شخصيتون ۽ خاڪا

مسڪين جھان خان کوسو

مسڪين جھان خان کوسو، ٿر جي مٽيءَ جي خمير مان پيدا ٿيل اھا شخصيت ھيو جنھن ڌرتيءَ سان وچن نڀائيندي سڃي زندگي غريبن جي مدد ڪندي سماجي ڪمن ۾ گذاري. ”مسڪين“، ۱۹۳۷ع کان ملازمت ترڪ ڪرڻ بعد، غريبن جي خدمت لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو هو. ايتري تائين جو مھينن جا مھينا مسڪينن جي مدد لاءِ گهر کان ٻاهر رهيو. ھن ڪتاب ۾ سندس شخصت بابت مختلف ليکڪن جا کيل تعارفي مضمون ، تاثر ۽ تبصرا شامل ڪيل آھن.

Title Cover of book مسڪين جھان خان کوسو

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ٿرپارڪر جي سماجي شخصيت مسڪين جھان خان کوسي جي شخصيت بابت  لکيل ڪتاب ”مسڪين جھان خان کوسو“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون، جنھن جو سھيڙيندڙ ۽ ترتيب ڏيندڙ محمد بخش بلوچ ”مجنون“ آھي.
مسڪين جھان خان کوسو، ٿر جي مٽيءَ جي خمير مان پيدا ٿيل اھا شخصيت ھيو جنھن ڌرتيءَ سان وچن نڀائيندي سڃي زندگي غريبن جي مدد ڪندي سماجي ڪمن ۾ گذاري. ”مسڪين“، ۱۹۳۷ع کان ملازمت ترڪ ڪرڻ بعد، غريبن جي خدمت لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو هو. ايتري تائين جو مھينن جا مھينا مسڪينن جي مدد لاءِ گهر کان ٻاهر رهيو. ھن ڪتاب ۾ سندس شخصت بابت مختلف ليکڪن جا کيل تعارفي مضمون ، تاثر ۽ تبصرا شامل ڪيل آھن.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو  1967ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1969ع ۾ جميل پبليڪيشنس، ميرپور خاص  پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻي  جي سھڪار سان پيش آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي