزا ڏيندي آهي.
دُنيا انگن جي ڊيگهه ۾،
ڪيڏي نه ننڍڙي ٿي وئي آهي.
۽ مون اَزل کان،
ٻُڙيءَ جي ننڍڙي دائري مان،
آسمانن کي پَرکيو آهي.


ڪَلا

رنگَ، ڀِتين جي خالي اکين ۾
خوابَ ڀَرين ٿا
گونگين ڀِتين کي آوازَ بَخشين ٿا
اَجاين اِشتهارن ۽ کوکلن نَعرن
کان کين تَحفظ ڏين ٿا
رنگَ، ڀِتين تي درَ ۽ دَريون
کولي هَوا کي تازگي بَخشين ٿا
ويران رستن تي رونقون رنگين ٿا
فنڪار جا هٿَ
رنگن جي ڪائنات کي تخليق ڪري
سُونهن جا نَوان زاويا ترتيب ڏيندا آهن۔
بُرش جون آڱريون
ڀتين جي اُجڙيل سِينڌ ۾
معنيٰ جو سِنڌُور ڀَري
اُتساھ جا اُجالا ڪري
فن کي روشن ڪنديون آهن
ڇو ته
ڪَلا ۽ ڪَلاڪار رنگن جي
ڪهڪشائن جا خالق هوندا آهن

رنگَ اُداسيءَ ۾ ويڙهيل آهن

رنگَ اُداسيءَ ۾ ويڙهيل آهن

دلين ۾ مِلڻ جا ميلا مُرجهايل آهن
ٽَھڪن جي ٽارين تي سَرءُ لَٿل آهي
رنگَ اُداسيءَ ۾ ويڙهيل آهن
فطرت ڏُک ۾ ڏَڪي رهي آهي
خوابَ مَرض ۾ مُبتلا ٿي ويا آهن
بيماريءَ جو بار ڪُلھن تي وَڌندو ٿو وڃي
مَسيحائيءَ جي مُک تي فڪر جي فرياد آهي
خوف، خدا آڏو کَنگهي رهيو آهي
سموري عالم جون اکيون پَٿرائجي ويون آهن
سَرشٽي سَھڪي رهي آهي
ستارا سوڳ جي چادر ڍَڪي سوڳوار آهي
چنڊ به ڄڻ خنجر جو چَھڪ ٿو ڀاسي
اهڙي سَمي منهنجي ديس جا
سڀئي روڊ، رستا، گهر ۽ گهٽيون
گونگيون ٿي پيون آهن
وَبا جو حِراس ماڻهن جي دلين تي ماسڪ وانگر چڙهيل آهي
هر گهر آئيسوليشن ۽
زندگي وقت جي وينٽيليٽر تي ساھ کڻي رهي آهي
خوابن ۾ به دوائن جي بوءِ ڀَرجي وئي آهي
ذائقي ۾ ڪَڙاڻ وڌندي پئي وڃي
وائرس جي ويرانيءَ ڌرتيءَ کي ڌوڏي وِڌو آهي
لاڪ ڊائون جي گهيري ۾
گهر قيد خانن ۾ تبديل ٿي پيا آهن
۽ ماڻهن جي هوا جيان آزاد زندگي
“ڪرونا” جو قيد ڀوڳي رهي آهي
گهٽيون ٻارن جو انتظار ڪري رهيون آهن
رستا پيرن جي پَڙلاءُ لاءِ ڪنائي رهيا آهن
شهر ماڻهن سان ملڻ لاءِ ماندا آهن
جياپو جنگ جو ميدان ٿو ڀاسي
موت ماريءَ جيان
ڪرونا جي ڪات سان انسانيت تي حملا آور آهي
پر زندگيءَ سان محبت جو جذبو
جيئڻ تي جيت جو وچن ڪري چُڪو آهي
فتح جو فانوس جهڻيو ئي صحيح پر ٻَري چُڪو آهي
وَبا جي موت جهڙي ماٺار ۾ مايوسيءَ کي چيري
همت ۽ حوصلن جا ڪِرڻا ڦُٽي رهيا آهن
زندگيءَ جي اُداس مُرڪ مان....

رنگن ۾ ڦُٽي پيل ٿُوهر

رنگن ۾ ڦُٽي پيل ٿُوهر

ڪوئل جي ڪُوڪ ۾
شام لهندي ئي
اُداسيءَ جي شفق اکين ۾ لهي آئي
دل، صحرا جو پورٽريٽ بڻجي پئي
رنگن ۾ ٿُوهر ڦُٽي پيا
ڪيفيتن مان ٽُوھ ٽِمڻ لڳا
خيال، پُرزا ٿيل خطن جي ٽُڪرن جيئن
هوائن ۾ وِکري ويا
ذهن تھ خاني ۾ تبديل ٿي ويو
زندگي، رَديءَ جو سامان بڻجي پئي
رات کي سهيڙڻ جي ناڪام ڪوشش ۾
چنڊ، زهر جي گوري
آسمان کائي نيرو ٿي ويو!

نِڙيءَ ۾ اَٽڪي پيل سُڏڪو

نِڙيءَ ۾ اَٽڪي پيل سُڏڪو

ڇا، هاڻ مان اِهو يقين ڪري ڇڏيان ته
تو، مون کي وساري ڇڏيو آهي؟
ڇا، ڪير ڪنهن کي ايترو جلدي وساري سگهي ٿو؟
جيترو جلدي، ڪو کِنوڻ جو تَجلو
هِڏڪيءَ جو مُختصر لَمحو
ڌَڙڪن جو سَمو
يا وري
وڇوڙي جي گهايل گهٽيءَ جي موڙ تان
نِڙيءَ ۾ سَرد سُڏڪو اَٽڪائي
تَڪڙو گُذري وَڃڻ جيتري وقت ۾
ڪير ڪنهن کي وساري سگهي ٿو؟
ڇا، مان هاڻ اِهو يقين ڪري ڇڏيان ته
جُگنو اُوندھ ۾ ٽِمڪڻ ڇڏي ڏيندا؟
گُل ٽِڙڻ، هوا گُهلڻ، سمنڊ گَجڻ، نديون وَهڻ سِج اُڀرڻ، ڪوئل ڪُوڪڻ، پکي اُڏرڻ،
وقت گُذرڻ،
جي نه ته پوءِ
مان اِهو يقين ڪيئن ڪري ڇڏيان ته
تو مون کي وساري ڇڏيو آهي!

واپسي

واپسي

ڇا تو منهنجا اُهي نظم پڙهيا آهن
جيڪي مون هيل تائين صرف تولئه ئي لکيا آهن؟
ڇا تو اُنهن نظمن ۾ منهنجي اُداس دل جي
اڪيلائي محسوس ڪئي آهي؟
جن ۾ مان تنهنجي اوسيئڙي جي تِکي اُس ۾ تڙپندو آهيان
ڇا تو منهنجا اُهي نظم پڙهيا آهن
جيڪي تنهنجي چپن جي رستي
تنهنجي دل تائين پُهچڻ لاءِ مُنتظر آهن
۽ تنهنجن رنگين احساسن سان رنگجڻ لاءِ بيقرار آهن
ڇا تو منهنجا اُهي نظم پڙهيا آهن؟
جيڪي مون تنهنجي يادن ۽ خوابن جي سمنڊ مان شاعريءَ جي ڪُنڍيءَ سان پَڪڙيا آهن
ڇا تو منهنجا اُهي نظم پڙهيا آهن؟
جيڪي مون تنهنجي وَڃڻ ويل
تنهنجن پيرن جي اُڏندڙ ڌُوڙ مان ڇَنڊي کَنيا هئا
ڇا تو منهنجا اُهي نظم پڙهيا آهن؟
جن ۾ منهنجون اوجاڳيل اکيون
جاڳ جي ٽياس تي ٽَنگيل رهن ٿيون
يا وري اُهي نظم
جيڪي مون تخليق جي تصور ۾ صرف تولئه لِڪائي رکيا آهن
ڇا تو منهنجا اُهي نظم پڙهيا آهن؟
جن ۾ تنهنجي ٽهڪن، مُرڪن، آرسن، ڳالهين
چُوڙين ۽ تنهنجي حسين چھري جي
نفيس رَوين جا رنگ ٽِڙندا رهندا آهن
ڇا تو منهنجا اُهي نظم پڙهيا آهن؟
جن ۾ ڪٿي نه ڪٿي هڪ پاڳل شاعر
تنهنجي گهر جي گهٽيءَ جي
هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين
تنهنجي ڌيان کان پري آوارگي ڪندي پئي ڀٽڪندو آهي
۽ نِراس ڀٽڪندي ڀٽڪندي سُست قدمن سان
خودڪشيءَ جي سَرحد اُڪرڻ کان ٿورڙو پهرين
تنهنجي ديدار جي درشن جي دري کُلي پَوڻ جي آس ۾
تولئه ٻيھر نظم لکڻ جي لاءِ
زندگيءَ ڏانهن واپس موٽي ويندو آهي
ڇا تو منهنجا اُهي نظم پڙهيا آهن؟

سَرد خوابن جو ڪَفن

سَرد خوابن جو ڪَفن

تون مون کي سال جا يارنهن مهينا وساري سگهين ٿي
پر سال جي ٻارهين مهيني ۾
منهنجي ياد،
تنهنجي دل مٿان برف وانگر وَسڻ شروع ٿي ويندي
سال جي ٻارهين مهيني ۾ ئي ته
اڪيلائين جي سُرمئي رنگ مان
هڪ نظم جي اُڻت ٿي هئي
تو اُن نظم جي اُداس پُل تان گُذري
منهنجي دل تي دَستڪ ڏني هئي
اُها دَستڪ
منهنجي ويران روح جي وادين ۾ اڄ به پَڙاڏا بڻجي گُونجي رهي آهي
تنهنجي نفيس هٿن جو ريشمي لَمس
منهنجين رَڳن ۾ بَرفائجي ويل خون کي
گردش بخشي ٿو
تصور جي وِشال دريءَ مان
نظر ايندڙ برفاني سفيد منظر
هاڻ سَرد خوابن جو ڪَفن ٿو ڀاسي
تنهنجن رنگين ۽ خوشبودار ڀاڪرن تي هاڻ
سَرءُ لهي آئي آهي
رات پهاڙن جيڏي ڊگهي
ستارا آسمان ۾ چنڊ سان برفائجي ويا آهن
وقت جي گردش تيز ٿڌ ۾ ٿَڙڪي رهي آهي
سال جو ٻارهون ۽ آخري مهينو
گذريل يارنهن مهينن جي درد کي پاڻ ۾ سَمائي
وڇوڙي جي ڀِنل رنگن جيان وِٽڙي ويو آهي
منهنجي دل جو ننڍڙو ٽُٻڪو الائجي ڪٿي وڃائجي ويو آهي؟

ڪِنگ پِرسٽ

ڪِنگ پِرسٽ

توکي پنهنجي وجود يا ڪُلهن تي
اوڍيل ايئن ٿو محسوس ڪريان
جهڙا پرينءَ جا نَرم ۽ گَرم ڀاڪر
ڄڻ ريشمي ۽ رنگين ٻانهن جي پناهن ۾ هُجان
جيئن پکي آکيرن ۾ پنهنجي معصوم ٻچن کي
پنهنجا مُقدس پَر پکيڙي محفوظ رکندا آهن
تنهنجي ڪارونجهر جهڙي اَڏول سُرخ سيني تي ڇُريل
اَڇون، ڪاريون، نيريون، ڳاڙهيون ٽِڙندڙ ڦُلڙيون
منهنجي بنجر وجود تي ٽِڙي، مهڪي پَونديون آهن
تنهنجا سڀئي نِرالا ۽ اَڇوتا نقش
منهنجي سُڃاڻپ جو لازوال حوالو آهن
اُتر جي برفيلي هوا ۾ تون
آسيس ڏيندڙ هڪ گرم احساس آهين
منهنجي بي بقا زندگيءَ تي
تنهنجا رنگ، ڪيڏا نه گھرا ۽ اَڻ مِٽ آهن
تنهنجون ڦَھليل وِشال چارئي ڪُنڊون
ڌرتيءَ جون چار ڏِسائون آهن
جن ۾ تو سموري سِرشٽيءَ کي اُلفت ۽ اَمن سان سَمائي رکيو آهي
تنهنجي عظمت
ڌرتيءَ کان آڪاش تائين
ڦُلڙيون ڦُلڙيون ستارا بڻجي ڦھلجي وئي آهي
تو ۾ ڌرتيءَ جي مُقدس مٽيءَ جي ناياب خوشبو سانڍيل آهي
تون ديس جي سِر تي سدائين
بَڙ جي گهاٽي ڇانوَ مِثل آهين
تنهنجون کير جهڙيون اَڇيون روشن ڦُلڙيون
اَمن جا ڪبوتر بڻجي اُڏامن ٿيون ته
سموري مُنتشر فضا، الهامي آسيس ماڻي ٿي
تنهنجو احساس ۽ خيال
دنيا جي عظيم تخليق آهي
جنهن کي موهن جي اِسٽوپا تي
نَڪ ڀَڳل “ڪِنگ پِرسٽ” پنهنجي وجود تي ويڙهي
سَمبارا جو رقص ڏٺو هو!

بليئڪ هول

بليئڪ هول

توکي وسارڻ جي ڪوشش ڪندي ڪندي
مان زندگي گُذارڻ به وساري ويٺو آهيان
مون کان منهنجي گهر جي گهٽي به وسري وئي آهي
سڀ چهرا اجنبي ٿي پيا آهن
سُڃاڻپ جي ڳولا ۾ مان پنهنجي شناخت وڃائي ويٺو آهيان
ذهن جي سُئي تنهنجي تصور ۾ اَٽڪي پئي آهي
مون رات جي رستن تي ننڊ کي وڃائي ڇڏيو آهي
هاڻي ننڊ جون گوريون مون تان کلنديون آهن
مان احساس جي تِکي اُس ۾ ٽِچڪي رهيو آهيان
اڪيلاين جو ٻرندڙ سج دل تي لهي آيو آهي
مان وجود جي ويرانين ۾ ڀٽڪي رهيو آهيان
تنهنجي تمنا جي تنوار من ۾ تڙپي رهي آهي
تو مون کي بي ڌيانيءَ جي“بليئڪ هول” ۾
ڌِڪي ڇڏيو آهي
گهڻي ڳولا کان پوءِ به مان پاڻ کي نٿو لَڀان
تون ئي اچي مون کي ڳولي ڏي
تون ئي اچي ڪا منهنجي ڳڻتين جي ڳُجهارت ڀَڃ
توئي ته منهنجي پريم کي
پروليءَ ۾ تبديل ڪيو هو
تون ئي اچي منهنجي ساهن جي سورن کي سَل
مان صحرا جي سانت ۾ سُڏڪي رهيو آهيان
مون هوا جي هٿن تي تنهنجو نالو لکيو آهي
تو اُُهو ته ضرور پڙهيو هوندو
تنهنجي نانءُ ۾ ئي ته منهنجو ڏَس پَتو آهي
تون پنهنجي نالي جي نُقطن ۾ غور سان نِهار
توکي منهنجي ديوانگي نظر ايندي

بُک جي چَڪيءَ ۾ پِيجسندڙ خواب

بُک جي چَڪيءَ ۾ پِيجسندڙ خواب

وَبا موت جي، ۽ لاڪ ڊائون
زندگيءَ جي علامت آهن
ايمبولنس جو سائرن احتياط
جو سَڏ آهي
گهرن ۾ بند رهڻ،
پيرن کي پنڌ کان پاسيرو ڪري ڇڏڻ
زندگيءَ سان محبت جو اظهار آهن
اليڪٽرونڪ، پرنٽ توڙي سوشل ميڊيا
خوف سان ڀرجي ويون آهن
جيڪا ڳالهه هانءُ هِڄائي ڇڏي ٿي
سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر
پورهيت جو پيٽ وَبا کان نٿو ڊڄي
بُک جو شديد احساس اکين ۾
مانيءَ جا خواب اُڻي ٿو
پرحقيقت، بُک جي بيقراريءَ ۾
تڙپي رهي آهي
“آڻين ۽ چاڙهين” وارا پورهيت
بُک جي چَڪيءَ ۾ پِيسجي رهيا آهن
اهڙي چَڪي جنهن ۾ اَن کي پيهين اَٽي ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي
منهنجي وطن جا وارث وڏي سرڪار جي سھائتا جي آسري ۾
تَئي تي پَچندڙ مانيءَ جيان پَچي رهيا آهن
سرڪار، مسڪين ماڻهن تائين سھائتا
رسائڻ جو ڪو به مُثبت بندوبست ڪرڻ ۾ ناڪامي جو ماسڪ پنهنجن بي حس دلين تي چاڙهي عالمي سھائتا جي مُنتظر آهي
۽ بُک ڳِجهه وانگر معصوم زندگين کي
پَٽي رهي آهي
وَبا جو خوف بُک ۾ مَٽجي بي احتياطي بڻجي پيو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔!

منهنجو جسم منهنجي مرضي

منهنجو جسم منهنجي مرضي

جسم زندگيءَ جي حسين علامت آهي
مَرضي آزاديءَ جو اَڇوتو احساس.
جسم ۽ مرضي
عورت جي صدين جي پيڙائن مان ڦُٽي نڪتل هڪ رَڙ آهي
هڪ بغاوت آهي
عورت جي آزادي مرد کي گار ڇو ٿي لڳي؟
سندس مصنوعي مُھذب پڻي ۽ ڪوڙي اخلاقيات لاءِ
عورت جي آزادي ته
فطرت جو فنا نه ٿي سگهندڙ آواز آهي۔
عورت، پيار، محبت ۽ سُونهن جو حسين سنگم آهي.
عورت جو جسم، مرد کي پنهنجي غيرت تي وار ڇو ٿو محسوس ٿئي؟
اهڙو وار
جنهن کي آسمانن جي اُوچائي به روڪي نه ٿي سگهي
عورت جي مرضي
صدين کان مَڙهيل مرداڻي سماج لاءِ موت جو سنيھوآهي۔

لاحد

لاحد
تو خاموشي سان چانڊوڪيءَ کي
چنڊ جا سڀ رازَ سليا
تو ستارن کي پازيب ۾ پائي
جَهنڪار ۾ تبديل ڪيو
تو اِنڊلٺ کي چُميءَ جو چنگ بڻائي ڏنو
تو گهٽائن کي وارن ۾ ويڙهي
برساتن کي بي چين ڪيو
تنهنجي ڳلن جي ڪُنن ۾
ڪيتريون ئي دليون گُم ٿي ويون
تو پوپٽن کي ٽهڪن جا پَر ڏنا
تو گُلن کي رنگَ ڏئي ٽِڙڻ سيکاريو
آبشارن کي رواني ۽
نديءَ کي هڪ سُهانو سفر ڏنو
تنهنجي قدمن جي آهٽ ٻُڌي
پٿر به ڌڙڪي پيا
تو آسمانن کي اکين جي وُسعت ڏئي
سمنڊ کي حيران ڪري ڇڏيو
تو ڪهڪشائن جي ڪهاڻي ڪڪوري
راتين کي پُرنُور ڪيو
تو سِج کي جوت جي جلا بخشي
جُگنو تنهنجي خوابن ۾ تحليل ٿي ويا
تنهنجي نظر لاحد کي اورانگھي
خُدا کي ڏِٺو ته خُدا به مُرڪي پيو!

لِکڻ کان رهجي وَيل نظم

لِکڻ کان رهجي وَيل نظم

رستي جي اُڏندڙ ڌُوڙ ۾
هر روز ايندي يا ويندي
الائي ته ڪڏهن ۽ ڪيئن
هُوءَ منهنجي تَحت الشعور ۾ هلي آئي
لاشعور ۾ پُھچڻ تائين مان لاشعوري طور تي ڏانهس ڇِڪبو رهيس
هُن جو عجيب پُرڪشش چهرو
منهنجي شعور ۾ ايئن ته روشن ٿيو
جيئن ڪنهن ڊگهي ڪاريءَ رات کان پوءِ اُجرو ڳاڙهو کُنڀو سج پِرھ جا پيغام کڻي
اُڀرندو آهي
هُن جي اکين ۾ هڪ عجيب قسم جي طِلسماتي ڇِڪ آهي
جيڪا منهنجين رولاڪ نيڻن کي پاڻ ڏانهن ڌيان ڏيڻ جي نينڍ ڏيندي آهي
مان نه چاهيندي به سندس چهري جي مسيحي مُرڪ ۾ وڃائجي ويندو آهيان۔
سچ ته هوءَ ڏاڍي مُنفرد آهي
هن جو قد، ڪنهن گهايل هرڻيءَ جي ڇال جيترو آهي
بدن جي بيهڪ ۾ هُوءَ
ڪنهن عظيم سنگتراش جي تراشيل ڪا مورتي لڳندي آهي
جنهن تي سادا ۽ ميرا ڪپڙا فخر محسوس ڪندا آهن
نِٽھڻ اُس ۾ گهاٽن بادلن جي ڇانوَ جهڙي ڇوڪريءَ کي مان پنهنجي اصلي اُجري روپ ۾ ڪڏهن ڏسي سگهندُس؟
جڏهن هُوءَ آرسيءَ جي اکين ۾ ڪو خُماريل خواب بڻجي لهندي
مون ته سندس ڍنڍ جهڙو شفاف چھرو
هميشه رستي جي اُڏندڙ مٽيءَ ۾ ڌُنڌلو ئي ڏٺو آهي
جهڙو ماڪ ۾ ويڙهيل ۽ ڀِنل باک ڦٽيءَ جو ٽڙندڙ گلاب
وقت ۽ سماج ڪيڏا نه بي رحم آهن
جو هُو شين کي پنهنجي جائز مَقام کان محروم رکن ٿا
مان ڪيڏين نه پيار ڀَرين نظرن سان کيس نهاريندو آهيان
اِن آس سان ته هُوءَ به پنهنجا نماڻا نيڻ کڻي مون ڏانهن نهاريندي
پر هُوءَ رستي تي ٻُھاري ڏيندي، اُڏندڙ مٽيءَ ۾ الائي ڪٿي گُم هوندي آهي
مان کيس ايندي توڙي ويندي ڏسندو رهندو آهيان
۽ هر روز هُن جو اکين ۾ پيهي ويندڙ چهرو هوريان هوريان اُڏندڙ مٽيءَ ۾ ڌُنڌلائجي منهنجي تصور ۾ چِٽو ٿي پوندو آهي۔۔۔!!!

پَردو کَڄي ٿو

پَردو کَڄي ٿو

رَت جي رشتن جي روايت روان دوان
پنهنجائپ، پَن ڇَڻ جي پُلصراط تي
ويساھ گھاتين جي جلاوطني ڀوڳيندي
ڌَن جي ڌُنڌ ۾ ڌُنڌلائجي ويل اکين جو
مُفلسي جي اُجري آرسيءَکي
ڏُک جي تِکي اُس ۾ سَڙندي ڏِسڻ جو تماشو
ڦيٿي جو تيز تر چڪر سفر کي سُهانو ڪري
ننڊ جي گُلابي جُھوٽي ۾ تبديل ڪرڻ
ڀٽڪندڙ مُسافر پيرَن کي،
پنڌ سان صحرائن جي ريت سهيڙڻ جي سزا
ٿَر تي ڀُل ۾ ڀَرجي آيل بادلن سان
سمنڊ جي خاموش انتقامي رَوِش
پَلُر مان به وَنڊ جي لوڙ
ڌڙڪندڙ دل جي مٿان بوسڪيءَ جي کيسي ۾
نيرن نوٽن جو بار
رُڪجي ويل ساھن تي جياپي جي چيهاڙيون چيهاڙيون ٿيل قميص جي ڦاٽل کيسي ۾ دوائن جون پَئي پَئي پُراڻيون ٿي ڳري ويل پرچيون
زندگيءَ جي سِر تي چڪرائجي ويل
ذلالتن جو اُلا اوڳاڇيندڙ سِج
خاموش نگاهن ۾ لَڙندڙ لُڙڪن جي صليب
اِسڪاچ جي چقمڪي ڇِڪَ ۾ گِھِلجِي ايندڙ
زنگ آلود لوھ جا ٽُڪرا
زندگي جي ڪربلا جو ترشنا ڪيئنواس
سڀئي رنگَ ڪاري ويس ۾
اُڃ، شهيد ٿيل سوال جي نيشاني
انسانيت، تفاوت جي تِکي تلوار سان
ٿيل ٻَه اَڌ
شاطرپائين جو مَٿس
ڀيانڪ ٽهڪ ڏيندڙ يزيدي ڏيک
ڪنڌ ڪَپائي به مُرڪي ڪِري پوندڙ
اُتساھ جو پَردو!!!

ڪاش

ڪاش

او ڌوٻي!
ڪاش تون
ڪپڙن سان گڏ
ماڻهوءَ جي اندر جو
مَيرُ به ڌوئي سگهين ها!

اڳتي

اڳتي

منهنجي دل مان ڦُٽندڙ هر پيچرو
تنهنجي پيرن ۾
زندگيءَ وانگر کُٽي پوي ٿو
تنهنجي پيرن مان نِڪرندڙ رستا
خَرمغز گهوڙن جيئن
منهنجي دل کي سَٽيندا
اڳتي نڪري وڃن ٿا

آيتون

آيتون

منهنجي روح جون زخمي آڱريون
سچ جي قلم تي مَصلوب هُيون
لفظ، لھوءَ مان ٽِمندا رهيا
مسيح جي مُرڪ جهڙيون اَڇوتيون
منهنجون معصوم خواهشون
مريم جي مُقدس ڳوڙھن جي تسلسل ۾
ڳڙنديون رهيون
پڙهنديون رهيون
درد جي بائيبل جون اُداس آيتون!

نيشاني

نيشاني
منهنجي دل
سائيبريا جو اُهو پرديسي پکي آ
جنهن جي نفيس، ڳاڙهسري ڳچيءَ ۾
تنهنجي تعلق جي نِڪور نيشاني آهي
۽ جنهن تي
تنهنجي شڪاري مزاج جو نيشانو

چُپ سان گُفتگو

چُپ سان گُفتگو

اِنڊلٺ جا رنگَ
تنهنجي بَدن تي سَجڻ لاءِ آتا آهن
خوشبو، تنهنجن ساهن ۾ سَمائجڻ ٿي گُهري
پوپٽ،
تنهنجي رَسُ ڀَريل چَپن تي ويهڻ جا
خواب لهن ٿا
جُگنو،
تنهنجي آغوش جي پناھ لاءِ
اُونداھي گهاٽي جهنگ ۾ ڀٽڪي رهيا آهن
چانڊوڪي،
تنهنجي ريشمي پاڇي کي پَڪڙڻ چاهي ٿي
سمنڊ،
تنهنجن وشال نيڻن جي وُسعتن ۾
ٻُڏڻ جا سُرمئي خيال اُڻي ٿو
پکي،
تنهنجي خوابن جي آڪاس تي
اُڏامڻ گُهرن ٿا
موسمون،
تنهنجي آرس ڀَڃڻ جون مُنتظر آهن
ستارا،
تنهنجي سينڌ لاءِ سِڪن ٿا
ڪائنات،
تنهنجي وجود ۾ سَمائجڻ لاءِ بي چين آهي
مگر تون
معصوم اَڻڄاڻائيءَ جي مُقدس رِدا اوڙهي
چُپَ سان مَحوِ گُفتگو آهين!

ڳولا

ڳولا

مون ستارن کان تنهنجو ڏَسُ پُڇيو
اُنهن چنڊ کي ڏٺو
مون پکين کان تنهنجا پار پُڇيا
ته اُهي پَر پکيڙي نيري آسمان جي شفاف وُسعتن ۾ اُڏامڻ لڳا
مون پوپٽن کان پُڇيو ته
اُهي گُلن تي وڃي ويٺا
مون سمنڊ سان تنهنجو ذڪر ڪيو ته
سمنڊ تنهنجي تصور جي نِڪور نيراڻ ۾
وِشال ٿي ويو
۽ شام، شفق جو رُوپ ڌاري مَنجهس تَحليل ٿي وئي!

ڇو؟

ڇو؟

تو مون کي ايئن وساري ڇڏيو آهي
جيئن ڪا عورت ضايع ڪَيل ٻار کي
جيئن طوفان ۾
وکري ويل آکيرن کي پکي
جيئن ريل جي دريءَ مان دور نظر ايندڙ ڏيک
جيئن خُدا مُفلسن کي
خيرات ڏيندڙ فقير کي
ڍَءُ بُک کي
جيئن ڪو ڪتاب ۾ رهجي ويل سُڪل گُلاب کي
انتظار جي تِکي اُس ۾ ٺَري ويل چانھ کي
ڊاڪٽر مري ويل مريض کي
ڪو ٻار
گُذاري ايندڙ وقت کي
سمنڊ
ٻُڏي ويل ٻيڙين کي
وڻ
ڇَڻيل پنن کي
حال، ماضيءَ کي
تھ خاني ۾ رکيل پُراڻي سامان کي
شوڪيس جي اُداس ڪُنڊ ۾
دَزجي ويل ڪتاب کي
ڪڪر صحرا کي
مُسافر رستن کي
جيئن هڪ جنم ٻئي جنم کي وساري ڇڏيندو آهي
ها
تو مون کي ايئن ڇو وساري ڇڏيو آهي!!!

پَرتَوو

پَرتَوو

تون ڪيڏي نه معصوم آهين
جُگنوئن، پوپٽن ۽ پکين وانگر
تون ڪيڏي نه نِرمل آهين
اَڇوتي
ڏٺل هوندي به اَڻ ڏٺل
تنهنجي ريشمي آواز
جهرڻن کي موسيقي ڏني
تو پير کنيا ته
نَديءَ کي هڪ لازوال لوڏ ملي
تنهنجن دل لُڀائيندڙ ٽهڪن
سمنڊ کي نيري وسعت
گُلن کي رنگَ ۽ خوشبو ڏني
تنهنجن نشيلن نيڻن
سج کي هڪ اُجري پِرھ عطا ڪئي
تو ويس مَٽايا ته
شام، شفق جي نيڻن ۾
ڪَر موڙي مُرڪي پئي
تنهنجن ڳَلن شفق کي شرمائي وڌو
تنهنجن چانڊوڪيءَ جهڙن چَپن
پَنکڙين کي تَراشيو ته
سَنگتراشيءَ جنم ورتو
تنهنجي مُرڪ سان
رنگن ۾ مصوري جاڳي پئي
تو ڪائناتن کي
پنهنجي پَوتر پاڇي ۾ پناھ ڏني ته
ستارن ۾ خُدائي کِڙي پئي
تنهنجين چَڳن چَندن ۽ چَنبيليءَ کي
نئون جوڀن اَرپيو
ته تنهنجي سونهن جي پَرتوي ۾ خُدائي خُمارجي وئي
۽ سَرشٽي تنهنجي اکين مان جاڳي پئي
وقت کي تو تحرڪ بخشي
سِتارن ۽ سَيارن کي
گردش جو هڪ طويل سلسلو اَرپي ڇڏيو

ناياب

ناياب

اَنيڪ خواهشن کي خاڪ ڪري
اُنهن جي رَک مان
مون فقط
هڪڙي نئين خواهش کي ڳوهيو آهي
دل-ڪُنڀارڻ
چِت جي چَڪ تي چاڙهي
اُن کي ڪا صورت ڏيڻ ٿي چاهي
اهڙي مورت جيڪا ناياب هُجي
خدا به رَشڪ ڪري اُن کي ڏسي
۽ سوچي ته
اِهو تصور، خيال، ڪيفيت يا محسوسيات
مون کان اَڻ ڇُهي ڪيئن رهجي وئي؟

اکين جي سُڪل ندي

اکين جي سُڪل ندي

مون زندگيءَ جي پُراڻِي، ڦاٽل جهوليءَ کي ڇَنڊيو ته
ڪيترائي خواب زَرد پَتن جيئن ڇَڻڻ لڳا
مون کي خزان جي خاموشي پُڪارڻ لڳي
مون پنهنجي جُهريل ۽ ٽُٽل دل کي نِپوڙيو ته
منجهان ڏُکن ۽ دردن جو عَرق نِڪرڻ لڳو
مون اُن کي اکين جي سُڪل نَديءَ ۾ هاريو ته
نَدي ويرو تار وهڻ لڳي
مون پنهنجي وجود جي ڦِٽل ڪچيءَ قبر تي
لُڙڪن جو ڏيئو ٻاريو ته
تنهائيءَ جي گَھري اُوندھ ۾
احساسن جا ٽانڊاڻا ٽِمڪي پيا
جنمن جو هڪ گهاٽو جهنگ جَرڪي پيو
ڀٽڪي ويل خوابن کي دَڳ ملي ويا
هڪ سُرمئي سفر جي شروعات ٿي وئي
پنهنجي وجود جي گَھلجندڙ پاڇي جي همسفريءَ ۾
پنهنجي زخمي پيرن سان
گهايل رستن جا زخم پيو اُگهان

ڪاڪ ٽيل

ڪاڪ ٽيل

سُونهن جي ڪيترن ئي خوابن کي ڳوهي
منهنجي بيقرار، عُشاق دل کي جوڙيو ويو
مَنجهس ڪيترائي پيار محبت جا انوکا رنگ ڀَريا ويا
سندس گَهايل هر ڌڙڪن ۾
ڪَجرارين، مَخمور اکين جا خُمار تحليل ڪيا ويا
مَڌ جي مهڪائيندڙ هُٻڪار
سندس وڻندڙ خوشبو آهي
جنهن جو مُنفرد ذائقو
ماکيءَ جهڙو مِٺو سُرور بخش ڀاسي ٿو
اُن ذائقي جو احساس
نفيس ٻانهن جي رنگين ڀاڪرن ۾ ٿبديل ٿي وڃي ٿو
منهنجي اُداس ۽ وِياڪل مَن جي موکي!
او منهنجي ڪائناتن جي ڪَلالڻ!
تو مون کي پريم جا پيالا پياري
اهڙو ته مڌهوش ڪيو آهي جو
مان تنهنجي کيپن جي خوبصورتيءَ ۾ مَدفون ٿي چُڪو آهيان
تنهنجي احساس جي مَڌ ۾
منهنجو رولاڪ روح رَنگجي ويو آهي
توئي ته پنهنجي احساس جي آهنگ سان
منهنجي ڌِڪاريل دل کي
مُحبتن جو”ڪاڪ ٽيل“بڻايو آهي!

پيار جي پهرين ياد

پيار جي پهرين ياد

ڇا توکي اُها مُنڊي اَڃا به آڱر ۾ پاتل آهي؟
جيڪا مون توکي پهريون ڀيرو
“گُلن جي نمائش ۾ پارائي هئي
تنهنجي پَشم جهڙي سَنهڙي هٿ جي
سَنهڙي آڱُر ۾
اُها ڪيڏي نه سهڻي پئي لڳي
تو اُها مُنڊي ڪٿي لاهي ته نه ڇڏي آهي؟
منهنجون آڱريون هاڻ مون کي
ٻُسيون محسوس ٿيڻ لڳيون آهن

مُعجزو

مُعجزو
مون شاعريءَ ۾
تنهنجي پيرن کي چُمڻ جي
حسرت ڪئي هئي
تو منهنجا پير ڇُهي
منهنجي پيرن مان
ساڀيان جو سج اُڀاري وِڌو
منهنجي پيرن جون اُونداهيون گهٽيون روشن ٿي ويون آهن!

اَنت

اَنت
زندگي!تون ڪيڏي نه پياري آهين
ڪيڏي نه مِٺي آهين ماکيءَ جيان
مان توکي هر رنگ توڙي رُوپ ۾ جيئڻ چاهيان ٿو
تنهنجي مَڌ جو آخري کان آخري
ڦُڙو به پيئڻ ٿو چاهيان
ڀرپور انداز سان
تنهنجو هر هڪ پل اَپل
تنهنجي هر ڏُک توڙي سُک کي
پنهنجي ڀٽڪندڙ ۽ زخمي روح سان
محسوس ٿو ڪرڻ چاهيان
پر او منهنجي پياري
ناياب ۽ نياري
مان سموري حياتي
ٻين جي موت جي خوف کان ڊِڄي
جيئڻ نٿو چاهيان
مان توکي ڪيئن ٻُڌايان ته
مان پنهنجي مرضي مُطابق اَنت ٿو چاهيان
مان توکي اَمر ڪرڻ ٿو چاهيان

جنم

جنم

تنهنجي لاتعلقيءَ جي تَلوار
منهنجي گهايل روح ۾ کُتي پئي آهي
تو پنهنجي دل جي دري بند ڪري
مون کي ڪائنات جي هِن ننڍڙي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي
اڪيلائي ۽ بيقراريءَ جي گُهٽ ۾
هاڻ منهنجو ساھ ٻُوساٽجڻ لڳو آهي
سج، چنڊ ۽ ستارن جي گُهگهه اُونداهي
مون کي هوريان هوريان ڳِڙڪائي رهي آهي
روشنين جا رنگ
منهنجي دل کي رَهڙي رهيا آهن
مان آوازن جي گهاٽي جهنگ ۾ وِڃائجڻ نٿو چاهيان
تنهنجي ننڊ ۾ مان خاموشيءَ جو خواب ٿيڻ چاهيان ٿو
تون پنهنجي دل جي دري کول ته
مان تنهنجي احساس جي هوا ماڻي
وري تنهنجن مُحبتن مان هڪ نئون جنم وٺان

ڀَٽڪنا

ڀَٽڪنا

ڍَءُ ۾ ئي ته بُک آهي
۽ بُک ۾ ڍَءُ
زندگيءَ جو فلسفو
صرف هڪڙي نطفي ۾ سَمايل آهي
۽ ميلاپ جو معراج
ڪجهه به”نه“مان اُڀامي ٿو
ڪڻڪ جو داڻو
ڌرتيءَ جي نيڻن جو هڪ عظيم خواب آهي
جنهن جي ساڀيان
هڪ ڏُٻريل پُٺيءَ سان لڳل پيٽ ۾ آهي
پيٽ کان هيٺ جي اُونهائيءَ جي تَري تائين
ڪير ٿو پهچي؟
ماڻهو پيٽ ۽ هيٺ جي وِچ واري مُفاصلي ۾
ڀٽڪي رهيو آهي
روح، جسم جي پِڃري مَنجهان
اُٻاڻڪائيءَ مان ڏسي رهيو آهي

وِھُ ۾ اَمرت

وِھُ ۾ اَمرت

تون تنقيد کي تخليق جو موت
ڇو ٿو سمجهين؟
تنقيد ته زندگي آهي
تخليق پڻي جي تحرڪ لاءِ
تنقيد ته تخليق جي آڪسيجن آهي
تون رُڳو اَجائي تعريف جي آلودگيءَ ۾
پنهنجي ليکڪ کي جيئڻ سيکاريو آهي
تون سَطعي پِڻي جي تَري ۾ ڪِري پيو آهين
تون تضاد جي درياھ ۾
غوطا پيو کائين
ٿورڙو سمجهه ۽ ساڃاھ جي ويجهو ٿي
۽ محسوسيات جي تُرهي تي تَرڻ سِک
۽ فرق محسوس ڪر
اَڪ ۽ ماکي جي تضاد ۾

ٽين جنگ

ٽين جنگ

دنيا دولت جي پُٺيان ڊوڙي رهي آ
هُو تنها مُخالف وڃي رهيو آهي
ماڻهن پَيسي کي پنهنجو ايمان بڻائي ڇڏيو آ
هُو ڏُک ۽ بُک جي عبادت ۾ مَشغول آ
ماڻهو مَحل جوڙين ٿا
وڏين گاڏين ۾ گُهمن ٿا
ڌرتيءَ کان مٿي خلائن ۾ جيئن ٿا
هُو ڌرتيءَ تي مَري مَري جيئي ٿو
ڌرتيءَ جي ڏُک ۽ درد ۾
رُتبي جي نَشي ۾ چِلڪندڙ بُوٽ
رستن تي ڦٿڪندڙ جيون کي
چيڀاٽي اڳتي وڌي وڃن ٿا
ماڻهن جا بيئنڪ کاتا
سندن آڦريل وڏن پيٽن جيان وَڌن پيا
گاڏيون، بنگلا، بيئنڪ بيلنس جي واڌ ويجهه جي عالمي مُقابلي ۾
ماڻهن جون عمرون گهٽجي ويون آهن
ماڻهوءَ پَيسي پُٺيان، زندگي جيئڻ وساري ويٺو آهي
دنيا، دنيا کي صرف دنيا جي نظر سان ڏسي ٿي
جڏهن ته هُو دنيا کي سدائين
دل جي نگاھ سان ئي پَرکيندو رهيو آهي
ماڻهو، مال، ملڪيت لاءِ ڪجهه به ڪرڻ کي
پنهنجو اولين فرض سمجهن ٿا
دنياوي ڏيکاءُ جي جنگ
دنيا جي مُمڪن بڻجي پيل”ٽين جنگ“آهي
جنهن ۾ ٻئي کي ماري
پاڻ جيئڻ جي بُک، پهرين شرط آهي
دنيا، دل کان دُور
جسم جي بُکايل ۽ اُڃايل، هڏائين پِڃري سان حَوس جي ڊوڙ ۾ رُڌل آهي
هُو، زندگيءَ جي چَتيون، چَتيون ٿي ويل رليءَ کي
پنهنجي زخمي ڀاڪرن ۾ ڀَري جيئي ٿو
کيس لُڙڪن سان ٽوپيندي مُرڪي ٿو
هُو، پنهنجي مُرجهايل من جي ملڪيت
ڪُجهه خطن، تصويرن، ڪتابن، موسيقي ۽ ڀاڪرن ۾ رهجي ويل ريشمي وارن ۽ ڪيترن ئي اَڌورن خوابن سان جيئي ٿو
ڪيڏو نه وَٽس خزانو آهي
هڪ مُڪمل شاعريءَ جي ڪائنات
هُو پنهنجي ديس جي ڌرتيءَ تي
مسواڙ جي جاءِ ۾ ڪِرائي تي جيئي ٿو
هڪ باترتيب ننڍڙو ڪمرو ئي ته
سندس، هِن دنيا ۾ هڪ الڳ دنيا آهي
جنهن جي دريءَ مان سدائين هُن
دنيا کي ڏٺو، ٻُڌو ۽ محسوس پئي ڪيو آهي
جنهن مَنجهان ڏسندي، کيس دنيا ڏاڍي ننڍڙي لڳندي آهي
دنيا ته هَٻڇ ۾ پنهنجي بقا ٿي سمجهي
هُو پنهنجي فنا کي فانوس ڪري جيئي ٿو
هُو، ڀٽائي جي پيچري جو پانڌيئڙو
دل کي دردن سان مانوس رکندڙ
اهڙو کاهوڙي آهي
جنهن جي زخمي پيرن ۾ پهاڙن جيڏا پنڌ ٻَڌل آهن!

بُک جو سبق ياد ڪرڻ ڏُکيو آهي

بُک جو سبق ياد ڪرڻ ڏُکيو آهي

بُک مون کي کائي رهي آهي
مان بُک جو کاڄ ٿي رهيو آهيان
بُک جو ڪو به رنگ ناهي
بُک سڀني رنگن کي کائي وڃي ٿي
بُک بي احساس آهي
پر بُک جو احساس ڪيڏو نه پيڙائتو آهي
بُک هميشه پُٺيءَ سان لڳل ڏٻُري پيٽ اندر
سُڪل آنڊن ۾ ڊوڙندي آهي
۽ خانه بدوشن جيان
رَت کان خالي رَڳن ۾ رُلندي آهي
بُک ڏاڍي ڀيانڪ، بدصورت آهي
زندگيءَ جون سڀ حُسناڪيون کير جيان ڦِٽائي ڇڏيندي آهي
بُک جو فلسفو
حيقيقت ۽ تصور ۾ الڳ الڳ ذائقو رکي ٿو
بُک جي سِرڻ، بُکارن کي
پنهنجن وحشي چَنبن ۾ ڪُڪڙ جي چوزن جيان جَهٽيندي رهندي آهي
بُک جو سبق ياد ڪرڻ ڏاڍو اوکو آهي
بُک جي ٻولي پڙھڻ ۽ لِکڻ لاءِ
ڍَءُ جو حافظو لازمي آهي
بُک جي باھ
بُکايل جو رَت ساڙي ڇڏيندي آهي
ڪا به بُک آسماني ناهي
آسمان ته اکين جو دوکو آهي
۽ اُن دوکي مان ئي بُک جي وَبا کي ڦھلايو ويو آهي

ڪَلر بِلائينڊ

ڪَلر بِلائينڊ

هُو هاڻ ڳاڙهي رنگ کان ڊِڄڻ لڳا آهن
ڇو نه پوءِ اُهو رنگ ڪنهن هوليءَ جو هُجي
خواب جو هُجي يا ڪنهن به جَهنڊي جو
هُو هاڻ ڳاڙهي رنگ کان ڊِڄڻ لڳا آهن
هُو سڀني رنگن مان فقط ڳاڙهي رنگ کي
جلاوطن ڪرڻ چاهين ٿا
ڇو ته ڳاڙهو رنگ کين”ڪَلر بِلائينڊ“ڪري ڇڏي ٿو
هاڻ سندن رَڳن ۾ رَت بدران
بي رنگ پاڻياٺ ڊوڙي ٿي
ڇو ته هُو هاڻ ڳاڙهي رنگ کان ڊِڄڻ لڳا آهن
هُنن، اُن ڊپ ۾ وِڦلندي
سُرخ خوابن تي به بندش مَڙهي ڇڏي آهي
هُو باک کي ڪاراڻ ۾ لِڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪن ٿا
هُنن هاڻ رَت جي ڳاڙهي رنگ کي
نيراڻ مائل يا زرد بڻائڻ شروع ڪيو آهي
يا وري هُو ڳاڙهي رنگ کي باھ ۾ ساڙي
ڪاري ڪرڻ ۾ ئي پنهنجو بَچاءُ ڀائين ٿا
ڇاڪاڻ ته هاڻ هُو ڳاڙهي رنگ کان ڊِڄڻ لڳا آهن
هُو ڳاڙهي رنگ کي کَنڀيندي کَنڀيندي
پنهنجي ئي خوف هٿان کَنڀجڻ لڳا آهن
هُو هان ڳاڙهي رنگ کان ڏاڍا خوفزده رهڻ لڳا آهن
هُو هاڻ جَهنڊي جي ڳاڙهي رنگ کي ڏسي
لَرزي وڃن ٿا
۽ پنهنجي گردن کي ڦاهيءَ ۾ ڦاٿل محسوس ڪن ٿا
ڇو ته هاڻ ڳاڙهو رنگ هُنن لاءِ
هڪ اهڙي علامت بڻجي چُڪو آهي
جنهن جي پَس منظر کي ياد ڪري هاڻ هُو ڇِرڪڻ لڳن ٿا
اُنهن جي هر ڇِرڪ ۾ هاڻ ڳاڙهو رنگ
ڀَرجي چُڪو آهي
هاڻ ڳاڙهو رنگ سندن جبر، تشدد، ظلم ۽ ناانصافي تي ڇانئجي چُڪو آهي
۽ هُو هاڻ ڳاڙهي رنگ کان ڇِرڪڻ لڳا آهن

هيڊي شام

هيڊي شام

وري ذهن تي چڙھيا آهن خودڪشيءَ جا
ڪارا ڪڪر
وري بي يقينيءَ جي لٿي آهي دل تي موسم
ڪو تَلخ تجربو ڀاسي ٿي دوستي
احساس کي لهسائي ڇڏيو آهي
ويساھ گهاتين جي لُوءِ
ڦُٽي پيا آهن ڪيفيتن ۾ ٽُوھ
ڇو ٿي پوندا آهن
تلوار جي تکي ڌار جهڙا ڪُجهه تعلق؟
مان ُرلي رهيو آهيان
انتقامن جي تِکي اُس ۾
وِشواس جي آڪاس تان ڪِري
ڌَٻجي چُڪو آهيان دُک جي ڌرتيءَ ۾
بَنجر دل ۾ ڦُٽي پيا آهن
تَپرس جا اَڪ
منهنجي ٿَڪ ۾ تَپي رهيا آهن ٿُوهر
زندگي، ٽُٽل ڪيئنواس تي
پَن پَن تي ڇَڻي رهي آهي هڪڙي هيڊي شام

سُڪل ماني وارو

سُڪل ماني وارو

ڇِت واري پَکي ۾ رَسي ٻَڌي
نيٺ هُن پنهنجو اَنت آڻي ڇڏيو
آخري پَساهن ۾ کيس اسپتال پهچايو ويو
پر آڪسيجن جي اَڻ هوند،
کائُونس، سندس لُڪيءُ ۾ مَڇيءَ جيئن ڦَٿڪندڙ جِهيڻا ساھَ ڦُري ڇڏيا
پاڙي واري مَسيت جي مُلي
سندس ڄاڻ واري اعلان ڪرڻ کان نابري واري ڇڏي
پاڪ ڪتاب ۾ خودڪشيءَ حَرام قرار ڏيڻ جو حوالو ڏئي اِنڪار ڪري ڇڏيو
مَت جي مُوڙهي مُلي کي ڪير سمجهائي ته
هُن کان پنهنجو اَنت آڻايو ويو هو
مديني جهڙي رياست کيس غُربت جي گهاڻي ۾ اهڙو ته پيڙهيو هو
جو هُو مفلسيءَ جي لَڪير اُڪاري
بُک جي ڀيانڪ حالتن جي گھري پاتار ۾ وڃي ڪِريو هو
ڌرتي هُن لئه
ٻَرندڙ ٽانڊن تي نِسورو پنڌ ٿي پئي هئي
اِهو ڪيڏو نه وڏو اَلميو آهي ته
هُو شهر جي گهٽين ۾ ٽُٽل ريڙهي ڪاهي
گهٽين ۾ ڀٽڪي ڀٽڪي، ڀور ڀور سُڪي ماني گڏ ڪري به
پنهنجي اولاد لاءِ تازي ماني خريد نه ڪري سگهيو!

گونگي گگن جي صدا

گونگي گگن جي صدا

ڏينهن جو نيري آسمان جي خوبصورتي پنهنجي جاءِ تي
پر مون کي الائي ته ڇو؟
خالي خالي آسمان ڏاڍو ٻُسو لڳندو آهي
ڄڻ بِنا مُرڪ جي ڪو چھرو
بنا اکين جي ڪو خواب
ڄڻ اُداس ۽ اڪيلو شخص ڪنهن جي اوسيئڙي ۾ هُجي
اُنهيءَ خالي آڪاس تي ڪڪرن جا ٽُڪرا
ڪيڏا نه دل لُڀائيندڙ لڳندا آهن
ڄڻ ته گونگي گگن کي گُم ٿي ويل پنهنجي زبان ملي وئي هجي
گيت کي ڪا ڌُن
بانسريءَ کي سُر
۽ ڌرتتيءَ کي ڇانورو
ڪڪرن سان ڀريل آسمان
وقت، هوائن ۽ موسمن کي
سفر جو سنگيت اَرپيندو آهي
ته مِٽي، موسيقيءَ ۾ تبديل ٿي ويندي آهي
۽ ڌرتي خوشبوءِ جي خُماريل رقص ۾!

سِگنيچر

سِگنيچر

توکي خبر آهي ته
مون پنهنجي صحيح تبديل ڪري ڇڏي آهي
اڳي هر روز اسڪول ۾
ٻارن کي سبق ڏيڻ مَھل
يا وري
اُنهن جي ڪاپين ۾ گهر جو ڪم جانچڻ وقت
مان صحيح ۾”ب“جو استعمال ڪندو هُئس
پر هاڻ مان”ن“جو استمال ڪرڻ لڳو آهيان.

پُٺي

پُٺي

تنهنجي دوستي اُهو خنجر آهي
جيڪو”بُروٽس“”سيزر“
جي پُٺيءَ ۾ هَنيو هو

پرديس

پرديس
تنهنجي مزاج جي مَٽجندڙ موسم
منهنجي سپنن جي وطن لئه
پرديس آهي

آسيِس

آسيِس
اُداس دل
سيني جي صحرا ۾
ڪو ٿوهر آهي
ڌَڙڪن، هيسيل ۽ اُڃاري هَرڻي
خوشي، پاڻيءَ جو پُرفريب ڏيک
ڏُک، اُن ڏيک جو آسيِس آهن

ڪيفيت

ڪيفيت
مار!
وقت جي پيرن ۾ ته ڪنهن پهاڙ
ٻَڌي ڇڏيا آهن
چُري ئي نٿو
هڪڙي ٿَڪل وِک
وَرھ وِهاميو وڃن!

اِمڪان

اِمڪان

در کُليو رَکجان
ويندڙ قدم
واپسيءَ جي واس سان
وري سگهن ٿا

پيرو

پيرو
چنڊ!
هوءَ ڪهڙي ستاري تي رهندي آ؟
تون ٻُڌائي سگهين ٿو
تون ئي ته سندس پيرو آهين

رولاڪ روح جي پيڙا

رولاڪ روح جي پيڙا

تنهنجو مُرڪندڙ مُک
منهنجي بي نُور نگاهن ۾
چانڊوڪيءَ جيئن روشن آهي
تنهنجو احساس
منهنجي هيڻين وجود لاءِ سَگهه
جو اُتساھ آهي.
اڪيلائيءَ جي بيقراريءَ ۾
ڳاڙهن ٻيرن جهڙيون ڪَڪوريل
تنهنجون مٺڙيون ڳالهيون
ساري ساري
ڪنهن ڪُٺل پکيءَ جهڙي منهنجي دل
ڳَھرجي ويندي آهي
مون پنهنجي رولاڪ روح جي پيڙا
ڪوئل جي گهايل ڪُوڪ ۾ سَمائي ڇڏي آهي
متان
ڪوئل جي ڪُٺل ڪُوڪ
ڇُڙواڳ هوائن تي ڦَٿڪندي
تنهنجي اَڻڄاڻ دل تائين رَسي وڃي

موت جي ڪُنڍي

موت جي ڪُنڍي

چَون ٿا ته اُهو زِلزلو هو
پر الائي ته ڇو؟
ذهن اِن ڳالهه سان آماده نه پيو ٿئي
مون کي ته ايئن محسوس ٿيو
ڄڻ ڌرتيءَ هڪ هنڌ پَئي پَئي
آرس ڀَڃو هُجي
يا وري
هڪ وڏو ٿَڌو ساھ ڀَري سانت ٿي وئي هُجي
پر ڌرتيءَ جي اُها چُرپُر
منهنجي چِت کي مُنتشر ڪري ڇڏيو
اَڻڄاڻ لمحا ۽ حالتون
اوچتو بڻجي پيل بي رنگ ۽ ويران پيچرن تي مون سان مُکا ميل ٿيون
فطرت جي اُن اَلميي
منهنجي جوڀن جا نِڪور ۽ رنگين پَل
بي رنگينيءَ ۾ رائيگان ڪري ڇڏيا
اکين کان ننڊ کسي، رنگين خواب چورائي ڇڏيا
وقت منهنجي دل جي سُڪون تي ڌاڙو هڻي
من جي چين کي اغوا ڪري ڇڏيو
آئون زندگي ۽ موت جي ٻِه واٽي تي
ذهن جي برباد ٿيل دنيا ۾ ڀٽڪندو رهيس
منهنجي کيسي ۾ ڏوڪڙن جو ڏُڪر ڪَر موڙي جاڳي پيو
مهانگين دوائن جون ڪئي پَرچيون
مون تان کِلڻ لڳيون
دوائن جو ڪَڙو ذائقو منهنجي احساسن ۾ تحليل ٿي ويو
گهڙيال جا ڪانٽا رُڪجي ويا
۽ سَمو گهڙيال کان ٻاهر ڦٿڪڻ لڳو
صبح، منجهند، شام ۽ رات
پنهنجا فرق مٽائي ويٺا
هڪ ئي بي رنگائيءَ جو رنگ روح تي ڇانئجي ڇُلڪي پيو
مان پنهنجي چِت ۾
پاڻيءَ کان ٻاهر مڇيءَ جيئن ڦٿڪندو رهيس
زندگيءَ جي ڪَلين ۾ موت جي ڪُنڍي اَٽڪيل ئي رهي!

پوپٽ ۽ پَريون

پوپٽ ۽ پَريون

گُلن جي ٻارِين ۾
گڏ گڏ اُڏمندڙ ٻَه اَڇا پوپٽ
گُلابن جي مُکڙين تي ويهي ٿَڪ ڀَڃن ٿا
کين ڏسي ذهن ٻالڪ پَڻي ۾
امڙ جي ٻُڌايل پَرين جي آکاڻيءَ کي ساري ٿو
جنهن ۾ اڪثر ڪو ديوَ
پنهنجي جادوئي اثر سان
کين قيد ڪري ڇڏيندو هو
اڄ گُلابن جي ٻارِين ۾ ٻَه اَڇا پوپٽ
آکاڻيءَ واريون ننڍڙيون پَريُون لڳا
ديوَ کان بَچڻ لاءِ پوپٽن جو رُوپ ڌاري
گلابن تي گڏ گڏ اُڏامندي!

ڳُتيل ڳوڙهن جو سمنڊ

ڳُتيل ڳوڙهن جو سمنڊ

مان ستارن جي آس ۾
ڌرتي وڃائي ويٺُس
چنڊ تماشائي بڻجي تَڪيندو رهيو
آسمان جي خالي اکين ۾ خلائن جا ڪَئي سوال ڦُٽي پيا
پر منهنجي گهايل هٿن ۾ اُميد جا ڳاڙها گلاب کِڙي رهيا آهن
جن جي خوشبو
مُرجهايل من جي مُکڙيءَ مهڪائي پئي
اکين جي پَس منظر ۾
ڳُتيل ڳوڙهن جو هڪ وسيع سمنڊ آهي
۽ منظر ۾ مصنوعي ٽَھڪن ۽ مُرڪن جو
هڪ ويران ساحل سُڏڪي پيو
جنهن تي اُميد جي زخمي پيرن جا نيشان
مُرڪي رهيا آهن
۽ مون سان مُخاطب آهن ته
اسان لُڙڪن جي لھرن سان ڪين مِٽنداسين
ظاهر ٿينداسين ويتر ظاهر ٿينداسين!

آجيان

آجيان

زندگي جي ڌرتيءَ جي چوطرف
موت جو ڪارو سمنڊ
ڇوليون هڻندو
ڌرتيءَ کي پائيندو
اڳتي وڌي رهيو آهي
زندگي بي خوف بڻجي
پنهنجون هيڻيون ٻانهُون کولي محبوب جيئن سندس آجيان ڪري رهي آهي!

طَوالت چڱي ناهي

طَوالت چڱي ناهي

تو مون کي سڀ ڪُجهه ڏئي به
مون کان سڀ ڪُجهه کَسي ورتو آهي
مان تنهنجي تعلق جي ڳچيءَ مان
طوقعاتن جا طوق لاهي
توکي نامنسوبيءَ جي آزادي اَرپيان ٿو
ڇاڪاڻ ته
پنهنجائپ ۾ طوقعاتن جي ڪلپنا رکڻ سان
تعلقن جا ڀَرم ڀُري پوندا آهن
توسان ڪيڏيون نه محبتون هوندي به
تو پاران مليل ڏُکن کي وساري نه سگهيو آهيان
گهاوَ ڀرجي به پنهنجا نيشان باقي ڇڏي ويندا آهن
تو منهنجي معصوم محبت کي جَوان ڪري ڪيڏو نه وڏو اَنياءُ ڪيو
ڏِسُ!
مان هر پل حالتن جي صَليب تي مَصلوب آهيان
تون اَڻڄاڻائيءَ جي موسم ۾ تحليل ٿي ويو آهين
سوچيان ٿو ڏُکن جا پنڌ ڏاڍا وڏا آهن
۽ طَوالت ڪنهن به طور تي چڱي ناهي

ڀٽائيءَ جو کاهوڙي

ڀٽائيءَ جو کاهوڙي

هُو بظاهر ته هڪڙي صَدي هو
پر هُن ۾ ته ڪئي صديون سَمايل هيون
۽ هاڻ هُو ايندڙ صدين تي به ڇانيل رهندو
ڌرتيءَ مٿان نيرڙي آڪاس وانگر
پنهنجي گيڙوءَ رَتي رنگ ۽ ڍنگ سان
هُن جون اُداس، پُر اُميد جُهونيون اکڙيون
سج، چنڊ ۽ ستارا بڻجي
سنڌ جي مُقدس سينڌ ۾ جَرڪنديون رهنديون
سندس معصوم، پَوتر ۽ لافاني مُرڪ
سمنڊ تي شفق جو ڏيک ڏيندي
سندس وجود جي ڀاڪر جو چيڪي مٽيءَ جهڙو هُڳاءُ
ڌرتيءَ کان ڪڏهن به وِسري نه سگهندو
هُن جي دل هاڻ ديس جي سيني ۾ ڌَڙڪندي رهندي
هُن جا نفيس ۽ ڪومل هٿَ
پيار ۽ پاٻوھ جي اَزلي علامت رهندا
هُو هاڻ عشق، محبت ۽ حُسن جي نَگر ۾ آرامي رهندو
جنهن جي پٿريلي ڌرتيءَ مان
هُو مهڪندڙ گُلن جي رُوپ ۾ نِروار ٿيندو
هُن، جنم کان اَنت تائين
ڌرتيءَ جي روح جو سفر ڪيو
هُو ته ڀٽائيءَ جو کاهوڙي هو
جنهن جي پيرن ۾ پهاڙن جيڏا پٿر ٻَڌل هئا
اکين ۾ صدين جي اوجاڳن جا جَرڪندڙ ڏيئا هئا
۽ اُنهن ڏيئن جي روشنيءَ ۾
فقط سنڌ جي نِماڻي صورت هئي
هُو وطن جو واهرو ۽ ويساهن جو وارث هو
هُن پنهنجي ساهن جي آخري تند ۾ به
ديس جي دُکن کي ٽاڪي ڇڏيو هو
هُن جو سمورو جيون
ڌرتيءَ جي درد ۾ تحليل ٿي ويو هو
هُو ديس جي نيڻن ۾ صبح ٿي اُڀريو هو
۽ وفا جي وچن جي سُرمئي شام بڻجي لهي ويو،
چيڪي مٽيءَ جي ڀِنل مهڪ ۾
جنهن عظيم ۽ اعليٰ مٽيءَ کي هُن پنهنجي ماٿي لاتو هو
۽ گجگوڙ ڪندڙ آواز ۾ بغاوتن جو گيت ڳاتو هو
جيڪو اَزل جي سماعتن ۾ ٻُرندو رهندو
۽ گُهرندو رهندو آزادي
اُڏندو رهندو اَمن جي اَڇي ڪبوتر جيان
هِن ڪائناتي وايو منڊل ۾
اَبد جي ايندڙ هرهڪ پل تائين!
(سائين محمد ابراهيم جويي کي پيار جي ڀيٽا)

پنهنجي ئي قبيلي جو ڪُٺل!

پنهنجي ئي قبيلي جو ڪُٺل!

هُو هڪ انسان هُيو
پنهنجين سڀني خوبين ۽ خامين سان
پر هُن جون خوبيون هُن جي کامين تي ڀاري هُيون
مون هُن کي سدائين هڪ شفيق دوست سَمان محسوس ڪيو
۽ هُن، اُن پنهنجائپ جي رشتي کي سدائين اَڇو ۽ اُجرو رکيو
هُو هِن دنيائي دوکن جي ڪُن ۾ منهنجو اُهو ٻانهن ٻيلي هو
جنهن کان سواءِ هاڻ منهنجون ٻَئي ٻانهون مون کي وَڍيل محسوس ٿين ٿيون
هُن جي سھاري جي سُھائي
منهنجي واسطن کان خالي اُونداهي زندگيءَ ۾ اُجالا ڪري ڇڏيندي هئي
هُو قلم جي ڪاروبارين جي قطار کان الڳ بيٺل اڪيلو لفظن جو واهرو هو
هُو، مُنهن تي مِٺڙن ۽ پَرپُٺ اَڪ جهڙن ڪَوڙَن جي وچ ۾ اڪيلو مَن مُهڻو شخص هو
هُو صحيفي جي سَفيني جو اُهو ناکئو هُئو
جنهن جي قلم جا وَنجهه ڪڏهن به جهيڻا نه ٿيا
هُو رَوين جي لهرن ۾ ٻُڏندو، ترندو
پنهنجن چپن تي سدائين مَسيحائي مُرڪ سجائي جيئندڙ اهڙو مسيحا هو
جيڪو حالتن جي صليب تي مصلوب ٿي به
مجبور، هيڻن، هيسيل ۽ حالتن جي ماريلن کي ٽياس تان لاهي سَرهائي محسوس ڪندو هو۔
هُو خبرن جي خيرات، پَل ۾ ڪک پتيءَ مان لک ۽ ڪروڙ پتي بڻجي ويل اخلاق ۽ احساس کان خالي ويڪوئن کي بنا ڪنهن حساب جي ڏيندي خوشي محسوس ڪندو هو۔
هُن جا کيسا خالي هوندي به
هُن جي دل، ديس واسين جي درد سان ڀَريل هوندي هئي
هُو اَڙيلن جي آھ زاريءَ جو هڪ اهڙو ته آواز هو
جيڪو هاڻ خلائن ۽ سَماعتن ۾ ئي وڃي رهيو آهي
هُو مهمان نواز ۽ آئي جو آڌر ڀاءُ ڪندڙ اهڙو ته باتھذيب شخص هُيو
جيڪو بنا ڪنهن به فرق جي سڀني کي پنهنجن ڪُشادن ڀاڪرن ۾ ڀريندي ڀريندي
پاڻ ۾ خاموش پيو ڀُرندو هو
هُو ته پنهنجي ئي قبيلي جو ڪُٺل اُهو پکي هو
جنهن کي ڪنهن به ٻاهرين آهيڙيءَ جي ضرورت نه هئي
هُو جيڪو اَجرڪ جي لَڄ رکندي
پنهنجي مَٿي تي پَٽڪي جي هر وَر ۾ پنهنجا ڏُک ۽ سور ايئن ويڙهي رکندو هو
جيئن پکي آکيرن ۾ پنهنجن پَرن ۾ ٻَچن کي سنڀالي رکندا آهن
هُو ديس جي درد کي پنهنجي روح جا لفظ ڏيئي اُن کي لوڪ جي دلين ۾ ڌڙڪائي وجهندو هو
هُو ميڊيا جي ڪوڙي دنيا جو هڪ سچو ڪردار هُيو
سندس ڏينهن رات هڪ ڪري ڪيل جدوجهد عيوض ماڻيل مَنصب تي،
هُن جي هوندي ئي ساڻس گڏ رهندڙ ڦوٽو اسٽيٽ مشينن جي پيداوار، صحفي جي لَڄ لوئيندڙ، ڪيئن نه اُن تي اَرها ٿيندي
هُن جي ماڻيل مَقام تي پُهچڻ جي لاءِ جڳاڙي جاءِ جوڙڻ جي ڪوشش ڪندا هئا،
پر ناڪامي سندن نالن سان ڳنڍجي چُڪي هئي.ڇاڪاڻ ته هُن جهڙي مُسلسل ڪَٺن جدوجهد سندن وَس ۾ ئي نه هئي
ڪالهه جڏهن هُو ڪفن ويڙهي اَبدي ننڊ ۾ آرامي هو ۽ چيڪي مٽيءَ جي مهڪ ۾ مهڪڻ وارو هو
تڏهن به خدا کان وڏن تعلقن ۽ واسطن جي واسينگن جون موبائلون خوشيءَ ۾ وِڦلي رهيون هُيون
هُو ته هليو ويو پر پنهنجي پُٺيان گهڻن ئي بي پُھچن کي پنهنجي پُھچ کان به پري ڪري ويو
ڇو ته هُو”رئيس ڪلب“
جو اڪيلو پورهيت صحافي هُيو۔۔۔۔۔!

(سائين علي محمد شاھ لڪياريءَ جي چاليهي تي کيس پيار ڀَري لفظن جي نِماڻي ڀيٽا)



آخري گاڏيءَ جو مُسافر

آخري گاڏيءَ جو مُسافر

امر ڪوٽ کان واپسيءَ تي
تو ڪيڏو نه اِسرار ڪيو هو
پننهنجي ڳوٺ هلڻ لاءِ
ڪيڏي نه اُڪير هئي تنهنجي نينڍ ۾
جيڪا تنهنجي بيقرار روح مان ڀَڙڪو ڏئي
تنهنجي اُڃايل خُشڪ چپن جي
زرد ٽارين تي
پرديسي پکين جيان اچي لَٿي هئي
ڪيڏي نه چاهنا هئي
تنهنجي گڏجي تصوير ڪڍائڻ واري
خيال ۾
هاڻ ته توسان صرف تصوير ۾ ملي سگهبو
تو جو پنهنجو پاڻ کي تصور جي فريم ۾ مڙهي ڇڏيو آهي
انسان ڪيئن نه دنيا جي جهنگ ۾ وڃائجي
حِرص جي گهوڙي تي ڀٽڪي رهيو آهي
تنهنجي سِڪ ڀَريي ڀاڪر جي ڀِنل ڀِنل مهڪ
اڄ به منهنجي اُداس ٻانهن،دل ۽ سيني سان سلهاڙي پئي آهي
تو ته اُن ڏينهن جي وَياڪل سانجهيءَ جو ئي هٿ لوڏي الوداع ڪري ڇڏيو هو
هميشه جي لاءِ
پر اسين روايتي تَڪڙ جي وَر چڙهي
تنهنجي وڌيڪ خُلوص جي خوشبو کان مَحروم ئي رهجي ويا هئاسين
۽ تون به ته ڪيڏو نه تَڪڙو هليو ويو هئين.
پنهنجي ڳوٺ کان به گهڻو گهڻو دُور
ڳوٺ ڏانهن ويندڙ
هڪ اَڻ ڄاتل آخري گاڏيءَ ۾.....!!!

(ڪهاڻيڪار دوست ميان گل محمد ڪلهوڙي جي ياد ۾)

آزاد نظم

---

مُحبتن جي نانءُ

مُحبتن جي نانءُ

دل ڪيو آ پيار جو پورهيو سدا
۽ هٿن آهن ورهايا پئي گلاب
موتين جا مهڪندڙ گجرا ڪئي
عشق وارن کي ڪيان ٿو ارپنا
سونهن جي هي ساڌنا آهن اکيون
ننڊ،خوابن کي جَپي ٿي ڏينهن رات
حُسن جي ڪارڻ حسين آ ڪائنات
هي پري چهرا اکين جي روشني
ديد جي آڏو اُنهن جي درسني
زندگي فانوس وانگر ٿي ٻري
چپَ،چونڊن ٿا چَپن جون پَنکڙيون
جوڙجن دل ساڻ ٿيون دل جون ڪَليون
بوسڪيءَ جهڙا ڏسي اُجرا بَدن
۽ ڪنول جهڙا اَڇوتا پيرڙا
هٿَ بَخمل،آڱريون جهڙيون پَشم
۽ کَڄن سنگيت جهڙا ٿا قدم
باک ٿي جن مان ڦُٽي ڌرتيءَ مٿان
نيڻ هُو ناسي شفق جي مَڌ،جيان
جن ۾ آهن خواب ڪيئي اِنڊلٺي
جي کِڙي شامون بڻائن سُرمئي
مُحبتون معراج ماڻڻ ٿيون لڳن
آسمانن تي فرشتا رقص ڪن
چنڊ کي ٿا گُنگنائن تارڙا
کُڙکُٻيتا خواب بڻجي سارڙا
زندگيءَ کي روشني بخشين ٿا.
ڇو ته سنگم جو حسين احساس آ
عشق جي اوتار تي وشواس آ
جو مِٽائي ٿو ڇڏي سڀ فاصلا
عاشقن جا ٿو وڌائي حوصلا
روز درشن ٿو ڪمايان ڪاڪ جا
راز ٿو ماڻيان ڳُجها افلاڪ جا
عاشقيءَ جي هي عنايت ٿي رهي
پيار ٿي دل روز ماڻيندي رهي
تنهن ڪري هي عشق ڏيندو آ صدا
دل ڪيو آ پيار جو پورهيو سدا.

ڪا ڪيف جي ڪُماري

ڪا ڪيف جي ڪُماري

هر روز صبح هڪڙو،
مون ۾ ٻڏي وڃي ٿو،
هر روز صبح اجرو،
ڇو خودڪشي ڪري ٿو،
ڪا ناوَ نگاهن جي،
دل جي ڪنڌي نه پُهتي،
هڪ خواب مُنتظر آ،
مَهتاب مُنتظر آ،
سهڻي اچي ڪا تَرندي،
لهرن ۾ ٻَه، ٻَه ٻَرندي،
خود کي پَسيندي اُن ۾،
ڪائنات هوندي ڪُن ۾،
تا عمر بڻجي سانوڻ،
ڪَجراري ڪندي ڪَڻ،ڪَڻ،
بَن روح جو اُجاري،
جَنمن جي اُڃ ماري،
جڏهن به نهاريندي،
اُوندھ کي اُجاريندي،
هڪ صبح نِکاريندي،
آڪاش ڏيندو مُرڪي،
شَل زندگيءَ جي سُرڪي،
هن ساھ کي ملي پئي،
اُتساھ کي ملي پئي،
نئون رنگ پيار وارو،
احساس کي سهارو،
لازم آ جيئڻ لاءِ،
مڌهوش ٿيڻ لاءِ،
ڪا ڪيف جي ڪُماري،
آڇي وجهي خُماري،
جُگنو ٿي خواب اُڏرن،
اُوندھ ۾ رنگ اُڀرن،
هولي حيات ٿي پئي.
زرخيز ذات ٿي پئي.
زرخيز ذات ٿي پئي.

پَريو فقير

پَريو فقير

هُن جي اکين جي جِهيڻي،
ٿي وئي هُئي نظر.
پوءِ به هُو تلاوتِ،
قُرآن ڪندو هو.
هُو زندگيءَ جي پويَن،
ڏينهَن ۾ کَٽَ تي،
پڙهندو هُيو نماز،
پَنجئي وقت سُتي پئي،
هُن جي سڄي حياتي،
پورهيو ڪندي بَسر ٿي،
ڀَٽڪي وئي بُکن ۾،
غُربت جي نظر ٿي.
ڪنهن جي اڳيان به ڪڏهين،
ڦھليا نه هٿَ هُن جا،
پنهنجو پگھر وهائي،
هُن جوت هُئي جلائي.
هٿ_جوڙ ۽ نِوڙت،
هُن جي هُئي وَڏائي.
هُن کي مِلِي فقيري،
فڪرات ۽ فهم جي،
تَھجد گُذار بڻجي،
هُن زندگي گُذاري.
هُن وِرد،وظيفن ۾،
هر صبح هُئي اُڀاري.
مُک تي اَڇِي سُونهاري،
۽ پوتِڙي جو پَٽڪو،
مسجد سان پُراڻي هُئي،
هُن جي اَزل کان ياري.
“آڻين ۽ چاڙهين”
هُن جي سڄي حياتي،
هُن کي ڪُٺو سدائين،
اوڌر جي تکِي ڪاتي.
مَسواڙ هر مهيني،
هُن لئه وڏو مسئلو،
ڪوڀي نه سنگتي،ساٿي،
بيمار ۽ اڪيلو،
هر ڳالهه کي ڏنو هُن،
همت سان مُنهن سدائين،
دُنيا کي مُفلسيءَ جي،
نظرن سان پئي ڏٺائين،
ڪيڏو عجيب هُن جي،
جيئڻ جو ڍنگ هو.
دل جو امير هو پر،
هٿ کيس تنگ هو.
هٿ ۾ سدائين هُن جي،
تسبيع جا هئا داڻا،
گھر ۽ مسيت،مُصلو،
هُن جا رهيا ٺِڪاڻا.
سانجهيءَ جو وقت هو ۽،
آيون پَئي اَذانون،
آکيرڙن ڏي واپس،
پکين جون هُون اُڏارون.
اُن وقت ڇانئجي ويا،
گھاٽا ڪڪر غمن جا،
۽ پورجي سدا لئه،
ويا نيڻ ٻئي هُن جا.!!!
(بابا جي ياد ۾)

شاعريءَ جو قافلو لُٽجي ويو

شاعريءَ جو قافلو لُٽجي ويو

شاعريءَ جي”هُو“اکين ۾
لُڙڪ ويو اهڙا ڇڏي
جي سُڪي سگهندا نه ڪڏهين
۽ اُگهي سگهندا نه ڪڏهين
هَٿَ ڪنهن جا شاعراڻا
جاءِ جيڪا “هُو” ڇڏي پنهنجي ويو
ڪو به اُن تي ڪين ڪڏهن بيهي سگهندو
۽ هڻي گِهري خيالن ۾ ٽُٻي
سِپَ مان موتي نه لهندو
نَظمَ هُن جا نيِنهن جيان آهن نِڪورا
سانوڻيءَ جي ميِنهن جيان آهن نِڪورا
جن کي پنهنجون ڪائناتون بي شُمار
خواب جهڙيون ڪيتريون خانه بدوشيون بيقرار
رنگ جن ۾ هُن کڻي احساس جا اهڙا ڀَريا
شاعري انڊلٺ جو منظر ٿي پئي
لفظ،جنهن جا باکَ جهڙا باڪمال
موتين تي ماڪَ جي قطرن جيان
ڪيترا اُجرا،اَڇُوتا ٿا لڳن
هُن ڪيون تخليق جيڪي ڀي سِٽون
ساھ ۾ سانڍي رکڻ جهڙيون سڀئي
هُن ڏنيون جيڪي به تشبيهون ۽ تمثيلون
سڀيئي اِستعارا
ڪنهن مُهاڻي ٻار جيئن آهن پيارا
ڪير ٿو ڳولي سگهي؟
ڪير ٿو ڇولي سگهي؟
سمنڊ هُن وانگر ڪويتا جو ايئن
ڪيترو زرخيز هُن جو آ تخيل
ڄڻ ستارن جو تسلسل
جنهن ۾ فطرت کي سمائي
هُن ڪري حيران فطرت کي ڇڏيو
۽ مَنجهس ڪوتا جي قدرت کي گڏيو
شاعريءَ کي ويو ملي آواز نئون
گيت نئون،سنگيت نئون ۽ ساز نئون
سُونهن سان هي تار سُندر سلسلو
جنهن ۾ پئجي ويو فنا جو فاصلو
زندگي هُن کان وئي آڱُر ڇڏائي
موت هُن کي ڀاڪرن ۾ ويو اُڏائي
جو سڄڻ،ساڻيهه ٻئي لرزي ويا
سنڌ جا منظر سڀئي لرزي ويا
جن خيالن ڪين ورتو هو جنم
سرجڻا هُن کي اڃا ها جي نظم
هُن جي سيني ۾ دفن سڀ ٿي ويا
شاعريءَ جو قافلو لُٽجي ويو
روشنيءَ جو قافلو لُٽجي ويو
(حسن درس کي ڀيٽا)

صحرا ۽ سمنڊ

صحرا ۽ سمنڊ

سمنڊ ،صحرا کي نٿو سمجھي سگھي
سمنڊ پنهنجو پاڻ کان ٻاهر نهاري ئي نٿو
روز ساحل کي ڇُهي موٽي وڃي ٿو پاڻ ڏي
اُڃ مان صحرا سَڏي ٿو سمنڊ کي
سمنڊ گُهوريندو رهي ٿو چنڊ کي
سڏ ساگر ٻيو ڪَنائي ئي نٿو
بادلن جو رُوپ ڌاري اُڀ تي
ڀِٽَ صحرا جي ڀِڃائي ئي نٿو
سُڃ صحرا ۾ صدين کان ٿي وسي
ٿَڪ جا ٿوهر ڦُٽن هر ٿاڪ تي
لُک ۾ واري رُڌاليءَ وانگيان
اوڇنگارون ٿي ڏئي،ڇوڙي ڇَتا
آسمانن جي ڪفن ۾ ويڙهيل
ٽهڪندڙ هُن سج جي اَرٿي مٿان
سمنڊ لاتعلق اُنهيءَ احساس کان
دور آهي درد جي بَنواس کان
روز صحرا ٿو سَڙي واريءَ مٿان
روز ٿي هرڻي مَري ماريءَ هٿان
سمنڊ تي هر روز ٽِڙندي آ شفق
سڀ پکي ٽُوليون ڪري هِن ٽهلندا
ڇا ته رنگينيون رهن ٿيون سانجهه جون
ڪيتريون ٻيڙيون مَٿس هِن ٻاجھ جون
سِڙھ جن تي هِن سفيديءَ جو سَمان
تن تي فيروزي آ ڦهليل آسمان
سمنڊ جي آهن اکين ۾ رنگ ڪئي
پير پايل سان هَلن ٿا سنگ ڪئي
جن کي لهرون ٿيون چُمن ساحل مٿان
سج سانجھيءَ جي ٻَکن ۾ ٿو لهي
سمنڊ تي هڪ ڏيک وڻندڙ ٿو ٺهي
ها مگر صحرا صدين کان هيڪلو
جھُور ٿي ويو آ اکين کان هيڪلو
وقت جي هٿ ۾ کڻي لَٺ ٿو هَلي
درد هُو تپندڙ اَڪن سان ٿو سَلي
ڪوبه ٻاٻيهو نٿو ٻولي مَنجھس
ڪونج ڪرلائي نٿي اُڏري مَٿس
ڪوبه روهيڙو رتيلو ڪونه آ
هاءِ!صحرا جي سُڪي ويل روح ۾
اُڃ ئي اُڃ آ سندس هر کوھ ۾
سانت ڄڻ سگريٽ وانگر ٿي دُکي
هر ستاري کي سَناٽو ٿو چُڳي
اُڀ ۾ ڪَتين بڻايو ڪوٽ آ
چنڊ جي چانڊاڻ گِهري چوٽ آ
سُور ۾ صحرا ننڊون ڪهڙيون ڪَري
جاڳ واريءَ جي ذرن ۾ ٿي ٻَري
ريت تي ڪنهن جو به پيرو ڪونه آ
ڀِٽَ تي ڪنهن جو بسيرو ڪونه آ
ڪوبه ڀُلجي ڪين ٿو بادل اچي
گُهٽ ۾ بڻجي گهٽا آنچل اچي
رِڻ ڌرتيءَ جو مُسافر آ ٿَڪل
راس جنهن کي ڪين آيو آهي جَل
سُرمئي صحرا سمورو سُور آ
ڏيک صحرا جو ڪا گھايل گُهور آ
منهنجي اندر جي عڪاسي ٿو ڪري
منهنجي خوابن ۾ اُداسي ٿو ڪري
رَڙَ ٿي رِڻ جي سَناٽن ۾ رُلي
سمنڊ ٿو اَڻ ڄاڻ صحرا کان ڇُلي

پھاڙي ڇوڪري

پھاڙي ڇوڪري

پَھاڙن برف اوڍي آ
نديون سَردي ۾ ٿَڙڪن ٿيون
ڍَڪيل سڀ برف سان چارا
سڄي وادي ڍَڪيو آهي
اَڇو پَھرياڻ موسم جو
وڻن جا پَن پوئن ٿا
پکين جي يادگيرين کي
ڄَميل آ برف ٽارين تي
سُفيدي جو سَناٽو آ
پھاڙي ڇوڪري جي دل
۾ ليڪن درد گهاٽو آ
هُو چشمن جھڙي چاهت سان
اُڻي ٿي آبشاري کي
هُو ويندڙ دُور لاري کي
ڏِسي ويٺي مَٿاهين کان
پَھاڙي ڇوڪري جي دل
ٻَري ٻيلي جيان پيئي
نه اُن کي برف ٿي ٺاري
بِرھ جي باھ ٿي ٻاري

نَشيلا خواب سُرمئي

نَشيلا خواب سُرمئي

منهنجي اَذان پيار آ
منهنجي نماز يار آ
منهنجون عبادتون فقط،
مُحبتون ئي مُحبتون،
اَزل کان سُونهن سان رهيون،
صُحبتون ئي صُحبتون،
مِزاج ۾ عُشاق دل،
حُسن جي هي هيراڪ دل،
رهي نه هڪ هنڌ ڪڏهن
ٽُٽڻ جي لاءِ هي ٺَهي،
نشيلا خواب سُرمئي،
اکين کي ويا ملي ڪئي،
حسين هَٿ بَخملي،
چپن جي ٿو چُمان ڪَلي،
ڪيان ٿو حُسن جي هولي
رنگين روح جي ڳلي،
اِهي ياقوت چپن جا،
اِهي اَلماس اکين جا،
حُسن ته بادشاھ آ،
اَصل اُهو اَلاھ آ،
اُنهيءَ سان دين آ ڌرم،
اُنهيءَ جو آهي سڀ ڪرم،
جو ڪائنات پئي هلي،
خدا جي ذات پئي هلي،
سندس صفات پئي هلي!!!

الميو

الميو
ڪيڏو گهر ڪُشادو هو ۽
ڪيڏي اُن ۾ رونق هئي
گهر جي چوديواريءَ اندر
ٻي ڪا ڀي ديوار نه هئي
هڪڙو آڳنڌ هوندو هو ۽
ڇِت به هڪڙي هوندي هئي
هڪ ئي دروازو هو اُن جو
هڪ ئي نالي جي هئي تَختي
اڄ سو گهر سُڪڙجي ويو آ
ويرانيءَ جو واسو اُن تي
چوديواريءَ ۾ چوڌاري
ديوارون،ديوارون آهن
آڳنڌ ٽُڪرا ٽُڪرا آهي
هڪڙي ڇِتِ ورهايل آهي
۽ دروازا کوڙ اُنهيءَ کي
نالي جون تَختيون به گهڻيون ئي
هڪڙي گهر جي اندر ڏسندي
ڪيئي گهر جُڙي ويا آهن
در ئي در جُڙي ويا آهن!

دل جو درپن

دل جو درپن

اڃا دل جي ڏيئن جي روشني
جھيڻي نه ٿي آهي
اکين ۾ ڏِسُ!
سُهائي سار جي ڪا سُرمئي آهي
ڏُکن جا ديپ دُونهاٽيل
ٻَرن ٿا ٻاٽ جيون ۾
ڏِسان ٿو عڪس دردن جا
ٽُٽي پيل دل جي درپن ۾
لُڙاٽيل لاٽ خوابن جي
اوجاڳن ۾ ٻَري پيئي
اُنهيءَ بي رنگ جيون کي
ڇڏيا ڪئي رنگ هِن ڏيئي
ڏُکن واري ڏياريءَ ۾
مِٺي موسم پياري آ
ملڻ جي مُند ۾ ڇالئه؟
گهٽا غمگين هي گيڙو
ڏُکايل دل تي ڇانئي آ.

دُعا

دُعا
تنهنجي جنم جو ڏينهڙو
مون لئه عظيم تَر آ
جيئن تون عظيم آهين
هِن ڪائنات ۾
تنهنجو حسين چهرو
ٽڙندڙ گُلاب جھڙو
منهنجي دُعا ته آهي
تنهنجي جنم ڏهاڙي
جي ڪيڪ مٿان ٻَرندڙ
رنگين ميڻ بتين
جي ٿڌڙي روشنيءَ ۾
ٻَهه ٻَهه رهي ٻَھڪندو
تنهنجو نفيس چهرو
خوشبوءِ جيان مَھڪندو
تولاءِ دل جون آهن
سڀ نيڪ تمنائون
چاهيان ٿو فقط آئون
اي ڪاش توکي منهنجي
هيءَ عمر ڀي ملي پئي
شل آس هي کِلي پئي
تنهنجي جنم ڏينهن جون
توکي لکين واڌايون!

هڪڙو ڦهليل آ سَراب

هڪڙو ڦهليل آ سَراب

زندگي، هڪڙو مُسلسل خواب آ
خواب،جنهن جي ڪا به ناهي ساڀيان
خواب،جنهن ۾ “سمنڊ جي هُن پار” جو هڪ ڏيک آ
خواب،جنهن ۾ “سپنوسنڌوديس جو”
خواب،جنهن ۾”مِٽي جي خوشبو“ڀِنل
خواب،جنهن۾ “آرسيءَ جا خوابَ” سڀ
خواب،جنهن ۾ آ “ڊسمبر جي اڪيلائي” رُڳو
خواب،جنهن ۾ “درد جي ساڳي ڪٿا”
خواب، جنهن ۾ ديس هڪڙو آ مهان
خواب جنهن ۾ نِينهن ڪو ناياب آ
خواب،جنهن ۾ ٻيا به آهن خواب ڪيئي
آسماني، سُرمئي، ناسي، گُلابي، بوسڪي
ڄڻ ته انڊلٺ جو رَئو آڪاس تي
ننڊ جي نيراڻ ۾ آ جاڳ جو ڳاڙهو گُلاب
ڊائريءَ جي ٿو نِگاهن ۾ ٽِڙي
هر پَني تي پياس ڦھليل مُنفرد
پياس جنهن ۾ هڪڙو ڦھليل آ سَراب
ڀونءِ کان آڪاس تائين بي حساب
وچ ۾ دل جو مُسافر ڀٽڪندڙ
پنهنجي زخمي پيرڙن جي خون سان
ريت تي تَپندڙ مُسافت پيو لِکي
سُڃ جي ڪنهن سُرمئي احساس جي
شاعريءَ جي واڱڻائي واس جي
عاشقيءَ ۾ وصل جي وشواس جي

ڪيفيت

ڪيفيت

زندگي آ زهر ليڪن
ذائقو اُن جو مِٺو آ
مون چَکِي پَل پَل ڏِٺو آ
نا اُميديءَ مان ئي سورج
ٿو اُميدن جو ڦُٽي
هڪ ته اوکو پنڌ ٻيو
رستي منجهان رستو ڦُٽي
ڌوڙ ۾ ٿو ٿَڪ پيرن جو اُڏي
خواهشن جي خاڪ ڇاڻيندي
حياتي ٿي کُٽي
روح ۾ هڪ رِڻ آهي
جو رڙي ٿو ڏينهن رات
پل به جنهن کي ناهي سانت
بيقراري ريت بڻجي
درد جي سج هيٺ چمڪي
دل اُڃايل مَرگهه کي
ڏئي ٿي فَريب
ڌُنڌ ٿي ڌڙڪي مَنجھس
هيءُ ڪهڙي ڪيفيت
مون کي جياپي جي ملي
ڀوڳيان ٿو جا سزا
ڀانيان ٿو آپي جي ملي
زندگي!پوءِ به توکي
ڍُڪ ڍُڪ پيتو اٿم
مان فنا ٿي ويس ليڪن
تون نه ٿي آهين ختم
زخم دردن جا جلائي
لاٽ ته به ٻاري اٿم
سوچيان ٿو پوءِ به ڇو هي؟
زندگي پياري اٿم!

نه خريدي سگھڻ جو ڏُک

نه خريدي سگھڻ جو ڏُک

زندگي مَفلوج ٿيندي ٿي وڃي
خواهشن جا خار ٿا دل ۾ چُڀن
نااُميديءَ جي تِکي ۽ تيز نٽهڻ اُس ۾
روڳيل هي روح رِڙهندو ٿو رهي
هر قدم لاحاصلات
هر قدم ڇو بي ثبات
ڪوبه ناهي ڏينهن منهنجو
ڪابه ناهي منهنجي رات
نيٺ ڪيسيتائين دُنيا!
رنگَ تنهنجا اوپرا مون لاءِ رهندا؟
هيءُ بازارون ڀَريل
ڪيڏي نه آهي پيهه تن ۾
هَٽ،هوڪا چوطرف کان
ڪيترا آهن وکر واپار لاءِ
ڪين پنهنجي لاءِ جُڙيا
ها مگر سنسار لاءِ
ٿا کُلن رنگين،ريشم ٿانَ ڪپڙن جا ڪئي
ها مگر مون لاءِ آهن رنگ ڏُک جو سُرمئي
ديد سِڪڻي ٻار وانگر ٿي ڏسي چوري لِڪي
مان رهيس خالي اندر ۾
پنهنجي کيسي جيان سدائين
دل جا انگل آر هاڻي ڪين ٿا برداشت ٿين
روح کي ٿا وَڍَ ڏين
سوچيان ٿو هِن زماني کي تياڳي
ڀوڳجي بنواس هاڻي
جيئن نه ٿئي احساس هاڻي!

اُداسيءَ جو گُلابي رنگ

اُداسيءَ جو گُلابي رنگ

مُسڪرائي تو ڏِٺو
عالم سَڄو مُرڪي پيو
رنگَ جاڳي پيا سڀيئي سُونهن جا
ٿي وئي پُرڪيف ساري ڪائنات
رقص ۾ خوشبو خُماري
پوپٽن تي پيار جي موسم لٿي
منهنجي اندر جي اُداسيءَ جو
گُلابي رنگ ٿيو
زندگي پنهنجي حُسن سان
روح مان نِروار ٿي
آبشاريءَ ۾ وئي تبديل ٿي
درد جي تمثيل ٿي
تنهنجي آنچل جو اَچانڪ
واءُ ۾ لهرائيو
ڄڻ ته انڊلٺ جي رنگن سان
ٿي پئي رنگين آ ساري فضا
دُور پولارن منجھان
اُڀرندي آئي نِدا
پيار جھڙو ڪو به پيغمبر نه آ
حُسن جي احساس بِن
هر زندگي نابين آ
وقت جي مُنصف ڪيو آ فيصلو
ڪائناتن جو اِهوئي دين آ
هي ٻُڌي مان سمنڊ جھڙين نيرڙين
تنهنجين اکين ۾ جو لٿُس
لهرون لهرون پاڻ کي ڪو
خواب ٿو محسوس ٿيان
ناياب ٿو محسوس ٿيان

لاتعلقي

لاتعلقي

مِلون هر روز ٿا پوءِ ڀي
عَجب لاتعلقي آهي
ڪيون ٿا ڳالهه جيڪا ڀي
اُنهيءَ ۾ بي دلي آهي
مِلون ٿا چانهه جي ڪَپ تي
اڃا ڀي شام جو رَسمي
سُهاني شام ساڳي آ
مگر ساڳيا نه آهيون ٻئي
ٺَري وئي چانهه چاهت جي
ڦِٽي ويو ذائقو مِٺڙو
اُها ماني سُڪي ويئي
جا گڏجي کائيندا هُئاسين
اُهو گُم ٿي ويو سڀ ڪُجھ
ڪيو جنهن پاڻ کي ويجھو
الئي سا ڳالهه ڪهڙي آ
ڳنڍيو جيڪا اچي پيئي
جَڙيو جنهن جيءُ هو پنهنجو
اُها اڄ دوستي ناهي
جيڪا محسوس ٿيندي هُئي
ڪٿي سا زندگي آهي؟
ٽُٽل اڄ آرسي آهي
ڏني هُئي جنهن شناسائي
نٿي سا هاڻ ڳالهائي
اُنهيءَ جا ٿا چُڀن ٽُڪرا
سندم احساس ۾ اڄ ڀي
ڪُسِي وئي ڪيفيت دل جي
نه پنهنجائپ آ ساڳي
عجب لاتعلقي آهي
مِلون هر روز ٿا پوءِ ڀي!

انمول

انمول

تون مِلي آهين
ڄڻ ته زندگي مِلي آهي
تنهنجي احساس ۾
احساس جيئڻ جو آهي
تنهنجي آواز جي خوشبو
سان پَوان ٿو مهڪي
تنهنجي ڳالهين جا ڳهر
دل تي چڙهي ويا آهن
بادلن سان هوا ۾
روح ڄڻ اُڏامي ٿو
تنهنجا الفاظ مِٺا ماکيءَ جيان
روز منهنجين سماعتن ۾ لهي
دل کي امرت ڪري ڇڏيندا هِن
خواب نيڻن ۾ پيا اَُڏيندا هِن
مون کي محسوس ٿيڻ لڳو آهي
هاڻ انمول ٿي ويو آهيان
تون ئي تون آهين مان ڪٿي آهيان؟

عشق گيڙوءَ جي صدا

عشق گيڙوءَ جي صدا

تون مليئن،مون کي منهنجو
ملي ويو خُدا
جُستجو دل جي معراج ماڻي وتو
هر ذري ۾ آ تنهنجو ئي جَلوو جَوان
رنگَ تنهنجا ٿو هر رنگ ۾ مان ڏسان
دل جي خانه بدوشي ڦهلجي وئي
هي سِرشٽي به خيمي جيان ٿي پئي
چنڊُ،ڄڻ عشق_جوڳيءَ جي گيڙو صدا
آسمانن مان جيڪا وڃي پار ٿي
ڪوته اسرار ٿي
پل اَپل ٿي خلائن ۾ گونجي اڃا
سڀ ستارا اُنهيءَ جا پَڙاڏا لڳن
ڪيف جھڙي هي آئي ڪٿان ڪيفيت
مور جي پَنک جھڙا رنگيلا ڪئي
روح منهنجي ۾ احساس جاڳي پيا
خيال منهنجا خوابن ۾ ويا کوئجي
ننڊ نيڻن ۾ موتين جيان پوئجي
زندگيءَ کي سهيڙي سنواري ڇڏيو
تو ته مون کي نئين سِر جيئاري ڇڏيو

آرسي

آرسي

تنهنجي خوابن کان سواءِ
هي اکيون ويران آهن
ننڊ ۾ ڪو رنگ ناهي
جاڳ جون سڀئي گهٽيون
گُونگيون ۽ حيران آهن
تنهنجي پيرن کان سوا
سڀ پيچرا معذور آهن
چنڊ، تارا، ڪهڪشائون
دربدر بي نُور آهن
زندگيءَ ۾ ساھ ناهي
خيال جو خاليپڻو
توسوا کائي رهيو آ
رنگَ لفظن ۾ نه آهن
ڇو ڀلا آهي اُڃايل
روح جو اظهار ايڏو
پاڻ سان پنهنجو مُسلسل
آ رهيو تڪرار اڪثر
پوءِ به دل هاريو سدائين
مان رهيس ڌاريو سدائين
تو ڏِٺي ڀُلجي نه ڪڏهين
منهنجي دل جي آرسي
زنگ بڻجي آ چڙهي وئي
اُن مٿان لاوارثي!

آس ۽ نراس

آس ۽ نراس

تلخ آهن حقيقتون ڪيڏيون
هيءُ دنيا خواهشون ڪيئي
وڻ،ويڙهي جيان ويون ويڙهي
روح جي گهاٽي جھُومندڙ وڻ کي
زندگي شاخ جيان جهُڪي ويئي
وقت جي تيز ترهوائن ۾
ڀونءِ تي هي پنن جيان وکري
پنهنجي پاڙُن منجهان وئي اُکڙي
هاءِ!پيسي جي چڪيءَ ۾ پِيسي
خواب سڀ خاڪ ٿي اُڏامي ويا
گُهگُهه نيڻن ۾ ٿي وئي اُوندھ
ديپ اُميد جا اُجھامي ويا
مون کي آئي نه هلت دنيا جي
مون کي پُٺتي ڇڏي وڌي ويا سڀئي
مان اڪيلو رهيس خوابن ۾
ڀٽڪندو مان رهيس سَرابن ۾
زندگي ايترا فريب ڏنا
مان فريبي نه ٿي سگھيس ڪڏهين
رُڃَ منهنجو نصيب آ شايد
سَگهه ڪا سمجهه جي رهي ناهي
اَنڌ تي پنڌ ۾ اٿم پيرا
ٿَڪَ دل جا لٿا نه جيون ڀر
ننڊ جا پير جو رهيا ميرا
ڪير آهي کڻي ٻُڌائي جو
هيءَ دنيا بڻي آ ڇا لاءِ
جي بڻي آ سڀن جي لاءِ پو
ڇو نه سڀئي جيئن ٿا هڪ جھڙو
ٿي پئي ڇالئه مُفلسي مهڻو
ايڏو انسان ۾ فرق ڇو آ
ماڻهو،ماڻهوءَ کان بي خبر ڇو آ؟
ڄَم ۽ موت سڀن لئه ساڳيو
هڪ سُمهي ٿو سُڪون جي ننڊ ۽
رات ڀر ٻيو آ بُکن ۾ جاڳيو
هڪڙو ماڻهو لکين غريبن جو
روز چوري ڪري جياپو ٿو
ايئن ڪُجهه ماڻهو خُدا جا خلقيل
باقي خالق جي خلق کي کائي
اندران،اندران چَٽي اَڏوهيءَ جيان
کوکلو کوکلو ڪري ٿا ڇڏن
پنهنجا پنهنجا سڀئي ٿا محل اَڏن
هي روايت به بادشاهي آ
ڪُجھ ماڻهن کڻي جا ٺاهي آ
جنهن جا قانون قاعدا پنهنجا
اُن جا مخصوص واسطا پنهنجا
ڪيڏا محدود ٿي ويا آهن
يا خُدا!سڀ سان رابطا تنهنجا
ڪهڙي انصاف جي علامت آ
تون به آهين ڪهڙي ضمانت آ
تون جي آهين ته ساهميءَ جا پُڙَ
ڇونه آهن رهيا برابر ٻئي
ڳالهڙي هي ته پڌر آهي پئي
مُنصفيءَ جو ڪو معجزو ٿي پَئو
بي سهارن جو سهارو ٿي پَئو!

بي زُبان ڏُک جي صدا

بي زُبان ڏُک جي صدا

ذهن خالي ٿي نه سگھيو
مان مگر خالي رهيس
حادثن جي بار هيٺان
دل سدا دَٻيل رهي
کوڙ سيني ۾ صدائون
روز ٿيون مَدفون ٿين
زندگي جي چوواٽي
تي اڪيلو آهيان
ڪو به ناهي وَنجهه جنهن جو
سو بتيلو آهيان
ساٿ جو،سهڪار جو
دل کي ڪنارو ڪين آ
مان سفر جنهن تي ڪيان
اهڙو ڪو چارو ڪين آ
دور تائين ڪوبه ڪٿ
اُتساھ جو نالو نه آ
ڪابه چوڙي چنڊ ناهي
جُهومندڙ والو نه آ
زندگي مانيءَ جيان پنهنجي رُکي
انتظارن ۾ ٺَري ويئي سُڪي
ديد رهجي وئي بُکي
ڪابه تبديلي نه آهي
ٻانهن ۽ ٻيلي نه آهي
مُفلسيءَ جو رنگ ٿو وڌندو وڃي
انتها جو زنگ ٿو وڌندو وڃي
ڪابه ڇاتي ڪو ڪُلهو ناهي رهيو
ڪنڌ لاڙي جنهن مٿان روئي پَوان
هانوَ تي جو بار آ هلڪو ڪيان
ڪوبه پنهنجو ڪين ٿو محسوس ٿئي
دوستيءَ جي دل وئي پٿرائجي
ٿي ڪري ٽُڪرا رُڳو ٽَڪرائجي
آ ڪيو مَصلوب اِن احساس مون کي
ڪو به جيئڻ جو نه آيو
رنگ آهي راس مون کي
موسمون مون لاءِ مَٽجن ئي نٿيون
گُهگُهه اُونڌايون اَڃا گهٽجن نه ٿيون
ڪُجھ به ڪونهي هڪ خلا آ چوطرف
بي زُبان ڏُک جي صدا آ چوطرف!

صدا جي سرگوشي

صدا جي سرگوشي

پنڌ ڪيڏو ڪيو نه آ پيرن
ڪيڏا رستا لتاڙي آيس مان
ڪيڏي مِٽي اُڏائي آيس مان
ڪو به منهنجو نِشان ڪونهي ڪو
پنهنجا پيرا وڃائي آيس مان
ٿَڪَ دز جيان ڄَمي ويا تَن تي
جاڳ آ چُور چُور ٿي ويئي
ڌُنڌ جي آهي اکين تي عينڪ
واءُ نمڪين ٿي وئي ڪيڏي
دُور ٽِمڪي نظر ۾ ٿي پو ڀي
ڏُک ڏُونگر منجهان ڏياٽي ڪا
غم جي آهي گهٽا به گهاٽي ڪا
قافلو ساڻ اڪيلائيءَ جو
بي زباني به همسفر هاڻي
نااُميدي ۾ اُميدون آهن
ٿي ويا پنڌ جا وڏا پاڇا
پوئتان پيچرا وڃن کُٽندا
۽ اڳيان اينگهندا وڃن پيا گَس
وقت!ڪاڏي وڃان ٻُڌا تون ئي
ڏُک منهنجو مُسافري آهي
دل جو وِسرام شاعري آهي
آھ پيڙا به پربتن جھڙي
ڄڻ ته وِک وِک به تُربتن جھڙي
ڪابه ناهي صدا جي سرگوشي
ساھ ۾ سُڃَ ٿي وسي ايڏي
اُڃَ ڄڻ سُرمئي آ سامونڊي
رُتَ آئي ڪڏهن نه رنگن جي
بي رنگينيءَ جي هڪڙي موسم آ
ڪين آهي مَٽي جا جنمن کان
جو اُنهيءَ کان وڃان به اڳتي ڪُجهه
سرحدن کان وڃان به اڳتي ڪُجهه

خانه بدوش

خانه بدوش

هي سڀئي ڌرتيءَ مٿان خانه بدوش
چنڊ هيٺان خواب جا خيما لڳائي
ديس ۾ پرديس وانگر ٿا جِيئَن
هي پکين جهڙو پيا سڀ ڏيک ڏين
دُور هڪڙو قافلو ڪاهي پيو
ڌُوڙ جيڪو ٿو اُڏائيندو وڃي
پيچرن کي ٿو ٻُڌائيندو وڃي
دربدر ڏُک جي ڪهاڻي اُس ۾
ڪين جنهن جي ابتدا ڪا انتها
ڪيترا تنهن جا عجب ڪردار سڀ
ڌُوڙ ۾ لَٽجي ويل سنسار سڀ
جيڪي ٽُڪرن ۾ ڪٽن ٿا زندگي
ننڊ ڀي جن جي چَتيون آهي سڄي
رات پر تن جي ڪَتيون آهي سڄي
چنڊ جو فانوس ٿو تن لئه ٻري
جو پيو چانڊاڻ خيمن تي ڪري
ڏيک جوڙي ٿو نڪوري خواب جا
سج سونو جن جي ماٿي تي ٻَري
تِلڪ جي نيشان وانگر نِرڙ تي
صبح سان جن جي پکي ڪن آجيان
آ ڪَٺن ڪيڏي نه تن جي ساڀيان
پنڌ جن جي آهي پيرن ۾ ٻَڌل
پيچرا جن هيٺ ٽامي جيان تَتل
ڪک ميڙي جن پکين وانگر اَجها
موھ ڪيڏي ساڻ آهن سي اَڏيا
هي نه هڪڙي جاءِ تي ويٺا ڪڏهن
هي اَزل کان سڀ لَڏائو پنڌ ۾
ٻار،جُهونا،جُهونڙيون ۽ عورتون
پدمڻيون جھڙيون مندر جون مورتون
حال ۾ هلندا رهن ٿا هر گهڙي
ماٺ سان ماضي اُڻن ٿا سانورو
راس آيو ڪين جن کي ڇانورو
ڪين مُستقبل جو اُونو ٿا رکن
ڪين ٿا ڪنهن کي به ڏوراپو ڏين
من جي مستيءَ ۾ مگن آهن سدا
هم سفر،هم راز جن جا پيچرا
رونقون ويرانين ۾ ٿا ڀَرن
شهر ٿا ممنوع سڀ جن لئه رهن
باهڙيون ٻاري انڌيرن ۾ سدا
هي سُهائو سُرمئي آهن ڪندا
عصر جو دُونهون اُنهن جي سار جي
آسمانن کي ٻُڌائي ٿو ڪٿا
هي ازل کان ئي پکين جا هَمنوا
وقت ٿو جن کي ڏسي آرس ڀَڃي
قافلو پوءِ به ٿو هلندو وڃي
هي خُدا جا موڪليل آهن سَروش
هي سڀئي ڌرتيءَ مٿان خانه بَدوش
چنڊ هيٺان خواب جا خيما لڳائي
ديس ۾ پرديس وانگر ٿا جِيئَن!

وقت جي سوڙهي گھٽي

وقت جي سوڙهي گھٽي

زندگي ٻار جي لباس جيان
خواهشن تي نٿي اچي پوري
آهي هر هنڌ کان پئي ڦاٽي
عمر ليڙون سموري مون ڪاٽي
ننڊ جو آھ اُڊڙيل کيسو
خواب هڪ هڪ ڪَري ڪِري پيا سڀ
وقت سوڙهي گھٽيءَ ۾ اڄ ڪاٿي
پِيھ جي پِيڙھ ۾ لُڇي ٿو من
گَهٽ جي ڪيڏي آ گَهٽا گهاٽي
ڪاش دل جي دري کُلي ڪاٿان
روح جي رُڃ ۾ ٿئي هوا تازي
درد جا پيرَ ڪن سفر پنهنجو
واٽ واسي ڇڏين وَن پنهنجو
بيقراريءَ جي اُڪاري سرحد
درد دل جو ڪري ڇڏيان لاحد
مان ته محسوس ٿو ڪرڻ چاهيان
پنهنجي مُڪمل شعور سان جاچي
موت جي ٿو چَکڻ گُهران مِينا
زندگي! تنهنجي ٽُٽل ساغر ۾
تنهنجي اُتساھ ڀَريي ڀاڪر ۾!

زندگي ڪو زخم پُراڻو آ

زندگي ڪو زخم پُراڻو آ

زندگي ڪو زخم پُراڻو آ
مون ۾ جيڪو ڏُکي رهيو آهي
ڄڻ ته ٽانڊي جيان ٻَريل ٽاڻو آ
تاءُ اُن جو تپائي ٿو ڏاڍو
منهنجي خوابن جي پوپٽن جا پَرَ
لَهسِجي لال ٿي ويا آهن
اڄ اکين جي اُداس ٽاري آ
ننڊ جا ٻول ٿي ويا ٻاڙا
جاڳ جو تاڙ ۾ شڪاري آ
روح جي رُڃَ ٿي ڪري راڙا
اُڃَ هرڻيءَ جيان ڊُڪي سهڪي ٿي
آب جو آ فريب هر پاسي
ڪو به اُتساھ جو نه پيرو آ
غم جو گهاٽو ۽ گُهگُهه اَنڌيرو آ
ديد جي ڪا دِشا ملي ئي نٿي
بي دِشا ڀٽڪندو رهان ٿو مان
ريت سان اَٽڪندو رهان ٿو مان
ساھَ ڪيڏا نه لتاڙي صحرا
اڳتي رڙهندو وڃي رهيو آهي
ٿَڪَ ثڙندي ڀَڃِي رهيو آهي
حوصله صبح جو ٽُٽي ٿا پَون
۽ جُڙي رات جو جيئارن ٿا
دل کي پُختو يقين ڏيارن ٿا
مُرڪ ٽِمڪي ٿي کُڙکُٻيتن جيان
ڇير ڇمڪي پئي تصور ۾
ٿي وڄي ڪائنات ٿي گُهنگُهرو
۽ هوا ٿي پوي ٿي موسيقي
چنڊُ ڄڻ چنگ جيان خلائن ۾
ٿو وڄي وايو منڊل جُهومائي
منهنجي بي حال دل ٿو جُهومائي
منهنجا سڀ حوصله ٽُٽل جوڙي
سڀ اُداسيون ڪريو ڇڏي ٽُڪرا
چِت،چانڊاڻ ٿو ڪري ٿڌڙي
خيال اُڏرن چڪور ٿا بڻجي
جُستجوءَ کي ملن نيون راھون
نيڻ مَهٽي خيال جاڳن ٿا
زخمي پيرن جا پَها ٿين پيرا
سانت جو گيت ٿي وڃي صحرا!

وقت جو گِهنڊ

وقت جو گِهنڊ

زندگي! ڪيترا ڏَسُ امتحان وٺندينءَ تون
مان ڏئي امتحان هاڻ ٿڪجي پيو آهيان
روز ناپاس روز آهي سزا
هڪ ته تنهنجا سوال عمر کان وڏا آهن
خال تنهنجا ڀَرڻ به منهنجي وس ۾ ناهن
انگَ تنهنجا اکر،حساب هِن گهڻا اوکا
ياد مون کي نه آ اُتساھ جو اکر هڪڙو
لفظ دل جا رهيا سدا گُونگا
ڪو سبق ساھ کي سُڪون جو پَڪو ناهي
بيقراريءَ جا بيت سُور جون سِٽون سڀئي
درد جو درس مان پڙهان ويٺو
ماٺ ئي ماٺ مان ڪڙهان ويٺو
بند منهنجي رسيس ٻار ڪنهن جَڏي وانگي
وقت جو گِهنڊ ڪاش ڪو وڄي ٿئي موڪل
بيوسي!هاڻ ٿو لڳي ته جان وٺندينءَ تون
زندگي! ڪيترا ڏَسُ امتحان وٺندينءَ تون