شاعري

تنھنجي نيڻن ۾ جو نھاري ويو

هن مجموعي ۾ شمشيرالحيدري جي شاعريءَ “لاٽ” جي ٻن اشاعتن ۾ شايع ٿيل مواد سان گڏ ”تاريخ جو ڪچرو“ (پيروڊيز)، سنڌي لئنگويج اٿارٽي جو ڇپيل”روشن تارا “ٻارن جي شاعري جو ڪتابچو ۽  اڻ ڇپيل، مختلف رسالن ۾ شايع ٿيل توڙي ٽي وي ر يڊيو تي مختلف وقتن تي ڳايل شاعري شامل ڪئي وئي آهي. هن شاعريءَ کي سھيڙي سميٽي “ڪليات” جي صورت ۾ آڻڻ جو سمورو ڪم شمشيرالحيدريءَ صاحب جي فرزند سليم حيدريءَ سرانجام ڏنو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 32
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book تنھنجي نيڻن ۾ جو نھاري ويو

ارپنا

شمشيرالحيدري

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر شمشير الحيدريءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”تنھنجي نيڻن ۾ جو نھاري ويو (ڪليات شمشير )“ اوهان اڳيان پيش آهي. 

هن مجموعي ۾ شمشيرالحيدري جي شاعريءَ “لاٽ” جي ٻن اشاعتن ۾ شايع ٿيل مواد سان گڏ ”تاريخ جو ڪچرو“ (پيروڊيز)، سنڌي لئنگويج اٿارٽي جو ڇپيل”روشن تارا “ٻارن جي شاعري جو ڪتابچو ۽  اڻ ڇپيل، مختلف رسالن ۾ شايع ٿيل توڙي ٽي وي ر يڊيو تي مختلف وقتن تي ڳايل شاعري شامل ڪئي وئي آهي. هن شاعريءَ کي سھيڙي سميٽي “ڪليات” جي صورت ۾ آڻڻ جو سمورو ڪم شمشيرالحيدريءَ صاحب جي فرزند سليم حيدريءَ سرانجام ڏنو آهي.

ھي ڪتاب 2021ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن پاران سنڌيڪا اڪيڊمي وٽان ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون سِگا سٿ ۽ سنڌيڪا جا جن ھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي) 

سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام 
sulemanwassan@gmail.com 
sindhsalamat.com  
 books.sindhsalamat.com 

نظر جي ڳالهه زبان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي

نظر جي ڳالهه زبان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي، 
اُهائي ڳالهه جهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي، 
هي ظلم آهي، اسان سان اوهان جي محفل ۾،  
اوهان جي ڳالهه اوهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي.

شمشيرالحيدري

چيئرمين نوٽ - تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو. ..!

چيئرمين نوٽ - تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو. ..!

سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن طرفان سنڌ جي ناليواري شاعر، اديب، محقق، صحافي ۽ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي باني ميمبر مرحوم شمشيرالحيدريءَ جي شاعريءَ جو “ڪليات”، “تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو” اوهان جي هٿن ۾ آهي، هن مجموعي ۾ حيدري صاحب جي شاعريءَ “لاٽ” جي ٻن اشاعتن ۾ شايع ٿيل مواد سان گڏ اڻ ڇپيل، مختلف رسالن ۾ شايع ٿيل توڙي ٽي وي ر يڊيو تي مختلف وقتن تي ڳايل شاعري شامل ڪئي وئي آهي. هن شاعريءَ کي سهيڙي سميٽي “ڪليات” جي صورت ۾ آڻڻ جو سمورو ڪم شمشيرالحيدريءَ صاحب جي فرزند سليم حيدريءَ سرانجام ڏنو آهي. هي ڪتاب سليم حيدريءَ جي رٿابنديءَ مطابق شمشيرالحيدريءَ اڪيڊمي طرفان شايع ٿيڻو هو ۽ ڪجهه پبلشرس پڻ ساڻس رابطو ڪيو هو، پر جڏهن سگا جي مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽيءَ انهيءَ شاعريءَ جي اشاعت جو فيصلو ڪيو ته شمشيرالحيدريءَ اڪيڊميءَ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي رابطي کي اعزاز سمجهندي فيصلو ڪيو ته اهو ڪتاب سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن طرفان شايع ڪيو وڃي. هن ڪتاب جي انتظامي توڙي اشاعتي مرحلن ۾ ڪتاب لاءِ جوڙيل ڪميٽي جنهن جي ڪنوينر طور محترم عبداللطيف ڪرٽيو سيڪريٽري اطلاعات سگا مرڪز ۽ ساڻس شامل محترم ولي محمد روشن ۽ محترم ڪرم الاهي چنا جون ڪاوشون شامل رهيون. جڏهن ته سگا جي سيڪريٽري جنرل محترم خالد حسين چنا ڪتاب جي اشاعتي مرحلن جي نظرداريءَ جو ڪم سرانجام ڏنو. آءٌ انتهائي ٿورائتو آهيان جناب ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، محترم امداد حسيني، محترمه مهتاب اڪبر راشديءَ جو جن ڪتاب لاءِ پنهنجا تاثرات لکي ڏنا.

والسلام

رفيق احمد جعفري
چيئر مين سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن
ڪراچي
30 آگسٽ 2021ع

پبلشر نوٽ - ڪليات شمشير

پبلشر نوٽ - ڪليات شمشير

شمشير الحيدري جي باڪمال شخصيت ۽ سندس همت ۽ بردباري واري زندگي، فن ۽ فڪر جا سج وانگر انيڪ رخ آهن. پاڻ، انڌيرن ۾ روشنائي کي ڪيئن پاليو ۽ سچائي وقت کي ڪيئن ڳولهيو ؟. اهو عمل پڻ دلچسپ ۽ اچرج ۾ وجهڻ وارو آهي. شمشيرصاحب،سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن کي ساٿين سان گڏجي ٺاهيو. سگا جي تاريخ جي ڪتابن موجب،“ ڪراچي جي صدر واري علائقي جي ڪيفي نيويارڪ ۾شمشيرالحيدري صاحب جو مهمان خانو سندس سمورن هم خيال دوستن جي گڏجاڻين جو مرڪز هو. 1971ع وارا سمورا مهينا فڪري محفلون ۽ ساڃهه وندن جا ميڙاڪا ٿيندا رهيا ۽ هر جمعي تي 3 وڳي گهڻو ملندڙ دوستن ۾ شمشيرالحيدري، ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، سائين بخش عباسي، مراد علي جوڻيجو، محبوب شيخ گهڻو ڪري هر گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيندا هئا، اهڙي ريت، جاڳرتا وارو اهو ڏيئو آخرڪار انهن محفلن مان ئي ٻري اٿيو ۽ 2 اپريل 1971ع تي سنڌ گريجويئيٽس ائسوسئيشن قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ان جا مول متا طي ڪيا ويا. ان موقعي تي سگا جي اولين ۽ عبوري تنظيم قائم ڪئي وئي جنهن جو سيڪريٽري جنرل شمشير الحيدري کي نامزد ڪيو ويو. اهڙي ريت، اڌ صدي گذرڻ بعد سگا ڏيئي مان وڌي سنڌ جي روشن مشعل بنجي چڪي آهي.
سگا ۽ سنڌ جي روح روان شمشير الحيدريء کي اسان کان وڇڙي به 8 سالن کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي ۽ سالن مٿان سال ان مٿان وري رهيا آهن. شمشير الحيدري جي سموري حياتي ائين گذري وڃڻ بعد سندس ڪلام، فن ۽ هنر جا ڪتاب شائع ڪرڻ يقينن شمشير الحيدري جهڙي محسن جي سگا مٿان ميار ۽ ڪنهن حد تائين قرض لاهڻ وارو فرض نڀائڻ وارو معاملو پڻ آهي. پڙهندڙن جي هٿن ۾ موجود شمشير الحيدري جي سخن ۽ شاعريء جو ڪتاب ” تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو. ...!، يقينن هڪ شاهڪار ڪتاب آهي. هن، وڏي ذميواري واري ڪم جي سربراهي اداري جي چيرمين محترم رفيق احمد جعفري ڪئي ۽ نگران ڪاميٽي ۾ شامل مان، بحيثيت سيڪريٽري جنرل سگا، محترم عبداللطيف ڪرٽيو سيڪريٽري اطلاعات سگا، محترم ولي محمد روشن ميمبر سي اي سي سگا، محترم ڪرم الاهي چنا ميمبر سي اي سي سگا طرفان ڪتاب جي مختلف مرحلن جي اڪلاء بابت فيصلا ۽ رهنمائي مهيا ڪئي وئي. ڪتاب جو علمي نگران سنڌ جو عظيم شاعر ۽ شمشير الحيدريء جو ساٿي محترم امداد حسيني هو، جنهن هن ڪتاب کي فني ۽ علمي لحاظ کان شاهوڪار بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ڪليات شمشير ۾ شامل شمشير صاحب جي چپيل ۽ اڻ ڇپيل شاعري جو هيڏي وڏي تعداد ۾ خزانو پهريون ڀيرو شائع ٿي رهيو آهي. ”ڪليات شمشير“ ۾ شمشير الحيدري جي حياتيء ۾ 1962ع ۽ 2017ع ۾سندس شاعريء جا ڇپيل ٻه ننڍڙا ڪتاب” لاٽ“، انهن کان علاوه”تاريخ جو ڪچرو“ (پيروڊيز )، سنڌي لئنگويج اٿارٽي جو ڇپيل”روشن تارا “ٻارن جي شاعري جو ڪتابچو ۽ ان کان علاوهه وڏو حصو اڻ ڇپيل شاعري”ڪليات شمشير“ ۾ شامل آهي. هن ڪتاب لاء شمشير الحيدري جي فرزند سليم حيدري طرفان شمشير صاحب جي شاعري وارو وڌ ۾ وڌ مواد مهيا ڪيو ويو.
بيشڪ ! شمشيرالحيدري جي سموري تحريرن، شاعري، ڪالمن ۽ فني شهپارن کي هٿ ڪري، سهيڙي هڪ ضخيم ڪتاب ”گنج شمشير الحيدري“ جي صورت ۾ شائع ڪرڻ واري رٿ، اداري، سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن جي مخزن، ”سگا سماچار” جي ايڊيٽر، علي محمد ميمڻ صاحب طرفان پيش ڪئي وئي هئي. آخرڪار ! اها رٿ، شمشير صاحب جي شاعريء جي ڌار ڪتاب ”ڪليات شمشير” جي اشاعت جو بنياد بڻي. ايڊيٽر صاحب ڪتاب جي هيڏي وڏي ڪم کي تيزي سان مڪمل ڪري شائع ڪرڻ ۾يقينن ڏينهن رات هڪ ڪري سموري اداري کي سوڀارو بڻائڻ وارو ڪارنامو انجام ڏنو آهي جيڪو اسان سڀني لاء بيحد مسرت، خوشي، فخر ۽ سرخروئي جو باعث بڻيو آهي. شمشير صاحب جي شاعري جي ڪتاب جا پروف مانائتي اديب محترم رکيل مورائي ڏٺا ۽ سهڪار ڪيو جڏهن ته ڪتاب جي ڪمپوزنگ اداري جي ڪمپيوٽر آپريٽر حزب الله شاهاڻي صاحب وڏي محنت سان ڪئي ۽ ان کان علاوهه سگا هيڊ آفيس جي سموري ٽيم کي سهڪار لاء جس ڏيون ٿا. اميد ته، پڙهندڙن وٽ اهي سموريون ڪاوشون قبول پونديون ۽ هن ڪتاب کي پسند ڪيو ويندو.

والسلام

پروفيسر خالد حسين چنا
سيڪريٽري جنرل سگا

ٻه اکر - پيار جي وکري وکر جو سوداگر

ٻه اکر - پيار جي وکري وکر جو سوداگر

پيار جي وکري وکر جون خوب خرزينون ڀري
ڏور کان آيس عدم نگريءَ ولايت مان هتي،
تنهنجي هن شاهي شهر ۾
هڪڙو معمولي ننڍو گمنام سوداگر هئس،
پوءِ آئون پيار جي ناياب جنس جي بدل
سونهن جون ڪامياب ۽ نادر وٿون
ڏوريندو سوريندو رهيس....
شمشير الحيدري سنڌ جو هڪ ناميارو شاعر اديب صحافي ۽ نثر نويس طبيب ۽ سماج سڌارڪ پنهنجي هر وکر سان سنڌ جي سينڌ سنواري هن پنهنجي حياتي پيار جي ناياب جنسن سان سنواري خرزين جا منهن کولي ڇڏيا، پيار جا جيڪي به وَڙ آندا هئائين سي سونهن جي سودي ۾ بيپرواهه آڇيندو رهيو. ان سبب سنڌ جي گهٽيءَ گام سندس سڪڙيا اڄ به سندس آڇيل پرت جون پياليون پي آنند پيا ماڻين.شمشير جي خزاني جي پهرين خرزين لاٽ جي نالي سان 1967ع ۾ ڇپي.
ٻيو ڪتاب “تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو” 2012ع ۾ (پنجاهه سالن بعد) ڇپجڻو هو پر الائي ڇو ڇپجي نه سگهيو. هاڻي 2021ع ۾ سندن اهو ڪتاب شايع ڪرڻ جو اعزاز سندن پنهنجي ڪٽنب سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن کي حاصل ٿي رهيو آهي سگا جو خاڪو ۽ شعور شمشير جي تخليق آهي ۽ اڄ هن ڪٽنب کي پنجاهه سال پورا ٿيڻ وارا آهن. هن سال دوران هيءَ سوکڙي سنڌ جي ماڻهن جي خدمت ۾ املهه امانت آهي.
مون کي حڪم ٿيو ته آئون هن ڪتاب لاءِ ڪجهه لکان. آئون جيڪو شعرو ادب جو هڪ ادنيٰ خادم آهيان ۽ اڃا سيکڙاٽ اديب آهيان ان لاءِ اهو تمام وڏو اعزاز آهي. پر هڪ ڳالهه يقيني آهي ته شمشير جو ساٿي، پاڙيسري ۽ هم مجلس ضرور رهيو آهيان.
هي ڪتاب حمد ۽ نعت سان شروع ٿئي ٿو سنڌي شاعريءَ جي سڀني صنفن تي شاعري شامل آهي. شمشير هڪ پختو شاعر هو ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سندس وکريل ڪم کي يڪجاءِ ڪيو وڃي مون کي اميد آهي ته سگا هن ڪم کي اوليت جي بنيادن تي مڪمل ڪندي.
شمشير جهڙا شاعر دنيا جي ادب جو ورثو آهن ان کي سنڀالڻ عالمي امن ۽ محبت لاءِ هڪ وڏو ادم ٿيندو.
شمشير کي اڻ مئي ڏات مليل هئي هن جي شاعري جي رواني ۽ مقصديت جو ڪو مٽ نه آهي. شمشير هليو ويو. پنهنجي ڏکن جي درياءَ کي عبور ڪري وڃي پنهنجي منزل ماڻيائين هن پويان واس ڇڏيو جنهن سان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مهڪندي رهندي.
هڪ محب وطن پيار جو پانڌيڙو هو ۽ سنڌ سان محبت جو انگ نڀائي ويو.

26 آگسٽ 2012ع ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ

هزارن ۾ هڪڙو حيدري - مهتاب اڪبر راشدي

هزارن ۾ هڪڙو حيدري - مهتاب اڪبر راشدي

ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي ته، ڪڏهين زندگي اسان کي اهڙا موقعا مُهيا ڪندي آهي، جو اسان اهڙين شخصيتن سان ملندا آهيون، جيڪي پنهنجي دؤر جون تمام وڏيون شخصيتون هونديون آهن؛ پر اُن مهل اسان کي انهن جي اصل قد ڪاٺ ۽ مرتبي جي ايڏي خبر نه هوندي آهي ۽ نه ئي اهو پتو هوندو آهي ته هن جهدِ مسلسل ۾ اها شخصيت ڪٿي وڃي هنڌ ڪندي ۽ اهو پڻ؛ ته تاريخ ان جو ڪهڙو مقام طئي ڪندي. مستقبل ۾ علم ۽ ادب جي ڪهڙي منزل تي سندس قدم پڳل هوندا ...، فڪر و دانش ۾ سندس نگاهه ۽ سوچ کي ڪو سمجهڻ وارو به هوندو؟ هو ڪنهن جي لاءِ ٿو سوچي؟ صرف پنهنجي لاءِ .... يا وري هن جي سوچ جو محور پنهنجي ذات کان مٿاهون ۽ وسيع آهي. اِها سڄي سوچ منهنجي مٿان حاوي آهي، ان مهل جڏهن مان پنهنجي شمشيرالحيدريءَ متعلق سندس شاعريءَ جي “مجموعي”، ”تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو....!“ تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪريان.
شمشيرالحيدريءَ تي هن کان اڳ به مان ڪيترين ادبي گڏجاڻين ۾ ڳالهائي به چڪي آهيان ۽ سندس شخصيت متعلق پنهنجي وس آهر ڪجهه لکيو به اٿم. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن طرفان ڇپجندڙ سندس شاعريءَ تي مشتمل هي ڪتاب ضروري به هو ۽ بروقت به آهي. اسان ته خوشقسمت آهيون جو اسان کي، پنهنجي دور جي هڪ وڏي ذهين، دور رس نگاه رکندڙ، قلم جي ڌڻيءَ ۽ پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ان جي ماڻهن سان جنون جي حد تائين عشق ڪندڙ شخص کي ويجهو کان ڏسڻ جو موقعو مليو.
مون کي ڪهڙي خبر هئي ته ٽيليويزن تي ”موتين مالها“ پروگرام (مان جنهن جي ڪمپيئر هئس) جو اسڪرپٽ لکڻ وارو؛ ظاهري طور تي هڪ خاموش ۽ بردبار ۽ انتهائي نهٺائي رکندڙ شخص، اڳتي هلي، مختلف حوالن ۽ حيثيت سان مون سان اڪثر رابطي ۽ تعلق ۾ رهندو ايندو. سندس نالو، عالم، ادب، صحافت ۾ هڪ گونجار مثل سنڌ ۾ گونجبو رهيو آهي. پنهنجي سوچ ۾ واضح ۽ اصولن ۾ پختو، نه گوڙ ڪرڻ وارو نه ئي اجاين بحث مباحثن ۾ الجهڻ وارو، مان نه ٿي ڀانيان ته هو ڪڏهين واندو به ويٺو هوندو. هو مسلسل ڪم ڪندو رهيو ۽ وکر وهائيندو رهيو. دل ٿي چوي ته سندس شخصيت جي گهڻ پاسائين هئڻ جي مختلف پاسن کي ڦلوڙجي، پر منهنجي لاءِ مختص ڪيل صفحن ۾ شايد ايتري گنجائش نه هجي. ڪوشش ڪنديس ته پاڻ کي، سندس شاعريءَ، ان جي موضوعات، ٻولي ۽ شاعريءَ جي سڀني صنفن تي جنهن نموني هن طبع آزمائي ڪئي آهي؛ پاڻ کي اوستائين محدود ڪريان.
شمشير جي ڇا ڳالهه ڪريان، جيڪو پنهنجو پاڻ کي شاعر مڃڻ کان ئي انڪاري هجي، تنهن ”مذاق مذاق“ ۾ شاعري ڪرڻ واري جي (هن مهل تائين) ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ۽ هر صنف ۾ ڪيل شاعري، پنهنجي دل سان ڪيل شاعري؛ ”فرمائشي“ شاعري (ريڊيو ۽ ٽي وي لاءِ) مشاعرن جي ميزباني ڪندي ۽ پنهنجي پاران به سامعين آڏو شعر ۾ اندر اوتڻ وارو هڪ وڏو دور آهي، جيڪو هن ڪتاب ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي. سچ پچو ته سندس ڪيترا غزل، قطعا، وايون، ترائيل رعبائيون ۽ بي حد حسين خيالن جي پرواز سان جوڙيل آزاد نظم، مون پهريون ڀيرو پڙهيا ۽ سندس تصور جي پرواز ۽ لفظن جي سحر ۾ ڄڻ ته گم ٿي ويس.
نگاهون اُلاري ڇڏيئي ڇا ڪيئي
اڙي يار ماري ڇڏيئي ڇا ڪيئي.

اڃا چنڊ هو رات جي سينڌ ۾،
ته گيسو سنواري ڇڏيئي ڇا ڪيئي

ٿو قسمت سان شمشير ڪنهن کي ملي
اُنهيءَ کي وساري ڇڏيئي ڇا ڪيئي.

مشهور سندم نغمه سرائي آهي
هر حرف ۾ تدبير سمائي آهي،
مان جنهن کي جيئارڻ ٿو گهران سو جيئدنو
تدير جي تشريح اجائي آهي.

سندس شاعري مون کي ڪيڏي مهل ائين ٿي لڳي، ڄڻ هو دنيا جهان جي هر فڪر کان عاري ٿي، صرف پنهنجو پاڻ ۾ گم هجي ۽ پوءِ هن جو قلم درياءَ جي روانيءَ وانگر سندس دل جي گهرائي ۽ احساس جي مستيءَ ۾ وهندو ٿو وڃي. سندس منظر نگاري ۽ جذبات جي اُٿل پٿل جيتري حسين اُهي اوتري ئي سوچن کي جهنجهوڙيندڙ ۽ اندر کي چهڪ ڏيئي جهير جهير ڪرڻ واري آهي. ان لاءِ سندس طويل آزاد نظم ”اڌ صديءَ جو داستان“ ان جو بهترين مثال آهي. اهڙي طرح ”چوي ڪير ٿو ته تون ڪجهه نه ڪر“، ”مسرت جي منزل“ ۽ ”هجرت“ اُهي نظم آهن، جن جي نه طوالت پڙهڻ واري کي ٿڪائي ٿي ۽ نه ئي دماغ، شمشير جي سوچ سان انڪاري ٿيڻ جي جرئت ڪري سگهندو.
انهن آزاد نظمن ۾، شمشير؛ انسان هٿان قدرت جي ڏنل تحفن؛ وڻن، ٻوٽن، دريائن، چشمن کي پنهنجي لاعلمي ۽ لاپرواهي ۽ لالچ جي صليب تي چاڙهي ڌرتيءَ تي انسان جي آئيندي کي مشڪل ۽ تقريباََ ناممڪن بنائڻ طرف ڌڪي ڇڏيو. تنهن انسان کي وري ساڳي فطرت، کيس اشرف المخلوقات جي رتبي جي احساس سان ٻيهر واڳي جنت جهڙي نئين ڪنواري ڌرتيءَ ڏانهن هجرت جو چاهه پيدا ٿو ڪري.
”ڌرتيءَ جو فرزند ڪري پيو نئي نويليءَ ڌرتي ڏانهن هجرت جي تياري جنهن جي ڪنواري مٽيءَ اندر سانڍيل هونديون ڪئين ڪروڙين سالن جون سوغاتون جنهن جي زرخيزيءَ جي سگهه، پراڻي ڌرتيءَ جي پهرين ئي ڏينهن برابر هوندي، جنهن جي هوا ۽ پاڻي، کاڌو ميوا، ڊگهو جياپو آڇيندا.
”جنت جهڙي جنت هوندي نئين ڪنواري ڌرتي
فطرت جو فرزند ڪري پيو جنت ڏانهن هجرت جي تياري“
پنهنجي وطن سان شمشير جي محبت جو ته ڪو انت ئي ڪونهي، ان جو اظهار هن شاعري جي مختلف صنفن ۾ ڪيو آهي. مثلاََ غزل جا هي ڪجهه بند ڏسو:
انصاف جي آئين جي فتويٰ ٿو ٻڌايان
زردار کان زياده ڪو دغاباز نه آهي.

غدار پيا سنڌ جي سودي کي چُڪائن
صد حيف، ڪو ”هوشوءَ“ جِهو جانباز نه آهي.

سنڌ جي دردن ۽ ان سان ٿيندڙ ظلمن ۽ غدارين کان شمشير کان وڌيڪ ٻيو ڪير باخبر هوندو؟ هو جتي هڪ باشعور ۽ باخبر قلم ڌڻي هيو، ان سان گڏوگڏ حالات کان واقف، تاريخ جو ڄاڻو هو. سياستدانن جي انهن سڀني ترڪتالن کان به آگاهه هو، جيڪي پنهنجا مقصد پورا ڪرڻ لاءِ شهيدن جي نالي ۾ ماڻهن جي جذبات کي ڀڙڪائڻ ۾ پورا آهن، تن جي خيالن کي سمجهندي، شمشير ان فڪر جي نفي ڪندي لکي ٿو:
جان جان پوي ديد، ڪانهي ڪمي ڪٺن جي
لکن جو ليکو نه ٿيو، ڪي ڪي سُعا سعيد
اڄ پڻ ڪسن ڪيترا، ماروئڙا مزيد،
ترتئون تاريخ ۾، ڪجي ڪا ترديد،
ٿي ويا کوڙ شهيد، ”غازي گهرجن سنڌ کي“.

شمشير پنهنجي شاعريءَ ۾ هڪ انوکي ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ طبع آزمائي اِها ڪئي آهي ته سنڌ جي ڪلاسيڪل ادب ۽ لوڪ ادب ۾ بيان ڪيل تاريخي ۽ لوڪ ادب جي ڪردارن کي، سنڌ جي حال جي تناظر ۾ رکي، انهن دودن، ميهارن، مارُن ۽ ڏياچ جي ڪردارن جي تنزلي ۽ خود غرضيءَ کي اهڙي ته موثر نموني بيان ڪيو آهي ته جتي هو پنهنجي زبان و بيان ۾ ادب ۾ ڪنهن به ”بي ادبي“ جو موجب نه ٿو بڻجي، اُتي اوتري ئي سچائي سان سنڌ واسين کي حقيقت جي تناظر ۾ کين سندن اصل چهرو به ڏيکاري ٿو.
ڇڏ ڙي يار همير، ڪاڪ هلي ڪو مرڻو آهي!
نانگ بگهڙ جت ڇيڪ گهمن پيا، خوني ٻيا خنزير
آءُ ته کائي چڙهه ڪريون ڪو، پيونءِ ڪونڍير....
اڄ ڪ سڀاڻي ڪاڪ محل کي ڊاهيندا رڻبير....
سي ئي پسن مقصد جي مومل، جيئرا جن ضمير

(ڪاڪ هلي ڪو مرڻو آهي!)

هر ڪو پيش امام، ناهي نمازي ڳوٺ ۾ !
ڏيڍ سريون جوڙيائون مسيتون پنهنجي نام
پنهنجا خطابا، پنهنجيون ٻانگون، ٻئي جو ٻڌڻ حرام
هر ڪو ليڊر هر ڪو ورڪر، ڪوئي ناهي عوام
هڙئي سچا، هڙئي ڪوڙا، واجب ڪُل قتلام
سائين خير ڪريئي، سنڌڙي، جينئن شال مدام.

(هرڪو پيش امام)

مارئي جهل نيڻن، مارو توتان هٿ کڻي ويا
ڪالهانڪر تون پاڻ ڏسين ٿي، ڪٿ ٿا ڪانگ لنون
سي ئي توسان سڱ ڇني ويا جن سان هو ءِ وچن
سرتيون تنهنجي حال جون هاڻي، ڪوهه پچارون ڪن.

هيڏانهن تنهنجا هيڏا رينگا، هوڏانهن ڪن نه جن
کيت ۽ ڦوڳ ملير ۾ هاڻي، گهمندا گڏ وتن
مارو تنهنجا محلاتن ۾،روز سلاميون ڪن
عمر وٽان انعام پرائي، ٻهڪيو پيا ٻهڪن
ڏيهي پرڏيهين جي وچ ۾، ٻڌيو ٻوٿ گهمن
سنڌڙيءَ هاڻي پاڻ سنڀالج، پنهنجو خاڪ بدن.

(مارو توتان هٿ کڻي ويا)

کلي پيو کنگهار، روز چنيسر ڪئين وڪجن پيا!
نَو لکي جا روپ هزارين، چمڪن پيا چوڌار
ڪن کي ٺيڪا، بنگلا، ڏوڪڙ، ڪن کي جهنڊي ڪار
هار تي پيار جي سودي جي اڄ لڳي جمعي بازار
سي ه ٿين مڻي تي موهت، جنهين وڏا ويچار
ليلان، ڪونرو، جکرو، ٽيئي سنڌڙيءَ جا غدار

(نَوَ لکي جا روپ هزارين)

شمشير شاعريءَ ۾ هر صنف ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ واه جي ڪئي اهي، هو واقعي به ڏات ڌڻي هو، الله ان کي ان جي نهٺائيءَ ۾ ئي عظمت بخشي، شاعريءَ جي هر صنف تي دسترس رکندي به پاڻ کي “وڏو” ته ڇا پر رڳو شاعر سڏائڻ کان به پاسيرو هو۔ اها سندس ڪسر نفسي هئي کيس خبر هئي ته سندس حرف حرف، ماضي، حال ۽ مستقبل جو امين آهي، سنڌ سان سندس محبت ڪنهن سَنَدَ جي محتاج نه هئي. هو پنهنجو ڪم ڪندو رهيو ۽ ڌرتيءَ جو قرض چڪائيندو رهيو. شاعريءَ ۾ جديد لاڙن جو مهندار شاعر، پنهنجي ايم اي جي امتحان لاءِ گهربل مونو گراف به “سنڌ جي آزاد شاعري” تي ئي لکيو (جيڪو ڪٿان به هٿ ڪري ڇپرائجي، ته شاگردن لاءِ رهنمائيءَ جو سبب ٿيندو).
شمشير! پراعتماد، بهادر، ڪنهن کان مرعوب نه ٿيڻ وارو، پنهنجي عزم ۽ حوصلي سان، حالتن کي بدلائڻ وارو، سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ وارو هڪ منفرد ڪردار هو، پنهنجي دل جون ڪيفيتون هو تحرير ۽ تقرير، شاعري ۽ ڊرامي، اخباري ايڊيٽوريل، ريڊيو، فيچر ۽ ٽي وي ڊرامي وسيلي بيان ڪندو رهيو.
خالي به ڪريو جلدي، انصاف جي مسند کي،
مظلوم اچي پهتا، حقدار هجن شايد!
”شمشير“ کي سڏ ڪريو، شمشير ڪٿي آهي؟
محفل کي مچائيندو، اُن جو ئي سخن شايد!

محفل کي جاڳائڻ واري شمشير کي ڏسڻ لاءِ اکيون واجهائن ٿيون، اهو اسان جو شمشير ئي ته هو جيڪو چئي ويو:
تنهنجي ترڪش جا سڀئي تير کٽي ويا شايد
ڪو نئون وار ڪرين ها ته مڃان ها شايد

تون نه ٿو ڄاڻين ته مان وقت جو فرزند آهيان
منهنجي لاءِ آد کان هي راند جو ميدان آهي،
ڪوئي مون کان نه کٽيو آهي سرن جي بازي
منهنجي هر چال ۾ نئين دور جو انسان آهي.

حقيقت هيءَ آهي ته هن مضمون ۾ مان شمشير جي شاعريءَ جي توجيهه ۽ توصيف سان انصاف نه ڪري سگهي آهيان. سندس شاعريءَ جو هي مجموعو، سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن لاءِ باعث افتخار ٿيندو، هيءَ پبليڪيشن ڄڻ ته شمشير جي “لاٽ”، “مٽيءَ جو ماڳ”، “دودو گهرجي ديس کي”، “مسرت جي منزل”، “همسفرو”، “مشورا” ۽ باقي سڀئي غزل، قطعا، گيت، وايون، بيت، ڪافيون ۽ آزاد نظم، ادب جي شاگردن لاءِ نه صرف تحفو، بلڪه تعارف آهي ان مرحلي لاءِ جنهن ۾ سنڌ جي هن البيلي فرزند جي قلمي پورهئي تي تحقيق جي ابتدا ڪجي.
جهانِ عشق جو سردار آخري آهيان
حضور حسن ۾ حاضر وري وري آهيان
ملنگ مَست، الستي، قلندري آهيان،
عجيب آهيان، هزارن ۾ “حيدري” آهيان.

پنهنجي پاران

پنهنجي پاران

“تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو...!”
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن طرفان شمشيرالحيدري شاعري جو ڪليات ۽ ضخيم ڪتاب “تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو” ڪليات شمشير شايع ڪري وڏو ڪم ڪيو ويو آهي.
سن 2011ع جي پڇاڙيءَ ۾ بابا هتي اسلام آباد ۾ جڏهن مون کي پنهنجي جيون ڪٿا لکرائي رهيو هو (جيڪا اڻپوري ئي رهي) تڏهن گڏوگڏ، مون بابا جي شاعريءَ کي سهيڙڻ جو ڪم پڻ شروع ڪري ڏنو هو. ان سان اهو ٿيو جو بابا جي لکيل ٻاراڻي شاعري محفوظ ٿي وئي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري (سنڌي لينگويج اٿارٽي) پاران ميڊم فهميده حسين ۽ تاج جويي “روشن تارا” جي نالي سان ڇپرائي.
ٻيو ڪتاب لاٽ جي نالي سان ڇپيو، پر ان ۾ صرف نظم هئا، اهو ڪتاب بابا جي خواهش هئي ته انجمن ترقي پسند مصنفين پاران ڇپجي، ان لاءِ انهن جي جنرل سيڪريٽريءَ زور ڀري مسودو پاڻ وٽ گهرايو هو (مون کي ياد آهي اهو مون پاڻ ڪوريئر وسيلي اماڻيو هو) پر پوءِ اهو مسودو مختلف ماڻهن کان ٿيندو، انتهائي محفوظ جاءِ تي محفوظ ٿي ويو، مطلب ته ڇپجڻ مشڪل هو. ان وقت جيئن ته سياري جي مند هئي ۽ سيءُ وڌندو پئي ويو، جنهن ڪري امان، بابا تي زور ڀريو ته ڪراچي هلون ٿا، وري گرمين ۾ اينداسين. جيتوڻيڪ، بابا جو بنهه وڃڻ جو ارادو ڪونه هو، جو کيس پنهنجي جيون ڪٿا لکرائڻي هئي، پر امان اڳيان مجبور ٿي مون کي چيائين ته ٽن چئن مهينن کان پوءِ موٽي اچي اهو ڪم پورو ڪبو.
بابا ڪراچيءَ ۾ جڏهن لاٽ جي مسودي بابت سنگت سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ته لاٽ جي مسودي جي ڪا خبرڪانه پئي. ڊاڪٽر ايوب شيخ کي بابا اها ڳالهه ٻڌائي ته هن اهو هٿ ڪري ترت بابا جي حياتيءَ ۾ ئي ڇپرائڻ جو ارادو ڪيو ۽ تڙتڪڙ ۾ لاٽ جو ٻيو ڇاپو ڇپجي پڌرو ٿيو.
ان وچ ۾ مون ڪوشش ڪئي ته بابا کان فون رستي جيون ڪٿا جو رهيل مواد پورو ڪرايان. پر بابا چيو ته “موسم ٺيڪ ٿئي پئي، پوءِ روبرو لکنداسين”. اهڙيءَ طرح بابا اهي سڀ يادگيريون جيڪي مختلف تحريڪن، تنظيمن، شخصيتن ۽ واقعن تي ٻڌل هيون سي پاڻ سان کڻي ويو.
هن ڪتاب ۾ بابا جي اها شاعري به شامل ڪئي وئي آهي، جيڪا اڳ ڪنهن مجموعي ۾ گهڻو ڪري ڪانه ڇپي هئي. ٽماهي مهراڻ، نئين زندگي، سوجهرو وغيره ۽ اخبارن ۾ ضرور ڇپي هوندي يا وري ٽي وي ۽ ريڊيو تي ڳائي وئي هوندي.
بابا جي خواهش هئي ته مڪمل شاعري ڪو ادارو ڇاپي، جيئن شمسيرالحيدري اڪيڊمي بابا جي چاهيندڙن پنهنجي مدد پاڻ آهر قائم ڪئي آهي، جيڪا هن وقت تائين 4 ڪتاب ڇپرائي ۽ ڪيترائي پروگرام ڪرائي چڪي آهي. هن ۾ شامل دوست پنهنجي هڙان وڙان اديبن ۽ سماج سڌارڪ ماڻهن جون يادگيريون ملهائين پيا.
بابا جي شاعريءَ جي هن ڪتاب جو مسودو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ اڪيڊميءَ ان کي ڇپرائڻ جو ذمو کنيو، پر سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ان وچ ۾ اڪيڊمي سان رابطو ڪيو ۽ اهو ڪتاب سگا پاران ڇپرائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ويو. سگا ان ڏس ۾ اڪيڊميءَ جي دوستن کي ان ڳالهه تي قائل ڪيو ته جيئن ته شمشيرالحيدري سگا جو باني ميمبر هو، سندس سگا لاءِ ڪيل خدمتون اڻ ڳڻيون آهن. ان لاءِ سگا کي اهو اعزاز ملڻ گهرجي. اڪيڊميءَ ان کان پوءِ اهو مسودو سگا جي حوالي ڪيو. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ان ڏس ۾ جس لهي.

اسلام آباد سليم حيدري
2021-08-28 شمشيرالحيدري اڪيڊمي

مشعل جي لاٽ

مشعل جي لاٽ

شمشيرالحيدري پنهنجي مزاج ۾ ارڏو ۽ بيباڪ انسان هو، هن زندگيءَ ۾ ڪيترائي لاها چاڙها ڏٺا پر ڪڏهن به مايوس نه ٿيو ۽ نه ئي ڪڏهن حالتن کان مات کاڌي ان کان سواءِ سندس ذهن ۽ هن تي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي محبت ۽ اُڪير ڇانيل رهندي هئي. هن رڳو ئي رڳو وطن جي واسطي پنهنجي ڪل ڄمار گذاري ۽ هڪ بردبار ۽ ڀلي انسان وانگي گذاري شريف ڪميشن وسيلي سنڌي ٻوليءَ کي سوڙهي ڪرڻ واري سازش هجي يا ون يونٽ لاڳو ڪري سنڌ جي تاريخي شناخت ختم ڪرڻ وارو معاملو هجي. شمشير انهن جي مڙني تحريڪن ۽ جدوجهد جو سرگرم ڪردار هو. هو “سدائين ڳنڍيندڙ ئي رهيو ۽ ڇنڻ مور نه سکيو”.
شمشمير کي منهنجي ڪري ڪيترائي ڀيرا مصيبتن کي منهن ڏيڻو پيو، هڪ ڀيرو هو بورڊنگ هائوس مان نيڪال ٿيو هو ۽ ٻئي ڀيري وري ٻيو واقعو پيش آيو جيڪو ڪجهه هن ريت آهي. اها سال 1947ع جي جون مهيني جي ڳالهه آهي، جڏهن مون ڪتاب “سيو سنڌ، سيو دَ ڪانٽيننٽ” لکيو هو انهيءَ ڪتاب لکڻ ڪري مون کي سنڌ مدرسي مان نيڪالي ڏني ويئي، اهڙي سرڪاري عمل خلاف تنهن زماني ۾ نوجوانن ۽ شاگردن گڏجي تحريڪ هلائي هئي. انهيءَ تحريڪ جي سرواڻي شمشيرالحيدري ڪري رهيو هو، جيڪو ڪنهن زماني ۾ سنڌ مدرسي ۾ شاگرد هو. هن ڀيري پڻ اهڙي تحريڪ هلائڻ جي سزا طور کيس سنڌ مدرسي مان نيڪالي ڏني ويئي.
شمشير جو شعور آءُ شروع کان پڙهندو پئي آيو آهيان، پنهنجي هن جوان عمر ۽ جوان طبع شاعر کي آءُ سندس ڏاهپ لاءِ انهيءَ صبح جي نديمن منجهان شمار ڪريان ٿو. جنهن ۾ آمريڪا جي عظيم قومي شاعر “والٽ وِٽمن” 36 هين جي عمر ۾ پنهنجي شعر جو پهريون مجموعو فقط 95 صفحن ۾ شايع ڪيو هو. فرانس جي لاثاني اديب “پيري گوئي” جنهن لاءِ چيو ويو آهي ته مستقبل جا ماڻهو جيئن پوءِ تيئن زياده هن جي عظمت محسوس ڪندا ۽ مڃيندا، تنهن جڏهن پنهنجي شعر جو پهريون ڪتاب پيش ڪيو، تڏهن ان ۾ فقط 75 شعر هئا. شمشير جو پهريون شعري مجموعو “لاٽ” 88 صفحن تي ٻڌل هو، هي مجموعو پڻ انهيءَ ساڳي مشعل جي “لاٽ” آهي، جيڪا هر هنڌ ۽ هر حال ۾ حق حسن ۾ خبر جي تلاش لاءِ پنهنجي روشني، انهيءَ نموني انسان جي اڳيان پيش ڪندي پئي آئي آهي.

محمد ابراهيم جويو
(شمشير الحيدريءَ جي شاعري
جي مجموعي لاٽ جي ٻئي شماري اشاعت 2017ع تان ورتل)

شمشير الحيدري

شمشير الحيدري

اٺاويهن سالن جو جوان، هڪ ئي وقت تي شاعر، اديب، مصنف، مصور ۽ صحافي آهي. حيدرآباد ضلعي جي ننڍڙي ڳوٺ ‘ڪڍڻ’ ۾ ڄائو، ۽ بدين ۾ پرورش ورتائين. ابتدائي تعليم بدين ۾ وٺي، 1947ع ۾ ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ داخل ٿيو. حالتن جي ناسازگار هئڻ ڪري، تعليم ڇڏي ڳوٺ موٽي آيو. ڪجهه وقت بي ڊبليو ڊي ۾ ملازمت ڪيائين، ۽ پوءِ ٽن سالن تائين بدين جي ڪوآپريٽو بئنڪ جو مئنيجر ٿي رهيو. وقت جي اُٿل کيس حيدرآباد آڻي ڇڏيو. اتي پهرين روزانه “هلال پاڪستان” ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿيو، ۽ پوءِ 1956ع کان “سنڌي ادبي سنگت” جو جوائنٽ سيڪريٽري، ۽ پوءِ قائم مقام جنرل سيڪريٽري ٿيو. انهيءَ وچ ۾ هن پنهنجي تعليم وري جاري ڪئي، ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ بي اي آنرس ڪئي اٿس.
شمشير ادب جي گهڻو ڪري سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. هيءَ حقيقت آهي ته شعر کان سندس نثر وڌيڪ زوردار آهي؛ سندس هٿان سنڌي آزاد نظم کي وڏي وسعت ملي آهي. سندس فن موجوده دور جي منجهائيندڙ ماحول ۾ يقيني اُميد، اثباتي سڪون ۽ حقيقي مسرت جو ڳولائو آهي. هو تجويدي، رجاعي ۽ رومانوي آهي. اظهار ۾ تصور جي پختگيءَ سبب سندس شاعريءَ ۾ تخيل جي بلندي آهي. انسان جي عظمت ۾ ويساهه سبب، هو رجاعي آهي. زندگيءَ جو پيار سندس نس نس ۾ ڀريل آهي. تنهنڪري هو رومانوي آهي. سندس فن، ڪائنات جي ‘ڪاڪ محل’ ۾ حيران پريشان ٿيڻ کان سواءِ، هن سادي دنيا جي منجهائيندڙ حقيقتن کي سلجهائي، ڪنهن اڻڏٺيءَ ۽ اڻڄاتيءَ ‘مومل’ جي تلاش ۾ اڳتي وڌندو ٿو رهي.


غلام علي الانا
(شمشير الحيدريءَ جي شاعري
جي مجموعي لاٽ جي پهرين شماري اشاعت 1962ع تان ورتل)

مهاڳ - هڪڙو شمشير هو زماني ۾

مهاڳ - هڪڙو شمشير هو زماني ۾
امداد حسيني


دل جي پرشوق دلاسن تي هليا آياسين
سونهن وارن جي سلامن تي هليا آياسين
ڪنهن شهنشاهه جو فرمان اسان تي نه هليو
نينهن وارن جي نياپن تي هليا آياسين.

شمشيرالحيدريءَ جي ان جڳ مشهور قطعي سان، هڪ سُندري دهليءَ جي هڪ آڊيٽوريم ۾، سنڌ مان آيل وفد جي آجيان لاءِ رکيل پروگرام جو آعاز ڪري رهي هئي، جيئن ئي هن قطعو پڙهي پورو ڪيو ته سڄو آڊيٽوريم تاڙين سان ٻُري اُٿيو!
شمشيرالحيدريءَ به انهيءَ سَٿ جو ساٿاري آهي، جنهن ورهاڱي کان پوءِ شاعري ڪئي، گدائي ۽ اياز ورهاڱي کان اڳ ئي شاعري ڪري رهيا هئا، شاعريءَ ۾ اياز جو استاد کيئلداس ”فاني“ هو، هو، تنوير ”بزم خليل“ جو ميمبر هو. اياز (ڀَونر ڀري آڪاس)، تنوير (رڳون ٿيون رباب) شمشير (لاٽ) جي پهرين مجموعن ۾ روايتي غزل موجود آهن.
ششيرالحيدريءَ گهٽ لکيو آهي ۽ هن جي شاعريءَ تي به گهٽ لکيو ويو آهي. هن مجموعي ”تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو“ ۾ سندس سڀ مجموعا گڏي ڇپايا ويا آهن، جنهن ۾ ٻارن لاءِ شاعري، ٽي وي لاءِ ڳايل گيت وغيره به شامل ڪيا ويا آهن. هتي سندس هڪ قطعو ڏئي ڳالهه اڳتي وڌايون ٿا:
زماني جي تقدير بنجي چڪا
نئون سج نئون ڏينهن نئين روشني
انڌيرن جو رکوال سوچي پيو
ته ڪيئن مارجي فڪر جي زندگي

اهو قطعو مون اڳي نه پڙهيو آهي.
شمشيرالحيدريءَ جو هي ديوان/ڪليات ”تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو!“ تڏهن منهنجي آڏو آهي، جڏهن ڊاڪٽر مون کي سختيءَ سان لکڻ پڙهڻ، ايستائين جو فيس بڪ تي گهڻي وچڙڻ کان ڪِري ڪرڻ جو چيو آهي اها ڪِري ٻه ڀيرا ته ٽوڙي چڪو آهيان!
هي ”ديوان“ ڄڻ شمشير الحيدرِيءَ جي شاعريءَ جو ”ڪچڪول“ آهي، جنهن ۾ سندس پهريون مجموعو ”لاٽ“ به آهي، ته ٻارن لاءِ ڪيل شاعري به آهي، پيروڊيز به آهن، ته ٽي وي لاءِ لکيل گيت به آهن ۽ ”تاريخ جو ڪچرو“ به آهي! اردو ۽ سرائيڪي ڪلام به آهي!
شمشيرالحيدريءَ جي ڪلام تي لکڻ مهل ساروڻين جو هڪ اُجهاڳ سمونڊ آهي ۽ اُن جون ڇتيون ڇوليون ڇاتيءَ سان ٽڪرائجي ڇيهون ڇيهون ٿي وڃن ٿيون ۽ آنءُ ٻڏڻ اُپڙڻ لڳان ٿو. ڪهڙيون ساروڻيون ڳڻڻيون آهن؟ ڪهڙيون ڇڏڻيون آهن! اُهو پورو دور، جنهن کي نارايڻ شيام جي حوالي سان ”روشن ڇانورو“ جي مهاڳ/اڀياس ۾ سڳن آهوجا Neo-Classical Age سڏبو آهي، منهنجي اکين آڏو آهي، بلڪه پوري اتهاس سان اها ڳالهه لاڳو آهي، اهو پورو دور اتهاس جو هڪ انتهائي اهم دور آهي ۽ شمشير الحيدري اُن دور جو هڪ اهم شاعر آهي. سنڌ تي جڏهن، جيڪي به عذاب ۽ عتاب نازل ٿيا آهن، انهن جو مکيه ڪارڻ سنڌين جا پنهنجا پرڪار تي آهن.
پاڪستان ٺهڻ کان اٺ سال پوءِ ون يونٽ مڙهيو ويو، سنڌ جو هزارها سالن کان دائم قائم نالو ميساريو ويو. سنڌ جو نالو وٺڻ ۽ لکڻ ڏوهه هو ۽ تڏهن اهي شاعر ئي هئا جن سنڌ جو نالو وڏي واڪ ورتو:
سنڌڙي تنهنجو نانءُ وَتو،
ڪاريهر تي پير پَيو!

(اياز)

روئندي روئندي نير کُٽي ويا، لهو اچي ويو لڙڪن ۾،
آءٌ ڪنءَ کلندي کير پيان، منهنجي سنڌڙي آهي سُڏڪن ۾.

(نياز همايوني)

ٻاهر گُلُ گلاب جا، من تن جو فولاد،
سنڌڙيءَ جو اولاد، پرکي ڏسو ڪانئرو!

(تنوير عباسي)

سنڌ منهنجي امان، سُونهن تنهنجي مٿان،
ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان!؟
هڪ قلم هڪڙو مان، ڪيئن پورو پوان؟

(تاجل بيوس)
ون يونٽ جي دور ۾ سنڌو جي پاڻيءَ، سنڌ جي زمينن، نوڪرين جي ڦرلٽ ڪئي وئي، ريلوي اسٽيشنن تان سنڌيءَ ۾ لکيل نالا ڊاٺا ويا. سنڌي ٻوليءَ کان اُهي حق به کسيا ويا، جيڪي انگريز راڄ ۾ اُن کي حاصل هئا ۽ اُن کي پنجين درجي تائين واڙيو ويو. انهيءَ ظلم ۽ ناانصافي خلاف سنڌي اديبن، شاعرن، ڪهاڻيڪارن ۽ عالمن ”سنڌي ٻوليءَ جي حقن جي بحالي“ جي تحريڪ شروع ڪئي، جنهن ۾ روايت پرست، ترقي پسند ۽ ٻيون ڌريون به شامل هيون. پر اڳتي هلي هاسيڪاري اديبن ۾ ڦيٽاڙو وڌو ويو ۽ ”ادب ڪي آڙ ۾“ ۽ ”مذهب ڪي آڙ ۾“ جهڙا ڪتاب لکيا ويا اردوءَ ۾. پهريون ڪتاب رشيد احمد لاشاريءَ لکيو ۽ ٻيو ڪتاب شمشيرالحيدريءَ لکيو. شمشيرالحيدري نه رڳو ان سڄي صورتحال جو اکين ڏٺو شاهد هو، پر سيڪريٽري جنرل سنڌي ادبي سنگت جي حيثيت سان ان تحريڪ ۾ سندس متحرڪ عملي ڪردار پڻ هو. ان تحريڪ تي ڪيئن ”سياستبازن“ قبضو ڪري ان کي سبوٽيج ڪيو؟ ان جي پوتاميل لکڻ جو شمشير پاڻ ذمو کنيو. پوءِ ان بابت جڏهن به کانئس پڇيو ويندو هو ته سندس جواب هوندو هو ”مولا تي ننگ آهي“. پڇاڙيءَ ۾ پتو پيو ته ان ڏس ۾ ڪجهه ڇڙوڇڙ (Loose) چِٽڪيون ۽ اخباري ڪٽنگز ئي هيون!
1955ع ۾ ٽه-ماهي ”مهراڻ“ جو نئون دور شروع ٿيو، محمد ابراهيم جويو ان جو ايڊيٽر ۽ شمشيرالحيدري اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿيو. ”مهراڻ“ ۾ نثر توڙي نظم ۾ اعليٰ ادبپارا ڇپجڻ لڳا. ان ڏس ۾ شاعريءَ بابت ڊاڪٽر سحر امداد حسينيءَ جو ”مهراڻ-گولڊن جوبلي نمبر“ ۾ ”ٽه-ماهي مهراڻ-اڌ صديءَ کان سنڌي شاعريءَ جو اهڃاڻ“ جي عنوان سان هڪ اڀياس ڇپيل آهي، شاعري جو اهو دور ”لوڪ-ڪلاسيڪل، روايت کان جديديت“ تائين جو دور آهي، انهيءَ دور ۾ نه رڳو لوڪ، ڪلاسيڪل دور جي صنفن، جهڙوڪ: گيت، بيت ۽ وائي لکيون ۽ ڇپيون ويون، پر ڪلاسيڪل دور جي ڪردارن کي به نئين معنيٰ ڏني وئي، جيئن شمشيرالحيدريءَ جي نظم ”ڪاڪ محل“ ۾ مومل ۽ راڻي جو ڪردار آهي، ان ۾ تخليقيت ۽ تصوريت جو ڳانڍاپو آهي. خاص ڪري تڏهن، جڏهن اها تخليق ”ڪاڪ محل“ هجي! ۽ وري شمشيرالهيدريءَ جهڙي شاعر جي هجي، ان نظم جو پهريون لفظ ”زندگي“ آهي:
”زندگي“ ڪاڪ محل آهه ڪو ”رنگارنگي“

ان ريت شاعر هڪ بنهه نئين ڳالهه ٿو ڪري! هتي ڳالهه ”اجتماعي زندگي“ يا ”انفرادي زندگي“ کان چڙهيل آهي! ته پوءِ شاعر ”زندگي“ ڇاکي ٿو سڏي.
جنهن ۾ ”مقصد“ ٿو سدا، ناز ڪري ”مومل“ جان!

معنيٰ ته جنهن ”زندگيءَ“ کي ”مقصد“ آهي، اُهائي صحيح معنيٰ ۾ ”زندگي“ آهي! پر اها به اڌ معنيٰ آهي. پوري معنيٰ اُن ”مقصد“ کي ماڻڻ آهي! پر منزل تائين، مقصد جي مومل ماڻڻ تائين- واٽ اڻانگي آهي، جادونگريءَ مان پار پوڻو آهي، مِڪر ۽ فريب جو ٽڪساٽ آهي، ڇورين جا ڇال آهين، جن تي ڪئين جوڌا هِرکي ٿا پون، ماڳ ۽ مقصد وساري ٿا ڇڏين!
ها مگر مينڌرا منزل کي رَسي ئي رهندا.
جادونگريءَ جا طلسمات ٽٽي ئي رهندا
”عقل“ ۽ ”عزم“ جا راڻا ويا اڳتي ڌوڪي
پنهنجي مقصد سندي مومل کي پَسي ئي رهندا!

ان واٽ تي جيڪي به ڏکيائيون، پنجوڙ وڇايل آهن، انهن تي سوڀ صرف ”عقل“ ۽ ”عزم“ سان ئي پائي سگهجي ٿي.
شمشيرالحيدريءَ کي مون ڪڏهن به ڪنهن به مشاعري ۾ پني تي لکيل شعر پڙهندي ڪونه ڏٺو. هُن کي پنهنجي شاعري ياد هوندي هئي، نه ئي مون ڪڏهن هُن جي ڪا ڊائري، نوٽبڪ ڏٺو، جنهن تي سندس شاعري لکيل هجي. هن جڏهن هي مواد ڪمپوز ٿيڻ لاءِ ڏنو هوندو تڏهن ان جو ڪو اسڪرپٽ ئي، هٿ جو لکيل ڏنو هوندو، اُهو ڪٿي آهي؟ هٿيڪو به آهي يا نه؟ هن مجموعي ”تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو“ ۾ گيت، بيت، وائي، غزل، رباعي، قطعي، نظم ۽ آزاد نظم جي شاعري آهي.
شمشيرالحيدري دنيا جو (شايد) پهريون شاعر آهي، جنهن چيو آهي ته:
”آءٌ پاڻ کي شاعر نٿو مڃان، بس مون کي شاعري ڪرڻ جي ٽَل اچي وئي آهي“!
ان بابت جڏهن به کائنس پڇبو هو ته سندس ٺهيل ٺڪيل جواب اهوئي هوندو هو ته:
”مولا تي ننگ آهي!“
جنهن شاعر ”نادان“ جهڙو گيت لکيو آهي:
همت هاري ويهي نه رهجئين، مفت ۾ پنهنجي هار نه مڃجئين،
جيت سڀاڻي آهي تنهنجي، دل کي هي سمجهائي
گيت خوشيءَ جا ڳائي-نادان...!

يا ”مانجهي“ جهڙو گيت:
هيڪر جي سر سهسائي ڪاهين،
هِن ڀيري سان هُن ڀر آهين
هٿڙا ڪي ڀرپور
ساحل ناهي دور-مانجهي

لکيو آهي، يا مهه جبين قزلباش جو ڳايل ”تون ياد وري آئين...“ لکيو آهي:
تون ياد وري آئين، تون ياد وري آئين،
چپڙن جي ڪنارن تي، هڪ باهه ٻري آئي،
انگ انگ ۾ اُٿيا اُڌما، لونءَ لونءَ ۾ ورهه وائي.

(...... ”لونءَ لونءَ ۾ ورهه وائي“، واري اُهائي سِٽ ڏني اٿم، جيڪا مهه جبين قزلباش ڳائي آهي، هتي ان سٽ جي پهرئين پد ۾ پهريان لفظ ”انگ انگ“ بدران ”انڱ انڱ آهن).
جنهن شاعر ”جبل مٿي جُهڙ او ڇورا“ جهڙو گيت لکيو آهي:
جُهونو ته ڇنو ٽمي پانجو،
سنهون ڙي چولڙو ڀنو مانجو،
هيڪلي هنڌ ۾ سيءَ مران جو،
تون ئي ته اَجهو اوڇڻ مان جو
ٿوهر ڪهڙو ٿڙ او جانب-جبل مٿي جُهڙ

(هن گيت جا ٻه Version آهن، ٻنهي ۾ ڪن لفظن جي صورتخطي غلط آهي)!
جنهن شاعر- ”ڪاڪ محل“، ”همسفرو“، ”انقلاب جي سرحد“، ”مُلحد“، ”مشورا“... جهڙا نظم سنڌي شعري اتهاس کي ڏنا هجن. اهو پاڻ کي شاعر نٿو مڃي ۽ پنهنجي ڪم جو آڌار انهيءَ ”ٽل“ کي ٿو مڃي، جيڪا هُن کي اچي وئي هئي! ”ٽَل“ جي هڪڙي معنيٰ ”ڏانءُ“ به آهي ۽ ”ڏانءُ“ توڙي جو شعور سان لاڳاپيل آهي، اُن جي اهميت ”ڏات“ کان گهٽ به ناهي، جيڪا قدرت پاران ملي ٿي:
چوي ڪير ٿو
ته تون پنهنجي جوڀن جياريل، بهارن جي بخشيل،
سُريلي ۽ شفاف، نرمل ۽ نازڪ گلابي بدن،
تي، سدا صاف ريشم ۽ ڪم خواب و مخمل جي،
زرتار پوشاڪ پهرڻ ڇڏي ڏي....

شمشيرالحيدريءَ، حميد سنڌيءَ جي ”جشن روح رهاڻ“ ۾ پهريون ڀيرو نظم ”مشورا“ پڙهيو هو ۽ 19 رڪنن جي انهيءَ بند کي هڪ ساهه ۾ پڙهيو هو ته ٻڌندڙ به اُن سُر-لهر ۾ لڙهندا ويا هئا.
اُن ريت شمشيرالحيدريءَ جا ”غزل“ جهڙي سخت پابند صنف ۾ هيئتي تجربا آهن، مثال طور هي غزل، ٻه-رڪني آهي:
گُهري ٿو شمشير حق جيڻ جو،
انهيءَ کي ماري ڇڏيو ته وهه وا!

هِن غزل ۾ وري ٻه رڪن وڌايل آهن:
اسين حال هيڻا، اوهان جي خدائي، وڏي ڳالهه آهي،
هلي پئي اڃا زندگيءَ جي لڙائي، وڏي ڳالهه آهي!
نگاهون کڻي داد جي لاءِ مُرڪي نهارڻ جي ڪهڙي ضرورت؟
اوهين آهيو سهڻا، اوهان جي اها ئي وڏي ڳالهه آهي!

شهشميرالحيدريءَ جي غزل تي الڳ سان لکڻ گهرجي، ائين اسين سندس ”روايتي غزل کان ترقي پسند غزل تائين ۽ نئين غزل تائين اوسر جا مرحلا ڄاڻي سگهنداسين.“ غزل جي هيءَ مطلع ”يوري گاگارين“ جي Space ۾ وڃڻ بابت آهي:
لٿا عرش تي زندگيءَ جا سفينا
بدلجي ويا بندگيءَ جا قرينا


۽ هي شعر به:
ڌرتيءَ جو دلاور اڄ تارن تي سوار آهي،
انسان جي عظمت جا اعلان ٿين شايد!

ان غزل جو هڪ ٻيو شعر ۽ مقطع:
خالي به ڪريو جلدي، انصاف جي مسند کي،
مظلوم اچي پهتا، حقدار هجن شايد!
”شمشيرا“ کي سڏ ڪريو، شمشير ڪٿي آهي؟
محفل کي مچائيندو، اُن جو ئي سخن شايد!

شمشيرالحيدريءَ جي غزل ۾ تغزل موجود آهي:
متان ياد ۾ ئي نه گم ٿي وڃي تون!
اهي ئي ته آهن وسارڻ جون ڳالهيون!

۽ سندس هي مشهور غزل، جيڪو ڳايو پڻ ويو آهي:
تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو،
ڄڻ ته سنڌوءَ جي ٻئي ڪناري ويو!

تنهنجي وارن جو واس جنهن ورتو،
وقت جي سينڌ کي سنواري ويو!

هڪڙو ”شمشير“ هو زماني ۾،
سو به دنيا مان اڄ گذاري ويو.

جيڪڏهن شاعري زندهه آهي ته شاعر به زندهه آهي، شمشير جي شاعريءَ لاءِ به ائين چئي سگهجي ٿو، پر هن مجموعي ”تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو“ جي ترتيب کي ڏسي، لڳي ٿو ته شمشير ان ڏس ۾ سنجيده نه هو! ان مجموعي ۾ ”پي آءِ اي“، ”سکر بئراج“ تي به نظم آهن، جيڪي ڪمرشل ليول جا نظم آهن، ان ۾ پئروڊيز به آهن ته ٻارن لاءِ ڪيل شاعري به آهي.
جيستائين عاشقي ٿيندي رهي،
تيستائين شاعري ٿيندي رهي،
تو پڙهيو پئي جيستائين او پرين،
اُن پني تي روشني ٿيندي رهي.

(امداد حسيني)

10 آگسٽ 2021ع
ڪراچي- سنڌ

شاعري

---

حمد

حمد

هُو ئي هُو، هُو ئي هُو!

ازل حقيقت، ابد حقيقت، حال حقيقت، هُو ئي هُو،
وحدت اندر ڪثرت وارو خيال حقيقت، هُو ئي هُو،
هڪ ئي جوت جمال، حقيقت، هُو ئي هُو.........

وڻن ولين ۾، گلن ڦُلن ۾، ڪک پن اندر هُو ئي هُو،
مٽيءَ پاڻيءَ، سورج چنڊ، ستارن اندر هُو ئي هُو،
هڪ ئي جوت جمال حقيقت، هُو ئي هُو........

ماڻهن پکين، حيوانن جي ساهن اندر هُو ئي هُو،
ڪاري ڳوري، شاهه گدا جي روپن اندر هُو ئي هُو،
هڪ ئي جوت جمال حقيقت، هُو ئي هُو........

مسجد مندر، گرجا اندر، هو ئي وسي ٿو، هُو ئي هُو،
محلن جهوپن منجهه سراسر هو ئي وسي ٿو، هُو ئي هُو،
هڪ ئي جوت جمال حقيقت، هُو ئي هُو.............

نعت

نعت

اڄ ته ڪو منهنجي اچي تصور کي خوشتر ڏسي،
عرش تي پهتو وڃي ڌرتيءَ جو دانشور ڏسي.

خلد ۾ انسان جي تخليق جو منظرڏسي،
سڀ ملائڪ کي سراسر سجدي جي اندر ڏسي.

لعنتي ابليس کي خالق اڳيان خود سَر ڏسي،
۽ وري آدم حوا کي، بهشت کان ٻاهر ڏسي.

نُور کي مٽيءَ جي بوتي ۾ اچي اظهر ڏسي،
خُلق اعظم، احسن التقويم جو مظهر ڏسي.

هو جلي ٿو اڳ ۾ ئي جبريل جو شهپر ڏسي،
هو پُڄي ويو عرش اعليٰ تائين پيغمبر ڏسي.

مداح

مداح
در صفت مرشد راهنما

منهنجو هڪڙو هادي آهي، مرشد راهنما،
سڀ کان سهڻو، سڀ کان سياڻو، خلقيو خاص خدا.

جيڪو سڀ کان بهتر، برتر، جيڪي منجهه جهان،
جنهن جو ڪوئي ثاني ناهي، اعليٰ اعظم شان.

جيڪو جڳ جي اک جو تازو، جلوو جوت جمال،
دنيا ۾ جو دائم آهي، قائم ساڻ ڪمال.

سورج جي ڪرڻن جيان جنهن جو آهي فيض مدام،
چانڊوڪيءَ جي روپ اندر ڄڻ آهي ڪو الهام.

حسن حقيقي آهي جيڪو، جيڪو عشق امام،
جيڪو عامن کي ٿو بخشي الفت جو انعام،

جنهن جي ڪائي صورت ناهي، روپ نڪو ٻهروپ،
سپني وانگر رهندو آهي اکين منجهه الوپ،

جيڪو هرجا حاضر ناظر، جڳ جڳاندر جهور.
دانا بينا، ڄاڻي ٿو گهڙيءَ گهڙيءَ جو پُور.

حاوي حاڪم آهي، هوا تي چڙهي ڪري ٿو سير،
جنهن جي همت سان ڪو ٽڪري، ڪوئي ناهي ڪير.

اڀ ۽ ڌرتي جنهن جي دهشت ساڻ دهلجن روز،
جنهن جي جرئت آڏو ڪوئي آيو ناهي هنوز.

وقت نه جنهن کي جڪڙي سگهيو، ڪڏهين ڪو زنجير،
موت جنهين کي روز جيئاري، اهڙو آهه امير.

روز ازل کان جيئرو آهي، مرڻو ناهي مور،
“ڪن فيڪون” جو سِرِ الاهي، مٽيءَ ۾ مستور؟

مٽي ناهي، مٽيءَ جي هر ذري ۾ موجود،
جنهن ۾ سڀ سنسار سمايل آهي لامحدود.

ڪڏهين ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ تي رقص ڪري سنگيت،
ڪڏهين آڪاسن ۾ اُڏري پاڻ پچائي پريت.

ڪڏهين مکڙيءَ ساڻ کلي ۽ ڪڏهين گل سان روءِ،
ڪڏهين ڳوڙهو خيال ته ڪڏهين ڳوڙها بڻجي پوءِ.

ڪڏهين راتيون جاڳي ويٺو فهم ڪري فڪرات،
ساري جڳ جا سور سنڀاري، ڏاري پنهنجي ڏات.

ڪڏهين خود ئي خود ۾ گم ٿي، ڳائي ويٺو گيت،
هن سان ڪنهن جي پريت نه آهي، هن جي سڀ سان پريت.

ڪافر مومن آهي، ناهي، جيڪي آهي پاڻ،
جنم جنم جو جوڳي آهي، ڄاڻي ڪو اڻڄاڻ.

سوئي منهنجو هادي آهي، مرشد راهنما،
سڀ کان سهڻو، سڀ کان سياڻو، خلقيو خاص خدا.

ڪهڙو تنهن جو نسب ٻڌايان، ڪهڙو ملڪ ملير،
اهي اُن جو نانءُ مبارڪ، وهه واهه “شاهه ضمير”!

مولود

مولود

ڀلي آيو سهڻن جو سردار سهڻو،
ڪري آيو صورت جو سينگار سهڻو.

پسي پاڪ پيرا، ڏين ڀونئر ڀيرا،
گهٽيون گام گهيرا، ٿيو ديدار سهڻو.

بجا بات برڪت سراپا حقيقت،
ٿيو عام الفت جو وهنوار سهڻو.

کُلي خوب خوشبو، بدن باغ گُلبو
هلي هاڪ هرسو، هو دلدار سهڻو.

اڱڻ يار آيو، ٿيو لايو سجايو،
نصيبن ملايو، سو مهندار سهڻو.

ڌمال

ڌمال

ڌم ڌما ڌم مست قلندر سنڌڙي دا،
جڳ دي ڪارڻ بڻيا سهارا جندڙي دا،
ڏم ڌم ڌم ڌم نوبت وڄي،
سُڻ سُڻ آپي دشمن ڀڄي،
جهنڊا جُهولي کٻي سڄي،
ميندي شانان والي کڄي،
روح جنهين ڪون ڏيکن رڄي،
جڳ دي ڪارڻ بڻيا سهارا جندڙي دا...

ڪٿان ڪٿان خلقان اچن،
شهر سيوهڻ وچ ميلي مچن،
در در ڌُوم ڌمالان لڳن،
گهر گهر گهنڊ گهڙيالي وڄن،
مست مگن سب ناچو نچن،
جڳ دي ڪارڻ بڻيا سهارا جندڙي دا....

سنڌڙي پياري پرور دي هي
سنڌڙي سُهڻي سرور دي هي
سنڌڙي حاڪم حيدر دي هي
سنڌڙي شاهه سُخنوري دي هي
سنڌڙي سچل شاعر دي هي
نا بيدرد تونگر دي هي
نا ڪنهن سگ ستمگير دي هي
سنڌڙي لعل قلندر دي هي

ڌم ڌمال ڌم مست قلندر سنڌڙي دا.....

ڌم ڌمال ڌم مست قلندر سنڌڙي دا.....

مزدورن جو عالمي ترانو
(مزدورن جي عالمي تراني “انٽرنيشنل” جو ترجمو)


اُٿو اُٿو، بکن جا ماريل اُٿو!
اُٿو اُٿو، ڏکن جا ڏاريل اُٿو!
اي ڳڻتين جا ڳاريل، مصيبتن جا ماريل،
صدين جي سازباز سان، صليب تي سمهاريل،
اُٿو اي وقت جا وسساريل اُٿو!

اُٿو جو هاڻ فيصلي جو سج پيو ڪَني ڪڍي،
اُٿو جو هاڻ هڪ نئون جهان پيو جنم وٺي،
اُٿو نصيب جا ڌڪاريل اُٿو!

ڏسو ته هو روايتن جا ڪاڪ محل پيا ڪرن،
ڏسو ته هو غلامين جا ڪوٽ ڍير پيا ٿين،
اُٿو مصيبتن جا ماريل اُٿو!

آڏو جو هاڻ پنهنجي هيءَ جنگ آهي آخري،
سنڀاليو پنهنجا مورچا، محاذ تي وري وري،
اُٿو اي ڳڻتين جا ڳاريل اُٿو!

اُٿو، نئين نظام کي سلام سڀ ڪريون ملي،
نئون نياپو “انٽرنيشنل” جو عام ٿئي ڀلي،
اُٿو اي وقت جا وساريل اُٿو!

قوالي

قوالي

ها ڪئي اڄ آهي دلبَر، ها ته ها-ها ٿي وئي،
واهه جو ٿي ڳالهه وئي يَرَ، وا ته وا-وا ٿي وئي....

ڪيئن الائي آئي هئي، ۽ ڪيئن وري کسڪي وئي،
جنهن جي لئهِ جهلياسين پادر، سا ته سا-سا ٿي وئي...

بس رڳو مُنهن ميل ٿيو محبوب سان هڪ منٽ جو،
ڇا ٿيو، ڇا ڇا نه ٿيو، پر، ڇا ته ڇا-ڇا ٿي وئي...

ڪجهه نه هو، يَرَ ڪجهه نه هو، پر کَرَ خرابي ڪئي وڏي،
هن هَلايو اهڙو چڪر، آ ته آ-آ ٿي وئي....

واٽ ويندي ويا ورائي جواڻ ٺونشيبازَ ڪي،
مفت ۾ ماريائون شاعر، ٺا ته ٺا-ٺا ٿي وئي....

پنهنجو ڇاهي، ڀل رهي خوش يار پنهنجي خرچ تي،
ٽا، ڪئيسين پاڻ هيڪر، ٽا ته ٽا-ٽا ٿي وئي....

مجرو

مجرو

ڏيک ڪوئي خودي دا خيال،
اسا عشق ڪيتا هي اپڻي نال!

اسان صورت ڀي سينگار ڀي هون،
اسان دل ڀي هون، دلدار ڀي هون،
آپي جلوه تي آپ جمال،
اپڻي ٿيو سي آپ مثال......

اسان نور برهه دي بستي دا،
اسان حسن ٿيو سي هستي دا،
آپي هجر تي آپ وصال،
اپڻي ٿيو سي آپ مثال.....

ڪٿي مومل کِلدي ڪاڪ محل،
ڪٿي سسئي رُلدي جهنگ جبل،
آپي جواب تي آپ سوال،
اپڻي ٿيو سي آپ مثال.....

لاٽ

لاٽ

حقيقتن کي طبيعت جي روشني پهتي،
سندم نگاهه جي سامهون عجيب منظر هو،
پري، تمام پري، هئي خيال جي بستي،
قريب و دور فقط منهنجو ئي تصور هو.

عجيب قسم جي تنهائين جو هو ماحول،
وڏو وسيع هو ميدان، رات جو عالم،
فضا ۾ خوف جا آثار سڀ هئا پيدا،
سڄي جهان جا انڌيرا اتي هئا باهم.

هوا جو هانءُ ٿي ڦاٽو، ڪري وڏا واڪا،
رکي رکي ٿي وري بجلين کي وحشت ٿي،
ڊُڪيا ٿي چئن طرف ڪيئي ديوَ طوفان جا،
قضا جي خوف کان ڌرتيءَ کي پڻ ٿي دهشت ٿي.

مصيبتن جي انهيءَ رات تي نظر رکندي،
ڀلا ڏيئي کي مجال آهي جو رهي قائم؟
هلائي ڪير اچي پنهنجو ايترو حيلو،
مٽائي خود کي، ڏيئي کي رکي صحيح سالم؟

مصيبتن جي انهيءَ رات تي نظر رکندي،
يقين جي ته هتي حد ئي ڪٿي آهي
مگر خيال جي بستيءَ ۾ ڇا نه هو ممڪن،
هوا جي هنج ۾ شعلي جي پرورش ڇاهي!

هتي ته نُور نچوئي پيو ڪو نيڻن مان،
گهڙيءَ گهڙيءَ پيو اوتي اهو ڏيئي اندر،
وري وري پيو وٽ کي مٿي مٿي سوري،
جُهڪي جُهڪي پيو دامن بنائي سايه گر.

ڏيئي جي لاٽ وسامي وئي ته ڇا رهندو؟
اڃا ته ڪيئي مُحبتن جا مرحلا ايندا!
اڄوڪي رات جي مومل جو حال ڇا ٿيندو،
۽ ڪيئن ڏينهن جي راڻن جا قافلا ايندا؟

يقين آهي ته ايندا پٺيان اچڻ وارا،
اچي هتي ئي ڪندا پنهنجي وقت جي منزل،
انهن جي لاءِ ڀلا ڪا ته روشني گهرجي،
مچائيندا جي وڌي اڳتي عزم جي محفل!

محبتن جا اهي مرد پهلوان هوندا،
ڪندا هوا کي مسخر، ۽ رات کي برهم
فلڪ جو اوج انهن جا اچي قدم چمندو،
نرالي نور جا مشعل جلائيندا هردم.


ڏيئي جي لاٽ ته هر حال ۾ رهي قائم،
اهوئي منهنجي مقدر جو فيصلو آهي،
پهاڙ جهڙا ارادا رکان ٿو سيني ۾،
هوا جي زور کان زياده ئي حوصلو آهي.

حقيقتن کي طبيعت جي روشني پهتي،
اڄوڪي دور جو دانا ڪري پيو محنت،
زمانو طئي ڪري آيو خيال جي بستي،
نرالي نور کي روڪي نٿي سگهي طاقت!

لطيفي لات

لطيفي لات

وقت تي حالات جا پاڇا پيا،
چوطرف خاموشين شورش ڪئي،
ظلمتن کي رقص جو موقعو مليو،
روشني چپ چاپ منهن موڙي وئي،
روح کي بيچينينون گهيري ويون،
دانهن کان مايوس ٿي، سُڏڪا ڀري،
زندگي قيديءَ جيان روئندي رهي،
ڪيئي صديون ڪيئي سال،
عقل جي تاريخ موٽي پئي وئي.

تنهن گهڙيءَ،
وقت جي شاعر جي دل تڙڦي اُٿي!

ڌيان جي کڙڪي کُلي،
روح کي پرواز جي طاقت ملي،
ذهن ۾ لهرائي ويئي زندگيءَ جي روشني
۽ اچي ويئي نظر،
پنهنجي ماضيءَ جي خبر،
شاعرن جو شهنشاهه مصروف هو،
پنهنجي نغمن ۾ ڀريائين پئي اثر،
ڪُل زمانو وقت جي آلاپ سان سرشار هو،
۽ سڄي تاريخ ڄڻ بيهي رهي،
ڪو زمانو ٿي ويو،
ظلمتون ۽ روشنيون اينديون رهيون،
دوبدو ٿينديون رهيون،
هر گهڙي هڪ آزمائش،
هر گهڙي هڪ امتحان،
ڪير ڪنهن جو ترجمان؟

هر طرح جون نعمتون موٽي ويون ٺڪرائجي،
هار کائي ويا زماني جا فريب،
آخر ڀڙڪي اٿي دوزخ جي آڳ،
يعني مرڪي پيئي جنت جي ڪنيز،
ظلمن جي ڇا خبر،
وقت جو شاعر مگر مصروف هو،
جنهن جي دل ۾
روشنيءَ جو راڄ هو، سوراج هو.

وقت تي حالات جا پاڇا پيا،
چوطرف خاموشين شورش ڪئي،
ظلمتن کي رقص جو موقعو مليو،
ڪيئي صديون، ڪيئي سال،
وقت جو شاعر اڃا ڳائي پيو،
زندگيءَ جي ساز تي،
پنهنجي لطيفي لات کي!

ڪاڪ محل

ڪاڪ محل

زندگي ڪاڪ محل آهي ڪو رنگا رنگي،
جنهن ۾ مقصد ٿو سدا ناز ڪري مومل جان،
دور کان دل کي لُڀائي، نه اچڻ ڏئي ويجهو،
ڪير آهي جو لنگهي پار پوي مشڪل مان؟

جيڪو اڳتي ٿو وڌي، کائي اُهو ڪيئي فريب،
جادونگريءَ مان بچي ڪير سگهي، ڪير ڀلا؟
ڪن کي نوميدي ڪڍي ڏند پئي ڊيڄاري،
ڪن کي ڏائڻ جيان ڏڪائي ٿو پيو موت، الا!

روز اميد، ڪري هار ۽ سينگار نوان،
پاڻ کي خوب سجائي، ٿي لڀائي دل کي،
عارضي سونهن تي هِرکي ڪئين جوڌا ۽ جوان،
راهه ڀلجي ۽ وساري ٿا ڇڏن منزل کي.

ڪير منزل کي رَسي؟ ڪير ٿو ماڻي مومل؟
جان جادوءَ مان ڀلا ڪوئي ڇڏائي ته سهي!
ڪوئي لاهوتي لنگهي اڳتي، وڃي مقصد ڏانهن،
ڇال ڇورين جا ڏسي، ڪوئي لنوائي ته سهي!

ها، مگر مينڌرا منزل کي رَسي ئي رهندا،
جادونگريءَ جا طلسمات ٽٽي ئي رهندا!
عقل ۽ عزم جا راڻا ويا اڳتي ڌوڪي،
پنهنجي حالات جي مومل کي پسي ئي رهندا!

مال موهي نه سگهيو، ڪاڪ کان جهلجي نه سگهيا،
ڇال ڇورين جا لنگهي ڪاپڙي وڌندا ئي رهيا،
مون کي شاهه ڀٽائيءَ جي وري ياد آئي،
پنهنجي مومل سان ملڻ جي آ وري اڄ وائي.

پيدائش

پيدائش

اڄ وري تاريخ جا دفتر کليا،
اڄ وري انسان جا جوهر کُليا.

اڄ وري جاڳيو زماني جو ضمير،
اڄ وري انصاف تي ڏمريو اسير.

اڄ وري زنجير سان سرچاءُ ٿيو،
اڄ وري زندان جو ٺهراءُ ٿيو.

اڄ وري اظهار تي پهرو لڳو،
اڄ وري منصور ڦاهيءَ تي چڙهيو.

اڄ وري لٽجي ويو فطرت جو باغ،
اڄ وري ڦاٽي پيو هستيءَ جو داغ.

اڄ وري تهذيب کي ٺوڪر لڳي،
اڄ وري زخمي ٿيا دل جا ڌڻي.

اڄ وري مهراڻ آيو موج ۾،
اڄ وري ڌرتي ٻُڏي وئي کوج ۾.

اڄ وري احساس جي پالوٽ ٿي،
اڄ وري جذبا اُٿيا اڻموٽ ٿي.

اڄ وري ڪجهه دلبريون حاصل ٿيون،
اڄ وري ڪجهه آيتون نازل ٿيون.

اڄ وري تخليق کي شاعر مليو،
اڄ وري دنيا کي پيغمبر مليو!

انقلاب جي سرحد

انقلاب جي سرحد

حُسين ابن عليءَ کي شهيد ٿيڻو پيو،
خدا جي راهه ۾ انصاف کي به مرڻو پيو،
فلڪ کي ظلم جو هي اهتمام ڪرڻو پيو،
قضا کي دين جي خاطر يزيد ٿيڻو پيو.

سدائين ڪوڙ کٽيو جبر جي سهارن تي،
دٻائي سچ کي تقدير جي حوالن سان،
رکي سياهيءَ جو الزام چنڊ تارن تي،
عجب مذاق انڌيرن، ڪيو اُجالن سان.

جو زهر پيتو هو سقراط ڪنهن زماني ۾،
گلن جي ماڪ، ستارن جو نور بڻجي ويو،
حيات جنهن جي طلب ۾ رهي ٿي سرگردان،
اهو ئي وقت جو دل جو سرور بڻجي ويو.

ڳلي جا طوق بدلجن پيا سدا، هر سُو،
ڏکي نه آهي صدين جي حساب جي صورت،
صليب مان ٿي اچي اڄ بهار جي خوشبو،
عجيب آهي اها انقلاب جي صورت.

گهڙيءَ گهڙيءَ کي زماني جي زندگي حاصل،
هزارين سال به تاريخ ۾ ويا گم ٿي،
جتي جتي به جُهڪيو حق جي اڳيان باطل
شفق ٿي چمڪي اُتي انقلاب جي سرخي.

ڏسي ٿو ڪير ڀلا آفتاب تي سرحد،
ٻڌائي ڪير سگهيو آهه خواب جي سرحد،
ڪروڙين ذهن فقط هڪ ڪتاب جي سرحد،
وسيع آهي اڃا انقلاب، جي سرحد.

آرزوءَ جو سفر

آرزوءَ جو سفر

لامڪانيءَ جي فساني کان وٺي،
لازمانيءَ جي زماني کان وٺي،
جسم جي بي انتها تاريڪين ۾،
جاودانيءَ جي سفر ۾ سرگرم آهي ازل جي آرزو.

تون به ڪنهن جي ابتدا،
مان به ڪنهن جي انتها،
تنهنجي منهنجي زندگي
تنهنجي منهنجي ماءُ جي دمدم دعائن جو اثر،
تنهنجي منهنجي زندگيءَ جا صبح شام،
تنهنجي منهنجي پيءُ جي اڻکٽ اُميدن جو ثمر
جسم جو هر هڪ جنم
ڪئين ڪروڙين آرزومندن جو موجوده مقام،
بس ازل جي آرزو آهي مدام،
جاودانيءَ جي سفر ۾ تيزگام.

اي سندم دمدم دعائن جا نرالا شاهڪار!
زندگي تابندگي جا رازدار!
اچ ته مان توکان ڪريان اڄ الوداع،
جسم جي تاريڪ راهن کان جدا،
مان ازل جي انتها ۽ تون ابد جي ابتدا،
اي سندم اُميد جا براق، صد صد مرحبا!

پيشڪش

پيشڪش

ابتدا ۽ انتها جي وُسعتن تي ڦهليل،
زندگيءَ جو شهرُ، شهرِ لازوال،
شورشن ۽ حادثن جي سلطنت،
جنهن جي هڪڙيءَ ڪنڊ تي،
شورشن ۽ حادثن جي آسپاس،
دور اُفتاده بلنديءَ جو مقام،
جنهن تي قائم آهي هڪڙو خوشنما حيرت جو باغ،
پُر سُڪون ۽ پرفضا، تنهائين، خاموشين جي سرزمين،

وقت جو مالهي عجيب،
ڪنهن عجب اڻڄاڻ شهزاديءَ جي لاءِ منتظر،
دل کي اکين ۾ سمائي،
درد جو دريا وهائي،
پيو سدا پوکي محبت جا نوان تازا گلاب-
پيشڪش جي لاءِ خوشبو جو ثمر.

مدتن کان پوءِ ڪڏهين، اوچتو،
شورشن ۽ حادثن جي سلطنت جي شاهزادي،
زندگيءَ جي حسن بانو،
وقت جي اڻٿڪ اميدن جي گلابن ۾ ٿئي ٿي جلوه گر،
دل ئي دل ۾ مسڪرائي،
قرب جون ٻانهون وڌائي،
پيار سان پنهنجو بنائي،
ٿي ڪري،
درد جو تحفو قبول!

تخليق

تخليق

ڪيئي اربين سال ڌرتيءَ جو وجود،
ڪئين ڪروڙين سال آدم جو جنم،
دم بدم تخليق جي ميدان ۾،
پيار پُڄائن شرط هستي ۽ عدم.

ڪيترو نئون ۽ وري ڪيڏو قديم،
زندگيءَ جي راهه جو هر هڪ قدم،
هر گهڙي گويا ازل کان ٿي شروع،
هر گهڙي گويا ابد تي ٿي ختم.

سونهن ۽ سرهاڻ جي تقدير ۾،
مکڙين جي مُرڪ لٽبي ئي رهي،
سجُ ڪِرڻا ئي اُپائيندو رهيو،
چنڊ جي چانڊاڻ ساڳي ئي رهي.

هجرت

هجرت

اربين سالن کان هي سورج منڊل آهي قائم پنهنجي توازن سان،
ايامن کان ڌرتي پنهنجي محور تي هر دم گردش ۾ آهي،
ايامن کان چنڊ ۽ تارا ڪتيون اُڀ ۾ پيا ٿا چِلِڪن چمڪن،
سمنڊ ۽ دريا، جهنگ جبل، هي وڻ ٽڻ ٻوٽا چوڌاري،
پکين، جيتن، حيوانن جون ذاتيون لک هزارين،
ڌرتيءَ هيٺان ڌن جون کاڻيون، پاڻيءَ منجهه حياتي،
ڪڪرن مان برسات وسي ۽ مٽي سونهن اپائي،
هي سڀ ڇا جي لاءِ؟
ٺهيل ٺڪيل مانڊاڻ هي سارو،
آخر ڪنهن جي لاءِ؟

ڪنهن کي آڇي فطرت پنهنجو ايڏو عظيم الشان هي تحفو،
جيڪو هن مانڊاڻ جي مقصد ماڻڻ لئه تخليق اندر تخليق جو نئون مانڊاڻ اڏي،
ڌرتيءَ تي نت نوان نرالا منظر ڪي ايجاد ڪري؟
سو ته فقط انسان ئي هو،
ساري مخلوقات ۾ اشرف.

فطرت جو شاگرد اهو انسان وڏو وهنواري هو،
ڌرتيءَ کي سينگارڻ لئه سهڪاري هو،
پاڻي، مٽيءَ، باهه، هوا ۾ هن هزارين......
گُهپ انڌيرن، انت اُجالن جي طلسم سان،
حُسن ۽ حيرت جي سنگم تي،
سوين هزارين ڪاڪ محل تخليق ڪيا.
فطرت جي ٽساليءَ اندر،
فنڪاريءَ جي بيحد خوب ڪماليت سان،
تبديليءَ جا رنگ رچايا.
فطرت جي همراز انهيءَ انسان، گهڻيون آسيسون ماڻي،
ڌرتيءَ تي ڏاهپ جي مثالي تهذيبن جا جهنڊا کوڙيا،
پولارن ۾ پيهي هن زمان مڪان جا ڀيد پروڙِيا،
اشرف مخلوقات، انهيءَ اڙٻنگ وَڙولِيا دَنگَ سمورا.

ٽهڪ ڏنا شيطان انهيءَ دانائيءَ جي نادانيءَ تي،
عَقل جي آڪڙخانيءَ تي،
پوءِ اُمالڪ،
هڪڙي اڻکٽ مرڪ، شرارت جي چڻنگن سان ڀريل، هن جي جهنم زار پن تي ڀڙڪي پيئي
پوءِ يڪا يڪ،
صدين تائين بارودن، بم گولن، جا ازغيبي ڪئين پڙلاءَ فضا ۾ گونجي ويا.

بارودن، بم گولن جي از غيبي پڙلائن تي موهت، مست مگن ٿي،
اشرف مخلوقات تڪبر جي گهوڙي تي، سنج رکي نافرمانيءَ جا،
فطرت کان تخليق جي هر ڪا گوءِ کٽڻ لئه،
هن جي سڀ مانڊاڻ کي چڪنا چور ڪرڻ لئه،
مٽيءَ، پاڻيءَ، باهه، هوا ۾ ڀري ڇڏيا انبار سراسر بارودن جا.

ڌرتيءَ کان آڪاس، سڄو ماحول ويو، ٿي زهريلو،
سج، چنڊ، تارن، ڪتين جو سنسار ڏڪي ويو،
سمنڊ ۽ دريا، صحرا ۽ ڪهسار ڪنبي ويا،
پکين، جيتن، حيوانن جا ساهه سڪي ويا،
فطرت جو سارو ئي سهڻو باغ لڳو انسان اجاڙڻ جي پويان،
تڏهين غيض غضب سان ڀرجي،
فطرت پنهنجي اصولن، قانونن، اختيارن جي طاقت سان،
پنهنجو رد عمل ڏيکاريو، بيحد سختيءَ، بيرحميءَ سان.

سج سوا نيزي تي اچڻ لاءِ پنهنجي تپش کي تيز ڪيو،
سمنڊ مڇرجي پيا ۽ هوا سان طوفانن جا بند ڀڃن جي سٽ سٽي،
جبلن پنهنجا آدجڳادي، اڻکٽ، اڻ ملهه، برف ذخيرا ڳاري دريائن ۾ اڇلڻ شروع ڪيا،
دريائن برفاني دنيا جو سڀ پاڻي خالي ڪرڻ لئه، سمنڊ سان ڳٺجوڙ ڪيو،
باهه قيامت بڻجي جبلن جي چوٽين کي ڌماڪن سان ڏاري ڦاڙي،
پٿرن کي پاڻيءَ جيئن پگهاري، ڦوهارن جي صورت ۾،
ڄڀين، اُلن، ٽانڊن جي برسات وسائي،
ڌرتيءَ پيداوار جي قوت پوڻي ڪئي،
مٽيءَ پاڻيءَ نين نرالين بيمارين کي جنم ڏنو،
ٻوڏن، سوڪهڙن، بيمارين، ڏرت ڏڪارن، طوفانن، ڀونچالن جو هڪ کيل عجائب جاري ٿي ويو.

ڌرتيءَ تي انسان جو آئيندو هاڻي ناممڪن ٿي پيو.
ڪڏهين اڳتي، سج جا ڪرڻا چڻنگون بڻجي،
سڀ جيون کي ساڙي ڳاري رک ڪندا،
ڪڏهين اڳتي ڌرتيءَ جو هي گولو،
سج سان ايئن ٽڪر جي وِکري ويندو، جيئن ڪو واريءَ ڪوٽ هوا ۾ ڪڻو ڪڻو ٿي وڃي اڏامي.
اشرف مخلوقات جو اهڙو مرضيءَ جهڙو انت ڏسي،
خوشيءَ وچان شيطان هنبوڇيون هڻي، تڪبر سان، اهڙا زهريلا ٽانڊن سان ڀريل ٽهڪ ڏنا،
جن جنت جي ديوارن کي گرمائي ڇڏيو
۽ ڇرڪ ڀري رضوان ڪنن تي هٿ رکيا.

فطرت، جيڪا پنهنجي پياري ٻالڪ يعني اشرف مخلوقات جي رهبر آهي،
۽ جا ارڏاين تي هن کي سيکت ڏيندي آئي آهي،
تنهن کي آخر ترس اچي ويو.

ٻيءَ گهڙيءَ ۾، هن جي مڻيادار چپن تي هڪ آفاقي مرڪ کنوڻ جيان تجلا ڏيندي ترندي آئي،
جنهن سان يڪايڪ پولارن جون راهون جڳ مڳ چمڪي ويون،
فطرت جي منشا جي اشاري سان انسان ڏسي ورتو آئيندي جو خواب،
نئين ڪنواري ڌرتيءَ ڏانهن هجرت جو خواب،

ڌرتيءَ جو فرزند ڪَري پيو نئين نويليءَ ڌرتيءَ ڏانهن هجرت جي تياري
جنهن جي ڪنواري مٽيءَ اندر سانڍيل هونديون ڪئين ڪروڙين سالن جون سوغاتون
جنهن جي زرخيزيءَ جي سگهه پراڻي، ڌرتيءَ جي پهرئين ئي ڏينهن برابر هوندي،
جنهن جي هوا ۽ پاڻي، کاڌو ميوا، ڊگهو جياپو آڇيندا

جنت جهڙي، جنت هوندي نئين ڪنواري ڌرتي
فطرت جو فرزند ڪري پيو جنت ڏانهن هجرت جي تياري.

مٽيءَ جو ماڳ

مٽيءَ جو ماڳ

جيون ڪوئي جهوٽو آهي،
پوءِ به حياتي، اڻکٽ ۽ بي انت مسافر،
پنڌ جو ڪوئي ڇيهه نه ڇيڙو،
پوءِ به زماني جي راهن تي،
ڪيئي ڄمارن جي هيءَ گاڏي،
اڄ به رهي ٿي اڳتي هلندي،
مٽيءَ جو هي ماڳ اڃا ڀِي سُر ۽ ساز جي من موهيندڙ آلاپن سان گونجي پيو.

ڪڏهين هن جي “اڄ” جي ڪائي سُهڻي سُهڻي “ڪالهه” به هئي،
حال جي هر هڪ ڳِڙکِي پويان،
ماضيءَ جي ڪا سندر صورت،
سوچ لوچ جا ڳهڻا پائي،
پاڻ لُڀائي ويٺي ٻهه ٻهه ٻَهڪي چَهڪي.

ڪنهن جي آس ۽ پياس جو تحفو،
ڪنهن جي سوچ جو گوشو گوشو،
پنهنجي سڃاڻپ جي نيشاني هر ڪو ڇڏي ويو.

مٽيءَ جي هن ماڳ اندر،
ڀاڳ سَڀاڳَ جي اُهڃاڻن جو انت نه آهي،
قبن ۾ مدفون محبت، عظمت واريون ڪيئي ڪهاڻيون،
گذريل گهڙين جي راهن تان، گذري ويندڙ پانڌيئڙن جون ڪيئي نشانيون،
جهور پراڻيون:
اڻکٽ هسوارن جي گهوڙن جي ٽاپولين جا پڳ ۽ پيرا،
فتحمندن جا دڳ ۽ ديرا.

مٽيءَ جو هي ماڳ اڃا ڀِي سُر ۽ سازَ جي من موهيندڙ آلاپ سان گونجي پيو،
پوءِ به رڳو خاموشيءَ جا بيجوڙ پڙاڏا ٻڌجن ٿا،
ڪڏهين هن جي “اڄ” جي ڪائي سُهڻي “ڪالهه” به هئي.

حال جي هر هڪ ڳڙکيءَ پويان،
ماضيءَ جي ڪا سندر صورت،
سوچ ۽ لوچ جا ڳهڻا پائي، پاڻي لڀائي،
ويٺي ٻهه ٻهه ٻهڪي چهڪي.

هِن ئي هنڌن تي ڪڏهن وساريل وقتن پنهنجو اوج ڏٺو هو،
هن ئي هنڌن تي ڪڏهن گلن تي بلبل پنهنجو رقص ڪيو هو،
ڪنهن جي آس ۽ پياس جو تحفو،
ڪنهن جي سوچ جو گوشو گوشو،
پنهنجي سڃاڻپ جي نشاني هرڪو ڇڏي ويو.

هن ئي هنڌ تي هنرمندن جي هٿن عجب شهڪار سنواريا،
اهڙا هڙا وکر وهايا،
پئي پئي جي ڪڏهن نه هرگز ٿين پراڻا.
اهڙا وينجهرَ،
جيڪي ڏات جا ڏيئا ٻاري، رات کي ڏينهن جو روپ ڏئي ويا،
هاڻي سڀ ڪجهه، مٽيءَ جي سيني ۾ آهي،
پوءِ به هِت ئي،
گذريل ڏينهن جي سا جڳمڳ جوت جلي ٿي،
جِهرمِر جِهرمِر، جَڳمَڳ جڳمڳ جوت جلي ٿي،
ڪِرڻو ڪِرڻو ذرڙن کي چمڪائي، چوڏس چنڊ ڪري ٿو،
ڪين منجهاران ڪُل ڪري ٿو.

ڪنهن مومل جي خوشين جي گهڙين جي ساٿي،
يا ڪنهن ٻانهياريءَ جي ڳورين ٻانهن کان ڪا وڇڙيل ٻانهين،
ڇِڻڪي ڇِمڪي، سُڏڪي سُڏڪي چُپ ٿي ويئي.

هي مڻيا، هي ماڻڪ موتي،
سورٺ جو سينگار بڻيا هئا:
مارئي جي لَڄَ، لِيلا جي لئه موههُ بنيا هئا:
نوريءَ جي لئه نياز بڻيا ۽ سَسُئيءَ جي لئه سورن جي سوغات بڻيا هئا:
هي مڻيا، هي ماڻڪ موتي،
روپ وتيءَ ڪنهن ڪونجل ناريءَ پنهنجي ڳچيءَ ۾ پاتا هوندا:
جوڀن جذبا جاڳيا هوندا:
ٻهڪيون هونديون ڀاڳ سڀاڳ جون روشن راتيون.

هيءَ ئي آهي،
هيءَ ئي آهي،
سونهن ڀري سا سهڻي ڌرتي:
مٽيءَ جو هي، ماڳ اڳي هو،
اڄ ڀي آهي ماڳ مٽيءَ جو.
ڪنهن جي آس ۽ پياس جو تحفو،
ڪنهن جي سوچ جو گوشو گوشو:
پنهنجي سڃاڻپ جي نيشاني هر ڪو ڇڏي ويو.

ڪلهه جي ڏات جو سورهيه سياڻو،
اڄ جو ڄامَ، سُڀان جو راڻو!

الوداع

الوداع

ڪير دروازي تي آهي،
رات جي پوئين پهر،
هن مهل، هن حال، سيءَ واءُ ۾!
ڪو مسافر؟ يا وري هن شهر جي ڪا پيار سوديندڙ معزز حسن بانو؟

مرحبا، اي معزز حسن بانو!
اچ، اندر اچ،
منهنجي هِن مَشعل جي هَلڪي روشنيءَ ۾،
ڪيڏي سردي آهي ٻاهر!
هن ههڙيءَ لڱ ساڙيندڙ هوا ۾،
ڪيئن نڪتي آهين تون؟
بت سڄو تنهنجو رڦي پيو،
هٿ ڏڪن پيا ۽ ٽنگون ٿرڪن پيون:
ويهه هن صندليءَ کي سيري، هن بخطاريءَ جي اڳيان،
باهه تي پنهنجا ٺريل هٿ پير سيڪ.

ترڪماني اُنَ جو هي ڪشمشي ڪمبل ڪلهن تان
لاهي هن صندوق تي ليٽائي ڇڏ،
۽ هي وٺ چندن جون ڪاٺيون،
باهه ۾ وجهه،
جيئن تنهنجي ساهه کي سرهاڻ جو ساهَسُ ملي:
تيستائين آءٌ تنهنجي لاءِ ڪريان قنديل ڪافوريءَ کي روشن،
جيئن ڏسان، سونهن جا ڪهڙا وکر آندا ٿئي،
سونهن جو درياهه وهي پيو....
جنهن جي ڇولين ۾ رڳو پيا مرڪ جا موتي ڇُلن،
جنهن جي موجن تي رڳو پيا تير نظرن جا تَرن،
جنهن جي لهرن ۾ جوانيءَ جون هٺيليون پوپريون،
ٿڙڪنديون، ڀڄنديون وتن،
جنهن جي ڪنڌين تي رڳو چاهت جون چنبيليون ٽڙن.

سونهن جو درياهه وهي پيو....
ناهي جنهن جو آر پار،
جنهن جي هر قطري ۾ نيرانين نگاهن جو خمار،
هر نظارو جنهن جو قدرت جو نرالو شاهڪار،
حيرتن ئي حيرتن جا ڪاڪ، جنهن پاسي نهار.

آه، ڏاڍي دير ٿي وئي، اي معزز حسن بانو،
مان ته ويٺو هوس هاڻي واپسيءَ جي لئه تيار،
بس سواريءَ جو ڪيم پئي انتظار:
ڪنهن به ٽاڻي اچڻو آهي آسماني مَڪڙو گهوڙو،
جيڪو ڪنهن مهلت بنا ٿيندو فرار.

تيسين هڪڙي التجا مون کي ڪرڻ ڏي،
اي معزز حسن بانو!
جنهن گهڙي وارد ٿئي هو مڪڙو گهوڙو،
هائو، پنهنجي انهيءَ ساڳي ڪائناتي خوش نظر سان،
بدخشاني لعل جهڙن لال چپڙن جي مدامي مرڪ سان،
مون کي ڪج تون الوداع،
مون تي تنهنجو هي وڏو احسان ٿيندو،
۽ اهو ئي سونهن جو سرمايو شايد،
منهنجي لاءِ آخري تسڪين جو تحفو ٿئي.
..... مان جڏهن ڳچ سال اڳ،
پيار جي وکري وکر جون خوب خرزينون ڀري،
ڏور کان آيس “عدم نگري” ولايت مان هتي،
تنهنجي هن شاهي شهر ۾،
هڪڙو معمولي، ننڍو گمنام سوداگر هئس،
پوءِ آئون پيار جي ناياب جنسن جي بدل،
سونهن جون ڪامياب ۽ نادر وَٿون ڏوريندو سوريندو رهيس....

رنگ ۽ آواز جون سونيون ۽ رُوپيون اشرفيون،
مشڪ بو وارن جو ريشم، رت-ورنن چپڙن جون لعلون،
شبنمي ڏندن جا موتي، ڏورين ٻانهن جي مرمر،
ڪونئرن پيرن هٿن جا بخمل، ۽ الماس خوابي اکڙين جا،
ڪي ته بيحد بي بها چيزون مليون:
درد دل جو، پور، پيڙا، خواب، اوجاڳا، جفائون،
واعدا، يادون ۽ ٻيا پڻ ڪيترائي قيمتي پٿر مليا:

ناز ۽ انداز، شوخي ۽ شرارت جا گهڻائي خوشنما گوهر مليا:
گيت مالائون سريلن ٽهڪڙن جون،
۽ ڏکڻ جي هير جهڙين ٿڌڙين مرڪن جون چانڊوڪيون،
گرم لڙڪن جي ٻاڦ:
سادگي، سچائي، قرباني، وفا، پاڪيزدگي، صبر ۽ حيا جا
جيڪي چندن هار مون ڏوري ڏٺا،
تن جو ڪوئي ملهه نه هو.

مون به خرزينن جا منهن کولي ڇڏيا:
پيار جا جيڪي به وڙآندا هُئم،
سونهن جي سودي ۾ بيپرواهه آڇيندو رهيس،
ڏاڍيون ڪي اڻلڀ شيون مون وٽ هيون،
ڪاش، تون هيڪر ڏسين ها، اي معزز حسن بانو!
هجر جا فانوس، وصل جا چراغ،
آس جا قنديل، اوسيئڙي جي آڳ،
سڪ جون سرخيون، شڪ جون لاليون،
اک اڙيءَ جا ڪجل سرما، دل لڳيءَ جون شان واريون مينديون،
- چاهتن جون ڦلڙيون ۽ جيءَ جڙيءَ جون چوٽيون،
نينهن نسبت جون مُنڊيون ۽ دل چريءَ جون چوڙيون،
قرب جا ڪنگڻ، اڪيلائيءَ جا آئينا، ملاقاتن جا ڇلڙا،
پنڌ جا پازيب، کٽڪن جا وڇونئڙا، شادمانيءَ جا ٽِڪا.

۽ وري ٻڌ اي معزز حسن بانو!
ڪهڙا ڪهڙا مون وکر آهن وهايا بيمثل،
علم جا مشعل، عمل جون دوربينيون ۽ عقل جون شطرنجون،
سوچ جا سونگا، انهن اندر خيالن جي عطر سان تَر ٻُڙا.
حوصلن جون دٻليون ۽ خود اعتماديءَ جا ٻٽونئڙا،
عزم جا گلدان ۽ همت جا دُنگ،
جن ۾ احساسن جو عنبر، مشڪ جذبن جي ۽ يادن جا گلاب،
پيار جي وکري وکر جي ڄاڻ لئه، جدوجهد جا جام، شربت
زندگيءَ جا فهم وارا،
۽ صُراحيون سُرت واريون،
آه، مون ڇا ڇا نه سوديو،
۽ وري ڇا ڇا نه ورڇيو!
..... هاءِ ڪيڏا ورهيه گذري ويا هتي،
وقت جي پيرن جي کُڙڪي جي ڪڏهن ڪل ئي نه پيئي....
ڄڻ ته ڪلهه ئي هن حويليءَ ۾ اچي ترسيو هئس!

پر معزز حسن بانو! هُو ته ڏس،
منهنجي هن بادام جي سهڻي سگهاري وڻ کي ڇا ٿيو؟
ڦَرَ ته هي ڪجهه سال ٿيا، اندر ئي اندر پاڻ کايو ڇڏي....
مان ڏسان پيو ۽ سهان پيو هن جا سڀ انگل مذاق،
اڄ ته هن تي ڪي وڃي ٿورائي پن آهن بچيا....
هي به شايد منهنجي ئي سنبت جو ٿيندو.
منهنجا سڀ ساٿي ائين ئي مَڪڙو گهوڙو ويو کڻي،
ڏس نه قدرت جو مذاق ڪيڏو سنجيدو ۽ سخت!

پر معزز حسن بانو!
تو ٻڌو هوندو ضرور:
“ڪوئلن جو، جو ڪري واپار تنهن جا هٿ به ڪارا، منهن به ڪارو”
بس ايئن ئي آهي شايد:
سونهن جي سودي ۾ ڪائي سونهن واري،
منهنجي وارن کي وئي چاندي ٿڦي، سهڻو ڪري!
ڪيئن به آهي،
شهر جي هر حسن بانو وٽ هئي ڇا هاڪ ۽ ڇا ساک منهنجي
پيار جي وِکري وَکر جي!
تون به ڏس، منهنجي اها ئي ساک سمجهي آئي آهين!
.... ۽ مان اڄ موٽي وڃان پيو،
سونهن جي سنار جا سارائي سرمايا سهيڙي،
زندگيءَ کي پيار جو مفهوم بخشي،
هڪڙي سُرهي ساک واري،
شاهه سوداگر جي حيثيت کڻي.

پر هو تڪڙو مَڪڙو گهوڙو؟
ڪيئن چئجي،
هو به شايد گفتگو پنهنجي ٻڌي ترسيو هجي،
هائو، جيڪا هوءَ گهڙي گذري وئي،
هائو جيڪا هيءَ گهڙي ذري پئي،
سي ئي شايد ٿي وڃن قدرت جي قدمن ۾ قبول!
معاف ڪج اي حسن بانو!
منهنجي ڳالهين تي نه اآڻج ڪو خوشامد جو گمان،
تو ٻڌو،
پيار جو هر ڪو وکر مون وٽ ته ڍيرئون ڍير هو،
۽ نه آءٌ رهيس ڪو ويسرو،
سڀ کپائي، اڄ ته پالهو ٿي وڃان پيو:
خالي خرزينن جي اندر،
نالي ماتر،
خاڪ جي رتي به ناهي.

سچ چوان ٿو اي معزز حسن بانو!
سونهن جو سوڳنڌ کڻي سچ ٿو چوان:
سونهن جي سڀني وڙن ۾ تون ته مالامال آهين،
جي ڏٺم تن ۾ نه هئي ڪا تنهنجي پائي جي امير:
تون ته مٿي جي مٿانهيءَ کان وٺي
پيرن جي ترين تائين آهين ڪو صنم،
تون مجسم سونهن آهين،
تون سڄي ئي سون آهين.
ڪاش، مان پهرئين ئي ڏينهن توکي ڏسان ها،
۽ سمورو پيار جو وکرو وکر تنهنجي سر تان اوري گهوري،
تنهنجي قدمن ۾ رکان ها،
هڪڙي مفلس جو سونذرانو حقير!

ڏس ته مون ساري حويليءَ جا سڀئي فانوس ۽ قنديل
۽ مشعل اجهائي هئا ڇڏيا،
سڀ ملازم حاضريا ۽ خاڪروب ڪلهه ئي فارغ ٿي ويا،
مال ساري سودي جو مون ڪلهه ئي ڇڏيو هو اماڻي،
نفرتن جا، بغض جا، دوکي دغا ۽ حسد جا،
جيڪي کوٽا وڙ ملاوت ٿي مليا هئا،
سي سڀئي هو صحن ۾ اڇلي وڃان پيو،
بس اها حسرت کڻي ويندس ته مون وٽ توکي آڇڻ لاءِ ڪو تحفو نه هو.
.... اوهه، ڪا شيءِ پئي هُري منهنجي مٿي ۾!
هائو، هائو، ترس مون کي صرف ڪجهه ئي ساعتون مهلت کپي،
جيسين آئون پنهنجي خلوتگاهه ۾ پهچي وڃان.

آهه! دل ڪيڏي ڳري هئي!
ڪجهه نه هو پر ڪجهه ته آهي

ڪيترو ئي تڇ سهي،
هان، اچي، هي چپٽي احساسن جي عنبر جي وٺي ڇڏ،
هيءَ ذرڙي مشڪ جذبن جي به کڻ،
۽ هي وٺ ڳاڙهو گلاب ياد جي خوشبوءَ جو،
ڪيئن الائي طاق تي رهجي ويون هي چند چيزون،
بس اهي ئي ڪر قبول اي معزز حسن بانو!
.... خواب! خوب!
تون ته ڪا دل جي به ڏسجين ٿي امير!
مون ته پنهنجا آخري احساس ۽ جذبا به توکي ڏئي ڇڏيا،
ڪيئن ڪريان اظهار تنهنجي قرب جو؟

ڇا ٿي سوچين حسن بانو؟
مون کي وڃڻو ئي ته آهي،
توکي رهڻو ئي ته آهي:
جيسين نازل ٿئي اچي هو مَڪڙو گهوڙو،
اچ ملهايون شادمانيءَ جو جشن،
تنهنجي پياريءَ سونهن جي ۽
منهنجي سهڻي پيار جي سنگم جي سهڻي ۽ پياريءَ ياد ۾:
آءٌ روشن ٿو ڪريان ساري حويلي جا سڀئي فانوس، سڀ قنديل
۽ مشعل سڀئي،
پوءِ گڏجي پاڻ ڏينداسين سلامي،
پنهنجي ساٿي پنهنجي هن محبت جي شاهد،
هن اڪيلي پوڙهي وڻ کي.

مان ٻڌان پيو،
ڪو وڏو مَشَاق، فطرت جو مغني،
اڻلکن ملڪوتي سازن جي انوکيءَ لئه تي پراسرار آفاقي سرن ۾،
ڳائي پيو ڪو ابدي نغمو،
جنهن سان سارين ڪائناتن جون اکيون،
هوريان هوريان،
ننڊ ۾ ٻڏنديون وڃن.
..... ها اهو ئي واپسيءَ جو گيت آهي:
اچ، اندر اچ، ڪيڏي سردي آهي ٻاهر!

منهنجي پياري حسن بانو!
منهنجي احساسن جو عنبر،
مشڪ جذبن جي ۽ ياد جو گلاب،
پيار پنهنجي جون نشانيون،
سانڍي رکجئين،
۽ سدا رکجانءِ روشن هن حويلي جا اهي قنديل، فانوس ۽ مشعل سڀئي،
جيئن اسان جي اڄ جي شاهد،
هن اڪيلي وڻ کي اونداهيءَ جا پاڇا گم نه ڪن!
هائو، تنهنجي لال چپڙن جي اها روشن مدامي مرڪ مون سان ساڻ رهندي...
الوداع!
منهنجي پياري حسن بانو، الوداع!

چنڊ سان چاهه

چنڊ سان چاهه

سچ جي سونهن جو ديدار ڪرڻ جي خاطر،
سونهن جي سچ کي هڪوار پسڻ جي خاطر،
سچ ۽ سونهن جا ساکي سهي سنبري نڪتا،
زندگي جي لاءِ اڳو پوءِ مرڻ جي خاطر.

هڪڙو موسيٰ هو وبو طور، تجليءَ خاطر،
هڪڙو عيسيٰ هو چڙهيو دار، تسليءَ خاطر،
شاهه گوتم هليو بنواس هو جوتي ماڻڻ،
ويو محمد حِرا حُسِ ازليءَ خاطر.

چنڊُ ۽ چنڊَ جي چانڊاڻ سراپا سهڻي!
چنڊُ ۽ چنڊَ جا چانڊاڻ سراپا سچي:
چنڊَ جي چاهه، ته بي انت چڪورا ماريا،
سونهن ۽ سچ جي سڌ ۾ ڪا حياتي نه بچي.

هڪڙو هو رام، نه جيڪو هو ٿيو تيسين رام،
چنڊ جهوليءَ ۾ جُهلي آيو نه جيسين هن جي،
ڪوڙ جي سونهن اڃا تائين ڏئي پيئي فريب،
اڄ جي هر رام کي آرسي آهي نڪ تي.

منهنجي لئه طور تجلي، سو ته ناممڪن،
منهنجي لئه دار تسلي، سو ته ناممڪن،
ملي گوتم جي ٻُڌي مونکي، سا تقدير ڪٿي،
مان ڏسان حسنِ ازلي، سو ته ناممڪن.

چنڊ سان چاهُه ته هر حال ۾ رکڻو آهي،
روح ريجهي ته پوءِ رام ٿيڻ ۾ ڇاهي:
ڪوئي چانڊاڻ ۾ ڏئي آرسي منهنجي هٿ ۾،
چنڊ کي جهول ۾ گهوري ته ڏسان، ڪيئن آهي!

تخليق جو اعتڪاف

تخليق جو اعتڪاف

هرڪو ڄاڻي،
ساري دنيا ٿي سڃاڻي،
مان وڏو ليکڪ، مان وڏو شاعر ۽ دانشور، وڏو عالم اديب:
منهنجي هر هڪ حرف ۾ تدبير جي جادوگري،
منهنجي هر هڪ لفظ ۾ تقدير جي صورتگري،
منهنجي نغما، منهنجا گفتا، ڄڻ ته سحرِ سامري:
اهڙي منهنجي شاعري،
جنهن سان جاڳي قوم ساريءَ جو نصيب:
قوم چاهي ٿي ته مان لکندو رهان،
سنڌ جي سانگيئڙن، جهانگيئڙن، ماروئڙن جون حالتون،
ڏسندو رهان، لڇندو رهان،
سنڌ جي سورن اندر سڙندو رهان، پچندو رهان،
قوم چاهي ٿي ته ڪي نغما انوکا ڳائجن،
سونهن ۽ سرهاڻ سان ناتا نوان ڪي لائجن،
هجر جا ۽ وصل جا مفهوم ئي بدلائجن،
عشق جي نظرن کي ڪجهه وسعت ڏئي،
حسن جا معيار ٻيا ڪي ٺاهجن،
۽ سڄي تاريخ تي ليڪا ڏئي،
جنگ جا ۽ امن جا مطلب سڀئي ڦيرائجن،
قوم چاهي ٿي، وري
شاهه ۽ سچل جيان،
سچ جا ڀنڀٽ وڏا ڀڙڪائجن،
مچ تي ميڙا ڪجن،
۽ وري ٽانڊن تي واريل گيت ڳاڙها ڳائجن،
مون انهيءَ جي لاءِ اڄ تخليق جي هڪ نئين نراليءَ ڀٽ تي،
فڪر جي هڪ نئين درازا شهر وٽ،
اعتڪاف آهي ڪيو خود اختيار،
مان ڏسڻ ڌاران ڏسان پيو هرڪو منظر، هرڪو حال،
مان ٻڌاڻ ڌاران ٻُڌان پيو هر ڪا ڳالهه،
مان انوکا گيت پيو ڳايان وري،
جن کي ڪي الفاظ ناهن،
جن کي ڪوئي سُر نڪو آواز آهي:
ماٺ جا نغما اُهي،
گيت ڳاڙها، لال، ٽانڊن تي ورايل،
توکي ٻڌجڻ ۾ اچن ٿا؟.....
ڪاش توکي باهه جهڙا لال ڳاڙها ڪن هجن!

جيسين سج اُڀري

جيسين سج اُڀري

انت اوندهه رات آهي،
سوجهري جو ڪوئي ڪرڻو ڪنهن هنڌان ڏسجي نٿو،
ٿڌ ايڏي سخت، توبهه،
پهرئين ئي پهر پارو پيو پوي!
سيءُ سنڌن کي سُڪائي، لڱ ڇڏي لُوساٽيو،
پير هٿ پٿر جيان ڄميو پون،
ساهه سان ڄڻ برف پئي ڦڦڙن اندر سِيرون ڪري!
اهڙي حالت ۾ ڀلا،
ڪير ٿو ٻاري ڏيئا،
۽ وري ڪنهن کي سُجهي ٿو گهر جي درين ۽ درن کي بند ڪرڻ؟
بُت رڦن پيا، ڄاڙيون کڙڪن پيون،
ڪير ٿو ويهي ڪچهريءَ ۾ کِلي ڳالهيون ڪري؟
ايڏي اوندهه، ايڏي ٿڌ!
اڳ ته اهڙي رات ڪڏهين ڪانه آئي-
سڀ سويري ئي وڃي سوڙين اندر آهن پيا!
ٻارڙا سوڙين منجهان گهونگهٽ ڪڍي، اکين کي مچڪائي پيا گُهورين
اوندهه جو اگهور-
جنهن ۾ ڪوئي سج ناهي،
جنهن ۾ ڪوئي چنڊ ناهي،
جنهن ۾ ڪوئي تارو به چمڪي ڪونه ٿو-
ذهن جي تاريڪ پڙدن تي فقط چمڪن پيا اوندهه جا ڪارا ترورا.
ڳوٺ کان ٻاهر، وڏي ميدان تي،
شاهي ڪو آڙاهه پيو ڀڙڪا ڪري،
جنهن جون لاٽون اڀ تائين ٿيون پُڄن:
ٿڙڪندڙ شعلن جي دهشتناڪ پاڇولن وچان،
بيرحم ٽهڪن ۽ وحشتناڪ واڪن، هوڪرن سان،
ساروئي ماحول ڪچڙي گاهه جيان لرزي پيو:
ناچ شيطاني هلي پيو شام کان.
چوطرف آڙاهه جي،
ڪئين سوين شيطان هنبوڇيون هڻن پيا:
ڌڙ سڀن جا ساڳيا ماڻهن جيها،
پر منڍيون تن تي مِرُن جون مختلف
ڪي بگهڙ، ڪي ڀولڙا، ڪي رڇ ۽ سوئر پيا ڏيکارجن،
ڪي وڇون، ڪي نانگ ڪارا، ڪي ڳجهن جهڙا لڳن:
پڇ لوڏي، ڏند ٽيڙي،
کِل کيچل سان وڏا واڪا ڪري،
باهه ۾ هڪ هڪ ڪري وجهندا وڃن،
سڀ اهو سامان، جيڪو ڀاڳين جي ننڊ هوندي،
شهر جي کليل گهرن مان گڏ ڪري آندو اٿن.
**
ڳوٺ جي هڪڙيءَ پراهينءَ ڪنڊ ۾
جهوپڙيءَ ۾ ليٽيل ٻن ٻارڙين رلين جي هيٺان ٿڙڪندي سُس ڦُس ڪئي.
-“شاهه سائينءَ جو رسالو مون رکيو آهي لڪائي، پنهنجي ڇاتيءَ سان لڳائي”
-“مورتي مُهين جي نچڻيءَ واري آهي مون به سوگهي ڪئي لڪائي،
پنهنجي ڇاتي سان لڳائي”
-“بس ته پوءِ ماٺ ڪر، شيطان ٻڌندا”
-“هائو، جيسين سج اڀري”.

لوممبا جي شهادت

لوممبا جي شهادت

عشق جي سُنسان واديءَ جي قريب
درد جي درياهه جون طغيانيون
رفتي رفتي بيڪران بڻجي ويون،
قطري قطري ۾ صحبت جو شعور،
قطرو قطرو ڄڻ زماني جو ضمير.

فاصلن جون وسعتون ڪنهن جي لئه؟
وقت جون پيمائشون ڪنهن جي لئه؟
فڪر ڪڏهين ٿي سگهيو آهي اسير؟

پراڻا حربا

پراڻا حربا
(حسن ناصر جي شهادت تي)

تنهنجي ترڪش جا سڀئي تير کٽي ويا شايد،
ڪو نئون وار ڪرين ها ته مڃان ها شايد.

هي ته صدين جا پرڻا اُهي حربا آهن،
جن کي هر دور ۾ حاصل ٿي فقط ناڪامي،
جن کي هر دور ۾ دهرائي ڏٺو آهي تو،
جن سان هر دور ۾ هارائي وئي سلطاني.

تو وري حُسن کي پهري ۾ لڪايو آهي،
تو وري عشق تي الزام لڳايو آهي.
تو وري ظلم کي مهمان بڻايو آهي،
تو وري زندهه ضميرن کي ستايو آهي.

تون وري زهر کي ماکيءَ سان ملائين ويٺو،
تون وري حق جو آواز دٻائين ويٺو،
تون وري قيد جي ديوار اَڏائين ويٺو
تون وري سچ کي گوليءَ سان اُڏائين ويٺو.

منهنجي تخليق جي انسان کي ڦاهيءَ چاڙهي،
تون وري مون سان مقابل به ٿيڻ ٿو چاهين،
تو کي معلوم به آهي ته اڳين جو ڇا ٿيو،
تون وري پنهنجو تماشو به ڏسڻ ٿو چاهين!

تون نه ٿو ڄاڻين ته مان وقت جو فرزند آهيان،
منهنجي لئه آدکان هي راند جو ميدان آهي،
ڪوئي مون کان نه کٽيو آهي سِرن جي بازي،
منهنجي هرچال ۾ نئين دور جو انسان آهي.

محاذ

محاذ
(بلوچن جي مزاحمتي جنگ بابت)

هڪڙي پاسي بم بارود،
۽ ٻئي پاسي دل جو درد،
جنگ لڳي وئي آهي رُود!

بستيءَ بستيءَ آهي هجوم،
هڪڙا ظالم ٻيا مظلوم،
هر هنڌ آهي هڪڙي ڌوم،
رهڻو ناهي ڪو محڪوم،
مارينداسين سڀ مردود،
جن جي فاتح ۽ نه درود،
بند ڪريو سڀ ساز سرود،
جنگ لڳي وئي آهي زود!

زندگي جا سؤُ سوال

زندگي جا سؤُ سوال

زندگيءَ جا سؤُ سوال
ڪير ٿو پورا ڪري؟

آهي ڪو مائيءَ جو لال،
آهي ڪو حاتم جي همت جو مثال،
موٽ ۾ ماڻي محبت جو وصال،
زندگيءَ جا سؤ سوال،
ڪير ٿو پورا ڪري؟

زندگيءَ سان پيار

زندگيءَ سان پيار

زندگي ڪيڏي حسين،
زندگي ڪيڏي جوان،
زندگيءَ جون قربتون ڪيڏيون عجيب!
حُسن حيرت ۽ جوانيءَ جون گهڙيون
هر محبت جي فساني جون ڪڙيون:
آرزوئن جي زمين،
حسرتن جو آسمان،
هر جوانيءَ جي نگاهن جو نصيب

زندگي جهومي پئي،
زندگي ڳائي پئي،
زندگيءَ سان جهوم جهوم،
زندگيءَ سان ڳاءِ ڳاءِ،
موت کان انڪار ڪر،
زندگيءَ سان پيار ڪر،
زندگيءَ سان پيار ڪر!

خدايا

خدايا

خدايا، خدايا، زمينن جا مالڪ،
خدايا، خدايا، اي آدم جا خالق،
اي آدم جا خالق،
زمينن جا مالڪ،
خبر آهي توکي خداوندِ عالم،
ته تنهنجين زمينن تي،
تنهنجي ئي خدائيءَ ۾
شيطانن جي بادشاهي هلي ٿي،
هتي سيم و زر جي خدائي هلي ٿي؟
خبر آهي توکي، خداوندِ عالم!

پور

پور

ڪير ٿو ڪنهن لئه جيئي؟
ڪير ٿو ڪنهن لئه مري؟
ڪير ٿو بنجي زماني جو اسير؟
ڪير ٿيندو بي ضمير؟

زندگي تقدير جو تحفو سهي،
موت آدمزاد جو ورثو سهي،
زندگي ڇو موت ۾ پائي نجات؟
موت ڇا جي لئه پيئي آبِ حيات؟

ڪينجهر جي اڪيلي ڪونج

ڪينجهر جي اڪيلي ڪونج

زبان گونگي، اکين ۾ ڳوڙها، ڪنن ۾ گولين جي گونج آهي،
هي ڪير آڪاس ڏي اڏاڻو، اداس صدين جي سونجهه آهي،

هوا ۾ بارود جي ڌماڪن جي تيز بدبو،
گهٽين ۾ بيهوش آهي خوشبو:
سڄي شهر جي دلين دماغن ۽ ساهه سينن ۾ مونجهه آهي.

انڌيري اڌ رات ۾ ٻُريا ٿي جي سڏ پڙاڏا،
اُهي يڪا يڪا الوپ ٿي ويا:
وڇڙي پنهنجي ولر کان مڪار مارين بيقصور ماري،
اڪيلي ڪينجهر جي ڪونج آهي.
(بينظير جي شهادت 2007-12-27 تي پي ٽي وي لاءِ)

سنڌ جو ضمير

سنڌ جو ضمير

آهي ڪو نظير بي نظير جو؟
اگر هجي، جتي هجي، اچي هتي، ڏسي اچي نشان اوچو تير جو.

خيال ۾، خطاب ۾، سوال يا جواب ۾،
نظر اچي ٿي ڪنهن کي اهڙي هستي ڪائي خواب ۾،
اچي ٻُڌائي منصفن اڳيان ضرور، بالضرور فيصلو ضمير جو.

شهيد ٿي، سعيد ٿي، سا موت کان بعيد ٿي،
ڏسي ٿي پنڌ پيچرا، نظر نظر جي ديد ٿي،
وڌائي ويئي همتن جي باب ساڻ قصور داروگير هو.

سموري جڳ ۾ نامور، پنهنجي تر جي تاجور،
دردمند عوام جي ۽ امن جي پيامبر،
نرالو هي ته شاهڪار، صاف آهي ڪرشمو، سنڌ جي خمير جو.

همسفرو!

همسفرو!

چپ چاپ هلو،
هوشيار هلو،
اي همسفرو!
ماحول ڀيانڪ ٿو ڏسجي،
ڪٿ راهه جا خطرا آهٽ تي جاڳي نه پون!
اي همسفرو!
چپ چاپ هلو.

خاموش! ذرا هوشياريءَ سان!
اڄ رات ڪٺن آئي آهي،
هي راهگذر منزل جي سفر ۾ سڀني کان دشوار گذر آئي آهي!
هلندا ته هلو، اي همسفرو!
اڄ رات اچانڪ پئجي وئي،
ان دشتِ مصائب ۾ پهچي،
جو دشتِ مصائب ٻڌجي ٿو بيرحم دردندن جو مسڪن:
جنهن جهنگل ۾،
هن کان اڳ ۾،
ڪئين قافلا ڦرجي لٽجي ويا،
۽ ڪيئي مسافر، پنهنجو متاع و مال لٽيرن کي بخشي،
هن جهنگل جي خنزيرن جي خوراڪ بنيا!

اي همسفرو!
هڪ ٻئي کي سنڀاليندي گذرو!
رستي جي ڪنارن ۾ ئي هتي،
اونداهن گهِرَن غارن ۾،
ڪئين لُنڊيون، ٽَڪلا، ڳوراهيون
هڻ کڻ ۽ هزارين ازدهائون،
ڪئين نانگ وڇون،
خوراڪ جي لئه، چالاڪ بڻيا، ڦڻ ڦهلائي گهمندا هوندا!
چپ چاپ هلو-
هن جهنگل جي پُرهول وڻن جي پاڇولن ۾ ڀوت آهن!
خاموش هوا کي ڪن آهن:
جاڳي نه پون پاڇولن جا خونخوار بگهڙ،
ڀڙڪي نه اٿن، تاريڪ فضائن جي گهِرَن غارن جي اندر
پوشيده نظر بگهڙن جي نگاهن جا شعلا!

هوشياريءَ سان
اي همسفرو!
هن جهنگل ۾ چيتا ۽ ببر ۽ ڳورپٽون،
۽ بُجِر رڇن جا ٽولا،
۽ سوئر ٽولن جا ٽولا،
هر وقت شڪارن جي پويان،
ڦرندا ئي وتن ٿا چڪر ۾!

هلندا ته هلو، اي همسفرو!
اڄ رات ڪٺن آئي آهي،
هوشيار رهو ۽ دم سانڍي، هلندا ئي هلو...
ليڪن هي ڇا؟
ڪجهه ساهه جي تيزيءَ جا هلڪا آواز ڪنن کان گذرن ٿا،
۽ قدمن جي آهٽ به قريب ئي ٻڌجي ٿي
شايد ڪي رهزن موقعي جي ڳولا ۾ ڊوڙون ٿا پائن،
هيءَ راهزنن، نانگن ۽ مِرُن، پُر خوف انڌيرن جي دنيا؟
ڀلجان ته نٿو، اي همسفرو!
ها، ياد آيو:
ها ها، هي اهوئي رڻ آهي!
خوش ٿيو ۽ مبارڪ ملهايو!
ان دشتِ مصائب مان ئي هينئر گذرون ٿا اسين،
جنهن جي پويان،
ٿورائي قدم،
منزل جي سندر ديويءَ جو اسٿان آهي
جت شوخ، حسين، شفاف بدن ڪنيائون،
سفيد ۽ صاف لباسن ۾، هر دم،
مصروفِ تبسم ۽ رقصان،
شيدائي بنيون،
منزل جي ويرين کي ٿيون سڏن!

ڪجهه ٻُڌجي ٿو، اي همراهيو؟
ڪن لائي ٻڌو:
منزل جي مندر جي گهنڊ جو آواز ٻڌو ٿا، اي ساٿيو؟
بس، چند قدم منزل آهي!
اڳتي ئي هلي منزل ٿيندي!
هلندا ئي هلو، وڌندا ئي هلو،
تاريڪ فضائن جا سينا همت جي چراغن سان چيري،
وڌندا ئي هلو!
ڪجهه عزم سفر کي تيز ڪريو:
هيءَ رات اجها گذري ويندي،
۽ صبح جي ظاهر ٿيندي ئي منزل تي پڄاڻي ٿي ويندي!

اي همسفرو،
بس جاڳ رکي،
هوشياريءَ سان،
هلندا ئي هلو:
هڪ ٻئي کي سنڀاليندي گذرو!
بس چند قدم،
بس چند قدم منزل آهي!
هلندا ئي هلو،
هلندا ئي هلو،
اي همسفرو!

مسرت جي منزل

مسرت جي منزل

زمانو نه بيٺو،
ڪڏهن قافلا زندگيءَ جا نه بيٺا!
هي منزل جا دوکا، هي دوکن جي منزل،
هي خوش فهميون ۽ غلط فهميون،
هي منزل جي رخ تي هزارين ئي وڻڪار جا ڪاڪ -محلات،
پنهنجي ڪمالات جي دلڪشيءَ سان،
هر هڪ راهو و قافلي کي، ايئن ئي، پيا عيش آرام
جون دعوتون التجائون سڃيندا!
نهايت ئي مسرور آهن نگاهون،
نهايت ئي مشڪوڪ آهن نظارا-
تصور جي تخليق جا ڪارناما،
هي بيجان پٿر، ٿر جي مورن ۽ شيرن جي بيروح،
بي پهچ بتن جون سؤ سؤ قطارون،
هي گمراهين جون هزارين مزارون،
مڙئي ڪوڙ آهن (مگر چند آثار الزام جي دوائرن ۾ نه آهن)
اهي سڀ نظارا،
اسان کان اڳي ئي، زماني جي راهن تي پنهنجي
قدم آزمائي ڪندڙ پيشروئن جي جولان جي ڌوڙ آهن،
مسرت جي منزل جي تاريخ بيحد پراڻي پراڻي،
ازل کان ابد جي مسلسل ڪهاڻي!
هي منزل نما سائبانن جا کنڊر،
هر هڪ راهو و قافلي جي نشاني،
شڪسته ۽ ويران:
انهن تي عجب ڪريو يا نه ڪريو،
اهي سڀ ائين ئي، اتي ئي، زماني جي پرزور،
پيرن ۾ پامال ٿيندا!
گهڻي دير ٿي وئي انهن کي تڪيندي،
وري رات ٿي وئي انهن کي تڪيندي،
وري رات آئي، وري صبح ٿيندو،
ايئن ئي، انهن رات ۽ ڏينهن جي سلسلن ۾،
زماني جي رفتار جو علم عرفان دٻجي وڃي ٿو!
زماني جي تاريخ تي هڪ نظر،
ٿي بخشي ازل ۽ ابد جو شعور،
مسرت جي منزل طرف هڪ قدم،
ڏئي ٿو نئين زندگيءَ کي جنم:
سدا لازوال آهي انسان جي عظمتن جو ظهور!
اها آهي بس زندگيءَ جي حڪايت،
اٽل آهي بس وقت جي رهگذر تي نظارن جي
تبديلين جي روايت
ته اي همسفر ساٿيو، مهربانو،
مسرت جي منزل جا راهي جوانو!
پُڪاري پئي وقت جي عام نوبت:
نرالن نظارن جي تخليقن جا ڪارناما، اوهان جي
جهان ساز نظرن ۾ مستور آهن،
خوشيءَ جا خزانا، مسرت جا هي لمحا تازا ترانا،
اوهان جي سخن ساز شيرين زبانن جو دستور آهن،
اوهان جي سدا صاف فڪر و عمل ۾،
حياتيءَ جي فنڪارين جا هزارين ئي شهڪار معيار موجود آهن-
مسرت جي منزل پڪاري پئي:
عبث آهي ماحول جي مٽجندڙ منظرن تي قناعت،
اٿو، ڪُوچ ڪريو!
قدم باقدم، وقت جي رهگذر تي،
خوشيءَ جي ترانن جي جهونگار ڪريو،
نرالن نظارن جو اظهار ڪريو!
۽ جيڪي طلسمات جي ڪاڪ-محلات ۾ کوئجي ويا،
انهن کي ڇڏي ڏيو، ايئن ئي، سندن حالتن جي حوالي:
ڀلي وائڙن جيان نگاهون ڄمائي،
بنا سرت، چپ چاپ، بيٺا رهن سائبانن جا بيڪار کنڊر تڪيندا!
انهن تي تعجب ڪريو يا نه ڪريو،
اهي سڀ، ايئن ئي، اتي ئي زماني جي پرزور پيرن ۾ پامال ٿيندا!
زمانو نه بيٺو،
ڪڏهن قافلا زندگيءَ جا نه بيٺا!

ڪاغذ جو گل

ڪاغذ جو گل

ختم ٿي ويا رنگ و بُو جا مشغلا،
ويا وڌي ضبط فُغان جا مسئلا:
باغبان ڏيکاريو ڏاڍو ڪمال،
پر اڃا رهجي ويو هڪڙو سوال:
تون به اي قدرت جا قائل، ڪجهه ته کُل
ڀونئر ڪيئن سُونگهي ڀلا ڪاغذ جو گل؟
(جنرل ايوب خان جي آئين بابت)

جنگ جو ديوتا

جنگ جو ديوتا

رات چانڊوڪي هئي،
ٿڌڙي ٿڌڙي، ڇُوٽ، گهِميل هئي هوا،
جنهن تي ترنديون آيون ٿي بي روڪ ڇاٽون،
سنڌڙي انبن جي سُرهي ٻُور جون،
اڀ تي تارن ڪئي ٿي کيچلين ڪڪرين سان هر دم،
لڪ لڪوٽي راند ڪيڏيءَ مهل کان،
۽ هتي هڪڙي ٻُهاريل پڊ تي،
ڳوٺ جا ڪي ٻارڙا،
رات کان ٿڪجي ٽٽي، گهيرو ٻڌي،
ڪن پيا ڪچري قرب جي،
اوچتو،
ٿڌڙيءَ ٿڌڙي ڇوٽ، گهميل هوا تي،
ٿورڙي ئي پنڌ تان،
ترندا آيا ڪي وڏا آواز، ڄڻ گوليون هجن،
ٻارڙا ڇرڪي اٿيا،
۽ وري ويهي رهيا،
“ويهو ويهو، هڪڙي وڏڙي ٻارڙي کلندي چيو،
“جهنگ ۾ ماري شڪاري ڦرندا هوندا”.

اکيون ڦاڙي، ڊپ وچان، ڪنهن ٻئي چيو:
“ايئن نه هوندو، پڪ سان ڌاڙيل آيا هوندا پنهنجي ڳوٺ ۾”
پتڪڙي معصوم هڪڙي ٻارڙي ڳالهه ڪئي،
ڪلهه ئي بابا ٿي چيو، “اڄ سڀاڻي جنگ اچڻي آهي
پنهنجي ڳوٺ ۾”

ڪجهه گهڙين لئه ٻارڙا چپ چاپ سوچڻ ۾ لڳي ويا
اوچتو هڪ ٻارڙي واڪو ڪيو: “جنگ ڇاهي؟”
“ڇا خبر؟”
“جنگ ڪنهن آهي ڏٺي؟”
“تو ڪڏهن آهي ڏٺي؟”
“ڪنهن ڪڏهن آهي ڏٺي؟”

جڏهن سڀني ٻارڙن مان ڪونه ڪڇيو،
پتڪڙي، منهن تي شرارت آڻي سنهڙي ۽ دٻيل آواز ۾ جهونگاريو:
“مون ڏٺي آهي اُها!”
هڪڙي ڀيري هوءَ اسان جي ڪڻڪ جي ٻارن مٿان گهمندي وتي،
“ڏاڍي سهڻي هئي اها:”
“جهڙو پوپٽ، جهڙي ڀنڀوري هجي!”
اوچتو ئي اوچتو،
هر طرف هڪ ٻئي پٺيان، سؤ سؤ ٺڪائن جا وڏا ڌمچر متا،
باهه جا ڀنڀٽ اٿيا،
۽ يڪا يڪ ساري ئي ماحول ۾ بارود جي بدبو گهلي وئي،
ٻارڙا سڀ گهائجي، گهوماٽجي، پئجي رهيا.


تنهن گهڙيءَ،
اوچتو پر گهٽ ٿيو ٻارن جي وچ ۾،
جنگ جو بيرحم قهري ديوتا:
ٿڌڙي ٿڌڙي، ڇوٽ، گهميل هوا ٽانڊن جو
گهر بڻجي وئي،
سنڌڙي انبن جي سرهي ٻور جون ڇاٽون
اُماڙيون ٿي ويون،
چنڊ ۽ تارا اکين کان ٿي ويا اهڙا الوپ،
ڄڻ هئا ئي ڪينڪي،
ڪڪريون ساريون وڏي بادل ۾ پيهي،
ٽڙ پکڙ، گم ٿي ويون:
جنگ جو بيرحم قهري ديوتا
ٽهڪ ڏيندو، رنڀندو، نچندو رهيو،
موت جو خونخوار ناچ.

۽ ائين چوندو رهيو:
جيستائين ڪوبه نسل
جنگ کي سمجهي ٿو ڀنڀوريءَ جيان،
پوپٽ جيان،
مان ائين نچندو ئي رهندس،
مان ائين نچندو ئي رهندس!

وقت

وقت

وقت آهي بادشاهه،
وقت کي آهي سلام،
وقت ڪنهن جي لاءِ ترسي ڪونه ٿو.
وقت ويندو نيٺ گذري، جو ويو گذري سو موٽي ڪونه ٿو.
وقت ڪيئن گذري ويو، ڪل ئي نه پئي،
سڀ غلط، آهي غلط، آهي غلط!

وقت بيحرڪت، سراسر بيوجود:
لازمانيءَ ۾ مڪنايت جو حسن اتفاق،
ڪهڪشاني روشنين، اونداهين جو کيل، گردش
ابتدا کان انتها تائين فقط هڪڙي خيالي شاهراهه،
جنهن تي دم دم زندگيءَ جا قافلا گذرن پيا،
وقت گذري ڪونه ٿو،
پاڻ ئي گذرون پيا.

انت بحر ۾

انت بحر ۾

هڪڙي لهر پري کان اُڀري،
ڊوڙي آئي ڪناري ڏانهن:
پٿر سان خود کي ٽڪرائي،
ريتيءَ ذرڙن کي جرڪائي،
گم ٿي ويئي انت بحر ۾.

انت بحر جي انت تري ۾،
سهسين سهڻا موتي سپجن
جن سان جل پرين جون ٽوليون،
ڀري ڀري سڀ پنهنجيون جهوليون،
ويون ڪناري تي ورکائي،
سورج داتا کي شرمائي.

مشورا

مشورا

چوي ڪير ٿو،
ته تون ڪجهه نه ڪر!
ڀلا ڪير ٿو توکي روڪي،
ته تون پنهنجي حسن دو روزه تي نازان نه ٿي،
جوانيءَ جي دولت تي شادان نه ٿي؟
چوي ڪير ٿو،
ته تون پنهنجي جوڀن جياريل، بهارن جي بخشيل، سُريلي ۽
شفاف، نرمل ۽ نازڪ، گلابي بدن تي،
سدا صاف، ريشم ۽ ڪمخواب و مخمل جي زرتار پوشاڪ پهرڻ
ڇڏي ڏي:
نه ڪر سينڌ سرمو،
۽ پنهنجن خيالن کي دل جي ئي ويران خانن ۾ جڪڙي،
تبسم جي چپڙن تي شوخيءَ جي سرخي لڳائڻ ڇڏي ڏي؟
چوي ڪير ٿو زماني کي قائل بنائڻ ڇڏي ڏي؟

مگر ياد رک،
ته جوڀن جياريل، بهارن جو بخشيل، تنهنجو سريلو ۽ شفاف
نرمل ۽ نازڪ گلابي بدن ۽ زرتار پوشاڪ جو روپ رنگ-
فقط آب و رنگ-
اهو منهنجو حسنِ نظر ئي ته آهي!
۽ تنهنجو تبسم؟
خيالن جي تاريڪ ويرانين ۾ تمنا جي گمنامين جو پڙاڏو،
فقط شور و شر!
مقدر جي کُهري ۽ ڪاري نرڙ تي،
نهايت ئي مبهم،
فقط چند ليڪا:
۽ صدين کان مان پنهنجي فڪر و عمل سان،
حياتيءَ جي هڏ کي
تحرڪ جو رت روح ڏيندو رهان ٿو:
مصور جي دست هنر جو ڪرشمو؟
اهو منهنجو خونِ جگر ئي ته آهي!

مگر بنده پرور،
هي تنهنجو ۽ منهنجو فسانو ته ناهي!
ايئن ئي،
خيالن جي لهرن تي لڏندي،
ستارن تي شايد نظر پئجي ويئي:
ايئن ئي سهي،
ڪڏهن تو به آهي ستارن تي سوچيو؟
محبت جي جذب و ڪشش جو عمل!
محبت جواني، محبت مقدر، محبت ئي تخليق جو روپ رنگ،
محبت خدا!
ته اي مهربان،
ڪڏهن منهنجي ميرن ۽ ڦاٽل ۽ بوسيده ڪپڙن،
۽ دامن جي چتين تي نفرت جون نظرون سڃيندو نه ڪر،
غريبن جي صورت ۽ حالت تي پنهنجي تبسم جا طعنا تڇيندو نه ڪر،
محبت جو مُنهڙو مٽيندو نه ڪر:
چوي ڪير ٿو
ته تون ڪجهه نه ڪر!

فرصت

فرصت

تنهنجي ياد سراپا سهڻي،
سورهن ئي سينگار ڪري،
منهنجي من مندر جي در تي بيٺي آهي،
آس لڳائي:

نيٺ ته ڪڏهين فرصت ٿيندي،
نيٺ ته ڪڏهين وقت بچائي،
ساڻس ملندس ڀاڪر پائي.

ورهين کان هوءَ بيٺي آهي،
ورهين کان مان سوچيان ويٺو:
نيٺ ته ڪڏهن فرصت ٿيندي:
نيٺ ته ڪڏهين وقت بچائي،
ساڻس ملندس، ڀاڪر پائي.

حسن نظر

حسن نظر

تون سڄو ئي وقت ٿي سامهون رهين،
مان سڄو ئي وقت مصروف نظر:
زندگي ڄڻ آهي دل جي رهگذر،
۽ زمانو ٻن نگاهن جو سفر.

تون الائي ڪيترو آهين پري،
مان خيالن ۾ رهان ٿو بيخبر:
زندگي ڄڻ آهي خوابن جو شهر،
۽ زمانو خوش خياليءَ جي نظر.

هر گهڙي تنهنجي تصور ۾ رهي،
خود ئي بنجي ٿو وڃان حسن نظر:
زندگي ڄڻ آهي جَلِوَن جو گذر،
۽ زمانو تنهنجي الفت جو اثر.

سونهن جي صدقي

سونهن جي صدقي

هوءَ سهڻي هئي، ڏاڍي سهڻي،
ايڏي سهڻي،
جنهن کي ڏسندي، اکيون يڪٽڪ ڄمي ويون ٿي:
صورت هن جي صبح سڀاڳو، رنگت شام شفق، جهڙ مان سورج
ليئو پائي، هن جي ايئنءَ جهلڪ.

هوءَ پياري هئي، ڏاڍي پياري،
ايڏي پياري،
جنهن کي ڏسندي دل سيني مان نڪري وئي ٿي:
ڳالهيون هن جي کنڊ پتاشا، ماٺ به مصريءَ تڙ، ٽهڪ ايئن جيئن
گهنگهرو گونجن، مرڪ ته وڄُ وَڪڙُ

هوءَ نياري هئي، ڏاڍي نياري،
ايڏي نياري،
جنهن کي ڏسندي، دل ۾ دردن دود دُکيا ٿي:
اکڙيون هن جون انتر منتر، جادو جنتر قد،
مڙي ڏٺو جنهن پنڊ پهڻ ٿيو، رستا راهون رد،
پوءِ هڪڙي ڏينهن ايئن ٿيو،
هڪڙي وحشي ظالم شخص (جنهن جي هوءَ طلاقيل هئي)
وجهه وٺي،
اهڙيءَ سهڻي، پياري نياريءَ صورت کي گهوگها ڏئي ماري ڇڏيو!
ڇا جي لاءِ؟
جيڪا هن لاءِ هميشه بڻجي ويئي حرام
سا وري ڪيئن ٻئي جي لاءِ ٿئي حلال!
يعني “منهنجي چکيل ڀاڄي، ٻيو ڪو ڪيئن کائيندو؟”

اي مالڪ، اي خالق، ساري جڳ جا پالڻهار!
قادر قدرت وارا، سائين “دوست مٺا دلدار”
هڪڙو عرض اگهائج، مولا،
پنهنجي هن گناهن ڀريل، عاجز گندي بندي جو:
...... هن کان پوءِ هن کان پوءِ.....
(معاف ڪجئين، اي منهنجا مولا!)
هن کان پوءِ هن ڌرتيءَ تي،
سهڻي پياري صورت ڪا تخليق نه ڪج،
۽ جي نرمل نازڪ ماڻهو ڌرتيءَ تي رهن پيا،
سڀ جا سڀ ناپيد ڪري ڇڏ!
هڪ ئي پل ۾، هيڪاندا!
- ڀل ته اها بيقدري ۽ بيذوقن واري،
بيدردن، بيرحمن واري دنيا،
سونهن کان خالي،
پيار کان خالي،
بدروحن جو دوزخ بڻجي!
جنهن ۾ ڪنهن کي آئيني ۾ شڪل ڏسڻ جي لوڙ نه رهندي:
ڪنهن کي پاڻ وڻائڻ خاطر،
وهنجي سهنجي، ڌوتل ڪپڙا پائي،
عطر لڳائي،
ڪنگي ڏيئي، وار سجائي،
ماڻهو بڻجي،
جڳ سان گڏجي جيئري رهڻ جي آس نه رهندي،
پوءِ اکين مان گهور، چپن تان مرڪ اڏامي ويندي،
دلين اندر چاهت واري جوت اجهامي ويندي.
چڙ اندر جي - اڌما ڏيئي، ذهنن کي ساڙيندي، جسمن کي ڳاريندي،
هر ڪنهن منظر ۾ نفرت جا ڀوت پيا دانهيندا،
هر ڪنهن چهري مان وحشت جي ڏائڻ ليئا پائي، ڏند ڪڍي پئي،
ٽهڪ ڏيئي ڊيڄاريندي:
تڏهين پاڻا، بيزاريءَ مان هرڪو پنهنجو ماس پٽيندو،
تڏهين هر ڪو هڪ ٻئي جو پيو رت چٽيندو.

اُڀ ۾ ڪتيون، چنڊ ۽ تارا پوءِ به هوندا،
سمنڊ ۾ مڇيون ۽ موتي پوءِ به هوندا،
ڪڪر هوا ۾ پوءِ به ترندا، مينهن به پوندا،
پکي پسون ۽ وڻ ٽڻ وليون، باغ بهار پوءِ به هوندا،
بس هڪ ماڻهوءَ ذات نه هوندي،
اڀ کان ڌرتيءَ تائين شاهي دوزخ ۾، بدروحن جو واسو هوندو!

منهنجا مولا،
تون سونهارو، سونهن سان پيار ڪرين ٿو،
بس، تون پنهنجيءَ سونهن جي صدقي،
سونهن سان پنهنجي پيار جي صدقي،
پنهنجي هن گناهن ڀريل عاجز، گندي بندي جو هي عرض اگهائج:
ڀل هيءَ دنيا بدروحن جو دوزخ بڻجي!

بيشڪ مان به انهيءَ دوزخ ۾، بدروحن سان شامل هوندس،
جيڪو پوءِ به سڪندو رهندس پنهنجي وڃايل سهڻيءَ صورت
واري پياري ماڻهوءَ لئه!

بخش ڪجئين، اي بخشڻهار!
پنهنجيءَ سونهن جي صدقي!

ترائيل –ڳالهيون ڳڻي

ترائيل –ڳالهيون ڳڻي

تنهنجي لاءِ ڪيتريون ڳالهيون ڳڻي،
تنهنجي گذرڻ وارو ساڳيو گس جهلي،
اڄ سويري ئي اچي بيهي رهيس،
جهول ۾ رابيل جون مکڙيون ڀري.

تون مگر آئين به ۽ گذري به وئين،
مان خيالن ۾ هئس ڏاڍو پري،
دڳ مٿي بيٺو ئي بس رهجي ويس،
جهول ۾ رابيل جون مکڙيون ڀري.

ترائيل – ايئن ٿي ڏسين

ترائيل – ايئن ٿي ڏسين

ايئن ٿي ڏسين، ڄڻ محبت ڪرين ٿي،
ايئن ٿي ڀڄين، ڄڻ ته ڪا ڳالهه ناهي:
تون اڻڄاڻ آهين، اها ڳالهه ناهي،
ايئن ٿي ڏسين، ڄڻ محبت ڪرين ٿي.

نئين ڪا نه ڪا روز حرڪت ڪرين ٿي،
شرارت کان خالي اها ڳالهه ناهي:
ايئن ٿي ڀڄين، ڄڻ ته ڪا ڳالهه ناهي،
ايئن ٿي ڏسين، ڄڻ محبت ڪرين ٿي.

نظم

---

اڌ صديءَ جو داستان

اڌ صديءَ جو داستان

عمر جي معصوم، مخلص مرحلن ۾،
زندگيءَ جي راهه تي،
همسفر هڪڙو مليو هو-
اهڙو ئي معصوم، مخلص،
جهڙي هن جي عمر هئي.

ڪا خبر ئي ڪا نه هئي ڪهڙو سفر هو،
ڪا خبر ئي ڪانه هئي، سا راهه ڪيڏانهن ٿي وئي،
ڪا خبر ئي ڪا نه هئي، اڳتي ڪٿي منزل به هئي-
بيخبر اکڙيون هيون،
بيخبر دلڙيون هيون
بس ايئن ئي بيخبر،
وقت جي وڻراهه تي،
ٽهڪ ڏيندا، کيڏندا، کلندا، ڪڏهن پوپٽ ۽ ڀنڀوريون جهليندا،
يا وري،
رنگ برنگي گل پٽي جهوليون ڀريندا،
چنڊ تارن کي تڪيندا،
هڪٻئي جو هٿ جهلي،
جهومندا، ڳائيندا، هلندا ٿي رهياسين:
ڪيستائين؟ ڪنهن طرف؟
- ڪا خبر ئي ڪانه هئي.
پنڌ سارو هو گلن جي فرش تي،
هر قدم سرهاڻ جون اوتون هيون،
هڪڙي ئي موسم بهاريءَ جي هئي،
ڇانورا وڻڪار جا، بادل هئا، بوندون هيون.

پوءِ هڪ ڏينهن اوچتو
ڪيئن الائي،
هڪٻئي جو هٿُ هٿَ مان ويو ڇڏائجي:
وقت جي وڻراهه تي ڪارا ڪڪر ويا ڇائنجي،
۽ وڏي گجگاهه ڪنهن جنگل ۾ ڦاسي،
پنهنجي پنهنجي منهن ٻئي ڀٽڪي وياسين،
سڏ پڙاڏا گونجندا، هر پل پري ٿيندا رهيا،
دل کي گهائيندا رهيا:
نيٺ هڪٻئي کان ايئن گم ٿي وياسين،
ڄڻ هميشه کان اڪيلا ئي هئاسين:
پنهنجي پنهنجي واٽ هر ڪنهن کي ملي اڳتي هلي،
زندگي گذري ايئن روئي کلي، اڳتي هلي.
******
اڌ صديءَ جي ڳالهه آهي،
زندگيءَ جي راهه تي،
حال واري موڙ تي،
اڄ وري سو همسفر سامهون اچي بيٺو اٿم!
بت بنيا حيرت وچان،
ايئنءَ تڪيندا ٿا رهون هڪٻئي جا چهرا،
ڄڻ ڊٺل ڪنهن چِٽ جون ليڪون خيالن ۾ ملائي،
رنگ تن ۾ يادگيرين جا ڀري،
ڪا تصور جي پر انهينءَ ڪنڊ ۾ دٻجي ويل تصور ٺاهيندا هجون،
هوريان هوريان،
پوپٽن، گلڙن ۽ ڀنڀورين جا ڪئين منظر اڀرن ذهن ۾،
روح ۾ سرهاڻيون پالوٽ ڪن ٿيون،
۽ يڪايڪ،
هن جون اکڙيون ٻوٽجي، ڇرڪ سان ٻيهر کلن ٿيون جنهن گهڙيءَ،
هن جي چپڙن تي سوين رابيل مرڪي ٿا پون:
۽ وري،
ٻيءَ گهڙيءَ،
مرڪ جا رابيل سڀ ڪومائجي، وکري وڃن ٿا،
۽ اکين ۾ هڪ وڏي گجگاهه جنگل جا نظارا ڇوهه سان پيهي اچن ٿا،
سڏ پڙاڏا، ويجهڙا ٿي، ذهن ۾ گونجڻ لڳن ٿا،
هو ڪنن تي هٿ رکي، ٻيهر اکيون ٻوٽي ڇڏي ٿو،
مان ڏسان ٿو،
سو ڪنول - چهرو ڪٿي؟
وقت جي وڻراهه تي، جر جهنگ جي بيرحم ڪوسين، تيز طوفاني هوائن،
هن جو سارو جسم لوساٽي ڇڏيو هو:
گل گلابي ڳل هئا ڪنهن سان رهڙيل،
۽ لڦون پيرن جون چِڪيون پئي اڃان.
******
هڪ ٻئي کان جي پڇي پڇجي ته ڇا؟
هڪ ٻئي کي جي ڏسي ڏسجي ته ڇا؟
ماجرا ساڳي هئي، دل جي ڪٿا ساڳي هئي،
آپ - بيتي هن جي منهنجي، برملا ساڳي هئي،
هو اکيون کولي چوي ٿو ايترو:
سمنڊ تان اڏري اچڻ ٿيو هو هتي،
سمنڊ تان اڏري وري وڃڻو اٿم.

سوچيان ٿو،
اڌ صدي جو هڪ “زمان” جو فاصلو گذريو ته ڇا،
اڌ صديءَ جو ٻيو “مڪان” جو فاصلو بڻجي ويو:
زندگاني ڄڻ “زمان” جي ۽ “مڪان” جي فاصلن جو جهنگ آهي،
جنهن جي ڪنڊن ساڻ ڦٽجڻ هر محبت جي مسافر جي اصل تقدير آهي،
مون ٽنگي آهي سندم دل جي پراڻي ڀت تي،
وقت جي ڊٺل اها تصوير، جنهن تي رنگ ليڪا يادگيرين جا
ڀريندس پيو انهيءَ منظر کي جوڙڻ جي لئه،
جو هجي منهنجي ۽ منهنجي همسفر جي درميان خالي
“زمان” جي ۽ “مڪان” جي فاصلن کان.

تهذيب دشمن

تهذيب دشمن

ڳالهه ڳُجهڙي به هئي،
ڳالهه پڌري به هئي:
ڪالهه پوئين پهر
ڪير آيا ويا،
راڄ ساري اڳيان ڏئي ساري کري کي ويا چوچڙيءَ:
باهه ڀنڀٽ ڪيا،
ڪي ته ماڻهو مئا،
ڳوٺ جو ڳوٺ کن ۾ ويو سارو سڙي.

ڳوٺ جي رک مٿان،
دونهن ۽ دز منجهان،
هڪ جُڳن جي جهريل جهور ٻڍڙيءَ ٿي دلدوز دانهون ڪيون:
ڇو ڀلا ڳوٺ منهنجو ئي هر هر اجاڙيو وڃي ٿو،
اباڻن ڪکن کي ئي سداڙيو وڃي ٿو؟
اڙي ڪوئي آهي جو مون ڏي اچي؟
اڙي ڪوئي آهي جو منهنجي ٻڌي؟
اڙي راڄ وارا،
اڙي راڄ وارا،
اها وارتا ڪو ته مون کان پڇي،
ڪير آيا ويا، ڪنهن ڏني چوچڙي،
ڪوئي آهي جو مون کي سڃاڻي سگهي،
ڪو ته مون کان پڇي،
منهنجي ٻانهينءَ جي چُوڙن تي تاريخ جا نقش ڄاڻي سگهي؟
مان ته آهيان مهين جي دڙي جي اها نِر تڪي،
جنهن سوين بار هن “سک نگر” جي دٻيل کنڊرن جي مٿان
ڳوٺ ٺهندي ڏٺا، ڳوٺ ڊهندي ڏٺا.
ڪير ايندا رهيا،
ڪير ايندا رهيا،
ڪير ڏيندا رهيا هر دفعي ڳوٺ کي چوچڙي؟
مان جُڳن کان انهن کي، انهن جي اريءَ ۽ پريءَ کي سڃاڻان،
هو دهشت ۽ وحشت جا باني مباني
هي شيطان ثاني،
هي تهذيب دشمن، هي تهذيب دشمن هي تهذيب دشمن ئي آهن نڀاڳا،
مهين جي زماني کان سنڌوءَ ڪنارن جي تهذيب تي جي سڙن پوسرن ٿا.

اڙي راڄ وارا،
اڙي راڄ وارا،
اچو ۽ ڏسو، منهنجي هٿ تي هي تهذيب دشمن
خبيثن کي شهه مات جي چال آهي لکيل:
اوهانجي، جا شاهڪار تهذيب آهي قديم ۽ عظيم
ڪرشمو فقط آهي سنڌوءَ جي پاڻيءَ سندو:
جي پاڻي نه آهي ته سنڌو ڪٿي؟
جي سنڌو نه آهي ته تهذيب ڇا؟

ته اي راڄ وارا،
وڃي پنهنجي تهذيب جي لاءِ سنڌو بچايو،
۽ سنڌوءَ جي لئه اُن جو پاڻي بچايو:
نجات آهي پاڻي،
حيات آهي پاڻي،
هي پيغام آهي مهين جي دڙي جي ٻڍي نرتڪيءَ جو، اوهان جي امڙ جو.

راڄ دلارو نهرو

راڄ دلارو نهرو

سورج منڊليءَ ۾ اڄ ڏاڍي ڌوم مچي وئي آهي،
ڪرڻو ڪرڻو رنگ رليءَ ۾ ڦوليو نٿو سمائي.

ڪايا ڇايا مست مگن ٿي ڇم ڇم ڦيريون پائي،
نيل گگن جو هر ڪو ڀاتي خوش ٿي جهومي ڳائي.

هر پاسي گهنگهور گهٽائون رلمل راند رچائن،
سرهائيءَ جو، واڌائيءَ جو پل پل ناد وڄائن.

پلڪ پلڪ تي بجلي چمڪي ڦهلائي پرڪاش،
جڳمڳ جڳمڳ چهڪي ٻهڪي اُجيارو آڪاش.

تارا ڪتيون، چنڊ نکيتر هر هر پائن فال،
ڀاڳ ڀلارو ڄاڻي پنهنجو، ڳائن جهولي لال.

سرڳ سڄي جون سندريون گڏ ٿي، سهيسين ڪن سينگار،
هر ڪا سجني سينڌ سجائي، هر ڪا چاهي پيار.

جهرمر جهرمر تارن جا سڀ ديپ جلائي ڇڏيو،
انت ڏياريءَ جهڙي پڳ پڳ جوت جڳائي ڇڏيو.

انڊلٽ جا سڀ رنگ پکيڙي، دنگ سجائي ڇڏيو،
هوليءَ جهڙي رنگبرنگي موج مچائي ڇڏيو.

سوج منڊلي ۾ هڪڙو نئون چنڊ اڀرڻو آهي،
ڌرتيءَ جو هڪ راج دلارو سانجهيءَ اچڻو آهي.

ڪچن جي اونداهي

ڪچن جي اونداهي

ٻه ماڙ تان ٻه اکيون هيٺتي پيون گهورين،
ڪشادي روڊ تي ڪارن، بسن ۽ اسڪوٽرن جي اڻکٽ ڄڃ
ڪٿان اچي پئي، ڪيڏانهن وڃي پئي تڪڙي،
الائي ڪير چڱا يا مٺا هجن اُن ۾،
وزير، سيٺ وڏيرا، يا ڪامورا
مزدور، ڪلرڪ، شاگرد يا پروفيسر،
دلال، ڪاٽڪو، بشني ۽ چور يا ڊاڪو
وٺي وڃن پيا هڪڙي ئي واٽ سڀ هيڪر،
الائي دل ۾ هر هڪ جي ڪا هوندي واٽ ٻي ڪهڙي
ڪئين پيادا به هلندا وڃن ٿا پاسن کان،
جوان، ٻار، عورتون، پوڙها
۽ هڪڙو ڳاڙهو ڪتو، روڊ جي پرين پاسي،
ستو پيو آهي بنا کٽڪي هيڏي هل ۽ هلچل ۾،

پري کان گوڙ ڪندي آئي هڪڙي ائمبولنس
هو ڳاڙهو ڪتو ڇرڪ سان پيو جاڳي،
ٻنهي هٿن کي سپاهيءَ هوا ۾ لهرايو،
۽ روڪجي ويئي ساري روان دوان ٽرئفڪ،
ٻه ماڙ ڇت جي اوچائي تان هيٺ گهوريندي،
اکيون جي چست هيون زندگي جي چرپر ۾،
ڪشادي روڊ تي هر پاسي پئي ڦريون، ڪمال ڦڙتي سان،
چڙي ۽ ورچي ۽ مايوس ٿي مڙيون پٺتي.

ڀلا ٻليءَ کي انهيءَ ساري چهچٽي سان ڪهڙو ڪم؟
هجوم هيڏي ۾ ڏسجي نٿو ڪو هڪڙو ئي ڪوئو!
اکين کي هيءَ به فطرت جي آهي آگاهي
سڄي جهان کان بهتر ڪچن جي اونداهي.

توسان ڳالهيون

توسان ڳالهيون

رستي هلندي،
گهر ۾ ويٺي،
بازارن ۾ گهمندي ڦرندي،
پيار جون پياريون ڳالهيون.

ڪڏهين منهنجي هٿ ۾ پنهنجو هٿڙو ڏيئي،
سمنڊ ڪناري،
ننگين پيرين، آليءَ واريءَ تي، يڪساهيءَ ڊوڙي ڊوڙي ڪري پوين ٿي،
۽ مان توکي کڻي وٺان ٿو، ڀاڪر پائي.

ڪڏهين شهر جي ڪنهن باغيچي جي ٿڌڙي ڇٻراٽي تي ويهي،
تنهنجا سونا روپا ٽهڪ ٻڌان ٿو،
ڪڏهين شام ٽريءَ جي ويلي، ايڪانت ۾ منهنجن ٻانهن ۾ جهولين ٿي.

.... پر توساڻ ئي سڀ ڳالهيون تڏهين ٿينديون آهن،
جڏهين تون موجود نه هوندي آهين.

وقت جو ڦيرو

وقت جو ڦيرو

تون به انهيءَ جهڙي ئي آهين،
سُڌ ٻُڌ ان جهڙي ئي آهين:
شڪل شباهت، قد ۽ قامت، ساڳي رنگت،
مرڪ به ساڳي، ٽهڪ به ساڳيا، نيڻ نهار به بلڪل ساڳي،
ڄڻ ته اها ئي ساڳي آهين.

پوءِ به ڪيڏو فرق ٻنهي جي وچ ۾ آهي،
هن ته مون کي سمجهيو ٿي سپنن جو ر اجا،
۽ تون مون کي انڪل-انڪل ڪوٺين ٿي!

وقت جي ويڇي ڪيو آهي اهو ڪيڏو انوکو ۽ عجب دلچسپ ۽ بي درد مذاق!
ڪاش تون هُن جهڙي نه هجين ها!
ڪاش تون هُن جهڙي نه هجين ها!

شام غريبان

شام غريبان

اڄوڪي صبح جو سورج به ويو لهي آخر،
اڄوڪي شام غريبن تي وئي اچي آخر.

اڄوڪي رات انڌيرا جشن ملهائيندا،
وڃي اجالا ڪٿي پنهنجا سر لڪائيندا.

اڄوڪي رات ڪنديون خوب رقص زنجيرون،
هزار طوق ۽ زندان جون ٿينديون تدبيرون.

اڄوڪي رات ڪندي باهه راند وحشت جي،
عذاب آڻيندي ڌرتيءَ تي ڌوم دهشت جي.

اڄوڪي رات شهيدن کي ڪو ڪفن ڪونهي،
ڏسو کڻي ته ڪٿي سر، ڪٿي بدن ڪونهي.

اڄوڪي رات مصيبت جي ماجرا جي رات،
اڄوڪي رات قيامت جي ۽ قضا جي رات.

اڄوڪي رات محبت جي منزلن جي رات،
اڄوڪي رات صداقت جي فيصلن جي رات.

اڄوڪي رات محبت جي بندگيءَ جي رات،
اڄوڪي رات ضميرن جي زندگيءَ جي رات.

اڄوڪي رات ۾ انسانيت ڪندي معراج،
تباهه تخت ٿيا ۽ تاج ٿيا تاراج.

اڄوڪي رات اُتم، اُوچ ۽ امر آهي،
صدين کان صبر جي تاريخ جو ثمر آهي.

اڄوڪي رات وئي موت کي به مات ڏئي،
اڄوڪي رات زماني کي وئي نجات ڏئي.

سندرتا جي جيت امر آ

سندرتا جي جيت امر آ
(ڪربلا جي قضيي بابت)

اڄ کان ڪيئي صديون اڳ ۾،
ڌرتيءَ جي هڪ سندربن ۾ باهه لڳي هئي،
ڀڙڪي ڀڙڪي، ڪڙڪي ڪڙڪي،
شعلن اهڙو رقص ڪيو هو،
جنگل منگل ر ک اڏري هئي.

اڄ کان ڪيئي صديون اڳ ۾،
ڌرتيءَ جي هڪ سندربن ۾ گل ٽڙيا هئا،
ڪومل ڪومل، نرمل نرمل،
ڪنول، چنبيلي، موتيو، مگرو،
وک وک تي جنسار جڙيا هئا.
چنچل شوخ هوائون چوڏس ايئن ٿي جهوميون،
جنگل منگل سرهاڻين جا ساٺ ٿيا هئا.

دريا سڀ ڪجهه ڏسي رهيو هو،
بادل، سج چنڊ، تارا ڪتيون ڏسي رهيا هئا،
ست ئي سمنڊ پري پري کان ڏسي رهيا هئا،
حورون ملڪ، مرون ۽ ماڻهو ڏسي رهيا هئا،
اُڏري اڏري، پکي پکيرو ڏسي رهيا هئا،
اڀ ۽ ڌرتي، گهوري گهوري ڏسي رهيا هئا:
باهه لڳي هئي،
گل ٽڙيا هئا،
سندرين ۾، سندرتا ۽ ڪٺورتا جي وچ ۾ ڀاري جنگ لڳي هئي:
ٽانڊن ۾ ڇا گل ٽڙيا هئا،
گلن اندر ڪيئن ٽانڊا ٽڙڪي ٽِلي رهيا هئا:
باهه برابر وڌي رهي هئي،
گل برابر جهومي جهومي کلي رهيا هئا:
جڳ سارو ئي ڏسي رهيو هو،
اک ڇنڀ اندر،
سندربن جو ذرو ذرو،
دونهون، دونهون،
اونداهيءَ ۾ ٻڏي ويو هو.

دريا رڄ رڄ روئي ڏنو هو،
بادل سڏڪا ڀري رنا هئا،
سورج، چنڊ ۽ تارا ڪتيون روئي رهيا هئا،
سمنڊ سمورا روئي رهيا هئا،
ماڻهو روڄ مچايو روئي،
پکين پاڻ پڇاڙيو روئي،
اڀ ۽ ڌرتي روئي رهيا هئا،
سندربن ۾ هيڏي هتيا،
سندرتا سان هيڏو هاڃو،
اڀ ۽ ڌرتيءَ جنم جنم کان ڪونه ڏٺو هو:
اک ڇنڀ اندر،
سندربن جو ذرو ذرو،
دونهون، دنهون،
اونداهيءَ ۾ ٻڏي ويو هو!
جڳ سارو ئي ڏسي رهيو هو،
اک ڇنڀ اندر
ٻاٽ انڌيرا،
ٽڙي پکڙجي،
وٽڙي ويا هئا،
باهه ڪٿي هئي؟
ٽانڊن جي رک جي ڍيرن تي،
جهومي جهومي،
گلڙا خوش ٿي کلي رهيا هئا!
سُندرتا جي ساري ٿي هئي،
ڪٺورتا جو موت ٿيو هو،
اڄ کان ڪيئي صديون اڳ ۾،
سندربن ۾ باهه لڳي هئي،
جنگل منگل رک اڏري هئي.

اڄ کان ڪيئي صديون اڳ ۾،
سندربن ۾ گل ٽڙيا هئا،
جنگل منگل سرهاڻين جا ساٺ ٿيا هئا،
سندرتا ۽ ڪٺورتا جي وچ ۾ ڀاري جنگ لڳي هئي،
سندرتا جي ساري ٿي هئي،
ڪٺورتا جي موت ٿيو هو،
سندرتا جي جيت امر آ،
ڪٺورتا جو موت امر آ،
هتيا پاپ جي پوڄا وارؤ،
سندرتا جي پويت امر آ!
(پي ٽي وي جي مشاعري ۾ پڙهيو ويو)

نيرين اکڙين وارو چنڊ

نيرين اکڙين وارو چنڊ

رات، عورت جي زلفن جي رنگت کڻي،
بيد جي شاخسارن سان گڏجي وئي،
مان نديءَ جي ڪناري، خيالن جي موجن تي هسوار هلندو رهيس،
اوچتو راڳ آلاپ جون تيز لهرون اٿيون،
سارو ماحول پر ڪيف، پرسوز نغمن سان گونجڻ لڳو،
ڇا خبر، وقت جي ڪهڙي رفتار هئي،
چند گهڙين اندر، ايتري ئي فقط مون کي پيئي خبر،
هوس حاضر حسينن جي جهرمٽ اندر
جن جي صورت گلابن کي گهايل ڪري،
جن جو جوڀن بهارن کي برهم ڪري،
هار سينگار ۾ سرس هر ڪا ڄڻي:
تاج پاڻيءَ جي بيداغ گلڙن جو پهري ۽ گردن ۾ مکڙين جي مالا وجهي،
سا سراپا هئي پهرين جي راڻي بڻي،
ڪيستائين سي هڪ ٻئي جي ڳچين ۾ ٻانهون وجهي،
ڳائينديون، مرڪنديون، ٽهڪ ڏينديون رهيون.

مون پڇيو، “ڪنهن جي خاطر ٿيون ڳايو اوهين؟”
سڀني مرڪي چيو، “جن جي موٽي اچڻ جون اميدون اٿئون”
هڪ ڄڻي پيءُ جي لاءِ هئي منتظر،
ٻي ڄڻي ڀاءُ لاءِ حيران هئي،
جنهن کي ليڪن هئي آس محبوب جي واپسيءَ جي
سڀن کان زياده پريشان هئي،
مان نديءَ جي ڪناري، اداس ۽ اڪيلو، خيالن جي موجن تي،
هسوار، اڳتي وڌيس:
جنهن گهڙيءَ پنهنجي پويان يڪايڪ نگاهون ورائي ڏٺم،
چنڊ نيرين اکين سان ڪئي پئي سندم رهنمائي!














“سهڻي” حيدرآباد: ٻيو پرچو،
(سورهين صديءَ جي يوناني شاعره بلٽز (Biltis) سهڻين تشبيهن جي ڪري مشهور آهي، فرانس جي جڳ مشهور اديب پيري لوئي (Pierre Louys) 1926ع ۾ سندن نظمن کي نظماڻي نثر ۾ ترجمو ڪري "Songs of Biltis" نالي سان شايع ڪيو. بلز جي هڪ نظم جو هي منظوم سنڌي ترجمو پيري لوئيءَ جي ترجمي تان ڪيل آهي).

ويراني

ويراني
بلند الحيدري/عراقي شاعر

ساڳيو رستو، ساڳي گهٽي،
ساڳيا گهرڙا، هڪ ٻئي سان لاڳو،
ساڳي ئي خاموشي،
ڪالهه ايئن ئي چوندا هئاسين،
پاڻ سڀاڻي مرنداسين، ٻيهر جاڳي اٿنداسين:
باک ڦٽڻ سان،
جيئن جيئن رستو روشن ٿيندو،
گهر گهر اندران
ننڍڙن ننڍڙن ٻارن جا آواز انهيءَ تي
گونجي ويندا.
پنهنجي گذريل حالت، پنهنجون ڳالهيون
پنهنجون بيزاريءَ ۾ جيئندڙ زالون،
پنهنجون پٿرن جهڙيون، شيشي جهڙيون اکيون،
تن تي هو سڀ کلندا، ٽوڪون هڻندا، يادن کان بي بهره هوندا
تن کي جهوني رستي جي ڪا ڄاڻ نه هوندي
هو سڀ کلندا، ٽوڪون هڻندا،
ڇو جو پنهنجي ڪل جو باعث کين نه
ڪنهن کان پڇڻو پوندو.
ڪالهه ايئن ئي چوندا هئاسين
“پنهنجي موقعي سازيءَ سان،
وقت اسان جو ٺاهه ڪرائي
هڪ ٻئي سان گڏي ڇڏيندو
جيڏانهن هڪڙو دوست اٿيو
هوڏانهن ٻئي سڀ وير ڇڏيو”
ڪلهه جو ڏينهن به ڪيڏو گهرو
جذباتي هو،
جو به چيوسين، شايد سمجهي
ڪين سگهياسين،
وقت اسان کي هڪ ٻئي ساڻ ملايو آهي.
ليڪن هڪڙو دوست اڃان بي دوست
بنيو،
ٻئي جي لئه واجهائي بيٺو،
هاڻي سا جذبات جي گهرائي به وئي،
۽ آهن ساڳئي رستي تي،
ساڳي گهٽي، ساڳيا گهرڙا، هڪ ٻئي سان لاڳو،
ساڳي ئي خاموشي،
۽ ٻئي پاسي، هوڏانهن،
بند ٿيل درين جي پويان
وڏيون، ڦاٽل، ڏتڙيل اکيون،
پنهنجن ٻارن جي موٽڻ لاءِ
واجهائيندي،
پٿر جهڙيون، شيشي جهڙيون بڻجي ويون آهن،
خوف اهوئي آهي،
ڏينهن ختم ٿي ويندو!
رستو گم ٿي ويندو!

پڙاڏو سو سڏ

پڙاڏو سو سڏ

مان ئي آهيان، مان ئي آهيان، مان ئي آهيان ملحد

ڇا لئه پنهنجي ذات لڪايان،
پاڻ پنهون آءٌ آهيان آهيان،

اصلون انالحق الايان،
ٺاهه ٺڳيءَ جا ڊاهيان ڊاهيان.

مان ئي آهيان ملحد

آدم کان ڀي اڳ ۾ آهيان،
لوح قلم جي بات بتايان،

“ڪن فيڪون” جي چال چلايان،
“ڪين” منجهاران “ڪُل” بنايان،

عرش مٿي احڪام هلايان،
فرش مٿي فردوس بنايان،

ازل ابد جي راند رچايان،
مٿي پاڻي، ٺاهيان ڊاهيان،

سڀ ڪنهن صورت صاحب آهيان،
جُڳ جُڳ پنهنجو روپ مٽايان،

ڪڏهين عيسيٰ، موسيٰ آهيان،
ڪڏهين ڪرشن، رام سڏايان،

ڪڏهين احمد نانءُ رکايان،
گوتم بنجي گيان ڪمايان،

طُور مٿي ڀي پاڻ پسايان،
باهه اندر گلزار بنايان،

وه وا رنگي رنگ رچايان،
ڪثرت وحدت منجهه سمايان،

ڪڏهين ڀوت ڀڀوتي ڀانيان،
هندو بڻجي تلڪ لڳايان،

ڪڏهين ممبر مسجد ٺاهيان،
مومن جا مذڪور ٻڌايان،

ڪڏهين ڪربل ڪنڌ ڪپايان،
زهر پيان، سقراط سڏايان،

ڪڏهين سوريءَ سيج سجايان،
ملڪ مڙئي منصور بنايان،

اول آخر ظاهر آهيان،
سنڌ وطن جو ڏاهر آهيان:

مان ئي آهيان ملحد


ڪڏهن دل جي ديڳ دمايان،
ڍونگ سڄي جو ڍڪڻ لاهيان،

ڪڏهين لات لطيفي ڳايان،
سامي ۽ سرمست سڏايان،

ڪڏهن قرب قليچ ڪمايان،
دردن جا درياهه وهايان،

ڪڏهين سانگي پاڻ سڏايان،
پرهه سندا ڪئين باغ بنايان،

ڪڏهين “بيوس” باغي آهيان،
جاڳرتا جي جوت جڳايان،

محبت جو دستور هلايان،
الفت جا اعلان ڪرايان،

فطرت جو فرزند سڏايان،
پيار سندو پيغمبر آهيان،

اول آهيان، ثاني آهيان،
ساڳيو ساڳيو سچ سڻايان،

چارڻ بنجي چنگ وڄايان،
ڀنڀٽ باهه پيو ڀڙڪايان،

ظلم ذلالت لعنت آهيان،
شيخيءَ پيريءَ ڍينگو ڊاهيان،

آزاديءَ جو ناد وڄايان،
امن سندو جهنڊو جهولايان،

شيخ اياز اهوئي آهيان،
شوق منجهان “شمشير” سڏايان،

ماڻهن ليکي شاعر آهيان،
پوءِ به الائي ڇا ڇا آهيان،

جوئي آهيان، سوئي آهيان،
آهيان آهيان، ملحد آهيان:

مان ئي آهيان ملحد

اِجهي آيا منهنجا يار

اِجهي آيا منهنجا يار


اِجهي آيا منهنجا يار!
آيا..... آيا،
آيا منهنجا يار....
ڌيري،
ڌيري،
هلي پاڻ پنڌ آيا:
ڇم ڇم،
ڇم، ڇم،
گس گام مسڪرايا:
پير پدم،
ڪنول قدم،
هڪ هڪ وک لهي لعل هزار،
لهي لعل هزار
اِجهي آيا.....

اکڙيون،
رتڙيون،
اِهي لال چور بتڙيون،
ڪجليون،
سچليون،
اِهي ڪوهه طُورَ تجليون،
بانورڙو،
سانورڙو،
سڄڻ سمايا سڀ سينگار
سڀ سينگار
اِجهي آيا.

جيئي منهنجو يار

جيئي منهنجو يار


سارنگ جا سڀ ساٺ سجايا،
ساٺ سجايا،
رُت راوڪيءَ رنگ رچايا،
رنگ رچايا،
پيار پرچي پاڻيهي آيا،
آيا سوچ ڪري سئو وار،
ڀلو ميان سانوڻ ڏينهڙا چار
الا لا، جوڀن ڏينهڙا چار
ڪارونجهر تي مور ٽلي ٿو، منهنجي اڱڻ يار
ڀلو ميان، جيئي منهنجو يار....

موٽيو ماهه صيام

موٽيو ماهه صيام
(بيت)

جهولي آيو جُوءِ ۾، مڻيارو مهمان،
چڙهي آيو چنڊ تي، سورج نگهبان،
سرهو ساٿ سنڀوڙيو، حورون ۽ غلمان،
گڏجي آيو هيج سان، جنت جو رضوان،
کڻي آيو ڪيتريون، سوغاتون سامان،
ويٺو ورهائي واٽن تي، دردن جو درمان،
سخا ڏسي صاحب جي، ملڪ ٿيا حيران،
گم ٿيو ڪنهن گار ۾، شر پسند شيطان،
آيو وري رمضان، آگي جي احسان سين.

آگي جي احسان سين، موٽيو ماهه صيام،
برڪتن جي باب ۾، جُڙيو هي پيغام،
صبح تائين شام، رکج دلبر دل ۾.

رکج دلبر دل ۾، اهو عين ثواب،
جي تو جُوف جنت جو، خالي تنهنجو خواب
مڻين تي مِڻ مِڻ ڪرين، ڪنهن سان اهو حساب
پڙهي ڏس ڪتاب، رب نه راضي اينءَ ٿئي.

روزو ۽ نماز، تيتر ساري سڃ
جيتر سارين ساهه ۾، پاڻان پاپ ۽ پڃ،
بک مرين يا اڃ، ڀاڙا ملن نيت سين.

هجرت

هجرت

اربين سالن کان هي سورجمنڊل آهي قائم پنهنجي توازن سان،
ايامن کان ڌرتي پنهنجي محور تي هر دم گردش ۾ آهي،
ايامن کان چنڊ ۽ تارا ڪتيون اڀ ۾ پيا ٿا چلڪن چمڪن،
سمنڊ ۽ دريا، جهنگ جبل، هي وڻ ٽڻ ٻوٽا چوڌاري،
پکين، جيتن، حيوانن جون ذاتيون لک هزاري،
ڌرتيءَ هيٺان ڌن جون کاڻيون، پاڻيءَ منجهه حياتي،
ڪڪرن مان برسات وسي ۽ مٽي سونُ اُپائي،
هي سڀ ڇا جي لاءِ؟
ٺهيل ٺڪيل مانڊاڻ هي سارو،
آخر ڪنهن جي لاءِ؟

ڪنهن کي اَڇي فطرت پنهنجو ايڏو عظيم الشان هي تحفو،
جيڪو هن مانڊاڻ جي مقصد ماڻڻ لئه تخليق اندر تخليق جو نئون مانڊاڻ اڏي،
ڌرتيءَ تي نت نوان نرالا منظر ڪي ايجاد ڪري؟
سو ته فقط انسان ئي هو،
ساريءَ مخلوقات ۾ اشرف.

فطرت جو شاگرد هو انسان وڏو ونهواري هو،
ڌرتيءَ کي سينگارڻ لئه سهڪاري هو،
پاڻي، مٽيءَ، باهه، هوا ۾ هن هزارين.....
گُهپ انڌيرن، انت اُجالن جي طلسم سان،
حسن ۽ حيرت جي سنگم تي،
سوين هزارين ڪاڪ محل تخليق ڪيا.
فطرت جي چٽساليءَ اندر،
فنڪاريءَ جي بيحد خوب ڪماليت سان،
تبديليءَ جا رنگ رچايا.

فطرت جي همراز انهيءَ انسان، گهڻيون آسيسون ماڻي،
ڌرتيءَ تي ڏاهپ جي مثالي تهذيبن جا جهنڊا کوڙيا،
پولارن ۾ پيهي هن زمان مڪان جا ڀيد پروڙيا،
اشرف مخلوقات، انهيءَ اڙٻنگ، وَڙوليا دنگ سمورا.

ٽهڪ ڏنا شيطان انهيءَ دانائيءَ جي نادانيءَ تي،
عقل جي آڪڙ خانيءَ تي،
پوءِ امالڪ،
هڪڙي اڻکٽ مرڪ شرارت جي چڻگن سان ڀريل، هن جي جهنم زار چپن تي ڀڙڪي پيئي.
پوءِ يڪايڪ،
صدين تائين بارودن، بم گولن جا از غيبي ڪئين پڙلاءُ فضا ۾ گونجي ويا.

بارودن، بم گولن جي از غيبي پڙلائن تي موهت، مست مگن ٿي،
اشرف مخلوقات تڪبر جي گهوڙي تي، سنج رکي نافرمانيءَ جا،
فطرت کان تخليق جي هرڪا گوءِ کڻڻ لئه،
هن جي سڀ مانڊاڻ کي چڪنا چور ڪرڻ لئه،
مٽيءَ، پاڻيءَ، باهه، هوا ۾ ڀري ڇڏيا انبار سراسر بارودن جا.


ڌرتيءَ کان آڪاس، سڄو ماحول ويو، ٿي زهريلو،
سج، چنڊ، تارن، ڪتين جو سنسار ڏڪي ويو،
سمنڊ ۽ دريا، صحرا ۽ ڪهسار ڪنڀي ويا،
پکين، جيتن، حيوانن جا ساهه سُڪي ويا،
فطرت جو ساروئي سهڻو باغ لڳو انسان اُجارڻ جي پويان.
تڏهين غيض غب سان ڀرجي،
فطرت پنهنجي اصولن، قانونن، اختيارن جي طاقت سان،
پنهنجو رد عمل ڏيکاريو، بيحد سختيءَ، بيرحميءَ سان.

سج سوا نيزي تي اچڻ لاءِ تپش کي تيز ڪيو،
سمنڊ مڇرجي پيا ۽ هوا سان طوفانن جا بند ڀڃڻ جي سٽ سٽي،
جبلن پنهنجا آدجڳادي، اڻکٽ، اڻملهه، برف ذخيرا، ڳاري، دريائن ۾ اُڇلڻ شروع ڪيا،
درياهن برفاني دنيا جو سڀ پاڻي خالي ڪرڻ لئه، سمنڊن سان ڳٺجوڙ ڪيو،
باهه قيامت بڻجي جبلن جي چوٽين کي ڌماڪن سان ڏاري ڦاڙي،
پٿرن کي پاڻيءَ جئن پگهاري، ڦوهارن جي صورت ۾،
ڄڀين، آلن، ٽانڊن جي برسات وسائي،
ڌرتيءَ پيداوار جي قوت پوڻي ڪئي،
مٽيءَ پاڻيءَ نين نرالين بيمارين کي جنم ڏنو،
ٻوڏن، سوڪهڙن، بيمارين، ڏرت ڏڪارن، طوفانن، ڀونچالن جو هڪ کيل عجائب جاري ٿي ويو،

ڌرتيءَ تي انسان جو آئيندو هاڻي ناممڪن ٿي پيو.
ڪڏهن اڳتي، سج جا ڪرڻا چڻگون بنجي،
سڀ جيون کي ساڙي ڳار رک ڪندا،
ڪڏهن اڳتي، ڌرتيءَ جو هي گولو،
سج سان ايئن ٽڪرجي وکري ويندو، جيئن ڪو واريءَ ڪوٽ هوا ۾ ڪڻو ڪڻو ٿي وڃي اڏامي.

اشرف مخلوقات جو اهڙو مرضيءَ جهڙو انت ڏسي،
خوشيءَ وچان شيطان هنبوڇيون هڻي، تڪبر سا اهڙا زهريلا ٽانڊن سان ڀريل ٽهڪ ڏنا،
جن جنت جي ديوارن کي گرمائي ڇڏيو.
۽ ڇرڪ ڀري رضوان ڪنن تي هٿ رکيا.
فطرت، جيڪا پنهنجي پياري ٻالڪ يعني اشرف مخلوقات جي رهبر آهي،
۽ جا ارڏاين تي، هن کي سيکت ڏيندي آئي آهي،
تنهن کي آخر ترس اچي ويو.

ٻيءَ گهڙيءَ ۾، هن جي مڻيادار چپن تي هڪ آفاقي مُرڪ کنوڻ جيان تجلا ڏيندي ترندي آئي،
جنهن سان يڪايڪ پولارن جون راهون جڳ مڳ چمڪي ويون.
فطرت جي منشا جي اشاري سان انسان ڏسي ورتو آئيندي جو خواب،
نئين ڪنواري ڌرتيءَ ڏانهن هجرت جو خواب.

ڌرتيءَ جو فرزند ڪري پيو نئين نويليءَ ڌرتيءَ ڏانهن هجرت جي تياري،
جنهن جي ڪنواري مٽيءَ اندر سانڍيل هونديون ڪئين ڪروڙين سالن جون سوغاتون،
جنهن جي زرخيزيءَ جي سگهه، پراڻي ڌرتيءَ جي پهرئين ئي ڏينهن برابر هوندي،
جنهن جي هوا ۽ پاڻي، کاڌو ميوا، ڊگهو جياپو آڇيندا.

جنت جهڙي، جنت هوندي نئين ڪنواري ڌرتي.
فطرت جو فرزند ڪري پيو جنت ڏانهن هجرت جي تياري.

سونهن جي صدقي

سونهن جي صدقي

هوءَ سهڻي هئي، ڏاڍي سهڻي،
ايڏي سهڻي،
جنهن کي ڏسندي، اکيون يڪٽڪ ڄمي ويون ٿي،
صورت هن جي صبح سڀاڳو، رنگت شام شفق،
جهڙ مان سورج ليئو پائي، هن جي اينءَ جهلڪ.

هوءَ پياري هئي، ڏاڍي پياري،
ايڏي پياري،
جنهن کي ڏسندي، دل سيني مان نڪري وئي ٿي،
ڳالهيون هن جيون کنڊ پتاشا، ماٺ به مصريءَ تڙ،
ٽهڪ ائين، جئن گهنگهرو گونجن، مُرڪ ته وڄ وڪڙ.
هوءَ نياري هئي، ڏاڍي نياري،
ايڏي نياري،
جنهن کي ڏسندي، دل ۾ در دن دود دکيا ٿي،
اکڙيون هن جون انتر منتر، جادو جنتر قد،
مڙي ڏٺو جنهن پنڊ پهڻ ٿيو، رستا راهون رد.

پوءِ، هڪڙي ڏينهن ائين ٿيو،
هڪڙي وحشي ظالم شخص (جنهن جي هوءَ طلاقيل هئي)،
وجهه وٺي،
اهڙيءَ سهڻيءَ، پياريءَ، نياريءَ صورت کي گهوگها ڏيئي ماري ڇڏيو!
ڇاجي لاءِ؟
- جيڪا هن جي لاءِ بڻجي وئي هميشه لاءِ حرام،
سا ته وري ڪئن ٻئي جي لاءِ ٿئي حلال!
- يعني: “منهنجي چکيل ڀاڄي، ٻيو ڪو ڪيئن کائيندو؟”

اي مالڪ، اي خالق، ساري جڳ جا پالڻهارا،
قادر قدرت وارا، سائين، “دوست مٺا دلدارا”،
هڪڙو عرض اگهائج، مولا،
پنهنجي هن گناهن ڀريل، عاجز، گهندي بندي جو:
..... هن کان پوءِ.... هن کان پوءِ.....
(معاف ڪجئين، اي منهنجا مولا!)
هن کان پوءِ هن ڌرتيءَ تي،
سهڻي، پياري صورت ڪا تخليق نه ڪج،
۽ جي نرمل نازڪ ماڻهو ڌرتيءَ تي رهن پيا،
سڀ جا سڀ ناپيد ڪري ڇڏ
هڪ ئي پل ۾، هيڪاندا!
- ڀل ته اِها بيقدرن ۽ بيذوقن واري،
بيدردن، بيرحمن واري دنيا،
سونهن کان خالي،
پيار کان خالي،
بدروحن جو دوزخ بڻجي!
جنهن ۾ ڪنهن کي آئيني ۾ شڪل ڏسڻ جي لوڙ نه رهندي،
ڪنهن کي پاڻ وڻائڻ خاطر،
وهنجي سهنجي، ڌوتل ڪپڙا پائي،
عطر لڳائي،
ڪنگي ڏيئي، وار سجائي،
ماڻهو بڻجي،
جڳ سان گڏجي جيئري رهڻ جي آس نه رهندي.

پوءِ اکين مان گهُور، چپن تان مرڪ اُڏامي ويندي،
دلين اندر چاهت واري جوت اجهامي ويندي،
چڙ اندر جي اُڌما ڏئي، ذهنن کي ساڙيندي، جسمن کي ڳاريندي،
هر ڪنهن منظر ۾ نفرت جا ڀوت پيا دانهيندا،
هر ڪنهن چهري مان وحشت جي ڏائڻ ليئا پائي، ڏند ڪڍي پئي ٽهڪ ڏيئي ڊيڄاريندي:
تڏهن پاڻان بيزاريءَ مان هرڪو پنهنجو ماس پٽيندو،
تڏهن هرڪو هڪٻئي جو رت چٽيندو.

اُڀ ۾ ڪَتيون، چنڊ ۽ تارا پوءِ به هوندا،
سمنڊن ۾ مڇيون ۽ موتي پوءِ به هوندا،
ڪڪر هوا ۾ پوءِ به ترندا، مينهن به پوندا،
پکي پسون ۽ وڻ ٽڻ وليون، باغ بهارا پوءِ به هوندا،
بس، هڪ ماڻهوءَ ذات نه هوندي،
اُڀ کان ڌرتيءَ تائين شاهي دوزخ ۾، بدروحن جو واسو هوندو!

منهنجا مولا،
تون سونهارو، سونهن سان پيار ڪرين ٿو،
بس، تون پنهنجيءَ سونهن جي صدقي،
سونهن سان پنهنجي پيار جي صدقي،
پنهنجي هن گناهن ڀريل، عاجز، گندي بندي جو هي عرض اگهائج،
ڀل هيءَ دنيا بدروحن جو دوزخ بنجي!

بيشڪ مان به انهيءَ دوزخ ۾، بدروحن سان شامل هوندس،
جيڪو پوءِ به سڪندو رهندس پنهنجي وڃايل، سهڻيءَ صورت واري پياري ماڻهوءَ لئه!

بخش ڪجئين، اي بخشڻهارا،
پنهنجيءَ سونهن جي صديقي!

جبل جو وسڪارو

جبل جو وسڪارو

جبل مٿي جهڙ ڙي ڇورا،
جبل مٿي جهڙ ڙي ٻيلي جبل مٿي جهڙ....

جهڙ ته مانکي جهوري ڙي سڄڻ،
وار ته ڇڏيم ڇوڙي ڙي ڍولڻ،
مند ڏسي تون مُڙ، او جاني، جبل مٿي جهڙ،
او ڍولڻ.......

ڪٿان ڙي آيا ڪارا ڪڪر،
وَٺا ته پانهنجا ڇنا ڇپر،
ڇيڪ ته گهمن پانهنجا وَلَر،
گاج منجها ر ان پَلٽيا پَلَر،
لُکن لاٿو لُڙ، او ڍولا جبل مٿي جهڙ،
او ڍولڻ.......

جُهونو ته ڇنُو ٽمي پان جو
سهون ڙي چولڙو ڀنو مان جو
هيڪلي هنڌ ۾ سيءُ مران جو
تون ئي ته اجهو اوڇڻ مان جو
ٿُوهَرَ ڪيهڙو ٿُڙُ، ڙي جانب جبل مٿي جهڙ،
او ڍولڻ.......

وِڄَڙيون وَرَ وَرَ ڪن ٿيون ڪِيهان،
ڇيلڙا پاهنجا ڪن ٿا ريهان،
اگهي ته آهيان راتيان ڏينهان،
ڏُکي ته ويٺي مان ڏارو پيهان،
ڳرو ته جنڊ جو پُڙ، اوجاني جبل مٿي جهڙ،
او ڍولڻ.........

سارو ڙي سانوڻ ڪيئن اُڪاريان،
گَسَ تي ويٺي مان گهيٽڙا چاريان،
دڳ مٿي تنهنجي باهڙي ٻاريان،
وٺيو تون اچج ڳڙ، او ڇورا جبل مٿي جهڙ،
او ڍولڻ.......

مسرت جي منزل

مسرت جي منزل

زمانو نه بيٺو،
ڪڏهن قافلا زندگيءَ جا نه بيٺا!
هي منزل جا دوکا، هي دوکن جي منزل،
هي خوش فهميون ۽ غلط فهميون،
هي منزل جي رخ تي هزارين ئي وڻڪار جا ڪاڪ -محلات،
پنهنجي ڪمالات جي دلڪشيءَ سان،
هر هڪ راهو و قافلي کي، ايئن ئي، پيا عيش آرام
جون دعوتون التجائون سڃيندا!
نهايت ئي مسرور آهن نگاهون،
نهايت ئي مشڪوڪ آهن نظارا-
تصور جي تخليق جا ڪارناما،
هي بيجان پٿر، ٿر جي مورن ۽ شيرن جي بيروح،
بي پهچ بتن جون سؤ سؤ قطارون،
هي گمراهين جون هزارين مزارون،
مڙئي ڪوڙ آهن (مگر چند آثار الزام جي دوائرن ۾ نه آهن)
اهي سڀ نظارا،
اسان کان اڳي ئي، زماني جي راهن تي پنهنجي
قدم آزمائي ڪندڙ پيشروئن جي جولان جي ڌوڙ آهن،
مسرت جي منزل جي تاريخ بيحد پراڻي پراڻي،
ازل کان ابد جي مسلسل ڪهاڻي!
هي منزل نما سائبانن جا کنڊر،
هر هڪ راهو و قافلي جي نشاني،
شڪسته ۽ ويران:
انهن تي عجب ڪريو يا نه ڪريو،
اهي سڀ ائين ئي، اتي ئي، زماني جي پرزور،
پيرن ۾ پامال ٿيندا!
گهڻي دير ٿي وئي انهن کي تڪيندي،
وري رات ٿي وئي انهن کي تڪيندي،
وري رات آئي، وري صبح ٿيندو،
ايئن ئي، انهن رات ۽ ڏينهن جي سلسلن ۾،
زماني جي رفتار جو علم عرفان دٻجي وڃي ٿو!
زماني جي تاريخ تي هڪ نظر،
ٿي بخشي ازل ۽ ابد جو شعور،
مسرت جي منزل طرف هڪ قدم،
ڏئي ٿو نئين زندگيءَ کي جنم:
سدا لازوال آهي انسان جي عظمتن جو ظهور!
اها آهي بس زندگيءَ جي حڪايت،
اٽل آهي بس وقت جي رهگذر تي نظارن جي
تبديلين جي روايت
ته اي همسفر ساٿيو، مهربانو،
مسرت جي منزل جا راهي جوانو!
پُڪاري پئي وقت جي عام نوبت:
نرالن نظارن جي تخليقن جا ڪارناما، اوهان جي
جهان ساز نظرن ۾ مستور آهن،
خوشيءَ جا خزانا، مسرت جا هي لمحا تازا ترانا،
اوهان جي سخن ساز شيرين زبانن جو دستور آهن،
اوهان جي سدا صاف فڪر و عمل ۾،
حياتيءَ جي فنڪارين جا هزارين ئي شهڪار معيار موجود آهن-
مسرت جي منزل پڪاري پئي:
عبث آهي ماحول جي مٽجندڙ منظرن تي قناعت،
اٿو، ڪُوچ ڪريو!
قدم باقدم، وقت جي رهگذر تي،
خوشيءَ جي ترانن جي جهونگار ڪريو،
نرالن نظارن جو اظهار ڪريو!
۽ جيڪي طلسمات جي ڪاڪ-محلات ۾ کوئجي ويا،
انهن کي ڇڏي ڏيو، ايئن ئي، سندن حالتن جي حوالي:
ڀلي وائڙن جيان نگاهون ڄمائي،
بنا سرت، چپ چاپ، بيٺا رهن سائبانن جا بيڪار کنڊر تڪيندا!
انهن تي تعجب ڪريو يا نه ڪريو،
اهي سڀ، ايئن ئي، اتي ئي زماني جي پرزور پيرن ۾ پامال ٿيندا!
زمانو نه بيٺو،
ڪڏهن قافلا زندگيءَ جا نه بيٺا!

تسڪينِ فردا

تسڪينِ فردا


مزده، اي دل! عيش جو سامان ٿيندو، غم نه ڪر،
درد ئي خود درد جو درمان ٿيندو، غم نه ڪر.

پورو هر هڪ دل سندو ارمان ٿيندو، غم نه ڪر،
جلد ڪافر مائلِ ايمان ٿيندو، غم نه ڪر.

هڪ دفعو انسانيت ايندي وري مرڪز مٿي،
هڪ دفعو انسان وري انسان ٿيندو، غم نه ڪر.

نالهءِ مظلوم ڪنهن ڏينهن رنگ آڻيندو ضرور،
خونِ شهدا ڪين رائيگان ٿيندو، غم نه ڪر.

سينهءِ فطرت ۾ ڏس بيتاب جوشِ انتقام،
رستگاريءَ جو اڃان سامان ٿيندو، غم نه ڪر.

قصرِ استبداد جون پاڙون اکيڙڻ واسطي،
ذرو ذرو خاڪ جو طوفان ٿيندو، غم نه ڪر.

وقت جي رفتار کان وڌ سمجهه موجِ انقلاب،
قبلِ محشر حشر جو ميدان ٿيندو، غم نه ڪر.

هر مرض جو وقت ئي آهي علاجِ بهترين،
ڪارِ مشڪل جلد ئي آسان ٿيندو، غم نه ڪر.

ذهنِ عالم کي اڃا ڀٽڪڻ ته ڏي، اي همنوا،
خود پشيمان پاڻ تي نادان ٿيندو، غم نه ڪر.

آئنده دورِ حسين تو لئه مبارڪ، اي غريب،
سرنگون خود شرم کان شيطان ٿيندو، غم نه ڪر.

پشتِ هستي تي نمايان آهي نقشِ انقلاب،
سمجهه، اي ‘شمشير’ آهي سخت قدرت جو عتاب.

جشنِ اسقلال

جشنِ اسقلال

اڄ کڻي بادِ نسيم آئي نويد جا نفزا،
هوشيار، اي گلستان وارؤ، بهار آئي اجها!

انتظاري ختم ٿي، ۽ ختم ٿيو دورِ خزان،
پوئيواريءَ لئه اچي پهتي بهارِ جاودان.

اي گلو، اي بلبلو، غنچو، ذرا انداز سان،
ٿي وڃي گلشن اڄوڪي ڏينهن بس جنت نشان.

ها، اُٿو، صحن چمن سينگاريو، جلدي ڪريو،
گوشي گوشي ۾ گلستان جي عطرباري ڪريو.

بعدِ مدت ٿي وڃي پيدا وري ذوقِ نمو،
ٿي وڃي تازو چمن ۾ داستانِ آرزو.

ها، ڏيو ڀونئرن کي خبرِ آمدِ فصلِ بهار،
سڀ ٿين حاضر گلستان ۾ قطار اندر قطار.

بلبلو، نغمِ بهاران سان چمن گونجي وڃي،
محفلِ خاموش اڄ بزمِ طرب بنجي وڃي.

نظمِ گلشن جي سراسر ٿي وڃي تجديد اڄ،
جيئن دلِ هر ذره ۾ قائم ٿئي بزمِ عيد اڄ.

بلبلو، خوش ٿيو، ۽ خوش ٿي ڇيڙيو نغمِ بهار،
بس، بهار آئي ڪ آئي، اهلِ گلشن، هوشيار.

گلستان ۾ جيئن بهاريءَ جي اچي پهتي خبر،
فرطِ انبساط کان جهومي ويا برگ و ثمر.

بهرِ استقبال، غنچن پنهنجا منهن ٻاهر ڪيا،
اهتمامِ عيد کان هر گل ڍڪي رنگين قبا.

محوِ نظاره ٿي رهجي وئي نگاههِ ڪائنات،
ذري ذري ۾ وري پيدا ٿيو عزمِ حيات.

مسڪرائي، پنهنجو دامن وا ڪيو صحنِ چمن،
ناز سان ٿي باغ ۾ داخل صباي سيم-تن.

ٽوليون ڀونئرن سنديون ڊوڙيون پئي ديدارِ گل،
پيار مان اڳتي وڌي بلبل چميو رخسارِ گل.

هر نفس شادان و خندان، هر نفس مستِ بهار،
محفلِ رقص و سرود و عالمِ ڪيف و خمار.

ڇا بهارِ جانفزا عالم تي ڇانئيجي وئي،
گلستان ۾ گويا بزم عيد قائم ٿي وئي!

مان به اهڙي ۾ شريڪِ بزمِ سرمستي هُئس،
۽ شبابِ گلستان جي ديد ۾ گم ٿي ويس.

هر طرف گلهائي رنگين جي بهار دلربا،
جلوئهءِ حسن و فسونِ ڪيف و ڪم، رنگين فضا.

ٿي وئي ٿي پار هر هر دل مان هڪ موجِ سرور،
ٿي نظر آئي جهانِ دل جي وسعت دور دور.

هر طرف کان ٿي لڳي اهڙي هواي خوش سير،
ٿي ويس دنيا و مافيها کان بلڪل بيخبر!

عالمِ مصروفيت ۾ اوچتو آيو خلل،
خواب مان جهڙيءَ طرح جاڳي اُٿي ڪو بي مهل.

منظر وحشت اثر هو منهنجي نظرن جي اڳيان،
چيخ نڪري وئي زبان مان منهنجي، جنهن جي ديد کان.

چند گلهايايهءِ فسرده، زرد ۽ ڪومائيل،
باغ جي هڪ ڪنڊ ۾، خاموش، مٽيءَ سان سٿيل.

سر خميده، زرد چهرو، عالمِ صد بيڪسي،
هر گهڙي جن تي هو ڇانيل سايئه بيچارگي.

ڪين آئي ٿي ڪڏهن تن ڏانهن بهارِ تازگي،
مدتن کان جي رهيا نا آشناي زندگي.

ڪين ڀلجي رخ ڪيو تن ڏانهن ڪڏهن موجِ بهارِ.
ٻوليون بلبل نه ٻوليون، ۽ نه ڪوئل ڪئي پڪار.

سڀني پنهنجي زندگيءَ تي نوحه خواني ٿي ڪئي،
۽ زبانِ حال سان پنهنجي ڪهاڻي ٿي ڪئي.

ان طرف صحنِ چمن ۾ جا بجا هئا خار خار،
ائين ٿي ٿو معلوم، مدت کان نه آئي هئي بهار.

ڪئي هئا گل، جي جوانيءَ ۾ ئي پزمرده ٿيا،
۽ ڪي غنچا، مسڪرائيندي ئي جي رهجي ويا.

اڄ بپا گلشن ۾ بزمِ سالگرهه هئي، مگر،
هن طرف هئي ڪين ڪنهن کي پنهنجي حالت جي خبر.

هر طرف ڇانيل اداسي، ۽ فضا خاموش هئي،
گل ته هئا موجود، پر غالب هئي پزمردگي.

دنگ رهجي ويس ڏسي هي منظر وحشت اثر،
فڪر جي واديءَ ۾ الجهي رهجي ويا قلب و نظر.

سوچيم، آخر انهيءَ رو داد جو ڪهڙو سبب؟
هڪ طرف حسرت جو عالم، ٻئي طرف بزم ضرب!

هڪ طرف عيشِ بهاران، ٻئي طرف جورِ خزان،
ڪهڙو هي انصاف آهي، ڪهڙو نظمِ گلستان؟

انجمن ۾ هي گلن جي، چار سو ڏسجن ٿا خار،
جا گلن کي تازگي بخشي نه، سا ڪهڙي بهار؟

سوچيم، ڇا ننڊ ۾ آهن سڀئي اهلِ چمن؟
درهم و برهم ويو ٿي ڇو نظامِ انجمن؟

موسم گل ۾ چمن اندر خزان باقي رهي،
سج رهي موجود، قائم دورِ مهتابي رهي!

هوشيار، اي اهلِ گلشن! اهلِ گلشن هوشيار!
صحنِ گلشن ۾ اڃا آهن پيا هر سمت خار!

پنهنجي دامن کي بچائي، تن کي ڪرڻو آهي صاف،
چاڙهڻو هر شاخِ گل تي آهي سبزي جو غلاف.

هر روش تي هارڻو آهي اڃا خونِ جگر،
هر قدم تي آهي پيدا ڪرڻي هڪ تازه سحر.

هر رگِ نو ۾ اڃا نئون روح آهي ڦوڪڻو،
هر خمِ نو کي نئين انداز سان سينگارڻو.

هر گل و برگ و ثمر کي بخشڻي آهي بهار،
زعفران و احمر و زرد و ڪبود و ڪوڪنار.

عام ڪرڻو آهي دستورِ عروسِ نو بهار،
ڪرڻو آهي پتي پتي کي شناسائي بهار.

گلستان ۾ رسمِ دلداري اڃا معدوم آهه،
ذرو ذرو ڪيفِ اطمينان کان محروم آهه.

صحنِ گلشن ۾ اڃا آهن پيا هر سمت خار،
هوشيار، اي اهلِ گلشن! اهلِ گلشن، هوشيار!

بنده زر کي خطاب

بنده زر کي خطاب

او ستم ڪيش وسيه ڪار و لعين و بي ضمير!
بندئه قارون، پرستارِ زر و سيم، اي امير!

جي نه ٿين برهم ته توسان ڪا گهڙي ٿيان همڪلام،
آرزو هئي ڪيتري مدت کان دل ۾ صبح و شام.

مان مڃان ٿو، قيمتي گوهر کان تنهنجا ماهه و سال،
چند لمحن ۾ نه گهٽ ٿيندو سندءِ جاهه و جلال.

بس، اٿم جو دل ۾ سو هڪ مرتبو چوندس ضرور،
هڪ دفعو ٽوڙي ئي رهندس تنهنجي دنيا جو غرور.

اي ڪ تو کي ٿا چون دنيائي دولت جو خدا،
اي ڪ تنهنجي ذات يڪسر پيڪرِ حرص و هوا!

ٿيو غريبن لئه قيامت تنهنجي دنيا جو نظام،
صبحِ روشن کي بنائي تو ڇڏيو تاريڪ شام.

تنهنجي سيني ۾ دلِ نا محرمِ احساسِ درد،
دل نه پر پٿر چوان، جا برف جي مانند سرد.

ٿي اچي مون کي سندءِ گرفتار مان وحشت جي بُو،
ببڪسن جي خونِ ناحق سان تون آهين سرخرُو.

سايي ۾ تنهنجي هٿن جي، دفن ٿيا ڪئين بيگناهه،
تنهنجي پيرن ۾ هزارين ٿي ويون جانيون تباهه.

ڪيترين دلين تي ٿيا تنهنجي ستمرانيءَ جا داغ،
ڪيترين ئي جهوپڙين کي تو بنايو بي چراغ.

ٿا ڏڪن سينا ته بيوائن جا تنهنجي ساز سان،
ٿيون ڪنبن دليون يتيمن جون سندءِ آواز سان.

تنهنجي دولتخاني ۾ اڄ بزمِ عشرت ٿي، مگر،
ڏس غريبن ڏانهن، پيئن ٿا ڍڪ ڀري خونِ جگر.

ڇا، اهو انصاف جو مفهوم آهي تو اڳيان،
ڪو ٿئي خوش، ڪو رهي بيزار پنهنجيءَ جان کان.

هڪ طرف ٿي زندگي عيش و مسرت جو عمل،
ٻئي طرف محنت جي ڪثرت کان دماغن ۾ خلل.

هڪ طرف سيرِ چراغان، چنڊ ۽ تارن جو کيل،
ٻئي طرف ظلمتڪدي ۾ آهي بتي ۽ نه تيل.

هڪ طرف خواهش سان گڏ تڪميل جو پڻ ساٿ آ،
ٻئي طرف هر رات سان گڏ ڪو نه ڪو فٽپاٿ آ،

هڪ طرف بس خندئه پيهم، مذاق ۽ دل لڳي،
ٻئي طرف مزگانِ چشمِ تر ۾ اَشڪن جي نمي.

هڪ طرف شب روز آهي زيست سان وابستگي،
ٻئي طرف دست و گريبان، رازِ موت و زندگي.

هڪ طرف عيش فراوان باعث ناموس و ننگ،
ٻئي طرف عنوان مجبوري بنيو چهري جو رنگ.

هڪ طرف رخسار و لب تي سرخيءِ حسن و شباب،
ٻئي طرف ٿيو زرد چهرو، ناتوانيءَ جو عذاب.

هڪ طرف ٿيون زياده خوريءَ کان اچن اوٻاسيون،
ٻئي طرف نانِ شبينه لئه سوين دشواريون.

هڪ طرف زيبِ بدن آهن حرير و ڪيمخواب،
ٻئي طرف دامن جي چتين جو نه آهي ڪو حساب.

اي رئيسِ قوم، ڇا پهلو ۾ تنهنجي دل نه آهي؟
۽ اگر آهي، ته ڇا سا رحم جي قائل نه آهي؟

اي غلامِ مال و دولت، اي امير تند-خو،
چور وانگيان ڇو ٿو چوسين تون عريبن جو لهو؟

آه، هي مزدور، هي عسرت زده، ناشاد ڪام،
جنهن جي دم سان آهي قائم اهل دولت جو نظام،

جنهن جي محنت ساڻ باقي سطوتِ سرمايه دار،
خون سان پنهنجي بنائي ٿو جو ڪشتِ روزگار،

جو حقيقت ۾ ٿيو روحِ روانِ زندگي،
جنهن جي دم سان زندگي، شايانِ شان زندگي،

جنهن جي محنت سان ٿيو قائم تنهنجو هي جاه و جلال،
حيف آهي، تنهن جون تون بنجين نٿو پُرسانِ حال!

آه خالي ڪين ويندي هاڻ هن جي زينهار،
ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن رنگ آڻيندي غريبن جي پڪار،

ظلم جنهن تي اڄ ڪرين ٿو، بيگناهه و بيقصور،
تنهن جي آهه سرد ٽوڙيندي سندءِ قصرِ غرور.

تو ڏٺو ئي ناهي هڪ مفلس جو جوشِ انتقام،
هي ڪندو اونڌو سندءِ سرمايه داريءَ جو نظام.

“تا ڪجا جور و ستم، اين ڪبر و نخوت تا ڪجا،
تا ڪجا اين ڪجڪلاهي، اين رعونت تا ڪجا!”

انت اوندهه

انت اوندهه

انت اوندهه،
سوجهري جو ڪوئي ڪرڻو ڪنهن هنڌان ڏسجي نٿو.
ٿڌا ايڏي سخت، توبهه،
پهرئين ئي پهر پارو پيو پوي!
سيءُ سنڌن کي سڪائي، لِڱ ڇڏي جو ساٽيو،
پير هٿ پٿر جيان ڄميو پون،
ساهه سان ڄڻ برف پئي ڦڦڙن اندر سِيرون ڪري!
اهڙي حالت ۾ ڀلا،
ڪير ٿو ٻاري ڏيئا؟
۽ وري ڪنهن کي سجهي ٿو گهر جي درين ۽ درن کي بند ڪرڻ؟
بُتَ رڦن پيا، ڄاڙيون کڙڪن پيون،
ڪير ٿو ويهي ڪچهريءَ ۾ کِلي، ڳالهيون ڪري؟
ايڏي اونهه، ايڏي ٿڌ!
اڳ ته اهڙي رات ڪڏهين ڪا نه آئي
سڀ سويري ئي وڃي سَوڙين اندر آهن پيا!
ٻارڙا سوڙين منجهان گهونگهٽ ڪڍي، اکين کي مچڪائي، پيا گهُورين اوندهه جو اگهُور
جنهن ۾ ڪو ئي سج ناهي،
جنهن ۾ ڪوئي چنڊ ناهي،
جنهن ۾ ڪو تارو به چمڪي ڪو نه ٿو،
ذهن جي تاريڪ پڙدن تي فقط چمڪن پيا اوندهه جا ڪارا ترورا.
--------------
ڳوٺ کان ٻاهر، وڏي ميدان تي،
شاهِي ڪو آڙاهه پيو ڀڙڪا ڪري،
جنهن جون لاٽون اُڀ تائين ٿيون پُڄن،
ٿڙڪندڙ شعلن جي دهشتناڪ پاڇولن وچان،
بيرحم ٽهڪن ۽ وحشتناڪ واڪن، هوڪرن سان،
سارو ئي ماحول ڪَچڙي گاهه جيان لرزي پيو،
ناچ شيتاني هلي پيو شام کان.

چو طرف آڙاهه جي،
ڪئين سوين شيطان هنبوڇيون هڻن پيا
ڌڙ سڀن جا ساڳيا ماڻهن جيها،
پر مُنڍيون تن تي مِرُن جون، مختلف

ڪي بگهڙ، ڪي ڀولڙا، ڪي رڇ ۽ سوئر پيا ڏيکارجن،
ڪي وڇون، ڪي نانگ ڪارا، ڪي ڳجهن جهڙا لڳن،
پڇَ لوڏي، ڏندَ ٽيڙي،
کِل کيچل سان، وڏا واڪا ڪري،
باهه ۾ هڪ هڪ ڪري وجهندا وڃن،
سڀ اهو سامان، جيڪو ڀاڳين جي ننڊ هوندي،
شهر جي کليل گهرن مان گڏ ڪري آندو اٿن.

ڳوٺ جي هڪڙيءَ پراهينءَ ڪنڊ ۾،
جهونپڙيءَ ۾ ليٽيل ٻن ٻارڙن، رلين جي هيٺان ٿڙڪندي سُس ڦُس ڪئي
“شاهه سائينءَ جو رسالو مون رکيو آهي لڪائي، پنهنجي ڇاتيءَ سان لڳائي.”
“مُور تي مُهَين جي نچڻيءَ واري آهي مون به سوگهي ڪٿي لڪائي، پنهنجي ڇاتيءَ سان لڳائي”.
“بس ته پوءِ ماٺ ڪر، شيطان ٻڌندا”.
“هائو، جيسين سج اُڀري!”

ڪاغذ جو گل

ڪاغذ جو گل

ختم ٿي ويا رنگ و بُو جا مشغلا،
ويا وڌي ضبطِ فغان جا مسئلا،
باغبان ڏيکاريو ڏاڍو ڪمال،
پر اڃا رهجي ويو هڪڙو سوال،
تون به، اي قدرت جا قائل، ڪجهه ته کُل،
ڀونئر ڪيئن سونگهي ڀلا ڪاغذ جو گل؟

اچي، جيڪو اچي

اچي، جيڪو اچي

سچ جو مچ متل آهي، اچي جيڪو اچي،
دونهين دردن جي دُکيل آهي، اچي جيڪو اچي.

رنگ ٽانڊن جو اماڙين جو، الن ڀڀڙن جو،
رنگ ئي رنگ رتل آهي اچي جيڪو اچي.
ايڏي ٿڌ جو سڄو ماحول ڄمي ويو آهي،
هڪڙو ڀنڀٽ ئي بچيل آهي، اچي جيڪو اچي.

ڄرَ ۾ ڄاڻ جا آڙاهه ٿا ڀڙڪن، ٽڙڪن،
باهه ۾ بخت ڀريل آهي، اچي جيڪو اچي.

هڪڙي پاسي کان ازل، ٻئي کان ابد جو عالم،
وچ تي بيٺو اجل آهي، اچي جيڪو اچي.

واٽ واسينگ بني، لاٽ مان اَجگر اُپڙن،
هي ته ڪو ڪاڪ محل آهي، اچي جيڪو اچي.

مچ تي ميڙ ڪرڻ وارو ته ٻيو ڪو ڪونهي،
حيدري آهي سچل آهي، اچي جيڪو اچي.

عاشق هليا اکين سان

عاشق هليا اکين سان

عاشق هليا اکين سان، ٿي نينهن جا نمازي،
لوچي لڌئون لبن سان، دلبر جو در درازي.

چائنٺ جنين بچائي، سُرڪي مِليَن سوائي،
تيزيءَ ڪين توائي، ملان رهيو نه قاضي.

اکپور ۾ الستي، اهڙي نه ڪائي سستي،
مستيءَ جو مٽ نه هستي، هاري ڇڏيئون حجازي.

جي پاڻ سان مخاطب، ٿيندا نه طُور طالب،
عبرت عجب عجائب، ديدار دم درازي.

جانب جي جاءِ جاتي، ٿي روح راءِ تاتي،
رڪيا الائي اتي، محبوب سڀ مجازي.

مُلان مِٺي مِٽائي، قاضي جي ڪُٽ ڪمائي،
چوکي چَکي ڪڙائي، ڪافر کڻي ويو بازي.

جن من ڪيو مٿيري، آيا اهي اُويري،
ويو وقت راڳ ڦيري، هيءَ ڳالهه آهي تازي.

“شمشير” يار پنهنجو، ڏس ٿي ويو سو ڪنهن جو،
ڪونهي قصور تنهن جو، دردن ڪيو درازي.

1973ع واري ٻوڏ

1973ع واري ٻوڏ

سنڌ جو سيلاب يا ڌرتيءَ جو سُور؟
پيو تڪي تاريخ کي سنڌوءَ جو پُور.

ڪا نئين تدبير ٿي آهي ضرور،
ويو وڻي تقدير کي پنهنجو ڪلور.

ڏيهه تي ايڏو ڏمر ڪهڙو قصور،
مڇريل مهراڻ جي موجن ۾ گهور.

وقت جي درياهه سان ڪهڙو غرور،
هر هچا سان ٿيڙ کائي ٿو شعور.

دور نئينءَ تعمير جو آهي نه دور،
اي ميان “شمشمير” ڇو آهين ملور.



____________________________________________
(پهرئين مئي 1973ع تي ريڊيو پاڪستان ڪراچي پاران ٻوڏ بابت ڪرايل مشاعري لاءِ، ٻيا شاعر: سنڌي علي محمد مجروح ۽ اياز قادري، اردو: حمايت علي شاعر، جميل الدين عالي ۽ صهبا اختر، ٻيهر حيدرآباد ريڊئي پاران ڪرايل مشاعري ۾ پڙهيو ويو)
روزاني “جاڳو” ڪراچي ۾ ڇپيو: جولاءِ 1992ع

غزل

---

ڪهڙا ڪهڙا ڪيئي نشانا،

ڪهڙا ڪهڙا ڪيئي نشانا،
هاءِ زمانا، هاءِ زمانا!

پيار ڪيو جن، يار ڏٺو جن،
سي ئي سڏجن ٿا ديوانا.

دل جي درد جو هڪڙو حيلو،
موت جي لاءِ ڪيئي بهانا.

مون ته ڪيو هو سڪ جو سودو،
گوءِ کڻي ويا مال خزانا.

ڪير ٻڌي “شمشيرا” جون ڳالهيون،
هڪڙي دل ۽ سئو افسانا

ساز فرقت تي بقدر ضرب غم ڳائي ٿي دل،

ساز فرقت تي بقدر ضرب غم ڳائي ٿي دل،
يعني يادِ عشرتِ ماضي کي دهرائي ٿي دل.

بعدِ مدت اعتبارِ ضبط بدلائي ٿي دل،
اڄ وري هُن شوخ جي محفل ۾ پهچائي ٿي دل.

ديده خاموش کان طرز ادا پائي ٿي دل،
خلوتِ تخئيل کي محفل ۾ بدلائي ٿي دل.

هاءِ هي عنوانِ الفت، هڪ ڪري ۽ ٻيو ڀري،
دل کي تڙپائي ٿو هو ۽ مون کي تڙپائي ٿي دل!

اي وڃڻ وارا، ڏسي وڃ هي عروسِ زندگي،
آرزو کي حسرتن جو تاج پهرائي ٿي دل.

هو به ڇا هوندو شريڪِ فتنهاي آسمان؟
“دل کي سمجهايان ٿو مان، ۽ مون کي سمجهائي ٿي دل.”

سانجهه

سانجهه

آڌيءَ مانجهيءَ، سنجهه سنواري،
رڙهندو رهجئين پير وڌاري.

ڪنهن کي ڪنهن تي ناهي ڀروسو،
هرڪو پنهنجي تند تنواري.

رهبر ئي خود رهزن آهي،
هردم هلجئين هوش سنڀاري.

منزل کان ڪجهه اڳتي وڌي وڃ،
هر هر ڪو پويان ٿو پڪاري.

دنيا جي اکين ۾ ڏسان ٿو،
دنيا ڪنهن کي پيئي نهاري.

وصل جو لقمو ڪوسو آهي،
وات ۾ وجهجئين ڦُوڪي ٺاري.

عشق زوراور آهي ازل کان،
ڪنهن کي ٻوڙي، ڪنهن کي تاري.

تنهن ڏينهن ڪو رستي ۾ بيهاري،
دل کي ڦري ويو اک ڏيکاري.

دل نه ڀُلائي، سچ ئي هوندو،
ڪجهه ته چيو هو تنهنجي اشاري.

پيئڻو ئي پوندو اڄ توکي،
روز وڃين ٿو ڳالهه کي ٽاري.

شعر پڙهي “شمشير” هي تنهنجا،
ياد ڪندو هُو توکي وساري.

پيئڻ جا بهانا، پيارڻ جون ڳالهيون،

پيئڻ جا بهانا، پيارڻ جون ڳالهيون،
جئين شال! ڪَرِ ڪي جيارڻ جون ڳالهيون.

هليا، تيستائين دليون آزمايون،
اکين کي ڪرڻ ڏي نهارڻ جون ڳالهيون.

ارادن کي ملندو عمل جو سهارو،
چڱيون ٿينديون گڏجي گذارڻ جون ڳالهيون.

متان ياد ۾ ئي نه گم ٿي وڃين تون،
اِهي ئي ته آهن وسارڻ جون ڳالهيون!

هڪل سان ته پهتا هُئا يار پنهنجا،
وري ويا ڪري آگ ٺارڻ جون ڳالهيون.

گلستان ئي شايد جلائي ڇڏيندا،
وڌي وييون ٻُوٽن کي ٻارڻ جون ڳالهيون.

ڪٿي آهي “شمشير”، جو چنگ چوري،
زمانو ته ڀلجي ويو “چارڻ” جون ڳالهيون.

پيار پروڙڻ جي گت ڏيئي،

پيار پروڙڻ جي گت ڏيئي،
وِرهه وڏي همراهي ڪيئي.

لوڀ مٿي ئي اُپجن اُسرن،
جڳ جا ناتا نينهن مڙيئي.

تون ئي ته منهنجي منزل ناهين؟
اکيون ڳولن ٿيون توکي ئي.

پنهنجيءَ دل تي هٿ رکجانءِ،
جڏهن منهنجي ياد اچيئي!

مستيءَ جو ڇا محشر ٿيندو،
عمر ته پوري ٿي پيئندي ئي.

فڪر ۽ نغما ماٺ مري ويا،
ڪم ۽ چم وڪجن پيا ٻيئي.

سک سمهڻ “شمشمير” ڪٿي اڄ،
ڏک جي ڏائڻ جاڳي پيئي!

ياد ڪيا دل پنهنجا يار،

ياد ڪيا دل پنهنجا يار،
ڇُلڪي پيا نيڻن جا نارَ.

پاپن جي پاڇن ۾ پلجن،
اهڙا پڻ آهن ڪي پيار.

پيار ته نعمت آهي، سائين،
ماري ڇڏيو پيٽَ پيار.

جنت جون ويرانيون، توبهه!
هِت هر ڪنهن جو دوزخ ڌار.

ڇرڪ ڀري ٿو انڌ جو گهوڙو،
ڄاڻ جهُريا منهن ڀر هسوار.

مُلان، هاڻ ته وڦلين ويٺو،
ٿوري پيئندو ڪر، ڀوتار!

تنهنجا اي “شمشير” هي نغما،
ڄڻ ته ڇڄي پيئي ڪا تار.

اڄ منهنجي اڱڻ منهنجا محبوب اچن شايد،

اڄ منهنجي اڱڻ منهنجا محبوب اچن شايد،
ورهين جي وڇوڙن جا سڀ سور لهن شايد.

ماحول جي مستيءَ ۾ مُرڪن سان مليون سُرڪيون،
روحن جا اِهي ريلا چانڊاڻ گهُرن شايد.

هڪ وار ته دل کولي هر ڳالهه چئي ڇڏبي،
انصاف جي اکين مان ڳوڙها به ڳڙن شايد.

خالي به ڪريو جلدي انصاف جي مسند کي،
مظلوم اچي پهتا، حقدار هجن شايد.

ڌرتيءَ جو دلاور اڄ تارن تي سوار آهي،
انسان جي عظمت جا اعلان ٿين شايد.

ابليس کي چئي ڇڏيو، سجدي جي تياري ڪر،
دنيا تي “اناالحق” جا اسرار کُلن شايد.

سُوريءَ تي سڏڻ وارا! هڪ ڳالهه ته سوچي ڇڏ،
مقتل ۾ اچڻ وارا منصور هجن شايد.

بلبل جي بيانن تي برهم نه ٿيڻ گهرجي،
آئينده بهاريءَ جا پيغام هجن شايد.

“شمشير” کي سڏ ڪريو، “شمشير” ڪٿي آهي؟
محفل کي مچائيندو اُن جو ئي سخن شايد.

راهبر ڀلجي ويا، اهل نظر ڀلجي ويا،

راهبر ڀلجي ويا، اهل نظر ڀلجي ويا،
شوقِ منزل ۾ سڀئي ڪار سفر ڀلجي ويا.

ڪنهن جي ڳولا ۾ هُئا نڪتا سڏائي هوشمند،
واٽ جي وڻڪار ۾ پنهنجي خبر ڀلجي ويا.

رات جو سوچي سُتا منزل تي پهچڻ جا مزا،
صبح ٿيو، همراهه منزل جو ثمر ڀلجي ويا.

رات جو پويون پهر، ۽ صبح جو پهريون پهر:
ٻن گهڙين جي فرق ۾ ڪو تهه نظر ڀلجي ويا.

مان پڪاريندو رهيس منزل جي هر هڪ موڙ تان،
رهبرن سڀ ڪجهه ٻڌو هوندو، مگر ڀلجي ويا.

هاءِ، تن گلڙن جي محروميءَ تي ڪو روئي سگهي،
جن جا مالهي باغبانيءَ جو هنر ڀلجي ويا.

جن گُهري ورتي هئي دل، ياد جو تحفو ڪري،
سي به اڄ “شمشير” جي خاطر خبر بلجي ويا.

مٽيءَ تي موتين جي ورکا:

مٽيءَ تي موتين جي ورکا:
نيڻن جي ناداني، توبهه!

آئيني کان پيا شرمايو؟
ايڏي بي ايماني، توبهه!

دل جي خاطر دم ڏيئي ويو:
مفلس جي قرباني، توبهه!

ساغر تائين جهڪندي ويئي،
واعظ جي پيشاني، توبهه!

ڪوئي ناهي دل جو ضامن:
سهڻن جي سلطاني، توبهه!

وري حسن عريان سرِبام آيو،

وري حسن عريان سرِبام آيو،
وري عشق وارن تي الزام آيو.

وري تختهءِ دار سينگارجي ٿو،
وري دورِ تجديدِ پيغام آيو.

هليون جنهن گهڙي سيرِ گلشن جون ڳالهيون،
نظر هر روش تي نئون دام آيو.

مون سمجهي حڪايت گل و باغبان جي،
نظامِ گلستان ئي ناڪام آيو.

ڏسي گل جي حالت اکين لڙڪ لاڙيا،
ڪَليءَ مسڪرايو ته آرام آيو.

تون گهُر خير پنهنجو ئي، اي واعظِ دين،
اسان جو ته نالو ئي بدنام آيو.

سڄو ميڪدو آهي “شمشير” تنهنجو،
اسان وٽ ته الله جو نام آيو.

ڪٿان ٿي وري آئي منهنجي نظر،

ڪٿان ٿي وري آئي منهنجي نظر،
اڃا مسڪرائي ٿي راهِ گذر!

انڌيرا مسرت کان جهومن پيا،
ڪٿي قيد آهي عروسِ سحر.

ڪٿي امتيازِ بهار و خزان،
چمن ۾ رهيو ناهي ڪو ديده ور.

اي مظلوم روحو، مبارڪ هجي،
اجهو ڄاڻ بدلي فضائي دهر!

هي دنيا ته تنهنجي هٿن مان وئي،
خدايا، جو ڪرڻو اٿيئي سو ڪر.

اڃا هُن کي آهي غرورِ جفا،
اڃا ترس، اي عشقِ آشفته سر!

شب و روز “شمشير” ڳرندو وڃين،
لڳي وئي زماني جي توکي نظر.

فقط اِشاري ڇڏيو ته وهوا وا!

فقط اِشاري ڇڏيو ته وهوا وا!
مئا جياري ڇڏيو ته وهوا وا!

اسين اوهان جي اکين ۾ آهيون،
وري نهاري ڇڏيو ته وهوا وا!

اوهين ته وسرڻ جا ڪين آهيو،
اوهين وساري ڇڏيو ته وهوا وا!

نظر جا قيدي اڳي ئي آهيون،
اڃا به ماري ڇڏيو ته وهوا وا!

اوهان جي هٿ ۾ به زهر هوندو،
مگر پياري ڇڏيو ته وهوا وا!

اسان جي حسرت، اوهان جي مرضي:
ائين ئي ٽاري ڇڏيو ته وهوا وا!

هي آب اکين جو آب آهي،
اکين ۾ واري ڇڏيو ته وهوا وا!

نئين لهر بي پناهه آهي،
بحر بيهاري ڇڏيو ته وهوا وا!

گُهري ٿو “شمشير” حق جيڻ جو،
انهيءَ کي ماري ڇڏيو ته وهوا وا!

اسين حال هيڻا، اوهان جي خدائي-وڏي ڳالهه آهي،

اسين حال هيڻا، اوهان جي خدائي-وڏي ڳالهه آهي،
هلي پئي اڃا زندگيءَ جي لڙائي-وڏي ڳالهه آهي.

انڌيرن ۾ پلجي پئي روشنائي-وڏي ڳالهه آهي،
اڃا وقت کي پيئي ڳولي سچائي-وڏي ڳالهه آهي.

اوهين حسن تي پنهنجي نظرن جا پهرا اڃا تيز ڪريو،
ڪريون پيا اسين عشق جي رهنمائي-وڏي ڳالهه آهي.

اسان عشق وارن جا ارواح آزاد آهن ازل کان،
ابد تائين آهي اسان جي رسائي-وڏي ڳالهه آهي.

زماني جا منصور آهيون اسين، خوب مشهور آهيون،
اسان سُورين تي نه گردن جهڪائي-وڏي ڳالهه آهي.

اتي ئي هئي منهنجي خوابن جي جنت، ستارن جي ڌرتي،
وڌي ويئي عرشِ برين جي اُچائي-وڏي ڳالهه آهي.

نگاهون کڻي داد جي لاءِ مُرڪڻ جي ڪهڙي ضرورت،
اوهين آهيو سهڻا، اوهان جي اِهائي وڏي ڳالهه آهي!

لٿا عرش تي زندگيءَ جا سفينا،

لٿا عرش تي زندگيءَ جا سفينا،
بدلجي ويا بندگيءَ جا قرينا.

بنايون پيا روشنيءَ جا مدينا،
ڪٿي آهي موسيٰ، ڪٿي طور سينا.

نه اُلجهو، اسان عاشقن سان نه اُلجهو،
لتاڙي ڇڏياسين ستارن جا سينا.

ورائن پيا وقت کي هوش وارا،
گذاري وٺو مستين جا مهينا.

نظارن جي بيتاب خاموشين ۾،
پگهرجي پيا نُور جا آبگينا.

کُلي پيئي اڳرائين جي حقيقت،
لڪي ڇا ڪندا هاڻ سهڻن جا سينا!

مزدور جي محنت نظرانداز نه آهي،

مزدور جي محنت نظرانداز نه آهي،
جمهوريت جو آهنگ بي آواز نه آهي.

شب روز نئين دور جي تعمير ڪريون ٿا،
ڄاڻي ٿو زمانو به، اِهو راز نه آهي.

ڪنهن طرح اسين ظلم جا قائل نه ٿياسين،
زنجير کان وڌ پنهنجو ڪو دمساز نه آهي.

انصاف جي آئين جي فتوا ٿو ٻڌايان،
زردار کان زياده ڪو دغاباز نه آهي.

هرهر ٿيون اچن وقت جي سوريءَ جون صدائون،
افسوس، “اناالحق، جو آواز نه آهي.

غدار پيا سنڌ جي سودي کي چُڪائن،
صد حيف، ڪو “هو شوءَ” جِهو جانباز نه آهي.

درٻار جي فنڪار کي ماحول ۾ آڻيو،
فن ڇا هي، جي حالات جو غماز نه آهي؟

تون چئُه ته اِها حق جي حمايت به غلط هئي،
سچ آهي ته “شمشير” سخن ساز نه آهي.

چمن ۾ ڪنهن جو هي ڏسجي ٿو انتظار اڃا،

چمن ۾ ڪنهن جو هي ڏسجي ٿو انتظار اڃا،
حياتِ لاله و گل آهي اشڪبار اڃا.

نه آيو آهي خزان جو ئي اعتبار اڃا،
چمن ڀلي رهي بيگانهءِ بهار اڃا.

هزار بار ته ثابت ٿيو سراب، مگر،
اهي اسين، اهو منزل جو اعتبار اڃا.

خيال دنيا جو آهي، نه خوف رسوائي،
دل آهي حسن تمنا جي پاسدار اڃا.

خيال توبهه جو مون کي به آهي، اي ناصح،
ڪرڻ ڏي مون کي گناهن کي بيشمار اڃا.

نيازِ عشق ۾، شوقِ طلب ۾ آهي ڪمي،
نياز و شوق سان، اي دل، ذرا پڪار اڃا.

ڪڏهن جو خواب ۾ آيو، ويو، پر هاءِ ڙي عشق،
مٺن سرن ۾ وڄائي ٿو ڪو ستار اڃا.

هي ڪنهن جو نقشِ وفا آهي جاذبِ فطرت،
جهڪي ٿو جنهن تي، اي ‘شمشير’ روزگار اڃا.

بعد از فنا، بقا جي سهارن کي ڇا ڪجي؟

بعد از فنا، بقا جي سهارن کي ڇا ڪجي؟
طوفان ويو لنگهي، ته ڪنارن کي ڇا ڪجي؟

ويو خرمن حيات ته ٿي نذرِ انقلاب،
تون ئي ٻڌاءِ، مست بهارن کي ڇا ڪجي؟

اڄ زندگي سهارو بني آهي موت جو،
پامال آرزو جي سهارن کي ڇا ڪجي؟

بيمار غم ڏسي ۽ سرِ راهه ويا ڇڏي،
قسمت جو ڏوهه، قافلي وارن کي ڇا ڪجي؟

هر هر ٿئي ٿو واعدهءِ فردا تي اعتبار،
تنهنجي نظر جي مست اشارن کي ڇا ڪجي؟

لازم ته آهي، تو کي وساري ڇڏيان، صنم،
پر هاءِ شوخ و شنگ ستارن کي ڇا ڪجي؟

‘شمشير’، ڪنهن طرح نه ميسر ٿيو سُڪون،
دنيا جي تنگ و تار نظارن کي ڇا ڪڇي؟

طوفان جي درميان نه ڪنارن جي ڳالهه ڪر،

طوفان جي درميان نه ڪنارن جي ڳالهه ڪر،
مون سان نه زندگيءَ جي سهارن جي ڳالهه ڪر،

آهن هي پسند مون کي خزان جون نوازشون،
اي همنشين، نه مون سان بهارن جي ڳالهه ڪر.
آئي نه راس مهر و محبت جي زندگي،
ڇا ٿي پيو، تون چنڊ ۽ تارن جي ڳالهه ڪر.

اي دوست، منهنجي تشنگيءَ ديد کي ته ڏس،
دامن ڪشِ نگاهه نگارن جي ڳالهه ڪر.

منهنجي اڳيان گلن جي وفا جو نه ڪر بيان،
ها، بر سبيل تذڪره خارن جي ڳالهه ڪر.

ميخانهءِ جهان ۾ لُٽائي شرابِ زيست،
اي دوست، زندگيءَ جي بهارن جي ڳالهه ڪر.

خامُشي ۾ ٿي نهان طرزِ ادائي، جاني،

خامُشي ۾ ٿي نهان طرزِ ادائي، جاني،
سازِ دل چاهي ٿو اڄ نغمه سرائي، جاني.

ڇا ٻڌايان اثرِ دردِ جدائي، جاني،
تون وئين، تنهنجي فقط ياد ئي آئي، جاني.

منهنجي دل تو تي جڏهن کان وٺي آئي، جاني،
تنهنجي تصوير ئي اکين ۾ سمائي، جاني.

شمعِ اُميد مون هر بار جلائي، جاني،
شبِ فرقت جي مگر سحر نه آئي، جاني.

تون وئين، دل وئي، تاريڪ ٿيو سارو جهان،
هاءِ، ڳوڙهن به نه ڪئي راهه نمائي، جاني.

شوقِ ديدار ۾ هر چشم تماشائي بني،
مون سرِ راهه نظر پنهنجي وڇائي، جاني.

دير هئي تنهنجي ئي بس چشم ڪرم جي شايد،
بدگمان بنجي وئي ساري خدائي، جاني.

داد ڏي مون کي سندم ذوقِ نظر جو پيارا،
مان ٿيس تنهنجو، فقط تنهنجو فدائي، جاني.

عيد آئي ته سهي بزمِ جهان ۾، ليڪن،
منهنجي دنيا ۾ فقط تِيرگي ڇائي، جاني.

عيد عاشق جي بجز ديد نه آهي هرگز،
ٿي وڃي اڄ ته ذرا جلوه نمائي، جاني.

تنهنجو ديوانو ڏيڻ عيد مبارڪ آيو،
تون ملائي ته اچي دست حنائي، جاني.

ترڪِ عشق، ۽ نه غم دوست تي قدرت دل کي،
اهڙي مجبوري به ‘شمشير’ تي آئي، جاني!

اي چاره گرو، ناحق پياريو نه دوا مون کي،

اي چاره گرو، ناحق پياريو نه دوا مون کي،
هن دردِ محبت کان ٿيندي نه شفا مون کي.

ناسور جدائيءَ جو مُندمل نه ڪڏهن ٿيندو،
هيءَ آهي ملي ڪنهن جي الفت ۾ سزا مون کي.

هن قيد جدائي کان ڪر هاڻ رها لله،
ڪنهن جرم جي آخر تون ڏين ٿو هي سزا مون کي.

آغازِ محبت ۾ اظهار تمنا ڇو؟
هي منهنجو قصور آهي، ڏي خوب سزا مون کي.

مون هُن جي جفا کي پڻ سمجهيو ٿي وفا اڪثر،
ڪجهه اهڙو ڏنو دوکو بس دستِ حنا مون کي.

هيءَ نزع جي عالم ۾ بيتابيءَ دل ڇا کان،
ڪنهن ياد ڪيو مون کي، ڪو ڏئي ٿو دعا مون کي.

اي خضر محبت، مان خود هن کي وڃي لهندس،
ڏيکار فقط هن جو نقشِ ڪفِ پا مون کي.

مان ڪشتيءَ الفت کي ساحل سان لڳائيندس،
روڪي ته ذرا ڏس، اي طوفانِ بلا، مون کي.

“شمشير”، جڏهن عزت و ذلت ٿي خدا جي هٿ،
ڇو ڪنهن سان شڪايت ٿئي، ڇو ڪنهن سان گلامون کي.

همنشين، پڇ نه حديثِ غمِ دوران مون کان،

همنشين، پڇ نه حديثِ غمِ دوران مون کان،
زندگي آهي بهرحال گريزان مون کان.

سي ئي تنگدستي ۾ بيگانا ويا ٿي، جن جي،
بزم هر لمحه رهي خرّم و شادان مون کان.

سي ڇا ٻُڏندا، جي توڪل جي تُرهي تي چڙهيا،
ڇا عجب، ٿي ويو مغلوب جي طوفان مون کان.

پاڪبازيءَ تي عبث ٿو رهي نادان مغرور،
مان ٻڌايان، ڪو ٻڌي شيخ جو ايمان مون کان.

چشمِ تر جي خونفشاني ڪيم پڇُ،

چشمِ تر جي خونفشاني ڪيم پڇُ،
دل جو مرگِ ناگهاني ڪيم پڇُ.

ڪيئن گذاري مون جواني، ڪيم پڇُ،
ڪيئن لُٽايم زندگاني، ڪيم پڇُ.

ننڍپڻ، پيري، جواني، ڪيم پڇُ،
ٽن ڏينهن جي زندگاني، ڪيم پڇُ.

چشمِ نم جي ترجماني ڪيم پڇُ،
بيزبانن جي زباني ڪيم پڇُ.

عشق ٿي ويو زندگيءَ ڀر نامرادُ،
حسن جي هيءَ ڪامراني ڪيم پڇُ.

آهي هڪ مهمانخانو هي جهان،
هي جي رسمِ ميهماني ڪيم پڇُ.

واديءَ پُرخار سمجهيم گلستان،
اُف، فريبِ دارِ فاني ڪيم پڇُ.

بربطِ دل آهي مدت کان خموش،
ڪيئن ٽٽو ساز جواني، ڪيم پڇُ.

هُن جي دل ۾ پيار آڻيندي ضرور،
منهنجي هيءَ ساده بياني ڪيم پڇُ.

ويو مري ‘شمشير’ محزون درد ۾،
هو چڱو، جنت مڪاني، ڪيم پڇُ.

سڄي رات سر گوشين ۾ گذاري،

سڄي رات سر گوشين ۾ گذاري،
صبح جو هلياسين ستارا سمهاري.

سڄي رات دل کي اکين ۾ ويهاري،
ڏٺوسين ٿو ڪئن حسن ماري جيئاري.

سڄي رات هليون گلابن جون ڳالهيون،
هئي ماڪ مُرڪن جي چپڙن ڪناري.

سڄي واٽ گُلرنگ، سڄي واٽ گُلبُو،
عجب هو بدن باغ هر هڪ نظاري.

زمانا لنگهي ويا، سُمڪ ئي نه پيئي،
اُتي ئي رهياسين اکين ۾ نهاري.

سڀئي پيار ساري سنڀاري کنياسين،
وري ڪير هُو پوئتي پيو پڪاري.

محبت جي ميلي ۾، ڪَلَ ئي نه پيئي،
ڪٿي يارَ آياسين دلڙي وساري.

الله، ڪجهه ته مون کي دعا ۾ اثر ملي،

الله، ڪجهه ته مون کي دعا ۾ اثر ملي،
دل درد آشنا ملي، ۽ چشم تر ملي.

لب تي رهي فغان ۽ جگر ۾ خلش رهي،
سرد آه، گرم آنسو ۽ دردِ جگر ملي.

پرواهه ناهي، لٽجي وڃي گر متاع دل،
ليڪن ڪڏهن هو مون کي سر رهگذر ملي.

وَللهَ، سو ڪري نه وري آرزوءِ جام،
جنهن جي نظر سان تنهنجي شرابي نظر ملي.

قسمت تي ان جي ڇو نه ڪري رشڪ آسمان،
تو جهڙو جنهن کي نازنين رشڪِ قمر ملي.

الله ري جامِ ديد جون سرشاريون، نديم،
ٿي ڄڻ شميمِ گل سان نسيمِ سحر ملي.

ڇا خاڪ سو جيئي، هُجي قسمت ۾ جنهن جي خاڪ،
سو ڇا ڪري، نه جنهن کي سندءِ سنگِ در ملي.

بي اختيار روئي ڏئي شبنم به درد کان،
گر منهنجي بيڪسيءَ جي چمن ۾ خبر ملي.

ڇا آهي، مان به سمجهي ويس وجهِ انقلاب،
منهنجي نظر کي جُلوهه شام و سحر ملي.

“شمشير” ان ۾ ئي ته محبت جو لطف آهه،
دل ساڻ دل ملي ۽ نظر سان نظر ملي.

چشم تر هردم رهي ٿي خونچڪان توکان سوا،

چشم تر هردم رهي ٿي خونچڪان توکان سوا،
زندگي بنجي وئي بار گران توکان سوا.

تون وئين دل مان ته لطف زندگاني ڇا رهيو،
بي مزه آهي بساطِ گلستان توکان سوا.

جي بهاري هئي ته تنهنجي دم سان، اي جانِ بهار،
فصلِ گُل اڄ آهي مانندِ خزان توکان سوا.

واسطو سوزِ تمنا جو وجهان ٿو، برقِ ناز،
آهي ويران منهنجي دل جو آشيان توکان سوا.

مون کي آهي پنهنجي دل جي بيقراريءَ جو قسم،
زندگي آهي عبث، اي جانِ جان توکان سوا.

اضطراب و درد و غم ۽ حسرت و ياس و الم،
سڀ مليو، اي جانِ بزمِ مهوشان، توکان سوا.

آهي اي “شمشير” هيءَ ذره نوازي عشق جي،
ناهي ڪو ٻيو شاعرِ رنگين بيان توکان سوا.

چشم تر مان سَيلِ اشڪ غم روان ٿيندو رهيو،

چشم تر مان سَيلِ اشڪ غم روان ٿيندو رهيو،
داستان درد بي پايان بيان ٿيندو رهيو.

عمر ساري هو رهيو آمادهه جور و ستم،
هر گهڙي منهنجي وفا جو امتحان ٿيندو رهيو.

بارها حرفِ تمنا لب تي ايندي رهجي ويو،
۽ سڪوتِ شوق دل جو ترجمان ٿيندو رهيو.

زندگي ساري ڪندو مون کان رهيو هو اجتناب،
۽ ڏسي مون کي پريشان، شاد مان ٿيندو رهيو.

لذتِ دردِ نهان جو ڇا پڇين ٿو، همنشين،
غم ويو دل مان ته احساسِ زيان ٿيندو رهيو.

چرخِ ڪجروَ جي ستم کان دل نه ڪيئن گهٻرائي ها،
هو شريڪِ فتنهاءِ آسمان ٿيندو رهيو.

ٿي سگهيو حاصل متاعِ دل نه جنهن کي، اي نديم،
روئڻ پڻ منهنجو سدا ان تي گران ٿيندو رهيو.

ٿو پڙهي “شمشير” تنهائيءَ ۾ هو تنهنجو غزل،
شوخ تنهنجو اِن قدر رنگِ بيان ٿيندو رهيو.

خواب ٿي ڄاتم جو همدم، سا حقيت ٿي وئي،

خواب ٿي ڄاتم جو همدم، سا حقيت ٿي وئي،
يعني مون کي هڪ ستمگر سان محبت ٿي وئي.

بيخبر هن راز کان جئن مان رهيس، تئين هو رهيو،
مون کي هُن سان ياڪِ هُن کي مون سان الفت ٿي وئي.

محفل اغيار ۾ مون سان ٿيو هو همڪلام،
نسبت خورشيد سان دُري جي عزت ٿي وئي.

باعثِ رسوائي ٿيو حد کان زياده احتياط،
ڪجهه نه هو ليڪن سڄيءَ دنيا ۾ شهرت ٿي وئي.

ڇا خبر گلشن ۾ اڄ آهي بهاري يا خزان،
اهلِ گلشن کان جدا ٿئي مون کي مدت ٿي وئي.

جادئه هستيءَ ۾ منزل آشنا مليو نه ڪو،
زندگي ساري سندم بس وقف ظلمت ٿي وئي.

بيوفا دنيا مان ڇا “شمشير” اميد وفا،
اهلِ دل سان گڏ وفا دنيا مان رخصت ٿي وئي.

ڪير ٻڌي ٿو دل جا ترارنا،

ڪير ٻڌي ٿو دل جا ترارنا،
هڪڙي تمنا، لک افسانا،

پنهنجي جيءَ جو هوش نه آهي،
ڇا جو ساقي، ڇا ميخانا.

ڪنهن جي ياد اچي ٿي دل ۾،
راحت جا لُٽجن ٿا خزانا.

هڪ ڏينهن پهچڻ آهي ضروري،
ڪوڙا ڇو ٿو ٺاهين بهانا.

ڪير نه ڪنهن جو ٿيندو آخر،
ڇا تي ڀُلجين ٿو ديوانا.

دنيا دوکو آهي مسلسل،
ساقي، ساغر، مئي، ميخانا.

دنيا ۾ جنت جون بهارون،
گذري ويا اهڙا به زمانا.

اي دل، اکيون نير وهائن،
ڳاءِ نه اڄ الفت جا ترانا.

ڇو “شمشير” اکين ۾ آنسو
ياد نه ڪر ماضيءَ جا فسانا.

سندءِ ياد کي ياد ڪريون پيا،

سندءِ ياد کي ياد ڪريون پيا،
نئون عشق ايجاد ڪريون پيا.

سُڪائي سڄو خون سيني اندر،
جگر پنهنجو فولاد ڪريون پيا.

اکين کي ڪري آرسيون پيا هلون،
نئين روز زوداد ڪريون پيا.

اڃا نيڻ تنهنجا نهاريون پيا،
اڃا شعر “ارشاد” ڪريون پيا.

ڀريون ٿا رڳو ساک سچ سونهن جي،
اِهو يار الحاد ڪريون پيا.

سڏي سونهن وارا ستمگر سڀئي،
بديڻن کي بغداد ڪريون پيا.

تون نه آئين ته سندءِ ياد ڇو آئي آهي،

تون نه آئين ته سندءِ ياد ڇو آئي آهي،
ڇا مان سمجهان ته سندم آس اَجائي آهي.

شام ٿيندي ئي دُکڻ ٿي لڳي دل جي دونهين،
مون صبح تائين سڙي رات وِهائي آهي.

مان ته منزل کان گهڻو اڳتي هليو ويو آهيان،
تو ڪٿي موٽ جي اڄ سين لڳائي آهي.

زندگي زهر ڪيم توکي وسارڻ خاطر،
ڪهڙي حالت مون عجب پنهنجي بنائي آهي.

نگاهُون اُلاري ڇڏيئي، ڇا ڪيئي،

نگاهُون اُلاري ڇڏيئي، ڇا ڪيئي،
اڙي يار ماري ڇڏيئي، ڇا ڪيئي.

اَلائي ته وڃڻو هو ڪهڙي طرف،
نِهاري بيهاري ڇڏيئي، ڇا ڪيئي.

اڃا چنڊ هو رات جي سِينڌِ ۾،
ته گيسُو سَنواري ڇڏيئي، ڇا ڪيئي.

وياسين لنگهي واپسيءَ جون حدون،
ته پويان پُڪاري ڇڏيئي، ڇا ڪيئي.

ٿو قسمت سان شمشير ڪنهن کي ملي،
اُنهيءَ کي وساري ڇڏيئي، ڇا ڪيئي.

مهملات

مهملات


گهڻي مدت کان پوءِ هُو نظر آيو ته ڇا آيو،
وري ڀرجي سندم زخمِ جگر آيو ته ڇا آيو.

اچڻ خاطر اچڻ وارو اچي ويندو اچڻ تائين،
نه آيو جو دمِ آخر، هينئر آيو ته ڇا آيو.

کپي ٿو زندگيءَ ۾ حوصلو مثلِ شرر همدم،
چمن ۾ گرچه پيغامِ سحر آيو ته ڇا آيو.

نواءِ دل کي ڪوههِ طور جي پاسي وٺي هلجي،
جي رستي ۾ ئي جلون جو گذر آيو ته ڇا آيو.

دليلِ گمرهي آهي تلاشِ راحتِ ساحل،
بهر موجِ روان ساحل نظر آيو ته ڇا آيو.

نه سمجهڻ ڀي ته هڪڙي سمجهه آهي بزمِ عُقلا ۾،
کڻي “شمشير” جي ڀُرڻو ڀتر آيو ته ڇا آيو.

ڪونه آئين وري

ڪونه آئين وري


مان ڪڏهن کان اُڀي آهيان کولي دري،
تون ته جئن وئين لنگهي، ڪونه آئين وري.

توکي اچڻو ئي ناهي، سو سمجهان به ٿي،
پر مڃي ٿي نٿي هاءِ هيءَ دل چري.

توکي خطڙا لکيم، توکي ماڻهو مُڪم،
ڪونه پڇيئي، جيئي ٿي يا ويئي مري.

تون جي مون کان رٺين، مان رٺيس پاڻ کان،
جي نه ايندين ته مان مفت وينديس مري.

کُلي جڏهن بيڌيانيءَ اندر ڌيان دري،

کُلي جڏهن بيڌيانيءَ اندر ڌيان دري،
نظر اچي وئي سب رنگ صورت ذري ذري

دل دريا ۾ ڪنهن جي ياد جو ڇڻيل پن،
ڪٿان الائي آيو ايڏو تار تري

ڪيئن الائي اڄ پويان ويو ڪنڌُ مُڙي،
گذريل راهون، مُرڪي پئيون وري وري.

پيار جو امرتُ ڪوسو آهي، ڪو سو پيءُ
ڏسندي ڏسندي ڪنهن دم ويندءِ يار ٺري.

ڪهڙا ڪهڙا ڪيئي نشانا،

ڪهڙا ڪهڙا ڪيئي نشانا،
هاءِ زمانا، هاءِ زمانا!

پيار ڪيو جن، يا ڏٺو جن،
سي ئي سڏجن ٿا ديوانا.

دل جي درد جو هڪڙو حيلو،
موت جي لاءِ ڪيئي بهانا.

مون ته ڪيو هو سِڪ جو سودو،
گوءِ کڻي ويا مال خزانا.

ڪير ٻڌي “شمشير” جون ڳالهيون،
هڪڙي دل ۽ سوءُ افسانا.

هن سان ڪهڙو ناتو ڀانيان، دل به نٿي سمجهائي

هن سان ڪهڙو ناتو ڀانيان، دل به نٿي سمجهائي
اڌمن جي ڪا ٻولي ڪانهي سِڪ نه ڪجهه ڳالهائي

دُوريءَ ۾ قربت ۽ قربت ۾ دُوري ڇا آهي،
قرب ته دل جو ويري آهي، ڪئن ڪو وک وڌائي.

چاهت هوندي صرف انا جي خاطر بيرخ رهجي،
پيار جي هيءَ تهذيب نئين ويو ٺاهي ڪير الائي.

عقل جي ايڏي رکواليءَ سان عشق عدم ٿي ويندو،
خود کي ڳولڻ لڳندي دنيا، دل جو درد وڃائي.

جهڙو سهڻو تهڙو سياڻو، اهڙو پيارو نيارو،
جوڙيندڙ خود موهت ٿي پيو هوندو کيس بنائي.

يار جي هڪ هڪ انگ ادا ۾ لک لک باغ بهاريون،
ڏات ۽ ڏانءُ هجن ته غزل “شمشير” به خوب ٻڌائي.

عشق جي آڳ نگاهن سان اُجهامي ۽ ٻري،

عشق جي آڳ نگاهن سان اُجهامي ۽ ٻري،
حُسن دل ۾ ئي رهِي ويٺو عجب کيڄَ ڪري.

ڪوئي آواز، ڪوئي رنگ يا صورت ڪائي،
راهه تقدير جي خوابن ۾ وڃي پيئي پري.

مون ته جنت به ڇڏي لحظي جي لذت ڪارڻ،
ڀلي دوزخ ڏي مگر اي خدا! سهڻن سان ڀري.

باهه سان آهي ازل کان ئي حياتيءَ جو وجود،
باهه سان کيڏ، مٺا، جيسين اِهو مچ ٺري.

هڪڙو ڀيرو ئي فقط آيو نظر هُو هڪڙو،
دل اڃا تائين انهيءَ پاسي وريو پيئي وري.

پياسو “شمشير” پهاڙن ۾ گهمي پيو تنها،
جيسين چمڪاٽ ڪري سج ۽ مٿان برف ڳري.

رهي منهنجي جبين باقي، نه تنهنجو آستان باقي،

رهي منهنجي جبين باقي، نه تنهنجو آستان باقي،
نه ڪجهه پردو رهي تنهنجي ۽ منهنجي درميان باقي.

خداءِ عشق جي الله ري بخشش، پسِ مرُدن،
زبانِ حسن تي اڄ ڀي آ منهنجو داستان باقي.

گذارڻ هجرِ جانان ۾ ٻه گهڙيون پڻ ٿيون مشڪل،
مبارڪ، خضر، توکي زندگيءَ جاودان باقي.

ڪريان سجدو ٿو ڪعبي ڏانهن، نهاري سُوءِ بتخانه،
ٿي اڄ پڻ ڪعبه ۽ دل ۾ رهي يادِ بتان باقي.

اجهو هو ڪاروان پوشيده ٿي ويو منهنجي نظرن کان،
اڃا دامن تي آهي گردِ راهِ ڪاروان باقي.

نه ڊيڄار اي فلڪ، آهيون اسين شوريده سر عاشق،
وٺي ڇا ڇا تون وٺندين دل جلن جو امتحان باقي.

خبر ڪر منهنجي چاره گر کي، اي بادِ صبا فوراً،
گهڙين ٻن چئن جو “شمشير” آهي ميهمان باقي.

علامه اقبال جي خودي

علامه اقبال جي خودي

خوديءَ جو راز چوان – لا اِلـﮣ الا الله
خوديءَ جو نام نشان - لا اِلـﮣ الا الله

هي دور پنهنجي براهيم کي پيو ڳولي،
وري بُتن کي ڀڃان - لا اِلـﮣ الا الله

هي نغمو ناهي گلن جي بهار جو پابند
چمن ۾ جِت به هجان - لا اِلـﮣ الا الله

ڏسان ٿو بت جماعتَ جي آستينن ۾،
ڏيان ٿو پو به اذان - لا اِلـﮣ الا الله

زندگيءَ کان ائين چڱا آهيون

زندگيءَ کان ائين چڱا آهيون
تنهنجي در تي مئا پيا آهيون.

موت کان پوءِ زندگي ملندي،
بس انهيءَ آسري لڳا آهيون.

موت مهلت ڏني حياتيءَ جي،
ان جا ٿورائتا وڏا آهيون.

زندگي موت جي امانت هئي،
يارَ، ڪيڏا ڏٺا ٿيا آهيون.

توکي چاهيوسين زندگيءَ خاطر،
تو نه چاهيو ته بي بقا آهيون.











سڄو ڏينهن کلندي، اڪاريون، سڄي رات روئندي گذاريون،
تنهنجي ياد ۾، ان رمز سان، پيا عشق پنهنجو اجاريون.

ڪڏهن ماهتاب جي مرڪ ۾، ڪڏهن گل گلاب جي سرڪ ۾،
جتي ڪا به صورت وئي وڻي، پيا تنهنجا نيڻ نهاريون.

رڳو تنهنجا پور پچاريون، ائين پنهنجو پاڻ سواريون
اهي عادتون نه ويون اڃان، جيڪي تو ڪڏهن هيون کاريون.

اهي قربتون، اهي فاصلا، اهي دل جا دل سان معاملا،
ويون هڪ نگاهه ۾ طي ڪري، تنهنجون اکڙيون لال ڪنواريون.

نقشِ اقبال

نقشِ اقبال
(علامه اقبال جي انداز تي)

ذرا سنڀالي ٻڌو اي دل وارؤ، مان ٻڌايان ٿو سو فسانو،
ٻڌڻ سان جنهن جي لڳي ٿو يڪلخت دل تي عبرت جو نازيانو.

جو هو اوهان وٽ وڃائي ويٺا، وڃائي ويٺا سو اڄ ملي ويو،
جو هو نه آهي، جو آهي هوندو نه ڪنهن زماني ۾ سو زمانو.

ٿپ پنهنجي قيمت وڃائي قطرو بحر کان ٻاهر، او فردِ واحد،
اهو ئي روح چمن ٿو بنجي، جو خاڪ ۾ خاڪ ٿي ويو دانو.

فضاءِ آزاد ۾ به اڄڪلهه نه آهي ڪو گوشهءِ فراغت،
عجب جهان هي جهان آهي، نه جو قفس ۽ نه آشيانو.

جهانِ محشر ته آهي دنيا جي واديءِ رنگ و بو، اي نادان،
فريبِ منزل کان باخبر ٿي، قريب تر آهي آستانو.

خدا ئي بهتر ٿو ڄاڻي ليڪن سمجهه ۾ هن طرح آيو مون کي،
تلاشِ ره ۾ خراب آهي هي انجمن سازي جو زمانو.

فريبِ عقل و خرد ۾ اُلجهي، خودي کي آخر وڃائي ويٺين،
خودي ۾ ئي گم خدائي آهي، تلاش ڪر گم شده خزانو.

جهانِ افرنگ ائٽمي قوتن تي بيشڪ رکي ڀروسو،
فضاءِ افلاڪ کي اي مومن، قريب تر تنهنجو آشيانو.

فرنگي ميخاني جا پڄاري، نظم ۾ تنهنجي ئي آهي رقصان،
سو آبِ لاله گون، قطري قطري ۾ جنهن جي قائم شرابخانو.

هي ظلم سرمايه داري جو اي خداءِ عادل، ڪڏهن ته ويندو،
نهايت ئي تلخ و درد انگيز آهي مزدور جو فسانو.

سخنوريءَ تي نه آهي “شمشير” دسترس ڪجهه، قسم خدا جو،
نه آهي ذوقِ سخن ميسر، نه منهنجو انداز شاعرانو.

ڏوهيڙو

ڏوهيڙو
فلم “بيزبان” جو گيت (سرائڪي)

عرش اُڏاران ڪَرڪَر ٿَڪيان، درد وندي ديان دانهان،
صاحب ساري جڳ دا وڃ ڪي، سُتا ڪِٿ پَرانهان،
چل وي جِندڙي، آخر مِلسن، ڪيچ شهر ديان راهان.

اسان ملڪ وفا دي پانڌي وي
ڀري چائي هي سِر تي ڏُکان دي وي.
اسان راهه مسافِر بيخبري،
پُونجي پيار دي لُٽ ڳئي بيقدري،
ويندي ڇوڙ دنيا ظلمان دي وي....

اي جڳ ڪوڙا، ڪوڙي جڳ والي،
سڀ زور ظلم دي رکوالي،
اِٿان جاءَ نهين سَچيان دي وي

اسان ڏوهه ڪِيتا ها جيوَڻ دا،
مِليا زهر تڏان غم پيوَڻ دا،
ٿيوي ڪوئي نه ساڏا ڪانڌي وي..

جنم جنم کان

جنم جنم کان

جنم جنم کان هن جيوَن ۾ جيڪي چِنڊ چڙهيا آهن،
روپ اِهي سڀ تنهنجا آهن.....

روپ وفا جو، روپ جفا جو، روپ محبت ۽ نفرت جو،
پنهنجيءَ پنهنجيءَ قسمت آهر، ڪي وِرسيا ڪي وڇڙيا آهن
روپ اِهي سڀ تنهنجا آهن....

جيئن ڪنول تي ڀونئر ڀري ٿو، تيئن مان تنهنجي مکڙي تي،
آڪاس ۽ پاتال جي وچ ۾ ڪيڏا گل ٽڙيا آهن
روپ اِهي سڀ تنهنجا آهن....

ساز ۾ جئن آواز رهي ٿو، گل ۾ جئن سرهاڻ رهي،
گيت ۾ تئن من-ميت ٿو مُرڪي، موتي مون نه مڙهيا آهن
روپ اِهي سڀ تنهنجا آهن.....

ڏئي پيار وري ڌڪي ڌار ڪيئي

ڏئي پيار وري ڌڪي ڌار ڪيئي

ڏئي پيار وري ڌِڪي ڌار ڪيئي،
اِها رمز عجب اختيار ڪيئي.

تنهنجي گهُور جا گهايل ٻيا به هئا،
تنهنجي سونهن جا سائل ٻيا به هئا،
رڳو مون تي ستم ڇو يار ڪَيئي

پنهنجي ياري ساري لوڪ ڏٺي،
بي روڪ ڏٺي، بي ٽوڪ ڏٺي،
پوءِ پيار ڪري ڇو خوار ڪَيئي

ڪئن ديسي پنهنجا سيڻ ڇڏيئي،
ڪئن دلڙي ڌارين ساڻ گڏيئي،
پر، ڪهڙن تي اعتبار ڪَيئي

گيت

---

دلڙي وندري نا

دلڙي وندري نا


دلڙي وندري نا دلدار بنا
دم گذري نا ديدار بنا

جهڙ ڦڙ ٿئي جئن جئن زور،
شور ڪري من جو مور
سارنگ جا ساٺ پسي،
ڏئي باهه برهه جي ڀڙڪا

دلڙي

رهجي ويئي آس اڌوري،
ڪوئي محرم حال نه آهي.

دلڙي

هڪڙي دل، سور سوين،
ڪئن گهاري گهايل جندڙي.

دلڙي.

پل پل ڀُور پون،
ڪئن وسري پريت پراڻي.


دلڙي.

جوڀن ڙي، جاڙ ڪيئي،
ڏئي سونهن جلايئي جندڙي.

دلڙي.

گيت مان ڳايان

گيت مان ڳايان

گيت مان ڳايان، تون ڇيڙ سرگم،
دور ٿي وڃي اڄ هر غم.

جهٽ پٽ جو جهوڻو جواني،
ڪريون امر زندگاني،
الفت جي راهن تي ڇڏيون،
خوشين جي ڪائي نشاني،
او سهڻا صنم، منهنجا پيارا صنم،
هن حياتيءَ تي ناهي ڪو دم....

جيوَن ته چانڊاڻ آهي،
ڪهڙي ڪمي آهي باقي،
سڀڪجهه پرين پاڻ آهي،
او سهڻا صنم، منهنجا پيارا صنم،
تنهنجو مُرڪڻ به آهي ڪرم.....

رنگ روپ، موسم جي مستي،
روحن جي راحت الستي،
دلين جي دنيا کان اڳتي،
ناهي عدم، ناهي هستي،
ڇا جي خطا، ڇا جي سزا،
ساز کڻ، رات ٿئي ٿي ختم....

منهنجي وفا، تنهنجي جفا

منهنجي وفا، تنهنجي جفا

منهنجي وفا، تنهنجي جفا،
دنيا ۾ ياد رکندا پيار وارا!

تنهنجي دنيا پايل پايل،
منهنجي دنيا گهايل گهايل،
گهايل گهايل منهنجي وفا....

عشق جڏهن اقرار ڪيو هو،
سونهن تڏهن سينگار ڪيو هو،
دل توکي دلدار ڪيو،
دلدار ڪيو هو، منهنجي وفا.....

ايڏي قربت، ايڏي دوري،
هاءِ محبت جي مجبوري،
رهجي ويئي آس اڌوري
آس اڌوري-منهنجي وفا....

ڌرتيءَ تي دل وارا ايندا،
گيت اسان جا جهونگاريندا،
چنڊ ستارا شاهد ٿيندا،
شاهد ٿيندا- منهنجي وفا....

اڄ نه ٿي پري

اڄ نه ٿي پري

اڄ نه ٿي پري، اڄ نه ٿي پري،
تنهنجي ساٿ ري، پل نٿي سري،
اڄ ته توکان ڌار ٿيندي دل نٿي ڪري

ترس اي مٺا، وقت بي بقا،
سانوري گهٽا، مينهن جا مزا،
مند آهي لاجواب، ناهي تاب، ڇڏ حجاب، رات پئي ٺري

هاءِ تنهنجي گُهور، هاءِ تنهنجا پُور،
تو سواءِ سُور، زندگيءَ جي مور،
هيءَ حسين ڪائنات، چنڊ رات، هيءَ حيات، ڪنهن جي آسري

ڇيڙ ڪوئي گيت، منهنجي من جا ميت،
هڪ گهڙيءَ جي پريت، زندگيءَ جي جيت
اڄ جي رات ناهي مات، پنهنجي تات پنهنجي لات، ڪو جيئي مري

عيد ملهايون

عيد ملهايون


عيد ملهايون........ عيد ملهايون!
خوشين سان ڀري جهول، اِهي ٽول ورهايون.
دک درد مٽايون....

نئون ڏينهن، نئون نينهن، نوان رنگ رچايون،
سپنن کي سجايون....
دل دل سان ملي يا نه ملي، ديد ملايون.....

اچ پيار ڪريون، پيار جي نئين جوت جڳايون،
ظلمت کي مٽايون.
نفرت جي انڌيرن کي زماني تان هٽايون...

موسم تي مليا محب، ڪيون ڀاڳ ڀلايون،
ٿيون دور جدايون.....
ٿيا ميل، وري هيل، ٿيون خوب سڻايون....

ڇم ڇم، ڇم ڇم، سِکي آئي، بسنت رت آئي.

ڇم ڇم، ڇم ڇم، سِکي آئي، بسنت رت آئي.

* روپ بسنتي، ويس وسنتي،
نت نت ناجِ ڪري ڪلونتي،
پڳ پڳ پايل موج مچائي
بسنت رت آئي.

* مور نچي ٿو، ڊيل ٽِلي ٿي،
مکڙي گل ٿي، خوب کِلي ٿي،
ڀونئرن رلمل راند رچائي
بسنت رت آئي.

* جهَن نَنَ جهَن نَنَ، جيءَ جي جهانجهر،
جوڀن آيو، جادوءَ وانگر،
مند ملڻ جي مُرلي وڄائي.
بسنت رت آئي.

بوند بهار وهه وا

بوند بهار وهه وا


بوند بهار وه وا، موج ملهار وهه وا،
گُل ڦل گلزار وه وا، سهنن جي سار وهه وا.

ڪڪر قطار، کيت خمار،
محبت ماريا، سائينءَ سنواريا،
سِها سنگهار، مڻيادار، ڪن کيڪار وهوا.

سرتيون سهيليون، کڻي گهڙيليون،
صبح سويليون، نڪتيون نويليون،
سورهن سينگار، جلويدار، هي ديدار وهوا.

دم دم ديدون، آسون اُميدون،
اکين عيدون، خوشيون خريدون،
برهه بازار هي وهنوار، ٿيار واپار وهوا.

اچوڙي بادلو اچو

اچوڙي بادلو اچو

ڀيڄ ڀيڄ!
ڀيڄ، سنڌ تي ٿئي سڪار، ڀيڄ!
ڀيڄ، سارو جڳ ٿئي بهار، ڀيڄ!
سنڌ تي سڪار ڀيڄ،
جڳ ٿئي بهار، ڀيڄ
ڀيڄ ڀيڄ.....
اچوڙي بادلو اچو،
گجو ڙي بادلو گجو،
وسو ڙي بادلو وسو
هي ڳوٺ شهر ڀريو،
ڪڏهن ته منهنجو ٿر ڀريو،
پر، اڄ ته مانڇر ڀريو،
هي ريگزار، ڪوهسار، سڀ ٿين چڪار، ڀيڄ....
اچو ڙي بادلو اچو،
گجو ڙي بادلو گجو،
وسو ڙي بادلو وسو:
هي کوهه کيٽَ سڀ وسن،
هي مالَ مالوند جيئن،
کنڊون ۽ کير پر پيئن
اچو ڙي بادلو اچو،
گجو ڙي بادلو گجو،
وسو ڙي بادلو وسو:
دلين جا درد سڀ وڃن،
جي محب مند تي ملن،
ڀلي ته وڏ ڦڙا وسن،
لهي ميار، هيڪوار، اڄ ته منهنجا يار، ڀيڄ......

ٿر جو وسڪارو

ٿر جو وسڪارو


منهنجا مور سڄن، مان گهورَٰ سڄڻ،
گهر آءُ تون پنهنجي پيارا ڙي
وري آيا اڄ وسڪارا ڙي.

هت ديس وُٺو، گهڻو گاهه ڦٽو
ڏاڍا مينهن پيا، موچارا ڙي.
تو ڪيئن ڪيا ويسارا ڙي......

جڏهن ڪڪريون رُت جي راند رهن،
جڏهن بوندون ڇُوهي ساڻ ڇڻن،
جڏهن پاڻياريون سڀ ٽهڪ ڏين،
جڏهن کنوڻ کِلي،
جڏهن مور ٽلي،
مان اُڀي ڀريان شوڪارا ڙي
تو ڪيئن ڪيا ويسارا ڙي...

جڏهن ڪارئين راتئين سُک نه سمهان،
جڏهن آڌيءَ آڌيءَ ڇرڪي اُٿان
جڏهن هر هر تنهنجي واٽ ڏسان،
جڏهن گوڙ ٿئي،
گجگوڙ ٿئي،
مون کي ڊٻيون ڏين ڊيڄارا ڙي
تو ڪيئن ڪيا ويسارا ڙي....

منهنجي ديس سمان

منهنجي ديس سمان

ڏيهه نڪو پرڏيهه سَڄي ۾ منهنجي ديس سمان،
چنڊ ولايت تائين ساريون ڌرتيون سُڃ پسان.

ڪاٿي ماڻهو موتين جهڙا، مرمر لڱ سندن،
ڪاٿي سونَ رُپي سان راڻيون راڻا رانديون ڪن،
ڪاٿي کاڌا پيتا ايڏا، ڪڏهين ڪين کُٽن،
ڪاٿي محنت معاف سموري، ڪم مشينون ڪن:
ساري دنيا سون هجي، پر پوءِ به ڪيئن مڃان

منهنجي ديس جي ماڻهن جهڙا ڪاٿي ڪين ڄمن،
مومل سهڻي، سومل سياڻي، مارئي محب وطن،
دودي، هوشوءَ، دريا جهڙا گهر گهر پيا پلجن،
ٿوري قوت قراريا، پنهنجي پورهئي منجهه مگن،
لات لطيفي، سچ سچوءَ جو قائم آهي اڃان

جنهن جي مٽيءَ ۾ منهنجا سڀ وڏڙا ٿيا دفن،
جنهن جي داڻي پاڻيءَ جوڙيو منهنجو تن بدن،
جيئري جنهن جي گود ۾ پلجي منهنجا رنگ رچن،
مُئي به جنهن جي هنج ۾ منهنجا هڏ آرام وٺن،
تنهن جي ذري ذري تان مان ور ور گهور وڃان

هيءَ سرزمين پياري

هيءَ سرزمين پياري

هي آسمان اُوچو، هيءَ سرزمين پياري،
منهنجي مٺي وطن جي هر چيز آهي نياري.

تاريخ جا فسانا، تهذيب جا خزانا،
سي پاڪ آستانا، جن تي جهڪن زمانا،
هي آسمان اوچو.

محنت سان گڏ محبت، سچ، سونهن، دل جي دولت،
مٽي به سون آهي، پاڻي به آهي امرت،
هي آسمان اوچو.

ماڻهو مڙيئي پيارا، ڪي چنڊ، ڪي ستارا،
فردوس جا نظارا، سنڌوءَ جا ٻئي ڪنارا،
هي آسمان اوچو.....

سهڻي ڌرتي

سهڻي ڌرتي
(ترجمو ٿيل گيت)

سهڻي ڌرتي، الله توکي قدم قدم آباد رکي،
جيسين دنيا آهي باقي، رب توکي آزاد رکي.

هر هڪ ذرو تنهنجو اسان کي پنهنجيءَ جان کان پيارو آ،
تنهنجي دم سان شان اسان جو، تنهنجو ساهه سهارو آ.
جيسين دنيا آهي باقي.....

تنهنجن کيتن جي مٽيءَ ۾ پنهنجي محنت زنده آ،
تنهنجي دريا جي لهرن ۾ پنهنجي همت زنده آ.
جيسين دنيا آهي باقي.....

لونءَ لونءَ اندر پيار آ تنهنجو، قدم قدم تي گيت سندءِ،
وستيءَ وستيءَ تنهنجون ڳالهيون، نگريءَ نگريءَ ميت سندءِ
جيسين دنيا آهي باقي.....

ايندڙ نسل اسان جا تنهنجيءَ عظمت جا ڳُڻ ڳائيندا،
جيئندا مرندا تنهنجي ڪارڻ، توسان نينهن نڀاهيندا.
جيسين دنيا آهي باقي.....

جو کير پيئي سو وير ٿئي

جو کير پيئي سو وير ٿئي

شل سنڌڙي تنهنجا ڳوٺ وسن
سڀ سانگي جهانگي جال جيئن

سڀ هاري ٻهه ٻهه پيا ٻهڪن
هر چانئٺ تي پيا چنگ چُرن

پکڙن ۾ پنهواريون ڇيڄ وجهن
۽ پاڻيارين جا ٽهڪ ٻُرن

لاهيارا ڏاٽن ساڻ ڪُڏن
کيتن ۾ سونهري سنگ لڻن

سڀ پنهنجيءَ مستيءَ منجهه مگن
خوش ٿي سونهري چانهه پيئن.

ڪاڪ محل

ڪاڪ محل

زندگي ڪاڪ محل آهي، ڪو رنگا رنگي،
جنهن ۾ مقصد ٿو سدا ناز ڪري مومل جان،
دور کان دل کي لُڀائي، نه اچڻ ڏي ويجهو،
ڪير آهي جو لنگهي پار پوي مشڪل مان؟

جيڪو اڳتي ٿو وڌي، کائي اُهو ڪيئي فريب،
جادو نگريءَ مان بچي ڪير سگهي، ڪير ڀلا؟
ڪن کي نااميدي ڪڍي ڏند پئي ڊيڄاري،
ڪن کي ڏائڻ جان ڏڪائي ٿو پيو موت، الا!

روز اميد، ڪري هار ۽ سينگار نوان،
پاڻ کي خوب سجائي، ٿي لڀائي دل کي،
عارضي سونهن تي هِرکِي، ڪئين جوڌا ۽ جوان،
راهه ڀلجي ۽ وساري ٿا ڇڏن منزل کي.

ڪير منزل کي رَسي؟ ڪير ٿو ماڻي مومل؟
جان جادوءَ مان ڀلا ڪوئي ڇڏائي ته سهي!
ڪوئي لاهوتي لنگهي اڳتي، وڃي مقصد ڏانهن،
ڇال ڇورين جا ڏسي، ڪوئي لنوائي ته سهي!

ها، مگر مينڌرا منزل کي رسي ئي رهندا،
جادو نگريءَ جا طلسمات ٽٽي ئي رهندا!
عقل ۽ عزم جا راڻا ويا اڳتي ڌوڪي،
پنهنجي مقصد سندي مومل کي پَسي ئي رهندا!

مال موهي نه سگهيو، ڪاڪ کان جهلجي نه سگهيا،
ڇال ڇورين جا لنگهي ڪاپڙي وڌندا ئي رهيا:
مون کي اڄ شاهه ڀٽائيءَ جي وري ياد آئي،
پنهنجي مومل سان ملڻ جي آ وري اڄ وائي.

سڏ

سڏ


اچ، اچ، گڏجي ڌوم مچايون، پنهنجو پاڻ ملهايون!
عمريون گذريون روئندي رڙندي، گيت خوشيءَ جا ڳايون!
پنهنجو پاڻ ملهايون.
هر هنڌ زر جو زور ٽُٽي پيو،
انسان ڪشٽن مان نڪري پيو،
اچ، همت سان پاڻ به، ساٿي، پنهنجو ڀاڳ واريون!....
پنهنجو پاڻ ملهايون.
ڌن پاپيءَ کي سرڳ ڏياري،
ڌن ئي ماري، ڌن ئي جياري،
ڌن ئي آهي جڳ جو داتا، ڌن جي ڌوڙ اُڏايون!....
پنهنجو پاڻ ملهايون.
ڌرم ڪرم جا جهڳڙا رڳڙا،
مايا- راڄ جا راکو رکڙا،
پيار جو مذهب سڀ کان سهڻو، پيار جي جوت جڳايون!....
پنهنجو پاڻ ملهايون.

جيوَن راڳ

جيوَن راڳ

توکي ڪيئن سمجهايان، جاني، توکي ڪيئن سمجهايان؟
من چاهي ٿو، توکي پنهنجو جيون راڳ ٻڌايان!

تون ئي منهنجو جيءَ جيارو، تون ئي جيون ساٿي،
تنهنجي درشن ڪارڻ ترسن منهنجا نيڻ اُداسي:
پل پل ڀانيان، تو وٽ پهچي پيچ پريت جا پايان!
توکي ڪيئن سمجهايان

هن پاپي سنسار ۾ ليڪن ڪيئن ڪو پريت پُڄائي؟
جندڙيءَ ڪارڻ ڌرتيءَ تي هر انسان روڄ مچائي:
من جي چاهت، تن جي چنتا - تن من چنتا ڀانيان!
توکي ڪيئن سمجهايان

ليڪن آس نه لاهج، پيارا، ايندس پريم- دواري،
مون کي اچڻو آهي، ايندس، پيار جو واعدو پاري:
پريت جا ويري آهن جڳ ۾، تن سان پهچي لايان!
توکي ڪيئن سمجهايان
من چاهي ٿو، توکي پنهنجو جيوَن راڳ ٻڌايان.

نادان!

نادان!

ڇا جي لاءِ نير وهائين، جيءُ جسو جند جوت گنوائين،

دنيا کان گهٻرائي؟
نادان، دنيا تنهنجي آهي!

دنيا تنهن کي نيچ نوائي، جيڪو خودئي ڪنڌ جهڪائي،
ان جي داسي آهي دنيا، جيڪو حڪم هلائي:

تون ڀي حڪم هلائي!- نادان...

همت هاري ويهي نه رهجئين، مفت ۾ پنهنجي هار نه مڃجئين،
جيت سڀاڻي آهي تنهنجي، دل کي هي سمجهائي:

گيت خوشيءَ جا ڳائي!- نادان....

مانجهي

مانجهي

ساحل ناهي دور، مانجهي، ساحل ناهي دور!
لهريون لوڏا، تِکَ ترايون، ويندا ٿي وهلور!

دهشت دريا، رات انڌاري،
سِير لنگهي ڪو سهڻي ساري:
ساهڙ ڄامَ سرور مانجهي
ساحل ناهي دور

هيڪر سر سهسائي ڪاهين،
هن ڀيري سان هُن ڀر آهين:
هٿڙا ڪي ڀرپور مانجهند
ساحل ناهي دور

دور اُفق تي باک ڦُٽي ٿي،
منزل موجن تي پسجي ٿي:
باقي هڪڙو پور مانجهي
ساحل ناهي دور

اُميدن جي جوت جڳاري،
پرين سندءِ هُن پار پڪاري:
پهچڻ آهي ضرور مانجهي
ساحل ناهي دور

کِل يار

کِل يار


کِل يار، هِنئين جا هار، ته مرڪن مکڙيون باغن ۾،
کڻ نيڻ، وڃن ٿي ميڻ، دلين جا پٿر پلڪن ۾.

هيءَ رات ۾ نوُر جي ڇانءَ آئي ڪٿان،
۽ ساهن ۾ سُرهاڻ ايڏي سمائي ڪٿان:
سڀ رنگ، دلين جا دنگ، سمايل تنهنجي جلون ۾....

نيڻن جي ناتن جي اهڙي عجب ريت آ،
جي تو کٽيو، مون کٽيو، پريت جي جيت آ:
هي کيل، دلين جو ميل، ٿو پلجي سِڪ جي ساين ۾...

جي ساڻ تون پاڻ آهين ته ٻيو ڇا کپي،
کڻ ساز، نغمن ۾ جذبن جو جادو رچي:
اڄ رات اسان جي ڏات اُڏي ٿي اُوچي عرشن ۾....

پيار پڌرو ڪجي

پيار پڌرو ڪجي


پيار پڌرو ڪجي،
ڪونه خطرو ڪجي

نينهن نروار، هڪ وار، وکرو ڪجي.

پيار پنبو نه آ،
پيار ڇنبو نه آ.

پيار اعزاز آ، جيڪو سڦرو ڪجي

ڪوئي چاهي ته ڇا،
جي نه چاهي ته ڇا-

آرسيءَ کي کڻي پنهنجو چهرو ڪجي

نينهن جي نقش ۾،
آس جي عڪس ۾-


ڪجهه وفا جو اڃا رنگ گهرو ڪجي

سال نئين جو آڌرڀاءُ

سال نئين جو آڌرڀاءُ


اچو ته ڪريون، ڀينر ڀاءُ،
سال نئين جو آڌرڀاءُ.

سال ستاسي ٿيو روانو،
نوان نظارا، نئون زمانو،
پيو اٺاسيءَ جو پڙلاءَ

اچو ته ڪريون ڀينر ڀاءُ

سال نئين جون نيون بهاريون،
ٿر بر ٿينديون گل گلزاريون،
ٿيندا هر هنڌ هير هُڳاءَ

اچو ته ڪريون ڀينرڀاءُ

محنت سان پڙهنداسين هاڻي،
ماڻينداسين ماڳ سڀاڻي،
کائينداسين ٻوڙ پلاءَ،

اچو ته ڪريون ڀينر ڀاءُ
سال نئين جو آڌرڀاءُ

پوءِ ڪهڙي سبب

پوءِ ڪهڙي سبب


عشقُ منهنجو عجب، حسن تنهنجو غضب،
پوءِ ڪهڙي سبب، ڌار رهندا اچون.

تون جي مُرڪين ته باغن ۾ مُکڙيون ٽِڙن،
مان جي سوچيان ته ڪنڊا به گل ٿي پون.
ميل دنيا ۾ اهڙو ته آهي اَلڀ

پوءِ ڪهڙي سبب ڌار رهندا اچون.

تنهنجي هستيءَ سان گڏ منهنجي مستي رهي،
انگ الفت جو اهڙو الستي رهي،
پيار پنهنجي تي راضي رهي پاڻ رب،

پوءِ ڪهڙي سبب ڌار رهندا اچون.

تون جي ڪوهه ڪاف جي آهين ڪا گُلَ پَري،
مان به سڏجان ٿو سردار ڪارونجهري،
هيءَ حقيقت ته دنيا ۾ ڄاڻن ٿا سڀ

پوءِ ڪهڙي سبب ڌار رهندا اچون.

پرين پيار وارا

پرين پيار وارا


سندم جيءَ جيارا، پرين پيار وارا،
تنهنجو ديدار باغ و بهار.

نوان نينهن نِسريا، سڀئي سور وسريا،
هوائن ۾ جنهن دم، سندءِ وار وکريا،
رات راڻيءَ کي آيو خمار...

عجب تنهنجون اکڙيون، اِهي رب رکڙيون،
اُلارون ڪرڻ ۾، سدا تيز تڪڙيون.
ڪن ٿيون جهٽ پٽ ۾ دل کي شڪار.

عجب انگ تنهنجا، عجب رنگ تنهنجا
ڪُٺل کي ڪهڻ جا، عجيب ڍنگ تنهنجا
روپ تنهنجا هزارون هزار.

دل دل سان ملي ٿي جڏهن

دل دل سان ملي ٿي جڏهن


دل دل سان ملي ٿي جڏهن،
بهارن ۾،
نظارن ۾،
جوت جڳ کي ملي ٿي تڏهن.

ٿڌڙيون ٿڌڙيون هلن ٿيون هوائون،
جهومي جهومي نچن ٿيون گهٽائون،
دل جي مکڙي ٽڙي ٿي تڏهن

جڏهن گڏجن ٿيون دلين جون راهون،
مرڪي مرڪي ملن ٿيون نگاهون،
پيار جي جيت ٿئي ٿي تڏهن

سونهن وارن جون سهڻيون ادائون،
برهه وارن جون بر ۾ صدائون،
سوچ ۾ گڏ ٿين ٿيون جڏهن،
جوت جڳ کي ملي ٿي تڏهن

هاڻي ياد نه اچجئين

هاڻي ياد نه اچجئين


سانجيءَ ويلي،
ڪويَلَ ٻولي،
وڻ وڻ اُڏري،
لات وڃي هيءَ لنوندي،
هاڻي ياد نه اچجئين پيارا،
دلڙي درد نه سهندي.

پيار جي مُند اچي موٽي وئي،
رُت گلابن جي گذري وئي.
هاڻي ياد نه اچجئين پيارا،
دلڙي درد نه سهندي.

آس جا پوپٽ سڀ اُڏري ويا،
اوسيئڙي جا مور وري ويا.
هاڻي ياد نه اچجئين پيارا،
دلڙي درد نه سهندي.

مُرڪ جا موتي سڀ وکري ويا،
لڙڪ به اکين منجهه سُڪي ويا.
هاڻي ياد نه اچجئين پيارا،
دلڙي درد نه سهندي.

ڏس ڇولين جو ڇوهه

ڏس ڇولين جو ڇوهه

ڏس ڇولين جو ڇوهه پيارا،
ڏس ڇولين جو ڇوهه
اِن کان ڀي وڌ منهنجو تو ۾ موهه پيارا.
ڏس ڇولين جو ڇوهه

نچنديون ٽپنديون اچن ڪناري،
ڇَپر ڇِپون سڀ ڏاري ڳاري،
ڪن ٿيون رتيون روهه پيارا
ڏس ڇولين جو ڇوهه

لهرون ڪنهن جي لاءِ لُڇن ٿيون،
گهڙي پلڪ آرام نه ڪن ٿيون،
اٿن وڏو اندوهه پيارا!
ڏس ڇولين جو ڇوهه

سمنڊ کان گِهرو سِڪ جو ساگر،
ڇَلڪي ڇُلڪي دل جي گهاگهر،
پيار جو انت نه اوهه پيارا.
ڏس ڇولين جو ڇوهه

ڪويل ڇا ٿي ٻولي

ڪويل ڇا ٿي ٻولي

ٻُڌ ڪويل ڇا ٿي ٻولي،
ٿي راز دلين جا کولي.

ڪو هُن ڀر پيار پڪاري،
ڪوِ هن ڀر واٽ نهاري،
ويو دَنگي دريا اولي....

ڪنهن جلوي جان جلائي،
ڪنهن صورت سُرت وڃائي،
پيو هرڪو ٻئي کي ڳولي....

ڪيئن دونهين درد دکائي،
پئي ڪنهن کي ڪَل نه ڪائي،
ڪا چڻنگ لڳي وئي چولي...

نگاهن ۾ ڇا هو

نگاهن ۾ ڇا هو

پتو ڪيئن پوي، هوش پنهنجو خطا هو،
الائي ته هُن جي نگاهن ۾ ڇا هو!

ڪي کنوڻيون ٿي چمڪيون يا تارا ٿي چلڪيا،
ڪي ڇوليون ٿي ڇُلڪيون يا موتي ٿي جرڪيا
الائي ته هُن جي نگاهن ۾ ڇا هو.

ڪو طوفان هو يا ڪوئي زلزلو هو،
گلابن تي يا ماڪ جو سلسلو هو
الائي ته هُن جي نگاهن ۾ ڇا هو.

ڪا گرمي هئي پيار جي منهنجي توبهه،
۽ ٿڌار ديدا جي، منهنجي توبهه
الائي ته هُن جي نگاهن ۾ ڇا هو.

جبل جو وسڪارو

جبل جو وسڪارو


جبل مٿي جُهڙ، او ڇورا

جبل مٿي جُهڙ ڙي ڇورا، جبل مٿي جُهڙ،
او جاني، جبل مٿي جُهڙ!

جُهڙ ته مان کي ماري ڙي سڄڻ،
وار ته ڇڏيم ڇوڙي ڙي ڍولڻ،

مُند ڏسي تون مُڙ، او جاني....
جبل مٿي جهڙ.

ڪٿان ڙي آيا ڪارا ڪڪر،
وٺا ته پانهنجا ڇنا ڇپر،
ڇيڪ گهمن سڀ پانهنجا ولر،

لُکن لاٿو لُڙ، او ڍولڻ...
جبل مٿي جهڙ.

جهونو ڙي ڇَنو ته ٽمي پانهنجو،
سنهون ڙي ڇولڙو ڀِنو مانهنجو،
هيڪلي هنڌ ۾ سيءَ مران جو،
تون ئي اجهو اوڇڻ مانهنجو
ٿوهر ڪيهڙو ٿُڙ، او جاني....
جبل مٿي جهڙ.

وڄڙيون ور ور ڪن ٿيون ڪِيهان،
ڇيلڙا توهنجا ته ڪن ٿا ريهان،
اگهي ته آهيان مان راتيان ڏينهان،
ڏُکي ڙي ويٺي مان ڏارو پيهان.
ڳرو ته جنڊ جو پُڙ، او ڍولڻ...
جبل مٿي جهڙ.

سارو ڙي سانوڻ ڪيئن اُڪاريان،
گَس تي ويٺي مان گهيٽڙا چاريان،
چڙهيو ته چوٽيءَ واٽ نهاريران،
دڳ مٿي توهجي باهڙي ٻاريان.
وٺيو تون اچج ڳُڙ، او ڇورا....
جبل مٿي جهڙ.







سانجهيءَ ويلي
ڪويل ٻولي
وڻ وڻ اُڏري
لات وڃي هيءَ لنوندي
هاڻي ياد نه اچجئين پيارا،
دلڙي درد نه سهندي.

پيار جي مُند اچي موٽي وئي،
رُت گلابن جي گذري وئي.
هاڻي ياد نه اچجئين پيارا...

آس جا پوپٽ سڀ اُڏري ويا
اوسيئڙي جا مور مري ويا
هاڻي ياد نه اچجئين پيارا.

مُرڪ جا موتي سڀ وکري ويا
لڙڪ به اکين منجهه سُڪي ويا.
هاڻي ياد نه اچجئين پيارا.

منهنجي ديس سمان

منهنجي ديس سمان


ڏيهه نڪو پرڏيهه سُڄي ير منهنجي ديس سمان،
چين ولايت تائين ساريون ڌرتيون سُڃ پسان.

ڪاٿي ماڻهو موتين جهڙا، مرمر لڱَ سندن،
ڪاٿي سونَ رُپي سان راڻيون راڻا رانديون ڪن،
ڪاٿي کاڌا پيتا ايڏا، ڪڏهين ڪين کُٽن،
ڪاٿي محنت معاف سموري، ڪم مشينون ڪن:
ساري دنيا سون هجي، پر پوءِ به ڪيئن مڃان.....

منهنجي ديس جي ماڻهن جهڙا ڪاٿي ڪين ڄمن،
مومل سهڻي، سومل سياڻي، مارئي محب وطن،
دودي، هوشوءَ، دريا جهڙا گهر گهر پيا پلجن،
ٿوري قوت قراريا، پنهنجي پو رهئي منجهه مگن:
لات لطيفي، سچ سچوءَ جو قائم آهي اڃان....

جنهن جي مٽيءَ ۾ منهنجا سڀ وڏڙا ٿيا دفن،
جنهن جي داڻي پاڻيءَ جوڙيو منهنجو تن بدن،
جيئري جنهن جي گود ۾ پلجي منهنجا رنگ رچن،
موئي به جنهن جي هنج ۾ منهنجا هڏ آرام وٺن،
تنهن جي ذري ذري تان مان ور ور گهور وڃان....

هيءَ سرزمين پياري

هيءَ سرزمين پياري


هي آسمان اُوچو، هيءَ سرزمين پياري،
منهنجي مٺي وطن جي هر چيز آهي نياري.

تاريخ جا فسانا، تهذيب جا خزانا،
سي پاڪ آستانا، جن تي جهڪن زمانا،
هي آسمان اوچو، هيءَ سرزمين پياري.

محنت سان گڏ محبت، سچ، سونهن، دل جي دولت
مٽي به سون آهي، پاڻي به آهي امرت:
هي آسمان اوچو، هيءَ سرزمين پياري.

ماڻهو مڙيئي پيارا، ڪي چند، ڪي ستارا،
فردوس جا نظارا، سنڌوءَ جا ٻئي ڪنارا:
هي آسمان اوچو، هيءَ سرزمين پياري.

پيهي وارا ڇورا

پيهي وارا ڇورا


پيهي وارا ڇورا، کانڀاڻي سنڀال،
کانڀاڻي سنڀال ڇورا، کانڀاڻي سنبال.
پيهي وارا ڇورا....!

سونَ جا سنگ، موتين جو کرو،
جهار تڙي يار ٿجان آجو هن سال.....
پيهي وارا ڇورا....!

چيٽ به تنهنجو، ڪتي به ڪَماءِ،
انبن جهليو ٻُور، رکج چتونئڙن جو خيال....
پيهي وارا ڇورا....!

اِجها ايندي سانوري، کڻي پلي ٻوڙ،
پيار جو وهنوار ڀلو، جيءُ پنهنجو حال...
پيهي وارا ڇورا....!

اڄ موج آئي من تي

اڄ موج آئي من تي


اڄ موج آئي من تي،
نغما چُريا چپن تي،
هيءَ ڳالهه آئي ڪن تي،
وانگي وريا وطن تي.
اڄ موج آئي من تي،

ڪا ڇاٽَ پئي ڇنن تي،
پهراڻ پيا پٽن تي،
ٿيو چهچٽو چمن تي،
ديدار ٿيا درن تي.
اڄ موج آئي من تي،

دولهه دلير آيا،
مانجهي مٿير آيا،
ساجهر سوير آيا،
ٿيا گهوٽ گڏ گهرن تي.
اڄ موج آئي من تي،

سڄڻن جي سار آئي،
دک درد ٿيا توائي،
بن ۾ بهار آئي،
گل گونچ ٿيا گسن تي.
اڄ موج آئي من تي،

جنم جنم کان

جنم جنم کان


جنم جنم کان هن جيون ۾ جيڪي چنڊ چڙهيا آهن،
روپ اِهي سڀُ تنهنجا آهن.

روپ وفا جو، روپ جفا جو، روپ محبت ۽ نفرت جو،
پنهنجيءَ پنهنجيءَ قسمت آهر، ڪي وَرسيا ڪي وڇڙيا آهن.
روپ اِهي سڀُ تنهنجا آهن

جيئن ڪنول تي ڀونئر ڀري ٿو، تيئن مان تنهنجي مکڙي تي،
آڪاس ۽ پاتال جي وچ ۾ ڪيڏا گل ٽڙيا آهن.
روپ اِهي سڀُ تنهنجا آهن

ساز ۾ جئن اواز رهي ٿو، گل ۾ جئن سرهاڻ رهي،
گيت ۾ تئن من-ميت ٿو مُرڪي، موتي مون نه مڙهيا آهن.
روپ اِهي سڀ تنهنجا آهن

دنيا دل وارن جي

دنيا دل وارن جي
(ڊرامي “دنيا دل وارن جي” لاءِ ٿيم سانگ)

دنيا دل وارن جي
دنيا دل وارن جي

پياري، نياري، سائينءَ سَنواري
لڙڪن، مُرڪن، ٽهڪن واري
سورهن سينگارن جي
دنيا دل وارن جي....

هڪڙو بُکيو ۽ ٻيو ڍائو
اڄ وري جو ٻالڪ ڄائو
تنهن جي ويچارن جي
دنيا دل وارن جي.....

جوڀن چار ڏهاڙا آهي
تنهن کان پوءِ ڇا ڇا آهي
ٻُڍڙن ۽ ٻارن جي
دنيا دل وارن جي....

سندم يار سهڻو، هزارن ۾ هڪڙو

سندم يار سهڻو، هزارن ۾ هڪڙو


ٿو جئن چنڊُ چمڪي ستارن ۾ هڪڙو،
سندمَ يار سهڻو، هزارن ۾ هڪڙو.

سندس زلف ڄڻ ڪلف آهن نظر جا،
سندس گُهور ۾ پُور پهرئين پهر جا،
سندس ناز ۾ راز دل جي شهر جا:
هُو قدرت جي ڪُل شاهڪارن ۾ هڪڙو....

هُو ٻولي ته ڄڻ ٻُور آيو وڻن تي،
هُو مُرڪي ته ڄڻ چنڊ اُڀريو گلن تي،
هلي ڄڻ ته ڪڪريون گهمن ٿيون ڀِٽن تي،
عجب حسن جي يادگارن ۾ هڪڙو.....

گلن جي ڪجي ڳالهه يا گلبدن جي،
چمن، چنڊ، چوماس، چانڊوڪين جي،
ڪنول، ڪونج، ڪويل يا ڪاريهرن جي:
نظر ايندو هو ئي نظارن ۾ هڪڙو....

مارو مليا ميڙا متا

مارو مليا ميڙا متا


لو لڙي الا هو
گولڙي الا هو
چيٽ پڪا کيٽ پڪا
مارو مليا ميڙا متا

سنڌڙي ڙي سنڌڙي اسين تنهنجا ماڻهو
کائون مکڻ چاڻو
سنڌوءَ جي سير مان دريا جي ديڳ مان
لڌو سون ناڻو

گنج ٿيا رنج ويا، مارو مليا ميڙا متا.....

سکر بيراج مان نڪتيون ڪئنالون،
کڻي هيرا لالون
سونن سنگن وچ ۾ چيڄ وجهن ڇيڳريون
ڇورا ڏين ڇا لون

رنگ لڳا، چنگ وڳا مارو مليا ميڙا متا

سکرجي پل تان اُڏاڻو ڳيرو،
ساجهر سويرو
اُتان ٿي آيو جت، بابل جو ديرو،
چمان تنهن جو پيرو

پور ويا سور ويا، مارو مليا ميڙا متا.....
لاباري جا ڏينهڙا موٽي آيا مينهڙا
ساريم ڪي سنيهڙا
ابل واري بند تي، اچ پروڪي هنڌ تي
لايون نوان نينهڙا
مارو مليا ميڙا متا.....

سکر براج جي گولڊن جوبليءَ لاءِ

سکر براج جي گولڊن جوبليءَ لاءِ

ڪنهن در ڏيندس دانهن ڙي مولا
ڪنهن در ڏيندس دانهن ڙي پرور
ڪنهن در ڏيندس دانهن ڙي داور

ڪنهن کي ڪريان ڪارون تو باجهون
ڙي ڪير ٻڌي منهنجون آهون تو ٻاجهون
ڙي ڪنهن کي ڏيندس دانهن ڙي مولا
ڪنهن در ڏيندس دانهن ڙي پروڙر
ڪنهن کي ڏيندس دانهن.......

دريا ته ڏاڍو دور ڙي گهوڙا
مون کي ته تنهنجو سُور ڙي گهوڙا
واههُ نه واهُڙ مُور ڙي گهوڙا
هَڏَ ته منهنجا جهُور ڙي گهوڙا
ٻلُ ڇڏي وئي ٻانهن ڙي مولا
ڪنهن در ڏيندس دانهن ڙي داورَ......

مِينهن به هيل ڪا مهر نه ڪِيڙي
بَرَ تي هڪڙي بُوندَ نه پيئڙي
ساري ته کيڙي ميڙي وِيَڙي
ڪوئي چيٽ نه ڪائي ڪَتيئڙي
هيڏي گهر ۾ هيڪ رَليئَڙي
مانيءَ ڪاڻ رڙي ٿي ڌيئڙي
منهنجي ته تو در بانهن ڙي مولا
ڪنهن در ڏيندس دانهن ڙي پرور......

ڪورس
تو جي لک لک لک احسان ڪيا،
ساري سنڌ ٿي ڳائي، مان نه رڳو
تر جي پڳ پڳ پڳ بُستان ڪيا،
ساري سند ٿي ڳائي، مان نه رڳو

محمد جمن
تنهنجي هستيءَ تي حيران سڀئي
تنهنجي مستيءَ تي مستان سڀئي

وحيد
تو تي شاهه گدا نازان سڀئي
تنهنجي قدمن تي قربان سڀئي

ڪورس
تو جي لک لک لک احسان ڪيا،
ساري سنڌ ٿي ڳائي، مان نه رڳو
تو جي پڳ پڳ پڳ بُستانَ ڪيا،
ساري سنڌ ٿي ڳائي، مان نه رڳو.


امينه
هي دردونديءَ جو ديس سڄو
جَرَ تنهنجي اُجاري راس ڪيو

زرينه
جيڪي مارو ملڪَ ملير سندا
تو ڏُرت انهن جو ناس ڪيو

ڪورس
تو جي لک لک لک احسانَ ڪيا
ساري سنڌ ٿي ڳائي، مان نه رڳو
تو جي پڳ پڳ پڳ بُستان ڪيا
ساري سنڌ ٿي ڳائي، مان نه رڳو

مظهر
ڪئين فصل نوان، ڪئين نسل نوان
تنهنجي پاڻيءَ جا پروان چوان

ذوالفقار
تنهنجي شاهي دستر خوان مٿي
ڪئين نسل نوان مهمانَ چوان

ڪورس
تو جي لک لک لک احسانَ ڪيا
ساري سنڌ ٿي ڳائي، مان نه رڳو
تو جي پڳ پڳ پڳ بُستان ڪيا
ساري سنڌ ٿي ڳائي، مان نه رڳو



محمد يوسف
ڏسو ته ڪير مان آهيان، ڀلا سڃاڻو ٿا
اهو ئي آهيان، اوهين جنهن جا گيت ڳايو ٿا.
سکر بئراج ئي آهيان، اوهان جو خادم مان
اوهان جي سور جو ساٿي ۽ درد جو درمان

ڀلي ڪري اوهين آيا سڀيئي منهنجي تڏي
الائي ڪيئن ڪيوَ ياد، ڪَمَ ۽ ڪارَ ڇڏي
اوهين ته ڏاڍا ئي مصروف آهيو، وڏا ماڻهو
اسان جو حال ته ڏاڍو اٿو غريباڻو

وڏائي پنهنجي ڪرڻ آهي احمقن جو ڪم
ستائي مون کي ٿو هر دم مگر اوهان جو غم
اوهان بنايو ته ٿي ويس اوهان جو مان خادم
ڪندو ئي رهندس خدمت اوهان جي آخر دم

سوين هزارين بيابان مون ڪيا آباد
لکين ڪروڙين اوهان مان ڪري ڇڏيا مون شاد
بَرَن پَٽن کي بنائي ڇڏيم گل و گلزار
لکن گهرن ۾ سندم دم سان آئي آهي بهار

عجب، اڏول، اڏاوت جو شاهڪار آهيان
دنيا جي چند عجائب ۾ ٿيو شمار آهيان
مگر ٻڌايو ته دستور آهي ڪهڙو هي
جياريان جن کي، اهي ڪن ٿا مون کي مارڻ جي.

نه ڌيان منهنجو رکن ٿا، نه پنهنجي حالتَ جو
خطا معاف، ثبوت آهي هي جهالت جو
گذاري آهي مون هر حال اڌ صدي پوري
نهوڙي ماري ٿي هاڻي ته مون کي ڪمزوري.

وڃان ٿو ڳرندو زماني جي سخت صدمن سان
ڀَڄان ڀُران پيو حالات جي مُترڪن سان
جياريو مون کي، اوهان کي به مان جياريندس
ڊهي پيس ته اهي کيت ڪيئن سنواريندس.

ٻڌو، ٻڌايو خبر سڀ کي منهنجي حالت جي
متان چئو ته اسان کي سندءِ خبر نه رهي
سندم هي عرض وڃي حاڪمن کي پهچايو
ته منهنجي حال سڌارڻ جو ترت ڪن سعيو.

بسنت رت آئي

بسنت رت آئي

ڇم ڇم، ڇم ڇم
سَکِي آئي، بسنت رت آئي.

روپ بسنتي، ويس وسنتي،
نت نت ناچُ ڪري ڪلوَنتي،
پڳ پڳ پايل موج مچائي....

مور نچي ٿو، ڊيل ٽِلي ٿي،
مکڙي گل ٿي، خوب کِلي ٿي،
ڀونئرن رلمل راند رچائي.....

جهَنَ نَنَ جهَنَ نَنَ، جيءَ جي جهانجهر،
جوڀن آيو، جادوءَ وانگر،
مند ملڻ جي مُرلي وڄائي......
بنت رت آئي.

تون ته وسرين نٿو،

تون ته وسرين نٿو،
دل مان نڪرين نٿو،
تون وسارڻ سان وسرڻ جو ناهين پرين.

رنگ ۽ راز ۾، ناز انداز ۾،
انگ آواز ۾، اهڙي اعزاز ۾،
ساري تخليق جي دلربا ساز ۾،
تون ته سهڻن سندي سونهن آهين پرين.
تون ته وسرين نٿو.

توکي رابيل يا گل گلابي چوان،
نورُ جي ڇاٽَ ڪا ماهتابي چوان،
يا وري ڪائي صورت ڪتابي چوان،
تون ئي چئه پاڻ سچ پچ ته ڇاهين پرين.
تون ته وسرين نٿو.

آهين ساڀيان ۾ سپنن جو ٻهروپ تون،
منهنجي سپنن جي ساڀيان سندو روپ تون،
منهنجي گيتن جو گمنام محبوب تون،
بات بيشڪ ڪريان ٿو پرانهين پرين
تون ته وسرين نٿو.

سنڌڙيءَ وارو شاھ ڀٽائي

سنڌڙيءَ وارو شاھ ڀٽائي
سنڌڙيءَ وارو شاهه ڀٽائي، جَڳَ سان اڄ ڳالهائي ٿو،
ٻڌو ٻڌو اي دنيا وارو، ڳالهه وڏي ورجائي ٿو.

وحدت ڪثرت منجهه سمائي،
آهي ذات صفات هِڪائي،
سڀ ۾ ساڳيو نُور اِلاهي
ڳالهه اِها سمجهائي ٿو.

ڪير، ڪٿان جا، ڪهڙا آهن،
خالق خلقيا اهڙا آهن،
ماڻهو سڀ هڪجهڙا آهن،
ڳالهه اِها سمجهائي ٿو.

جيڪو جنگ جي باهه لڳائي،
ڌرتيءَ تي بارود وَسائي،
ڪجهه به هجي، انسان نه آهي،
ڳالهه اِها سمجهائي ٿو.

جيسين مَن ۾ آهه ٻِيائي،
درد جي دعوا آهه اجائي،
پيارَ بنا ٻي ناهي سچائي،
ڳالهه اِها سمجهائي ٿو.....

منهنجي دلبر ديس جي ڌرتي

منهنجي دلبر ديس جي ڌرتي

هيءَ پياري، سونهاري، منهنجي دلبر ديس جي ڌرتي
ٻلهاري، سؤ واري، منهنجو اُن سان انگ الستي،

جنهن جا ماڻهو محنت وارا، مهر محبت وارا،
جنهن جي مٽي سون اُپائي، پاڻي امرت ڌارا
وڻ ٽڻ وليون، مشڪ کٿوريون، برپت باغ بسنتي.

جهول ۾ جنهن جي سوين هزارين سالن جا سرمايا
جنهن جي در تان ساريءَ دنيا سهسين فيض پرايا
ڀاڳن واري، سائينءَ سنواري، جڳ ۾ جنهن جي هستي

پل پل پيار ٿو پلجي جنهن ۾، پڳ پڳ نينهن نظارا،
وِک وِک وِرهه وَسي ٿو جنهن ۾، لِک لِک سونهن سهارا
روح رهاڻيون، قرب ڪهاڻيون، بهشت بڻي هر بستي

دنيا ڏيهه ڏکن جو، ڙي بابا

دنيا ڏيهه ڏکن جو، ڙي بابا

دنيا ڏيهه ڏکن جو، ڙي بابا، دنيا ڏيهه ڏکن جو.

جڳ جي ريت اها ئي آهي،
هڪڙو پوکي ۽ ٻيو کائي،
هڪڙو روئي ۽ ٻيو ڳائي،
هي انڌير جُڳن جوڙي بابا.
دنيا ڏيهه ڏکن جو.

ڏاڍ جي ڏائڻ آهي دنيا،
ڪمزورن تي ڪاهي دنيا،
ڪنهن سان ڪين نباهي دنيا،
ناهي ماڳ سُکن جو، ڙي بابا.
دنيا ڏيهه ڏکن جو.


دوهو:
پنهنجي پوکي پاڻ نه کائي، کيت پرايو هوءِ،
سُک جي هڪڙيءَ ساعت ڪارڻ، عمر سموري روءِ.

دل ٿي دلبر تو کي ساري،

دل ٿي دلبر تو کي ساري،
موٽي آ تون پنهنجي ديس.

اُڀَ مٿي جئن تارا چمڪن،
نيڻن جهرمر لائي لُڙڪن
سِجَ سمهاريم، چنڊ اُڀاري.
دل ٿي دلبر توکي ساري.

مِينهَن ۾ نينُهن اڪيلو آهي،
مُند ته من جو ميلو آهي
ويٺين ڪئن تون مون کي وساري.
دل ٿي دلبر توکي ساري.

وَرَ ته وِلهيءَ جا موٽ سِگهائي،
کوءِ سندءِ پرديس ڪمائي،
پيئي آهيان تنهنجي پناري.
دل ٿي دلبر توکي ساري.

ڪينجهر جي اڪيلي ڪونج

ڪينجهر جي اڪيلي ڪونج
(بي نظير جي شهادت تي)

زبان گونگي،
اکين ۾ ڳوڙها،
ڪنن ۾ گولين جي گونج آهي:
هي ڪير آڪاش ڏي اُڏاڻو، اُداس صدين جي سُونجهه آهي!

ڪو باغ کي باهه ڏئي هليو ويو،
ڪو بم گلن ۾ رکي هليو ويو،
هوا ۾ بارود جي ڌماڪن جي تيز بدبو،
گهٽين ۾ بيهوش آهي خوشبو،
سڄي شهر جي دلين دماغن ۽ ساههَ سينن ۾ مُونجهه آهي.

امن جو ڳيرو صبح سواري،
اڏاڻو سنڌوءَ جي ٻئي ڪناري:
انڌيري اڌ رات جو ٻُريا ٿي جي سڏ پڙاڏا،
اهي يڪايڪ الوپ ٿي ويا:
وڇوڙي پنهنجي ولر کان مڪّار ماريُن بيقصور ماري
اڪيلي ڪينجهر جي ڪونج آهي!

تون ته وسرين نٿو،

تون ته وسرين نٿو،
دل مان نڪرين نٿو،
تون وسارڻ سان وسرڻ جو ناهين پرين.

رنگ ۽ راز ۾، ناز انداز ۾،
انگ آواز ۾، اهڙي اعزاز ۾،
ساري تخليق جي دلربا ساز ۾،
تون ته سهڻن سندي سونهن آهين پرين......

توکي رابيل يا گل گلابي چوان،
نُور جي ڇاٽ ڪا ماهتابي چوان،
يا وري ڪائي صورت ڪتابي چوان،
تون ئي چئهُ پاڻ، سچ پچ ته چاهين پرين.......

آهين ساڀيان ۾ سپنن جو ٻهروپ تون،
منهنجي سپنن جي ساڀيان سندو روپ تون،
منهنجي گيتن جو گمنام محبوب تون،
بات بيشڪ ڪريان ٿو پرانهين پرين......

هي ديس عجب دل وارن جو

هي ديس عجب دل وارن جو

هي ديس عجب دل وارن جو،
هن ديس جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي.

هيءَ ڌرتي سونهن اُپائي ٿي،
الفت جي جوت جڳائي ٿي،
جڳ ساري ۾ ڦهلائي ٿي:
هي ديس سخي سردارن جو.......

هيءَ ڌرتي آهي اُجالن جي،
تهذيب جي انت ڪمالن جي،
دنيا جي لاءِ مثالن جي:
هي ديس وڏن وينجهارن جو.....

هيءَ ڌرتي جُنگ جوانن جي،
شهزورن جي، ٻلوانن جي،
آزاديءَ جي پروانن جي:
هي ديس سدا سوڀارن جو......

هيءَ ڌرتي شل آباد رهي،
هيءَ امن جي نگري شاد رهي،
شل سارو جڳ دلشاد رهي:
هي ديس محبت وارن جو.......

منهنجي وفا، تنهنجي جفا

منهنجي وفا، تنهنجي جفا

منهنجي وفا، تنهنجي جفا، دنيا ۾ ياد رکندا پيار وارا!

تنهنجي دنيا پايل پايل،
منهنجي دنيا گهايل گهايل،
گهايل گهايل – منهنجي وفا.....

عشق جڏهن اقرار ڪيو هو،
سونهن تڏهن سينگار ڪيو هو:

دل تو کي دلدار ڪيو، دلدار ڪيو هو – منهنجي وفا.....

ايڏي قربت، ايڏي دوري،
هاءِ محبت جي مجبوري:

رهجي ويئي آس اڌوري، آس اڌوري – منهنجي وفا......

ڌرتيءَ تي دل وارا ايندا،
گيت اسان جا جهونگاريندا،

چنڊ ستارا شاهد ٿيندا، شاهد ٿيندا – منهنجي وفا.......

بسنت رت آئي

بسنت رت آئي

رت بسنت جي آئي، ملي واڌائي،
پرينءَ جي پار جي

مُند ملڻ جي آئي، ملي واڌائي،
پرينءَ جي پار جي.

ساوڪ سان سينگاريا برپٽ،
مست گهمن ڀنڀوريون پوپٽ،
گل ڦل موج مچائي، ملي واڌائي

ٿڌڙي ٿڌڙي هِير گهُلي ٿي،
مکڙي گل ٿي خوب ٽڙي ٿي،
ڀونئر بڻيو هرجائي، ملي واڌائي

سانجهه سويري سپرين آيا،
نيٺ ته ٿيڙا لايا سجايا،
ٿي وئي دور جدائي، ملي واڌائي

منهنجا جيون ساٿي

منهنجا جيون ساٿي

منهنجا جيون ساٿي، ساٿ پنهنجو رهي،
نه مان تو کان جدا، نه تون مون کان پري،
ساٿ پنهنجو رهي

گل سان جئن سرهاڻ رهي ٿي،
چنڊ سان جئن چانڊاڻ رهي ٿي،
سمنڊ سان ڇولي ساڻ رهي ٿي،
ساڻ رهي ٿي – منهنجا جيون ساٿي.

جڳ فاني، جڳ وارا فاني،
ڌرتي، سج چنڊ، تارا فاني،
پيار امر، ٻيا سارا فاني،
سارا فاني – منهنجا جيون ساٿي.

پيار اسان جو سنڌو ڌارا،
قائم دائم ٻيئي ڪنارا،
نت نت نينهن نظارا،
نينهن نظارا – منهنجا جيون ساٿي.

هاري حقدار

هاري حقدار

مان هاري حقدار
مان هاري حقدار

ڌرتيءَ کي چيري مان چاندي اُپايان،
چاندي اُپايان
ڪوڏر سان قدرت جو چرخو چلايان
چرخو چلايان
بربٽ ڪريان گلزار

منهنجيءَ ئي پوکيءَ تي پلجي ٿي دنيا
پلجي ٿي دنيا
منهنجي ئي پورهئي سان ڍڪجي ٿي دنيا
ڍڪجي ٿي دنيا
ڏيهه جو مان ڏاتار

منهنجي ڪري آهي رنگت چمن جي
رنگت چمن جي
منهنجي ڪري آهي رونق وطن جي
رونق وطن جي
مان ئي سونهان سردار

محنت ڪري ٿو هاري

محنت ڪري ٿو هاري


محنت ڪري ٿو هاري، محنت ڪري ٿو هاري،
هن جي پگهر جي صدقي کائي ٿي خلق ساري.

ڇا کيت هن سنواريا، ڇا باغ هن بهاريا،
ڇا ڌوڙ مان به ڌن جا انبار هن اڀاريا
هن جي ئي دم قدم سان ڌرتيءَ جي سونهن ساري......

محنت جا مينهن وسائي، بَرَ کي بهشت بنائي،
ايمان آهي اَنَ سان، ايمان هي اُپائي
هن کي ڪا آهي حاصل قدرت جي رازداري......

گل باغ بي شمارا، نت نت نوان نظارا،
آباد هن جي دم سان، سنڌوءَ جا ٻئي ڪنارا
ڌرتيءَ جي دنگ تائين سڀ هن جي شاهڪاري....

سڀ جڳ ڳائي راڳ اسان جا

سڀ جڳ ڳائي راڳ اسان جا


سڀ جڳ ڳائي راڳ اسان جا، سُور اسان جو ڪنهن نه سڃاتو،
من من اندر ماڳ اسان جا، سُور اسان جو ڪنهن نه سڃاتو.

گيت اسان جا ماڻڪ موتي، سُک جا سپنا، جيون جوتي،
سڀڪو ڀانئي ڀاڳ اسان جا، سُور اسان جو ڪنهن نه سڃاتو.

بن بن وستيءَ وستيءَ تائين، هر هڪ دل جي ڌرتيءَ تائين،
وک وک تي ويراڳ اسان جا، سور اسان جو ڪنهن نه سڃاتو.

جڏهين راڳ اسان جا گونجن، مُکڙيون، ماڪ، ستارا چمڪن
اهڙا دل جا داڳ اسان جا، سُور اسان جو ڪنهن نه سڃاتو.

جهوناڳڙهه جي ريت به ساڳي، جهڙو راجا، تهڙو راڳي،
ڪهڙا ڪنهن سان لاڳ اسان جا، سُور اسان جو ڪنهن نه سڃاتو.

دلڙي وندري نا

دلڙي وندري نا

دلڙي وندري نا دلدار بنا،
دم گذري نا ديدار بنا.

جُهڙ ڦڙ ٿئي جئن جئن زور،
شور ڪري من جو مور،

سارنگ جا ساٺ پسي،
ڏئي باهه برهه جي ڀڙڪا.

دلڙي

رهجي ويئي آس اڌوري،
ڪوئي محرم حال نه آهي،

دلڙي

هڪڙي دل، سور سوين،
ڪئن گهاري گهايل جندڙي،

دلڙي

پل پل پُر پون،
ڪئن وسري پريت پراڻي،

دلڙي

جوڀن ڙي، جاڙ ڪيئي،
ڏَئِي سونهن جلايئي جندڙي،

دلڙي

سندم يار سُهڻو، هزارن ۾ هڪڙو

سندم يار سُهڻو، هزارن ۾ هڪڙو

ٿو جئن چنڊ چمڪي ستارن ۾ هڪڙو،
سندَم يار سهڻو، هزارن ۾ هڪڙو.

سندس زلف ڄڻ ڪلف آهن نظر جا،
سندس گهُور ۾ پُور پهرئين پهر جا،
سندس ناز ۾ راز دل جي شهر جا،
هو قدرت جي ڪُل شاهڪارن ۾ هڪڙو.......

هُو ٻولي ته ڄڻ ٻُور آيو وڻن تي،
هُو مُرڪي ته ڄڻ چنڊ اُڀريو گلن ٿي،
هلي ڄڻ ته ڪڪريون گهمن ٿيون ڀِٽن تي،
عجب حسن جي يادگارن ۾ هڪڙو......

گلن جي ڪجي ڳالهه يا گلبدن جي،
چمن، چنڊ، چوماس، چانڊوڪين جي،
ڪنول، ڪونج، ڪوڏيل يا ڪاريهرن جي،
نظر ايندو هو ئي نظارن ۾ هڪڙو......

جنم جنم کان

جنم جنم کان

جنم جنم کان هن جيوَن ۾ جيڪي چنڊ چڙهيا آهن،
روپ اِهي سڀ تنهنجا آهن

روپ وفا جو، روپ جفا جو، روپ محبت ۽ نفرت جو،
پنهنجيءَ پنهنجيءَ قسمت آهر، ڪي وَرسيا ڪي وڇڙيا آهن
روپ اِهي سڀ تنهنجا آهن

جيئن ڪنول تي ڀونئر ڀِري ٿو، تيئن مان تنهنجي مکڙي تي،
آڪاس ۽ پاتال جي وچ ۾ ڪيڏا گل ٽڙيا آهن
روپ اِهي سڀ تنهنجا آهن

ساز ۾ جئن آواز رهي ٿو، گل ۾ جئن سرهاڻ رهي،
گيت ۾ تئن من – ميت ٿو مُرڪي، مرتي مون نه مڙهيا آهن
روپ اِهي سڀ تنهنجا آهن

گيت مان ڳايان

گيت مان ڳايان

گيت مان ڳايان، تون ڇيڙ سرگم،
دور ٿي وڃي اڄ هر غم.

جهٽ پٽ جو جهوٽو جواني،
ڪريون امر زندگاني،
الفت جي راهن تي ڇڏيون،
خوشين جي ڪائي نشاني،
سهڻا صنم، منهنجا پيارا صنم،
هيءَ حياتي ته آهي ڪو دم....

جيون ته چانڊاڻ آهي،
سچ، سونهن، سرهاڻ آهي،
ڪهڙي ڪمي آهي باقي،
سڀڪجهه پرين پاڻ آهي،
او سهڻا صنم، منهنجا پيارا صنم،
تنهنجو مرڪڻ به آهي ڪرم.....

رنگ روپ، موسم جي مستي،
روحن جي راحت الستي،
دلين جي دنيا کان اڳتي،
ناهي عدم، ناهي هستي،
ڇا جي خطا، ڇا جي سزا،
ساز کڻ، رات ٿئي ٿي ختم.....

منقبت

منقبت

ڄائو ڪعبت الله ۾، ٿيو مسجد منجهه شهيد
مانجهي ميڻ نماز ۾، شقيءَ تي شديد
مجرايون مزيد، ڳڻي ڳڻجن ڪيتريون.

پيارو پاڪ الله جو، نبيءَ برادر
شوهر سو زهرا جو، جا نبيءَ جي دختر
پدر حسن حسين جو، ساقيءِ ڪوثر
پُر ڪري ساغز، ڏيندو شل شمشير کي.

هو تان شير خدا جو، اسد الله اظهر،
مشڪل ڪشا مهل ۾، نرتئون نشانبر،
صاحب ذوالفقار جو، پڙ ۾ ٿيو پڌر،
هلي آيا هوڏ ڪري، بانڪا بهادر،
غالب ٿيو ڪل تي، خان کٽيو خيبر،
مرحب ۽ انتر، مري ويا مات ٿي.

نبي شهر علم جو، علي ان جو در،
جنهن کي خم خدير ۾، ساراهيو سرور،
سڏيو چوي سڀن کي، چڙهيو مٿي ممبر،
جيڪي منجهه جهانَ ٿيو، خشڪ هجي يا تر،
جيئرو آهيان جيتر، پڇو جو پڇڻو هجي.

لولڙي الا هو

لولڙي الا هو

لو لَڙي اَلا هو.... گولَڙي اَلا هو
چيٽ پَڪا، کيٽ پَڪا، مارو مليا، ميڙا متا،
لو لَڙي اَلا هو، گولَڙي اَلا هو......

سنڌڙي ڙيِ سنڌڙي، اسين تنهنجا ماڻهو، کائون مکڻ چاڻو
سنڌوءَ جي سِير مان، دريا جي ديڳ مان، لڌوسون ناڻو
گنج ٿيا، رنج ويا، مارو مليا، ميڙا مَتا،
لو لَڙي اَلا هو، گولَڙي اَلا هو......

سکر براج مان نڪتيون ڪئنالون، کڻي هيرا لالون،
سونن سنگن وچ ۾، ڇيڄ وجهن ڇيڳريون، ڇورا ڏين ڇالون،
رنگ لڳا، چنگ وڳا، مارو مليا، ميڙا متا
لو لَڙي اَلا هو، گولَڙي اَلا هو......

سکر جي پُل تان اُڏاڻو ڳيرو، ساجهر سويرو،
اتان ٿي آيو جِت بابل جو ديرو، چُمان تَنهن جو پيرو،
پُور ويا، سُور ويا، مارو مليا، ميڙا متا
لو لَڙي اَلا هو، گولَڙي اَلا هو......

لاباري جا ڏينهڙا، موٽي آيا مينهڙا، ساريم ڪي سَنيِهڙا،
اَبُلَ جي بَند تي، اچ پروڪي هَنڌ تي، لايون نوان نينهڙا،
روح رَليا، سُور سَليا، مارو مليا، ميڙا متا
لو لَڙي اَلا هو، گولَڙي اَلا هو......

فلم “بيزبان” لاءِ گيت

فلم “بيزبان” لاءِ گيت

پيار مليو دلدار مليو آ
ڀينرڙي منهنجي دلڙي کَسي ويا
جيڏ لڙي منهنجي دلڙي ڦُري ويا
او سانگيئڙا لئون لائي ويا، لائي ويا
او جهانگيئڙا لئون لائي ويا، لائي ويا
پيار مليو

ڪجهه نه چيائون، ڪجهه نه سَليائون
نِسنگ نيرانا نيڻ بڇيائون
گهُور سان هينئڙو گهائي ويا، گهائي ويا،
او سانگيئڙا

آنءُ ته هيس اڻڄاڻ اَٻالي
بازَ برهه جا آياجَلالي
چُست چَنبن ۾ چائي ويا، چائي ويا،
او سانگيئڙا، لئون لائي ويا.

ڪا جا صورتَ ساههَ سمائي
تانگههَ اُنهيءَ جي مَتَڙي مُنجهائي
پيچ پرين اهڙو پائي ويا، پائي ويا
او سانگيئڙا، لئون لائي ويا.

ميلاد

ميلاد

يا نبي سلام عليڪ، يا رسول سلام عليڪ،
يا حبيب سلام عليڪ، صلوات الله عليڪ،

تون خدا جو نور ڪامل، توتي ٿيو قرآن نازل،
تو کي ٿيو معراج حاصل، تون خدا سان آهين واصل،
يا نبي سلام عليڪ

رحمتن جو تون خزانو، تون خدائيءَ جو بهانو،
تنهنجو اعليٰ آستانو، ٿو چمي سارو زمانو،
يا نبي سلام عليڪ

عاصين جو آسرو تون، بيڪسن جو ڀَرجهلو تون،
ساري خلقَت ۾ ڀَلو تون، ڪُل نبين کان مٿڀرو تون،
يا نبي سلام عليڪ

ڇا ڪريون تنهنجي وڏائي، تنهنجي عزت رب وڌائي،
ٿا پِنون تو کان گدائي، دين دنيا جي ڀلائي،
يا نبي سلام عليڪ

لامَ لنوي ٿو ڪانگلڙو،

لامَ لنوي ٿو ڪانگلڙو،
باک ڦٽيءَ جو ويلو ڙي.

اُڀ تي ڪَڪَرين ڪارَ الا -لا
وِينگس ڇوڙيا وارَ الا -لا
نِسريو نينهن نويلو ڙي
پوربَ پڌري واٽَ الا -لا
جهرمر جَرڪي واٽَ الا -لا
سنڀريو ساٿ سويلو ڙي
جهوپن ۾ جهونجهارَ الا -لا
چهڪن ٻهڪن ٻارَ الا -لا
آزاديءَ جو ميلو ڙي
سهڻو ڀل پرديس الا -لا
دلبر منهنجو ديس الا -لا
چمڪي چنڊ اڪيلو ڙي

مينهَن هجن يا واچوڙا، پر ڏيئو ته روشن رکڻو آ،

مينهَن هجن يا واچوڙا، پر ڏيئو ته روشن رکڻو آ،
پنهنجو ئي گهر آهي پيارا، گهر لئه جيئڻو مرڻو آ.

وار وکيري آئي برکا، ڌنڌلو ٿي ويو چنڊ،
ڇايون چئني پار گهٽائو، تارن کي پيو منڊ،
ڏينهن ڪٺن يا رات ڀيانڪ، کلندي ڪُڏندي هلڻو آهي

لهر لهر تي چمڪي چاندي، سج ڪري چمڪاٽَ،
جاڳي پيا سڀ موتي مرجان، سِپيون ڪن سُرٻاٽَ،
ونجهه هلائي، سِڙههَ سِرڪائي، سمنڊ سمورو ڪٽڻو آ

روشن تارا گيت

روشن تارا گيت

ساوڻ مند جا مينهن، ڀلي ڪري آيا،
ساوڪ سُک جا ڏينهن، ڀلي ڪري آيا.

سمنڊ تان پاڻي پي جو نڪتا،
گوڙ کنوڻ سان ڳولي رستا،
بادل ڊوڙي هِتڙي پهتا،
وڏ ڦڙي جي ڏس چنچلتا،
ساوڻ مند جا مينهن........

جهڙ ڦڙ جهڙ ڦڙ موج لڳي وئي،
بيل وڳو ۽ موڪل ٿي وئي،
هوم ورڪ کان جنڊ ڇُٽي وئي،
لکڻ پڙهڻ کان ڇُوٽ ملي وئي
ساوڻ مند جا مينهن........

سنهڙي سنهڙي بوند وسي ٿي،
اچو اچو سڀ جلدي جلدي،
مزو وٺون وهنجڻ جو گڏجي،
ڳايون هيڪر رحمت رب جي
ساوڻ مند جا مينهن........

عشق منهنجو عجب، حسن تنهنجو غضب،

عشق منهنجو عجب، حسن تنهنجو غضب،
پوءِ ڪهڙي سبب، ڌار رهندا اچون؟

تون جي مُرڪين ته باغن ۾ مکڙيون ٽڙن،
مان جي سوچيان ته ڪنڊا به گل ٿي پون،
ميل اهڙو ته دنيا ۾ آهي الڀ،
پوءِ ڪهڙي سبب.........

تون جي ڪوهه ڪاف جي آهين ڪا گُلَ پَري،
مان به سڏجان ٿو سردار ڪارونجهري،
هيءَ حقيقت ته دنيا ۾ ڄاڻن ٿا سڀ،
پوءِ ڪهڙي سبب.........

تنهنجي هستيءَ سان گڏ منهنجي مستي رهي،
انگ الفت جو اهڙو الستي رهي،
پاڻ راضي رهي پيار پنهنجي تي رب،
پوءِ ڪهڙي سبب.........

دل ڌيري ڌيري ڌڙڪي ٿي،

دل ڌيري ڌيري ڌڙڪي ٿي،
ڪا آڳُ اندر ۾ ڀڙڪي ٿي.

ها ڇاهي ڀلا؟ ڪو بات اِها سمجهائي ڀلا.

جئن سِجُ لڙي، جئن چنڊ چڙهي،
جئن هِيرِ گهُلي، جئن رات ٺري،
جئن ڪڪر مِڙن ۽ بوندَ پوي،

ڪا وِڄَ هِنئين تي ڪڙڪي ٿي
هي ڇاهي ڀلا.

ننڊَ نيڻَ نه ڪن، وس ۾ نه رهن،
ڪي پاڻ وهيڻا پُورَ پون،
۽ چاهتَ جا ڪي چنگ چُرن،

اک هوريان هوريان ڦڙڪي ٿي
هي ڇاهي ڀلا.

ڪوڙو آهين ڪانگل، تو کي لالچ آهي لولي جي،

ڪوڙو آهين ڪانگل، تو کي لالچ آهي لولي جي،
ڪوئي ناهي اچڻو، تو کي عادت آهي ڀولي جي.

ڪالهه به ڪان ڪان ڪئي هئي تو، جاني پو به نه آيو
سڻڀو لولو، ٺڳ ڪٿي جا، کائي وئين اجايو
ڄاڻان ٿي چالاڪي سڀڪا تنهنجي، تنهنجي ٽولي جي

منهنجو سُپرين مون وٽ آهي، منهنجيءَ دل ۾ آهي،
منهنجي تنهائيءَ ۾، منهنجي هر محفل ۾ آهي،
مَڻين مقالون آهن، تو کي خبر نه آهي تولي جي

رُسي ويو جي هيڪر مون کان، ايندو ٻيهر پاڻان،
ڪڏهين ايندو، ڪنهن پر ايندو، سو تان مان ئي ڄاڻان،
ڪان ڪان ڪان – ڪان وارا تو کي خبر نه آهي ڍولي جي

پيار ته هن جو ايڏو آهي، جيڏو سنڌو ساگر،
سِڪ ۾ منهنجي سڙندو هوندو راتيان ڏينهن برابر
پوءِ به تو کي ڪيئن ٻڌايان، ڳالهه جا آهي رولي جي.

سڀ جڳ ڳائي راڳ اسان جا

سڀ جڳ ڳائي راڳ اسان جا


سڀ جڳ ڳائي راڳ اسان جا، سُور اسان جو ڪنهن نه سڃاتو،
من من اندر ماڳ اسان جا، سُور اسان جو ڪنهن نه سڃاتو.

گيت اسان جا ماڻڪ موتي، سک جا سپنا، جيون جوتي،
سڀڪو ڀانئي ڀاڳ اسان جا، سور اسان جو ڪنهن نه سڃاتو.

بن بن وستيءَ وستيءَ تائين، هر هڪ دل جي ڌرتيءَ تائين،
وک وک تي ويراڳ اسان جا، سور اسان جو ڪنهن نه سڃاتو.

جڏهين راڳ اسان جا گونجن، مکڙيون، ماڪ ستارا چمڪن
اهڙا دل جا داڳ اسان جا سور، اسان جو ڪنهن نه سڃاتو.

جهوناڳڙهه جي ريت به ساڳي، جهڙو راجا، تهڙو راڳي،
ڪهڙا ڪنهن سان لاڳ اسان جا، سور اسان جو ڪنهن نه سڃاتو.

هيءَ سرزمين پياري

هيءَ سرزمين پياري

هي آسمان اُوچو، هيءَ سرزمين پياري،
منهنجي مٺي وطن جي هر چيز آهي نياري.

تاريخ جا فسانا، تهذيب جا خزانا،
سي پاڪ آستانا، جن تي جهڪن زمانا،
هي آسمان اوچو

محنت سان گڏ محبت، سچ، سونهن، دل جي دولت،
مٽي به سون آهي، پاڻي به آهي امرت،
هي آسمان اوچو

ماڻهو مڙيئي پيارا، ڪي چنڊ، ڪي ستارا،
فردوس جا نظارا، سنڌوءَ جا ٻئي ڪنارا،
هي آسمان اوچو

گيتِ مان ڳايان، تون ڇيڙ سَرگم

گيتِ مان ڳايان، تون ڇيڙ سَرگم
دور ٿي وڃي، اڄ هر غم.

جهٽ پٽ جو جهوٽو جواني
ڪريون امر زندگاني
الفت جي راهُن تي ڇڏيون
خوشين جي ڪائي نشاني

سهڻا صنم، منهنجا پيارا صنم
هيءَ حياتي ته آهي ڪو دم......

جيون ته چانداڻ آهي
سچ سونهن سُرهاڻ آهي
ڪهڙي ڪمي آهي باقي
سڀڪجهه پِرين پاڻ آهي

او سهڻا صنم، منهنجا پيارا صنم
تنهنجو مُرڪڻ به آهي ڪرم......

رنگ روپ، موسم جي مَستي
روحن جي راحتَ الستي
دلين جي دنيا کان اڳتي
ناهي عدم، ناهي هستي

ڇا جي خطا، ڇا جي سزا
ساز کڻ رات ٿئي ٿي ختم........

ڊئم فول!

ڊئم فول!

ڊئم ٿو ٺاهين، ڊئم فول!
ڌوڙ ٿو پائين، ڊئم فول!

ڊئم ته تنهنجو ائٽم بم
جنهن سان ٿيندو اهڙو ڪم
سارو پاڪستان ڀسم
واه ڙي وا، دانا بهول!......

ڊئم ته تنهنجو شيشي گهرُ
تنهن ۾ هينگون ڏئي ٿو کرُ
هر ڪنهن هٿ ۾ آهي ڀترُ
هٽي پري ٿي، نا معقول!......

ڊئم ته تنهنجو واريءَ ڪوٽ
جنهن جي بنيادن ۾ کوٽ
ڊهڻو آهي چوٽان چوٽ
ٿوڻيون ٿنڀا سڀ فضول.......

ڊئم ته تنهنجو ڪاريهر
پالي، کير پياري، مر
ويري ڪين ڇڏي ڪنهن پر
سو تان قدرت جو معمول.......

ڊئم ته تنهنجو گند جو ڍير
جنهن تي ماڪوڙن جو ميڙ

دل ڌڪ ڌڪ، ڌڪ ڌڪ، ڌڙڪي ٿي،

دل ڌڪ ڌڪ، ڌڪ ڌڪ، ڌڙڪي ٿي،
اک ڦڙ ڦڙ، ڦڙ ڦڙ، ڦڙڪي ٿي،
دل ڌڙڪي ٿي، اک ڦڙڪي ٿي،
ڇا سچ پچ تون پيو ياد ڪرين؟

تون ڪوڙو قول قرارن ۾،
وتين گهمندو شَيلَ شڪارن ۾،
هت منهنجيون اکيون تارن ۾،
دل ڌڪ ڌڪ، ڌڪ ڌڪ، ڌڙڪي ٿي

تون واهه جا ڪنگڻ آئين وٺي،
ڪٿ چُوڙيون، بَڪلَ ۽ سُرخي،
بس، هاڻي تو سان آهي ڪِٽي،
دل ڌڪ ڌڪ، ڌڪ ڌڪ، ڌڙڪي ٿي.....

تنهنجي واٽَ نه هاڻ نهاريان ٿي،
تو لاءِ نه سِينڌ سنواريان ٿي،
پر پوءِ به تو کي ساريان ٿي،
دل ڌڪ ڌڪ، ڌڪ ڌڪ، ڌڙڪي ٿي.....

تون ڪيڏي سهڻي آهين،

تون ڪيڏي سهڻي آهين،
تون ڪيڏي پياري آهين،
سو تو کي نا معلوم،
سو تو کي ڇا معلوم.

ڪو پوپٽ اس ۾ اُڏري،
ڪو ڳيرو دريا اُڪري،
ڪا ڪڪري ڀِت تان گذري،
اهڙي سونهاري آهين.........

ڪو پور پچايو ڪُرڪي،
ڪو زهر پيالو سُرڪي،
ڪو امرت هاريو مُرڪي،
تون اهڙي نيازي آهين.........

ڇا انگَ مليئي الماسي،
ڇا رنگ مليئي چوماسي،
ڇا نيڻ مليئي بن واسي،
ڇا سائينءَ سنواري آهين......

بيهه اداڙي بادل، منهنجي يارَ کي اچڻو آهي،

بيهه اداڙي بادل، منهنجي يارَ کي اچڻو آهي،
يار ته منهنجو پاڻ وهيڻو، نازڪ نچڻو آهي.

واٽ تي هن کي ڪنڊو لڳندو، پير منڊو ٿي پوندو،
مَنڊڪ مَنڊڪ رڙهندي رڙهندي، نيٺ ته پڄڻو آهي.....

چڪَ چڪڻَ ۾ ڪرند جُهرندي، آٿر پاٿر ايندو،
کيڙيون کيتَ کَرا اورانگهي، واٽر ٽپڻو آهي......

پوءِ اچي جي هوءُ ته تو کي ڪرڻا آهن وَسَ،
وسي وسي سڀ ڪرڻا آهن بند پرينءَ جا گَسَ،
بس ڙي بادلَ ڀائو، تو کي قرب هي ڪرڻو آهي......

دل ٿي دلبر توکي ساري،

دل ٿي دلبر توکي ساري،
موٽي آ تون پنهنجي ديس.

اُڀَ مٿي جئن تارا چمڪن،
نيڻن جهرمر لائي لُڙڪن،
سِجَ سمهاريم، چنڊَ اُڀاري......

مينهن ۾ نينهن اڪيلو آهي،
مُند ته من جو ميلو آهي
ويٺين ڪئن تون مون کي وساري......

وَرَ ته ولهيءَ جا موٽ سِگهائي،
کوءِ سندءِ پرديس ڪمائي،
پيئي آهيان تنهنجي پناري.......

اڄ نچو ۽ ڳايو

اڄ نچو ۽ ڳايو

اڄ نچو ۽ ڳايو، ۽ موج ملهايو،
هي ڏينهن آهي خوشين جو.

مست بڻيو اڄ سارو عالم،
ڪنهن کي ڪنهن جو ناهي ڪو غم،
دل جي جلترنگ تي ڇيڙيو سرگم،
بس ڌوم مچايو......

رنگ رچايا نينهن نظاري،
هر ڪو پنهنجا سپرين ساري،
سنڌوءَ جي ڪناري ٿو ڪوئي پيار پڪاري،
سپنن کي سجايو......

ڄاڻ ته آيا محب موچارا،
دل ٿي ڳائي نغما نيارا،
ٿيا ميل وري هيل، ٿيا ڀاڳ ڀلارا،
ٿيو لايو سجايو.....

رم جهم رم جهم بادل آيا

رم جهم رم جهم بادل آيا


رم جهم رم جهم بادل آيا،
سارنگ سهسين رنگ رچايا،
بن بن ڇن ڇن بوند بهاري.

ڇم ڇم ڇم ڇم ڇمڪن ڇيريون،
گل گل ڀونئرا پائن ڦيريون
وڻ وڻ پاتا ويس هزاري.....

گج گج گاجَ ڪيون گجگوڙون،
انڇر منڇرَ ٻوڙان ٻوڙون
ٿَرَ بَرَ ٿَرَ بَرَ ٿي ملهاري.....

رات وٺو، ڪلهه رات وٺو هو،
آڌيءَ کان پرڀات وٺو هو،
سانول سُرهي سينڌ سنواري......

هر دل جو ڌڻي

هر دل جو ڌڻي

اي ٿڌڙي هِير بهارن جي،
تنهنجي نازڪ سُرهيءَ جهول اندر،
سا لات لطيفي سانڍيل آ،
جا لات آهي صدين جو ثمر.

تنهنجي خاڪ سندس پيرن جي پڻي،
منهنجي پيشانيءَ جو نور بڻي،
تو هن کي ڏٺو ۽ پيار ڪيو،
سو سنڌ جي آ هر دل جو ڌڻي.

اي چنڊ، سندءِ چانڊوڪين ۾،
خاموش ستل آهن سي اکيون،
هيون جن ۾ اهڙيون جلوي گريون،
جي سج جي تاب ڪنان به تکيون.

تنهن ذهن سان چمڪيا چنڊ سندءِ،
جنهن ذهن ۾ سهسين سج اڀريا،
تنهنجو حسن انهيءَ دل جو پاڇو،
جنهن ۾ پيار جا پلٽيا ٿي دريا.


اعزاز مبارڪ هي توکي،
اي سنڌڙي، تو ۾ آهي سُتل،
سو شاعر، جنهن جو هر نغمو
سچ سونهن جي رنگ ۾ آهي رتل.

اي شاهه، سندءِ پيغام امر،
ڪل دردن جو آهي درمان،
ڏي موڪل مان هيءَ خاڪ چمان،
اکين ۾ سرمي جيئن وجهان.

بيهه اداڙي بادلَ، منهنجي يار کي اچڻو آهي،

بيهه اداڙي بادلَ، منهنجي يار کي اچڻو آهي،
يار ته منهنجو پاڻ هيڻو، نازڪ، نچڻو آهي.

واٽ تي هُن کي ڪنڊو لڳندو، پير منڊو ٿي پوندو،
مَنڊڪ مَنڊڪ رڙهندي رڙهندي، نيٺ ته پُڄڻو آهي

پِڪَ چِڪڻَ ۾ ڪِرندي جُهرندي، آٿر پاٿر ايندو،
کيڙيون کيت کرا اورانگهي، واٽر ٽپڻو آهي

پوءِ اچي جي، هوءُ ته توکي ڪرڻا آهن وَس،
وسي وسي سڀ ڪرڻا آهن بند پرينءَ جا گس،
بس ڙي بادلَ ڀائو، توکي قرب هي ڪرڻو آهي

پيهي وارا ڇورا، کانڀاڻي سنڀال،

پيهي وارا ڇورا، کانڀاڻي سنڀال،
کانڀاڻي سنڀال ڇورا، کانڀاڻي سنڀال
پيهي وارا ڇورا....
سونَ جا سنگَ، موتين جو کَرو،
جهارَ تڙي يارَ ٿِجان آجو هنِ سال.....
پيهي وارا ڇورا....
چيٽ به تنهنجو، ڪَتي به ڪَماءِ،
انبن جهليو ٻُور، رکج چَتونئڙن جو خيال....
پيهي وارا ڇورا....
اِجها ايندي سانوري، کڻي پَلي ٻوڙ،
پيار جو وهنوار ڀلو، جيءُ پنهنجو خيال....
پيهي وارا ڇورا....

سچ درازا وسدا هي

سچ درازا وسدا هي

گهڻي زماني ٿي ڳئي جڏهان سچ سدا سوڀارا ها
اون دي ڏاڍي هلدي پڄدي، اُون دا وارا نيارا ها.

گهر گهر اون دا جهنڊا کُتا، در در عام نظارا ها،
هر هڪ دل دلبر ها اُون، هر هڪ اک دا تارا ها.

ڪنگلا ڪوڙ اُنهان دي ايڏي شان ڪون ڏيک ڪي سڙدا ها،
راتيان ڏينهان اندر اندر جلدي پڄندا ڪڙهدا ها.

هڪ ڏينهن اينوين هويا، جيوين سچ ستا ها سيج اُتي،
ڪوڙ اچي شبخون هنيا، ڪئين ڪٽڪ انهان دي ساڻ

سچ ڪون ڏيهه نيڪالي آئي، مچلي ماڻهو ماري ڳئي،
ڪتلي قيدي باندي ٿي ڳئي، ڪتلي دار تي وار ڳئي.

سچ تڏهان ڪون لُڪدا ڦِردا، جهنگ جبل وچ رلدا ها،
ڪوڙ انهان دي مارڻ ڪِيتي پڇون پڇون ڄلدا ها.

اٿي آڪر اڄ ٻُڌو سي، سچ درازا وسدا هي،
چانڊوڪي ديان پاڪي ڇيريان، ڇم ڇم ڇم ڇم نچندا هي.

جي اي ڳالهه سچي هي يارو، ڪوڙ به اِٿان هوسي،
ڳولو ڳولو، مارو مارو، اِٿان ڪِٿان هوسي.

وايون

---

جُڳ جُڳ جال جيئن،

جُڳ جُڳ جال جيئن،
مارُو منهنجي ملڪ جا
سُک ٿي سمهن سيءَ ۾،
جُهوپا تان نه جُهرن
مکڻ ماکيون مصريون،
کنڊون کيرَ پيئن
مورَ ته ڪارونجهرجا،
ڇَهَر ڇيڄَ وجهن

تون ياد وري آئين

تون ياد وري آئين


تون ياد وري آئين! تون ياد وري آئين!
تون ياد وري آئين
دل درد سان ڀرجي وئي، اکين ۾ اُٿل آئي.
تون ياد وري آئين
چپڙن جي ڪنارن تي، ڄڻ باهه ٻري آئي.
تون ياد وري آئين
ڀاڪر ۾، وئي ڀٽڪي، اظهار جي اڳرائي.
تون ياد وري آئين
ڇاتيءَ کي ڇُهي ويئي، قربت جي پذيرائي.
تون ياد وري آئين
رڳ رڳ ۾ هلي هوريان، احساس جي ڪتڪائي.
تون ياد وري آئين
اڱ اڱ ۾ اُٿيا اُڌما، لونءَ لونءَ ۾ ورهه وائي.
تون ياد وري آئين
الفت جي اسيرن کي ماري وئي تنهائي.
تون ياد وري آئين

مستن تي نه ميار

مستن تي نه ميار

مستن تي نه ميار، سائين، مستن تي نه ميار!
ڪڏهين ايڪو ايڪ اڪيلا، ڪڏهين ٻه ڏون چار سائين
مستن تي نه ميار
ڪڏهين مست و مست مدامي، ڪڏهين دل درڪار سائين
مستن تي نه ميار
ڪڏهين ڀُوت ڀڀوتي، ڪڏهين جهالر سان دستار سائين
مستن تي نه ميار
ڪڏهين تاڻن تَنَ جون تندون، ڪڏهين طبلا تار سائين
مستن تي نه ميار
ڪڏهين موڳا ماٺ موالي، ڪڏهين چوڪيدار سائين
مستن تي نه ميار
ڪڏهين ميلا مهرون، ڪڏهين پهريون پيار اُڌار سائين
مستن تي نه ميار
ڪڏهين فخر فقيري، ڪڏهين لَک ڏنا ڏاتار سائين
مستن تي نه ميار
ڪڏهين شڪر شرافت ڪڏهين، ارڏا انگ اُچار سائين
مستن تي نه ميار
ڪڏهين صبر سوالي ڪڏهين، “آڏي ڍال م ڍار” سائين
مستن تي نه ميار
ڪڏهين هرڪو حرف هدايت، ڪڏهين “ورق وسار” سائين
مستن تي نه ميار
ڪڏهين “ويري واهو ساڳيا”، ڪڏهين جهنگ جنار سدائين
مستن تي نه ميار
ڪڏهين “حق حقيقي هڪڙو”، ڪڏهن هي هُو سار سائين
مستن تي نه ميار
ڪڏهين وحدت ڪثرت، ڪڏهين دنيا کان بيزار سائين
مستن تي نه ميار
ڪڏهين “ڀالا” “ڀاڪر”، ڪڏهين، بندوق بي اختيار سائين
مستن تي نه ميار
ڪڏهين “ڪيچين ڪاڻ اجائي”، ڪڏهين مرشد مار سائين
مستن تي نه ميار
ڪڏهين “انا الحق”، ته ڪڏهين، سوريءَ تي لاچار سائين
مستن تي نه ميار
ڪڏهين ڪوڙو ڪافر، ڪڏهين، “سچل” شاهه سردار سائين
مستن تي نه ميار
ڪڏهين پنهنجو پاڻ مسيحا، ڪڏهن منٿ مزار سائين
مستن تي نه ميار
ڪڏهن ڪعبو قبلو، ڪڏهين، قبلا، جي سرڪار! سائين
مستن تي نه ميار
ڪڏهين “اشهد الله”، ڪڏهين، قبرون ڪارگذار سائين
مستن تي نه ميار
ڪڏهين جيئرا جاهل، ڪڏهين، مڙدن تي ملهار سائين
مستن تي نه ميار
ڪڏهين گشت گدائي، ڪڏهين، قبرون ڪاروبار سائين
مستن تي نه ميار
ڪڏهين تارڪ، توبهه تائبُ ڪڏهين، دنيادار سائين
مستن تي نه ميار
ڪڏهين حسن حقيقي حاضر، ڪڏهين عشق عيار سائين
مستن تي نه ميار
ڪڏهين درويشيءَ جي دنيا، ڪڏهين شاهسوار سائين
مستن تي نه ميار
ڪڏهين بخشش بهشت بهاريون، ڪڏهين بند بزار سائين
مستن تي نه ميار
ڪڏهين ڪڙڪ ڪلامي ڪلما، ڪڏهين ساز ستار سائين
مستن تي نه ميار
ڪڏهين خادم خلقت ڪڏهين، مُلان من مردار سائين
مستن تي نه ميار
ڪڏهين مفتي فتوا فائق، ڪڏهن فاسق فار سائين
مستن تي نه ميار
ڪڏهين علم اصول امانت، ڪڏهين پيٽ پگهار سائين
مستن تي نه ميار
ڪڏهين منصف مصنف ڪڏهين، خيانت جي اخبار سائين مستن تي نه ميار
ڪڏهين آزاديءَ جون آهون، ڪڏهين “سام” * سهار سائين
مستن تي نه ميار
ڪڏهين ائٽم بم بربادي، ڪڏهين “ڳوٺ سڌار” سائين
مستن تي نه ميار
ڪڏهين امن امامي آدم، ڪڏهين جنگ جيار سائين
مستن تي نه ميار
ڪڏهين احسن اشرف انسان، ڪڏهين پسيءَ پيار سائين
مستن تي نه ميار
ڪڏهين بزرگ بابا ڪڏهين، ٻاٻا ٻُڌو ٻار سائين
مستن تي نه ميار
ڪڏهين ڌيرج ڌمڪي ڪڏهين، گار لڳي گفتار سائين
مستن تي نه ميار
ڪڏهين ڀير تي ڏونڪو ڪڏهين، ڏونڪي تي ڀوتار سائين
سائين، مستن تي نه ميار!


سوائي
جهومر هڻندا، ڳاٽ ڳڻيندا، مڙئي موالي نڪري آيا،
اوتارن کان اڳتي اُڪري، تنهنجي در تي پهچي آيا،
هڻ ۽ کڻ جا هوڪا هڻندا، سڀئي سڻايون سمجهي آيا،
تنهنجيون ڦِرڪيون ڦيري ويندا، چاڙهي چسڪيون چار!

گهايل ڪيئن ڪري!

گهايل ڪيئن ڪري!


ايڏا لاتئي ڏينهڙا، پکڙن کان ته پري
گهايل ڪيئن ڪري!

سِڪ ته تنهنجي ساهه ۾، سانڍيو سُورَ مري
گهايل ڪيئن ڪري...

ويٺڙي آهي واٽ تي، لونءَ لونءَ نيڻ ڪري
گهايل ڪيئن ڪري....

مور ته ڪارونجهر جا، اُڏريا پار پري
گهايل ڪيئن ڪري.

چِٽو چنڊ رهيج،

چِٽو چنڊ رهيج،

پيارل منهنجو پنڌ ۾ هوندو

جئن جئن وک وڌائي هو،
تئن تئن پيو هليج

پيارل منهنجو پنڌ ۾ هوندو

ڇَپَر ڇنڀجن ئي نٿا،
ان کي اينءَ چئيج

پيارل منهنجو پنڌ ۾ هوندو

پيڄ ٺَري پاڻي ٿئي،
تِهان اڳ اچيج

پيارل منهنجو پنڌ ۾ هوندو

وار ته منهنجا وِلهه ۾،
ٿڌڙا ٿئا پسيج


پيارل منهنجو پنڌ ۾ هوندو

قطعا/دوها

قطعا/دوها
---

نظر جي ڳالهه زبان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي

نظر جي ڳالهه زبان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي
اِها ئي ڳالهه جهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي:
هي ظلم آهي اسان سان اوهان جي محفل ۾،
اوهان جي ڳالهه اوهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي!

*
سدا ظلم جي مات چوندا رهياسين،
سرعام هر بات چوندا رهياسين:
اوهان ڪيترو ئي دٻايو، ڌُتاريو،
اسين رات کي رات چوندا رهياسين.

*
دِل جي پُرشوق دلاسن تي هليا آياسين،
سُونهن وارن جي سلامن تي هليا آياسين،
ڪنهن شهنشاهه جو فرمان اسان تي نه هليو،
نينهن وارن جي نياپن تي هليا آياسين.

*
درياهه کي فطري جي ضرورت سمجهو،
لڙڪن جي طلاطلم جي حقيقت سمجهو:
دل دوست جي فرقت ۾ ٿي روئي جڏهين،
انسان جي انسان سان الفت سمجهو.

*

جهان عشق جو سردار آخري آهيان،
حضور حسن ۾ حاضر وري وري آهيان،
ملنگ، مست، الستي، قلندري آهيان،
عجيب آهيان، هزارن ۾ “حيدري” آهيان.

*
مشهور سندم نغمه سرائي آهي،
هر حرف ۾ تدبير سمائي آهي:
مان جنهن کي جيئارڻ ٿو گهران، سو جيئندو،
تقدير جي تشريح اجائي آهي.

*
درد جي لذت جڏهين بيدار ٿي،
دل سراپا جنت ديدار ٿي:
ڪيتريون ئي اُلفتون جُهومي اُٿيون،
هر گهڙي گذري نگاءِ يار ٿي.

*
اڄوڪو ڏينهن به گذري ويو خيالن ۾،
اڄوڪي رات ڏکن جي ڀلا کُٽي ته سمهون:
ڪڏهن خيال، ڪڏهن انتظار ۾ آهيون،
اوهان جي ياد اسان کي سمهڻ ڏئي ته سمهون.

*
زماني جي تقدير بنجي چڪا،
نئون سج، نئون ڏينهن، نئين روشني:
انڌيرن جو رکوال سوچي پيو،
ته ڪيئن مارجي فڪر جي زندگي.

*

ڪڏهن ڪڏهن ته اوهين خود به ٿا وڃو وسري،
اسان جي دل کي ڪڏهن ڪو قرار ئي ڪونهي:
اسان کي آهي زماني تي دسترس حاصل،
اوهان جي ياد کان ليڪن فرار ئي ڪونهي.

*
ٻڌون ٿا ته اڄ چاره گر ٺيڪ ناهي،
مليريا جو گويا مُڇر ٺيڪ ناهي،
ٺلهي جام تي سر جُهڪايو ٿا، قبلا،
اوهان جي به شايد نظر ٺيڪ ناهي.

*
سهسين سهڻيون سائر ٻوڙيون، سائر ٻوڙيون پاڻ،
انت بحر جي اندر جي ير ڪا نه پئيسين ڄاڻ،
عمر سڄي “شمشير” گذاري پاڻ به سهڻن ساڻ،
“سچل” جي سرڪار ۾ پهچي، حُسن ڏٺوسين هاڻ.

درد جي لذت جڏهن بيدار ٿي،

درد جي لذت جڏهن بيدار ٿي،
دل سراپا جنتِ ديدار ٿي،
ڪيتريون ئي الفتون جهومي اٿيون،
هر گهڙي گذري نگاهه يار ٿي.

اڄوڪو ڏينهن به گذري ويو خيالن ۾،
اڄوڪي رات ڏکن جي ڀلا کٽي ته سُمهون،
ڪڏهن خيال، ڪڏهن انتظار ۾ آهيون،
اوهان جي ياد اسان کي سمهڻ ڏئي ته سُمهون.

زماني جي تقدير بنجي چُڪا،
نئون سج، نوان ڏينهن، نئين روشني،
انڌيرن جو رکوال سوچي پيو،
ته ڪيئن مارجي فڪر جي زندگي.

ٻڌون ٿا ته اڄ چاره گر ٺيڪ ناهي،
مليريا جو گويا مڇر ٺيڪ ناهي:
ٺلهي جام تي سر جهڪايو ٿا، قبلا،
اوهان جي به شايد نظر ٺيڪ ناهي!

جهانِ عشق جو سردار آخري آهيان،
حضورِ حُسن ۾ حاضر وري وري آهيان،
ملنگ، مست، الستي، قلندري آهيان،
عجيب آهيان، هزارن ۾ “حيدري” آهيان.

مشهور سندم نغمه سرائي آهي،
هر حرف ۾ تدبير سمائي آهي،
مان جنهن کي جيئارڻ ٿو گهران سو جيئندو،
تقدير جي تشريح اجائي آهي.

عيد

عيد
عيد آئي ۽ ڇِڙي هرسُو مسرت جي مقال،
چهرءِ غربت تي پر ويو ڇائنجي رنج و ملال،
ڪو غريبن کي وڃي ڏئي اڄ مبارڪ عيد جي،
ڪو يتيمانِ وطن جو اڄ ٿئي پُرسانِ حال.

لڙائيءَ جو جهنم

لڙائيءَ جو جهنم
ٿي وڃو سختيءَ سان پابند سخن،
ضبط و اتحاد و عمل سان بهره ور،
هو لڙائيءَ جو جهنم گرم ٿيو،
اي گهرن وارا، بچايو پنهنجو گهر.

اعلان حق

اعلان حق
ٿي ويو قائم ڪتابِ زيست تي عنوانِ حق،
ها، اچي ويو عزمِ نو سان پرچئه “اعلانِ حق”،
ظلم جي ايوان جي بنيادن جو خير، اي اهلِ دول،
نقشِ باطل کي مٽائڻ ويو اچي طوفانِ حق.

چمن ۾ ڪنهن جي اچڻ جون تياريون آهن،

چمن ۾ ڪنهن جي اچڻ جون تياريون آهن،
هوا ۾ هِير گهُلڻ جون تياريون آهن،
ضرور نظمِ گلستان ۾ ايندي تبديلي،
گلن ۾ رنگ رچڻ جون تياريون آهن.

اڃا جيئي پئي ڇا لاءِ پيار جي ٻولي؟
ڏئي ٿي ڪنهن کي اڃا تائين زندگي لولي؟
ڏسو، اڃا به ڀريل آهي ماءُ جي جهولي،
هڻو، اڃا به هڻو، ڪائي بيخطا گولي!

اسان جي عزم جي طاقت اوهين مڃو نه مڃو،
بلند رهندي صداقت، اوهين مڃو نه مڃو،
اسين ڏيون ٿا محبت جو درس دنيا کي،
اسان جي آهي اِمامت، اوهين مڃو نه مڃو.

رسمِ ماتم

رسمِ ماتم

“شمشير” اها رسم ماتم هر ذري ۾ پيدا ٿي ويندي،
تسليم ورضاءِ شبيري عالم تي هويدا ٿي ويندي،
الزام تراشيءَ ۾ پيدا احساس ندامت ٿي ويندو،
هي دنيا آخر هڪڙي ڏينهن شبير جي شيدا ٿي ويندي.

*

پنج آڱريون

پنج آڱريون

ڪليم هت هزارين ئي بيهوش ٿيندا،
ذرا طور تي جلوه افشان ته ٿي ڏس:
پنج ئي آگريون هٿ جون سرکيون نه آهن،
تون “شمشير” سان آشنائي رکي ڏس.

*

سدا ظلم جي مات چوندا رهياسين،
سر عام هر بات چوندا رهياسين،
اوهان ڪيترو ئي ڌتاريو، دٻايو،
اسين رات کي رات چوندا رهياسين.

دوها

دوها

ڪي ڪي مٺڙا مٺڙا ماڻهو اهڙا ٿيندا آهن،
دور اکين کان ٿي پوءِ ڀي دل ۾ رهندا آهن.

هڪڙو ماڻهو مون کي ايندو آهي ڏاڍو ياد،
سڀ کان سهڻو، سڀ کان سياڻو، شال هجي آباد!

ڪوئي ناهي، جيڪو ناهي فطرت کي مرغوب،
ڪو الله جو پيارو ۽ ڪو ماڻهن جو محبوب،

هرڪا سهڻي صورت ڀانيان قدرت جو شهڪار،
ڪنهن کي چاهيان، ڪنهن کي ڳايان، ڪنهن سان ڪريان پيار.

ترن جي ناهين، دل ۾ هوندو آهي ڏاڍو شور،
تنهنجي ايندي، تنهائي ڀي وٺندي آهي زور.

هيڏي ڌرتي هيڏا ماڻهو، هيڏو هُل هجوم،

هيڏي ڌرتي هيڏا ماڻهو، هيڏو هُل هجوم،
پوءِ به آئون اڪيلو آهيان، ڪنهن کي ڇا معلوم.

هيڏي ڌرتي هيڏا ماڻهو، هڪٻئي سان رلمل،
پوءِ به آئون اڪيلو آهيان، هاءِ منهنجي دل.

هيڏي ڌرتي هيڏا ماڻهو، هڪ ٻئي سان مسرور،
پوءِ به آئون اڪيلو آهيان، هاءِ منهنجو سُور،

هيڏي ڌرتي هيڏا ماڻهو، هيڏو هي مانڊاڻ،
پوءِ به آئون اڪيلو آهيان، هاءِ منهنجي ڄاڻ.

ڪافيون

---

پهرين سُڃاڻج پاڻ

پهرين سُڃاڻج پاڻ


پهرين سُڃاڻج پاڻ، پوءِ پُڇائج پنڌ پرين جو.

ڇا تون آهين، آهين ناهين،
باغ بدن جي ڳالهه پرانهين،
ڄاڻج ٿي اڻڄاڻ، پوءِ پُڇائج پنڌ پرين جو.

هيڪل هلجئين هوت حضوري،
ساري سَٽجئين سُرت سموري،
پاڻ نه کڻجئين پاڻ، پوءِ پُڇائج پنڌ پرين جو.

منجهه محبت مچ مچائج،
آڳ اندر جي لوڪَ لِڪائج،
عشق اِهو اهڃاڻ، پوءِ پُڇائج پنڌ پرين جو.

ڪاڪ وڻڻ جو صاحب آهين،
شوق منجهان “شمشير” سڏائين،
دُوئي ڦٽي ڪر هاڻ، پوءِ پُڇائج پنڌ پرين جو.

ساري ساري رات

ساري ساري رات


ساري ساري رات، وائي تنهنجي وات،
تون نه اڃا ڇو آئين، ڍولا، پرهه ڦٽي پرڀات،
ساري ساري رات

هاءِ جواڻي، آس نماڻي،
ڪاڪ ڪُماڻي، راڻا، خاڪ اُڏاڻي،
من نه لڳي محلات

ڌار ٿي وَيڙا، جاني جيئڙا،
گُل ٿي ويڙا، هاءِ من جا ڏيئڙا،
نيڻن ڪئي برسات

ڪر ڪا ڀلائي، ڇڏ ارڏائي،
جهوري جدائي، راڻا، ميٽ مدائي،
تن من تنهنجي تات

پاڻيهي ايندا پاس، ڀلو ميان، آسَ الله ۾ آهي آهي،

پاڻيهي ايندا پاس، ڀلو ميان، آسَ الله ۾ آهي آهي،
عاشق ٿي نه اُداس، ڀلو ميان، آس الله ۾ آهي آهي.

“فاذڪروني اذڪرڪم” جو واثق رک وسواس ڀلو ميان
آس الله ۾ آهي آهي.
هيڪر ايندا، ڪينڪي ويندا، ٿيندا رلمل راس ڀلو ميان
آس الله ۾ آهي آهي.
مُرڪي ملندا، خوش ٿي کلندا، ڏيندا خبرون خاص ڀلو ميان
آس الله ۾ آهي آهي.
ڏند ته جن جا موتيءَ داڻا، اکڙين ۾ الماس ڀلو ميان
آس الله ۾ آهي آهي.
سي ئي اچي “شمشير” سان ملندا، جن کي لال لباس ڀلو ميان
آس الله ۾ آهي آهي.

بيت

---

ڪنهن در ڏيندس دانهن

ڪنهن در ڏيندس دانهن
(بيت)

ڪنهن در ڏيندس دانهن ڙي مولا
ڪنهن در ڏيندس دانهن ڙي پرور...
ڪنهن در ڏيندس دانهن ڙي داور
ڪنهن کي ڪريان ڪارون تو ٻاجهون ڙي، ڪير سڻي ڪوڪارون
آهون تو ٻاجهون ڙي، ڪنهن کي ڏيندس دانهون
مولا، ڪنهن در ڏيندس دانهن ڙي مالڪ
ڪنهن در ڏيندس دانهن.

دريا ته ڏاڍو دُور ڙي گهوڙا
مون کي ته تنهن جو سُور ڙي گهوڙا
واههُ نه واهُڙ مُور ڙي گهوڙا
هڏ ته منهنجا جُهور ڙي گهوڙا
ٻلُ ڇڏي وئي ٻانهن ڙي مولا
ڪنهن در ڏيندس دانهن.

مينهن به هيل ڪا مهر نه ڪَيڙي
بر تي هڪڙو بوند نه پَيڙي
ساري ته کيڙي ميڙي ويڙي
ڪوئي چيٽ نه ڪائي ڪنيئڙي.
منهن جي ته سڻ تون دانهن منهنجي مولا
ڪنهن در ڏيندس دانهن.

موٽيو ماهه صيام

موٽيو ماهه صيام


جهولي آيو جوُءِ ۾، مڻيارو مهمان،
چڙهي آيو چنڊ تي، سورج نگهبان،
سرهو ساٿ سنڀوڙيو، حورن ۽ غلمان،
گڏجي آيو هيج سان، جنت جو رضوان،
کڻي آيو ڪيتريون، سوغاتون سامان،
ويٺو ورهائي واٽن تي، دردن جو درمان،
سخا ڏسي صاحب جي، ملڪ ٿيا حيران،
گم ٿيو ڪنهن گار ۾، شر پسند شيطان،
آيو وري رمضان، آگي جي احسان سهين.

آگي جي احسان سين، موٽيو ماهه صيام،
برڪتن جي باب ۾، جڙيو هي پيغام،
صبح تائين شام، رکج دلبر دل ۾.

رکج دلبر دل ۾، اهو عين ثواب،
جي تو جُوف جنت جو، خالي تنهنجو خواب،
مڻين تي مِڻ مِڻ ڪرين، ڪنهن سان اهو حساب
پڙهي ڏسي ڪتاب، رب نه راضي اينءَ ٿئي.

روزو ۽ نماز، تيتر ساري سڃ،
جيتر سارين ساهه ۾، پاڻان پاپ ۽ پڃ،
بک مرين يا اڃ، ڀاڙا ملن نيت سين.

ڪاٿئون آيو ڪاپڙي، ڪاڏي ويو هاڻ،

ڪاٿئون آيو ڪاپڙي، ڪاڏي ويو هاڻ،
ايڏي مايا مُک ۾، جيڏي هيرن کاڻ،
گينور ويا گهومائجي، حشمت هنين ڏاڻ،
آديسيءَ اکرن ڪيا، ڄاڻو سڀ اڻڄاڻ،
ماڻي هليو موج ۾، نهڪر سان نرواڻ،
سُوريءَ ۾ سرهاڻ، ڀري رات رمي ويو.

سوري ماري ڪينڪي، سُوري جنين سيڄ،
مرڪيو هلن مهند سي، کلندي منجهان کيڄ،
پيئندا وڃي بيڄ، جنت جي جاگير ۾

سوري سهي ڪينڪي، ڪانئر جا قدم
سي ئي سونهن سج تي، جن جا پير پدم،
هجن سئو جنم، نچندا اچن ناز سان.

جيجل، منهنجو هيج، هيڪاندو حبيب سين،
جيڪي پاند پرين جي، سو ئي منهنجو ڏيج
اسان ٻنهي جي سيج، ساجهر پسج سوريءَ تي

مادر منهنجو من، واڳي ويا عجيب،
سوريءَ کي سهڪائي ويا، منهنجا سي حبيب،
ڀلا تن نصيب، مات ڏني جن موت کي

سوريءَ سزاوار، هڻن نعرا نينهن جا،
ڪفر سلامت هوءِ شل، آگي جي آڌار،
پسندا ٻيئي پار، هاديءَ جي حضور ۾.

هلو هلو ساٿيا، سوريءَ سڏ ٿيو،
ڪونهي ڪو ٻيو، پاڻ ئي اڳڀرا ٿيون.

ڪربلا

ڪربلا


وِسري ڪئن تاريخ کان، امر اُهائي شام،
پِڙ ۾ پاڳارن جي، متي ڌوم ڌڙام،
ڪنڌيءَ تي فرات جي، ورتائون وِسرام،
هيڪڙائي حق جي، هڻي ويٺا هام،
جُنبي ويا جبر سان، ڄاڻي سڀ انجام.
لال لهوءَ جي ريج سان، ڌرتي ٿي گلفام،
جاءَ الحق و زهق الباطل، عشق اهو انعام،
ڪونهي ڪو ابهام، ڳهلا اِنهيءَ ڳالهه ۾.

ڪربلا اصول، باطل جي ترديد جو،
شاهيءَ آپيشاهيءَ جي، مڃتا ناهه قبول،
ڇڏ ڇَڻي پَٽ پيا، تخت ٿيا معزول،
للڪاريو بتول، شام جي درٻار کي.

ڪربلا اعلان، باطل سان ويڙهاند جو،
عَلم جو عباس جو، نُصرت جو نِشان،
صديون گذريون ڳائي پيو، اڄ پڻ هر انسان
عالَمَ تي احسان، حسن مير حسين جو.

ڪربلا پيغام، سچ سونهن جي جيت جو،
متان ڪريو ماڻهوئا، ساهوءَ کي سلام،
گولا سي غلام، مڃين جي مردود کي.

جاري آهي جنگ، ڪربل جي ميدان جي،
وڙهي پيو يزيد سان، اڃا سو اڙٻنگ،
ڪونهي ڪوئي دنگ، زمان ۽ مڪان جو.

پيغمبر جي پڳ، مٿي تي حسين جي،
سُواري ٿي رسول جي، دائم دلدل تي
پوءِ به پِٽين کي، سُڌ نه پيئي سچ جي.

جيئي منهنجو يار

جيئي منهنجو يار


مند مُڙي ملهار جي، کنوڻين ڪئي کِلڪار،
ڪاريون ڪڪريون ڪُنڊ تي، نڪري ٿيون نروار،
واهڻ ورسيا، وس ٿي، چنگ چُريا چوڌار،
اهڙا ئي سڀ پار، آهن منهنجي يار جا.

جيئي جيئي، جيئي جيئي، جيئي منهنجو يار،
ڀلو ميان، جيئي منهنجو يار!جيئي،
نت نت جيئي منهنجو يار......

ڇم ڇم ڇم ڇم سانوڻ آيو، سونهن ڪيو سينگار،
ڪارونجهر تي مور ٽلي ٿو، منهنجي اڱڻ يار،
الا لا، منهنجي اڱڻ يار
ڀلو ميان، جيئي منهنجو يار......

بادل آيا، ڀرجي آيا،
جهومي جهومي ڇَنَ ڇَنَ ڇايا:
جهولي...... جهولي،
جهولي جهولي مست قلندر، جهولي منهنجو يار....
ڀلو ميان، جيئي منهنجو يار......

پاڪستان ٽيلي ويزن ڪارپوريشن ڪراچي

پاڪستان ٽيلي ويزن ڪارپوريشن ڪراچي
پروگرام روشن تارا

عيد ملهايون، عيد ملهايون
خوشين سان ڀري جهول، اهي ٽول ورهايون
اچ عيد ملهايون.....

(1) نئون ڏينهن، نئون نينهن، نوان رنگ رچايون
دِل دل سان مِلي يا نه مِلي، دِيدَ ملهايون.
اچ عيد ملهايون.....

(2) اچ پيار ڪريون، پيار جي نئين جوت جڳايون
دُک درد مٽايون......
نفرت جي انڌيرن کي زماني تان هٽايون
اچ عيد ملهايون......

(3) موسَم تي مليا محب ڪيون ڀاڳ ڀلايون،
ٿيون دُور جدايون.....
ٿيا ميل وري هيل، ٿيون، خوب سڻايون.
اچ عيد ملهايون.....

رم جهم رم جهم بادل آيا

رم جهم رم جهم بادل آيا

رم جهم رم جهم بادل آيا،
سارنگ سهسين رنگ رچايا،
بَنَ بَنَ ڇَنَ ڇَنَ بوند بهاري.

ڇم ڇم ڇم ڇم ڇمڪن ڇيريون،
گل گل ڀونئرا، پائن ڦيريون،
وڻ وڻ پاتا ويس هزاري

گج گج گاج ڪيون گجگوڙن،
اڇر منڇر ٻوڙان ٻوڙون،
ٿر بر ٿر بر ٿي ملهاري

رات وٺو، ڪلهه رات وٺو هو،
آڌيءَ کان پرڀات وٺو هو،
سانول سُرهي سينڌ سنواري....

گُڏي

گُڏي

منهنجي گُڏيءَ جا اهڙا پار،
اچيو ڏسن سمورا ٻار.

وارَ وِڇون ۽ اکيون ٽانڊا
نڪ نيسارو، چپ چيلاٽا

وهوا چيلهه چِٻي چوڌار...

ڪپڙا ليڙون، نخرو ٻيڻو
هڙ ۾ هريڙون بانور ٽِيڻو

لَٽي چاڻي نه ڪو ڪم ڪار....

ڪجل لڳايان، سِينڌ بڻايان
پَٽَ پَٽيِهَرَ، زيور پايان

اٿس هر ڳالهه کان انڪار....

روشن تارا (ٻارڙن جي شاعري)

---

روشن تارا

روشن تارا

ٽم ٽم، ٽم ٽم،
ٽم ٽم، ٽم، ٽم،
ٽم ٽم، ٽمڪن تارا.

ڏس آهن ڪيڏا پيارا!

ڪئن جِهرمِر جِهرمر ڦَڙ جَرڪن،
ڄڻ پوپٽ ڦَڙ ڦڙڪن،
ڄڻ ٽانڊاڻا ٿا ٽهڪن:

ڪن اوندهه ۾ اُجيارا-
ٽِم ٽم............

ڪن چنڊ سان لِڪلِڪوٽيون،
يا ڪن ٿا ڪِنگر ڪَلوٽيون،
هي نُورَڀريون ڦِرموٽيون:

هي لاٽون لکَ هزارا-
ٽِم ٽم............

جِئن اُڀَ تي چنڊ ستارا،
تِئن آهيون اسين سُونهارا،
ڌرتيءَ جا روشن تارا:

ڪريون جڳ کي باغ بهارا-
ٽِم ٽم............

روشن تارا گيت

روشن تارا گيت

منهنجي گُڏيءَ جا اهڙا پار،
کِلن پاڙي جا سڀ ٻار.

وار وِڇون ۽ اکيون ٽانڊا،
نَڪ نيسارو، چپ چيلاٽا،
وهوا چيلهه چِٻي چوڌار.........

ڪپڙا ليڙون، نخرو ٻيڻو،
هڙ ۾ هريڙون، بانور ٽيڻو،
لَٽي چاڻي نه ڪو ڪم ڪار........

ڪجل لڳايان، سينڌ سجايان
پَٽ پٽيهر، زيور پايان،
اٿس هر ڳالهه کان انڪار.....

سِنڌوءَ جي ڪهاڻي

سِنڌوءَ جي ڪهاڻي

اي منهنجا پيارا پُٽڙا!
اي مُنهنجي پياري نياڻي!
اچ مان ٻُڌايان توکي “سنڌوءَ” جي اڄ ڪهاڻي!
”سنڌوءَ” جي ٻُڌ ڪهاڻي، سنڌوءَ جي ٻُڌ ڪهاڻي!

مشهور آهي جيڪا، جَڳَ ۾ نَدين جي راڻي،
صدين کان آهي قائم هن ڏيهه جي ڌَياڻي،
تهذيبَ کان به جُهوني، تاريخَ کان پُراڻي:

سِنڌوءَ جي ٻُڌ ڪهاڻي.....!

سنڌوءَ جي سِيرَ ۾ ڏس، ڪيمياگريءَ جي قُدرتَ،
مِٽي به سونُ آهي، پاڻي به آهي اَمرت،
ڄائي هماليا جي، ڪيڏِ نه آ سِياڻي:

سِنڌوءَ جي ٻُڌ ڪهاڻي.....!

بَرفَن جي شاهزادي، ڪيلاشَ ۾ ڪُڏي ٿي،
جهَڻن ۾ ڪِئن ٿي جهومي، جبلن کي ڪِئن ٿُڏي ٿي،
هونئن مانسرووَر ۾ ڪيڏي نه هئي نِماڻي:

سِنڌوءَ جي ٻُڌ ڪهاڻي.....!

“لَداخ” کي لَتاڙي، “گِلگت” کان آئي “هُنزا”،
جبلن جي جانِ جهوري، پَٿر ڪيائين پُرزا،
بيحد بُلندين تان، ڪشميرَ ڏانهن اُڏاڻي:

سِنڌوءَ جي ٻُڌ ڪهاڻي.....!

ڪشمير کان جو نِڪتي، پنجابَ ڏي اُڏامي،
پنجن نَدين اَدب سان ڊوڙي ڏِني سَلامي،
هڻي هلي ٿي سِنڌ ڏي، ڇا ٽورَ آ شهاڻي:

سِنڌوءَ جي ٻُڌ ڪهاڻي.....!

ڌرتيءَ جي ساري خُوشبو سنڌوءَ ۾ جا سمائي،
قدمن ۾ سِنڌ جي سا، آڻي اُنهيءَ پُڄائي،
هر جيءَ ۾ جانِ آئي، هر ساههَ سگههَ ماڻي:

سِنڌوءَ جي ٻُڌ ڪهاڻي.....!

ڪشمورَ کان ڪراچي، سنڌوءَ جي موجَ مستي،
ساگر اندر اَچيو ٿِي پنهنجي وڃائي هَستي،
هيڏي سڄي سفر جي ٿِي خيرَ سان پُڄاڻي:

سِنڌوءَ جي ٻُڌ ڪهاڻي.....!

فادر فيوچر جو

فادر فيوچر جو


چُوگم چاچا!
چِي گم چاچي!
هيڏي ڏسو. .. مون ڏي ڏسو!
پپو، پپن ۽ پپلي آهيان مان،
فادر فيوچر جو آهيان
چوگم چاچا، چِي گَم چاچي...

ٿيندس مان ته وڏو سرجن،
عجب ڪندس هڪ آپريشن،
کولي سڀ جا پيٽ بدن،
ٽافيون ڀريندس هڪ هڪ ٽن:

ونڊرفل ڊائجيسشن، دنيا کي مفت ٻڌايان

فادر فيوچر جو آهيان...!

ٿيندس مان ته وڏو انجنيئر،
عجب ڪندس ٽيڪنڪ ۾ ڦير،
ٺاهي دڙو مُئلن جو ڪير،
جوڙيندس جيئرن جو ڍير:

ونڊرفل ڪنسٽرڪشن، دنيا کي مفت ٻڌايان

فادر فيوچر جو آهيان...!

ٿيندس وڏو مان سائنسدانُ،
بم ٺاهيندس چيوگم چان،
تنهن ۾ وجهندس دال ۽ نان،
پيٽ ڀريندو هر انسان:

ونڊرفل اِنوينشن، دنيا کي مفت ٻڌايان

فادر فيوچر جو آهيان...!

ٿيندس مان ته پروفيسر،
ڏيندس ماکيءَ جو ليڪچر،
کيرَ ۽ کنڊ جو لٽريچر،
ڪندو دنيا کي پيارَ جو گهر:

ونڊرفل سوليوشن، دنيا کي مفت ٻڌايان

فادر فيوچر جو آهيان...!

پپو، پپن ۽ پِپلي آهيان مان،
چوگم چاچا، چِيگم چاچي!
هيڏي ڏسو..... مو ڏي ڏسو!....

ٻڌو بابلي جا پار

ٻڌو بابلي جا پار

ٻڌو بابلي جا پارَ، ٻڌو بابلي جا پارَ
جنهن جا نخرا نَوَ هزار، جنهن جا ٽهڪ ٽماٽيدار-
ٻڌوبابلي جا پار...!

ٻاتيون ٻوليون ٻولي، سڀ جي دِل هرکائي،
ڏيڍ فُٽو هي ماڻهو ساري گهر کي ڀُوڪ بنائي:
ڀوڪ بنائي، ٽافي کائي،
ٿولي مالَ به کائي:
جنهن جا ريشم جڪهڙا وارَ، جنهن جون ڳالهيون ماکيءَ لار
ٻڌوبابلي جا پار...!

گهر جو لٺ سردارُ سڏائي، کئي کنڊ ملائي،
کِي کِي-کِي کِي، کيچل کيٽو، کٽ پٽ کوٽ پِٽائي:
کوٽِ پٽائي،
ميز ٽپائي،
سڀ سان آهي لڙائي:
هاڻي کائي ويٺو مارَ، رڙيون راڄ ٻُڌن چوڌار-
ٻڌوبابلي جا پار...!

آئيندي جي آسَ به آهي، اڄ جو آهه سهارو،
ساري گهر جي سُونهن انهيءَ سان، سڀ جي اک جو تارو:
اک جو تارو،
ڀاڳ ڀلارو،
سڀ کي آهه پيارو:
جنهن تي ابي جو آڌارُ، جنهن تان امڙ ٿئي ٻلهار-
ٻڌوبابلي جا پار...!

رمشا

رمشا

ننڍڙي رَمشا پنڌُ ڪري ٿي،
پنڌ ڪري ٿي، ڪِري پوي ٿي،
ڪِري اُٿي ٿي، وري ڪِري ٿي،
پوءِ ته ڪير ٻڌي ٻونگاڙ،

بس نه ٿيندي راڙوراڙ،
ننڍڙي رَمشا پنڌ ڪري ٿي.


ننڍڙي رِمشا راند ڪري ٿي،
پنهنجا سڀ رانديڪا ڀڃي ٿي،
چوڻ نه ڪنهن جو مُور مڃي ٿي،
پوءِ ته ڪير ٻڌي ٻونگاڙ،

بس نه ٿيندي راڙوراڙ.

ننڍڙي رِمشا ضِدُ ڪري ٿي،
ٽافي چاڪليٽ جوس گُهري ٿي،
منٽ نه هڪڙو هوءَ ترسي ٿي،
پوءِ ته ڪير ٻڌي ٻونگاڙ،

بس نه ٿيندي راڙوراڙ.

ننڍڙي رِمشا ننڊ ڪري ٿي،
نِنڊَ ۾ گل ڦل پِرِي ڏسي ٿي،
اوچتو ڇرڪ ڀري جاڳي ٿي،
پوءِ ته ڪير ٻڌي ٻونگاڙ.

بس نه ٿيندي راڙوراڙ.

منهنجي گُڏِي هلي بازار

منهنجي گُڏِي هلي بازار

منهنجي گُڏِي هلي بازار،
ڪندي ڪروڙ جو واپار.

هَٽو هَٽو، پري هَٽو،
هٽو هٽو، سڀ پري هٽو،
آهي پرديدار.....!

نئينءَ بگيءَ تي ٿيندي سوار،
گُڏِي ته گهمندي بوري بازار،
ڪندي شاپنگ ايلفيءَ تي:
بندر روڊ، طارق روڊ،
آخر ۾ گهمندي گوليمار....!

پهرين ته ست سؤ ساڙهيون کپن،
هزار درجن چوڙيون کپن،
ڪٻٽ سڄو زيورن جو:
گهوڙا گاڏي؟
“اونهون هون”!
رڪشا، ٽئڪسي؟
“اونهون هون”.
کپندي ته موٽرڪار....!

سُرخي ۽ پائوڊر جيسين وٺي،
رَش دڪان تان جيسين هٽي،
پرسُ ته ويو ڪو تڳائي!
ڪير کڻي ويو؟
باهه لڳيسِ!
گاڏيءَ جو ڀاڙو به مون تي بار
سڄو ڪروڙ ٿيو بيڪار!
لَئي ڄاڻي نٿي واپار.....!

اَڙي نِنڊَ!

اَڙي نِنڊَ!

اَڙِي ننڊ، خوابن جو توکي قسم،
اچي مُنهنجي ننڍڙي جي نيڻن ۾ سُمهه!

تون اڄ پوپٽن جي پرن تي چڙهي،
ڀنڀورين جا باغن ۾ پيرا کڻي:
هلي اچ گُلابن تي رکندي قدم....!

تون ايندينءَ ته ڳالهيون عجب ٿينديون،
پَريون هن کي پينگهن ۾ لوڏينديون:
اچي هن جي خوابن جي دنيا ته گُهم.....!

اٿئي ڏاڍو نازڪ هي نازن پليو،
اِجهو هي رُنو ۽ اِجهو هي کلِيو:
تون اچ هوريان هوريان نهايت نرم.....!

ٻالڪ زنده باد!

ٻالڪ زنده باد!

مٺڙا مٺڙا پيارا پيارا، ٻالڪ زنده باد!
ساري جڳ جي اک جا تارا، ٻالڪ زنده باد!

ٻالڪ بابا، ٻالڪ امان، ٻالڪ ڀينر ڀاءَ،
ننڍڙا آهن، وڏڙا ٿيندا، ٿيندا راڻيون راءَ،
آئيندي جا سرجڻهارا، ٻالڪ زنده باد!

پيرَ، اِمامَ، پيغمبَر، حاڪمَ، فاتح توڙي سِپاهه،
آئن اسٽائن، ارسطو، گوتم، سامي، سچل، شاههُ،
ٻالڪ ئي ته هئا هي سارا، ٻالڪ زنده باد!

ڌرتي، دريا، سمنڊ سمورا ٻالڪ جي ميراثَ،
سي ئي آهن ساري جڳ جي آئيندي جي آسَ،
جن جي دم سان باغ بهارا، ٻالڪ زنده باد!

پيارُ گُهرون ٿا

پيارُ گُهرون ٿا

پيارا آهيون، پيارُ گهرون ٿا،
پيارَ ڀريو، سَنسارُ گهرون ٿا!

هجي نه جنهن ۾ ڪوڙ ۽ ڪلفت،
جڳ ۾ سو وهنوارُ گهرون ٿا....!

اسين امن جا ننڍڙا قاصد،
جنگ نه ڪو تڪرارُ گهرون ٿا....!

دنيا جا سڀ ٻالڪ گڏجي،
ڌرتيءَ جو سينگارُ گهرون ٿا....!

منهنجو لغڙ اُڏاڻو چنڊ ڏي

منهنجو لغڙ اُڏاڻو چنڊ ڏي

منهنجو لغڙ اُڏاڻو چنڊ ڏي،
اڃا اَنڌِي ڏسي پئي جنڊَ ڏي!

ڦَڙَ ڦَڙَ، ڦَڙَ ڦَڙ، ڦُون ڦَرڙاٽَ،
زون زٽ، زون زٽ، زون زرراٽَ...!

رنگ ته جنهن جو روپهري،
ڏورِي تنهن ۾ سونهري:
اکيون ڦاڙي ڏس چمڪاٽ-

ڦَڙَ ڦَڙَ - ڦَڙَ ڦَڙ....!

پُڇ ته جنهن جو پندرنهن ميل،
تنهن ۾ پُوتا مون رابيلَ:
سُرهي ٿي وئي ساري واٽَ-

ڦَڙَ ڦَڙَ - ڦَڙَ ڦَڙ....!

وِي ٽُو، ٽِي ٽُو، جنبو جيٽ،
سڀئي اُڏامن هن کان ليٽ:
ڄاڻ اُڏاڻو ٿيا ڪڙڪاٽ-

ڦَڙَ ڦَڙَ - ڦَڙَ ڦَڙ....!
هيڏانهن ويو يا هوڏانهن ويو؟
اُڀ کي ڦاڙي ڪيڏانهن ويو؟
تارا ڪَتيون ڪن سُرٻاٽُ-

ڦَڙَ ڦَڙَ - ڦَڙَ ڦَڙ....!

مانجهي اندر ائٽم بم،
جيڪو ٽڪريو، ڄاڻ ڀسم،
ڏس هو راڪِٽ ٿي ويو ڪاٽَ-

ڦَڙَ ڦَڙَ - ڦَڙَ ڦَڙ....!

چنڊ سان پيچ لڙائي خوب،
ڇِڪ سان ڊوڙون پائي خوب:
موٽي آيو پنهنجي گهاٽَ-

ڦَڙَ ڦَڙَ - ڦَڙَ ڦَڙ....!

گُڏي گُڏيءَ جي راندِ

گُڏي گُڏيءَ جي راندِ

اچوڙي جيڏيون، دل وندرايون،
گُڏي گُڏيءَ جي راند رچايون!

گُڏو گُلان جو، گُڏِي ڦُلان جي،
هُو به اسان جو، هيءَ به اسان جي،
ڌام ڌومَ سان ٻئي پرڻايون!

لاڏي جي لئه سنڌي ٽوپي،
لاڏِيءَ جي لئه ريشم پوتي،
رنگا رنگي ڪپڙا پهرايون!

پاڙي اوڙي کنڊُ وِرهائي،
ڍولڪ تاڙيون خوب وڄائي،
اچو ته گڏجي سِهرا ڳايون!

منهنجي گُڏيءَ جا پارَ

منهنجي گُڏيءَ جا پارَ

منهنجي گُڏيءَ جا اهڙا پارَ،
اچيو ڏسن پاڙي جا ٻارَ.

وارَ وِڇون ۽ اکيون ٽانڊا،
نَڪُ نيسارو، چَپَ چيلاٽا،
وه وا، چيلهه چِٻي چوڌار....

ڪپڙا ليڙون، نَخرو ٻيڻو،
هَڙَ ۾ هريڙون، بانور ٽيڻو،
لَٽِي ڄاڻي نه ڪو ڪم ڪار....

ڪجلُ لڳايان، سينڌِ بڻايان،
پَٽَ پٽيهَرَ، زيورَ پايان،
اٿس هر ڳالهه کان انڪار...

سانوڻَ جا مينهَن

سانوڻَ جا مينهَن

سانوڻ مند جا مينهنَ، ڀلي ڪري آيا،
ساوڪ سُکَ جا ڏينهن، ڀلي ڪري آيا!

سمنڊ تان پاڻي پِي ڇو نِڪتا،
گوڙ، کنوڻ سان ڳولي رَستا،
بادل ڊوڙي هِتڙي پُهتا،
وَڏڦُڙي جي ڏس چَنچلتا....!

جُهڙ ڦڙ، جهڙ ڦڙ موجَ لڳي وئي،
بيلُ وڳو، موڪل ٿي وئي،
”هوم ورڪ” کان جِنڊِ ڇُٽي پئي،
لکڻ پڙهڻ جي ڇُوٽِ مِلي وئي...!

سنهڙي سنهڙي بوندَ وسي ٿِي،
اَچو اچو سڀ جلدي جلدي،
مزو وٺو وِهنجڻَ جو گڏجي،
ڳايون ڳايون رحمت ربَ جي...!

سيارو آيو

سيارو آيو

سيارو آيو سيءُ کڻي،
اُس به نِڪري ڇڻي ڇڻي،

ٿڙ، ٿڙ، ٿڙ، ٿڙ، لِڱ ٿڙڪن،
ڏڪ ڏڪ، ڏڪ، ڏڪ، ڏَند ڏڪن،

هٿ سيڪيندي بات بڻي....!

رِلي ته مُور نه سيءُ جهلي،
هاڻ ته ڪمبل سوَڙ کپي:

ٿڌ وڌي وئي آهي گهڻي....!

گرم لَٽَن هوندي به ٺَرون،
ساجهر پَر اسڪول وڃون،

ڳالهه اِها سڀني کي وڻي....!

بهارَ جي مُندَ

بهارَ جي مُندَ

سال سڄي جون مندون چار،
ڀلي سڀن کان آهي بهار،

مند ته جادوءَ جهڙي هيءَ،
ڪيئن نه پاڻ ڀَڄِي ويا سيءَ،
آهي سڀني جي سردار....

ڀلي سڀن کان آهي بهار.

باغ ۾ پوپٽ اُڏرن کوڙ،
ڀونئرَ ڀنڀوريون ڏسجن کوڙ،
باتيون بلبل جون به هزار....

ڀلي سڀن کان آهي بهار.

وڻن ڍڪِيا سڀ سارا ويسَ،
سَرها سَرها سارا ديسَ،
گل ئي گل سارو سنسار....!

ڀلي سڀن کان آهي بهار.

اَنبن جِي موسم

اَنبن جِي موسم

انبن جي آ موسم آئِي،
ڪير ٿو کائي رَس مَلائِي،

“چوسا”، خاص “گلاب” ۽ “لنگڙا”،
مٺڙا مٺڙا، کَٽڙا کٽڙا،
“سنڌڙيءَ” جهڙي جنسَ نه ڪائِي...!

گوشت، مڇي، مرغي نه وڻي ٿي،
بابا! انبَ وٺي اچ جلدي،
مون کان ڪانه ٿئي ٿي پڙهائِي...!

ڪانگل کائي، طوطو کائي،
امان، بابا، ڏاڏو کائي،
کائي هرڪو مرد ۽ مائِي....!

ڌُومَ مچايون

ڌُومَ مچايون

اچو ته گڏجي ڌُوم مَچايون، گيتن جي گونجارَ ڪريون،
نئين سَمي جا سارَ وڄائي، هرڪا دل بيدار ڪريون.....!

اسين سدا سونهارا آهيون،
پيارا، ڀاڳ ڀلارا آهيون،
جڳ جي اک جا تارا آهيون-

برپٽ باغ بهار ڪريون......!
هرڪا دل بيردار ڪريون......!

محنت ساڻ آ محبت پنهنجي،
محنت ۾ ئي عظمت پنهنجي،
محنت زور، ضرورت پنهنجي-

محنت جو ونهوار ڪريون......!
هرڪا دل بيداري ڪريون.....!

نئين سمي سان وِک وڌائي،
علمَ عملَ جي جوتِ جڳائي،
پيار جو پورهيو خوب ڪمائي،

ملڪ جو ناماچار ڪريون......!
هرڪا دل بيدار ڪريون.....!

سائيڪل

سائيڪل

بابا ڏياري سائيڪل،
بابا ڏياري سائيڪل،
ڪير هلي هاڻي پيدل،
ڪير هلي هاڻي پيدل!


سائيڪل منهنجي نئين نياري،
گهنٽي هن جي ٽِڻ ٽِڻ واري،
واه ڦري ٿو ڪيئن هينڊل....!

ڪير هلي هاڻي پيدل!


مُور نه ٿئي ٿي پنڪچر،
ائين ڊوڙي جيئن لاري موٽر،
هٿن مان تِرڪي پيو هينڊل....!

ڪير هلي هاڻي پيدل!


سڀ کان سستي، سؤلي سواري،
سارو ڏينهن گهمان چوڌاري،
ڪونه ٿئي پيٽرول جو بل....!

ڪير هلي هاڻي پيدل!


ڌيان سان روڊ تي هلندو آهيان،
آسي پاسي ڏِسندو آهيان،
تڪڙ ڪڏهن نه ڪريان ڀُل....!

ڪير هلي هاڻي پيدل!


ڳاڙهي بتيءَ تي بيهندو آهيان،
سائي بتيءَ تي هلندو آهيان،
ٽوڙيان ڪونه ڪڏهن سنگل....!

ڪير هلي هاڻي پيدل!

جانورن جو باغُ

جانورن جو باغُ

اچو عجب هڪ سئر ڪريون،
جانورن جو باغَ گهمون!

قسمين قسمين جهنگ جناور آهن هت،
مور ۽ طوطا، ڀولا باندر آهن هت،
گينڊا هاٿي، اٺ پکي ۽ نانگ مڇيون،

اچو عجب هڪ سئر ڪريون....!

شينهن ته آهي جهنگ سڄي جو شاهنشاهه
ڏسو اکين ۾ ڄڻ ته مَشالا ٻرن پيا،
هن جي هيبت ساڻ دهلجيو وڃن دِليون.

اچو عجب هڪ سئر ڪريون....!

رِڇُ ته پنهنجو ساڳيو ڀالو گُڏو آ،
هٽي پري ٿيو هي ڏاڍو لُچو آ،
ڏسي اسان کي ڪيئن نه پيو مِچڪائي اکيون،

اچو عجب هڪ سئر ڪريون....!

ڪَن ته وِڃڻا، ڏند تَرارون، پاڻ جبل،
سونڊ سان پيئي پاڻي، اکين منجهه ڪجل،
ڪير هي آهي؟ اچو پرولي هيءَ سليون.

اچو عجب هڪ سئر ڪريون....!

اَمڙ مارِ نه مُون!

اَمڙ مارِ نه مُون!

امڙ مار نه مون، منهنجي توبهن توبهن!
توبهن، منهنجي توبهن بوبهن!
آءٌ تنهنجو پٽڙو چڱون:
الا ڙي، امڙ مارِ نه مُون!

کيٽو کِٽ کِٽ هاڻ نه ڪندس،
مانيءَ ويلي مُور نه رُسندس،
ڪين ٿيندس بي ڪَمون....!

الا ڙي، امڙ مارِ نه مُون!

اُٿي سَويري اسڪول ويندس،
ڀيڻ گُڏِيءَ کي تنگِ نه ڪندس،
ڀلي سَڙن رَمون، کمون....!

الا ڙي، امڙ مارِ نه مُون!

هاڻ ته روڪ ڀلا تون هٿن کي،
پَپِي کِلي ڏي پنهنجي پَپَن کي،
ڏي ڪجهه ٻيرَ ۽ ڄَمون....!
وهه واهه! امڙ مار نه مُون!

الا ڙي، امڙ مارِ نه مُون!

صِحت جو خيالُ

صِحت جو خيالُ

ٻارو رَکو صحت جو خيال،
صِحت بنا جيئڻ جنجالَ.

صبح اُٿڻ سان ڏندڻ ڪريو،
وهنجي، ڌوتل ڪپڙا پَهريو،
وارَ سنواري ٿيو نهالُ....!

ٻارو رَکو صحت جو خيال،

نيرن کائي وڃو اِسڪول،
خوب پڙهڻ ۾ ٿيو مشغول،
پاسِ ٿي ڏيکاريو هر سالَ....!

ٻارو رَکو صحت جو خيال،

منجهند جو آرامَ ڪريو،
گهر جي ڪم جو ڌيانَ ڌريو،
شامَ جو کيڏ بيٽ ۽ بالَ...!

ٻارو رَکو صحت جو خيال،

سِجُ لهي ته پڙهڻ تي ويهن،
”هوم ورڪ” سڀ پورو ڪَريو،
ڪَريو پورو هر سوالَ...!

ٻارو رَکو صحت جو خيال،

ٽِرئفڪ سِگنَل

ٽِرئفڪ سِگنَل

ڳاڙهي بتِي، ڳاڙهي بتِي،
ڇا ٿي چوين تون؟
مان ٿي چوان، مان ٿي چوان:
بيهه، بيهه، بيهه!
جيسين اَچي هيڊي بتِي،
بيهه، بيهه، بيهه....!

هيڊي بتِي، هيڊي بتِي،
ڇا ٿي چوين تون؟
مان ٿي چوان، مان ٿي چوان:
ترس ترس ترس،
جيسين اچي سائي بتي ترس ترس ترس،
سائي بتي سائي بتي ڇاٿي چوين تون؟
مان ٿي چوان مان ٿي چوان
هاڻي هل، هاڻي هل....!

گاڏيءَ کي هلاءِ ڀلي،
سائيڪل کي ڊوڙاءِ ڀلي،
ڌيان سان هَلجئين تون پل پل....!

مهرباني، مهرباني
ڳاڙهي، سائي، هيڊي بتي!
هاڻي سمجهيم، هاڻي سمجهيم، ٽِرئفڪ جو سِگنل
ٽرئفڪ جو سِگنل،
ٽرئفڪ جو سِگنل،
واه واه، ٽرئفڪ جو سِگنل!
ٽرئفڪ جو سِگنل،
واه واه، ٽرئفڪ جو سِگنل!
ٽرئفڪ جو سِگنل،
واه واه، ٽرئفڪ جو سِگنل!

گهرَ جو چرخو

گهرَ جو چرخو

بابا منهنجو راجا، امان منهنجي راڻي،
گهر ته اسان جو ڀاڳن وارو، رَبُ اسان جو ساڻِي.

ڀاءُ وزير ۽ ڀيڻ اڻهيءَ جي آهي خاص مشير،
گُڏو گُڏِي آهن رعيت، کائن کنڊون کير،
آءٌ سڀن جي سيڪريٽري، ڊيوٽي هيءَ شاهاڻي....!

بابا پنهنجي آفيس وڃي، امان رڌي دال،
ڀائو شاپ سنڀالي، ڀيڻ پڙهائي سارو سال،
گُڏو گُڏِي کيڏن، آءٌ ٻڌايان کين ڪهاڻي....!

نه ڪو جهيڙو نه ڪو جهَٽو، نه ڪوئي تڪرار،
گهر جو چرخو خُوب چَلي ٿو، امن امانُ قرار،
جُڳ جُڳ جيئي بابا راجا، جيئي امان راڻي...!

ڪُونجَ

ڪُونجَ

ڪونج کي نه مار ڀاءُ، ڪونج کي نه مارِ،
ڪونج ويچاري ويٺي درياءَ جي هُن پار....!

نَٿ نه ٿي کپي مون کي، نٿَ تون نه آڻ،
نٿ جي پئسن لاءِ ڪونجَ کي نه مار!

چُوڙيون نه کپن مون کي، چوڙيون نه آڻ،
چوڙين جي ڪري تون ڪونجَ کي نه مار!

چُني نه آڻ مون لئه چُني نه آڻ،
چُني وٺڻ لئه تون ڪونجَ کي نه مار!

عيد

عيد

ڪپڙا نوان، بوٽ نوان، ٽوپيون مليونسين،
ڪپڙا نوان، پَرسَ نوان، چوڙيون مليونسين،
کوڙ هڪ ئي ڏينهن اندر خرچيون مليونسين،

عيد مبارڪ! عيد مبارڪ!

امان رڌيون کيرڻيون، سَيون ۽ سيرا،
بابا وٺي آيو مغز، بُڪيون ۽ جيرا،
طعامَ ڪئين کاڌاسين ڏهه ڏهه ڀيرا،

عيد مبارڪ! عيد مبارڪ!

سنگتين سان عيد ملي، ڏاڍي خوشي ٿي،
سَرتين سان عيد ملي، ڏاڍي خوشي ٿي،
موڪل ڪلاسن کان ملي، ڏاڍي خوشي ٿي،

عيد مبارڪ! عيد مبارڪ!

عيد مبارڪ

عيد مبارڪ

عيد مبارڪ! عيد مبارڪ!
ڳليءَ ڳليءَ مان ڊوڙندا،
مڙي آيا ٻارڙا،
عيد مبارڪ! عيد مبارڪ!

ڪپڙا نوان پاتاسين،
گُل ته گلابي ٿا لڳن،
ٽهڪ ڏيو خوب ٿا ٽڙن،
گد گد ٿيو کلي ملن....!
عيد مبارڪ!

سيوين جو سيرُ ڀلو،
خرچين جو ڍيرُ ڀلو،
نئينءَ جتيءَ پيرُ ڀلو،
سائينءَ جو خيرُ ڀلو....!
عيد مبارڪ!

ننڍڙا هي ٻارَ جيئن،
امڙ جا سينگارَ جيئن،
اَبي جا آڌارَ جيئن،
جَڳ جا اِهي يارَ جيئن....!
عيد مبارڪ!

عيدَ ملهايون

عيدَ ملهايون

چِڪلي پايون، پير گسايون،
اچو ڙي ٻارو، عيد ملهايون!

رنگ برنگي ڪپڙا پهري،
پوپٽ بڻجي ڦيريون پايون!

پاڙي ۾ جي ٻارَ رهن ٿا،
پاڻ اڪيلا جي سمجهن ٿا،
هلو ته عيد مبارڪ ڏيئي،
تن کي ڀينر، ڀاءُ بنايون!

جيڪي ڏُکيا بکيا آهن،
نوان لَٽا جن پاتا ناهن،
ڪپڙا طعام کڻي انهن لئه
هَلو انهن کي گَلي لڳايون!

راند ڪندي جي رُسي ويا ها،
سال سڄو ئي، وڇڙي ويا هئا،
هلو انهن سان عيد ملي اڄ،
سڀني کي گڏجي پرچايون!

عيدَ آئي

عيدَ آئي

پائي ڪپڙا ڳاڙها، ساوا،
گلن ڦلن ۽ چِلڪي وارا،
آئي کڻي گهر گهر واڌائي،

عيد آئي، عيد آئي!

هڪڙي هٿ ۾ کيرَ سيويون،
ٻئي هٿ ۾ آندائين خرچيون،
ٻارن خوش ٿي موجَ ملهائي،

عيد آئي، عيد آئي!

پاڙي ۾ ڪو بُکيو هوئي،
ٻالڪ ڪو خرچيءَ لاءِ روئي،
هلو ڪريون تِن جي پورائي-

عيد آئي، عيد آئي!

سونل ٻائي

سونل ٻائي

سونَ ولائت ۾ هئي رهندي،
سونَ سرَيکي سونل ٻائي،
ننڍڙي پياري سونل ٻائِي

سونل ٻائي هلي ناناڻي،
آئي نانيءَ وٽ سانجهيءَ ٽاڻي،
نانيءَ سونل کي سيرو کارايو،
پوءِ سونل لئه هنڌ وِڇايو.
هنڌ تي ليٽي سونل ٻائي،
نانيءَ پوءِ آکاڻي ٻڌائي.
گل پريءَ جي ڳالهه ٻڌايَئين،
سونل کي پوءِ هيئن سمجهايَئين:
”ڳوٺ جي ڀرسان، اُتر پاسي،
هڪڙو شاهي جهنگل آهي،
تنهن جهنگ ۾ ڪيئي رڇَ رهن ٿا،
ٻارن کي سي کڻي وڃن ٿا.
تون اُن پاسي مُور نه وڃجئين،
باقي هر ڪنهن پاسي گهمجئين.”
صبح ٿيڻ سان آيون سرتيون،
ٻيرَ پٽڻ لئه جهنگ ڏي نِڪتيون،
سونل ٻوليو “جهنگ نه هلجي”،
سرتين ٻوليو، “ڇا لئه ڊڄجي؟”
نيٺ سڀئي جهنگ ۾ پهتيون،
ٻيرَ ڏسي سڀ ڏاڍيون خوش ٿيون.
سونل هڪڙي پاسي ويئي،
ڳاڙهن ٻيرن تي اکِ پيئي.
ٻير چونڊيندي هلندي ويئي،
سِرتين کان سا وِڇڙي ويئي.
اوچتو هڪڙي دانهن ٻُڌائين،
ڊڄي ڊڄي اُن پاسي ڏٺائين.
رڇَ جو هڪڙو ننڍڙو ٻچڙو،
بک ۾ پاهه ٿيو پئي ڏاڍو.
سونل کي جا ڪهلَ اچي وئي،
کيس ڏِنئين ٻيرن جي جهولي.
ننڍڙي ٻچڙي کي جو ڍؤ ٿيو،
سونل تي سو خوش ٿيو ڏاڍو.
اوچتو رِڇڻ آئي ڀڄندي،
سونل کي مارڻ لئه رَنڀندي.
”هون هون! هون هون!” ٻچڙي ٻوليو،
ڳالهه سڄيءَ کي ماءُ سان کوليو:
”سونل منهنجي سَرتي آهي،
جهنگل ۾ ڀُلجي پئي آهي.”
رِڇڻ ٻوليو، “جيئين سدائين،
سونل ڌيءَ، متان گهٻرائين!”
پوءِ سونل کي پُٺ تي چائي،
نانيءَ وٽ آئي پهچائي.

مائي ملوڪان

مائي ملوڪان

راوي:
مائي ملوڪان مٽڪي واري،
ذات ڪُئن جي راجڪماري:
ڇم ڇم ڇم ڇم، ڇير جا ڇمڪا:
سنهڙن، سهڻن وارن واري،
مائي ملوڪان مٽڪي واري.

گهر کان نڪري گس تي آئي،
ڇم ڇم، ڇم ڇم، ڇير وڄائي،
ڏيڏر جي هن ننڊ ڦٽائي.
ٽان ٽان، ٽان ٽان-
ڦونڊ ۾ ڀرجي،
اک مِچڪائي،
پوڙهو ڏيڏر گپَ مان نڪتو:

ڏيڏر:
ٽان ٽان، ٽان ٽان-
ڪيڏانهن، ڪيڏانهن؟
مائي ملوڪان مٽڪي واري،
ذات ڪُوئن جي، راجمڪاري!
هون.... پاڻي ڀرڻ ٿي وڃين؟
کُوهي واهِي ڪجهه ڀي ناهي:


جهنگل:
جهنگل اندر جهنگل آهي،
تنهن ۾ ڪيئي نانگ بلائون!
ڇا ٿيون ٻولن؟
اچي ملوڪان، کائُون کائُون!
ارررررر.....
۽ هوءَ جهنگلي ٻلي؟
توبهه توبهه، ڏاڍي ڏنگي آهي!
مائي ملوڪان مٽڪي واري....!

ملوڪان:
چين چين، چين چين-
هل هل، پوڙها ڏند ڀڳل!
بند ڪر پنهنجي ٽان-ٽان، ٽان-ٽان!
نانگ بلائون؟ مون کي ڇا هي؟
جهنگلي ٻلي، مون کي ڇاهي؟
چين چين، چين چين،
مون کي سڀ سُڃاڻن ٿا.
ڪير آهيان مان!
مائي ملوڪان مٽڪي واري،
ذات ڪُوئن جي راجڪماري!

راوي:
ڊوڙي آيون جيڏِيون سرتيون،
سڀئي گڏجي تڙ تي پهتيون،
پاڻي ڀري پوءِ وِهنتيون سِهنتيون،
گهر ڏانهن پوءِ هلي سُواري-
مائي ملوڪان....!

ڏيڏر ڀِلڙو مُنهن بڻائي،
گپَ ۾ ويٺو پاڻ لِڪائي،
ڏسي ملوڪان جي هُشياري-
مائي ملوڪان...!
هڪڙي ننڍڙي جهِرڪي آئي،
چون چون، چون چون، چان چان چائي:

جهرڪي:
وهه واهه، وهه واهه، مائي ملوڪان!
پورهئي سان تُون دل ٿي لائين،
ڪين ڪڏهن ٿي تون گهٻرائين:
واه ملوڪان، همت واري،
ذات ڪُوئن جي راجڪماري!

مائي ملوڪان مٽڪي واري،
ذات ڪُوئن جي راجڪماري!

ڦيٿي جو گيت

ڦيٿي جو گيت
(ڳجهارتون)

ڦِر ڦِر ڦِر ڦِر منهنجا ڦيٿا،
سڀ کي ڪر حيران،
ساري جڳ جو چرخو چورين،
اعليٰ تنهنجو شان،
ڇُو ڇو ڇُو ڇو، ڇِڪ ڇِڪ ڇِڪ ڇِڪ
ڀڳو وڃي راڪاسُ،
ڪُو ڪُو ڪُو ڪُو، ڪُوڪ ڪرڻ سان
گَجي پيو آڪاسُ:
مور به ناهي،
ڍور به ناهي،
هلي رڳو ڦيٿي تي-
ڀڃو ته ٻارو ڇا هي؟
ريل گاڏي!
ها.....

ڦِر ڦر ڦر ڦر منهنجا ڦيٿا،
سڀ کي ڪر حيران،
ساري جڳ جو چرخو چورين،
اعليٰ تنهنجو شان!

ڇِم ڇم ڇم ڇم ڇير وڄي ٿي،
خوب اُڏامي ڌُوڙ،
ڏاند کڻن ٿا ڪاٺُ ڪُلهي تي،
تنهن ۾ ناهي ڪُوڙ:
ڪَڇون به ناهي،
وِڇون به ناهي،
هلي رڳو ڦيٿي تي-
ڀڃو ته ٻارو ڇا هي؟
ڍڳي گاڏي!
ها. ....!

ڦر ڦر ڦر ڦر منهنجا ڦيٿا
سڀ کي ڪر حيران،
ساري جڳ جو چرخو چورين،
اعليٰ تنهنجو شان!
ٽَپ ٽَپ ٽَپ ٽَپ گهوڙو ڊوڙي،
تنهن کي لال لغام،
گهوڙي سان گڏ تنبو ڊوڙي،
چهبڪ ساڻ اُڏام:
ڪوپ به ناهي،
ٽوپ به ناهي،
هلي رڳو ڦيٿي تي-
ڀڃو ته ٻارو ڇا هي؟
ٽانگو!
ها....!


ڦر ڦر ڦر ڦر منهنجا ڦيٿا،
سڀ کي ڪر حيران،
ساري جڳ جو چرخو چورين،
اعليٰ تنهنجو شان.

روڊ مٿي هڪ راڻي آئي،
پِين پِين پان پان پُون،
اک ڇنڀ اندر گم ٿي ويندي،
پُڄي نه سگهندين تون:
مُوري به ناهي،
تُوري به ناهي،
هلي رڳو ڦيٿي تي-
ڀڃو ته ٻار ڇا هي؟
موٽر ڪار!
ها....!

ڦر ڦر ڦر ڦر منهنجا ڦيٿا،
سڀ کي ڪر حيران،
ساري جڳ جو چرخو چورين،
اعليٰ تنهنجو شان!

آڪڙ خان ۽ پاٽي خان

آڪڙ خان ۽ پاٽي خان
(پپيٽ گيت)


ڪردار: آڪڙ خان (ڪُتو)،
پاٽي خان (واڳون)

آڪڙ خان-
ڀؤنڪ: ڀؤ... ڀؤ... ڀؤ!
ها ها... ها ها ها!
منهنجو نالو آڪڙ خان،
منهنجو بابو باڪڙ خان،
منهنجو ڏاڏو ٽاڪڙ خان،
نانو واڪڙ شاڪڙ خان:
اعليٰ منهنجو خاندان،
مون سان گوڙ نه ڪر، نادان!

پاٽي خان-
ڦوڪارو: ڦُو... ڦُو.... ڦُو!
ها ها.... ها ها ها!
منهنجو نالو پاٽي خان،
منهنجو بابو ڏاٽي خان،
ڏاڏو هو گهوٻاٽي خان،
مُون سان گوڙ نه ڪر نادان!
آڪڙ خان: سُڃاڻانءِ ٿو، پاٽي خان!
(تحت اللفظ)
منهنجو نالو آڪڙ خان،
منهنجو بابو باڪڙ خان،
آهيان آءٌ وڏو شيطان،
مون سان ڪونه پڄي ڪو جوان،
منهنجي ڀؤنڪ اندر طوفان!

ڀؤنڪ: ڀؤ.... ڀؤ.... ڀؤ.... طوفان!
منهنجي ڀؤنڪ اندر طوفان،
مون سان گوڙ نه ڪر، نادان!

تحت اللفظ: برباد ڪر ڇڏيندوسانءِ!

پاٽي خان-
(تحت اللفظ) سڃاڻانءِ ٿو، آڪڙ خان!
منهنجو نالو پاٽي خان،
منهنجو بابو ڏاٽي خان،
آهيان آءٌ وڏو دِگران،
مون سان ڪونه پڄي شيطان،
منهنجي ڦوڪ اندر طوفان!
ڦوڪارو: ڦُو.... ڦُو.... ڦُو! طوفان!
منهنجي ڦوڪ اندر طوفان،

آڪڙ خان- مون سان گوڙ نه ڪر، نادان!
منهنجي ڀونڪَ اندر طوفان!
ڀؤنڪ: ڀؤ... ڀؤ.... ڀؤ.... طوفان!

پاٽي خان- مون سان گوڙ نه ڪر، نادان!
منهنجي ڦوڪ اندر طوفان!
ڦو.. .. ڦو.... ڦو.... طوفان!

آڪڙ خان: آهيان آءٌ وڏو شيطان،
پاٽي خان: آهيان آءٌ شيطان!

آڪڙ خان-
تحت اللفظ ماري ڇڏيئي آڪڙ خن!

آڪڙ خان- ڇا جي لاءِ ڪرين ٿو گوڙ،
آهيون ٻئي هڪ ٻئي جو جوڙ.
پاٽي خان- آهيون ٻئي هڪٻئي جو جوڙ،
ڇا جي لاءِ ڪرين ٿو گوڙ.
آڪڙ خان: اچ ته ڪريون پاڻ ۾ دوستي!
پاٽي خان- دوستي؟
ته پوءِ
ڇڏ تون آڪڙخاني يارَ،
مڃ منهنجي مهماني يار،
ڇڏ تون آڪڙخاني يار!

آڪڙ خان-
تحت اللفظ ڇڏي....!
مڃيم تنهنجي مهماني يار!
ڇڏ تون پاٽي خاني يار!



پاٽي خان-
تحت اللفظ ڇڏي.....!
ڦو.... ڦو.... ڦو... طوفان!

آڪڙ خان- ڦو.. .. ڦو.... ڦو.... طوفان!

گڏجي: آڪڙ خان، پاٽي خان،
پاٽي خان، آڪڙ خان،
ٿي ويا هڪٻئي جا مهمان،
کائيندا برياني ۽ نان

واري سان: آڪڙ خان،
پاٽي خان،
پاٽي خان
آڪڙ خان

ڀؤ.... ڀؤ.... ڀؤ.... طوفان!
ڦو.... ڦو.... ڦو.... طوفان!

آڪڙ خان،
پاٽي خان،

پاٽي خان،
آڪڙ خان.

دُعا

دُعا
(اسڪول جي اسيمبليءَ ۾ پڙهڻ لاءِ)

ڌڻي پاڪ پَروَر، سٻاجهو تون سائين،
ڪرين ٻاجهه پنهنجي اسان تي سدائين!

اسين سڀ گداگر، تون صاحب سَخا جو،
سُڻي سَڏ تون در کول پنهنجيءَ عطا جو،
ڪَمي ڪا نه تو وٽ تون رحمان آهين.....!

ڏي توفيق، دل سان ڪريون علم حاصل،
سڏي ڪو اسان کي نه دنيا ۾ جاهل،
تون تاريڪ ذهنن کي روشن بنائين...!

پڙهڻ لاءِ “اِقراء” ٿيو فرمان تنهنجو،
ڪتاب ۽ قَلم آهه اِحسان تنهنجو،
اسان جو ڪتاب ۽ قلم بخت ٺاهين....!

نئين دور جو ماڻيون علم ۽ هنر سڀ،
رکون دينِ دنيا جو سانڍي ثَمر سڀ،
پُڄون ماڳَ تي واٽَ اهڙي وٺائين...

تاريخ جو ڪچرو (پيروڊيز)

---

ڀت وڏو ڏوهاري آهي

ڀت وڏو ڏوهاري آهي

ڀت وڏو ڏوهاري آهي،
روز ازل کان ڪاڙهيو ويو آ،
ڏاٺن ۾ چيٿاڙيو ويو آ،
ٺاري ٺاري ماريو ويو آ.

ڪڏهن گيهه ٽڙڪايو ويو آ،
لوڻ ڪڏهن ڇڙڪايو ويو آ،
مرچن سان ڦڙڪايو ويو آ،
ٽانڊن تي ٽهڪايو ويو آ،
دم ڏيئي ڌمڪايو ويو آ.

ها، پر پوءِ به انهيءَ جي ساڳي
رهندي آئي ريت اڀاڳي:
جنهن جي پيٽ ۾ وٽ وجهي ٿو،
تنهن جو سارو چين کسي ٿو،
اڄ تو وٽ مهمان ٿيو آ،
پوءِ به ڪڏهن تو هي سوچيو آ”
ڪنهن سان تنهنجي ياري آهي؟
ڀت وڏو ڏوهاري آهي!

(شيخ اياز جي نظم
“سچ وڏو ڏوهاري آهي”
جي پيروڊي)

مان ڏوئي هان

مان ڏوئي هان

مان ڏوئي هان، مان ڏوئي آن،
مون ڪيئي ڀت رڌيا آهن...

هن گهر جي گدلي رڌڻي ۾،
هيءَ پيڄ جي پاٽِ به ڏوهي آ،
۽ ٻارڙو ڪوئي کچڻيءَ لئه
جي روئي ٿو ته دروهي آ،
هي ڏوهه نه آهي، ماڻهو لئه،
مون ديڳ جي دلڙي موهي آ-
مان ڏوئي هان....

تو دانگيءَ سان وهنوار رکيو،
مون هڪ هٽي سا ٽوڙي آ،
مون بريانيءَ جي خوشبو سان،
ڪئي اڦراٽن جي موڙي آ-
مان ڏوئي هان...

هيءَ ڳاڙهي چٽڻي مرچن جي،
هيءَ سائي ڀاڄي مٽرن جي،
مون لاءِ ٻنهي ۾ ڦير نه آ،
دل راس رهي بس جوڳيءَ جي:
هن گوشت مڇيءَ جي دوکي ۾،
ٿي دال ڳري سڀ ٺوڳيءَ جي
مان ڏوئي هان....

جنهن وقت بکن ۾ باهه ٿيل
انسان گهرن ڏانهن موٽن ٿا،
جنهن وقت ڇنن ۾ ڳاهه ٿيل،
سڀ جوان جنبوڙا جوٽن ٿا،
مان ديڳين کي کڙڪايان ٿي،
سڀ يار ڏندن کي کوٽن ٿا-
مان ڏوئي هان...

مون آزاديءَ جي سئن هنئي،
مون لاٿا ڍڪڻ هَنڊين جا،
سي پيٽ هئا يا پاٽوڙا،
مون ڀڀ ڀريا پرديسين جا:
سڀ داڻو داڻو چونڊن ٿا،
ڪو ڀوڳ ڏسي هي سيٺين جا-
مان ڏوئي هان...

مون ڏات انوکي آندي آ،
ٿو ڀت وڙهي اُڦراٽن سان،
هر ٻوڙ جي لذت پنهنجي آ،
مٽرن سان، آلو ٽماٽن سان:
ٿو تنهنجو ڀاري پيٽ ڏڪي،
ڪئين دالين جي سُر ٻاٽن سان-
مان ڏوئي هان...

تون مون کي باهه ۾ ساڙيندين،
مان توکان مور نه مرڻي هان:
جو سئو سئو ڏوئيون روز گهڙي،
تنهن ڊکڻ سان مان پرڻي هان:
جا آڌيءَ مانجهيءَ ٻوڙ رڌي،
جا مرڻي پرڻي ڀت رڌي:
مان ورڻي هان، مان ورڻي هان
مان ڏوئي هان، مان ڏوئي هان،
مون ڪيئي ڀت رڌيا آهن!

(شيخ اياز جي نظم
“مان ڏوهي هان”
جي پيروڊي)

پيروڊي

پيروڊي

گهُمي ڏسو بازار، او يار،

سنڌڙيءَ کي سر ڪوبه نه ڏيندو.

جهول جهلي جنهن وقت ڀٽائيءَ،

ٿيندا ڀوڳ هزار، او يار....

ملڪ مڙئي ميدان ٿي ويندو،

ڪنبندي پوءِ ڪٽار، او يار.....

گهڙا کڻي گهڙنديون سئو سُهڻيون،

کنگهندا ڪونه ميهار، او يار.....

ڪانگ ڀلا ڇا ڪيرائيندا،

دوکي جي ديوار، او يار.....

ماهيا ويٺا ڳائين سنڌ ۾،

ٻيجل جا سڀ ٻار، او يار.....

اسان ايجھا ڪم نه ڪريسون

اسان ايجھا ڪم نه ڪريسون

“مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون”، ھوشو ايوين آکيا،
اسان ايجھا ڪم نه ڪريسون، مرڻ والا ساڳيا.

نا ڪوئي اڳي نا ڪوئي پيڇي، ھوشو ھئسن ھِڪلي،
اسان مريسون، رل ويسن سڀ زالان ٻال تي ٻَچلي.

لتان مُڪان نال لڙيسون “شير دي پتران” وانگون،
ڪلاشنان دا سڻ ڪر ٿيوي دل دا درد اسان ڪون.

دشمن مارن لوڪان ڪون، ول ڪِتلي لوڪ مريسن،
سنڌڙي پيران دي نگري ھي، آپي پير وڙھيسن.

جندڙي مولا ني ھي ڏتي کاوڻ پيوڻ ڪيتي،
موئي دنيا ڇوڙ چُڪيسن، موج ڪريسن جيتي.

دنيا جائي جھنم، ھو وي اپڻا سر سلامت،
مر کپ ڳئي سڀ دودي ھوشو، ڏٺي اُنھان دي طاقت

اسين به ھونداسين اُتي

اسين به ھونداسين اُتي

“جاڳ ڀٽائي گھوٽ، سنڌڙي پئي توکي سڏي”
“مرن پيون ماريون، قابو آھن ڪوٽ”.

وڙھه اچي ويرين سان، گھوٽ مٺا اڻموٽ،
ڪميڻن جي تون اچي، ڪر ڪا ڪَنَ مَروٽ،
ڏار ڏاڍن کي اچي، وجھه منجھن ڦڙڦوٽ،
ھڙئي ھيڪر تون اچي، ڪيرائي ڏي ڪوٽ،
بيٺا تنھنجيءَ اوٽ، اسين به ھونداسين اُتي!

باغي بختاور

باغي بختاور

کَڙي پاس کَري، باغي بختاور اڃا،
آيا اڱڻ اوپرا، بندوقون ڀري،
ھئا اُتانھون اُڪريا، مندي من ڪري،
اَن نه ڏيندي ايترو، چِڙي پيٽ ڀري،
اُڀي شينھڻ آھي ڪا، اکيون رت ڪري،
ڏاڍي آھي ڏاڍ کان، گوليءَ ڪانه ڏري،
ڪونه اچي ڪو اورتي، جيتر مائي مري،
گھمي گجي پئي اڃا، ھر ڪنھن کيت کري،
من ڪو راڄ وري، آھي انھيءَ آسري.

چاڪر جو چُوڪر

چاڪر جو چُوڪر

حيدر بخش * چئي ويو پوءِ به ھاري ڪئن حقدار، ميان!
اڃا وڏيرو جيئرو آھي، جيئي پيو ڪمدار، ميان!
جيئي وڏيرو، جيئي سدائين ان جي موٽر، سمجھي ڇڏ،
ھو ئي ليڊر، ھو ئي ميمبر، ھو ئي منسٽر، سمجھي ڇڏ.
خوب ھڻو نعرا، ۽ سرگس خوب ڪڍو، پر سمجھي ڇڏ،
چونڊن ويلي راڄ سمورو ان جو ووٽر، سمجھي ڇڏ.
حڪم ھلي ڀوتار جو ھرجا، اندر ٻاھر، سمجھي ڇڏ،
ڀلي ھجي تپدار، سپاھي، ڊپٽي ڪلڪٽر، سمجھي ڇڏ.
ڀاڳ ڀليرو ڏيئي وڏيرو خلقيو قادر، سمجھي ڇڏ،
پاڻ ڏنائين تنھن کي ھاري ناري نوڪر، سمجھي ڇڏ.
ھاريءَ جو حق آھي ازل کان ھر ۽ ڪوڏر سمجھي ڇڏ،
صاف سنڌيءَ ۾ سمجھين ٿو يا لاھيان پادر، سمجھي ڇڏ.
چِڙ جا آھي وڏيري جي، بس تنھن کي ھيڪر سمجھي ڇڏ،
ھاڻ نه حيدر بخش جو نالو وٺجئين ٻيھر، سمجھي ڇڏ.
مان کي ڇا ٿو سمجھين، ڪر نه اجائي ٽر ٽر، سمجھي ڇڏ،
آھيان مان به وڏيري جي چاڪر جو چُوڪر، سمجھي ڇڏ.

چارڻ چنگ ڦٽو ڪيو

چارڻ چنگ ڦٽو ڪيو

سورٺ ڪر سينگار، چارڻ چنگ ڦٽو ڪيو!
* ڪنڌ نه پرتو تند سين، ڪِٽجي وئي ڪٽار.. . .
* اَستَغفرالله رَبِي وَ اَتُوب اِلَيہِ، ڪئي توبهه مڱڻھار.. .
* ڏيھه سڄو ئي ڏنڊ ۾، قابو ڪئو ڪوٽار.. . . . .
* پڙھو گھمي پيو شھر ۾، سُر ٿيندو سنگسار.. . . . .
* کپن اَنيراءَ کي، سِسيون لک ھزار.. . . .
* جوڳي جھونا ڳڙھه جا، ڏيندا ويا ميار.. . . .

ڌياچ نه آھي ڏيھه ۾

ڌياچ نه آھي ڏيھه ۾

چنگ مَ چورج ٻيجلئا، ڌياچ نه آھي ڏيھه ۾.
سامھون ٿين سُر کي، سر سي سڀ وڍئا

ڪاتي رکي ڪنڌ تي، ڪونڌر ڪٿ وئا،
ڳَم ڳَڱاٽيا ڳھر سين، موڳا ماٺ مئا.

مُڙي ڏٺائون مَنڊ کي، پاھڻ پنڊ ٿئا،
ھيڪاندا ھلئا، محبت ماريا منھن ڪري.

دودو گھرجي ديس کي

دودو گھرجي ديس کي

عالا دين آيو، دودو گھرجي ديس کي،
ڌاريون لشڪر ديس تي، چنيسر چايو،
ڪويل ڪُو ڪي “ڪِيس ٿيو، ننگر مارايو”،
“سونگھه نه ڏينديون سومريون،” ٻاگھيءَ ٻولايو،
جھيڙو جھونجھارن ڪري، مري ملھايو،
دھليءَ جو دشمن وري، جُوڻ مَٽي آيو،
چُغل چنيسر اڄ وري، ممڻ مچايو،
ٻاگھي ٻاڪاري پئي، بُڇڙا ڀڄايو،
جنگ ٿئي، جنگاھه ٿئي، ننگڙا بچايو،
مڙس ٿي مڃايو، سنڌڙيءَ جي ساک کي.

غازي گھرجن سنڌ کي

غازي گھرجن سنڌ کي

جان جان پوي ديد، ڪانھي ڪمي ڪُٺن جي،
لکن جو ليکو نه ٿيو، ڪي ڪي سُئا سعيد،
اڄ پڻ ڪُسن ڪيترا، ماروئڙا مزيدَ،
ترتئون تاريخ ۾، ڪجي ڪا ترديد،
ٿي ويا کوڙ شھيد، غازي گھرجن سنڌ کي.

ھرڪو پيش امام

ھرڪو پيش امام

ھرڪو پيش امام، ناھي نمازي ڳوٺ ۾!
ڏيڍ - سريون جوڙيائون مسيتيون، پنھنجي پنھنجي نام..
پنھنجا خطبا، پنھنجيون ٻانگون، ٻئي جي ٻڌڻ حرام. . . . ..
پنھنجي ھَٽڙي، پنھنجو ھوڪو، پنھنجو پنھنجو دام. . . . .
ھر ڪنھن ويڪوءَ رکيو آھي، خود جو خود نيلام. . . . . . . . .
ھرڪو ليڊر، ھرڪو ورڪر، ڪوئي ناھي عوام. . . . . . . . . .
ھڙئي سچا، ھڙئي ڪوڙا، واجب ڪُل قتلام. . . ... . . . . . . . .
سائين خير ڪريئي، سنڌڙي! جيئين شال مدام. . . . . . . . . . .

ھيڏا مرون ملڪ ۾!

ھيڏا مرون ملڪ ۾!

ڪٿان ڙي آيا، ھيڏا مِرون ملڪ ۾!
ڪِنا، ڪڇرا، ڪوڙھيا، اگلا اجايا،
اينءَ نه آيا اوچتا، ھارين ھيرايا،
لتاڙن پيا لانڍيون، ڪيرايئون ڪايا،
ڦٽيون ڪڻڪون ڀيل ڪري، ڪمند ڪيرايا،
ليٽي پيٽي لُڙ ڪري، ديرا ڦٽايا،
وَڄَ ڪڍي واٽن تي، ڏيھي ڏھڪايا،
ھڻي ڪاتَ ڪُکين ۾، گھوٽ گھڻا گھايا،
پاڻيارين جا پنڌ ۾، ھنيان ھيسايا،
ماڻھو ٿي پيدا ٿيا، سوئر سامايا،
آيا ڙي آيا، ڏڦا کڻي راڄ سڀ.

ڪاڪ ھلي ڪو مرڻو آھي

ڪاڪ ھلي ڪو مرڻو آھي

ڇڏ ڙي يار ھمير، ڪاڪ ھلي ڪو مرڻو آھي!
* نانگ بگھڙ جت ڇيڪ گھمن پيا، خوني ٻيا خنزير.. . .
* ھر جا شِرَ ۽ شيطانن جي، بيحد آھي بھير.. . .
* وک وک وکريل آھن ڪيڏا، مادا آتشگير.. . .
* روز ڪُسن پيا ڪونڌر ڪيئي، مالڪ ملڪ ملير.. . .
* آءُ ته کائي چڙھه ڪريون ڪو، پِپون ۽ ڪونڍير.. . .
* اڄ ڪ سڀاڻي ڪاڪ محل کي، ڊاھيندا رڻبير.. . .
* سي ئي پَسن مقصد جي مومل، جيئرا جن ضمير.. . .

ڪينجھر پئي روءِ

ڪينجھر پئي روءِ

ڪينجھر پئي روءِ، نوريءَ جي نڀاڳ تي.
* پَٽ ــ راڻي پَٽ تي، پلنگ پھاڄن ھوءِ.. . .
* جنھن ۾ ڇٽ ڇِلر جي، سا ڪئن سيڄن سوءِ.. .
* تماچيءَ جي ساءِ ۾، ھيءَ نه سونھي جوءِ. . . .
* ماڙيءَ تي ڪا گندري، چڙھي نه ھنيان پوءِ.. . .
* ڏن پون پيا ڏوھڙا، مھاڻن مٿوءِ.. . .
* گندريءَ ڌاران تڙ ــ ڌڻي، تڙ نه رھندءِ ڪوءِ.. . .
* سوڙَ نه سھندي سنڌڙي، ڄام وڃي ڪو چوءِ. . . .

ڪير رُلي ٿو روھه ۾

ڪير رُلي ٿو روھه ۾

پاھڻَ پنڌ ڪري، ڪير رُلي ٿو روھه ۾!
* پنھونءَ جا پيرا کڻي، ماڻھو مفت مري.. .
* ايڏو پنڌ پھاڙ جو، ڏٺي ڏيل ڏري.. . .
* ھاڙھو ڪاڙھو قھر جو، پٻ ته ڄَرَ ڄَري. . . .
* منھنجو ڪڄاڙو ڪيچ ۾، ڀنڀوران ته پري... .
* ويٺڙي آھيان واسري، پلنگ پير ڌري.. . .
* پير نه لاھيان پٽ تي، جيسين ڏينھن ٺري.. . .
* دعا ڪريو ڙي جيڏيون، لکيو مانَ ٽري.. . .
* اديون سسئي پاڻ چئي، مون جئن ڪا نه ڪري.. .

کرڙ کائي رت

کرڙ کائي رت

* کرڙ کائي رت، ميان،
* يارن جي گھر ڀت پيو رڌجي!
* سُڌ نه سورن جي اٿن، موڙھي اٿن يا مت.. . .
* ڪُڏندا ڪئن ڪيڏار ۾، پاريندا ڪئن پت.. . .
* ڪڙڪا ڪانن جا ٻُڌي، ساھه وڃائن ست.. . .
* کُنڀُ ڏسيو ڪانگورا ڪن، ڪانگن ڪيڏي گت.. .
* گھرن اندر يَرَ گھوٽن جي، ڪاھي پئي ڪلپت.. . .

مارو توتان ھٿ کڻي ويا

مارو توتان ھٿ کڻي ويا

مارئي جھل نيڻن، مارو توتان ھٿ کڻي ويا!
* ڪالھانڪر تون پاڻ ڏسين ٿي، ڪٿ ٿا ڪانگ لنوَن.. . .
* سي ئي توسان سڱ ڇني ويا، جن سان ھوءِ وچن.. . .
* سرتيون تنھنجي حال جون ھاڻي، ڪوھه پچارون ڪن.. . .
* ھيڏانھن تنھنجا ھيڏا رينگا، ھوڏانھن ڪن نه جن.. . .
* کيت ۽ ڦوڳ ملير ۾ ھاڻي، گھمندا گڏ وتن.. . .
* مارو تنھنجا محلاتن ۾، روز سلاميون ڪن.. . .
* عمر وٽان انعام پرائي، ٻھڪيو پيا ٻھڪن.. . .
* ڏيھي پرڏيھين جي وچ ۾، ٻڌيو ٻوٿ گھمن.. . .
* سنڌڙي ھاڻي پاڻ سنڀالج، پنھنجو خاڪ بدن.. . .

موکيءَ اُپٽيا مَٽ

موکيءَ اُپٽيا مَٽ

موکيءَ اُپٽيا مَٽ، متارو نه ھيڪڙو!
* پيئي جيڪو پُر ٿي، سھي سِر جي سٽ.. . .
* سُڻي سس ڦس سَپ جي، گھڻن مٽيا گھٽ.. . .
* ڀڳا ڏسي مَٽن ڀر، متارن مر گھٽ.. . .
* ھلي ايندا ھيج سين، جنھين پروڪي چٽ.. . .
* پر ته ھُئو ھيڪڙو، ھيل گھڻا ئي ھٽ.. . .
* مات ٿيا جي مَنڌ تي، چمڪي تن چوکٽ.. . .
* نرت وجھي پئي نرتڪي، ناز منجھان نٽ کٽ. . . .
* ھل ته ڪُلالين ھَٽ ھلون، چَکون وِھه جي وٽ.. . .

نَوَ لَکي جا روپ ھزارين

نَوَ لَکي جا روپ ھزارين

کِلي پيو کنگھار *، روز چنيسر ڪَئين وڪجن پيا!
* نَوَ لَکي جا روپ ھزارين، چمڪن پيا چوڌار.. . .
* ڪن کي ٺيڪا، بنگلا، ڏوڪڙ، ڪن کي جھنڊي ڪار.. .
* ھار تي پيار جي سودي جي اڄ، لڳي جمعي بازار.. . .
* سي نه ٿين مڻئي تي موھت، جنھين وڏا ويچار.. . .
* ليلان، ڪونرو، جکرو*، ٽيئي، سنڌڙيءَ جا غدار.. . .

ساھڙ ويٺو کير پئي

ساھڙ ويٺو کير پئي

سھڻي تري پئي تار، ساھڙ ويٺو کير پئي!
* موجون مانگرَ منڌ کي، ويڙھي ويا چوڌار.. . .
* سڏ سھڻيءَ جا سِير مان، ٻڌجن پيا ٻِئي پار.. . .
* پاڻِ ڀُلي ھئي ڀيلي تي، لوڙي پئي پرڪار.. . .
* وڃي ڄاڻن پاڻ ۾، سھڻي ۽ سيسار.. . .
* مينھون مِٺيون مُنڌ کان، ڪير مري منجھندار.. . .
* ڪنڌيءَ ڪاھي مانگرا، ماريندا ميھار.. .

سڙي پيو سچ

سڙي پيو سچ

ٻري پيو مچ، ھليا سيڪيون ھٿڙا:
ڳڙو وسي پيو ڳوٺ تي، پانڌي اندر اچ،
پرھه جي پچار ۾، ڳالھيون ٿينديون ڳچ،
اونھو ڏس آڙاھه ۾، سڙي پيو سچ،
بيھه پاڻياري، بچ، ماڪ چِاڻيا پيچرا!

تاريخ جو ڪچرو

تاريخ جو ڪچرو

ھانءَ ھَڄن پيا، جيءَ جھُرن پيا، مارو مٺڙا روز مرن پيا،
آسي پاسي اَڌين اُتي، ڪيڌا ڪونڌر ڪنڌ ڪرن پيا.

منھوڙي کان ماٿيلي ٽمٽار وھي پيو رت جو دريا،
پوتيون پٽڪا اجرڪ وارا، لُڙھندا لھرن وچ وڃن پيا.

وري ڪلاچيءَ واري ڪن ۾ سوين ھزارين مانگر مڙيا،
مورڙئي جا ڀائر کائڻ لئه سي ڄاڙيون کڙڪائن پيا.

سنڌڙيءَ جا سڀ سور سھيڙي، سنڌو پور پچائي ويٺي،
وري نئون وھنوار ڪرڻ لئه، ٻئي ڪنارا سس ڦس ڪن پيا.

ڪچرو سڀ تاريخ جو ھاڻي سمنڊ حوالي ٿيڻو آھي،
مٽيءَ جي ھر ذرڙي اندر ڪئين واچوڙا ڪَرَ کڻن پيا