هن ڪتاب ۾ سنڌ ۾ آيل پرڏيھي سياحن جو تفصيلي ذڪر موجود آهي، جن مان ڪي نوڪريون ڪرڻ آيا تہ ڪي وري قبضي جي خيال کان آيا. ڪتاب کي ڪل ڇھن بابن ۾ ورهايو ويو آهي، جن مان باب پھريون: يوناني سياح، باب ٻيو: چيني سياح، باب ٽيون: عرب سياح ۽ جاگيردار، باب چوٿون: ترڪ ۽ افغان سياح، باب پنجون: مغربي سياح، باب ڇھون: سيوهڻ: سياحن ۽ پرڏيھي مـؤرخن جي نـظـر ۾ شامل آھن. تذڪري هيٺ آيل ڪيترن ئي سياحن جو سنڌ ۾ ساراھہ جوڳو ڪم ڪيل آهي ۽ انھن سنڌ جي جاگرافي، ثقافت، رهڻي ڪھڻي ۽ ٻوليءَ بابت ڪيترائي تحقيقي ڪتاب پڻ لکيا آهن.
سنڌ شناسي
سنڌ سياحن جي نظر ۾
- 0/5.0
- 8
- 2
- هڪ سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي تحقيق تي مشتمل ڪتاب ”سنڌ سياحن جي نظر ۾“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
هن ڪتاب ۾ سنڌ ۾ آيل پرڏيھي سياحن جو تفصيلي ذڪر موجود آهي، جن مان ڪي نوڪريون ڪرڻ آيا تہ ڪي وري قبضي جي خيال کان آيا. ڪتاب کي ڪل ڇھن بابن ۾ ورهايو ويو آهي، جن مان باب پھريون: يوناني سياح، باب ٻيو: چيني سياح، باب ٽيون: عرب سياح ۽ جاگيردار، باب چوٿون: ترڪ ۽ افغان سياح، باب پنجون: مغربي سياح، باب ڇھون: سيوهڻ: سياحن ۽ پرڏيھي مـؤرخن جي نـظـر ۾ شامل آھن. تذڪري هيٺ آيل ڪيترن ئي سياحن جو سنڌ ۾ ساراھہ جوڳو ڪم ڪيل آهي ۽ انھن سنڌ جي جاگرافي، ثقافت، رهڻي ڪھڻي ۽ ٻوليءَ بابت ڪيترائي تحقيقي ڪتاب پڻ لکيا آهن.
ھي ڪتاب 2001ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻي جي سھڪار سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مصنف ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
- ڇپيو ويو 2001
- ڇپائيندڙ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر 0
- آن لائين ٿيو 16/Aug/2023
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
- لاٿو ويو 2 ڀيرا