ڪالم / مضمون

سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون

ڊاڪٽر غلام رسول سومري جون ساروروڻيون نہ رڳو اُهي ڪھاڻيون آهن جيڪي سندس حقيقي وارتائون ۽ واقعا آهن، پر سندس ساروڻين ۾ آکاڻيون، ڪھاڻيون، افسانا ۽ هڪڙا پوئٽريٽ آهن. انھن ۾ ڪيترائي ڪردار آهن، توڙي جو سندس يادگيرين جا ڪجهہ ڪردار هي دنيا ڇڏي چڪا، پر ڊاڪٽر صاحب جي لکڻين جو انداز اهڙو آهي جو مطالعو ڪندي ڄڻ پاڻ اُن زماني ۾ پھچي اُنھن انمول ڪردارن سان رهاڻيون ڪندا هجون.

  • 4.5/5.0
  • 19
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ڊاڪٽر غلام رسول سومرو پاران لکيل آتم ڪٿا/ساروڻين تي آڌاريل ڪتاب ”سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.

ڊاڪٽر غلام رسول سومري جون ساروروڻيون نہ رڳو اُهي ڪھاڻيون آهن جيڪي سندس حقيقي وارتائون ۽ واقعا آهن، پر سندس ساروڻين ۾ آکاڻيون، ڪھاڻيون، افسانا ۽ هڪڙا پوئٽريٽ آهن. انھن ۾ ڪيترائي ڪردار آهن، توڙي جو سندس يادگيرين جا ڪجهہ ڪردار هي دنيا ڇڏي چڪا، پر ڊاڪٽر صاحب جي لکڻين جو انداز اهڙو آهي جو مطالعو ڪندي ڄڻ پاڻ اُن زماني ۾ پھچي اُنھن انمول ڪردارن سان رهاڻيون ڪندا هجون.

ھي ڪتاب مُرڪ پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران 2021ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون غلام رسول سومري ۽ مرتضيٰ لغاريءَ جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني. 


محمد سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي 

سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام 
sulemanwassan@gmail.com 
www.sindhsalamat.com 
 books.sindhsalamat.com

ارپنا

زندگي ڪتاب وانگر آهي

جنهن کي اسان پان لکندا آهيون.

---

امڙ جي نالي 

جيڪا ٻاروتڻ ۾ 

سينگاري ٺاهي 

ڪتابن جو ٿيلهو ڪلهي ۾ وجهي

اسڪول موڪليندي هئي.


پبلشر نوٽ:

پبلشر نوٽ:

ڊاڪٽر غلام رسول سومرو سنڌي ادب جو سينيئر ليکڪ آهي. هن زندگيءَ جو اڌ کان وڌيڪ حصو سنڌي ادب کي ڏنو آهي، ڇو ته ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ واري زماني کان ئي سندس تعلق ادب سان جڙيو، هن سنڌي ادب ۾ ايم اي ۽ پوءِ پي ايڇ ڊي ڪئي، وري سنڌي ادب جو استاد ٿي سامهون آيو ته تدريسي دنيا ۾ پنهنجي مقبوليت ماڻيائين، هن جيڪي تدريسي زندگيءَ دوران رنڊا روڙيا اُهي به سنڌي ادب جي نون توڙي پراڻن پڙهندڙن کان ڳجها نه آهن.
ڊاڪٽر غلام رسول سومرو بنيادي طور ڪالمسٽ ۽ مضمون نگار رهيو آهي، پر هن 1992ع ۾”ضلعي لاڙڪاڻي جي ادبي تاريخ ــ ورهاڱي کان اڳ“ جي موضوع تي پي ايڇ. ڊي لاءِ مقالو لکي هڪ محقق طور سڃاڻپ ماڻي ورتي. سندس ٿيسز 2019ع ۾ ڇپجي چڪي. پر ڊاڪٽر صاحب پنهنجي لکڻ واري ڪرت کي ڪٿي به جهيڻو يا جهڪو ٿيڻ نه ڏنو، هن ڪجهه وقت ڏيهه ته ڪجهه پرڏيهه ۾ رهي جيڪي يادگيريون لکيون اُهي پنهنجي جاءِ تي تمام خوبصورت ۽ سندس زندگيءَ جا اهم باب آهن. ڇو ته يادگيريون هونئن ئي دلچسپ هونديون آهن. جيڪڏهن يادگيريون سنجيده ۽ سگهاري اديب جي قلم مان نسريون هجن ته انهن ۾ رس چس ڪجهه سرس هوندو آهي.
ڊاڪٽر غلام رسول سومري جون ساروروڻيون نه رڳو اُهي ڪهاڻيون آهن جيڪي سندس حقيقي وارتائون ۽ واقعا آهن، پر سندس ساروڻين ۾ آکاڻيون، ڪهاڻيون، افسانا ۽ هڪڙا پوئٽريٽ آهن. انهن ۾ ڪيترائي ڪردار آهن، توڙي جو سندس يادگيرين جا ڪجهه ڪردار هي دنيا ڇڏي چڪا، پر ڊاڪٽر صاحب جي لکڻين جو انداز اهڙو آهي مطالعو ڪندي ڄڻ پاڻ اُن زماني ۾ پهچي اُنهن انمول ڪردارن سان رهاڻيون ڪندا هجون.
مرڪ پبليڪيشن ڪراچيءَ طرفان ڊاڪٽر غلام رسول سومري صاحب جو يادگيرين تي آڌاريل ڪتاب ”سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون“ شايع ڪري نه رڳو بهترين ڪتاب جو اضافو ڪري رهيا آهيون، پر نئين توڙي پراڻي ٽهي لاءِ هڪڙي تاريخ محفوظ ڪري رهيا آهيون، اميد ته سُٺي موٽ ملندي.

مرتضيٰ لغاري

مهاڳ - هڪ دور جي ڪٿا

مهاڳ - هڪ دور جي ڪٿا


ساروڻيون انسان جي زندگيءَ جو انمول سرمايو آهن. خاص طور ڪنهن به انسان جي ٻالڪ پڻي جون يادگيريون ڏاڍيون حسين هونديون آهن، جن ۾ ننڍيون ننڍيون شرارتون ۽ رانديون، رساما ۽ پرچاءَ ۽ انيڪ معصوم جذبا سمايل هوندا آهن، پر ماضيءَ جون ڪي سارون سورَ به ڏينديون آهن. شايد انهيءَ ڪري اردو جي شاعر اختر انصاري چيو هو ته:
يادِ ماضي عذاب هے يا رب
چھين لے مجھ سے حافظه ميرا

پر ڳالهه اِتي پوري ڪونه ٿي ٿئي ڪي يادون انسان جي ذهن تي خوشگوار ۽ اڻ مٽ نشان به ڇڏي وينديون آهن، جن کي ماڻهو عمر ڀر وساري نه سگھندو آهي...... بهرحال ڪجھ به هجي اُهي پَل جيڪي زندگيءَ جي وڻ تان پکيئڙن وانگر اڏرندا ويندا آهن، سي تلخ هجن يا شيرين پر انسان کي پيارا ئي هوندا آهن. اصل ۾ سهڻيون ساروڻيون ڪنهن به انسان جي دل ۽ ذهن ۾ موجود هڪ اهڙو خزانو آهن، جنهن کي اگر هو پنهنجي ذهن جي اسٽور روم يا اندر جي تهه خاني ۾ سانڍي رکندو ته منجھس سرهاڻ رهندي پر جيڪڏهن اُهي جڳ سان ونڊيندو ته ڄڻ اها سڳنڌ پکيڙيندو ۽ ائين پنهنجي مَنَ کي هلڪو ڀائيندو.
ڪي ماڻهو ته جيئندا ئي يادن جي سهاري آهن، اُهي ساروڻيون ئي سندن جيون لاءِ ٻَلُ هونديون آهن. ساروڻين جو اهو سلسلو جيڪو انسان جي ذهن ۾ قافلن جيان قطارون ٺاهي هلندو آهي، انهن کي اگر ڪو ماڻهو پنن تي اتاري ته اُهي ادب جو شاهڪار به ٿي سگھن ٿيون. اهڙيون ساروڻيون جيڪي ڪتابي شڪل ۾ شايع ٿين ٿيون اصل ۾ ڪنهن به انسان جي آتم ڪٿا جو حسين حصو هونديون آهن ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ماڻهن، جيڪي اڳ ليکڪ نه هئا، جڏهن پنهنجون آتم ڪٿائون ۽ يادگيريون لکيون ته وڏا ليکڪ بڻجي ويا. آتم ڪهاڻين ۽ يادگيرين مان ماڻهن جي زندگيءَ جي کوڙ سارن تجربن، مشاهدن ۽ وقت جي طوفانن توڙي خوشيءَ جي لمحن جو اندازو ٿيندو آهي. مون کي ته ننڍي لاءِ کان وٺي ٻين جي زباني سندن زندگيءَ جي ڪهاڻي ۽ يادگيريون ٻڌڻ جو گھڻو شوق رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو مان اڪثر پنهنجي ڏاڏا سائين کان سندس زباني سندس زندگيءَ جي تجربن ۽ واقعن بابت قصا پيو ٻڌندو هيس ۽ ائين ئي بابا سائين به جڏهن پنهنجي يادن جا ورق ورائيندو آهي ته بيحد لطف ايندو آهي.
يادگيريون هونءَ ته ڪنهن به انسان جو ذاتي سرمايو آهن، جنهن کي هو لوڪ کي آڇي يا نه اها سندس ئي مرضي آهي، پر جڏهن ڪي ساروڻيون ڇپجي پڌريون ٿين ٿيون ته اُهي سڀني ماڻهن لاءِ اهميت جوڳيون بڻجي وڃن ٿيون، ڇوته انهن ۾ رڳو ڪنهن به ليکڪ جي ذاتي ۽ انفرادي زندگيءَ جي تجربن ۽ مشاهدن جو قصو نه هوندو آهي پر اجتماعي طور سڄي سماج جو نقشو به سامهون ايندو آهي. ڪيترن ئي اهڙن ڪردارن جو ذڪر به ايندو آهي، جن بابت عام ماڻهن کي ڪا خاص ڄاڻ نه هوندي آهي. اهڙين ساروڻين ۾ ليکڪ جي داخلي جذبات سان گڏ خارجي حالتن جي ڄاڻ به ملندي آهي. نامياري ليکڪ ڊاڪٽر غلام رسول سومري جي ساروڻين تي مشتمل هن ڪتابَ ”سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون“ ۾ به اوهان کي اهو سڀ ڪجھ نظر ايندو.
ڊاڪٽر غلام رسول سومرو هڪ محنتي ۽ اورچ ليکڪ آهي. جيڪو هڪ وڏي عرصي کان سنڌي ادب ۾ هڪ مضمون نگار، ڪالم نگار ۽ مقاله نگار جي حيثيت ۾ سڃاتو وڃي ٿو. هو بنيادي طور سنڌي ادب جو استاد رهيو آهي ۽ ڪراچي جي مختلف ڪاليجن ۾ تدريسي سرگرمين ۾ مصروف رهڻ سان گڏ لکڻ پڙهڻ کي به وقت ڏيندو رهيو آهي. هن 1992ع ڌاري ”ضلعي لاڙڪاڻي جي ادبي تاريخ ــ ورهاڱي کان اڳ“ جي موضوع تي پي ايڇ. ڊي لاءِ مقالو لکي هڪ محقق جي سڃاڻپ به ماڻي. اهو مقالو 2019ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي ۽ ان کي علمي ادبي حلقن طرفان گھڻو پسند ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر غلام رسول سومري جو هي ڪتابُ جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي، اصل ۾ سندس يادگيرين جو البم آهي، ان ۾ ڪيئي رنگين ۽ بليڪ اينڊ وائيٽ تصويرون آهن، تصويرون جن کي هن سهڻن لفظن سان چِٽيو آهي. انهن تصويرن ۾ ستن ڏهاڪن جي ڪٿا آهي، انوکا ڪردار آهن، واقعا آهن ۽ سڀ کان اهم ڳالهه انهن تصويرن ۾ حسين احساس ۽ ڏک سُک جا لمحا آهن. هي ساروڻيون لکي ڊاڪٽر صاحب انهن لمحن کي جيئرو ڪيو آهي، جيڪي وقت جي دز هيٺان دٻجي گم ٿي ويا هئا. اُهي لمحا جن جي حسن ۽ ڪرب کي ليکڪ هر لمحي محسوس ڪيو هوندو اڄ هنن ساروڻين جي طفيل اسان سڀني تائين پهتا آهن ۽ انهن کي حياتِ جاودان ملڻ جو امڪان آهي.
جيڪڏهن زندگيءَ کي ناول سان تعبير ڪجي ته زندگيءَ جا ننڍا ننڍا لمحا، ننڍين ننڍين ڪهاڻين وانگر ئي آهن. جيتوڻيڪ هن وقت زندگيءَ جي وشال ڪينواس بدران ڪي ناول به جيون جي چند لمحن تي به لکيا وڃن ٿا، بهرحال ڪجھ به هجي پر زندگيءَ جِي ڪهاڻي لمحن جي ذرن سان ملي اڳتي وڌي ٿي. ڊاڪٽر غلام رسول سومري جون هِي يادگيريون به ننڍڙين ننڍڙين ڪهاڻين وانگر ئي آهن، جن ۾ ڏاڍا خوبصورت منظر ۽ احساس موجود آهن. هنن يادگيرين ۾ هن زندگيءَ جي انهن پلن کي محفوظ ڪيو آهي، جن کي هن اهم سمجھيو آهي، انهن تاريخي حقيقتن کي عيان ڪيو آهي، جيڪي لڪل هيون، انهن انسانن کي ياد ڪيو آهي، جيڪي اسان کان وسري چُڪا هئا، انهن منظرن کي چِٽيو آهي، جيڪي اڄ رهيا ئي ڪونهن. هي يادگيريون جيڪي ليکڪ جي آتم ڪٿا وانگر ئي آهن، انهن ۾ هُن هڪ دور جي ڳالهايل تاريخ پڻ لکي آهي. هنن ساروڻين ۾ اسان کي سماج ۽ قدرن جي تبديلي جا آثار به نظر ايندا ته سياسي، سماجي، ثقافتي، معاشي، تجارتي ۽ اقتصادي تاريخ جا اولڙا به پَسبا. هنن يادگيرين ۾ سکر، لاڙڪاڻو، ڪراچي بلڪه سڄي سنڌ جي ڪالهه کي پَسي سگھجي ٿو. ڪالهه، جيڪو ماضي هيو، اهو حال کان بهتر هيو يا بدتر....! ڊاڪٽر غلام رسول سومري جي هنن يادگيرين جي جھروڪن مان اسان اها سنڌ پَسي سگھون ٿا، جيڪا اڄ هڪ خوابَ وانگر ڀاسي ٿي.

ڊاڪٽر غلام رسول سومري جي هنن ساروڻين جو سلسلو سنڌوءَ جي ڪناري کان شروع ٿئي ٿو. سنڌو، جيڪو هزارين سالن کان هن ڌرتيءَ کي سيرابُ ڪندو اچي ٿو، انهي سنڌوءَ بابت انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ لکيل آهي ته ”سنڌو ندي اولهه ٿٻيٽ (Tibet) جي ڪيلاش جبل کان شروع ٿئي ٿي، جيڪو ڌرتيءَ جي سطح کان 17000 فوٽ اوچائيءَ تي آهي. هيءَ ندي جنهن هنڌان نڪري ٿي، اُن کي سنڌونديءَ جي پهرين ماٿريءَ جي ٿٻيٽي لوڪن جي ٻوليءَ ۾ ’سنگي سَمبو‘((Lion River، شينهن درياهه ۽ بلتي لوڪ ان کي گيمتش ۽ ’تسه فو‘ (Tsah-Fo) (ٻلوان ندي) سڏين ٿا. جنهن هنڌان هيءَ ندي وهي نڪري ٿي، اُن کي ’سنگهي- ڪا- باب (Singhi- ka-Bab) يعني’شينهن جو مُنهن‘ سڏجي ٿو.“ سنڌوءَ جو طويل سفر سنڌ جي ڊيلٽا واري علائقي کاري ڇاڻ تائين اچي پورو ٿئي ٿو ۽ هيءُ درياهه پنهنجي موج ۽ مستي ۾ وهندو اچي سمنڊ ۾ سمهي پئي ٿو. ان سنڌو شينهن درياهه سان ڊاڪٽر غلام رسول سومري جو ڄمڻ کان وٺي ساٿ ۽ سُٻنڌ رهيو ۽ زندگيءَ جا کوڙ سارا حسين ۽ قبيح لمحا هن سنڌو جي سنگ گذاريا. سنڌو ڪڏهن هن لاءِ موت جو هنج بڻيو ته ڪڏهن ان کيس جئدان بخشيو. ٻال وهيءَ ۾ هو انهيءَ سنڌوءَ مان ٽي ڀيرا ٻڏندي ٻڏندي بچيو هو. اوهان هي ڪتاب پڙهندي کوڙ جاين تي محسوس ڪندا ته سنڌو هن جي ساروڻين جو مرڪز آهي. هي ساروڻيون ڊاڪٽر غلام رسول سومري جي زندگي جي ڏکن سکن جي پوتاميل آهن. هنن ساروڻين ۾ ليکڪ جي ٻال پڻي ۽ جواني جا ڏينهن ۽ انهن ڏينهن ۾ ڳوٺاڻي ۽ شهري زندگيءَ جا عڪس ۽ اولڙا جابجا ته نظر اچن ٿا پر سماج جا بدلجندڙ رخ به ڏسي سگھجن ٿا.
ڊاڪٽر غلام رسول سومري خاص طور ٻال وهيءَ ۾ جيڪا ڏُکي زندگي گذاري آهي، پنهنجي حياتي جا اهڙا لمحا ياد ڪندي هو لکي ٿو: ”پراڻي لاوارث مندر جي اجاڙ ماحول ۾ اسان جيڪي زندگي جا ڏينهن گذاريا سي اسان جي زندگي جا مشڪل ترين ڏينهن هئا سواءِ پارومل پڪوڙائي جي پڪوڙن جي مزي ۽ سواد کان علاوہ ڪا به اهڙي مزي جي يا خوشي جي ڳالھ ڪانهي جنهن کي ياد ڪري سگھئون.“
ڊاڪٽر غلام رسول جي زندگي کوڙ سارن ماڻهن لاءِ مثالي زندگي آهي. هو هڪ اهڙو ٻار هيو، جنهن کي زندگيءَ جون بنيادي سهولتون به ميسر نه هيون، سندس جو جنم ته سکر ۾ سنڌو جي ڪناري ٿيو پر هن نج ڳوٺاڻي زندگي به گذاري، خاص طور هن جا پنهنجي خاندان سان گڏ لاڙڪاڻي جيلس بازار لڳ هڪ اجاڙ مندر ۾ گھاريل ڏينهن، ڏاڍا عجيب آهن. ڊاڪٽر صاحب انهن ڏينهن کي به پنهنجين ٻاراڻين شرارتن ۽ موج مستين ۾ گذاري پنهنجي ساروڻين ۾ خوبصورت نموني بيان ڪيو آهي. مندر ۾ رهڻ وارن ڏينهن جون اهي يادون ۽ پَلَ ساريندي هڪ جاءِ تي هو لکي ٿو ” 1949_1950ع ڌاري گھاڙ واهه جي پل جي جيلس بازار واري پهرين دروازي جي اوڀر ۾ مندر هو. مٿس بڙ جي وڻ جو پکڙيل وڏو ڇانورو هو. اسان ميروخان سان لڳ ڳوٺ ڪنگن کان لڏي پهريون مندر جي آڳر ۾ اچي ٽپڙٽاڙي رکياسي، ياد ناهي ته گھڻان ڏينهن مندر ۾ ٽڪيا رهياسي. منهنجي وڏي ڀيڻ ۽ مان روز مندر جو آڳر ٻهاريندا هئاسي ...... گھاڙ واه جي پل وارو منظر ۽ ان سان وابستا يادگيرين کي وساري سگھيو آهيان نه وري مندر واري اڱڻ کي ۽ نه ئي اتي قائم ميخاني ۽ ميخاني جي موالين جي ڪرتوتن کي. آءُ جڏهن به لاڙڪاڻي ايندو آهيان ته منهنجيون اکيون اهي هنڌ ماڳ ڏسڻ لاءِ آتيون رهنديون آهن.“
ساروڻين جو هي ڪتاب سنڌوءَ جي اوج جي ڪهاڻي به ٻڌائي ٿو. پس منظر ۾ سکر بيراج جي اڏاوت جا تفصيل ۽ ان ۾ انگريز دور جي جھلڪ به نظر اچي ٿي. ڊاڪٽر غلام رسول، ڪتاب جي منڍ ۾ ئي سنڌوءَ سان پنهنجو عجيب سُمٻنڌُ ٻڌائي ٿو، ۽ اهو سُٻنڌ اڄ تائين هن ٽٽڻ نه ڏنو آهي. هن جا ابا ڏاڏا ڳوٺ عاقل خالد ۾ سنڌو درياهه تي رهندا هئا جن کي هو فليش بئڪ ۾ ياد ڪندو رهي ٿو.
ڊاڪٽر غلام رسول سومري پنهنجي هن ڪتاب ۾ ورهاڱي کان اڳ واري دور کي ياد ڪندي سنڌ ۾ خوشخالي ڀائيچاري، مذهبي رواداري ۽ انسان دوستي واري ماحول کي جنهن ريت چِٽيو آهي، ان کي ياد ڪري رڳو هڪ ٿڌو ساهه ئي ڀري سگھجي ٿو، اهڙي طرح ٻال وهي جي يادگيرين مان سکر جي گئوشالا جو چٽيل منظر به من موهيندڙ آهي ته پپل جي ٿڌڙي ڇانوَ ۾ نار تي تيل ميٽ هڻي وهنجڻ واري ياد جو به جواب ناهي. اِهو اُهو دور هو جڏهن ماڻهن جا من نفرتن ۽ ڪدورتن جي غلاظتن کان پاڪ هئا. مذهب، رنگ، نسل، فرقي ۽ ٻولين جا سنڌا هوندي به ڪوئي ڪنهن کي رنجائيندو نه هو، بلڪه منجھن باهمي محبت ۽ ڀائيچارو هوندو هو. اهو ڪالهه جي خوشحال سنڌ جو نقشو آهي، ۽ اڄ هر طرف اجاڙ جو منظر آهي. جڏهن ڊاڪٽر صاحب جي عمر رڳو چار يا پنج سال مس هئي ته هندوستان جو ورهاڱو ٿيو هو، سکر مان هندن جي لڏ پلاڻ جو ڪجھ ڌنڌلو منظر هن کي ياد آهي، جنهن کي هنن يادگيرين ۾ غلام رسول صاحب ڏاڍي درد سان بيان ڪيو آهي. هن لکيو آهي ته ”انهن ڏينهن ۾ سکر مان هندن جي وڏي لڏ پلاڻ ٿي. روهڙي سکر اڌ تي خالي ٿي چڪا. هندن جي لڏ پلاڻ سبب سڀ کان وڏو ڪاپاري ڌڪ سنڌ جي واپار کي لڳو. واپاري منڊيون، بازارون، بينڪون، سرڪاري دفتر سڀ ٺپ ٿي ويا ۽ چئو طرف ڏڪار جھڙي ڪيفيت پيدا ٿي پئي هئي. غريب طبقو جيڪو آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا جي ڪار تي هريل هئو تنهنجي زندگي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي پئي. امڙ ٻڌائيندي هئي ته انهن ڏينهن راشن ڪنٽرول تي ملندو هو مهري جي دال، اٽو، کنڊ، چانور، گھ تيل ۽ گاسليٽ وغيره سڀ مشڪل سان ملندا هئا. پئسي جي وڏي کوٽي هئي.“
ڊاڪٽر غلام رسول سومري جي زندگيءَ جي ڪهاڻي ته سکر شهر مان شروع ٿئي ٿي، جتي سندس والد هڪ انگريز عملدار وٽ ملازم هيو. اهي سندن زندگيءَ جا نسبتاً بهتر ڏينهن هئا پر جنگ عظيم ٻي جي اگرن نتيجن سبب بعد ۾ جڏهن شهري زندگي کي خيرباد چئي هن پنهنجي والدين سان گڏ نج ڳوٺاڻي زندگي به گذاري، ان وقت کي ياد ڪندي هن پنهنجين هنن يادگيرين ۾ ان دور جي زرعي زندگي ۽ ثقافتي رنگن کي خوب نروار ڪيو آهي. حيرانگي ٿي ته ان دور تائين به بارٽل سسٽم جون ڇاڙون موجود هيون جو ڊاڪٽر صاحب لکيو آهي ته ”بابي جي دڪان تان ماڻهو ڪپڙا رنگائي ويندا هئا ۽ بدلي ۾ چانور، ڀاڄيون ۽ مڇي وغيره ڏئي ويندا هئا. مگر حساب ڪتاب ٿيندو هو. هر شي ۽ وٿ جي تور تڪ ٿيندي هئي اگھ پار لڳندو هو پوءِ جنهنجو جيترو حساب ٿيندو هو ڪٽ جوڙ ڪري سڀ ڪجھ برابر ڪيو ويندو هو.“ جيتوڻيڪ اها ڪا سنهنجي زندگي نه هئي پر هو انهن ڏينهن کي به سٺن لفظن ۾ ياد ڪري ٿو. هو لکي ٿو ته ”ان وقت ٻهراڙي جي زندگي جيتري سادي هئي اوترو سنهنجي ۽ پر امن هئي. بدڪارين، براين، بدامني ۽ قتل و غارت جو نالو نشان نه هو. غريب غربي جي به عزت هوندي هئي. ان جي زندگي به سادي سنهنجي هئي. ڳوٺ جا ماڻهون هڪ ٻئي جي عزت ڪندا هئا ۽ سندن دل ۾ هڪ ٻئي لاءِ تمام گهڻي محبت هوندي هئي. ماڻهو هڪ ٻئي جي ڏک سک جا ساٿي هئا....... ايترو ياد اٿم ته وڏيرن جي گھران صبح جو گھاٽي لسي جي چونري مفت ۾ ملندي هئي ۽ شام جو سج لٿي بابو سائين سچي کير جو ڀريل لوٽو کنيو ايندو هو. اسان هتان جي کير ڀت ۽ ماني مڇي تي اهڙو هِري وياسين جو شهر واريون چاپون، ڪباب، ڍٻلون، ٽوسٽ ۽ پيسٽريون سڀ وسري ويا......“ اڳتي هلي ڳوٺاڻي ماحول ۽ پُر بهار منظر کي هو هنن لفظن ۾ ياد ڪري ٿو: ”سارين جي پوکڻ جي مند آئي ته ڳوٺن جي چوڌاري دونهين جي ماحول کي ڏاڍو انجاءِ ڪرڻ لڳس. ڳوٺ جي چئني طرف رونبن جي بهار، وانگارون، ٻنين تي چڙهيل پلاءُ جي ديگين ۾ ڪفگيرن جا کڙڪا. ديڳين کي ڪفگير گھمائڻ وقت سڳداسي چانورن جي جيڪا هٻڪار اٿندي هئي سا ته وڃي ميل کڻندي هئي. ڪڙمي خوش، مزدور خوش، ٻنيون ٻارا ساوا ته زميندار خوش. زميندار خوش ته سارو جھان خوش اهو هو ٻهراڙي جي ماحول جو راز ۽ رمز.“
ڊاڪٽر غلام رسول سومرو ڳالهين جا ڳوٺ ٻَڌڻ جو ماهر آهي. هن جي يادگيرين جو هي ڪتاب ”سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون“ کوڙ سارن ايڊوينچرز ۽ مسٽريءَ سان به ڀرپور آهي ۽ اهو عين افسانوي انداز آهي، جنهن کي ڊاڪٽر صاحب نه رڳو خوبصورت نموني پيش ڪيو آهي پر ان طرح هي ساروڻيون دلچسپ ۽ دلڪش به بڻجي پيون آهن. ان جو هڪ مثال ”ڳالهيون جي وسريو نه وسرن“ ۾ پيش ڪيل واقعو آهي جنهن ۾ اسپتال جي خالي ڪمري ۾ گليل سان ڪبوتر جو شڪار ڪرڻ يا اهڙي طرح ”ڪاري پکيءَ جو اثر“ واري باب ۾ به انهي ئي قسم جو مسٽيريس واقعو آهي.
هنن يادگيرين ۾”لاڙڪاڻي جي گھاڙ واهه جي ڪٿا“ هڪ شاندار چيپٽر آهي، جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي ماضي جي ننڍين ننڍين يادن ۽ معمولي کان معمولي منظرن کي به حسين انداز ۾ بيان ڪيو آهي. ڊاڪٽر غلام رسول سومرو، جيڪو بابا سائين جو ڀائرن جهڙو ڀاءُ آهي، جنهن ڪري آئون کيس چاچا چوندو آهيان سو جڏهن به لاڙڪاڻي آيو آهي ته هن گھاڙ واهه جو چڪر ضرور لڳايو آهي. مان اڪثر کانئس پڇندو هيس ته ”اوهان جو هر ڀيري گھاڙ واهه پاسي چڪر لڳائڻ پٺيان ڪهڙو سبب آهي ۽ ڪهڙي ڳالهه آهي جيڪا اوهان کي ان طرف ڇِڪي وڃي ٿي، چاچا اڪثر هڪ سرد آهه ڀري چوندو آهي ته ”بابا ان پٺيان وڏي ڪهاڻي آهي.“ سچ ته هي ساروڻيون اها ساري ڪهاڻي بيان ڪن ٿيون. هُن گھاڙ واهه جو عروج ۽ حسن کي اکين سان پَسيو هيو، اُتي زندگيءَ جا ڪي يادگار ڏينهن گذاريا هئا پر ان کي اُجڙندي به هن پنهنجي نيڻين پَسيو، هن گھاڙ واهه جي اجڙڻ جي ڪهاڻي ڏاڍي ڏکائتي انداز ۾ بيان ڪئي آهي، هن اهو سڀ ڪجھ تڙپندڙ دل ۽ اداس ۽ ملول من سان لکيو آهي، ڇوته هن جي گھاڙ واهه سان جذباتي وابستگي رهي آهي. حقيقت ۾ گهاڙ واهه ۽ آس پاس جا نظارا ليکڪ جي ناسٽيلجيا آهن. هن ڪتاب ۾ اهي منظر مختلف ڪهاڻين ۾ مختلف روپ ڌاري وري وري اڀري اچن ٿا، جن کي هو هڪ سرد آهه سان ياد ڪري ٿو. ڊاڪٽر غلام رسول هي يادگيريون لکندي ڏاڍي جذيات ۾ ويو آهي. ان دور ۾ گجڻ پور، شاهه بهاري ۽ جيلس بازار جي گھٽين ۽ رستن جا منظر دل فريب انداز ۾ چِٽڻ، برائون رنگ جي ڏوڪن کي باغائن جو عيدن شاهه جا ڪُپڙا چوڻ واري ڳالهه، کارڪن جو نالو ساوڙو، سرڪس ۾ ايندڙ هاٿين جا نالا لوسي ۽ ليسلي ۽ اهڙيون ٻيون ڳالهيون پڙهي مان ڊاڪٽر سومري کي داد ڏيان ٿو ته 77 سالن جي ڄمار ۾ به هن کي اهو سڀ ڪجھ ائين ئي چِٽيءَ طرح ياد آهي، ڄڻ اهي سڀ ڪالهه جون ئي ڳالهيون آهن. هي يادگيريون لکي ليکڪ پاڻ کي ڏاڍو هلڪو محسوس ڪيو هوندو، ڇوته هُن، ڪيناڊا جي سرد ۽ برفاني راتين واري ماحول ۾ لکيل هِن ڪتاب ۾ اهو سڀ ڪجهه لکي ڇڏيو آهي، جنهن کي ان کان اڳ هو رڳو ياد ڪندو هو.

ڊاڪٽر غلام رسول سومرو هڪ اهڙي خاندان سان تعلق رکي پيو، جتي علم جي روشني جهڪي هئي، ڊاڪٽر صاحب انتهائي جهد واري زندگي گذاري اڳتي وڌيو، جڏهن هن مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ته ڄڻ سندس والدين جون اميدون پوريون ٿيون، سندس والده جو خواب هيو ته منهنجو پُٽ ڪلارڪ ٿيندو پر کيس پتو نه هيو ته سندس پُٽ ملڪ جي وڏي ۾ وڏي سَندَ پي ايڇ. ڊي حاصل ڪري پروفيسر جهڙي اعلى مقام تي پهچندو ۽ هڪ اعلى اديب ۽ محقق طور سڃاڻپ ماڻيندو. پروفيسر ڊاڪٽر غلام رسول سومري جون هي يادگيريون جنهن ۾ هن پنهنجي جيون جا ورق ورايا آهن، اُهي گھڻن ئي اهڙن ماڻهن لاءِ مثال آهن، جيڪي زندگيءَ جي جنگ ۾ هارائي ويهڻ کان پوءِ وري اُٿڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ نه چاهيندا آهن. ڊاڪٽر سومرو هڪ پورهيت طبقي سان تعلق رکڻ باوجود پنهنجي محنت ۽ ڪوشش سان ان رتبي تي پهتو، جتي پهچڻ هزارين انسانن لاءِ ڪنهن سپني جهڙو ئي هوندو آهي.
ڊاڪٽر غلام رسول سومري عملي زندگيءَ جي شروعات ميڊيڪل اسٽور تي ملازمت سان ڪئي، جنهن بعد علي ٽيڪسٽائيل ملز ۾ منشيگيري، مشين هلپر ۽ مشين آپريٽر طور ڪم ڪيو1965ع ڌاري مل جي ٽيڪنيڪل جاب جي سلسلي ۾ هن ڪراچي ايڇ ايم سلڪ مل ۾ ٽريننگ به ڪئي. هنن يادگيرين ۾ ”لاڙڪاڻي ۾ جديد صنعتن جو قيام“ ۽ لاڳاپيل عنوانن ۾ ڊاڪٽر غلام رسول لاڙڪاڻي جي صنعتن ۽ ڪارخانن جي ماحول کي سٺي نموني اجاگر ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته ” 1965ع کان 1970ع واري زماني ۾ صنعتي طور لاڙڪاڻي ۾ وڏي ترقي ٿي. مين وڳڻ روڊ تي يوسف شاهه جيلاني ڳوٺ وٽ وڏي پيماني تي پيداواري صلاحيت جو حامل سٽ جو ڪارخانو لڳايو ويو. هي ڪارخانو جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪوشش سان ٺهي تيار ٿيو هو. رتيديري روڊ تي منگي وولن مل به ڀٽي صاحب جي تعاون سان ڀٽي صاحب جي دوست قائم ڪئي. ساڳئي روڊ تي حئي سنز وارن پنهنجو ڪارخانو قائم ڪيو. اڳي جتي رڳو سرن جا بٺا هوندا هئا هاڻي انهن هنڌن ماڳن تي جديد آٽوميٽڪ مشينن تي وولن سوٽنگ، ٽيٽران، نائلون ڊيڪران سوٽنگ، ڪيرولين شرٽنگ ۽ سينٿيٽڪ فائبر جا دوپٽه ۽ ليسس تيار ٿيڻ لڳا...... ڳوٺ وليدن ۾ ڪاٽج انڊسٽري جو قيام عمل ۾ آيو جنهن ۾ بهترين قالين ٺهڻ لڳا جنهن جو سهرو وليدن جي ميان منور عباسي جي خاندان جي سر آهي“ ڊاڪٽر صاحب ملِ ۾ پورهيو ڪرڻ دوران جڏهن مل مالڪان جي هٿان مزدورن جا حق غصب ٿيندي ڏٺا ته باضابطه طور مزدور يونين جي قيام لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ آخرڪار يونائٽيڊ ورڪرس يونين جو قيام عمل ۾ آندو جنهن جو پهريون سيڪريٽري جنرل پڻ هن کي ئي چونڊيو ويو، هن جون مزدور يونين لاءِ اڻ ٿڪ محنتون هڪ الڳ باب جون گھرجائون آهن.
هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر غلام رسول سومري ان دور جو لاڙڪاڻو ڏيکاريو آهي، جيڪو ڪنهن خوبصورت خواب جهڙو هيو. ان تي جيترو افسوس ڪجي ته ڪري سگھجي ٿو ته ڪالهه جيڪو باغن جو شهر ۽ شهرِ عدن سڏبو هيو اڄ اهو شهر گندگي ۽ پوليوشن سان ڀرجي چڪو آهي. هي ڪتابُ لاڙڪاڻي جي ان سونهري دور سان تعارف ڪرائي ٿو، جنهن جي باري ۾ اڄوڪي نسل جي نواجوانن کي ڪا ڄاڻ نه آهي، کين خبر ناهي ته ڪالهه هنن جو شهر ڇا هيو؟ اڄ جي نئين نسل مان شايد ئي ڪنهن کي خبر هجي ته ان دور ۾ شهر ۾ ڪيترا ئي باغ هئا، اڄوڪي نسل کي اها ڄاڻ به نه آهي ته گيان باغ جي پويان ڪهڙي ڪهاڻي آهي؟؟ ڪرمان باغ محلو ڪرمچند گانڌيءَ جي نالي قائم ڪيو ويو هو، جيڪو اڄ شهر جو هڪ اهم محلو آهي، اهو باغ ڪنهن ٺهرايو ۽ اڄ اهو اجاڙ ڇو آهي؟؟؟ راڻي باغ، راڻي ايلزبيٿ جي نالي واري باغ جو هاڻي وجود ئي ظاهر ڪونهي، جيڪو ڪنهن زماني ۾ پنهنجي حسن ۽ خوبصورتي جو مثال پاڻ هيو، ان باغ جي اجاڙڻ پٺيان ڪهڙي سازش هئي؟؟؟؟ اهي اهڙيون حقيقتون آهن جيڪي ڊاڪٽر غلام رسول هن ڪتاب ۾ ڀرپور نموني واضح ڪيون آهن. اهڙي طرح 1926ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڀومي ٻائي ليڊيز ڪلب جو قيام هن شهر جي روشن خيال هجڻ جو ثبوت آهي، جنهن جو پڻ هن ڪتاب ۾ تذڪرو موجود آهي. هن ڪتابَ ۾ هڪ جڳهه تي ليکڪ لکيو آهي ته ”لاڙڪاڻي شهر جو هي نقشو ماضي قريب جو آهي، جنهن ماضي ۾ مون هڪ لحاظ سان ڄڻ پاڻ کي اسٽاپ ڪري ڇڏيو آهي.“
”سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون“ هڪ اهڙو ڪتاب آهي جنهن ۾ ڊاڪٽر غلام رسول سومري پنهنجي ٻاروتڻ کان جواني تائين جون ساروڻيون وڏي تفصيل سان لکيون آهن. اهو ئي سبب آهي جو هن ڪتاب جو نوي سيڪڙو لاڙڪاڻي جي يادگيرين تي مشتمل آهي. اهو لاڙڪاڻو جيڪو باغن جو شهر هيو، جنهن جي هڪ هڪ باغ تي ڊاڪٽر صاحب دل کولي لکيو آهي. خاص طور بولس باغ، ريالي باغ، گيان باغ ۽ راڻي باغ جا منظر خوب چٽيا آهن. اهو لاڙڪاڻو جنهن جي علي گوهر آباد، سامٽيا روڊ توڙي لاهوري محلي جي گھٽين جو پُر بهار ماحول ۽ انوکا ڪردار ياد ڪندي ليکڪ ماضيءَ ۾ گم ٿي وڃي ٿو. ڪتاب جا اُهي باب پڙهندي گھڙي پل لاءِ اهو دور اسٽل لائيف جهڙو ڀاسي ٿو. ڊاڪٽر غلام رسول صاحب جي جوانيءَ وارن ڏينهن ۾ مان ساڳي ئي محلي علي گوهر آباد ۾ پنهنجي ٻالڪپڻي جا ڏينهن پئي گذاريا، تنهن ڪري مون کي ساروڻين جو هي ڪتاب پڙهندي پنهنجي بچپن جون ڪي يادون به ذهن تي ترنديون رهيون، علي گوهر آباد جي گھٽين جا اُهي منظر جيڪي ڊاڪٽر صاحب هن ڪتاب ۾ پيش ڪيا آهن ۽ اهي ڪردار جيڪي مون به ڏٺا ۽ جن جو هن ڪتاب ۾ ذڪر آهي منهنجي ذهن جي پردي تي ڦري آيا آهن. جڏهن ڊاڪٽر غلام رسول ان دور جي ميلادن، مجلسن ۽ ماتمي جلوسن کي ياد ڪري ٿو، آهنگرن جي بستي جا منظر پَسائي ٿو، ايمپائر سينيما جون رونقون بيان ڪري نگار سينيما جي ڇاڇو مڪراني جي ڪردار تي روشني وجھي ٿو ۽ ان دور ۾ شهر جي هڪ وڏي تفريحي، سماجي، معاشي ۽ ثقافتي مرڪز غريب مقام جي رنگن ۽ رونشن کي کولي ٿو ته سچ پچ اڻ ڏٺي به اهو سڄو دور ڪنهن جي به اکين اڳيان ڦري سگھي ٿو.
ڊاڪٽر غلام رسول سومري پنهنجي ساروڻين جي هن ڪتاب جي شروعات سنڌوءَ جي ڪناري کان ڪئي آهي، بعد ۾ گھاڙ واهه، لاڙڪاڻي شهر ۽ پس گردائي جا احوال اوريا آهن پر اڳتي هلي هن پنهنجي ليڪچررشپ ۽ پي ايڇ ڊي واري سفر جي ڪٿا به بيان ڪئي آهي ته ڪراچي جي منفرد ڪردارن تي به ڳالهايو آهي. سيوا ڪنج هاسٽل جي يادن جا ورق به ورايا آهن ته ڪراچي جي ڪاليجي ماحول تي به روشني وڌي آهي. هنن يادگيرين ۾ ڊاڪٽر سومري صاحب پنهنجن عزيز دوستن، استادن، رشتيدارن ۽ ٻين اهم شخصيتن جو دل کولي ذڪر ڪيو آهي ۽ ساڻن گھاريل يادگار لمحن ۽ ڏينهن کي ياد ڪيو آهي، جن ۾ خاص طور بشير احمد پٺاڻ، محمد يوسف شيخ، مولا بخش ڀٽو، ڊاڪٽر اياز قادري، پروفيسر غلام الله شيخ، ظهير الدين صديقي، محمد وسيم بخاري، عبدالحفيظ شاهه، محمد عمر سومرو وغيره شامل آهن. هنن ساروڻين ۾ ليکڪَ سماج جي ڪيترن ئي سٺن ڪردارن سان گڏ اوڇن ڪردارن تي به خوب لکيو آهي ۽ ڪنهن به وڌاءَ کان ڪم نه ورتو آهي، حتاڪه پنهنجي ذاتي زندگيءَ جي به رڳو روشن ۽ ڪاميابيءَ وارن پهلوئن کي اجاگر نه ڪيو آهي پر پنهنجي ڍِلائين ۽ ناڪامين جو به پوري سچائيءَ سان اظهار ڪيو آهي. ”سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون“ هڪ اهڙو ڪتاب آهي جنهن کي هڪ دور جي ڪٿا چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. مون کي اميد آهي ته هنن ساروڻين مان پڙهندڙن کي هڪ دور جي سچائين ۽ تلخين جو شعور ئي حاصل نه ٿيندو پر ان دور جي سياسي، سماجي، ثقافتي، معاشي ۽ جاگرافيائي حالتن جي به پروڙ پوندي. مان پنهنجي چاچا ڊاڪٽر غلام رسول سومري کي پنهنجين ساروڻين جا ورق ورائي ڪتابي صورت ۾ ڇپائڻ تي دل سان واڌايون پيش ڪريان ٿو.

ڊاڪٽر احسان دانش
1 مارچ 2021ع

ليکڪ پاران - سنڌوءَ ڪناري

ليکڪ پاران - سنڌوءَ ڪناري

سنڌوءَ ڪناري جي موضوع تي ٻڌل هي ڪتاب منهنجي زندگيءَ جون ساروڻيون آهن. منهنجي پيدائش سکر ۾ بيراج ٽائون شپ لڳ ورڪس روڊ تي اڏيل هڪ حويلي نما گهر ۾ 1943ع واري بهار جي مند ۾ ٿي. مون 1948ع کان اتان جي ماحول، ٻاروتڻ، پنهنجي رشتن ۽ ٻالڪپڻي جي دوستن جي زندگيءَ جي واسطن ۽ لاڳاپن جي ڪن پاسن کي ساروڻين جي روپ ۾ ذڪر ڪيو آهي، تنهن کانسواءِ پنهنجي هن ڪتاب ۾ پنهنجي خاندان جي هڪ شهر کان ٻئي شهر ڏانهن لڏپلاڻ سان انهن جي معاشي ۽ سماجي زندگيءَ جي رنگ ڍنگ ۽ صورتحال جي ان وقت جي حالتن موجب پچار ڪئي آهي.
سکر کي ڇڏي لاڙڪاڻي جي تعلقي ميروخان لڳ ڳوٺ ڪنگن، اتان لڏي لاڙڪاڻي شهر جي پاڙي جيلس بازار، گجڻ پور، علي گوهر آباد ۽ لاهوري محلي وري موٽي علي گوهر آباد ۾ رهندي زندگي جي حالات، محرڪات ۽ سماجي سرگرمين تي لکندي پنهنجي دوستن، احبابن ۽ مٽن مائٽن جي ڳالهين جا ڳڻ ڳايا آهن جن سان گڏ رهندي منهنجي شخصيت سازي ۽ ڪردار سازي جي اوسر ٿي.
پنهنجي زندگي جي غم ۽ خوشي ڀاڳ ۽ نصيب، سماجي، معاشي ۽ تعليمي مراحل انهن جي ڪاميابين ۽ ناڪامين سان گڏ پنهنجي فڪري نشونما ۽ حساس جذبن جو ادراڪ جيترو مون کي ٿي سگهيو تن کي پوري سچائ سان ساروڻين جي روپ ۾ پيش ڪرڻ جي منهنجي هي نماڻي ڪوشش آهي.
ڪجهه آتم ڪٿا ڪاري جي باري ۾:
منهنجي نظر ۾ آتم ڪٿا ڪاريءَ کي قرطاس تي آڻي ٻين اڳيان پيش ڪرڻ هڪ ڏکيو ڪم آهي، ان جو سبب ۽ سوال اهو آهي ته آتم ڪٿا ڪاري ڪندي ليکڪ پنهنجي باري ۾ ڪيترو سچ لکي ٿو.
حقيقت هي آهي ته آتم ڪٿا ڪار جنهن ڪالب ۾ پنهنجي سماجي، معاشرتي ۽ ٻين موضوعن ۽ پهلوئن سان لاڳاپيل زندگي جي محرڪات تي لکي ٿو ته اوس اهو علم ادب ۽ سخن جي هر سٽ لکندي سچائي ۽ حقيقت جي اصولن جو پابند رهي ٿو.
آتم ڪٿا ڪاري ڪنهن قصي، ڪنهن جڙتو ڳالهه، فرضي افساني بازي ۽ تخيلاتي پلاٽ تي ٻڌل ڪا نه هوندي آهي ۽ نه ئي اها ڊرامائي، افسانوي يا ڪهاڻيڪاري جي فن سان مزين ادب جو حصو ليکجي ٿي. ڇاڪاڻ ته افسانوي ادب جنهن ۾ قصو، ڊرامو، ڪهاڻيون ۽ واقعات نگاري ادب جا موضوع آهن جن ۾ سماجي ۽ معاشرتي زندگي جي حقائق کي قلم ڪار چٽي طرح پيش ڪري ٿو ۽ ان سان گڏ هو معاشري جي اوڻاين ۽ اصلاحي موضوعات سان گڏوگڏ معاشري جي سماجي، سياسي، تاريخي ۽ نفسياتي رخن کي به پڙهندڙن جي سامهون پيش ڪري ٿو، ۽ اهڙي عمل ۾ هو علم ادب جي ڪن مقرر ڪيل اصولن کي اڳيان رکي پلاٽ ۽ رٿابندي جي بنياد تي موضوع، ڪهاڻي ۽ ان جي ڪردارن کي چٽي ٿو. اهڙي قسم جي ادب تخليق ڪرڻ وقت ممڪنات جي حدن اندر رهي قلم ڪار سماجي حقائق اسان جي آڏو آڻي ٿو. اهڙي طرح هڪ تخليقڪار ادب سرجڻ وقت معاشري جي اهم سماجي، معاشرتي، نفسياتي ۽ ٻين ادبي علم تي مبني موضوعات تي پنهنجا اصلاحي پيغام ڏئي هڪ تخليقڪار واري هستي بڻجي ٿو تنهن ڪري اهڙي ڪم سرانجام ڏيڻ ڪري هو ادب جي سرجڻهار ۽ تخليقڪار جو رتبو پڻ ماڻي ٿو.
ادب جي دائري ۾ ڪردارن ۽ پلاٽ جي رٿابندي هيٺ سماج جي مسئلن کي پيش ڪرڻ وارو عمل هڪ ليکڪ لاءِ ڪو ايترو اوکو ڪم ناهي جيترو اوکو ڪم هڪ آتم ڪٿا ڪار لاءِ پنهنجي ۽ پنهنجي زندگي جي سچاين کي پڙهندڙن جي سامهون آڻڻ وارو عمل آهي. آتم ڪٿا ڪار زندگي جي باري ۾ حقيقت جا رخ ڏيکارڻ يا انهن جي نقش ڪاري ڪرڻ وقت ڪيترن جڙتو سانچن جي دائرن کان آزاد رهي ٿو. پاڻ تي لکڻ وقت خود نوشت جي پلاٽ کي تشڪيل ڪرڻو نٿو پوي، هو ادب جي ڪيترن اصولي پابندين کان پڻ آجو رهي ٿو، پاڻ تي لکڻ وقت جنم ڪٿا ڪار ڪردارن جي تلخين جي عمل کان به آزاد هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته سڀ کان اهم ڪردار ته هو پاڻ هوندو آهي، جنهن جي باري ۾ ڪجهه پڙهندڙن آڏو آڻي ٿو.
هڪ آتم ڪٿاڪار جي حقيقت هي آهي ته پنهنجي زندگي تي جيڪي ڪجهه هو لکي ٿو اهو هن جي زندگي تي حقيقي طور گذريل معاملو هوندو آهي، تنهن ڪري آتم ڪٿاڪار جيڪڏهن پابند رهي ٿو ته اهو رڳو پنهنجي زندگي جي باري ۾ سچ لکڻ جو پابند رهي ٿو.

ادبي ميدان ۾ مان پاڻ کي ڪو ڪهاڻيڪار تصور نٿو ڪريان ۽ نه ئي وري منهنجو نالو ڪو اهڙي سٽ ۾ لکيل آهي، ها ايترو ضرور آهي ته مون چند ڪهاڻيون لکيون آهن، ٻه چار اردو ۾ ٻه چار سنڌي ۾ جن مان ڪي منهنجي فيس بڪ وال تي ۽ ڪي ڪهاڻيون ڪاليج ميگزين ۽ ڪي ادبي رسالن جي پنن تي لکيون پيون آهن.

منهنجي نظر ۾ زندگي هڪ ڪهاڻي آهي، تنهن ڪري پنهنجي ڪجهه تخليقي ڪهاڻين ۽ پنهنجي سنڌوءَ ڪناري ساروڻين کي به مون ڪهاڻي واري انداز ۽ اسلوب ۾ لکيو آهي. ساروڻيون سنڌوءَ ڪناري جي شروعاتي زندگي جي احوال وارن عنوانن،نئون جيئدان ۽ چاچو عبدالرحمان ٽپاليءَ ۾ جيڪو منهنجو لکڻ جو بياني انداز آهي ان ۾ اوهان کي هڪ ڪهاڻوي خوشبو محسوس ٿيندي، ان کانسواءِ ساروڻين جي موضوعات جي فهرست جي پکيڙ ۾ مرزا اسحاق بيگ، ڪاري پکي جو اثر، جمن فقير جي جهوپڙي، ولي ٿيڻ جي خواهش، آهنگرن جي بستي، خدا جا پراسرار ٻانها، ٽرام جو آخري اسٽاپ ۽ سليم سينڊو جو اڀياس ڪرڻ وقت پڙهندڙن کي پڻ ڪهاڻي جو رنگ ۽ ڍنگ ڏسڻ ۾ ايندو.
ڪتاب جي عنوان کي ويچار ۾ رکي ڪتاب جو مطالعو ڪرڻ وارن لاءِ منهنجا هي ٻه اکر توجهه جي لائق رهندا ته پنهنجي زندگي جي ڪهاڻي کي منڍ کان ئي مون سنڌوءَ جي ٻنهي ڪپن ۽ ڪنارن تي آباد پنهنجي خاندان جي قيام کي ۽ لڏپلاڻ جي مرحلن مان لنگهندي ڏيکاريو آهي.
اسان جي ابن ڏاڏن جا گهر ۽ جهوپڙا سنڌو درياءَ جي ڪناري لاڙڪاڻي تعقلي جي ڳوٺ عاقل ۾ آباد هئا، ڳوٺ عاقل جا اٽڪل ڇهه ست ڳوٺ سنڌوءَ جي پيٽ ۾ آهن ۽ سنڌوءَ جي ٻنهي ڪپن ۽ ڪنارن تي اسان جي وڏڙن جون قبرون موجود آهن، ان کان سواءِ انهن مان ڪيترن وڏڙن جا مڙهه گهاڙ واهه جي ڪنڌي تي شاهه بهاري واري قبرستان ۾ مدفون آهن ته ڪي لاڙڪاڻي جي ابوبڪر واري قبرستان ۾ آرامي آهن.
آخري ڳالهه: مون کي پنهنجي، جنم ڪهاڻي تحرير ڪرڻ جو خيال گهڻو اڳ هئو مگر ان کي پائيه تڪميل تي پهچائڻ ۾ زندگي جون مصروفيات پئي رڪاوٽون وجهنديون رهيون. پر پنهنجي زندگي جون ساروڻيون لکڻ جو خواب ڪيناڊا جي برفاني منفي اٺ درجي حرارت ڊگري واري وقت جي واندڪائي ان کي ممڪن بڻائي ڇڏيو. آئون پنهنجي زندگيءَ جي ڪٿا کي سمارٽ فون تي لکي فيس بڪ ذريعي سوشل ميڊيا جي حوالي ڪندو ويس، جنهن جي مون کي ساڳئي وقت پنهنجن ادبي علمي حلقن جي طرفان سٺي، موٽ ملي، خاص طور لاڙڪاڻي ۽ سکر جي سڄاڻ ۽ ساڃاهه وند دوستن منهنجي تحريرن کي تاريخي، سماجي، معاشرتي، ثقافتي ۽ سياسي تناظر ۾ ڪڙيون ڪڙين ۾ ڳنڍيل ۽ ڪن ڪردارن جي زندگي تي روشني وجهڻ واري عمل تي پنهنجو ادبي، علمي ۽ سنجيده ردعمل ڏيکاريو، جن ۾ ڊاڪٽر بشير احمد شاد، ڊاڪٽر احسان دانش، پروفيسر رضوان گل، پروفيسر مختيار سمون، امجد رسول انجنيئر، ڊاڪٽر اسحاق انصاري، محترم ذوالفقار علي قادري، محترم اشتياق انصاري، پروفيسر ارشاد علي سولنگي، ڊاڪٽر پروفيسر هدايت ابڙو، پروفيسر غلام شبير سومرو، پروفيسر ثريا مگسي، ڊاڪٽر فرحان رسول سومرو، پروفيسر عبدالغفار سومرو، محترم ذوالفقار شيخ ۽ الماس فاطمه قابل ذڪر آهن. ڳڻڻ جي ڳالهه هي آهي ته ادب ۽ علم سان دلچسپي رکندڙ سنجيده طبقي جي پاران منهنجي ڪم جي پذيرائي ۽ حوصلا افزائي نه ٿئي ها ته شايد آئون اهڙي اورچائي سان اهو ادبي پورهيو ڪري نه سگهان ها. نامياري محقق پياري ڀائٽي ڊاڪٽر احسان دانش جا وڏا قرب جنهن هن ڪتاب جو خوبصورت مهاڳ لکي ڏنو آهي.
ٿورا ياد رهندا ڊاڪٽر فرحان سومري جا جنهن ڪمپيوٽر ۽ پرنٽر تي راتين جو ويهي مون کي ساروڻين جو سموريون ڪهاڻيون ۽ مضمون فيس بڪ ان باڪس مان ڪڍي ٺاهي جوڙي ڪتابي صورت ۾ ڪري ڏنا جنهن سبب ڪتاب جي ڇپائي جو ڪم سهنجو ٿي پيو. مهرباني مرڪ پبليڪيشن جي روح روان محترم مرتضيٰ لغاري جي جنهن هن ڪتاب کي وڏي محنت سان خوبصورت نموني ڇپائي اوهان جي هٿن تائين پهچايو.



ڊاڪٽر غلام رسول سومرو

سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون

---

سنڌوءَ جي ڪناري

سنڌوءَ جي ڪناري

جتي پيار ٿا پلجن پيارن جا ۽ جٿي جيون سڦل آ جانيئڙن جو......... اسان جي وڏڙن جا گھر سنڌوء جي ٻنهي ڪنارن تي آباد رهيا آهن. خيرپور ميرس ۾ وارث ڳنڀير منهنجي ناني محمد برادي جو ڳوٺ هو. جتان هو لڏي اچي سنڌوء جي ٻئي ڪناري سکر شهر جي واري تڙ واري علاقي پراڻي احاطي ۾ آباد ٿيو. منهنجي والد صاحب جو ڄم سنڌوءَ جي ڪناري لاڙڪاڻي تعلقي جي ڳوٺ عاقل خالد ۾ ٿيو. جنهن زماني ۾ سکر ۽ ميرن جي خيرپور جي وچ ۾ وڏي بيراج ٺهڻ جا هاواڻا هئا ۽ سنڌ ۾ چوطرف اها ڳالھ پکڙيل هئي ته انگريز سرڪار خيرپور ۽ سکر کي ڳنڍڻ لاءِ ۽ سڄي سنڌ ملڪ کي آباد ڪرڻ لاءِ بيراج اڏي رهي آهي تن ڏينهن اسان جا وڏا لاڙڪاڻي مان لڏي پير جي ڳوٺ خيرپور ۾ وڃي آباد ٿيا، جتان منهنجو والد صاحب لڏي اچي ان علاقي ۾ويٺو جنهن ۾ بيراج تيار ٿي رهي هئي. سچ چوندا آهن ته ڍنڍ جا پکي ڪڏهن هن پار ته ڪڏهن هُن پار. منهنجي والد صاحب جي شادي احاطي ۾ مقيم محمد برادي جي وڏي ڌيءَ سان 1935ع ڌاري ٿي. ان زماني ۾ بيراج واري علاقي بيراج ڪالوني ۾ بيراج اڏڻ جي ڪم ۾ جٽيل آفيسرن جون رهائشگاهون ۽ دفتر قائم ٿي چڪا هئا ۽ ورڪس روڊ سکر ۾ وڏي گھما گھمي رهندي هئي ڇاڪاڻ جو بيراج تعمير ٿيڻ جو عمل 1922ع کان شروع ٿيو هو جيڪو 1935ع تي مڪمل ٿيو هو ۽ درياءَ شاهه جي کلي وهڪري تي وڏا وڏا بند ٻڌجي چڪا هئا ۽ سنڌو لائڊ بيراج جي درن مان لنگھڻ جو پابند ٿي چڪو هو.
دنيا جي هن وڏي آبپاشي نظام کي جاري ڪرڻ لاءِ درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌوءَ جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي واري ڪکن مان ست وڏا واهه جاري ڪيا ويا جن مان خيرپور پاسي ويندڙ چار ۽ لاڙڪاڻي شڪارپور ڏانهن وهندڙ ٽي وڏا واهه تيار ٿيا. 1935ع ۾ بيراج جي مڪمل ٿيڻ تي انگريز سرڪار جي طرفان هڪ وڏو يادگار قسم جو جشن ملهائيو ويو ۽ ان سيليبريشن جي باقاعدي فلم تيار ڪئي وئي هئي. ياد رکڻ جي ڳالھ آهي ته سنڌ جي هن وڏي واٽر ڊسٽريبيوشن تي مشتمل سسٽم جي بيراج جو نالو بمبئي ۾ مقيم انگريز سرڪار جي گورنر مسٽر لائيڊ جي نالي سان منسوب ڪيو ويو جڏهن ته هن عظيم آبپاشي نظام جو نقشو ۽ ڊيزائن برطانيه سرڪار جي نمائندي سر چالٽن هيريسن جي صلاح مصلحت ۽ هدايتن موجب انجنيئر سر آرنالڊ مستو تيار ڪيو هيو. ان زماني ۾ هي آبپاشي نظام سنڌ جي تقريبن هڪ ڪروڙ ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جي لائق هو. هن پراجيڪٽ سان سنڌ ۾ وڏي خوشحالي جي لهر آئي مگر چند ئي سالن کان پوءِ جنگ عظيم جي دنيا ڀر ۾ تباهڪارين جي اثرات ڦهلجڻ هيٺ اسانجي پياري سنڌ به ان جي چنبي ۾ اچي وئي ۽ هي اهو ئي زمانو هو جڏهن منهنجي پيدائش سنڌوءَ جي ڪناري اڏيل بيراج ٽائون شپ واري پاڙي موجوده حرا ميڊيڪل سينٽر جي بلڪل سامهون روڊ پار جاءِ ۾ 1943ع ۾ ٿي. اسان جا وڏا آزاد ۽ ڇڙ واڳ وهندڙ سنڌوءَ جي عروج ۽ موج جون ڳالهيون ڪندا آهن ته جڏهن سنڌوءَ سانوڻي ۾ اٿلندو ۽ ڇلڪندو هو ته درياءَ جي ٻنهي ڪپن تي ڪئين ايڪڙ ڪچي جون زمينون ريجي ڇڏيندو هو. جنهن سبب ملڪ ۾ ان آجڪو ٿي ويندو هو ۽ ملڪان ملڪ خوشحالي ٿي ويندي هئي. منهنجي والد صاحب بيراج جي تعميرات جون سموريون ڪاروايون ۽ گهماگهميون پنهنجي اکين سان ڏٺيون. انگريز آفيسرن ۽ انجنيئرن جو موٽرن ۽ گھوڙن تي علاقي جي روڊن رستن تي وڏي ڪر ۽ ڦر سان گھمڻ ۽ گشت ڪرڻ جا قصا هو اسان کي ائين ٻڌائيندو هو جيئن اڳين زماني ۾ ماڻهو پرين ۽ جل پرين جون ڳالهيون ٻڌائيندا هئا. بيراج پوڻ وقت اسانجي والده به ٻاروتڻ ٽپي چڪي هئي جڏهن سنڌو جالارو پنهنجي مزاج ۽ مرضي سان وهندو هو. والده اسان کي درياءَ جي ويرن ڇولين ۽ ٻوڙان ٻوڙ جون ڳالهيون ڪندي هئي. ان زماني ۾ سکر ۾ ڊالفن جنهن کي هوءَ ٻلهڻ چوندي هئي ۽ پلي مڇي جي جام هجڻ ۽ فرواني جو پڻ ذڪر ڪندي هئي. مگر ان کان وڌيڪ قصا اسانجي ناني ۽ نانو ٻڌائيندا هئا جنهن ۾ سنڌو جي موجن ۽ سنڌ جي خوشحالي جا وڏا قصا بيان ڪندا هئا ۽ دعائون ڪندا هئا ته شل خدا ائين سنڌ ۽ سنڌوءَ کي آباد رکي.

1948ع وارو زمانو ۽ سکر مان هندو سنڌين جي لڏپلاڻ

1948ع وارو زمانو ۽ سکر مان هندو سنڌين جي لڏپلاڻ

مون پنهنجي آتم ڪهاڻي جي شروعات لاڙڪاڻي جي گھاڙ واه جي محبت ۾ ان جي ڪناري کان شروع ڪئي هئي ۽ ان جي گھراين ۾ ايترو اونهو لهي ويو هوس جو پنهنجي جنم ڀومي کي پوئتي ڇڏي هليو ويس. هاڻي وري قصي کي اتان کڻجي ٿو اهو هنڌ آهي سنڌو جو ڪنارو لب مهراڻ. 1948ع ۾ آئون ساڍن پنجن يا ڇهن سالن جو هوس ته پنهنجي والد صاحب کان ٻڌم ته پاڪستان ٺهڻ جا هاواڻا هئا ته اجھو ٿو ٺهي. تن ڏينهن ۾ تون هٿ ۾ ڪاني واري جھنڊي کڻي پاڪستان زنده آباد جا نعرا هڻندو هئين. مگر 1948 ۾ جڏهن مان ڪچي پهرين پرائيمري ۾ ورڪس روڊ بيراج ڪالوني جي ايليمينٽري اسڪول ۾ پڙهڻ ويندو هوس تڏهن به مونکي ان ڳالھ جي سڌ ڪانهي ته مون پاڪستان لاءِ هٿن ۾ ڪا جھنڊي کنئين هئي ۽ زنده آباد جا نعرا هنيا هيا. بابو سچ چوندو هو. امان جي واتان به اهڙا ساڳيا لفظ ٻڌندو هوس. ڳالھ سانڀر ۽ هوش سنڀالڻ جي هوندي آهي. تنهنڪري مان سچائي سان رڳو انهن ڳالهين واقعن يا حادثن کي بيان ڪري سگھان ٿو جيڪي منهنجي ذهن تي زور ڏيڻ سان تري اچن ٿا. مان اڳ به عرض ڪري چڪو آهيان ته آتم ڪهاڻي ۾ حقيقت کان علاوہ حالات ۽ واقعات ۾ غير حقيقي مواد يا مصالحو ملائي نقلي ڀرائي ڪرڻ ڏوهه جو ڪم آهي ۽ ائين ڪرڻ سان آتم ڪهاڻي يا ڪٿا ڪاري ۾ وڏا عيب پيدا ٿيندا ۽ اهو ڪم ڪٿا ڪاري کي حقيقت نگاري کان پري ڪري ڇڏيندو.
اسان جي گھر کان روڊ پار مسٽر مسلم سنجراڻي ۽ اسلم سنجراڻي وارن جو گھر هوندو هو. انهن گھرن جي اڳيان مين روڊ تي هن وقت سکر جو مشهور حرا ميڊيڪل سينٽر آهي. 48 واري زماني ۾ اتي ننڍو ميدان هوندو هو جنهنجي ڀرسان هڪ بنگلي ۾ انگريز گھراڻو آباد هيو. ان جي اوڀر پاسي ڪرم علي خان پوليس انسپيڪٽر جو گھر هئو ۽ ان جي سامهون مسٽر دلاور خان جو بنگلو هئو جيڪو ان وقت ٻيلي کاتي ۾ ملازم هو. اهي سمورا گھر ۽ بنگلا انگريز دور جا تعمير ٿيل هئا جن ۾ رڳو سرڪاري ملازم رهائش پذير هوندا هئا. اڳتي هلي دلاور خان ٻيلي کاتي ۾ فاريسٽ آفيسر مقرر ٿيو. ننڍي هوندي ان جي پٽ محمد علي سان منهنجي سنگت هوندي هئي. آئون پنهنجي والده سان گڏجي انهن جي گھر ويندو هوس جتي ڪڪڙن ۽ ٻڪرين سان راند روند ڪندو هوس. جڏهن دلاور خان لاڙڪاڻي بدلي ٿي آيو ۽ رئيس يار محمد جوڻيجي جي ڀرسان ممتاز ڀٽي جي بنگلي ۾ مقيم ٿيو ته مان پنهنجي والده سان گڏجي محمد علي جي والدہ سان ملاقات جي غرض سان ويندا هئاسين.
1948 وارو زمانو ملڪ ۾ وڏي افرا تفري وارو زمانو هو. اڳ ۾ ئي سنڌ ۾ ٻائيتاليهن واري ٻوڏ وڏيون تباهيون مچائي چڪي هئي. تنهن کان پوءِ ٻي مهاڀاري جي خاتمي تي برطانيه سرڪار جي به چيلهه چٻي ٿي چڪي هئي. سلطنت عثمانيه جي خاتمي سبب بر صغير جا مسلمان اڳ ۾ ئي گھڻو رنجيدہ هئا جنهن ڪري ننڍي کنڊ خاص ڪري هندوستان جون معاشي ۽ سماجي حالتون گھڻي ڀاڱي پريشان ڪن ٿي چڪيون هيون. جنگ عظيم جي تباهڪارين سبب وڏي کنڊ ۾ ڏڪار جي صورتحال پيدا ٿي چڪي هئي. اهڙين حالتن دوران مسجد منزل گاه جي بنياد تي سکر ۾ هندو مسلم اڻبڻت. سکر جي سياسي ۽ سماجي حالتن کي خراب ڪري ڇڏيو هو. ويتر جو مٿان ورهانڱو ٿيو ته سنڌ جو عمومن ۽ سکر جون حالتون سڀ کان وڌيڪ خراب ٿي پيون. شهر جا منزل گاه وارا علائقا مياڻي روڊ، ڊيمبلا مل، جي بي منگھارام، بسڪيٽ فيڪٽري ۽ ان جي آس پاس گھنٽاگھر جي اندريان بازار وارا پاسا، ڳڙ بازار ۽ انجي ارد گرد وارا علائقا لوڪس پارڪ. ڪوئنس روڊ مطلب ته پراڻي سکر تائين وڏي ڇڪتاڻ ۽ ڪشيدگي پيدا ٿي چڪي هئي. توڻي جو کڻي سرڪار هندن جي حفاظت لاءِ اپاءُ ورتا هئا پر تنهن هوندي به حالتن جي سنگيني ڏسي هندو ملڪ ڇڏڻ لاءِ آتا ۽ اتاولا ٿي پيا هئا. انهن ڏينهن سکر مان هندن جي وڏي لڏ پلاڻ ٿي. روهڙي سکر اڌ تي خالي ٿي چڪا. هندن جي لڏ پلاڻ سبب سڀ کان وڏو ڪاپاري ڌڪ سنڌ جي واپار کي لڳو. واپاري منڊيون، بازارون، بينڪون، سرڪاري دفتر سڀ ٺپ ٿي ويا ۽ چئو طرف ڏڪار جھڙي ڪيفيت پيدا ٿي پئي هئي. غريب طبقو جيڪو ڏٿ ڏهاڙي سومرا آڻيون ۽ چاڙهيون جي ڪار تي هريل هئو تنهنجي زندگي سڀ کان وڌيڪ متاٿر ٿي پئي. امڙ ٻڌائيندي هئي ته انهن ڏينهن راشن ڪنٽرول تي ملندو هو مهري جي دال، اٽو، کنڊ، چانور، گھ تيل ۽ گاسليٽ وغيره سڀ مشڪل سان ملندا هئا. پئسي جي وڏي کوٽي هئي.
انهن ڏهاڙن منهنجو پيءَ بيراج ڪالوني ۾ هڪ انگريز انجنيئر جي بنگلي ته ملازمت ڪندو هو. تنهنڪري کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجھ نه ڪجھ اتان ملي ويندو هو ۽ مڙئي پيو گھر هلندو هو. سکر جي سڄي شهر جي خبر ناهي ته هندن جي لڏي وڃڻ ڪري ڪيترو خالي ٿي ويو هيو پر اسان جي گھر جي جنهن ڪمري ۾ مان ڄائو هوس تنهن جي گھٽي جي ٻي پاسي ٽن چئن ايڪڙن تي گائو شالا هئو جيڪو سڄو جو سڄو خالي ٿي ويو هو. هندن اتان جون سڀ ڳئون پريالي واري پراڻي لاري اڏي جي اوڀر پاسي وڏي گائو شالا ۾ منتقل ڪري ڇڏيون هيون. هاڻي جڏهن به مان سکر گھمڻ ويندو آهيان ته وڏي گائو شالا جو چڪر ضرور هڻندو آهيان ۽ اتان جي مکي سان وڃي ڪچهري ڪندو آهيان. وڏي گائو شالا جي ڦاٽڪ جي بلڪل سامهون هڪ ڪشادي حويلي هوندي هئي جنهن جو مين گيٽ گائو شالا جي دروازي جي اڳيان کلندو هو. هن حويلي ۾ پلاسٽر آف پيرس مان ٺهندڙ رانديڪن ۽ گڏين جو ڪارخانو هوندو هو. ڀانيان ٿو ته ڪارخانو خالصن جو هو. هن وقت به اها عمارت پنهنجي اصلي ڏيک ويک ۾ بيٺي آهي. اسان پاڙي جا ٻار ڪارخاني جي در تي وڃي بيهندا هئاسين اسانکي ٻٽي رانديڪا مفت ۾ ملي پوندا هئا.
وڏي گائو شالا کي ڏسڻ ۽ گھمڻ جي پٺيان به منهنجي دل جي اڪير هوندي هئي. پنجن ڇهن سالن جي عمر ۾ آئون پنهنجي والد صاحب سان گڏجي گائو شالا جي ڪنڊ ته پپل جي وڏي وڻ سان لڳ وڏي کوه تي وهنجڻ ويندو هوس گرمين جي مند ۾ اسان جي پاڙي جا اڪثر ماڻهون لڱن تي ليمي ۽ تيل وارو ميٽ مکي پاڻ کي ٿڌو ڪرڻ جي غرض سان ان کوه تي وهنجڻ ايندا هئا. کوهه جي مٿان نار لڳل هوندو هو جنهن کي ڏاند ڇڪيندو هو کوهه مان نڪرندڙ ٿڌو پاڻي هڪ وڏي سيمينٽ جي ٽنڪي ۾ ڪرندو هو ۽ ٻاهر رستي جي ڀڪ ۾ وهنجڻ لاءِ ٽي چار نلڪا لڳل هوندا هئا جتي شام جو ماڻهن جي رش لڳندي هئي. ڪي ماڻهون پنهنجي گھران تيل ميٽ ڪري ايندا هئا ۽ ڪي مٽي جي کمرين ۽ لوٽين ۾ تيل ميٽ پاڻ سان کڻي ايندا هئا ۽ اچي کوهه جي ڀرسان پپل جي ڇانو ۾ ويٺا ڪچهريون به ڪندا هئا ۽ هڪٻئي کي تيل ميٽ به مکيندا هئا. ان زماني ۾ کوه حوض نلڪن وغيرہ جي لڳائڻ ڪرڻ جو انتظام گائو شالا جي هندو پينچائت ڪندي هئي. ڏهاڪو سال اڳ مان هڪ ڀيري گائو شالي چڪر تي ويو هوس ته ان وقت جي مکي ٻڌايو ته گائو شالا جي پوري حصي تي هن وقت قبضو ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي اتي کوهه به ڪونهي. امن ۽ اوهان جي زماني ۾ ماڻهون غريب هئا، پر انساني محبت ۽ ڀائيچاري جي ڇانوري هيٺان هندو، مسلم، سک، عيسائي سڀ پاڻ کي جنتن ۾ سمجهندا هئا.

نئون جيئدان

نئون جيئدان

سنڌو درياهه اسان جي گهر واري روڊ جي آخر ۾ تقريبن هڪ فرلانگ جي پنڌ تي هو. گھر جا ڪپڙا ڌوئڻ ۽ وهنجڻ لاءِ اسان اڪثر پنهنجي پيءُ سان گڏجي درياهه تي ويندا رهندا هئاسي. ڪپڙن کي بلڪل صاف شفاف پاڻي مان ڪڍڻ لاءِ وڏن ڊرمن يا ڪونرن ۽ ٽبن ۾ ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ پاڻي تيار ڪرڻو پوندو هو. بالٽين سان درياهه جو ڇڙيو پاڻي ڊرمن ۾ ڀري ان ۾ ڦٽڪي وجھي ڏهه پندرهن منٽ ڇڏڻ کان پوءِ پاڻي نج صاف ٿي ويندو هو. منهنجو پيءُ ان عمل ۾ مصروف هو. آئون دريا جي ڪناري هڪ وڏي پٿر تي ويٺو هوس وهنجڻ جي خيال سان دريا ۾ هيٺ لهي بيٺس. ڪنهن سمي هڪ اهڙي لهر آئي جو منهنجا هٿ پٿر مان ڇڏائجي ويا ۽ آئون درياهه جي لهر جي حوالي ٿي ويس. بابي سائين جي مون ۾ نظر هئي هو بالٽي ڦٽو ڪري مون ڏانهن هليو آئيو ۽ ٻڏندڙ حالت مان مونکي ڇڪي ٻاهر ڪڍيائين. جي لمحي ٻن لاءِ بابا سائين جي نظر کان اوجھل رهان ها ته زندگي درياهه شاهه جي حوالي ٿي وڃي ها. پنجن سالن جي ڄمار ۾ بابا سائين جي هٿان اهو پهريون جيئدان مليو. نه ته زندگي جو تماشو ان ڏينهن ئي ختم ٿي وڃي ها. لکيو منجھ نراڙ... قلم ڪياڙي نه وهي. قادر قلم ڪار منهنجي نراڙ تي گھڻو ڪجھ لکي ڇڏيو هو تنهنڪري زندگي بچائڻ وارو ذريعو اک ڇنڀ ۾ حرڪت ۾ اچي ويو. هن وقت اهي گھاٽ اهي تڙ سڀ لب مهراڻ تي لڳل ٻارن جي رائڊس هيٺ اچي ويا آهن. مان ۽ منهنجا ٻار جڏهن به سکر گھمڻ ويندا آهيون ته انهن هنڌن ماڳن تي جھولا به کائيندا آهيون ۽ ڇولن ڏهي ڀلن ۽ آئس ڪريم جا مزا به وٺندا آهيون ۽ اهڙي ريت ننڍي هوندي جون يادون تازيون ٿي وينديون آهن. مون ذڪر ڪيو هيو ته ورهاڱي کان پوءِ اسان جي گھر لڳ گائو شالا خالي ٿي ويو هو ته ان وقت ان گائو شالي کي چوڌاري قد آدم ڀتيون هونديون هيون جنهنجي پرين پاسي منهنجي پڦي ۽ امڙ جي سوٽن جا گھر هئا. سج لڙي مان پنهنجون لغڙيون ۽ ڍيرا کڻي گائو شالا جون ڀتيون ٽپي اندر وڃي لغڙيون اڏائيندو هوس. اندر بلڪل خاموشي هوندي هئي. نه ماڻهون ڇيڻو نه بني نه بشر اهڙي ماحول ۾ لغڙ اڏائڻ جو مزو ڪجھ اور هوندو هو. ڇاڪاڻ جو اسان ننڍا ٻار پيچ وغيره لڙائڻ جي متحمل ٿي نه سگھندا هئاسين نه ئي وري پيچ ويڙهائڻ جي اسانجي وستا هئي. نه اهڙو مانجھو هوندو هو ۽ نه ئي پيسي پنجڙ جي فرواني هئي تنهنڪري لڪي ڇپي اڪيلا لغڙ بازي جا مزا وٺندا هئاسي.
اسان جو گھر مين ورڪس روڊ تي هو. ٻاهرين دروازي جي آڏو چونڪ کجين جو جھڳٽو هوندو هو ۽ اندر گھر حويلي نما هو. پهريون گھر منهنجي ٻالڪپڻي جي پڪي دوست گلزار ۽ وزن علي جن جو هو. ٻيون گھر اسان جو هو ۽ آخري ٽيون گھر الهه ڏتي ۽ لطيف جن جو هو. جيڪي اصل پنجاب جا رهاڪو هئا ۽ ذات جا چوڌري هئا. اسان ٽنهي گھرن جي اچڻ وڃڻ لاءِ هڪ ئي دروازو ۽ هڪ ئي گھٽي هوندي هئي. منهنجي والده جي گھڻي دوستي الھ ڏتي جي والده بي بي جنتو سان هوندي هئي. ان وقت اسان جي گھر ۾ نانو ۽ ناني جي فيملي به اچي گڏ رهڻ لڳي هئي. ان حويلي جي ٽنهي گھرن جي جدا جدا ذاتين ۽ جدا جدا ٻولين ڳالهائڻ وارن خاندانن ۾ مون ايڏو پيار ايڏو مان ۽ ايترو احترام ڏٺم جو وري زندگي ۾ ڪٿي نه ڏٺم. اسان ٽئي گھر هڪ ئي وقت پنجابي ۾ به ڳالهائيندا هئاسين ۽ سنڌي ۾ به.
عبداللطيف ۽ الھ ڏتي جو پيءُ چوڌري وڏو شفيق ۽ پيارو انسان هو. صبح جو نماز پڙهي رب جو ذڪر اذڪار ڪري پخال ڪلهي تي کڻندو هو ۽ معمولي معاوضي جي عيوض سڄي پاڙي جي گھرن جا مٽ مٽڪا ۽ ٽب ڀريندو هو. هو منهنجو آئيڊل هو. آئيڊل هو ان ڪري جو اسان جي علاقي جو نه رڳو سڀ کان وڏو لغڙ باز هو. مگر لغڙن ٺاهڻ جو. مانجھي لائڻ جو ۽ پيچ لڙائڻ جو وڏو ماهر ۽ استاد ڪاريگر هو. اسان جي گھرن جون ڀتيون ننڍيون هونديون هيون. جڏهن هو پنهنجي گھر جي آڳر ۾ ويهي درزي وانگڙ لغڙ جي پنن جي ڪٽنگ ڪندو هو ۽ بانس جي ڪاٺين کي وڍي چيري لغڙن جون ڪمانون تيار ڪندو هو ته مان کٽ تي چڙهي ڀت کان سندس سڄي ڪاريگري نوٽ ڪندو هوس. شام ٿيندي هئي ته هو ڳڙ لوڻ ۽ کير سان تيار ٿيل چانهن جو پيالو پي لغڙ ۽ چرخيون کڻندو هو ۽ گائو شالا اڳيان ورڪس روڊ تي لغڙ چاڙهيندو هو. چوڌري جا لغڙ هوندا هئا ڀاري ڀرڪم گڏا. ٽڪنڊي تيلين واري پڇ جي جاءِ تي هو گڏي کي رنگين ڦندڙن وارو پڇ لڳائيندو هو. جيڪو هوا ۾ اڏامڻ وقت نهايت سهڻو لڳندو هو. سندس پٽ لطيف جنهن کي هو تيفو سڏيندو هو ۽ مان سندس ڍيرا ۽ چرخي سنڀاليندا هئاسين. ان وقت جي ماحول جي سڌ اٿم ته سکر ۾ اڃا مهاجرن جا ڪٽڪ ڪونه لٿا هئا. سنڌي پٺاڻ ۽ پنجابي سکر ۾ موجود هئا. اسان جي علاقي ۾ بهشتي ۽ ٽانگي گاڏين هلائڻ جي ڪم ۾ پنجابي هوندا هئا. ۽ ڪاٺي جي اعلاترين ڪم لاءِ خصوصن خالصا پنجابي گھڻا هئا. پٺاڻن جا چانهن جا ۽ کاڌي پيتي جا هوٽل ۽ فروٽ جو ڪاروبار هوندو هو. باقي سکر جو واپار آفيسون بينڪون ۽ ٻيا وڏا ڪاروبار هندن سيٺين جي هٿ ۾ هئا جيڪي ان وقت هندوستان اسهڻ جي تيارن ۾ مصروف هئا. اسان جو بيراج ٽائون شپ وارو علاقو ورهاڱي کان اڳ سکر جو جديد ۽ پوش علاقو ڄاتو ويندو هو. ڇاڪاڻ ته هن علاقي ۾ بيراج کي اڏڻ ۽ تيار ڪرڻ لاءِ انگريز سرڪار گورن انجنيئرس جي رهائش لاءِ وڏا وڏا بنگلا تيار ڪرايا هئا گورن عملدارن جي آفيسن ۽ ريزڊينس ڪري هن علاقي ۾ عام ماڻهو جو اچڻ وڃڻ گھٽ هوندو هو ٻيو ورڪس روڊ تي سرڪاري وڏيون ورڪشاپون ۽ ڪارخانا هئا ازانسواء ريلوي کاتي جي آفيسرن جون رهائشون، ڪالونيون ۽ ريجينل ڊپو هوندا هئا تنهنڪري پرائوسي ۽ سڪيورٽي جي ڪري هي علاقو پنهنجي خاص حيثيت رکندو هو.

چاچو عبدالرحمان ٽپالي

چاچو عبدالرحمان ٽپالي

هي پوش علاقو جنهن ۾ اسان رهندا هئاسين هڪ سحر انگريز علاقو هو. گھر جي سامهون انگريز انجنيرس جي بنگلن جو لامتناهي سلسلو هئو جيڪو پنج گلي تائين هليو ٿي ويو 1948ع واري زماني ۾ سکر بيراج ۽ ان مان نڪرندڙ واهه بيگاري. رائيس ڪئنال ۽ دادو ڪئنال واهن جي سنگھٽن وارو هنڌ نهايت گل وگلزار. پر سڪون ۽ سهڻو تفريح گاهه هوندو هو. ان زماني ۾ انکي پنج گلو سڏيو ويندو هو. هنن تفريح گاهن تي پي. آءِ. اي هوٽل ۽ لب مهراڻ جھڙيون رونقون گھڻو پوءِ آئيون. سکر جي انهن آبپاشي کاتي جي وڏن بنگلن جي سحر انگريزي ۽ رومانٽڪ ماحول اهڙو هوندو هو جو انهن جي وچ ۾ جيڪي روڊ ور ڏئي نڪرندا هئا تن جي ٻنهي پاسن کان سرهن جا وڏا وڏا درخت هوندا هئا جن جون لامون ۽ ٽاريون مٿي وڃي پاڻ ۾ ملي وينديون هيون. جنهن ڪري بيراج ٽائون جون سموريون سڙڪون گھاٽي ڇانوري هيٺ هونديون هيون. انهن وڻن جي مخملي پيلن ۽ گلابي رنگن جي گلن جي خوشبو چار سو پکڙيل هوندي هئي. بنگلن جي ڪشادن لان. واڙين ۽ نرسرين کي پاڻي پهچائڻ لاءِ واهيون وهنديون هيون، جاڏي ڪاڏي پاڻي جي موجودگي سبب ۽ ڀرسان دريا شاهه بادشاهه جي موجودگي ڪري اهو سڄو علاقو اهڙو ٿڌو لڳو پيو هوندو هو جهڙو ايئر ڪنڊيشن. بيراج ٽائون جي انهن بنگلن جي پلاننگ اهڙي خوبصورت هوندي هئي جو روڊن کي ڪراس ڪندڙ سموريون گھٽيون دريا جي بند تي وڃي نڪرنديون هيون ۽ جتي هر وقت ننڍيون وڏيون ڦلاٽون لانچون ۽ آگبوٽ موجود بيٺيا هوندا هئا. جن جي ذريعي لائيڊ بيراج ۽ ان مان نڪرندڙ واهن جي درن جي صفائي جو ڪم ٿيندو رهندو هو. ان وقت جيڪي آگبوٽ ۽ ٻيڙيون هلنديون هيون سي ساڌ ٻيلي کان روهڙي تائين پيسنجرس کي آڻينديون ۽ نينديون هيون. ان جاءِ تي بعد ۾ ننڍيون لانچون، ٻيڙيون ۽ بتيلا هلڻ لڳا.
اسان جي حويلي نما گھر جي گھٽي واري ڀت جي ٻئي پاسي سومرن جي حويلي هئي. انهن سومرن جو تعلق صوڀي ديري راڻي پور سان هو ۽ ان وقت ان خاندان جو سربراه چاچو عبدالرحمان ٽپالي هوندو هو. سندس ننڍي ڀاءُ جو نالو محمد موسيٰ هو. اهي ٻئي بزرگ منهنجي ناني ميان البرادي ۽ والد محترم محمد اسمائيل جا هڏ ڏوکي دوست هئا. سکر جو شهر جڏهن سنگين حالتن سان دوچار هو تڏهن اسان جا هي پاڙيسيري ائين ڪم ايندا هئا. جيئن هڪ ايڪي واري برادري جا ماڻهو هڪ ٻي کي ڪم ايندا آهن. چاچي عبدالرحمان کي ٽي پٽ هئا جن مان وڏو مشتاق احمد هو جيڪو ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت ڪندو هو. سندس ٻئي پٽ جو نالو سلطان احمد هو جيڪو منهنجو هم عمر ۽ هم ڪلاسي هو. ٽيون بشير احمد هئو جيڪو مونکان چار پنج سال ننڍو هو. اسانجي حويلي ۾ رهندڙ مسٽر گلزار احمد ۽ مسٽر الله ڏتو چوڌري منهنجا دوست هئا مگر منهنجو گھڻو اچڻ وڃڻ سومرن جي گھر ۾ ٿيندو هو ۽ سلطان احمد سومري سان منهجي پڪي دوستي هئي جيڪا هن وقت تائين قائم آهي في زماني هو قاسم آباد حيدرآباد ۾ مقيم آهي. سلطان احمد ۽ مان پاڙي جي گورنمينٽ ايليمينٽري اسڪول بيراج ڪالوني ۾ پڙهڻ لاءِ گڏجي ويندا هئاسين. ياد اٿم ته ڪچي پهرين ۾ اسان جو استاد ماستر محترم الھڏنو هوندو هو جيڪو پوءِ پڪي پهرين تائين رهيو. ڪتاب جي ڪا خبر ناهي ته مون وٽ ڪو ڪتاب هئو يا نه باقي هڪ ٿلهي هيڊل واري ڦرهي مون وٽ هوندي هئي جيڪا روزانو پاڻياٺي ميٽ سان ميساري اسڪول کڻي ويندو هوس. اسڪول جي سامهون وڏو ميدان هوندو هو. جنهن ۾ بيڪار پراڻيون انجڻيون، ڪلون، موٽر، ڪنهن نه ڪم جا مشيني پرزا ۽ ٻئي ڪاٺ ڪٻاڙ جا انبار نظر ايندا هئا در اصل اهو ميدان ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۽ ورڪشاپ جو اوپن اسٽور هوندو هو جنهن ۾ فالتو سامان رکيو ويندو هو. مگر منهنجي ديد هميشه ان ننڍي ريل جي لوڪو موٽو انجڻ ۾ هوندي هئي جنهن جي باري ۾ ٻڌو هو ته اها انجڻ لائيڊ بيراج جي ڪنسٽرڪشن ۾ جيڪو پٿر استعمال ٿيندو هو سو ان انجڻ ذريعي پهچايو ويندو هو. اهو زمانو هو به لوڪوموٽو انجڻن جو پر هي انجڻ ريلوي کاتي جي انجڻين کان گھڻو مختلف نظر ايندي هئي. ٻي ڳالهه ته اسانجي پهچ ۾ هئي. ڪڏهن وڃي ان تي چڙهي چيڪ چڪاس ۽ راند روند ڪندا هئاسين. بيراج ٽائون جو خوبصورت منظر. جبل جيڏي اونچي واٽر ٽينڪ جيڪا سڄي ڪالوني کي پاڻي سپلائي ڪندي هئي ۽ ان جي ڀرسان ٽائون شپ کي پاور سپلاء ڪرڻ واري اليڪٽرڪ سب اسٽيشن. وري ان جي ارد گرد ساوڪ، گلن جو نرسيون اهي سڀ منهنجي من کي گھڻو لڀائينديون هيون. منهنجي لاءِ اهو سمورو ماحول هڪ جادو نگري کان گھٽ نه هوندو هئو. منهنجو خيال آهي ته علاقي جي رومانٽڪ ماحول جو ئي اثر هو جو مان ان ماحول ۾ پيو رلندو ۽ ڀٽڪندو رهندو هوس.
بقول امڙ سانئڻ جي ته ننڍي هوندي تون اسڪول کان موٽي ايندو هئين ته سڀ کان اول اسڪول جا ڪپڙا مٽائي هٿ پير ڌوئي پوءِ ماني کائي سمهي پوندو هئين. پڙهڻ ۾ تنهنجي دلچسپي ڏسي خوشي ٿيندي هئي. منهنجي لاءِ امڙ جو اهو سونهري ريمارڪ هو جو وسريو نه ٿو وسري پر مان منڍ کان اسڪول کان گسائڻ واري علت کي ڏسان ٿو ته مان ته هميشه اڀو وهيو آهيان اوڀار. مائن جو ٽيڪون، دلاسا ۽ آسرا ته هر ٻالڪ جو سڀ کان وڏو سرمايو هوندا آهن. پر اسان جي چال مستاني به ڪو ڏسي نه. پنج گلي کان مسجد منزل گاه تائين بند جي هڪ پاسي نم، سرهن پپل ۽ ٽالهين جا درخت هوندا هئا. گرمين جي مند ۾ سرهن جي ڳاڙهن گلن جي خوشبو سان سڄو جو سڄو ٽائون معطر معطر رهندو هو. نم جي وڻن جي ڦولار ۽ نمورين جي بهار کي ڏسي جان فدا فدا ٿيندي هئي. هڪ ڀيري شايد اهو پهريون ڀيرو هو. جو سلطان احمد جي سنگت ۾ اسڪول کان گسائي ٽائون شپ جي ٿڌين گھٽين ۽ سڙڪن تان گذري وڃي پنج گلي جي سير تي نڪتاسين. اسان پنهنجون ڦرهيون گھر ڀرسان استاد محمود واري مسجد جي تڏن هيٺان لڪائي رکي ويا هئاسين. اها صلاح يا اٽڪل ڪنهن جي هئي پتو ناهي پر اسان جي چالاڪي جو اهو پهريون ايڪٽ هو. سرڪٽ هائوس جي ساوڪ ۽ گلن ٻوٽن جو ديدار درشن ڪري پنج گلي کان رلي پني مين روڊ ڏئي جتي هاڻي لب مهراڻ جون سموريون موجون مزا آهن. گھر موٽندي هڪ جاءِ تي نم جون ڪريل نموريون چونڊي رهيا هئاسين ته مون پنهنجي ڪن جي مروٽجڻ تي پنهنجو ڪنڌ وارئي مٿي نهاريم ته چاچو عبدالرحمان ٽپالي، هڪ هٿ سلطان جي ڪن ۾ ٻيو هٿ منهنجي ڪن ۾ ٻنهي کي روڊ کان هيٺ لاهي ويو ۽ پيرن مان جوتو لاهي شروع ٿي ويو. مان جو ڪن ڇڏائي ڀڳس ته خطن سان ڀريل ٿيلو ڦيرائي اهڙو وهائي ڪڍيائين جو مان منهن ڀر وڃي واهي جي ڀرسان ڪانهن جي ٻوڙن ۾ وڃي ڪري پيس. ايتري ۾ وري چاچي عبداارحمان اچي مونکي جھليو پوءِ ته ٻنهي کي گهر تائين واري وٽي سان ڪٽيندو آيو. زندگي جي ڊگھي سفر جي انهن ڳالهين تي سوچيندو آهيان ته چاچي عبدالرحمان جي انهن پادرن جو سلطان احمد تي سٺو اثر ٿيو. جو هو ايريگيشن ۾ سٺي عهدي تان رٽائر ٿيو ۽ سموري عمر سرڪاري ڪواٽرن ۽ بنگلن ۾ مفت جي رهائش جا مزا ماڻيندو رهيو. پر مان هميشه زندگي جي وڏين ڦيرين گهيرين ۽ انقلابن جي زد ۾ رهيس.

شهر کان ڳوٺ ڏانهن سفر

شهر کان ڳوٺ ڏانهن سفر

1948ع واري زماني ۾ اڄ جھڙيون بيڪريون ۽ کير جا دڪان ڪونه هوندا هئا. ان وقت ته اسان جي پاڙي ۾ هڪ اڌ ڪو سيڌي جو دڪان هو. جتان اعلي درجي جا نارنگي فليور ۽ چوڪنڊا ڪوڪونٽ وارا کٽمٺڙا. جي. بي منگھارام ڪنفيڪشنري جا تيار ٿيل نهايت لذيذ بسڪٽ ، ڳڙ، مٺائي، داليون، اٽو، کنڊ ڀڳڙا. لپٽن جي مائي ڪڪي واري ۽ بروڪ بانڊ چانهن جون ريزڪي پڙيون ملنديون هيون. باقي کير واڙن تي ملندو هو. مون کي ياد آهي ته کير وٺڻ لاءِ لوٽو کڻي گھران نڪرندو هوس. گھر جي پويان گھٽي جيڪا گائوشالا کان ٿيندي اوڀر پاسي ڊيمبلا فلور مل ۽ اتر پاسي نشاط سنيما ڏي ويندي هئي ان رستي تي هڪ مينهن جو واڙو هوندو هو جتان کير ملندو هو. واڙي جي ٻاهران گھٽي ۾ صندل تي صبح ۽ شام کير جو وڪرو ٿيندو هو. سو کير وٺڻ لاءِ مونکي روزانو اتي اچڻو پوندو هو جڏهن اڪيلو ايندو هوس ته هڪ مشڪل سان دوچار ٿيڻو پوندو هو ڇاڪاڻ جو جيئن گائو شالي واري گھٽي لنگھي سامهون ٿيندو هوس ڏهاڪو کن پراڻين منڊ تي جڙيل هندڪي زماني جي جاين جي ڀرسان گذرڻو پوندو هو جنهن جي هيٺين دڪانن ۾ مٿين منزل تي ٽراس جينڊر مخلوق رهندي هئي. انهن مان ڪي مزاحيہ طبع جا ماڻهو. ايندڙ ويندڙ پاڙي جي ٻارن سان مشڪريون ڪري هروڀور تنگ ڪندا هئا. باقي عورتن ۽ ڇوڪرين سان ڪنهن قسم جي مذاق نه ڪندا هئا. بس منهنجي لاءِ اتان گذرڻ مشڪل هوندو هو. ڪڏهن تڪڙو تڪڙو ۽ ڪڏهن دڙڪي پائي نڪري ويندو هوس. هن وقت به اهي جايون، اهي فقير ۽ انهن جو اهو ماحول موجود آهي پر اتان لنگھڻ ۾ هاڻي ڪو خوف محسوس ناهي ٿيندو.
نشاط سنيما اسان جي پاڙي جي سنيما هئي. ان زماني ۾ ننڍن ٻارن جو سنيما ڏي وڃڻ نه رواج هو ۽ نه ئي وري ڪو سهنجو ڪم هو. ان وقت اسان جو والد محترم به کيل تماشي ۽ سنيما کان ڪجھ پري رهندو هو. باقي منهنجو ننڍو مامو شاه محمد فلمن جو شوقين هو. جيتوڻيڪ 48 واري زماني ۾ بليڪ اينڊ وائٽ ٽاڪيز فلمون اچي چڪيون هيون پر جيترو وقت اسان سکر ۾ رهياسين تڏهن مون پنهنجي مامي سان پهرين ماها ڀاري جي زماني جون اشارن واريون چارلي چپلن جون ڪي خاموش فلمون ڏٺيون هيون. نشاط سنيما کان گھنٽا گھر واري رستي تي ٿورو اڳڀرو وڃبو هو ته پيراڊائيز سنيما هوندي هئي. ڏهن ٻارهن سالن جي عمر ۾ جڏهن اسان ناناڻي گھمڻ ايندا هئاسين ته پڦاٽ جي پٽ غلام شبير سان گڏجي فلمون به ڏسندا هئاسين. گھنٽا گھر چونڪ وٽ ٻه سنيما گھر هئا هڪ جو نالو حفيظ ٽاڪيز هو ۽ ٻي سنيما امپيريل جي نالي سان مشهور هئي. سکر جي پنجين سنيما شاليمار هئي جيڪا اسلاميه ڪاليج جي ڀرسان پراڻي سکر ڏي ويندڙ سڙڪ تي هئي. هڪ سنيما روهڙي ۾ به هئي جنهن جو نالو شايد ريگل هو جيڪا اسان جي پهچ کان گھڻو پري هئي. روهڙي درياهه جي هن ڀر هئي ۽ اسان جي گھر کان گھڻو پري هئي. روهڙي وڃڻ لاءِ پهريون گھنٽا گھر اچڻو پوندو هو. جتان وري ٽانگي تي چڙهي پراڻي سکر کان گذرندي روهڙي واري پل ڪراس ڪرڻي پوندي هئي. روهڙي مان منهنجي پڦاٽ رب ڏني جي شادي ٿيل هئي. روهڙي جو مشهور مائي مٺائي وارو غلام علي سومرو اسان جي عزيزن جو عزيز هو. اسان پنهنجي گھر ڀاتين سان جڏهن روهڙي ڪربلا ڏسڻ ويندا هئاسين ته خبر ناهي ته ڪنهن جي گھر ترسندا هئاسين. پر ايترو ياد اٿم ته ننڍي وستا ۾ مون پنهنجي والدين سان گڏجي رات جو ڪربلا سان گڏ سفر ڪيو هيو.
1948 کان 1949 هڪ سال ۾ ملڪ جون حالتون ۽ اسان جي زندگي ۾ وڏيون تبديليون آيون. بيراج ٽائون ۾ انگريز عملدارن ۽ انجنيئرس جي ملڪ ڇڏي وڃڻ کان پوءِ ديسي عملدارن سکر بيراج جي آفيسن جو ڪنٽرول سنڀاليو. منهنجي والد صاحب به پنهنجو نئون ڌنڌو شروع ڪيو. هول سيل اگھن تي انگوشا ۽ پوتڙا وٺي سکر شهر کان ٻاهر ڳوٺن ۾ وڃي کپائڻ لڳو. رب جي مهرباني سان ڪم ڪاروبار ايترو وڌيس جو وڃي لاڙڪاڻي نڪتو. ايتري خبر آهي ته ڳچ مهينا گوگھاري وڃي ڪپڙي جو ڪاروبار ڪيائين. مگر مهيني ماسي سکر ايندو هو ۽ خرچ پکو ڏئي ٻٽي ڏينهن رهي وري گم ٿي ويندو هو. منهنجو مشاهدو ٻڌائي ٿو ته هو طبعن سيلاني ماڻهو هو کيس هڪ ڪم ۾ ۽ هڪ هنڌ آرام نه ايندو هو. پنهنجي اصل ماڳ اباڻن ڪکن عاقل خالد لاڙڪاڻي کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ هن جي سموري جواني واري وستا ڌنڌن ۽ جاين مٽائڻ ۾ گزري وئي. سکر کان ٽُٽو ته پوءِ بس لاڙڪاڻي جي ارد گرد ڳوٺن ۾ لامارا ڏيندو رهيو. گوگھاري کان پوءِ وري ساڳيو ڪاروبار کڻي ميروخان ويجھو ڪنگن جي ڳوٺ ۾ وڃي نڪتو. اتي پنهنجي ڪنهن سنگت جي آڇ تي ويو هيو. جتي وڃي دڪان کوليائين، هڪ جاءِ مسواڙي ورتائين ۽ اسان کي سکر مان لڏائي اچي جھنگ ۾ ڪڍيائين الله الله خير صلا. سکر مان اسڪول ڇڏڻ وقت بابي سائين منهنجو ڪو سرٽيفڪيٽ نه ورتو تنهڪري ڪنگن جي پرائيمري اسڪول پهرين ۾ داخلا وٺڻ ويس ته ڪنهن قسم جي ڪاٻاري جي سپوٽ نه هجڻ ڪري پهرين ڪچي ۾ داخل ڪيو ويو. اسڪول جو ماحول يڪسر تبديل ٿيڻ ڪري شروع ۾ مونکي ڪيترين دشوارين کي منهن ڏيڻو پيو. پر ٻار ۽ ڪتا لڏ ۾ خوش سو جلد ئي ٻهراڙي جي ماحول سان ائين مانوس ٿي وياسين جيئن قيدي بلبل لوهي قفص سان. سکر ۾ ناشتي ۾ ٽوسٽ ڍٻل ۽ ماني ڪڪي واري چانهن جون مذيدار چسڪيون هونديون هيون. هاڻي نيرن تي رات وارو بچيل ريٻڙي جھڙو ڀت، ان سان گھاٽي ڏڌ جو وٽو ملندو هو. پر سبحان الله هن ڏٿ ۽ ڀت جيڪي لذتون ۽ لطف بخشيو سو موت گھڙي تائين ياد رهندو. سکر ۾ بنا پيسي جيئڻ مشڪل هو پر هن ٻهراڙي جي ماحول ۾ زندگي گھارڻ آسان پئي لڳي.
1949 واري زماني ۾ ڪنگن جو ڳوٺ تمام ننڍو ڳوٺڙو هو. هتان جي ڳوٺاڻي زندگي جو عام وهنوار ۽ واهپو جنس جي بدلي جنس تي پئي هليو. سج لٿي جڏهن بابو گھر ايندو هو ته ڀاڄيون، مڇي، گوشت ۽ ان اٽو کنيو ايندو هو. ڳوٺ ۾ جيڪي دڪان هئا تن تي ماڻهون پنهنجي گھران چانور. ڪڻڪ يا جوئر کڻي ايندا هئا ۽ دڪاندار کان دال، ڳڙ، کنڊ، صابڻ، پٽاٽا بصر وغيره وٺي روانا ٿيندا هئا. بابي جي دڪان تان ماڻهون ڪپڙا رنگائي ويندا هئا ۽ بدلي ۾ چانور، ڀاڄيون ۽ مڇي وغيره ڏئي ويندا هئا. مگر حساب ڪتاب ٿيندو هو. هر شي ۽ وٿ جي تور تڪ ٿيندي هئي اگھ پار لڳندو هو پوءِ جنهنجو جيترو حساب ٿيندو هو ڪٽ جوڙ ڪري سڀ ڪجھ برابر ڪيو ويندو هو. کاتا کنڌا به هلندا هئا ۽ اڪثر وڏا حساب ڪتاب فصل ۽ ٻار لهڻ تي ٿيندا هئا. منهنجي خيال موجب ان وقت ٻهراڙي جي زندگي جيتري سادي هئي اوترو سنهنجي ۽ پر امن هئي. بدڪارين، براين، بدامني ۽ قتل و غارت جو نالو نشان نه هو. غريب غربي جي به عزت هوندي هئي. ان جي زندگي به سادي سنهنجي هئي. ڳوٺ جا ماڻهون هڪ ٻئي جي عزت ۽ محبت ڪندا هئا. هڪ ٻئي جي ڏک سک جا ساٿي هئا. اڪثر طبقو هڪ جھڙو هو سواءِ وڏيرڪي گھراڻي جي خبر ناهي ته ڳوٺ جا وڏيرا ڪير هئا. پر ايترو ياد اٿم ته وڏيرن جي گھران صبح جو گھاٽي لسي جي چونري مفت ۾ ملندي هئي ۽ شام جو سج لٿي بابو سائين سچي کير جو ڀريل لوٽو کنيو ايندو هو. اسان هتان جي کير ڀت ۽ ماني مڇي تي اهڙو هِري وياسين جو شهر واريون چاپون، ڪباب، ڍٻلون ۽ ٽوسٽ سڀ وسري ويا.
سارين جي پوکڻ جي مند آئي ته ڳوٺن جي چوڌاري دونهين جي ماحول کي ڏاڍو انجاءِ ڪرڻ لڳس. ڳوٺ جي چئني طرف رونبن جي بهار، وانگارون، ٻنين تي چڙهيل پلاءُ جي ديگين ۾ ڪفگيرن جا کڙڪا. ديڳين کي ڪفگير گھمائڻ وقت جيڪا هٻڪار اٿندي هئي سا ته وڃي ميل کڻندي هئي. ڪڙمي خوش، مزدور خوش، ٻنيون ٻارا ساوا ته زميندار خوش. زميندار خوش ته سارو جھان خوش اهو هو ٻهراڙي جي ماحول جو راز ۽ رمز. رونبن جي مند ۾ جڏهن سارين جو لامون ۽ سنگ صبح جي ٿڌڙي هير گھلڻ تي لڏندا ها ته نيڻ ٺار منظر جنم وٺندا هئا. منجھند جو سج لٿي تائين گرمي جو پارو عروج تي پهچندو هو ته ماڻهن جا پگھر نڪري پوندا هئا. خير سکن پٺيان ڏک سهڻا پوندا آهن.

ڳالهيون جي وسريو نه وسرن

ڳالهيون جي وسريو نه وسرن

منهنجو والد گرامي محمد اسماعيل پنهنجي زندگي ۾ کائڻ پيئڻ توڙي اوڍڻ ڪرڻ ۾ نهايت سادو انسان هو. ارادي جو پڪو مزاج جو سخت محنتي ۽ جانٺو جوان هو پر قسمت جو ماريل هو، زندگي جي ڪا به بازي کٽي نه سگھيو. ميرن کي گھران لڳي هئي. ساڳي ڪهاڻي منهنجي ڏاڏي سائين محمد عمر جي مڙني پٽڻ جي ڀري تري آباد گھراڻي سان ٿي. اسان جا وڏا دريا شاه جي ڪناري آباد لاڙڪاڻي جي معروف ڳوٺ عاقل خالد جا رهواسي هئا. هندوستان جي ورهاڱي کان گھڻو اڳ محمد ايوب کهڙي جي والد مرحوم شاه محمد کهڙي جي چوڻ تي لاڙڪاڻي شهر ۾ اچي آباد ٿيا. سندن پهرين رهائش پرڀداس تولاڻي واري بنگلي واري سنهي گھٽي جنهن ۾ ڊاڪٽر امان الله سومري جن رهندا ها اتي ٿي جتي هو مسواڙي جاءِ وٺي رهڻ لڳا. ڪجھ سالن کان پوءِ مڙني ڀائرن گڏجي علي گوهر آباد ۾ پنهنجي جاءِ جوڙائي جتي هو ڪٺا ٿي رهڻ لڳا. اسان جو وڏو چاچو رسول بخش سومرو شاه محمد کهڙي جو اردلي هو. پنهجي وڏي سئوٽ محمد عمر کان ٻڌو هو ته جڏهن محمد ايوب کهڙو سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ پڙهڻ ويو هو ته چاچو سائين ان سان گڏ بطور اردلي ٿي ويو هو. علي گوهر آباد واري وڏي ۽ ڪشادي جاءِ جنهن ۾ هاڻي اسان جو دوست منظور احمد سامٽيو رهي ٿو سا ڀائرن ۾ ويڇا پوڻ ڪري وڪامجي وئي جيڪا ورهاڱي کان اڳ هندن خريد ڪئي هئي. پاڪستان ٺهڻ بعد منظور سامٽي جي والد محترم ان کي خريد ڪيو. ڀائرن ۾ ويڇي وڏا وڇوڙا وڌا ها پر پوءِ به سڀ لاڙڪاڻو ڇڏي پير ڳوٺ ۾ گڏجي ويٺا. ٿوري ڪي گھڻي وقت گذرڻ کان پوءِ ڪن اختلافن سبب هو هڪ ڀيرو وري هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويا، منهنجا ٽي چاچا سڳورا پاڪستان ٺهڻ کان ٿورو اڳ وري لاڙڪاڻي لڏي اچي علي گوهر آباد ۾ رهيا. مگر منهنجو والد جيڪو پنهنجن ارادن ۾ ڪجھ ارڏو هو سو ”اپني قوت اپني جان“ جي اصول تي پنهنجي زندگي سان جهيڙيندو رهيو ۽ 1930 ڌاري پير جي ڳوٺ مان لڏي سکر ۾ ورڪس روڊ تي بيراج ٽائون جي سامهون اچي رهڻ لڳو. ان جاءِ ۾ منهنجي وڏي ڀيڻ ۽ منهنجي پيدائش ٿي. مون پنهنجي زندگي ۾ ڏٺو ته بابا سائين سڄي زندگي پنهنجي مقدر سان ويڙهه ڪندو رهيو مگر هي زندگي جنهن ۾ قسمت جي بنياد تي ڪنهن کي آسمان ملي ٿو ته ڪنهن کي زمين تي ٻه گز ڀي مشڪل سان ملن ٿا. والد صاحب پنهنجي زندگي سان مهاڏو اٽڪايو بيٺو رهيو. هو پنهنجي زندگي جي پوئين حصي جي پنجين ڏهاڪي ۾ باقائدي پنهنجي مقدر سان ڀاڪرين پئجي ويو هو.
هو سکر ۾ بيراج ٽائون وارن انگريز انجنيئرس جي ڪنهن بنگلي تي ڪاٺين جي سپلاءِ ۽ منشگيري جي ڪم سان لڳو هو. هندوستان پاڪستان جي ورهاڱي کان پوءِ جڏهن انگريز عملدار ملڪ ڇڏي ويا تڏهن هن ڪپڙي جي ڪاروبار ۾ هٿ وڌا. سکر مان انگوشا پوتڙا کڻي وڃي گوگھاري نڪتو اتان ٽٽو ته اچي ميروخان لڳ ڳوٺ ڪنگن ۾ مسواڙ تي گھر ۽ دڪان وٺي بالم ٿي ويهي رهيو سکر مان ڪهول لڏائي آيو. مونکي ياد آهي ته دڪان ۾ سندس ٻه ڪم هوندا هئا هڪ ته نيرولي جو ڪم شروع ڪيائين ٻيو چانور خريد ڪندو هو. اتي به سندس دال نه ڳري ته ڪنگن کي الوداع ڪري اچي جيلس بازار ۾ گھاڙواهه جي پل جي پهرين در لڳ خالي پيل مندر ۾ اچي ٽپڙ لاٿائين الله الله خير صلا. پراڻي لاوارث مندر جي اجاڙ ماحول ۾ اسان جيڪي زندگي جا ڏينهن گذارياسي سي اسان جي زندگي جا مشڪل ترين ڏينهن هئا سواءِ پارومل پڪوڙائي جي پڪوڙن جي مزي ۽ سواد کان علاوہ ڪا به اهڙي مزي جي يا خوشي جي ڳالھ ڪانهي جنهن کي ياد رکي سگھئون. علي گوهر آباد آياسين ته ڪجھ بهتر ماحول مليو. مگر پوءِ به مونکي الائي جي ڇو ان هنڌ ان جوءِ ۽ ان پاڙي جي گھڻي اڪير رهي ٿي. گھاڙ واه جي پل وارو منظر ۽ ان سان وابستا يادگيرين کي وساري سگھيو آهيان نه وري مندر واري اڱڻن کي ۽ نئي اتي قائم ميخاني ۽ ميخاني جي موالين جي ڪرتوتن کي. آءُ جڏهن به لاڙڪاڻي ايندو آهيان ته منهنجيون اکيون اهي هنڌ ماڳ ڏسڻ لاءِ آتيون رهنديون آهن. ان مندر ڀرسان ميونسپل آفيس لڳ سرلا ديوي جي اسپتال جي هڪ يادگيري ايندي اٿم ته جڏهن اسان مندر ڇڏي گجڻ پور گھاڙ واه جي ٻي ڀر تي وڃي رهياسين ته مونکي جڏهن ڪا بيماري بڙي ٿيندي هئي ته ڊاڪٽر سرلا ديوي وٽ علاج معالجي لاءِ ويندا هئاسين. والده چوندي هئي ته سرلا ديوي منهنجي پٽ کي نظر ٿي هڻي. پڦي عظيمان پڇيس اهو وري ڪيئن ٿي چوين، ڪاڏي سرلا ڪاڏي تنهنجو ٻلونگڙو. والده کيس جواب ۾ وراڻيو ته جڏهن ٿي پٽ کي علاج لاءِ وٺي وڃان ته ڇوڪر کي ڏسي اچي ٿي تعريف ڪري ٻار جي اکين جي. بهر حال امان جي ڳالھ سو سيڪڙو سچ هئي. ان سروپ ۽ سرلا ديوي جي ڳالهين جو ذڪر پنهنجي هڪ مضمون ”سام اور سرلا“ سنڊي ميگزين جنگ اخبار ۾ مون ڪيو هو ۽ مزي جي ڳالھ ته ان رسالي جي هڪ ڪاپي سرلاديوي جي مڙس امرت راءِ جي سنگهاڻي سام صاحب کي علي گوهر آباد واري گھر ۾ هڪ ادبي ملاقات دوران ڏني هئي جنهن کي پڙهي هو ڏاڍو خوش ٿيو هو ۽ پنهنجي خوشي سان سرلا ديوي جي لکيل ادبي و علمي پورهي تي ٻڌل ڊائري “رهاڻ” ۽ پنهنجا ڪي ڪتاب تحفي طور عنايت ڪيا هئا. ساڳيو مضمون لاڙڪاڻي ساه سيباڻي جي اردو حصي ۾ پڻ شايع ڪيو ويو هو. مندر، ميونسپل آفس ۽ سرلا ديوي واري اسپتال ۽ اسپتال جي ڪوٺي تي منعقد راڳ رنگ صوفي فقيرن جون محفلون اهي سڀ گھاڙ واه جي ڪناري ۽ لاڙڪاڻي جي ماحول جي سونهن هئا هڪ تاريخ هئي. هاڻي نه اهو مندر رهيو نه گھاڙ واه نه ئي اهو خوبصورت ماحول.
ٻاروتڻ جي هڪ وڏي ٻي ياد ذهن تي اڀري ٿي اچي جنهن جو ذڪر جيئسنگھاڻي سام صاحب ۽ سرلا ديوي ۽ انهن جي اسپتال سان سلهاڙيل آهي. ننڍي هوندي آئون هڪ گليل باز رولو شڪاري هوس سو هڪ ڀيري ڪبوترن جو شڪار ڪندي گھاڙ واه جي ڪپ تي ميونسپل اسپتال جي پٺين پاسي کان اسپتال جي ديوار تي چڙهي ويس. ديوار سان لڳ ڪمرو هو جنهنجي دري جي ڀڳل شيشي واري حصي مان مون پنهنجو هٿ اندر ڪري ڇت پکي تي ويٺل ڪبوتر کي ڳوڙهو هنيم. ڪبوتر هيٺ ڪريو ۽ مان هن ڀڳل شيشي واري ڳڙکي مان پهريان پير اندر ٽپايا پوءِ پوري جسم کي آهستي آهستي ڳڙکي مان ٽپائي ڪمري ۾ داخل ٿيس زخمي ڪبوتر کنيم مگر ڇا ڏسان ته ڪمري ۾ رکيل وڏي ميز تي چمڙي جي ڪيس ۾ هڪ دونالي بندوق پئي هئي. اهو سين منهنجي لاءِ بلڪل فلمي هو. بندوق کي ڪيس مان ڪڍي چڪاسي ڪري ساڳي جاءِ تي جيئن جو تيئن رکي ساڳيو سرڪسي ڪم سر انجام ڏئي ٻاهر نڪري آيس. ڪبوتر هٿ ۾ هو ۽ مان علي گوهر آباد واري اڇي مسجد وٽ ملان پڪوڙائي جي دڪان تي اچي ويهي رهيس. ان خيال سان ته دوست اچن ته کين ڪبوتر ڏيکاريان ۽ پنهنجي ڪامياب ڪاروائي وارو قصو بيان ڪريان. ياد آهي ته اهو ڪبوتر ادي بشير احمد جي پراڻي گھر واري گھٽي ۾ پنهنجي ٻاروتڻ جي يار محمد ابراهيم سومري کي ڏيکاڻ وقت هٿن مان نڪري اڏامي ويو هو.

ڳوٺ ڪنگن ۾ گھاريل ڏينهڙا

ڳوٺ ڪنگن ۾ گھاريل ڏينهڙا

جنهن ڏينهن ڪنگن جي پرائمري اسڪول جي ڪچي پهرين ۾ داخلا ملي اهو ڏينهن منهنجي لاءِ خوشي جو ڏينهن هو ان وقت اسڪول ۾ ڪنهن قسم جو يونيفارم ڪونه هو ۽ ڪچي پهرين ۾ ڪو ڪتاب به نه هو. ٻي ڏينهن مان سکر مان آندل ڦرهي کڻي سوير وڃي اسڪول پهتس. اسڪول جو دروازو مينهن جي واڙي کي لڳل دروازي جهڙو هو. سامهون هڪ دالان ۾ ميز ڪرسي ۽ بينچون پيل هيون. جڏهن ماستر صاحب اسڪول ۾ داخل ٿيو تڏهن ڪي چار پنج ٻار بينچن تي ويٺا هئاسين. منهنجي ڀرسان ويٺل شاگرد وڏي ڦڙتي سان اٿيا ۽ وڃي استاد کي پيرن تي هٿ رکيائون. انهن سان گڏ مون به ساڳي نوڙت ڏيکاريندي استاد صاحب کي پيرين پيس. استاد صاحب اسان سڀني کي مٿي تي پيار جو هٿ ڦيرايو. ٻٽي منٽ ڪرسي ته آرام ڪرڻ کان پوءِ علي نواز نالي ڇوڪري کي سڏي چيائين اڙي ڏس پاڇو ڪلي ته پهتو آهي ته گھنٽ وڄاءِ. علي نواز وڌي دروازي ڀرسان زمين ۾ کتل ڪلي کي ڏٺو ۽ وراڻيو سائين اڃان ٿورو پري آ. استاد وراڻيو ٺيڪ آ. ڪلي تي پڄي ته گھنٽ وڄائجان. منهنجي لاءِ اها هڪ نئين ڳالهه هئي معلوم ٿيو ته موڪل تڏهن ملندي جڏهن سج جو پاڇو لڙي ڀت جي ڀرسان وراي ڪلي تي پهچندو.
ڇا دور هو سڄي ڳوٺ ۾ سواءِ وڏيري جي ٻي ڪنهن وٽ وقت ڏسڻ لاءِ واچ ڪانه هئي ۽ اسڪول جو ڪم به ڪلين تي پئي هليو. مان اسڪول کان پڙهي بابي جي دڪان تي وڃي ويهندو هوس. يا وري آس پاس جي ماحول کي ڏسڻ چڪاسڻ جي ڪم کي لڳي ويندو هوس. اسان جي دڪان جي پٺ ۾ اٽي پيهڻ جي مشين هئي بابي کان موڪل وٺي ڪڏهن ڪڏهن مل ۾ ڏسڻ ويندو هوس ته ان اٽو ڪئين ٿو پيسجي. مل ۾ موٽرن جا آواز پٽن جي ڦرڻ جي ٺڪ ٺڪ جو شور هر طرف ڊيزل آئل جي عجيب بانس پکڙيل هئي. هڪ پاسي ان اٽي ۽ چانورن جون ڀريل ڳوڻيون پيون هيون، اهو سڄو جو سڄو ڪم ڪار سٺو لڳو. سڀ کان وڌيڪ جيڪا ڳالھ مونکي سٺي لڳي سان انجڻ مٿان ڪوٺي تي وڏي پائپ تي لڳل لوٽي ۽ ان مان نڪرندڙ آواز جو رڌم هو. جيڪو ڳوٺ کان دور دور تائين ٻڌڻ ۾ ايندو هو ۽ ڳوٺ جي زينت وڌائيندو هئو. دڪان جي اڳيان سڙڪ پار وڏي چمني وارو هڪ ٻيو سارين ڇڙن جو اوائلي ڪارخانو هو. ورهاڱي کان گھڻو اڳ جو هو شايد ڪنهن واڻيي سيٺ جي ملڪيت هو. مگر ان جا هن وقت مون وٽ ڪي تفصيلات ڪونهن. باقي ايتري خبر آهي ته بابا سائين صبح جو سوير اٿي ان ڪارخاني ۾ ڪهاڙي سان مڻن پيري ڪاٺيون ڏاريندو هو. بابي سائين جو اهو ڪهاڙو جيڪو کيس هٿن ۾ لڦون وجھندو هو وفات بعد سائي سندس ڪل ميراث هئي جيڪا منهنجي ملڪيت ۾ آئي هئي. جنهن کي مون پنهنجي سيني سان سانڍي رکيو آهي.
ڪنگن ۾ هڪ ڏينهن ميدان تي لغڙ اڏامندي ڏٺم بس پوءِ ته منهنجي خوشي جي حد نه رهي ۽ وڃي ميدان تي نڪتس. هڪ ڇوڪرو جيڪو لغڙ کي اڳڙي جو ڊگھو پڇ ٻڌي پيو اڏائي ۽ مزا وٺي. سلام دعا عليڪ سليڪ ٿي ٻڌايائين ته هو ڳوٺ جي وڏيري جو پٽ آهي ٿوري دير ۾ ساڻس منهنجي دوستي ٿي وئي. مون سندس ڌاڳا ڍيرا ڏٺا وٽس ٿورو گھڻو مانجھو هو پر گھڻو ڪم 999 وارن ريلن جي ڌاڳي سان پيو هلائي. ڏينهن ٻن کان پوءِ مون کيس ٻڌايو ته مونکي لغڙ ٺاهڻ ايندا آهن پر پنا ڪونهن جو مان توکي سهڻا لغڙ ٺاهي ڏيان. هن ٻڌايو ته اسان جي گھر ڀرسان دڪان وارو هفتي ۾ هڪ دفعو لاڙڪاڻي بازار ويندو آهي ان کان مان لغڙائي پنا گھرائيندس. ٿيو به ايئن ٻئي هفتي لغڙ جا پنا اچي ويا. مون کجي جا سنڍا ۽ ٻهارا هٿ ڪري رکيا هئا جن مان ڪمانون تيار ڪيون ۽ استاد چوڌري جي ڏٺل ڪاريگري ۽ ڪٽ سٽ ۽ پنهنجي ڪامن سينس کان ڪم وٺي ٽن چئن رنگن جا پٽا پٽي گڏا تيار ڪري ان ڇوڪر کي پيش ڪيم لغڙ ڏسي دوست ڏاٺو خوش ٿيو پوءِ جيترو وقت ڪنگن ۾ رهياسين گڏجي لغڙ اڏائيندا هئاسين.
آڪٽوبر نومبر جا مهينا هئا ڳوٺ جي گھٽين ۽ دڪانن اڳيان هڪ ماڻهو مناديون ڏيندو پيو وتي ته ايندڙ آچر جي شام جو چئين وڳي ڳوٺ جي ٻاهر رڇ ۽ ڪتن جي ميل ٿيندي. اسان کي ته اهڙي ميل ۽ مقابلي جي ڪا سڌ هئي نه ڪا ڄاڻ سو جيستائين آچر جو ڏينهن اچي تيستائين روز بابي سائين کان پڇندو هئس ته اها رڇ ڪتن جي ميل ڇا ٿيندي آهي. بابي نٽ شيل ۾ ان ميل مقابلي جو سڄو معاملو سمجھايو. بس پوءِ ته مان آچر جي ڏينهن جو انتظار ڪرڻ لڳس. آچر جي ڏينهن اسڪول جي موڪل هئي پر ميل جي شوق ۾ اڌ رات تائين مونکي ننڊ ئي نه آئي. صبح جو نيرن ڪري دڪانن جي چونڪ تي واءُ سواءُ لهڻ ويس ته ٻهراڙي جي ماڻهن جي خوشي ڏسي منهنجي خوشي ۽ شوق ۾ اضافو ٿي ويو. هر ماڻهو جي وات تي ڪتن جي ڇتڪتائي، انهن جي بهادري ۽ ڪتن جي نالن جا قصا پيا ڪٽجن. شام جو ٽي ٿيا ته مان بابي سان سنڀري ڳوٺ ٻاهران ماڻهن جي هنبوه ۾ وڃي بيٺس. ميدان تي اوسي پاسي جي ڳوٺن جا سوين ماڻهون ڪٺا ٿيا هئا. ميدان جي وچ ۾ اوڏڪي ڀت جو هڪ وڏو ڪوٽ هو. جنهن ۾ رڇ ۽ ڪتن جا مالڪ ۽ شرطائي جمع ٿيل هئا. چئين ساڍي چئين بجي ڪوٽ اندر رڇ ۽ ڪتن جي ميل شروع ٿي. اسان تماشائي ۽ سموري خلق ڪوٽ جي ديوارن کان ٻاهر ميل جا سمورا لقاء بيٺي ڏٺاسين. ڪلاڪ ڏيڍ ميل هلي ڪتن پئي رڇ کي چوڌاري ڦيرايو ۽ پٽيو. ڪي ڪتا رڇ جي پٺيان پيا وڃن ته ڪي هن جي منهن تي پيا وار ڪن. هڪ ڪتو رڇ جي واري ۾ آيو ته ان ڪتي کي ڀاڪر ۾ ڀري هيٺ اڇلائي پنهنجي پيرن ۾ قبضي ۾ ورتو. ڪتي جا ڪيڪاٽ اسمان تي پيا ٻڌجن. مون ماڻهن جي واتان ٻڌو ته ابا ڪتي جي تيڪ نڪري وئي آهي. ڪتا به وڏا ڀاري ڀرڪم تازي ۽ ويڙهاڪ هئا. ڪنهن ڪتي جو چڪ رڇ جي دون ۾ پئجي ويو. ڪتو مڇڏو هو رڇ گھڻي ڪوشش ڪئي مگر بيحال ٿي هيٺ ليٽي پيو. ميل ملاکڙي ۽ ماڻهن جا هشام ڪٺي ٿيڻ جي مونکي گھڻي خوشي ٿي پر ميل جي اختتام تي ڪتن ۽ رڇ جي جيڪا حالت ٿي سا نهايت دردناڪ ۽ رنج پهچائيندڙ هئي. موٽ تي بابو مونکي اداس ۽ غمگين ڏسي دلداري ڏيڻ لڳو ته پٽ هي سڀ ظالمانا ڪم آهن پر ڇا ڪجي ٻهراڙين ۾ فصل لهندا آهن ته ماڻهون اهڙا شغل ميل ملاکڙا ڪندا رهندا آهن.

لاڙڪاڻي جي گھاڙ واهه جي ڪٿا

لاڙڪاڻي جي گھاڙ واهه جي ڪٿا


1949_1950ع ڌاري گھاڙ واهه جي پل جي جيلس بازار واري پهرين دروازي جي اوڀر ۾ مندر هو. مٿس بڙ جي وڻ جو پکڙيل وڏو ڇانورو هو. اسان ميروخان سان لڳ ڳوٺ ڪنگن کان لڏي پهريون مندر جي آڳر ۾ اچي ٽپڙٽاري رکياسي ياد ناهي ته گھڻا ڏينهن مندر ۾ ٽڪيا رهياسي. منهنجي وڏي ڀيڻ ۽ مان روز مندر جو آڳر ٻهاريندا هئاسي مندر کي گرل جو دروازو هوندو هو جيڪو ان وقت بند پيل هو. هتي ڪو به پڄاري ڪونه هو ۽ نه وري ڪا پوڄا يا پاٺ ٿيندو هو. گھاڙ جي اتر طرف پنجن ڇهن فٽن تائين هيٺ ڏاڪڻيون هيون جي ڀانيان ٿو ته جنهن زماني ۾ واپاري مال آڻيندڙ ۽ نيندڙ ٻيڙا ۽ ٻيڙيون اچي لنگر هڻنديون هيون تڏهن اهي پاڻي هيٺ رهنديون هونديون. خوش نصيب هو اهو لوڪ جنهن گھاڙ واهه جو اوج ۽ عروج ڏٺو. دراصل هن واه جو ۽ شهر لاڙڪاڻي جو قدر نه ٿيو اهو ته ٺهيو پر ان سان وڏو قهر اسان پنهنجي هٿن سان ڪيو هن واه ۽ لاڙڪاڻي جي جياگرافيڪل ۽ ڪمرشل حالتن جو خيال رکي نه سگھياسين ۽ نه ئي وري ان جي حسين بيهڪ جي ڪا واهر ٿي. جنهن تي ڪنهن زماني ۾ سڄي سنڌ کي ناز هوندو هو. هن شهر جي وچ مان سينڌ ڪڍي وهندڙ گھاڙواهه جي خوبصورتي جي مماثلت ڪجي ته دنيا جي نهايت خوبصورت ۽ ڪارائتي واهه رائن سان ڪري سگھجي ٿي جيڪو برلن جرمني ۾ وهي ٿو ۽ جرمني جو حسن پيو ڀانئجي. لنڊن شهر جي وچ مان وهندڙ ٽيمس ندي جي بيهڪ ڏسو ان جو حسن ڏسو. ان جي زماني ۽ زماني جي تاريخ ۾ مڃتا ڏسو ته انسان جي دل باغ و بهار ٿيو وڃي.
ڪيناڊا جي ڪيپيٽل سٽي شهر آٽوا جي مٿي مان سينڌ ڏيندڙ واهه ريڊورور جي به هڪ وڏي تاريخ ۽ ڪهاڻي آهي. شهر جي ترقي ۽ ملڪ جو واپار ان جي موهون منت رهيو آهي. اهڙي حيثيت، بيهڪ ۽ اهڙي خوبصورت وٿ ۽ ورثي جي اهميت ۽ قدر ڪو ڪينيڊين کان پڇي، پر افسوس جو اسان پنهنجي اهڙي قدرتي طور احسان ۽ مليل قدرتي ڦاٽ جيڪو رب سائين سنڌو ندي جي ڪک مان ڪڍي جاري ڪري عنايت ڪيو هو تنهن جي سنڀال ڪري نه سگھياسي.
گھاڙ واهه کي تاريخ تناظر ۾ ڏسجي ٿو ته اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته هي واهه پهريون ننڍو واهه هو جنهن کي ڪلهوڙن حڪمرانن جي جرنيل شاهل محمد ڪلهوڙي باقائدي کوٽائي وڏو ويڪرو ڪري وڏي اوج ۽ ترقي تي پهچايو هو. مگر هن دور جديد ۾ اسان ان جي اهميت کي سمجھي نه سگھياسين ۽ نه ئي ان جي ڪا حفاظت ڪري سگھياسين مگر سنڌ جي وڏيرڪي ذهنيت رکندڙ قبضي مافيا ان جي مٿان وڏا قهر ۽ ڪلور ڪيا. سون ورني جھيل مٿان مٽي لٽي ان کي ائين دفن ڪيو ويو جيئن گھر جي ڪنهن مرتيو ٿيل ڀاتي کي لٽبو آهي. ان سانحي تي اسان ڪيترو به ڪيڏارو ڪيون ٿورو آهي. سچ پڇو ته منهنجو گهاڙ واهه سان من ۽ روح جڙيل آهي. گھاڙواهه سان منهنجو روح ايڏو سلهاڙيل هو جوان جي موت تي آئون پاڻ کي سڀ کان گھڻو وياڪل ۽ غمزده ٿو محسوس ڪريان.
مندر ڇڏي جڏهن اسان گجڻ پور گھاڙ جي ٻئي ڪناري چاچي خدابخش سومري جي پاڙي ۾ وڃي رهياسين تڏهن گھر جي ڪوٺي تي چڙهي ڏسندا هئاسين ته پل جي آخري دروازي مان وهندڙ پاڻي صاف نظر ايندو هو ۽ اتان پل جو نظارو به نهايت خوبصورت لڳندو هو. گھاڙ واهه جو اهو شفاف پاڻي ٿورو اڳتي وڌي پپل جي وڻ جي ڇانو هيٺان سيدن جي گھر وٽان ننڍي واهه جي صورت ۾ اڳتي وڌي موهن فقير جي اوتاري جي اڱڻ ۾ وڃي سلامي ڏيندو هو. تنهن کان پوءِ پنهنجي ئي پيٽ مان ور وڪڙ کائيندو پنهنجي ٽور اڳتي جاري رکندو هو. ان جاءِ تي واهه جي ڏکڻ ۾ قبرستان هو ۽ اڀر پاسي بينڪ اسڪوائر.جتان ڏکڻ طرف ويندڙ روڊ بندر روڊ سڏبو هو. بندر روڊ به گھاڙواهه جي وجود جو هڪ وڏو ثبوت آهي. گھاڙ واهه جي پل جي اوڀر ۾ ميونسيپل آفس جي پٺ وارو سڄو علاقو ميراڻي دور ۾ هڪ وڏو بندرگاهه هو جنهنجي ڄاڻ اسان کي لاڙڪاڻي جي محققن جي تخليقات تاريخ ۽ نويسن ۽ تاريخ ادب سان دلچسپي رکندڙ عالمن ۽ اديبن جي مضامين مان ملي ٿي. ان ڏس ۾ لاڙڪاڻي جي انهن دانشمندن مان سهڻي پارکو ۽ لکاري انيس انصاري جو مقالو ملاحظا ڪري سگھجي ٿو. ازنسواءِ پروفيسر عبدالمنان چانڊيي جي مضامين مان به استفادو ٿي سگھي ٿو. پروفيسر ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ جي تحريري مواد مان به گھڻو ڪجھ حاصل ڪري سگھجي ٿو.
گھاڙ واهه پنهنجي پيٽ مان بندر روڊ جي اتر اولھ ۾ پنهنجو سفر جاري رکندي گيان باغ وٽ پهچندو هو هن وقت گيان باغ جو موجوده نالو باغ ذوالفقار آهي. گھاڙ واهه جي هن هنڌ تي دراصل گھاڙ واهه جي هڪ عاشق جي ڪهاڻي شروع ٿئي ٿي. لاڙڪاڻي کي هڪ لحاظ کان لازوال حسن بخشيندڙ ۽ واپاري ترقي وٺائيندڙ شخص، فقيرن جو فقير، خادمن جو خادم سيٺ گيانچند هتي رهندو هو. ۽ هي خوبصورت بنايل ميموريل باغ هن جو گھر ۽ ملڪيت هو. گيانچند جي هن خوبصورت باغ ۾ صوفي راڳ رنگ مچائيندڙ فقيرن ۽ فقراهن جي رهائشگاهه ۽ مهمان خانو قائم هو جنهن تي ورهاڱي کان پوءِ قبضو ٿي ويو ۽ اڳتي هلي گيانچند جي باغ جي رهائشي عمارتن ۾ ڄم روڪ ۽ مليريا اريڊي ڪيشن ۽ ري هيبليٽيشن ڊپارٽمينٽ جي ڪسٽوڊينٽ آفيسون قائم ڪيون ويون. ڪسٽوڊينٽ آفيس ذريعي هندن جي ڇڏيل ملڪيتن کي نيلام ڪري ڪليم داخل ڪندڙن کي ڏنيون ويون انهن ڪليمن ۾ لاڙڪاڻي جي هن حسين ترين گيان باغ جا ڪجھ حصا نيلام ٿي ويا ۽ ائين گيانچند جي دلڙي ڦرجي وئي. سياسي گھرجن جي پيش نظر گيانچند باغ جو تاريخي نالو ڦيرائي باغ ذوالفقار رکيو ويو. گھاڙ واهه پنهنجي جاگير مان اڳتي هلي قديم گورنمينٽ هاء اسڪول وٽان گذرندو هو. هي اسڪول جيڪو 1926 ۾ پنهنجي تيار ٿيل نئين عمارت ۾ منتقل ٿيو ۽ ان جي پراڻي عمارت کي ميونسپل جي حوالي ڪيو ويو جنهن ان جو نئون نالو ميونسپل هاءِ اسڪول رکيو. لاڙڪاڻو اسٽيڊيم جي عمارت به گھاڙ واهه جي پراڻي پيٽي ۾ تعمير ڪئي وئي هئي ۽ گھاڙواهه ان جاءِ تي هڪ واهي جي صورت ۾ وهي ڪليڪٽر واري بنگلي جي بغل مان نڪري مسجد جي ڀر مان ٿيندو رائس ڪينال ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو. دراصل اهو ئي اهو هنڌ آهي جتي گهاڙ واهه جو انت ٿئي ٿو. اتر اولھ طرف کان ڳوٺ وليدن واري پاسي گھاڙ واھ جي وهڪري جا پراڻا نشان ملن ٿا. تلاش ڪبا ته پنج پل واه جي اوڀارين ڪنڌي ان جو پورو جو پورو وجود ملندو جيڪو مون پنهنجي اکين سان نه رڳو ڏٺو پر ان ۾ وهنجي تڙڳي به ڏٺو اتي گھاڙ واهه هڪ نهايت سهڻي ڍنڍ جي روپ ۾ 1964_1965 ۾ بيٺو هو جنهن کي سنڌ سمال انڊسٽري ۽ رتيديري ڏانهن ويندڙ روڊ تقسيم ڪري پيو. روڊ جي ٻي ڀر گھاڙ واهه هلي ٿو، ڪٿي دٻا ڪٿي سڪل سوڪ لڳو پيو آهي ۽ اهڙي طرح موجوده شيخ زيد ڪالوني کان ويندي ڳوٺ وليدن جي ڪک پيو کٽي. ياد رهي ته اهو وليد ڳوٺ پڻ ڪنهن زماني ۾ گھاڙ واهه تي ئي شاد ۽ آباد ڳوٺ هو. ڪيو ائين ويو جو رائس ڪينال مان نڪرندڙ پنج پل واهه جو پاسو مٽائي ڳوٺ کان ڪجھ پر ڀرو ڪيو ويو ته جيئن ان کي پائڻ ۽ سيمي کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي. آخر ۾ وليدن کان اڳتي جي گھاڙ واه جي تلاش ڪبي ته ڪٿي ڪٿي ان جا نشان ملندا تقريبن ميان شاهل محمد پير جي مزار تائين اهڙو سلسلو جاري رهي ٿو.
شهر واري پاسي سرائي ٺاري خان کهاوڙ جي انبن ۽ ڦارون وارن باغن جي سامهون گھاڙ واهه جي بلڪل ڪنڌي تي 1950_55 کان اڳ ٺهيل هڪ ننڍي مسجد هوندي هئي جنهن ۾عيش گھرن جون ڪي عورتون پنهنجي من جون مرادون پوريون ڪرائڻ ۽ ڪي ثواب جي غرض سان شام جو سج لهڻ وقت اچي ڏيا ٻارينديون هيون. مسجد جي اوڀر رخ هڪ ننڍو دروازو هوندو هو. سانوڻي ۾ جڏهن گھاڙ مستي ۾ ايندو هو ته پاڻي دروازي جي چائنٺ اچي چمندو هو. دروازي جي اوڀر پاسي تقريبن سئو ميٽر پنڌ تي گھاڙ جي ڪپ تي ٽاري جي وڻ هيٺان هڪ وڏو کوهه هوندو هو. ان کوهه جي سڄي پاسي ڀڪ کان ٿورو هيٺ ڪپڙن ڌوئڻ وارن ڌوٻين جا ڪاٺ جا ڦرها هوندا هئا جيڪي زمين ۾ مستقل طورکتل هوندا هئا. زمانو اهڙو هو جو پنج سو رپين کن جو ڦرهو به ڪو ماڻهو چوري ڪري کڻي وڃڻ جي زحمت نه ڪندو هو. کوهه جي ڪپ تي گھاٽي وٿراء هوندي هئي جنهن جي ڇانوري ۾ ڌوٻي ڪپڙا منيندا هئا. جن کي بعد ۾ ڌوئي اڇو اجرو ڪري بليچ نيل گلي وغيره ڏئي ڪکائن تلن تي سڪائيندا هئا. دراصل لاڙڪاڻي شهر جو اهو هڪ وڏو ڌوٻي گھاٽ هوندو هو جيڪو ان حد کان ميونسپالٽي اسپتال بلڪ ميونسپل آفيس تائين پکڙيل هوندو هو. ڌوٻي گھاٽ جي جنهن هنڌ جي آئون ڳالهه پيو ڪيان اتي هڪ ٻي به اهم ڪرت ٿيندي هئي ان کوهه جي ڀر ۾ صبح جو تڙڪي مهل روزي روٽي ڪمائڻ لاءِ ڌوڙڌيا مٿي تي سون بازار مان ٻهاريل مٽي جون تغاريون کڻي اچي حاضر ٿيندا هئا ۽ گھاڙ واه جي شيشي جهڙي شفاف پاڻي ۾ ويٺا خاک ڇاڻيندا هئا. ان خاڪ مان کين سون جون سنهيون ڪرچيون ڪاٽ شاٽ سبب ڪريل سنها ذرات. موتي ۽ ٻڙا وغيره هٿ ايندا ها. ائين اهي مزدور ڌوڙ مان ڌن ٺاهي ويندا ها.
گھاڙواهه تي قائم هن ڌوٻي گھاٽ تي شهر جي وڏين لانڊرين ۽ واشنگ فيڪٽرين جا ڪپڙا ڌوپندا ها. جئين سيئوبازار ۾ قائم ممتاز لانڊري ان زماني ۾ جيڪي نمائش طور دڪان ۾ ڊرائي ڪليننگ مشينون رکيو ماڻهن کي دوکو ڏيندا ها. پاڪستان چونڪ کان تجر باغ ڏانهن ويندڙ رستي تي اتر طرف ميونسپالٽي جي خوبصورت ڪشادن دڪانن ۾ موسيٰ کٽي جي مشهور موسيٰ لانڊري هئي جيڪا شايد اڄ به قائم هجي جتان شهر جا شوقين ۽ پيسي وارا ماڻهون پنهنجا ڪپڙا ڌوئرائيندا هئا. ان جي سامهون حيدري مٺائي جي دڪان لڳ وري احمد کٽي جي لانڊري هئي انهن ۽ ٻين ڪيترين واشنگ فيڪٽرين جا ڪپڙا سڀ گھاڙ واهه تي ئي ڌوپي پاڪ صاف ٿيندا هئا ائين چئجي ته لاڙڪاڻي جي ماڻهن جي ڪپڙن جي ميراڻ ۽ غلاظتون به گھاڙ ۾ صاف ٿينديون هيون ته ڪو ڪلائو نه ٿيندو. ساڳي هنڌ ڪپڙن سڪائڻ جي تلن جي اوڀر ۾ هڪ پاڻي جو وڏو ڍورو هو جيڪو هميشه ٽٻٽار هوندو هو جنهن ۾ نهايت خوبصورت ڪنول ۽ للي جا گل ڦٽندا ها جيڪي اهڙي ته خوبصورت سينهري ڪيو بيٺا هوندا ها، جو چئي کڻي بس ڪر. اها کڏ اسان غريبن جي ٻارن جي پيٽ پوڄا جو هڪ سٺو ذريعو هوندي هئي. اهو هيئن جو ڪنورن سان گڏ پاٻوڙا به انهن گلن مان ڦٽي نڪرندا هئا. اسان لڪي ڇپي اتان ڏوڏيون پٽي کائيندا هئاسين. باقي ان جي هيٺين گھرين پاڙن ۾ بهه ٿيندا ها جن تي ٻارن جي ڪا رسائي ڪان ٿي سگھندي هئي. البته للي جي گلن مان ڪُم ۽ ڪوڻيون پيدا ٿينديون هيون جيڪي پٽي ٻار کائيندا هئا ۽ انهن جا هار ٺاهي ڳچي ۾ پائي خوش ٿيندا هئا. ڪوڻيون ڪُم پٽڻ جي جھل پل ڪانه هوندي هئي. باقي ان جي پاڙي ميوي لوڙهن تي ٻارن جي پهچ ڪا نه ٿي سگھندي هئي. ازنسواء جھنگلي کجين مان ڏوڪا يا کارڪون لاهي کائڻ تي به ڪا پابندي ڪانه هوندي هئي.
گھاڙ واهه جي جنهن مسجد جو ذڪر آئون اڳ ڪري چڪو آهيان ان مسجد کان ويندي سرلا ديوي جي اسپتال جي پٺ ۾ وڃبو هو ته هڪ ٻي ننڍي مسجد نظر ايندي هئي. انهن ٻنهي مسجدن جي ڊريگھ ۽ ويڪر ۾ گھاڙ واهه جو جيڪو پيٽو هو سو نه رڳو نهايت خوبصورت ۽ حسين هو پر اهو پنهنجي پيٽ ۾ هزار داستان سمائي پيو رکي. گھاڙواهه جو اهو حصو هڪ وڏو تفريح گاه هو ڇاڪاڻ جو ان جاءِ تي گھاڙ واهه جون ٻئي ڀڪون سهڻي وڻراء جي ڪري نهايت دلڪش ڏيک ڏينديون هيون. گھاڙ جي ڏاکڻي ڪپ جي بلڪل ٽاپ تي ڏهاڪو کن مٺن انبن جا وڻ هئا جنهن کان ٿورو هيٺ ڀرو ڌوٻين جي ڪپڙن سڪائڻ جو هڪ وڏو تل هو جنهن تي ڪمند جي پوٽن ۽ پنن جا ڄڻ ته قالين وڇايل هوندا هئا انهن تلن جي وچ ۾ خود رو ديسي کجين جا ٻه خوبصورت جھڳٽا هوندا هئا. ان وقت تائين اصيل يا ٽوٽو کجي لاڙڪاڻي ۾ ڪانه پهتي هئي. پر انهن کجين جون کارڪون ڏاڍيون مٺيون ۽ لذيذ هونديون هيون. کجين جي هيٺان راڻي باغ جي ڊگھي ديوار هئي. ان وقت راڻي باغ شهر جو نهايت خوبصورت باغ هوندو هو شام و سحر ماڻهو پنهنجو من ريجھائڻ لاءِ هن باغ ۾ ايندا هئا. ڪامي ۽ مزدور ماڻهو پنهنجو ٿڪ لاهڻ لاءِ راڻي باغ جي ٿڌي ڇٻر ۽ ديوي جي وڻن جي ڇانوري ۾ راحت حاصل ڪندا هئا. جيلس بازار ۽ ايمپائر نگار سنيما ڏي ويندڙ ايمپائر روڊ نهايت مصروف هوندو هو. سنيمائن وٽ مٺاين، آئيس ڪريم، پڪوڙا ۽ ٻين کاڌي پيتي جي شين جا دڪان هوندا هئا. علاوه ازين سرائين ۽ گادن جا چانهن جا هوٽل، سگريٽ پان ٻيڙين جون پڙيون ۽ مانڊيون هونديون هيون جن تي صبح و شام ماڻهن جا هشام لڳا پيا هوندا ها. فلمن جا شوقين مارننگ ۽ ايوننگ شو مان نڪرندا ها. انهن مان ٿڪل ٽٽل ۽ گرمي جا سٽيل ماڻهو وڃي راڻي باغ جو پاسو وٺندا ها. باغ ۾ قسمين قسمين گلن جون چڪيون ۽ سهڻا ٻوٽا لڳل هوندا هئا جن ۾ زنبڪ جا خون رنگت مائل ۽ زرد رنگ جا گل باغ کي سهڻو بارڊر ڏيندا ها. وچ ۾ ڪياريون ٻاريون ٺهيل هونديون هيون جنهن ۾ گلاب جا ٻن رنگن ۾ هڪ سرخ گلاب ۽ ٻيو گلابي گل موسم سارو مهيا رهندا هئا. باغ ۾ سدا بهار جا گل جابجا هر وقت هر موسم ۾ موجود رهندا هئا گلن جي ٻين انيڪ قسمن مان رابيل موتيو ۽ رات جي راڻي به باغ جي زينت بڻيل هوندي هوندا هئا. قابل ذڪر ڳالهه هي آهي ته باغ جي بلڪل وچ ۾ حوض هوندو هو جنهن ۾ هر وقت تازو پاڻي رهندو هو مگر ان جي خوبصورتي بالا ڪرڻ جي غرض سان ميونسپل اليڪشن ۾ دلچسپي رکندڙ لاڙڪاڻي جي هر دل عزيز شخصيت فقير محمد انڙ جي باغ جي حوض ۾ اپايل بي پاڙي آڻي وڌي وئي. بس پوءِ راڻي باغ جي ان ڪشادي حوض ۾ ڊيفوڊل جهڙا اڇا گلابي وانڱڙائي ۽ سرخي مائل رنگن جا خوبصورت گل ڦٽي نڪتا مگر انهن انگريزي گلن هڪ لحاظ کان لاڙڪاڻي جي ڪلچر ۽ تهذيب جو تابوت تيار ڪيو. اها خوبصورت بي پاڙي ٻوٽا ڪڍي ڪنهن نا هنجار گھاڙ واهه جي اڇي اجري پاڻي ۾ ڦٽا ڪيا. انهي بي پاڙي کي سنڌوءَ جو آب حيات نصيب ٿيو ته ڏينهن رات ضربيان ضرب ٿيندي وئي ۽ اسان جي ئي جوڀن ۾ ڏسندي ڏسندي مندر کان مسجد تائين گھاڙ کي ائين ويڙهي وئي جيئن سائي وڻ کي موت مار پيلي وڻ ويڙهي ويڙهي ويندي آهي نيٺ ان بي پاڙي نانگ ڦڻ وڃي پير شير جي حدن تائين قبضو ڪري ورتو. زماني جون گردشون ماحول جي گدلاڻ ماڻهن جي بدفضيلتي، ڌوڙيا هوائون، مٽي جا طوفان انهن سڀني گڏجي لاڙڪاڻي جي سهڻي تهذيب بخشيندڙ گهاڙ واهه جي رڳن مان سڄو ساهه ڪڍي ڇڏيو ۽ سمورو گھاڙ ان بي پاڙي سان لٽجي ويو ۽ ڀر پاسي جي ڳوٺن مان ٻيڙين رستي ايندڙ مال جيلس بازار ۾ اچڻ بند ٿي ويو. ان گھاٽي ڄار ٺاهيندڙ بي پاڙي هيٺ پاڻي ۾ پاڻي واتڙا نانگ، ڪرپچو زهريلا اڪ ٽٽيڙا، بگس، ڪميون، ڪڇائون ۽ ٻيا انيڪ جيت جڻان پيدا ٿي پيا جيڪي تڙن تي ڪپڙا ڌوئيندڙ ڌوٻين لاءِ هڪ عذاب پڻجي پيا ان عذاب کان ڪيترا ڌوٻي گھاٽ ڇڏي ويا ۽ پنهنجي گهرن ۾ يا پلاٽ وٺي انهن ۾ ڌوٻي گھاٽ قائم ڪيائون. اهڙي طرح ساليانو جيڪو مڇي مارڻ لاءِ ٺيڪيدار مهاڻا وڏا ڄار وچ واه ۾ هڻندا ها تن جي ڪاروبار کي به ڪاپاري ڌڪ لڳو، جنهن ڪري لاڙڪاڻي جي سماجي حالتن سان گڏ معاشي حالتن تي منفي اثرات مرتب ٿيا. بي پاڙي گھاڙ واه جي سڄي مٿاڇري تي مڪمل قبضو ڪري ورتو.
زماني جي هلت ماڻهن جي ابتي چال چلت ۽ وقت جي ڦيرين گھيرين جي نتيجي ۾ لاڙڪاڻي شهر ۾ قبضي مافيا جنم ورتو. پبلڪ پراپرٽي ۽ هندن جي ڌرمائو ملڪيتن تي پهريون گھاڙ واهه تي اڏيل تاريخي پل جي هيٺان مندر کان قبضو شروع ٿيو. پهريان مندر جي حد تي قائم ديوار لڳ ميدان تي هڪ بروهي مينگل گھاڙ واهه جي پيٽ تي قبضو ڪري ڪتر جي مشين لڳائي پوءِ مٿي مندر جي آڳر کي ڳڙڪايو ويو ۽ ڏسندي ڏسندي نيٺ سڄو مندر ميخانو بڻجي ويو. مندر کان ميونسپل اسپتال جي آخري ڇيڙي تائين گھاڙ واهه تي ٻئي ٻنڌيون ٻڌيون ويون انهن ٻنڌين ۾ هڪ وڏي ٻنڌ باقاعدي رستي جيتري هئي جيڪا شاهه بهاري جي مقبري ڏانهن ٿي وئي. ائين پبلڪ ۾ ويو سرڪاري املاڪن تي قبضي جو رجحان وڌندو. چڱي وقت گذرڻ بعد شهر جي مضافاتي ڪچن گھرن ۽ ٻهراڙين کان لڏي ايندڙ بي گھر ماڻهن گھاڙ واه کي مٽي سان لٽڻ شروع ڪيو. انهن بي گھر ماڻهن پهريون ڪچا گھر ۽ جھوپڙا اڏيا تنهن کان پوءِ آهستي آهستي اهي سڀ ڪجھ پڪين جاين ۾ تبديل ٿي ويا. وڌندڙ قبضي جي رجحان ۾ 1970ع کان پوءِ وڏي تيزي آئي رائيس ڪينال جتي وڃي گھاڙ هڪ واهي جي صورت اختيار ڪندو هو ان جاءِ کان ڪليڪٽر جي بنگلي تائين سڄي گھاڙواهه جي پيڻي جي سموري زمين تي هڪ وڏو ڌاڙو هڻي ڏينهن ڏٺي سياسي وابستگي واري قبضي مافيا بيهي قبضا ڪرايا جنهن کان پوءِ گھاڙواهه جو سڄو پراڻو ٻيٽو قبضي هيٺ اچي ويو. لاڙڪاڻي جو اسٽيڊيم ۽ پراڻو بس اڏو جتي قبضي کان علاوه ماڻهن پنهنجيون زمينون به وڪيون. جنهن سبب هڪ نئون شهر ٻڌجي ويو. قبضي مافيا ته آهي ئي ظالمن جو ٽولو پر سرڪار ۽ نيم سرڪاري اداري ميونسپل ڪارپوريشن ڀي گھاڙ واهه جي غرق ٿيندڙ وجود تي پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون. اهڙي ريت اڄ گھاڙ واهه تي بهارپور ڳوٺ جي آخري حد قبرستان تائين ۽ شهر لاڙڪاڻي جي گول جي آخري حدن تائين گھاڙ واهه جو ڪو نالونشان ڪونهي ۽ ان جو مڪمل انت اچي ويو آهي.
گھاڙ واهه جي جنهن حصي جي خوبصورتي جو ذڪر مون مضمون جي ستين حصي ۾ ڪيو هو ته گھاڙ واهه جي ٽاپ تي انبن جا ڏهاڪو کن وڻ هئا جيڪي وقت گذرڻ کان پوءِ اُهي تعداد ۾ گھٽجندا پئي ويا. ساڳي جاءِ تي زمين ۾ ڌوٻين جا وڏا ڪونر کتل هوندا هئا واهه ۾ هيٺ ڀرو ڪپڙن ڌوئڻ جا ڦرها هوندا هئا سي پڻ پاڻي ۾ کتل هوندا هئا. گھاڙ واهه جي ان ٽڪري جو ذڪر ان ڪري ڪرڻو پيو آهي ته آخري انب جي وڻ کان تقريبن چاليهن فٽن تائين اولھ طرف واهه جي ٽاپ هيٺ پٿرن جي هڪ ديوار هوندي هئي جيڪا منهنجي يادگيري موجب گھاڙ جي مٿاڇري کان به فٽ کن پاڻي ۾ هيٺ رهندي هئي جڏهن پاڻي ٿورو گھٽ ٿيندو هو تڏهن اسان تري وڃي ان پٿرن جي ڀت تي ويهندا ها سي. اصل ۾ گھاڙ جي هن حصي تي هڪ نامياري هندو شاعر ۽ صحافي تولارام عاجز 1914 ۾ لهي پنهنجو انت آندو هو، هو ڪهڙي سبب پاڻي ۾ الوپ ٿي ويو هو. ان جي اهڙي انت پرڪار کي مشاهدي هيٺ آڻي چئي سگھجي ٿو ته انهي جاءِ تي ڪو نه ڪو اسرار هوندو هو جنهن کي سوچڻ سمجھڻ جي ضرورت آهي صحافي ۽ شاعر جي الوپ ٿيڻ واري صحيح جاءِ جي خبر چار ناهي ته هو ڪٿي ٻڏي مئو. ڳالهه ٿي ڪيم پٿرن جي ديوار جي، مان تارو به ڀلوڙ هوس ٽٻي هڻڻ ۾ ساهي به چڱيرڙي هوندي هئي سو هڪ ڀيري ان پٿر جي ديوار کان گھاڙ جي تري ۾ هليو ويس. زمين تي هٿ وڃي ڪنهن شي کي لڳو ٻاهر کڻي اچي ڏٺم ته ڳاڙهي رنگ جي ڪپڙي ۾ لوٽي ويڙهيل هئي مونکي خوف جاڳيو ته هي الائي جي ڇا آهي. چئو طرف ڌوٻين جا آواز ۽ انهن جي موجودگي ڪري ٻار هوس سو اڃا وڌيڪ خوفزدہ ٿي ويس تنهن ڪري ڪپڙي ۾ ٻڌل لوٽي سميت گھاڙ جي پرين ڀڪ هليو ويس ٻي پاسي کارڪن ۽ زيتونن جا باغ هئا ان ڪناري تي اڪثر خاموشي هوندي هئي اتي وڃي تسلا سان مگر وڏي مشڪل سان اهو سڪ ٻڌل ڪپڙو کولي سگھيس ته تجسس جو سڄو معامرو اڳيان هو. مٽي جي لوٽي اندر هٿ گھمائي ٻاهر ڪڍيم ته هٿ ۾ برطانوي دور جا ٻٽي سڪا هئا جن سان گڏ ٻه ٽي ٽڪر ناريل جا ۽ ڪجھ هيڊي ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا سڳا ۽ هڪ سوني منڊي هٿ آيا انهن شين کي ڏسي پهريان ته ڪجھ خوفزده ٿي ويس. بهر حال لوٽي ۽ ڪپڙي کي اتي ڇڏيم باقي مفت متاع کڻي گھر هليو آيس ۽ اچي هڪ فونو گرام جي هيٺين خاني ۾ لڪائي ڇڏيم. ان سين ڊراپ ٿيڻ بعد ٻٽي ڀيرا وري ان ڪم سان لڳو پيو هوس ۽ هر ڀيري سڪا، ناريل ۽ سڳا ڌاڳا ملندا هئا مگر ماجرا سمجھ ۾ اچي ويو ته اتان جيڪي شيون لڀن ٿيون سي سڀ شمشان گهاٽ جون آهن. منهنجو پي هڪ سخت مزاج ماڻهو هو تنهنڪري مان منجھائيندڙ ڳالهين کي پنهنجي چاچي غلام حسين کان سلجھائيندو هوس ڳالھ گول مول ڪري واقعي جي ٽاڻن ۾ ڦير گھير آڻي کائنس معلوم ڪيم چاچي ٻڌايو ته پاڪستان ٿيڻ کان اڳي هندو پنهنجي سڙيل ڀسم ڪيل مردن جي خاڪ مٽي جي لوٽي ۾ وجھي ان سان گڏ ڪجھ شيون ۽ گل گڏي اچي گھاڙ واهه ۾ لوڙهيندا هئا ائين هو پنهنجي پر ۾ مردي کي ٿڌو ڪندا ها ۽ سمجھندا ها ته درياءَ شاهه جي پاڻي ۾ مردي کي مڪتي ۽ شانتي نصيب ٿيندي.
مون سان هڪ ٻيو واقعو به ان ساڳي تڙ تي پيش آيو جنهن کي سڄي عمر وساري نه سگھيو آهيان. گرمي جي موسم ۾ هڪ ڀيري مان ۽ منهنجو نالي ڪوٺيل سوٽ چاچي خدابخش سومري جو پٽ عبدالستار جيڪو ڀاءُ بشير احمد شاد جو ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ ڪلاس فيلو رهيو هو سو عمر ۾ ٻه سال کن مون کان وڏو هو. سو اسان ٻئي گڏ گھاڙ واهه ۾ پيا تڙڳيا سي هنڌ اهوئي ساڳيوئي پٿرن جي ديوار وارو هو. پتو ناهي ڪيئن خيال آيو جو مون هڪ وڏو پٿر هٿ ۾ کڻي ستار کي چيو هڻان هڻان. هن رڙڪري چيو ته پري ڪر پري ڪر مون ڄاڻي واڻي هن جي مٿان اهو پٿر اڇلايو پٿر لڳڻ سان ئي هو پاڻي ۾ هيٺ هليو ويو منهنجيون وايون بتال. ڪناري تان ڳوڏ هٿ ۾ کڻي مون راڻي باغ ڏانهن رخ ڪيو. گھر ۾ هڪ اونداهو ڪمرو هو جنهن تي ڪاٺ جي ڏاڪڻ رکيل هوندي هئي مٿي ڇپٽي هئي دراصل اها جاءِ گھر جو اسٽور هوندي هئي جنهن ۾ پراڻي ڀڳل کٽ ۽ پاوا ۽ ٻيو ڪاٺ ڪٻاڙ رکيل هو. مان هن ڇپٽي ۾ وڃي لڪي ويهي رهيس. ڪلاڪ کن گزريو گھر ۾ شور ٻائيتال مچي ويو. ڪاٿي آتنهنجو پٽ غلام رسول گھر جي پڌر ۽ چاچي خدا بخش ۽ ستار جي والده جنهن کي مان پُڦي سڏيندو هوس، تنهن جون رڙيون پيون پون اهو تنهنجو پُٽ ستار کي مٿي ۾ پٿر هڻي ڀڄي ويو آ- اسان جو ڇوڪر خونم خون لڳو پيو آ، ست ٽاڪا آيا آٿس، اسپتال ۾ آ وغيره وغيره، امان کي خبر هئي ته ڪٿي لڪيو ويٺو آهيان، مگر هو خاموش رهي چاچي وارن کي ايلاز منٿون معافيون شربت پياري پکو جهلي ٿڌو ڪيائين جي گهر ۾ بابو هجي ها ته منهنجا هڏ گڏ ضرور ڀڄن ها.
گھاڙ واهه سان منهنجيون روح ررهاڻيون پراڻيون آهن ساڻس من جون لڳل ميخون به پراڻيون آهن. مان هن جي هنج ۾ ايئن جھولا ۽ لوڏا کاڌا آهن جيئن ماءُ جي هنج ۾ لوڏا کائبا آهن هن جي بيدرد وجود جي آڙ ۾ اچي سر جون سٽون ۽ وڏا ڌڪ به سٺا آهن هن جي ڇاتي تي ٽي ڀيرا اهڙو ڪريو ۽ لڙهيو آهيان... جي قادر ڪريم ڪپڙي ۾ ڪڻان سرس نه رکي ها ته ڪڏهوڪو مڻين مٿي هيٺ لٽيل هجان ها. تو ڪيئن ڀڳي منهنجي ٻانهن گھاڙ. توتي ڏيندس دانهن ڏينهن قيام جو. سچ پچ مسئلو ڪو جذبات جي اظهار جو ناهي پر معاملو محبت جو آهي ۽ معامرو حقيقت جو آهي. هي تاريخي مواد آهي ڪو افسانو ناهي جو ان ۾ افسانوي رنگ ڀرجن. اسان جڏهن گھاڙ جي ٻي ڀر رهندا هئاسين ته اسان جي گھر جي سامهون واهه جي ڪپ مٿان هڪ ننڍي مسجد ٺهيل هوندي هئي بلڪل مندر جي آمهون سامهون. جڏهن مندر ۽ مندر سان لڳ جاءِ ۾ رهندا هئاسين تڏهن منهنجي ڀيڻ ۽ مان سرهيا پڌر لڳ وڏي مسجد واري گھٽي ۾ لاڙڪاڻي جي جڳ مشهور پڪوڙائي پارو مل کان پڪوڙا وٺڻ ويندا هئاسي ڇاڪاڻ جو پارو مل جا پڪوڙا بابا سائين کي وڻندا هئا. ڪچوڙيون پٽاٽن ۽ مرچن جا پڪوڙا ڀور سميت ڳنهي جڏهن گھر موٽيندا هئاسي ته دوني ۾ بند پڪوڙن کي گھر تائين سنگهندا ايندا هئاسي جيتوڻيڪ اها عادت ڪڌي هئي پر پوءِ به پڪوڙن جي لذت پري سرهاڻ کي گھر تائين واري وٽي سان سنگهندا ايندا هئاسي.
خبر ناهي ته پڪوڙا وٺڻ وياسي يا جيلس بازار مان ڀاڄي. آءُ ڀيڻ کان هٿ ڇڏائي هميشه ائين ڪندو هوس جو پل جي ديوار جيڪا تقريبن چار ڦٽ ويڪري هئي ان مٿان هلندو هوس ڊڪندو هوس ته مزو ايندو هو حرڪتي ٻارن جا اهي ئي ته پرڪار هوندا آهن. پل جي ديوار تي هلندي ياد ناهي ته پير ڪيئن تڙڪيو ۽ مان پل جي وچ وارن دروازي جي هيٺ پٽ تي وڃي ڦهڪو ڪيم. ڀانيان ٿو ته پل جي ديوار ۽ پٽ جي وچ ۾ ارڙهن ڦٽن جو فاصلو هو. پل مٿان اديءَ جون رڙيون ڪوڪون ڪن پون پيون. رب ستار جيدان ڏنو بچي ويس پر کٻي ٻانهن ڪرائي کان ڀڄي پئي. ان وقت پل جي هيٺان جوشي چانور سڪائڻ وارا مزدور ڪم پيا ڪن جن کڻي مون کي گھر پهچايو. ڀانيان ٿو ته گھڻا ڌڪ ان ڪري نه آيا جو جوشي ساريون سڪائڻ جي ڪري پٽ جي زمين نمشده، اسپئجي ۽ نرم هئي. ان زماني ۾ علاج ڪهڙو هو گجڻ پور جي ڪنڀر کان ترن جي تيل جي مالش ٿي ۽ ڪاٺي جون چپڙيون چڙهيون. مهيني ڏيڍ ۾ ٻانهن ٺهي پر معمولي ٽيڏ سبب ڪرائي جي هڏي ٿورو ٻاهر ڀرو ظاهر ٿي پئي جيڪا اڄ به آهي.
پروفيسر ڊاڪٽر محمد صالح سومري جي والد محترم هدايت الله سومري جي ڪوشش سان منهنجي پي ۽ چاچي غلام حسين جي وچ ۾ ٺاهه ٿيو ته اسان گجڻ پور ڇڏي علي گوهر آباد اچي رهياسين مگر شاهه بهاري لڳ ڀٽن جي ڳوٺ واري اسڪول ۾ جو آئون پهريون درجو پڙهندو هوس تنهنجو ڪو سرٽيفڪيٽ نه ملي سگھيو، ان جو افسوس آ. علي گوهر آباد ۾ منهنجي ڀيڻ ۽ مان وري پهرين درجي ۾ داخل ٿياسي. هاڻي هي چوٿون ڀيرو هو جو آءُ پهريون پرائيمري سو به ڪچو پهريون پڙهڻ شروع ڪيو پهريون ڀيرو جتي مان ڄائس يعني سکر بيراج ٽائون شپ جي معروف ايليمينٽري اسڪول ۾ پڙهيم. ٻيو دفعو ڪنگن جي اسڪول ۾ ٽيون ڀيرو شاه بهارو ۾ ۽ هي علي گوهر آباد جو اسڪول چوٿون دفعو ٿيو. بابا سائين جڏهن به ڪپڙا ڌوئڻ گھاڙ تي ويندو هو مونکي ساڻ وٺي ويندو هو. شايد هن طئي ڪري ڇڏيو هو ته آئيندي جي زندگي ۾ مونکي هن سان ٻانهن ٻيلي ٿي بيهڻو آهي. ياد نٿو اچي ته هن ڪڏهن مونکي پنهنجي هٿن سان ڪنهن به اسڪول ۾ داخل ڪيو هجي. جيتوڻيڪ پاڻ ست سنڌي ۽ مدرسي جي چڱي تعليم حاصل ڪيل هئس حساب ڪتاب جو به پڪو هو. ڪتاب ڦر ڦر پڙهي ويندو هو.
اکر نهايت سهڻا موتين جھڙا لکندو هو، زندگي کي سمجھڻ لاءِ مونکي اڪثر ڪهاڻيون، افسانا ۽ تاريخي شخصيات جا قصا بيان ڪندو هو. حميده جي وڃايل هار وارو افسانو لارڊ ڪلائيو جي مڪمل جوجھاڻيندڙ زندگي جي ڪهاڻي ۽ بادشاه تيمور لنگ جي جدالي ۽ جدوجھد جا قصا هن منهنجي ذهن ۾ اوتيا هئا آئون به هن جي مقصد مطلب کي آڏو رکي پنهنجي زندگي جو آڏاڻو اڏيندو رهيو آهيان.
علي گوهر آباد ۾ بابا سائين پنهنجي هٿن سان مون کي گھاڙ واهه ۾ ترڻ جون سڀ مهارتون سيکاريون. هو اڪثر مونکي پنهنجي پٺيءَ تي چاڙهي گھاڙ ۾ تڙڳائيندو هو. 1955_1956ع جو زمانو هو، جون جولاءِ جي گرمي جا ڏينهن ها آئون پاڻ هرتڙو گھاڙ ۾ تڙڳندو ڪجھ اڳتي نڪري ويس هيٺ ٽٻي هيم ٻاهر نڪرڻ ۾ پل ڀر دير ٿي پئي گوتا آيا، کنگهه، رڙيون، تارا ٻاهر نڪري آيا پر اک ڇنڀ ۾ بابي اچي ٻانهن کان جھليو. اهو ٻيو ڀيرو هو جو گھاڙ واهه جي پيٽ مان بچندي مونکي نئين زندگي ملي.
1956ع ۾ چار پرائمري پاس ڪري مان ميونسپل هائي اسڪول ۾ فرسٽ اسٽينڊر ڪلاس ۾ وڃي داخل ٿيس. مگر پڙهڻ تي منهنجي دل ڪانه ورندي هئي ۽ نه وري بابي سائين کي مون کي پڙهائڻ ۾ ڪا خاص ڪا دلچسپي هئي. بس امڙ جا خواب هئا ته پٽ پڙهي ڪلارڪ ٿي ۽ ڪو ٿڌي ڇانو ۾ ويهي. علي گوهر آباد جا ٻار شرارتن ۾ ڪجھ سرس هوندا هئا. منهنجو به گھاٽ گھاٽ جو پاڻي پيتل هو سو انهن جي رنگ ۾ رنگجي ويس. سامٽيا روڊ تي اسان جو گھر هو. گھر جي ڀرسان چونڪ تي هندن جي ڇڏيل هڪ وڏي پلاٽ ۾ ان پيهڻ جي مشين لڳل هئي پر خراب ۽ بند حالت ۾ هئي ان جي پٺيان جوشي چانور جا ڪارخانا هوندا هئا جيڪي پير شير روڊ تائين هئا انهن ڪارخانن جي پٽن تي ٻه وڏا کوهه هئا. جڏهن آبڪلياڻي جي مند ۾ گھاڙ چڙهندو هو ته کوهن جو پاڻي ڪنارن تائين اچي بيهندو هو ان وقت اسان حرڪتي ٻار سڄو ڏينهن کوهن ۾ پيا تڙڳندا هئاسي. اسانجي شرارتن جو دائرو گھڻو وسيع هوندو هو کوهن مان دل ڀرجي ويندي هئي ته وري وڃي گھاڙ ۾ ڪرندا هئاسي. رات جو چانڊوڪين ۾ به گھاڙ واهه ۾ ننڍين ٻيڙين ۽ بتيلن تي جيڪي ماهيگير ۽ مهاڻا ٻوڙن جي اوٽ ٻڌي ويندا هئا سي کولي راڻي باغ آڏو ڀر تي بيٺل انبن جي وڻن کان بمبر تائين پيا سير سپاٽا ڪندا هئاسي. انگريز سرڪار جي قائم ڪيل امن امان جا اثرات اڃا باقي هئا. ڦر لٽ اغوا قتل و غارت گري ڇا ٿيندي آهي ان جي اسان کي ان زماني ۾ ڪا سڌ هئي ۽ نڪا خبرچار. بتيلو کولي گھاڙواهه جي پرين ڀر ڀٽن جي ڳوٺ شايد حبيب الله ڀٽو ڳوٺ کان سنڍن وارو ونجھ هڻندي جيئن گھاڙ ڀڪ کان پري ٿيس ته نه ڄاڻان ڪنهن سبب بيلنس آئوٽ ٿيو ۽ بتيلو اونڌو ٿي پيو. آئون اهڙي قسم جون حرڪتون ۽ غلطڪاريون احمد سومري پٽ غلام رسول ڪلوٽ ۽ عبد الوهاب سومري جنهن جو استري جو دڪان سرهيا پڌر تي پارومل پڪوڙائي جي دڪان سان لڳ آهي سان گڏجي ڪندو هوس پر هن ڀيري هي ڪم اڪيلي سرانجام ڏنم بهرحال ڀر تان هڪ همراه ڊوڙندو آيو ۽ اچي مونکي ٻڏي مرڻ کان بچايائين به چار سٺا گوتا آيا چڱي مهل کان پوءِ هوش آيو ته همراه پادر ۾ هٿ وڌا. ڪنهنجي اجازت سان تو منهنجي ٻيڙي کولي اهو چئي چونڪ جوتن جي جوڙي وهائي ڪڍيائين. خوشقسمتي سان هي ٽيون ڀيرو هو جو آءُ گھاڙ واهه ۾ پساءُ ڏيڻ کان بچي ويس.
محققن جي تحقيقات جو نچوڙ جيڪو اسان طالب علمن وٽ پهچي ٿو تنهن جي بنياد تي هي ڳالھ سامهون اچي ٿي ته ڪلهوڙن جي دور کان گھڻو اڳ ڪنهن سمي سنڌو ندي جي پائڻ ڪري ڪناري تي ناقابل برداشت زور پيو هوندو جنهن سبب ڪو قدرتي ڦاٽ کلي پيو هوندو جيڪو درياءَ جي ڪک کان پير شير واري علاقي جي اتر اولھ ۾ ماهوٽن ۽ نئين ديري طرف هڪ ننڍي واهه جي صورت اختيار ڪري وهڻ لڳو هوندو. ان قدرتي عمل جي واقعي جي تاريخ ۽ ان جو زمانو گھٽ ۾ گھٽ متعين ٿيل به منهنجي نظر مان گذريو ناهي. 1964_1965ع ڌاري گھاڙ واهه جڏهن پير شير جي اتر ۾ مير بحرن (جنهن ۾ مسٽر محمد صيفل ۽ منهنجو ٻيو هم ڪلاسي ماهر ڊانس ڪلاڪار ڊراما آرٽسٽ رهندا هئا محمد صيفل نهايت اورچ شاگرد هو انگريزي مادري زبان وانگر ڳالهائيندو هو) جي ڳوٺ وٽان پاڻي ڪافي ويڪرو ٿي لاڙڪاڻي شهر جي وچ مان وهندو هو. تازو پروفيسر غلام حسين ڪٽپر پنهنجي تحقيقي نوٽ ۾ لکيو آهي ته گهاڙ واهه پراڻي دور ۾ مديجي ڀرسان ڳوٺ مرزاپور وٽان سنڌو درياءَ مان ڦاٽ جي صورت ۾ نڪرندو هو ۽ ڳوٺ وهي بهڻ، دارا، ڀونيٽ پور، ڦل پوٽا، نئون ديرو، پير جو ڳوٺ ۽ ماهوٽا کان ٿيندو لاڙڪاڻي جي وچ مان گذرندو هو. ياد رهي ته جنهن وقت جي گھاڙ واهه جي آئون ڳالھ ڪري رهيو آهيان ان وقت رڳو گھاڙ واهه رڳو نالي ماتر واه هو. مگر ان جي حقيقي صورت حال هڪ ڍنڍ يا جھيل جھڙي آهي جنهن ۾ درياهه مان ڪنهن صورت ۾ رڳو پاڻي ڀرجي ٿو مگر کيس پنهنجو ڪو وهڪرو ڪونهي. پير شير کان مٿي اوڀر ۾ شايد گھاڙ واهه اتر اوڀر ۾ ڪيترو اڳتي هوندو هو. منهنجي ناقص راءِ موجب جيئن درياهه تائين گھاڙ واهه جي اصلي حقيقت کي سمجھڻ اڃان تحقيق طلب ميٽر آهي.
اسان جي ٻاروتڻ واري زماني ۾ سانوڻ جي مند ۾ محمد صيفل جي ڳوٺ وٽان انبن ۽ کارڪن ۽ سياري جي مند ۾ زيتونن ۽ ڀاڄين جون ٻيڙون ڀرجنديون هيون. ٿورو اڳتي بهارپور ڏي هلندي گھاڙواهه جتوئن جي هڪ ننڍي ڳوٺ (جنهن ۾ اسان جو دوست قادر بخش پليو وڏو ٿيو ۽ اسلام قبول ڪيائين). وٽ نهايت سهڻي بيهڪ سان هڪ شاندار نظارو پيش ڪندو هو. ڏکڻ طرف ايندي ڳوٺ بهار پور جي سامهون گھاڙ واهه جي ٽاپ جي هيٺان هڪ ڪريڪ نڪتل هئي ٽاپ تي ننڍڙي پل ٺهيل هوندي هئي جنهن کي وڏو بمبر سڏبو هو بمبر جي اها شاخ وڏي اهميت واري هئي. بهار پور جي سهڻي وڻڪار انيڪ قسم جي ميون جي باغن جو باقاعدي وسيلو اها شاخ هئي جنهن جي اوڀارين پاسي نظير حسين ۽ اختر حسين ميراڻين جي وڏن جا کارڪن، گلن، ڀاڄين، ڪيلن ۽ ڪمند وغيره جا باغ هئا (استاد نظر حسين ميراڻي به انهن باغن ۾ ميونسپل هائي اسڪول جي هيڊ ماسٽر احمد بشير کي وهين جو شڪار ڪرائيندو هو) هن علاقي ۾ ويندي بهار پور ڳوٺ تائين ٻين ڀٽن زميندارن جا به ڪيترائي باغ هئا جن ۾ انب زيتون کارڪون ويندي ڊاک ۽ انگور به پوکيا ويندا هئا. ساين ڀاڄين ۽ گلاب جي گلن جي پيداوار جو ته هي علاقو ڳڙهه هوندو هو. پهرين وڏي بمبر کان سئو ڏيڍ ميٽر اولهه طرف هڪ ٻئي ننڍي بمبر جي شاخ نڪرندي هئي جيڪا ڏکڻ پاسي قاضي هدايت الله جي باغ وٽان گزرندي هئي. قاضي جي باغ ۾ زيتونن، انبن جي وڻن کان علاوہ ڪيلن ۽ گلابن جي گلن جا ٻوٽا لڳل هوندا هئا (قاضي ھدايت الله جو فرزند ضمير احمد اسان جو هم ڪلاسي دوست هو) ان کان پوءِ سرائي ٺاري خان کهاوڙ جي انبن کجين ۽ ڦارون جي باغن جو سلسلو هو. جيڪو اسانجي گھرن تائين پکڙيل هئو. ننڍي بمبر وري اها اهم شاخ مراد واهڻ ۽ دريش واهڻ جي ڳوٺن جي گرد و نواح کي آباد ڪندي ڪرما باغ (پراڻو اصلوڪو نالو ڪرمچند گانڌي باغ) کان ٿيندي اڳتي شمشان گھاٽ ۽ ڪوس گھر جي بغل کان نڪري وڃي ابوبڪر مقام کڻندي هئي.
لاڙڪاڻي شهر جي گول واري حد کان ڳوٺ بهارپور واري قبرستان وٽان ڪچي سڙڪ تان لنگھي گھاڙ واهه جي ٽاپ تي چڙهي نظارو ڪبو هو ته حد نگاهه تائين پکڙيل ساوڪ واري قدرتي منظر کي ڏسندي اکيون ٿڌيون ٿي پونديون ۽ انسان جي دل ٺري پوندي. هن جاءِ جو جيڪو حسن منهنجي هن اکين گذريل ٽيهن سالن 1960_1990ع تائين لڳاتار ڏٺو آهي تنهن کي قلمبند ڪرڻ مون جھڙي ڪوري ليکڪ جي وس ۾ ناهي. اهو ڪم نه رڳو ڏکيو آهي، بلڪ ناممڪن پڻ. ان لاءِ جھانديد و جھانگشت عالم گھرجن. اهڙا شارح و شاعر کپن جن جا گلستان و بوستان جا قصا پڙهيل هجن اهڙا عالم ۽ فقيھ کپن جن جي قرآن فهمي اهڙي هجي جو هو مالڪ جهان جي مفصل بيان ڪيل جنتن. جنتن جي حسين و جميل باغن ۽ باغن جي هوش ربا انهار ۽ انهار جي شفاف ترين پاڻين جي اذڪار و مفهوم کان واقف هجن. جنت جي ميون جي نفاست ميون جي مٺاڻ انهن جي لذت ۽ سرهاڻ کي پنهنجي محاقاتي علم جي روشني ۾ هوبهو جيئن جو تيئن بيان ڪري سگھن ۽ جنت جي گلن ٻوٽن ۽ شجر اشجار جو جھڙو جو تهڙو نقشو پيش ڪري سگھن.
گھاڙواهه پنهنجي حقيقي بربادي کان پوءِ به هڪ حسين و جميل ڍنڍ (جھيل) جي روپ ۾ اسان کي لاڙڪاڻي جي گول واري پوائنٽ کان اڳتي سرندو سرلا ديوي واري ميونسپل آفس جي اتر اوڀر تائين پکڙيل نظر ايندو هو. لاڙڪاڻي جا اڃا به ڪيترا جھونا ساڃاهه وند مانجھي مور محبوب محبتي پارکو جھانديده حيات آهن جن جي اکين مان اهي حسين منظر اڃا اوجھل نه ٿيا هوندا. ڇاڪاڻ ته گھاڙ واهه جي باقاعدي تاريخ قلم بند ٿيل ڪانهي. مگر ضلعي لاڙڪاڻي جي عالمن اديبن ۽ تاريخ نويسن تاريخي تناظر ۾ سرسري طور گھاڙواهه جو ذڪر ضرور ڪيو آهي.
گھاڙ واهه جي جنهن اهميت واري حصي جو ذڪر ڪريان ٿو تنهنجي ٻنهي ڪپن تي ڪجھ جاين تي وڏي قطر وارا کوهه هوندا هئا جيڪي خاص طور زراعت جي مقصد لاءِ کوٽيل هئا. سمورن کوهن تي نار سسٽم ذريعي پاڻي ڪڍي زمينن ۽ باغن کي آباد ڪيو ويندو هو. هن ڳالھ کي سمجھڻ آسان آهي ته آخرڪار گھاڙ جي ڀڪن تي ڪهڙي سبب نهري نظام سان گڏ ناري نظام به قائم ۽ رائج هو. جڏهن ته سموري انگريزي دور ۾ گھاڙ واهه جي ٻنهي ڪنارن تي زمينن توڙي باغن جي آبياري لاءِ بمبرن ۽ واهين جو هڪ مربوط نهري نظام به موجود هو. ميراڻي دور ۾ به گھاڙ ڀريو تريو وهندو هو ۽ لاڙڪاڻي جون زمينون آباد هيون چئو طرف خوشحالي هئي ان دور جو معروف محاورو ”هجئي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو، نه ته گھم ويڳاڻو“. معرض وجود ۾ آيو. وڏي ڳالهه ته درياهه باشاهه کي به 1932 کان اڳ تائين لائيڊ بيراج ٻڌل ڪانه هئي ۽ جاڏي ڪاڏي ڇُڙيو پاڻي عام جام هو ۽ ان زماني ۾ گھاڙواهه جو طاقتور وهڪرو جاري و ساري هو ان معاملي جو هڪ ئي سو به ٿورو ڪمزور سبب نظر اچي ٿو ته لاڙڪاڻي جي خوشحالي ۽ گھڻ اپت پيداواري انگن ۽ آڪڙن کي آڏو رکي چئي سگھجي ٿو ته سياري جي مند ۾ درياهه ۾ گھٽ ڪوانٽم ۾ پاڻي جي آمد سبب زمين جي پاڻي جي ليول ضرور زير زمين ٿيندي هوندي جنهن ڪري زير زمين پاڻي جي ذخيري کي نارن جي ذريعي ڪڍي زمينون آباد ڪيون وينديون هيون.
علي گوهر آباد لاڙڪاڻي جو هڪ مشهور و معروف پاڙو رهيو آهي ۽ گھاڙ واهه جي آباد ۽ خوبصورت حصي ۽ محل وقوع تي آهي. سن پنجونجاهه ڇاونجاهه ۽ ان کان پوءِ به ڪي سال علي گوهر آباد جي ڀر وارن باغن ۽ زمينن ۾ قائم کوهن ۽ گھرن جي کوهين جو پاڻي موسم سرما ۾ ڏهن فٽن کان ويهن فٽن تائين هيٺ هليو ويندو هو مگر ساوڻ ۾ چاڙهه ڪري ٻاهر نڪري ايندو هو. يا گھٽ ۾ گھٽ ايتري حد تي ايندو هو جو کوهين مان گھر جون خواتين هٿ سان باٽليون ڀري پاڻي گھر جي استعمال هيٺ آڻينديون هيون ۽ اسان پاڙي جا ٻار وهنجڻ لاءِ کوهن ۾ لهي ڪونه ويندا هئاسين بلڪه مٿي ڪنارن تي ترندا هئاسين.
لاڙڪاڻي جي خوشحالي سبب گھاڙ واهه جي ان اهم ٽڪري جي واتاورڻ ۾ ڏکڻ پاسي ميرن جي دور ۾ جڏهن لاڙڪاڻو آسودگي ۾ گھڻا ڏاڪا مٿي هو تڏهن عيش گھر قائم ٿيا. ميرن کي جڏهن گھر مان لڳي ۽ سيٺ نائون مل به سازشن جو ڄار وڇايو ته انگريز ڪمپني سرڪار به ميراڻي صاحبي جا پير ڪڍڻ لاءِ ڪاروايون شروع ڪري ڏنيون. نتيجي ۾ نيٺ ميرن جي حڪومت جو انت ٿيو ميرن جا تخت قلعا برباد ٿيا ۽ انهن جو سمورو مال متاع برطانيا کڄي ويو. ان جا منفي اثرات سڄي سنڌ تي پيا هوندا ان کان ڪو انڪار به ڪري نٿو سگھي ته ڳوٺ بهارپور جيڪو گھاڙ واهه تي قائم ميراڻي دور جو بهترين ڳوٺ ۽ ڪچو قلعو هو سو بارود ۽ فوجي چونڪيون سميت تحس نحس ٿي ويو. اهڙين بربادين کي ڏسي نتيجو ڪڍي سگھجي ٿو ته گھاڙ واهه تي اڏيل عيش جو اڏو به زوال پذير ٿي ويو هجي. اڻويھ سو پنجاهه پنجونجاهه واري زماني ۾ انهن عيش گھرن جي دڙن جا نشان واضح صورت ۾ موجود هئا. اسان جي سانڀر ۾ وري انهن پراڻن آثارن تي نئين سر عيش گھرن کي غريب مقام وٽان شفٽ ڪري ساڳوڻي جاءِ تي قائم ڪيو ويو.
لاڙڪاڻي جي راڻي باغ جي سامهون واري تڙ ۾ پيش ايندڙ ٻه ٻيا واقعا منهنجي لاءِ وسارڻ جھڙا ناهن ڀانيان ٿو ته 1955_56 وارو زمانو هو لاڙڪاڻي ۾ ميونسپالٽي جي چونڊن جي گھما گھمي ۽ هما همي لڳي پئي هئي. اسانجي علاقي جي بلدياتي ڪانسٽي ٽيوئينسي ۾ جيڪي شخصيات بلدياتي سياست جا مهم جو نظر ٿي آيا تن مان اهم سماجي خدمات ۽ شهر ۾ سينيٽيشن جي خدمات جي حوالي سان معروف سماجي ۽ ادبي خدمات سرانجام ڏيندڙ شخص ميان غلام عباس قادري سرفهرست هوندو هو. فقير محمد انڙ شهري سياست جي حوالي سان علي گوهر آباد قافلي سراءِ محلن جو مڃيل سياسي ليڊر هو. انهن چونڊن ڌاري سامٽيا روڊ تڪ مان سرائي تاج محمد کي ميونسپل ميمبر لاءِ بيهاريو ويو اسانجي سومرن مان امير بخش سومرو ميبر شپ لاءِ اٿيو هو جنهن کي سومرا گھٽي ۽ کچي محلي مان ووٽ حاصل ڪرڻا ها. سڄي تمهيد جو مطلب آهي ته سرائي تاج محمد سامٽي جو نالو سامهون اچي جنهن اها اليڪشن هارائي هئي. سرائي تاج محمد جو فرزند محمد واث هو جيڪو لاڙڪاڻي ۾ نيشنل بينڪ جو منيجر ٿي رهيو هو جنهن جو گھر اسان جي گھر جي ڀرسان هو. هو مالوند ماڻهو هئا ان زماني ۾ کير پاڙن جي گھرن ۾ اندر وڪامندو هو. آءٌ به سرائين جي گھران کير وٺي ايندو هوس محمد وارث جن جي گھر ۾ هڪ ڪامي ڪم ڪندو هو جنهن کي سڀ نانگو سڏيندا هئا. اهو مينهن جي گاهه پٺي کان علاوہ گھر جي سودي سٽي سان گڏ گھڻائي گھرو ڪم سرانجام ڏيندو هو. هڪ ڀيري هي ماڻهو گھاڙ واهه جي ساڳي تڙ جي ساڳي جاءِ تي هڪ پاسي ٽين جي ڪنستر ۾ کار چاڙهي بيٺو هو. مون ڏٺو ته هو سوٽي سان رلهي کي ٻاهر ڪڍي پيو پر رلهي ٽين جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڦاٿل هئي جيئن هن سٽ ڏئي سوٽي کي مٿي تڳ ڏني ته باهه تي چڙهيل کار جو ٽين نانگي جي پيرن تي اچي پيو بيلنس نه رهيس وڃي زمين تي ڪريو ۽ ٽين جو سمورو گرم پاڻي اچي مٿانئس ڪريو. نانگي جي جسم جا ڪجهه حصا سڙي پيا سندس دانهن ڪوڪن تي ماڻهو مڙيا. مان ان وقت گليل کنيو ڪبوترن، جھرڪين ۽ وهين جي تاڙ ۾ پئي هيڏي هوڏي رليس مگر ان دردناڪ واقعي کي ڏسي افسوس ۾ ٿورو پرڀرو راڻي باغ جي ڀت تي وڃي ويهي رهيس.
راڻي باغ جي وڻن تي پکي پکڻ ويهن ۽ اڏامن پيا. پري کان منهنجي نظر گلاب گجراتي تي پئي. گلاب گجراتي نور محمد عرف نوري گجراتي جو ڀاءُ هو جنهنجو پراڻي گاهه مڏي تي ڪبوترن جو دڪان هو. پتو ناهي ته گلاب شرارت يا ڪهڙي موڊ ۾ هو جو سامهون بيهي مون ڏانهن پنهنجي گليل ڇڪي چوڻ لڳو ڳوڙهو هڻانءِ مون چيومانس اڙي نه اڙي نه مگر هو گليل ڇڪي چڪو هو ۽ ڄاڻي واڻي مون ڏانهن ڳوڙهو اڇلايائين جيڪو اچي مونکي سڄي اک ۾ لڳو ۽ مان جيئن جو تيئن ڀت کان هيٺ پٽ تي وڃي ڪريس اڌ ڪلاڪ کن ڪو هوش ڪونه هو جڏهن هوش آيو ته گھر روانو ٿيس. جيئن امڙ در کان داخل ٿيندي منهنجي سڄيل اک ۽ منهن ڏٺو ته کانئس رڙ نڪري وئي پڇا ڪيائين ڇا ٿيو آ. چيو مانس ته گلاب اک ۾ ڳوڙهو هنيو آ.
گجراتين جي گھر ۽ اسان جي گھر ۾ اٺ فٽ گھٽي جو فرق هو امان وئي گلاب جي ماءُ سان جھيڙو جوٽي آئي پر ٿيندو ڇا جي قسمت ٽٽي ته ٽاڪوئي نه لڳي. هڪ غربت ٻيو بيداري ڪونه امڙ روزانو سرمي سرائي سان اکين ۾ ماکي وجھندي هئي خير مهيني کن ۾ اک جي سوڄ جھڪي ٿي مگر ديد ۾ معمولي فرق ٿي پيو. جيئن جيئن وڏو ٿيندو ويس ته هوريان هوريان اک جي ديد متاثر ٿيندي وئي 1980 تائين اک اهڙي حالت تي پهتي جو ڊاڪٽرن ۽ اسپتالن جا چڪر ڪاٽڻان پيا. ماهر چشم ڊاڪٽر منظور احمد سربراه چشم ڊپارٽمينٽ سول هاسپٽل ڪراچي ۽ منير احمد ٽيم پارٽنر آپريشن ڪري نئون لينس لڳايو. ڪافي فرق پيو مگر ڪجھ سالن کان پوءِ مسئلو ريٽينا ڊٽيچمينٽ تي وڃي پهتو. اهڙي ريت زندگي جي هڪ وڏي نقصان مان گذرڻو پيو. بس اسان جي زندگي سود ۽ زيان جي چڪر هيٺ ڦري ٿي انسان ڪڏهن فائدي ۾ ته ڪڏهن گھاٽي ۾.
گھاڙ واهه راڻي باغ جي سامهون ڌوٻين جي سمورن تڙن ۽ گھاٽن جي سامهون ٻئي ڪناري تي ڀٽن جا ڳوٺ هئا. جن ۾ کارڪن، زيتونن ۽ انبن جي باغن جا نه کٽندڙ سلسلا هئا جيڪي پير شهر تائين ٿي هليا ويا. انهن باغن جي حد جي وسعت کي ڏسبو هو ته گھاڙ پل کان تقريبن ٻه اڍائي سو ميٽر اتر ۾ گجڻ پور چونڪ کان نئين ديري تائين انهن باغن جو سلسلو هليو ٿي ويو. گجڻ پور چونڪ کان اوڀر عاقل طرف وڃبو هو ته انهن باغن جو سلسلو چنن جي ڳوٺ کان روڊ جي ٻنهي پاسن کان مسو هٻ تائين نظر ايندو هو. هڪ لحاظ کان اها سموري آبادڪاري گھاڙ واهه جي پاڻي جي مرهون هوندي منت هئي.
گھاڙ واهه جي پرين ڪپ تي آباد ڀٽن جي ڳوٺن ۽ باغن جي مالڪن سان چاچي خدابخش سومري جون ياراڻيون ۽ ڀائپي وارا تعلقات هوندا هئا. مون ننڍي هوندي چاچا خدابخش سان گڏجي گھاڙ ڀِڪَ پار جي ڳوٺن ۽ باغن ۾ گھمڻ ويندو هوس. گھر ۾ کيس ڪاٺين جي ضرورت پوندي هئي ته کجين جا سنڍا ۽ ٻهارا اُتان آڻيندو هو. ازنسواء فصل لهندا ها ته کيس اڇ ٿيندي هئي ته کارڪون زيتون ۽ ڀاڄيون وغيره انهن ڳوٺن مان کڻي ايندو هو. پاڻ سان ڪڏهن پنهنجي پٽ عبدالستار کي وٺي ويندو هو ته ڪڏهن مونکي ساڻ کڻندو هو. انهن ڳوٺن ڏي وڃڻ لاءِ ان زماني ۾ سوڙها ۽ ڪچا رستا هوندا هئا. ڪٿي پنج ته ڪٿي اٺ ڦٽ رستو هو ۽ انهن جي اطراف ميون جا وڻ ئي وڻ هوندا هئا. باغن جي وچ ۾ اوڏڪيون ڀتيون قائم هيون جيڪي باغن جون حد بنديون مقرر ڪنديون هيون. ڳوٺن ۾ اندر دڪان خير ڪي ها ڳوٺاڻن جو جيلس بازار سان روز جو ڪم هو. ڏيتي ليتي حساب ڪتاب لاءِ ڀلاوڻن ۽ فروٽ اجنٽن وٽ ڳوٺاڻا ايندا هئا رهندا هئا. انهن ڳوٺن جا ڀٽا اڪثر سرندي وارا ها. باغن ۽ واڙين جا مالڪ به پاڻ هئا ته واپاري به پاڻ. اڪثر مالوند ڀٽن جون جيلس بازار ۾ واپاري ڪوٺيون، فروٽ ڪميشن ايجنسيون به قائم هيون. باغن جي اندر وڃبو هو ته چئو طرف ميون جي سرهاڻ ڦهليل هوندي هئي وڻن جي گھاٽي ڇانو ۽ انداهو ماحول ڏسي پيو ڀئو لڳندو هو ڄڻڪه ماڻهون ڪنهن جھنگل مان پيو گذري. هڪ ڀيري پڦي عظيمان منهن جي ماءُ ڀيڻ ۽ مونکي پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ وارن ڀٽن جي گھر گھمائڻ وٺي وئي. ڳوٺ ۾ ڪنهن هنڌ ڪو هڪ اڌ گھر چڱيرڙو ۽ پڪو نظر آيو ورنه گھڻا گھر رڳو هڪ ٻن ڪوٺين تي مشتمل ها ڪٿي ڪکايون جھوپڙيون به نظر ٿي آيون. ڳوٺاڻن گھرن ۾ عورتون ديسي ڪرت گھر قائم ڪيو ويٺيون هيون گھرن ۾ اڳٺ، سڳيون آر تي گنجيون، ميز پوش، ڪپڙن روَن چولن تي آر سان گلن ۽ هرمچي جو ڀرت پيون ڀرن ڪٿي وري مختلف رنگن جا پکا ۽ هٿ ونڃڻا پيون ٺاهين. اهڙي طرح هو پنهنجي سنڌي ثقافت کي زنده رکيو پئي آيون.
مان شاه بهاري ڀرسان ڳوٺ ۾ سال کن پهريون سنڌي پڙهيم مگر جڏهن اسڪول ڇڏيم تڏهن حسب ماحول ڪو سرٽيفڪيٽ حاصل نه ڪيو. اهو به ياد ناهي ته اسڪول ۾ ڪنهن داخل ڪرايو ۽ ڪنهن ڪڍيو. گجڻ پور رهڻ دوران منهنجي افعالن ۾ سڌارو اچڻ بدران گھڻو بگاڙ اچي ويو هو. ڇاڪاڻ ته اهي شهر جي پسگردائيءَ وارا پاسا هئا جتي نشي پتي ڪرڻ لاءِ ميخانا سرعام کليل ها. ان زماني ۾ ڀنگ چرس آفيم ۽ ڏوڏي جو نشو ڪرڻ ڄڻ ڪو عيب ئي نه هوندو هو. جتي سائو ڳاڙهو جھنڊو لڳل هوندو هو اتي هڪ اڌ چرسي يا ڀنگ پيئڻ وارو موالي موجود هوندو ئي هوندو هو. مندر ۾ هئاسي ته ڄڻ ميخانو ئي گھر ۾ هو. مندر کان ميونسپل ڪميٽي آفيس جي پويان سرلا ديوي واري اسپتال جي پٺين پاسي گھاڙواهه جي ڀڪ تي ورهاڱي کان اڳ جي هڪ پڪي ڪوٺي ٺهيل هئي. جتي هر وقت اٺن ڏهن موالين جو ميڙ متو پيو هوندو هو. اسپتال اچڻ وڃڻ لاءِ اسانجو اهوئي شارٽ ڪٽ رستو هو. البته ان زماني ۾ امن امان اهڙو هو جھڙو هن وقت ڪيناڊا ۾ پيو ڏسان. تنهنڪري ماڻهن توڙي ميخاني جي موالين کان ڪنهن به قسم جو خوف محسوس ڪونه ٿيندو هو. مونکي ياد آهي ته ان ميخاني جو ماڻهو جيڪو اتي تاس راند ڪرائندو هو ڀنگ وغيره گھوٽيندو هو ان جي اڱڻ آڏو ننڍي مسجد به هوندي هئي جتي ڌوٻي ۽ ٻيو آيو ويو ٻه سجدا ڏئي ويندو هو مون انگريزي دور جي خوبصورت آرٽ شيٽ پيپر تي پرنٽ ٿيل تاس جا تر ڪندڙ پتا اتي ڏٺم. تاس جا پتا جيڪي پراڻا ٿي ويندا ها يا گم ٿي ويندا هئا سي هو ڦٽي ڪري ڇڏيندا ها. اهي ناڪارا تاس جا پتا اسان کڻي اچي گھر ۾ لڪائي رکندا هئاسي ۽ لڪي ڇپي انهن کي ٺپي سپي ڏسندا هئاسي. اهو به ياد آهي ته ان ميخاني ۾ تاس سان رنگوار راند کيڏڻ ۾ مشغول اڌ تي هندو واڻيا هوندا هئا. بهر حال اهي هنڌ اهي جايون سٺيون هيون نه انهن جو ماحول سٺو هو. خدا جند ڇڏائي ان پاڙي ۽ ان ماحول مان.
سال اڌ کن خير جو گجڻ پور ۾ رهياسين تنهن زماني ۾ منهنجو مامو هدايت الله سومرو بابي سائين کي پرچائي پنهنجي گھر علي گوهر آباد ۾ اچي رهايو. علي گوهر آباد نسبتن سڌريل- پڙهيل ڳڙهيل ۽ خوشحال ماڻهن جو پاڙو هو. خاص طور سامٽيا روڊ، جنهن جي آس پاس پڪين جاين ۽ سامٽين جي پڪي عمارتن جون ڀليون جايون ڏسي وڏي خوشي ٿيندي هئي.
هن محلي ۾ مان ۽ منهنجي ڀيڻ جڏهن پهرين درجي ۾ داخل ٿيڻ وياسي ته سائين فيض محمد سيال اڳ جو تعليمي رڪارڊ معلوم ڪيو ۽ سرٽيفڪيٽ گهريو، جيڪو اسان فراهم ڪري نه سگهياسي، تنهنڪري ان به منهنجي پڙهڻ ڪرڻ جي حالت زار ڏسي ڪچي پهرين ۾ داخل ڪيو. جيتوڻيڪ عمر جو وڏو ٿي چڪو هوس تڏهن به هن صاحب پنهنجي اختيار کي استعمال ڪندي منهنجي ڄم جي تاريخ کي مناسب ڪندي مون کي ٽي سال ننڍوڪري ڇڏيو.
خالي پڙڀانگ مندر سان لڳ واڻڪي خالي پيل جاءِ ۾ هيٺ هڪ خالي ڀانڊو هوندو هو جنهنجي مٿين منزل تي اسان پنهنجو اچي آستانو ڪيو هو. ان جاءِ جي دري مان جيلس بازار روڊ، گجڻ پور ڏي پل تي چڙهندڙ رستو، اناج منڊي ڏانهن ويندڙ رستو ويندي موهن فقير جي اوتاري تائين سڀ ڪجھ نظر ايندو هو. جيلس بازار ته منهن ۾ هئي ۽ دري مان کٻي پاسي نظر ڊوڙائبي هئي ته شاهه محمد اسڪول ۽ سرهيا پڌر ڏي ايندڙ ويندڙ ماڻهون صاف ڏسڻ ۾ ايندا هئا. ان وقت جيلس بازار اسان جي پيٽ قوت جو نهايت سستو وسيلو هوندي هئي. بابا سائين چاچا خدابخش سومري جي تعاون سان ايمپائير کان ايندڙ رستو جيڪو جيلس بازار جي منڍ ۾ اچي کٽندو هو اتي رنگريز جي دڪان ۾ ڪم ڪندو هو جيڪو اسانجي رهائش کان تقريبن سئو ڏيڍ ميٽر پري هو. شروع ۾ بابا سائين ڀاڄيون ۽ ٻيو گھرو سامان پاڻ گھر پهچائي ويندو هو. مگر جڏهن هو اتان ڪم ڇڏي وڃي ڪنهن ٻي هنڌ ڪم سان لڳو ته گھر جو سودو سٽ مان ۽ منهنجي ڀيڻ وٺڻ ويندا هئاسين. اسان ستت ئي جاءِ مٽائي گھاڙ پل جي ٻي پاسي واري ڪناري چاچي خدابخش جي گھر سان لڳ مسواڙي جاءِ وٺي رهياسين. ننڍي هوندي کان مونکي پڙهڻ جو شوق هو. سکر ۾ بيراج ٽائون جي ايليمينٽري ۽ پرائمري اسڪول ۾ سائين الله ڏني جي ڪلاس ۾ داخل ٿيو هوس ۽ اسڪول جي اعلا ترين پڙهائي مان مستفيض ٿي رهيو هوس ۽ بيراج ٽائون جي پاڙي جي ماحول جنهن ۾49_ 1948ع ڌاري گھر جي سامهون انگريز اريگيشن ڊپارٽمينٽ سان سلهڙيل ڪجھ فيمليون رهنديون هيون تن جي ٻارن سان راند روند وڃي ڪندو هوس ۽ انهن سان لھ وچڙ ۾ ييس نو ۽ گو ۽ ڪم سکيو هوس. مگر شومئي قسمت جو مسلسل لڏپلاڻ جي ڪري منهنجي ۽ منهنجي ڀيڻ جي تعليم گھڻي متاثر ٿي. ڪچو پهريون سکر ۾ وري ڪچو پهريون ڪنگن ۾ پڙهيس. مگر هاڻي گجڻ پور شاهه بهارو لڳ ڳوٺ ۾ وري ساڳي ڪچي پهرين ۾ ياد ناهي ته ڪير داخل ڪرائي آيو. پنهنجي داخلي گھرو سماجي ڪمزورين ۽ معاشي بدحالي سبب جيترو اسان رولڙي ۾ رهياسين اوترو تعليم حاصل ڪرڻ ۾ اسان کي ڀوڳڻو پيو. پڙهائي مان منهنجي دلچسپي تقريبن ختم ٿي چڪي هئي ۽ صفا رولو ڇوڪرو ٿي پيو هوس. پڙهڻ کان علاوہ ٻين شين شغلن ۾ دلچسپي ۽ رجحان وڌندو ويو. ان زماني ۾ گجڻ پور جي لوڪيشن ڏسڻ وٽان هئي. هتان جو ماحول نهايت خوبصورت ۽ فطرتي هوندو هو. علاقي جو ڏيک به ٻهراڙي جھڙو هو. نم جي گھاٽن وڻن، پپل ۽ بڙ جي درختن جا ٿڌا ڇانورا وچ ۾ گھاڙ واهه جي پل جو انتهائي خوبصورت منظر ماڻهن جون اکيون کيريون ڪري ڇڏيندو هو. گجڻ پور پاسي اسان جي گھر کان ٻاهر گھاڙ واهه جي پل جو آخري دروازو هوندو هو. ان ۾ اڌ گھاڙ واهه جيترو پاڻي موجود هوندو هو جيڪو ان دروازي مان گھڻي زماني تائين وهندو رهندو هو. ان وڏي واه تي ڌوٻين جا ڦرها لڳل هوندا هئا. چاچي خدابخش جو ان تڙ تي باقاعدي قبضو ۽ ڪنٽرول هوندو هو. تنهنڪري ان هنڌ ٻه به ٽي جايون ٺاهيو ويٺو هو. هن جاءِ تان شاه بهاري اسڪول وڃڻ لاءِ نهايت آسان ۽ خوبصورت سڙنڪ هوندي هئي. گھر کان ٻاهر نڪرندو هوس ته مسجد وٽ هڪ ٽِواٽو هوندو هو جتان هڪ رستو پل ڏي ويندو هو ٻيو اوڀر پاسي انبن کارڪن ۽ زيتونن جي باغن ڏي ويندو هو جتان وري کٻي مڙندي اهو رستو شاهه بهاري ڏانهن ويندو هو ۽ اهوئي رستو منهنجي اسڪول جو هو. اهو به دراصل هڪ ٽواٽو هو ڇاڪاڻ ته ان جاءِ تي گھاڙ واه واري آخري در ڏانهن ويندڙ رستي تي مندر ۽ جيلس ۽ ميونسپل آفيس طرف هڪ ٽواٽي ۾ تبديل ٿيندو هو ۽ اسپتال جي پٺ کان نڪري اها سڻڪ گھاڙواهه جي ڪشادي ڀاڻين وٽ وڃي بيهاريندي هئي. ان جاءِ تي ان وقت ٻيڙين جو ننڍو بندر هو جنهن تي پير شير ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن مان گھاڙ واه جي ذريعي جيلس بازار تائين ميون ۽ ڀاڄين جي ترسيل جاري رهندي هئي. ڏٺو وڃي ته ان جاءِ تي گھاڙواهه پنهنجي پراڻي وهڪري واري حيثيت ۾ موجود هو ۽ اهو هنڌ هڪ سهڻي جھيل جھڙو منظر به پيش ڪندو هو. پاڻي جي ان حصي ۾ للي ڦلاور ڪوڻين جا گل ۽ ڊيفوڊلس کان وڌيڪ سهڻا ڪنور (ڪنول) پاڻي جي سيني تي پيا ترندا ها. جن جي پتين جو رنگ گلابي مائل هوندو هو مگر للي جي گلن جو رنگ رابيل ۽ نرگس سان ميل کائيندو هو. شاه بهاري اسڪول وڃڻ وارو رستو به گھڻو دلڪش هوندو هو ان رستي جي سڄي ۽ کاٻي پاسي ميوه دار زيتونن جا باغ هوندا هئا جنهن جي مهڙ ۾ ساڄي پاسي واري باغ ۾ ان وقت ٻن پاسن کان کجين جو بارڊر هو گھاڙ واه جي ڪناري تي جيڪي کجيون هيون تن ۾ وڏي حجم واري ڳاڙهي برائون رنگ جا ڏوڪا ٿيندا هئا جن کي باغائي عيدن شاه جا ڪپڙا سڏيندا ها. اسڪول ويندڙ دڳ تي جيڪي کجيون هيون تن ۾ لاڙڪاڻي جي مشهور لذيذ مهانگي کارڪ ساوڙو ٿيندي هئي جنهن جي خوبي هوندي هئي ته ان ۾ مٺاڻ گھٽ هوندو هو مگر ان ۾ ريشو بلڪل نه هوندو هو انهن کارڪن جو جيڪڏهن ماڻهون پاءُ ڏيڍ کائي وڃي ته ان جو وات ڪونه ڀڄندو هو. مون ٻڌايو ته ان زماني ۾ منهنجو پڙهڻ ڪرڻ ۾ ڌيان نه لڳندو هو لکڻ پڙهڻ کان وڌ منهنجو ڌيان گھاڙ واه جي پاڻين. باغن جي خوبصورت ماحول، پکين ۽ مڇي جي شڪار سان هوندو هو. علاوہ ازين ان زماني فجر جو اٿي مون پنهنجو نيم ٺاهي ڇڏيو هو پهريون رب سائين جي گھر جو آڳر ٻهاري ايندو هوس. تنهن بعد گھر جي اڳيان ٽواٽي تي کتل عباس علمدار جي علم جي صفائي ڪري سڄي ميدان کي کجي جي ٻهاري سان ٻهاريندو هوس. پاڙي جا ماڻهون منهنجي ٻي ڪنهن ڪم کان راضي هئا يا نه پر انهن ٻنهي ڪمن کان گھڻو راضي هوندا هئا.

مرزا اسحاق بيگ

مرزا اسحاق بيگ

گھاڙ واھ جڏھن ڀريو تريو رھندو ھو تڏھن مڇي به ان ۾ ججھي پيدا ٿيندي ھئي ۽ ان جي مارڻ جا طور طريقا به گھڻا ھئا. بنا پرمٽ جي مڇي مارڻ يا پڪڙڻ ڏوھ جو ڪم ھو. ڄار ڦٽو ڪري جيڪي مھاڻا مڇي پڪڙيندا ھا سي پروفيشنل ھوندا ھئا ۽ وٽن پرمٽ ضرور ھوندي ھئي. اسان جھڙا ٻالڪ ٽولا وري کجيءَ جي سنڍي ۾ ڏور وجھي ۽ ڪُنڍي ٻڌي چاري طور ان ۾ ساپو يا مڇي جي گوشت جو ذرو اٽڪائي شڪار ڪندا ھئاسين. بنا پرمٽ وارا لڪي ڇپي ڪٿي نه ڪٿي مڇي پڪڙڻ ۾ مصروف ھوندا ھئا. گھاڙ واھ تي وڏي پيماني تي ساليانو مڇي مارڻ جو وڏو جشن ٿيندو ھو. سرندي وارا مھاڻا انجو ٺيڪو کڻندا ھئا. ايتري خبر ناھي ته اھو ٺيڪو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل بورڊ جو سرواڻ ڏيندو ھو يا ميونسپل جو چيف يا ڪو ٻيو اٿارٽي آفيسر. بھرحال گھاڙ واھ جي ويڪري پيٽي واري ھنڌ عيش گھرن جي بلڪل سامھون ڌوٻي گھاٽ تي جتي ننڍي اڇي مسجد ھوندي ھئي ان جي سامھون گھاڙ جي ھڪ ڪناري کان ٻي ڪناري تائين وڏا رڇ لڳايا ويندا ھئا. ھفتو کن اھيو لقاءُ رھندو ھو ۽ زبردست طريقي سان مڻ جي منھن مڇي ماري ويندي ھئي. انھن ٺيڪيدارن جو اھو نيَم ھوندو ھو ته ٺيڪي جي آخري ڏينھن گھاڙ واھ تي موجود پبلڪ لاءِ دعوت عام ڪندا ھئا. جنھن ۾ پنھنجي پسند جي مڇي پوئڪي جي پلاءُ جون ديڳون لاھيندا ھئا، جيڪا دراصل ٺيڪيدارن طرفان شڪراني طور اھا ھڪ قسم جي خيرات ھوندي ھئي. اھو پوئڪي جو پلاءُ جن کاڌو ھوندو ۽ جيڪي حال حيات ھوندا تن کي ان پلاءُ جون لذتون اڄ به ضرور ياد ھونديون. مڇي جي شڪار جي ڳالهه نڪتي آ ته لاڙڪاڻي جي ھڪڙي شوقين شڪاري جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان. تقريبن 1965 ڌاري تجر باغ (جناح باغ) لاڙڪاڻي ۾ ھڪ لوڪل براڊڪاسٽنگ اسٽيشن جو قيام عمل ھيٺ آيو. ميونسپل ڪاميٽي جي ان لوڪل نشرياتي اداري جو پروگرام ايگزيڪيٽو آفيسر مرزا اسحاق بيگ صاحب کي مقرر ڪيو ويو. شھر ۾ بلڪل ديسي مينوئل طريقي سان اھو نشرياتي لوڪل ادارو پنھنجي شيڊيول مطابق پروگرام پيش ڪندو ھو. ان براڊڪاسٽنگ ذريعي تفريحي پروگرام گيتن ڀريون ڪھاڻيون پيش ڪيون وينديون ھيون، جنھن ۾ گيتن ۽ گانن سان گڏوگڏ علمي ۽ ادبي پروگرام به نشر ٿيندا ھئا. جيتري قدر ياد پوي ٿو ته بيگ صاحب سان ايڊورٽائيزنگ ۽ انائونسمينٽ ۾ امير علي ميڻو يا ان جو ڀاءُ علي انور ميڻو معاون ۽ مددگار ھوندا ھئا. اھو بيگ صاحب گھاڙ واھ تي مڇي مارڻ وارن شوقينن ۾ ھڪ رومانٽڪ ڪردار ھو. بيگ صاحب کي پنھنجن گھرو ۽ دفتري ڪمن ڪارن مان جڏھن واندڪائي ملندي ھئي ته پنھنجي شوق کي جلا بخشڻ لاءِ مڇي مارڻ لاءِ گھاڙ واھ جو رخ ڪندو ھو ۽ ڌوٻي گھاٽ کان پير شير جي علائقي تائين وڃي مڇي ماريندو ھو. جتي بلڪل خاموشي ڏسندو ھو اھا جاءِ ھن جي پسنديدہ ھوندي ھئي. دراصل اھا ھن جي شڪاري (اسٽريٽجي) اٽڪل بازي ھوندي ھئي. ھو مڇي پڪڙڻ جا مڙئي گر ڄاڻيندو ھو. بيگ صاحب پنھنجي پر ۾ ھڪ خوش اخلاق ۽ مست ماڻھو ھو. مڇي مارڻ جي غرض سان جڏھن گھران نڪرندو ھو ته پنھنجي آرام، سڪون ۽ حفاظت جو سمورو سامان ساڻ کڻندو ھو. چاري جا ساپا، ڪيچوئا، گوشت ۽ ننڍيون درا مڇيون، ڪڻڪ جو ڳوھيل اٽو ۽ چاري طور ڪي مصالحا به کڻندو ھو علاوہ ازين اُس ۽ گرمي کان بچڻ لاءِ رڳو انگلش ھيٽ پائيندو ھو مگر پاڻ سان ھڪ وڏي ڇٽي به کڻڻدو ھو جيڪا زمين ۾ کوڙي ڇانورو ڪري ويھندو ھو ۽ ڊگھي ڏور واري ڪنڍي وچ پاڻي ۾ زوم سان اڇلائيندو ھو ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ صبر ۽ سانت سان پاڻي ۾ نظرون کپايو ويٺو ھوندو ھو. آئون اڪثر گھاڙ واھ جي ڪناري تي پاڻي جي پکين جھنگ ڪڪڙن، ٽوٻين، ٽيٽن ۽ ڪانيرن ۽ ڪڙڇين وغيرہ جي شڪار جي غرض سان پيو ھيڏي ھوڏي ڀٽڪندو ھوس. اڪثر بيگ صاحب کي ان ماحول ۾ ڏسندو ھوس ته ساڻس ملاقت جو شوق جاڳندو ھو. ھڪ ڏينھن سندس اجازت سان وڃي ڀرسان ويٺس. مونکي ڏسندي ھٿ جي اشاري سان ڀر ۾ ويھڻ لاءِ چيائين. ڪجھ دير خاموش ھو پر پوءِ نھايت جھيڻي آواز ۾ اردو زبان ۾ چيائين؛ ادھر کيا کرتے ہو...؟ مون سمجھيو ته وات ۾ پان اٿس جو اھڙي گومگو ڪيفيت ۾ اشارا پيو ڪري پر پوءِ ٻڌائڻ لڳو ته مڇي جي شڪار ۾ خاموشي گھرجي ڇاڪاڻ جو مڇيون آواز ٻڌنديون آھن جي اسان جو آواز يا شور شرابو ٻڌنديون ته ٽھي وينديون پوءِ ھتي ويھڻ سڄو بيڪار. ياد ناھي ته سگريٽ به پيئندو ھو يا نه. پڪ ناھي. ابھام آھي ته ھو بندوق سان به مڇي جو شڪار ڪندو ھو. اسان جي ٻاروتڻ جي زماني جي يادگيريون آھن ويسر ڀل ته انسان جي زندگي جو حصو آھي.
ڪنڍي سان مان به گھاڙ واھ مان مڇي پڪڙيندو ھوس. ان لاءِ ساپن جي ضرورت پوندي ھئي. ڪيلي جي وڻن جي پاڙن ۾ نم شدہ گھميل مٽي ۾ صحتمند ۽ ججھا ساپا (Earthworms) ملي ويندا ھئا سو قاضي ھدايت اللہ جي باغ جو رخ ڪرڻو پوندو ھو ڪيلن جي پاڙن ۾ ٿوري زمين کوٽڻ سان ڳچ ساپا ملي ويندا ھا. مسجد جي ڀرسان نم جي وڻن جي ڀرسان گھاڙ واھ جي ڀڪ تي ٽاري جو درخت ھوندو ھو. ٻنھي وڻن جي گڏيل ٿڌي ڇانو ھيٺان اسان جي مڇي پڪڙڻ جي ڪرت شروع ٿيندي ھئي. شڪار ۾ ھر قسم جون مڇيون ڪنڍي ۾ ڦاسنديون ھيون ڪرڙيون جن کي ٽپري سڏيندا ھا سي. شاڪر جنھن کي سول به چئبو آھي جيڪا نھايت طاقتور مڇي سڏبي آھي مگر اھا مڇي اسان جي گھرن ۾ پسند نه ڪئي ويندو ھئي. تنھنڪري جيتريون به شاڪر مڇيون ھٿ اينديون ھيون سي سڀ گھر جي سامھون جليل ڪمپائونڊر جيڪو حق ڊاڪٽر جي ڪلينڪ تي سروس ڪندو ھو جي گھر ڏيندو ھوس ڇاڪاڻ ته اھي سول مڇي کي وڏي شوق سان کائيندا ھئا. ڪڏھن ڪڏھن ڪميون به ڪڙھي ۾ ڦاسنديون ھيون جن کي وري پاڻي جي حوالي ڪري ڇڏبو ھو. ڇاڪاڻ ته اھا اسپشي اسان جي نظر ۾ مڪروه ۽ حرام تصور ڪئي ويندي ھئي. پوئڪي مڇي به منھنجي والدہ جي پسند وٽان نه ھوندي ھئي. اسان جي گھرن ۾ رڳو پلو ۽ ڪرڙو يا ڪرڙيون کائبيون ھيون. گھاڙ جي ڪپ جي ان ٽاري جي وڻ جي ڇانو تان سو بار صدقي آئون گھاڙ واھ جي ڪنارن ۽ ان جي دلنشين ۽ دلڪش نظارن کي ڪڏھن وساري نٿو سگھان. وڻن تي چڙھي ويھڻ جو لطف به پنھنجو اور ھوندو ھو. انبن ۽ کجين جي وڻن تي چڙھڻ جي مھارت گجڻ پور ۾ سکي ھئي. مزي ۽ لطف حاصل ڪرڻ لاءِ ھڪ ڀيري مان ان ٽالھي تي چڙھي ويس جنھن جو سمورو جھڪاءُ ۽ نوڙت گھاڙ جي پاڻي مٿان ھئي. مٿي چڙھي ھڪ ڏار تي ويھي ھيٺ شيشي جھڙي شفاف پاڻي ۾ مڇين جي فطري سرگرمين ۽ سرگوشين سان گڏوگڏ انھن جا جسماني خدوخال ۽ رنگ روپ ڏسي بي حد لطف اندوز ٿيس ايتري قدر جو اھو نظارو ۽ اھو نقشو اڄ ڏينھن سوڌو ذھن تي نقش آھي.

گھاڙ واھه جي ڪپ تي محفل ميلاد ۽ مولوي قاري خير محمد

گھاڙ واھه جي ڪپ تي محفل ميلاد ۽ مولوي قاري خير محمد

گھاڙ واھ لاڙڪاڻي جو صورتگر ھو لاڙڪاڻي جو املھ ورثو ھو. مگر پنھنجي ھن تھذيبي ۽ ثقافتي ورثي تي ڪنھن به ڌيان نه ڏنو. اھو سڀني جي اکين اڳيان ڦٽي ويو لٽجي ويو مٽجي ويو مگر ڪنھن جي اک آلي نه ٿي. گھاڙ واہه تي مڇي ماري پنھنجي ڪامياب مھم تي خوشيون ملھائڻ ۽ مڇي جي پلائن جون ديڳيون چاڙھي ايندي ويندي غريب غربي کي دعوت عام ۾ شريڪ ڪرڻ وارين سرگرمين ھڪ لحاظ کان لاڙڪاڻي شھر کي سماجي ۽ ثقافتي حسن بخشيو. ڪو وقت ھو جو گھاڙ واھ جي ڪپن تي جشن ميلاد و سيرت نبي ڪريم صلعم جو انعقاد ٿيندو ھو جيڪو فجر تائين ھلي لنگر عام کارائڻ بعد اختتام پذير ٿيندو ھو. اھڙي جشن و مجالس جو انعقاد گھاڙ تي ڪپڙا ڌوئيندڙ ڌوٻين جي چڱ ڀلائي واري انتظامي ڪميٽي ڪندي ھئي. جنھنجو مک امير بخش سومرو ھوندو ھو. صلاحڪارن ۾ ڀائو محمد صالح سومرو، محمد قاسم سومرو ۽ احمد سومرو وغيرہ شامل ھوندا ھئا.
ھڪ ڀيري لاڙڪاڻي جي بيباڪ مولوي قاري خيرمحمد کي سيرت النبي تي بيان پڙھڻ لاءِ جشن ميلاد تي گھرايو ويو. قاري صاحب حقيقي معنيٰ ۾ صاحب علم ھو، گھڻو وقت سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير عبدالفتاح سان بطور ترجمان ٿي رھيو ھو ۽ عمر عزيز جي پوين ڏينھن ۾ ڪراچي ۾ سنڌ مدرسہ الاسلام ۾ سيڪنڊري ٽيچر مقرر ٿيو. عربي مادري زبان وانگر ڳالھائيندو ھو اعلي درجي جي مٺي ۽ خوش الحان قرائت ڪندو ھو. بيان به پُر اثر ھوندو ھوس اھو سڀ ڪمال سندن ديني علوم جي مطالعي جو ھو. پر جي ڦوٽي الاچي کير پتي واري چانھ ھر اڌ ڪلاڪ کانپوءِ سائين جن کي ملندي ايندي ھئي ته بيان ۽ بيباڪي ۽ شعلا بياني ۾ اضافو ايندو ھو. جڏھن کيس گھاڙ واھ ڀر تي عيش گھرن جي اڳيان ڪپڙن سڪائڻ واري وسيع ميدان جي پر سڪون پنڊال ۾ تقرير ڪرڻ جو موقعو مليو ته سندس موضوع ته سيرت ۽ ميلاد نبي ھو پر ٽي ڪلاڪ دوارانيا بيان مان ڪلاڪ کن مولوي صاحب اصلاح سماج و معاشرہ ۽ عصيان کان دامن پاڪ ڪرڻ لاءِ وقت ڪڍي ورتو. شھر کان ٻاھر خاموش فضا ۽ سندس آواز عيش گھرن جون کڙڪيون کڙڪائي ڇڏيون. قاري صاحب گناھن جي دنيا کي خير باد چوڻ ۽ پنھنجو دامن پاڪ صاف رکڻ لاءِ ڪيتريون حديثون پر اثر نموني بيان ڪيون. اڌ رات لڙي بيان جي اختتام تي عرس جو طعام نوش ڪرڻ جي منادي ٿي. مان ٻه چار گھڙيون قاري صاحب جا ھٿ چمڻ لاءِ ويس ۽ سندس پيار حاصل ڪيم اھو مون تي لازم ھو ڇاڪاڻ ته ھو اسانجي سڄي اسڪول واري سنگت جو عربي جو استاد ھو.
گھاڙ واھ تي سومرا برادري جو ٻارنھن ربيع الاول وارو عرس ساليانو ٿيندو ھو. اسان ننڍا ھئا سي، گھر به گھاڙ واھ لڳ ھو سو وڏي چاھ سان شرڪت ڪندا ھئا سي. دراصل اسان ٻارن جي لاءِ اھو وڏي خوشيءَ جو موقعو ھوندو ھو. پوري رات جاڳندا ھئا سي. رات جي ٻاٽ اونداھي ۾ ڪشادا تل ۽ ميدان اھڙو روشن ڪيو ويندو ھو جھڙو ڏينھن. شاميانا، اسٽيج، ڪرسي، ميز مولوي صاحب لاءِ لائوڊ اسپيڪر مائيڪ سڀ نھايت وڻندڙ ڳالھيون ھونديو ھيون. ازانسواءِ ٻن ڪونھنٽن جي ڪسڻ جو منظر، ھڪ پاسي اڏيءَ تي گوشت ٺھڻ جي ٺڪ ٺڪ ۽ ڀر ۾ باھ تي چڙھيل ديڳين ۽ ڪفگيرن جا کڙڪا ۽ اوٻاريل سگداسي چانورن جي ھٻڪار ڪامين کي ۽ محفل ۾ موجود ماڻھن کي مست ڪري ڇڏيندي ھئي. اسان سان انتظاميا جي مھربان وڏڙن جون مھربانيون ڪجهه اھڙيون ٿينديون ھيون جن کي پنھنجي دلين مان اڄ سوڌو ڪڍي نٿو سگھجي اھو ھي ته تازا تيار ٿيل ڌاڻن واري مصالحي لڳل گوشت جي ٻوٽين ۽ ڀُڳل جيرن جو ٿالھ ملي وڃڻ ھڪ خداوندي انعام ھوندو ھو. گهاڙ واهه تي ڪو وقت اھڙا جشن رھيا مگر افسوس جو زماني جي ستم ظريفي. جو وقت اھڙو ڦيرو کاڌو جو اھڙي قسم جون خوبصورت ثقافتي روايتون زماني جي گردش جي نظر ٿي ويون ۽ سڀ ڪجھ بدلجي ويو.

ولي ٿيڻ جي خواهش

ولي ٿيڻ جي خواهش

گھاڙ واھ جي پيٽي جي وسعت تقريبن جديد پنج پل ڪئنال جيتري ھئي. جيڪو رائيس ڪئنال مان اتر اولھ طرف نڪري ڳوٺ وليدن کان وھي ٿو. خوبصورتي جي لحاظ کان گھاڙ واھ پنج پل توڙي رائيس ڪئنال کان به وڌيڪ خوبصورت ھو. ڪيناڊا ۾ دنيا جي خوبصورت جهلن مان انٽاريو جھيل پنھنجو مٽ پاڻ آھي مون ڪيترن ئي شھرن مان مختلف جاين تان بيھي ان جھيل جا نظارا ڪيا آھن. ھن سمنڊ جيڏي ويڪري ۽ وسيع ڍنڍ جو نيرو پاڻي ماڻھن جي اکين ۽ دلين کي ڏاڍو لڀائيندڙ آھي. صاف شفاف آسمان جو پرتو پوڻ سبب امريڪا ۽ يورپ جي ڍنڍن ۽ جھيلن جو نيرو رنگ حيران ڪن حد تائين خوبصورت نظر ايندو آھي. مگر ماضي قريب ۾ گھاڙ واھ جي صاف شفاف سائ ي رنگ جي پاڻي جا حسين نظارا مون چت ۽ چاھ سان ڏٺا ھئا. جي ايمانداري سان مماثلت ڪريان ٿو ته گھاڙ واھ پنھنجي ڪنارن تي ساون ڊگھن کجين، انبن جي وڻن، ڊگھن ٻوڙن ۽ ڏھ ڦٽ ڊگھي ڏير جي سائي رنگ جو پرتو حاصل ڪرڻ بعد وڌيڪ خوبصورت ۽ وڌيڪ حسين لڳندو ھو..
لاڙڪاڻي جو ميونسپل ھاءِ اسڪول جيڪو پڻ گھاڙ واھ جي پراڻي پيٽي جي ڪڙ تي ڊپٽي واري بنگلي کان اوڀر پاسي اڏيل آھي تنھن ۾ پڙھندڙ شاگرد غلام مصطفي بولاڻي سان 1960 ڌاري منھنجي دوستي ٿي. ھو علي گوھر آباد ۾ ھڪ اڌ گھٽي جي فرق سان منھنجو پاڙيسري ھئو. پڙھڻ ۾ ھوشيار ھو. طبعن نھايت نيڪ سادو ۽ مذھبي رنگ ۾ رنگيل طالب علم ھو. ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ بعد اسان ٻنھي جي وچ ۾ پڪي دوستي ٿي وئي. هو اسان جي سڄي سنگت خصوصن بشير احمد شاد، محمد يوسف شيخ، سائين غلام اللہ ۽ استاد محترم قاري خير محمد جو پسنديدہ پيارو شاگرد ھو پر مون سان خاص دلچسپي ۽ دوستن واري بي تڪلفي ھئس. ساڳي مذھبي سوچ ھئڻ ڪري گھڻو ڪري گڏ گھمڻ ڦرڻ ٿيندو ھو. ميلادن، مذھبي محفلن ۽ مجلسن ۾ گڏ ھوندا ھئاسي.کچين جو پاڙو تقريبن اسان جو ئي پاڙو ھو مجلسن توڙي پڙن تي به گڏجي ويندا ھئاسي. مذھبي فرق ۽ ڀيد ڀاء واري سوچ جا ٻئي قائل نه ھئاسي. گھاڙ واھ تي ٿيندڙ محفل ميلاد ۾ ھو مون سان گڏ ھلندو ھو. فطرت پسند ھو کيس گلن، ٻوٽن، ميون، وڻن باغن ۽ گھاڙ واھ جي حسين نظارن سان دلچسپي ھوندي ھئي. اسان ٻئي گھاڙ واهه جي ڪنڌين ۽ ڪنارن تي پيدل گھمندي ميلن جا ميل پنڌ ڪري پير شير تائين ھليا ويندا ھئاسي. ٻنھي ۾ فرق ھو ته رڳو ھن ڳالھ جو ته پڙھڻ ۾ ھو مونکان ڏھ ڀيرا وڌيڪ ھوشيار ھو ۽ مان کائنس ترڻ ۾ ڏھ ڀيرا وڌيڪ ھوشيار ھوندو ھئس. ان ۾ ڪو شبھو ڪونھي ته نيڪي، شرافت ۽ سچ ڳالھائڻ ۾ ھن جا درجا مون کان بلند ھئا. ھڪ ڀيري مونکي چيائين ته شب قدر جي رات ڏاڍي ڀلاري رات آھي ان ۾ جاڳي عبادت ڪرڻ افضل آھي ۽ مون ٻڌو آھي ته رات جي ڪنھن پھر ۾ زمين تي جيڪو پاڻي ندين واھن يا درياھن ۾ آھي اھو کير ٿي پوندو آھي ۽ اھو کير جنھن کي نصيب ٿي ته اھو ولي ٿي پوندو آھي. مون وراڻيومانس ته مون به پنھنجي والدہ کان ٻڌو آھي ڳالھ سچي آھي ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناھي. ٻٽن ڏينھن بعد شب القدر اچڻ واري ھئي سو اسان ٻنھي يڪراءِ ٿي پروگرام ٺاھيو سي ته ان ڀلاري رات جو ھنڌ بسترا کڻي ھلي گھاڙ واھ واري مسجد ۾ سڄي رات قرآن پاڪ جي تلاوت ڪنداسي ۽ جاڳنداسي. جنھن مھل پاڻي کير ٿيندو ته ٻئي پي انشاءاللہ ولي ٿينداسي.
مغرب جي نماز سائين فيض محمد واري مسجد ۾ ادا ڪري غلام مصطفي پنھنجي گھران رلھي ويھاڻو ۽ سوڙ کڻي آيو اھڙي ريت پروگرام مطابق مون به سوڙ، رلھي ۽ ويھاڻو کنيو ۽ گھاڙ تي روانا ٿياسي. سانجھي کانپوءِ گھاڙ تي تقريبن سڀ سرگرمييون ختم ٿي وينديون ھيون. اسان جڏھن مسجد ۾ داخل ٿياسي ته نه ھر پاسي رڳو اوندھ ھئي بلڪه چوطرف سناٽو سنساني لڳي پئي ھئي. ميڻ بتيون ٻاري گھاڙ جي پاڻيءَ مان وضو ڪري رات جي نماز ادا ڪري تلاوت شروع ڪئي سي اھو ڪم طي شدہ پروگرام مطابق واري وٽي تي اڌ رات تائين ھلندو رھيو. مسجد جي اتر واري ڀت تان اڌ مني ڪلاڪ کان پوءِ ليو پائي پيا ڏسون ته پاڻ کير ٿي ته پيئون. ميڻ بتي ھڪ ختم پئي ٿئي ته ٻي پيا ٻاريون، ڳچ رات گذري وئي سيءُ به ڪجھ سوڙھو ڪيو ۽ ٻنھي کي اوٻاسين اچي ورايو اھڙي ڪيفيت ۾ طئي ڪيوسي ته ھاڻي ھڪڙو پڙھي به ۽ پاڻي تي به نظر رکي. جڏھن پاڻي کير ٿي ته ھڪدم ٻي ستل کي اٿاري فيضياب ڪري. پھريون مان سوڙ پائي ستس اڌ مني ڪلاڪ کان پوءِ غلام مصطفي مونکي اٿاريو. مون سمجھيو ته گھاڙ کير ٿي ويو. مگر دوست چوڻ لڳو ته يار ھاڻي مون کي ننڊ پئي اچي سو تون پڙھ ۽ جاڳ. ھڪ ٻه دفعا ائين ڪيوسي مگر خبر تڏھن پئي جڏھن صبح جو سج اڀرڻ بعد اچي ڌوٻين ڌونڌاڙي اٿاريو.

ڪاري پکيءَ جو اثر

ڪاري پکيءَ جو اثر

مان گھاڙ واهه جي عشق ۽ سحر ۾ سڄي عمر مبتلا رھيو آھيان. في زمانا لاڙڪاڻي ۾ نه منھنجو ڪو گھر آ نه ڌراوت نه ڪا ملڪيت. وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر بشير احمد شاد جو گھر منھنجو گھر ۽ رھائش آھي. جڏھن لاڙڪاڻي ويندو آھيان ته ڀائيٽي ڊاڪٽر احسان جي ذھن ۾ ان معاملي تي سوال رھندو آھي ته آخر چاچا سائين توھان جڏھن به لاڙڪاڻي ايندا آھيو ته گھاڙ واھ وارن پاسن جا چڪر ڇو ھڻندا آھيو. پڪ سان ڄاڻان ٿو ته اھڙو سوال پروفيسر رضوان جي ذھن ۾ به ضرور اٿندو ھوندو. بھرحال گھاڙ واهه سلسلي جي مضمونن ۾ جيڪي گھاڙ واھ جي محبت ۾ ساراھ جا گيت مون لکيا آھن سي ئي ھنن سڄڻن جي سوالن جي جوابن ڏيڻ ۾ اوس منھنجي مدد ڪندا.
گھاڙ واھ جي پل ھيٺان مندر وٽ جڏھن اسان رھائش پذير ھئاسي تڏھن مون سان ھڪ غير معمول واقعو پيش آيو ھو. مون هن کان اڳ عرض ڪيو ھو ته مندر جي لڳ شاھ محمد اسڪول جي رخ تي بڙ جو درخت ھوندو ھو. جنھن جي ڇانو ھيٺ سڄو مندر، مٺائي جو دڪان ۽ اسان جو پراڻو گھر ۽ مندر جي اڱڻ اڳيان قائم ميخانو اچي ويندا ھئا. 51_ 1950ع واري زماني ۾ اھو سمورو علائقو ھڪ ويران ۽ ڀڙ ڀانگ ڏيک پيش ڪندو ھو. بڙ جي درخت جي وڏي حجم جو حراس ۽ ھيبتناڪي اسان جي ذھنن تي طاري رھندي ھئي. ڏينھن شينھن آ مگر جيئن جيئن شام ٿيندي ھئي اسان جي والدہ، ڀيڻ ۽ مان ھڪ عجيب ڀوائتي ڪيفيت مان گذرندا ھئاسين. سج لٿي کان پوءِ پھرين منزل تان ھيٺ يا مندر جي آڳر ۾ اچڻ جي اسان کي منع ھوندي ھئي. ھڪ ڏينھن وڻ تي ويٺل پکين مان منھنجي نظر ٽاري تي ويٺل پکي تي پئي. پکي ھو سڄي جو سڄو ڪارو. خبر ناھي ڪڻڇي ھئي ڪوئل ھئي يا ڪو ڪانير. مون ان کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪندي جيئن ٽاري کي لوڏيم ته پکي اچي پٽ تي پيو. مون رحم کائي کيس پڪڙي گھر آندم مگر ھٿ ۾ پکي ڏسندي ئي امان چيو ھن کي گھر ۾ ڇو کڻي آيو آھين. مون چيو امان سٺو ٿو لڳي مان ھن کي پاليندم. ماءُ چيو ته مونکي ھي بيمار ٿو لڳي ٻاھر ڦٽو ڪري اچيس منھنجو ضد ته مان پکي پاليندس بھرحال مون پکي کي ڪمري جي ڪنڊ ۾ ويھاريو ۽ ھن جي اڳيان چانورن جو ڏارو ڇٽي ڇڏيو. فجر جو اٿي ڏٺم ته جنھن جاءِ تي مون پکي کي ويھاريو ھو اتي ھوئي ڪونه جڏھن ھيٺ لھي ڏٺم ته پکي بڙ جي ھيٺان ويٺو ھو پر ماءُ جي ڪاوڙ سبب پکي کي مون ھيٺ داڻو وجھڻ شروع ڪيو. ٻن ٽن ڏينھن ۾ پکي نوبنو ٿي ويو ۽ ٿورو ٿورو اڏامڻ لڳو ھڪ ڏينھن پکي اڏامي وڃي بڙ جي ٽاري تي ويٺو ڏينھن ٻه مون ھن تي نظر رکي پر پکي آخر پکي ھو اڏامي ھليو ويو. پنھنجي انھيءَ عمل تي مونکي ڏاڍي خوشي ٿي. مگر پکي جي جدائي تي مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو. پکي جي وڃڻ کان ھڪ ڏينھن بعد مونکي بخار ٿي پيو شام ٿي بس ڀيڻ اھو چئي ته اھو پکي نه ھو جن ھو جو توکي بخار ڏئي ويو آ. ٻه ڏينھن بخار نه لٿو ته امڙ به ادي جي خيال سان متفق ٿي بيٺي. چئي ته اھو ڪو ماريو جن ھو. توکي چوندي آھيان ته وڻن جي ھيٺان وڃي نه ويھندو ڪر. نيٺ امڙ گھاڙ واھ پل ٽپي بجاءِ ڊاڪٽر جي ستار جي ماءُ پڦي عظيمان ڏي وٺي وئي. جڏھن ھن کي سربستي ڳالھ ڪيائين ته اھا به امان جي خيال جي پٺڀرائي ڪرڻ لڳي ۽ ان جي ئي صلاح سان گجڻ پور روڊ جي ٻي پاسي ڦيڻو رکائڻ لاءِ سيدن جي گھر وٺي ويا، سيدن جي گھر ۾ ھڪ وڏي پپل جي درخت ھيٺان گھر جي آڳر ۾ صندل پيو ھو تنھن تي وڃي مونکي ويھاريائون، وڏي مائي سيداڻي آئي. منھنجي اکين ۾ غور سان ڏسڻ لڳي وري اکين جا ڇپر پٽي چڱي طرح خاطري ڪيائين. پڦي کان حوال پڇيائين جيڪو ھن سربستو بيان ڪيس. مائي سيداڻي ڪجھ پڙھي شوڪاريو ۽ چيائين ته ڇوڪر تي پکي جو اثر آ جن جو ناھي، مٿي تي ٿڌيون پٽيون رکندا اچوس ۽ دم لاءِ به سانجھي جي نماز وقت ڀلي کڻي اچوس، اللہ ۾ اميد آھي ته ڇوڪر چاڪ چڱو ڀلو ٿي ويندو.

گھاڙ جي ڪناري تي سڄڻن سٿ جي پڪنڪ

گھاڙ جي ڪناري تي سڄڻن سٿ جي پڪنڪ

لاڙڪاڻي جي گھاڙ واھ تي سماجي، معاشي ۽ ثقافتي شغل ۽ تقاريب جو انعقاد زماني کان پئي ٿيندو رھيو ھو. پر اسان وٽ انجي ڪا سربستي تاريخ مرتب ٿي ڪانه سگھي آھي، پر مون پنھنجي سانڀر ۾ گھاڙ واھ جي ڪنارن تي جيڪي سرگرميون ٿيندي ڏٺيون تن ۾ مويشي ميلا، ڪارنيواليون ۽ سرڪسيون، ساليانا عرس ۽ ميلاد، مجالس عزادري و ثقافتي ۽ عوامي جشن وغيرہ شامل آھن.
منھنجي اسڪول ۽ ڪاليج جي دوستن65_1964ع ڌاري گھاڙ واھ ڪناري تي تفريح جي غرض سان ھڪ گڏجاڻي رکي. منھنجو ۽ بشير احمد جو گھر ھڪ گھٽي جي فرق سان علي گوھر آباد ۾ ھو تنھنڪري دوستن طئي ڪيو ته سڀ منھنجي گھر ڪٺا ٿي پوءِ اتان گھاڙ واھ جي ڪپ تي وڃي پڪنڪ ڪنداسين. دڙي محلي کان جيڪي دوست اچڻا ھا تن مان اسان جو رھنما، رھبراستاد محترم غلام اللہ شيخ، محمد يوسف ابن واحد بخش شيخ، اللہ بخش شيخ، رسول بخش شيخ پٽ خاوند ڏنو سڀ کان اول منھنجي اوطاق تي پھچي ويا. مراد واھڻ ڳوٺ مان مولا بخش ڀٽو، جعفري محلي مان محمد يوسف شيخ ۽ عبدالخالق شيخ علي گوھر آباد مان غلام مصطفي بولاڻي شريڪ محفل ٿيا. بشير احمد نه صرف منھنجو دلبر دوست ھو پر يار غار به ھو سو مڙني انتظامي ڪمن ۾ مون سان شريڪ حال ھو. جي چوان ته سمورو انتظام ئي اھو ڪندو ھو ته بيجا نه ٿيندو. منھنجي گھر ۾ چانھ بسڪوٽن سان ناشتو پاڻي ڪري سڀئي دوست پڪنڪ جو مال متاع کڻي گھاڙ واھ روانا ٿياسين.
ڌوٻي گھاٽ لڳ جتي ڌوڙڌيا مٽي مان سون ڪڍندا ھا تنھن جاءِ کان ٿورو اڳڀرو پھرين بمبر شاخ وٽ سھڻي گھاٽي ڇٻر ھوندي ھئي اتي وڃي پڙاءُ ڪيوسين. ان جاءِ تان گھاڙ واھ جي ٻنھي ڪنارن جو ڏيک به نھايت سھڻو ۽ اکين ٺار پئي لڳو. پڪنڪ جي سامان ۾ اسان وٽ ٻه صحتمند ڪڪڙ ھئا جن کي روسٽ ڪرڻ جو پروگرام ھو. تنھن کان علاوہ فروٽ ڍٻل روٽيون اسڪوائش، شربت، ڪيڪ رسڪ وغيرہ موجود ھئا. پڪنڪ جو ماحول گرم ڪرڻ لاءِ پھريون مسئلو جيڪو درپيش ھو سو ھو ڪڪڙن جي ڪھڻ جو. سنگت ۾ مولا بخش ڀٽو وھين جو ڀلوڙ شڪاري ھو. تنھن ڪري ڪڪڙن کي ذبح ڪرڻ جي لحاظ کان ھو سڄي سنگت ۾ فيورٽ ھو. مگر ان صاحب اھو ثواب جو ڪم سرانجام ڏيڻ کان انڪار ڪيو. نيٺ اھو ڪم مونکي ئي سرانجام ڏيڻو پيو. دوستن ڪُل ۾ ڪوئلا وجھي باھ ڀڙڪائي ۽ مرغ گرل ڪرڻ جي شروعات ٿي وئي. ڪن دوستن فروٽ کي وڍي ڪپي ڊش سجايا. گھاڙ جي خوبصورت ڪنارن تي اسان جي پڪنڪ جاري رھي. ڪي دوست گھاڙ واھ جي سيني تي ترندڙ مال آڻيندڙ ۽ نيندڙ ٻيڙن جو خوبصورت منظر ڏسي باغ بھار ٿي رھيا ھا. ڪن شوقين دوستن پنھنجا ڪيمرا ڪڍيا ۽ گھاڙ جي ارد گرد جيڪي دلڪش منظر ڏسڻ وٽان ھا تن کي ڪيمرا جي لينسن ۾ قيد ڪيو. اسانجي محفل جو مور سائين غلام اللہ ھو جيڪو ميونسپل ھاءِ اسڪول ۾ اسان جو ھردل عزيز ٽيچر ٿي رھيو ھو. سو اسانجي سرگرمين ۽ خوشين ۾ خاص دلچسپي رکندو ھو. ازانسواءِ ھو اسانجون اھڙيون گڏجاڻيون ۽ محفلون اسان جي ئي ھٿان منقعد ڪرائي موقعا پيدا ڪندو ھو ته جيئن ھو پنھنجي گفتگو ۽ اصلاحي ليڪچرس ذريعي اھڙي پر فضا مقام تي اھو ڪجھ ڊليور ڪري سگھي جيڪو اسڪول ۽ ڪاليج جي ڪلاس رومن ۾ نصابي ڪتاب پڙھائيندي نٿو ڪري سگھجي. اسان خود اھو چاھيندا ھئاسين ته استاد محترم جي نگراني ھيٺ اسان جون جيڪي فروغ علمي ادبي ڪاميٽيون، اسٽڊي سرڪل، تفريحي پروگرام ۽ سنڌي سڄڻن سٿ آھن تن جي پليٽ فارم تان ھو اسان جي سرگرمين کي اڳتي وڌائي. سائين جي ھن تفريحي موقعي جو فائدو وٺندي ٻين جي ڪم اچڻ. سماجي ڀلائي جي ڪمن ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۽ پنھنجو ذاتي اصلاح ڪرڻ تي ڪارائتيون ڳالھيون ٻڌائيون ۽ ان سان گڏ ھن اسانجي دوستن مان محمد يوسف واحد بخش، بشير احمد، محمد يوسف پُٽ محمد جعفر کان انھن موضوعات تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪرائي. ھن تفريحي پلان ۾ ھر طرح جون ڪاميابيون حاصل ٿيون مگر قابل ذڪر ڳالھ ھي رھي ته ان شام جي سج لھڻ جو منظر نھايت خوبصورت ھو جنھن سموري ماحول تي ۽ اسان تي سحر طاري ڪري ڇڏيو. سانجھي جي نماز گھاڙ واهه جي ڪناري تي ادا ڪري اسان گھاڙ واھ جي خوبصورت ماحول کي الوداع ڪيوسين.

لاڙڪاڻو باغن جو شھر

لاڙڪاڻو باغن جو شھر

ذرخيز ۽ ججھي پاڻي ڪري آبادڪاري جي لحاظ کان گهاڙ واهه لاڙڪاڻي جي زمينن کي اھڙا رنگ لائي ڇڏيا جو سنڌ جو ھي خطو باغن جو شھر سڏائڻ لڳو. ۽ ڪيترن ئي ٻين تحقيقي ۽ معلوماتي ڪتابن توڙي ريسرچ پيپرس ۾ اسان کي ڀلي ڀت ڄاڻ ملي ٿي ته انگريزي دور حڪومت ۾ لاڙڪاڻو پنھنجي سنھري دور مان گذري رھيو ھو ۽ کيس باغن جو شھر سڏيو ويندو ھو. سنڌ جي عالمن، ڏاھن اديبن ۽ خاص ڪري لاڙڪاڻي جي اديبن ۽ عالمن جي مقالن جو مطالعو ڪبو ته واضح دليل ملندا ته لاڙڪاڻو ميراڻي دور ۾ پنھنجي ترقي جي عروج تي ھو. جيتوڻيڪ لاڙڪاڻي ۾ زرعي آبادڪاري جي دور جي شروعات ڪلھوڙن حڪمرانن جي زماني ۾ ان وقت شروع ٿي جڏھن سنڌ جي جوڌي فوجي سرواڻ وزير ۽ نگران نظام آبپاشي ميان شاهل محمد ڪلهوڙي چانڊڪي پرڳڻي جي ھن ڳوٺ ۾ وھندڙ سنڌو درياھ جي (ڪريڪ) درياھ جي قدرتي ڦاٽ جي اھميت جو اندازو لڳايو. ان کي وسعت ڏئي ڪشادي واھ جي صورت ۾ آندو. دراصل گھاڙ لفظ گھار جو بگڙيل صورتي لفظ نظر اچي ٿو. گھاري سنڌي ٻولي جو لفظ آھي. جنھن جي معني آھي پنھنجي ڪينواسي نظام مان وچ خالي ٿيل جيئن ڪوري جي آڏاڻي تي ڪپڙي اڻڻ وقت ھڪ يا ھڪ کان وڌيڪ تندون حادثاتي طور ٽٽي پونديون آھن ته ڪپڙي جو ڪينواس اڻندڙ رڇ اھا جاءِ اول کان آخر اڌ حصي يا ان کان گھٽ ايريا ۾ ھڪ جاءِ خالي ڇڏيندو ويندو آھي اھڙي خال کي سنڌي ۾ گھاري چئبو آھي. بھرحال چانڊڪي پرڳڻي جي ھن حصي ۾ قرب و جوار کان ۽ ڏور ڏور کان گھاڙ واھ جي وھڪري جي ھاڪ ٻين بحرن ۽ تڙن تي مڇي ماريندڙ يا واپاري مال جي ترسيل جي ڪمن ڪارن سان سلهاڙيل مھاڻا ميربحر ۽ مانجھي ملاح پنھنجا ڊونڊا ٻيڙا ڪاھي اچي گھاڙ واھ ڀيڙا ٿيا. انھن جي اچ وڃ ۽ ٻيڙن ذريعي واپار کي ھٿي ملڻ ڪري گھاڙ واھ جي اوڀارين ڪپ تي مھمان واپاري لوڪن لاءِ نوان گھر اڏجڻ لڳا. واپاري ڏيتي ليتي ۽ مال جي ترسيلي سرگرمين ۾ تيزي ۽ ترقي جي ڪري خطي ۾ خوشحالي آئي جنھنجي نتيجي ۾ واپاري گروھن ۽ انھن جي ڪاروباري ڪارندن توڻي ڀلاوڻن ھن ننڍي واپاري ڪالوني ۾ وڏا خانگي مھمان خانا اڏيا. جن کي اڳتي ھلي سراءِ سڏيو ويو. وڌي واپار ته لڳي ڀاڳ جي مصداق ھتي گھاڙ واھ ذريعي ھلندڙ واپار ڪري ماڻهن جا ڀاڳ کلي پيا. گھاڙ جي ڪپ تي ننڍي ڳوٺ وڏي واپاري شھر جي صورت اختيار ڪئي. چانڊڪي جي ھن حصي ۾ معاشي ترقي ۾ جيئن پوءِ تئين اضافو ٿيندو ويو. ٻاھران ايندڙ واپارين جي قافلن جا قافلا اچي هتي رھڻ لڳا. اھي رھائشون ۽ مھمان خانا اڳتي ھلي قافلا سراءِ سڏجڻ لڳا اھا قافلا سراءِ لاڙڪاڻي ۾ اڄ به ساڳي جاءِ تي ساڳوڻي نالي سان موجود آھي. ھن خطي ۾ لاڙ مان ايندڙ ميربحر، مانجھي، ملاح، مھاڻن مان ڪي پاڻ کي لاڙڪ ڪوٺائيندا ھئا تنھنڪري بندرگاھ ويجھو رھائشگاھن، قافلي سراءِ ۽ لاڙڪن جي ماڳن مڪانن تي ھڪ نئين شھر جو اضافو ٿيو.
لاڙڪاڻي ۾ ترقي ۽ خوشحالي ميرن جي دور ۾ ڏينھون ڏينھن وڌندي وئي. مطالعي مان ھي ڳالھ سامھون اچي ٿي ته گھاڙ واھ جي ڪشادي پيٽي وارو علائقو جنھنجو مون اڳ به ذڪر ڪيو آھي تقريبن سرلا ديوي واري اسپتال کان ويندي گجڻ پور تائين وڏين ڊونڊين، ٻيڙين، غورابن ۽ واپاري مال آڻيندڙ نيندڙ ٻيڙن جي باقاعدہ ھڪ گودي بڻجي پيو. اھڙن واپاري سرگرمين جيڪا خطي ۾ ترقي آندي تنھنجو نظارو لاڙڪاڻي جي ٻه ماڙ ٽي ماڙ عمارتن، باغن بستانن ۽ سماجي و معاشي حالتن مان عيان ٿيڻ لڳو. اھوئي سبب آھي جو لاڙڪاڻو باغِ عدن ۽ شھر گلستان سڏجڻ لڳو. انگريزي دور جي آفيسرن ڪليڪٽرن ۽ سرندي وارن صاحبن ۽ سيٺين لاڙڪاڻي جي اپت ڪاري خزانن جي رقم مان شھر جي خوبصورتي تي مال خرچ ڪري باغن جي اڏاوت تي خاص توجہ ڏنو. انگريز آفيسرن بولس باغ ۽ ريالي باغ اڏايو ريالي باغ جي آبياري لاءِ ڪليڪٽري بلڊنگ پويان سول سرجن جي رھائشگاھ وٽ وڏو کوھ کوٽي تيار ڪيو ويو. بولس باغ ته ھيوئي گھاڙ واھ ۽ گھاڙ مان ڀرجندڙ تلاءَ جي ڪپ مٿان. ٻيو وري باغ کي سيراب ڪرڻ لاءِ ھڪ وڏو کوھ پڻ ھو جيڪو ڌرمداس ڌرمون جي ٽڪاڻي پٺيان اڙدو پي. وي اسڪول جي گرائونڊ ۾ هوندو هو. بولس باغ اسان جي سانڀر ۾ آباد ھو. ان جي سھڻن ٻارن ۽ ڪيارن ۾ لڳل گلن جا خوبصورت منظر اکين ۾ اڃا به ڦرن ٿا.
لاڙڪاڻي جي معروف صوفي شاعر ڌرمداس ”ڌرمون“ جو ننڍڙو پوڄا گھر بولس باغ جي وٽ ۾ آھي جنھن ۾ مٿا ٽيڪ ٿيندي آھي ۽ کيس ٽڪاڻو سڏيو ويندو آھي سو اڄ سوڌو قائم آھي. ان ساڳي جاءِ تي بولس باع جي ڪشادي لان ۾ مسٽر بولس ڪليڪٽر صاحب ھڪ ڪلاڪ ٽاور تعمير ڪرايو ھو. اھو ٽاور اڄ ھڪ سھڻو نظارو پيش ڪري ٿو. ھاڻي اھو ڪلاڪ ٽاور ۽ سمورو باغ ڪينڊري مارڪيٽ سڏجي ٿو.
لاڙڪاڻي جي تاريخي پسمنظر ۾ ھن باغ جي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي طور وڏي اھميت رھي آھي. ورھاڱي کان اڳ لاڙڪاڻي جو بولس باغ سياسي سرگرمين جو مرڪز رھيو آھي، سياسي تحريڪن ۽ سماجي سرگرمين جي حوالي سان ڏسجي ته ھن باغ جو لاڙڪاڻي جي تاريخ جي جوڙجڪ ۾ اھم ڪردار آھي. لاڙڪاڻي جا ڪانگريسي اڳواڻ 1930ع کان 1935ع واري دور ۾ پنھنجي سياسي سرگرمين لاءِ بولس باغ کي استعمال ڪرڻ لڳا. اھڙي طرح ورھاڱي تائين بولس باغ ھندن جي سياسي و سماجي تحريڪن جو مرڪز رھيو.
لاڙڪاڻي جي ھن خوبصورت باغ ۾ جڏھن وڏي کنڊ جو مھان سياسي اڳواڻ موھن لال ڪرمچند گانڌي ڪانگريسي سياسي مقصد کي ھٿي وٺائڻ لاءِ پنھنجي سياسي ٽيم سان لاڙڪاڻي ۾ آيو ھو ته کيس ھن باغ ۾ پنڊال ٺاھي سجائي ڏنو ويو. لاڙڪاڻي جي جعفري محلي لڳ رھندڙ انوقت جو ٻالڪ رام پنجواڻيءَ ان سياسي جلسي ۾ ھڪ گيت گايڪ جي حيثيت ۾ اينٽري ڏني ھئي. ان ڏس ۾ رامچند جي رھنمائي لاڙڪاڻي جو مشھور شاعر ۽ ڪانگريسي ليڊر ”ڪشنچند بيوس“ ۽ هوندراج ”دکايل“ ڪئي ھئي. ھن محفل ۾ مٺڙي ۽ سھڻي آواز ۾ گيت پيش ڪرڻ تي رام کي مھاتما گانڌيءَ آشرواد ۽ شاباشي ڏني ھئي. رامچند پنجواڻي جيڪو بعد ۾ ڪراچيءَ جي ڊي_جي سنڌ ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ٿيو. سو ورھاڱي کانپوءِ بمبئي ھليو ويو ۽ اتي کيس بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. ھن صاحب ھندوستان ۾ رھندي ھڪ سنڌي ڊراما آرٽسٽ، ھڪ گايڪ ڪلاڪار ۽ شاعر جي حيثيت سان وڏو نالو ڪميايو.
لاڙڪاڻي ۾ ڪرما باغ جو بنياد به انھن سياسي ۽ سماجي سرگرمين واري زماني ۾ پيو جنھن زماني ۾ مھاتما گانڌي لاڙڪاڻي آيو ھو. جن سياسي، سماجي اڳواڻن ڪانگريس جي پليٽ فارم تان ان زماني ۾ اھم ڪردار پئي ادا ڪيو انھن ۾ ماستر ڪشنچند کتري، پرڀداس تولاڻي دولترام جيرام داس ۽ مسٽر هوندراج ”دکايل“ گھڻو متحرڪ رھندا ھئا. لاڙڪاڻي جي نوان تڪن ۽ دڙي محلي ۾ ھندن جي گھڻائي ھئي ۽ انھن جي ڪميونيٽيز ۾ امير ماڻھن جي پڻ کوٽ ڪانه ھئي. تنھنڪري ھن علائقي ۾ ڪرما باغ جي بنياد وجھڻ وقت وڏي جشن جو سمو برپا ڪيو ويو. دراصل دڙي محلو ۽ نوان تڪ ھندن جا اڪثريتي علائقا ھئا جنھن ۾ ھندن جا ننڍا وڏا مندر ۽ ٽڪاڻا قائم ھئا. ٽڪاڻن ۽ مندرن جي ڀرسان مين بيڪر روڊ جي ٽِواٽي تي ريجھومل جو بوتو نصب ٿيل ھو. ان زماني ۾ پيسي پنجڙ جي لحاظ کان ھتان جي ھندو ڪميونٽي گھڻو سگھاري ھئي جنھن ڪرم چند گانڌي کي لاڙڪاڻي ۾ گھرائڻ کان اڳ ۾ ھن علائقي ۾ ھڪ نئين باغ لڳائڻ جو مڪمل بندوبست ڪيو ھو. جنھن جي افتتاح وقت باغ جو نالو به ڪرمچند باغ رکيو ويو جيڪو اڳتي ھلي ڪرما باغ سڏجڻ لڳو. ھن باغ جي آبياري لاءِ باغ جي اوڀر ۾ ھڪ وڏو کوھ کوٽيو ويو ھو. ٻيو وري گھاڙ واھ کان ايندڙ ھڪ ننڍي بمبرجي شاخ پڻ باغ جي پويان وھندي ھئي جيڪا ابوبڪر مقام تائين ھلي ويندي ھئي جيڪا ڪرما باغ جي آبياري ڪندي ھئي.
لاڙڪاڻي جو گيان باغ
ھي باغ لاڙڪاڻي جي مڙني باغن کان ڪشادو ۽ خوبصورت ھو. خاص ڳالھ ته ھي باغ لاڙڪاڻي جي ھڪ مخير ۽ محنتي ماڻھو گيانچند جو لاڙڪاڻي جي عوام لاءِ ھڪ تحفو ھو. لاڙڪاڻي جي ھن فقير منش لاءِ چيو وڃي ٿو گيانچند پنھنجي پتا جي ديھانت بعد مالي مشڪلات سبب بدحالي جو شڪار ٿي پيو، مگر ھن پنھنجي زندگي جي سفر ۾ ڪاروبار تي خاص ڌيان ڏيندي ھٿ بيٽرين جو دڪان کوليو جتان کيس وڏو فائدو حاصل ٿيو ۽ چڱي ترقي ٿي. گيانچند اڪثر جرمني ۽ گريٽ برٽن مان ھٿ بيٽريون گھرائيندو ھو. لاڙڪاڻي ۾ رھندي ئي ھن کي اھڙي واپار ۾ ججھا فائدا حاصل ٿيا. مگر ڪاروبار کي وڌائڻ لاءِ ان زماني ۾ ھن بمبئي جي ھڪ شاپنگ مال ۾ وڃي دڪان کوليو جتان پڻ کيس وڏو فائدو ۽ ترقي ٿي . پنھنجي مٺڙِي ماتا جي ديھانت کانپوءِ ھو اڪثر مايوس رھڻ لڳو. ستت ئي پوءِ پياري گھرواريءَ سيتا ديوي جو شمشان جو سفر سنواريو ته ھو نھايت دل شڪستو ٿي پيو ۽ ڏک ۽ غم سندس ھردي کي ويڙھي ويو. گيانچند پنھنجي غمن جو اونٽار لاھڻ لاءِ سنتن ۽ فقيرن جي سنگت ساٿ ڏانھن ڌيان ڏيڻ لڳو. ھن چاھيو پئي ته کيس اھڙو ڪو گيان ملي جنھن سان ھن جي غمن جو اونٽار ھلڪو ٿي ۽ من کي شانتي ملي. صوفي سنتن جي سنگت ۾ پھريون گيان کيس اھو مليو ته ھو لوڪ جي چڱ ڀلائي لاءِ ڪم ڪري.
گيانچند فطرتن قدرت ڏانھن مائل ھو ۽ زماني جي لحاظ کان به ذوق شوق وارو ماڻھو ھو. سو گھاڙ واھ جي پرين ڀر تي زمين جو ھڪ وڏو ٽڪرو خريد ڪري ان جي ھڪ حصي تي انبن، زيتونن ۽ توتن جا وڻ پوکرايائين. زمين جو ھڪ حصو مخصوص ڪري ان تي ھڪ سھڻو پارڪ ٺھرايائين جنھن تي پنھنجي پياري استري سيتا ديوي جو نالو رکيائين. پارڪ جي ان حصي ۾ سيتا جي نالي تي ھڪ يادگار چوڪنڊي ٺھرايائين. باغ جي ھن حصي ۾ ھڪ وڏو لان ٺھرايائين جنھن جي سائي ڇٻر جي چوڌاري وٽن تي قسمين قسمين جا گل ٻوٽا رکيائين. گيانچند لاڙڪاڻي جي شوقين ماڻھن ۾ پھريون ماڻھو ھو جنھن سيتا پارڪ واري لان ۾ گل لالا جا وڻ پوکايا جيڪي مون پنھنجي زندگي ۾ پھريون دفعو ڏٺا. سيتا پارڪ کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ عورتن ۽ ٻارن لاءِ ٻه وڏيون پينگھون لڳل ھونديون ھيون جن تي مزا وٺڻ لاءِ سڄي شھر جا ماڻھو پنھنجي عورتن ۽ ٻارن کي شام جي وقت گھمائڻ لاءِ وٺي ايندا ھئا. مان به گجڻ پور محلي کان پنھنجي پڦي، والدہ ۽ ڀيڻ سان گڏجي انھن پينگھن تي اچي لڏندو ھوس. سيتا پارڪ جو اھو حصو رڳو ٻارن ۽ خواتين لاءِ مخصوص ھوندو ھو.
گيانچند پنھنجي ذاتي رھائش لڳ زير زمين ھڪ بھُرو پڻ ٺھرايو هو جيڪو گرمي جي ڏھاڙن ۾ ٿڌو رھندو ھو. ان زير زمين جاءِ جي حد کان ويندي سيتا پارڪ تائين گيانچند عام ماڻھن لاءِ ھڪ ڪشادو لان ٺھرايو ھو. ان لان ۾ ديسي ڇٻر ۽ گلاب جي گلن جون چڪيون لڳل ھونديون ھيون. خبر ناھي ته ان ۾ جيڪو ھڪ وڏو پکو لڳل ھوندو ھيو اھو ڪيتري ھارس پاور جو ھو پر جڏھن باغ ۾ اھو ھيوج پکو ھلندو ھو ته ويھن پنجويھن ڦٽن تائين ھوا ڏيندو ھو. شھر جا گرميءَ جا ستايل ماڻھو شام جو اچي ان پکي جي ٿڌڙي ھوا ۾ ويھي آنند وٺندا ھئا.
گيانچند پارڪ جي ھڪ حصي ۾ پنھنجي ذاتي رھائش رکي ھئي. مگر ورھاڱي بعد اھا عمارت ڪسٽوڊينٽ آفيس جي نذر ٿي وئي. ان عمارت جي بلڪل سامھون گھاڙ واھ جي ڪپ تي ھڪ وڏو مھمان خانو جوڙايائين جنھن ۾ اڪثر ساڌو، سنت ۽ فقير فقرا قيام ڪندا ھئا. علاوہ ازين ان عمارت ۾ صوفي شاعر ولايت راءِ کتري جي نگراني ۾ صوفي فقيرن، شاعرن ۽ راڳين جون محفلون لڳنديون ھيون.

لاڙڪاڻي جو تجر باغ
لاڙڪاڻي جو تاريخي تجر باغ جنھن کي ھاڻي جناح باغ سڏيو وڃي ٿو. تنھن تي ھي نالو ورھاڱي کان پوءِ پيو ھن باغ جي آبياري لاءِ پڻ ھڪ وڏو کوھ کوٽيو ويو ھو. جنھن جي ڪري ھتي وڻن، ٻوٽن ۽ گلڪاري ڪري ھر وقت بھاري لڳي پئي ھوندي ھئي.
ورھاڱي کان اڳ 1926ع ڌاري ھن باغ ۾ ھڪ ليڊيز ڪلب قائم ڪيو ويو، جنھن کي شھر جي سماجي شخصيت ڀومي ٻائي جي نالي سان منسوب ڪيو ويو. خواتين جي ھن ڪلب ۾ عورتن جون سماجي، ثقافتي ۽ سياسي سرگرميون رھنديون ھيون. خاص ڪري ھتي ڪانگريس پارٽي جي ھندو عورتن جو ھولڊ رھندو ھو. پاڪستان ٿيڻ کانپوءِ ڀومي ٻائي ڪلب ۾ خواتين جون ساڳيون سرگرميون قائم رھيون البته نئين دور ۾ ھن ڪلب جي ميمبر خواتين جي تعاون سان جناح باغ ۾ مينا بازاريون پڻ لڳڻ لڳيون.
جناح باغ جي مرڪزي حصي ۾ مرحوم نواب ولي محمد لغاري جي مرقد ھوندي ھئي، جنھن ۾ مرحوم امانتن مدفون ھئو. سندس مزار جي مٿان ھڪ خوبصورت تجر ٺھيل ھوندي ھئي. مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته مرحوم جي امانتن دفنائڻ واري مدت معاد پوري ٿيڻ بعد ھن جي لاشي کي تجر مان ڪڍي سندس اباڻي ھنڌ مطلوب جاءِ تي منتقل ڪيو ويو.
ھن پررونق باغ ۾ لاڙڪاڻي جي پبلڪ لاءِ ھڪ وڏو ٽائون ھال تيار ڪيو ويو ھو بعد ۾ جتي ھڪ عاليشان لائيبريري قائم ڪئي وئي آھي. ھن ٽائون ھال ۽ لائيبريري ۾ ادبي، علمي، سماجي ۽ ثقافتي سرگرميون پڻ رھنديون ھيون. جناح باغ جي حدن ۾ شھر جي اپر ڪلاس شھرين لاءِ ھڪ سٽيزن ڪلب قائم هئي، جيڪا اڄ تائين موجود آھي. ان کانسواءِ ھتي ھڪ پريس ڪلب آھي جنھن ۾ هڪ بھترين لائيبريري پڻ قائم آھي.
جناح باغ ۾ في زمانا عيد جون نمازون، عوامي ميڙ، اجتماع،نمائشون،مينابازاريون، ادبي محفلون، سيرت ڪانفرنسون، سياسي ۽ سماجي نوعيت جا جلسا ۽ گڏجاڻيون ٿينديون رھنديون آھن. ڏٺو وڃي ته لاڙڪاڻي جو جناح باغ شھر ۾ ھڪ ھائيڊ پارڪ جي حيثيت رکي ٿو.

لاڙڪاڻي جو راڻي باغ
گھاڙ واھ سان قربت، انس، اڪير ۽ وابستگي جون جيڪي يادگيريون منهنجي ذهن ۾ آھن، چاھيان ٿو ته اھي ساڃاھه وند دوستن اڳيان بيان ڪريان. گھاڙ واھ ڪٿا ڪھاڻي جي ارڙھين حصي ۾ مون گھاڙ واھ جي اصل حقيقت، ان جي تاريخي سفر، ان جي توسيع ۽ ترقي، ان جي ڪنارن تي شھر لاڙڪاڻي جي انسائڪلوپيڊيائي حيثيت سان اڀري City of Gardens جو جنم وٺڻ کان ويندي باغ عدن ۽ باغن جي شھر ۾ مشھوري جي ھڪ عالمي رڪارڊ ۾ داخل ٿيڻ جو ذڪر ڪيو آهي. ھن باغ جي محل ۽ وقوع جي اھميت ۽ غائيت منھنجي نظر ۾ لاڙڪاڻي جي ٻين باغن کان گھڻي آھي. لاڙڪاڻي جو راڻي باغ منھنجي زندگي جي ڪھاڻي جو پڻ مرڪز ۽ محور رھيو آھي. ان جو سبب اھو آھي ته ھن باغ جي چئني ڪنڊن تي منھنجي ٻالڪپڻي، جواني ۽ پيري جو سڄو داستان لکجي اختتام پزير ٿئي ٿو.
راڻي باغ لاڙڪاڻي جي ان حصي ۾ آھي جتي لاڙڪاڻي جو جنم ٿيو ۽ اھو ئي پاڙو ۽ ماڳ لاڙڪاڻي جي جنم ڀومي آھي. راڻي باغ جي اتر اوڀر ۾ گھاڙ واھ وھندو ھو. باغ جي اوڀر ۾ بھارپور جو تاريخي محلو آھي جنھن جي تاريخي حيثيت پڻ باغن جي ھن شھر سان سلھاڙيل آھي. راڻي باغ جي ڏکڻ ۾ تاريخي محلو قافلي سراءِ ۽ علي گوھرآباد واقع آھن. ڏکڻ اولھ ۾ ايمپائر روڊ ۽ نگار ۽ ايمپائر سينيمائون آھن ۽ اولھ ۾ جيلس بازار، ميونسپل آفيس، شاھ محمد اسڪول ۽ سرلا ديوي واري اسپتال موجود آھن. لاڙڪاڻي جي شھر جو ھي نقشو ماضي قريب جو آھي. جنھن ماضي ۾ ھڪ لحاظ سان ڄڻ مون پاڻ کي اسٽاپ ڪري ڇڏيو آھي. راڻي باغ جو ذڪر آئون ضرور ڪندس مگر ان جو مذڪور صرف انهن سڄڻن کي دل سان لڳندو ۽ سمجھ ۾ ايندو جن راڻي باغ کي گھمي ڦري ڏٺو ھوندو. ھاڻي ان جاءِ کي جنھن حيثيت ۽ نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو اھو نالو منھنجي اڳيان اچي ٿو ته اکين ۾ رت جا لڙڪ وھڻ لڳن ٿا.
ٻالڪپڻي تقريبن 1950_52 ۾ جنھن وقت منھنجي عمر اٺ ڏھ سال کن ھئي آئون پنھنجي والدہ سان راڻي باغ لڳ عورتن جي عام مشترڪ لٽن ڌوئڻ جي جاءِ تائين ميرن ڪپڙن جي ڳنڍ کڻائي ويندو ھوس. پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ به چند سالن تائين Collective ladies washing area جو ڪلچر ملڪ جي وڏن شھرن ۾ موجود ھئو. اھو گھاٽ صرف ۽ صرف خواتين لاء مخصوص ھوندو ھو تنھنڪري مونکي ٻه ٽي ڪلاڪ کن ٻاھر ترسڻو پوندو ھو جيسيتائين امڙ ڪپڙا ڌوئي پورا ڪري. ان گھاٽ سان لڳو لڳ راڻي باغ ھوندو ھو. وقت گذاري لاءِ مان وڃي راڻي باغ جي گلن ڦلن جو واس وٺندو ھوس. باغ جي صدر دروازي اڳيان برٽش دور جو ھيڊرالڪ پريس سيمينٽيڊ فرش ھوندو ھو ان زماني ۾ ان روڊ جي ڪا چٿڙي به لٿل ڪانه ھوندي ھئي. ان جي مٿان ھلڻ ۾ يا وري سائيڪل ھلائڻ ۾ ڏاڍو لطف ايندو ھو.
ھن باغ جو نالو راڻي الزبيٿ جي نالي سان منسوب ھو تنھن ڪري ان کي راڻي باغ سڏيو ويندو ھو. باغ ۾ اندر داخل ٿيڻ تي گلن جي ھڪ مخصوص خوشبو ايندي ھئي مگر ان خوشبو تي ڪنڊي، ڪڪر ۽ ديوي جي ڦلڙين ۽ سڱرين جي خوشبو غالب ھوندي ھئي. باغ جي چوڌاري چار ديواري لڳل ھئي جنهن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ رڳو ھڪ دروازو ھوندو ھو. ايريا جي لحاظ کان باغ اوڀر کان اولھ ڊريگھ ۾ گھڻو ويڪرو ھو. شڪل ۾ مستطيل ھو وچ ۾ وڏو حوض ھوس جنھن ۾ پاڻيءَ جي مٿاڇري تي ترندڙ للي جا ٻوٽا پيا ھوندا ھئا. باغ جي اوڀارين پاسي آخر ۾ ھڪ پراڻي دور جو بنا در ۽ درين جي خالي ڪمرو پيو ھوندو ھو جيڪو تقريبن گھاڙ واھ جي ڪناري سان لڳل ھو تنھن کان پوءِ باغ جي آخري حد واري چوديواري ھوندي ھئي. راڻي باغ جو پڪو فرش صاف سٿرو ۽ چمڪندڙ ھوندو ھو. ٻار نه ڏسندا ھا صبح نه شام. نه ڏسندا ھا سردي نه گرمي ان تي پيا سائيڪلون ھلائيندا ۽ سکندا ھئا. ٻارنھن سالن جي عمر ۾ مون به سائيڪل ھلائڻ اتي سکي. ان زماني ۾ ننڍي سائيڪل جي پندرنھن منٽن جي مسواڙ ھڪ آنو، اڌ ڪلاڪ ٻه آنا، ڪلاڪ جو ڪرايو ھڪ پاولي يعني رپئي جو چوٿون حصو ھوندي ھئي ۽ ساڳي زماني ۾ ٿرڊ ڪلاس ۾ فلم ڏسڻ جي ٽڪيٽ به چار آنا ئي ھوندي ھئي.
راڻي باغ جا چارئي پاسا خالي ھئا ڏکڻ ۾ بھارپور ڏانھن ويندڙ روڊ ھو ۽ وچ ۾ باقي خالي ميدان ھو. اتر ۾ گھاڙ واھ پر انھن ٻنھي وچ ۾ وڏو خالي ميدان ھوندو ھو. ڏکڻ اولھ ۾ ايمپائر روڊ ھوندو ھو ان وقت روڊ جي سائيڊ تي ھڪ يا ٻه دڪان ھوندا ھئا جن مان ھڪ ڪنڊ تي اٽي پيھڻ جي مشين لڳل ھئي جيڪا پوءِ برف فيڪٽري ۾ تبديل ٿي وئي، ٻيو شايد ليٿ مشين جو ڪارخانو ھوندو ھئو. ڪارخانن جي پٺيان ڪپڙن ڌوئڻ جو زنانو مشترڪ گھاٽ ھوندو ھو. ڏکڻ ۾ ايمپائر روڊ کان راڻي باغ جي آخري حصي تائين خالي ميدان پيو ھوندو ھو. تنھن کانپوءِ به گهڻي زمين خالي پئي ھئي جنھن تي ٽريش لينڊ فل قائم ھئي. اھو سمورو خالي ميدان معاشي ڪاروباري ثقافتي ۽ تفريحي مقاصد لاءِ استعمال ٿيندو رھندو ھو. توڙي جو اھو ميدان اسان جي گھر کان معمولي پري ھو پر امن امان جو بھترين ماحول ھجڻ ڪري اسان اتي وڃي راند روند ڪندا ھئاسين. اسان جي گھر جي در کان ھڪ ئي ڪچي سڙنڪ ھئي جيڪا اچي ان ميدان ۾ بيھاريندي ھئي. تقريبن ٽن چئن پاڙن جا ٻار راڻي باغ جي ميدان تي مختلف رانديون کيڏڻ ۽ سائيڪلون ھلائڻ ايندا ھئا. اسان ڏيٽي ڏڪر ۽ تاس راند ڪندا ھئاسين. سگريٽن جي خالي پاڪيٽن جي پتن سان به راند ٿيندي ھئي جنھن کي پڙن جي راند سڏبو ھو. سائيڪل سکڻ جو شوق جاڳيو ته گھران چار آنا وٺي ايمپائر روڊ تان حافظ جي ڪيرم بورڊ واري دڪان تان بنا ضمانت جي سائڪل ملي ويندي ھئي ڇاڪاڻ جو ان دڪان تي شام جو ڪيرم راند وڃي ڏسندا ۽ کيڏندا ھئاسي. شام جو ٺري ڏينھن کانپوءِ سائيڪل ھلائڻ ۾ گھڻو مزو ايندو ھو سائيڪل ھلائڻ دوران راج ڪپور ۽ ديو آنند جي سائيڪل ھلائڻ واري ايڪٽنگ ۽ اسٽائل اختيار ڪندي آواره ھون وارو گانو جھونگارڻ وڏي مست چال جي نشاني ھوندي ھئي، جنھن جي نقالي ھر نوجوان ڪندي نظر ايندو ھو.
راڻي باغ جي ميدان تي سائيڪل ھلائڻ وارن ۾ جعفري محلي امام بارگاھ کان رحمت حسين جعفري سٺا سھڻا ڪپڙا پائي پنھنجي سائيڪل تي شھزادن وانگر ايندو ھو. گڏ سائيڪل ھلائيندا ھئاسي مگر ٻاروتڻ جون ڪھڙيون ڳالھيون ڪجن. ڪنھن کي ڪھڙيون ڳالھيون ياد بيھن ٿيون يا نه. البته ڪمال ٻن خوجن ڀائرن جو ھو جيڪي ميان جي ڳڙھي کان ٻاھر گاھ پڙي واري ميدان کان راڻي باغ ۾ لغڙ اڏائڻ ۽ سائيڪل ھلائڻ ايندا ھئا. ٻئي ڀائر طبعن ڏاڍا ويڙھاڪ ھئا. انھن جي پيءُ جي الحقيقت پرنٽنگ پريس جي ڀرسان اٽي پيھڻ جي مشين ھوندي ھئي. انھن مان ننڍي ڀاءُ سول انجنيئرنگ ڪئي ھئي. ۽ اسي واري ڏھاڪي ۾ ڪراچي ۾ ٺيڪيداري ڪندو هو. سياري جي ڏينھن ۾ فرسٽ فلور تي. ھڪ ڏينھن مون پنھنجي دھلي ڪاليج جي احاطي جي پهرين منزل تي ڪرسيءَ تي ويٺي تڙڪو پئي کاڌم ته اھو منھنجي اڳيان اچي بيٺو ۽ سڃاتائين. لفظ ئي اِھي چيائين ته توھان لاڙڪاڻي جا آھيو. مان توھان کي سڃاڻان ٿو راڻي باغ ۾ توھان ننڍي ھوندي سائيڪل ھلائيندا ھئا. ڪڏھن ڪڏھن ڪي ماڻھو پنھنجي غيرمعمولي يادگيري سببان حيران ڪري ويندا آھن.
راڻي باغ جي وسيع ميدان ۾ سٺ واري ڏھاڪي ۾ سرڪس لڳي ھئي. ٽي چار ماڙ تائين اونچو وسيع شاميانو لڳندو ڏسي اسان ٻار حيران پيا ٿيندا ھئاسي. ٻن ٽن ڏينھن جي مسلسل محنت کانپوءِ سرڪس جا ڪارندا مڪمل طور سرڪس جو مانڊاڻ تيار ڪندا ھئا. سرڪس جي ھيوج شامياني کان علاوہ به ننڍا وڏا شاميانا لڳي تيار ٿيندا ھئا. اھڙي سمي ھڪ Zoo به قائم ڪيو ويندو ھو. ائين پئي لڳندو ھو ڄڻ شھر ۾ ھڪ شھر ٻڌجي ويو آھي. سرڪس وارن جا ھڪ پاسي زو ۾ جھنگلي جانور ۽ انمول پکي پڻ رکيل ھئا جن کي ڏسڻ لاءِ ڏينھن جو ٻارن جا ھنبوہ جمع ٿيندا ھئا. سرڪس جي ماحول ۾ ممتاز محل پڻ تيار ڪيو ويندو ھو جنھن ۾ ممتاز بيگم جل پري جي روپ ۾ ويھي پنھنجي هٿ ٺوڪي ڪٿا ڪھاڻي بيان ڪندي ھئي ۽ چرچائي ماڻھن جي سوالن جا جواب ڏيندي ھئي. شينھن ۽ ھاٿي به Zoo ۾ شامل ھوندا ھئا. جن کان سرڪس جا اداڪار ڪم وٺي ڪمال ڏيکاريندا ھئا. انھن جانورن کي ڏسڻ لاءِ سمورو ڏينھن ماڻهن جا ھشام جمع رھندا ھئا. سرڪس جي برپا ٿيل سڄي ميلي جو مزو سج لٿي کانپوءِ لڳندو ھو، جڏھن سرڪس جا شو شروع ٿيندا ھئا. سرڪس وارن وٽ ڪرتب ڏيکارڻ وارا سمارٽ ينگ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پڻ ھوندا ھئا جيڪي سرڪس ۾ پبلڪ کي حيران ڪن ڪمالات ڏيکاريندا ھئا جيڪي اڪثر ويل ڊريسڊ رھندا ھئا. شام جو جڏھن ميلي جو سمو برپا ٿيڻ وارو ھوندو ھو ته ڪيترا ڪاروباري ماڻھو ۽ گھورڙا ميدان ۾ اچي رانديڪن جا اسٽال ۽ فروٽ ۽ ٻين شين جون ريڙھيون لڳائيندا ھئا. اسان شام جو ٻي آني جا اڌ پاءُ مڱيرا خريد ڪري وڏو عيش ڪندا ھئاسي. علي گوھرآباد جي ڇوڪرن جو مزو ته سڄو ڏينھن جاري رھندو ھو.
سرڪس وارن جو ھاٿين کي گھمائڻو ضرور ھوندو ھو ۽ انھن کي گاھ به ججھو درڪار ھوندو ھو تنھنڪري سرڪس وارا لوسي ۽ ليسلي نالي ھاٿين کي ٺاري خان کھاوڙ جي باغ ۾ وڏي کوھ جي ڀرسان وڻن جي ڇانو ۾ زنجيرن سان ٻڌي ڇڏيندا ھئا. جتي ھاٿين لاءِ ڪڙٻ ۽ جھنگلي گاھ سھنجائپ سان مھيا ٿي ويندا هئا. راڻي باغ جي ميدان تي اڳتي ھلي گاھ پڙي قائم ٿي. جيڪا ان کان اڳ مڇي مارڪيٽ اڳيان ھوندي ھئي، جڏھن اتي قبضي مافيا ڪم ڏيکاريو ۽ ميونسپالٽي به پنھنجا دڪان ٺاھيا تنهن کان پوءِ گاهه پڙي اتان ختم ٿي راڻي باغ منتقل ٿي وئي. ان کان اڳ ساڳي ميدان تي مويشي منڊي قائم ٿي چڪي ھئي. جانورن جي پڙي ۽ گاھ پڙي جي ماڻھن کان ميونسپل ٽيڪس اڳاڙيندي ھئي. ڇاڪاڻ جو باغ ۽ ان جي اردگرد واري سموري زمين سرڪاري ۽ ميونسپل جي حدن جي ھئي. مگر جڏھن ڪا سرڪس، ڪارنيوال يا ڪو ميلو ملاکڙو لڳندو ھو ته پڙيون ڪنڊ پاسي ھليون وينديون ھيون. 1964_65ع ڌاري راڻي باغ وٽ ڪارنيوال لڳي جنھن ۾ اسٽيج ڊانس پروگرام لڳايا ويا. ڪارنيوال ۾ جوا بازي جو وڏو ڄار وڇايل ھوندو ھو جنھن ۾ معاملو کٽڻ ھارائڻ جو ھو پر چالبازيون ڪجھ اھڙيون پيچيدہ ۽ مڪارانا ھونديون ھيون جنھن ۾ سادا توڙي سياڻا سڀ لٽجي ويندا ھئا. انهن سرڪسن ۽ ڪارنيوالن جي شهر ۾ ۽ اسٽيج تي مشهوري لاڙڪاڻي جو مشهور ڏندن جو ڊاڪٽر رمضان جمبوري ۽ ڪشنچند بيوس جي جاءِ ۾ رهندڙ شاهه صاحب ڪندو هو ۽ جوا بازي ۾ پڻ ڪارنيوال وارن جا پارٽنر ٿي بيهندا هئا.
ٻارن جي تفريح ۽ دلچسپي لاءِ شھر جا ماڻھو چوڏيلون ۽ چيڪلا ھڻندا ھئا. زو ۾ جانور ھوندا ھئا ڇاڪاڻ ته ڪارنيوال جي ڪمائي جو ذريعو جوا بازي ھوندو ھو. اسان جو انٽرميڊيئيٽ ۾ پڙهڻ جو زمانو ھو. ڪاليجي شاگرد بڻجي چڪا ھئاسي. لٽا بوٽ ڪپڙا سمارٽنيس تيل ڦليل سينٽ پرفيوم جي ھڻ ھڻان ھوندي ھئي ۽ شام جو سنيمائن جا چڪر شڪر به لڳائيندا ھئاسين پر ان زماني ۾ اسان جي سنگت جو ھڪ ٽولو بڻجي چڪو ھو. ان ٽولي ۾ بشير احمد شاد، محمد يوسف شيخ، غلام مصطفي بولاڻي جيڪو سال ٻن کانپوءِ پنھنجي ذات شوق سان مٽائيندو ھو. مولا بخش ڀٽو، غلام سرور شيخ، فضل اللہ تنيو، اللہ بخش شيخ، رسول بخش شيخ، عبدالخالق شيخ، اللہ بخش جوکيو ۽ ٻيا دوست شامل ھئا. پر اسان جي سنگت جي ٽولي جو سرواڻ سڀني جو استاد غلام اللہ شيخ ھوندو ھو. جيڪو گھمائڻ ڪرڻ سان گڏوگڏ اسانجي شحصيت سازي ۽ ڪردار سازي به ڪندو ھو ۽ ان وقت زندگي ۾ جيڪا وک وک کڻڻ لڳاسين تنھن ۾ هو اسانجي رھنمائي ڪندو رھندو ھو.
ڪارنيوال جي جانورن واري سيڪشن ۾ جتي لنگور ۽ ڀولڙا پڃرن ۾ مستيون پيا ڪن سائين غلام اللہ مان ۽ ڪو ٻيو دوست انھن جي حرڪتن مان محضوظ پئي ٿياسين ته ڀر ۾ بيٺل ٻار ڀولڙن کي ڪيلن جون کلون، صوفن جا ٽڪرا ۽ مڱيرا وغيرہ کائڻ لاءِ اڇلائن پيا. اھو رونشو جاري ھو ته سائين غلام اللہ جنھنجي ھٿ ۾ ڪتاب ھو سو ھن ڀولڙي ڏي وڌايو ڀولڙي پنھنجو ھٿ ٻاھر ڪڍيو سائين ڪتاب پاڻ ڏانهن ڇڪيو ته ڀولڙي پنهنجو ھٿ اندر ڪيو. سائين کي لڳو مزو، وري ڀولڙي سان چرچ ڪندي ھن ڏانھن ڪتاب وڌايائين ڀولڙو ايڏو چالاڪ ھو جو سائين اڳيان چالاڪي ڪندي ھٿ ٻاھر ڪڍي اکيون ٻوٽي ويھي رھيو ڄڻ ته سائين ڏانھن ھن جو ڪو توجہ ڪونھي، سائين غلام اللہ ڀولڙي ڏانھن ڪتاب وڌائيندي تقريبن ھن جي ھٿ جي ڀرسان کڻي ويو، ڪمال ڦڙتي سان ڀولڙي پنھنجو ھٿ ڊگهڙي سٽ ڏئي سائين کان ڪتاب کسي ھڪ دم پڃري جي مٿين حصي ۾ کڻي ھليو ويو ۽ مٿي وڃي ڏند ڇيڪيندي عجيب آواز ڪڍي ڪتاب کي ڦاڙيندو ورقن جا ورق ٻاھر اڇلائيندو ويو. سائين حيراني سان ٽڪ ٻڌي رڳو ڀولڙي کي پئي ڏٺو. سائين مون ڏانهن ڏٺو مون کيس چيو ته توھان ھن کي ڪتاب ڇو ڏنو. سائين وراڻيو ته مونکي اهو اندازو ھو ته ڪتاب اندر کڻي نه سگھندو جي کسي به ويو ته وڌ ۾ وڌ ھن جي سٽ سان ڪتاب ھيٺ ڪري پوندو ۽ اسان کڻي وٺنداسي. مگر ايڏانھن ته منھنجو خواب خيال ئي نه ھو ته ھي ڪو ڪتاب کي اھڙي طرح مٿي کڻي وڃي ڦاڙيندو. جيتري قدر ياد اٿم ته اھو ڪتاب انگريزي معروف ناول نويس ھارڊي جو ناول ٽيس ھو. جنھنجو سائين کي ڏاڍو ڏک ٿيو.

گھاڙ واھه تي لاڙڪاڻي جي ڏاھي جمن فقير جي جھوپڙي

گھاڙ واھه تي لاڙڪاڻي جي ڏاھي جمن فقير جي جھوپڙي

لاڙڪاڻي جي جديد دور جي تھذيبي و ثقافتي، تجارتي و معاشي تاريخ جي پنن ۾ ھي حقيقت عيان آھي ته ماضي قريب ۾ سنڌ جي ھن خطي کي معاشي حب جي صورت ڏيڻ ۾ گھاڙ واھ جي وھڪري جو وڏو ھٿ رھيو آھي. گھاڙ واھ سان منھنجي تعلق ۽ محبت جو جيڪو سفر تقريبن اٺھٺ ستر سالن جو رھيو آھي، جيڪو منھنجي لاءِ ھڪ وڏو سرمايو آھي. لاڙڪاڻي جي سماجي ڪھاڻي ۾ ھڪ ڪردار ڏاھي جمن فقير سومري جو آھي. جيڪو پنھنجي ڳوٺ قنبر کي الوداع ڪري ھميشہ لاءِ اچي لاڙڪاڻي ۾ رھيو. جڏھن ھو لاڙڪاڻي ۾ وارد ٿيو تڏھن ھن جي حالت نھايت مسڪيني واري ھئي. ھو زماني جي ستم ظريفي جو شڪار ٿيل ھو. لٽيل ۽ برباد ٿيل انسان ھو جنھن کي مٿو لڪائڻ لاءِ به ڪو وسيلو نه ھو. ويڳاڻو پريشان روح ڪنهن ويري شھر ۾ ڀٽڪندو ڀٽڪندو اچي گھاڙ واھ جي ڪڙ تي ويھي رھيو. عزت، غيرت ۽ حيا وارو ماڻهو ھو جي ڀر ۾ عيش گھرن جي ڪنھن ڪنڊ پاسي ھٿ ٽنگي بيھي رھي ھا ته کيس ھوٽلن تان پيٽ پوڄا لاءِ ماني ٽڪر ۽ چانھن جو چڪو ملي پوي ھا مگر مٿي تڙ تي پنھنجا ذات ڀائي ڏسي گھاڙ جي ڪنٺ تي ھليو آيو. جنھن مسجد ۾ اسان درويش ۽ ولي اللہ بڻجڻ لاءَ تلاوتون ڪيون ھيون ۽ رات جو چلو ڪڍيو ھو تنھن ۾ هو نماز پڙھي رات جو سمھي رھيو تڙڪو نڪرڻ وقت ڌوٻين کي چانھ پاڻي جي صدا ڪيائين. ڌوٻين به عزت آبرو سان پنھنجي نيرن ۾ جمن فقير کي حصي دار بڻايو. گھاٽ جي ڌوٻين حال احوال وٺي کيس ڪم ڪار جي آڇ ڪئي مگر نھايت دل شڪستو ھو وائڙن روحن وانگر ھيڏي ھوڏي ڏسڻ لڳو ڌوٻين به درويش سمجھي نه پڇيس ذات نه پات گھاڙ واھ جي ڪڙ تي پئي ماني کارائي.
جمن فقير جيترو ڏاھو ھو اوترو اداڪار به ھو جن ماڻھن هن جا گفتا ۽ فقرا سلوڻي انداز ۾ بيان ڪندي ٻڌا ھوندا انھن کي ھن ٻيجل جي جادوگري جي خبر بخوبي ھوندي. گهاڙ جي ڪڙتي ٿورو سھارو ڏسي جمن گھاڙ جي ڀڪ تي مسجد جي اولھ پاسي واري ڀت سان نم جي ڇانوَ ۾ ڪکائين جھوپڙي اڏي ويھي رھيو. اھا پڪ ناھي ته ھن وٽ گڏھ ڪٿان آيو پاڻ سان گڏ قمبر مان کنيو آيو يا لاڙڪاڻي ۾ ڪھل کائي ڪنھن تحفي طور کيس عنايت ڪيو ھو. مونکي ياد آھي ته شروع ۾ ھو پنھنجو چانھ پاڻي پاڻ تيار ڪندو ھو. ھڪ ڀيري سانوڻ جي سخت گرمي وارن ڏينھن ۾ کيس عجيب و غريب زميني آفت جي ڪري تڪليف پھتي جنھن ڪري ٻٽي مھينا وياڪل رھيو. اھا قدرتي آفت ھئي اھو نم جو وڻ جنھن جي ھيٺان جمن جي جھوپري اڏيل ھوندي ھئي. مون پاڻ زندگي ۾ پھريون دفعو ڏٺو ته ڪو نم به وھندي آھي. گھاڙ واھ جي پاڻي جو لقاء ھو يا ڪو ٻيو اسرار. اوچتو نم جي ھڪ وڏي ٿڙ مان گج سميت ڀوري رنگ جو شربت جھڙو پاڻي لار ڪري وڻ جي پاڙ ۾ جمع پئي ٿيو. جتان وري ريلا ڪري ڪجھ جمن جي جھوپڙي ڏانھن ويو پئي ته ڪجھ ٽاپ ڏانھن وھي نڪتو. نم جي وھندڙ پاڻي جي گج ۾ گھڻي بدبو ھئي ان جي ڀرسان مسلسل ويھڻ يا بيھڻ مشڪل ۽ محال ھو. جيسيتائين نم جو وهڻ بند ٿيو تيسيتائين خبر ناھي ته اھي ڏينھن ھن ڪيئن گذاريا. ھڪ ڏينھن مون جمن فقير کي مڇي مارڪيٽ جي عين داخلي دروازي تي جنھن تي مارڪيٽ جي معمار امير علي لاھوري جي نالي جو ڪتبو لڳل هوندو هو تنهن جي آڏو روڊ تي بيٺل ڏٺو، هو اتي ايندي ويندي کي ويچاريءَ وارين نگاهن سان ڏسندو هو. فقير کي ڪنھن کان پيسو پنجڙ ڪڍڻو ھوندو ھوس ته جھيڻي ۽ معنا خيز نگاھن سان ڏسي بس ايترو چوندو ھو. رب ڏسئي ٿو. مٿان بيٺو ٿي. بس خيال ڪري ھل...

غيبي خان ۽ جلال ماڇي

غيبي خان ۽ جلال ماڇي

علي گوھرآباد واري جنھن گھٽي ۾ اسان جو گھر ھو تنھن ۾ جلال ماڇي جو به گھر ھوندو ھو. ھو قد جو ڊگھو ۽ سخت مزاج ماڻھو ھو. پاڙي ۾ محاورو مشھور ھئو ته جتي جلال تتي ڪتو ٻلو حلال. ميان جلال کي ٻه پٽ ھئا سندس وڏي پٽ جو نالو روشن ۽ ننڍي پٽ جو نالوغبي خان ھو. جنھن سان منھننجي ھم عمر ھجڻ ڪري دوستي ٿي وئي ھئي. پھرين درجي پڪي ۾ اسان ٻئي سائين فيض محمد سيال جي ڪلاس ۾ گڏ پڙھندا ھئاسي. ۽ اڪثر دري جي ڀرسان ويھي ٻاھر گھٽي ۾ آئي وئي کي ڏسندا رھندا ھئاسي. يعني پڙھڻ کان ٻرو منڍ کان ئي شروع ٿيو. غيبي نه پڙھيو مان جھڙو پڙھيم سا به جڳ کي خبر آ. پھرين درجي پرائمري ۾ ئي غيبي خان اسڪول کي الوداع ڪيو ۽ پنھجي پيءُ ۽ اڻ پڙھيل ڀاءُ روشن سان گڏ وڻن جي جھار ھڪلڻ کي لڳي ويو. ازانسواءِ ھن تي گھوڙي کي وھنجارڻ ۽ جلال خان کي زيتونن ۽ انبن جي باغ ۾ ماني پھچائڻ جو ڪم ڪار به رکيل ھو. غيبي جي ڪمن جي آساني ۽ رلڻ پنڻ واري آزادي ڏسي مان ان تي رشڪ ڪندو ھوس. سياڻا چوندا ته ماڻهو بري جي سنگت ۾ رنگ نه مٽائي پر عادت ضرور مٽائي سو غيبي جي سنگت ۾ اس ۾ رلي پنھنجو رنگ به خراب ڪيم ۽ پنھنجيون عادتون به.
ميونسپل ھاءِ اسڪول ڀرسان اسٽيڊيم پوءِ ٺھيو ان جي ڀرسان ڊپٽي جي بنگلي پويان ڪنڊ واري مسجد جي سامهون گھاڙ واھ جي پراڻي پيٽي ۽ ڪنارن تي انبن ۽ زيتونن جو باغ ھئو جيڪو جلال خان ٺيڪي تي کڻندو ھو. غيبي جي سنگت ۾ مان به اسڪول کان گسائي جھار ھڪلڻ ويندو ھوس ان وقت اھڙن ڪمن ۾ وڏو مزو ايندو ھو. گليل ھلائڻ ۽ نشاني جي پڪاوت مان اتان سکيم. جلال جي وڏي پٽ روشن کي گھوڙو گاڏي به ھئي جنھن تي ھو باغ جو فروٽ جيلس بازار ۾ ڪميشن ايجنٽن وٽ پھچائيندو ھو. غيبي جي اھا به ڊيوٽي ھوندي ھئي ته ھو گھاڙ واھ تي ھفتي ۾ ھڪ دفعو گھوڙي کي وھنجاري اچي. ھو جڏھن به گهوڙي کي وھنجارڻ گھاڙ واھ تي ويندو ھو ته مونکي به صلاحي ساڻ وٺي ويندو ھو. اسان ٻئي ڄڻا علي گوھرآباد مان گھوڙي جي پٺي تي بنا سنجن جي ٻيلھ ويھي گھاڙ تي ان جاءِ تي ويندا ھئاسي. جتي پاڻي تانگھو ھوندو ھو ۽ اھا جاءِ ھئي سر لا ديوي واري اسپتال جي پٺيان. جتي ماڻهو تاس راند کيڏندا ھئا ۽ ڀنگ به گھوٽيندا رھندا ھئا. ان جاءِ تي غيبي ۽ مان چيلھ جيتري پاڻي ۾ گھوڙي کي بيھاري کرکرو به ھڻندا ھئاسين ۽ ھٿن سان پاڻي ھڻي وھنجاريندا به ھئاسين. اسانجي اھڙي ڪرت ۽ ڪم پيا ھلندا ھئا. گھر وارن يا بابي جي طرفان ڪا منهنجي چيڪ چڪاس ڪانه ھوندي ھئي. باقي امڙ جو مار موچڙو پيو ھلندو ھئو. مگر ماءُ جي مار ۾ جيڪا نرمي ۽ اندروني طور ڪرم رکيل ھوندو ھئو تنھن کي آرام سان برداشت ڪري ويندو ھئس.
غيبي جي وڏي ڀاءُ روشن کي انبن ۽ زيتونن ڍوئڻ جو نئون ٺيڪو مليو. ھو روزانو گاڏي ۾ گھوڙو جوٽي عاقل روڊ ڳوٺ مسو ھٻ ويندو ھو جتان زيتونن جا ٽوڪرا کڻي جيلس بازار لاھيندو ھو. غيبي جي ياري ۾ مان به رلڻ پنڻ جي بھاني انھن سان گڏجي گھوڙي گاڏي جا مزا کائيندو ھوس. منھنجي اھڙن پرڪارن مونکي ڪٿان جو ڪٿي وڃي پھچايو انجي خبر تڏھن پئي جڏھن نائين جماعت جي امتحان جو نتيجو سامھون آيو. اھو ھي ته مان رڳو سنڌي ۽ جنرل سائينس سبجيڪٽن ۾ ٽيٽيھ ٽيٽيھ مارڪون کڻي سگھيو ھوس. منھنجي استاد غلام اللہ ھڪ خاص جاءِ تي ڀري اجتماع ۾ منھنجي پرڪارن جي خبر ٽورنٽو اسٽار ڪيناڊا جي ڪھاڻي رپورٽر ڪيٿرين پورٽر کي صحيح بصحيح ڏني ھئي. 2004 ۾ منھنجي نياڻين ۽ سالي عاصم بخاري جي ڪراچي ۾ شاديءَ جو پروگرام رٿيل ھو، ان شادي جي موقعي تي عاصم جي دعوت تي ڪيٿرين پورٽر اسان وٽ ٽڪيل ھئي. سندس خاص ڪم پاڪستان ۾ ٿيندڙ شادين جي رسمن، رواجن ۽ سيٽلمينٽ جي ڪوريج ڪرڻ ھو. مگر ان کي جڏھن مون پنھنجي دوستن بشير احمد شاد ۽ سائين غلام اللہ سان تعارف ڪرايو ته ھن سائين غلام اللہ کان پڇيو ته غلام رسول اسڪول ۾ ڪيئن ھو ته سائين وراڻيس ته نمبر ون ڊفر اسٽوڊينٽ ھوندو ھو.

علي گوھر آباد جو سماجي ماحول ۽ باغ بھاريون

علي گوھر آباد جو سماجي ماحول ۽ باغ بھاريون

دور ديس ۾ مون وٽ وقت آھي مگر ڪو ڪتابي سرمايو ڪونھي. ايتري قدر جو ڪاغذ جو چوٿاڙ به ڪونھي بس ماضي آھي بقول شاعر ماضي عذاب ھي يارو. پر منھنجو ماضي عذاب ناھي پر قادر ڪريم جو ڏنل املھ تحفو آھي جنھن ۾ مالڪ جي طرفان ڏنل خوشيون به آھن ته ڏک به آھن. مان ھڪ عام پريڪٽيڪل ماڻھو آھيان. منھنجي دل جي اِڇا رڳو اھا آھي ته مان پنھنجن دوستن ۽ احبابن اڳيان پنھنجي زندگي جا ڪجھ ويچار ونڊڻ چاھيان ٿو. منھنجيون لکڻيون ميسيج ناھن ساروڻيون آھن. گھاڙ ڪٿا جي قصي ٺپڻ وقت مضمون تي آخري سٽن وارا جملا غور طلب آھن جن ۾ منھنجي استاد غلام آللہ شيخ ڪيٿرين پورٽر کي ان جي سوال جي جواب ۾ چيا ھئا. ته غلام رسول اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ ڊفر شاگرد ھو. بي شڪ سائين سچ واري زماني جو ٽيچر ھو جو ڀري محفل ۾ ھڪ بين الاقوامي اخبار Toronto star canada جي رپورٽر اڳيان ھڪ اھڙو سچ ڳالھايو جنھن جي مونکي اميد ھئي نه خواب خيال.
ڪھاڻي ڪٿا جي اختتام ۾ مون لکيو ھو ته نائين جماعت جي امتحان ۾ ڏنل سمورن مضمونن مان رڳو سنڌي ۽ جنرل سائنس جا سبجيڪٽ پاس ڪري سگهيو ھوس. منھنجي لاءِ ھي بدقسمتي يا ڀاڳ نڀاڳ جو معاملو نه ھو مگر ھي سمورو سارو مسئلو سماجي رولڙن ۽ انسان نفسيات جو ھو. ڇاڪاڻ ته انسان جيڪو چاھي ٿو، جيڪو پسند ڪرڻ گھري ٿو ۽ جنھن ماحول ۽ سنگت ساٿ ۾ رھي ٿو ان جا ئي مثبت ۽ منفي اثرات ان تي پون ٿا. ۽ کيس نتيجا به ان مطابق ملن ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته 1955_60 واري زماني ۾ علي گوھرآباد ۾ امن وامان وارو ماحول ھو. ان زماني ۾ ھن محلي جي پڇاڙي وارن حدن جو محل و وقوع ڪجھ ھن طرح ھو. قاضي ھدايت اللہ پيرزادي جي انبن، ڪيلن، زيتونن ۽ گلاب جي گلن جي باغ کان ننڍي بمبر مان ھڪ ڪاريز وھي ٺاري خان کھاوڙ جي مينھن جي واڙي واري اوڏڪي ڀت سان اچي وھندي ھئي جيڪا ڏکڻ طرف کوھ جي ڀرسان لنگھي انب واري مسجد ۽ محمد فيصل کھاوڙ وارن جي گھر اڳيان وھندي قاضي ھدايت اللہ، ڪمال ۽ مظفر پيرزادن جي گھر کان نڪري وڃي ڪني نالي ۾ پوندي ھئي. اھا واھي علي گوھرآباد پاڙي جي آخري حدن جو تعين ڪندي ھئي. جنھن کان پوءِ واڙي جي پوکن سان گڏ انبن زيتونن ۽ کارڪن جي باغن جا سلسلا شروع ٿيندا ھئا جيڪي بھارپور واري تاريخي محلي سان وڃي ملندا ھئا. اھو ھو سٺ پنجھٺ سال اڳ جو علي گوھرآباد جنھن ۾ اسان پرائمري اسڪول جي تعليم پوري ڪري ھاءِ اسڪولن ڏانھن پنھنجا پيرڙا وڌائي رھيا ھئاسين. ان زماني ۾ ھتان جي جيڪا سماجي جوڙجڪ ھئي. جيڪو تعليمي ۽ علمي ماحول ھو تنھن جي حالت ابتر ھئي. ان زماني جا قصا ۽ ڪھاڻيون سڀ سورن سان ڀريل آھن. ڪٿان جا چريا به سياڻا سڏبا ھا. ھتان جا ته سياڻا به چئي کڻي بس ڪر.
سائين وڏي عبدالرشيد پيرزادي واري اڇي مسجد کان سامٽيا روڊ واري پاڙي جي ٽڪري ۾ ڪي ذھين طالب علم رھندا ھئا جن ۾ محمد نواز مھيسر عرف قينچي، بشير احمد پٺاڻ ۽ غلام علي سامٽيو قابل تعريف آھن. سامٽيا روڊ واري حصي ۾ نثار احمد سامٽيو، اسرار احمد سامٽيو، سراج احمد سامٽيو، نور محمد سميجو، اختر ميراڻي، گروڏنو ۽ لڇمڻداس آڏواڻي، سخاوت حسين، خادم حسين کوکر عبدالغني سومرو، عبدالغفور سومرو، خوش محمد کهڙو ۽ عبدالقيوم صديقي جهڙا هوشيار شاگرد هئا جيڪي پنهنجي بھترين تعليمي ڪيريئر ۾ داخل ٿي رھيا ھئا. اسان جي پاڙي ۾ سينيئر شاگردن مان محمد وارث ولد تاج محمد سامٽيو پاڙي جو وڏو تعليم يافته ماڻهو سڏبو ھو جيڪو ھندستان جي مشھور يونيورسٽي علي ڳڙھ مان گريجوئيشن ڪري آيو ھو. باقي آبادي ۾ رھندڙ دوست جن سان منھنجا گھر۽ در گڏ ھئا ۽ جن سان ڏينھن ۽ رات اٿڻ ويھڻ ھو سي تقريبن اڌ پڙِھيا، اڻ پڙھيا، رول شڪاري، ڪاسائي يا اسڪولن جا گوسڙو شاگرد ھوندا ھئا. منھنجو ساٿ ۽ شمار ان ڪيٽيگري جي ڇوڪرن ۾ ھوندو ھو. پڙھڻ سان منھنجي دل نه لڳندي ھئي. اڪثر اسڪول کان گسائي گھٽي جي دوستن خاص ڪري پيرزادي غلام نبي، غلام سرور، غلام حيدر ۽ انھن جي ننڍي ڀاءُ غلام حسين سان صبح جو اسڪول جي ٽائيم تي گڏھ گاڏي تي چڙھي رائس ڪئنال جي پرين پاسي رتيديري روڊ تي نارائڻ داس جي سرن جي بٺي تي سرون کڻڻ ويندا ھئاسي. انھن پيرزادن ڀائرن جو والد محترم محمد عثمان سيٺ نارائڻداس وٽ منشگيري ڪندو ھو. سندس ذمي سرن جي پيداوار ۽ نيڪالي شامل ھوندي ھئي. ھنن پيرزادن دوستن سان مان ان ڪري گڏ ويندو ھوس ته جيئن اسڪول جو ٽائيم پورو ڪري پنھنجي گھر موٽي وڃان.
غلام نبي جو وڏو ڀاءُ محرم پيرزادو اڻ پڙھيل ھوندو ھو جيڪو لاڙڪاڻي جي گول سان لڳ ڳوٺ گلاب ڀٽي جي ڏکڻ ۾ وھندڙ گھاڙي تي کجين جي باغن ۾ کجين ڏارڻ جي ڪم تي معمور ھو. محرم کجي وڍي ان جا ٻه ٽڪر ڪري انھن کي ڇهتيرن جي شڪل ڏيڻ ۾ وڏي مھارت رکندو ھو. جنھن ھنڌ ۽ جنھن ماحول ۾ ھو اھو ڪم سرانجام ڏيندو ھو ان جھڙو دلڪش منظر مونکي زندگي ڀر وري ڪٿي ڏسڻ لاءِ نه مليو. غلام نبي پيرزادو ۽ مان ڪڏھن ڪڏھن گڏجي محرم پيرزادي کي نيرن جي ماني پڄائڻ ويندا ھئاسين. ھڪ ڏينھن اسان ھن لاءِ ماني کڻي سندس ڪم واري جاءِ تي پھتاسين ته اسان کي پري کان ايندو ڏسي ھن ڪم مان ھٿ ڪڍيا ۽ ڀرسان وھندڙ نار جي پاڻي مان ھٿ ڌوئڻ لڳو. جيسيتائين ھن ويٺي ماني کاڌي تيسيتائين اسان ھن جي ھنر جي شاھڪارن ڇهتيرن جو معائنو ڪرڻ لڳي وياسين. اتان سري وڃي نار جي مٺي رون ران ٻڌڻ سان گڏ اکين ٻڌل ڏاند جا ڦيرا، کوھ جو چاندي جھڙو پاڻي ۽ لوٽين جي قطار جو کوھ ۾ اچڻ وڃڻ جو منظر ڏسڻ لڳاسين. کوھ جي سڄي ھٿ تي گھاڙ واھ مان نڪتل ننڍي واھي وھندي ھئي جنھن کي گھاڙي سڏيو ويندو ھو. تنھن کي ڏسڻ لاءِ ادا محرم کان اجازت وٺي گھمڻ وياسين. گھاڙي مٿان منھنجي سئوٽ محمد عمر جي دوست ادا غلام نبي ڀٽي، حاجي ڀٽي ۽ ان جي ننڍي ڀاءُ غلام رسول ڀٽي جن جو ٻه ماڙ ڪچين سرن جو گھر ھو پر انھن جي گھر وڃڻ لاءِ اسان وٽ وقت ڪونه ھو، تنھنڪري کجين ۽ انبن جي وڻن جي خوبصورتي ۽ واڙين ۾ بيٺل چهچ سائي گوبين جي پنن ۽ گوبي جي گلن جا نظارا اکين ۾ رکي موٽي آياسين. ايتري ۾ ادا محرم ماني کائي پوري ڪئي ۽ اسانکي سڏڻ لڳو.

سامٽيا روڊ علي گوھر آباد

سامٽيا روڊ علي گوھر آباد

علي گوھرآباد ۾ سامٽيا روڊ 1950ع واري ڏھاڪي ۾ پڪين سرن جو رستو ھوندو ھو ۽ ھر ھنڌ تي ان جي حالت نھايت خسته ھئي. روڊ جي ھڪ پاسي کان بگي گھوڙن تي چڙھي ٻئي پاسي سفر پورو ٿيندو ھو ته روڊ جي جھاڪن سبب ماڻھوءَ جي پيٽ ۾ سور پئجي ويندو ھو. پنجاھ کان پنجونجاھ وارو زمانو ھو ميونسپالٽي جي اعلي سرواڻ ۽ ميمبرن جون چونڊون ٿيڻ واريون ھيون. روڊ ٺھڻ لاءِ شھر جي ميونسپل آفيس جي عملدارن کي پبلڪ ڪيتريون ئي عرضيون ڏئي چڪي ھئي مگر ڪنھن قسم جو کڙ تيل نٿي نڪتو. اليڪشن ۾ متوقع چونڊجندڙ ميونسپل سربراھ کي سامٽيا روڊ جي ماڻھن علائقي جي معائني جي دعوت ڏني. طئي ٿيل ڏينھن تي ميونسپل ڪاميٽي جي ٻن ميمبرن ۽ متوقع چونڊجندڙ سربراھ کي ٽانگي تي علي گوھر سامٽيا روڊ جي سير سپاٽي تي وٺي آيا. ٽانگي واري کي اڳواٽ چيل ھو ته ڪنھن به حالت ۾ ڪجھ به ٿي پوي ٽانگي کي نه بيھاري جيسيتائين رستي جي ھڪ پاسي کان ٻئي پاسي ٽانگو پھچي نه وڃي. سفر جي شروعات ۾ جڏھن گھوڙي سامٽيا روڊ تي اڏار ڪئي ته متوقع چونڊجندڙ چيئرمين ۽ ميمبرن جون رڙيون ڪوڪون پئجي ويون ۽ جھل جھل جون صدائون شروع ٿي ويون مگر ٽانگي واري جو گھوڙي تي چھبڪ جو وسڪارو لڳو پيو ھو. جڏھن ٻئي پاسي منزل آئي ته ٽانگي جي مڙني مسافرن پنھنجي پيشاني تان پگھر اگھندي فرمايو ته ھي ڪھڙو ظلم؟ خلق خدا وراڻيو ته اھو ظلم اسان روز سھون ٿا. ھاڻي روڊ ٺھرايو ته ووٽ وٺو. چونڊون ختم ٿيون ته اللہ اللہ خير صلا ساڳوڻي سال جي آخر ۾ پڪو ھيڊرالڪ پريسڊ روڊ ٺھي تيار ٿيو.
جڏھن سامٽيا روڊ پڪين سرن جو ھو ان زماني ۾ روڊ تي اليڪٽرڪ لائيٽس جو ڪنھن قسم جوبندوبست ڪونه ھوندو ھو بلڪه ديوارن ۾ کتل فانوسن جي ذريعي ميونسپل ڪاميٽي گھٽين ۽ رستن تي روشني جو انتظام ڪندي ھئي. سامٽيا روڊ تي اھڙو انتظام سنڀالڻ لاءِ ٻه ملازم رکيل ھئا جيڪي ھفتيوار پاڻ ۾ ڊيوٽي مٽائيندا رھندا ھئا. ھڪ جو نالو محمد پريل ھو ٻيو الھڏنو سومرو پڙھي وارو مقرر ھوندا ھئا. ياد رھي ته الھڏنو سومرو علامه مشرقي جي خاڪسار تحريڪ جو ڪارڪن هو ۽ پنھنجي سموري عمر سوشل ۽ سماجي ڪمن ۾ خدمت ڪندي گذاري ڇڏيائين. سج لڙڻ وقت انھن مان ھڪڙو جڏهن سامٽيا روڊ تي ايندو ھو ته پاڻ سان گڏ ڪلھي تي ڪاٺ جي ڏاڪڻ، گاسليٽ جو دٻو. ڊسٽر نما ڪپڙي جو رومال ۽ پاٺي تيلي وارو ماچيس کنيو ايندو ھو. انھن ميونسپل جي روشني ڪندڙ ڪارندن کي مان اڪثر ڏسندو ھوس جڏھن انھن مان ڪو ھڪ اسان جي گھر جي سامھون جليل واري گھر جي ڀت ۾ لڳل فانوس کي ٻارڻ ايندو ھو. فانوس ٻارڻ وقت ڇا ڪندو ھو جو پنھنجي ڏاڪڻ فانوس جي کٻي پاسي ڀت سان لڳائي رکندو ھو ۽ ساڻ آندل سامان کڻي ڏاڪڻ ذريعي فانوس تائين پھچندو ھو. پھرين ساھي سان فانوس جي دري کوليندو ھو تنھن بعد اندر رکيل ليمپ کي ٻاھر ڪڍي ان جي شيشي کي ڪپڙي سان چڱي طرح منڃيندو ھو، ان کانپوءِ بتي جي وٽ کي چڱي طرح چيڪ ڪري ان جي ڪنڊيشن ڏسي وائسي ھيٺ مٿي ڪري ھر طرح اطمينان ڪري بتي ۾ گاسليٽ وجھندو ھو. تنھن بعد کيسي مان ماچيس ڪڍي ليمپ کي ٻاري فانوس ڪيس ۾ رکي ان جو در لاڪ ڪري ھيٺ لھي ايندو ھو ۽ اھري طرح اسان جون گھٽيون راتين جو روشن ٿينديون ھيون.
جنھن ڏينھن سامٽيا روڊ سيمينٽ ڪارپيٽيڊ ٿي ويو، علي گوھرآباد جي ماڻھن جون خوشيون ڏسڻ وٽان ھيون. ايترو ياد آھي ته ان وقت جي سياسي سماجي اڳواڻن توڙي ورڪرن نه روڊ جي افتتاحي تقريب ۾ ڳاڙھين ربنين تي قينچون ھلايون نه بريانين جون ديڳون چاڙھي مينڊيٽ ملڻ تي پنھنجي مشھوري ڪئي نه وري پنھنجي مخالف ڌرين کي ساڙڻ لاءِ ٽين طبلا وڄايا. سال ٻن کانپوءِ روڊ تي بجلي جا پول لڳا ۽ رب سائين جي مھرباني سان بلبن واريون لائٽيون به لڳي ويون ۽ سامٽيا روڊ روشن تارا ٿي ويو. ان ڀلي ڪم جي سھڪار تي علي گوھرآباد جا رھواسي امير علي لاھوري، ميان غلام عباس قادري ۽ فقير محمد انڙ لاءِ ھٿ کڻي دعائون ڪندا ھئا. ڇاڪاڻ ته ورھاڱي کان اڳ لاڙڪاڻي جي ميونسپل ڪاميٽين جا اھي سربراھ چونڊجي ايندا ھئا ۽ شھر جي ترقي، تعمير ۽ صفائي سٿرائي جو ڪم سرانجام ڏيندا ھئا. ياد رھي ته علي گوھرآباھ امير علي لاھوري جي وڏي فرزند علي گوھر لاھوري جي نالي تي ٻڌل آھي.
جڏھن سامٽيا روڊ تي بجلي لڳي ھئي ته رات جي اونداھي ۾ ڪريل سُئي به آساني سان لڀي ويندي ھئي. جڳ روشن ته دل ما شاد. پاڙي ۾ بجلي لڳڻ جو وڏو فائدو پاڙي جي شاگردن کي ٿيو. رات جي ماني کائي اسڪول جا شاگرد منجيون، موڙا، اسٽول ۽ ڪرسيون کڻي بجلي جي ٿنڀن جي ھيٺان جمع ٿيندا ھئا. مونکي به وسريل سبق ياد ڪرڻ جو شوق جاڳيو، سو آئون به پنھنجا ڪتاب کڻي بلب جي روشني ھيٺ پڙھندو ھئس. سخاوت حسين جو گھر اسان جي گھر سان لڳو لڳ ھوندو ھو سو اھو به بلب جي روشني جو فائدو وٺڻ لاءِ اچي گڏ اسٽڊي ڪندو ھو. پاڻ اردو اسپيڪنگ ھو مگر پاڙي واري اسڪول ۾ پرائمري تعليم سنڌي ميڊيم ۾ حاصل ڪيائين. سندس شمار ھوشيار شاگردن ۾ ٿيندو ھو. مان اڪثر ھن کان مدد وٺندو ھوس. عابدہ پروين معروف صوفي گايڪ اسان جي گھر جي سامھون واري واڻڪي گھٽي ۾ رھندي ھئي، سندس جنم ڀومي به اھا ئي گھٽي آھي. سندس پڦي مائي جيوائي پاڙي جي ھر دل عزيز خاتون ھوندي ھئي ۽ پاڙي جي گھرن ۾ جيڪي به خوشيءَ جون تقريبون ٿينديون ھيون تن ۾ پنھنجي گروپ جي ساھيڙين سان اچي سھرا، لاڏا ۽ گانا وغيرہ ڳائيندي ھئي. مائي جيوائي اسان جي پاڙي جي رونق ھوندي ھئي. سوشل به ھوندي ھئي سڄي پاڙي جون عورتون ھن جي سھڻي سلوڪ ۽ سھڻي سڀاءُ ڪري کيس پسند ڪنديون ھيون. سندس ڀاءُ غلام حيدر ھارمونيم وڄائڻ جو ماھر ھوندو ھو ۽ پنھنجي گھر جي اوطاق ۾ پنھنجي پٽ عابد حسين ۽ ڌيءَ عابدہ پروين کي راڳ ۽ ڊانس جي سکيا ڏيندو ھو. مطلب ته مائي جيوائي جو گھرڻو فن ۽ آواز جي دنيا ۾ نالو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھندو ھو. مگر ھن گھر جا ٻار تعليم سان به خاص شغف رکندا ھئا. ھڪ ڀيري مائي جيوائي پاڙي وارن جي دلچسپي ۽ خوشي لاءِ پنھنجي گھر ۾ پتلي تماشي جو کيل منقعد ڪرايو جنھن کي ڏسڻ لاءِ سڄي پاڙي جون عورتون ۽ ٻار جمع ٿيا ھئاسين. منھنجي لاءِ اھو لائيوَ اسٽيج شو بلڪل نئون ھو. جنھن کي ڏسي مان، منھنجي ڀيڻ ۽ والدہ ڏاڍو خوش ٿيا ھئاسين. جنھن گھر ۾ عابدہ پروين جنم ورتو ھو ان سان لڳو لڳ ھندن جي ھڪ وڏي ٻه ماڙ حويلي ھوندي ھئي جنھن ۾ منھنجا ھم ڪلاسي دوست گرڌاري لال، ٿانورداس، سدارنگ، صفرمل، پمومل ۽ سندرمل رھندا ھئا. جن مان سدا رنگ ۽گرڌاري اسان سان اچي بلب جي روشني ۾ مطالعو ڪندا ھئا. جيڪي مونکان تقريبن انگريزي، ميٿميٽڪ ۽ جنرل ناليج وغيرہ ۾ گھڻو اڳتي ھوندا ھئا. انھن مان ھڪ شاگرد انند مل پٽ بلندمل مٺائي واري جو ھوندو ھو جيڪو مون جھڙو ڪچو ڏڏ شاگرد ھوندو ھو ۽ منھنجو گھرو سنگتي ھوندو ھو. رلڻ گھمڻ ۽ گھاڙ واھ تي وھنجڻ لاءِ مونسان ھر وقت تيار ھوندو ھو. بجلي جي بلبن ھيٺان پڙھي جن صحيح فائدو ورتو سي ڪامياب ٿي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيا مگر مان بھترين نتيجو نه آڻڻ سبب ميونسپالٽي جي زير انتظام ميونسپل ھاءِ اسڪول ۾ وڃي داخل ٿيس. پنجين اسٽينڊرڊ تائين مون ۾ ڪو به سڌارو نه آيو. مگر ان سال جي آخر ۾ اسڪول سسٽم يڪسر مٽجي ويو ۽ پنجين اسٽينڊرڊ وارن شاگردن کي نائين جماعت ۾ آندو ويو. گھڻن شاگردن کي ڳالھ سمجھ ۾ آئي ھوندي يا انھن جي وڏن کين سمجھايو ھوندو ته پنجين کان نائين درجي ۾ پھچي وڃڻ وارو فلسفو ڇاھي پر مونکي ڳالھ بنھ سمجھ ۾ نه آئي. مون کي گھر ۾ سمجھائڻ وارو به ڪوئي ڪونه ھو.
منهنجي والدہ جي گھڻي خواھش ھوندي ھئي ته مان پڙھي ڪنھن منزل تي پھچان. بس ھن جو خواب ھو ته پاڙي واري رسول بخش ميراڻي جھڙو آفيسر ٿيان جيڪو اسانجي پاڙي ۾ وڏو عزتدار ماڻھو سمجھيو ويندو ھو. سندس گھرواريءَ سان منھنجي والدہ جي ڏيٺ وائٺ ۽ اڄڻ وڃڻ ھوندو ھو. والدہ ان خوشحال ۽ خوش اخلاق ميراڻين جي گھراڻي مان چڱو ڀلو متاثر ھئي. رسول بخش ميراڻي پاڙي ۾ ڪلارڪ جي حوالي سان مشھور ھوندو ھو. منھنجي والدہ جو آئيڊيل ضرور ھو مگر منھنجو آئيڊيل نه ھو. پاڙي جي جن پڙھيل ماڻھن کان آئون متاثر ھوس انھن ۾ ڪمال احمد پيرزادو ان جو ڀاءُ مطفر علي پيرزادو ھوندا ھئا. ڪمال احمد انجينيئر ھوندو ھو ۽ مظفر علي ٽريسر ڪلارڪ محمد نواز پيرزادي جي سھڻي شخصيت گھڻن لاءِ پرڪشش ھوندي ھئي. محمد نواز مھيسر وڏو پاڙھاڪو ۽ ذھين شاگرد ھو ۽ ان جي شخصيت به دلنواز ھوندي ھئي. نثار احمد سامٽيو به انھن پڙھيل شخصن مان ھڪ ھو جنھن کان تعليم جي لحاظ کان مان متاثر ھئس. بس ان وقت اھا ئي منھنجي لاءِ وڏي ڳالھ ھئي جو مان پڙھندڙن ۽ ذھين ماڻھن جي شناخت رکندو ھوس. ھڪ لحاظ کان منھنجي اندر اھا مثبت سوچ جي شروعات ھئي.
گھر جي اڳيان بجلي جي ٿنڀي ھيٺان کٽ رکي پڙھڻ جون ڪوششون جاري ھيون ته منھنجي وڏي سئوٽ پنھنجي ڪوشش سان گھر ۾ اڍائي پوائنٽ جي اليڪٽرڪ سٽي ڪنيڪشن حاصل ڪئي. گھر ۾ ٻه بلب ۽ ھڪ ٽيبل فين لڳڻ سان اسان جو گھر به روشن ٿي پيو. مگر والد صاحب جي مسلسل صحت ڪرڻ سبب والدہ تي گھر جي معاشي مسائل جو بار ڏينھون ڏينھن وڌندو پئي ويو. جيتوڻيڪ گھر ۾ وڏي سئوٽ جو وڏو تعاون حاصل ھو. پوءِ به منهنجي دل پنھنجو ڪجھ ڪرڻ چاھيندي ھئي ۽ پنهنجو ٻوٽو ٻارڻ لاءِ مجبور ڪندي ھئي. اسان جي پاڙي جون عورتون ڪپڙا استري ڪرائڻ اسان جي گھر اينديون ھيون. والدہ استري ڪرڻ جو ڪم وڌائي ڇڏيو ھو صبح شام تائين رڳو ٻن ڪمن جي حوالي ھوندي ھئي ھڪ ماني پچائڻ ۽ ٻيو ڪپڙا استري ڪرڻ. عابدہ پروين ننڍي ھوندي اسان جي گھر پنھنجي پڦي مائي جيوائي سان گڏ ڪپڙا استري ڪرائڻ ايندي ھئي. منھنجو ننڍو ڀاءُ غلام اڪبر ۽ عابدہ پروين ھڪ ھفتي جي فرق سان ڄاول ھئا. والدہ سان ٻانھن ٻيلي ٽي بيھڻ لاءِ مون کي گھڻي اڻتڻ ھوندي ھئي پر منھنجي ھٿ ۾ جيڪو ھنر ھو ته رڳو ھڪڙو ھو، جو آئون پنھنجي اڏائڻ لاءِ بھترين لغڙ ٺاھي ويندو ھوس. تنھنڪري ان کي پيداواري ذريعي لاءِ استعمال ڪندي لغڙ ٺاھي پاڙي جي لائق حسين جي دڪان تي وڪري لاءِ رکندو ھوس ۽ ھو اھي کپائي پنھنجو فائدو رکي باقي پئسا منھنجي حوالي ڪندو ھو.

ماتمي جلوس ۽ عشق- عشقِ حسين

ماتمي جلوس ۽ عشق- عشقِ حسين

ٻالڪپڻي ۾ ھر مذھبي رنگ و محفل جي پويان لڳي پوندا ھئاسي. چاھي ربيع الاول ۾ اٺن وارو جلوس ھجي يا نائين ڏھين محرم وارا امام عالي مقام حسين رضي اللہ تعالا جا ماتمي جلوس ھجن. اسان ھر طرح، ھر حال ۽ ھر وقت شرڪت ڪرڻ لاءِ تيار ھوندا ھئاسين. ھڪ ڀيري نائين محرم جو ماتمي جلوس ھو اسان پاڙي جا ٻار جلوس سان ھلندا رھياسين. چڱي طرح ياد آھي ته جلوس ايمپائر سينما روڊ کان ٿيندو قادرين واري الحقيقت پرنٽنگ پريس کان گذري مڇي مارڪيٽ وٽ پھتو ته رات اونداھ ٿي چڪي ھئي. ان جاءِ تي غلام رسول پنجابي جي گھر اڳيان ميان جي ڳڙھي کان مارڪيٽ ڏانھن گھٽي جي ڪنڊ وٽ ھڪ واٽر ھائيڊرينٽ لڳل ھوندو ھو جنھن جي ٻاھر نڪتل پائيپ ھيٺان شھر جي روڊ رستن تي ڇڻڪار ڪرڻ وارا بائوزر پاڻي ڀريندا ھئا. بلڪل ان جي لڳ ھڪ کليل سيوريج واٽر جو نالو وھندو ھو. ان جاءِ تي پھچندي ماتمي جلوس سان ھلندي ھلندي، منھنجي اکين ۾ اوجھراڪيون پئي آيون ۽ اکيون ٻوٽيو ٻوٽيو پئي ويون اھڙي سمي مونکي ڪا سڌ نه رھي ۽ مان وڃي نالي ۾ ڪري پيس. رڙين ڪرڻ تي ماڻھن ٻاھر ڪڍيو ۽ ميان جي ڳڙھي کان ايندڙ گھٽيءَ ۾ واٽر ھائيڊرينٽ جو جتي موٽر لڳل ھوندو ھو، ان جي پٺيان پبلڪ نلڪو لڳل ھوندو ھو، جيڪو چوويھ ڪلاڪ استعمال ھيٺ ھوندو ھو ان نلڪي مان ڪن اللہ راسين مونکي وھنجاري صاف ڪيو. ان واقعي جي وقوع پزير ٿيڻ کانپوءِ مونسان وري ھڪ ٻيو سين پارٽ ٿيو. اڌ رات جو گھر ڏانھن ويندي جڏھن چوڙيگرن واري گھٽي ۾ اللہ ڏني پڙھي واري جي گھر وٽ پھتس تڏھن دل ۾ ھي خيال جاڳيو ته جي ھنن اڌو گابرو سڪل ڪپڙن جي حالت ۾ گھر ويس ته بابو صفا ڇني ڇڏيندو. انھيءَ ڊپ کان انصارين جي گھٽيءَ واري چونڪ کان بھشتي مسجد جو رخ ڪيم. رات چڱي گذري چڪي ھئي، مسجد جا دروازا بند ھئا. مون ڇا ڪيو جو وضو واري ٽانڪي واري در کان ٽپي مسجد ۾ اندر داخل ٿيس ۽ جنھن پاسي قرآن ناظران جو درس ٿيندو ھو ان پاسي جمعي ڏينھن مسجد ۾ وڇائڻ وارين اضافي ڦراسين جو ڍِڳ پيو ھوندو ھو تنھن ڍير جي پويان لڪي سمھي رھيس. فجر جي آذان تي منھنجي اک کلي وضو ساري سنتون پڙھيم باجماعت فرض جي ادائگي کان پوءِ جڏھن جماعتين جو نڪرڻ شروع ٿيو تڏھن مسجد جي در وٽ محمد فيصل کھاوڙ جي مون تي نظر پئي. اسان ٻنھي جو گھر سامٽيا روڊ تي ھو تنھنڪري ٻئي گڏجي گھر ڏانھن روانا ٿياسي. مون کيس پنھنجي گذريل رات واري معاملي جي باري ڪجھ به نه ٻڌايو. محمد فيصل اڃا حال حيات آھي جڏھن لاڙڪاڻي ويندو آھيان ته ساڻس قرب جون ڪچھريون ٿينديون آھن. جڏھن صبح جو گھر پھتس ته بابو سائين سوير ئي ڪم تي نڪري ويو ھو باقي امڙ پڇا ڳاڇا ڪئي جنهن کي رات واري سڄي ماجرا ۽ قصي کي ڪجھ ڊرامائي ۽ درديلي انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم مگر ڪاميابي جي جيتري اميد ھئي سا پوري ٿي نه سگھي ۽ منھنجي نصيب ۾ امڙ جي ھٿان جيڪي موچڙا لکيل ھئا سي کجيءَ جي ٻھارن جي صورت ۾ پٺاڙن تي وسيا.

مذهبي رواداري واريون روايتون

مذهبي رواداري واريون روايتون

علي گوھر آباد کان امام بارگاھ جعفريا اسان جي گھر کان ڪا خاص پري نه ھئي، ايمپائر روڊ ٽپي محمد ايوب کھڙي جي بنگلي جي پٺيان وڃڻو پوندو ھو. انصارين جي گھٽي ۾ منھنجو ننڍي ھوندي جي لغڙن اڏائڻ وارو دوست محمد افضل افغان ولد علي نواز افغان رھندو ھو. جنھن جو گھر اڇي مسجد واري گھٽيءَ ۾ يعقوب سومري ۽ نظام ڇولن واري جي گھر سان لڳو لڳ ھوندو ھو. 1960 واري زماني ۾ سندس ڏاڏو سنڌي مسلم اسڪول جي داخلي دروازي اڳيان پنھنجي اوطاق جي کليل پلاٽ ۾ ڪرسي وجھي ويٺو ھوندو ھو. جيتري قدر ياد آھي ته ھو پنھنجي اوطاق ۾ گھوڙو ۽ ٽانگو به بيھاريندو ھو. افضل جي ڏاڏي جي عليڪ سليڪ اسڪول جي ھيڊ ماستر استاد عبدالرشيد پيرزادي، استاد فيض محمد سيال، محمد حسن شيخ دڪاندار، ملان پڪوڙائي ۽ ٻين پاڙي وارن سان گھڻي رھندي ھئي. نھايت خوش اخلاق ۽ ملنسار ماڻھو ھو. تنھنڪري ھن صاحب جي وفات ۾ پاڙي جا ننڍا وڏا، پڪا پوڙھا سڀ شامل ٿيا ھئا. سندس جنازو انصاري گهٽي مان نڪري ٻاهر کهڙي جي بنگلي پويان رحمت حسين جعفري جي گهر سان لڳو لڳ جعفري امام بارگاهه ۾ کڻي آيا. جڏهن جنازو امام بارگاهه ۾ پهچايو ويو تڏهن مون کي اڻتڻ لڳي ته پتو ناهي ته جنازي جي نماز ڪيئن پڙهبي ڇاڪاڻ ته جنازي ۾ شريڪ مولوي عبدالرشيد ۽ مولوي فيض محمد سان گڏوگڏ اڌ تي سني مسلڪ جا ماڻهو موجود هئا. اول ته مون کي پهريون دفعو اها ڳالهه معلوم ٿي ته منهنجو دوست افضل افغان جن جو تعلق شيعا مسلڪ سان آهي. اها هڪ حقيقت آهي ته ان زماني 1950ع واري ڏهاڪي ۾ ماڻهون مسلڪ جي ڀيد ڀاءُ کان مٿانهون ٿي رهندا هئا ۽ سوچيندا هئا. مذهبي يا مسلڪي ڏيک ويک ان وقت هئو ئي ڪو نه. بهرحال امام بارگاهه ۾ پهريون شيعا مسلڪ جي مولوي نماز پڙهائي ۽ دعا درود ڪيو ۽ اسان سڀني فاتح ۽ دعائن م شريڪ ٿياسين تنهن کان پوءِ استاد فيض محمد جنازي نماز پڙهائي ۽ تمام شيعا حضرات فاتح ۾ شريڪ ٿيا. الله الله خير صلا، اهي هئا ان وقت مذهبي رواداري وارا رويا جن جي ڪري سماج ۽ معاشري ۾ محبت، ڀائي چاري ۽ امن و امان جي فضا قائم هوندي هئي. مون کي اهو به ياد آهي ته ان زماني ۾ مساجد، امام بارگاهن توڙي مڙين مندرن ۾ ماڻهو ڏين جي روشني ڪندا هئا ۽ انهن ڏيئن جي تيل کي سينڌ ۾ هڻندا ۽ ڳلن تي مکيندا هئا.

جشن ميلاد ۽ مجالس امام عالي مقام

جشن ميلاد ۽ مجالس امام عالي مقام

علي گوهر آباد ۾ مجالس امام عالي مقام ۽ جشن ميلاد سامٽيا روڊ تي منعقد ڪرڻ جي ريت 1960ع واري ڏهاڪي ۾ اسان جي پاڙي ۾ مولوي فيض محمد سيال وڌي، هو سماجي ڪم سر انجام ڏيڻ جي سلسلي ۾ به گهڻو متحرڪ رهندو هو. پاڻ محترم پرائمري اسڪول ٽيچر هو طبعن نرم مزاج ۽ اعليٰ ظرف جو ماڻهو هو رمضان جي سڄي مهيني ۾ ۽ ٻين مذهبي ڏهاڙن کان سواءِ عام ڀلائي ۽ سماجي ڪمن سان ٻاروهي سلهاڙيل ڏسي ماڻهو کيس ابوالخير سڏيندا هئا. مسجد جنهن جو پاڙي وارن جي سهڪار سان هو منتظم ۽ پيش امام هو تنهن ۾ هن قرآن شريف ناظره پڙهائڻ جو مڪمل بندوبست رکيو هو. رمضان جي ماهه ۾ خدمت سانگي سحري تي اٿارڻ لاءِ باقاعدي گهنڊ وڄائي روزي دارن کي جاڳائيندو هو. ميان ابوالخير ۾ اهڙي قسم جون ٻيون به گهڻيون ئي خوبيون هونديون هيون. سامٽين جي ٻارن کان سواءِ پاڙي جا جيڪي ٻار هن وٽ قرآن پڙهڻ لاءِ ايندا هئا تن جي لاءِ سندس مدرسي جا دروازا کليل رهندا هئا.مرحوم ۽ مغفور قرآن جي پڄائڻ تي طالب علم کان رڳو هڪ پيالي کنڊ جي گهرائيندو هو. ٻين شاگردن سان گڏ اسرار احمد سامٽيي ۽ مون هن وٽ قرآن ناظره پڄايو. سامٽيا روڊ تي سندس انتظام هيٺ جيڪا مسجد هئي تنهن جي اڳيان سامٽيا روڊ تي سامٽين، پيرزادن، سومرن، جوکين ۽ ٻين سرندي وارن جي سهڪار سان هو جشن ميلاد جو ڀرپور بندوبست ڪندو هو. ان ڪم ۾ اسرار احمد سامٽيو، ضمير پيرزادو ۽ مان مدرسي جا ٻيا طالب علم اڳتي وڌي هر ڪم ۾ سائين جن جو هٿ ونڊائيندا هئاسين. سائين فيض محمد ميلاد پڙهڻ لاءِ مولوي قاري خير محمد کي مدعو ڪندو هو. جيڪو نهايت اثرائتي انداز ۾ سيرت نبي صلعم بيان ڪندو هو محفل ميلاد ۾ مولود پيش ڪرڻ لاءِ وقفو ڏنو ويندو هو ته جيئن مولوي صاحب کي ساهي ملندي اچي تنهن ڪري سمورو پروگرام مڪمل ترتيب ڏنل هوندو هو. ان سهڻي موقعي تي ڪجهه پروفيشنل ڪجهه شوقين ۽ ڪجهه پاڙي جا خوش الحان نعت خوان ۽ مولود پڙهڻ وارا تيار ويٺا هوندا هئا. بشير احمد پٺاڻ اسان جي پاڙي ۾ نو وارد هو هونئن ته هر وقت شاد نظر ايندو هو پر بحيثيت شاعر شاد پوءِ بڻيو پر ان وقت پاڙي جو هوشيار ۽ محنتي شاگردن ۾ ليکبو هو. خوش الحان هو ۽ ميلاد جي موقعي تي نعت مولود ۽ منقبت سهڻي انداز ۾ پيش ڪندو هو. جيڪو مون کي ڏاڍو وڻيو هو. سچ پڇو ته ان محفل دوران ئي مون فيصلو ڪيو هو ته هن نوجوان سان دوستي ڪندس. ساڳي محفل ۾ بشير احمد جي والد محترم مرحوم ۽ مففور در محمد پٺاڻ به نهايت مٺي آواز ۾ مولود پڙهيو هو سو مون کي اڄ تائين ذهن نشين آهي.
1960ع واري ڏهاڪي ۾ علي گوهر آباد ۾ عوامي سطح تي مجالس ۽ جشن ميلاد النبي منعقد ٿيندا هئا. اسان جي پاڙي سامٽيا روڊ تي سامٽين ۽ پيرزادن جي گهڻائي هئي مگر انهن ۾ فقهي ۽ مسلڪي لحاظ کان ڪنهن قسم جي ڌڙي بندي ڪا نه هوندي هئي. سامٽيا قوم ۾ اڌ تي گهراڻا سني مسلڪ جا هئا پر سڀئي خانداني ۽ شريف النفس انسان هوندا هئا پاڻ ۾ تقريبن مٽي مائٽي ۾ ڳنڍيل هوندا هئا. پيرزادا ۽ ٻين ذاتين جا ماڻهو جيڪي ان پاڙي ۾ رهندڙ هئا سي پڻ محبت ۽ رواداري جا قائل هئا هندوستان پاڪستان جي ورهاڱي کان اڳ هن محلي ۾ سنڌي هندن جا گهر به ججها هئا ۽ اهي به مسلمانن سان گڏ مذهبي ۽ ڀائيچاري جي فضا ۾ گڏ رهندا هئا پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ ڪيترا سنڌي هندو وطن ڇڏي ڀارت هليا ويا. ۽ انهن جي وڃڻ کان پوءِ هندوستان کان لڏ پلاڻ جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ مهاجرين آيا. جن ۾ ماشاءَالله سادات جو تعداد گهڻو هو. اسان جي پاڙي سامٽيا روڊ علي گوهر آباد ۽ قافلي سرا ۾ به هڪ ساداتن جو ٽولو لٿو جن ۾ سيد اخلاق حسين سيد جليل ۽ سيد لائق حسين پنهنجي والدين سان قافلي سرا ۾ رهندا هئا پر انهن مان جليل حسين کي اسان جي گهر جي سامهون سامٽين جي گهرن سان بلڪل لڳ هڪ جاءِ ڪليم ۾ ملي ۽ هن پنهنجي روزي روٽي لاءِ سامٽيا روڊ جي آخري ڇيڙي تي چانهه جو هوٽل کوليو. جليل جو ننڍي ڀاءُ لائق حسين به ان جي ڀرسان ڪليم ۾ مليل هندو جي ڇڏيل هڪ خالي هٽ ۾ سيڌي جو دڪان کوليو هندن جي لڏي وڃڻ کان پوءِ جيڪا اسان جي پاڙي ۾ سنساني پيدا ٿي هئي ۽ جيڪي رونقون ڦٽي ويون هيون سي مهاجرن جي آئي ڪجهه بحال ٿيون. هنن ٽنهي ڀائرن جو والد تقريبن ارڙهن سئو پنجانوي ڇهانوي جي پيدائش لڳندو هو. نهايت شريف ۽ مذهبي ماڻهو هو. سندس اولاد چوندي هئي ته هو دم درود سان گڏ علم جعفر به ڄاڻندو آهي. ڏسڻ ڪرڻ ۾ نهايت سنجيده ۽ خاموش طبع ماڻهو لڳندو هو. اڇي رنگ جو وڏي مهري وارو پائجامو پائيندو هو اڪثر مٿو ڍڪي هلندو هو. ڪڏهن ڪڏهن انڙن واري گهٽي قافلي سرا کان ڪهي اچي پنهنجي پٽ لائق حسين ۽ پنهنجي اڳ ڄائي پٽ جليل سان ملڻ دڪانن تي ايندو هو.
منهنجي پيءُ جي ڪنهن پاڙيسري سان ڪا نه لڳندي هئي خبر ناهي ته سندس ان ڪراڙي سان ڪيئن عليڪ سليڪ ٿي. 1958ع ۾ اسان جي گهر، سکر کان بابي سائين جا ڀاڻيجا، ربن، رانجهن ۽ رکيل پنهنجي گهر جي ڀاتين سان گڏجي آيا هئا. اسان جي گهر جو دالان ڪشادو هوندو هو جنهن جي پٺيان ٻه ڪشاديون ڪوٺيون هونديون هيون. جن مان هڪ کي اوطاق طور استعمال ڪندا هئاسين ۽ هڪ ڪوٺي جنهن ۾ ڇپٽي ٺهيل هئي ۽ ان تي ڪاٺ جي ڏاڪڻ رکيل هئي. اها گهر جي اسٽور ۽ هنڌ ويهاڻا رکڻ جي جاءِ هوندي هئي ڪمري جي ڀت ۾ الماڙي ڦٽ هوندي هئي جنهن ۾ مان اسڪول جا ڪتاب ۽ ٻيون شيون رکندو هوس. هي ڪوٺي چئني پاسن کان بند هجڻ جي ڪري اونداهي ۽ ٿڌي رهندي هئي. ياد رهي ته هي جاءِ واڻڪي اويڪيو پراپرٽي هئي جنهن جو جوڙائيندڙ ۽ مالڪ پهلومل هو. جيڪو هندوستان لڏي وڃڻ وقت امانتن اسان جي چاچي محمد عمر جي والد محترم رسول بخش کي ڏئي ويو هو. سو ڳالهه ٿي ڪيم اونداهي ڪوٺي جي جنهن ۾ جن رهندا هئا. اسان پنهنجي سکر جي مهمان مردن جي سمهڻ جو بندوبست اوطاق ۾ ڪيوسين ٻار سڀ پينگهي ۾ سمهي پياسين اسان ڀاڄائي کي سمهڻ لاءِ اونداهي ڪوٺي جي در جي اڳيان دالان ۾ کٽ وڇائي ڏني سين. ٻئي ڏينهن ڀاڄائي امڙ کي چوي پئي ته توهان جي گهر ۾ جن آهن جن سڄي رات منهنجي وارن کي پٽيو آهي ۽ کٽ کي لوڏيو آ. اسان کي اها خبر ته هئي ته گهر جي ڪوٺي ۾ جن آهن. ٻئي ڏينهن ڀاڄائي کي دالان جي ٻي ڪنڊ ۾ کٽ رکي ڏني سين. جڏهن مهمان ويا ته بابا سائين مون کي چيو ته سڀاڻي وڃي لائق حسين جي پيءَ کي وٺي اچجان ته هن کان گهر ۾ ڪجهه پڙهائڻو آهي. لائق جي گهر وڃڻ کان اڳ مون کائنس سندس پي جي باري ۾ معلوم ڪيو ته سندس پي هن وقت گهر ۾ هوندو. هن جواب اثبات ۾ ڏنو. صبح جو ڏهين ڌاران مان لائق حسين جن جي اوطاق جو دروازو کڙڪايو ته اندران آواز آيو. ڪون هي، مون پنهنجي والد جو نالو ٻڌائيندي چيو مان غلام رسول، پوڙهي در کوليو ۽ اندر ڪرسي تي ويهڻ لاءِ چيائين ۽ اچڻ جو سبب پڻ پڇيائين مون کيس بابي وارو نياپو ڏنو. جنهن تي وراڻيائين ته؛ ”میں شام کو آئوں گا“. ڪراڙي جي اٿڻ ويهڻ سمهڻ ڪرڻ سڀ ان اوطاق ۾ هوندو هو، جنهن جي پويان سندس فيملي جي رهائش هئي. سندس اوطاق جي ڀر وارو گهر امان الله ۽ ڪفايت الله پيرزادي جي والد محترم ماستر محمد عتيق پيرزادي جو هوندو هو اهي سموريون عاليشان جايون ڪن امير هندن جون ڇڏيل جايون هونديون هيون. جيستائين هو سنڀري ڪري مون سندس ڪمري جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو. ڪمري ۾ مصلا، جاءِ نمازون، تسبيون خاڪ شفا جي ٽڪي وغيره ٽيبل تي پيون هيون پر ڪمري جي هڪ پاسي سندس بيڊ جي ڀر ۾ ڪثرت ڪرڻ وارا ڪاٺ جا ڳرا پاوا نما رکيل هئا. جڏهن مان انهن کي غور سان ڏسي رهيو هوس ته پڇڻ لڳو ته ڪثرت ڪرتي هو، مون وراڻيو ته نهين. تنهن تي چوڻ لڳو ڪثرت ڪيا ڪرو ڪام آئيگي. ڪجهه ڏينهن بعد مون جليل هوٽل واري کان جيڪو هندوستان جي بريلي ۽ دهلي جا قصا ٻڌائيندو هو معلوم ڪيم ته تنهنجو پي پهلواني به ڪندو هو ڇا. چيائين ها جواني ۾ پهلواني ڪندو هو. منهنجي سوال ڪرڻ تي ته ڇا هو جن به ڪڍندو آ ته چيائين بابا کي علم آهي جن ڪڍندو آهي. بحرحال شام ٿي ته جليل جو پيءُ اسان جي گهر آيو پاڻ سان پڙهيل پاڻي جون شيشي جون ٻه بوتلون کڻي آيو هو جنهن ڪوٺي ۾ جن هئا ۽ گهر جي سڀني ڀاتين کي ڪنهن نه ڪنهن طرح ڊيڄاري تنگ ڪندا هئا تنهن ڪمري ۾ اڌ ڪلاڪ کن پڙهي ڪمري جي چئني ڪنڊن ۾ پاڻي ڇڻڪائي بابي کي ڪجهه هدايتون ڏني هليو ويو. ان وقت کان پوءِ هڪ رات جنن منهنجي ننڍي ڀاءُ اڪبر کي اٺ جي شڪل ۾ ڏيکاري ڏئي ڊيڄاريو. هڪ ڀيرو مان رات جو دالي ۾ سمهيو پيو هوس ته منهن جي مٿان چڙهي هن غائب مخلوق ڏاڍي سوڙهه ڪئي ۽ هو منهنجي والده کي به تنگ ڪندا رهندا هئا. مگر ان وچ ۾ ڪو دکدائڪ يا سنگين واقعو پيش نه آيو.
لاڙڪاڻي ۾ ڀارت کان آيل جليل۽ اخلاق جن وارو اهو سادات خاندان فقهي لحاظ کان شيعا مسلڪ جو هو ۽ انهن جو تعلق هندوسان جي مشهور شهر بريلي سان هو مگر اهو UP هندستان جو گڏيل صوبي وارو علائقو رضا احمد بريلي جي حوالي سان گهڻو معروف رهيو آهي ۽ سني مسلڪ جو ڳڙهه هو ۽ تهذيب ۽ ثقافت جي لحاظ کان اعليٰ مقام رکندو هو. اخلاق حسين ۽ جليل احمد وارا جيتوڻيڪ اعليٰ تعليم يافته نه هئا مگر آداب و اخلاق وارا ۽ مذهبي هئا. هن ڀائرن جي گروپ اسان جي پاڙي علي گوهر آباد سامٽيا روڊ جي ماڻهن جي سهڪار سان گڏجي هڪ مذهبي ڀائيچاري وارو گروپ تشڪيل ڏنو. جنهن جي زير اهتمام سامٽيا روڊ تي مجالس امام حسين اعليٰ مقام جو انعقاد شروع ٿيو.
سامٽيا روڊ تي جڏهن پهرين مجلس امام حسين ۽ سادات ڪربلا جي حب ۾ برپا ٿي تنهن ۾ مجلس پڙهڻ لاءِ ان وقت جي معروف ۽ مشهور ذاڪر گلفام حسين کي ٻاهران گهرايو ويو هو. مجلس جي پنڊال کي پر رونق بڻائڻ لاءِ علي گوهر آباد جي نوجوانن ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ اسان مان گهڻا مسلم اسڪول ۽ سني مسلڪ جي مساجد جا طالب علم هئا تڏهن به اسان مسلڪي مڙني ويڇن کان مٿي ٿي مجلس منچ کي خوبصورت بڻائڻ ۾ ڪا ڪثر نه ڇڏيسين. قاضي هدايت الله جي اجازت سان ان جي باغ مان ڪيلن جا وڻ پٽي اچي پنڊال جا داخلي دروازا تيار ڪياسين. ڪن دوستن انهن کي گلن ٻوٽن سان خوب سينگاريو.چئني پاسي پاڻي جو ڇڻڪار ڪيو ويو ان کان سواءِ روڊ تي گلم غاليچا وڇائي اسٽيج تيار ڪئي وئي. اهڙي طرح علي گوهر آباد جي سامٽيا روڊ جي ايليوشن تي هڪ خوبصورت منظر برپا ٿي ويو. مولوي ذاڪر گلفام ان وقت جو شعلا بيان مقرر هو. تنهن جي مجلس پڙهڻ جي انداز بيان سڀني حاضرين مجلس کي ڏاڍو متاثر ڪيو هو.

لاڙڪاڻي جو غريب مقام شهر جو سڀ کان وڏو تفريحي سماجي معاشي ۽ ثقافتي مرڪز

لاڙڪاڻي جو غريب مقام شهر جو سڀ کان وڏو تفريحي سماجي معاشي ۽ ثقافتي مرڪز

لاڙڪاڻي مڇي مارڪيٽ جي سامهون ميونسپالٽي جي طرفان هڪ واٽر هائڊرينٽ لڳل هوندو هو جنهن مان ٽريڪٽر واٽر بائوزر ذريعي ميونسپل آفيس کان مڇي مارڪيٽ چونڪ تائين وري ان کان اڳتي ڪرما باغ چونڪ تائين پاڻي ڇٽڪايو ويندو هو. ساڳيو ئي واٽر بائوزر اتان ڦري مراد واهڻ ڏانهن ويندڙ سڻڪ واري چئوواٽي تان عيش گهرن جي اڳيان روڊ تي پاڻي ڇڻڪائي کچي امام بارگاهه کان ٿيندو محمد ايوب کهڙي جي بنگلي تائين هليو ويندو هو. غريب مقام ان وقت شهر جو وڏي ۾ وڏو راندين جو ميدان هوندو هو. جنهن تي شام جو روزانو پاڻي جو ڇڻڪار ٿيندو هو. اهو سمورو ڪم غلام نبي خان پٺاڻ ڪندو هو جيڪو ميونسپل آفيس جو ڊرائيور هو ۽ کهڙي جي بنگلي ڀرسان بهاو الدين شيخ جي اٽي ان پيهڻ واري مشين سان لڳ جاءِ ۾ رهندو هو ۽ ٽريڪٽر ۽ بائوزر جي گيراج به اها ساڳي جاءِ هوندي هئي.
غريب مقام لاڙڪاڻي جو هڪ وڏو تفريح گاهه پڻ هوندو هو جنهن ۾ روزانو فٽبال ۽ ڪرڪيٽ ڪلب کان علاوه باڪسنگ ڪلب ۽ باڊي بلڊنگ ڪلبس به هوندا هئا جن ۾ روزانو شام جو رانديون ۽ تن سازيءَ جون سرگرميون شروع ٿينديون هيون. غريب مقام ۾ٽي چار ڪرڪيٽ ڪلب هوندا هئا جن ۾ فرينڊس ڪرڪيٽ ڪلب اسان جي دوستن قائم ڪيو هو جنهن جو هڪ ڀيري مسٽر عبدالوحيد ڪٽپر پريزيڊينٽ مقرر ٿيو هو. هن ميدان تي ڪرڪيٽ راند کيڏڻ ۽ فرينڊس ڪرڪيٽ ڪلب جي دوستن مان جيڪي مون سان گڏ ڪرڪيٽ کيڏيا هئا تن ۾ ارشاد علي سولنگي، خادم حسين کوکر، بشير احمد قريشي، آفتاب احمد جلباڻي، قيصر خان لنڊ، جاويد الهه رکيو، عبدالستار گجراتي ۽ ٻيا شامل هئا. ان وقت جيڪي دوست ميدان ۾ اچي ڪرڪيٽ ۽ ٻين راندين ۾ دلچسپي رکندا هئا تن ۾ قمرالدين قريشي، قربان علي عباسي، ضياءَ احمد جلباڻي، اسرار احمد سامٽيو ۽ سخاوت حسين قابل ذڪر آهن. لاڙڪاڻي غريب مقام جي هن وسيع ۽ عريض ميدان تي شام جو روزانو فٽبال ڪلب جي طرفان وڏو ميلو لڳندو هو جنهن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهن جا ڪٽڪ ڪٺا ٿيندا هئا. ان وقت لاڙڪاڻي ۾ ڪرڪيٽ کان پوءِ ٻئي نمبر تي مقبول راند فٽبال هوندي هئي جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جا فارغ تحصيل شاگرد ۽ شهر جا شوقين فٽبالر حصو وٺندا هئا. لاڙڪاڻي جي فٽبال ميدان ۽ ديني مدرسي اسڪول جي اوڀارين ديوار سان لڳ لاڙڪاڻي جي مشهور پهلوان باڊي بلڊر عاشق حسين لوهر جو باڊي بلڊنگ ڪلب هوندو هو جنهن ۾ روزانو شام جو شهر جي مختلف حصن کان نوجوان ڪهي اچي پنهنجي تنسازي جو شوق پورو ڪندا هئا. هن ڪلب جي مالڪ عاشق حسين پهلوان جو مشهور ائٽم هوندو هو پنڃريون کڻڻ. جنهن ۾ کيس ڪمال مهارت هوندي هئي. هو هڪ وقت هڪ اٽي پيهڻ واري وڏي اسٽينڊرڊ سائز مشين جي چڪين جا ٻه پڙ پنهنجي ڪلهن تي کڻندو هو. ان کان سواءِ پنهنجي چيلهه سان رسو ٻڌي ٽرڪ ۽ ٽريڪٽر کي پڻ ڇڪي ويندو هو.
عاشق حسين پهلوان جي تن سازي جي ڪلب مان لاڙڪاڻي جا ڪيترا نوجوان فيضياب ٿيا جن مان ڪن پنهنجا باڊي بلڊن ڪلب قائم ڪيا انهن مان نوجوان ممتاز سينڊو هڪ هو جنهن جناح باغ جي اولاهين ڪنڊ تي پنهنجو تنسازيءَ جو ڪلب قائم ڪيو عاشق پهلوان جي ڪلب جي ڀرسان شهر جو باڪسنگ ڪلب پڻ قائم هو جنهن جون سرگرميون روزانو شام جو شروع ٿينديون هيون. ڪلب ۾ باڪسنگ ڪرڻ ۽ سکڻ لاءِ شهر جي مختلف حصن کان باڪسنگ جا شوقين ايندا هئا. هن ڪلب ۾ مسٽر حڪيم هليو، محمد نواز لوهر، محمد نواز مهيسر، غلام نبي پٺاڻ، ۽ ٻيا ڪيترا نوجوان پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا هئا.
ثقافتي ۽ معاشي سرگرمين جي لحاظ کان غور ڪري ڏسبو ته غريب مقام کي شهر لاڙڪاڻي ۾ راندين کان سواءِ ثقافتي ۽ معاشي لحاظ کان وڏي اهميت حاصل هئي. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ غريب مقام جي ويڪري ميدان ۾ وڏا فيسٽيول، نمائشون، ڪارنيوالون، سرڪسون، موت جا کوهه، ميلا ۽ ملاکڙا لڳندا هئا. هڪ ڀيري هڪ وڏي صنعتي فيسٽيول ۾ پاڪستان جي مشهور اڪرم پهلوان جو مقابلو جاپان جي مشهور فري اسٽائل ريسلر انوڪي سان ٿيو هو. ان مقابلي جون يادگيريون ضرور شهر جي ڪن جهونن جي ذهنن ۾ هونديون. لاڙڪاڻي شهر جو هي تفريحي، سماجي، معاشي ۽ ثقافتي مرڪز ان وقت هميشه لاءِ ختم ٿي ويو جڏهن ڀٽي صاحب جي حڪومت هن ميدان تي غريبن لاءِ اجهي فراهم ڪرڻ لاءِ پلان تيار ڪيو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان وقت پ پ گورنمنٽ جو اهو هڪ احسن قدم هو پر ٻئي پاسي ڏسجي ته ان پلان جي تڪميل تي پهچڻ سان لاڙڪاڻي جي وچ شهر مان سماجي، ثقافتي ۽ صحتمند سرگرمين جو هميشه لاءِ خاتمو ٿي ويو.
غريب مقام ميدان لاڙڪاڻي جي لغڙ بازن جي جنت هوندو هو. شام ٿيندي هئي ته شهر جي اوري پري جا لغڙن اڏائڻ جا شوقين ۽ خفتي لغڙ باز غريب مقام جو رخ ڪندا هئا ۽ ميدان جي مختلف حصن ۾ پنهنجيون من پسند جايون سنڀالي بيهندا هئا. علي گوهر آباد، کچين جو پاڙو، ديني مدرسي وارو انصارين جو پاڙو، قافلي سرا، جعفري محلو ويندي کٽاڻ بازار کان به شوقين پنهنجا لغڙ، مانجها، ڍيرا ۽ چرخيون کڻي اچي غريب مقام ۾ حاضر ٿيندا هئا. دراصل لغڙن چرخين ۽ مانجهن جي وڪري جي وڏي بازار کٽاڻ بازار هوندي هئي. مگر اتان جا لغڙباز سنڌي لغڙ بازن کان مختلف طريقي سان پيچ بازيون ڪندا هئا ۽ سنڌي لغڙبازن جي لغڙ اڏائڻ ۽ پيچ ويڙهائڻ جو طور طريقو جدا هوندو هو. مهاجر ۽ گجراتي اڪثر ڏور مانجهو چرکين ۾ رکي لغڙ اڏائيندا هئا ۽ سنڌي لغڙ باز پنهنجا ڌاڳا سڳا ۽ مانجهو ڍيرن ۾ ويڙهي رکندا هئا ۽ لغڙ اڏائڻ وقت ڍيرو زمين تي رکندا هئا. لغڙن جو پيچ لڙائڻ وقت گجراتي، دهلي ۽ بريلي وارا مهاجر نوجوان لغڙ جو پيچ ويڙهائي ڏور ۽ لغڙ کي وٺي پاڻ ڏانهن ڊوهيندا هئا. لغڙن جي پيچ ويڙهائڻ جو سنڌي طريقو هوندو هو پيچ ڳنڍي لغڙ کي ڍر مٿان ڍر ڏيڻ. لغڙ ته ٻنهي طريقن سان ڪاٽا ٿيندا هئا. ڪنهن طريقي سان لغڙ جو نقصان ٿيندو هو ته ڏور جو بچاءُ ٿيندو هو ۽ ڪنهن طريقي سان ڏور جو نقصان ٿيندو هو. مگر لغڙ وڌيڪ ڪاٽا ٿيندا هئا. اسان جي پاڙي جي لغڙ بازن ۾ منظور کچي وڏو ڪامياب لغڙ باز ليکيو ويندو هو. جعفري محلي جو مقبول جعفري پينٽر پاڻ سٺو مانجهو تيار ڪندو هو ۽ سندس شمار شهر جي بهترين لغڙ بازن ۾ ٿيندو هو. پاڙي جي شوقين لغڙ بازن ۾ نور محمد عرف نورو گجراتي ۽ سندس ڀاءُ گلاب گجراتي، جاويد الهه رکيو، عبدالغفور سومرو مون سان گڏجي لغڙ اڏائيندا هئا. نور محمد گجراتي ايڏو خفتي هو جو هن پنهنجو ڪاروبار ئي لغڙن کي بڻايو. هو لاهور ۽ ڪراچي کان لغڙ گهرائيندو هو سندس دڪان غريب مقام جي ويجهو پراڻي گاهه پڙي تي هوندو هو.

آهنگرن جي بستي

آهنگرن جي بستي

منهنجا لکڻ پڙهڻ ۾ حال پورا هئا. آئون پنهنجي ساروڻين ۾ تعليمي معاملي جي باري ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه حال احوال اوريندو رهيو آهيان. انسان پنهنجي ڪرمن ۽ نصيبن کي ڪيترو پٽيندو. جيڪڏهن ڪو انسان غريبي ۽ مسڪيني جي ور چڙهيل آهي ته ان ۾ هن جو ڪو به ڏوهه ڪونهي. جيڪي ابتر معاشي حالتون ننڍي ڄمار ۾ والدين کان ورثي ۾ ملن ٿيون تن جو سور انسان کي ڀوڳڻو پوي ٿو. مگر انسان جي وس ۾ هڪ ڳالهه ضرور آهي ته هو پنهنجي رب مان آس اميد نه لاهي پر يقين محڪم رکي پنهنجي رب کي ٻاڏائيندو رهي ۽ پنهنجا عمل نيڪ رکي. انسان جيڪڏهن اهڙي روش ۽ روين جو سهارو وٺي هلندو ته اڄ نه ته سڀاڻي ضرور ڪاميابي ماڻيندو. ڪنهن نه ڪنهن طرح منهنجي دل ۾ اميد جاڳي هئي ته مان پنهنجي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪريان دل ۾ اهڙن ويچارن جي اچڻ کان پوءِ مون پاڙي جي انهن دوستن کان پاسو ڪرڻ شروع ڪيو جن سان سرن ڍوئڻ جي ڪم سان بٺن تي پيو رلندو هوس. يا گهوڙن کي وهنجارڻ محض ان ڪري ويندو هوس ته جيئن اسڪول کان گسائي اسڪول جو ٽائم دفع ڪري سگهان. نون ويچارن جي ڪري هاڻ منهنجو توجهه پاڙي جي انهن شاگردن ڏانهن مرڪوز پئي ٿيندو ويو جيڪي پڙهڻ ۾ ڪاميابيون حاصل ڪري اڳتي وڌي رهيا هئا. سن اڻويهه سئو ايڪهٺ ٻاهٺ واري سيشن جي نائين جماعت جو خير سان بورڊ جو نتيجو ظاهر ٿيو جنهن ۾ رڳو ٻه مضمون مس پاس ڪري سگهيو هوس. اهڙي نتيجي جي ڪري ماءُ ۽ پيءُ جون سموريون اميدون ختم ٿي چڪيون هيون ۽ منهنجي ذهني حالت به نهايت مايوس ڪندڙ هئي. گهر ۾ ٻوسٽ سناٽو خاموشي، ڪجهه ڏينهن ويچاريندو رهيس مگر اهڙي ڪيفيت ۾ ائين پئي محسوس ٿيو ته اهو ٻوسٽ سناٽو ۽ خاموشي منهنجي اندر ۾ هليا ويا آهن. ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي، اهڙي ڪيفيت ۾ مون پنهنجي سماج کان فرار اختيار ڪرڻ جو سوچيو. ڇاڪاڻ جو انهن حالتن کي آئون ڪهڙي به طرح منهن ڏئي نه ٿي سگهيس.
زندگي ۾ پهريون قدم سنجيدگي سان کڻندي سائين فيض محمد سيال واري مسجد جي پاڙي جي دوستن علي گوهر سومري ۽ بگو انصاري سان لاڙڪاڻي مان فرار اختيار ڪرڻ جو سوچيم. مذڪوره دوست مسجد جا نمازي هوندا هئا ۽ منهنجو انهن تي گهڻو ڀروسو هوندو هئو.وجهه وٺي مون ٻنهن سان پنهنجي دل جي ڳالهه ڪئي ته مان ڪيڏانهن بر منهن ڪرڻ چاهيان ٿو. سياڻا چوندا آهن ته چنڊو چنڊي کي سئو ڪوهه تي ڳولهي لهي. هنن منهنجي اها ڳالهه ٻڌي چيو ته اسان وري هتي ڪهڙو خوش آهيون. جيڪا صلاح تنهنجي اها اسان جي. اسان ٽنهي دوستن جي اهڙي هم آهنگيءَ اسان کي وڃي ڪوئيٽا ڪڍيو. شهر کان فرار ٿيڻ وقت به دل ڪتابن جي ڪجهه ورقن ۾ ڦاسي پئي هئي جو ڪوئيٽا فرار ٿيڻ وقت انگريزي، ميٿميٽڪ ۽ جاگرافي جا ڪتاب ڪپڙن جي ڳنڍ ۾ ٻڌي پاڻ سان گڏ کڻي ويو هوس. ڀاڙو ڀتي ڪري ڪوئيٽا ته پهچي وياسين پر رهڻ گهمڻ ۽ کائڻ پيئڻ لاءِ پئسي جي ضرورت هئي تنهن ڪري اتي پهچي اچي مون کي فڪر لڳو ته هاڻي پئسا ڪيئن ڪمائبا. منهنجا ٻئي دوست اڳ ۾ هڪ ڀيرو ڪوئيٽا ۾ رهي ڪمائي کائي پي ويا هئا. بگو انصاري لاڙڪاڻي ۾ مڇي مارڪيٽ کان پاڪستان چونڪ ڏانهن ويندڙ روڊ تي لوهي تغارين ٺاهڻ جو ڪم ڪندو هو. ان دوست جي ڪهاڙين ۽ ڏاٽن ٺاهڻ وارن بروهي لوهرن سان دوستي هئي. سو ڪوئيٽا ۾ انهن سان ملڻ بستي آهنگران وياسين. لوهرن جي هي خيمن جي هڪ وڏي بستي هئي. انهن بروهن لوهرن مان ڪن سان علي گوهر سومري ۽ منهنجي پڻ ڄاڻ سڃاڻ هئي. اهي لوهر سخت سردين واري موسو ۾ لاڙڪاڻي ۾ مڇي مارڪيٽ ۽ کچين جي پاڙي اڳيان خالي پلاٽ تي پنهنجا خيما کوڙي ڏاٽا، ڪهاڙيون، ٽڦڻيون ۽ چهريون وغيره ٺاهي پنهنجو روزگار ڪندا هئا. بهرحال لوهر غريب ضرور هئا مگر هئا وڏي دل وارا. هنن اسان ٽنهي کي پاڻ وٽ نه رڳو رهايو پر دل سان مهمانداري ڪندي پنهنجو هڪڙو خيمو خالي ڪري ان ۾ سٺيون فراسيون وڇائي اسان کي ڏنيون ۽ اسان جي خاطر مدار دل سان ڪيائون. رات جي ماني کائي اوڙي پاڙي جو چڪر لڳائي اچي فراسين تي سمهي رهياسين. فجر جو سوير آهنگرن جي بستي ۾ لوهه ڪٽڻ جو ڪم شروع ٿي ويو اهڙي زبردست قسم جي ڪٽ ڪٽان ۾ اسان جي ننڊ ڪافور ٿي وئي. ڪجهه دير ۾ چانهه ماني جي نيرن ڪري اسان لوهر دستن جي اجازت سان ڪوئيٽا شهر گهمڻ لاءِ نڪري وياسين. منجهند جي ماني ٻاهر ڳلي ڪوچي جي هوٽل تي کاڌيسين. هڪ ٻه ڏينهن اهڙي طرح گذريا ٽين ڏينهن منهنجا دوست پنهنجي پنهنجي ڪمن سان لڳا. بگو انصاري لوهه ڪٽڻ شروع ڪيو. علي گوهر سومرو ڀر واري ڪالوني ۾ ڌوٻي گهاٽ تي ڪم ڪرڻ لاءِ هليو ويو. ڏينهن جا يارهن کن ٿيا ته مون واري دوست اعظم علي لوهر چيو ته جي تون چاهين ته مان پنهنجي هوٽل واري دوست بيري کي چوان ته تنهنجي لاءِ هوٽل ۾ بيراگري لاءِ ڪو ڪم ڳولهي. هتي ته سوائي ڪم ڪرڻ جي ٻي ڪا واٽ ئي ڪا نه هئي. سو ٻئي ڏينهن مان به شهر جي هڪ هوٽل تي ٽيبل صاف ڪرڻ جي ڪم سان لڳي ويس. هوٽل تي سڄو ڏينهن ڪم ڪندي گذري ويندو هو. دوستن سان سج لٿي کان پوءِ خيمي ۾ ملاقات ٿيندي هئي. خيمي جي ڊريگهه ۽ ويڪر ايتري هئي جو رڳو ٽن ماڻهن جي سمهڻ جي جاءِ مشڪل سان ٿيندي هئي. خيمي ۾ روشني لاءِ شيشي وارو ليمپ هئو جيڪو خيمي جي وچ واري ڏنڊي ۾ لڳل ڪلي تي ٽنگي رکندا هئاسين. رات جي خاموشي ۾ جيستائين ننڊ اچي تيستائين مان ليمپ جي ٻرندڙ وٽ کي پيو تڪيندو رهندو هوس جيڪا آهستي آهستي هيڏي هوڏي پئي پنهنجو ڪنڌ لوڏيندي رهندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن رات جي ڪنهن خاموش پهر ۾ پاڻ سان آندل ڪتابن کي ڪڍي اٿلائي پٿلائي ڏسندو هوس. ان سمي ائين لڳندو هو ڄڻ مان انهن ورقن ۾ ڪنهن وڃايل شئي کي تلاش ڪري رهيو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن اهو به احساس ٿيندو هو ته جيڪڏهن هنن ڪتابن سان سچائي ڪيان ها ۽ اسڪول کي صحيح معنيٰ ۾ برابر وقت ڏيان ها ته هيئن آهنگرن جي خيما بستي ۾ فراسي تي نه ستو پيو هجان ها.
ڪوئيٽا جي شهر ۾ ٽي مهينا سخت محنت ڪندي گذري ويا ان وچ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڀاءُ ڀيڻ، ۽ پيءُ ماءُ جي ياد ستائڻ لڳندي هئي. هوٽل ۾ پهريون مان چانهن پيئڻ واريون ٽيبلون صاف ڪندو هوس. ٻه ٽي ڏينهن ٿيا هئا جو هڪ ٻيو رولاڪ ڇوڪرو هوٽل تي اچي بيراگري جي ڪم سان لڳو هو. تنهن ڪري مون کي ٽيبل جي ڪم کان هٽائي هوٽل جي بيڪ يارڊ ۾ کير جي وڏن ٻاٽلن کي مانجڻ جي ڪم تي لڳايو ويو. اهڙي سخت ڪم جي ڪري مون کي هڪ ٻه ڏينهن بخار آيو. جيڪو ساريڊان ٽيبليٽ کائڻ سان ٺيڪ ٿي ويو. منهنجي وياڪل وياڪل حالت ڏسي لوهرن جي عورتن ۽ مردن منهنجي دوستن کي صلاح ڏني ته توهان پنهنجي دوست کي وڃي ڳوٺان گهمائي اچو. منهنجن دوستن به منهنجي غم کي محسوس ڪيو هو تنهن ڪري لوهر دوستن جي صلاح تي هنن لاڙڪاڻي موٽڻ جو فيصلو ڪيو. دوستن جو خيال هو ته گهر وارن جي لاءِ ڪا سوکڙي پاکڙي وٺي هلجي. ٻن ڏينهن ۾ اسان جي تياري مڪمل ٿي. گهر وارن لاءِ پنهنجي ڪمائي مان مون سير کن ساون بادامين جو ۽ سير خشڪ توتن جو خريد ڪيو. هڪ ڏينهن اسان خير سان اچي پنهنجي گهر پهتاسين. صبح ڪا بهولا شام ڪو گهر لوٽ آيا. سياڻا چوندا آهن ته هر انسان جي زندگي ۾ ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي ٽرننگ پوائنٽ ايندي آ. سو اها ٽن سوا ٽن مهينن جي وطن کان دوري ۽ سخت پورهئي ۽ مشقت دماغ جا ڍلا پيچ ٽائٽ ڪري ڇڏيا، پاڙي جي پڙهاڪو دوستن جن کان اڳ آئون متاثر ٿي چڪو هوس. تن سان دوستي رکڻ پڙهڻ ۾ مدد وٺڻ جو ارادو ڪندي مون بشير احمد پٺاڻ سان ملاقات ڪئي ۽ کيس عرض ڪيم ته توهان مون کي پنهنجو دوست بڻايو ۽ مون کي ٽيوشن پڙهايو ته جيئن مان امتحان ۾ پاس ٿي سگهان. منهنجي اهڙي دليري ڏسي هن وراڻيو ته مان ٽيوشن پڙهائيدو ته ناهيان البته پڙهڻ ۾ مان تنهنجي مدد ضرور ڪندس ۽ هڪ ٻن ڏينهن ۾ مان توکي جواب ڏيندس. بشير احمد پٺاڻ محنتي سليقي وارو ۽ پيارو ماڻهو. جنهن زماني ۾ رُلي ڌڪ کائي مشقت جي بٺي مان پچي مان ٻاهر نڪتس ته منهنجي دماغ جون بتيون به روشن ٿي ويون هيون بشير احمد به دل و جان سان محنت ڪرائي انگريزي ۽ ميٿميٽڪ ۾ مون کي ڀڙ ڪري ڇڏيو. مون نائين ۽ ڏهين جماعت جا پيپر گڏي ڏنا ۽ مڙني پيپرن ۾ نه رڳو پاس ٿيم بلڪ ميٽرڪ سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيم ۽ جاگرافي جي پيپر ۾ ڊسٽنگشن پوزيشن پڻ آئي.

لاڙڪاڻي ۾ سينما جو دلنشين ماحول

لاڙڪاڻي ۾ سينما جو دلنشين ماحول

لاڙڪاڻي ۾ سينما جو دلشين ماحول 1955ع کان 1965ع واري زماني ۾ لاڙڪاڻي ۾ سينيما گهرن جي وڏي رونق ۽ بهاري هوندي هئي. ورهاڱي کان اڳ هتي جي سينيما گهرن جا مالڪ اڪثر هندو ئي هئا. هتان جون مشهور سينيمائون جن تي شام جو ماڻهن جا هشام گڏ ٿيندا هئا ۽ پنهنجي پسند جا فلم ڏسندا هئا. سي هيون ايمپائر سينيما، نگار سينيما ۽ رائل سينيما پهريون ٻئي سينيمائون محمد ايوب کهڙي صاحب جي بنگلي جي ڀرسان ايمپائرروڊ تي هيون ۽ ٽين سنيما جناح باغ لڳ بيڪر روڊ تي هوندي هئي جنهن جو نالو رائل سنيما هوندو هو. 1965ع جي جنگ کان پوءِ هندوستان ۽ پاڪستان جا حالات خراب ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان گورنمنٽ هندوستاني فلمن تي پابندي لڳائي ڇڏي تنهن بعد سينيمائن تي اها رونق ۽ ڀيڙ ڪا نه رهي. تنهن هوندي به فلم بينن لاءِ ستر واري ڏهاڪي ۾ پاڪستاني فلمن ماحول کي چڱو گرمائي رکيو مگر فلم انڊسٽري جيئن جيئن وئي اڳتي وڌندي تيئن تيئن تباهي جي رخ تي گامزن رهي.
لاڙڪاڻي ۾ فلمن جي اوج جي زماني ۾ اسان جو ٻاروتڻ هوندو هو. قصن، ڪهاڻين، ڳالهين ۽ فلمن جي اسٽورين جي ٻڌڻ ۾ اسان هر وقت مست ۽ مگن رهندا هئاسين. پڙهڻ ڪرڻ ڏي ايترو توجهه نه هوندو هو بس رات ڏينهن ذهن تي هندوستاني فلمن جون اسٽوريون، سنيمائن تي لڳل وڏا وڏا پوسٽر ۽ سنيما اندر شوڪيسن ۾ سينگاريل فلمي پوسٽر ۽ ڦوٽو اسان جي ذهنن تي ڇانيل هوندا هئا. ان کان سواءِ لاڙڪاڻي ۾ سينيمائن جي ارد گرد چانهه جي هوٽلن، پان ٻيڙي جي مانڊين، مٺاين جي دڪانن جون وڏيون رونقون برپا هونديون هيون ۽ لاڙڪاڻي جي پبلڪ مان گهڻا شوقين کير پتي چانهن نوش ڪرڻ ۽ پنهنجي فلمي گانن جي فرمائش ٻڌڻ پٺيان سرائي ۽ گادن جي هوٽلن تي ويهي پنهنجو وقت ضايع ڪندا هئا. اسان جا گهر ايمپائر ۽ نگار سينيما جي بلڪل ويجها هئا تنهن ڪري مان به پاڙي جي ان رنگين ۽ رونق افزا ماحول ۾ گم رهندو هوس. خير هوٽل تي ويهي چانهن پيئڻ جي اڃا اسان جي وستا ڪا نه هئي. مگر مٿي تي فلم بيني جو وڏو ڀوت سوار رهندو هو. ان ۾ پهريون هٿ اسان جي وڏن جو ئي هئو. اسان جو مامو هدايت الله سومرو درديلي شاعري ۽ فلمن جو شوقين هوندو هو ۽ جڏهن شوق جاڳندو هوس تڏهن منهنجي والد صاحب کي فلم ڏيکارڻ وٺي ويندو هو. مون انهن سان گڏ پهرين فلم پرڇائين ڏٺي. تنهن بعد دليپ ڪمار، راج ڪپور ۽ نرگس جي رومانٽڪ فلم انداز ڏٺي. گهريلو فلم بابل، بيجو باورا ۽ برسات فلمون به مون پنهنجي گهروارن سان گڏ ڏٺيون. انهن فلمن جي ڏسڻ کان پوءِ اسان کي فلم بيني جو نشو چڙهيو.
مون کي پاڻ هرتڙو يا پنهنجي سر فلم ڏسڻ جي همت ٿي چڪي هئي مگر ان لاءِ پئسن جي وڏي گهرج هئي، ان زماني ۾ اسان کي اسڪول وڃڻ وقت رڳو ٻه آنا خرچي ملندي هئي جڏهن ته ٿرڊ ڪلاس جي فلم جي ٽڪيٽ چار آڻا هوندي هئي.ٻه آنا به اسڪول ۾ رسيس جي ٽائم ۾ کپي ويندا هئا. ان زماني ۾ ايمپائر ۽ نگار سنيما وارا صبح جو يارهين بجي سينيما ۾ لڳل فلم جي مشهوري خاطر ننڍن وڏن پوسٽرن جي شهر ۾ جلوس جي شڪل ۾ نمائش ڪندا هئا. انهن جلوسن ۾ ٽي ڦيٿي ريڙهين ۾ ٻنهي پاسن امداد حسين ۽ مقبول حسين جعفري پينٽرن جي هٿن سان پينٽ ڪيل پوسٽر هڻندا هئا جن کي سينيما جا مستقل ملازم ريڙهيندا هئا ان کان سواءِ ننڍا پوسٽر جن کي جهنڊيون سڏيو ويندو هو ۽ جنهن جي هڪ پاسي فلم جو پوسٽر لڳل هوندو هو سو ڊيلي ويجز تي پاڙي جا مزدور، جوان ۽ ٻار کڻي جلوس سان هلندا هئا. اهو جلوس روزانو نڪرندو هو جيڪو سنيمائن کان هلندو ميونسپل آفيس کان ٿيندو اناج منڊي ويندو هو جتان وري حبيب بينڪ کان ٿيندو سيئو بازار کڻندو هو ۽ پاڪستان چونڪ کان ڦري مڇي مارڪيٽ کان ٿيندو اچي سينيما گهرن وٽ اختتام پزير ٿيندو هو. شروع ۾ فلم ڏسڻ لاءِ مون جهنڊي کڻي فلمن ڏسڻ جو رستو اختيار ڪيو. هڪ جهنڊي کڻڻ جا ڇهه آنا ملندا هئا جنهن مان چئن آڻڻ جي ٽڪيٽ خريد ڪندو هوس ۽ باقي پيسا ڪمند جون ڳنڍيريون، ڏهي، ڇولا ڀلا ۽ مڱيرا وغيره وغيره خريد ڪرڻ تي خرچ ٿي ويندا هئا.
اسان جو استاد محترم غلام الله شيخ به شوقين فلم بين هو. آچر جي ڏينهن اڪثر سنيمائن ۾ مارننگ شو تي انگريزي فلمون لڳنديون هيون تن کي ڏسڻ لاءِ لاڙڪاڻي جو پڙهيل ۽ سنجيده طبقو ايندو هئو. انهن مارننگ شو ۾ مون هنچ بيڪ آف ناٽيڊرم، بن حور. فال آف دي رومن ايپمائر ۽ زورو جهڙيون فلمون ڏٺيون. ڪڏهن ڪڏهن شام جو سائين غلام الله سان اسان گڏجي فلمن جا پوسٽر به ڏسڻ سينمائن تي ويندا هئاسين. سائين نه رڳو فلمن جو شوقين هو پر فلمن جي موسيقي ۽ گانن کي سمجهڻ ۽ ڳائڻ جو هنر به ڄاڻندو هو. هو باقاعدي موسيقي جو تربيت يافته ۽ ڄاڻو هو. اسان جي ميونسپل هاءِ اسڪول جي ساليانو فنڪشن ۾ ڊراما وغيره ٿيندا هئا جن کي مسٽر عبدالله مڪاني اسٽيج ڪرائيندو هو ۽ انهن ڊرامن جي موسيقي ۾ سائين غلام الله شيخ جو هٿ هوندو هو. ان زماني ۾ ڪڏهن ڪڏهن مڪاني صاحب ۽ ٻين ڪليگس جي فرمائش تي سائين غلام الله جن فلم بيجو باورا جو محمد رفيع جو هاءِ پچ تي ڳايل سرمالڪونس ۾ ڳايل گانو ڀگوان ڀلا هو تيرا، اب تو نير بهالي... اگر تو ساگر تو پتوار مين هون.... ڊبو دوگي نيا تو هم ڍونڊ لين گي، ڳايا هئا. سائين جا نهايت سريلي رنگ ۽ ڍنگ ۾ ڳايل اهي گانا ان وقت اسان کي موسيقي جي دنيا ۾ محو ڪري ڇڏيندا هئا. سائين غلام الله جڏهن ترنگ ۾ ايندو هو ته اسان کي ميان جي ٽوڙي، دادرو، ڀيروي، سرڀيم، ڪلياڻ ۽ ٻيون ڪيتريون ڪلاسيڪي موسيقي جون ڌنون ۽ راڳ جهونگاري ٻڌائيندو هو. ان خيال سان ته تنهن زماني ۾ اسان شاگردن کي به جيئن موسيقي جي سڌ ٻڌ ۽ ڄاڻ رهي.
نگار سينيما لاڙڪاڻي جي پراڻين سنيمان مان هڪ هئي ان سنيما جو پهريون نالو شايد بسنت ٽاڪيز هوندو هو. جنهن زماني اڃا گونگيون فلمون هلنديون هيون. تنهن زماني ۾ ان سينيما ۾ ڊراما پڻ اسٽيج تي ٿيندا هئا. جيڪي اڪثر ڪري ڪوي ڪشنچدن بيوس ۽ هوند راج دکايل تحرير ڪندا هئا. اها ڳالهه مون کي چاچي يار محمد سومري ٻڌائي هئي جيڪو ورهاڱي کان اڳ انهن ڊرامن ۾ اسٽيج اداڪاري ڪندو هو. ڊرامن جو روح روان ۽ ڊائريڪٽر لاڙڪاڻي جو مشهور ڪوي هوند راج دکايل هوندو هو جنهن جو لاڙڪاڻي جي هندو سنڌي ڪلچر علم ادب ۾ هڪ اهم ڪردار هوندو هو.

نگار سينما جو داداگير ڇاڇو مڪراڻي

نگار سينما جو داداگير ڇاڇو مڪراڻي

نگار سينيما ورهاڱي کان پوءِ اسان جي سانڀر ۾ اسان جي پياري دوست نادر علي مرکياڻي جي والد محترم سردار الله بخش مرکياڻي خريد ڪئي. هن سينيما تي به وڏي رش رهندي هئي. سنيما جي مرڪزي دروازي جي ٻنهي پاسي چانهه جا هوٽل هئا انهن هوٽلن مان پٺاڻ واري هوٽل جي چانهه تمام ڀلي هوندي هئي جيڪا اسان دوست پيئڻ لاءِ بلڪل اندرين پاسي سينيما جي آڳر لڳ ڪمري ۾ ويهي پيئندا هئاسين ڇاڪاڻ جو اتي ڪچهري ڪرڻ جي گهڻي آزادي هوندي هئي. اهو ڪمرو اڪثر ڪري ٿڌو رهندو هو تنهنڪري هوٽل جا ملازم کير جا وڏا ٻاٽلا گرم ڪري ان ڪمري جي هڪ حصي ۾ ٺارڻ لاءِ رکندا هئا. اسان منجهان ڪي شرارتي انهن ٻاٽلن مان پنهنجي چانهن جي ڪپن ۽ چينڪ ۾ ڪجهه سرس کير اوتي پيئندا هئا. سنيما جي در تي پان ٻيڙي جي شاندار مانڊي هوندي هئي جنهن جو مٺو پان ان وقت گهڻو مزيدار ۽ مشهور هوندو هو جيڪو مان پاڻ وڏي شوق سان کائيندو هوس. مين گيٽ تي ڏهي ڀلن ۽ ڇولن وارو شام جو پنهنجو گاڏو سينگاري ٺاهي اچي بيهندو هو. ان جي ڏهي ڀلن جو لاڙڪاڻي ۾ جواب ڪو نه هوندو هو. نگار سنيما تي جڏهن نئين فلم لڳندي هي تڏهن ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ شريف قسم جي ماڻهن کي ٽڪيٽ خريد ڪرڻ ۾ وڏي دقت پيش ايندي هئي. ڇاڪاڻ جو ڪي ماڻهون ٽڪيٽ بليڪ ڪرڻ لاءِ پنهنجي داداگيري جي ٻل تي بار بار اچي ٽڪيٽ وٺندا هئا ۽ اڪثر انهن سان ماڻهن جو پاڻ ۾ مهاڏو اٽڪندو هو. اهڙن جهيڙن جهڳڙن جي ڪري سينيما تي امن و امان جو مسئلو کڙو ٿي بيهندو هو ۽ اهڙن ڦڏن ۽ هنگامن کي منهن ڏيڻ لاءِ سينيمائن تي داداگير مڪراڻي رکيل هوندا هئا. نگار سينيما تي لاڙڪاڻي جو مشهور ڇاڇو مڪراڻي داداگير رکيل هوندو هو. ڇاڇو مڪراڻي بذات خود هڪ سٺو ۽ شريف ماڻهو هو پر جهيڙي ۽ فساد ڪرڻ وارن لاءِ پويون ڏينهن هوندو هو. هو قد جو ڊگهو ۽ رنگ جو ڪجهه سانورو هوندو هو مگر شڪل ۽ صورت ڏاڍي ڀوائتي هوندي هئس. اڪثر منهن ۾ سونڊ پائي گهمندو هو. مون جيترو وقت کيس ڏٺو ته تن تي ننڍي ٻانهن واري گنجي ۽ هيٺ تي پينٽ پائيندو هو. شام جو جڏهن شوشروع ٿيندا هئا تڏهن هٿ ۾ ڪين کڻي سنيما جي اڱڻ ۾ پيو ڦرندو هو. اسان جي پاڙي جي سينيما جي واتا ورڻ ۾ هن جي وڏي دهشت ويٺل هئي. هڪ ڀيري سينيما تي ايندڙ ڪن غنڊن هن سان اچي جهيڙو ڳنڍيو. بس پوءِ ڇا هو سينيما تي وڏو ڪهرام مچي ويو هو. ڇاڇو مڪراني پهريون ته سينيما مان اندران انهن غنڊن کي کديڙي مين گيٽ کان ٻاهر ڪڍيو ۽ ڏسندي ڏسندي پاڻ ڦڙتي سان سينيما واري هوٽل ۾ هليو ويو. هن هوٽل ۾ اندران بيهي جيڪا ڪارروائي ڪئي سان خوفناڪ ثابت ٿي. هن ڇا ڪيو جو هوٽل ۾ رکيل چدي واريون سوڊا ۽ ليمن جون بوتلون هڪ هڪ ڪري ويو روڊ تي اڇلائيندو ۽ انهن بوتلن مان هڪ اڌ دنگي فساد ڪرڻ وارن جي مٿان ڦٽي ڪيائين اهڙي طرح ڏسندي ڏسندي هڪ اڌ ڪلاڪ ۾ سينيما جي ماحول ۾ ٺاپر آئي. هن شير دل ماڻهو جي رهائش سينيما جي اندر ئي هوندي هئي. اسان پارا ڇاڇو مڪراني جا سلامي هوندا هئا مان کيس سلام ڪندي فخر محسوس ڪندو هوس.
ايمپائر سينيما ۾ گڏيل هندوستان واري زماني ۾ هوندراج دکايل ۽ ڪشنچند بيوس جي مقابلي ۾ ڊراما اسٽيج ٿيندا هئا. انهن ڊرامن کي ڊائريڪٽ ڪرڻ ۽ رچائڻ ۾ ميان غلام عباس قادري جوش مرحوم جو وڏو هٿ ۽ سهڪار هوندو هو. ايمپائر سينيما ۾ نيون نيون معياري فلمون لڳنديون هيون. هي سينيما وڏي ڪشادي ۽ هڪ وسيع آڳر سان هوندي هئي منجهس اندر هڪ بڪ اسٽال ۽ اخبارن جو اسٽال هوندو هو ۽ سينيما جي در تي هڪ شاندار هوٽل هوندو هو جيڪو اڪثر ڪري گاد هلائيندا هئا. مين گيٽ تي گادن جو پان ٻيڙي جو دڪان هوندو هو ۽ هڪ پاسي مٺائي جو دڪان هوندو هو جنهن وٽان آئون نڪتي ۽ سنڱر ملائي وٺي کائيندو هوس جيڪا منهنجي من پسند مٺائي هوندي هئي. هن مٺائي واري جي ميسو ۽ بالوشاهي مٺائي بهترين هوندي هئي جيڪا عيدن ۽ خوشين جي ڏهاڙن تي اسان خريد ڪندا هئاسين.
رائل سينيما اسان جي گهرن کان گهڻو پري هئي پوءِ به اسان ان جو چڪر لڳائيندا هئاسين. ان سينيما جي صدر دروازي تي اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن جو اسٽال هوندو هو جنهن جي ڀر ۾ رڳو شاندار بلڪه هڪ اعليٰ درجي جو مٺائي جو مرڪز ۽ چانهه جو هوٽل هوندو هو جنهن جي ڪراڪري ٻين سينمائن جي هوٽلن کان بهتر ۽ جديد هوندي هئي جنهن ڪري هتي اڪثر شهر جي جينٽري به اچي چانهه نوش ڪندي هئي. اسٽيشن روڊ جي لڳ هجڻ ڪري هوٽل تي گهڻي رش رهندي هئي. جڏهن 1968ع ڌاري اسان پنهنجي سنگت سان ايم اي جي امتحانن جي تياري لاءِ جناح باغ جي تجر واري لان ۾ رات جو دير تائين پڙهندا هئاسين ته رائل سينيما هوٽل وارا وڏي ڪرٽسي جو مظاهرو ڪندي اسان کي پنهنجي بيري جي سهڪار سان چانهه جو آرڊر جناح باغ ۾ پهچائيندا هئا.
رائل سينيما جي دروازي تي لاڙڪاڻي جو مشهور ڇولن وارو محمد يعقوب سومرو شام جو پنهنجو گاڏو تيار ڪري اچي بيهندو هو. هي واحد ڇولن جو ڪاريگر هو جيڪو ساون ڌاڻن، بصرن، پٽاٽن، ۽ بهن جي ڪاتر جي گارنش سان ڇولن جي پليٽ گراهڪ کي سينگاري ڏيندو هو. رائل سينيما جي ارد گرد کاڌي پيتي جا ننڍا وڏا هوٽل هوندا هئا ۽ ڏهي لسي ۽ مٺاين جا دڪان هئا. جن مان مندر جي دروازي تي دليپ جي ناريل جي مٺائي ۽ عباس جو گجرن جو حلووه جڳ مشهور هوندو هو ان کان سواءِ هتي ٻاڪري گوشت جي ڪڙهائي به ڪيترا هوٽل تيار ڪندا هئا مگر جيڪو مزو ۽ لذت عباس هوٽل جي ڪڙهائي ۾ هو اهو ٻئي ڪنهن جي ڪڙهائي ۾ ڪو نه هو.

دوستي جي نئين باب جو آغاز

دوستي جي نئين باب جو آغاز

دوستي جي نئين باب جو آغاز، ڪاليج وڃڻ لاءِ آئون شام جو تقريبن چئين بجي ڌاران ٺهي سنڀري بشير احمد جي گهر پهچي ويندو هوس ته جيئن صحيح ٽائيم تي ڪاليج پهچي وڃون جيتوڻيڪ بشير احمد سيڪنڊ ايئر ۾ پڙهندو هو ۽ آئون فرسٽ ايئر ۾ پوءِ به هو منهنجي پروگرام مطابق هلي مون سان ڀرپور ساٿ ڏيندو هو. ياد اٿم ته بشير احمد فرسٽ ايئر ۾ پنهنجا ڪتب آندل ڪتاب مون کي اسٽڊي ڪرڻ لاءِ ڏنا هئا. ڪاليج ايندي ويندي ڪٿي چانهه شربت يا بوتل وغيره پيئندا هئاسين ته پئسن جي ادائيگيءَ وقت بشير احمد هميشه اڳواٽ اٿي ڪائونٽر تي پهچندو هو. منهنجي نظر ۾ دوستي ۽ دلبري جا جيڪي انگ آدرش هوندا آهن سي سڀ قدرتي طور هن دوست ۾ موجود هوندا هئا.
محمد يوسف پنهنجي والد محترم محمد جعفر شيخ سان دڪانداري جي ڪمن ۾ هٿ ونڊرائيندو هو. سندس رهائش جعفري محلي ۾ هوندي هئي تنهن ڪري هو پنهنجي ٽائيم ٽيبل مطابق ڪاليج ايندو هو مگر ڪاليج جي اختتام تي رات جو گڏجي گهر موٽندا هئاسين. محمد يوسف فرسٽ ايئر ۾ مون سان گڏ هو ان جو سبب شايد اهو هو ته هن دوست کي پهريائين زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ داخلا ملي هئي. مگر ڪنهن سبب هو زرعي يونيورسٽي کي خير آباد چئي لاڙڪاڻي آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج ۾ اچي داخل ٿيو هو. بهرحال اسان ٽنهي دوستن جون پهرين سال خوب روح رهاڻيون ۽ ڪچهريون رهيون. انهن ڏينهن اسان ٽنهي جي محبت ايتري قدر وڌي وئي هئي جو هڪ ٻئي سان ملڻ ۾ وٿي پوندي هئي ته دل جي بيقراري وڌي ويندي هئي. جهڙ هجي برسات هجي يا طوفان روزانو شام جو مان وڃي بشير احمد جي گهر جو در کڙڪائيندو هوس. اڪثر محترم چاچو در محمد دروازو کوليندو هو. منهنجي روزاني اهڙي ڪرت تي هو بشير احمد کي ٻڌائيندو ضرور هو ته غلام رسول آيو اٿئي. مگر آئون محسوس ڪندو هو ته چاچي سائين کي منهنجي روزاني جي هي حرڪت ڪجهه ناگوار گذري ٿي. ڪامرس ڪاليج ۾ بشير احمد جو ساٿ مون سان رڳو هڪ سال رهيو. هو بي اي ڪرڻ لاءِ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج پڙهڻ هليو ويو تنهن بعد محمد يوسف ۽ مان هڪ سال ڪٺا هڪ ئي ڪلاس ۾ رهياسين.
هڪ ڏيڍ سال ميڊيڪل اسٽور تي ڪم ڪرن کان پوءِ مون کي فارميسي جي ڪجهه معمولي ڄاڻ ٿي هئي ۽ ميڊيڪل اسٽور تي چڱي طرح ڪم ڪار سر انجام ڏيندو هوس. پاڪ مسلم ميڊيڪل اسٽور جي مالڪن بهاو الدين شيخ ۽ عبدالستار شيخ جي صحبت ۾ رهي مان زندگي جي گهڻن رازن ۽ رمزن کان واقف ٿيو هوس. دوستن جي دوستي ۽ ڪتابن جي مطالعي مان جيڪي ڪجهه پرايو تنهن مون کي زندگي جي هڪ نئين لطف سان آشنا ڪيو. محمد يوسف مطالعي جو شوقين هوندو هئو. روزانو اخبار، رسالا ۽ نوان نوان ڪتاب پڙهڻ سندس هابي هوندي هئي. شام جو اڪثر وقت ڪڍي ريلوي اسٽيشن تي قائم بڪ اسٽال تي تازين اخبارن جون سرخيون پڙهڻ ويندا هئاسين جتان محمد يوسف سنڌي اردو رسالا پڻ خريد ڪندو هو. ان زماني ۾ هو شورش ڪاشميري جي ادارت هيٺ نرڪندڙ چٽان رسالي جو شوق سان مطالعو ڪندو هو. اسٽال تان اين اردو سيڪالاجسٽ رسالو خريد ڪري مون کي مطالعي لاءِ ڏيندو هو. ان رسالي ۾ بهترين معلوماتي ۽ علمي و ادبي مضامين شايع ٿيندا هئا جن جي مطالعي مون تي ڪي قدر باغيانا اثر مرتب ڪيا هئا. مگر ان سان گڏوگڏ زندگي ۾ اڳتي وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ جا ويچار پڻ پيدا ڪيا هئا. ساڳئي رسالي ۾ هڪ ڀيري ايڊولوف هٽلر جي زندگي جي ڪهاڻي ڇپي هئي جنهن کي پڙهي مان گهڻو متاثر ٿيو هوس. ته هن پنهنجي ابتدائي زندگي بي گهر ماڻهن وانگر گذاري هئي ۽ روڊن روستن تي چاڪ سان پينٽنگ ڪري پيسا ڪمائي پنهنجو پيٽ پاليو ۽ پاڻ کي زمين تان کڻي آسمان تي پهچايو هو. انهن ڏينهن پرائمري اسڪول ٽيچر شپ لاءِ ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر عبدالسميع جي آفيس ۽ ڊسٽرڪ ايڊيوڪيشن جي نگراني هيٺ پرائمري اسڪول ٽيچرس جا انٽرويز ٿيا هئا جنهن ۾ اسان دوستن شرڪت ڪئي هئي ۽ ڪامياب ٿيا هئاسين بشير احمد کي آرڊر مليو جنهن وڃي ڊيوٽي رزيوم ڪئي هئي. مگر مون ان خيال کان اها آفر قبول نه ڪئي هئي، ڇاڪاڻ جو منهنجو خيال هو ته مان پنهنجي زندگي ۾ اهڙو ڪجهه ڪريان جنهن سان پنهنجي زندگي جي آسمان کي پنهنجي آڱرين سان ڇهي سگهان. تنهن ڪري زندگي کي اڳتي گهڻو اڳتي کڻي وڃڻ لاءِ مون پنهنجي ويچارن ۽ دل جي چوڻ ته پنهنجا فيصلا ڪرڻ شروع ڪيا ۽ مون سنڌ سمال انڊسٽري اسٽيٽ لاڙڪاڻي جو رخ ڪيو.
انهن ڏينهن منهنجو سئوٽ محمد عمر سومرو قاضي فضل الله وڪيل جي بنگلي تي پنهنجي واشنگ فيڪٽري کولي هئي ۽ قاضي فضل الله جو اردلي پڻ هو. ڪنهن زماني ۾ مظفر حسين لعل محمد پٺاڻ، قاضي فضل الله جو لائق فائق پرسنل اسسٽنٽ هوندو هو تنهن پنهنجي قابليت جي بنياد تي قاضي صاحب جي دل ۾ وڏي جاءِ پيدا ڪئي هئي. ويسٽ پاڪستان جي وزارت داخلا ملڻ دوران قاضي فضل الله مظفر حسين کي ولايت مان ٽيڪسٽائل جي مشينري درآمد ڪرڻ جون پرمٽون وٺي ڏنيون هيون، لاڙڪاڻي ۾ ڪپڙي جي صنعت کي مظفر حسين علي ٽريڊرس جي نالي تي لاهوري محلي ۾ اڳ ۾ ئي کڏي ۽ آڏاڻن تي ٺهندڙن ڪپڙي جي صنعت جو ڪم ڪاروبار ڪندو هو. ان ڪاروبار جي خاتمي کان پوءِ هن علي ٽريڊرس جي جاءِ تي علي ٽيڪسٽائل ملز قائم ڪئي. لاڙڪاڻي ۾ پرائيويٽ سيڪٽر جي طرفان اعليٰ ۽ بين الاقوامي معيار جو پرڏيهي آٽوميٽڪ مشينن ذريعي سينٿيٽڪ ڪپڙي تيار ڪرڻ جو لاڙڪاڻي ۾ هي پهريون ڪارخانو هو. مون پنهنجي سئوٽ کي چيو ته مظفر حسين صاحب کي منهنجي لاءِ سفارش ڪري ته هو مون کي پنهنجي ڪارخاني ۾ ڪنهن نوڪري تي رکي. محمد عمر سومري جي سفارش تي مظفر صاحب مون کي پنهنجي ڪارخاني ۾ بحيثيت ڪلارڪ جي هڪ سئو رپيا ماهانو تي نوڪري جو آرڊر ڏنو ۽ اهڙي طرح مون زندگي جي ٽئين موڙ تي قدم رکندي زندگي جي نئين سفر جو آغاز ڪيو. ڪپڙي جي جديد صنعت جي ڪارخاني جي هي نئين زندگي جو نئون موڙ منهنجي لاءِ زندگيءَ جو هڪ بهترين ٽرننگ پوائنٽ ثابت ٿيو. لاڙڪاڻي ۾ نئين سمال انڊسٽري اسٽيٽ، ڪپڙي اُڻڻ جون جديد آٽوميٽڪ هاءِ اسڪيل پيداواري صلاحيتن جي حامل مشينون چوويهه ڪلاڪ ڪم ڪرڻ لڳيون هيون. دراصل ڪپڙي جي صنعت جي هي علي ٽيڪسٽائل ملز لاڙڪاڻي جي صنعتي تاريخ ۽ ترقي جو پڻ سنگ ميل هئي.

شيخ بهاو الدين ۽ عبدالستار شيخ

شيخ بهاو الدين ۽ عبدالستار شيخ

محمد يوسف شيخ ۽ بشير احمد پاڻ ۾ ٻئي دلبر دوست هوندا هئا. ٻنهي جي محبت جون گهريون پاڙون سندن دل جي اونهائين ۾ لٿل هيون. منهنجي نظر ۾ هڪڙو گلاب جو گل هئو ته ٻيو گل لالا هئو. ننڍي هوندي جون ڳالهيون ياد آهن ته محمد يوسف علي گوهر واري مسلم پرائمري اسڪول ۾ جعفري محلي کان پڙهڻ ايندو هو. ان وقت مان پڪي پهرين ڪلاس جو شاگرد هوس ۽ محمد يوسف ڪلاس ٻئي ۾ زير تعليم هو. هو ٻالڪپڻي کان وڏو خوش نصيب هو مان جنهن ڪلاس روم ۾ هيس ان جي اڌ ڇت پڪي هئي ۽ باقي اڌ حصو آڳر ۾ هوندو هو جنهن جي مٿان ڪانن جون پترون پيل هيون. محمد يوسف جو ڪلاس روم عمارت جي وچ واري حصي ۾ محفوظ ۽ ٿڌي جاءِ تي هئو. هن جي ڪلاس روم ۾ داخل ٿيڻ وارو دروازو اسان جي ڪلاس مان گذري ويندو هو. ڪلاس روم ۾ جيئن هوشيار ۽ حرڪتي ٻار پنهنجي مصروفيت جو احساس ڏياريندا آهن تيئن هي به پنهنجي ڪلاس روم جي دري جي لوهي شيخن پٺيان اسان جي ڪلاس روم جي شاگردن کي پنهنجي موجودگي جو احساس ڏياريندو هو.
محمد يوسف اسڪول جي هيڊ ماستر سائين وڏي واري اڇي مسجد ۾ ناظران قرآن پڙهڻ ايندو هو. مسجد جو ماحول اسڪول جي ماحول کان مختلف، ۽ وڌيڪ منظم هوندو هئو مسجد ۾ سبق پڪي نه ڪرڻ تي سائين وڏو شاگردن جي ڇنڇري لاهڻ دوران انهن کي دسي سخت لفظن سان الرون ڪندو هو. محمد يوسف کي مون ڪڏهن اهڙي ڪارروائي مان گزرندي نه ڏٺم. اسڪول يا مسجد ۾ منهنجي ساڻس ڪنهن قسم جي ڪا عليڪ سليڪ يا شناسائي ڪا نه رهي. ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ دوست بشير احمد پٺاڻ جي معرفت اسان جي ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿيو. ميٽرڪ پاس ڪرڻ تي منهنجا پيءُ ۽ ماءُ ڏاڍو خوش ٿيا هئا ٻنهي کي آٿت ۽ اميد جاڳي هئي ته هاڻي اسان جو پٽ پنهنجي زندگي ۽ گهر جي معاملن کي چڱي طرح سمجهي سگهندو. منهنجي ماءُ منهنجي ڪلارڪ ٿيڻ جو جيڪو خواب ڏٺو هو. تنهن جي لاءِ منهنجي مئٽرڪ وارو نتيجو ڄڻ ان جو تعبير هو. مون کي دل ۾ محسوس ٿيو ته قسمت جي مالڪ منهنجي لاءِ قسمت جا دروازا کوليا آهن. منهنجو چاچو غلام حسين مون کي، بابي ۽ امان کي مبارڪ باد چوڻ آيو هو. ان موقعي تي منهنجي وڏن کي صلاح ڏيندي چيو هئائين ته جي اوهان چاهيو ته مان غلام رسول کي ميڊيڪل اسٽور تي نوڪري تي بيهاريان. بابا سائين کيس وراڻيو هو ته نيڪ ڪم ۾ ڪهڙي دير. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ چاچا سائين مون کي سيو بازار بندر روڊ تي پنهنجي واقفڪار شيخ بهاو الدين ۽ شيخ عبدالستار جي پاڪ مسلم ميڊيڪل اسٽور تي ماهانو نوي رپيا پگهار تي بيهاريو. هن ميڊيڪل اسٽور تي مون پنهنجي زندگي جا مختصر ترين ڏينهن گذاريا مگر هتان ئي مون زندگي جي گذارڻ جو فلسفو ۽ راز سکيم. منهنجي زندگي جا اهي ئي اهي ڏهاڙا هئا جڏهن مون کي پنهنجي زندگي جو وڏي ۾ وڏو ڏک مليو. آئون ميڊيڪل اسٽور تي هوس ته منجهند جي وقت منهنجو ننڍو ڀاءُ اطلاع ڏيڻ آيو هو ته والد صاحب جي طبيعت ڏاڍي ناساز آهي. آئون موڪل وٺي گهر پهتس ته گهر جا ڀاتي قرآن حڪيم جي تلاوت ۾ مصروف هئا. مون به قرآن پاڪ جون سورتون ۽ درود شريف پڙهي بابا سائين جي حياتي جي لاءِ دعائون گهريون مگر قادر ڪريم کي جيڪو منظور هو اهو ئي ٿيو. ٽي پهري کان سانجهي جي وچ تي سندس روح پرواز ڪري ويو. انا لله و انا اليه راجعون.
پاڪ مسلم ميڊيڪل اسٽور جا مالڪ انگريزي، ميٿميٽڪ اقتصاديات جي علم جا ڄاڻو ۽ تجارتي هنر ۽ گر جا ماهر هوندا هئا. ان سان گڏ هو صوم، صلات ۽ زڪوات ادا ڪرڻ جا نه رڳو پابند هئا پر پنهنجي زندگي به ديني اصولن ۽ قاعدن پٽاندڙ گذاريندا هئا. عبدالستار شيخ جڏهن به گهر جو سودي سٽ ۽ گوشت ڀاڄي خريد ڪرڻ بازار ويندو هو تڏهن مون کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو. هو گوشت ۽ مڇي وٺڻ جو تمام وڏو ماهر هوندو هو. گوشت مڇي جي خريداري مون کائنس سکيم. جڏهن گهر جو سيڌو سامان وٺڻ لاءِ جيلس بازار هلندو هو ته وڏيون ڇليون ۽ هڪ اڌ ڪپڙي جو ٿيلهو کڻائيندو هو. گهر جو سمورو سودو ٻڌي اگهه تي تڪي توري ۽ وڏي بارگين ڪري وٺندو هو. ٻڌي تي سودي وٺڻ جا فائدا ۽ گُرَ مون عبدالستار شيخ کان سکيا. ميڊيڪل اسٽور تي ڪم ڪرڻ دوران ٻي پهري، ٽي پهري ۽ سانجهي جي نماز لاءِ وقت خوشي سان ملندو هو. اسان ورڪرن جي صبح جي چانهه ۽ منجهند جي ماني به شيخ صاحبان جي گهران ايندي هئي. مانجهاندو ڪري اڌ منو ڪلاڪ جيڪو وقت آرام لاءِ ملندو هو سو اسٽور جي فرسٽ فلور تي گزاريندا هئاسين. بهاو الدين صاحب جو پٽ سعيد الدن ۽ عبدالستار صاحب جو پٽ حبيب الله اسٽور تي اچي پنهنجي وڏن کان تجارت جو گر ۽ هنر سکندا هئا. جن اڳتي هلي لاڙڪاڻي ۾ پنهنجا پنهنجا ميڊيڪل اسٽور کوليا سي ان وقت اسان ورڪرس جا معاون ۽ مددگار هوندا هئا. ميڊيڪل اسٽور جي فرسٽ فلور تي اسٽور جي دوائن رکڻ جو گودام هوندو هئو. ان کان سواءِ اتي هڪ وڏو ڪمرو هوندو هئو جيڪو سڄو جو سڄو ڪتابن سا ڀريل هوندو هو. انگريزي سنڌي، عربي، فارسي، ديني ڪتاب، قرآن حديث، فقه، ڊڪشنريون، انسائيڪلوپيڊيا مطلب ته اتي هر موضوع تي ڪتاب موجود هئا. سعيد الدين ٻڌايو هو ته بازار ۾ پهريون اسان جي وڏن جو لڪي اسٽور ڪتاب گهر هوندو هئو جيڪو اسان جي وڏن ۽ ڀائيوارن جي اڻبڻت ڪري ڦٽي ويو. هي سمورا ڪتاب ان ڪتاب گهر جا آهن. ڪمري ۾ ڪتابن جا انبار هئا جيڪي بنا ڪنهن ترتيب جي لوهي شيلفن ۽ پٽ تي ڪارٽن ۽ کوکن ۾ بنا ڪنهن ترتيب جي رکيل هوندا هئا. آرام جي ٽائم تي اسان کي ڪتاب پڙهڻ جي آزادي هوندي هئي مگر منجهند جي وقت ورقن اٿلائڻ جو موقعو گهٽ ملندو هو تنهنڪري مالڪن جي اجازت سان اسان پنهنجي مطلب جا ڪتاب پڙهڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئاسين. ميڊيڪل اسٽور تان جيڪا ماهوار پگهار ملندي هئي تنهن مان سٺ رپيا پنهنجي والده کي ڏيندو هوس ۽ باقي پئسا پنهنجي تعليم تي خرچ ڪرڻ جو ارادو ڪيم. اسٽور تي رهندي مون آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پهرين سال انٽرميڊي ايٽ ۾ داخلا ورتي. تعليم جي معاملي ۾ بهاو الدين ۽ عبدالستار شيخ جو مون کي مڪمل تعاون ۽ سهڪار حاصل هو. هو شام جو پنجين بجي ڪاليج وڃڻ لاءِ مون کي موڪل ڏيندا هئا. انهن ٻنهي ڀائرن جو اهو مون تي زندگي ڀر جو احسان رهيو.

مظفر حسين پٺاڻ هڪ اعليٰ آدرشن جو مالڪ مل اونر

مظفر حسين پٺاڻ هڪ اعليٰ آدرشن جو مالڪ مل اونر

منهنجي زندگي جي نئين جدوجهد جي شروعات 1964ع کان ٿي منهنجي وجود ۾ جن انقلابي خيالن ولوڙ وڌي هئي تن جي نتيجي ۾ دل اهو چاهيندي هئي ته زمين کي کڻي آسمان تي اُڇلائجي. مگر دل ۾ اهي خيال به اڀرندا هئا ته پنهنجي جوش ۽ جذبي کي قابو رکي زندگي ۾ آهستي آهستي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪجي ته سٺو لاڀ ملندو. مون ڪارخاني ۾ رهندي ٻه ٽي مهينا منشگيري ڪندي، سٽ تورڻ، ڪپڙي جي پيداوار جي انگن اکرن کي نوٽ ڪرڻ ۽ ڪپڙي جي پيداوار کي ڪراچي ٻلٽي ڪرائڻ جي ڪمن ۾ مصروف رهيس. انهن ڪمن ۾ مدد ۽ رهنمائي ڪرڻ لاءِ هڪ سينيئر منشي منهنجي رهنمائي ڪندو هئو. مگر منشگيري ڪمن ۾ رهندي مون کي فائيلن جي ڪالمن کي ڀرڻ ۾ خفت محسوس ٿيندي هئي ۽ انهيءَ نوعيت جو سمورو ڪم ڪندي ائين لڳندو هو ڄڻ آئون هتي رڳو فائيلن جي پيٽ ڀرڻ جو ڪم ڪري رهيو آهيان. تنهن ڪري اهڙو ڪم مون کي پنهنجي انقلابي خيالن جي منافي لڳندو هو. ڪارخاني ۾ ڪم ڪندي منهنجو پيداواري ۽ مشينري سيڪشنز ۾ اچڻ وڃڻ ٿيندو رهندو هو. انهن سيڪشن ۾ ڪم ڪندڙ مشين آپريٽرس جي هاءِ اسڪيل پگهارون کڻڻ تي مون کي رشڪ ٿيندو هو. پنهنجي پگهار ۽ انهن جي پگهار جي وچ ۾ وڏي تفاوت کي ذهن ۾ رکي مون فيصلو ڪيو ته مون کي منشگيري ڇڏي مڪينيڪل ڪم سکڻ گهرجي. مون پنهنجي اهڙي ارادي جو اظهار ڪارخاني جي مئنجر مسٽر قلندر بخش بدوي ۽ علي ٽيڪسٽائل مل جي مالڪ مظفر حسين سان ڪيو ۽ ان سان گڏوگڏ ٽيڪسٽائل مڪينيڪل ورڪس ماسٽر (فورمين) ۽ مشين آپريٽرس سان تعلقات پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڏنيون. مون پنهنجي صلاحيتن جو استعمال ڪندي مل جي مالڪ مظفر حسين صاحب جي دل ۾ جاءِ پيدا ڪري ورتي هئي ۽ هو ڪنهن قدر منهنجي ڪم ۽ اخلاق کان پڻ متاثر هوندو هئو. مهيني ٻن کان پوءِ ڪارخاني ۾ ٻن نين مشينن جو اضافو ٿيو تنهن ڪري ڪارخاني ۾ هيلپرس ۽ آپريٽرس جي ضرورت پيدا ٿي پئي. منيجر قلندر بدوي صاحب جي سفارش تي مڪينڪ ماسٽر ولي محمد منهنجي مشين هيلپر جي تقرري لاءِ راضي ٿيو ۽ ساڳئي وقت مسٽر قلندر بخش مظفر صاحب سان مشورو ڪندي مون کي مشين سيڪشن ۾ موڪلي ڇڏيو.
علي ٽيڪسٽائل ملز لاڙڪاڻي ۾ جديد وارپ نٽنگ آٽوميٽڪ مشينن جو پهريون ڪارخانو هو ۽ انهن مشين تي ڪم ڪندڙ مڪينڪ، ٽيڪنيشن ۽ ڊيزائن ميڪرس وغيره سڀ پنجاب ۽ ڪراچي کان گهرايا ويندا هئا تنهن ڪري انهن ٻاهران آيل ڪاريگرن کي هي خطرو محسوس ٿيندو هو ته جيڪڏهن لوڪل ماڻهو وارپ نٽنگ جو هنر سکي ويندا ته ڪارخاني ۾ گهٽ پگهار تي به ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا ۽ اهڙي حالت تحت مل جا مالڪ انهن کي ترجيح ڏيندا ۽ ٻاهران آيلن ڪاريگرن جي نه رڳو اهميت گهٽبي پر ڪن صورتن ۾ کين واپس ڳوٺ وڃڻو پوندو. بهرحال وڏيون محنتون ۽ ڪوششون ڪري لاڙڪاڻي شهر مان مير محمد ڀٽو سندس وڏو ڀاءُ جنهن کي عرف عام ۾ مستري سڏيو ويندو هو ۽ مان پهريان ڇوڪرا هئاسين جن ڪراچي ۽ لاهور جي ڪاريگرن جون ذاتي طور خدمتون ڪري ڪجهه نه ڪجهه وارپ نٽنگ جو ڪم سکي مشين آپريٽرس ٿياسين. جنهن وقت آئون آپريٽر جي حيثيت ۾ ڪم شروع ڪيو تنهن وقت علي ٽيڪسٽائل ۾ آس پاس جي ڳوٺن، وليد ڳوٺ، کوسن جي ڳوٺ ۽ رسول آباد جا ڇوڪرا هيلپر جي حيثيت ۾ ڪم سکندا هئا. مگر انهن لوڪل سيکڙاٽن ۾ گهڻا ٻهراڙين جا رهائشي هئا تن پنهنجي سر ڪوشش ڪندي ڪراچي ۽ لاهور جي آپريٽرن کي ماکي، مکڻ ۽ ديسي گيهه جا تحفا ڏيڻ شروع ڪيا انهي تحفن جي ترسيل ۾ جيتوڻيڪ منهنجو مشورو شامل هو مگر ڪاميابي ماڻڻ جو ريشو زيرو نڪتو. جيتوڻيڪ مان پنهنجي سر اڃا ڪامياب ۽ فل اسڪل ڪاريڪر ڪو نه ٿيو هوس پر پوءِ به منهنجي اها خواهش هئي ته لوڪل ماڻهو وارپ نٽنگ جو ڪم سکي ڀڙ ٿين ۽ سٺي روزي روٽي لائق ٿين. موقعو وٺي مون ڪارخاني جي مالڪ مظفر حسين صاحب کي پنهنجو هي خيال پيش ڪيو ته جيڪڏهن لوڪل ماڻهو ڪاريگر ٿيندا ته هڪ ته اهي ٻاهرين جي ڀيٽ ۾ اڌ پگهار تي ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ٿيندا. ٻيو ٻاهرين آيل ماڻهن کي جيڪا اوهان رهائش فراهم ڪيو ٿا. سا لوڪل ڪاريگرن کي ڏيڻي نه پوندي. ٻاهريان ڪاريگر سال ۾ هڪ مهينو موڪل تي هليا وڃن ٿا ۽ ڪنٽريڪٽ مطابق مهيني جي پگهار به کڻن ٿا. اوهان انهن جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي ڪاريگر کي ٻٽي اوور ٽائم تي ڪم تي لڳايو ٿا. جيڪڏهن لوڪل ڪاريگر موجود هوندا ته اوهان کي اهڙا مسئلا سامهون نه ايندا. اوهان جو ڪارخانو ته سالن جا سال هلڻو آهي تنهن ڪري اوهان ڪا واٽ ڪڍو جنهن ۾ اوهان جو فائدو به ٿئي ۽ لوڪل ماڻهن جو به. منهنجي اها ڳالهه مظفر حسين صاحب کي مناسب لڳي. جنهن جي نتيجي ۾ 1965ع واري گرمي جي سيزن ۾ هو مون کي وڌيڪ ڪم سيکارڻ لاءِ ڪراچي وٺي آيو. مظفر حسين نه رڳو مولائي ماڻهو هو پر طبعيت جو مکڻ ۽ فراغ دل انسان پڻ هئو. مون کي هن صاحب جي زندگي ڀر اها ڳالهه نه وسرندي ته هن ريل جي فرسٽ ڪلاس ۾ پنهنجي ٻچن سان گڏ منهنجي به بڪنگ ڪرائي هئي ۽ ڪراچي ۾ پنهنجي بنگلي تي ئي منهنجي رهڻ جو بندوبست ڪيو هو.
مظفر حسين صاحب جي رهائش سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽي ۾ هڪ هزار گز جي عاليشان بنگلي ۾ هئي جيڪو هن وقت ايف ٽي سينٽر ڪراچي جي پٺيان موجود آهي .ان وقت ايف ٽي سينٽر جي عمارت اڃا معرض وجود ۾ ڪا نه آئي هئي، ۽ ان جاءِ تي وفاقي حڪومت جا سلور ڪوارٽرس اڏيل هوندا هئا جن ۾ وفاقي حڪومت جو ڪلاريڪل اسٽاف رهائش پزير هوندو هئو. ان زماني ۾ ان جاءِ تان ايمپريس مارڪيٽ صدر لاءِ ٽڦٿائي ڇهن سيٽن وارا رڪشا هلندا هئا. مظفر حسين صاحب جي بنگلي تي لاڙڪاڻي واسي هڪ ڊرائيور، باورچي ۽ هڪ مينهن چارڻ لاءِ ڌنار رکيل هئو جيڪو بنگلي تي ڌاريل مينهن جي سنڀال ۽ رکوالي ڪندو هو. ان کان سواءِ بنگلي تي ٻارن ٻچن سان گڏ سندس والده به رهائش پزير هئي. ٻن ٽن ڏينهن جي آرام کان پوءِ مظفر صاحب مون کي ايڇ ايم سلڪ ملز جي وارپ نٽنگ سيڪشن جي ماسٽر سان ملاقات ڪرائي جنهن مون کي نٽنگ مشينن جو ڪم سيکارڻ لاءِ مل ۾ ڀرتي ڪرايو. چند مهينن ۾ مون پنهنجي صلاحيتن ۾ ڪافي اضافو ڪيو. سيپٽمبر جي مهيني ۾ ڀارت پاڪستان تي حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جون واپاري منڊيون، اسٽاڪ ايڪسچينج ۽ اسٽاڪ شيئرس جا گراف اچي زمين تي بيٺا. ڪراچي مارڪيٽ سخت مندي جو شڪار ٿي پيو جنهن سبب شهر جا ڪيترا ڪارخانا بند ٿي ويا. ايڇ ايم سلڪ ملز جو وارپ نٽنگ سيڪشن به عارضي طور تي بند ڪيو ويو. اهڙين حالتن جي ڪري مون کي به مجبورن لاڙڪاڻي واپس موٽڻو پيو.

لاڙڪاڻي ۾ جديد صنعتن جو قيام

لاڙڪاڻي ۾ جديد صنعتن جو قيام

سيپٽمبر واري جنگ جي خاتمي کان پوءِ علي ٽيڪسٽائل مل جي مزدورن کي ڊيوٽي جوائن ڪرڻ لاءِ گهرايو ويو. مل ۾ پيداواري ڪم ڪار شروع ٿي ويو. هاڻي لاڙڪاڻي ۾ علي ٽيڪسٽائل ملز کان سواءِ ٻيا به وارپ نٽنگ جا ڪارخانا لڳي ويا هئا جنهن سبب سنڌ سمال انڊسٽري اسٽيٽ لاڙڪاڻي ۾ صنعتي ۽ ڪارخانيداري سرگرمين ۾ اضافو ٿي ويو. 1965ع کان 1970ع واري زماني ۾ صنعتي طور لاڙڪاڻي ۾ وڏي ترقي ٿي. مين وڳڻ روڊ تي يوسف شاهه جيلاني ڳوٺ وٽ وڏي پيماني تي پيداواري صلاحيت جو حامل سٽ جو ڪارخانو لڳايو ويو. هي ڪارخانو جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪوشش سان ٺهي تيار ٿيو هو. رتيديري روڊ تي منگي وولن مل به ڀٽي صاحب جي تعاون سان ڀٽي صاحب جي دوستن قائم ڪئي. ساڳئي روڊ تي حئي سنز وارن پنهنجو ڪارخانو قائم ڪيو. اڳي جتي رڳو سرن جا بٺا هوندا هئا هاڻي انهن هنڌن ماڳن تي جديد آٽوميٽڪ مشينن تي وولن سوٽنگ، ٽيٽران، نائلون ڊيڪران سوٽنگ، ڪيرولين شرٽنگ ۽ سينٿيٽڪ فائبر جا دوپٽه ۽ ليسس تيار ٿيڻ لڳا. جيتوڻيڪ انهن ڪارخانن جي پيداوار ملڪ جي وڏن مارڪيٽن ۽ منڊين ۾ وڃڻ لڳي مگر وارپ نٽنگ فيڪٽرين جو اهو مال جنهن جي پروسيسنگ فيڪٽرين ۾ ٿيڻ لڳي هئي سو لاڙڪاڻي جي بازار ۾ پڻ وڪامجڻ لڳو. مون خود لاڙڪاڻي جي ريشم گلي ۾ علي گوهر آباد جي دوپٽا فروش علي حسن ميتلي، راجو مل ۽ صدوري مل جي دڪانن تي ڪميشن جي عيوض دوپٽا ۽ ليسس پڄايون هيون.
سمال انڊسٽري اسٽيٽ لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺ وليدن جي ڀرسان هڪ وڏي زرعي ورڪشاپ ۾ زرعي ترقياتي ڪمن ڪارن ۽ مشورن لاءِ سرڪاري آفيسر موجود هوندا هئا. ان کان سواءِ رينٽل بنيادن تي زرعي هيوي مشنري پڻ دستياب هوندي هئي جنهن کي آبادگار ڪلاڪن پيري مسواڙ تي وٺي سگهندا هئا. سنڌ سمال انڊسٽري اسٽيٽ جو بهترين محل و وقوع ۽ خوبصورت آفيسون جهنگل ۾ منگل جو ڏيک ڏينديون هيون. جنهن ڪارخاني ۾ آئون مشين آپريٽر جي حيثيت سان ڪم ڪندو هوس تنهن جي ڀر ۾ ٻه ٻيا وڏي پيماني تي پيداوار ڏيندڙ ڪارخانا قائم ٿي چڪا هئا جن ۾ جرمني جي ماير ۽ لبيا جرمنيءَ جي ڪمپنين جي مشينري درآمد ڪري لڳائي وئي هئي انهن مان هڪ ڪارخانو ميان عبدالغفور شيخ قائم ڪيو هو جنهن کي غفور ٽيڪسٽائل ملز سڏيو ويندو هو ۽ ٻيو نيلون ۽ ڪيرولين جي ڪپڙي ٺاهڻ جو ڪارخانو محمد يوسف خوجي لڳايو جنهن جو نالو نور ٽيڪسٽائل ملز رکيو ويو هو. انهن سڀني صنعتي يونٽن جي قيام سان لاڙڪاڻي ۾ هڪ نئين صنعتي دور جو هڪ نئن باب رقم ٿي ويو هو جنهن جي پويان جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي ذاتي ڪوششن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت جي پاليسين جو هٿ هو. 1960ع واري زماني ۾ لاڙڪاڻي جي ڳلين ڪوچن ۽ گهٽين گهرن ۾ ديسي گهرو ڪپڙي جون صنعتون ۽ ڪارخانا کڏين ۽ آڏاڻن جي شڪل ۾ موجود هئا. جن مان ڪجهه لاڙڪاڻي واسين کي ورهاڱي وقت هندو صنعتڪارن ۽ واپارين جي وڃڻ کان پوءِ ورثي ۾ مليا هئا، مگر 1965 ۽ 1960ع واري زماني ۾ انهن ڪارخانن مان ڪي ڪارخانه پويان پساءَ کڻي رهيا هئا ۽ ڪي ختم ٿي چڪا هئا مگر ذوالفقار علي ڀٽي جي سماجي شعور ۽ سياسي بيداري ۽ هن جي ذاتي ڪوششن سان لاڙڪاڻي ۾ نئين صنعتي دور جي آغاز سان پراڻي ڪاٽج انڊسٽري کي پڻ وڏي هٿي ۽ سهارو مليو. ڳوٺ وليدن ۾ ڪاٽج انڊسٽري جو قيام عمل ۾ آيو جنهن ۾ بهترين قالين ٺهڻ لڳا جنهن جو سهرو وليدن جي ميان منور عباسي خاندان جي سر آهي جن پنهنجي ڳوٺ جي نوجوانن کي پنهنجي ڳوٺ ۾ جهجهو روزگار فراهم ڪيو.

سنڌ سمال انڊسٽري ۾ يونائٽيڊ ورڪرس يونين جو قيام

سنڌ سمال انڊسٽري ۾ يونائٽيڊ ورڪرس يونين جو قيام

سيپٽمبر واري جنگ جي خاتمي کان پوءِ جيئن ئي ملڪ ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج انڊيڪس جا گراف مٿي چڙهڻ لڳا تيئن ئي مارڪيٽن ۽ منڊين ۾ هر قسم جي ڪپڙي جي گهرج وڌندي وئي. ۽ ڪپڙي جي صنعت سان لاڳو ڪارخانن ۾ پيداواري عمل تيز ٿي ويو. لاڙڪاڻي جي سمال انڊسٽري اسٽيٽ جا نائلون جا ڪارخانا رات ڏينهن چوويهه ڪلاڪ پيداواري عمل کي جاري رکڻ لاءِ نٽنگ جي ڪاريگرن کان اوور ٽائم ڊيوٽيون ڪرائڻ لڳا. اهڙين حالتن ۾ مون کي به اوور ٽائم ڪرڻو پيو. جيتوڻيڪ اهڙين هنگامي حالتن جي ڪري منهنجي ڪاليج جي اسٽڊي کي وڏو نقصان پهتو. امتحانن جي ڏهاڙن ۾ گهٽ وقت ملڻ ڪري آئون چڱي تياري ڪري نه سگهيس. پوءِ به انٽرميڊي ايٽ جي امتحان ۾ شرڪت ڪئي ۽ جيئن جو تيئن امتحان پاس ڪري وڌيڪ پڙهڻ لاءِ مون بي اي پارٽ ون ۾ رجسٽريشن ڪرائي ڇڏي.
سمال انڊسٽري اسٽيٽ لاڙڪاڻي ۾ هڪ جاءِ تي هڪ جهڙي صنعتن جي قائم ٿيڻ سان ڄڻ هڪ ئي جاءِ تي هڪ گروپ آف ڪمپنيز قائم ٿي ويو هو ۽ ملز مالڪن پنهنجي هڪ جهڙي مفادن کي نظر ۾ رکي مل جي مزدورن خصوصن لوڪل آپريٽرس ۽ هيلپرس سان سخت روين وارو وهنوار ڪرڻ لڳا هئا. جيتوڻيڪ اهڙي قسم جي ڪمن ۾ ملين جا مالڪ پاڻ لوڪل مزدورن ۾ سڌي طرح هٿ ڪو نه وجهندا هئا، مگر مشين ماسٽر، ڊزائنرس ۽ جابرس انهن جي مفادن ۽ حقن آڏو رڪاوٽون کڙيون ڪندا هئا. ملين جي مالڪن ۽ مئنيجر جي هڪ هٽي قائم هجڻ ڪري مجبورن انهن جي چوڻ مطابق فيصلا ٿيندا هئا. علي ٽيڪسٽائل مل ۾ به لوڪل آپريٽرس ۽ هيلپرس اهڙين حالتن تحت پيدا ٿيندڙ اگرن نتيجن سببان سختيون ۽ ناانصافيون ڀوڳڻ لڳا جنهن جي نتيجي ۾ لوڪل مزدورن جون پگهارون ڳچ وقت کان هڪ هنڌ تي جام ڪري ڇڏيون ويون هيون. ان کان علاوه ڪڏهن ڪڏهن لوڪل مزدورن جي ڪنهن حيلي بهاني سان ڇانٽي به ڪئي ويندي هئي. جنهن سبب انهن جي اڪثر سينارٽي متاثر ٿيندي هئي. اهڙي عجيب صورتحال جي ڪري ڏينهون ڏينهن مل مزدورن ۾ بي چيني وڌندي پئي وئي. مزدورن ۾ ٻه چار اکر پڙهيل هجڻ ڪري لاهور ۽ ڪراچي کان آيل ماسٽرس ڊزائن ميڪرس ۽ مشينن جي ڌاڳن جي ڀرتي ڪري انهن جو ٽيڪنيڪل ڪم سنڀاليندڙن جي چالبازين کي آئون چڱي طرح سمجهندو هوس ۽ وارو وٺي مون هڪ ٻن مزدورن سان ٿيندڙ زيادتي جي معاملي تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي مگر ڪا خاطر خواهه ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي هئي. مزودرن جي مفادن، حقن ۽ مسئلن کي قانوني طور سمجهڻ لاءِ لاڙڪاڻي جي سوشل ويلفيئر ۽ ليبر آفيسن جا چڪر لڳايم ۽ ليبر آفيسر سان لهه وچڙ ۾ اچي فيڪٽري ايڪٽ ۽ ڪارخانيداري رولز ۽ ريگوليشن مطابق ڪم ڪرڻ لاءِ ڪجهه معلومات حاصل ڪري مزدورن جي حقن جي حصول لاءِ جدوجهد جو آغاز ڪري ڏنم. پهريون مون پنهنجي هم خيال دوستن جو هڪ حلقو تيار ڪندي ٽنهي ملين جي مزدورن کي هڪ پليٽ فارم تي ڪٺو ڪيو. تنهن کان پوءِ ستت ئي گڏجي مڙني مزدورن جي اڇا تي يونائيٽيڊ ورڪرس يونين جو بنياد رکيوسين.
بي اي پارٽ ون جي امتحانن ۾ ٻه ٽي مهينا باقي رهيا هئا. ملين ۾ اوور ٽائيم ڪرڻ جي سيزن شروع ٿي چڪي هئي. جڏهن گهران ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ آئون نڪرندو هوس تڏهن پاڻ سان ڪتاب کڻي ويندو هوس. ڪپڙي اُڻڻ واريون هي جديد خودڪار وارپ نٽنگ مشينون هڪ اليڪٽرڪ سويچ جي دٻائڻ سان پيداواري عمل شروع ڪري ڏينديون هيون. مشين آپريٽر رڳو مشين تي ٺهندڙ ڪپڙي جي نگراني ڪندو هو. مشين جي هلندي جيڪڏهن ڪا تند يا سڳا ٽٽي پوندا هئا ته آپريٽر جو ڪم هوندو هو ته مشين جو سويچ بند ڪري مشين کي بيهاري ۽ ٽٽل تند يا تندون بيمن مان ڪڍي، سنواري ٺاهي انهن کي مشين جي رڇن جي پاکڙن ۾ هڪ هٿ سئي جي ذريعي پوئي ۽ وري مشين کي ري اسٽارٽ ڪري. هي خودڪار مشينون ڪلاڪن جا ڪلاڪ پنهنجو پيداواري عمل جاري رکنديون هيون ۽ ان وچ ۾ آپريٽر کي ڪجهه وقت ۽ ڪجهه آرام ملندو رهندو هو. اهڙي وقت جو فائدو وٺندي مان ڪتابن جا سبق ۽ چيپٽر ياد ڪري پنهنجي ايندڙ امتحان لاءِ تياري ڪندو هوس. جي ڏينهن جي ڊيوٽي هوندي هئي ته مان رات جو پڙهندو هوس ۽ جيڪڏهن رات جي ڊيوٽي هوندي هئي ته ڏينهن جو ڇهه ست ڪلاڪ ننڊ ڪري ٻه اڍائي ڪلاڪ شام جو اسٽدي ڪندو هوس. اهڙي طرح سنڌ يونيورسٽي مان پرائيويٽ گريجيوئيشن ڪرڻ بعد مون کي مل مزدور يونين جو دائرو وسيع ڪرڻ خاطر لاڙڪاڻي جي جيلس بازار ۾ قائم ٻيڙي ٻانڌن جي يونين ۽ ٻين مزدور يونين جي ليڊرن سان رابطو ڪري ملاقاتون ڪيون. مگر ٽيڪسٽائل سيڪٽر جي وڏين ملز يوسف شاهه جيلاني واري، منگي وولن ملز ۽ حئي سنز جي تعاون نه ملڻ ڪري رڳو پنهنجي نٽنگ سيڪٽر جي مل مزودرن سان لهه وچڙ ۾ اچي گيان باغ جي وسيع لان سيتا پارڪ ۾ گڏجاڻيون ڪري هڪ اليڪشن سيل تشڪيل ڏنوسين. جڏهن يونين سازي جو پورو ماحول تيار ٿي ويو تڏهن مزدورن جي وچ ۾ اليڪشن ڪرائي سون جنهن ۾ مزدور دوستن مون کي يونائٽيڊ ورڪرس يونين جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ۽ يونين جي صدارت لاءِ يڪراءِ ٿي مسٽر غلام نبي ڀٽو کي چونڊيو ويو جيڪو ڊاڪٽرصلاح الدين جي ڪلينڪ ۽ بينڪ اسڪوائر پٺيان هڪ گهٽي ۾ رهندو هو. مسٽر غلام نبي ڀٽي جي تعاون ۽ معاونت سان ستت ئي اسان ليبر ڊويزن آفيس حيدرآباد وڃي پنهنجي يونائٽيڊ ورڪرس يونين کي رجسٽرڊ ڪرايوسين ته جيئن مزدورن جي حقن لاءِ قاعدي ۽ قانون مطابق وڪيلن جي ذريعي جدوجهد ڪري سگهجي ۽ مزدورن کان فنڊنگ ڪري لاڙڪاڻي ۾ يونين ازم کي مضبوط ۽ منظم ڪري سگهجي.

لاڙڪاڻي جو قديم لاهوري محلو

لاڙڪاڻي جو قديم لاهوري محلو

69-1968ع جو زمانو هو ملين جي قريب رهڻ کي ترجيح ڏيندي مون پنهنجي ڀيڻوئي سئوٽ محمد عمر کي صلاح ڏني ته علي گوهر ڇڏي هلي ٿا لاهوري محلي ۾ رهائش اختيار ڪيون. ان صلاح تي گهر جا سڀ ڀاتي متفق ٿيا ۽ اسين امير علي لاهوري جي بنگلي واري گهٽي ۾ اچي رهياسون. هي پاڙو به لاڙڪاڻي جي قديم پاڙن مان هڪ هو. منجهس وڏيون سهولتون هونديون هيون. پنهنجيون بازارون جتي هر وقت هر قسم جون سايون ڀاڄيون، گوشت مڇي ۽ ڦل فروٽ موجود هوندو هو. اگهه به سٺا سستا ۽ هر ڪنهن جي پهچ مطابق هوندا هئا. ان زماني ۾ رائس ڪئنال پنج پل وٽ ڪاسائي ڪونهٽ ذبح ڪندا هئا جن جو تازو گوشت ارزان اگهه تي ملندو هو. ان کان سواءِ وهنجڻ تڙڳڻ لاءِ ٽي واهه جالارا پيا وهندا هئا ۽ جون جولاءِ جي مهينن ۽ انهن جي ڪڙن ۽ ڪنارن ٿي ميلي جهڙو ماحول برپا ٿيندو هو. سيو بازار، کٽاڻ بازار، علي گوهر آباد ۽ دڙي محلي کان ماڻهون ڪهي اچي هتي پڪنڪ ڪندا هئا. کارڪون، ڏوکا، انب، هنداڻا، گدرا کڻي اچي پاڻي ۾ ڪچهريون ڪندا هئا. سياري توڙڻي سانوڻ ٻنهي مندن ۾ هتي واهن جي ڪنارن تي ننڍن باغن جي ٻارن ۾ گهمڻ ڦرڻ جو لطف الڳ الڳ ايندو هو. هن پر امن پاڙي ۾ علي ٽيڪسٽائل ملز جا مالڪ، مئنيجر، ماسٽر، جابر ۽ ڪاريگر رهندا هئا تن سان ميل ملاقاتون ۽ صلاح مصلحتون پيون ٿينديون هيون. لاهوري محلي ۾ اسان جي گهرجي ڀرسان قائد اعظم محمد علي جناح جي ويجهي ساٿي خليق الزمان جو هڪ تاريخي گهر هئو جنهن ۾ سندس پٽ عتيق الزمان پنهنجي فيملي سان رهائش پزير هو. ساڳئي گهٽي ۾ سنڌ جو معروف عالم اديب پروفيسر، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ به مقيم هو. ان کان سواءِ پاڙي ۾ سنڌي ڪهاڻيڪار ۽ شاعر الله بخش انيس انصاري ۽ شاعر قلندر بخش بدوي، مسٽر مهتاب تونيو لا ڪاليج جو پرنسپل قاضي اختر ۽ منهنجو استاد عبدالمنان چانڊيو پڻ هتي رهندا هئا. جن سان ڪڏهن ڪڏهن ملاقات ٿيندي رهندي هئي. هن محلي ۾ منهنجي ٻاروتڻ جي هندو دوستن مان گرڌاڙي لال، سدا رنگ ۽ ٿانور داس جن جا گهر هئا جيڪي علي گوهر آباد مان لڏي اچي هتي ويٺا هئا جن سان به ڪچهريون ٿيڻ لڳيون مطلب ته هن محلي ۾ رهائش دوران منهنجي لاءِ وڏيون سهولتون ۽ آسائشون پيدا ٿي پيون هيون.
مل جي مزدورن جي منجهند جي ماني هر ڪنهن جي گهران ايندي هئي. سائڪلن جو زمانو هو هر ڪنهن وٽ اچڻ وڃڻ لاءِ اها ئي سواري هوندي هئي. سائڪل خريد ڪرڻ لاءِ ڪارخاني مان پيشگي قرض وٺي سگهبو هو. تنهن ڪري اهڙي سهولت جو فائدو وٺندي مون به سهراب سائيڪل خريد ڪئي جنهن تي مل ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ ايندو ويندو هوس. رات جي شفٽ يارهين بجي شروع ٿيندي هئي مگر مغرب کان پوءِ اوندهه ٿي ويندي هئي ۽ سٺ واي ڏهاڪي ۾ رائس ڪئنال جي پل کان پرتي سنساني هوندي هئي رات جي ماني ۽ نماز کان پوءِ ته چور ۽ ڌاڙيل پنهنجي چرپر شروع ڪري ڏيندا هئا. تنهن ڪري ان شفٽ تي وڃڻ لاءِ سج لٿي ماني کائي سوير ئي وڃي مل جي ڇت تي سمهي رهندا هئاسين. ڪارخاني ۾ سمهڻ لاءِ ڪنهن قسم جي سهولت ڪا نه هوندي هئي. خالي ڪونن جا ڪارٽن ۽ پاٺا هٿ ڪري انهن جي مٿان ناڪاره سٽ جي ويسٽ وڇائي سمهي پوندا هئاسين. مڪرم مهينو ماهه رمضان ايندو هو ته مزدورن جي ڪم ڪار جي ٽائم ٽيبل ۾ ڦير گهير ٿيندي هئي. شفٽ روزي کولڻ کان پوءِ شروع ٿيندي هئي ۽ سحري کان اڳ ۾ ختم ٿيندي هئي ته جيئن مزدور پنهنجي گهر وڃي روزو رکي سگهن. هڪ ڀيري مون پنهنجي ڊيوٽي پوري ڪري روزي رکڻ لاءِ سمال انڊسٽري کان نڪري لاهوري محلي روانو ٿيس. پهرين ننڍي شاخ ٽپي انبن جي باغن کان ٿيندو. جتي هاڻي شيخ زيد ڪالوني ٺهي وئي آهي. پنج پل جي وراڪي وٽ پهتس ته ٻه همراهه ڪهاڙين سوڌو اچي مٿان ڪڙڪيا، انهن مان هڪ همراهه سائيڪل جي هينڊل ۾ هٿ وجهي چوڻ لڳو هن محل ڪٿان پيو اچين. اوچتو اهڙي خوفناڪ وٺ پڪڙ ڏسي مان ٿورو گهٻرائجي ويس مگر پاڻ سنڀاليندي جواب ڏنو ته مان سمال انڊسٽري جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو آهيان مزدور آهيان ۽ هن وقت روزي رکڻ لاءِ گهر پيو وڃا. هڪ ٻئي ڏانهن ڏسي هڪ همراهه چيو ته هن ويراني ۾ هيڙي پهر ۾. توکي ڀئو نٿو ٿي. خدا جا بندا اڄ توکي ڇڏيون ٿا جي وري توکي هتي ڏٺوسين ته پاڻ سمجهين ٿو. همراهه مڇن کي مروٽيندي ڌمڪي ڏني. مان وراڻيو ته چڱو بابا اڳتي کڻي روزو نه رکنداسين.
هڪ ڀيري سچل اورنٽيئل ڪاليج لاڙڪاڻي جي پرنسپل محمد حسن صاحب جي ڪچهري ۾ ويٺو هوس ته مسٽر قلندر بخش بدوي جيڪو علي ٽيڪسٽائل ۾ منهنجو باس ٿي رهيو هو اچي مسٽر محمد حسن صاحب سان ملاقاتي ٿيو. ٻئي پاڻ ۾ گهرا سنگتي هئا. محمد حسن جو شاعراڻو مزاج هوندو هو. تعليمي ۽ علمي معاملات سان گڏ موسيقي ۾ به کيس گهڻي دلچسپي هوندي هئي. قلندر بخش بدوي ته هوئي شاعر تنهن ڪري ٻنهي جي پاڻ ۾ لڳندي هئي آئون به ايم اي سنڌي ڪري چڪو هوس ۽ محمد حسن صاحب وٽ ان خيال سان ويو هوس ته من هن جي ڪاليج ۾ سنڌي سبجيڪٽ ۾ هڪ ٻه ڪلاس وٺڻ جي ڪا گنجائش نڪري پوي. مگر هن صاحب صلاح ڏني ته توهان عبدالمنان چانڊيي صاحب سان ملو. موسيٰ آرٽس ڪاليج جي اسٽرينٿ اسان جي ڪاليج کان گهڻي آهي تنهن ڪري ٿي سگهي ٿو ته ان ۾ تنهنجي لاءِ ليڪچرشپ جو ڪو بندوبست ٿي پئي. مهيني اڌ کان پوءِ سائين عبدالمنان سان بشير احمد شاد، مولا بخش ڀٽو ۽ مان گڏجي ملاقات لاءِ وياسين. عبدالمنان چانڊيو ۽ سائين غلام الله شيخ اسان جا محترمين اساتذه ڪرامن مان هئا اسان مڙني دوست جي تعليم ۽ تربيت ۾ هنن پنهنجي ذاتي ڪاوش سان اسان جي رهبري ۽ رهنمائي ڪئي هئي. تنهن ڪري سائين منان صاحب سان مرڻ گهڙي تائين پنهنجي سکيا جو تعلق ڳنڍيل رکيوسين. ۽ سائين غلام الله سان بشير احمد شاد ۽ محمد يوسف شيخ ۽ مان اڄ به سندس ڪلفٽن واري جاءِ تي ملڻ ويندا آهيون. سو ان ملاقات ۾ سائين عبدالمنان هڪ نئون ٽائيم ٽيبل تيار ڪري اسان ٽنهي لاءِ پنهنجي ڪاليج ۾ سنڌي سبجيڪٽ جا پيريڊس وٺڻ جي گنجائش ڪڍي. مگر ايترو چيائين ته فنڊس محدود آهن بجيٽ جو حال پورو آهي. سو پئسي پنجڙ جي حال في الحال ڪا اميد نه رکجو باقي تجربي حاصل ڪرڻ لاءِ توهان جي لاءِ هي سٺو موقعو آهي. سو اسان به استاد محترم جو چوڻ وٺي الله توهار ڪئي سين پنهنجي سهولت آهر مون پنهنجي مئنيجر سليم احمد خوجي کان صبح واري شفٽ ۾ ڊيوٽي چارٽ هڪ جاءِ تي فريز ڪرايو. ۽ اهڙي ريت صبح جو ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو هوس ۽ شام جو ڪالج ۾ ڪلاس وٺندو هوس. 1972ع جنوري جا ڏينهن هئا شام جو ڪاليج ۾ سائين عبدالمنان گرم چانهه جو ڍڪ ڀري هٿ مهٽيندي مون ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته تون ته ٻٽي ڀيرا ڪراچي مان ٿي آيو آهين. پهرين فيبروري کان ڪراچي ۾ سيڪريٽري تعليم وٽ ليڪچررس لاءِ انٽرويوز ٿيڻا آهن سو تون ٽپڙ ٻڌ وڃي انٽروويو ڏي. محترم استاد جو چوڻ اکين تي رکي مون ڪراچي پهچي انٽرويوز لسٽ ۾ نالو درج ڪرايو. سنڌي سبجيڪٽ جو انٽروويو فيبروري جي ٻئي هفتي دوران ٿيا. سيڪريٽري تعليم ڊاڪٽر قاضي ممتاز صاحب سبجيڪٽ اسپيلسٽ پينل سان گڏجي اسان جا انٽرويوز ڪيا جنهن ۾ آئون به انهن خوش نصيبن مان هڪ هوس جن کي 23 فيبروري 1973ع تي بحيثيت ليڪچرر جي ڊيوٽي جوائن ڪرڻ جا اپائنٽمينٽ آرڊر مليا ۽ ائين اهڙي طرح مان زندگي جي وري هڪ نئين موڙ تي اچي پنهنجي نئين زندگي جو آغاز ڪيو.

ليڪچرر شپ

ليڪچرر شپ

فيبروري 1973ع تي آئون هڪ ڀيرو ڪراچي آيس. هن ڀيري وارو ڪراچي جو ڦيرو زندگي جو هڪ وڏو ڦيرو ثابت ٿيو. مان 20 فيبروري جي صبح جو ٻارهين بجي ٽيڪسي تي ڪينٽ اسٽيشن کان نيو ڪراچي روانو ٿيس. مون کي بلاڪ E5 صبا سينيما جي سامهون واري گهٽي ۾ وڃڻو هو جتي پهچڻ ۾ ڏيڍ ڪلاڪ لڳي ويو. مذڪوره بلاڪ ۾ منهنجي ڀيڻ شڪيلا رهندي هئي. گهر تي پهچي مون دروازو کڙڪايو سليم نالي ننڍو ٻار نڪتو جيئن هن مون کي ڏٺو، شور ڪوڪارا غلام رسول مامون آگئي، مامون آگئي چوندو گهر ۾ اندر هليو ويو، ٿورو ترسي بيگ سوڌو مان به گهر ۾ اندر داخل ٿيس ڀيڻ شڪيلا کلندي اچي ڀرسان بيٺي ڀاڻيجن ۽ ڀاڻجين وٺي ڀاڪر پائڻ شروع ڪيا. سلام دعائون حال احوال ڏنا ورتا سي ٿوري جهٽ ۾ اسان جو ڀائي صاحب افتخار احمد (جنهن کي لاڙڪاڻي گرلز اسڪول جي ڀرسان علي ڳڙهه بڪ اسٽور هوندو هو) به گهر ۾ داخل ٿيو. ڀائي افتخار احمد کي احوال ڏيندي مون ٻڌايو ته مون کي سنڌ گورنمينٽ طرفان ليڪچرر شپ جو آرڊر مليو آهي ۽ 23 تاريخ فيبروري تي سنڌ سيڪريٽريٽ وڃي ڊيوٽي جوائن ڪرڻي آهي. گهر جي سڀني ڀاتين سان ميل ملاقات ٿي. اسين رات جي ماني کائي سمهي رهياسين. ٻئي ڏينهن صبح جو ناشتو ڪري مان يارهين لڳي سنڌ سيڪريٽريٽ پهچي ويس جتي تعليم کاتي جي ايڊمنسٽريٽريشن بلاڪ ۾ سيڪشن آفيسر مراد علي نظاماڻي سان ملاقات ڪندي کيس اپائنٽمينٽ آرڊر پيش ڪيم. هن صاحب آرڊر ڏسي ايم اي جي ڊگري ۽ ٻيا گهربل سرٽيفڪيٽ پيش ڪرڻ لاءِ چيو. اتفاق سان منهنجا سرٽيفڪيٽ اٽيسٽڊ ٿيل ڪو نه هئا. سندس آفس ۾ هڪ دوست سيڪشن آفيسر ويٺو هو تنهن کي چيائين يار هي پنهنجا ڀائر آهن اوريجنل ساڻس اٿس مهرباني ڪر هن جا سرٽيفڪيٽ ته تصديق ڪري ڏي. نظاماڻي صاحب ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ڪراچي ڏانهن آرڊر ڪڍيو ته هن صاحب جي ڪراچي جي ڪنهن ڪاليج ۾ پوسٽنگ ڪئي وڃي. ان وقت ڪراچي جو ايجوڪيشن ڊائريڪٽر افتخار احمد انصاري صاحب هو ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر انصاري صاحب هوندو هو. ڊپٽي ڊائريڪٽر جو اسسٽنٽ لياري جو رهاڪو ترڪ صاحب هو جنهن وڏي عزت سان ڀليڪار ڪندي ڪرسي جي آڇ ڪئي کيس سيڪريٽريٽ جا ڪارروائي ٿيل سمورا ڪاغذ مون کيس هٿو هٿ ڏنا. ترڪ صاحب کلڻو ۽ سلڇڻو ماڻهو هو چانهه پياريائين ۽ جيتري ۾ چانهه جون چسڪيون ورتم تيسين هن پنهنجو ڪم پورو ڪندي هٿ ۾ لياري ڪاليج لاءِ جوائننگ آرڊر ڏئي چوڻ لڳو ته توهان وڃي اسان جي علائقي جي ماڻهن جي خدمت ڪريو اسان توهان سان گڏ رهنداسين.
گورنمنٽ سائنس ڪاليج لياري ان وقت ٽينري روڊ تي هڪ گرلز هاءِ اسڪول جي عمارت ۾ عارضي طور کوليو ويو هو. اهو ڪاليج لياري وارن جي خواهش موجب محترم ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي ذاتي دلچسپي سان کوليو ويو هو. هن ڪاليج جو پهريون پرنسپل پروفيسر آف فزڪس عبدالرئوف سمون ۽ وائس پرنسپل ڪي ايس آئر هو. ستر جي ڏهاڪي ۾ لياري جا حالات سٺا ۽ ماحول پرسڪون هئو ۽ گورنمنٽ لياري ڪاليج کي هڪ مثالي ڪاليج بڻائڻ لاءِ ڪراچي جي چونڊ بهترين ڪالجن مان پروفيسرس کي آڻي ڪاليج ۾ ڪٺو ڪيو ويو هو. پروفيسر سمي صاحب جو نسلي طور تعلق سنڌ جي سمن سردارن جي قوم سان هو تاريخ جا پنا ٻڌائن ٿا ته سما سومرن جا ويري ها پر هن صاحب ته قرب و محبت جا پنهنجا رشتا پهرين ڏينهن کان ئي سهڻي نموني ڳنڍيندي منهنجي وڏي عزت افزائي ڪئي. چانهيون پاڻي ناشتا مسڪراهٽون ڪچهريون مطلب ته ان موقعي تي عبدالرئوف سمي وڏا ڀال ۽ ڀلايون ڪري ڇڏيون.

خدا جا پرسرار ٻانها

خدا جا پرسرار ٻانها

(رنگ بدلتا ہے آسمان کیسے کیسے) منهنجي زندگي جو هي زمانو هڪ انقلابي زمانو هو ڪجهه ڏينهن اڳ آئون وارپ نٽنگ مشين آپريٽر هوس ۽ ڪپڙي جي صنعت ۽ ڪارخانيداري ماحول ۾ پنهنجي جواني جا سڄا سارا ڏهه سال نذر ڪري زندگي جي ڪتاب جو هڪ باب ٺپي زندگي جي ٻئي باب جو پهريون ورق ورائي رهيو هوس. ڪراچي ۾ منهنجي رهائش جا ٽي چار ڏينهن ڀيڻ شڪيلا جي گهر ۾ بسر ٿيا. شڪيلا ڀيڻ اسان جي پوري ڪٽنب لاءِ هڪ بهترين آئيڊل ڪردار هوندي هئي. منهنجي والده کي امان سڏيندي هئي ۽ اهو رشتو ڪراچي لڏي اچڻ کان پوءِ به ڀلي ڀت قائم رکيو آئي. ۽ مرڻ گهڙي تائين پنهنجا ناتا نڀائيندي آئي. پاڻ متقي ۽ پرهيزگار خاتون هئي. ورهاڱي کان پوءِ پنهنجي خاندان سان هندوستان کان لڏي آيل هئي. سندس تعلق علم و تهذيب جي گهر علي ڳڙهه سان هو ۽ علي ڳڙهه ۾ ئي ڄائي هئي. سندس مڙس افتخار احمد جو تعلق به علي ڳڙهه سان هو. هندوستان مان لڏي آيلن مان ڪي ڪي مکڻ ماڻهون به هئا. افتخار احمد اهڙن ماڻهن مان هڪ هئو. سدائين مسڪرائيندو رهندو هو. شريف النفس پڪو نمازي ۽ متقي انسان هو. لاڙڪاڻي علي گوهر آباد ۾ هن جو گهر ۽ اسان جو گهر هڪ ٻئي جي آمهون سامهون هوندا هئا. رڳو وچ ۾ پنجن ڇهن فٽن جي گهٽي جو فرق هوندو هو. ڀيڻ شڪيلا جي منهنجي ڀيڻ ۽ مون سان گهڻي محبت هوندي هئي. جڏهن گهر ۾ ماني پچائيندي يا تيار ڪندي هئي ته اسان ڀيڻ ڀاءَ کي گهران سڏي ماني کارائيندي هئي. هي بختاور مائي امير گهراڻي جي هئي مگر رشتا ڇاڪاڻ ته آسمان تي جڙندا آهن. هر انسان جو مقدر به پنهنجو پنهنجو هوندو آهي. قسمت سانگي هن جي شادي غريب گهراڻي ۾ ٿي هئي. سندس مڙس افتخار احمد جون معاشي حالتون ڪي قدر ڪمزور هيون. لاڙڪاڻي ۾ رهائش دوران سندس ساهراڻي گهر وارا ڪجهه نه ڪجهه هن جي مدد ڪندا رهندا هئا. شڪيلا جنهن گهر ۾ رهندي هئي سو سنڌي هندن جو ترڪ ڪيل گهر هو. ان گهٽي وارن گهرن ۾ اڪثر ننڍيون کهيون هيون. جن مان گهر جي استعمال لاءِ پاڻي هٿن سان ڪڍڻو پوندو هو. پاڻي ڪڍڻ دوران جڏهن به سندس بالٽي کهي ۾ ڪري پوندي هئي تڏهن اها ڊيوٽي منهنجي هوندي هئي ته کهي ۾ لهي کيس بالٽي ڪڍي ڏيان. شڪيلا جي والد محترم ۽ ڀائرن جو هندوستان ۾ وڏو ڪتب فروشي جو ڪاروبار هو. لڏ پلاڻ سبب پاڪستان آيا ته سکر سنڌ ۾ اچي ساڳيو ڌنڌو اختيار ڪيائون. نيم ڪي چاڙهي تي هول سيل ۽ رٽيل اگهن جو علي ڳڙهه ڪتاب گهر انهن جو هئو جتان هو سموري سنڌ ۾ ڪتاب سپلاءِ ڪندا هئا.
ستر واري ڏهاڪي ۾ افتخار ڀائي مهاجرن سنڌين جي وچ ۾ وڌندڙ ڪشيدگي سبب لاڙڪاڻو ڇڏي اچي نيو ڪراچي ويٺو. ڪجهه ڏينهن افتخار ڀائي جي گهر ۾ رهڻ کان پوءِ مان انهن کي الوداع چئي پنهنجي پراڻي پاڙي شير شاهه جو رخ ڪيو. جتي مل ۽ ڪارخانن سان تعلق رکندڙ دوستن سان منهنجي چڱي ڏيٺ وائٺ هئي. شير شاهه ۾ اچي مون علي ٽيڪسٽائيل ملز واري ماسٽر ولي محمد جي ننڍي ڀاءُ خوشي محمد جي پڇا ڪئي مگر معلوم ٿيو ته هو سعودي عرب هليو ويو آهي. ان کان پوءِ وري ٻي دوست ماسٽر شفيع محمد جي ننڍي ڀاءَ جو وڃي در کڙڪايم. اهو دوست گهر ۾ موجود هو. ملي حال احوال ڪيائين ماني جو ٽائم هو همراهه هٿ ڌوئاري کٽ تي ويهاريو. ماني کائڻ کان پوءِ مون کيس ماجرا ٻڌائي ته مان ڪجهه ڏينهن هتي رهڻ چاهيان ٿو. جي مسواڙ تي ڪو گهر ملي پوي ته ڏاڍو سٺو چيائين ڪا ڳالهه ئي ناهي هي گهر تهنجو آ جيستائين دل گهرئي رهيو پيو هج. هي مزدور طبقي جا ماڻهو به خدا جا پراسرار بندا هوندا آهن. خاص طور تي ڪارخانيداري ماحول ۾ مان جتي انتهائي ڏکين ۽ ڏک ڀرين حالتن ۾ انهن جي قريب ويو آهيان ته انهن کي کرو، سچو، ايثار ۽ سون ورني دل جو مالڪ ڏٺو اٿم. گهرن ۾ ڏک ڏولارا، ٻار بک تي، اٽي جا ڪنستر خالي، لٽي ڪپڙي جي محرومي، زالن ٻارن جا پير اگهاڙا گهر ۾ ڳهه ڳٺو ندارد مگر غريب مزدور جي در تي جڏهن به ڪو مزدور ڀاءُ ڪهي ايندو آهي ته هو قرض وٺي به ان جا يار و مددگار ٿي بيهندا آهن. ان سلسلي ۾ مزدورن جي هڪ ٽولي جي ڪهاڻي ياد اچي ٿي ته لاڙڪاڻي ۾ ٽريڊ يونين ازم کڙو ڪرڻ جي پاداش ۾ ڪنهن بهاني سان مون کي نوڪري مان ڪڍيو ويو. مون کان پوءِ صاحب خان شيخ کي به اهو چئي نوڪري تان جواب مليو ته؛ ”پہلے تیرے موں میں زبان نهیں ہوتی تھی اب جو بھی تو بولتا ہے یے تیری زبان سے غلام رسول بولتا ہے۔“
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ صاحب خان شيخ ڪوٽڙي حيدرآباد وڃي سنڌ ٽيڪسٽائل ملز ۾ نوڪري هٿ ڪئي هئي. ٻن مهينن کان پوءِ هن منهنجي لاءِ به آپريٽر جي جاءِ جو بندوبست ڪيو.ستت ئي مان حيدرآباد حالي روڊ تي چوڙيگرن واري بستي ۾ ساڻس وڃي مليس. ان بستي ۾ پهرين ڏينهن ئي جنهن حالت ۾ مون مزدورن کي دکدائڪ حالت ۾ سمهندي ڏٺو ته منهنجو روح صفا ڪنبي ويو. رات جي پهر ۾ سنگت جا سڀ مزدور ڪٺا ٿيا ته هڪ ننڍي دڪان جيتري ڪمري ۾ وڏي ڪچهري ۽ کل ڀوڳ جو هڪ ماحول برپا ٿي ويو. ٽهڪڙا، موج مستي، اوڀاريون ۽ لهنواريون ڳالهيون ۽ حال احوال شروع ٿي ويا ان سمي ائين پئي لڳو ڄڻ هنن همراهن کي ڪنهن قسم جو ڪو ڏک درد يا زماني جو ڪو غم آهي ئي ڪو نه. مسجد جا ٻه دڪان هنن جو گهر هو جنهن ۾ هيٺان سوڙيون ۽ مٿان رليون وڇايل هيون ۽ انهن جي پاسن کان سندن سامان جا بيگ رکيل هئا. گرمي جي موسم هئي ڪمرن جا در کليل هئا مون کي استاد سمجهي اندرين پاسي مسجد جي ڀت سان لڳ سمهڻ لاءِ جاءِ ڏنائون ۽ باقي جيڪي ٽي ڄڻا ڀرپاسي ۾ ستا هئا انهن جا پير ڪمري جي چانٺ کان ٻاهر گهٽي ۾ پيا ڏيکارجن. مگر ڏهن منٽن جي گذرڻ کان پوءِ همراهن جا کهونگهرا پيا لڳن. مون انهن مزدورن ۾ ڪمال درجي جي محبت ۽ ڪمال درجي جو ايثار ڏٺو خدا جي انهن پراسرار ٻانهن جون ڳالهيون وسريون نٿيون وسرن.
شير شاهه ۾ منهنجو ميزبان محمد علي هو. جيڪو پنجاب جي ڪنهن مضافاتي ڳوٺ جو رهاڪو هو. سندس وڏو ڀاءُ محمد شفيع لاڙڪاڻي ۾ نور ٽيڪسٽائل ۾ ماسٽر جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو هو. ٻنهي ڀائرن جي وچ ۾ روين ۽ روش ۾ زمين آسمان جو فرق هو. جڏهن مان هن وٽ رهڻ آيو هوس ته کيس ان ڳالهه جي چڱي طرح ڄاڻ هئي ته سندس وڏو ڀاءُ مون کي پسند ناهي ڪندو. ان کان سواءِ اسان ٻنهي جي وچ ۾ لساني ۽ نسلي تفاوت پڻ موجود هو پوءِ به هن پنهنجي ٻچن سان مون کي پنهنجي گهر ۾ رهائش مهيا ڪئي ۽ مون سان اهڙيون ڀلايون ۽ ڀال ڪيا جهڙا ڪوئي فرشتو ئي ڪري سگهي ٿو. ٻئي ڏينهن نيرن کان اڳ محمد علي مون کي وهنجڻ جو چئي گهر جي غسل خاني ڏانهن وٺي ويو. جيستائين آئون وهنجي ٻاهر نڪتس تستائين هن آڳر ۾ رکيل کٽ تي نيرن ڪرڻ لاءِ دسترخوان وڇايو. مون ڏٺو ته آڳر ۾ هڪ پاسي سندس گهر واري ناشتو پئي تيار ڪري. هو خاتون تئي چاڙهيو ويٺي هئي جنهن ۾ اُڦراٽا ٿڦي پئي وجهندي وئي. مون کي علي محمد مسڪرائيندي پنجابي زبان ۾ چيو. تنهنجي ڀاڀي اڄ سچي گيهه ۾ پراٺا پئي پچائي. مون چيو مانس ته ڀائو اها تڪليف ڇو، ورايو ته اَمان پنجاب کان آئي آهي ۽ پاڻ سان اصلي گيهه جو ٽين کڻي آئي آ. سو هاڻي نه کپائينداسين ته وري ڪڏهن کپائينداسين. سندس والده سان منهنجي اڳ ۾ لاڙڪاڻي ۾ ملاقات ٿيل هئي هوءَ انتهائي سادي ڳوٺاڻي نيڪ ۽ ديندار خاتون هئي. بهرحال اڦراٽن سان گڏ ڏهي جي لسي هئي بس منهنجون ته پنجئي آڱريون گيهه ۾ هيون. نيرن ڪرڻ کان پوءِ آئون محمد علي کان موڪلائي پنهنجي ڊيوٽي ڏيڻ لياري ڪاليج هليو ويس. منجهند جي ماني مون ڪاليج جي ويجهو لي مارڪيٽ تي هڪ هوٽل تي کاڌي. شام جو گهر اچي اوطاق تي آرام ڪيم رات جي ماني کائي محمد علي مون کي پنهنجو ڪارخانو گهمائڻ لاءِ وٺي ويو جيڪو شير شاهه ۾ ئي هن جي رهائش کان فرلانگ کن پري مين روڊ تي هو. محمد علي ان ڪارخاني ۾ ويونگ ماسٽر هو. جتي هن پنهنجي سيڪشن جي مشينن جي چال ۽ پراڊڪشن چيڪ ڪئي. مشين آپريٽرس کان حال احوال وٺي انهن کي ڪم جون پارتون ڪري. چوڻ لڳو اچ ته هاڻي فلم ٿا هلي ڏسون. شير شاهه ۾ ڪارخانن جي وچ ۾ سينيما هئي جنهن ۾ اڪثر پنجابي فلمون لڳنديون هيون. فلم ڏسي رات جو ٻارهين بجي وري ڪارخاني جو چڪر لڳائي اچي گهر آرامي ٿياسين. موڪل جي ڏينهن محمد علي مون کي صدر بوهري بازار گهمائڻ لاءِ وٺي ويو جتان هن کي ڪي ضروري شيون کپنديون هيون، جن جي خريداري ڪرڻ کان پوءِ هن مون کي صدر جون سينيمائون ڏيکاري هوٽلن تي ڪيڪ پيس ۽ سموسا وغيره کارايا. ڪوشش ڪندي مون ڪٿي پئسن ڏيڻ جي کائنس اجازت پئي گهري ته ائين چئي منع ٿي ڪيائين ته توهان منهنجا مهمان آهيو توهان کي پگهار ملي ته پوءِ توهان خرچ ڪجو.
انهن ڏينهن دائود انجنيئرنگ ڪاليج ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي موضوع تي ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ طرفان فنڪشن ٿي رهيا هئا. ايران کان قاضي نبي بخش مقالو پڙهڻ لاءِ مدعو هو. هن فنڪشن جا انتظامات اسان جي ڪاليج جي پرنسپل عبدالرئوف سمي کي ڪرڻا هئا سو مون کي به چيو هئائين ته اڄ وارو فنڪشن ضرور اٽينڊ ڪجانءِ، مان شام جو ٺهي سنڀري دائود ڪاليج پهتس. محترم قاضي نبي بخش قرآن فهمي جي موضوع تي رب سائين جي سهڻن نالن مان المصور کي پنهنجو موضوع بڻائيندي سير حاصل خطاب ڪيو. ٻين عالمن آرٽ و سائنس تي فهم و فراست ڀريون تقريرون ڪيون. پر مان جيئن فنڪشن کان ٻاهر نڪري ڪاليج جي دروازي وٽ پهتس ته پٺيان آواز آيو مائٽ، منهن ورائي ڏٺم ته لاڙڪاڻي جو دوست انسٽرڪٽر عبدالغفار سومرو سامهون بيٺو هو. چوڻ لڳو مائٽ تون هتي ڪيئن، جواب ڏنو مانس ته مان هتي لياري ڪاليج ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو آهيان. پڇيائين ڪٿي ٿو رهين وراڻيو مانس ته شير شاهه ۾. مائٽ ڀوڳ نه ڪر. چيو مانس نه ادا ڀوڳ ڇو ڪندس نيٺ ڀاڪر ڀري اين اي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج جي هاسٽل ۾ آڻي ڪڍيائين. حال احوال هلن ئي پيا ته چوڻ لڳو مائٽ اٿ ته هلي ماني کائون. ائين چئي پنهنجي هاسٽل جي ميس ۾ وٺي آيو. ماني کائڻ کان پوءِ چوڻ لڳو مائٽ اچ ته توکي تنهنجي دوست سعيد احمد وارثي سان ملايان. مسٽر سعيد وارثي ميونسپل هائي اسڪول ۾ مون کان هڪ سال سينيئر هو ۽ جڏهن ڪاليج ۾ پڙهندا هئاسين ته هو ڪامرس سيڪشن جو شاگرد هو پر سنگت جي لحاظ کان هڪ ئي گروپ جا هئاسين. ان وقت هو اين اي ڊي ڪاليج جي فنانس سيڪشن ۾ فنانس آفيسر هو ۽ سيوا ڪنج هاسٽل جي وارڊنشپ به وٽس هئي. مسٽر عبدالغفار ان جي سامهون چيو ته مائٽ سڀاڻي سامان کڻي اچي مون سان گڏ رهه. انڌو گهري هڪ اک جي ٻه اکيون ملنس ته ان کي ٻيو ڇا گهرجي. رات جو گهر پهتس ته محمد علي دير سان اچڻ جو سبب پڇيو. مون کيس سربستو قصو ٻڌايو ۽ اهو به ٻڌايو ته سڀاڻي آئون سيوا ڪنج هاسٽل ۾ شفٽ ٿيندس. تنهنجي دعا سان چانس ملي آهي سو مهرباني ڪري خوشي سان اجازت ڏجائن. وراڻيو ته مون تنهنجي وڃڻ جي دعا ڪو نه ڪئي آهي منهنجي دل چوي ٿي ته تون مون وٽ رهيو پيو هج پر جي توکي سهولت ملي ٿي ۽ تنهنجو ڪاليج به اتان ويجهو پوندو ته پوءِ آئون توکي منع نه ڪندس.

سيوا ڪنج هاسٽل

سيوا ڪنج هاسٽل

سيوا ڪنج، برنس روڊ، آرام باغ ڪراچي جي هڪ ئي علائقي جا هي ٽي نالا آهن ته جدا جدا مگر هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. سيوا ڪنج شاهاڻي گروپ وارن جي عمارت آهي. آرام باغ جيڪو ورهاڱي کان اڳ رام باغ نالي سان مشهور هوندو هو تنهنجي پراڻي رام باغ روڊ جي ڪنڊ تي گانڌي چونڪ تي پراڻي برٽش ڪائونسل لائبريري جي بلڊنگ آهي. هاڻي ورهاڱي کان پوءِ گانڌي چونڪ کي پاڪستان چوڪ سڏجي ٿو. تنهن جي اوڀر ۾ ڪارنر تي آرام باغ مسجد جي سامهون سيوا ڪنج بلڊنگ آهي جيڪا ستر واري ڏهاڪي ۾ اين اي ڊي ڪاليج جي هاسٽل هوندي هئي تنهن ۾ آئون پنهنجي دوستن جي تعاون سان 1973ع ۾ ڪراچيءَ ۾ اچي رهڻ لڳس. ڏسجي ته منهنجي زندگي جون هي سونهري گهڙيون هيون. زندگي جون جيڪي چار گهڙيون مون هتي گذاريون سي ڪنهن پل وسرن نٿيون شايد اکيون ٻوٽڻ تائين نه وسرن. هن زماني ۾ زندگي ۾ ڪجهه آسانيون پيدا ٿيون هيون. زندگي ۾ ٿورو لطف پيدا ٿيو هو ۽ مون ڪي قدر سک جو ساهه کنيو هو. ڪارخانداري ۽ مزدوري واري زماني جي پگهار جي مقابلي ۾ هاڻي منهنجي پگهار چار ڀاڱا وڌي چڪي هئي. تن بدن ۾ نئون روح ڀرجي ويو هو. هاڻي آئون پنهنجي گهر والده کي اڳ کان ٻيڻا پيسا موڪلڻ جي قابل ٿي چڪو هوس. والده جيڪي دعائون ڪندي هئي اهي دل ۾ محسوس ٿينديون هيون. سيوا ڪنج ۾ رهائش دوران وڏي سهولت اها هئي ته ڪاليج اچڻ وڃڻ وارو فاصلو هاڻي پهريان کان اڌ ٿي چڪو هو. ان کان سواءِ هن صاف سهڻي ۽ خوبصورت علائقي جي زندگي خوشگوار، پر رونق ۽ رمق سان ڀرپور هئي. بهترين روڊ رستا، چوڌاري خوشگوار ماحول ۽ اوسي پاسي سهڻيون قديم ۽ تاريخي عمارتون جن جا بنياد ٽيگور جهڙي شخصيت رکيا هئا. اهڙين سهڻين عمارتن ۾ برٽش ڪائونسل لائبريري جيڪا ڪنهن زماني ۾ اسڪول آف آرٽس جي عمارت هئي. ان جي ڀرپاسي ۾ آرام باغ جهڙا تاريخي باغ باغيچا، پاڙي ۾ مٺا رام هاسٽل جي عمارت جيڪا ان وقت اين اي ڊي ڪاليج جي هاسٽل هئي. وري ان جي سامهون ڊي جي سنڌ ڪاليج جي پر شڪوه گلابي پٿرن سان جڙيل تاريخي عمارت. ڀرسان قديم تاريخي هندو جيم خاني جي سهڻي عمارت، سامهون گوئٽي انسٽيٽيوٽ وري ان جي سامهون آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان پاڙي ۾ ڊائريڪٽوريٽ، هاسٽل لڳ سيڪريٽريٽ ان کان سواءِ سنڌ جي تاريخي خوبصورت سنڌ اسيمبلي بلڊنگ بس هن سحر انگيز علائقي ۾ رهندي منهنجا ته ٻئي ڇڪا ٻارنهن ٿي پيا هئا. ڪن انتظامي معاملن جي ڪري سيوا ڪنج هاسٽل جي ميس کي ڪجهه ڏينهن لاءِ بند رکيو ويو هو. پوءِ به ڪنهن کي ڪا پرواهه ڪا نه هئي. هاسٽل جي هيٺان چند قدمن تي پاڪستان چونڪ هو. جنهن جي چئو ڦير سڄو سارو هوٽلن جو ماحول هو. چانهه جا ننڍا وڏا هوٽل، نان نهاري ۽ پاون جا عمده مرڪز. بهترين مٽن ڪڙهائي، پنجاب لسي هائوس، فريسڪو بيڪري ۽ سويٽمارٽ، بنگالي مشٽي مُک مٺاين جو دڪان برنس روڊ جا مشهور ڌاڳي وارا گولا ڪباب، قورمان قوفتا ڀڳل گوشت ۽ گرلڊ مٽن چاپون مطلب ته هتي هر وقت سڄي علائقي ۾ عمدن کاڌن جي خوشبو پکڙيل هوندي هئي.
منهنجو نيم هوندو هو ته صبح جو وهنجي سنهجي تيار ٿي پنجاب لسي هائوس تي فروٽ بن سان لسي جي گلاس سان نيرن ڪري ڪاليج روانو ٿي ويندو هوس. جواني جا ڏينهن هئا پنڌ ڪرڻ ۾ لطف ايندو هو. ان کان سواءِ گهمندي ڦرندي نوان پراڻا پاڙا، بازارون، عمارتون، اسڪولن ۽ ڪاليجن جون عمارتون وغيره ڏسندو ڪاليج پهچندو هوس. ان وقت اڪثر جيڪو آئون رستو وٺندو هوس سو سيوا ڪنج کان سائين اياز حسين قادري جي گهر جي پاسي کان نڪري ميان عبدالوهاب شيخ (برادرم بهاو الدين شيخ ۽ عبدالستار شيخ) جي فليٽ کان ٽپي بندر روڊ لتاڙي ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جي بلڊنگ جي ڪنڊ تي حبيب بينڪ ۾ ايندو هوس جنهن ۾ منهنجو بينڪ اڪائونٽ هوندو هو. ان جي اندرين پاسي کان هڪ دروازو هوندو هئو جيڪو اندران ئي ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۾ کلندر هو. اتان نڪري سول اسپتال جون جهونيون گلابي پٿرن واريون عمارتون ڏسندو ايمرجنسي وارڊ واري دروازي کان نڪري چاند بي بي روڊ تي پراڻي سنڌ يونيورسٽي بلڊنگ (موجوده ڪراچي ڪاليج چاند بي بي) کي تڪيندو وفاقي اردو ڪاليج کان گذري ڀيم پوره سومرن جي محلي ۾ داخل ٿيندو هو. هن علائقي جي منهنجي پان خور مائٽن جون مڪراڻين جهڙيون شڪليون واچيندو وڃي ڪمڀار پاڙو کڻندو هوس. اتان اڳتي وڃي ٻه ٽي گهڙيون ڪراچي جي مشهور سنڌي آرٽس پينٽر گل محمد کتري جي دڪان تي هن جي شاهڪارن تي طاعرانا نگاهه ڦيري لي مارڪيٽ جي چونڪ تي پهچندو هوس. واه ڇا منظر هوندو هو ان وقت ان چئو واٽي جو، ٽاور کان نيپئر روڊ ڏئي ايندڙ ٽرام جي وڄندڙ گهنٽي، ته روح جون تارون ڇيڙي ڇڏيندي هئي. هن چوراهي تي اچي تقريبن ٽرام خالي ٿي ويندي هئي. هڪ ٻه مسافر جنهن کي اڳتي وڃي چاڪي واڙي لهڻو هوندو هو سي وڃي باقي بچندا هئا. منهنجو ٽرام جو سفر اتان شروع ٿيندو هو جيڪو ٿورو اڳتي وڃي سنڌي ميڊيم سيڪنڊري اسڪول چاڪي واڙي جي آخري اسٽاپ تي ختم ٿيندو هو. ٽرام جي ان آخري اسٽاپ جي آمهون سامهون ٻه گهٽيون هونديون هيون جيڪي منهنجي ڪاليج جي دروازي تائين پهچڻ لاءِ شارٽڪٽ هونديون هيون انهن مان هڪ هئي گل محمد لين ۽ ٻيو هئي حميد لين.
مان اڪثر گل محمد لين مان لنگهي ڪاليج ويندو هوس. اهي گهٽيون لياري ڪوارٽرس جون مشهور ۽ معروف ڳليون آهن جتي لياري جي ماڻهن جو واضح ۽ سهڻو ڪلچر نظر ايندو هو. ان سان لڳو لڳ ٽينري روڊ آهي مگر اتي اچي اهو سمورو علائقو چاڪي واڙو سڏجي ٿو. ارد گرد ننڍا وڏا اسڪول، چانهه جا ڪارنر هوٽل، پان، ٻيڙيون مانڊيون ۽ ميڊيڪل اسٽور آهن. پاڙي جو اهو ئي ٽڪرو آهي جتي اصل مڪراڻي بلوچي ۽ لاسي سنڌي گاڏڙ ڪلچر ۽ ماحول نظر ايندو. ڪنهن زماني ۾ اهڙي ماحول جي پس منظر ۾ ڪنهن ڪارنر هوٽل تي ويهي يا پنهنجي اسڪول جي رستي تي ايندي ويندي محترم اياز حسين قادري پنهنجي مشهور ڪهاڻي بلو دادا جو پلاٽ تيار ڪري هڪ لازوال ڪهاڻي تخليق ڪئي هئي جيڪا جديد سنڌي ادب جي ڪهاڻين جي شروعاتي ڪهاڻين مان هڪ هئي.

ٽرام جو آخري اسٽاپ چاڪي واڙو

ٽرام جو آخري اسٽاپ چاڪي واڙو

ٽرام جي آخري اسٽاپ چاڪي واڙي تان لهي مان اڪثر گل محمد لين مان لنگهي لياري ڪاليج پهچندو هوس. لياري چاڪي واڙي جي پاڙي جي گهٽين گهيرن مان ايندي ويندي ماڻهون مون کان اڪثر سوال ڪندا هئا ته بابا هي ڪالا نانگ ۽ ان جي شاگرد مافيا جو علائقو آهي توکي ايندي ويندي ڀئو نٿو ٿئي. خود انهن گهٽين جا باشندا جن ۾ عورتون به سامل هونديون هيون ڪڏهن ڪڏهن روڪي اهڙي قسم جو سوال ڪنديون هيون کين منهنجو، اهوئي جواب هوندو هو ته مان هڪ استاد آهيان ۽ هر قوم پنهنجي استادن جي عزت ڪندي آهي. مڪراڻي هجي، لاسي چاهي بلوچ سڀ اسان هڪ قوم جا فرد آهيون ۽ مون کي خبر آهي سڀئي استاد جي عزت ڪندا آهن تنهنڪري مون کي هتي گهمندي يا ايندي ويندي ڪو خوف يا خطرو محسوس نه ٿيندو آهي. هنن علائقن جا اڪثر وڏي عمر جا ماڻهون جن جو تعلق کڻي ڪهڙي به گروپ يا قوم سان هوندو هو سڀ سنڌي ڳالهائيندا هئا ۽ سنڌين جي عزت ڪندا هئا. لياري گورنمنٽ سائنس ڪاليج پهچڻ لاءِ جيڪي به رستا وٺي ويندو هوس تن جو رومانٽڪ ماحول اڄ سوڌو اکين اڳيان ڦري ٿو. جميلان اسٽريٽ جنهن تي ورهاڱي کان اڳ، مشهور سنڌي جميلان ٿيٽر ۽ معروف ڊراميٽڪ سوسائٽيون هونديون هيون جيڪي شام کان رات دير تائين آغا حشر ڪاشميري ۽ ٻين معروف ليکڪن جا دلچسپ ڊراما ۽ کيل رچائينديون هيون.
مولوي مسافر خاني جي پويان ويندڙ گهٽي سڄي هٿ تي مڙي شوساڌناڻين جي گهرن کان جميلان ٿيٽر ڏي ويندي هئي. وري جناح روڊ وٽان جوبلي سينيما کان ويندڙ جميلان اسٽريٽ قديم يهودين جي عبادتگاهه سينيگاگ ڏانهن ويندي هئي. ان جاءِ تي شروع ۾ پراڻن سينيما گهرن جو هڪ گروپ هوندو هو جن مان گوڊين، جوبلي ۽ ناز سينيما مشهور هيون. انهن سينيما گهرن ۽ ارد گرد جي ٿيٽريڪل ماحول ۾ جيڪي جهونا ماڻهو هندوستان ۽ پاڪستان جي ورهاست کان اڳي رهندا هئا ۽ لطف اندوز ٿيندا هئا انهن مان جيڪڏهن ڪو جيئرو هوندو ته ان کان ان زماني جي حسين رومانٽڪ يادگيرين ۽ ماحول معاشرت ۽ سماجي زندگيءَ جو احوال وٺي ميڊيا تي آڻجي ۽ ان کي ڪتابي صورت ڏجي ته جيئن اسان جو هڪ تاريخي سماجي ۽ ثقافتي ورثو محفوظ ٿي سگهي.
ورهاڱي کان اڳ ڪراچي جي ان پاڙي ۾ رومانٽڪ ماحول ۾ شوساڌاڻين جي گهر ۾ 1941ع ۾ هڪ ڇوڪريءَ جنم ورتو هو. سندس پتا ان جو نالو ساڌنا رکيو هو. هند ۽ سنڌ ۾ وريون پوڻ کان پوءِ جڏهن هي سنڌي هندو خاندان ڀارت لڏي وڃڻ لاءِ اُسهي پيو ته ان وقت ساڌنا اٺن نون ورهين جي هئي. هوءَ پاڙي جي ٿيٽريڪل ۽ رومانٽڪ ماحول کان گهڻو متاثر هئي ۽ ٻاروڻڻ ۾ ڪراچي ۾ ئي ڊانسنگ جي تربيت وٺي چڪي هئي. هندوستان وڃي جڏهن سنڌ جي هندن سنڌ وطن کي ساريندي اباڻا فلم ٺاهي هئي ته جميلان اسٽريٽ جي هن ڇوڪري ساڌنا شوساڌاڻي سنڌي فلم ۾ پنهنجو پارٽ خوب نڀايو هو. اڳتي هلي اها سنڌ ڪراچيءَ جي ڇوڪري هندستان جي مشهور ۽ رومانٽڪ اداڪارا ساڌنا سڏجڻ لڳي. سندس هيئر اسٽائل ساڌنا ڪٽ سڄي هندوستاني ۽ پاڪستاني سماج ۽ فلمي دنيا ۾ خصوصن عورتن ۾ ائين مشهور هوندي هئي جيئن مردن ۾ مشهور فلمي اداڪار جي دليپ ڪٽ. فلمي ڪريئر ۾ ساڌنا شو ساڌاڻي تي جيڪو رومانٽڪ گانو پڪچرائز ڪيو ويو هو. لگ جا گلے کے پھر یے حسین رات ہو نہ ہو، شاید پھر اس جنم میں ملاقات ہو نہ ہو۔ نه رڳو سپر هٽ ٿيو هو بلڪه هن گاني اسان جي سرحدن ۾ داخل ٿي عاشقن جي دلين ۾ اڱارا اوتي ڇڏيا هئا.
جميلان روڊ جي ان پاڙي کي رام سوامي ۽ رنڇوڙ لائن به سڏيو ويندو آهي جنهن ۾ گذدر، سلاوٽ، مارواڙي، ڪڇي، ڀوڄپوري ۽ راجستاني قوم جا ماڻهو رهندا آهن پاڪستان ٺهڻ بعد هندوستان کان پلاڻيل مهاجر به هنن پاڙن ۾ اچي آباد ٿيا آهن. 1976ع جڏهن پراڻي حاجي ڪيمپ واري علائقي ۾ لياري سائنس ڪاليج جي نئين عمارت ٺهي تيار ٿي. تڏهن اسان هن نئين بلڊنگ ۾ شفٽ ٿي وياسين. ان کان اڳ آئون به پنهنجي دوست عبدالغفار سومري جي انگلينڊ اسڪالر شپ تي وڃڻ کان پوءِ فيڊرل بي ايريا ۾ شفٽ ٿي چڪو هوس. فيڊرل بي ايريا ڪريم آباد کان لارينس روڊ لاءِ B-5 بس ملندي هئي. آئون اڪثر ان بس جي ذريعي ڪاليج ايندو ويندو هوس.
ان زماني ۾ منهنجي خريداري جو مرڪز رام سوامي بازار ۾ رام سوامي ٽاور هوندو هو. هي علائقو منهنجو پسنديده هنڌ هوندو هو جتي لذيذ کاڌي جا بهترين هوٽل هوندا هئا. هنن مارواڙي هوٽلن جي چانهه توڙي ماني ارزان ۽ مزيداري هوندي هئي. هي پاڙو ڪاليج جي بلڪل قريب هئو تنهن ڪري ڪاليج کان واپسي وقت ماني جو خفو لاهيندي هتان ئي ماني کائي گهر هليو ويندو هوس. ڪراچي جي رام سوامي ۽ رنڇوڙ لائن جي پاڙن ۾ رهندڙ ماڻهون جو تعلق جيتوڻيڪ مختلف قومن ۽ ٻولين ڳالهائيندڙن سان هئو. تنهن هوندي به هنن جي لهجن ۾ هڪ جهڙائي پئي معلوم ٿيندي هئي ۽ هنن جي مزاج، سڀاءَ ۽ روين ۾ به مون کي ڪو ئي خاص فرق محسوس نه ٿيندو هو. سڀ هڪ جهڙا لڳندا هئا. شايد ان ڪري جو گذدر، سلاوٽ، مارواڙي، ڀوڄپوري، راجستاني، ڪاٺياواڙي ۽ گجراتي جن جي هتي اڪثريت هئي سي تقريبن هندوستان جي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل صوبن سان تعلق رکندڙ هئا. جن گهٽين يا پاڙي جي حصن ۾ گذدر ۽ سلاوٽن جي اڪثريت هوندي هئي انهن جي گهرن توڙي گهٽين ۾ اچڻ وڃڻ تمام ڏکيو ڪم هوندو هو. هنن قومن جون عورتون پاڻ کي ۽ پنهنجن گهرن کي ته صاف سٿرو رکنديون آهن پر پنهنجي گهرن جو سمورو گند ڪچرو گهرن اڳيان گهٽين ۾ اڇلائي. پنهنجي گهرن جي دڪين تي سڄو ڏينهن ويٺيون قصا ڪٽينديون آهن. ڪنهن اشراف ماڻهو ويسر ڀل ۾ هنن جي گهٽي جو ڪو هڪ اڌ چڪر ڀل ۾ وڌيڪ ڏنو ته پوءِ ان جي لاءِ ٽوپي بچائڻ مشڪل ٿي پوندو هو.
هڪ ڀيري آئون رام سوامي ٽاور کان ڪي ايم سي ورڪشاپ جي پٺيان واري گهٽي ڏئي سنڌ يونيورسٽي جي پراڻي هاسٽل جي پٺ ۾ فائربرگيڊ اسٽيشن جي ڪوارٽن ڏانهن ڄاڻي ٻجهي هليو ويس ڇاڪاڻ جو ورڪشاپ جي پٺين پاسي وارو وڏو گيٽ تمام قديم ۽ اينٽيڪ پيو لڳندو هو. تنهن ڪري مون کي شڪ جاڳيو ته اتي يا ته ڪا پراڻي مشينري پئي آهي يا پراڻيون فائر برگيڊ جون ناڪارا موٽرون ۽ ڪاٺ ڪٻاڙو پيل آهي. رام سوامي واري سيوريج جي نالي جي ان پاسي ڪنهن بني بشر جي اچ وڃ گهٽ هوندي هئي. جڏهن مان ان وڏي پراڻي گيٽ وٽ پهتس ته منهنجي حيرت جي حد نه رهي. اندر هڪ وڏي ميدان ۾ راڻي اليزبٿ جو تقرين پندرهن ويهن فٽن جو ڊگهو سنگ مرمر جو بت زمين تي ليٽيل رکيو هو. ان جي ڀر پاسي ۾ ٻيا به ڪيترائي پٿر ۽ ٽامي جا بوتا هڪ ٻئي جي مٿان سٿيا پيا هئا. هڪ لحاظ کان اهو سڄو سارو هڪ قومي اينٽيڪ اثاثو هو. جيڪو ماڻهن جي نظرن کان اوجهل هئو. پڇا ڳاڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته اڻويهه سئو ستيتاليهن ۽ اٺيتاليهن دوران ڪراچي جي روڊن، رستن، سرڪاري توڙي نجي عمارتن تي جيڪي يادگار يا ميموريل بت نصب ٿيل هئا سي ميونسپل آفيس وارن هڪ سرڪاري حڪم تي لهرائي ڪراچي ميونسپل آفس جي انهي ورڪشاپ جي بيڪيارڊ ۾ ڦٽا ڪري ڇڏيا هئا. هن وقت انهن يادگار بتن مان ڪيترا بت مهوٽا پيلس جي ميوزيم جو سينگار بڻيل آهن.

سوامي نارائڻ مندر ۽ سيوا ڪنج هاسٽل

سوامي نارائڻ مندر ۽ سيوا ڪنج هاسٽل

ڪاليج کان واپسي تي مان بندر روڊ تي ميونسپل ڪارپوريشن جي گلابي پٿرن واري شهر جي خوبصورت عمارت کي تڪيندو سوامي نارائڻ مندر جي ونگن واري ويڪري دروازي مان اندر لنگهي هليو ويس. مندر ۾ مارواڙي، راجستاني ڀوڄپوري هندو، گجراتي، پٽيل ۽ سنڌي واڻيا رهندا هئا. جن جون ٻوليون ۽ لهجا هڪ ٻئي کان مختلف هئا. مندر جي چوديواري جي حصار ۾ اندر اچبو هو ته هي هڪ مضبوط قلعو لڳندو هو. ديوار جي ٻاهران بندر روڊ واري پاسي وڏا وڏا دڪان هن وقت به موجود آهن پيپر گلي واري پاسي کان بهترين رهائشي فليٽ آهن. مندر جي اندرين ميدان ۾ پڻ ننڍيون وڏيون رهائشون آهن جن ۾ هڪ اڌ دڪان ۽ هڪ کاڌي پيتي جو هوٽل آهي. برٽش دور ۾ ئي نارائڻ مندر جي گرد وڏيون حفاظتي ديوارون کڙيون ڪيون ويون هيون. ان جو وڏو سبب هي هو ته مندر جي گنبد جي مٿان وڏي مٽڪي جيڏو آرائشي سون جو واس رکيل ويو هو جيڪو اڄ ڏينهن سوڌو موجود آهي. مندر ۾ اندر ميرن جي دور جون به عمارتون آهن جيڪي هن وقت نهايت خسته حالت ۾ آهن.
هڪ ڏينهن مان پنهنجي لاڙڪاڻي (دڙي محلي جو رهائشي) دوست لياري ڪاليج جي ليڪچرار مسٽر ديالداس ساڻ گڏجي انهن پراڻن فليٽن ۾ ويو هوس. اندر سنڌي هندن جو چانهه ماني جو هوٽل آهي جتي پنهنجي گهر جهڙي ماني، ڦلڪا، دال ڀاڄي ۽ پاپڙ وغيره مناسب اگهن تي ميسر آهن ۽ ساڳئي هوٽل تي چانهه سموسا، موهني ۽ اندرسا وغيره پڻ ملندا آهن جڏهن به سنگت سان سوامي نارائڻ مندر ۾ وڃڻ ٿيندو هو ته منهنجي اقتفا وڌ ۾ وڌ چانهه سموسي تي هوندي هئي. مندر ۾ هڪ ڀيري اهڙو اتفاق ٿي پيو جو هڪ هندو دوست سيوا ڪنج ۾ رهندو هو ۽ پروفيسر عبدالغفار جي وڃڻ بعد مان ان جي ڪمري ۾ شفٽ ٿي ويو هوس. هڪ ڏينهن مان هن دوست ساڻ گڏجي شام جي سهڻي پهر ۾ مندر گهمڻ ويس. مندر جي خوبصورت ڪشادين ڏاڪن تان چڙهي جڏهن هندن جي ڳئون ماتا جي سامهون دڪي تي ويٺل ٻائي جي سامهون آياسين ته سڀني کي قطار ۾ لڳڻو پيو. دوست پٺيان ۽ مان اڳيان هوس. جڏهن مان اڌ اگهاڙي ٻائي صاحب وٽ پهتس ته هندو دوست سان گڏ هجڻ جي ڪري مندر جي ادب و آداب کي ملحوظ خاطر رکندي مون کي به قطار ۾ هلڻو پيو زالين مردين هڪ ئي قطار ۾ پئي اڳتي وڌياسين. قطار ۾ نياڻيون ڇوڪرا ٻارڙا ننڍا وڏا سڀ پنهنجو ٻڪ ٻائي جي اڳيان پيا جهلين ۽ هو وري ٿالهي ۾ رکيل وڍيل گاڏڙ ميوي مان مٺ ڀري هر هڪ جي ٻڪ ۾ پئي وجهندو ويو. پنهنجي نمبر تي پهچڻ وقت مون پنهنجي دوست ڏانهن ڪنڌ ورائي ڏٺو. هن اشاري سان چيو ٻڪ جهل، مگر جڏهن ٻائي وٽ پهتس ته بنا پرساد وٺڻ جي اڳتي وڌي ويس. منهنجو اهڙو رويو دوست کي سخت ناگوار لڳو. مندر جون ڏاڪڻيون ته هو مون سان گڏ لٿو پر ڪاوڙ ۾ تڪڙو تڪڙو منهنجي اڳيان نڪري ديدن کان دور خبر ناهي ڪاڏي هليو ويو. مندر جي اندران اندران گهرن جي وراڪن کا نڪري پٺين پاسي خفيا دروازو جيڪو فريئر روڊ کان نڪرندو هو مان پاسي کان نڪي سيوا ڪنج هاسٽل پهتس. منهنجي ان ناشائستا حرڪت جي ڪري همراهه مون سان ڳالهائي نه پيو. ميس ۾ رات جي ماني لاءِ ميس ڏانهن هلڻ لاءِ چيومانس ته وراڻيائين توهان وڃو مون کي بک ڪانهي. ٻٽي ڏينهن گذريا همراهه چيو ”سڀاڻي ڇاڇري کان منهنجو وڏو ڀاءُ اچي رهيو آهي. توهان سعيد احمد وارثي صاحب کي چئي پنهنجي لاءِ رهڻ جو ڪو بندوبست ڪريو.“ هن جو غضبناڪ ڪروڌ ڏسي مان ان وقت ئي پنهنجي دوست سعيد وارثي جي ڪمري ۾ ويس. وارثي ڪمري ۾ موجود نه هو مگر ان وقت ڪمري ۾ لاڙڪاڻي جو دوست علي انورميڻو پلنگ تي ليٽيو پيو هو. کل کيڪار کان پوءِ کيس ماجرا ۽ مطلب ٻڌايم ته چوڻ لڳو ڪا ڳالهه ئي ڪانهي تون سامان کڻي اچ گڏجي ٿا رهون، سعيد پندرهن ڏينهن لاءِ لاڙڪاڻي ويل آهي. آيو ته وري ڪو بندوبست ٿي ويندو تون ڳڻتي نه ڪر.
هڪ ڏينهن ميس ۾ منجهند جي ماني کائي رهيو هوس ته لاڙڪاڻي جا ٻه دوست پنهنجي سامهون ويٺل ڏٺم. جن مان هڪ هو روشن علي ٻگهيو ۽ ٻيو دوست هئو مسرور منگي، ويجهو ٿي هڪ ٻئي جو حال احوال ورتوسين. ٻئي دلبر ماڻهو هئا. سيواڪنج ۾ هاڻي لاڙڪاڻي جي دوستن جو چڱو جٿو ٿي ويو هو. شام جو گڏ گهمڻ، چانهيون بوتلون ۽ ڪچهريون پيون هلنديون هيون. زندگي موجن مزن ۾ پئي گذري. گرمين جا ڏهاڙا هئا هڪ شام جو بشير احمد شاد لاڙڪاڻي مان اچي مون وٽ نڪتو. اسان جا به موج مزن جا ڏينهن هئا سج لٿي کان پوءِ گڏجي هيٺ لٿاسين ڀاءُ کان پڇيم ڇا کائيندين چيائين يار دل ٿي چوي ته ڪراچي جي نهاري کائون. پاڪستان چونڪ تي پاڙي جو مشهور نهاري جو هوٽل هو. هوٽل ۾ ويهندي مون گرم نان ۽ نهاري نلي جو آرڊر ڏنو ۽ بيري کي هدايت ڪئي ته ماني مٿان کيرڻي جون ٻه ٽي ڊهڪڻيون به کڻي اچي. ماني کائي تن من توش ڪري سنتوش ٿي ڊي جي سائنس ڪاليج وارو روڊ ڏئي برنس روڊ ڏي روانا ٿياسين ته ڀائو چوڻ لڳو يار سيني تي ڀڻسان نهاري اڱاري ڪري وڌي آهي، چيو مانس ڳڻتي نه ڪر ان جو توڙ به ڪيون ٿا. پنجن منٽن ۾ دوست کي پنجاب لسي هائوس تي آڻي بيهاريو. چيائين لسي اندر ويهي پيئنداسين. پڇيومانس مٺي پيئبي يا نمڪين ڀائو نمڪين جي فرمائش ڪئي سو مون هڪ مٺي ۽ هڪ نمڪين لسي جو آرڊر ڏنو ۽ لسي هائوس ۾ اندر وڃي بالم ٿي ويٺاسين.
هڪ ڀيري دلبرن جو دلبر مولا بخش ڀٽو مون سان ڪراچي ملڻ آيو ياد ناهي شايد سکر ۾ ليڪچررشپ جو انٽرويو ڏنو هئائين تنهنجو رزلٽ معلوم ڪرڻ سنڌ سيڪريٽريٽ آيو هو يا ڪنهن ٻئي ڪم سان. بهرحال رات جو سيوا ڪنج جي ڪشادي ڪوٺي تي ٿڌي هير ۾ آسمان جي وسعتن هيٺان ويٺي ڪچهري پئي ڪسين سين ۽ ڊگهين عمارتن جا نظارا پئي ڪياسين. مگر اسان کي آسمان تي ڇانيل ڪارن ڪڪرن مسلسل خوف۾ مبتلا ڪري رکيو ته مينهن نه وسي پوي. رات خير جي لنگهي وئي. صبح جو ناشتو پاڻي ڪري لياري ڪاليج هليا وياسين. رات کان آسمان تي ڪارن ڪڪرن جو راڄ هو ڪاليج پهتاسين اسٽاف روم ۾ اڃا چانهه سموسا کائي مس ويٺاسين ته گهن گهرج سان تکو مينهن شروع ٿي ويو. ڪلاڪ اڌ اهڙي طوفاني برسات پئي جو حشر ڪري ڇڏيائين. ڪاليج مان ڀڄي نڪرڻو پيو. ڪاليج جي عمارت جي جنهن حصي ۾ اسان هياسين اهو ٽينري روڊ کان هيٺ کڏي ۾ هو. تنهن ڪري روڊ جو سڄو پاڻي هيٺاهين تي ڪاليج جي عمارت ۾ هليو آيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏيائين. ايتري قدر جو ڪتاب، بيگ، الماڙين جي مٿان رکي ٻاهر نڪرڻو پيو. ٽينري روڊ تان ٽيڪسي ڪري آرام باغ پهتاسين مگر برنس روڊ تي حالت اهڙي هئي جو پاڻي ڍاڪن کي پيو ڇُهي. مولا بخش کي چيم ته اچ ته پهريون ماني کائي پوءِ ٿا هاسٽل هلون. برسات اهڙي پئي هئي جو پاڻي هوٽلن اندر ڪاهي پيو هو. جنهن قورمي ۽ ڪبابن واري هوٽل ۾ ماني پئي کاڌي سين تنهن ۾ پاڻي پنين تائين پيو پهچي. ٻه مانيون کائي کائنس ماني گهري سي ته بيري چيو ته تنور ۾ پاڻي هليو ويو آهي ۽ تندور بند ٿي ويو آهي. مون مولا بخش کي چيو ته اٿ هٿ ڌو ته هلون کلي چوڻ لڳو هن جنهن درياهه ۾ ويٺا آهيون اتي ئي ٿا هن جڳ سان هٿ ڌوئون. 1973ع واري مون سون جهڙو عضبناڪ مينهن وري مون ڪراچي ۾ وسندي نه ڏٺو.

اين. اي.ڊي ڪاليج جي سيوا ڪنج هاسٽل ۾ زندگي جو سهڻو سفر

اين. اي.ڊي ڪاليج جي سيوا ڪنج هاسٽل ۾ زندگي جو سهڻو سفر

پروفيسر عبدالغفار سومرو ۽ مان شام جو اڪثر سير سپاٽي تي نڪري ويندا هئاسي. آرٽس ڪائونسل ۾ جيڪي علمي و ادبي پروگرام ٿينداهئا يا جيڪي نمائشون لڳنديون هيون، سي ڏسڻ ويندا هئاسين. سيد غلام مصطفيٰ شاهه سابق وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي پروفيسر اياز حسين قادري جي نگراني هيٺ ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ سنڌي متصوفياڻا خيالن تي مبني مقالن مضمونن ۽ مذاڪري جي نشست رکي هئي. قادري صاحب جن مون کي به چيو ، جي مضمون پڙهڻو هجي ته تياري ڪر. مون خالق ڏنو هال لائبريري ۾ وڃي ڪتابن جو مطالعو ڪري سنڌي شاعري ۽ تصوف تي پيپر تيار ڪيو هو. جيڪو صبح واري اجلاس ۾ مون پيش ڪيو هو.ياد آهي ته ڪنهن بزرگ عالم ۽ فهميدا رياض منهنجو حوصلو وڌائيندي پنهنجي تقرير ۾ ٻه اکر تعريف ۾ چيا هئا. اياز حسين قادري صاحب ان اجلاس جي اسٽيج جي ڪارروائي هلائي هئي. اجلاس ختم ٿيڻ بعد واپسي ۾ جڏهن گهر موٽُئون پيا تڏهن سائين چتاءَ ڏيندي چيو ته تنهنجي پيپر ۾ گهڻي ڊريگهه هئي جي هوٽنگ ٿئي ها ته پوءِ؟ چيومانس سائين اڳتي اوهان کي پيپر ڏيکاري پوءِ پڙهندس.
عبدالغفار کي ميوزم ، لائبرريون، ثقافت گهر ڏسڻ ۽ گهمڻ جو شوق هوندو هو. بندر روڊ اين جي وي اسڪول جي ڀرسان ٿياسافيڪل هال جي لائبريري ۾ سندس ڪو دوست لائبررين هو. تنهن سان ملائڻ لاءِ هو هڪ ڏينهن مون کي وٺي ويو. سندس دوست اسان جي سٺي آجيان ڪئي، ڪچهري دوران عبدالغفار جي دوست چانهن بسڪيٽ گهرايا. گفتگو دوران مون لائبررين صاحب کان لائبريري ۾ موجود سنڌي ڪتابن جي باري ۾ سوال ڪيو. انچارج صاحب جواب ۾ وراڻيو ته اسان وٽ جيڪي سنڌي ٻولي ۾ ڪتاب موجود آهن سي گهڻو پراڻا آهن ۽ هاڻي انهن ڪتابن کي پڙهڻ وارو ڪير ڪونهي ۽ نه ئي ڪو اشو ڪرائي ٿو. تنهن ڪري سوسائٽي اهو فيصلو ڪيو آهي ته اهي سمورا ڪتاب ڪنهن کي ڊونيٽ ڪجن. مون انهن ڪتابن جو جائزو ورتو، معلوم ٿيو ته سمورا ڪتاب پارٽيشن کان اڳ جي هندو سنڌي ٿياسافسٽ جي ميڙي چونڊي هئي. جن ۾ رڳو مذهبي خيالن ۽ مول متن جي پرچار ڪيل پئي ڏسجي. اهڙي قسم جي ادب کي ڪنهن به لحاظ آءُ پنهنجيي ڪاليج جي لائبريري ۾ به منتقل ڪري نه پيو سگهان.
سيوا ڪنج هاسٽل ۾ ورها گي کان اڳ جو ڪتابن جو خزانو موجود هو. مسٽر عبدالغفار هڪ ڏينهن راز ۾ ايندي مون کي ٻڌايو ته مائٽ هتي هڪ وڏي ڪمري ۾ ڪتابن جا بي هنگم ڍڳ پيا آهن، چوين ته توکي ڏيکاريان. مون چيو مانس مائٽ اها وري ڪا ڳالهه پڇڻ جي ڳالهه آهي. وقت ڪڍي هو هڪ ڏينهن مون کي هاسٽل جي پهرين منزل تي وٺي ويو. ڪمري جو در ڏيکاريندي چيائين اهو در رڳو ٻيڪڙيل آهي ان کي رڳو هٿ هڻندين ته کلي پوندو. باقي اندر وڃي ڪتاب ڏسڻ تنهنجو ڪم آهي. مون کانئس پڇيو ڀلا ٻڌاءِ ته سهي اتي رکيل ڪتاب ڪنهنجي ملڪيت آهن. وراڻيو ته آهن ته شاهاڻين جا مگر آهن ڊيڊ ووڊ آهن. مون چيومانس هاڻي موٽي ٿا هلون، ڪنهن ڏينهن وقت ڪڍي ڏسندس. ان وقت سيوا ڪنج ۾ 99 سيڪڙو شاگرد اردو اسپيڪنگ رهندا هئا، جيڪي ڪتابن جي هن پراڻي خزاني مان لغتون ۽ ٻيا ڪم جا ڪتاب ڪڍي ويا هئا، باقي سنڌي ڪتاب جيڪي ڪنهن جي ڪم جا نه هئا اهي وڃي بچيا هئا. هڪ ڏينهن وجهه وٺي مون به وڃي گنگا جي پاڻي ۾ هٿ وڌا. آهستي آهستي ڪمري جو دروازو کولي اندر داخل ٿيس. اندر ڪتابن جي هڪ دنيا آباد هئي. ڪجهه لوهي ريڪ ۾ بنا ڪنهن ترتيب جي ڪتابن جا ڍڳ پيا هئا. ڪتابن جو وڏو حصو فرش تي پکڙيو پيو هو. ايتري قدر جو فرش تي پير ڌرڻ جي جاءِ ڪانه هئي. ڪتابن جي مٿان دز مٽي ايتري چڙهيل هئي جو ڪنهن ڪتاب جو عنوان يا تفصيل پڙهڻ ڏکيو ٿي لڳو. کيسي مان رومال ڪڍي نڪ تي ڏئي ڪجهه ڪتابن جا عنوان پڙهيم، نيٺ معلوم اهو ٿيو ته اسي سيڪڙو ڪتاب سنڌي ۾ آهن ۽ ويهه سيڪڙو هندي ۽ گرمکي ۾ لکيل آهن. جن ۾ رامائڻ ڀڳوت، گيتا ۽ گرونانڪ صاحب جي گرو گرنٽ ۽ سک متن سان تعلق رکن ٿا. جيڪي ڪتاب سنڌي ٻولي ۾ موجود هئا، انهن جو تعلق به گهڻو تڻو ديومالائي ادب سان پيو لڳي. مون ڏهاڪو کن سنڌي ڪتاب پنهنجي مطالعي لاءِ کنيا، پر انهن جي پڙهڻ مان ڪو لاڀ حاصل ڪري نه سگهيس. هي سڄو سارو ادب متروڪ هو ۽ سنڌي زبان ۾ به هندي لفظن جي آميزش هئي. ائين کڻي چئجي ته اهي هندڪي ۽ هٽڪي سنڌي ۾ لکيل ڪتاب هئا. جن کي پڙهڻ توڙي سمجهڻ مون لاءِ سنهجو ڪم نه هو.
پروفيسر اياز حسين قادري صاحب هڪ شام جو پنهنجي گهر کان پاڪستان چوڪ ڏانهن ٿي اچي رهيو هو ان وقت پروفيسر عبدالغفار سومرو ۽ مان هاسٽل جي بالڪوني ۾ هوا خوري ڪري رهيا هئاسين، جڏهن قادري صاحب بالڪوني جي ويجهو آيو ته اسان کيس سلام عرض ڪيوسين. اسان کي جواب ڏيندي چوڻ لڳو اتي ڇا پيا ڪيو. . عبدلاغفار وراڻيس ته سائين ڪجهه به نه. تنهن تي چيائين واڪ ڪندا ڪيو، گيلرين ۾ بيهي وقت وڃائڻ چڳو ڪم ناهي. سائين جن کي گذارش ڪئي سي اچو مٿي چانهن جا ٻه ٽي ڍڪ گڏجي پيئون. چيائين واڪ خالي پيٽ ڪبي آهي، اسان جلدي هيٺ لهي آياسين ۽ قادري صاحب سان ڊرگهي واڪ تي ساڻس گڏ هلڻ لڳاسين. رستي ۾ قادري صاحب حال احوال وٺندو ۽ پنهنجي گفتگو ڪندو پئي هليو. هڪ موضوع ختم پيو ٿئي ته ٻيو پئي شروع ڪيائون. اسان پاڪستان چونڪ کان مٺا رام هاسٽل پهتاسين، اتي اسان جي ملاقات اين اي ڊي ڪاليج جي پروفيسر نظام الدين شيخ (منهنجو لاڙڪاڻي جو ننڍي هوندي جو دوست) مليو جنهن سان دعا سلام ڪري اڳتي وڌي وياسين. آرٽس ڪائونسل کان پولو گرائونڊ اتان کان وري حبيب پبلڪ اسڪول جي سامهون لنگهي وڃي حاجي ڪيمپ واري علائقي ۾ پهتاسين. اهڙي طرح اسان ذري گهٽ اڌ ڪوئنس روڊ لتاڙي وياسين، قادري صاحب چيو ليٽس گو بيڪ. جڏهن واپس سيوا ڪنج پهتاسين ته ڪمري جي ڪرسي تي ڪرندي عبدالغفار چوڻ لڳو ته اڳتي قادري صاحب سان تون وڃجان.
ڪڏهن ڪڏهن مسٽر عبدالغفار کي ذائقيدار ۽ لذيذ ماني کائڻ جو شوق جاڳندو هو ته چوندو هو ته مائٽ اڄ ٿا هلون شڪارپوري جو چٽپٽو کائڻ. هن جي اسپيشل ماني لاجواب آهي هلي ٿا مزا ڪيون. عبدالغفار منهنجي مائٽن جو مائٽ هو ۽ عمر ۾ به مون کان وڏو هو ۽ وري مون کي قرب به وڌيڪ ڏيندو هو تنهن ڪري مان هن جي ڪا ڳالهه ٽاريندو ڪو نه هوس. بولٽن مارڪيٽ ۾ شڪارپوري سنڌي هندو جو هوٽل مشهور هوندو هو، جنهن تي سنڌي، ڪاٺياواڙي ۽ گجراتي ماڻهن جا صبح و شام هشام لڳا پيا هوندا هئا. هوٽل ۾ اڪثر اندر ويهڻ جي جاءِ ڪا نه ملندي هئي. هوٽل جي مالڪ بولٽن مارڪيٽ جي ديوار سان کٽون وڇائي رکيون هيون، جن ماڻهن کي تڪڙ هوندي هئي اهي ٻاهر کٽن تي ماني گهرائي ويهي کائيندا هئا. اسان به اهو ئي چاهيندا هئاسين ته شام جي وڳڙي ۾ ماني وائک ۾ ويهي کائجي. عبدالغفار کي هن هوٽل جو ڇيلي جو گوشت ۽ چٽپٽي واري ڀاڃي يعني مڪس ڀاڃي ۽ اسپيشل ماني پسند هئي جيڪا عام چالو ماني کان ٿوري وڏي ۽ اندران گيهه ۾ مکيل مزيدار هوندي هئي، جو ماڻهو ٻن جي جاءِ تي چار کائي وڃي. منهنجي پسند وري ڀينڊين جي ڀاڃي ۽ دال هوندي هئي، جنهن کي بولٽن مارڪيٽ جي ڀت سان ٽيڪ ڏئي وڏي مزي سان کائيندا هئاسين.
منهنجا گهڻ گهريا ۽ دل گهريا دوست بشير احمد شاد ۽ محمد يوسف شيخ هميشه ان تات ۾ هوندا ها ته اسان سڀني جو ڪنهن به طرح تعليم ۾ قدم اڳتي هجي. سنڌ جي اعلي تعليم جي مقتدر اداري سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم فل جي ڊگري پروگرام جو آغاز ٿي چڪو هو. محمد يوسف شيخ ان وقت سڌ يونيورسٽي مان تعليم مڪمل ڪري حيدرآباد جي هڪ نجي ڪاليج ۾ ليڪچرار جا فرائض سرانجام ڏئي رهيو هو. تنهن اسان کي اطلاع ڏيندي هوشيار ڪيو ته ايم فل ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا حاصل ڪيو. پياري دوست بشير احمد مون کي هوشيار وٺائيندي ايم فل جو فارم گهرائڻ لاءِ چيو. ڪجهه مهنيا گذريا ته دوست محمد يوسف جي طرفان ٻيو اطلاع آيو ته هاڻي سنڌ يونيورستي ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ سڌو سنئون به رجسٽريشن ڪرائي سگهجهي ٿي اهڙي خبر ٻڌي بشير احمد ۽ مان پي ايڇ ڊي ۾ داخلا وٺڻ جي جستجو ۾ لڳي وياسين . پي ايڇ ڊي جي سلسلي ۾ پنهنجي متوقع مقالن جا سنيپسز ۽ وچور تيار ڪري ايم فل۽ پي ايڇ ڊي لاءِ سنڌ يونيورسٽي جي طرفان تازو مقرر ٿيل پروفيسر عبدالمجيد ميمڻ صاحب کي اپروول لاءِ پنهنجا عنوان ڏيکارياسين ۽ کيس چيوسين ته هو سنڌيونيورسٽي ۾ اسان کي داخلا وٺي ڏيڻ ۾ اسان جي مدد ۽ معاونت ڪري، پر ان پهرئين جدوجهد واري مهم ۾ ڪنهن سبب اسان ٻئي ڪامياب نه ٿي سگهياسين، مگر اسان پنهنجي جستجو جاري رکندي ٻين اسڪالرس ڏانهن واجهائڻ شروع ڪيوسين ، جن کي سنڌ يونيورسٽي اهڙي مقصد لاءِ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ اختيارات تفويض ڪيا هئا. ان سلسلي ۾ وري نئين سر قدم وڌائيندي اسان ٻنهي دوستن پنهنجي موضوع جي منظوري لاءِ لاڙڪاڻي جي ڏاهي پروفيسر عبدالڪريم سنديلي سان ملاقات ڪئي سين. ڊاڪٽر صاحب اسان جي موضوع جا وچور ۽ تيار ڪيل سنسپيز کي دل جمعي سان پڙهيو ۽ غور ڪيو ۽ اسان کي کڙي تي کير پياريندي خاطري ڏياري ته انشاءَ الله توهان کي جلد تياري ڪرائبي،پر اهو به چيائين ته ڪجهه مصروفيتون آهن انهن مان جند ڇڏايان ته توهان جو عرضيون يونيورسٽي آف سنڌ کي سفارش لاءِ موڪلي ڏيندس. ساڳئي هفتي بشير احمد ۽ مان لاڙڪاڻي ٽائون هال ۾ خادم حسين شاهه ڊائريڪٽر ٽائون هال لائبريري سان ڪچهري ڪري رهيا هئسين ته سنديلي صاحب جن ان ڪچهري ۾ تشريف فرما ٿيا. محفل هلندي رهي، پستن، بادامين، بسڪوٽن ۽ کير پتي چانهن ڪجهه رنگ اهڙا ڏيکاريا جو سنديلي صاحب جن مسڪرائيندي خادم حسين شاهه سان مخاطب ٿيندي فرمايو ته؛ يار تون پي ايڇ ڊي ڪر نه؛ شاهه صاحب وراڻيو ته؛ يار فرصت ڪونهي باقي دل چوي ٿي، ڊاڪٽر صاحب چيس؛ جي دل چوي ٿي ته پوءِ دير ڇاجي. مان ويٺو آهيان، موضوع وغيره، سڀ ڪجهه تنهنجي لاءِ تيار آ بس تون رڳو ها ڪر، ” بس ان سمي بشير احمد مونکي ڏٺو ۽ مون هن ڏانهن مسڪرائيندي ڏٺو.
آسمان بدلتا هي رنگ ڪيسي ڪيسي “
اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ دوست محمد يوسف دونهين دکائي هئي، تنهن جي لاءِ هر وقت تات رهندي هئي ته پنهنجي تعليمي استعداد کي اڳتي وڌائجي. اهڙين امنگن جي پورائي لاءِ سيوا ڪنج ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو وري جسارت ڪندي مون محترم اياز حسين قادري صاحب جو وڃي در کڙڪايو. قادري صاحب جو گهر ۽ اين اي ڊي يونيورسٽي جي هاسٽل هڪ ئي رستي آرام باغ روڊ تي هئا. اياز حسين قادري پنهنجي پر ۾ هڪ فقير طبع ۽ مولائي ماڻهو هو ۽ سنڌي ادب جو هو خود ۽ هن جو خاندان ورهين بلڪه ڏيڍ ٻن صدين کان خدمت گذار رهيو هو. تنهن ڪري منهنجي پسند جي موضوع جي مناسبت سان هو منهنجو صحيح نگران پئي ٿي سگهيو. پنهنجي دل جي مراد کڻي هڪ ڏينهن شام جو اياز حسين قادري صاحب سان گهر ملڻ ويس. سائين جن سان ملاقات ٿي، چانهن پاڻي کان پوءِ جڏهن هن حال احوال ورتو ته مون پنهنجو مدو بيان ڪيو ته مان ڪراچي يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪرڻ گهران ٿو، جي اوهان قرب ڪندا ته مان يقينن پنهنجي دلي مقصد ۾ ڪامياب ٿيندس. جواب ۾ قادري صاحب فرمايو ته؛ ”در اصل ڳالهه هي آهي ته مون پنهنجي ٿيسز ڪراچي يونيورسٽي ۾ جمع ڪرائي آهي. مون کي ڊگري ايوارڊ ٿي ته مان توکي پي ايڇ ڊي ضرور ڪرائيندس.“ هن کان اڳ مان لکي آيو آهيان ته سيوا ڪنج آرام باغ جي علائقي کي خير آباد چئي مان فيڊرل بي ايريا شفٽ ٿي ويو هوس.
لاڙڪاڻي جي لاهور محلي ۾ اسان جنهن فيملي جي ملڪيتي گهر۾ رهندا هئاسين، انهن جو اولاد فيڊرل بي ايريا، انچولي سوسائٽي ۾ رهائش پذير هو ۽ انهن سان ميل ملاقات لاءِ وقت ڪڍي مان اڪثر موڪل واري ڏينهن انچولي سوسائٽي ايندو رهندو هوس. انهن مان مسٽر ظهيرالدين صديقي جيڪو منهنجي هاسٽل جي ڀرسان ڪي ڊي اي آفيس ۾ اڪائونٽ سيڪشن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندو هو، تنهن سان منهنجي دوستي هئي، جڏهن هن کي خبر پئي ته آءُ سيوا ڪنج ڪاليج هاسٽل ڇڏڻ وارو آهيان ته هن دوست مون کي پنهنجي گهر ۾ رهڻ جي آڇ ڪئي. مون به ان آفر کي بهتر ڄاڻندي هن جي گهر اچي رهيس. ظهيرالدين جي فيملي سان اسان جا تعلقات لاڙڪاڻي کان هئا. تنهن ڪري مون کي هنن وٽ رهڻ دوران هرطرح جو آرام ميسر هو.
جيتوڻيڪ هن علائقي کان لياري ڪاليج پري هو مگر زندگي گذارڻ ۽ ان کي ٺاهڻ لاءِ گهر ضروري هوندو آهي ۽ هاسٽلون ته هڪ عارضي ٽڪاڻو هونديون آهن. گورنمينٽ ڊگري ليارسائنس ڪاليج جي نئين بلڊنگ ڪلاڪوٽ علائقي جي ڀرسان پراڻي حاجي ڪيمپ ۾ ٺهي تيار ٿي هئي ۽ ڪاليج جي خوبصورت عمارت جو ڏيک هڪ يونيورسٽي جهڙو لڳندو هو، پر ڇاڪاڻ ته ڪلاڪوٽ جو علائقو منشيات فروش، بشني گيري ۽ غنڊاگردي جي ڪري تمام گهڻو بدنام هوندو هو. تنهن ڪري هن ڪاليج جي شروع ۾ جيڪي داخلائون ٿيڻ لڳيون اهي سي گريڊ، ڊي گريڊ، اي گريڊ جون هونديون هيون. ان کانسواءِ جيڪي شاگرد ڪاليج ۾ داخلا لاءِ اپلاءِ ڪندا هئا تن جو تعلق، ڪلاڪوٽ، چاڪيواڙي، ڪنڀار پاڙي، ٻڪرا پڙي، بهار ڪالوني، نوان آباد، بغدادي، ڌوٻي گهاٽ ۽ پاڪستان ڪوارٽر وغيره سان هوندو هو، مگر جڏهن ڪراچي جي معروف ڪاليجن جي استادن جي هڪ مستعد ٽيم جي محنت رنگ لاتو ۽ ڪاليج جا نتائج بهتر کان بهتر ٿيڻ لڳا، تڏهن سيد غلام مصطفي شاهه جهڙن تعليم دانن پنهنجا ٻار لياري ڪاليج ۾ داخل ڪرائڻ شروع ڪيا.
فيڊرل بي ايريا ۾ اچڻ بعد سال کن گذرڻ کان پوءِ مون پنهنجي والده ۽ ننڍي ڀاءَ کي ڪراچي گهرائڻ جو سوچيو. ظهيرالدين ڀائي سان منهنجا ڀائرن جهڙا تعلقات هوندا هئا، هو جڏهن به پنهنجي والدين سان ملڻ لاڙڪاڻي ايندو هو ته مان کيس فيملي سميت ماني جي آڇ ڪندو هوس. هن جو ننڍو ڀاءُ به منهنجو دوستن جهِڙو دوست هوندو هو. سندس والد محترم ۽ والده محترمه به مون کي دل وجان سان پسند ڪندا هئا ۽ منهنجي گهر وارن کي پڻ گهڻو چاهيندا هئا. ڇاڪاڻ ته ڪو وقت اسان لاڙڪاڻي لاهوري محلي ۾ هنن سان گڏ گذاريو هو. جڏهن مون پنهنجي فيملي لاءِ مسواڙي گهر وٺڻ جي خواهش مسٽر ظهيرالدين کي ڏيکاري ته هن دوست چيو ته ٻن ٽن ڏينهن ۾ ڪو بندوبست ڪنداسين. ظهير الدين جي اوطاق تي جماعت اسلامي جو رڪن هن جو هم خيال دوست محمد وسيم بخاري ايندو رهندو هو. جنهن سان اڪثر منهنجي به ملاقات ۽ رهاڻيون ٿينديون رهدنيون هيون. ان صاحب کي ظهيرالدين منهنجي لاءِ مسواڙي جاءِ تلاش ڪرڻ لاءِ چيو. ٻن ڏينهن جي انتظار کان پوءِ مسٽر وسيم بخاري ٻڌايو ته منهنجي گهر جي فرسٽ فلور تي ڏيڍ ڪمرو، ڪچن، اٽيچڊ واش، روم ۽ ڪوٺي جي ڇت ۽ اچڻ وڃڻ لاءِ سيپريٽ رستي جي سهولت سان جاءِ خالي پئي آهي جي سومري کي پسند اچي ته ڀلي اچي رهي باقي ڪرايو طئي ڪري وٺنداسين ڪو مسئلو ناهي.

گورنمينٽ ڊگري سائنس ڪاليج لياري پراڻي حاجي ڪيمپ

گورنمينٽ ڊگري سائنس ڪاليج لياري پراڻي حاجي ڪيمپ

گورنمينٽ ڊگري سائنس ڪاليج لياري جنهن جاءِ تي قائم ڪيو ويو هو، اهو علائقو هندوستان پاڪستان جي ورهاست کان اڳ حاجين جي عارضي طور رهڻ جي ڪيمپ هوندي هئي جنهن کي هاڻي پراڻي حاجي ڪئمپ سڏيو ٿي ويو ۽ اسان جي ڪاليج جي عمارت کي پراڻي حاجي ڪيمپ جي ڪمپائونڊ اندر قائم ڪيو ويو. لارينس روڊ کان ڪاليج ۾ داخل ٿيڻ لاءِ عبدالوهاب روڊ تي حاجي ڪئمپ جي مين گيٽ تان داخل ٿيڻو پوندو هو، جڏهن ته لياري ڪاليج جو مين گيٽ ڪلاڪوٽ پاڙي ۾ اسپينسر آئي هاسپيٽل کان ايندڙ رستي تي هئو. حاجي ڪئمپ ڪمپائونڊ ۾ لياري ڪاليج جي پر شڪوه عمارت جي ارد گرد ٻيا به نيم سرڪاري ادارا قائم هئا. جن مان هڪ ڪي ايم سي جو پرائمري اسڪول قائم هو، جنهن ۾ پڻ ڪلاڪوٽ جي ٻارن جي اڪثريت پڙهندي هئي. ٻيو ادارو صحت کاتي جي نگراني ۾ ٽي بي سينيٽوريم قائم هو. ان کان سواءِ حاجي ڪئمپ ۾ حاجين جي رهڻ ٽڪڻ لاءِ بيرڪس ٺهيل هيون. تن سڀني تي ڀارت مان لڏي آيل مهاجرين قبضو ڪري پنهنجي مستقل رهائش قائم ڪئي هئي. ڪن ڪوارٽرس تي پراڻن ڪپڙن جي واپاري پٺاڻن ۽ قبضي مافيا قبضو ڄمائي ڪمپائونڊ جي اندران ٻاهران چانهن ۽ ماني جا هوٽل قائم ڪيا هئا. اهڙن قبضن جي ڪري حاجي ڪئمپ جو نقشو مڪمل طور تبديل ٿي چڪو هو. اهڙي بي ترتيب قبضن جي ڪري لياري ڪاليج جي اسٽاف ۽ شاگردن جو پڻ ڪاليج ڪيمپس ۾ اڄڻ وڄڻ مشڪل ٿي پيو هو. حاجي ڪئمپ جي مين گيٽ سان لڳ عبدالوهاب روڊ تي عمارتي ڪاٺ جي وڏن تاجرن جا گودام ۽ دوڪان هئا. جيڪي جميلا اسٽريٽ جي آخري ڇيڙي گاهه پڙي کان لي مارڪيت نيپيئر ٿاڻي تائين موجود هئا. انهن ٽمبر مارڪيت جي تاجرن جي اڪثريت سومرن جي هوندي هئي . هي اهي حقيقي سومر آهن جيڪي روپا ماڙي ۽ دودي سومري جي ماڳن ۽ مزارن جي حفاظت ڪندا آهن ۽ اتي ورهيارو ميلا ۽ ساليانو عرس وغيره جو انعقاد پڻ ڪندا رهندا آهن.
عبدالوهاب روڊ کان لارينس روڊ ڏانهن ويندڙ روڊ تي پراڻي زماني جا هڪٻئي جي آمهون سامهون ٻه اسڪول هئا، جن مان هڪ اسڪول اردو ميڊيم ۾ تعليم ڏيندو هو ۽ ٻيو مشنري اسڪول سينٽ فرانسز سيڪنڊري اسڪول هو، جنهن ۾ ڪلاڪوٽ، رن ڇوڙ لائين ۽ رام سوامي جا ٻار پڙهندا هئا. ڪلاڪوٽ جي پاسي ڪاليج جي مين گيٽ کان لياري ڪلاڪوٽ پاڙي ڏي هڪ خلاصو رستو ويندو هو، جيڪو اندر لياري ڪورٽرس تائين هليو ويندو هو. جنهن تي مسجدون ، سيڌي جي سامان جا دڪان، چانهن جا هوٽل ۽ نانواين جا تنور ۽ کاڌي پيتي جا هوٽل قائم هئا. لياري ڪاليج ٿيوري ۽ پريڪٽيڪل سوڌو ٽين بجي تائين هلندو هو. تنهن ڪري جن کي ناشتو پاڻي يا منهنجند جي ماني کائڻي هوندي هئي سي انهن هوٽلن تان ماني يا چانهن سموسا بسڪيٽ وغيره گهرائي کائيندا هئا يا هوٽلن تي وڃي کائي پي ايندا هئا. مگر ڪلاڪوٽ جو علائقو گهڻن دوستن جي پسند کان ٻاهر هوندو هو ۽ ڪي دوست هروڀرو ان علائقي ۾ اچڻ تي خوف ۾ مبتلا ٿي ويندا هئا. لياري ڪاليج جي استادن جو هڪ هم خيال جٿو هوندو هو جيڪو لياري جي ماڻهن جي ايثار، محبت ۽ شرافت جو قائل هوندو هو سو بنا ڊپ جي ڪلاڪوٽ جي هوٽلن تي ويهي ماني يا چانهن خانن تي ويهي چانهن نوش ڪرڻ کان ڪين ڪيٻائيندو هو.
مون سان حيدرآباد هير آباد جو هڪ دلبر دوست اسلاميات جو پروفيسر محمد منور بلوچ هوندو هو سو ڪلاڪوٽ وارن بلوچن ۽ مڪرانين سان ايترو رلي ملي ويو هو جو آخر ٻار ٻچا وٺي ڪلاڪوٽ جي اندروني علائقي ۾ رهڻ لڳو. آءُ ته اڳ ئي چاڪيواڙي جي پراڻي علائقي گل محمد لين ۽ حميد لين جي چپي چپي کي لتاڙي چڪو هوس ۽ لياري جي بلوچن، مڪرانين ۽ شيدين جي محبت ۽ سهڻي سڀاءَ جو قائل هوس سو ڪلاڪوٽ وارو ماحول پنهنجو ماحول لڳندو هو. هن علائقي جي باشندن جون ڪي عادتون بدو عربن جهڙيون هونديون هيون. ڪاليج جي مين گيٽ جي سامهون ويندڙ رستي تي هڪ جامع مسجد هئي جنهن جي ڀرسان هڪ نانوائي جو دڪان هو. ان دڪان جي هڪ حصي ۾ تنور تي نان پچندا هئا ۽ هڪ حصي ۾ ٻڪرين جي منڍين جون ديڳيون تيار ٿينديون هيون. ٻارهين هڪ بجي ڌارا پاڙي جا ٻار ۽ عورتون هٿ ۾ دسترخوان وارو ڪپڙو ۽ پاڻ سان ٿالهه يا ڪو وڏو جمن کنيو اچي ان نانائي جي دڪان تان ٻڪري جي منٺين جو تيار ڪيل پائي جهڙي لسيدار لاس ۽ نان ڳنهندا ويندا هئا. هوٽل وارو هڪ کنجي سان رس جهڙو ٻوڙ ڀري ڀري ٿالهن ۽ وڏن پيالن ۾ وجهندو ويندو هو. منهنجو دوست منور بلوچ به چانگ ٻروچ هو سو ان تي ڪلاڪوٽ جو رنگ جلدي چڙهي ويو هو. بک جو به گهڻو ڪاهلو هوندو هو. بس جيئن منجهند جو هڪ لڳندو هو ته چوندو هو سومرا هل ته نان وري ڪري اچون. طبيعت جو مٺو، ڳالهائڻ جو سريلو ۽ ڪمال درجي جو محبتي انسان هو. سندس نانوائي سان سٺي عليڪ سليڪ ٿي وئي هئي.
نانوائي جي سامهون سڙڪ جي ٻئي پاسي مٽن ڪڙهائي جوهوٽل هو. جنهن وٽ اسان ڪالج جا ماڻهو اڪثر مانجهاندو ڪندا هئاسي. سو ان هوٽل تي ويهي منور چانگ نان ۽ منڍي واري کي آرڊر ڏئي چوندو هو ته سامهون هوٽل ۾ آرڊر ڊليور ڪج. نانوائي جي گرم نانن جي خوشبو ماڻهو جي بک ۾ اضافو ڪري ڇڏيندي هئي. ٿالهه ۾ آيل منڍي جي سريت جهڙي شوربي مٿان ڪٽيل سرهجيري، دار چيني، ڪمنال پٽ، ڪاري مرچ، جانفل ۽ جاويتري جي آميزش سان تيار ڪيل مصالحي جي چپٽي ته اڳ ۾ گارنش طورٻرڪيل هوندي هئي، مگر منور چانگ جي فرمائش موجب نانوائي وٽي ۾ آرڊر سان گڏ مصالحو موڪليندو هو. ٻوڙ جي ٿالهه ۾ هڏيون صاف ڪيل گوشت هوندو هو، جيڪو سئو سيڪڙو ڪوليسٽرول هوندو هو. جڏهن ان۾ ٽڪرا ٽڪرا ڪري گرم نان جا وجهندا هئا سي تڌهن بک اچي لڪي کڻندي هئي. منهنجي خيال ۾ عربن وٽ جيڪو کاڌو سريت طور مرغوب و مشهور ڊش آهي ان سان هن لذيذ ترين ڊش جو ڪو نه ڪو لاڳاپو ۽ ميل تال ضرور هوندو.

لي مارڪيٽ جي لسي مٽن چاپ ۽ بار بي ڪيو

لي مارڪيٽ جي لسي مٽن چاپ ۽ بار بي ڪيو

لي مارڪيٽ جي لسي، مٽن چاپ ۽ نيپيئر روڊ نگار سئنيما جون مرغ باربي ڪيو مرغ رانون. ڏاڍيون لذيذ هونديون هيون لياري ڊگري سائنس ڪاليج جي مڙني سرگرمين جي سلسلي ۾ پرنسپل محمد يوسف کوکڙا مون کي ۽ منور چانگ کي اهم اسائنٽمينٽ ڏيندو رهندو هو. آءُ ڪيترن ئي شعبن جو انچارج هوندو هوس. اين سي سي، اسپورٽس، اسٽوڊنٽس ريڪري ايشن، بورڊ جي امتحانن جو انعقاد، داخلا پاليسين مطابق ڪاليج جي داخلا جو ڪم مطلب ته ڪاليج جي اڪثر ڪمن ۾ اسان جو گروپ مصروف عمل رهندو هو. منور چانگ ۽ منهنجا روازانو رڳو ٻه ٻه پيرڊ هوندا هئا. تنهن ڪري سائنس جي ٻين استادن جي مقابلي ۾ اسان کي واندڪائي گهڻي هوندي هئي . علاوه ازين اسان جي سبجيڪٽس ۾ پريڪٽيڪل وغيره جو معاملو به نه هوندو هو. تنهن ڪري زائد نصابي سرگرمين جو سمورو بار اسان ٻن جي مٿن تي هوندو هو. منور چانگ انگريزي ڊرافٽنگ ۽ ٽائيپنگ ۾ خاص مهارت رکندو هو تنهن ڪري اسان جي جوڙ ۽ سنگت ۾ پرنسپل آفيس کي گهڻيون سهنجايون ميسر هيون.پرنسپل کوکڙا صاحب به اسان جي ڪمن مان گهڻو راضي هوندو هو. امتحان ٿيندا هئا ته ڪراچي بورڊ کان امتحاني ڪمن ۽ ڪاٻاري وغيره لاءِ جيڪي فنڊس ملندا هئا سي پرنسپل صاحب اسان جي حوالي ڪندو هو. ڪاليج ۾ صبح شام ٻئي شفٽون امتحان ٿيندا هئا تنهن ڪري منور چانگ ۽ مان شام جو مغرب تائين مسلسل گڏ هوندا هئاسين. منجهند جي ماني ته گڏ کائيندا هئاسين مگر جيستائين شام جو بورڊ جو عملو جوابي ڪاپيون کڻي نه ويندو هو، تيستائين اسان کي آفيس ۾ ترسڻو پوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن اوندهه ٿي ويندي هئي. گهر وڃڻ لاءِ اسان ٻنهي کي لي مارڪيٽ اڄڻو پوندو هو.اتان بس تي سوار ٿي پير ڪالوني روانو ٿيندو هو ۽ آئون فيڊرل بي ايريا. جڏهن لي مارڪيٽ ايندا هئاسين ته اسين پنهنجو تن من تازو ڪرڻ لاءِ کايا پيا ڪري پوءِ گهر ڏي منهن ڪندا هئاسين. لي مارڪيٽ ۾ منور چانگ جو چانهن پيئڻ جوهڪ خاص هوٽل هوندو هو. جنهن تي ملائي واري چانهن ملندي هئي. ان هوٽل تي وڃڻ لاءِ لي مارڪيٽ جي اندران گذري ٽينري روڊ تي هندن جي قديم خوبصورت فليٽن ۾ هڪ پٺاڻ وٽ اچڻو پوندو هو اهو پٺاڻ اهڙي ته لاجواب چانهن ٺاهيندو هو جو ماڻهو هڪ دفعو پيئي ته بس پوءِ ان هوٽل جي وري پچر نه ڇڏي. ڪاليج ڇڏڻ کان پوءِ جڏهن هرسال رمضان جي روزن ڇوڙڻ لاءِ آءُ لي مارڪيٽ کجور بازار مان کارڪون وٺڻ ايندو هوس ته ان پٺاڻ جي چانهن جون چسڪيون ضرور وٺڻ ويندو هوس.
منور چانگ ۽ مان شام جو پيپر جمع ڪرائڻ بعد لي مارڪيٽ ايندا هئاسين ته لي مارڪيٽ ٽاور جي اتر طرف فليٽن جي هيٺان دڪانن ۾ هڪ کاڌي پيتي جي هوٽل تي ايندا هئاسين. ان هوٽل جي بصرن۽ پٽاٽن ۾ تيار ٿيندڙ مٽن چانپ جيڪا مون کي بي حد پسند هئي، کائيندا هئاسين. در اصل کائڻ پيئڻ جا اسان ٻئي شوقين هوندا هئاسين ۽ امتحانن جي سيزن ۾ هوٽلن جون مانيون کائي کائي پنهنجو وزن وڌائي ڇڏيندا هئاسين. نيپيئر روڊ تي کتري ڪمپائونڊ جي سامهون نگار سئنيما هوندي هئي، جنهن ۾ پراڻي زماني ۾ گونگن فلمن کان به اڳ پرشن ٿيتريڪل ڪمپني جي پاران جميلان ٿيٽر جي مقابلي ۾ اسٽيج ناٽڪ رچايا ويندا هئا. جڏهن فلم ترقي ڪئي ۽ ٽاڪيز فلمون ڀرجڻ لڳيون ته هن سئنيما ۾ به ٽاڪيز فلمن جا شو شروع ٿيا. اسان جنهن زماني ۾ هن کي ڏٺو ته سئينما پنهنجي ٻاهرين سموري خوبصورتي وڃائي چڪي هئي، ان ۾ رڳو پاڪستاني فلمون هلنديون هيون. جن جون ڪهاڻيون، بشيرا، ات خدا دا وير، گنڊاسا ۽ کڙاڪ قسم جي فلمن جهڙيون لڳنديون هيون، جن فلمن کي ڏسڻ دل نه ڪندي هئي. فلم ته ڇا پر انهن جا پوسٽر ڏسڻ به دل گوارا نه ڪندي هئي. نگار سئنيما جي سامهون هڪ بار بي ڪيو جو هوٽل هوندو هو، جنهن جي اسپيشلٽي مرغ جون رانون ۽ سينو باربي ڪيو مشهور هوندو هو. منور چانگ ساڻ هوندو هو ته ڄڻ رزق آسمان تان ڪرندو هو. سئنيما جي ڀر ۾ ڪراچي جي سڀ کان وڏي پان منڊي هوندي هئي، جنهن مان منور پنهنجي گهر لاءِ چونو، ڪٿو پان ۽ چاليها ضرور وٺندو هو. تنهن ڪري پهرين خريداري جا اوکا پاکا لاهي پوءِ وڃي بار بي ڪيو تناول ڪرڻ ويهندا هئاسين. باربي ڪيو کائڻ کان پوءِ ان جي گرمي گهٽائڻ لاءِ لي مارڪيٽ جي کير بازار وارن دڪانن ۾ ايندا هئاسين ۽ اتان لي مارڪيٽ جي مشهور لسي پي گهر اڏار ڪندا هئاسين.

سليم سينڊو

سليم سينڊو

لياري گورنمنٽ ڊگري سائنس ڪاليج جي مين گيٽ کان تقريبن سو ميٽر جي مفاصلي تي بلوچ هوٽل هوندو هو جنهن جي گهٽي ۾ هميشه هر وقت چار پنج ٻڪريون ٻڌيون بيٺيون هونديون هيون. ڪلا ڪوٽ جي هن هوٽل جو بورچي ئي هوٽل جو مالڪ ۽ مئنيجر هوندو هو ۽ سندس هٿ جو تيار ڪيل مٽن اسٽو کائڻ لاءِ پري پري کان ماڻهون ڪهي ايندا هئا. لياري ڪاليج جي هم خيال پروفيسرن واري جٿي مان ڪيمسٽري جو پروفيسر محمد اسماعيل بروهي فزڪس جو پروفيسر محمد حيات ڪولاچي، انگلش جو پروفيسر عبدالله جاويد، منور بلوچ، امداد سولنگي ۽ مان مانجهاندو ڪرڻ لاءِ هڪ ڏينهن بلوچ هوٽل تي مٽن اسٽوکائڻ لاءِ وياسين. ان وقت هوٽل جو ڪاسائي هوٽل جي ڀر واري گهٽي ۾ بيٺل ٻڪرين مان هڪ ٻڪري کي ذبح ڪري ان کي گرل ۾ ٽنگي ان جي کل لاهيندي منور بلوچ سان مخاطب ٿيندي اسٽو جو آرڊر ورتو. تنهن بعد هن ٻڪڙي جون رانون ۽ دستيون آڻي اڏي ڀرسان رکيون ۽ اڏ تي اڳ ۾ رکيل ٻڪري جي ران، دستي ۽ ڇاپن کي ٺاهي ڪٽي ڏوئي وڏي ٻاٽلي ۾ وڌو ۽ هڪ ٻئي ٻاٽلي ۾ گهه ۽ بصرن جو وڍيل ٿالهه وجهي کڻي باهه تي رکيو. جڏهن گهه مناسب گرمائش تي پهتو هن تارازي سان توريل گوشت ٻاٽلي ۾ رکي ان ۾ مرچ مصالحا وجهي هڪ ڀڃڻي ڏيندي، ٻاٽلي کي ڍڪيندي اسان سان مخاطب ٿيندي چيو؛ سر جي بس باقي بيس منٽ. بلوچ هوٽل جي ماني توڙي نان سامهون واري تندور تان سپلاءِ ٿيندا هئا. هن هوٽل تي رڳو ڪمال درجي جو مٽن اسٽو تيار ٿيندو هو ۽ اهو سڄي ڪلا ڪوٽ ۽ لياري ۾ مشهور هوندو هو. مون پنهنجي زندگي ۾ لاڙڪاڻي جي هوٽل المدينه ۽ ان بلوچ هوٽل جهڙو لذيز اسٽو وري ٻئي ڪنهن هنڌ نه کاڌو.
سليم سينڊو ڪلاڪوٽ جو دادا، باڊي بلڊر ۽ پهلوان هوندو هو، هن جو گهر بلوچ هوٽل جي سامهون جامع مسجد واري گهٽي ۾ هوندو هو. ڪلاڪوٽ جا جيڪي نوجوان باڊي بلڊنگ ۽ فٽنيس جا شوقين هوندا هئا سي سڀ شام جو سليم سينڊي جي ڪلب ۾ مختلف قسم جون ايڪسر سائز ڪندا هئا. سليم دادا اڪثر گهٽ ڳالهائيندو هو. سندس وات ۾ هر وقت پان جو ٻيڙو پيو هوندو هو ۽ هو جڏهن به کلندو هو ته سندس چهري تي هڪ عجيب ڀوائتي مسڪراٽ هوندي هئي ۽ گفتگو ڪرڻ وقت هو اڪثر پنهنجيون ٽنگون ٽيڙي بيهندو هو. سليم دادا جو نيم هوندو هو ته صبح جو ڪاليج جي مين گيٽ مان لنگهي ڪاليج جي فٽ بال گرائونڊ وٽ اچي ڪاليج جي ماحول جو جائزو وٺندو هو. تنهن کان پوءِ هٿ جي ترين تي ڪجهه رکي ان کي ٻنهي ترين سان مهٽي ڇنڊي ڦوڪي پنهنجي وات ۾ داخل ڪندي ٽي بي سينيٽريم واري پاسي هليو ويندو هو. ڪاليج جي هيٺين اسٽاف جن ۾ گهڻائي شيدي بلوچ مڪرانين جي هئي تن سان هو عليڪ سليڪ ۾ رهندو هو. هن جي اها خوبي هوندي هئي ته هو سڀني جي عزت ڪندو هو مگر ڪو وقت اهڙو آيو جو هو ڪاليج جي داخلائن ۽ امتحانن جي سيزنس ۾ پنهنجون دخل اندازيون وڌائيندي ڪاليج اسٽاف کي تنگ ڪرڻ لڳو هو. ڪاليج ۾ جڏهن نيون داخلائون شروع ٿينديون هيون ته هو پنهنجي هٿ ۾ سي ڊي ۽ اي گريڊ جي بلوچ شاگردن جا داخلا فارم کڻي اچي ڪاليج ۾ بيهندو هو. ان وقت ڪاليجن ۾ شاگردن جون داخلائون ڊائريڪٽوريٽ ايجوڪيشن جي ڏنل پاليسين جي موجب ٿينديون هيون. تمام داخلائن جون گريڊ بنديون ۽ انهن جون فهرستون ڪاليج جي پرنسپل جي مقرر ڪيل داخلا ڪميٽي تيار ڪندي هئي. پوءِ به خبر ناهي ته سليم دادا ڪهڙا ذرائع استعمال ڪري ٻٽي داخلائون ڪرائي وٺندو هو. باوجود ڪاليج انتظاميا جي منع ڪرڻ جي هن جون اهڙيون سرگرميون جاري رهنديون هيون. ڪاليج جا ساليانا امتحان جاري هئا. ڪاليج جي هر سيزن ۾ منور چانگ ۽ مون کيس نرمي ۽ محبت سان سمجهايو ته خدارا ڪاليج ۾ اچي اهڙي قسم جا ڪم نه ڪر. پر همراهه مڙڻ بدران پنهنجي سرگرمين کي جاري رکيو. هڪ ڏينهن ته حد ڪري ڇڏيائين جو ڪاليج جي ڪاريڊور ۾ پرنسپل آفيس اڳيان اسٽاف جي ماڻهن سان دفنگو فساد ڪري ڏنائين. پروفيسر حيات بلوچ، امداد سولنگي، منور چانگ ۽ مان فورن جاءِ واردات تي پهچي وياسين. مون هن کي ساڄي پاسي بيهي سندس ڪلهي کي لوڏيو مگر محسوس ڪيم ته هو نه چري نه پري بلڪه صفا پٿر لڳو پيو هو. مون کيس سمجهائڻ بدران هن جي گگهي ڀائي بلوچن جي پاسي ۾ وڃي ويٺس. جن هن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي مگر پوءِ به هو بڙ بڙ ڪندو ڪاليج کان ٻاهر هليو ويو.
هڪ ڏينهن سليم دادا حد ڪري ڇڏي. موڪل کان پوءِ پروفيسر عبدالله جاويد، منور چانگ، ميٿميٽڪ جو پروفيسر منسوب علي خان ۽ مان ٽي بي سينيٽوريم کان ٽپي جڏهن پراڻي ڪپڙي جي گودامن وٽ پهتاسين ته سليم دادا اسان جي پويان اچي پنهنجي مخصوص انداز سان اسان کي بيهڻ جو اشارو ڪيو. اسان هن جي چوڌاري حلقو لڳائي بيهي رهياسين. هو پنهنجي چپن تي ڀوائتي مسڪراهٽ آڻيندي ڌمڪي آميز لهجي ۾ عبدالله جاويد کي چوڻ لڳو استاد تنهنجي عمر ته پوري ٿي چڪي آهي تون ته بونس ۾ پيو هلين منهنجي معاملي ۾ روڙا اٽڪائڻ ڇڏي ڏي ورنه توهان جو هتان لنگهڻ مشڪل ڪري ڇڏيندس. مون کيس همت ڪري چيو. سليم ڏس تنهنجي ۽ اسان جي ڪا پاڻ ۾ ذاتي دشمني ڪانهي. معاملو لياري جي شاگردن جو آهي اسان سڀ چاهيون ٿا ته هتان جا ٻار سٺي تعليم حاصل ڪن تنهن ڪري تون اسان جي سامهون ڇو ٿو اچين. مون کي چوڻ لڳو مگر هتي منهنجي روزي روٽي جو مسئلو آهي. عبدالله جاويد چيس روزي روٽي ته سڀ کي رب ڏيڻ وارو آهي. تنهن تي چوڻ لڳو الله بادشاهه آهي. اسان به کيس وراڻيو ته الله بادشاهه آهي. چڱو پنهنجو خيال رکجو ائين چئي تڪڙيون تڪڙيون ٻرانگهون ڀريندي اڳتي وڌي ويو. هڪ ڀيري ڇا ڪيائين جو امتحانن جي ڏهاڙن ۾ ڪاليج جي فٽ بال گرائونڊ ۾ کٽ وجهي ان تي پلٿي هڻي ويهي رهيو ۽ ڪاليج ۾ امتحان لاءِ ايندڙ شاگردن کان اينٽري مني آڳاڙڻ لڳو. ڪيترن اميدوارن امتحان انتظاميا اڳيان اچي دانهيو ته ڪاليج گرائونڊ ۾ کٽ تي ويٺل پهلوان اسان کان سليم ٽيڪس نالي پنج رپيا في اميدوار پيو اڳاڙي. جڏهن اها ڳالهه پرنسپل محمد يوسف کوکڙا تائين پهتي ته هن علائقي جي ڊپٽي ڪمشنر محمد اسلم سنجراڻي کي فون ڪئي. مسٽر اسلم سنجراڻي کي مون به سليم بلوچ جي حرڪتن ۽ ڌمڪين بابت چڱي طرح بريف ڪيو. هن صاحب معاملي جي سنگيني کي ڏسندي هڪدم ايس پي جي چارج هيٺ ريپڊ پوليس فورس موڪلي ڏنو. جنهن ويهن پنجويهن منٽن اندر سليم سينڊي جي حوارين ۽ سليم سينڊي کي منجي سوڌو غائب ڪري ڇڏيو. سال اڌ کان پوءِ بلوچ هوٽل جي ڀرسان جامع مسجد جي دروازي تي سليم دادا تي منهنجي نظر پئي ته منهنجي حيرانگي جي حد نه رهي. همراهه ارڪان دعوت اسلامي جي شيپ ۾ هو. کيس هيٺ تي اڇي شلوار تن تي ڊگهو اڇو ڪڙتو مٿي تي اڇي ٽوپي ۽ ڳچي ۾ چيڪ وارو رومال ويڙهيل هئو ۽ مزي جي ڳالهه ته هن منور بلوچ ۽ مون ڏانهن ڏسندي مسڪرايو. مگر شان قدرت ته هن ڀيري سندس مسڪراهٽ ۾ ڪنهن قسم جي ڪرڀ يا ڪراهت ڪا نه هئي.

ظهيرالدين صديقي

ظهيرالدين صديقي

هڪ ڏينهن ظهير الدين صديقي سان گڏجي مان انچولي سوسائٽي جي بلاڪ سترهين ۾ محمد وسيم بخاري جو خالي پيل فرسٽ فلور ڏسڻ ويس. اهو گهر مون کي ڏاڍو وڻيو هو. ڇاڪاڻ جو ان ۾ رهائش جون مڙئي سهولتون موجود هيون. منهنجي لاءِ وڏي سهولت ڪوٺي جي ڇت هئي جيڪا اسان جي لاءِ وڏي ڪارآمد هئي. ڇاڪاڻ جو مون وٽ ڳوٺ کان عزيز اقارب ۽ دوست احباب ايندا رهندا هئا. تنهن ڪري مهمانداري جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ اها جاءِ ان وقت منهنجي لاءِ بهترين هئي. بس الله تو آهار ڪري مون ان جاءِ کي حاصل ڪيو. منهنجي ماءُ ۽ منهنجو ڀاءُ لاڙڪاڻي ۽ سکر کان ٻاهر ڪڏهن نڪتا نه هئا. جڏهن منهنجي آڇ تي هو پهريون ڀيرو منهنجي گهر مهمان ٿي اچي رهيا هئا تڏهن منهنجي لاءِ خوشي جي انتها نه هئي. (جڏهن آئون هي سٽون تحرير ڪري رهيو آهيان تڏهن ماءُ جي جدائي جو هڪ اهڙو احاس پيو جاڳي جنهن کي مڪمل طور مان بيان ڪرڻ کان پاڻ کي قاصر سمجهان ٿو. جنهن فڪر ۽ لفظن کي مان گهٽ مڃيندو آهيان ته ياد ماضي عذاب هئي يارو، هنن لائينن کي لکڻ وقت شاعر جي فڪر سان متفق ٿيڻو پوي ٿو.... ڪاڏي ويون مائون، زمينن جي تهن ۾ هليون ويون اهي هستيون يا آسمانن جي وسعتن ۾ غائب ٿي ويون. ڪاش هاڻي اسان انهن کي پنهنجو مهمان ڪري سگهئون.) پنهنجي پيارن لاءِ مون گهر ۾ ضرورت جون گهربل سڀ شيون آڻي رکيون هيون. مون هڪ جاءِ تي ذڪر ڪيو هو ته پنهنجي سر مان سخت پريڪٽيڪل تقريبن ڊاڪٽر زواگي جهڙي ڪردار جهڙو ماڻهو رهيو آهيان ڇاڪاڻ ته رڳو ڊاڪٽر زواگي جهڙا رويا ۽ سڀاءَ رکندڙ انسان پنهنجي زندگي کي پنهنجي قريب تر ڪري سگهي ٿو. بهرحال لٽا ڪپڙا، هنڌ بسترا ۽ واش روم لاءِ ٽوال صابڻ شيمپو ڪلينسر. لٽن ڪپڙن سڪائڻ لاءِ رسيون الگنيون اڳيئي وٺي گهر ۾ رکيون هيون. بورچي خاني کي مڪمل طور سينگاري سنواري ڇڏيو هو. آئون جڏهن مل ۾ مزدور هوس تڏهن ئي پاڻي پيئڻ لاءِ آئون چائنا جا شيشي جا گلاس استعمال ڪندو هوس ۽ ڪافي ۽ چانهه جنهن جو ننڍي هوندي کان شوقين هوندو هوس تنهن جي لاءِ فرانسيسي، جاپاني ۽ ميڊ ان انگلينڊ برانڊيڊ ڪراڪري استعمال ڪندو هوس. سو پنهنجي پسند جي ڪچن ڪراڪري جوڙيا بازار مان خريد ڪري آيس. ڇاڪاڻ ته صدر بوهري بازار کان ڪراڪري جي لحاظ کان اها بازار وڌيڪ بهتر لڳندي هئي.
1974ع وارين گرمي جي موسم ۾ شام جو سج لٿي مهل منهنجي والده منهنجي ننڍي ڀاءُ سان گڏ واٽر پمپ بس اسٽاپ تي اچڻ وارا هئا. مان کين وٺڻ لاءِ اڳواٽ ئي بس اسٽاپ تي پهچي ويو هوس. جڏهن منهنجي والده اوندهه جي وڳڙي ۾ واٽر پمپ جي چوراهي تي هر طرف کان موٽر ۽ ڪارن کي ايندي ويندي ڏٺو ته مون کان سوال ڪيائين ته هي موٽر ڪاريون اتي ڦرن ڇو ٿيون. مون کيس وراڻيو ته امان اهي ڦرن ڪو نه ٿيون پر اچن ۽ وڃن ٿيون. چيائين الائي مون سمجهو ته ڪو موت جو گولو آ، مون رات جي ماني جو بندوبست ڪري رکيو هو. جهٽ پلڪ ساهه پٽڻ کان پوءِ دسترخوان لڳايوسين. محمد وسيم بخاري مالڪ مڪان جي گهران آڌر ڀاء طور ماني ٽڪي موڪلي وئي هئي سا اڄ رات مون پنهنجن پيارن سان گڏجي کاڌي. ڀاءُ ۽ والده جي اچڻ سان منهنجي زندگي جي معمولات ۾ ڪو خاص فرق ڪو نه آيو. البته ان کان روز مرهه جي زندگي ۾ جيڪا ڇڙواڳي هئي تنهن ۾ ٿوري روڪ ٽوڪ ٿي ۽ مون به گهر کي چڱو وقت ڏيڻ شروع ڪيو. گهر ۾ والده ۽ ڀاءُ جي اچڻ ڪري جيڪي سهنجايون ۽ سهولتون پيدا ٿيون تن جو لطف ۽ مزو وٺڻ لڳس. ڪراچي جي هن نئين زندگي ۾ پنهنجي والده جي هٿن جي پڪل ٻوڙ ۽ ماني جون لذتون اڳي کان اڳريون محسوس ٿيڻ لڳيون. ماءُ جي هٿن جي ٻوڙ ماني واريون مذيداريون ۽ لذتون ته هاڻي به وسرن نٿيون.
گورنمنٽ لياري ڊگري سائنس ڪاليج جي نئين عمارت ۾ اچڻ کان پوءِ هتان جي ماحول ۾ ڪافي ڪجهه تبديليون رونما ٿيڻ لڳيون. ڀٽي صاحب جو دور هو پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ سان خصوصن لياري وارن سان گهڻو مخلص هئي. هن دور ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ پنجن ساليانن انڪريمنٽ جو اضافو ڪيو. جنهن سان سرڪاري ملازمن جي زندگي ۾ خوشي جي هڪ لهر ڊوڙي وئي هئي. ان سان گڏ لياري ڪاليج کي شهر جو بهترين تعليمي ادارو بڻائڻ لاءِ هر قسم جي سهولتن سان مزين ڪيو ويو ۽ ان سان گڏوگڏ ان جي ٽيچنگ اسٽاف ۾ اضافو ڪندي سنڌ جي بهترين ڪاليجن مان سينيئر استادن کي بدلي ڪري لياري ڪاليج ۾ رکيو ويو. پروفيسر عبدالرئوف سمي کي ناظم آباد ڪاليج بدلي ڪيو ويو ۽ حيدرآباد ريجن مان پروفيسر عبدالستار کي لياري ڪاليج ۾ بطور پرنسپل مقرر ڪيو ويو. هاڻي ڪاليج ۾ شاگردن جي اسٽرينٿ به ٽيڻي چوڻي ٿي چڪي هئي ۽ انهن ڏينهن انگريزي جي سينيئر پروفيسر ۽ اردو جي بهترين ترقي پسند شاعر عبدالله جاويد کي سانگهڙ مان بدلي ڪري لياري ڪاليج ۾ آندو ويو ۽ ان سان گڏ اسٽاف ۾ اضافو ڪندي باٽني، زولاجي، ڪيمسٽري، فزڪس ميٿميٽڪ، اسلاميات ۽ اردو جي مضامين ۾ حيدرآباد ريجن ۽ ڪراچي ڊي جي ڪاليج مان سينيئر استادن جون بدليون ڪري لياري ڪاليج جي اسٽاف جي پورت ڪئي وئي. انهن تبديلين جي ڪري گورنمنٽ لياري ڊگري سائنس ڪاليج جو پورو جو پورو نقشو تبديل ٿي ويو ۽ لياري ۽ ڪلا ڪوٽ جي هن ڪاليج تي خوشنما اثرات مرتب ٿيڻ لڳا.

انچولي سوسائٽي فيڊريل بي ايريا ڪراچي ۾ رشتي جون ڳالهيون ۽ شادي

انچولي سوسائٽي فيڊريل بي ايريا ڪراچي ۾ رشتي جون ڳالهيون ۽ شادي

انچولي سوسائٽي فيڊرل بي ايريا ۾ رهائش دوران اسان جي زندگي جو نقشو ئي نئون ٿي پيو هو. پنهنجي والده ۽ ننڍي ڀاءُ سان هتي گڏجي رهڻ ۾ جيڪو لطف ۽ جيڪي مزو هو تنهن کي بيان نٿو ڪري سگهجي. انهن ڏينهن لاڙڪاڻي کان منهنجو دل گهريي دوست مولا بخش جي فيڊرل سي ايريا جي گورنمنٽ سراج الدوله ڪاليج ۾ بحيثيت ليڪچرار جي تقرري ٿي. انهن ڏينهن بشير احمد پٺاڻ، محمد يوسف شيخ ۽ مولا بخش ڀٽو هڪ ٻئي جو ايترو ويجهو اچي ويا هئاسين جو اسان کي هڪ ٻئي کان پري رهڻ مشڪل لڳندو هو. هڪ ٻئي جي ياد ۾ جيڪي اڪير ڀريا خط انهن ڏينهن ۾ لکندا هئاسين تن جا بنڊل اڄ به گهر جي الماڙين جي خانن ۾ پيا آهن. مولا بخش جو ڪراچي ۾ ليڪچرار ٿي اچڻ منهنجي لاءِ هڪ وڏو آٿت هو. مون سندس آجيان ڪندي کيس پنهنجي گهر وٺي آيس ۽ هو اسان جي گهر ۾ ايستائين رهيو جيستائين هن جي رهڻ جو بندوبست ڪنهن ٻئي هنڌ ٿيو. مولا بخش ڀٽو جي عادت هوندي هئي ته هر هڪ ڪم ۾ اسان دوستن تي ڀاڙيندو هو. جيتوڻيڪ ڪراچي ناظم آباد ۾ سندس سالو علي محمد ڀٽو ڪنهن زماني کان مقيم هو تنهن هوندي به جيئن ئي هن کي ليڪچررشپ جو آرڊر مليو تيئن ئي مون وٽ هليو آيو. ٻئي ڏينهن صبح جو ٺهي سنڀري نيرن پاڻي ڪرائي دوست کي سراج الدوله ڪاليج ۾ ڊيوٽي جوائن ڪرائڻ لاءِ وٺي ويس.
اسان ٻئي دوست شهري گهماگهمي، وٺ پڪڙ ۽ جهميلين کان ٻاهر رهڻ ۾ عافيت ۽ قرار محسوس ڪندا هئاسين. اها عادت اسان ۾ لاڙڪاڻي کان ئي هئي. انچولي سوسائٽي محلي ۾ ان وقت زندگي جون وڏيون رونقون هيون. وک وک تي کاڌي پيتي جا دڪان، اسپتال ڪلينڪس ميڊيڪل اسٽور، بيڪريون سويٽ مارٽس، ڇولن ڏهي ڀلن جا ٺيلا بٺيلا. بار بي ڪيو ۽ چانهه کير جا هوٽل موجود هئا مطلب ته هن علائقي ۾ زندگي جون وڏيون مصروفيتون ۽ وڏيون هماهميون هيون جن کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ اسان ٻئي شام جو فيڊر بي ايريا بلاڪ 22 جي ڀرسان پل جي ٻئي پاسي سهراب ڳوٺ ڏانهن نڪري ويندا هئاسين جتي ان وقت خالي پٽ ۽ ميدان پيا هوندا هئا. ان وقت سهراب ڳوٺ به سنڌي ۽ بلوچن جي هڪ ننڍي وستي هوندي هئي جنهن جي چوڌاري نم ۽ گدامڙي جا گهاٽا وڻ بيٺا هوندا هئا. مولا بخش ۽ مان پل جي پار ميدانن جي کليل فضا ۾ ساهه کڻڻ جو مزو وٺي ڪلاڪ اڌ گهمي ڦري روح تازو ڪري گهر موٽندا هئاسين. خبر ناهي ته ڪهڙن سببن ڪري مولا بخش جي بدلي سراج الدوله ڪاليج کان جامعيه مليه ڪاليج ملير ۾ ٿي. ان زماني ۾ جامعيه مليه ڪاليج باقاعدي هڪ يونيورسٽي لڳندو هو. منجهس ڪيترا بلاڪ ۽ ڊپارٽمينٽ هوندا هئا ان کان سواءِ هن جي ڪمپائونڊ ۾ هڪ ايجوڪيشنل ڪاليج ۽ هڪ ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ به موجود هوندو هو. ڪراچي کان ٻاهران آيل شاگردن لاءِ جامعيه مليه ڪاليج ۾ هڪ ڪشادي هاسٽل به هوندي هئي. تنهنڪري مولا بخش هاسٽل جي سهولت جو فائدو وٺندي اسان وٽان شفٽ ڪري جامعيه مليه ملير ڪاليج ۾ رهڻ لڳو.
انچولي سوسائٽي ۾ اسان جا گهرو تعلقات ظهير الدين صديقي جي فيملي سان هيا جيڪي لاڙڪاڻي کان ئي قائم هئا. تنهن ڪري هتي هڪ ٻئي جي ڀرسان رهڻ ڪري اهي تعلقات اڃا وڌيڪ گهاٽا ٿيندا ويا. هر پل هر گهڙي هر معاملي ۽ مسئلي ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ رهندو هو. ان زماني ۾ ظهير الدين جا والدين لاهوري محلي مان پنهنجا گهر ۽ ملڪيتون وڪڻي انچولي سوسائٽي ۾ پنهنجي اولاد سان اچي گڏ رهڻ لڳا هئا. انهن جي ڪراچي ۾ اچي رهڻ ڪري منهنجي ماءُ ۽ ڀاءُ کي وڏو سک ۽ آٿت ٿي پيو. ظهير جي والده ۽ ڀينرن جي منهنجي والده سان گهڻي سڪ محبت هئي. هڪ ڀيري لاڙڪاڻي ۾ رهڻ دوران ظهير جي والده منهنجي ڀيڻ ۽ والده کي اشارتن ۽ ڪڏهن صاف لفظن ۾ اظهار ڪيو هو ته مان پنهنجي ننڍي ڌي جي شادي توهان جي پٽ سان ڪرڻ چاهيندم جي ڪڏهن توهان چاهيندا ته.
جڏهن اسان لاهوري محلي کان پنهنجي جوڙيل جاءِ علي گوهر آباد ۾ شفٽ ٿي ويا هئاسين ان وقت ظهير احمد صديقي جي ڀيڻ لاڙڪاڻي گرلس اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪري چڪي هئي. جڏهن ته ڪراچي ۾ اچڻ بعد هن انٽر جو امتحان پاس ڪيو. تن ڏينهن ۾ منهنجي ذاتي دلچسپي پڻ ان رشتي ڪرڻ ۾ هئي. تنهن ڪري وسيم صاحب جيڪو هاڻي منهنجو بزرگ ۽ هم خيال دوست بڻجي چڪو هو تنهن کي مون پنهنجي دل جي ڳالهه ڪئي. هن وراڻيو ته مان ظهير الدين سان ان ڳالهه جو ذڪر ڪندس ۽ ٿيو به ائين هن جڏهن ظهير الدين کي منهنجي رشتي جو پروپوزل پهچايو ته ظهير الدين ڪجهه ڏينهن پنهنجن وڏن سان صلاح مصلحت جي سلسلي لاءِ وقت گهريو. مگر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هنن جي والدين اهو چئي جواب ڏنو ته اسان جي ڪن قريب احبابن هندوستان مان اسان کان ڇوڪري جو رشتو گهريو آهي جن کي اسان ڪنهن به سبب انڪار نٿا ڪري سگهون. اهڙي صورتحال جي پيش نظر ظهير الدين منهنجي بزرگ دوست محمد وسيم کي رشتي جي سلسلي ۾ سهڻي نموني جواب ڏئي ڇڏيو. ٻه ٽي ڏينهن رکي مون کي ظهير الدين چيو ته جڏهن لاڙڪاڻي مان تنهنجي گهر دعوت تي آيو هوس ته تون ان وقت مون سان ڇو نه اهڙي ڳالهه ڪئي هئي. مون وراڻيو ته خير آهي ڪا ڳالهه ناهي رشتن جون ڳالهيون ته آسمانن تي طئي ٿينديون آهن. ڪجهه ڏينهن گذرڻ کان پوءِ ظهير الدين منهنجي گهر آيو. چوڻ لڳو ته جي توکي شادي ڪرڻي آهي ته مان توکي سٺو رشتو ڪرائي ٿو ڏيان. مون پڇيو ڪهڙو چيائين ته اهو توکي پوءِ ٻڌائيندس. ويڪيشن جا ڏينهن هئا ان زماني ويڪيشن گذارڻ لاءِ هر سال اسان لاڙڪاڻي ويندا هئاسين. لاڙڪاڻي ۾ منهنجي وڏي ڀيڻ منهنجي لاءِ رشتا پئي ڏٺا. هڪ رشتي جي ڳالهه هوءَ هلائي به چڪي هئي جيئن اسان لاڙڪاڻي پهتاسين. هن والده کي ان جي باري ۾ ٻڌايو. اهو رشتو آيو هو ڳوٺ ڊکڻن جي سومرن جي گهراڻي مان. ڊکڻن جي سومرن جي عزيزن جا گهر لاڙڪاڻي ۾ بندر روڊ بينڪ اسڪوائر جي ڀرسان هئا. اسان جون ان سلسلي ۾ انهن سان ڳالهيون هليون. هڪ ٻئي ڏي آيا وياسين. ڳالهين ۾ رشتي تي اتفاق ٿيو. ڇوڪريءَ وارن چيو ته ڏاج ۽ حق مهر وغيره جي ڳالهه اسان ڇوڪري سان طئي ڪنداسين. مون کين جوابن چيو مان ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهيان. ڊکڻن کان ڇوڪريءَ جو وڏو ڀاءُ ڪهي لاڙڪاڻي آيو ۽ اسان جي وچ ۾ ڳالهيون هليون. رشتي جي طئي ٿيڻ کان اول ڇوڪريءَ وارن ڪي شرط وڌا ته ڇوڪري وارا ونواهه کان اڳ ٻه ڳوڻيون کنڊ جون موڪليندا. شادي ۾ ڪنوار لاءِ معياري ويهه جوڙا ڪپڙن جا تيار ڪندا. ڪابيني ۾ ڏهن تولن جا ڳهه ڏيندا ۽ ان کان علاوه خصوصي شرط هي هو ته ڇوڪرو جڏهن به ڪنوار کي ڊکڻين وٺي ايندو يا واپس وٺي ويندو ته ٽيڪسي ڪرائي وٺي ويندو. شرائط پنهنجي جاءِ تي معقول هئا يا نه پر انهن شرطن پٺيان جيڪا نيت ڏسڻ ۾ آئي تنهن کي ڏسي اسان پنهنجا پير پٺتي ڪرڻ ۾ عافيت سمجهي. اسان جي پنهنجي گهراڻي ۾ منهنجي پسند مطابق ڪو رشتو ڪو نه هو. ويڪيشن واري سيزن ۾ هڪ ٻن هنڌن تي جي ڪڏهن رشتي جي سلسلي ۾ ڪي رابطا ٿيا به ته انهن ما ڪو کڙتيل نه نڪتو. موڪلون پوريون ٿي ويون ته اسان به ڪراچي واپس هليا وياسين. هر سال جيان.
هن ڀيري به لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي مان گرمين جون موڪلون گذاري اسان خير سان ڪراچي پهچي پنهنجي زندگي جي معمولات ۾ لڳي وياسين. ڪراچي جي مردم خيز شهر ۾ رهندي مون کي پنهنجي ننڍي ڀاءُ اڪبر جو فڪر رهندو هو ته کيس ڪنهن نه ڪنهن ڌنڌي سان لڳائجي. لاڙڪاڻي ۾ رهائش دوران مون غلام اڪبر کي پنهنجي هڪ دوست رئيس احمد وٽ ايئر ڪنڊيشن جو ڪم سکڻ لاءِ دڪان تي رکايو هو. هن اتي ايئر ڪنڊيشن جو چڱو ڪم پرايو هو. موٽر وائينڊنگ ۽ اليڪٽرڪ-سٽي جي ڪم ۾ کيس اڳ ۾ ئي مهارت حاصل هئي تنهن ڪري مون کيس صلاح ڏني ته هو ايئر ڪنڊيشن جي ڪم ۾ اڃا پنهنجيون صلاحيتون وڌائي پرفيڪٽ مڪينڪ ٿي ته جيئن ڪراچي ۾ اسان پنهنجو ڪاروبار ڪري سگهون. هو سخت محنتي ۽ اورچ هو جنهن ڪم ۾ هٿ وجهندو هو ته ان کي توڙ رسائيندو هو. پنهنجي مدد پاڻ جي اصولن مطابق هن وڃي سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽي ۽ پي اي- سي ايڇ ايس سوسائٽي، نرسري مارڪيٽ ۾ ايئر ڪنڊيش جي ماهر پروپرائيٽر استاد فضل احمد کي ڳولهي لڌو ۽ ان وٽ ڪم سکڻ شروع ڪيو. پنجن ڇهن مهينن جي اندر جڏهن هو پنهنجي ڪم ڪرڻ جي لائق ٿيو ته مون کيس پنهنجي گهر ۾ مين انچولي سوسائٽي روڊ تي پنهنجو سمورو سامان وٺي دڪان کولي ڏنو. ماشاءَالله هاڻي هو به ڪمائڻ کي لڳو ويو ۽ اسان جي گهر ۾ ڪيتريون آسانيون پيدا ٿي پيون ۽ والده جي به دل جمعي ٿي پئي.
هڪ ڏينهن شام وڳڙي ظهير الدين گهر آيو حال احوال کان پوءِ چوڻ لڳو، مون تنهنجي لاءِ مناسب رشتو تلاش ڪيو آهي. چيو مانس ٻڌاءِ، وراڻيو ته جنهن ماڻهو جي هٿ تون مون ڏي رشتو موڪليو هو ان جي گهر ۾ تنهنجي لاءِ مناسب رشتو آهي جي چوين ته مان کيس چوان. مون کيس وراڻيو نيڪي ۾ ڪهڙي دير. چوڻ لڳو ڏينهن ٻه رکي مان ساڻس ڳالهه ڪندس. پندرهن ڏينهن کان پوءِ ظهير الدين ٻڌايو ته محمد وسيم کي ڳالهه سمجهه ۾ آئي آهي پر هو پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀينرن سان مشاورت ڪري پوءِ اسان کي جواب ڏيندو. مون وراڻيو ته اهو پاڻ سٺو خانداني ۽ اشراف ماڻهو ائين ئي ڪندا آهن. همراهه هڪ مهيني گذرڻ بعد جواب ڏنو ته وسيم صاحب هاڪار ڪئي آهي. هاڻي مان توهان ٻنهي کي هڪ هنڌ ويهاري آمهون سامهون ڪندس باقي ڏسڻ ڪرڻ ۽ اڳتي جون ڳالهيون توهان پاڻ ۾ طئي ڪجو. ان ڳالهه کي به پندرهن ڏينهن لنگهي ويا. ظهير الدين ٻي پهري جي نماز تي مون کي اطلاع ڏيندي چيو ته اڄ شام جو محمد وسيم سان گهر ۾ ملاقات رکيل آهي تيار رهجان. ساڳئي ڏينهن شام جو اسان جي ميل ملاقات ٿي اوڀاريون لهنواريون ڳالهيون ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي مدي تي آياسين. ظهير الدين پنهنجي پوزيشن صاف ڪندي ٻنهي ڌرين کي چيو ته هن جاءِ تي مون توهان کي آڻي بيهايو آهي هاڻي باقي رشتيداري جا سمورا معملات توهان ويهي پاڻ ۾ طئي ڪريو جي ضرورت پوي ته مون کي وچ ۾ آڻجو. ٻه ٽي ڏهاڙا رکي منهنجي والده محمد وسيم بخاري جي گهر رشتو ڏسڻ جي غرض سان وئي. کيس جيڪا ڇوڪري پسند آئي ان جي باري ۾ محمد وسيم جي گهر واري سان پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري آئي ۽ اچي مون کي پنهنجي پسند جو ٻڌايائين. هڪ ٻن ملاقاتن ۾ جڏهن هڪ ٻئي سان بي تڪلف ٿياسين ته خير سان وسيم احمد بخاري پنهنجو تعارف ڪندي ٻڌايو ته هو بخاري جي ناتي ذات جو سيد ناهي. وڌيڪ هن ٻڌايو ته ڏيڍ صدي کن اڳ هن جا وڏا وچ ايشيا جي شهر بخارا مان لڏي اچي هندوستان ۾ رهيا هئا تنهن ڪري بخارا جي ناتي سان اسان بخاري سڏائيندا آهيون. پر جي توهان اسان سان رشتيداري ڪري رهيا آهيو ته توهان به سوچيو ۽ سمجهو. ڇاڪاڻ ته مان توهان کي پنهنجي وڏي ڀاءُ ۽ ڀينرن ۽ سهري سان ملائيندس جي اهي مون سان متفق راءِ ٿيا ته پوءِ رشتي کي پڪو ڪنداسين. محمد وسيم بخاري جون ڳالهيون سڀ بهتر هيون مگر ڳالهيون گهڻيون ڊريگهه واريون هيون. مون چيو خير آ توهان پنهنجو رشتو دل جمعي سان ڪريو.
ڪراچي ۾ هن جي عزيز ۽ اقارب سان دعوتون ميل ملاقاتون ٿيون. پر آخري وڏو مرحلو هو ٺٽي ضلعي وڃي وسيم صاحب جي سهري محترم عبدالحفيظ سان ملڻ جو. بهرحال هڪ ڏينهن ڪڍي اوڏانهن به وياسين. ٺٽي وڃي ڇا ڏسان ته گجي ڳوٺ جي ٻهراڙي ۾ هڪ مسجد اڏيو هڪ بزرگ شخص ويٺو آ. چوڌاري ٻهراڙي جي ماڻهن جا ٽولا کٽن تي ويٺا آهن. ڪجهه ماڻهون ڦراسين ۽ گلمن تي حلقو لڳايو ويٺا آهن. مون وسيم صاحب کي چيو ته هن درگاهه تي مون کي ڇو وٺي آيو آهين. وراڻيائين ته هي درگاهه ناهي بلڪه منهنجي سهري جو گهر آ. مون چوڌاري نظر ڦيرائي ڏٺم ته ماحول جو سمورو اسٽرڪچر درگاهي پيو لڳي. ٻاهريون ڏيک، مسجد جو سائو گمبذ چوڌاري کجين ۽ ناريلن جا وڻ، گهر جي پويان پاڻي جو وڏو تلاءُ، آڳر ۾ بيٺل ڳئون ٻڪريون، ڪڪڙ، مرغ، بدڪون، مور ۽ ڊيلون. پري دور نگاهه تائين ساوڪ ٻنيون ٻارا، مگر اوسي پاسي نڪو گهر هو نه ڪا جهوپڙي اسان لنگهي به واهه جي ڪڙ تان آيا آهيون جي هي درگاهه ناهي ته پوءِ هتي هيٺ حلڪو لڳائي ماڻهو ڇو ويٺا آهن. بهرحال اڳتي وڃي ڏٺو ته هڪ سفيد پوش سفيد ريش بزرگ هستي پلٿي هڻي زمين تي ويٺو آهي. اسان کي جڏهن ويجهو ايندي ڏٺائين ته اٿي بيٺو. هن جي پويان سموري خلق اٿي بيٺي. سڀني کي سولي سنڌي ۾ چيائين بابا ماني تيار آ کائي پوءِ وڃجو. بيٺي بيٺي هن وسيم صاحب جو تعارف پنهنجي مريدن سان ڪرايو ۽ پوءِ اسان کي پنهنجي حجري ۾ وٺي آيو وسيم صاحب منهنجو تعارف ساڻس ڪرايو ۽ هن سامهون بيٺل هستي جو تعارف ڪرائيندي چيو ته هي منهنجو سهرو عبدالحفيظ شاهه صاحب آهي. ٿوري جهٽ ۾ ٻاهر ماني لڳي ۽ هڪ ماڻهو اندر داخل ٿيو. شاهه سائين سان سنڌي ٻوليءَ ۾ مخاطب ٿيندي چيائين سائين ماني لڳي وئي آهي. عبدالحفيظ شاهه اسان ٻنهي کي پاڻ سان گڏ دالي ۾ وٺي آيو. جڏهن ماني تان لٽو لاٿو ويو ته ڇا ڏسان ته وڏن ٿالن ۾ ڪرڙيون تريل پيون آهن ۽ هڪ ٿالهه ۾ تندوري مانيون رکيل هيون. عبدالحفيظ شاهه هيٺ ويهندي اسان کي به پنهنجي ڀر ۾ ويهڻ جو اشارو ڪيو. پاڻ هٿ ۾ هڪ ماني کڻي ان جي مٿان هڪ ڪرڙي رکندو هڪ هڪ ماڻهون جي هٿ ۾ ڏيندو ويو. جنهن کي وري ماڻهن ٽپال ڪري هر هڪ وٽ ماني هڪ ڪرڙي پهچائي. ماحول جو نظم و نسق ڏسي حيرانگي وٺي وئي کاڌ خوراڪ جي سادگي ماڻهن جو خاموشي ۽ سڪون سان دسترخوان تي کاڌو نوش ڪرڻ، سچ پچ ته هي منظر مون کي محو حيرت ڪري ويو. ماني کائي ٽي پهري جي نماز شاهه صاحب جي امامت ۾ ادا ڪئي سين تنهن بعد ڏهه پندرهن منٽ اسان جي ڪچهري ٿي جنهن ۾ ليمي جي ساون پنن جي ليمنيڊ چانهه پي موڪلائي گهر روانا ٿياسين. موڪلائيندي مهل عبدالحفيظ شاهه وسيم صاحب کي منهنجي منهن تي چيو ته ڇوڪرو سٺو آ مون کي وڻيو تون اهو رشتو ڀلي ڪر.
انچولي سوسائٽي فيڊرل بي ايريا جو بلاڪ سترهون ۽ بلاڪ ويهون هڪ ٻئي جي آمهون سامهون هئا. انچولي مين روڊ تي ٻنهي پاسي لڳاتار دڪان کلندا ويا ۽ اسان جي سامهون انهن جو سلسلو بلاڪ اڻويهين النور سوسائٽي تائين وڃي پهتو. ستر واري ڏهاڪي ۾ سنڌ جي شهرن ۽ ضلعن مان اردو اسپيڪنگ ماڻهن هڪ سياسي و سماجي مفڪر جي شوشيبازي تي لڏ پلاڻ ڪري حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ اچي پنهنجيون رهائشون ۽ ڪاروبار قائم ڪيا. اهڙن سياسي محرڪات ۽ روين سبب نه رڳو ڪراچي شهر جي آبادي ۾ گهڻي ڀاڱي اضافو ٿيو بلڪه شهر جي ڪم ڪاروبار ۾ به وڏي پيماني تي واڌ ۽ ترقي ٿي. منهنجي ڀاءُ غلام اڪبر به پنهنجي دڪان تي گهڻي ڪم ڪار سبب هڪ ڪاريگر ۽ هڪ اڌ هيلپر رکيو. گروسري سيڌي سامان جي خريداري لاءِ پهريان آئون ايمپريس مارڪيٽ صدر يا جوڙيا بازار جونا مارڪيٽ ويندو هوس. مگر هاڻي شهر جي ڪاروبار ۾ وسعت آئي هئي تنهن جي نتيجي ۾ جيڪا ترقي واري لهر آئي تنهن ڪراچي جو مجموعي طور نقشو ئي مٽائي ڇڏيو. ان حقيقت ۾ ڪو شڪ شبهو ڪونهي ته ڪراچي ۾ اهڙي قسم جي ترقي ۾ پ پ پ سياسي پارٽي جيڪا ان وقت پنهنجي سياسي مضبوط اقتدار جي بنياد تي ملڪ جي اڇي ڪاري جي مالڪ هئي. تنهن جي پاليسين جو وڏو هٿ هو. ڪراچي ۾ اهڙن سياسي و سماجي ڦيرين گهيرين جي ڪري فيڊرل بي ايريا ۾ ٻن وڏن تجارتي مرڪزن جو قيام عمل ۾ آيو. انهن ۾ هڪ ڪريم آباد جو مارڪيٽ هئو ۽ ٻيو واٽر پمپ جو مارڪيٽ. انهن ٻنهي مارڪيٽن جي ڪري اسان جي زندگي تي پڻ خوشگوار اثرات پيا. جن هول سيل شين جي خريد لاءِ صدر ۽ جوڙيا بازار وڃڻُ پوندو هو سي پاڙي جي مارڪيٽ ۾ دستياب ٿيڻ لڳيون.
هڪ ڏينهن ٽي پهري جي نماز کان پوءِ مسجد جي هڪ پاسي وسيم صاحب ۽ منهنجي ڪچهري ٿي جنهن ۾ هن ٻڌايو ته اسان کي توهان جو رشتو قبول آهي مگر مهر عقد جو معاملو ۽ ڳالهه کي پڪو ڪرڻ لاءِ شام جو تون پنهنجي والده کي اسان جي گهر وٺي اچجان. شام جو اسان گهر جا ڀاتي رشتو پڪو ڪرڻ لاءِ وسيم صاحب جي گهر وياسين هن ڀيري اسان جي آجيان نهايت سهڻي نموني ڪئي وئي. ٻن اڍائي ڪلاڪن جي ملاقات ۾ اسان رشتي جي سلسلي جي مڙني ڳالهين کي طئي ڪري ورتو ۽ شادي جي تاريخ 1975 جي مهڙين مهينن ۾ ٻڌڻ تي اتفاق ڪيوسين. شادي جي تاريخ طئي ٿيڻ کان پوءِ منهنجي والده ۽ مان ڏيب جي لٽي ڪپڙي جي خريداري ۽ ٻين ڪم ڪارن ۾ لڳي وياسين. ڪراچي جي شهر ۾ ان زماني ۾ الله کان سواءِ اسان جو ٻيو ڪو نه هو. تنهنڪري اسان جون اڪثر شامون ڪراچي جي جامع ڪلاٿ مارڪيٽ ۽ صدر بازار ۾ خريداري پٺيان گذرنديون هيون. دير ٿي ويندي هئي ته اينڊريو چرچ جي سامهون عبدالله هارون روڊ تي ڪيفي جارج تان رات جي ماني کائي پوءِ گهر موٽندا هئاسين. سون جي ڳهن ڳٺن جي جوڙائي لاڙڪاڻي مان عبدالله سوناري کان ڪرائي سين. رب جي فضل و ڪرم سان سڀ تياريون مڪمل ٿي ويون. شادي جي موقعي تي منهنجي لاءِ سڀ کان وڏي خوشي جي ڳالهه اها هئي ته منهنجا سڀئي دل گهريا دوست ۽ احباب ڪراچي اچي شادي ۾ شريڪ ٿيا ها جن ۾ سڀ کان وڌيڪ محترم ۽ محبوب هستيون منهنجو چاچو غلام حسين، استاد محترم غلام الله شيخ منهنجي وڏي ڀيڻ ۽ منهنجو وڏو سئوٽ ڀيڻيئو محمد عمر پنهنجي اولاد سميت اچي شريڪ ٿيا هئا. ڪاليج جي اسٽاف ۽ پروفيسرس جي شرڪت سان شادي جي محفل ۾ رونق برپا ٿي وئي هئي. زندگي ان جا ڳانڍاپا ان جون خوشيون قدرت جي طرفان انسان لاءِ هڪ انمول تحفو آهن. انسان جو ڪردار رڳو ايترو آهي ته هو خوشين جو لطف وٺي. انهن کي پنهنجي اندر ۾ سانڍي رکي ۽ زندگي عمل سان ٺهي ٿي ۽ مان عملي زندگي گذارڻ جو ننڍي لاڪون عادي ٿي چڪو هوس. منهنجي نظر ۽ نگاهه ۾ سواءِ عمل جي زندگي ۾ ڪو ٻيو دڳ هئو ئي ڪو نه. اهي ئي منهنجا ارادا هئا ۽ اهو ئي منهنجو ايمان هو. نئين شادي شده زندگي ڪيترن معنائن ۾ خوشين سان مالا مال ۽ مزين هئي. نوان احساس نيون خوشيون نوان خيال ۽ نئين زندگي ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ اهو سڀ ڪجهه ڏاج ۾ آيو آهي. ٽن مهينن کان پوءِ گرمين جون موڪلون شروع ٿيون. پنهنجي گهر جي ڀاتين کي لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي وٺي آيس. لاڙڪاڻي جون گرميون ڪراچي جي ڄائي ماڻهو لاءِ ڪيترو مشڪل ٿي سگهن ٿيون ان جو مون کي اندازو هئو پر منهنجي گهر واري لاءِ هتان جي گرمي هڪ وڏو مسئلو هو البته ان وقت سنڌ ۾ اليڪٽرڪسٽي جو ڪو مسئلو ڪو نه هوندو هو تنهن ڪري هر موسم سان منهن ڏيڻ آسان هئو. زندگي جو ڪبهي غم ڪبهي خوشي وارو تماشو جاري رهيو ۽ خير سان گرمين جا ڏکيا ڏينهن گذاري ڪراچي موٽي آياسين.

آتم ڪٿاڪاري ۽ تعليم جا مرحلا

آتم ڪٿاڪاري ۽ تعليم جا مرحلا

منهنجي نظر ۾ پنهنجو پاڻ تي لکڻ سڀ کان ڏکيو ڪم آهي، افسانوي ادب ناول نگاري، ڊرامه نويسي، يا ڪهاڻيڪاري جي موضوعات تي قلم ڪاري ڪرڻ نسبتن سهنجو ڪم آهي. ڇاڪاڻ ته قلمڪار انهن موضوعات جي پلاٽن جو بنياد ان جي تشڪيل ڪن. مقرر اصولن کي نظر رکي ڪري ٿو. هن قسم جي ادب جي اصناف ۾ قلم ڪار اُهي ڪردار چٽي ٿو جيڪي ممڪنات جي حدن اندر رهي نکرجن ٿا، يا ايئن چئجي ته قلم ڪار اُهي ڳالهيون بيان ڪري ٿو جيڪي سماج ۽ معاشري ۾ ٿي سگهن ٿيون ۽ وري آسان جو ڪامن سينس انهن کي مڃي سگهي ٿو ته واقعي قلمڪار جيڪي ڪجهه تخليق ڪيو آهي يا ان پٺيان جيڪي هو ميسيج ڇڏي ٿو، سو ضرور سچ هوندو، وڌيڪ سمجهڻ لاءِ ايترو چئي سگهجي ٿو ته افسانوي ادب ۾ قلمڪار پنهنجا ڪردار سامهون آڻي انهن کان جيڪي سماجي، معاشرتي، نفسياتي يا ديگر علوم ۽ موضوعات تي مبني اصلاحي يا غير اصلاحي پيغام ڏيڻ چاهي ٿو سو ممڪن طور سماج قبول ڪري ۽ سچ اهو آهي ته انهيءَ بنياد تي سماج کيس تخليقڪار سمجهي ٿو، مگر آتم ڪهاڻوي ادب جي قلمڪار کي منهنجي نظر ۾ تخليقڪار چئي نه ٿو سگهجي ڇاڪاڻ جو هو آتم ڪهاڻي لکڻ وقت نه واقعا تخليق ڪري ٿو، نه ئي پنهنجي مرضيءَ سان ڪردار تخليق ڪري ٿو، پنهنجي آتم ڪٿا ۾ جيڪي ڪردار سامهون آهي سو هو پاڻ آهي، ان سلسلي ۾ ڪهاڻي جي پلاٽ جو اسٽرڪچر به هو پاڻ تشڪيل نه ٿو ڏئي، پنهنجي جنم ڪٿا ۾ هو اُهو ڪجهه بيان ڪري ٿو جيڪي ڪجهه هن جي زندگيءَ ۾ مٿس حقيقي طور وهيو واپريو ۽ گذريو آهي، هو پنهنجي زندگيءَ جي ڪٿا ڪاري به اهڙي ڪرڻ جو پابند رهي ٿو. جنهن جو بنياد محض سچ تي آهي، ان بنياد ۽ بنياد جي سٽاءَ تي پنهنجي زندگي جي سچائن کي لکڻ واري کي سادن لفظن ۾ هڪ ليکڪ چئي سگهجي ٿو.
افسانوي ادب ۾ ڪردار نگاري واقعات نگاري توڙي ڪهاڻي يا قصي جو پلاٽ ۽ حقائق سڀ فرضي ٿي سگهن ٿا مگر ليکڪ پنهنجي مرڪزي خيال، سماج جي سچائين ۽ حقائق کي پڙهندڙن جي سامهون آڻيندو آهي. باقي ڪهاڻيءَ جو سڄو مصالحو فرضي ۽ تخيلاتي هوندو آهي. تنهن ڪري ان قسم جي تخليق ڪيل ادب کي تخليقي ادب چئبو آهي، اهڙو ادب بائيوگرافيڪل اسٽوري رائيٽنگ جو حصو سڏجڻ ۽ سمجهڻ جي لائق نه هوندو آهي. مون پنهنجي آتم ڪٿا، سرجڻ وقت پنهنجي زندگيءَ متعلق جيڪي ڪجهه لکيو آهي، يا لکڻ گهران ٿو، اُن ۾ ڪو به واقعو ڪردار يا ڳالهه فرضي يا تخليقي نه آهي، هي منهنجي ڪٿا يا منهنجي ڪهاڻي منهنجي زندگيءَ جو حقيقي روپ آهي، ۽ مان زندگيءَ جي ڪهاڻيءَ کي قرطاس تي رڳو ان مقصد خاطر تحرير ڪريان ٿو ته جيئن پنهنجي نسل يا ايندڙ نسل کي ميسيج ڏئي سگهان ته حقيقي زندگي ڇا ٿيندي آهي؟ ڪاميابيون ناڪامايون ڇا ٿينديون آهن ،يا زندگيءَ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ڪيتري قدر جدوجهد ڪرڻي پوندي آهي، يا انسان کي پنهنجي زندگيءَ جي سنگين معاملن سان ڪيئن جوجهڻو پوندو آهي.
گرمي جون موڪلون گذاري ڪراچي پهتاسين ۽ پنهنجي زندگيءَ جي معمولات ۾ مصروف ٿي وياسين. جڏهن اسان وسيم صاحب سان رشتي جون ڳالهيون مڪمل طور طئه ڪري چڪا هئاسين ته اُن مهل منهنجي ٿيڻ واري گهر واري مئٽرڪ پاس ڪري چڪي هئي ۽ محمد وسيم شادي ٿيڻ تائين پنهنجي ڌيءَ کي وڌيڪ پڙهائڻ جو عمل روڪي ڇڏيو هو. آئون پنهنجي ۽ پنهنجي گهر جي ڀاتين لاءِ بهتر کان بهتر تعليم جي حصول جو حامي ۽ قائل هوس. تنهن ڪري مون ڪراچي انٽرميڊيئٽ بورڊ جي لاءِ مطلوب ڪتابن جي ڪورس جو بندوبست ڪيو ۽ ان سان گڏ پنهنجي گهر واريءَ کي سنڌي ٻولي سيکارڻ، سنڌي ڪتاب پڙهڻ ۽ سنڌي لکڻ پٺيان ڪوششون تيز ڪري ڇڏيم، الله رب العزت جي ڪرم سان 31 ڊسمبر 1976ع تي اسان جي گهر نياڻي جي ولادت ٿي. ٻاجهاري جا ٿورا مڃيندي مٺايون ورهايون سين، اولاد جي سلسلي ۾ اسان نهايت خوشنصيب هئاسين، ٻن ٻن سالن پٺيان بيبي، بابو، بيبي، بابو سان رب سائين اسان جون جهوليون ڀريندو ويو. ٻه ٻار لاڙڪاڻي ۾ ڄاوا ۽ ٽي ٻار ڪراچيءَ ۾ ، اسان جي زندگيءَ ۾ خوشين جي حد ڪانه هئي، زندگيءَ ۾ منهنجو ۽ منهنجي گهرواريءَ جو فوڪس تعليم جي حصول پٺيان گهڻو رهيو آهي. زندگيءَ جي ڊڪ ڊوڙ ۾ منهنجي گهر واري گهر مڙني ذميدارين ۾ منهنجو گهڻي کان گهڻو ساٿ ڏيندي رهي آهي. منهنجي والده اسان جي زندگيءَ ۾ هر وقت هر مرحلي ۽ مسئلي ۾ نه رڳو پنهنجو ڪردار نڀائيندي هئي بلڪه پنهنجي دعائن ۽ عملي ڪردار سان به اسان جي زندگيءَ ۾ آسانيون پيدا ڪندي هئي. مان عرض ڪري چڪو آهيان، ته منهنجي گهر واريءَ کي سنڌي ٻولي ڪانه ايندي هئي. پر جي انسان ايثار محبت ۽ هم آهنگي کي پنهنجو شعار بڻائي ٿو ته زندگيءَ جي مڙني مسئلن کي وڏي سهنجائيءَ سام منهن ڏئي سگهجي ٿو.
انٽر ميڊيئٽ جي تعليم مڪمل ڪرڻ سان گڏو گڏ منهنجي گهر واري سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجو استعداد وڌائيندي بي مثال ڪاميابيون ماڻيون، انٽر ميڊيئٽ جو امتحان پرائيويٽ اميدوار جي حيثيت سان پاس ڪرڻ کان پوءِ هن يونيورسٽي آف ڪراچيءَ مان خانگي طور گريجوئيشڻ به ڪري ورتي.
زندگيءَ ۾ وڌ ۾ وڌ اسان جو فوڪس تعليم جي حصول تي هوندو هو، منهنجي گهر واري شادي کان اڳ جڏهن اسڪول ۾ پڙهندي هئي ته نصابي سرگرمين سان گڏ غير نصابي سرگرمين ۾ به حصو وٺندي هئي، تقرير ڪرڻ جو هنر به هن اسڪول مان سکيو هو. هن جي اهڙي قسم جون سرگرميون جو تجربو، اسان جي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي سلسلي ۾ معان ۽ مددگار ثابت ٿيو، اسان جي ٽن وڏن ٻارن جي تعليم انچولي سوسائٽيءَ جي سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ شروع ٿي، ڪي. جي اسڪولنگ پوري ڪرڻ کان پوءِ وڏي ڌي رابعه بلاڪ سترهين جي سرڪاري اسڪول ۾ زير تعليم رهي. امجد ۽ فرحان هڪ ٻئي پٺيان پهريون پرائيويٽ اسڪول جناح ماڊل ڪنڊر ڪارٽن اسڪول ۾ پڙهيا، اسڪول جي تعليم کان علاوه ديني تعليم لاءِ به اسان پنهنجي ٻارن کي تيار ڪيو، نياڻيون پنهنجي نانيءَ جي گهر ۾ پنهنجي ناني ۽ پڙنانيءَ کان سيپارا ۽ قرآن پڙهنديون هيون، ڇوڪرا، انچولي سوسائٽي واري مسجد ۾ قائم مدرسي ۾ ديني تعليم پرائيندا رهيا.
انچولي سوسائٽيءَ ۾ رهڻ دوران مون کي پنهنجي تعليم جو فڪر به رهندو هو، انهيءَ ڏس ۾ منهنجا رابطا محترم پروفيسر اياز حسين قادريءَ سان مسلسل رهندا هئا، توڙي جو کڻي هاڻ منهنجي بدلي گورنمينٽ لياري ڪاليج کان گورنمينٽ دهلي ڪاليج فيڊرل بي ايريا بي ڪريم آباد ۾ ٿي چڪي هئي، پروفيسر اياز حسين قادري صاحب کي جيئن ئي يونيورسٽي آف ڪراچي کان پي ايڇ ڊي جي ڊگري ايوارڊ ٿي ته مون به هوشياري ورتي هن جي صلاح سان مقرر ڪيل موضوع لاڙڪاڻي ضلعي جي ادبي تاريخ تي لکيل سيناپسز کڻي ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ سائين جن کي مبارڪ باد چوڻ پهتس ۽ پنهنجي موضوع واروڪاٻارو پڻ ڏيکاريم. هُن مهربان به پنهنجي واعدي کي پاڻي ڏيندي منهنجي موضوع جا وچور سناپسز ۽ مطالعي لاءِ گهربل ڪتاب ۽ ڪتابن جي حصول لاءِ لائبريرين جون فهرستون ڏسي چيو ته تنهنجو ڪم بلڪل صحيح سمت ۾ آهي. مگر مان هن جي نوڪ پلڪ درست ڪري توکي ڏيندس ته پوءِ تون ان کي ريرائيٽ ڪري ڏجانءِ ته مان تنهنجي ايم فل ۾ رجسٽريشن ڪرائيندس.
گورنمينٽ دهلي ڪاليج ۾ رهي، مون گورنمينٽ لياري ڪاليج ۾ جن زائد نصابي سرگرمين ۾ مصروف رهيو هوس. تن جو ذڪر مون دهلي ڪاليج جي پرنسيپل محمد يوسف ميمڻ سان ان نيت سان ڪيو ته هو جيڪي اسائينمينٽس ڊيوٽي طور ڏيڻ چاهي ته مون کي ڏئي سگهي. پرنسيپل محمد يوسف ڪراچيءَ جو مڃيل ۽ معروف فزڪس جو استاد هو. امتحان جي سيزن ۾ هن صاحب سان بورڊ آف انٽر ميڊيئٽ ۾ اڪثر ملاقات ٿيندي هئي، جتي هو پيپرن جي چيڪنگ جي عمل دوران اسان پيپر چيڪرس جي گروپ جو هيڊ چيڪر مقرر ٿي ايندو هو. منهنجي نظر ۾ هو هڪ اهڙي شخصيت جو مالڪ هو جنهن کان اسان کي سکڻ ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه موجود هيو. مسٽر محمد يوسف شڪل ۽ صورت ۾ سهڻو، سٻاجهڙو ۽ ڏاهو انسان پيو لڳندو هو. مان هميشه اُن گمان ۾ هوندو هوس ته هو سنڌي آهي، تنهن ڪري ڪوشش ڪري مان جڏهن وٽس پيپر ۾ ڏنل مارڪن جون غلطيون درست ڪرائڻ لاءِ دستخط وٺندو هوس ته ساڻس سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندو هوس، جواب ۾ هو بهترين سنڌي ۾ ڳالهائيندو هوس. اها حقيقت مون تي دهلي ڪاليج ۾ اچي کلي ته هو گجراتي ميمڻ آهي. محمد يوسف صاحب دهلي ڪاليج ۾ مون کي آجيان ڪئي ۽ مرندي گهڙي تائين هو مون تي مهربان رهيو، مرحوم 55 سالن جي عمر ۾ بلڊ ڪينسر جي موذي مرض جي ور چڙهي ويو، سندس وفات کان پوءِ ڪاليج جي پرنسيپل جي چارج عبدالعزيز کتري سنڀالي. گورنمينٽ دهلي ڪاليج ۾ ڪراچيءَ جي بهترين استادن جي ٽيم هوندي هئي، جن ۾ عالم، اديب، شاعر ۽ ڊرامانويسن سان گڏ بهترين پيپر سيٽرس، بهترين ممتحن سائنسٽسٽس ۽ ٽيوٽرس موجود هئا، اهڙي قابل استادن جي ماحول ۾ اسان جهڙن کي سکڻ لاءِ نه رڳو گهڻو ڪجهه هو پر پنهنجي اولاد کي اهڙي ماحول ۾ تعليم وٺرائڻ جو پڻ بهترين موقعو هو.
مان سيوا ڪنج ۾ جڏهن رهندو هوس تڏهن محترم اياز حسين قادري سان گڏجي ريڊيو پاڪستان ويندو هوس جتي هو سُٺي پئمينٽ جي عيوض ادبي پروگرام ڪندو هو. قادري صاحب نئين ٽهيءَ کي همٿائڻ جي تات ۾ لکندو رهندو هو. مون کي به پاڻ سان ان ڪري گڏ رکندو هو ته جيئن منهنجي سُٺي تربيت ٿي سگهي. جڏهن به مان ساڻس ڊگهي واڪ تي ڪوئنس روڊ يا ڪنهن ٻي پاسي ويندو هوس ته هو مون کي پنهنجي زندگيءَ جي تجربن ۽ فهم و فڪر جو دل کولي اظهار ڪندو هو. هُن صاحب عالي مرتبت جي سمجهه سڀاءَ، فڪر ۽ فراصت مان ڪيترائي انمول موتي هٿ ڪري مون پنهنجي زندگيءَ کي سنواريو. ڊاڪٽر اياز حسين قادري نه رڳو يونيورسٽيءَ ۾ منهنجو ڊائريڪٽر اعليٰ تعليم هو مگر هو منهنجو هڪ محسن ۽ هادي پڻ هو.
دهلي ڪاليج جي استادن جي گروپ مان منهنجو گهڻو تڻو واسطو لٽريچر گروپ جي استادن سان رهندو هو. جن ۾ ليبرل سوچ رکندڙن جي اڪثريت هئي. انهن دوستن منهنجي زندگيءَ جي پسمنظر ۾ لکيل ڪهاڻي ساوا بادام ۽ ليبر يونين ازم جي ڪٿا، روسي لٽريچر ۽ خليل جبران جي تخليقات جي اڀياس وغيره جو ٻڌي اندازو لڳايو هو ته مان به ڪو پڪو ليبرل آهيان. انگريزيءَ جو پروفيسر شاعر حسن اڪبر ڪمال ۽ انگريزيءَ جو پروفيسر ۽ ٽي وي ڊرامه نويس نسيم احمد نيشو فوز ۽ اردو جو پروفيسر قيصر امام گيلاني منهنجي گهڻو ويجها اچي ويا هئا. ان جو وڏو سبب اهو هو ته هو ڪاليج جي مئگزين جي انگريزي اردو ۽ سنڌي سيڪشن جي سهيڙپ ۽ ڇپائيءَ جي ڪم ۾ اسان هڪ ٻئي سان اڪثر لهه وچڙ ۾ رهندا هئاسين، فزڪس جو پرفيسر نعيم علي خان جيڪو هر گهڙي هر وقت اسٽوڊنٽس جي سماجي، فلاحي ۽ تعليمي خدمات ۾ مصروف رهندو هو. هڪ بهترين آرٽيسٽڪ مائينڊيڊ، بهترين ڦوٽو گرافر، بهترين سائنس ايوينٽ پروگرامر ۽ ڪاليج جو ٽوئر آرگنائيزر هو، سو ڪاليج جي مئگزين جي ڇپائي جا سمورا امُور اڪلائيندو هو. ميڊم شهناز اردو جي پروفيسر اسان جي لٽرري گروپ جي کاڌي پيتي، ناشتي پاڻي وغيره جي آرگنائيزر هوندي هئي. ۽ بهترين کاڌا تيار ڪرڻ سندس ڏائي هٿ جو ڪم هوندو هو.
ڪاليج جي مئگزين جي اردو سيڪشن ۾ هوءَ جيلاني صاحب جي معاونت ڪندي هئي، ماضيءَ ۾ پروفيسر حسن اڪبر ميڊم شهناز ۽ منهنجو تعلق سکر ضلعي سان رهيو هو. تنهن ڪري اسان هڪ ٻئي جي گهڻو ويجها ٿي ويا هئاسين، اسان ٽيئي فيڊرل بي ايريا ۾ هڪ ئي پاڙي ۾ هڪ اڌ گهٽيءَ جي فرق سان رهندا هئاسين، تنهن ڪري ڪاليج اچڻ وڃڻ ۾ پڻ اسان جو اڪثر ساٿ رهندو هو ۽ هڪ ٻئي جي گهرو پروگرامن، نجي گڏجاڻين ۽ ڪم ڪارن ۾ به اسان جو ساٿ رهندو هو.

پي ايڇ ڊي لاءِ تياري

پي ايڇ ڊي لاءِ تياري

1985ع ڪراچي يونيورسٽي ۾ ايم فل لاءِ ڊاڪٽر اياز حسين قادري جي نگراني ۾ منهنجي رجسٽريشن جو مرحلو مڪمل ٿيو ته مون پنهنجي مطالعي کي شروع ڪندي موضوع لاءِ گهربل مواد جمع ڪرڻ جي ڪم کي لڳي ويس. لاڙڪاڻي ۾ رهائش دوران مون پنهنجي پسند جي موضوع تي اڳواٽ ئي چڱو مواد جمع ڪيو هو. دوست بشير احمد شاد ۽ مسٽر مهتاب تنيي ان سلسلي ۾ مون سان ڪافي تعاون ڪيو هو. محترم مهتاب تنيي جو والد مرحوم پروفيسر الله بخش تنيو آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ سنڌي مضمون جو استاد هوندو هو ۽ کيس لاڙڪاڻي جي ادبي تاريخ ۾ وڏي دلچسپي هوندي هئي. اسان کائنس گهڻي رهنمائي حاصل ڪئي هئي. پراڻي زماني جو ماڻهو هو سندس انهن عالمن ۽ اديبن سان به تعلقات ۽ دوستيون هيون جيڪي سنڌي ادب ۽ تاريخ جا سرجڻهار هئا ۽ ورهاڱي کان پوءِ ڀارت هليا ويا هئا. سندس اهي دوست هندوستان مان الله بخش تنيي صاحب کي پنهنجا نوان ڪتاب ۽ ٻيون ادبي ڪاوشون موڪليندا رهندا هئا. وفات کان پوءِ سندس لائق فرزند مهتاب تنيي سان انهن عالمن ۽ اديبن جو ناتو ڳنڍيو رهيو. تنهن ڪري لاڙڪاڻي جي علمي ادبي تاريخ جي سلسلي ۾ مسٽر مهتاب وٽ جيڪي نوان ڪتاب ۽ ادبي مواد جمع ٿيندو هو ته مسٽر مهتاب اهي دل کولي مون کي مطالعي لاءِ ڏيندو هو. ورهاڱي کان اڳ جي عالمن، شاعرن ۽ اديبن جو جيڪو مواد مون وٽ جمع ٿيو هو تنهن کي تاريخ وار ترتيب ۾ آڻي پنهنجي نگران ڊاڪٽر اياز حسين کي ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڏيکارڻ لاءِ کڻي ويس. قادري صاحب کي منهنجو ڪم وڻيو، ۽ صلاح ڏيندي چيائين تنهنجو ڪم ڏسڻ لاءِ مون کي سڪون ۽ ايڪانت وارو ماحول گهرجي تنهن ڪري اڳتي جيڪو ڪم ڪرين اهو ڏيکارڻ لاءِ منهنجي گهر ايندو ڪر تان ته فائل ۽ پنا سڀ محفوظ رهن. ٻن اڍائي مهينن کان پوءِ هڪ آچر جي شام جو ڪجهه ادبي ميڙي چونڊي کڻي آئون سندس آرام باغ واري گهر پهتس. جتي نه رڳو منهنجو ڪم ڏٺائين بلڪه پنهنجي لائبريري مان به مضمون جي مطابقت سان ڪجهه ڪتاب عنايت ڪيائين جن ۾ ڀارت جي عالمن ۽ اديبن جا تازه ڪتاب شامل هئا ۽ انهن عالمن ۽ اديبن جو تعلق لاڙڪاڻي سان هو جن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر ارجن شاد ۽ پروفيسر رام پنجواڻي شامل هئا.
مون وٽ گهر ۾ ڍنگ جي ڪا رائيٽنگ ٽيبل يا ڪرسي ڪا نه هئي سو آرام باغ مان وڃي وٺي آيس ۽ موضوع تي لکڻ جي ڪم ۽ مواد ڪٺي ڪرڻ جي ڪوششن کي مون اڳ کان اڳرو ڪري ڇڏيو. چئن پنجن مهينن کان پوءِ مون وٽ جيڪا ادبي سهيڙ ٿي تنهن جي بنياد تي لاڙڪاڻي جو تهذيبي، تاريخي پس منظر ۽ جياگرافيڪل بيهڪ تي مقالا لکي تيار ڪيم ۽ ان سان گڏ مضمون جو ڀاڱيوار وچور ۽ فهرستن کي نئين سر ترتيب ڏئي ڊاڪٽر اياز حسين قادري صاحب کي فون ڪيم ته موضوع متعلق جيڪو انٽروڊڪٽري ڪم ڪيو آهي سو کيس ڏيکارڻ چاهيان ٿو. قادري صاحب پنهنجي گهر تي شام جو گڏجاڻي جي اجازت ڏني. مقرر ڪيل وقت مطابق سندس گهر ويس.
سائين جو گهر هڪ عجيب رومانٽڪ روڊ تي هئو. مان گرد و نواه جي ماحول کان نه رڳو واقف هوس پر ان ۾ گهمندي ڦرندي مون کي عجيب سرور ايندو هو. رام باغ روڊ دراصل ڪراچي جي گاڏي کاتي جي اتر اوڀر ۾ هو. گاڏي کاتو ڪراچي جي تاريخ جي قديم مشهور ڪچهري روڊ جي وچ ۾ هن وقت به موجود آهي. هن علائقي ۾ قانون جي ڪتابن جا وڪرو گهر هوندا هئا. ڪنهن زماني ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ فتح محمد سيوهاڻي به هن علائقي ۾ رهندا هئا جن وٽ سنڌ جي عالمن اديبن جون محفلون ۽ ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون. پهرين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس جي منصوبابندي به ڪراچي جي هن علائقي ۾ ٿي هئي. ڪراچي جي خوشبو ڳلي (Perume Street) هن وقت به موجود آهي. ان گلي جو رومانٽڪ ماحول ۽ پراسراريت پنهنجي جاءِ تي ايندي ويندي جي ذهن تي سحر طاري ڪري ڇڏيندي آهي. هڪ ڀيري منهنجو دلي دوست بشير احمد شاد ڪراچي کان مون وٽ آيو هو. گهمندي گهمائيندي اوڙي پاڙي جو چڪر کارائيندي مون کيس اچي بوتل گلي جو سير ڪرايم. هر قسم جون، هر رنگ جون، هر سائز جون ۽ هزارين ڊزائن جون بوتلون ڏسندا چئو طرف پکڙيل خوشبويات جو واس وٺندا جڏهن هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي پهتاسين ته شاد صاحب مون سان پنهنجي خيال جو اظهار ڪندي چوڻ لڳو ته يار هن گلي تي ته پي ايڇ ڊي ڪري سگهجي ٿي. مون کيس چيو ته ريسرچ جو موضوع ڇا ٿيندو. ساهي ڀري چوڻ لڳو موضوع ٿيندو تحريڪ آزادي ۾ بوتل ڳلي جو حصو. بهر حال بشير احمد تي بوتل ڳلي جي پراسراريت ۽ خوشبوعيات جو جيڪو اثر مرتب ٿيو هو تنهن جو هن اظهار اهڙن لفظن ۾ ڪيو.
قادري صاحب جو فليٽ چوٿين منزل تي هو روڊ جي ٻنهي پاسن تي هيٺ هوميوپيٿڪ دوائن جا دڪان هئا. قادري صاحب جي گهر وڃڻ لاءِ ڪاٺ جي لچڪيدار ڏاڪڻيون پار ڪرڻيون پونديون هيون جيڪي چڱيون ڀليون حالت زار ۽ زبوني کي پهچي چڪيون هيون. قادري صاحب جو فليٽ آخري منزل تي هو ۽ کيس فليٽ جي ڪوٺي جو بينيفٽ حاصل هو جنهن تي هڪ اڌ ڪمرو ۽ کليل آڳر هو جنهن ۾ عباس عملدار جو جهنڊو لڳو پيو هوندو هو. آڳر ۾ بيهي پاڪستان چونڪ ڏي نگاهه ڪندو هوس ته سيوا ڪنج هاسٽل جون بالڪونيون نظر اينديون هيون جتي ڏهه ٻارهن سال اڳ اسان بيهي ارد گرد جي ماحول جو جائزو وٺندا ۽ هوا خوري ڪندا هئاسين. قادري صاحب مون کي پنهنجي اوطاق ۾ ويهاري وڃي چانهه پاڻي جو بندوبست ڪندو هو ناشتي پاڻي کان پوءِ منهنجي مضمون جا فائل ڏسندو هو. ڪميون خاميون ۽ قص و ناقص مٽيريل جي باري ۾ نشاندهي ڪندو هو تحقيقي ڪم ۽ لکڻ جي اصولن معيارن ۽ حوالن وٺڻ جي قائدن متعلق ڪارآمد معلومات فراهم ڪري آئينده ملاقات جو ٽائم ٽيبل ڏيندو هو.

محمد وسيم بخاري

محمد وسيم بخاري

جن شخصيات جي ڏاهپ علم ۽ اعليٰ ڪردار مون کي متاثر ڪيو، تن ۾ ڊاڪٽر اياز حسين قادري، پروفيسر عبدالمنان چانڊيو، پروفيسر عبدالله جاويد ۽ سيد عبدالحفيظ شاهه ٺٽي گُجي وارو شامل آهن. محمد وسيم بخاري ڪراچيءَ وارو به انهن شخصيات مان هڪ هو، جنهن جي سچي ۽ کري ڪردار نه رڳو مون کي متاثر ڪيو پر ان جي سهڻي سُلوڪ ۽ سادگي منهنجي ناتوان زندگيءَ کي وڏي توانائي پڻ بخشي. 1973ع جي سرءُ جي مند ۾ هن صاحب سان ملاقات ان وقت ٿي جڏهن مان پنهنجي دوست ظهيرالدين صديقي جي اوطاق تي ويٺو هوس. ماهه و سال جي لحاظ کان هن جي عمر عزيز منهنجي والد جيتري هئي پر هُن جي سلوڪ گفتگو ۽ پيش اچڻ جي طور ۽ طريقي مون کي گهڻو متاثر ڪيو. اُها هن جي ذاتي خوبي هئي جو هو ننڍن سان ملڻ وقت ننڍو ٿي بيهندو هو ۽ انهن سان سهڻي نموني معاملا فهمي ڪندو هو ۽ نئين ٽهيءَ وارن سان انهن جي سوچ ۽ قد مطابق پيش ايندو هو.
محرم جا ڏينهن هئا، ظهير الدين صديقي مون کي ٻه ٽي ڏينهن اڳواڻ دعوت ڏني هئي ته آچر جي شام جو ٽيپهري جي نماز کان پوءِ منهنجي گهر ۾ حليم جي دعوت آهي. تنهن ڪري تون ضرور اچجانءِ ان وقت مان اين اي ڊي ڪاليج جي هاسٽل سيواڪنج ۾ مقيم هوس. مان شام جو مقرر وقت تي ظهيرالدين جي اوطاق تي پهچي ويس. منهنجي ڀرسان نشست تي ويٺل هڪ بزرگ شخص سان تعارف ڪرائيندي مسٽر ظهيرالدين ٻڌايو ته هي محمد وسيم بخاري آهي، منهنجو عزيز دوست ۽ پاڙيسري آهي. سلام دعا ٿي، همراهه جي تن تي شيرواني مٿي تي جناح ڪيپ، هيٺ تي پاجامو ۽ هٿ ۾ واڪنگ اسٽڪ ڏسي مون ڪي لمحا هن کي نظرانداز ڪيو، مگر جڏهن ٽيبل ٽاڪ دوران هن گفتگو ڪئي ته ايئن لڳو ته هي بزرگ عصر حاضر جي مڙني معاملات جو ادراڪ رکي ٿو. گفتگو دوران هو پنهنجي واڪنگ اسٽڪ کي گهمائيندو پئي رهيو ۽ پنهنجون نظرون اسٽڪ جي ڦرندڙ گهرندڙ پوزيشن تي ڄمائي ويٺو رهيو، سندس انداز گفتگو مان ايئن پئي لڳوته ڄڻ هو حفظ ڪيل ڳالهيون پيو بيان ڪري، جڏهن ساڻس ٻي ملاقات ٿي تڏهن هن جي جسم تي سفيد رنگ جو ڪڙتو پاجامو پهريل هو کيس مٿي تي جناح ڪيپ هئي، هڪ هٿ ۾ اسٽڪ ۽ ٻي هٿ ۾ ويڙهيل سيڙهيل جسارت اخبار هئي. محفل ۾ جڏهن به ڳالهائڻ جو کيس موقعو مليو ٿي تنهن ۾ هن جيڪا گفتگو ڪئي سان نه رڳو اپڊيٽ هئي پر منهنجي لاءِ بهترين معلومات به هئي. ٽن چئن ملاقاتن کان پوءِ تقريبن هن سان منهنجي دوستي ٿي وئي، دراصل مان وڏي عمر جي علمي، و ادبي استعداد جي اشخاص کان ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي غرض سان دوستي ڳنڍڻ ۾ ڪو عار نه سمجهندو هوس. ساڳئي ئي سال سيوا ڪنج هاسٽل ڇڏڻ وقت مون کي ڪنهن مناسب ۽ پنهنجي پهچ مطابق رهائش جي ضرورت پئي ته محمد وسيم بخاري پنهنجي گهر جي مٿان اڏيل پهرين منزل تي نهايت مناسب مسواڙ تي جاءِ فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي. جڏهن مان سندس فرسٽ فلور تي منتقل ٿيس تڏهن هن منهنجو هر طرح سان خيال رکيو. محمد وسيم پنهنجي عادت کان مجبور هوندو هو ته ماڻهن کي ڄاڻي ٻجهي هر ويلي جي نماز ۾ شريڪ ڪري، تنهن ڪري بانگ ٻڌي گهران نڪرندو هو ته مسجد پهچڻ تائين گهٽين ۾ حيٰ علي الصلات جون صدائون ڏيندو ويندو هو.
ديني ۽ مذهبي لحاظ کان هن جون گهڻيون عادتون سائين ابوالخير فيض محمد سيال جهڙيون هيون. منهنجو مشاهدو هو ته هن جي انهن عادتن پٺيان ثواب ڪمائڻ واري نيت ڪانه هوندي هئي. مگر هو فهم قرآن مطابق نهي عن المنڪر جي حڪم تي تعميل ڪندو هو، هو نيڪ طبيعت ۽ نيڪ خيالن جو مالڪ هو، هر هڪ سان ميل ملاقات ۾ دين مطابق معملو ڪندو هو. ملڻ ڪرڻ ۾ هر وقت شاعستگي جو خيال رکندو هو. اهو سندس زندگي جو معمول هو. هندستان جي ورهاست کان اڳ ريلوي کاتي ۾ اسٽور ڪيپر هو. منهنجي اندازي موجب 44-1943ع جي زماني ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو هيائين، انگريزيءَ ۽ ميٿمئٽڪ ۾ تمام گهڻو هوشيار هو، محنتي، اورچ هو. تنهن ڪري پنهنجي محڪمي جي ڪمن ۾ خاص مهارت حاصل هئس. ملڪ جي ورهاڱي بعد لاهور ۾ آيو ته کيس ڪاٻاري ۽ سند جي بنياد تي ساڳئي محڪمي ۾ ساڳي پوسٽ تي تعيناتي ٿي، پاڻ چوندو هو ته ڀارت ۾ ڇڏيل وڏن جي ملڪيت عيوض مون ڪو به ڪليم داخل نه ڪيو. پاڪستان ۾ هن جي پهرين پوسٽ مغل پوريءَ ۾ ٿي ڪجهه سال گذارڻ کان پوءِ سندس پوسٽنگ ڪراچيءَ ۾ ٿي، جتان سکر حيدرآباد وري ڪراچي موٽيو، جتان هن رٽائر مينٽ ورتي. ورهاڱي جي سٽيل مهاجرين مان اٽي ۾ لوڻ برابر مهاجرين ملن ٿا، جن هندن جي ڇڏيل عمارتن تي قبضا نه ڪيا. ڪراچي ۾ سروس دوران هن پنهنجو پهريون گهر ڪسٽوڊنٽ سبسڊائيز اگهڻ تي لياقت علي خان جي مهاجر آبادڪاري واري اسڪيم ۾ حاصل ڪيو. رٽائرمينٽ فنڊس مان فيڊرل بي ايريا ۾ سنڌ گورنمينٽ جي اسڪيم ۾ انتهائي سستي اگهه تي خريد ڪيل پلاٽ تي بلاڪ سترهين ۾ هن پنهنجو ٻيو گهر اڏيو جنهن ۾ ٻه سال کن آئون به مسواڙي ٿي رهيس. جڏهن آئون سندس گهر ڇڏيندي مين انچولي روڊ تي پنهنجي رهائش اختيار ڪئي تڏهن به وسيم صاحب سان منهنجي دوستي قائم رهي.
ظهيرالدين جي ننڍي ڀيڻ لاڙڪاڻي مان ڏهين جماعت پاس ڪري ڪراچي ۾ مقيم ٿي چڪي هئي. جنهن جي رشتي جي ڳالهه لاڙڪاڻي ۾ سندس والده سان هلي چڪي هئي. ڪراچي ۾ وري نئين سِر ڳالهين هلائڻ جي ضرورت پئي ته ظهيرالدين جي دوست وسيم صاحب کي وچ ۾وڌم، مگر انهن پنهنجي ڇوڪري جو رشتو ڪنهن ٻي هند طئي ڪري ڇڏيو. قدرت سانگي ظهيرالدين جي تعاون سان وري منهنجو رشتو وسيم صاحب جي گهر ويو، ته هنن خوشيءَ سان قبول ڪيو. انچولي سوسائٽي ۾ منهنجي زندگيءَ جي نئين دور جو آغاز وسيم صاحب سان رشتيداري ڳنڍجڻ سان شروع ٿيو. جنهن ڪري اسان جلد ئي هڪ ٻئي جي ويجهو اچي وياسين، سماجي، معاشي توڙي تعليمي معاملات ۾ اسان کي هڪ ٻئي جي ضرورت پوندي هئي ته هڪ ٻئي جي مدد لاءِ هر وقت تيار هوندا هئاسين. محمد وسيم باهمت ۽ دورانديش ماڻهو هو، جنهن دور مان هو گذري رهيو هو، اهو مالي ۽ معاشي لحاظ کان هن جي لاءِ مشڪل دور هو. هو وچولي طبقي جي ليول جي زندگي گذاري رهيو هو، قدرت الاهي سان پُٽن جي اولاد کان اڳ ۾ نياڻيون ڄايون هئس. جن مان ٻن جي لياقت آباد ۾ رهائش دوران شاديون ڪري چڪو هو، سندس آمدني جا ذريعا به محدود ٿي چڪا هئا. تنهن ڪري هو پنهنجي زندگي جي مشڪل دور سان جهيڙي رهيو هو. پُٽ جي اولاد ننڍي ڄمار جي هئي، جيستائين هو تعليم جي مراحل مان گذري ۽ ڪمائڻ جي لائق ٿئي، تيسين زندگيءَ جو گاڏو کيس اڪيلي سر ڇڪڻو پيو. ديندار، ايماندار ماڻهو هو، سندس زندگي وڏن انقلابن مان گذري چڪي هئي، پر هن ڪڏهن به همت نه هاري هئي، ريلوي مان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ نيشنل ٽائرس ۾ ملازمت ڪيائين، پنج ڇهه سال گذارڻ بعد اتان به کيس جواب مليو، فيڊرل بي ايريا بلاڪ سورهين ۾ ان وقت يوسف پلازا نئون تيار ٿي رهيو هو، تنهن ۾ هن هڪ دڪان بڪ ڪرايو، جڏهن کيس دڪان جو قبضو مليو ته اُن ۾ اليڪٽرڪ اپلائينس جو اسٽور کوليو مگر اهو به نه هليو ته ٽيوشن پڙهائڻ شروع ڪيائين. حافظو سُٺو هوس. ٻولين سکڻ ۾ به خداداد صلاحيتن جو مالڪ هو، هندي، فارسي انگريزي، اردو نه رڳو روانيءَ سان ڳالهائيندو هو، بلڪه انهن ٻولين ۾ شاعري به ڪري ويندو هو، ميٿمئٽڪ تي پڻ باقائدگي سان عبور حاصل هوس. سنڌي ٻوليءَ جي سکيا مون کان حاصل ڪيائين، اهڙي قسم جي مهارتن جي ڪري کيس ٽيوشن پڙهائڻ ۾ وڏي ڪاميابي ملي ۽ سندس بهترين گذر سفر پئي ٿيو.
جواني کان ئي مولانا ابوالعالا مودودي جي فڪر جو قائل هو ۽ ڪيترا ماهه و سال جماعت اسلامي جي متفق ۽ همدرد جي حيثيت سان فلاحي ڪمن ۾ گذاري ڇڏيائين، جماعت اسلامي جي پليٽ فارم تي وڏي مخلصي ۽ اورچائيءَ سان خدمات جي صلي ۾ کيس جماعت اسلامي جي رڪنيت ملي ته سمجهڻ لڳو ته کيس زندگيءَ جو ڪو اعليٰ ترين اعزاز مليو آهي. جماعت اسلاميءَ جي رڪن ٿيڻ کان پوءِ هو رات ڏينهن ديني پروگرامن ۽ فلاحي ڪمن ۾ پنهنجي وت کان وڌيڪ وقت ڏيڻ لڳو، جيتوڻيڪ سندس عمر 80 کان ٽپي چڪي هئي.
وسيم صاحب پنهنجي علمي استعداد وڌائڻ لاءِ مطالعي تي گهڻو زور ڏيندو هو، هن جي ذاتي لائبريري ۾ به ديني ڪتابن جا ٻه وڏا ڪٻاٽ ڀريل هوندا هئا، جن ۾ اڪثريت ديني ڪتابن جي هئي، احاديث جا ڪتاب، بخاري مسلم، ابن ماجا ۽ ٻين حديثن جي ڪتابن جا مڪمل وٽس سيٽ موجود هئا، مولانا ابوالاعليٰ مودودي جي ڪيل تفسير تفهيم القرآن جا مڪمل ڇهه جلد سندس لائبريري جي زينت هئا، جن جو هر وقت مطالعو ڪندو رهندو هو، حافظي جو تيز هو تنهن ڪري حديثون ۽ قرآن ڪريم جو آيتون مطلب ۽ معنيٰ سان ٻڌائيندو هو، منهنجي گهر واري، منهنجا ٻار ۽ مان ڪوشش ڪري قرآن ۽ حديث کانئس سکندا رهندا هئاسين، ان جي لائبريري تقريبن منهنجي حوالي هوندي هئي، پوءِ به جيڪي ڪتاب سندس لائبريريءَ مان مطالعي لاءِ کڻي ايندو هوس، تن جو رجسٽر ۾ اندراج ڪري ايندو هوس. امام تيميما، ابن خلدون جي تاريخ جا مڪمل جلد ۽ ان تي لکيل ابن خلدون جو مقدمو وٽس موجود هئا، جنهن کي آئون باقاعدي پڙهندو رهندو هوس. ڇاڪاڻ جو ابن خلدون جا مضامين ڪاليج جي نصابي ڪتابن ۾ پڙهائڻا پوندا هئا. خلفاءِ راشدين جي حيات طيبه ۽ حضرت عمر بن عبدالعزيز جي زندگيءَ تي بهترين ڪتاب سندس لائبريريءَ جي زينت هئا، ازان علاوه نبي ڪري صلي الله عليه وسلم و آل هي جي حيات طيبه ۽ سيرت النبي تي به ڪافي ڪتاب وٽس موجود هئا.
زندگيءَ جي آخري حصي ۾ محمد وسيم بخاري پنهنجي زندگي قرآن و حديث، روزي نماز، قرباني ۽ خدمت انسانيت لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. هو جماعت اسلامي جي تنظيمي ۽ فڪري ضابطن کان آزاد ٿي سوچيندو ۽ عمل ڪندو هو، اهو عمل هن جي ديني مطالعي سببان فڪري وسعت جو نتيجو هو ۽ مان ان جي اهڙي فهم و فڪر کان وڌيڪ متاثر هوندو هوس، ڇاڪاڻ جو دين اسلام آفاڪي دين آهي ۽ ان جي پهچ ۽ وسعت به اوتري عظيم تر آهي، تنهن ڪري هن کي جماعتن جي چڪرن ۽ فڪڙي ڌڙي بندين اندر قيد ڪري نه ٿو سگهجي.
محمد وسيم عمر عزيز جي پوئين ڏينهن ۾ پهريان کان وڌيڪ آزاد ٿي سوچيندو ۽ عمل ڪندو هو، کيس لبرل سوچ جو ليکي نه ٿو سگهجي، پر تڏهن به ڪنهن قدر هو جماعت اسلامي جي ڪٽر پڻي جي دائري کان ٻاهر نڪري چڪو هو. پنهنجي اولاد، منهنجي اولاد ۽ مونسان ۽ خصوصن پنهنجي سس ۽ سوهري ۽ پنهنجي گهر واريءَ سان نهٺائي ۽ احسن طريقي سان پيش ايندو هو، جيتوڻيڪ پنهنجي بنيادي عقيدي جو اڃان به پابند هو ۽ ٻي پاسي اسان سڀئي سُني عقيدي جا پابند هئاسين، مگر گهرو ماحول کي بهتر رکڻ لاءِ ٻئي ڌريون ديني معاملات، رواداري ۽ پنهنجن عقيدن جي پاسداري رکندا هئاسين، ان رواداريءَ جا نتيجا اهي نڪتا جو هو پنهنجي اولاد سان جماعتي فڪر ۽ عقيدي جي بنياد تي ڪو جبر نه ڪندو هو. بلڪ صبر ۽ سانت کان ڪم وٺندو هو، اهڙي سوچ جي بنياد تي هن پنهنجي نياڻين جا رشتا ۽ شاديون به سني فڪر مڪتب جي ماڻهن سان ڳنڍيا.
زندگيءَ جي پڇاڙي وارن ڏينهن ۾ محمد وسيم صفا فقير ۽ درويش صفت انسان ٿي پيو هو. داتا گنج بخش علي هجويري جي ڪتاب ڪشف المحبوب ۽ امام تميمه جي ڪتابن جو مطالعو ڪندو هو. سندس طبيعت جي ماٺيڻائي خوش اخلاقي ۽ ايثار ڏسي منهنجي والده چوندي هئي ته وسيم صاحب ته هاڻي اصحبي ماڻهو ٿي پيو آهي.
جواني کان ئي روزي نماز زڪوات ۽ قربانيءَ جون پابنديون مڪمل طور بنا ڪنهن غفلت جي بجاءِ آڻيندو رهيو هو ۽ رمضان شريف جو پويون ڏهاڪو اعتقاف ۾ گذاريندو هو، شام ٿيندي هئي ته سندس گهر واري مان يا سندس پُٽ مسجد ۾ افطاري کڻي ويندا هئاسين، مسجد ۾ هو پنهنجي منهن ويهي قرآن ۽ احاديث جا ڪتاب پڙهندو رهندو هو. اعتقاف دوران فضول گفتگو ۽ ڪنهن ٻي شغل کان پاسو ڪندو هو. قرآن شريف پڙهڻ جو ايترو هوشيار هو جو فجر جي نماز کان سانجهيءَ جي وقت تائين پوري قرآن جو دور ڪري ويندو هو، زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ چندي جي ڪجهه امدادي رقم ۾ قرآن حڪم جا نسخا ڊزاسٽر سٽيل ڪنهن مسلم ملڪ کي پهچائڻ جي غرض سان گهران کڻي نڪتو هو ته واٽر پمپ جي علائقي ۾ اوچتو سندس رڪشو آڏو اچي ويو، خوف وچان هٿ مان اسٽڪ ڇڏائجي ويس ۽ سندس جسماني توازن پڻ قائم رهي نه سگهيو ۽ وڃي زمين تي ڪريو، جنهن جي نتيجي ۾ سندس ڄنگ جي هڏي ڀڄي پئي. سول اسپتال ۾ بروقت صحيح علاج ٿيس، سندس لواحقين اولاد ۽ مان اسپتال ۾ وٽس هر وقت موجود هئاسين، جنهن ڏينهن کيس اسپتال کان ڊسچارج پئي ڪيو ويو ۽ ڪاٻاري جي تياري پئي هلي ته ان وقت سهاري سان هلڻ لاءِ نرس هن جي ڀرسان اچي بيساکيون رکيون، جن کي ڏسي هو گهڻو دلگير ٿي اهڙي مايوسيءَ جي ڪيفيت ۾ هليو ويو جو کيس دل جو دورو ٿي پيو. ڪارڊڪ اريسٽ ايتري سنگين هئي، جو هو ان جو ڌڪ پچائي نه سگهيو ۽ سندس وفات ٿي وئي، مرحوم جي جنازي نماز جماعت اسلامي جي امير مولانا جان محمد عباسيءَ جي امامت ۾ نصيب ٿي ۽ کيس سخي حسن واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو، ايئن هو هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو:
جهڙا آيا جڳ ۾ تهڙا ويا موٽي
اناللهِ و انا اليه راجيعون.

عبدالحفيظ شاهه

عبدالحفيظ شاهه

آئون اڳ ۾ لکي چڪو آهيان ته منهنجي زندگيءَ ۾ ايندڙ ڪن شخصيات جي علمي ڏاهپ ۽ مان مريادي مون کي ايترو متاثر ڪيو جو اڌ صدي گذارڻ بعد به انهن کي وساري نه سگهيو آهيان. پنهنجي گهرواريءَ جي خاندان جي وڏي ڄمار جي بزرگن جي احوالن ۾ هن پڙاڏي جي گونج ٻڌڻ ۾ ايندي هئي ته گجي ٺٽي وارو عبدالحفيظ شاهه صاحب هندوستان جي ورهاڱي کان ڪجهه سال اڳ انڊين آرمي ۾ ليفٽينينٽ يا ڪئپٽن جي عهدي تي فائز هو، ڪنهن شخصي اڻ وڻندڙ ڳالهه يا واقعي جي بنا تي فوج جي گوري آفيسر کي بندوق سان فائر ڪري فرار ٿي اچي سنڌ ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيو هو، پاڪستان جي معرض وجود ۾ اچڻ کان پوءِ سندس والده جيڪا مغل گهراڻي جي چشم و چراغ هئي، سا پنهنجن ٻچن سان گڏجي ڪراچي سنڌ ۾ آئي، مهاجرن لاءِ جڏهن سنڌ ۾ ڪليم داخل ڪرڻ جو چڪر شروع ٿيو ته ان مغلياڻي صاحبه جيڪا هندوستان ۾ زميدارڻي سڏبي هئي، تنهن پنهنجي ملڪيت جي عيوض ڪليم داخل ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ کيس زمينون الاٽ ٿي ويون، جنهن کي هن پنهنجي جيئري هوندي ئي اولاد ۾ برابر حصن سان ورهائي ڇڏيون. پنهنجي ماءُ جي ملڪيت مان عبدالحفيظ شاهه کي جيڪو حصو مليو، اهي گجي ٺٽي واريون ڪجهه زمينون هيون جن تي هن پنهنجي زمينداري شروع ڪئي، ٺٽي گجي ۾ رهڻ دوران هو اُتان جي بزرگن ولين ۽ خصوصن ٻهراڙيءَ جي عام ماڻهن جي سڀاءَ ۽ سچائي مان متاثر ٿي پنهنجي زمينن تي جهوپڙا اڏي ويهي رهيو.
عبدالحفيظ شاهه جي والد محترم جو نالو سيد عبدالعزيز هو جنهن جي گهرو لائبريري ۾ پنهنجي پنهنجي بزرگن ۽ هندستان جي عالمن جي هٿن جا لکيل ديني ڪتاب موجود هئا. هو خالص مذهبي ۽ ديني خيالن جو ماڻهو هو، جنهن جو اثر هن جي اولاد تي چڱو خاصو مرتب ٿيو، سندس اولاد مان عبدالحفيظ شاهه تي رنگ سڀ کان وڌيڪ چڙهيو
عبدالحفيظ شاهه کي ديني علوم سان گڏو گڏ انگريزي ادب جو پڻ مطالعو ۽ مشاهدو هو، ان جي زندگي ۾ ڪو وقت اهڙو به آيو جو کيس زمينن مان جيڪا اُپت ٿيندي هئي، تنهن جي کپت مذهبي ڪمن ڪارن ۽ غريب هارين نارين تي ڪرڻ لڳو. خاص گجي ڳوٺ جي اولهه پاسي زمينن ۾ ٻهراڙيءَ جي لحاظ کان هڪ عاليشان مسجد جوڙيائين. جيڪا پري کان نظر ايندي هئي ۽ اسان ان کي سائي قُبي واري مسجد سڏيندا هئاسين، ڪجهه وقت اڳتي هلي ان ۾ درس و تدريس جو ڪم شروع ڪيائين ۽ ڳوٺ ۽ ٻهراڙيءَ جي ٻارن کي مفت ماني ۽ قرآن ناظرا جي تعليم جو بندوبست ڪيائين، اڳتي هلي مسجد ۾ هڪ حافظ قرآن مولوي به مقرر ڪيائين. گجي ۾ قائم جهوپڙن ۾ عبدالحفيظ جي سخاوت مهمانداري ۽ مذهبي رواداريءَ جون خبرون ڏيهان ڏيهه پهتيون ته وٽس اوسي پاسي جا ڪڙمي ڪامي غريب غربا مريض ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو هن جي آستاني تي اچڻ وڃڻ لڳا. گهڻن ماڻهن جي اچڻ ڪري هن پنهنجي جهوپڙن ۾ پڪين سرن جا ٻه چار ڪمرا تيار ڪرايا ۽ آئي وئي جي لاءِ پنهنجي مهمان خاني جو دائرو وڌائي ڇڏيو، سنڌي ادب ۽ شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ جي مطالعي کان پوءِ عبدالحفيظ شاهه جي طبيت ۽ مزاج ۾ وڏو ڦيرو آيو. ۽ هو پنهنجي زميداريءَ کان وڌيڪ ڌڻيءَ جي ذڪر اذڪار تي توجه ڏيڻ لڳو. پاڻ ڪڙمين جو علاج معالجو جاري وساري رکيائين.
ان زماني ۾ سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جا طالب علمن خصوصن جيئي سنڌ جي خيالن جي نوجوانن جو وٽس اچڻ وڃڻ رهندو هو. پاڻ منطق فلسفي ۽ استدال جو نه رڳو قائل هو بلڪه انهن علمن جي کيس ڪافي ڄاڻ هئي، تنهن ڪري قائل ڪيو يا قائل ٿيو واري رويي ۽ روش جي بنياد تي ڪيترن پڙهيل لکيل ماڻهن کي مڃائي پنهنجي ويجهو ڪري ڇڏيائين. علاوه ازين، ذڪر اذڪار ۽ سٺي ڪار خدمت جي ڪري نوجوان طبقو ويو سندس مريد بڻبو.
1970 واري ڏهاڪي ۾ منهنجو اچڻ وڃڻ وٽس شروع ٿيو، ان وقت سندس آستانو نه رڳو ديني ۽ علمي ادبي مرڪز بڻجي چڪو هو بلڪه هڪ درگاهه جي شڪل و صورت پڻ اختيار ڪري چڪو هو، پاڻ نبي ڪريم صلعم جو پڪو مڃيندڙ ۽ پيرو ڪار هو، تنهنڪري پنهنجي پياري نبي صلعم جي آخري نبي هجڻ تي وڏي استدلال سان گفتگو ڪندو ۽ درس ڏيندو هو، جڏهن سنڌ ۾ قادياني فتني کي وڌندو ڏٺائين ته ان جي خلاف دامي، درهمي وسنخي ميدان ۾ ڪڏي پيو قادياني لٽريچر جي مخالفت ڪندي پنهنجي تحريرن کي ۽ ٻئي ديني علمي ادبي مواد کي ڇپائڻ لاءِ آستاني تي هڪ آشاعتي ادارو قائم ڪيائين،هڪ ڀيري شايع ٿيندڙ سنڌي مواد جو مسودو منهنجي سامهون آيو ته ان ۾ مونکي سنڌي صورتخطي جون ۽ آشاعتي سلسلي جون ڪجهه غلطيون نظر آيون، جن جي باري ۾ مون کيس مطلع ڪيو، مون کيس اهو به ٻڌايو ته انهن ايترين غلطين جي ڪري توهانجي پيغام جي علمي حلقن ۾ اهمت متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، تنهنڪري انهن غلطين جي تصحيح ڪري مواد جو ٻيهر ڇپجڻ ضروري آهي، منهنجي ڳالهه کيس سمجهه ۾ آئي ان ڪتاب جي ٻي آشاعتي ۾ اهي غلطيون دور ڪرڻ سان علمي حلقن ۾ سندس ڪتاب جي پزيرائي وڌي وئي، مان عبدالحفيظ شاهه جي ناٺي جو ناٺي هوس تنهنڪري سندس ديري تي وڌندڙ علمي ۽ ديني ڪم جي نشر واشاعت جي ڪمن جي سلسلي ۾ کيس منهنجي ضرورت محسوس ٿي.
ويتر جو هن درگاهه تي علمي ۽ تعليمي ادارن جا شاگرد ۽ اساتذه اچڻ لڳا، ته هڪ سنڌي ليکڪ ۽ مترجم جي کيس ضرورت محسوس ٿي ته پنهنجن کان وڌ مون تي رازونڊڻ لڳو، مان هن جي مذهبي خيالن ۽ ويچارن جو قائل هوس ۽ هن جي صلاحتن ۽ شخصيت کان استفادو ڪندو هوس مونکي هن جي کڙي ڪيل فطري ماحول مان گهڻو حذ حاصل ٿيندو هو پوءِ به مان پنهنجي طبيعت ۽ خيالن کان مجبور هوس جنهن ڪري سو سيڪڙو نه هن جي ها ۾ ها ملائي سگهندو هوس نه ئي وري مان هن جي فڪر ۽ خيالن جو مڪمل طور مڃتائو هوس، البته هن جي شخصيت جو ادب ڪندو هوس، عبدالحفيظ شاهه جون ڪي خوبيون اهڙيون هيون جيڪي مونکي متاثر ڪنديون هيون، سندس کڙي ڪيل قدرتي ٻهراڙي جي فطري ماحول کان متاثر ٿي ڪي هندو نوجوان به جئي سنڌ جي جٿي سان هن جي آساني تي گهمڻ کائڻ پيئڻ ۽ شغل ڪرڻ ايندا هئا، تن مان ڪن سندس شخصيت ۽ تعليمات کان متاثر ٿي اسلام قبول ڪيو. شاهه صاحب ڪيترن هندن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا خط منهنجي اڳيان رکيا جيڪي کانئس محبت ڪندي مسلمان ٿيڻ جي اڇا ڪندا هئا. انهن مان سرڪاري کاتي جو هڪ هندو ڪلارڪ وٽس ايندو هو جيڪو بعد ۾ مسلمان ٿيو، ۽ هن وقت عبدالواحد جي نالي سان ڪوٽڙي ۾ مقيم آهي، جنهن پنهنجي اسلام آڻڻ جي باري ۾ هڪڙو ڪتاب پڻ تحرير ڪيو هو ته مان مسلمان ڇو ٿيس.
مسٽر عبدالواحد ڀلي هندو گهراڻي مان هو پر مسلمان ٿيڻ کان پوءِ هن جي مائٽن سندس ڪوٽڙي ۾ رهڻ مشڪل ڪري ڇڏيو هو، سندس گهر واري اسلام قبول نه ڪيو ۽ پنهنجن وٽ ڪوٽڙي ۾ مقيم رهي اهڙي صورت حال جي ڪري سندس ٻار ٻچا رلي ويا پر شاهه صاحب عبدالواحد کي پنهنجي زمين ۾ مسجد ۽ آستاني جي لڳو لڳ گهر ٺهرائي ڏنو جتي هو رهڻ لڳو، شاهه صاحب سندس ڪوٽڙي مان بدلي به مڪلي واري آفيس ۾ ڪرائي ڏني جتي هو پنهنجي زندگي سڪون سان گذارڻ لڳو، عبدالواحد گجي ۾ رهائش دوران اشاعتي اداري ديني ڪمن ڪارن، مهمان داري جي ڪمن ۽ لائبريريءَ جي نگراني پڻ ڪندو هو، گجي جي ماحول ۾ رهڻ ڪهڻ ۽ ڏسڻ واچڻ کان پوءِ مون اندازو لڳايو ته انجينيئرس، ڊاڪٽرس ۽ ڪن سرڪاري آفيسرن جي اچڻ وڃڻ ڪري ڪم ڪار اٿڻ ويهڻ ۽ ماحول ۾ ڪجهه تبديلون اچڻ لڳيون هيون. اهڙي طبقي جي ماڻهن جي مهمان نوازي آڌرڀاءَ ۽ رهائڻ توڙي ٽڪائڻ لاءِ شاهه صاحب کي سوفيسٽڪيٽ ڪارندن جي ضرورت محسوس ٿي. ان ڏس ۾ ڪجهه ايم. بي. بي. ايس. ڊاڪٽر انجينيئر ۽ تعليم يافته مريدن جو هڪ گروپ سندس ڪمن ڪارن ۾ حاضر رهڻ لڳو، سندس آستاني تي ڪڏهن ڪڏهن جيڪي ڪانفرنسون اجلاس ۽ گڏجاڻيون ٿيڻ لڳيون، ان جي ڪمن ڪارن ۾ نوجوانن جو اهم هڪ جٿو ڪم سنڀالڻ لڳو، هڪ وقت اهڙو به آيو جو سندس درگاهه تي وڏي پيماني تي ڪم ٿيڻ لڳا، ان زماني ۾ عبدالحفيظ شاهه پنهنجي دوستن ۽ مريدن جي صلاح مشوري سان ذاڪرين جي نالي سان هڪ تنظيم قائم ڪئي جنهنجي لاءِ هڪ گشتي پڪ اپ به خريد ڪيائين، فوجي ماڻهو هو طبع مزاج جو بهادر هو مگر ڪجهه ارڏو به هوندو هو پنهنجي 200 هارس پاور جي ٽرمپ هيوي بائڪ تي ڪراچي ايندو ويندو هو پر جڏهن جهونو ٿيو ته هائي لڪس ٽيوٽا پڪ اپ رکيائين، ان زماني ۾ سندس وڌيل ديني مذهبي سرگرمين کي منهن ڏيڻ لاءِ نوجوان معتقد ڊاڪٽر راشد صاحب سندس ادارن جا امور ۽ انتظام سنڀالڻ لڳو ۽ عبدالحفيظ شاهه کي حقيقي طور جنهن ماڻهو جي تلاش هئي، سو ماڻهو کيس ملي ويو، ڪڏهن ڪڏهن مان به پنهنجن ٻارن ٻچن سوڌو موڪلن جا ڏينهن گذارڻ لاءِ وٽس گجي ويندو هوس، مونکي ۽ منهنجي ٻارن ٻچن کي اتان جي فطري، قدرتي ۽ تنظيمي نظام جون رنگينيون ۽ خوبصورتيون گهڻون وڻنديون هيون علاوه ازين هنن کي عبدالحفيظ شاهه جي آستاني جا نيم قائدا ۽ تنظيمي نظام جي سليقي مندي ۽ صحت افزا ماحول مان پڻ گهڻو سڪون ملندو هو جنهن جو لطف ماڻڻ جي لاءِ اسان کان سواءِ ڪيترا معتقد ۽ مريد پنهنجو گهر ڇڏي اتي رهيا پيا هوندا هئا.
عبدالحفيظ شاهه نهايت پيارو انسان هو ڪراچي ۾ ايندو هو ته منهنجي گهر ضرور ايندو هو، گرمين جي موسم ۾ مان پنهنجن پراڻڻ نسخن مطابق صندل جي شريت جا شيشا ٺاهي رکندو هوس ته اهو شربت مونکان فرمائش ڪري وٺي ويندو هو، پنجويهه ٽيهه سالن تائين جڏهن به ڪراچي ايندو رهيو ته اسان وٽ ڀيرو ضرور ڪندو هو، جڏهن پنهنجي ڀائرن ۽ نياڻين جا ٻار ٻچا وٽس گهڻو اچڻ وڄڻ لڳس ته پنهنجي گهر جي ڀرسان مڇي جي کڏ جي لڳ جتي ڳئن ۽ ٻڪرين جو واڙو هو تنهن ۾ مختلف پکي پکڻ، مور، هرڻيون، ڪڪڙن، سيهڙن ۽ ٻين پکين جو کڻي چڙيا گهر قائم ڪيائين.
پهريون بستي جو ڏيک مديني شريف جي ٻهراڙيءَ جهڙو رکندي انيڪ کجين جا وڻ رکيائين، ناريلن جا وڻ پوکيائين ۽ ليمن جون چڪيون به رکيائين جن جي پتن جي سبز ليمن چانهن ٺاهي پاڻ به پيئندو هو ۽ آئي وئي جي به ان سان خاطر تواضع ڪندو هو ڇاڪاڻ جو هن گجي ڳوٺ کان جدا هڪ پنهنجي بستي قائم ڪئي هئي، تنهنڪري جيستائين بجلي لڳي لڳي تيسيتائين وڏا جنريٽر هڻي ڪم هلائيندو هو. پنهنجي پهچ ۽ اثر رسوخ تي ٽيليفون جو به بندوبست ڪيو هئائين، سندس زمين گجي نهر ۽ ڄام واهه جي برانچ تي هئي، تنهنڪري پوک ۾ گهڻي قدر واڙي ڪندو هو، مڇي جي کڏ به پنهنجي فارم جي حد اندر هئس جنهن جي ڪنارن تي ڪانهه، ڏير، ٻوڙا، کبڙ، ۽ پيرون گهڻا ٿيندا هئا، سندس بستي جي قريب واهن جو هيڊ ورڪ به هوندو هو، جتي ڪراچي کي پاڻي سپلائي ڪرڻ لاءِ انهن جي صفائي ٿيندي رهندي هئي، گجي جو سڄو ملڪ سائو هوندو هو، شاهه صاحب جي جهوپڙين ٻاهران ماني پچائڻ جا تنور لڳل هوندا هئا، جنهن ۾ پنهنجي خوشي سان ڪم ڪندڙ ۽ ماني پچائيندڙ ماڻهن جو ٽولو هما وقت موجود هوندو هو، مسافرن لاءِ قائدن ۽ نيمن جي پابندي ڪا نه هوندي هئي، انهن کي چانهن ماني هر وقت ملندي هئي، باقي مدرسي و مسجد جي مستقل رهائشين لاءِ ۽ سندس لاءِ رڳو ٻن وقت جي ماني پچندي هئي، صبح جو ديسي ڪڪڙين جا آنا ۽ چانهن ماني وغيره سان ناشتو تيار ٿيندو هو ۽ رات جو ٻوڙ ماني يا لاڙي چانور پچندا هئا، مگر چانهن ۽ سگريٽ جو چين پياڪ هو، پنهنجي لاءِ جيسمين گرين چانهن پسند ڪندو ۽ سردين جي موسم ۾ نيسڪيفي ڪافي نوش ڪندو هو.
مان عرض ڪري چڪو آهيان ته منهنجي ٻچن ۽ گهر واري سان هن جي تمام گهڻي لڳندي هئي، منهنجي گهر واري سندس دادلي هجڻ ڪري ۽ صاف سنڌي ۾ بنا رعايت جي کيس سچيون ۽ کريون ڳالهيون ٻڌائي ڇڏيندي هئي ۽ چرچي ڀوڳ ۾ ساڻس پڄي ايندي هئي، اسان تي عبدالحفيظ شاهه جو خاص توجهه پڻ هوندو هئو، ڪجهه راز نياز ۽ ڪجهه سنڌي هجڻ جي ناتي ۽ رشتي جي ڪري هڪ ڀيري هن جو اسان تي ايترو پيار اچي ويو، جو مونکي ۽ منهنجي گهر واري کي پنهنجي هجري ۾ گفتگو ڪندي پنهنجي دل جي ڳالهه ڪندي چيائين ته مان توهان کي گجي ۾ زمين جو ٽڪرو به ڏيندس ۽ پنهنجي گهر جي ڀرسان پيل زمين تي جاءِ به ٺهرائي ٿو ڏيان ۽ غلام رسول جي بدلي به مڪلي واري ڪاليج ۾ ڪرايان ٿو، توهان مونسان هتي اچي رهو، اسان کيس چيو ته ڪجهه ويچار ڪري توهان کي جواب ڏينداسين دراصل مان شخصي معتقد قسم جي ماڻهن مان نه هوس ۽ درگاهي يا جي حضوري جو به ڪڏهن قائل نه رهيو هوس مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي چڪي هئي، ته گجي ۾ نانا صاحب جنهن ماڊل ۽ ماحول جي تشڪيل ڪرڻ گهري ٿو، اُن جو پرزو بڻجڻ سان مان پنهنجي زندگي جي مقصد کان گهڻو پري ٿي ويندس، تنهن ڪري پنجهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۽ ان تائين پهچڻ لاءِ پنهنجي قسمت جي ريکائن تي هلي پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد جي زندگي ٺاهيندس تنهن ڪري سوچي سمجهي مون شاهه صاحب کي جواب ڏنو ته پنهنجي والده ۽ ننڍي ڀاءُ جون ذميداريون مون تي آهن جن کي پورو ڪرڻ مون تي فرض آهي، ٻيو مون کيس سهڻن لفظن ۾ پنهنجي زندگي جو مقصد بيان ڪندي چيو ته دراصل مان پنهنجي زندگي پنهنجي مرضي سان گذارڻ چاهيان ٿو، منهنجي نصيب ۽ مقدر ۾ جيڪو لکيل آهي، اهو مونکي پنهنجي مرضي ۽ پنهنجن ارادن سان هن دنيا ۾ رهي ڪري حاصل ڪرڻو آهي، ان کان علاوه پنهنجا ٻار به جنهن ماحول ۾ پڙهائڻ چاهيان ٿو. سو مونکي گجي يا مڪلي ۾ ميسر نٿو ٿي سگهي، پر جيڪڏهن توهان کي ضرورت پوي ته مان توهان جي آشاعتي ڪمن ۾ گهربل مدد ڪراچي ۾ رهندي به ڪري سگهان ٿو. توهان جيڪو ڪم مونکي موڪليندا مان پورو ڪري اوهان کي پهچائي ويندس، منهنجي جواب مان کيس تسلي ٿي تنهن کان پوءِ هن وري ڪڏهن اهڙي قسم جي خواهش ظاهر نه ڪئي.
ڊاڪٽر راشد ڪوٽڙي جا قمبراڻي برادرس ۽ شيخ عبدالواحد ۽ ان جو اولاد عبدالحفيظ شاهه جي سمورن ڪمن ڪارن ۽ درگاهه جي سماجي ڀلائي جي ڪمن ۾ هر طرح جو خيال رکندا هئا، ڇاڪاڻ جو هو سندس معتقد ۽ مريد ٿي چڪا هئا، هن پنهنجي معاونن جي صلاح مشوري سان هڪ جماعت الذاڪرين پاڪستان قائم ڪئي، جنهن جو مرڪزي دفتر به گجي ٺٽي ۾ رکيائين، ضلعي ٺٽي ۾ جڏهن سندس نالو سياسي سماجي رهنما جي حيثيت سان معروف ۽ مشهور ٿي ويو، تڏهن کيس گهارو زون جي زڪوات ۽ عشر ڪاميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. مذهبي شخصيت اختيار ڪرڻ درگاهه قائم ڪرڻ يا چئن ٻارن جي ملڪيت جو مالڪ بڻجڻ منهنجي نظر ۾ ڪو ڪارنامو يا ڪو ڪمال نه هو، مان اهڙي قسم جا ماڊل پنهنجي زندگي ۾ گهڻا ڏسي چڪو هوس، تنهن ڪري اهي ڳالهيون مونکي گهڻو متاثر نه ڪنديون هيون، حقيقي طور جيڪڏهن مان عبدالحفيظ شاهه کان متاثر هوس ته هن جي اورچائي. غريب غربا جي بي لوث خدمت، سندس زندگي جي سادگي، گهٽ کائڻ ۽ وڌ ڪم ڪرڻ وارن عادتن ۽ هر قص وناقص انسان سان محنت ڪرڻ ۽ رب ۽ ان جي محبوب نبي ڪريم صلعم سان بي حد محبت ڪرڻ کان متاثر هوس، اهي ئي اهي اسباب هئا، جن جي ڪري مان عبدالحفيظ شاهه جي شخيصت سان محبت ڪندو هوس، هو منهنجي گهر واري جو سڳو نانو ۽ منهنجي بچن جو پڙنانو هو، تنهن ڪري بزرگ رشتن جو مان رکڻ لاءِ اسان جو وٽنس اچڻ وڄڻ پيو رهندو هو.
عبدالحفيظ شاهه جي فارم تي مسجد جي سامهون ميدان ۾ بيلا روس جا ٻه ٽريڪٽر بيٺل هوندا هئا، انهن ۾ ڪم ايندڙ هارويسٽر ٻيا اوزار ۽ تيل جا رکيل ڊرم زرعي فارم جو ڏيک ڏيندا هئا، اسان وٽس جڏهن موڪلون گذارڻ ويندا هئاسين ته منهنجا ٻار ٽريڪٽرن مٿان چڙهي کيڏندا هئا، ٿڪجي پوندا هئا ته کجين جي هيٺان پيل کٽن تي ليٽي پوندا هئا، کين شي شڪل جي ضرورت پوندي هئي ته نانا صاحب جون خرزينون وڃي ڏسندا هئا، ۽ نانا صاحب کين وري ٽافيون، چاڪليٽ، ڪينڊيون کٽمٺڙا ۽ بيسڪوٽ ڏيندو هو، گجي جي ڳوٺ ۾ روڊ جي ٻي پاسي بازار هوندي هئي، ضرورت پوڻ تي مان پنهنجي ٻارن کي اوڏانهن گهمائڻ ويندو هوس، جتان خاص ڪري ٻهراڙي جون من پسند شيون لايون، ڀڳڙا، بوڻينڊا، ڪمند ڳريون، ديسي کنڊ جا پلڙا، ڦلا، ڳُڙ ۽ ٻيون ٻهراڙي جي ماحول جون شيون کين وٺي ڏيندو هوس، گجي جي بازار ۾ حاجي محمد عمر سان ملاقات ٿيندي هئي، هن جي عبدالحفيظ شاهه سان ٽريڪٽر وغيره ۾ ڀائيواري هئي، ۽ پنج وقت نماز ادا ڪرڻ مسجد ۾ ايندو هو ان کان سواءِ هو ڪچهري ڪرڻ لاءِ آستاني تي پڻ ايندو رهندو هو، سو بازار ۾ اڪثر پان جي دڪان تي اهو اسان کي ملندو هو چانهن پيئڻ جي نه رڳو آڇ ڪندو هو بلڪ هٿ سان وٺي زوري پيئاريندو هو، گجي بازار ۾ حاجي محمد موسى جو سيڌي سامان جو ٻهراڙي جي حساب سان جنرل اسٽور هوندو هو، سندس دڪان ۾ هر قسم جو سامان ٻيون شيون، کڙ ۽ تيل ملندو هو، ٺٽي ۾ ڪمند گهڻو ٿيندو آهي، ۽ ڳڙ ٺاهڻ جو شيون بٺيون به ٻهراڙيءَ ۾ جابجا لڳيون پيون آهن، سو گجي جي بازار ۾ ڳڙ سستو ملندو هو. مان اتان مهيني ٻن جي ضرورت جي خريداري ڪندو هوس.
گجي ۾ واهه ڍنڍون ڍهورا به جا بجا آهن، جتان مڇي جو شڪار آساني سان ٿي سگهندو هو، مان ٺٽي مان وڃي مڇي پڪڙڻ جو سامان وٺي ايندو هوس ۽ گجي واه ۽ ڄام نهر مان مڇي ڦاسائي تري پچائي کائيندا هئاسين. گجي ۾ رهڻ دوران منهنجي ٻارن جو ۽ منهنجو اهو هڪ خاص شغل هوندو هو، باقي ٻنين ٻارن تي ڊڪڻ ۽ مٽي ۾ کيڏڻ سان ٻارن جي سٺي ورزش ٿيندي هئي، مگر منهنجي ورزش تڏهن ٿيندي هئي، جڏهن عبدالحفيظ شاهه پاڻ سان آبي پکين جي شڪار لاءِ پنهنجي بندوق کڻائي هلندو هو، آرمي جو ماڻهو هو پر 70 سال جي عمر ۾ به ايڏو تڪڙو هلندو هو جو مونکي دڙڪيون پائي هن جي پٺيان هلڻو پوندو هو، گجي نهر جي هيڊ ورڪس کان ڍنڍن ڍورن ۾ پکين جي تلاش ۾ ڊڪندا ڊوڙندا وتندا هئاسين ٻٽي آڙيون هٿ اچي وينديون هيون ته هڪ ويلي جو ٻوڙ ٺهي ويندو هو، ازان علاوه هو انهن ڍنڍن ۾ بندوق سان ڪرڙن جو شڪار ڪرڻ جو پڻ ماهر هو، ۽ واپسي تي هڪ اڌ ڪرڙو به شڪار ڪري کڻي ايندا هئاسين، ٻڪري جي گوشت وٺڻ لاءِ پنهنجي هائي لڪس سنگل ڪيب ڪڍندو هو جنهن تي گهارو جي بازار مان گوشت مڇي ۽ ضرورت جون ڀاڄيون وٺي ويندا هئاسين، اورچ ايترو هوندو هو جو ڳئن ۽ ٻڪرين جو کير ڌنار ڏهي ڪنٽينر ٿلي تي رکندو هو ۽ عبدالحفيظ شاهه کانئس اُهي ڪيب ۾ رکائي گهارو جي بازار ۾ پڄائيندو هو، هڪ دفعي آئون ساڻس گڏ هوس ته واٽ تي کانئس جنهن مسافر لفٽ ٿي گهري تنهن کي گهارو تائين لفٽ ڏيندو هليو.
عمر عزيز جي پڇاڙي وارن ڏينهن ۾ جڏهن ٿوري گهڻي ڪمزوريءَ کيس اچي ورايو ته سندس گاڏي ڊاڪٽر راشد ۽ ٻيا هلائيندا هئا، جيستائين تڪڙو هو تيستائين پنهنجي علائقي جي زميندارن سان تعلقات سٺا هئس مگر جڏهن ٿورو ڪمزور ٿيو ته وڏيرن جيڪي پنهنجن ڪڙمين ڪامين ۽ انهن جي ننگن کي به ڳهي ويندا آهن تن عبدالحفيظ شاهه کي گجو نيڪالي جو ارادو ڪندي پهريون ته کيس زمينن جي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڪورٽن ۾ ڇڪايو ۽ ٿڪايو، انهن ماڻهن چوريون چڪاريون ۽ ٻيون چرچون ڪري هن کي ڀڄائڻ لاءِ اهڙا کڻي اسباب ڪٺا ڪيا جو نه چاهيندي به هن تر جي انهن زميندارن کي پنهنجون زمينون وڪڻي ڪوٽڙي جي معتقد مريدن، دوست قبراڻين ۽ عبدالواحد جي اسرار تي عبدالحفيظ شاهه گجو ڇڏي ڪوٽڙي لڏي ويو، ۽ اتي وڃي هڪ خوبصورت مسجد مدرسو ۽ بهترين لائبريري قائم ڪيائين هاڻي سڀ جشن مجسلون ڪچهريون محفلون ميلا ۽ ڪانفرنسون قمبراڻي محلي ڪوٽڙي ۾ منعقد ٿيڻ لڳون، انهن ڏينهن اسان جي محبتن رشتن جا سمورا رخ پڻ ڪوٽڙي ڏانهن مڙي ويا اٽڪل 93 جي عمر ۾ گهڻي ڪمزوري ڪري جڏهن عبدالحفيظ شاهه جا بار بار اسپتالن جا چڪر لڳڻ شروع ٿيا ته هن شريعت موجب پنهنجي ملڪيت جا حصا ڪري مڙني پنهنجي حقدارن ۾ برابر حصي سان ورهائي ڇڏيا، باقي جيڪا هن وٽ ملڪيت بچي تنهنجي ٽرسٽ قائم ڪري سڀ ڪجهه ديني ڪمن جي حوالي ڪري راه رباني وٺي هن جهان مان هليو ويو.