شخصيتون ۽ خاڪا

قَدرُ منجهہ ڪِنار

علي محمد ”درد“ سولنگيءَ جو هي جامع ڪتاب، پروفائيل انٽرويوز تي آڌاريل آهي، هن ڪتاب ۾ سينيئر توڙي جونيئر 63 قلمڪارن جا خيال شامل آهن، جيڪي ذاتي انٽرويوز، ايميل. فون، واٽس ايپ يا ميسينجر ذريعي ڪيل آھن. ھنن مان گهڻا انٽرويويز مختلف اخبارن ۾ ڇپيل آھن. سنڌي ادب ۾ اهڙا ڪتاب گهٽ سھيڙجن ٿا، جن ۾ هيڪاندي معلومات آهي. هن ڪتاب جي صورت ۾ جيئن علي محمد هيترين شخصيتن کي يڪجا ڪري تاريخ ۾ محفوظ ڪيو آهي، اهڙو ڪم ٿورڙن ماڻھن جي حصي ۾ اچي ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 29
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book قَدرُ منجهہ ڪِنار

ارپنا

سنڌي ٻوليءَ جي

سچن تخليقڪارن ۽

قلمڪارن جي نانءِ


علي محمد ”درد“ سولنگي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ نثر نگار علي محمد ”درد“ سولنگيءَ جي پروفائيل انٽرويوز تي آڌاريل ڪتاب ”قدر منجهہ ڪنار“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.

علي محمد ”درد“ سولنگيءَ جو هي جامع ڪتاب پروفائيل انٽرويوز تي آڌاريل آهي، هن ڪتاب ۾ سينيئر توڙي جونيئر 63 قلمڪارن جا خيال شامل آهن، جيڪي ذاتي انٽرويوز، ايميل. فون، واٽس ايپ يا ميسينجر ذريعي ڪيل آھن. ھنن مان گهڻا انٽرويويز مختلف اخبارن ۾ ڇپيل آھن. سنڌي ادب ۾ اهڙا ڪتاب گهٽ سھيڙجن ٿا، جن ۾ هيڪاندي معلومات آهي. هن ڪتاب جي صورت ۾ جيئن علي محمد هيترين شخصيتن کي يڪجا ڪري تاريخ ۾ محفوظ ڪيو آهي، اهڙو ڪم ٿورڙن ماڻھن جي حصي ۾ اچي ٿو.

ھي ڪتاب مُرڪ پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران 2021ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون ”علي محمد درد“ سولنگي ۽ مرتضيٰ لغاريءَ جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني. 


محمد سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي  
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام 
sulemanwassan@gmail.com 
sindhsalamat.com  
 books.sindhsalamat.com

اداري پاران

اداري پاران

علي محمد ”درد“ سولنگيءَ جو تعلق سنڌ جي سهڻي شهر دادوءَ سان آهي، دادو جو نالو ذهن يا چپن تي اچڻ سان قومي ۽ عوامي شاعر استاد بخاري ياد اچي ويندو آهي، استاد بخاري نه رڳو سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجو سگهارو حصو داخل ڪيو، پر دادوءَ کي به امر ڪري ڇڏيو. هونئن به دادو سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي خوبصورت ليکڪ پيدا ڪيا آهن. چون ٿا ”دادوءَ ۾ آ جادو“، يقينن دادوءَ جي ليکڪن پنهنجي جوت جو جادو ڏيکاريو آهي. علي محمد ”درد“ سولنگي به ان علائقي سان وابستگي رکي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو سندس شخصيت ۾ جادو آهي، هو ادب جي جنهن به صنف تي قلم کڻي ٿو ان سان ڀرپور نڀائي ٿو. گذريل ٽن ڏهاڪن کان ادب سان وابستگي رکندڙ علي محمد ”درد“ سولنگي سينيئر ٽهيءَ جي ساٿين ۾ شمار ٿئي ٿو، سنڌي ادب ۾ سندس سڃاڻپ جا ڪيئي حوالا آهن، هو نه رڳو سٺو شاعر آهي، پر سگهارو نثر نويس به آهي، نه رڳو ايترو پر ٻاراڻي ادب ۾ به جهجهو ڪم ٿيل اٿس. ان کان علاوه سڃاڻپ جو بهترين حوالو ايڊيٽر طور به رهيو اٿس، سندس ادارت ۾شايع ٿيندڙ مئگزين نئين خوشبوءِ پنهنجي دور ۾ ڪيترائي نوجوان ليکڪ پيدا ڪيا.
علي محمد ”درد“ سولنگيءَ جا هونئن ته ڪافي ڪتاب شايع ٿيا آهن پر ادبي شخصيتن تي خاڪن جو ڪتاب ”قلم جنين جي هٿ ۾“ ۽ نظمن جو ڪتاب ”وڃائجي ويل رنگن جو احساس“ ويجهڙ ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. سندس دوستن جو هلڪو وڏو آهي، اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪتاب جلد ئي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچن ٿا ۽ پذيرائي به ماڻهن ٿا.
علي محمد ”درد“ سولنگيءَ جو هي جامع ڪتاب پروفائيل انٽرويوز تي آڌاريل آهي، هن ڪتاب ۾ سينيئر جونيئر 63 قلمڪارن جا خيال شامل آهن. سنڌي ادب ۾ اهڙا ڪتاب گهٽ سهيڙجن ٿا، جن ۾ هيڪاندي معلومات آهي. هن ڪتاب جي صورت ۾ جيئن علي محمد هيترين شخصيتن کي يڪجا ڪري تاريخ ۾ محفوظ ڪيو آهي، اهڙو ڪم ٿورڙن ماڻهن جي حصي ۾ اچي ٿو.
مرڪ پبليڪيشن ڪراچي هي جامع ڪتاب شايع ڪري سرهائي ٿي رهي آهي، هي جامع ڪتاب ادب سان لاڳاپيل انهن دوستن لاءِ به ڪارائتو آهي جيڪي سنڌي ادب تي تحقيق ڪري رهيا آهن. اميد ته علي محمد درد سولنگي ۽ اداري جي هي محنت ڪارائتي ثابت ٿيندي،
مرتضيٰ لغاري

پنهنجي پاران!

پنهنجي پاران!
قدرُ منجهه ڪِنار

مون جڏهن هڪ اَڌُ پروفائيل لکي هڪ اڌ اخبار ۽ مئگزين ۾ ڇپرايو هيو ته دوستن اسرار ڪيو ته ان سلسلي کي Continue ڪيو. پوءِ مون ان سلسلي کي لڳاتار لکڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ بجاءِ ڪتابن ۾ انهن کي ڳولڻ جي سوچيم ڇو نه انهن شخصيتن سان ذاتي طرح رابطو ڪري معلومات وٺجي، ڇو ته سواءِ ڪجهه ڪتابن جي ڪافي ڪتابن ۾ معلومات ۾ ڪڏهن پروف جي غلطيءَ سبب ته ڪڏهن ذاتي اڻڄاڻائي سبب ڪجهه غلط معلومات اچي وڃي ٿي ۽ اها جيئن جو تيئن هلندي رهي ٿي، سو ڪوشش ڪيم ته پروفائيل لاءِ معلومات شخصيتن کان پاڻ کان وٺجي جيئن غلطيءَ جي گنجائش نه رهي.
فون تي ڪڏهن ڪا شخصيت ملي ته ڪڏهن ڪنهن وٽ مصروفيتن سبب ان وقت، وقت نه، ان ڪري هڪ سوالنامو ترتيب ڏنم ته لکت ۾ انهن سوالن جا جواب مون تائين پهچن. لکڻ ۾ به آساني سان گڏ غلطيءَ جي گنجائش نه رهي.
الاهي سارين شخصيت ڏانهن، خط، اِي ميل، ميسينجر ۽ واٽس ايپ ذريعي سوالنامو موڪليم، جن جن تڪڙي موٽ ڏني انهن جا پروفائيل /خاڪا هر هفتي اخبار ۾ ڇپرايا.
باجود طبيعت جي ناسازيءَ جي مون پنهنجي پاران ان ۾ دير نه ڪئي هر هفتي هڪ ٻه پروفائيل موڪليندو رهيس ۽ محترم همت علي مگسيءَ ۽ سنڌ ايڪسپريس جي ڀاءُ فاروق سومري صاحب جي مهربانيءَ سان اهي مسلسل هر هفتي ڇپجندا رهيا. (سندن انهي اداري ڇڏڻ بعد اهو سلسلو به اُتي ئي رهجي ويو.) انهن مان ڪيئي ڇپيل پروفائيل کڻي ڪجهه ماڻهن پنهنجي نالي تي اخبارن ۾ ڇپرايا پر مون کي فخر آهي ته هنن منهنجي پورهيي کي مڃتا ڏئي منهنجي چوري ڪئي، مون اها ڪني حرڪت نه ڪئي، پوءِ وقت ۽ حالتن سبب ان سلسلي کي اتي ختم ڪرڻو پيو پر ڪافي مهربان شخصيتون رهجي ويون، انهن جا ڏنل سوالن جا جواب انٽرويو جي صورت ۾ مون محفوظ ڪري رکيا، سوچيم ٻن حصن ۾ گڏيل ڪتاب آڻيان، هڪ حصي ۾ خاڪا ٻي حصي ۾ پروفائيل انٽرويوز. پر ائين ٿي نه سگهيو، صفحا تمام گهڻا وڌي پيا وڃن، ان ڪري في الحال خاڪن کي آندم جن مان به ڪافي اڃا رهيل آهن، جيڪي ان ڪتاب ”قلم جنين جي هٿ ۾“ ۾ شامل نه آهن.
پروفائيل وارو سلسلو بند ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه انٽرويو مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپرايا. پر ڪنهن به دوست انهن انٽرويوز کي مستقل سلسلي طور شامل نه ڪيو، انٽرويوز مون وٽ رهجي ويا، ڪافي پڇاڻو به ٿيندو رهيو ته ادا منهنجي پروفائيل انٽرويو جو ڇا ٿيو؟ پر مون وٽ ڪو تسلي بخش/ جوڳو جواب نه هيو.
ڪن ته اهو به چيو ته اسان جا انٽرويو اسان کي واپس موڪلي ڏيو، فلاڻا، فلاڻيون ڇپجي ويا/ويون. باقي اسان نه ٿا ڇپجون، نه ڇپائڻا هيا ته ورتا ڇو؟ سڀ جون ڳالهيون ٻڌندي سهندي به انهن انٽرويوز کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪري رهيو آهيان، جيتوڻيڪ سوالنامي ۾ ڪجهه سوال اڳتي پوئتي به آهن ڪجهه ذاتي نوعيت جا آهن، پر پڙهندڙن تائين مڪمل مفصل معلومات پهچائڻ لاءِ انهن کي جيئن جو تيئن رهڻ ڏنو اٿم.
منهنجي لاءِ اديب، اديب ئي رهيو آهي (مرد عورت نه) اهو ڀلي ڪهڙي به شهر، ڪهڙي به گروپ ۽ لابي سان واسطو رکندو هجي، اگر هو لکندڙ آهي ته مون لاءِ احترام لائق آهي، ڇو ته مون وٽ ڪو گروپ ڪا، لابي، ڪا پارٽي نه آهي، جيڪو عزت ڏيندو آهي ان کي جُهڪي ملندو ۽ ڏهوڻ تي وڌيڪ عزت ڏيندو آهيان ۽ آئون قلب ۾ ڪينو رکي مرڪي ملڻ وارن مان به نه آهيان.
پروفائيل لکڻ دوران ڪافي ڳالهيون ٻَڌڻ لاءِ مليون، ڪن چيو علي محمد ڪالهوڪن لکندڙن تي لکي انهن کي هروڀرو پيو پڏائي، ڪن چيو علي محمد رڳو عورتن تي ٿو لکي. ڪن چيو ”درد“ اسان جي آمدني بند ڪرائي ڇڏي. ڪن اهو الزام هنيو ته علي محمد انهن کان پيسا وٺندو هوندو. پر پاڻ اڄ تائين اهو ڪڌو ڪم نه ڪيو آهي نه وري آئنده ڪبو.
ڪجهه دوستن ته انهن سوالن کي ٻاراڻا سوال سڏيو ۽ طنز يه جواب به ڏنا ۽ ڪن جي نظر ۾ اهو هُيو ته هي سوالنامو ئي سهي نه آهي. ڪن مختصر کان مختصر جواب ڏنا، ڪن مهربانن ڪن سوالن جا جواب ڏيڻ ضروري نه سمجهيو، ڪافي سارن ته انٽرويو ڏيڻ ئي گوارا نه ڪيو، هي انٽرويوز ڪي ادبي قَدُڪاٺ ڄاڻڻ لاءِ نَه ڪيا ويا آهن. هي صرف انهن بابت معلومات ڏيڻ جي هڪ ننڍڙي ڪوشش آهي، جيڪا اميد ته اوهان کي پسند ايندي ۽ هي ڪتاب اوهان کي ان وقت به ڪم ايندو جڏهن اوهان کي ڪنهن جي جنم، (جيتوڻيڪ ڪِن جنم جو سال نه ٻڌايو آهي) جنم هنڌ يا ڪنهن ٻي معلومات جي ضرورت پوندي، هنن انٽرويوز مان اوهان کي ان شخصيت متعلق ڄاڻڻ جو به موقعو ملندو. هي ننڍڙا انٽرويوز هڪ ننڍڙي مڃتا آهن، جيڪا مون پنهنجي طرفان انهن کي ارپي آهي.
مون کي اميد آهي جيئن منهنجي خاڪن جي ڪتاب ”قلم جنين جي هٿ ۾“ کان پوءِ الاهي سارا خاڪن جا ڪتاب آيا آهن. ان طرح هن سال الاهي سارا انٽرويوز جا ڪتاب به اچڻ شروع ٿيندا.
ائين لکندڙن کي زندگيءَ ۾ ئي مڃتا ملندي ته منهنجي مَنَ جي مراد پوري ٿي پوندي ۽ ننڍي وڏي، نئين پراڻي ۽ سينيئر جونيئر واري فريم مان نڪري تخليقڪارن جو ۽ انهن جي تخليقن جو قدر ڪيو ويندو.
وڃن ۾ وينجهارا! پاڻيٺَ جي پَرکڻا،
ڪينَرُ پايو اکئين، لهنِ سڀ ڪَهين سار،
موتيءَ جي مزاج جو، قدرُ منجهه ڪِنار،
صرافِنِئون ڌار، ماڻڪ مُلاحِظو ٿئي!
(شاهه لطيف رح- سر سريراڳ)

اوهان جو پنهنجو

علي محمد ”درد“ سولنگي
مارڪيٽ روڊ دادو
03322795990

پروفائيل انٽرويوز

---

محبت سواءِ انسانُ اَڌُورو آهي ….. ابن لائق سومرو

محبت سواءِ انسانُ اَڌُورو آهي ….. ابن لائق سومرو

سوال: نانءُ ولديت سميت؟
اِبن لائق: محرم سومرو ولد محمد لائق سومرو.
سوال: جنم جي تاريخ ۽ هنڌ؟
اِبن لائق: 13هين ڊسمبر اڻويهه سئو ايڪهٺ جوهي شهر.
سوال: ادبي نانءُ؟
اِبن لائق: ابن لائق سومرو.
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
اِبن لائق: ايم اي، ايم ايڊ (ايڇ ايس ٽي).
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
اِبن لائق: 1980ع کان.
سوال: ادبي استاد؟
اِبن لائق: استاد بخاري.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
اِبن لائق: استاد بخاري کان، ڪاليج ۾ تعليم دوران.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالهيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
اِبن لائق: غربت، احساس محرومي معاشري ۾ ٿيندڙ برايون، ڏوهه، بي واجبيون ۽ سماجي برايون.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
اِبن لائق: عبرت اخبار ٻاراڻو صفحو (شاعري).
سوال: ڪهڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟
اِبن لائق: عبرت، عوامي آواز، هلال پاڪستان، هالار، هزار داستان، سنڌ رنگ، گُل ڦل، عبرت مئگزين، آفتاب وغيره.
سوال: ڪهڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
اِبن لائق: شاعري ۾ غزل، ٽه سٽه ٽيڙو وغيره، پسنديده صنف غزل.
سوال: ڪهاڻين جو تعداد، ڪيتريون ڇپيل؟
اِبن لائق: ٻاراڻي ادب ۾ 6 گل ڦل، عوامي آواز ۽ ٻيون عبرت مئگزين ۽ عبرت اخبار.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال؟
اِبن لائق: ڇپيل ڪتاب ڪو به نه.
سوال: پهرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو رد عمل ڇا هيو؟
اِبن لائق: ڪجهه به نه ڇاڪاڻ ته جيڪا خوشي ماءُ، پيءُ، ڀاءُ، ڀيڻ طرفان ٿيندي آهي، اهڙو ماحول مُسير نه هو، ماءُ پيءُ فوت ٿي چڪا هئا.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصلا افزائي ڪنهن ڪئي؟
اِبن لائق: احمد خان مدهوش ۽ اڪبر جسڪاڻي.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
اِبن لائق: جذبن، اڌمن ۽ اندر جي آواز جي اظهار جو ذريعو.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
اِبن لائق: محبت سواءِ انسان اڌورو آهي.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب/اديبائون؟
اِبن لائق: امر جليل، نسيم کرل، استاد بخاري، الطاف شيخ، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه، شيخ اياز، امداد حسيني، نورالهديٰ شاهه ۽ ٻيا شاعر/ اديب.
سوال: پسنديده شخصيت؟
اِبن لائق: حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح.
سوال: پسنديده ڪتاب/رنگ/موسم/پهر؟
اِبن لائق: قرآن شريف، شاهه جو رسالو، موتيو، سردي، فجر.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
اِبن لائق: زندگي ۾ خوشيون تمام گهٽ نصيب ٿيون آهن جنهن ڪري ٻين جي خوشين ۾ ئي منهنجي خوشي آهي.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
اِبن لائق: ماءُ جو بي حسي وارو موت بغير علاج جي دم ڌڻي حوالي ڪيائين.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاهي؟
اِبن لائق: حد کان وڌيڪ آزادي.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
اِبن لائق: خدا جي بهترين تخليق جيڪا مردن لاءِ هڪ حسين تحفو آهي.
سوال: اڄ ڪلهه جيڪو ادب سرجي پيو اُن بابت اوهان جي راءِ؟
اِبن لائق: ادا ماڻ پاڻ ئي اديب آهيان، الائي ناهيان ادب تي ڪهڙو تبصرو ڪيان پر هن گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ به ادبي ڪَمُ جاري آهي اِها وڏي ڳالهه آهي.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
اِبن لائق: برابر ادا سنڌي سماج ۾ اسان جي ليکڪن ۽ ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ملي سگهي آهي. ان جو سبب سنڌ ۾ تعليمي نظام ۽ بيورو ڪريسي آهي جيڪا هڪ ديو وانگر ڇانيل آهي ٻيو وڏيرا شاهي.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
اِبن لائق: تنقيد ادب لاءِ تمام ضروري آهي پر اڄ ڪلهه برداشت اصل ڪانهي جنهن ڪري ادبي لڏو پڻ گروپن ۾ روهايل آهي. تنقيد براءِ اصلاح سان ئي سٺو ادب سرجي ٿو.
سوال: ادبي/سياسي/ سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
اِبن لائق: سياسي طور ته پيپلز پارٽي سان گڏ آهيو پر هاڻ ته اهي به پنهنجو ڪونهَ ٿا ڪن جِن سماجي تنطيمن ۾ رهيو آهيان انهن ۾ ڪاڇو فائونڊيشن جو خزانچي ۽ جنرل سيڪريٽري رهي چڪو آهيان ۽ هاڻ به سگا شاخ جوهي جو عهديدار آهيان. ان کان علاوه به ڪافي سماجي تنظيمن سان سلهاڙيل آهيان.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
اِبن لائق: زندگي الله سائين جو هڪ عظيم تحفو آهي ۽ اها تمام ٿورڙي آهي جنهن ۾ جيترو ٿي سگهي ٻين جي ڪاڻ جيئجي. ٻين کي سک پهچائجي. ٻين لاءِ آساني پيدا ڪجي. زندگي ٻيو ڪجهه به ناهي.
سوال:موت اوهان جي نظر ۾؟
اِبن لائق: موت امر آهي، ان کان ڊڄڻ نه گهرجي هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور ايندو بهتر آهي ته موت کي مات ڏجي، اهو ائين ته اهڙو ڪم ڪجي جو مرڻ کان پوءِ به زندهه رهجي.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
اِبن لائق: نفرت هڪڙي بُڇڙي بيماري آهي جنهن کي ويجهو اچڻ نه ڏجي پيار ئي زندگي آهي. نفرت موت کان اڳ موت آهي.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
اِبن لائق: جيڪا دل الله جي ذڪر کان خالي آهي اها دل بيڪار آهي. دل الله جو گهر آهي ان کي خالق جي ذڪر سان آباد رکو.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سهيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
اِبن لائق: نه مواد ٽڙيل پکڙيل آهي، اڃا سهيڙي نه سگهيو آهيان.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
اِبن لائق: نهايت ئي حساس ٻين جو ڏک، تڪليف ۽ آزار برداشت نه ٿيندو آهي.
سوال: ڪهڙين ڳالهين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
اِبن لائق: ڪوڙ، ٺڳي، دوکو، فريبُ ۽ ساهه واري کي ايذائڻ.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/سرٽيفڪيٽ؟
اِبن لائق: سگا شاخ جوهي پاران شيلد ۽ سرٽيفڪيٽ، سنڌ رنگ ۽ هالار طرفان سرٽيفڪيٽ.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
اِبن لائق: معاشري ۾ اديب هڪ اهڙو ڪردار آهي جيڪو معاشري ۾ ٿيندڙ براين، بدمعاشين، بي واجبين، ڏاڍ ڏهڪاءُ ڏسي ٿو ۽ پوءِ پنهنجي ذِهن کي اوتي پني تي لکي ٿو ۽ پاڻ کي به ان جو حصو يا ڪردار محسوس ڪري ٿو.
سوال: درد ڇا آهي؟
اِبن لائق: ”درد“ منهنجو ڀاءُ، منهنجو دوست آهي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪجهه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
اِبن لائق: جي بلڪل مطمئن آهيان جيڪو لکيو اٿم، باقي لکڻ گهڻو گهربو هو پر نڀائي نه سگهيس.
سوال: اوهان جي شاعري ڪهڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
اِبن لائق: لوڪل فنڪارن ڳائي آهي، جيڪي اڪثر شادين ۽ ميلن ۾ ڳائيندا آهن.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪهڙا آهن؟
اِبن لائق: ملازمت ڪندڙ عورتن سان انيڪ مسئلا آهن ٻٽي ظلم جو شڪار آهن سروس دوارن ماڻهن جي نظرن جو شڪار، آفيسرن جي بليڪ ميلنگ، اوباش ماڻهن کان بچائڻ لاءِ پريشان مٿان وري گهروارن جا مهڻا ۽ طعنا.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪهڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
اِبن لائق: اسان جو معاشرو ايترو سٺو آهي ئي ڪو نه، ڇاڪاڻ تعليم ڪانهي، جيڪي ڀينرون اڳتي اچن ٿيون ته انهن کي به ڪنهن نه ڪنهن بهاني پوئتي ڌڪيو ٿو وڃي. صنف نازڪ سمجهي هر ڪو پنهنجي مطلب لاءِ پيو استعمال ڪري.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
اِبن لائق: شوق به آهي مجبوري به.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
اِبن لائق: شهرت اصل ڪا نه وڻندي آهي.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
اِبن لائق: ڪنهن کان به شڪايت ڪانهي. هر ڪو لکيو پنهنجو لوڙي ڪير لکئي کان منهن موڙي.
**

اڄ ڪلهه واري تنقيد جي معنيٰ آهي ٻئي جو پٽڪو لاهڻ…… استاد لغاري

اڄ ڪلهه واري تنقيد جي معنيٰ آهي ٻئي جو پٽڪو لاهڻ…… استاد لغاري

سوال: نانءُ ولديت سميت؟
استاد لغاري: لقمان ولد محمد عالم ذات لغاري.
سوال: جنم جي تاريخ ۽ هنڌ؟
استاد لغاري: 21 نومبر 1956ع ڳوٺ مولوي خير محمد لغاري (باکوڙو) تعلقو سانگهڙ.
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
استاد لغاري: ايم ايڊ، رٽائرڊ، (ايڇ ايس ٽي) (BPS-18)
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
استاد لغاري: ننڍپڻ کان ڪئي. باقائدي 1980ع واري ڏهاڪي کان.
سوال: ادبي استاد؟
استاد لغاري: مطالعو.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
استاد لغاري: شيخ اياز امر جليل ۽ نورالهديٰ شاهه کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالهيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
استاد لغاري: ناانصافيون، پيڙائون، الزام تراشيون ۽ ناحق، نفرتون.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
استاد لغاري: 1980ع واري ڏهاڪي ۾ اخبار ” الفقراءُ“ سانگهڙ ۾.
ان کان پوءِ سواءِ ڪاوش اخبار جي ٻين سمورين سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ڇپيو آهيان.
سوال: ڪهڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
استاد لغاري: شاعريءَ جي سمورين صنفن ۾ لکيو آهي. نثر ۾ مضمون، مقالا، تاثر، لطيف شناسي، ترجما، تحقيق، تاريخ، سفر ناما، ڪهاڻيون، شخصيتون، ماڳ مڪان، تشريح ۽ ترتيب وغيره سفرناما.
سوال: ڪهاڻين جو تعداد، ڪيتريون ڇپيل؟
استاد لغاري: اندازن 20 ڪهاڻيون لکيون، اُهي سڀ جون سڀ شايع ٿيون آهن.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال؟
استاد لغاري: 1- پڪار پبليڪيشن 1982ع، 2- شاهه دا رسالا 2010ع، 3- گنج جو رسالو (رنگين قلمي نسخو) لکي مڪمل ڪرڻ جو سال 2011ع، 4- شاهه جو رسالو، 2013ع، 5- شاهه جو رسالو 2011ع، 6- شاهه جو رسالو 2017ع، 7- شاهه جو رسالو 2016ع، 8- شاهه جو رسالو 2018ع، 9- شاهه جو رسالو، ڍاٽڪي 2018ع، 10-شاهه جو رسالو 2019ع، 11-شاهه جو رسالو (الف ب وار) ڇپائي ۾، 12-موکِي متارا 2013ع، 13- ڪُلياتِ ٻاجهي 2017ع، 14-شاهه لطيف جا ڇٽيهه سُر 2018ع، 15- جي ڪنڌيءَ ڪاڪَ ڪَڪوريا 2019ع، 16- لطيفي اسرار 2016ع، 17- شاهه جو رسالو 2018ع.
سوال: پهرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو رد عمل ڇا هيو؟
استاد لغاري: خوشيءَ جو اظهار ڪيائون.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصلا افزائي ڪنهن ڪئي؟
استاد لغاري: سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان حوصلو مليو.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
استاد لغاري: جذبن جي اظهار جو بهترين وسيلو.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
استاد لغاري: محبت جي جذبي کان سواءِ، انسان اڻ مڪمل آهي.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب/اديبائون؟
استاد لغاري: شاهه عبداللطيف ڀٽائي، شيخ اياز ۽ ٻيا مختلف قومي شاعر.
سوال: پسنديده شخصيت؟
استاد لغاري: تمام گهڻيون شخصيتون آهن. ڪنهن به هڪڙي جي چونڊ مشڪل آهي.
سوال: پسنديده ڪتاب/رنگ/موسم/پهر؟
استاد لغاري: شاهه جو رسالو ۽ جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
استاد لغاري: ياد ناهي.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
استاد لغاري: پهريون ڏک ياد ناهي. البت ڏُکن، دَردن ۽ سُورن جي سمنڊ ۾ سدائين ٻڏندو ترندو ۽ ترندو وري وري ٻڏندو رهيو آهيان.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاهي؟
استاد لغاري: قدم قدم تي ڪاميابيون چاهي ٿي.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
استاد لغاري: بهترين جذبن ۽ احساسن سان ڀرپور ڪردار آهي.
سوال: اڄ ڪلهه جيڪو ادب سرجي پيو اُن بابت اوهان جي راءِ؟
استاد لغاري: جيڪو ادب کک ٺوڙها پوڙها پروفيسر ۽ اديب لکن پيا، آئون ڪنهن حد تائين اُن مان مطمئن ناهيان.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
استاد لغاري: ان جو مکيه سبب پبلشرز ادارا آهن. اُنهن پنهنجي ترجيحات مقرر ڪري ورتي آهي. اُهي پنهنجي پسند ۽ ناپسند جي آڌار تي ليکڪن کي ڏسن ٿا. پوءِ اُهي سرڪاري ادارا هجن توڙي خانگي. اُهي پبلشرز ادارا ڪِن نااهل اديبن کي آسمان تي کڻي ٿا وڃن ته وري ڪِن اهل، عظيم ۽ انسان دوست اديبن کي نظرنداز ٿا ڪن. اهو ئي سبب آهي جو اهڙن عاليشان اديبن کي پذيرائي نه ٿي ملي.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
استاد لغاري: اڄ ڪلهه واري تنقيد جي معني آهي، ”ٻئي جو پٽڪو لاهڻ“. اِن ڪري اُها تنقيد قطعي طور ناقابل قبول آهي. اُصولن تنقيد جي معنيٰ هوندي آهي ته ”خوبين جي تعريف ڪرڻ، خامين جي نشاندهي ڪرڻ ۽ اُن بابت بهترين تجويزون ڏيڻ“ حالانڪ هن وقت ائين ناهي ٿي رهيو. اِن ڪري تنقيد پنهنجي اهميت وڃائي چُڪي آهي.
سوال: ادبي/سياسي/ سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
استاد لغاري: سنڌي ادبي سنگت سان گڏ رهيو آهيان.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
استاد لغاري: خدا تعاليٰ جي طرفان عطا ڪيل عظيم تحفو.
سوال:موت اوهان جي نظر ۾؟
استاد لغاري: هڪ اٽل حقيقت.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
استاد لغاري: نفرت هڪ ڪيفيت جو نالو آهي. جيڪا ڪُوڙي، مُنافق ۽ حاسد ماڻهوءَ کان ازخود ٿي ويندي آهي. ها البت ڪا بهتر شئي به ناهي، جيڪا ڪنهن کان به نه ڪرڻ گهرجي.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
استاد لغاري: دل درياءَ، مُحبت ٻيڙي، ساڏِي لهران نال لڙائي.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سهيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
استاد لغاري: پنج نوان ڪتاب تيار آهن. جن جا حتمي نالا ناهن رکيا ويا.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
استاد لغاري: جذباتي آهيان.
سوال: ڪهڙين ڳالهين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
استاد لغاري: اجائي الزامن، ناحق نفرتن ۽ هروڀرو واري حسد کان ڪاوڙ ايندي آهي.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/سرٽيفڪيٽ؟
استاد لغاري: ”لطيف ايوارڊ“، ”اڪيڊمي ادبيات پاڪستان ايوارڊ“، ”انجمن ترقي پسند مصنفين ايوارڊ“، ”سنڌ راڻي ايوارڊ“ ۽ ”آئيڊيل پبلڪ اسڪول“، ايوارڊ شامل آهن.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
استاد لغاري: تخليقي موقعي تي، جُنون جي ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي . ان وقت پنهنجي آس پاس ڪوئي به انسان نظر ناهي ايندو. تحقيقي موقعي تي، سوين ڪتابن ۾ پُوريو ويٺو هوندو آهيان. اگر ان وقت ٻاهريون دروازو کڙڪندو آهي ته ڪتابن جي صفحن تي نشان ڏيئي هڪ هڪ ڪتاب هٽائي، پاڻ کي آهستي آهستي الڳ ڪري، ٻاهر وڃي ڏسندو آهيان، ته ڪو ٻار ڪاٺين جي ڀَري مٿي تي کنيل چوندو آهي ” چاچا! ڪاٺيون وٺندئو؟“ جواب ۾ اُن وقت جيڪا ڪيفيت ٿي ويندي آهي، اُها بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي.
سوال: درد ڇا آهي؟
استاد لغاري: درد هڪ اهڙي ڪيفيت جو نالو آهي، جنهن جي دوا دلبر کان سواءِ ٻئي ڪنهن وٽ به ناهي هوندي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪجهه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
استاد لغاري: اڃا مطمئن ناهيان، سوچيان ٿو، ته اڃا وڌيڪ بهتر لکان.
سوال: اوهان جي شاعري ڪهڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
استاد لغاري: استاد امداد مڱڻهار بادلاڻي ڳائي (اڙي ڪلال! اڄ ڪو، اهڙو پيار پاڻي، هڪ منٽ ۾ وڃي ٿي، هِن هوش جي پُڄاڻي.)
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪهڙا آهن؟
استاد لغاري: اُهو الميو اُهي ئي بهتر نموني بيان ڪري سگهن ٿيون.

سوال: مرداڻي معاشري ۾ ليکڪائن کي ڪهڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
استاد لغاري: مرداڻي معاشري ۾، ليکڪائن کي همٿائڻ گهرجي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
استاد لغاري: لکڻ منهنجي مجبوري آهي. پاڻيءَ ۾ رهڻ مڇيءَ جي مجبوري آهي. جڏهن پاڻي سُڪي ويندو آهي، تڏهن مڇي مري ويندي آهي. آئون اُن وقت مري ويندس، جڏهن لکڻ ڇڏي ڏيندس.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
استاد لغاري: ڪُوڙي شهرت تي ڪاوڙ ايندي آهي. حقيقي معنيٰ ۾ اديب جي پذيرائي ٿيڻ گهرجي. اُن جي اوجاڳن جو قدر ڪرڻ گهرجي.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
استاد لغاري: هر هڪ انسان کي ڪنهن نه ڪنهن کان شڪايت ضرور هوندي آهي. اسان کي به ڪنهن نه ڪنهن کان شڪايت هوندي. ان جي اظهار لاءِ، هي فورم مناسب ناهي. آئون فقط ايترو چوندس ته:

پی جا ایام کی تلخی کو بھی ہنس کر ناصر،
غم کو سہنے میں بھی قدرت نے مزا رکھا ہے۔
٭٭

ادبي ڪتاب ئي منهنجا استادَ آهن ….. اصغر گگو

ادبي ڪتاب ئي منهنجا استادَ آهن ….. اصغر گگو

سوال: اوهان جو نالو، جنم ڏڻ ۽ جنم هنڌ؟
اصغر: منهنجو پورو نالو علي اصغر ولد محمد عثمان گگو آهي. منهنجو جنم 15 جولائي 1978ع جي جهڙالي شام جو ٺٽي ضلعي (هاڻوڪي سجاول) جي ننڍڙي ڳوٺ لال محمد گگي ۾ ٿيو.
سوال: ادبي نانءُ؟
اصغر: آئون اصغر گگو جي نانءَ سان لکندو آهيان.
سوال: تعليم ۽ پيشو؟
اصغر: منهنجي تعليم ايم اي (سنڌي) آهي ۽ آئون درس ترديس جي شعبي سان لاڳاپيل آهيان.
سوال: لکڻ جي شروعات؟
اصغر: مون لکڻ جي شروعات 1999ع کان ڪئي آهي. پهرين ڪچي ڦڪي ڪهاڻي ” انتظار“ جي عنوان سان لکي هئي ۽ اها ئي پهرين تخليق هئي جيڪا ”سنڌ رنگ ڊائجسٽ“ ۾ ڇپي هئي.
سوال: ادبي استاد؟
اصغر: ادبي ڪتاب ئي منهنجا استاد آهن. لکڻ ايندو ڪو نه اٿم، بس ڪتاب پڙهي پڙهي مڙوئي دنيا روڙي وٺندو آهيان. پڙهندڙ موٽ ڏيندا آهن ته پاڻ کي ڀاڳوند سمجهندو آهيان ته، آئون به هن شاهوڪار سنڌي ٻوليءَ جو بوند برابر ليکڪ آهيان. سچ پڇو ته، انهيءَ ڳالهه تي مون کي تمام گهڻو فخر آهي.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
اصغر: ننڍپڻ کان اداڪار ٿيڻ جو شوق هئم. هي ليکڪ ٿيڻ ته بس هڪڙو حسين اتفاق آهي. ائين چوان ته، سنڌ ورسٽيءَ جي دين آهي، جنهن منهنجي ذات کي ڏات بخشي ۽ مون کي منهنجي هجڻ جو احساس ڏياريو. ورسٽيءَ جو ماحول ۽ ادبي ڪتابن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو.
سوال: لکڻ لاءِ ڪهڙيون ڳالهيون اتساهينديون آهن؟
اصغر: ڪو واقعو، ڪا وارتا، اندر ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه، ذهن ۾ ولوڙ پيدا ٿيندي آهي ته لفظن جي روپ ۾ پاڻ کي پنن تي ميڙيندو آهيان.
سوال: ڪهڙن رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيا آهيو؟
اصغر: سنڌي ٻوليءَ جي تقريبن سڀني رسالن ۽ اخبارن ۾ منهنجون تخليقون شايع ٿي چڪيون آهن.
رسالا: مهراڻ، ڪينجهر، امرتا، نئين زندگي، ادب، اديب، پيغام، سنڌ رنگ، هالار، سنڌو، عبرت، هزار داستان، ڪهاڻي ڊائجسٽ ۽ سنگت وغيره.
اخبارون: ڪاوش، هلال پاڪستان، عبرت، سنڌو، عوامي آواز ۽ هلچل وغيره.
سوال: ڪهڙين صنفن ۾ لکيو اٿَوَ، پسنديده صنف؟
اصغر: مون ڪهاڻيون، ناوليٽ، ڊراما ۽ مضمون لکيا آهن. پر مون کي ڪهاڻي تمام گهڻي پسند آهي.
سوال: ڇپيل ڪتاب.
اصغر: منهنجا ٽي ڪتاب ڇپيل آهن.
(1) ”حياتيءَ جي ڦاٽل ورقن جون ڪٿائون.“
(2) ”تون سمجهي نه سگهندين“ ترجمو ٿيل ڪهاڻيون
(3) ”آڱريون هن جو نالو اُڻن ٿيون“

سوال: پهرين تخليق شايع ٿيڻ تي گهروارن جو ڇا رد عمل هو؟
اصغر: سڀ تمام گهڻو خوش هئا. بابا جي اکين ۾ جيڪا خوشي هئي. ان لاءِ مون وٽ لفظ نه آهن جو بيان ڪيان. اسان جي ذات ۾ پري پري تائين ڪو به ادبي حوالو نه هو. منهنجو ماسات عبدالرزاق گگو، ادبي ڪتاب پڙهندو رهيو آهي. ان جا به مون کوڙ ڪتاب کڻي پڙهيا هئا. آئون پهريون ڇوڪرو هوس، جنهن لکڻ شروع ڪيو ۽ ريڊيو ايف ايم 92 تي به ڪم ڪيو.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ ۾ ڪنهن حوصلا افزائي ڪئي؟
اصغر: منهنجي دوست ”سهڻي“. مون جڏهن پهرين ڪهاڻي لکي ۽ شايع ٿي ته، مون پهرين هن کي ئي ٻڌايو هو. ڊائجسٽ ۾ ڪهاڻي پڙهي ۽ ڪٽنگ ڪري مارئي هاسٽل ۾ پنهنجي روم ۾ لڳائي ڇڏي. اتان ڪهاڻي پڙهي ٻيون ڇوڪريون اچي مليون. اهو ڏسي خوشي ٿي ۽ هوءَ همٿائيندي رهي. سهڻي کان پوءِ منهنجي دوست ساجد سومري اتساهيو ۽ پوءِ يوسف سنڌيءَ حوصلا افزائي ڪئي، جنهن منهنجون ڪچيون ڦڪيون تحريرون شايع ڪري لکڻ لاءِ مجبور ڪيو.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
اصغر: حسين احساس، زندگيءَ جي اصل خوشي. بقول بالزاڪ: ”محبت روح جو ٻيو جنم آهي.“
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني، پهرين خوشي؟
اصغر: يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ منهنجي زندگيءَ جي پهرين وڏي ۾ وڏي خوشي آهي. اها ورسٽيءَ جي دين آهي جو پاڻ ڳالهيون ڪري رهيا آهيون. پهرين مهرباني سهڻيءَ سان دوستي، جنهن جي دوستيءَ تي مون کي فخر ۽ ناز آهي.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾ ؟
اصغر: قدرت جو حسين تحفو. زندگي مسلسل جدوجهد آهي. ”ڏکن پٺيان سُک“ واري ڪار.
سوال: نفرت لاءِ ڇا چوندؤ؟
اصغر: ڪنهن ڏاهي خوب چيو آهي ته ”هيءَ زندگي پيار ڪرڻ لاءِ ٿوري آهي، ماڻهو نفرت لاءِ ڪٿان ٿا وقت آڻين.“ سچ پُڇو ته مون کي ڪنهن سان به نفرت نه آهي، ڇو ته پنهنجو اندر ساڙڻ جو مون کي شوق نه آهي.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ ۽ ليکڪه کي ايتري پذيرائي ڇو نه ٿي ملي؟
اصغر: پذيرائي ته ملندي، آهي، ڪن کي گهڻي، ڪن کي ٿوري. باقي هڪ حقيقت آهي ته اسان جو پڙهندڙ گهٽ آهي. جيترو ٻين ٻولين جو آهي.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟
اصغر: کري کوٽي جي پرک. پر اسان وٽ ذاتي بنيادن تي تخليق ۽ تخليقڪارن جي پرک ڪئي ويندي آهي. ائين چوان ته حاجي ۽ غازي واري ڪار هلي ٿي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا، ان مان مطمئن آهيو؟
اصغر: جي بلڪل، ڇو ته هر تخليق جي اهميت آهي. ڪو هڪ ماڻهو به منهنجي تحرير پڙهي ٿو. معنيٰ منهنجي لکڻي کي مهانتا ملي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
اصغر: لکڻ منهنجو شوق آهي. آئون پاڻ کي خوش رکڻ لاءِ لکندو آهيان.
سوال: ڪهڙين ڳالهين تي ڪاوڙ ايندي آهي؟
اصغر: ڪاوڙ فطري عمل آهي. ڪا اهڙي ڳالهه جيڪا هضم نه ٿئي ته پوءِ چُپ رهي نه سگهندو آهيان.
سوال: شهرت لاءِ ڇا چوندؤ؟
اصغر: وقتي خوشي. اُڀري لهڻ واري حالت.
سوال: ڪنهن تنظيم سان وابستگي.
اصغر: ادبي سنگت سان وابستگي رهي آهي. سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندو آهيان. باقي سياست پيٽ ڀرين جو ڪم آهي. ان ڪري ڪنهن به سياسي تنظيم سان وابستگي نه رهي آهي.
سوال: پسنديده شخصيت؟
اصغر: آئون سمجهان ٿو ته، شخصيت پرستي چڱي ڳالهه نه آهي. باقي زندگيءَ ۾ گهڻن ماڻهن کان ماڻهو متاثر ٿيندو رهندو آهي.
سوال: پسنديده گل ۽ خوشبوءِ؟
اصغر: گلن ۾ موتيو وڻندو اٿم، باقي مٽيءَ جي خوشبو ڏاڍي وڻندي آهي، خاص ڪري جڏهن برسات پوندي هجي.
سوال: پسند جي موسم ۽ پهرُ؟
جواب: موسم سياري جي وڻندي اٿم. پهرن ۾ صبح جو پهر وڻندو آهي، ڇو ته زندگي وري ڪر مروڙي جاڳي پوندي آهي.
سوال: زندگيءَ جو ڪو ڏک؟
اصغر: ها، منهنجي وڏي ڀيڻ جو هميشه لاءِ وڇڙڻ. هوءَ وقت کان اڳ اسان جي وچ مان اُٿي هلي وئي. جتان ڪوئي به واپس نه ٿيو آهي.
سوال: مليل مڃتا ايوارڊ يا شيلڊون؟
اصغر: سنڌ رنگ ۽ هالار وارن مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنا هئا. ادبي سنگت شيلڊ ڏني ۽ 2015ع ۾ انيس اڪيڊمي وارن سال جي بهترين ڪهاڻيءَ جي ايوارڊ سان نوازيو.
سوال: ان ڪهاڻيءَ جو نالو؟
اصغر: آڱريون هن جو نالو اُڻين ٿيون. ڪهاڻيءَ جو عنوان هو.
سوال: ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
اصغر: جي نه. جن سان پيار اٿم انهن کان ڪا شڪايت نه ڪبي آهي. باقي جيڪي دل جي ڪانٽڪٽ مان ڊليٽ ٿي ويا تن سان ڪهڙي شڪايت.
**

اڄ ڪلهه وارو ادب مطمئن ڪندڙ هرگز ناهي ….. امام راشدي

اڄ ڪلهه وارو ادب مطمئن ڪندڙ هرگز ناهي ….. امام راشدي


سوال: نانءُ ولديت سميت؟
امام راشدي: سيد امام المتقين شاھ راشدي ولد سيد بدر الدجيٰ شاھ راشدي.
سوال: جنم جي تاريخ ۽ هنڌ؟
امام راشدي: 3 ڊسمبر 1960ع پير جو ڳوٺ لڳ نئون ديرو.
سوال: ادبي نانءُ؟
امام راشدي: امام راشدي.
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
امام راشدي: ايم اي سنڌي، پرائمري استاد.
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
امام راشدي: جولاءِ 1984ع کان.
سوال: ادبي استاد؟
امام راشدي: قاضي مقصود گل.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
امام راشدي: پير حسام الدين راشدي جي شخصيت کان.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالهيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
امام راشدي: مان حساس دل ماڻهو آھيان انڪري ڪنھن به اھم ڳالهھ يا واقعي جو اثر وٺندو آھيان، ڪجھه ٻڌندو يا مشاھدو ڪندو آھيان ته ان کي ڪاڳر تي لاھيندو آھيان، پوءِ ڪھاڻي جڙي، مقالو، مضمون، تاثر، ڪالم، يا خاڪو جڙي.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
امام راشدي: پھرين ھڪ لوڪ ڪهاڻي ”لالچ“ جي عنوان سان ”گل ڦل“ رسالي جي جولاءِ 1984ع جي پرچي ۾ شايع ٿي.
سوال: ڪهڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟
امام راشدي: رسالن ۾: گل ڦل، مھراڻ، سرتيون، نئين زندگي، سنڌي ادب، پيغام، ارچڪ مرچڪ، ڪينجهر، لطيف ڊائجيسٽ، ھزار داستان، سھڻي، سوجهرو، عبرت مئگزين، سنڌ، پارس ۽ سنڌيءَ جي مڙئي اخبارن ۾.
سوال: ڪهڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
امام راشدي: مون تقريبن ھڙني صنفن تي لکيو آهي، ڪھاڻي، مضمون، مقالو، خاڪو، ڪالم، تبصرو، شاعري، وغيره. پسنديده صنف تحقيق ۽ ٻاراڻو ادب.
سوال: ڪهاڻين جو تعداد، ڪيتريون ڇپيل؟
امام راشدي: ٻاراڻيون ڪهاڻيون ته پنجاھ کان مٿي آھن البت وڏن لاءِ چار پنج آهن.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال؟
امام راشدي: پير حسام الدين راشدي جا علمي ڪارناما جي عنوان سان ترجمو ڪيل ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو.
سوال: پهرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو رد عمل ڇا هيو؟
امام راشدي: رشتيدار تمام گهڻا خوش ٿيا ھئا، خاص طور تي امڙ کي خوشي ٿي ھئي.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصلا افزائي ڪنهن ڪئي؟
امام راشدي: سائين مقصود گل گھڻو اتساھ ڏياريو ۽ ادبي پروگرامن ۾ اڳتي آندو، پر ڇپجڻ لاءِ مون ڪنھن جو به سھارو ڪونه ورتو.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
امام راشدي: شاعري اڳي ته روح جي غذا بڻيل ھئي، ھن وقت جسماني غذا بڻجي وئي آهي.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
امام راشدي: چون ٿا ته محبت انڌي ٿيندي آهي، تنھنڪري انڌيءَ جي اھميت مڙئي ڪجهه گهٽ ھجي ٿي.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب/اديبائون؟
امام راشدي: شاعرن ۾ استاد بخاري، شيخ اياز، طالب الموليٰ، ذوالفقار راشدي، احمد خان مدهوش، مرتضيٰ شاھ ڏاڏاھي، راشد مورائي، محسن ڪڪڙائي، آثم ناٿن شاهي، وفا ناٿن شاهي، اسحاق راهي، سرڪش سنڌي، ع غ تبسم، اياز گل، منير سولنگي، مقصود گل، نثار بزمي ۽ ٻيا پسند آهن، شاعرہ ڪا اھڙي ڪانه ٿي سُجهي. اديبن ۾ پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، عبد القادر جوڻيجو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، عبدالله ورياھ، ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي، غلام رباني آگرو، دادا سنڌي، تنوير عباسي، ڊاڪٽر اياز قادري، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، نقش ناياب منگي، ادل سومرو، اڪبر لغاري، انيس انصاري، نصير مرزا ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفي سولنگي جڏهن ته عورت اديبائن ۾ ڊاڪٽر درشهوار سيد، ماھتاب محبوب، مھتاب اڪبر راشدي.
سوال: پسنديده شخصيت؟
امام راشدي: پير صاحب پاڳارو شاھ مردان شاھ ڇٽ ڌڻي رح.

سوال: پسنديده ڪتاب/رنگ/موسم/پهر؟
امام راشدي: ڪتاب، ھو ڏوٿي هو ڏينهن، گل گلاب، رنگ بليو، موسم سانوڻ، پھر صبح.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
امام راشدي: زندگيءَ جي پهرين مھرباني نوڪري ۽ خوشي شادي.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
امام راشدي: پھريون ڏک بابا جي وفات، پھريون سڏڪو به ان
وقت، صدمو امڙ جي وفات.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاهي؟
امام راشدي: اڄ جي عورت مڪمل آزادي چاھي ٿي.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
امام راشدي: عورت عظيم عظيم عظيم آهي.
سوال: اڄ ڪلهه جيڪو ادب سرجي پيو اُن بابت اوهان جي راءِ؟
امام راشدي: اڄ ڪلهه وارو ادب مطمئن ڪندڙ ھرگز ناھي.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
امام راشدي: سماجي طور تي ماحول ئي اھڙو جوڙيو ويو آهي جو اھي اديبن ۽ شاعرن کي معاشري جا ناڪام فرد سمجهن ٿا، تنھنڪري سماج اھل علم کان وڌيڪَ اھل جاھل کي اوليت ۽ اھميت ڏئي رهيو آهي.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
امام راشدي: تنقيد ھڪ قسم جو رندو آھي جيڪو ڪنھن به شيءِ کي سڌو، سھڻو ۽ وڻندڙ بڻائيندو آھي، پر ھت تنقيد کي سمجهيو ئي ناهي ويو نه وري برداشت ڪئي پئي وڃي، ڇو جو تنقيد جي ت جي خبر به ڪانهي ٻيو ته اديبن ۽ شاعرن وٽ علم جي گهڻي گهٽتائي آھي.
سوال: ادبي/سياسي/ سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
امام راشدي: سنڌي ادبي سنگت ۽ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ ھسٽاريڪل سوسائٽي.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
امام راشدي: قدرت جو نھايت ئي قيمتي ۽ لاجواب تحفو.
سوال:موت اوهان جي نظر ۾؟
امام راشدي: حقيقت.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
امام راشدي: پنھنجي تباھي.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
امام راشدي: مقدس جاءِ.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سهيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
امام راشدي: ٻاراڻين ڪھاڻين جا ٻه ڪتاب ۽ پير حسام الدين راشدي جا خط ترتيب.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
امام راشدي: تمام ٿڌو.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/سرٽيفڪيٽ؟
امام راشدي: قمبر شهدادڪوٽ ڊسٽرڪٽ ھسٽاريڪل سوسائٽي پاران ٻه ايوارڊ، جشن جي ايم سيد شيلڊ، ڪلھوڙا انٽرنيشنل ڪانفرس شيلڊ ۽ ٻين ادارن طرفان مليل سرٽيفڪيٽ وغيره.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
امام راشدي: لکڻ وقت پنھنجو پاڻ کي لکڻيءَ ۾ صفا گم ڪري ڇڏيندو آھيان.
سوال: درد ڇا آهي؟
امام راشدي: درد وڏي لذت آھي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪجهه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
امام راشدي: جو ڪجھه به لکيو آهي، ان مان بلڪل مطمئن آهيان.
سوال: اوهان جي شاعري ڪهڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
امام راشدي: منھنجي شاعري ڪنھن به ڪونه ڳائي آهي.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪهڙا آهن؟
امام راشدي: ملازمت ڪندڙ عورتن سان ڪو به الميو يا مسئلو ناهي ھوندو، ھُو پنھنجا الميا ۽ مسئلا پاڻ پيدا ڪنديون آهن.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ ليکڪائن کي ڪهڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
امام راشدي: ھتي به ادبي معاشرو مرداڻو رھيو آهي، ليکڪائن کي برداشت نه ٿو ڪيو وڃي. ادبي محفلن ۾ به عورت کي ليکڪا کان وڌيڪَ ان جي خوبصورتيءَ جي ڳالهھ پئي ھلندي، عورت ويچاري احساس ڪمتريءَ ۾ وڪوڙيل رھي ٿي، ڪيتري به تعليم يافته يا اعليٰ سوسائٽي واري ھجي پر خوف کان آزاد نه ھوندي. عورت کي بھادر جرئتمند ٿيڻ ئي ڪونه ڏنو ويو آهي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
امام راشدي: لکڻ منھنجو شوق رھيو آھي.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
امام راشدي: شھرت تمام ڀلي لڳندي آهي، عزت به فائدو به.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
امام راشدي: تمام گهڻيون شڪايتون، دوستن کان، دشمنن کان، عزيزن کان، رقيبن کان، پنھنجن کان، پراون کان، پيارن کان، دلوارن کان، ڳوٺ وارن کان، شھر وارن کان، مطلب ته شڪايتون ئي شڪايتون.
**













آئون طبيعتن سادي آهيان…..امر خورشيد شاهه

آئون طبيعتن سادي آهيان…..امر خورشيد شاهه

سوال:نالو ولديت سميت؟
امر خورشيد شاهه: خورشيد بنت علي ڏنو شاهه
سوال: جنم جي تاريخ ۽ هنڌ؟
امر خورشيد شاهه: 6 جون 1977ع مشهور شاعر علي ڏنو شاهه، پير علڻ شاهه بٺورائي جي گهر ۾، پير آف تلو مڪان لڳ ميرپور بٺورو. اڳوڻو ضلعو ٺٽو هاڻي سجاول ۾ جنم ورتو ٻن ڀائرن ۽ ٽن ڀينرن جي ڀيڻ آهيان.
سوال: ادبي نالو؟
امر خورشيد شاهه: امر خورشيد شاهه.
سوال: نوڪري/تعليم/پيشو؟
امر خورشيد شاهه: ميٽرڪ ۽ انٽر سجاول مان، بي ايس سنڌ يونيورسٽيءَ مان.
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
امر خورشيد شاهه: 1995ع ۾ ريڊيو پاڪستان تان لکڻ جي شروعات ڪئي. مختلف کاتن ۾ آرڊر ٿيا اُتان وري ڪڍندا رهيا، سنڌي لينگوئيج اٿارٽيءَ ۾ به نوڪري ملي پر اُتان به فارغ ڪرايو ويو.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
امر خورشيد شاهه: پنهنجي بابا پير علڻ شاهه بٺورائي کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالهيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
امر خورشيد شاهه: وقت حالتون ۽ ماڻهن جي بي حسيءَ وارا رويا.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
امر خورشيد شاهه: پهريون غزل ”ادب“ رسالي ۾ ڇپيو.
سوال: ڪهڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيون آهيو؟
امر خورشيد شاهه: تقريبن سڀني اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپي آهيان.
سوال: ڪهڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
امر خورشيد شاهه: آئون سوشل ورڪر ٽيچر ۽ شاعره آهيان تاريخ تي ريسرچ ڪئي اٿم. آئون مزاحمتي شاعري ڪندي آهيان. هاڻي رومانٽڪ شاعري نه ڪندي آهي. غزل پسنديده صنف اٿم.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال؟
امر خورشيد شاهه: صرف هڪ ڪتاب ”آئون ڪو ڄاڻان پنڌ ڪيچ جو“ 2019ع ۾ ڇپيل.
سوال: پهرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو رد عمل ڇا هيو؟
امر خورشيد شاهه: بابا جن ڏاڍا خوش ٿيا.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب/ اديبائون؟
امر خورشيد شاهه: امر جليل، نجم عباسي، استاد بخاري ۽ ٻيا موجوده ٽهيءَ ۾ ٿورا نالا آهن، نثار کوکر جا ڪالم به مون کي وڻندا آهن.
سوال: زندگي جي پهرين مهرباني/خوشي؟
امر خورشيد شاهه: 2000ع ۾ ماڪن شاهه رضويءَ سان شادي، ٻن پٽن زين العابدين ۽ ذوالقرنين جو جنم.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/سُڏِڪو؟
امر خورشيد شاهه: زندگيءَ ۾ ڪافي صدما مليا آهن، جنهن ڪري سدائين بيمار ۽ ڊپريشن جو شڪار رهي آهيان. امڙ ۽ بابا جي وفات مون لاءِ وڏا سانحا آهن.
سوال: اڄ ڪلهه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ؟
امر خورشيد شاهه: اڳ ۾ جيڪو ادب سرجندو هيو اهو هاڻي ناهي، اڄ ڪلهه محنتي قلمڪار گهٽ رهيا آهن، هن وقت شاعرن اديبن جا ٽي ٽولا آهن. هڪ ٽولو مٿان وٺي ڏيڻ ۽ پنهنجا کيسا ڀرڻ وارو، انهن تي سرڪار خاص مهربان آهي، انهن جا ڪتاب به ڇپجن ٿا، اهي ٻاهر به وڃن ٿا ۽ ڪرسين تي به ويهن ٿا. ٻيو ٽولو انهن جي چمچن يا منافقن جو چئجي جيڪي انهن جي ويجهو انهن جي سنگت ۾ رهن ٿا ۽ انهن جا ڪم ٿين ٿا. ٽيون ٽولو يا طبقو اهو آهي جنهن ۾ آئون ۽ اُڏيرائي جهڙا اچي وڃن ٿا. جيڪي بي پهچ آهن، اهي ئي حقيقي لکندڙ آهن.
سوال: اوهان جي شاعري ڪهڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
امر خورشيد شاهه: آئون سنڌ جي واحد شاعره آهيان. جنهن جا ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي سڀ کان وڌيڪ ڪلام ريڪارڊ ٿيل آهن، منهنجي شاعري الهڏنو جوڻيجو، فياض سومرو، سوڍو جوڳي ۽ ٻين ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي آهي.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان شڪايت؟
امر خورشيد شاهه: مون کي ڊاڪٽر فهميده حسين کان شڪايت آهي، جنهن مون کي منهنجي ادبي حيثيت، منهنجي گهرواري ۽ بابا جي ادبي گهراڻي سان وابستگي باوجود مون کي سنڌي لينگوئيج اٿارٽي مان ڪڍرائي ڇڏيو، جڏهن ته سندس پنهنجن منظور نظر ۽ نڪمن کي وڏين پگهارن تي اٿارٽيءَ ۾ ملازمت ڏني. سنڌي لينگوئيج اٿارٽيءَ جي ملازمت ئي منهنجي گذر سفر جو ذريعو هئي، اتان نڪرڻ کان پوءِ آئون اڃان وڌيڪ ڊپريشن ۽ بيمارين جي وَرِ چڙهي وئي آهيان.
**

شهرت ۾ عزت هُجي ته ڇو نه وڻندي! …..ايس نسيم ميمڻ

شهرت ۾ عزت هُجي ته ڇو نه وڻندي! …..ايس نسيم ميمڻ


سوال: نالو ولديت سميت؟
ايس نسيم: نسيم ميمڻ ولد محمد حسن ميمڻ.
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ؟
ايس نسيم: 03 مئي 1972ع، مورو.
سوال: ادبي نالو؟
ايس نسيم: ”سنڌو“ ايس نسيم ميمڻ.
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
ايس نسيم: ايم اي، ايم ايڊ، تعليمي پيشي سان سلهاڙيل.
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
ايس نسيم: 1992ع کان .
سوال: ادبي استاد؟
ايس نسيم: الهه نَوازُ رڪڻائي.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
ايس نسيم: سنڌ جي برک ڏاهي امر جليل کان متاثر ٿي لکڻ تي شوق ۽ اتساهه جاڳيو.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالهيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
ايس نسيم: سماج ۾ جڏهن انوکا الميا پيدا ٿين ٿا اهي ئي لکڻ جو سبب بڻجن ٿا.
سوال:پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
ايس نسيم: 1992ع ۾ جاڳو اخبار ۾ شاعريءَ جو اسم شايع ٿيو.
سوال: ڪهڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيون آهيو؟
ايس نسيم: سنڌ جي سڀني اخبارن ۽ سڀني ادبي، سماجي رسالن ۾ منهنجو لکڻيون شايع ٿينديون رهيون آهن.
سوال: ڪهڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
ايس نسيم: نثر ۾ مضمون، ڪهاڻيون،، شخصي خاڪا، انٽرويو، سماجي مسئلن تي ليکَ، شاعريءَ ۾ غزل، وائي، بيت، نظم ۽ ٻين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي.
سوال: ڪهاڻين جو تعداد، ڪيتريون ڇپيل؟
ايس نسيم: ٽن ڪتابن جيتريون ڪهاڻيون، انهن مان ڪافي مختلف، اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال؟
ايس نسيم: پهريون ڪتاب ”چنڊ سنڌو ۾“ 2012ع ۾ شاعري ۽ ٻيو ڪتاب نثر جو ”فڪر جي سفر ۾“ 2019ع ۾ ڇپيو.
سوال: پهرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو رد عمل ڇا هيو؟
ايس نسيم: خوش ٿيا هئا ۽ مون کي وڌيڪ اتساهه مليو.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصلا افزائي ڪنهن ڪئي؟
ايس نسيم: منهنجي خاندان کان پوءِ جڏهن منهنجو سڪندر سان وهانءُ ٿيو ته اڃا وکون مضبوط ٿيون. مون کي تخليقي ڪم ڪرڻ ۾ هڪڙو Space مليو.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
ايس نسيم: شاعري قدرتي ڏات آهي، جڏهن لفظن کي ڏانءُ ملندو آهي ته اها عوام جي زبان بڻجندي آهي جيڪا تخليقڪار لاءِ ملڪيت مثل آهي.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
ايس نسيم: هڪ سچ.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب/اديبائون؟
ايس نسيم: قومي شاعر، سماجي ڪرڀ تي قلم کڻندڙ.
سوال: پسنديده شخصيت؟
ايس نسيم: سچ جي رهبري ڏياريندڙ.
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پهر؟
ايس نسيم: مرشد لطيف جو رسالو. گلن ۾ موتيو، رنگ ۾ سڀ رنگ سونهن، بهار، فجر ويل.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
ايس نسيم: خدا جي طرفان اولاد جي عنايت.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
ايس نسيم: والدين جو ڏيهه ڇڏڻ هن فاني دنيا مان ۽ اوچتو ڀاءُ جو وڇوڙو سڄي عمر جو غم ڏئي ويو.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاهي؟
ايس نسيم: اڄ جي عورت تعليم چاهي ٿي.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
ايس نسيم: تخليق جو آئينو، مقدس رشتو.
سوال: اڄ ڪلهه جيڪو ادب سرجي پيو اُن بابت اوهان جي راءِ؟
ايس نسيم: سڀ ڪو پنهنجي مشاهداتائي، معالعاتي فڪري آڌار تي لکڻ تي ڌيان ڌري ٿو. سنڌ ۾ سٺو لکجي رهيو آهي.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليڪکائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي مِلي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو سبب ڇا آهي؟
ايس نسيم: بهتر لکڻ تي، بهتر ڪم ڪرڻ تي، ليکڪ کي سڀ ڪجهه ملي ٿو، اسان جي ٻولي شاهوڪار آهي مان قطعي مايوس ناهيان.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
ايس نسيم: تنقيد جا مختلف پاسا آهن، هڪڙا روايتي ٻيا فڪري، طالب علم ۽ تنظيم مان هڙ حاصل ڪندڙ ليکڪ دل سان تنقيد کي هنڊائي ته بهتر.
سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
ايس نسيم: پ، ٽ، الف ۽ ليڊيز ٿنڪرز فورم ۾ سرگرم رهيس.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
ايس نسيم: خوبصورت تحفو.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
ايس نسيم: برحق.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
ايس نسيم: نقصان/خسارو.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
ايس نسيم: دل هڪ ڪائنات جهڙي آهي جيڪا زندگي جي حسناڪين کي قبول ڪندي آهي.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سهيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
ايس نسيم: شاعري جو ڪتاب ” هن جي وڃڻ کان پوءِ“ ۽ ڪهاڻين جو ڪتاب ترتيب ڏنل.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
ايس نسيم: سهمت ڀرين روين وارو مزاج مون کي وڻندو آهي، يعني ذهني هم آهنگي.
سوال: ڪهڙين ڳالهين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
ايس نسيم: ڪوڙ تي.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ شيلڊون/سرٽيفڪيٽ؟
ايس نسيم: ڪيترائي.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
ايس نسيم: لکڻ خود مون کي پاڻ ۾ مَحو ڪندو آهي، لکي بس ڪندي آهيان ته پنهنجي تخليق سندر لڳندي آهي.
سوال: درد ڇا آهي؟
ايس نسيم: هڪ برجستي طاقت، ذهني ۽ فڪري ڏاهپ جو بي مثال نانءُ آهي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿيون يا جيڪو ڪجهه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
ايس نسيم: ڇو نه.
سوال: اوهان جي شاعري ڪهڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
ايس نسيم: الياس ڪنڀر، ساجد علي ساجد، امداد علي.
سوال: ملازمت ڪندر عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪهڙا آهن؟
ايس نسيم: اعتماد زندگي ۾ پختگي پيدا ڪرڻ جو نالو آهي جڏهن اعتماد هوندو ته عورت آساني سان ملازمت ڪري گَهرُ هلائي سگهي ٿي.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪهڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
ايس نسيم: ترقي پسند ادب ۾ عورت پروموٽ ٿي آهي، انهيءَ کي عزت، قدر داني پلئه پئي آهي، اهڙا کوڙ مثال موجود آهن.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
ايس نسيم: شوق.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
ايس نسيم: شهرت ۾ عزت هجي ته ڇو نه وڻندي.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
ايس نسيم: ڪنهن کان به نه.
**

عورت هر روپ ۾ خوبصورت آهي……آخوند نُور احمد ڏََهوٽُ

عورت هر روپ ۾ خوبصورت آهي……آخوند نُور احمد ڏََهوٽُ

سوال: نانءُ ولديت سميت؟
آخوند: نور احمد ولد محمد سليمان ڏهوٽ.
سوال: جنم جي تاريخ ۽ هنڌ؟
آخوند: جنم 20 ڊسمبر 1967ع ڳوٺ پيارو خان آرائين تعلقو دادو.
سوال: ادبي نانءُ؟
آخوند: آخوند.
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
آخوند: ايم اي سنڌي، ايم ايڊ، 01 نومبر 1990ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر، پهريون اسڪول ڳوٺ ٻڍل فقير تعلقو دادو.
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
آخوند: جنوري 2016ع ۾.
سوال: ادبي استاد؟
آخوند: پنهنجا بزرگ ۽ وڏڙا.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
آخوند: پنهنجي استادن جي اعليٰ اخلاق ۽ ڪردار متاثر ڪيو.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالهيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
آخوند: استادن ۽ علائقي جي اڻ وسرندڙ ماڻهن جي سنڌ جيجل ۽ علائقي واسين جي خدمت ڪئي انهن اتساهه ڏنو.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
آخوند: پنهنجي استاد جو تعارف لکيو جيڪو ”منهنجو سائين“ جي عنوان سان جيجل اخبار ۾ ڇپيو.
سوال: ڪهڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟
آخوند: روزاني جيجل اخبار حيدرآباد ۾ ڇپيو آهيان.
سوال: ڪهڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
آخوند: نثر ۾ لکيو جيڪا پسند جي صنف پڻ آهي.
سوال: ڪهاڻين جو تعداد، ڪيتريون ڇپيل؟
آخوند: اٽڪل چاليهه ڪهاڻيون (ٻاراڻيون) ترجمو ڪيون جيڪي ڪاوش ميگزين، سنڌ ايڪسپريس، جيجل اخبارن ۾ ڇپيون آهن.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال؟
آخوند: تاريخي ڪتاب ” ڦلجي اسٽيشن ۽ آس پاس جو پسمنظر“ جون 2020ع ۾ ڇپيو.
سوال: پهرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو رد عمل ڇا هيو؟
آخوند: رشتيدارن جو رد عمل بهتر هو.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصلا افزائي ڪنهن ڪئي؟
آخوند: دوستن ۽ ادبي ماڻهن گهڻي حوصلا افزائي ڪئي.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
آخوند: شاعري اندر جو آواز ۽ اظهار آهي.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
آخوند: محبت ۽ عشق کان سواءِ ماڻهو اڌورو آهي.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب/اديبائون؟
آخوند: شاهه عبداللطيف ڀٽائي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، رچرڊ برٽن، استاد بخاري، الطاف شيخ، ايم ايڇ پنهور ۽ شيخ اياز.
سوال: پسنديده شخصيت؟
آخوند: منهنجا استاد منهنجي پسند ۽ آئيڊيل رهيا آهن.
سوال: پسنديده ڪتاب/رنگ/موسم/پهر؟
آخوند: شاهه جو رسالو/موتيو/بادامي/بهار/ شام.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
آخوند: جنهن اسڪول ۾ پڙهيس اتي ئي استاد ٿيس.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
آخوند: سال 1997ع ۾ جڏهن والد صاحب جي وفات ٿي.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاهي؟
آخوند: آزادي.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
آخوند: عورت خدا جو بهترين تحفو جيڪا هر روپ ۾ خوبصورت آهي.
سوال: اڄ ڪلهه جيڪو ادب سرجي پيو اُن بابت اوهان جي راءِ؟
آخوند: اڄ ڪلهه جا نوجوان مختلف صنفون لکن پيا جيڪو بهترين عمل آهي لکڻ لاءِ مطالعو ۽ سينيئرز کان مشورو وٺڻ فائديمند آهي.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
آخوند: اڄ ڪلهه ڪتاب پڙهڻ ۽ ادب ڏانهن لاڙو گهٽيو آهي سنڌي ادب جا ڪتاب گهٽ خريد ڪيا وڃن ٿا. حڪومتي ۽ ادبي ادارن جو ڌيان گهٽ آهي جيڪي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏياري نه سگهيا آهن، اسان جي سماج ۾ ليکڪ ۽ ليکڪائن کي اها پذيرائي جيڪا ملڻ گهرجي نه ٿي ملي. ان جي مقابلي ۾ اردو ۽ ٻين ٻولين کي وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ٿي.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
آخوند: تنقيد جيڪڏهن اصلاحي آهي ته اها ليکڪ جي غلطين جو سڌارو ڪري سگهي ٿي پر جيڪڏهن ساڙ ۽ بغض رکي ليکڪ تي ذاتي تنقيد ڪئي وڃي ته اها برداشت نه ٿي ڪري سگهجي. تنقيد لاءِ علم ۽ واضح دليل هئڻ لازمي آهي پر اسان جي معاشري ۾ ڪيترائي بي علم ۽ بغير ڪنهن ثبوت جي تنقيد ڪن ٿا.
سوال: ادبي/سياسي/ سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
آخوند: سنڌي ادبي سنگت، سگا ۽ سماجي ڪمن ۾ هميشه اڳڀرائي ڪندو رهندو آهيان.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
آخوند: زندگي خدا جو انمول تحفو آهي جنهن کي صحيح رنگ ۽ ڍنگ ۾ گذارڻ گهرجي زندگي ۾ هميشه اهڙو سٺو ڪردار ڪري وڃجي جيڪو ٻين لاءِ مثال ثابت ٿئي.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
آخوند: موت ته اٽل آهي پر دنيا ۾ ڏٺو ويو آهي ته انهن ماڻهن کي موت ڪڏهن به نه ٿو اچي جيڪي مثالي ڪردار رکن ٿا يا ٻين ڪاڻِ جيئن ٿا. جيئن شاهه صاحب فرمايو:
مَرُ ته موچاري ٿئَين، ويهي جيءُ مَ جوءِ!
منڌ! مرڻان پوءِ، پهچندينءَ پنهونءَ کي.

سوال: نفرت ڇا آهي؟
آخوند: نفرت ڪڏهن به پاڻ پيدا نه ٿي ٿئي پر نفرت پيدا ڪئي وڃي ٿي. ٻين کي اهميت ۽ قدر ڪرڻ سان نفرت کي ختم ڪري سگهجي ٿو.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
آخوند: دل ۾ خدا رهي ٿو. دل اها شئي آهي جنهن سان پيار، محبت ۽ عشق پڻ ڪجي ٿو. ڪنهن جي به دل نه ڏُکائيندا ڪريو.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سهيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
آخوند: ٻاراڻيون ڪهاڻيون، منهنجا ڪالم.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
آخوند: آئون طبيعتن ماٺيڻو، گهٽ ڳالهائڻ ۽ گهڻو سمجهڻ وارو آهيان. هميشه مائٽن ۽ دوستن کي محبتون ارپيندو آهيان.
سوال: ڪهڙين ڳالهين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
آخوند: ٻهروپين ۽ بدتميز ماڻهن تي ضرور ڪاوڙ ايندي آهي.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/سرٽيفڪيٽ؟
آخوند: سگا بيسٽ ٽيچر ايوارڊ (2017ع)، پ ٽ الف تعلقو دادو ۽ D.E.O دادو طرفان بيسٽ ٽيچر سرٽيفڪيٽ.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
آخوند: لکڻ وقت ڪا ٻي سوچ نه فقط اهو دل ۾ هوندو آهي ته پنهنجو ڪم وقت تي لکان. دل ۾ عشق ۽ محبت هوندي آهي جيڪا پين ۽ پنو کڻڻ تي مجبور ڪري ٿي.
سوال: درد ڇا آهي؟
آخوند: درد ۽ ڏُک، زندگي جو حصو آهي، جيڪي کلي يا روئي سهڻا پون ٿا. دردن ڪري پوئتي هٽي نه ٿو سگهجي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪجهه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
آخوند: منهنجي لکڻ جي شروعات آهي. مطمئن ٿيڻ نا ممڪن آهي .
سوال: اوهان شاعري ڪهڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
آخوند: ڪنهن به نه.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪهڙا آهن؟
آخوند: عورتن لاءِ ملازمت ۾ ڪيترائي مسئلا آهن اڄ جي عورت کي شاهه جي سورمي ۽ سسئي ٿي هن معاشري ۾ هلڻو پوندو جنهن جي آڏو جبل به جهڪي پون ٿا. هن وقت عورت اڳي کان گهڻي سجاڳ آهي.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪهڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
آخوند: مرداڻي معاشري ۾ عورتون گهرداري سان گڏ نوڪري ۽ لکڻ جو ڪم به ڪري رهيون آهن، اهڙن مثالن سان دنيا ڀري پئي آهي پر مردن وانگر مشاعرن، ڪانفرنس ۽ آزاد گهمڻ ڦرڻ ايترو آسان نه آهي. جَسُ آهي انهن ادين کي جيڪي ادب کي وقت ڏين پيون.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
آخوند: لکڻ شوق آهي.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
آخوند: شهرت سٺي به ۽ ڏُکي به آهي.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
آخوند: شڪايت انهن ماڻهن کان جيڪي انسان جي روپ ۾ بگهڙ آهن.
**

پنھنجن کان شڪايت آھي جيڪي ھر ھر مارن ۽ جيارن ٿا …..برڪت ملڪ

پنھنجن کان شڪايت آھي جيڪي ھر ھر مارن ۽ جيارن ٿا …..برڪت ملڪ

سوال: نانءُ ولديت سميت؟
برڪت ملڪ: ڊاڪٽر برڪت علي ملڪ ولد مرحوم حڪيم مولانا محمد حسن ملڪ اصل رهاڪو شهيد مخدوم بلاول دادو حال رهندڙ مٺياڻي.
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ؟
برڪت ملڪ: پهرين ڊسمبر 1950ع هنڌ شهيد مخدوم بلاول دادو.
سوال: ادبي نانءُ...
برڪت ملڪ: ”برڪت“
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو.؟
برڪت ملڪ: ڊاڪٽر.
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو.؟
برڪت ملڪ: مئي 2008ع .
سوال: ادبي استاد؟
برڪت ملڪ : عبدلجبار ”جوش“ ۽ ”رهبر“ رمضان ملڪ.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
برڪت ملڪ: استاد بخاري.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
برڪت ملڪ: حسن سرڪار ۽ الله تعالي جون خلقيل شيون.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
برڪت ملڪ: ڪتاب جو نالو شاعري چنڊ پيو چئونڪي ڏئي جون 2016ع سنڌي ادبي سنگت، شاخ مٺياڻي ڪنول پبليڪيشن قمبر.
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟
برڪت ملڪ: ٿورڙي شاعري عبرت مئگزين ۾ ڇپيل آهي.
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
برڪت ملڪ: غزل وايون، بيت ۽ دوهيڙا.
سوال: ڪهاڻين جو تعداد، ڪيتريون ڇپيل؟
برڪت ملڪ: ڪهاڻيون نه لکيون آهن.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال......؟
برڪت ملڪ: 1- ”چنڊ پيو چئونڪي ڏئي“ (2016ع) 2- چنڊ چهري مٿان (2016ع)، 3- چنڊ چمڪي وارن ۾ (2017ع)، 4- چنڊ چوريو چنگ (2018ع)، 5- چنڊ برڪت ۽ تون (2018ع) ۾ ڇپيا آهن.
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
برڪت ملڪ: سڀ خوش ۽ سرھا ٿيا ھئا.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
برڪت ملڪ: دادو کان ”درد“ سولنگي، تابش بُخاري، موري کان مختيار شاھ، ڀريا کان شاد جلباڻي، مٺياڻي کان گل بهار باغائي، ممتاز سيال قاضي احمد کان، ممتاز ميمڻ قاضي احمد کان، نواز انڙ.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾....؟
برڪت ملڪ: سونهن جي تعريف.
سوال: محبت اوهان جي نظر۾ ..؟
برڪت ملڪ: محبت کان بغير ھر ماڻهو ناقص.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب /اديبائون..؟
برڪت ملڪ: شاهه عبدلطيف، استاد بخاري، شيخ اياز، مختيار شاهه، رضا لانگاه، اياز گل، عرفانا ملاح، امر سنڌو. فرزانا شاهين، گلشن سنڌو، درد سولنگي، سيما عباسي، مٺل جسڪاڻي، سحر سومرو، سرمد سنڌي .
سوال: پسنديده شخصيت؟
برڪت ملڪ: مرحوم حڪيم مولانا محمد حسن ملڪ شهيد مخدوم بلاول دادو.
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر؟
برڪت ملڪ: قرآن شريف ۽ شاھ جو رسالو، گلاب، ڳاڙهو، جهڙالي، باک ڦڻي.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
برڪت ملڪ: پنهنجن مان شادي.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو...؟
برڪت ملڪ: والدين جو وڇوڙو.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
برڪت ملڪ: زندگي جو نازڪ پرزو.
سوال: اڄڪلهھ جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ..؟
برڪت ملڪ: با ادب جي بجاءِ بي ادبن جي گهڻائي.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
برڪت ملڪ: ساڙ ۽ حسد جيڪو نه ٿيڻ گهرجي.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
برڪت ملڪ: تنقيد براءِ تنقيد ۽ ٻيو آهي تنقيد براءِ اصلاح. اصلاح تي زور ڏيڻ کپي.
سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
برڪت ملڪ: هر فيلڊ ۾ ڪم ڪيو اٿم.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾..؟
برڪت ملڪ: انمول تحفو.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾.؟
برڪت ملڪ: حادثو
سوال: نفرت ڇا آهي؟
برڪت ملڪ: محبتن کي ختم ڪرڻ واري روايت.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾ .؟
برڪت ملڪ: محبوب جي امانت.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا..؟
برڪت ملڪ: (1) ”چنڊ کي ارمان“، (2) ”چنڊ پئي چوري ڏٺو“.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
برڪت ملڪ: خوش مزاج.
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
برڪت ملڪ: محبوب جي رسڻ تان.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ.؟
برڪت ملڪ: روزاني سنڌ ڌرتي عوامي ڪچهري جي طرفان مليل ايوارڊ نوشهرو فيروز ( ڊاڪٽر برڪت علي ملڪ بهترين شاعر )
ماهنامه عزم پاڪستان ڪراچي Best Performance Award
To ( Dr Barkat Malik Senior Poet Writer(
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
برڪت ملڪ: شاعري اهڙي ڪيان جو محبوب کي پسند اچي ۽ لکڻ وقت مڪمل باڊي ايب نارمل ٿي ويندي آهي.
سوال: درد ڇا آهي؟
برڪت ملڪ: جدائي وارو درد برداشت کان ٻاهر آ.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪجھه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
برڪت ملڪ: پوري طرح سان بلڪل مطمئن.
سوال: اوهان شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
برڪت ملڪ : ٻالڪ سنڌي، حبدار سخيراڻي ۽ احسن علي سخيراڻي . فقير معشوق علي ملاح، علي داد خاصخيلي.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪھڙا آهن؟
برڪت ملڪ: گهر جا ڀاتي ان کي شڪ جي بنياد سان ڏسن ٿا جيڪر عورت شادي شده آهي جيڪو نه ٿيڻ گهرجي.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
برڪت ملڪ: هي دور اهو آهي جتي مرد ۽ عورت گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا ته پوءِ ليکڪائن ۽ ليکڪ کي به اهو حق حاصل آهي ته هو گڏجي ادبي ڪچهريون ڪن.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
برڪت ملڪ: شوق آهي.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
برڪت ملڪ: بهترين.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
برڪت ملڪ: پنهنجن کان، جيڪي هر هر مارن ۽ جيارن ٿا.
**

هر ڪو ليکڪ ساراهه چاهي ٿو تنقيد کيس ڪباب ۾ هڏي لڳندي آهي….. ڀڳوان نردوش

هر ڪو ليکڪ ساراهه چاهي ٿو تنقيد کيس ڪباب ۾ هڏي لڳندي آهي….. ڀڳوان نردوش

سوال: نانءُ ولديت سميت ؟
ڀڳوان نردوش: ڀيمن ڪمومل هوتچنداڻي
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ.؟
ڀڳوان نردوش: 13 آڪٽوبر1942ع
سوال: ادبي نانءُ؟
ڀڳوان نردوش: ڀڳوان نردوش
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو.؟
ڀڳوان نردوش: ايم اي، بي ايڊ، سپروائيزر ۽ وائس پرنسپال طور ايم جي هاءِ اسڪول مان فارغ ٿيل.
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
ڀڳوان نردوش: 1965ع کان لِکڻ جي شروعات ڪئي .
سوال: ادبي استاد؟
ڀڳوان نردوش: سدا حيات ڊاڪتر لَکمي چند پريم. بڙودا.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
ڀڳوان نردوش: ارجن حاسد جي شاعريءَ پڙهي لِکڻ جو شوق جاڳيو.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
ڀڳوان نردوش: غريبن مسڪينن جا ڏک سماج جون رسمون، ماڻھن جي نيت، بد نـيت، دغا بازن کان چتاءُ ڏيڻ، ستن جي ساراھ لاءِ لِکڻ شروع ڪيو.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
ڀڳوان نردوش: ھير پونا مھا راشٽر جي ادبي ميگزين ۾ 1945ع
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا/ڇپيون آهيو؟
ڀڳوان نردوش: هندواسي ممبئي، ڪونج، ادبي چمن، باغ بهار احمدآباد، رھاڻ، راجسٿان،،پوپٽرا، سنڌوءَ جوت Ncpsl، مهڪ، رچنا آديپور، سنڌيا سنڌ، هلالِ پاڪستان وَغير ه.
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
ڀڳوان نردوش: خاص غزل، هائيڪو،گيت، مثنوي، ترائيل ترجما
مجمون،ريسرچ پيپر.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال؟
ڀڳوان نردوش : 19ڪتاب مُختلف وقتن تي شايع ٿيل، وڌ ۾ وڌ غزلن جا ڪتاب آهن.هري دلگر هڪ اڀياس، ميڙ يا جي مون موتي، الوچنتمک ڪِتاب آهن.
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
ڀڳوان نردوش: گهر ۾ سڀ خوش هئا انهن کي اميد جاڳي ته سندن گهر جو ڀاتي ضرور ادبي کيتر ۾ نالو ڪڍَندو.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
ڀڳوان نردوش: ڊار لڪمي چند پريم جو آشيرواد رهيو. هو هميشه منهنجي حوصلا افزائي ڪندا هئا
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
ڀڳوان نردوش: ڏات ناهي ذات تي جو وھي سو لَهي.
يعني شاعري رچڻ ۾ فن ۽ فڪرِ ٻئي کپن..پر شوقُ انهن ڳالهين کي همٿائي ٿو.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾..؟
ڀڳوان نردوش: محبت دنيوي هجي يا رباني ٻئي هڪ ٻئي سان پوروڇوٽ آهن. چوندا آھن ته رباني رحمت آھي عشق بنا جيون ريگستان آهي.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب/اديبائون.؟
ڀڳوان نردوش: پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي،سندري اتمچنداڻي ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي خادم، نارائڻ شام.
سوال: پسنديده شخصيت؟
ڀڳوان نردوش: سدا حيات اعليٰ وڪيل رام جيٺملاني مهاڪوي ڪاليداسُ ۽ شيڪسپيئر.
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر..؟
ڀڳوان نردوش: ڪتاب، نارائڻ شام هڪ اڀياس، ليکڪ، ڀڳوانداس هوش، مُنهنجي جيون جا سونا روپا ورق ليکڪا سدا حيات پوپٽي هيراننداڻي. خادم جون رباعيون ليکڪ سدا حيات ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي خادم. موسم: سيارو ۽ بهارَ، گل:گلاب ۽ ڪنول، پهر: اسر جو پهريون.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
ڀڳوان نردوش: گجرات اڪيڊمي طرفان گورو پرسڪار ملڻ منهنجي زندگي جي وڏي خوشي آهي.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
ڀڳوان نردوش: مُنهنجي جوا ن پٽ جو وڇوڙو.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي؟
ڀڳوان نردوش: اهو ته عورت ٻڌائي سگهي ٿي.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
ڀڳوان نردوش: عورت ايشور جي خلقيل تخليق آھي. هن کي مرد جيان ساڳيا حق ملڻ کپن.
سوال: اڄڪلھه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ؟
ڀڳوان نردوش: ماڊرن يُڳ جي خيال کان اڄ جو ادب ڪشش جو باعث بڻيو آهي. ا ڪهاڻي، نئين ڪويتا، مني ڪهاڻي abstract
ڪهاڻي، وسيلي ليکڪ پنهنجي اُڌمن کي بخوبي اجهاري پيو.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
ڀڳوان نردوش: سنڌي پا ٺڪن جو گهٽجڻ هڪ وڏو سبب آهي . انگريزي ٻولي حاوي ٿي رهي آهي.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
ڀڳوان نردوش: هرڪو ليکڪ ساراھ چاهي ٿو. تنقيد کيس ڪباب مِ هڏي لڳندي آهي.(انڪري سنڌي ليکڪ جي ترقي ۾ رڪاوٽ اچي ٿي)
سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي..؟
ڀڳوان نردوش: گجرات سنڌي ساهتيه اڪيڊمي ، پاٺيه پسٽڪ منڊل ، احمدآباد جي ادبي سڀا.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
ڀڳوان نردوش: زندگي هڪ خواب آهي. ان ۾ سچ ڇا ڪوڙ ڇا سڀ روا آهي.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
جواب: موت هڪ هوا جو جھونڪو آهي .چوندا آهن:
آئی ھچکی موت کی اور سو گئے۔
سوال: نفرت ڇا آهي؟
ڀڳوان نردوش: نفرت ناپسندگي جو هڪ جزو آهي .
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
ڀڳوان نردوش: دل زندگيءَ جو جياپو آهي .
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا..؟
ڀڳوان نردوش: ۱۹ڪِتاب شايع ٿي چڪا آهن .
مهڪ مٽيءَ جي پريس ۾ آھي خاص ايندڙ ڪجهه ڪتابن جا نالا:
غزلن جي گونج، سواس سواس ۾ سرهاڻ، هري دلگير هڪ اڀياس، نام ڪٺيا ناٽڪ نويس، سک جا پاڇا، روح جون رھنڊيون.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
ڀڳوان نردوش: تمام گهڻو حساسُ.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ.؟
ڀڳوان نردوش: (۱) ۸ گجرات ساهتيه اڪيڊمي جا انعام، (۲)هڪ NCPSl طرفان، (۳) غورو پراسڪار گجرات سنڌي اڪيڊميءَ مان پراسڪر ملي چڪا آهن.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
ڀڳوان نردوش: لکڻ چري چاهت آهي نشي وانگيان ڪهري پل چڙهيو وڃي.
سوال: درد ڇا آهي؟
ڀڳوان نردوش: درد دوا وانگر آھي جو نه پيئڻ سان خوشي اُڀري نه سگھندي آهي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪجھه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
ڀڳوان نردوش: ها بلڪل سنتوش آهي.
سوال: اوهان جي شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
جواب: ورڀان، پوڻ ڪمار راجيش ڀردوج ،راجيش وليڇا منهنجي شاعري کي آواز ڏنو آهي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
ڀڳوان نردوش: شوق آهي.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
جواب: شھرت ڪنهن کي نه وڻَندي.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا به شڪايت؟
جواب: نه شڪوا نه شڪايت خدا کي عنايت.
**

مون لکڻ جو هُنر اَندر جي اُڌمن ۽ ڪيفيتُن منجهان سِکيو ….. تحسيم تبسم سومرو

مون لکڻ جو هُنر اَندر جي اُڌمن ۽ ڪيفيتُن منجهان سِکيو ….. تحسيم تبسم سومرو

سوال: نالو ۽ ولديت؟
تحسيم: تحسيم، جاويد فاروق سومرو.
سوال: جنم جي تاريخ ۽ هنڌ؟
تحسيم: جنم جي تاريخ 11 مارچ، ضلعو ٺٽو/هاڻوڪو سجاول تعلقو ميرپور بٺورو شهر دڙو، ڳوٺ حاجي ناٿو سومرو. منهجنجو جنم سانوڻ جي بي مندائتي برساتن جي گجگوڙ ۾ ٿيو، جنهن ڏينهن مون هن خوبصورت خوبصورت دنيا ۾ اک کولي ته ان وقت برسات ڪنهن شاعر جي مدهوشيءَ جيان واڪا ڪري وسي رهي هئي، هر طرف مٺڙي ۽ دل کي ڇهندڙ هوا گُهلي رهي هئي.
سوال: ادبي نانءُ؟
تحسيم: ”تبسم“ (تبسم جي لفظي معنيٰ مسڪراهٽ، راحت)
سوال: تعليم؟
تحسيم: گريجوئٽ:Law Graduate
سوال: نوڪري؟
تحسيم: وڪالت، ٽيچنگ
سوال: لکڻ جي شروعات، سال ۽ مهينو؟
تحسيم: مون لکڻ جي شروعات پنجين ڪلاس ۾ ڪئي هئي سال ۽ مهينو ياد ڪونهي.
سوال: ادبي استاد؟
تحسيم: ڪو به نه... مون لکڻ جو هنر اندر جي اُڌمن ۽ ڪيفيتن منجهان سکيو.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
تحسيم: سماجي بي حسيءَ ۽ معاشري ۾ ٿيندڙ ظلم کي ڏسي منهنجي دل جُهري پوندي هئي، پوءِ ان وقت اندر جا جيڪي اُڌما هوندا هئا، جيڪي سوچون ذهن جي عڪس تي ڀٽڪنديون هيون، انهن کي قلم جي طاقت سان ورقن تي اتاريندي هيس، ائين لکڻ جو سلسلو شروع ڪيو.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
تحسيم: منهنجو پهريون آرٽيڪل هڪ اخبار ۾ سال 2009ع ۾ ڇپيو.
سوال: ڪهڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا؟
تحسيم: سنڌ ايڪسپريس، ان کان پوءِ ڪوشش اخبار ۾ منهنجا آرٽيڪل ڇپيا.
سوال: ڪهڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
تحسيم: مون شاعري، مضمون نويسي جي صنف ۾ لکيو آهي. منهنجي پسنديده صنف آرٽيڪل لکڻ ۽ بحث مباحثو ڪرڻ آهي.
سوال: ڪهاڻين جو تعداد ۽ ڪيتريون ڇپيل؟
تحسيم: هڪ سچي ڪهاڻي لکي ان کي ڪتاب جي شڪل ۾ مڪمل ڪيو اٿم، ڇپائي جي مرحلي ۾ آهي. انشاءَ الله تعاليٰ تمام جلد ڪتابُ پڙهندڙن جي هٿ ۾ هوندو.
سوال: ڇپيل ڪتاب، نالا ۽ سال؟
تحسيم: هن وقت مارڪيٽ ۾ منهنجا 2 ڪتاب موجود آهن. (1) ”پاڪستان جو قانوني سرشتو“، 2 ”هزارين رنگ“.
سوال: پهرئين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو رد عمل ڇا هو؟
جواب:نه تنقيدي نه حوصلا افزائي وارو نارمل.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
تحسيم:شاعري روح جو سرور آهي، منهنجي نظر ۾ شاعر باڪمال ۽ جرئت وارو انسان آهي، جيڪو ڏک، سک، محبت جي مٺڙين ادائن کي لفظن جو روپ ڏئي ٿو.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
تحسيم: منهنجي نظر ۾ محبت کان سواءِ هن ڪائنات جي سونهن اڻپوري ۽ بي رنگ آهي، محبت کان سواءِ انسان ائين آهي، جيئن ساهه کان سواءِ بي جان جسم، صرف چم ۽ هڏا، مون کي هر انسان ساڻ محبت آهي، ڇو ته هر دل خدا جو گهر ۽ هر دل محبت جو آستانو آهي، آئون فقير جي خالي ڪشتي جيان هر وقت محبت لاءِ ماندي آهيان. منهنجي پهرين ۽ هميشه قائم رهڻ واري محبت منهنجو والد صاحب آهي، مان پنهنجي والد صاحب سان بي پناهه محبت ڪندي آهيان. محبت جا هزارين روپ ۽ رنگ آهن، محبت هر روپ ۽ رنگ ۾ نرالي آهي، پر جنهن جي محبت، شفقت حقيقي ۽ دائمي آهي، اُها آهي پيءُ جي محبت ۽ شفقت، جنهن کي تبسم چيو محبت ئي محبت.
سوال: پسنديده شاعر؟
تحسيم: شيخ اياز، شاهه لطيف، امداد حسيني ۽ غلام حسين رنگريز.
سوال: پسنديده شاعرائون؟
تحسيم: پروين شاڪر.
سوال: پسنديده اديب؟
تحسيم: امر جليل، رسول بخش پليجو، جي ايم سيد.
سوال: پسنديده شخصيت؟
تحسيم: حضور اڪرم صه.
سوال: پسنديده گل؟
تحسيم: گلاب جو گل.
سوال: پسنديده رنگ؟
تحسيم: اڇو، ڪارو.
سوال: پسنديده موسم؟
تحسيم: بهار جي موسم.
سوال: پسنديده پهر؟
تحسيم: رات جي آخري سانت.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
تحسيم: 2009ع سال جڏهن مون LLB ۾ داخلا ورتي.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو، صدمو؟
تحسيم: زندگي نالو ئي ڏکن جي سيج جو آهي ۽ ڏک انساني پاڇي جيان اسان ساڻ گڏوگڏ هلندا آهن، زندگيءَ جي مرحلي ۾ وقت بوقت ڏکن جو سج اڀرندو رهندو آهي، نه وسرندڙ ڏک بابا جي بيماري سال 2011ع ۾ جڏهن بابا آغا خان اسپتال ۾ ايمرجنسي روم ۾ داخل هو، اڄ به جڏهن اُهي لمحا ياد ايندا آهن ته ننڊ مان ڇرڪ ڀري سجاڳ ٿي ويندي آهيان.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاهي؟
تحسيم: روز اول کان اڄ ڏينهن تائين عورت هميشه عزت چاهي آهي! عورت عزت جي بکي آهي ۽ هوءَ هر وقت عزت جي ئي طلبگار رهي آهي، ان سان گڏوگڏ اڄ جي عورت آزادي به چاهي ٿي.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي ان جو سبب ڇا آهي؟
تحسيم: ليکڪن ۽ ليکڪائن کي پذيرائي نه ملڻ جو سبب ماڻهو جو ڪتابن سان گهٽ چاهه آهي، ٻين لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي ته هاڻ اٽي ۾ لوڻ برابر ماڻهو ملندا، جيڪي ڪتابن سان چاهه رکندا هوندا، اسان جي سماج ۾ ڪتاب پڙهڻ جو رجحان تمام گهٽ آهي، جنهن جي ڪري ليکڪن کي پذيرائي ۽ اتساهه نه ٿو ملي.
سوال: تنقيد ڇا آهي، اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
تحسيم: منهنجي نظر ۾ تنقيد، سُڌاري ۽ اصلاح ڪرڻ جو ذريعو آهي، تنقيد مان ئي اسان گهڻو ڪجهه سکندا آهيون ۽ پنهنجي غلطين کي سڌاريندا آهيون. اسان وٽ تنقيد ان ڪري برداشت نه ڪئي ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ تنقيد براءِ اصلاح نه ڪئي ويندي آهي، اسان وٽ تنقيد مايوس ڪرڻ لاءِ ڪئي ويندي آهي. جنهن جي ڪري تنقيد کي برداشت نه ٿو ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ڪير به مايوس ٿيڻ نه چاهيندو آهي.
سوال: ادبي، سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
تحسيم: نه ادبي، نه سياسي باقي سماجي ساڊو (Saado) آرگنائزيشن سان وابستگي آهي.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
تحسيم: منهنجي نظر ۾ زندگي هڪ ڊرامو آهي، جنهن منجهه هر رنگ شامل آهي، ڪڏهن آسمان تي گرجندڙ تيز برساتن ۽ چمڪندڙ کنوڻ جيان ڏکن جا لمحا ته ڪڏهن بهار جي موسم جيان گهلندڙ خوبصورت هوائون. آخر ۾ بيوفائي جيڪا هن جي منزل آهي. ٻين لفظن ۾ زندگي بيوفا آهي.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
تحسيم: منهنجي نظر ۾ موت انسان جي اصل منزل آهي، موت اسان جي ڪاميابيءَ جي آخري منزل آهي، جنهن منزل تي هر ڪنهن کي هلڻو آهي. الله سائين ان منزل جي ڪاميابي کي ماڻڻ لاءِ اسان کي ثمر کڻي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
تحسيم: منهنجي نظر ۾ نفرت، ڪاوڙ ۽ بي حسيءَ جو اظهار آهي. جيڪو انسان هروڀرو اجائي ڳالهين کي سوچي ڪري پوءِ هُو نفرت جو اظهار ڪندو آهي. باقي انساني فطرت ۾ نفرت جو ڪو به مادو شامل نه آهي، ڇاڪاڻ ته انسان صرف پيار ۽ مٺڙي محبت جو مائل رهيو آهي، انساني معاشري ۾ محبتن جا ميلا مچيل هوندا آهن.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
تحسيم: دل آهي ته جهان آهي، دل بنا ڪجهه به نه آهي، دل اهو عضوو آهي، جيڪو انسان کي انسان بڻائي ٿو، دل بنا اسان مرده جسم آهيون، ڇو ته اها دل ئي ته آهي، جيڪا اسان کي محبت ڪرڻ سيکاري ٿي.
سوال: ايندڙ ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
تحسيم: مارڪيٽ ۾ تمام جلد منهنجو ڪتاب ”تنهنجي فرض کان پوءِ“ اچڻ وارو آهي.
سوال: سهيڙيل ڪتابن جا نالا؟
تحسيم: ”هاسٽل جون يادگيريون“.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
تحسيم: طبيعتن آئون فقير مزاج آهيان، فقير جي ڦاٽل گودڙيءَ جيان ڳنڍيل آهيان ۽ تمام گهڻي خوش مزاج هر وقت محبت ڏيندي آهيان ۽ موٽ ۾ محبت جي طلبگار هوندي آهيان. محبت لاءِ ايتري ماندي آهيان جو نفرت کي به محبت سمجهندي آهيان.
سوال: ڪهڙي ڳالهين تي ڪاوڙ ايندي آهي؟
تحسيم: جيڪڏهن ڪير ڪنهن تي تنقيد ڪري، ڪير ڪنهن جي گلا ڪري يا ڪير ڪنهن جي همت کي ٽوڙي ته پوءِ تمام گهڻي ڪاوڙ ايندي آهي.
سوال: مليل مڃتا؟
تحسيم: سٺي موٽ ملي آهي، هر سال LLB ۾ پوزيشن هولڊر جا ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مليا آهن، پاڪستان جو قانوني سرشتو ڪتاب لکڻ تي Excellence سرٽيفڪيٽ مليو، انٽرنيشنل اسلامي يونيورسٽي جي پاران سرٽيفڪيٽ مليو.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
تحسيم: لکڻ جي وقت عجيب ڪيفيت طاري هوندي آهي، ائين محسوس ڪندي آهيان ته آئون انسانن جي بستي کان دور آسمان جي کليل هوائن ۾ رقص ڪري رهي آهيان، جتي صرف آئون ۽ منهنجو قلم آهي، پوءِ ذهن جي عڪس تي جيڪي نقش اڀرندا آهن، انهن کي لفظن جو روپ ڏيندي آهيان.
سوال: درد ڇا آهي؟
تحسيم: منهنجي نظر ۾ درد جيئڻ جي سڃاڻپ آهي، درد کان سواءِ انسان اَڌورو آهي، جي زندگيءَ جي راهن ۾ درد نه ملن ته پوءِ جيئڻ جو مقصد ڪڏهن به حاصل نه ڪري سگهبو، درد انسان کي طاقتور بڻائيندا آهن، درد ٽٽل همت ۾ به جيئڻ جو حوصلو ڏيندا آهن، انسان ۽ درد هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن.
سوال: اوهين جيڪو ڪجهه لکو ٿيون، انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
تحسيم: ٿورو گهڻو مطمئن آهيان، ڇاڪاڻ ته ادب هڪ اهڙو خزانو آهي، جنهن مان ڪير به مطمئن نه ٿو ٿي سگهي، باقي پڙهندڙن تي آهي، ادبي پورهيو آهي، ان کي آئون دل و جان سان نڀائيندي رهنديس، ڇاڪاڻ ته لکڻ منهنجو شوق ۽ جنون آهي.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟
تحسيم:اسان جي معاشري ۾ مرد ۽ عورت ۾ Understanding ناهي رهي، جنهن جي ڪري عورت چاهيندي آهي ته پئسا ڪمائڻ لاءِ هوءَ نوڪري ڪري، اڄ جي عورت شعور لاءِ نه پر پئسا ڪمائڻ لاءِ نوڪري ڪري ٿي. اسان جي معاشري ۾ حوا ڄائي نوڪري ڪري يا گهر ۾ هجي، ان کي انيڪ المين ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ملازمت ڪندڙ عورت کي گهر ۾ اُها عزت نه ملندي آهي، جيڪا ملڻ گهرجي، ان کان علاوه Time جو وڏو مسئلو رهندو آهي، گهر Disturb ٿيندو آهي، ملازمت ڪندڙ عورت ٻار کي به Time نه ڏئي سگهندي آهي.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪهڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون؟
تحسيم: اسان جي معاشري ۾ عورت کي هر Field ۾ مشڪلاتون درپيش آهن، ڇاڪاڻ ته اڄ به هن معاشري هوا ڄائي جي حقن کي تسليم نه ڪيو آهي، چوڻ لاءِ ته عرب معاشري جون ريتون رسمون ختم ٿي چڪيون آهن، پر اهي اڄ به موجود آهن. ادب جي Field ۾ عورت لاءِ مشڪلاتون آهن، ادب جي Field ۾ عورت جي لکڻين کي Publish نه ٿو ڪيو وڃي يا عورت Publication تائين پنهنجو مواد پهچائي نه ٿي سگهي، مختلف مسئلن جي ڪري.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي مجبوري؟
تحسيم: لکڻ منهنجو شوق آهي، لکڻ کان سواءِ آئون اڌوري آهيان.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
تحسيم: شهرت سُٺي لڳندي آهي، پر ڊپ به ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته شهرت جي نشي ۾ انسان مغرُور ٿي ويندو آهي، مغروري غرور ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندي آهي، آئون فقير طبيعت آهيان.
سوال: اوهان کي ڪنهن سان ڪا شڪايت؟
تحسيم: ڪنهن سان به نه، شڪايت ڪرڻ ڪمزوري جي علامت آهي، ڪمزور ماڻهو شڪايت ڪندا آهن ۽ آئون ڪمزور ناهيان.
**

عورت عظيم ۽ هر صورت ۾ احترام لائق آهي …... پرهه سنڌو

عورت عظيم ۽ هر صورت ۾ احترام لائق آهي …... پرهه سنڌو


سوال: نانءُ ولديت سميت ؟
پرهه: پرھ سنڌو، بنت گل محمد سولنگي
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ؟
پرهه: ڇهين ڊسمبر 1992ع سيوھڻ شريف.
سوال: ادبي نانءُ ؟
پرهه: پرھ سنڌو.
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
پرهه: ايم اي (سنڌي ليٽريچر)، ڪراچي يونيورسٽي، ايم فل (سنڌي) سنڌ يونيورسٽي ھلندڙ.
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو.؟
پرهه: ”ڀٽائي جو ارتقائي نظريو“ روزاني ايڪتا ٽئين سيپٽمبر 2019ع
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
پرهه: لطيف سائين کي پڙھيو سمجھيو ۽ پوءِ انھن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
پرهه: ٽين سيپٽمبر روزاني ايڪتا 2019ع
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيون آهيو؟
پرهه: ”ڀٽائي جو ارتقائي نظريو“ (روزاني ايڪتا ڪراچي) ٽين سيپٽمبر 2019ع ، ”شاھ لطيف جي شاعري ۾ صبر ۽ تحمل جو عنصر“ (روزاني ايڪتا ڪراچي) 7 سيپٽمبر 2019ع، ”شاھ لطيف جي شاعري ۾ صبر ۽ تحمل جو عنصر“ (ماھوار سنڌ راڻي ميگ) نومبر، ڊسمبر 2019ع،
”شاھ لطيف جي شاعري ۾ آفاقي قدر“ (روزاني ايڪتا ڪراچي) چوڏهين سيپٽمبر 2019ع، ”شاھ لطيف جي شاعري ۾ نفسياتي ڪيفيتن جي عڪاسي“ ( روزاني ايڪتا ڪراچي) نائين آڪٽومبر 2019ع، ”شاھ لطيف جي شاعري ۾ ماءُ جو ڪردار“ ماھوار سنڌ راڻي ميگ حيدرآباد.
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
پرهه: نثر به لکيو ۽ نظم به لکندي آھيان، آزاد نظم پسنديده صنف آھي.
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
پرهه: رشيدارن طرفان حوصلاافزائي ڪئي وئي، پر ڪجھه اھڙا به هئا، جن حوصلا افزائي ڪرڻ بجاءِ منھنجي مخالفت ڪئي.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
پرهه: منھنجي محترم استاد ڊاڪٽر شير مھراڻي صاحب جن منھنجي حوصلا افزائي ڪئي.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾....؟
پرهه: شاعري زندگي ۽ ان سان وابسته احساسن، خيالن، حقيقتن، سوچن جو اختصار آھي.
سوال: محبت اوهان جي نظر۾ ..؟
پرهه: محبت ھڪ حسين احساس، ڪنھن کي انتھا درجي تي پسند ڪرڻ.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب /اديبائون؟
پرهه: ڪلاسيڪي شاعري ۾ شاھ لطيف جديد شاعري ۾ شيخ اياز، حسن درس.
سوال: پسنديده شخصيت؟
پرهه: شھيد بي نظير ڀٽو صاحبه.
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر؟
پرهه: پسنديده ڪتاب ”شاهه جو رسالو“ موسم، ”ميھوڳي جي موسم“ پسنديده رنگ ”نيرو“
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي..؟
پرهه: پٽ جو جنم
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي؟
پرهه: اڄ جي عورت ھر لحاظ کان آزادي چاھي ٿي پوءِ سوچ جي آزادي ھجي يا اظھار جي آزادي ھجي.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
پرهه: عورت عظيم ۽ ھر صورت ۾ احترام لائق آھي، پوءِ اھا ماءُ جي صورت ۾ ھجي، ڀيڻ جي صورت ۾ ھجي يا جيون ساٿي جي صورت ۾.
سوال: نقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
پرهه: ادبي تنقيد جي معني آھي ادب ۽ فن سان لاڳاپيل مسئلن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ. پر بدقسمتي سان اسان وٽ ھر حوالي سان تنقيد کي گار سمجھيو وڃي ٿو. جنھن ڪري اسان وٽ تنقيد برداشت نه ٿي ڪئي وڃي.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
پرهه: ڪنھن کي انتھا درجي تي ناپسنديده قرار ڏيڻ. اھا نفرت ئي آھي، جيڪا انتھاپسندي ۽ تشدد کي جنم ڏئي ٿي .
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
پرهه: دل ھونئن ته گوشت جو لوٿڙو آھي پر ان ۾ ھڪ وڏي ڪائنات سمايل آهي، جنھن کي پنھنجا جھڙ آھن جنھن کي پنھنجو سج آھي
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
پرهه: طبيعتن خاموش اڪيلائي پسند.
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
پرهه: جڏھن ڪير ڪوڙ ڳالھائي يا ناانصافي ڪئي وڃي.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
پرهه: لکڻ وقت مان پنھنجي موضوع ۾ گم ٿي ويندي آھيان، آسپاس جي ماحول جو احساس ناھي رھندو.
سوال: درد ڇا آهي؟
پرهه: درد به زندگي جي ھڪ ڪڙي حقيقت آ جنھن کي ھر ماڻھو ڄاڻي ٿو.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿيون يا جيڪو ڪجھه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
پرهه: مان جيڪو لکيو انهن ڳالھين تي پاڻ عمل به ڪندي آھيان ۽ مطمئن به آھيان.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪھڙا آهن؟
پرهه: ملازمت ڪندڙ عورتن سان تمام گھڻا مسئلا درپيش اچن ٿا سڀ کان وڌيڪ اھم مسئلو گھر سنڀالڻ، ٻار جي پالنا جو آھي، جيڪي اولاد واريون عورتون ملازمت ڪن ٿيون، انھن جي زندگي بنھه ڏکي آھي .
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
پرهه: ماضي ۾ نظر ڊوڙائجي ته خبر پوندي قديم زماني کان عورت معاشرتي قانونن، مرداڻي سماج جي چڪي ۾ پسجندي آئي آھي تاريخ گواھ آھي ماضي ۾ به عورت پنھنجي حقن جي حصول لاءِ ھميشھ کان وڙھندي آئي آھي. اڄ به ھو مشڪلاتن سان مھاڏو اٽڪائي بيٺي آھي. اڄ به اھا عورت ھراسمينٽ جو شڪار ٿئي ٿي. پوءِ به پنھنجو دڳ نه ٿي ڇڏي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
پرهه: لکڻ منھنجو ننڍپڻ جو شوق آھي.
**

امڙ جو وڇوڙو، جيون جو وڏو گهاءُ آهي جيڪو ڀرجڻ جو ناهي ….. پريتم قاضي

امڙ جو وڇوڙو، جيون جو وڏو گهاءُ آهي جيڪو ڀرجڻ جو ناهي ….. پريتم قاضي

سوال: نانءُ ولديت سميت؟
پريتم: سڪندر آفتاب ولد قاضي خضر حيات.
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ؟
پريتم: 18 ڊسمبر 1973ع، نئون ديرو ضلعو لاڙڪاڻو.
سوال: ادبي نانءُ ؟
پريتم: پريتم قاضي.
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
پريتم: B.E( Civil) , ATC,AMC (master in Arts)
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
پريتم: 08 اپريل 1988ع پهريون نظم لکيو هو.
سوال: ادبي استاد؟
پريتم : قاضي مقصود ”گل“ (گل بابا)، سائين عبدالحڪيم ”ارشد“
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
پريتم: ادبي ماحول خاندان ۾ ھيو ادب ڏانهن مائل ڪندڙ ڏاڏا سائين قاضي عبدالحئي قائل ”سرشاريءَ“ جي شخصيت هئي.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
پريتم: حساس دل انسان هر ان احساس کان متاثر جيڪو دل کي ڇهي، عمومن، ڏک، درد پيار، نفرت، رنج مطلب ته جيڪو احساس دل سان سلهاڙجي.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
پريتم: عبرت مئگزين سال 1988ع .
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟
پريتم: ادا سائين رسالن ۽ اخبارن ۾ گهٽ ڇپيو آھيان، شوق به گهٽ آھي.
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
پريتم: گهڻو ته غزل لکيو آھي، آزاد نظم به پسند آھن.
سوال: ڪھاڻين جو تعداد، ڪيتريون ڇپيل؟
پريتم: ڪهاڻيون ايڪڙ ٻيڪڙ لکيون هوندم، ها ڪنهن دور ۾ آفتاب ”اسير“ نالي سان ڪالم به لکيا هئا.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال؟
پريتم: 2005ع ۾ شاعريءَ جو مجموعو ”احساسن جا عڪس“، سنڌ بوڪ نواب شاهه پاران ”احمد ضياءَ “ ڇپرايو هو.
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
پريتم: ڪو خاص نه هو.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
پريتم: منهنجو ادبي کيتر ۾ اچڻ، گهريلو ادبي ماحول جي ڪري هيو، پر ڪجهه وقت لاءِ لا تعلق رهيس. سال 2009ع ۾جڏھن سائين عبدالحڪيم”ارشد“ جا ٻه ڪتاب: ”آجپي جي گيت جهڙي شاعري“ ۽ ”ٽٽل عڪس سونهن جا“ مرتب ڪيم ته ادبي دنيا ۾ ٻيهر سائين ”ارشد“ جي دعائن سان پير پاتو.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
پريتم: خوبصورت احساس جنهن ۾ ٻيائي نه هجي.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
پريتم: اهو خواب جنهن جي تعبير ناهي.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب /اديبائون؟
پريتم: مقصود ”گل“، عبدالحڪيم”ارشد“، ايازگل،
سوال: پسنديده شخصيت؟
پريتم: شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، سائين ايڇ -ايم خوجه،
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر؟
پريتم: ڪتاب وقت ۽ حالتن سان مٽبا رهندا آھن، گل گلاب جو، موسم سيارو ۽ پهر فجر جو.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
پريتم: جڏھن ”هن“ سان ٻه طرفو پيار ٿيو هو.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
پريتم: سڏڪا ته گهڻا، پر امڙ جو وڇوڙو جيون جو وڏو گهاءَ آھي جيڪو ڀرجڻ جو ناهي.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
پريتم: ايثار، احساس ۽ قرباني جي علامت.
سوال: اڄڪلھه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ؟
پريتم: يار ادب ته سٺو سرجي ٿو پيو، لکاري سٺو لکن ٿا پيا، پر ادارن ۾ ياري دوستيءَ واري بي تڪي ماحول سڄي ماحول کي بگاڙي ڇڏيو آهي.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
پريتم: هينئر ادبي کيتر جو ماحول مٽجي چڪو آھي، پنهنجا نوازي جي وٺ وٺان آھي، نه ته استاد بخاري, شيخ اياز، رسول بخش پليجو، سائين جي ايم ۽ اسان جا انيڪ سنڌي اديب انٽرنيشنل سطح تي پنهنجو ۽ سنڌ جو نالو روشن ڪري چڪا آھن. باقي ٻين ٻولين جي اديبن کي آپسي ڇڪتاڻ پلئه نه ٿي پوي تنهن ڪري انهن کي پذيرائي ملي ٿي.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
پريتم: تنقيد اصل ۾ اصلاح جو ٻيو نانءُ آهي، اسان وٽ ادبي حوالي سان اها تربيت ئي نه ٿي ٿئي جيڪا، 80ع ۽ 90ع جي ڏھاڪي ۾ سٺن اديبن کان ميسر ايندي هئي، جهڙوڪ، ان دور ۾، بردو سنڌي، عبدالحڪيم ”ارشد“، سائين منظور قريشي، مير عبدالرسول مير، نوابشاهه جي ادبي ڪلاسن ۾ تنقيد براءِ اصلاح ڪندا هئا، هاڻي تنقيد صرف تنقيد لاءِ ٿئي ٿي.
سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
پريتم: سڪندر آرٽ گئلري، مهراڻ آرٽس اينڊ ويلفيئر سوسائٽي، سنڌي ادبي سنگت نوابشاهه.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
پريتم: نعمت ۽ تحفو.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
پريتم: سچائي ۽ حقيقت.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
پريتم: ناپسنديدگي جو اظھار ۽ برو عمل.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
پريتم: انسان جو خوبصورت عضوو.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
پريتم: منهنجو سفر نامو ”سفر عظيم“ اچڻ وارو آھي، ان کان سواءِ ٽي ڪتاب سائين عبدالحڪيم”ارشد“ جا مرتب ڪيا اٿم .
”آجپي جي گيت جهڙي شاعري“، ”ٽٽل عڪس سونهن جا“، ”آواز اندر جو“، هي ڪتاب مرتب به ڪيم ۽ امان جي نانءُ سان ادارو قائم ڪري پبلش به ڪيم. هن وقت تائين ڇهه ڪتاب ”خورشيد خضر علمي، ادبي ۽ اشاعتي اداري پاران ڇپايا آھن.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
پريتم: ڪڏھن ٿڌو ته ڪڏھن گرم.
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
پريتم: بي تڪيون، ناحقي ۽ ناجائز ڳالهيون نه وڻنديون آھن.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ.؟
پريتم: ڊرائنگ جي امتحان ۾ پهرين پوزيشن کنئي هيم، باقي مڃتا ڪم ڪرائيندو آھي. اوهان جي دل ۾ سٺا احساس مون لاءِ مڃتا آھن.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
پريتم: ادا سچ پڇو لکڻ مهل ڪا خبر نه هوندي اٿم جو ڪيفيت جو ڏسيان، ها محترمه شھيد جي شھادت وقت ٽي طويل نظم لکيا هيم ان وقت بس ان جي شھادت جا منظر اکين آڏو هئا. ڪڏھن ڪڏھن ته سال به گذريا ڪجهه نه لکي سگهيو هيس. اهي به ڪيفيتون آيون.
سوال: درد ڇا آهي؟
پريتم: درد انسان لاءِ دوا آھي، درد اصولي طور وڇوڙي جو ٻيو نالو آھي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪجھه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
پريتم: نه...! انسان مطمئن ٿئي اهو ممڪن ئي ناهي، سو بس ”چلتي کا نام گاڑی“
سوال: اوهان جي شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
پريتم: استاد انور حسين وسطڙي، سائين فقير مظفر علي دايي، باري ابڙي، ذاتي محفلن ۾ منهنجي شاعري ڳائي آھي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
پريتم: مجبوري ته هرگز ناهي، شوق ئي چئي سگهجي ٿو.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
پريتم: شھرت جي ڪڍ مان پيو ئي ناهيان، جيڪي ڪجهه آھيان استادن ۽ وڏڙن جي دعائن جي طفيل آھيان.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
پريتم: جيون جون پنجيتاليهه بهارون گذري ويون، ڪافي ڪجهه وڃايو سي ۽ رب پاڪ ڏنو به گهڻو آھي. جن جي دل ڏکائي اٿم تن کان معافي جي درخواست ۽ جن پيار ڏئي پريتم بڻايو انهن جا به لکين ٿورا. ڪا شڪايت ڪانهي.
لڳي لڳي واءُ ويس انگڙا ڍڪجي،
پئي کڻي پساھ، پسڻ ڪارڻ پرين جي.
(لطيف سرڪار)
**

پرائو ڏک به پنهنجو لڳندو اٿم …. جعفر شاهاڻي

پرائو ڏک به پنهنجو لڳندو اٿم …. جعفر شاهاڻي

سوال: توهان جو تعارف؟
جعفر: جعفر علي ولد يار محمد شاهاڻي.
سوال: جنم جو هنڌ؟
جعفر: ڳوٺ ساڏُورِي.
سوال: ادبي نانءُ؟
جعفر: جعفر شاهاڻي
سوال: ڄم جي تاريخ؟
جعفر: پنجين فيبروري 1986ع
سوال: تعلقو ۽ ضلعو؟
جعفر: عمر ڪوٽ
سوال: تعليم نوڪري ۽ پيشو؟
جعفر: انٽر، گورنمنٽ ملازم ۽ ادبي لک پڙهه.
سوال: لکڻ جي شروعات؟
جعفر: 2000ع کان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرام سڳنڌ ۾ لکڻ جو آغاز ڪيم، جنهن بعد 2003ع ۾ رسالن ڏي لکڻ جي شروعات ڪيم.
سوال: ادبي استاد؟
جعفر: سائين آسي زميني.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
جعفر: جنم ڀُومي ڳوٺ ساڏوري جي ادبي دوستن عاشق حسين زندپور، پريتم چيتن ڪمار ڀيل ۽ محسن شاهاڻي کان متاثر لکڻ شروع ڪيو.
سوال: ڪهڙيون ڳالهيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
جعفر: دوستن جو پيار ۽ محبتون لکن لاءِ اتساهينديون آهن.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
جعفر: پهرين تحرير عبرت مئگزين ۾ 2003ع ۾ شايع ٿي.
سوال: ڪهڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟
جعفر: ماهوار هزار داستان ڊائجسٽ، سنسار، عبرت مئگزين، سنڌو ڊائجسٽ، لوڪ، سڦلتا، پنکڙيون ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيو آهيان.
سوال: ڪهڙين صنفن ۾ لکيو اَٿَو ۽ توهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
جعفر: شروعات ۾ شاعري ڏي گهڻي توجهه رهي، جنهن ۾ غزل، نظم، بيت، هائيڪا ۽ ٽيڙو به لکيم پر، جيئن ادبي دنيا ۾ هوش سنڀاليم ته نثر ۾ ليکڪن کي گهٽتائي محسوس ڪندي باقائدي ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيم ۽ منهنجي پسنديده صنف به ڪهاڻي آهي.
سوال: ڪهاڻين جو ڪل تعداد ۽ انهن مان ڪيتريون ڇپيل آهن؟
جعفر: تقريبن پنجاهه جي الڳ ڀڳ ڪهاڻيون لکيون اٿم، جن مان پنجٽيهه کن ڇپجي چُڪيون آهن.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
جعفر: ڪهاڻين جو هڪ مجموعو ”اذيتن جي اُسَ“ جيڪو فيبروري 2016ع ۾ ۽ بيو ڪائنات جو موت (ڪهاڻيون) 2019ع ۾ پڌرو ٿيو.
سوال: پهرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو رد عمل ڇا هُيو؟
جعفر: نه اتساهه، نه محبت پر معاشري طنز ضرور ڪئي توڙي جو جڏهن بابا سائين کي خبر پئي ته محسوس ڪيم گهٽ ۾ گهٽ ناراض ناهي.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ توهان جي حوصلا افزائي ڪنهن ڪئي؟
جعفر: محترم آسي زميني، ماهوار، هزار داستان جي ايڊيٽر محترم مجيب ناريجو، اڳوڻي اسسٽنٽ ايڊيٽر پياري الطاف ملڪاڻي ۽ ڀائرن جهڙو دوست عاشق حسين زندپور منهنجي حوصلا افزائي نه ڪن ها ته اڄ ڪهاڻيڪار نه هُجان ها.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
جعفر: ڪوزي ۾ دريا کي بند ڪرڻ کي شاعري چئبو آهي، جنهن جي گهرائي سمنڊ جيڏي آهي، شاعري دل جو آواز ۽ درد جي دوا پڻ آهي.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
جعفر: جڏهن ڪنهن جون شعور واريون اکيون کلنديون آهن ته ماڻهو جي دل ۾ ٻن احساسن جو جنم ٿيندو آهي، انهيءَ مان هڪ کي محبت چئبو آهي ته ٻئي کي نفرت اڄ جي دور ۾ صرف ”حاصلات“ کي محبت چيو ويندو آهي ۽ حقيقي محبت جو مفهوم گهڻو تبديل ٿي چُڪو آهي. محبت جنهن جو ٻيو نانءُ قرباني آهي ۽ بقول بابا ڀٽائي جنهن جي گواهي هن ريت ڏني آهي ته:
ڳوليان ڳوليان مَ، لهان شال مَ مِلان هوت،
من اندر جي لوچ، ملڻ سان ماٺِي ٿئي. (بابا ڀٽائي)
سوال:پسنديده شاعر ۽ شاعرائون؟
جعفر: تمام گهڻيون شاعرائون ۽ شاعر سُٺو لکن پيا پر انهن جو تعداد گهڻائي ۾ هجڻ ڪري نالا نه لکندس.
سوال: پسنديده شخصيت؟
جعفر: حضرت عمر فاروق رضه ۽ بابا ڀٽائي.
سوال: پسنديده ڪتاب؟
جعفر: قرآن پاڪ (بامعنيٰ) ۽ شاهه جو رسالو.
سوال: پسنديده رنگ؟
جعفر: آسماني ۽ اڇو.
سوال:پسنديده موسم؟
جعفر: جهڙالي موسم.
سوال:پسنديده پهر؟
جعفر: صبح جو پهر.
سوال: زندگي جي پهرين خوشي؟
جعفر:بي شعور غلام معاشري ۾ ڪتاب پڌرو ٿيڻ جي تمام گهڻي خوشي ٿي.
سوال: زندگي جو پهريون ڏک؟
جعفر:بابا سائين جو وڇوڙو جنهن جو خال اڄ تائين ڪو به ڀري ناهي سگهيو ڇو ته بابا منهنجو هڪ گهاٽو دوست به هو ۽ ان جي پيار جي ڪمي بار بار محسوس ٿيندي اٿم.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
جعفر: ڪنهن رومانوي ليکڪ چيو هو ته ”عورت اُهو سراب آهي، جتي نِگاهن جا قافلا پنهنجو رستو ڀلجو وڃن.“ عورت زمين تي خدا جي هڪ شاهڪار تخليق آهي، هو هر روپ ۾ عظيم تر آهي ۽ دنيا ۾ جيڪڏهن ڌيان جي اک سان ڏٺو وڃي ته سڄي زمين جو ڪينواس عورت جي خوشبوءَ سان معطر آهي.
سوال: اڄ ڪلهه جيڪو سنڌي ادب سرجي پيو، ان بابت اوهان جي راءِ؟
جعفر: اڄ ڪلهه جيڪو سنڌي ۾ ادب سرجي پيو، ان کي ڏسندي اسان هن صدي کي شعور جي صدي چئي سگهون ٿا، پر ضرورت مطالعي، مشاهدي، فڪر ۽ فن جي به آهي. تڪڙي شهرت ۽ جاندار تنقيد براءِ اصلاح جي کوٽ قابليت کي گهڻا هاڃا به پهچايا آهن، پر پوءِ به اسان وٽ اڀرندڙ سج جيئن ڪيترا ئي روشن نالا آهن، جيڪا ڳالهه اسان جي خوشي جو باعث آهي. اسان وٽ اڪثريت ۾ سينيئر جونيئرن کي پڙهن ئي نه ٿا پر غلطي سان جيڪڏهن پڙهن به ته راءِ بلڪل ناهن ڏيندا، اها ڳالهه يقينن هر نوجوان لاءِ اڻ وڻندڙ آهي ۽ جيڪڏهن اها روايت رهي ته سينيئر پنهنجي ساک وڃائي ويهندا ڇو ته سنڌي ادب تيزي سان جدت سان ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ اُن پنڌ جو هر سچو پانڌيئڙو ٿاٻا کائيندي منزل تي دير، سوير ضرور پهچندو پر تنهن باوجود به آئون جونيئرن کي صلاح ڏيندس ته انهن جو احترام ڪن ۽ پاڻ ۾ برداشت ڪري پنهنجي ڀرپاسي ۾ سينيئر اديبن سان لهه وچڙ ۾ رهي سکندا رهن.
سوال: سنڌي ادب ۾ ليکڪن کي ايتري پذيرائي نه پئي ملي، ان جو سبب ڇا آهي.؟
جعفر: اسان وٽ ليکڪن جو تعداد گهڻائي ۾ هوندي به ٻڌي نه آهي ۽ اسان جو اديب لاوارث آهي، جنهن ڪري اسان جو اديب احساس ڪمتريءَ ۾ رهي ٿو، گڏوگڏ اسان جو تعليمي معيار به گهڻو پوئتي آهي، جيسين تعليمي معيار ۽ شعور هڪ ئي ٻيڙي جا مسافر نه ٿيندا، تيسين اِن سوال جو بار بار ورجاءِ ٿيندو رهندو.
سوال: تنقيد ڇا آهي ۽ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
جعفر: تنقيد گهڻ رُخو نڪته چيني جو اهو گس آهي، جنهن جو تعلق صرفُ سُڌاري سان آهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي تنقيد براءِ اصلاح بجاءِ اسان وٽ ذاتيات واي تنقيد تي زور آهي، جنهن ڪارڻ برداشت به گهٽجي وئي آهي، ڇو ته جيڪڏهن ڪو سکيا جي مرحلي ۾ هوندو آهي ته ان وقت سکڻي ساراهه، لائيڪس ۽ ڪمينٽس جي واه واه ويتر برداشت جو هاضمو خراب ڪري گروپ بندين ۾ واڌارو ڪيو آهي، جنهن ڪارڻ جيڪڏهن ڪو تنقيد براءِ اصلاح ڪرڻ به چاهي ته نه ٿو ڪري سگهي. تڪڙي شهرت، مطالعي، مشاهدي فڪر ۽ فن جي ڄاڻ بِنا جڏهن شهرت ملي ته پوءِ ڪنهن جي مٿي ۾ سُور به ڪهڙو آهي جو ايڏي محنت ڪري پنهنجو رت ساڙي. اڄ ڪلهه نوجوان معياري رسالن ڏي لکڻ بجاءِ نوجوان سوشل ميڊيا کي وڌيڪ ترجيح ڏئي ٿو، جتي سکيا گهٽ ۽ گروپ بندين جا ڍنگ نوجوان وڌيڪ سکي ٿو ته اُن ۾ ڪجهه سينيئر اهڙا به آهن، جيڪي پنهنجو اصلاحي فرض نڀائڻ بجاءِ نوجوانن جي قابليت برباد ڪري رهيا آهن. اهو عمل ڏاڍو هاڃيڪار آهي، ان فضول تنقيد ۽ بحث سڌاري بجاءِ گهڻو نقصان پهچايو آهي. جيڪا ڳالهه اڄ جي نوجوان اديب لاءِ ڏاڍي هاڃيڪار آهي.
سوال: ادبي، سياسي يا سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
جعفر:اُن پاسي دلچسپي به ناهي ۽ ايتري ڪڏهن فرصت ئي نه ملي آهي جو اُن پاسي ٽائيم ڏيان.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
جعفر: يگاني شاعر ساغر صديقي چيو هو ته:
زندگی جبر مسلسل کی طرح کاٹی ہے،
جانے کس جرم کی پائی سزا یاد نہیں۔
زندگي پنهنجي پيدائش وقت اوڇنگار کان شروع ٿئي ٿي ۽ مرڻ وقت ٻئي جي ڳوڙهن سان پڄاڻي ڪري ٿي. هُن جي وچ وارو عرصو ماڻهو لاءِ عجيب امتحان گاهه آهي، تنهن ڪري هميشه ڪوشش ڪجي حوصلن جي هڙ جون ڳنڍيون مضبوط ڪري زندگي مسڪرائي گذارجي ڇو ته زندگي ڏکن جو بي ترتيب مجموعو آهي.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
جعفر: زندگي جي لڇ پڇ کي خاموش ڪندڙ موت جو ڪو به ٽائيم ٽاڻو ناهي پر ڪنهن جو جوڀن ۾ موت ٿيندو آهي ته اُن جي تلخي ڪنهن ٻئي ماڻهو کي آخري هڏڪي تائين ستائيندي آهي ۽ موت درحقيقت دنياوي جهنجهٽ کان نجات جو ابدي ذريعو آهي.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
جعفر: اصل ۾ نفرت يا محبت هڪ ٻئي سان ڪيل سُلوڪ جا نالا آهن. ڄائي ڄم کان توهان ڪنهن سان محبت نه ٿا ڪري سگهو، اهي احساس ماڻهو جي رويي جا عملي نتيجا آهن، توهان جو ريوو سُٺو هوندو ته موٽ ۾ محبت ملندي پر جيڪڏهن توهان جو رويو بُرو هوندو ته موٽ ۾ نفرت پلئهِ پوندي، ان ڪري رويا بهتر ڪرڻ سان نفرت کي مات ڏئي محبت جا گلشن پيدا ڪري سگهجن ٿا.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
جعفر: فطرت جي طرفان انسان کي عطا ڪيل دل در حقيقت ماڻهو جي پنهنجي سيني ۾ هجڻ کان پوءِ به پرائي هوندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن دل اهو چاهيندي آهي، جيڪو عام طور تي ماڻهو کي ميسر ناهي هوندو، محبتن جي پرچار ڪندڙ ماڻهو اڪثر دل جا پوئلڳ هوندا آهن، جيتوڻيڪ دل جي پٺيان هلڻ سان انهن کي انيڪ نقصان ڏسڻا ٿا پون پر پوءِ به اُهي ماڻهو زندگي جي هر موڙ تي محبتن جا نغما چوندا رهندا آهن ۽ هئڻ به ائين گهرجي ڇو ته دل مقدس گهر مثل آهي، جنهن ۾ نفرتون پالڻ سان محبتن جا پکي خالي آشيانا ڇڏي روانا ٿي ويندا آهن.
سوال: ايندڙ ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
جعفر: ڪهاڻين جي هڪ ٻئي ڪتاب جيترو مواد موجود آهي پر اڃا اُن کي سهيڙيو نه اٿم.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
جعفر: اڪثر خاموش ۽ ماٺ ۾ ئي رهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. پرائو ڏک به پنهنجو لڳندو اٿم، خدا جي ذات تي وڏو ڀروسو اٿم.
سوال: ڪهڙين ڳالهين تي ڪاوڙ ايندي اَٿَوَ؟
جعفر: ڪوڙ ڳالهائيندڙن ۽ پاڻ واتان پنهنجي واکاڻ وارن تي ڪاوڙ ايندي اٿم.
سوال: مليل مڃيا ايوارڊ؟
جعفر: ڪو به نه.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
جعفر: ڪيفيتون انتهائي دُکدائڪ هونديون آهن پر انهن کي دماغ تي حاوي ٿيڻ ناهيان ڏيندو ۽ جڏهن ڪو موضوع ذهن جي در جو ڪڙو کڙڪائيندو آهي ته پنهنجا غم وساري ڪا ڪهاڻي لکڻ لڳندو آهيان، ڪهاڻي لکڻ کان پوءِ ڪي پل سُڪون جا گذرندا آهن.
سوال:درد ڇا آهي؟
جعفر: سُو رائِتي سَڏ، ڪري سڏ سُورَن کي،
سُورن ڀَڳيس هَڏ، سي پڻ سيڪي سورن سين. (بابا ڀٽائي)
جڏهن ڀٽائي گهوٽ اها گواهي ڏئي ته، سورائتي سورن کي سڏ ڪري ٿي توڙي جو سندس هڏ سورن اڳي ئي ڀڃي ڇڏيا آهن، سي به سورن سان سيڪڻ جي خواهش ڏيکاري ٿي ته اُن مان پتو پوي ٿو ته درد جو زندگي سان ابدي رشتو آهي ۽ زندگي جو ٻيو نانءُ درد آهي، تنهن ڪري درد کان ڪڏهن به مايوس نه ٿجي ڇو ته، مايوسي موت ڏانهن ڌڪي ٿي.
سوال: اوهان جيڪي ڪجهه لکو ٿا يا جيڪي ڪجهه لکيو اَٿَوَ، انهي مان مطمئن آهيون؟
جعفر:اُن خوشفهميءَ ۾ مبتلا ٿي خود کي ڪڏهن دوکيءَ ۾ نه رکيو اٿم، نه ئي رکڻ چاهيان ٿو. مون کي صرف اها سُڌ آهي، ادب جي وسيع دنيا ۾ ڪوشش ڪري سچ جو دامن نه ڇڏيو اٿم، باقي فيصلو پڙهندڙ ڪندا.
سوال: اوهان جي شاعري ڪهڙن فنڪارن ڳائي آهي؟
جعفر: منهنجو هڪ ئي غزل ماسٽر راحيل جوکيو جي آواز ۾ ريڪارڊ ٿيل آهي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
جعفر: لکڻ هڪ خدا داد صلاحيت آهي پر آئون اُن کي شوق يا مجبوري نه پر پنهنجو پهريون ۽ آخري عشق سمجهندو آهيان.
سوال:شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
جعفر: جيڪڏهن ڪو مانائتي موٽ ڏيندو آهي ته بهتر لڳندو آهي.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان شڪايت؟
جعفر: ڪنهن کان شڪايتون اُهي ڪندا آهن، جن جو حوصلو ۽ ايمان ڪمزور هوندو آهي. بس! الله پاڪ جنهن مقام تي رکيو آهي، اُهي اُن جا اڻ ڳڻيا احسان آهن. ماڪ جا ڏونگر هميشه ناهن رهڻا هوندا، پوءِ ڪنهن سان شڪايت فضول آهي.
**

پاڻَ کان هڪ شڪايت ضرور اٿم ته ايتري سادڙي طبعيت ۽ حساس دل وارو ڇو آهيان!؟ ….. جيئند علي مهر

پاڻَ کان هڪ شڪايت ضرور اٿم ته ايتري سادڙي طبعيت ۽ حساس دل وارو ڇو آهيان!؟ ….. جيئند علي مهر

سوال: نالو ولديت سميت؟
جيئند: منهنجو ڇٺيءَ جو نالو امڙ پنهنجي ڀاءَ جي نالي کي جياريندي، ان جي نسبت سان رکيو ”جيئند علي“ ذات مهر ولد عبدالغفور مهر پر گهر ۾ اڪثر مون کي ”پهلوان“ جي نالي سڏيندا آهن.
سوال: جنم جي تاريخ ۽ هنڌ؟
جيئند: 26 ڊسمبر 1982ع، جنم هنڌ ڳوٺ جيئو مهر (ميرواهه) لڳ وزير آباد، تعلقو لکي غلام شاهه.
سوال: ادبي نانءُ؟
جيئند: ادبي نانءُ به ساڳيو ئي آهي. ”جيئند علي مهر.“
سوال: تعليم/نوڪري/ پيشو؟
جيئند: ايم اي، ايم ايڊ، استاد، دڪاندار، سماجي ڪارڪن.
سوال:لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
جيئند: سال 2001ع کان مهينو ياد ناهي.
سوال: ادبي استاد؟
جيئند: مان سڀني پاڻ کان سٺو لکندڙن دوستن کان سکندو آهيان. باقي پروفيسر ڊاڪٽر مهر خادم منهنجي حوصلا افزائي ڪري شاعريءَ ۾ شروعاتي شعور ڏنو، ان سان گڏوگڏ سائين راشد مورائي صاحب جن خط و ڪتابت ۾ شفقت ۽ ٻاجهه ڪندا هئا.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
جيئند: زماني جي ستم ظريفين، ارهه زوراين، ماڻهن جي ناقص روين سبب پنهنجي دل جو بارُ هلڪو ڪرڻ لاءِ قَلَم جي چيچ پڪڙي ادب پيچرن تي هلڻ سکون پيا، اڃان تائين.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالهيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
جيئند: اقربا پروري، زماني جون ويساهه گهاتيون، پنهنجن جا ستم، محبوبن جا ماڻا، دلين کي اجائي آزارڻ، مهڻا، ميارون، ڏک سور، صدما، گهڻو ڪري اهي ئي خاص سبب آهن، جيڪي هر ويلي لکڻ لاءِ اُتساهيندا رهن ٿا.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
جيئند: ماهوار موهن جو دڙو، لاڙڪاڻو. سال 2001 ۾ وائي.
سوال:ڪهڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ لکڻيون ڇپيون آهن؟
جيئند: نالا ته ڪجهه ياد آهن، ڪجهه ناهن، ماهوار سوجهرو، ماهوار نئين زندگي، سنڌي ادبي بورڊ پاران نڪرندڙ سرتيون، ٽماهي مهراڻ، ماهوار نئين خوشبو، ماهوار هالار ڊائجسٽ، ماهوار ادب، سنڌ رويو، ڪرزما ڊائجسٽ، پوپٽ پبليڪيشن، نئين آس، حوصلو، گل ڦل، ٻارن جي دنيا، ڏات، سنڌو ڊائجسٽ، سڦلتا، اوسيئڙو، ڏات، سلسليوار صبا مئگزين، سنگت، ريڊيو پبليڪيشن، موهن جو دڙو، لوڪ، سُهائي، هزار داستان، عبرت مئگزين، ڪاوش اخبار، ڪوشش اخبار، الک اخبار، تعمير سنڌ اخبار، سنڌ اخبار، سوڀ اخبار، ارادو، نداءِ سنڌ، هلال پاڪستان، فيصلو، عوامي آواز، سڪار اخبار. وغيره وغيره. تقريبن سنڌ جي سڀني اخبارن ۽ انهن جي هفتيوار ادبي صفحن ۾ منهنجي شاعري، مضمون، ليک، تاثر، رايا، ڪهاڻيون، خاڪا ۽ اڀياس ڇپيا آهن.
سوال:ڪهڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي.؟
جيئند: هونءَ سنڌي ادب جون سڀئي صنفون دلبر جيتريون عزيز آهن، پر اصلوڪي نج صنف ”وائي“ منهنجي پسند جي صنف آهي، جنهن سان گهڻو روح ريجهيل آهي. جڏهن ته غزل، گيت، نثري نظم، چوسٽا، نثري ٽڪرا به لکيا آهن.
سوال: ڪهاڻيون ڪيتريون ڇپيون.؟
جيئند: ڪهاڻيون تمام گهٽ لکيون آهن، پر هاڻي ڪهاڻي ۽ اسان لڳي ٿو ٺهي وينداسين. لکيون ته ٿوريون آهن، انهن مان ڏهه ٻارنهن کن ڪهاڻيون ٿينديون جيڪي سنڌ جي مختلف رسالن ۾ ڇپيون آهن.
سوال: پهرين تخليق ڇپجڻ تي مائٽن جو ڪهڙو ردِ عمل هيو؟
جيئند: ڪو خاص نه. ائين سمجهو ته جيڪي لوههُ ڪٽن لوهار تن کي ڪهڙو قدر سون جو، اهڙو ئي رشتيدارن جو رد عمل هو، منهنجي خاندان ۾، ٻيو ڪو به فرد ادبي کيتر کي سڃاڻي ئي ڪين. باقي آئون پاڻ ڄڻُ اُڏان پيو آسمان ۾، پنهنجي پورهئي جي پهرين مزدوري ڏسي، منهنجي خوشيءَ جي انتها نه هئي.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصلا افزائي ڪنهن ڪئي؟
جيئند:پل پل جي حالتون پهريون سبب آهن ادب ۾ اڳتي اچڻ جو، ان سان گڏ دردن جا دهمان، سڄڻن جا آٿت به اڳتي وڌڻ جي اميد پيدا ڪندا اچن پيا.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
جيئند:شاعري ڄڻ پيار جي پهرين چُمي هجي. جذبن جي ڀاڪر ۾ احساسن جو اُڀري اچڻ، سونهن جي آغوش ۾ جهومڻ، نچڻُ ۽ ڪُڏڻُ، الفتن جا سڀُ آڌار به شاعريءَ جا سونهان هن.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
جيئند:محبت کان سواءِ ماڻهو اڌورو آهي، محبت انڌن لاءِ نور آهي، محبت نفرت جي دشمن ۽ انسانيت جي دوست آهي، باقي محبت سوا ڪم ڪهڙي جو هيءَ جهانُ. محبتون زندهه آباد. نفرتون مرده آباد.
سوال:پسنديده شاعر/شاعرائون، اديب/اديبائون؟
جيئند: هر اُهو شاعر، اديب، شاعره اديبا پسند آهي، جنهن جي شاعري لکڻي پڙهڻ سان روح گرمائجي وڃي، ساهه مان سِسِراٽيون اُڀري اچن، بار بار پڙهڻ لاءِ دل چوي ۽ عوامي انداز ۾ سرجيل هجي. ٿورن لفظن ۾ پنهنجو خيال پيش ڪري.
سوال: پسنديده شخصيت؟
جيئند: هر بااُصول شخص وڻندو اٿم، جيڪو منافقيءَ کان پري، يارن جو يار، غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ رحمدل هجي.
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پهر؟
جيئند: هر ان تخليقڪار جو ڪتاب پسند آهي، جنهن مان ڪجهه نه ڪجهه پرائجي ٿو، گل گلاب جو پسند آهي ڇو ته ان جو رنگ گلابي مون کي وڻندو آهي، سڀني موسمن مان محبوب سان ملڻ واري موسم وڻندي آهي، پوءِ اها ڇو نه جهولن منجهه ڪاڙهي واري گرمي يا پارو ڄمائيندڙ سردي هجي ۽ پهر صبح سوير جو سج اڀرڻ کان پهريان وارو پسند آهي.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
جيئند: هُن جو مون ڏي ڪنڌ ورائي مرڪي ڏسڻُ. ڪلاڪن جا ڪلاڪ هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ بيتاب رهندي هئي دل بي چين، منهنجي ڪاش گذريل زندگي موٽي پئي وري. الله کان ٻيو ڇا گهران ڪاش اي ڪاش.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/ صدمو؟
جيئند:بابا سائين جو اوچتو دکدائڪ وڇوڙو، جنهن کي تيرهن سال گذري ويا آهن، پر زخم اڃان به تازو آهي، ڀرجي ناهي سگهيو.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاهي؟
جيئند: اهڙا سوال ڪري ساهه ته نه مُنجهايو، ڪٿي جهيڙو نه ڪرائي وجهو. اڄ جي عورت منهنجي نظر ۾ برابري ۽ سراسري ٿي چاهي. جيڪو ان جو حق آهي. پر حق حقدارن کي مليو ڪڏهن آهي، اسان مردن جي سماج ۾.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
جيئند: جنت جو ٻيو روپ، عشق جي انتها، محبتن جي سڀُ مڻيا. هن سموري وشال ڪائنات جو حُسن عورت کان سواءِ خالي کوکلو آهي، ڄڻ رک، مٽي جو ڍير.
سوال: اڄ ڪلهه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ؟
جيئند: اڄ جي دور جو ادب به ڪنهن پهريان واري دور جي ادب کان گهٽ ناهي، ڇو ته اڄ جي دور ۾ به شاهوڪار ادب نثر توڙي نظم سرجي پيو. ان ڳالهه کان ڪڏهن به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. سنڌي ادب جي تاريخ نون لاڙن ساڻ روان دوان آهي.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي.؟
جيئند: ان جو هڪ خاص سبب اِهو به آهي ته عام ماڻهن جو ڌيان ادب ۽ جاندار ادب جي واڌ ويجهه ڏانهن گهٽجندو پيو وڃي. هر ڪو شارٽ ڪٽ رستا ڳولي پنهنجو پاڻ ڪوڙي چمڪ سان سجائڻ ۾ پورو آهي، ائين ناهي ته اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ ادب سرجي نه پيو، پر ادب ۽ ادبي ڪتابن کي پڙهڻ وارو ماحول گهٽجندو پيو وڃي، جيڪو پڪ سان اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي بقا جو وڏي ۾ وڏو نقصان آهي. اڄ تائين به سنڌي ٻوليءَ جا ليکڪ زندهه تاريخ جا امر ڪردار آهن.

سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي.؟
جيئند:جائز تنقيد دراصل تخليق جو حُسن آهي، تنقيد جي ڪري ئي تخليق ۾ ساهه پوي ٿو، ۽ شاعر راين جي آويءَ منجهه پنهنجو پاڻ اُڇلائي ڪچي گهڙي جيان پچي راس ٿي نڪري ٿو. تنقيد اسان جي سنڌي ادب ۾ هڪ خاص مقام رکي ٿي، تنقيد جو اسان جي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ هجڻ ضروري به آهي، ڇو ته حسن جو سينگار هيرن جواهرن ساڻ ئي سهڻو لڳندو آهي. جيڪڏهن اسين هڪ ٻئي جي جائز تنقيد برداشت نه ڪنداسين ته اڳتي نه وڌي سگهنداسين، ڪو به ماڻهو ماءُ جي پيٽ مان نه سکي ايندو آهي.
سوال: ادبي/سياسي/ سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
جيئند: س.ا.س شاخ لکي غلام شاهه سان سال 2001ع کان اڃا تائين سلهاڙيل آهيان، ان شاخ جي سيڪريٽري سميت مختلف عهدن تي مختلف وقتن ۾ ذميواريون نڀايون آهن.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
جيئند:هڪ خوبصورت رقاصه جي رقص وانگيان پايل جي ڇم ڇم ۽ گُهنگهرن جي پڙلاوَ ڀاسي ٿي. زندگي هت درد جي چوواٽي تي ”جيئڻ لاءِ جيڏيون وڏا وس ڪيام“ وانگر به آهي.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
جيئند: موت هڪ تلخ حقيقت آ. جنهن کان جيترو ڀَڄجي اوڏو ئي مُنهن ۾. موت ساهه جو سنگتي آ، هن جهان کي ڇڏي ٻئي جهان تائين پُڄائڻ واري بنا ٽڪيٽ جي سواري. جيڪا سدائين مسافرن جي انتظار ۾ هار سينگار ڪيون بيٺي هوندي آهي، الائي جي ڇو هن زندگيءَ جا مسافر موت کي پنهنجو دشمن ٿا سمجهن.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
جيئند: هڪ مٺو زهر، جيڪو ماري به ٿو ته کاري به ٿو. نفرت انسان جي انا ۾ ساهه ڦوڪي ٿي، سندس دل دماغ کي قابو ڪري ستم لاءِ همٿائي ۽ آخر ۾ نفرت جو نانگ پنهنجو پاڻ کي به ڳِهي وڃي ٿو.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
جيئند: هڪ اهڙي بي چئي، پر پياري شئي، جنهن تي ڪڏهن به پنهنجو اختيار نه ٿو هلائي سگهجي،” ڪڏهن ريل ۾ ته ڪڏهن جيل ۾“ تڏهن به سندس ساٿ ڏيڻ لاءِ اڳ کان به اڳرا بيٺا هوندا آهيون.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
جيئند: چُپِ، چُپِ، ماٺيڻي طبيعت ۾ پاڻ کي بهتر سمجهندو آهيان، هُل، هُجوم کان به گهڻو پري رهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، شور شرابو ناهي وڻندو، پنهنجي ليکي سوچن جي سير ۾ زندگيءَ جو بتيلو هلائيندو رهان ٿو.
سوال: ڪهڙين ڳالهين تي ڪاوڙ ايندي اَٿَو؟
جيئند: اهڙا جڳ ۾ کوڙ ڪردار آهن جيڪي نه چاهيندي به ڪاوڙ جو سبب بڻجن ٿا، ان ۾ سڀ کان پهريان احسان فراموش، گڏ کائي گلائون ڪرڻ، ڌوڪو ڏيڻ، واعدو نه پاڙڻ، منهن تي کلڻ پر پٺ ٻيائي، ڪُل عقل داناءَ سمجهه واري جو به بي سمجهن جو پاسو کڻڻ تي ڪاوڙ لڳندي آهي.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ؟
جيئند: دوستن، گهڻگهرن، محبوبن پاران ملندڙ محبتون ئي منهنجي لاءِ سڀ کان وڏا مڃتا ايوارڊ آهن، باقي هن زماني ۾ رهندڙ قربائتن جا به قرب آهن. جن ۾ ماهوار سنڌ رنگ ماهوار هالار ڊائجسٽ پاران سال 5-2004 جو بهترين شاعر جو سرٽيفڪيٽ، سال 2017ع ۾ سنڌ T.V نيٽ ورڪ پاران ايڪتا شاعري تي مڃتا سرٽيفڪيٽ، سگهڙن جي ادبي تنظيم سلات پاران استاد سگهڙ محمد پنجل شيخ مڃتا سرٽيفڪيٽ، 400 سالا شڪارپور جشن تقريب دوران ادبي کيتر ۾ محمد نواز ابڙو مڃتا شيلڊ، س.ا.س شاخ لکي غلام شاهه طرفان سال 2018ع ۾ استاد قمر کوسو مڃتا شيلڊ، ۽ ان سان گڏوگڏ محبوب جي سامهون ان جي ثنا ۾ غزل پڙهڻ تي هڪڙي ” شاباش“ جو ايوارڊ مليو آهي، جيڪو منهنجي شاعري جو ٿَڪ ڀڃڻ برابر آهي.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
جيئند: لکڻ وقت دنيا جهان کان ئي بي خبر هوندا آهيون، هڪ عجيب ڪيفيت هوندي آهي، رڻ ۾ منزل اڳيان ڊڪندڙ راهي لڳندو ٿم، پنهنجو جيءُ ئي. ڏور ڏور منزل حاصل ڪرڻ لاءِ جتن.
سوال: درد ڇا آهي؟
جيئند: درد دلبرن پاران هنيل ڪاتي آهي، جيڪا مٺو مٺو سرورُ ڏئي سير وجهندي آهي، درد اسان عاشقن جي برهه ڀاڪرن سان اچائي الفت کي آزاري ڇني ڌار ڪري دربدر ڪري ٿو، درد بي پير آ.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
جيئند: مڪمل طور تي مطمئن آهيان، مون جيڪو لکيو آهي، پنهنجو آواز، پنهنجو درد، پنهنجو مشاهدو، پنهنجي رڳ رڳ جي راڳڻي لکي آهي، جنهن تي مون کي سئو سيڪڙو اعتماد آهي. جيڪو مون لکيو آهي، ان تي قائم آهيان.
سوال: اوهان جي شاعري ڪهڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي.؟
جيئند: اڃان تائين ته ڪنهن فنڪار نه ڳائي آهي، هڪ ڳالهه ٻي به آهي، پاڻ ان طرف ڪڏهن سنجيده ٿي ڌيان ئي ناهي ڏنو، هاڻي اڳتي جي لاءِ ڪوشش ضرور وٺبي، ته پنهنجي سرجيل شاعري ڳارائجي. هونءَ ته پاڻ ڳائيندا رهندا آهيون.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟، انهن جا مسئلا ڪهڙا آهن؟
جيئند: زماني جا به عجب رنگ هن. ڪڏهن تولو ته ڪڏهن ماسو. ملازمت ڪندڙ عورت کي الائي ڇو اسان جو سماجُ گهڻو ڪري گهربل مقام ناهي ڏيندو، پر پنج ئي آڱريون برابر نه آهن. ائين هجڻ نه گهرجي، پاڻُ پڏائڻ وارا احساس ڪمتريءَ جا شڪار ماڻهو عورتن کي پاڻ سان برابر سمجهن ئي نه ٿا، اهڙا ئي هلڪڙا ماڻهو عزتن تي آڱرين کڻڻ جا عادي آهن. هي سڀ ماڻهو پنهنجون خاميون لڪائڻ لاءِ ائين ڪندا آهن.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري.؟
جيئند: ڪڏهن شوق ته وري ڪڏهن مجبوري. اسان جي ڏات حُسن اڳيان شوق ٿي پوي ٿي ۽ لاچار اڳيان مجبوري. لکڻ ساهُه آهي، لکڻُ سڳنڌ آهي، لکڻ عشق آهي، لکڻُ عبادت آهي. پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ ئي لکون پيا، چپ ڪري گونگن جيان ويهي رهڻ سان ته پٿر ڀي ڳريو وڃي ٿو.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي.؟
جيئند: شهرت هڪ اهڙو نشو آهي، جنهن سان دنيا جو ڪو به نشو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي، مٿي مٿي آسمان جهڙي اُڏار جهڙو مزو.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان شڪايت!؟
جيئند: ڪنهن کان ڪا شڪايت ناهي، بس پنهنجو پاڻ کان هڪڙي شڪايت ضرور اٿم، مان ايتري سادڙي طبيعت ۽ حساس دل وارو ڇو آهيان جو ڪنهن جي ڪوڙ کي به سچُ سمجهي ان تي اعتبار ڪندو آهيان، جنهن جي ڪري مون ڪافي ڌوڪا کاڌا آهن، پاڻَ ساڙيو آهي، ساهُه سڪايو آهي.
**

(ماهوار هزار داستان مارچ 2020ع واري پرچي ۾ ڇپيل)

اها شهرت جيڪ عاجزي ۽ اِنڪساري سيکاري، اها پسند آهي …..ڄام صنم سنڌي

اها شهرت جيڪ عاجزي ۽ اِنڪساري سيکاري، اها پسند آهي …..ڄام صنم سنڌي

سوال: نالو ولديت سميت؟
ڄام صنم: صَنمُ ڄامُ بنت ڄامُ شفيع محمد ڪوريجو.
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ؟
ڄام صنم: اٺين اپريل موري (مورو) شهر ۾.
سوال: ادبي نالو؟
ڄام صنم: ڄام صنم سنڌي.
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
ڄام صنم: بي ايس سي، ايم اي سوشالاجي، ايم اي سنڌي (جاري) نيوز ڪاسٽر ۽ ڪمپيئر (بعد ۾ ڇڏي ڏني) رنگ ٽي وي اردو مهراڻ، ڌرتي تي باقاعده نوڪري، پي ٽي وي، سنڌ ٽي وي ۽ ريڊيو جا کوڙ پروگرام.
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
ڄام صنم: تمام ننڍي عمر (ننڍپڻ) ۾ لاشعوري عمر دوارن شاعري ڪرڻ جي ابتدا ڪيم. سنڌي، اردو، سرائيڪي، پنجابي ۽ انگريزيءَ ۾ شاعري ڪئي اٿم.
سوال: ادبي استاد؟
ڄام صنم: سائين راشد مورائي، سائين رسول بخش گچيرائي ۽ ادا محمد علي پٺاڻ.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
ڄام صنم: ڪنهن کان به نه، قدرتي ڏاتِ هئي سو لا شعوري عمر کان لکڻ شروع ڪيم.
سوال: ڪهڙين شيون/ڳالهيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
ڄام صنم: درد، ڏک، ظلم، تشدد، ناانصافي، لاقانونيت ۽ سماجي اڻبرابري.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
ڄام صنم: پهرين تخليق ٻاراڻي ڪهاڻي ” ايماندار مسافر“ روزاني ” هلال پاڪستان“ اخبار ۾ اڱاري چوٿين جولاءِ 1995ع ۾ ڇپي هئي.
سوال:ڪهڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا/ڇپيون آهيو؟
ڄام صنم: سنڌ جي تقريبن سڀني ننڍين وڏين اخبارن ۽ رسالن ۾ لکيو اٿم، تعمير سنڌ ۽ روزاني خبرون اخبار ۾ ”ساهه سنديون ڳالهيون“ جي عنوان سان ڪالم لکيا. انهن ڪالمن تي صافا طرفان ”بهترين ڪالم نگار“ جو ايوارڊ مليو. عبرت، عبرت مئگزين، شعور مئگزين، ريکائون رسالي، مهراڻ مئگزين، سنڌ رويو مئگزين جي عورتن جي صفحي ”سرتيون“ جي انچارج، نواءِ وقت، نواءِ سنڌ، پاڪ، مقدمو، مهراڻ، سنڌ جو آواز، پَچار، صدف، سائين، شام، سوڀ، روزنامه جنگ اخبار اردو، روزنامه اوصاف، روزنامه جراعت، روزنامه پاڪستان، روز نامه مقدمه ۽ ٻين مختلف اردو ۽ سنڌي اخبارن ۾ اڄ ڪلهه مستقل قومي مقاصد اردو، بينظير ٽائيمز ۽ عوامي آواز ۾ هر اڱاري تي ”ڪيم روح رهاڻ“ جي عنوان سان ۽ هلال پاڪستان ۾ هر ڇنڇر تي ”صوفي ازم“ جي سِري سان هفتيوار ڪالم لکي رهي آهيان.
سوال: ڪهڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
ڄام صنم: شاعري، نثر، ڪالم، ڪهاڻي، مضمون، مقالا سڀ لکيا اٿم، پر پسنديده شاعري آهي.
سوال:ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصلا افزائي ڪنهن ڪئي؟
ڄام صنم: سڀ کان پهرين ۽ گهڻي گهر ڀاتين ۽ پوءِ استادن حوصلا افزائي ڪئي.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
ڄام صنم: شاعري منهنجي نظر ۾ بقول سعدي ”جُز است پيغمبري“ آهي.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
ڄام صنم:محبت خدائي راز آهي، جيڪو ڪم ظرفُ دلين تي آشڪار ناهي ٿيندو.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون/اديب/اديبائون؟
ڄام صنم: شاهه سائين، استاد بخاري، شيخ اياز، راشد مورائي ۽ هر سُٺي ۽ قومي شاعري.
سوال: پسنديده شخصيت؟
ڄام صنم: شهيد ذوالفقار علي ڀٽو.
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/ پهر؟
ڄام صنم: قرآن شريف، شاهه جو رسالو، گلاب جو گُل، ڳاڙهو رنگ، جهڙالي/بهار جي موسم، فجر/پرهه ڦُٽي.
سوال: زندگي جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
ڄام صنم: بابا سائين جو وڇوڙو.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
ڄام صنم: سورت ”نساءِ“ واري مقدس هستي پر جي پنهنجو مانُ ۽ مرتبو سُڃاڻي ته.
سوال: اڄڪلهه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ؟
ڄام صنم: سُٺا اديب، سٺو ادب سرجي رهيا آهن، جنهن سان ذهني ۽ معاشرتي اوسر ٿي رهي آهي.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو سبب ڇا آهي؟
ڄام صنم: ان ڪري جو ٻين ٻولين وارا اديب هڪ ٻئي جي عزت ۽ حوصلا افزائي ڪن ٿا، ننڍن کي اڳتي آڻڻ ۽ داد ڏيڻ ۾ گهٽتائي محسوس نه ٿا ڪن پر سنڌي اديب ساڙ ۽ هڪ ٻئي جي تذليل ۾ ايترو اڳتي نڪري ٿا وڃن، جو ڪنهن جي ڪردار ڪشي ڪندي وساري ٿا ويهن ته هو اديب آهن ۽ اها ادب جي سڀ کان وڏي توهين آهي، منجهن گروپ بندي آهي، وڏا اديب نون اديبن کي ڪجهه سمجهن ئي نه ٿا ۽ نه ڪنهن کي پاڻ کان اڳتي ڏسي ٿا سگهن، جڏهن ته ٻين کي اڳتي آڻڻ وارو ئي اصل وڏو اديب آهي. اهو ئي سبب آهي جو هڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ ۾ پورا آهن. ان ڪري کين اها حيثيت نه ملي سگهي آهي، جيڪا ٻين ٻولين جي اديبن کي ٻڌي، ايڪي ۽ هڪ ٻئي جي ”عزت“ سبب ملي آهي.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
ڄام صنم: تنقيد اصل ۾ اوسر ۽ اصلاح جو سڀ کان وڏو سببُ، پر اسان وٽ تنقيد، اڪثريت ۾ ساڙ، ڪنهن کي نيچو ڏيکارڻ، هَٺُ ۽ وڏائي مان ڪئي ٿي وڃي. ان ڪري برداشت به نه ٿي ڪئي وڃي ڇو ته اها تنقيد گهٽ ۽ تذليل گهڻي هوندي آهي، باقي تنقيد براءِ اصلاح هڪ سٺو عمل آهي، اها ٿيڻ گهرجي.
سوال: ادبي/سياسي/ سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
ڄام صنم: هيومن رائيٽس انٽرنيشنل الائينس، عورت فائونڊيشن شرڪت گاهه، ايس ڊي ايف، ايس ڊي ايس سورمين سَٿُ ۽ ٻالڪ سڌار سنگت سنڌ جي صدر.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
ڄام صنم: الله جي امانت، جنهن ۾ خيانت نه ڪرڻ گهرجي.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
ڄام صنم: سڀ کان وڏي ۽ اَڻ ٽر حقيقت.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
ڄام صنم: باهه، جيڪا سڀُ ڪجهه ساڙي ڀَسَمُ ڪري ڇڏيندي آهي.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
ڄام صنم: خدا جو گهر، جنهن کي جيترو پاڪ، صافُ، شفاف ۽ محبت سان سينگاريل رکجي اوترو ڀلو آهي.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
ڄام صنم: خوش مزاج، کلڻي ملڻي.
سوال: ڪهڙين ڳالهين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
ڄام صنم: هر غلط ڳالهه تي ڪاوڙ ايندي آهي.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/ شيلڊون/سرٽيفڪيٽ؟
ڄام صنم:قلندر ايوارڊ، بهترين نيوز ڪاسٽر ايوارڊ، ڌرتي ٽي وي، بهترين ڪالم نگار ايوارڊ صافا اسلام آباد، ع- ق- شيخ ايوارڊ، بهترين ڪمپيئر چار ايوارڊ، بهترين سماجي ورڪر ٽي ايوارڊ، آل رائونڊر ٻه ايوارڊ ۽ ڪيترائي مڃتا سرٽيفڪيٽ.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي
ڄام صنم: ڪائنات جي ڌڻيءَ جي شڪر گذار هوندي آهيان جنهن مون جهڙي ادنيٰ کي ڏات ڌڻي هجڻ جو اعزاز ۽ عزت بخشي آهي.
سوال: اوهان جي شاعري ڪهڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
ڄام صنم: هن مهل تائين تمام گهٽ شاعري ڇپرائي ۽ ڳارائي آهي، پوءِ به منهنجي شاعري فرح لاشاري ڳائي آهي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
ڄام صنم: شوق گهٽجي/مَٽجي ويندو آهي، مجبوري ختم ٿي ويندي آهي، وقت سان، پر محبت ۽ عشق مٽجي يا ختم ناهي ٿيندو. بلڪه ڏينهون ڏينهن وڌندو آهي. مون کي لکڻ سان محبت آهي ۽ عشق آهي.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
ڄام صنم: اها شهرت جيڪا عاجزي ۽ انڪساري پيدا ڪري اها پسند آهي.

**

محبت کان عاري وجود پٿر کان وڌيڪ اهميت نه ٿو رکي ….. خالده منير

محبت کان عاري وجود پٿر کان وڌيڪ اهميت نه ٿو رکي ….. خالده منير


سوال: نانءُ ولديت سميت:؟
خالده منير: خالده منير ڌي محمد عمر سمون
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ؟
خالده منير: چوٿين جون. ڳوٺ راڄو نظاماڻي، ٺٽو
سوال: ادبي نانءُ؟
خالده منير: خالده منير
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
خالده منير : ايم اي/ گھريلو عورت/سوشل ورڪر
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
خالده منير: 1990ع
سوال: ادبي استاد؟
خالده منير : گل منير ولهاري ۽ خطائي ٿيٻو.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
خالده منير: امرتا پريتم، ساحر لڌيانوي، پروين شاڪر.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
خالده منير : پورھيت جو پگهر ۽ سندس اڻ ھوند، عورتن سان صنفي زيادتيون، غربت، ناانصافي وغيره
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
خالده منير: پهرين اڪبر لغاري جي سھڙيل ڪتاب ”ڪوي عمرڪوٽ جا“ ۾ نظم ڇپيا.
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيون آهيو؟
خالده منير: روزاني ھلال پاڪستان، روزاني ڪوشش، روزاني سنڌ ايڪسپريس، عبرت مئگزين، ماهوار دم (اردو)، روزاني ڪاوش، ڪاوش مئگزين، افيئر وغيره.
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
خالده منير : نثري ۽ آزاد نظم، غزل، ڪالم، مضمون، پروفائيل، ڪتابن تي تبصرا ۽ تجزيا. نثري نظم پسنديده صنف آهي.
سوال: ڪھاڻين جو تعداد، ڪيتريون ڇپيل؟
خالده منير : ڪهاڻي ناهي لکي.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال؟
خالده منير : شاعري جو مجموعو ”تنهنجي شاعره“ 2019ع
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
خالده منير: سڀني کي خوشي ٿي.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
خالده منير: منهنجي جيون ساٿي گل منير ولهاري.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
خالده منير: جذبن، اڌمن ۽ آرزوئن جي اظهار جو موثر ترين ذريعو. جيڪا ڳالھه ماڻهو عام صورتحال ۾ نه ٿو ڪري سگهي تنهن ڳالھه جو اظهار شعر ذريعي آساني سان ڪري سگهجي ٿو. شاعري روحاني تسڪين ۽ اندر جي واچوڙن کي واٽون ڏيندڙ وسيلو به آهي ته مڪان ۽ لامڪان جي ڳجهارتن کي سلجهائيندڙ واٽ به آهي. ان ڪري ئي شايد شاعري کي پيغمبري جو جز چيو ويو آهي.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
خالده منير : محبت زندگي جي اصل ميراث آهي، محبت کان عاري وجود پٿر جي بت کان وڌيڪ ڪا اهميت نه ٿو رکي.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب /اديبائون؟
خالده منير: اياز گل، حليم باغي، محسن نقوي، امداد حسيني، استاد بخاري، طارق عالم ابڙو، علي بابا، قرت العين حيدري، سعادت حسن منٽو.
سوال: پسنديده شخصيت؟
خالده منير : ليڊي ڊائنا ۽ رسول بخش پليجو.
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر؟
خالده منير : ڪليات ساحر/گلاب/ڳاڙهو/بهار/صبح.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
خالده منير: پنهنجي پٽ عبدالله جي ولادت.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
خالده منير : ڪيئي آهن جن جي ترتيب ڏئي نه ٿي سگهجي.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي؟
خالده منير: برابري جا حق.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
خالده منير: عورت ڪائنات جي وجود جي اصل خوبصورتي ۽ واضح علامت آهي، تخليق جي سگھه صرف عورت کي ئي حاصل آهي.
سوال: اڄ ڪلھه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ؟
خالده منير : سماج جي ترقي يا تنزلي پنھنجا پاڇا ۽ عڪس ضرور وقت جي ورقن ۾ محفوظ ڪندي آهي انھن آثارن جي حقيقي عڪاسي صرف ان وقت جو ادب ئي ڪري سگھي ٿو، ماضي بعيد کان ئي تاريخ جي پيچرن تي رھنمائي ۾ ان وقت جي ادب جو وڏو ڪردار رھيو آھي. ھن وقت به دنيا ۾ سرجندڙ ادب ڪنھن نه ڪنھن ريت نه صرف سماج جي تصوير ڪشي ڪندي نظر اچي پيو پر ساڳئي وقت اھو ادب محدود ئي سھي پر مثبت سماجي شعوري اڏاوت ۾ به پنھنجو حصو شامل ڪري رھيو آھي. توڙي جو موجوده ادب عالمي توڙي مقامي سماجي ڀڃ ڊاھ ۽ افراتفري کان متاثر ٿي رھيو آھي جنھن سان نوان ادبي لاڙا به متعارف ٿي رھيا آھن.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
خالده منير : آئون ان راءِ سان متفق ناھيان. اسان وٽ سنڌي سماج ۾ به لکندڙن کي مناسب موٽ ملي ٿي، پر ڪجھه سماجي قدرن ۽ روين جي نتيجي ۾ لکندڙن جي اڪثريت جون راھون محدود بنجي ويون آهن. ھڪ ته سوشل ميڊيا جي فروغ سبب عام پڙهندڙن وٽ سافٽ ۾ ڪتاب پڙهڻ آسان ٿي پيو آهي ان ڪري ڪتابن جي وڪري کي ڌڪ رسيو آھي ٻيو ته سنڌ ۾ معاشي ۽ سماجي مونجھارن سببان ادبي سرگرمين ۾ به گھٽتائي آئي آهي جنھن ڪري پذيرائي نظر گھٽ ٿي اچي.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
خالده منير: تنقيد بنيادي طور ڪنھن به شيءِ، لقاءُ يا عمل جي مختلف پاسن جي معياري، فني، سماجي ۽ تخليقي ڇيد جو نالو آهي جنھن ذريعي ان شيءِ، عمل يا لقاءُ جي اوڻاين ۽ گڻن جي اپٽار ڪري ان کي بھتر يا ڪارآمد بنائڻ يا سماج لاءِ اثرائتي انداز ۾ لاڀائتو بنائي سگهجي ٿو. ھن وقت اسان وٽ بھتر ۽ مثبت تنقيد جو ڏڪار ٿو محسوس ٿئي، ادبي گڏجاڻين توڙي رسالن يا ڪتابن جي گھٽ اچڻ سبب عام پڙهندڙن کي ادبي لکڻين جي ڀيٽ ڪري بھتر کان بھتر جي چونڊ جو موقعو گھٽ پيو ملي جڏھن ته تنقيدي لاڙن ۽ گھرجن بابت گھٽ آگاھي ميسر ھجڻ سبب نوان لکندڙ ڪنھن اثرائتي مثبت تنقيد کان فيضياب نه پيا ٿين جنھن ڪري سندن لکڻين ۾ به پختگي يا موثر پڻي جي کوٽ نظر اچي ٿي. ٻئي پاسي سوشل ميڊيا يا ٻين فورمن تي اجائي، ڇڙواڳ ۽ تنقيد جي بنيادي گھرجن کان وانجھيل تنقيد جو عروج آهي جنھن سان نون لکندڙن جي اتساھ کي تمام گهڻو ڇيھو رسيو آھي. ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته ادبي فورمن ۽ رسالن کي تعميري تنقيد کي ھٿي ڏيارڻ لاءِ خاص ڪوششون ڪرڻ گهرجن ته جيئن بھتر ادب سرجڻ شروع ٿئي.
سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
خالده منير: ڪجھه عرصي لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ليڊيز ونگ جي ضلعي جنرل سيڪريٽري طور عمرڪوٽ ضلعي ۾ ڪم ڪيو، ليڪن نظرياتي فرق سبب سياست کان ڪنارہ ڪشي اختيار ڪئي جڏھن ته سماجي طور رورل ايرياز ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي صدر آھيان، سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام پاران عمرڪوٽ ضلعي لاءِ جوڙيل عورتن جي گروپ جي نائب صدر طور ڪم ڪيو.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
خالده منير : مسلسل سفر.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
خالده منير: ھڪ سفر جي پڄاڻي.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
خالده منير : ٻين جي غلط عملن جي سزا پنھنجي پاڻ کي ڏيڻ.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
خالده منير : رت صاف ڪرڻ لاءِ مخصوص عضوو.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
خالده منير: ھن وقت تائين پنھنجي شاعري جو هڪ ڪتاب تنھنجي شاعره ڇپجي چڪو آهي جڏھن ته اڃا ڪافي شاعري ڇپائي جي منتظر آھي.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
خالده منير : سادگي پسند، ڪوڙ ۽ منافقي کان چڙندڙ، پنھنجي ڪٽنب سان پيار ڪندڙ ۽ پورھيت ۽ پيڙھجندڙ ماڻھن جي پريشانين تي پڄرندڙ.
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
خالده منير: ڪوڙ ۽ منافقيءَ تي.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ؟
خالده منير: مختلف سماجي ادارن پاران ڪافي ايوارڊ، شيلڊون سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
خالده منير: تمام گهڻي خوشي توڙي انتھائي ڏک واري حالت ۾ ماڻھو سدائين اظھار چاھيندو آھي اھڙي صورتحال لازمي ناهي ته سدائين داخلي ھجي، خارجي لقاءُ توڙي رويا به ماڻهو جي باطن تي اثرانداز ٿي ردعملي ڪيفيت جوڙين ٿا ۽ ماڻھو ان جي اظهار لاءِ ذريعو استعمال ڪندي ڳالهائيندو آهي، ان جي شڪل شاعري، نثر سميت مختلف صورتون اختيار ڪري سگھي ٿي. آئون به جڏھن سماج ۾ ٿيندڙ ناانصافين، زيادتين توڙي اڻوڻندڙ صورتحال تي پنھنجي اندروني ڪيفيتن ۾ مونجھارو محسوس ڪندي آھيان يا ڪنھن خوشگوار صورتحال ۾ سرھائي ڀائيندي آهيان ته منھنجي اندر مان احساس شاعري جي شڪل ۾ جنم وٺڻ شروع ڪندا آهن ۽ اظھار بعد اندر جو بار هلڪو ٿي پوندو آھي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿيون يا جيڪو ڪجھه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
خالده منير: آئون پنھنجي پوري سچائي سان پنھنجين سمورين لکڻين مان مطمئن آهيان ۽ سمجھان ٿي ته منھنجيون لکڻيون سماج ۾ پنھنجو گھربل ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اثر انگيز ثابت ٿي رھيون آھن.
سوال: اوهان شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
خالده منير : في الحال مون پنھنجي شاعري ڪنھن به فنڪار کي ناھي ڏني.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪھڙا آهن؟
خالده منير: مجموعي طور ھن مرداڻي بالادستي واري سماج ۾ ھر عورت ڪنھن نه ڪنھن ريت ڏکيائين کي منھن ڏئي رھي آھي پر ملازمت ڪندڙ عورتن سان سڌو سنئون آفيس يا ڪم واري ھنڌ تي پھچڻ دوران توڙي ڪم يا ملازمت واري ھنڌ ٻئي درجي جي شھري يا استعمال جي جنس طور برتاءُ ڪيو ويندو آهي. عورتن سان ملازمت يا ڪم ڪم واري ھنڌ جنسي ھراسان ڪرڻ جا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن. توڙي جو عورتن جي تحفظ لاءِ قانون سازي ڪئي وئي آهي ليڪن انھن تي مناسب عملدرآمد نه ھجڻ سبب عورتن کي ڪافي ڏکيايون پيش اچن ٿيون.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
خالده منير: عام عورت جي مقابلي ۾ ليکڪ عورت ڪافي باشعور ۽ پنھنجي حيثيت توڙي حقن کان واقفيت رکڻ سبب نسبتن سماج ۾ بھتر پوزيشن جي حامل هجي ٿي. تنھن ھوندي به مرد ليکڪن جي ڀيٽ ۾ عورت ليکڪائن لاءِ پذيرائي جا موقعا گھٽ ميسر ھوندا آھن. ان سلسلي ۾ سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي فورمن کي پنھنجي ترجيحات ۾ عورت ليکڪائن کي خصوصي اھميت ڏيڻ جي ضرورت آھي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
خالده منير: شروعاتي وقت ۾ لکڻ منھنجو شوق هو پر ھاڻي آئون ان ڏات کي پنھنجي احساسن جي موثر اظھار جي ذريعو سمجھان ٿي ۽ پيڙھجندڙ، پٺتي پيل ۽ مظلوم طبقن جي آواز طور استعمال ڪريان ٿي.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
خالده منير: شھرت ھر انسان کي وڻندي آهي، توڙي جو ڪڏھن ڪڏھن شھرت پريشانين جو سبب پڻ بڻجي پوندي آهي ۽ اسان جي سماج ۾ ته عورت جي شھرت مطلب پريشانين کي دعوت ڏيڻ.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
خالده منير: مون کي صرف پنھنجي پاڻ کان شڪايت آهي ته آئون پنھنجن مجبورين سبب سماج ۾ پيڙھجندڙ طبقن، پورھيتن ۽ سماجي طور نظرانداز ٿيندڙن کي عزت ڀريو مقام ڏيارڻ لاءِ پنھنجو اھو ڪردار ادا ڪري ناھيان سگھي، جيترو ڪردار مون کي ادا ڪرڻ گهرجي ھا.
**

جتي تعليم جو فقدان هوندو اُتي ادب کي اُها اهميت ڪيئن ملي سگهي ٿي، جيڪا هُن جو حق آهي…. خالده نسرين

جتي تعليم جو فقدان هوندو اُتي ادب کي اُها اهميت ڪيئن ملي سگهي ٿي، جيڪا هُن جو حق آهي…. خالده نسرين

سوال: نانءُ ولديت سميت؟
خالده نسرين: ترڪي جي مشھور ليکڪا کان متاثر ٿي بابا منھنجو نالو خالده اديب رکيو هو ، پر پوءِ اسڪول ۾ خالده نسرين نوراني لکرايو ويو. منهنجو پيءُ نواب شاھ جي مشھور سماجي شخصيت، ڊاڪٽر علي محمد نوراني هو .
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ؟
خالده نسرين: چوٿين سيپٽمبر نواب شاهه.
سوال: ادبي نانءُ ؟
خالده نسرين: پھرين خالده نوراني، پوءِ خالده انور ۽ هاڻي خالده نسرين جي نالي سان لکندي آهيان.
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو ؟
خالده نسرين: نواب شاھ مان ميٽرڪ پاس ڪري گورنمنٽ زبيده گرلس ڪاليج مان انٽر ڪئي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي فائن آرٽس شعبي مان بي اي ڪئي، پر تنھن زماني ۾ فائن آرٽس ڊپارٽمنٽ ۾ رڳو بي اي جا ڪلاس ٿيندا هئا، ايم اي جا ڪلاس اڃا شروع ڪونه ٿيا هئا، فائن آرٽس جي تعليم مڪمل ڪرڻ لاءِ لاهور جي نيشنل ڪالج آف آرٽس وڃڻ جي اجازت ڪونه ملي، پر ماسٽرس ته لازمي ڪرڻي هئي. آپا مھتاب راشدي تنھن وقت انٽرنيشنل رليشن ڊپارٽمنٽ ۾ استاد هئي، تنهن کان متاثر ٿي مون تنهن شعبي ۾ داخلا ورتي پر اتفاق سان پنهنجي ڀاڻيجي سان گڏ سندس ڪنھن ڪم سانگي سر غلام علي الانا صاحب جي آفس وئي هئس، اتي ڳالھيون ڪندي جڏهن کين خبر پئي ته مون يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي آهي، اهو ٻڌي انهن مون کي قائل ڪيو ته مون جھڙيون نيشنلسٽ فيملي جون ڇوڪريون به سنڌي ڪونه پڙهنديون ته پوءِ ڪير پڙهندو؟ سو مون اڳوڻو سبجيڪٽ بدلائي سنڌي سبجيڪٽ ۾ داخلا ورتي.
1989ع ۾ ليڪچرار جي حيثيت سان هالا کان نوڪري شروعات ٿي، ساڳئي سال ڪراچي بدلي ٿي، ڪجھه سال اڳ ايسوسيئيٽ پروفيسر جي عھدي تان رٽائرمنٽ ٿي آهي.
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
خالده نسرين: لکڻ جي شروعات ننڍي هوندي کان ڪئي، سال ياد ڪونھي . ڪنھن اخبار جي ٻارن جي صفحي ۾ شاعري ڇپجي هئي.
سوال: ادبي استاد؟
خالده نسرين: منهنجو ڪو مخصوص استاد ڪونهي، پر مان سدائين زندگيءَ جي لاهن چاڙهن ۽ وقت کي پنهنجو استاد مڃيندي آهيان.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
خالده نسرين: جيئن ته منهنجو لاڙو گهڻو ڪري مصوري ۽ فيشن ڏانهن هو، سو مون ڪئين سال بنھه ڪونه لکيو، جڏهن سنڌي شعبي ۾ داخلا ورتم ته طبيعت ازخود لکڻ ڏانھن مائل ٿي. ايئن به چئي سگهجي ٿو ته جنھن زماني ۾ مون لکڻ شروع ڪيو، تنهن زماني ۾ منھنجي ڀر پاسي هر ڪو لکندو ۽ پڙهندو هو، سو مون به لکيو .
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
خالده نسرين: مون جڏهن به لکيو ۽ جيڪو به لکيو پنهنجن اڌمن ۽ احساسن جي اثر ۾ لکيو آهي ۽ مون کي سدائين داخلي احساسن توڙي خارجي حالتن لکڻ تي مجبور ڪيو آهي.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
خالده نسرين: پھرين ته ننڍي هوندي ڇپي هئي، سا ته ياد ڪونه اٿم پر شعور ۾ اچڻ کان پوءِ 1975 ڌاري ”ڌرتي“ رسالي ۾ ”دوها“ ڇپيا ها.
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيون آهيو؟
خالده نسرين: تنهن زماني ۾ اخبارن ۾ ادبي صفحن کان سواءِ ڪئين معياري ادبي رسالا پڻ نڪرندا هئا، جھڙوڪ ”سوجهرو“، ”ڌرتي“ وغيره انھن ۾ منهنجي شاعري ۽ افسانا ڇپيا هئا، پر شادي کان پوءِ گهر ۽ ٻارن جي مصروفيت سبب ڇپرائڻ ته ڇڏي ڏنو، پر ڪڏهن ڪڏهن لکي سنڀاليندي ويس، جيڪو ھاڻ سھيڙي ڇپرايو اٿم.
ٻيو ته ڪاليج ۾ پنهنجي ڊپارٽمنٽ جي هيڊهئس سو سالياني مخزن جي سنڌي سيڪشن جي انچارج هئس، تنهنڪري لکڻ سان واسطو جڙيل رهيو، هاڻ وري نئين سر کان فيس بڪ تي شاعري ونڊيندي رهان ٿي، ”نئين آس“ ۽ سورمي مئگزين ڪراچيءَ يا هڪ اڌ ٻئي ميگزين کان سوا مون شاعري ڪونه ڇپرائي آهي.
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
خالده نسرين: شاعري جي ڪجھه صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿم، جنھن ۾ غزل، آزاد نظم، نثري نظم، معرا نظم، هائڪو، ٽيڙو، وائي، دوها ۽ چوسٽا وغيره. پر مان غزل يا نثري نظم ۾ پاڻ کي سولو سمجهان ٿي.
سوال: ڪھاڻين جو تعداد... ڪيتريون ڇپيل؟
خالده نسرين: ڪھاڻيون ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ لکيون اٿم، جيڪي سحر امداد ”سوجھري“ رسالي ۾ ڇاپيون هيون.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال؟
خالده نسرين: پھريون شاعريءَ ڪتاب ”پيڙا جي پاتار ۾“ مرڪ پبليڪيشن ڪراچيءَ طرفان 2019ع ۾ ڇپيو، جنهن بعد ٻيو شاعريءَ جو ڪتاب ”چنڊ مٿي آڪاس“ جيڪو 2021ع ۾، اُهو پڻ مرڪ پبليڪيشن طرفان شايع ٿيو آهي. ٽئين مجموعي جو مواد به سھيڙي ڇڏيو اٿم، تنھن کان سواءِ پنهنجي اردو شاعري پڻ ڇپرائڻ جو ارادو رکان ٿي. اهو مواد به تيار آهي.
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
خالده نسرين: مائٽن کان وڌيڪ مان پاڻ خوش هئس.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
خالده نسرين: منهنجي وڏي ڀيڻ ڊاڪٽر فرخنده عباسي ۽ منهنجي ڀاءَ ڊاڪٽر مقصود انور نوراني هميشه نه رڳو منهنجي حوصله افزائي ڪئي پر ساراهيو به آهي. جنهن لاءِ سندن ٿورائتي آهيان.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
خالده نسرين: شاعري جي اصل تعريف ڇا آهي، تنھن ڏس ۾ هر ڪو ڏاهو پنھنجو ڌار رايو رکي ٿو. پر منھنجي خيال ۾ شاعري الھامي نظماڻي خيالن ۽ اندر جي اڌمن جو موسيقيت سان ڀرپور موزون لفظن ۾ اظهار آهي، جذبن کي خيال ۽ خيال کي اظهار ملي ته اها شاعري آهي. جذبات مختلف ٿي سگهن ٿا پر جيڪا ٿي وڃي سا شاعري آهي ۽ جيڪا شعوري طور ڪئي وڃي سا تڪبندي آهي. شاعري حالتن، واقعن ۽ ماحول جي ترجمان، تنھن معاشري ۽ ماحول جي عڪاس آهي، جنھن ۾ شاعر رهي ٿو. سچي شاعري اها آهي جيڪا پڙهندڙ پنهنجي حالتن ۽ جذبات جي ترجماني سمجهي . شاعري ۾ فن جي اھميت پنھنجي جاءِ تي اٽل آهي، پر وري به شعر جي اصل خوبصورتي خيالن جي پختگي ۽ بلندي آهي . ڪڏهن ڪڏهن بحر وزن، رديف ۽ قافيي جون بندشون نه رڳو شعر جي فطري حسن کي هاڃو ٿيون رسائن پر خيال پڻ محدود ٿي هڪ دائري ۾ قيد ٿي وڃن ٿا . مان اهو به چوندس ته شاعري جو انسان جي جمالياتي احساسن جي ويجھه واڌ ۾ وڏو ڪردار آهي .
سوال: محبت اوهان جي نظر۾ ؟
خالده نسرين: محبت هڪ فطري جذبي جو نالو آهي، محبت ڪبي ناهي، اها ٿي ويندي آهي. هي اهو سودو آهي جنھن ۾ ڪنھن شرط کان سواءِ رڳو ڏيڻو ئي ڏيڻو آهي، وٺڻو ڪجھه به ناهي . حقيقي محبت ۾ نه ڪنھن شڪايت جي گنجائش آهي نه طعنن ويڻن جي ۽ نه ئي بي وفائي جي.
محبت جا انيڪ روپ آهن . محبت رب سان هجي ته عبادت ٿيو وڃي، مائٽن سان ڪجي ته فرمانبرداري ۾ شمار ٿئي ٿي، ٻارن سان ٿئي ته قرباني ايثار ۽ شفقت ۾ مٽجيو وڃي، مسڪينن سان ٿئي ته رحم دلي چئجي ٿو، مريضن سان هجي ته همدردي جو روپ اختيار ڪري ٿي ۽ جيڪڏهن اها محبت جنس مخالف سان ٿئي ته ڪڏهن ڪڏهن هوش حواس ئي وڃايو ڇڏي .پر اهڙي محبت هر ڪنھن جي نصيب ۾ ناهي.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب /اديبائون؟
خالده نسرين: شاه عبدالطيف ڀٽائي، شيخ اياز، استاد بخاري، فيض احمد فيض، احمد فراز ۽ امجد سلام امجد ۽ امر جليل.
سوال: پسنديده شخصيت؟
خالده نسرين: ٻنھي جھانن جا سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم.
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر؟
خالده نسرين: شاھ جو رسالو. شاعر هوندي به هرو ڀرو گل ڪونه وڻندا آهن، شايد جلدي مرجهائجي ٿا وڃن، تنھنڪري ۽ خاص طور تي گل گلاب ڏسي ننڍي هوندي کان ئي موت جو خيال ايندو اٿم. پر ها مون کي سدائين ڪيڪٽس ئي وڻندا آهن . موسم اها وڻندي اٿم جنهن ۾ نه گرمي هجي نه سردي ۽ پھر اسر جو وڻندو آهي. جنھن مھل پکين جي لات کان سواءِ ٻيو ڪو آواز ٻڌڻ ۾ ڪونه ايندو آهي .
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي ؟
خالده نسرين: زندگيءَ ۾ گهڻيون ئي خوشيون مليون آهن. الله جو جيترو به شڪر ادا ڪريان گهٽ آهي.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
خالده نسرين: بابا جي اوچتي وفات زندگيءَ جو پھريون صدمو هو .
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي؟
خالده نسرين: اڄ جي عورت خود مختياري سان گڏ پنهنجا جائز حق گھري ٿي، ڌڻي سڳوري، عورت ۽ مرد ٻنھي کي هڪ جھڙو درجو ڏئي اشرف المخلوقات پيدا ڪيو آهي، اسلام عورتن کي اڻ ڳڻيا حق ڏنا آهن. قرآن شريف ۾ عورتن جي اھميت ۽ مقام جي باري ۾ ڪيتريون ئي آيتون آيل آهن، عورت ماءُ جي روپ ۾ هجي يا ڀيڻ جي، زال هجي يا ڌيءَ، سڀني رشتن جا حق ۽ فرض تفصيل سان ڄاڻايل آهن. ماءُ جو درجو ته پيءُ کان به مٿاهون آهي . اسلام ۾ عورتن جي تعليم کي به اوترو ئي اهم ۽ ضروري قرار ڏنو ويو آهي، جيترو مردن لاءِ ضروري آهي. اهو بلڪل به جائز ڪونھي ته عورتن کي ڪمتر مخلوق ڄاڻائي تعليم جي حق کان محروم رکجي.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
خالده نسرين: رب جي جوڙيل سڀني کان خوبصورت مخلوق .
سوال: اڄ ڪلھه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ؟
خالده نسرين: وقت بوقت سياسي، سماجي انقلابن جي اثر هيٺ دنيا ۾ ڪيترن ئي قسمن جون ادبي تحريڪون اٿنديون رهيون آهن، ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب ۾ به جديد لاڙا داخل ٿيا. ون يونٽ ٺھڻ کان پوءِ سياسي ۽ سماجي حالتن جي اٿل پٿل قوم پرستي جي جذبي کي هٿي ڏني، جنھن جو سنڌي ادب تي به تمام گهڻو اثر ٿيو. اهو دور سنڌي ادب جي اوسر ۾ خاص ۽ اھم ليکيو وڃي ٿو، ڏاهن، دانشورن توڙي ليکڪن جا خاص موضوع ۽ مضمون مقامي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۽ قوم پرستي جي پرچار رهيا. ڪيترن ئي ليکڪن ۽ شاعرن تنهن دور ۾ نالو ڪمايو ۽ پاڻ مڃرايو، سندن ادبي ڪارناما هاڻ ادبي اتھاس جو حصو آهن . هلندڙ دور ۾ به نئين ٽھيءَ جا ليکڪ جديد دور سان هلندي نثر توڙي نظم جي هر صنف ۾ پنھنجي قابليت آهر پنھنجي حصي جو ڪم ڪري رهيا آهن.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
خالده نسرين: جتي تعليم جو فقدان هوندو اتي ادب کي اها اھميت ڪيئن ملي سگهندي جيڪا هن جو حق آهي .
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
خالده نسرين: تنقيد هڪ اھم علمي موضوع آهي، تنقيد جو تخليق سان ازلي تعلق آهي، جنهن جي ذريعي اصولن ۽ ضابطن مطابق ذاتي نظرين کان پاسيرو ٿي علم، بصيرت، حق ۽ انصاف سان ڇنڊ ڇاڻ ڪري ڪنهن به تخليق جي باري ۾ فيصلو ڪيو وڃي ٿو.
انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته تنقيد جو مقصد تخريب ۽ وڳوڙ پيدا ڪرڻ نه پر تعمير ڪرڻ آهي، مثبت تنقيد نه رڳو رهنمائي ڪري ٿي پر اها اصلاح سان گڏ شعور ۾ به واڌارو آڻي ٿي. اهو ئي انسان ڪامياب آهي جو عمر جي هر دور ۾ ڪجھه نه ڪجھه سکڻ ۾ ڪا به هٻڪ محسوس نه ٿو ڪري. نثر هجي يا نظم ادب جي هر صنف کي تنقيد جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ جيتوڻيڪ تمام ضروري آهي، پر جي نقاد ۾ گهٽ درجي جي قابليت ۽ ڄاڻ هوندي ۽ اصلاح جي بدران تنقيد رڳو تذليل جي نيت سان ڪندو ته لازمي مسئلا پيدا ٿيندا، اهڙي رويي سان تخليقڪار جي دل آزاري ۽ دلشڪني ٿئي ٿي . نقاد کي تنقيد مھل مناسب لفظن جي چونڊ ڪرڻ گهرجي، ۽ اُن تنقيد ۾ اصلاحي پهلو به هجڻ گهرجي. تنقيد جو مقصد مار نه پر سنوار هئڻ گهرجي ته جيئن تخليقڪار محنت ڪري پنهنجي تخليق جون اوڻايون سنواري سگهي. جنھن لاءِ نقاد کي به هر پاسي کان مڪمل ڄاڻ هئڻ ضروري آهي.
سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
خالده نسرين: نه منهنجي ڪنھن به ادبي تنظيم سان وابستگي ڪونھي ۽ نه ئي ڪنھن سياسي جماعت سان جڙيل آهيان. ڪو وقت هو جڏهن پيپلز پارٽي سان دلي تعلق هو پر هاڻي سڀني جماعتن تان اعتبار کڄي ويو آهي.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
خالده نسرين: رب جي ڏنل امانت.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
خالده نسرين: ”ڪُل نفس ذائقة الموت “.
جيڪو آيو آهي تنھن کي اوس موٽي وڃڻو آهي. منهنجي نظر ۾ موت عارضي دنيا کان ابدي دنيا جو سنڌو آهي .
سوال: نفرت ڇا آهي؟
خالده نسرين: اھو زھر جيڪو خود نفرت ڪرڻ واري کي اندر ئي اندر ماري ٿو ڇڏي.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
خالده نسرين: دلبر جو آستانو!
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
خالده نسرين: (1) پولار ۾ (2) هڪ اردو شاعري جو مجموعو به تيار آهي جنھن جو نالو اڃا فائينل ڪونه ڪيو اٿم.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
خالده نسرين: پھرين مزاج ۾ ٿوري سختي ۽ تلخي هئي پر هاڻي ڪافي حد تائين بدلاءُ اچي چڪو آهي. هاڻوڪي نرم طبيعت جي ڪري ڪنهن سان ناانصافي بلڪل برداشت ڪونه ٿيندي آهي، ڪوڙ سان ته سخت نفرت اٿم. چوندي آهيان ته ماڻھن کان ڍڄي ڪوڙ ڳالھايو ٿا پر رب کان ڊڄي سچ نه ٿا ڳالھايو.
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
خالده نسرين: اڄوڪي سماجي ۽ معاشرتي اڻبرابري، سياسي حالتن ۽ اخلاقي قدرن جي پستيءَ تي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي آهي.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ؟
خالده نسرين: منهنجي تخيل کي پڙهندڙ جيڪڏهن پنهنجي ترجماني محسوس ڪري ته اُن کان وڌيڪ ٻيو ڪو به سرٽيفڪيٽ نه ٿي سمجهان.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
خالده نسرين: آمد مھل آواز بنھه ڪونه وڻندا آهن، اڪيلائي چاهيندي آهيان ۽ جيستائين خيال کي عملي طور لکي پورو نه ڪيان تيستائين طبيعت بيچين ئي هوندي آهي.
سوال: درد ڇا آهي؟
خالده نسرين: درد ڇا آھي؟ ڪيڏو نه عجيب سوال آھي. درد شايد اهڙي ڪيفيت جو نالو آهي جيڪا تڪليف جو احساس ڏياريندي آهي يا انھيءَ احساس جو نالو آهي جيڪو سھڻ کان ٻاهر هجي.
درد جا به قسم آهن. ڪي درد جسماني آهن ته ڪي وري روحاني . جسماني درد جو علاج ته شايد هر طبيب وٽ هجي ٿو، پر روحاني درد جو دارون رڳو درد ڏيڻ واري وٽ ئي آهي. منھنجي خيال ۾ دنيا ۾سڀ کان وڏو ۽ ڏکوئيندڙ درد، پنھنجي سڀ کان پياري جي موت جو آهي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿيون يا جيڪو ڪجھه لکيو اٿو، انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
خالده نسرين: انسان ڀلا ڪڏهن مطمئن ٿيو آهي؟ سو مان به انسان ئي آهيان . پر ها رب جي ڏنل ڏات مان هن ڌرتي ۽ ڏيھه ڌڻين جو ڪجھه حق ادا ڪرڻ جي ناقص ڪوشش ضرور ڪئي اٿم.
سوال: اوهان جي شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
خالده نسرين: شايد ٻه ٽي ڪلام ڳايا ويا آهن. هڪ ته استاد شبير شاهاڻي جي آواز ۾ باقي مون کي ياد ناهي.
خالده نسرين: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪھڙا آهن؟
خالده نسرين: اڄوڪي دور ۾ڪو به ملڪ يا معاشرو حقيقي ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ عورتن جي افرادي قوت کي هرگز نظرانداز نه ٿو ڪري سگهي. دنيا جي اڌ آبادي عورتن تي آڌاريل آهي . دنيا ۾ انساني زندگيءَ جو دارومدار عورت ۽ مرد ٻنھي تي هڪ جيترو آهي . اڌ آبادي کي مفلوج ڪري سماجي ۽ معاشي ترقي کي روڪڻ ڪٿي جو انصاف آهي. اسان جي مذھب به عورتن کي ضروت پوڻ تي ٻاھر ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي. پر افسوس جوڳي ڳالهھ آهي اسان جي مرداڻي معاشري ۾ گهڻو ڪري پڙهيل ڳڙهيل ۽ ٻاهر ڪرت ڪرڻ واري عورت کي قدر جي نگاهه سان نه ٿو ڏٺو وڃي. هن مرداڻي معاشري ۾ جتي مرد پاڻ کي حاڪم ۽ عورت کي محڪوم سمجھي ٿو، اتي عورت کي مرد جو اهو ئي حاڪميت وارو رويو ٻاهر به برداشت ڪرڻو پوي ٿو. ڏسون ڪڏهن ٿو هن نظام ۽ سوچ ۾ بدلاءُ اچي.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
خالده نسرين: ڪي اديب ۽ صحافي قلم، ڪئميرا ۽ مائيڪ کي هٿيار بڻائي اُن جو ناجائز فائدو وٺي رهيا آهن. تنھن کان سواءِ ڪي ڪاريون رڍون فوري ۽ سستي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ پڻ ادبي ۽ صحافتي بدديانتي ۾ مصروف آهن .
هتي مان انھن هٿ ٺوڪين بدنيت انٽيلڪچوئل جو به ذڪر ڪندس، جيڪي پنھنجي ڀيڻن ۽ ڌيئن مٿان فون يا سوشل ميڊيا جي استعمال تي پابنديون مڙھي، سڄو ڏينھن فيس بڪ تي چڙهيو ويٺا پرايون عورتون تاڙين ۽ ڏينھن رات فضول قسم جا ميسج موڪلي سندن جيئڻ حرام ڪن . تنھن کان سواءِ اهي بدديانت دانشور نئين ليکڪائن کي جھٽي پنھنجي اثر ۾ آڻڻ جي ڪوشش ۾ پڻ لڳل آهن. شل نه ڪا معصوم سندن چنبي ۾ ڦاسي، الله پناهه. اهي سندن مسئلن کي سمجھي فن ۽ فڪر جي ميدان ۾ رھنمائي ڪرڻ جي بدران اجايو سجايو رويو رکي کين آزارين ٿا. الله سڀ ڪنھن کي عقل ۽ شعور سان نوازيو آهي، عورت به فھم ۽ فراست ۾ ڪنھن کان گهٽ ناهي، بس هن کي چوڪس ٿي کري ۽ کوٽي جي سڃاڻپ ڪرڻي پوندي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
خالده نسرين: مان لکڻ کي شوق يا مجبوري نه پر عادت چئي سگهان ٿي .
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
خالده نسرين: جن شهرت ماڻي آهي تن کي خبر هوندي.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
خالده نسرين: مون کي هر ان شخص سان شڪايت آهي، جيڪو ٻين جا اهي سڀ عيب سڌارڻ ٿو چاهي، جيڪي خود هن ۾ موجود آهن.
**

شاعري روح جي رمز آهي، جنهن کي سمجهڻ لاءِ به هڪ گداز مَن جي گهھرج هُجي ٿي. ….. ڊاڪٽر احسان دانش

شاعري روح جي رمز آهي، جنهن کي سمجهڻ لاءِ به هڪ گداز مَن جي گهھرج هُجي ٿي. ….. ڊاڪٽر احسان دانش

سوال: نانءُ ولديت سميت؟
ڊاڪٽر احسان دانش: احسان الحق، ولد ڊاڪٽر بشير احمد شاد.
سوال: ادبي نانءُ؟
ڊاڪٽر احسان دانش: احسان دانش (ڊاڪٽر احسان دانش)
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ؟
ڊاڪٽر احسان دانش: 15 فيبروري لاڙڪاڻو.
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
ڊاڪٽر احسان دانش: ايم اي (سنڌي)، ايم اي (اردو)، پي ايڇ. ڊي (سنڌي ادب/ لطيفيات)، اسسٽنٽ پروفيسر، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو.
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
ڊاڪٽر احسان دانش: 1988ع
سوال: ادبي استاد؟
ڊاڪٽر احسان دانش: ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
ڊاڪٽر احسان دانش: گھر ۾ پنهنجي والد کان ۽ پوءِ لاڙڪاڻي جي ادبي ماحول کان.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
ڊاڪٽر احسان دانش: ماهوار ”نئين زندگيءَ“ جي 1989ع دوران هڪ پرچي ۾ هڪ غزل ڇپيو هو.
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
ڊاڪٽر احسان دانش: انهن خوشيءَ جو اظهار ڪيو هو.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
ڊاڪٽر احسان دانش: والد صاحب ۽ ان دؤر جي سينئر اديبن.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
ڊاڪٽر احسان دانش: ڪي غير معمولي واقعا، حادثا، غمَ، رنجشون، سماجي نابرابري، ڪو احساس جيڪو من ۾ هلچل مچائيندو هجي، ڪو حسين منظر، موسم. لکڻ لاءِ اتساهه جا گھڻا ئي سبب ٿين ٿا.
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
ڊاڪٽر احسان دانش: نظم ۽ نثر جي مختلف صنفن ۾ لکيو آهي. شاعريءَ ۾ غزل پسند جي صنف آهي. تخليقي نثر ۾ ڪهاڻي ۽ ناول پسند اٿم.
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟
ڊاڪٽر احسان دانش: ٽه ماهي ”مهراڻ“، ٽه ماهي ”سارنگا“، ٽه ماهي ”سنگت“، ”ڪلاچي“ تحقيقي جرنل، ”ڪينجھر“ تحقيقي جرنل، ”ڪارونجھر“ تحقيقي جرنل، ”قليچ“ تحقيقي جرنل، ”سنڌي ادب“ تحقيقي جرنل، ”ڀٽائي“ تحقيقي جرنل، ”ڪلياڻ“ تحقيقي جرنل، ”ٻاجهھ“ تحقيقي جرنل، ماهوار ”ڪينجھر“، ماهوار ”سارس“، ماهوار ”پورب“، ماهوار ”نئين زندگي“، ماهوار ”پيغام“، ماهوار ”ساڃاهه“، ماهوار ”پرک“، ماهوار ”بختاور“، ماهوار ”سنڌ رويو“، ماهوار ”نئين سوچ“، ماهوار ”سرتيون“، ماهوار ”هزار داستان“، ماهوار ”سنڌ رنگ“، ماهوار ”گل ڦل“، ماهوار ”ادبي لهرون“، ماهوار ”سڳنڌ“، ماهوار ”ناٽڪ“، ماهوار ”پوپٽ“، ماهوار ”مومل“، ماهوار ”سورٺ“، ماهوار ”همرچو“، ماهوار ”روح رهاڻ“، ماهوار ”نئين آس“، پنڌرنهن روزه ”عبرت مئگزين“، هفتيوار ”سنڌو“ ۽ ٻين به ڪيترن ئي رسالن ۾ خوب مواد ڇپيو آهي. اهڙي طرح سنڌي ٻولي جي لڳ ڀڳ سمورين اخبارن جي ادبي صفحن ۾ پڻ مواد شايع ٿيندو رهيو آهي. روزاني ”هلال پاڪستان“، روزاني ”عوامي آواز“، روزاني ”جاڳو“ اخبارن ۾ 1994ع کان ڪالم ڇپبا رهيا آهن. روزاني ”جاڳو“ ۾ 1994ع کان 1995ع تائين هفتيوار ڪالم به لکيا.
سوال: ڪھاڻين جو تعداد، ڪيتريون ڇپيل؟
جواب: ڪُل ڪهاڻيون 112 آهن، جن مان 70 کن شايع ٿيون آهن.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال؟
ڊاڪٽر احسان دانش: 1. ”بي سُڪون خواب جو سچ“ (ڪهاڻيون) 2005ع، ”لاڙڪاڻو ـــ تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو“ (تاريخ) 2005ع، ”ويل نه وسريام“ (شخصيتن تي مضمون ۽ مقالا) 2007ع، ”لفظن جي خوشبو“ (شاعري) 2010ع، ”سنڌو ماٿر جو عظيم ورثو ـــ موهن جو دڙو“ (تحقيق ۽ تلخيص) 2012ع، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ (پي ايڇ. ڊي ٿيسز) 2016ع، ”پيهي پروڙيوم“ (جديد سنڌي شاعريءَ جو تنقيدي اڀياس) 2017ع.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
ڊاڪٽر احسان دانش: 1.”شاهه لطيف جو سماجي شعور“ 2. ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد“ ــ هڪ گھڻ رخو اڀياس 3. ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ آدرشي انسان جو تصور“ 4. ”سنڌي ڪهاڻي ـــ فن ۽ ارتقا“ 5. ”اُساٽ“ (ڪهاڻيون) 6. ”احساس جي ڪتڪائي“ (شاعري).
سوال : مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ؟
ڊاڪٽر احسان دانش: مون کي پنهنجي تخليقي، تحقيقي ۽ تنقيدي ڪم جي مڃتا طور سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو، انجمن ترقي پسند مصنفين پاڪستان ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي معتبر ادارن طرفان ٽيهارو کن ايوارڊ مليا آهن، پر انهن سڀني ايوارڊن مان منهنجي لاءِ سڀ کان معتبر ايوارڊ ”شاهه لطيف ايوارڊ“ آهي، جيڪو 2016ع ۾ ڀٽ شاهه تي حڪومتِ سنڌ جي ثقافت کاتي طرفان مليو هو.
سوال : ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي..؟
ڊاڪٽر احسان دانش: ڪنهن به سياسي تنظيم سان وابستگي نه آهي. البته علمي ادبي تنظيمن سان وابستگي آهي، جن ۾ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو، سچل ادبي مرڪز، لاڙڪاڻو، انڊس لٽرري فورم وغيره شامل آهن.
سوال : شاعري اوهان جي نظر ۾؟
ڊاڪٽر احسان دانش: شاعري روح جي رمز آهي، جنهن کي سمجھڻ لاءِ به هڪ گداز من جي گھرج هجي ٿي. مون لاءِ شاعري ڪڏهن دل جو چين آهي ته ڪڏهن اندر جي تڙپ. انساني احساسن وانگر شاعريءَ جا به هزارين رنگ ۽ روپ آهن. منهنجي لاءِ شاعري اندر جي اظهار جو حسين ذريعو آهي. شاعريءَ ۾ اداس گھڙين جي نراسائي کي به سمائي سگھجي ٿو ته خوشيءَ جي بسنت رنگن جي بارش ۾ به ڀڄي سگھجي ٿو...... ان ڪري منهنجي لاءِ شاعري مَنَ جي آٿت آهي. هڪ شاعر سُک جي ڇايا ۽ ڇمر تي جھومي سگھي ٿو ۽ درد جي ڌن تي گنگنائي سگھي ٿو.
دردَ مون لاءِ دادلا آهن
پالڪين ۾ نواب ٿا پلجن (ا.د)
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
ڊاڪٽر احسان دانش: مان سمجھان ٿو ڪوبه ليکڪ جبراً نه لکندو آهي. اها سندس چوائس ئي هوندي آهي. ان ڪري منهنجي لاءِ به لکڻ اختياري آهي، اهو نه رڳو منهنجو شوق آهي پر ان پٺيان هڪ مقصد پڻ آهي.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
ڊاڪٽر احسان دانش: شاعري لکڻ وقت لڳندو آهي ته اندر ۾ هڪ اُڃ آهي، جيڪا تيسيتائين نه ٿي اُجھي سگھي، جيسيتائين پوري طرح ان کي پني تي اتاري نه ٿو ڇڏيان. ڪهاڻي لکڻ وقت من ۾ هڪ طوفان متل هوندو آهي، جيڪو ڪهاڻي جي ڪلائميڪس تي وڃي ماٺو ٿيندو آهي. لطيف جي شاعريءَ تي لکڻ وقت ذهن ۽ دل تي سهسين ڪيفيتون لهنديون آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن بي خوديءَ جي ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي ۽ منهنجي مٿان حيرتن جا نوان جهان نروار ٿيندا آهن....... باقي تحقيق ۽ تنقيد جو ڪم بلڪل مختلف آهي، تنهن ڪري ان لاءِ سنجيدگي ۽ توجهه جي ضرورت هوندي آهي ۽ اهو ڪم ڪندي مان هڪ اضطراب جو شڪار هوندو آهيان، تحقيق ۽ تنقيد مون کي الجھيل سُٽُ سلجھائڻ جو عمل محسوس ٿيندو آهي، تنهن ڪري اهو ڪم ڪندي مان پاڻ کي ان ڪم ۾ غرق ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
ڊاڪٽر احسان دانش: يقيناً سٺي لڳندي آهي. جڏهن ماڻهو سڃاڻيندا آهن ۽ عزتون ڏيندا آهن ته احساس ٿيندو آهي ته زندگيءَ ۾ ڪجهه ته اهڙو ڪيو آهي، جنهن جي ڪري اهو مانُ پيو ملي.
سوال: اوهان جي شاعري ڪھڙن فنڪارن/ فنڪارائن ڳائي آهي؟
ڊاڪٽر احسان دانش: شاعريءَ جا ڪجھه اسم 90 واري ڏهاڪي ۾ پي. ٽي. وي جي موسيقي وارن پروگرامن ۾ هليا جن فنڪارن جا نالا به ياد ناهن. البته استاد انور علي سانگي، عاشق نظاماڻي، الطاف سمون، سليم رضا ڪنڀر، الياس سانگي وغيره منهنجو ڪلام ڳايو آهي.
سوال : پسنديده شاعر/ شاعرائون اديب / اديبائون؟
ڊاڪٽر احسان دانش: جيڪڏهن رڳو سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي ڳالهه ڪجي ته شاهه لطيف، شيخ اياز، استاد بخاري، جمال ابڙو، نورالهُديٰ شاهه، امر جليل، آغا سليم، عبدالقادر جوڻيجو، ماهتاب محبوب، روبينه ابڙو، رخسانه پريت وغيره. باقي بين الاقوامي ادب ۽ اردو لٽريچر مان به کوڙ نالا ڳڻائي سگھجن ٿا.
سوال: پسنديده شخصيت..؟
ڊاڪٽر احسان دانش: بابا سائين.
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر؟
ڊاڪٽر احسان دانش: ڪتاب: شاهه جو رسالو، گل: هر خوبصورت گل، رنگ: فيروزي، موسم: بهار، پهر: پرهه ڦٽي.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي..؟
ڊاڪٽر احسان دانش: سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ پهرين پوزيشن کڻي ليڪچرار بڻجڻ.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو...؟
ڊاڪٽر احسان دانش: ڏاڏي سائين جو انتقال..... ڇوته ڏاڏو سائين (آغا در محمد) منهنجو ويجھو دوست هيو، جنهن سان مان خوب روح رهاڻيون ڪندو هيس. ان جي وڇوڙي مون کي لوڏي ڇڏيو هو ۽ مان سڏڪي پيو هيس.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
ڊاڪٽر احسان دانش: فطرت جي حسين تخليق، جيڪا هر روپ ۾ پيار ڪرڻ جي لائق آهي. خاص طور اسان جي سماج ۾ مجموعي طور ڏسبو ته عورت ڏاڍو ڀوڳيندي رهي ٿي، ان کي آٿت ۽ اعتماد ڏيڻ جي ضرورت آهي. اها هر طرح سان عزت ۽ تعظيم جي لائق آهي.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي؟
ڊاڪٽر احسان دانش: جڏهن اسان اڄ جي عورت چئون ٿا ته سماج کي ٻه اڌ ڪري سوچڻو پوي ٿو. هڪ اُها عورت جيڪا واهڻي زندگي گذاري ٿي، جيڪا تعليم جي زيور سان مالا مال ناهي، جنهن جي زندگي گھاڻي جي ڏاند جهڙي ئي آهي...... اها عورت ته رڳو اهو ئي ٿي سوچي ته هن جي گھر جا مرد هن مان مطمئن ۽ خوش هجن، پوءِ کڻي کيس ڪهڙي به قرباني ڇونه ڏيڻي پوي، هن کي پنهنجن حقن جو شعور به ناهي، تنهن ڪري اها هر جبر برداشت ڪندي رهي ٿي، جيڪڏهن اها زال آهي ته ان جو ڪم رڳو ٻار پيدا ڪرڻ آهي، ڇوته ٻار پيدا ٿيندا ته گھر جو ڪارخانو هلندو، ڇوڪرا جوان ٿي هارپو ڪندا ۽ ڇوڪريون ٽوپ ۽ ڀرٿ ڀري، رليون ٽوپي گھر جو چرخو هلائڻ ۾ مددگار ٿينديون. ٻهراڙيءَ جي انهن عورتن جي چاهنا شايد اها ئي هوندي ته کين ڪڏهن بي گناهه ڪاري ڪري نه ماريو وڃي، سڱ چٽيءَ ۾ نه ڏنو وڃي، پوڙهي مرد سان نه پرڻايو وڃي....... مان سمجھان ٿو انهن جون اهي ۽ ڪجھه اهڙيون ئي خواهشون هونديون. رهيو سوال شهري ۽ پڙهيل ڳڙهيل عورتن جو ته منهنجي خيال ۾ اهي پنهنجن جائز حقن جو تحفظ ۽ حاصلات چاهين ٿيون. انهن مان وري جيڪي ورڪنگ وومين آهن ۽ وڌيڪ سُجاڳ آهن، اُهي عمل جي ميدان ۾ به اڳتي نظر اچن ٿيون ۽ پنهنجو آواز بلند ڪن ٿيون.
سوال : اڄڪلھه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ؟
ڊاڪٽر احسان دانش: جيڪڏهن اوهان جو سوال سنڌي ادب جي حوالي سان آهي ته مان سمجھان ٿو ته اڄڪلهه جيڪو ادب سرجي رهيو آهي سو مڪس پليٽ وانگر آهي. يعني گڏيل سڏيل. جتي ڪميونيڪيشن جي ذريعن ۽ سوشل ميڊيا ادب کي فروغ ڏنو آهي اُتي رسالن جي اڻاٺ ان کي پوئتي به ڌڪيو آهي، پر سٺي ڳالهه اها آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ڌڙا ڌڙ ڪتابَ ڇپجي رهيا آهن. هڪ اندازي مطابق هڪ مهيني ۾ پنجاهه کان سٺ ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن، جيڪو هڪ وڏ انگ آهي، انهن مان معياري ادب جو ريشو گھڻو ته ناهي پر ائين نه ٿو چئي سگھجي ته سٺو ادب سرجڻ بند ٿي ويو آهي. اڄ جي دور ۾ ڪي اوريجنل تخليقڪار، محقق ۽ نقاد اهڙا به اڀريا آهن، جن پنهنجي پوئين پيڙهي جي سينئر اديبن کي به حيران ڪري ڇڏيو آهي، انهن وٽ نوان خيال ۽ انوکي تخليقي ائپروچ ۽ تحقيقي ۽ تنقيدي شعور موجود آهي. البته پيڙهي وڇوٽيءَ وارو سوال اڃا به قائم آهي، نوجوانن کي شڪايت آهي ته کين سينئر پڙهن ئي ڪونه ٿا...... هن وقت ڪارج ڀري شاعري به ٿي رهي آهي، سٺيون ڪهاڻيون به لکيون ٿيون وڃن ته تحقيق ۽ تنقيد جي دنيا ۾ به نوجوان اڳتي اچي رهيا آهن. وڏي ڳالهه ته ناول جيڪا سنڌي ادب ۾ وڏي عرصي تائين زوال پذير صنف هئي ان تي اڄ ڪلهه گھڻو لکيو ٿو وڃي ۽ ويجھڙ ۾ ڪيترائي معياري ناول به سامهون آيا آهن. وقت جي ڇاڻيءَ سان ضرور گند گار به صاف ٿي ويندو آهي ۽ کوٽو کرو پڌرو ٿي پوندو آهي..... مان مقدار جي هجوم ۾ گم ٿيندڙ معيار کي ڏسان ٿو، تنهن ڪري مون کي مجموعي طور اڄوڪي سرجندڙ ادب مان مايوسي نه پئي ٿئي.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
ڊاڪٽر احسان دانش: ان جا کوڙ سارا سبب آهن، پر آئون توهان کي هتي رڳو ٽي سبب ٻڌايان پيو. پهريون سبب اهو آهي ته اسان وٽ اڪثر سرڪاري ادارا جن جو ڪم ئي ٻولي ۽ ادب کي پروموٽ ڪرڻ آهي، سي پنهنجو ڪم ذميداريءَ سان نه پيا ڪن. ٻيو اسان جا اشاعتي ادارا سٺو ادب شايع ڪرڻ بدران پاپولر ادب شايع ڪرڻ جي حرص ۾ مبتلا آهن ۽ کين رڳو پنهنجي بزنس جو خيال آهي. سرڪاري اشاعتي ادارن ۾ ته پي آر جو عمل دخل آهي پر اسان جي نجي اشاعتي ادارن لاءِ به ليکڪ سوني مرغيءَ وانگر آهن، جن کان جھجھا ڏوڪڙ وٺي سندن ڪتابَ ڇپيا وڃن ٿا. جتي سڄي دنيا ۾ ليکڪن کي ڪتاب ڇپائڻ تي رائلٽي ملندي آهي اُتي اسان جو ليکڪ مفت ۾ ڪتابُ ڇپائڻ لاءِ به آتو آهي، جي ڪڏهن اتفاق سان ڪنهن پبلشر ڪنهن ليکڪ جي ڪتاب جي اهميت ۽ مارڪيٽ ويليو کي محسوس ڪندي سندس ڪو ڪتاب مفت ۾ شايع به ڪري وڌو هوندو ته ان پبلشر جي گھوڙا گھل لڳي پئي هوندي ۽ ڀلي ڪتاب جون سموريون ڪاپيون ختم ٿي ويون هجنس پوءِ به ڪتاب جي ليکڪ کي چوندو ته ”سائين توهان جو ڪتاب ڇپائي مان پنهنجا پيسا پاڻيءَ ۾ ملائي ڇڏيا آهن توهان جو ڪتاب ته کپي ئي نه ٿو.“ اهڙي طرح ٽيون سبب اهو به آهي ته اسان جون ادبي سنگتون، تنظيمون ۽ ذميدار ادارا به ڪنهن ليکڪ / ليکڪا کي پزيرائي ڏيڻ ۾ ڪنجوسي جو مظاهرو ڪن پيا. نتيجي ۾ اهڙا ليکڪ ڊپريشن جو شڪار ٿي وڃن ٿا جيڪي پنهنجو رت ست ڏئي ادبي شاهپارا تخليق ڪن ٿا. سو معاملو اهو آهي ته مجموعي طور اسان جي ادارتي ۽ سماجي روش ئي اهڙي آهي، جنهن جي ڪري اديب کي گھربل مقام ۽ پزيرائي نه ٿي ملي.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
ڊاڪٽر احسان دانش: اهو انتهائي اهم سوال آهي. جنهن جو تفصيلي جواب منهنجي ڪتاب ”پيهي پروڙيوم“ جي مقدمي ۾ به موجود آهي، جيڪو مون پاڻ ئي لکيو آهي. پر مختصر طور آئون هتي اها ڳالهه ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته بدقسمتيءَ سان اسان وٽ تنقيد ۽ تنقيص ۾ فرق نه ٿو ڪيو وڃي جنهن ڪري ئي ادبي تنقيد جو اهو حال آهي. بيشڪ تنقيد جو هڪڙو ڪارج ڪنهن به تخليق جا نقص ظاهر ڪرڻ به آهي پر رڳو نقص ڪڍي تخليق جي محاسن يا خوبين کي نظر انداز ڪرڻ تنقيد جي فن جي منافي آهي. اصل ۾ تنقيد ڪنهن به تخليق جي ڪَٿَ جو معاملو آهي، جنهن لاءِ نقاد وٽ گھڻ رخو مطالعو هجڻ لازمي آهي. هڪ سُچيت نقاد هميشه استدلال جي آڱر پڪڙي تنقيد ڪندو آهي ۽ ان جي تنقيد تخليق تي هوندي آهي نه ڪي تخليقڪار تي. جڏهن ته اسان وٽ عام طور تخليق تي گھٽ ۽ تخليقڪار تي ٽوڪ ۽ چٿر گھڻي ڪئي ويندي آهي، ۽ جيڪو ماڻهو اها چٿر يا تبرو ڪرڻ جو ماهر هوندو آهي ان کي نقاد سڏيو ويندو آهي. سچ ته اهو اسان جي سماج جو وڏو الميو آهي. تنقيد ڪنهن به تخليق جي ڳوڙهي تجزيي، تبصري ۽ اڀياس جو نالو آهي، جنهن لاءِ ڪن مخصوص ڳالهين جو خيال رکڻ ضروري آهي. تنقيد باضابطه طور هڪ علم آهي ۽ ان جا پنهنجا پيراميٽر مقرر ٿيل آهن، جيئن شاعري يا ناول لکڻ لاءِ ڪي فني لوازمات ضروري هوندا آهن. رهيو سوال ته اسان وٽ تنقيد برداشت ڇونه ٿي ڪئي وڃي ته ان سلسلي ۾ آئون اهو چوندس ته تنقيد جي اوسر اتي ئي ٿيندي آهي جتي گھڻ پڙهيا ليکڪ ان جي آجيان ڪندا آهن. تنقيد جو اصل منصب ڪنهن به تخليق کي پالش ڪرڻ آهي، هڪ بهترين نقاد تخليق جي اهڙي علمي ڇنڊ ڇاڻ ڪندو آهي جو اها هيڪاندي نکري پوندي آهي، جيڪي دوست طنز ۽ ٽوڪ کي تنقيد سمجھي ويٺا آهن انهن لاءِ عرض آهي ته تنقيد ڪنهن به تخليق جي حقيقي پزيرائيءَ جو فن آهي، جنهن وسيلي ئي ادب ترقي ڪندو آهي ۽ تخليقڪارن کي تخليق جي نون رستن جي پروڙ پوندي آهي ۽ ادب ۾ نوان ٽرينڊ جنم وٺندا آهن، تنهن ڪري تنقيد کان بُڇان کائڻ ڪا ڏاهپ ناهي. توهان جيڪو لفظ برداشت وارو استعمال ڪيو آهي، مان سمجھان ٿو شايد توهان جو مطلب به اهو هوندو ته هتي گھڻو ڪري تنقيد ۾ ليکڪ جي تضحيڪ ٿيندي آهي، سو آئون اها ڳالهه اڳ به چئي آيس ته اصل ۾ تنقيد جو علم اهڙو رويو نه ٿو سيکاري، باقي فن جي بنياد تي جيڪڏهن ڪنهن تخليق ۾ جھجھا جھول آهن ۽ ڪو نقاد انهن جي نشاندهي ڪري ٿو ته اها ڪنهن به تخليقڪار لاءِ رنج ٿيڻ بدران خوش ٿيڻ جي ڳالهه آهي. منهنجو خيال آهي ته اسان جي تنقيد مان جڏهن ليکڪ جي ذات نڪري ويندي ۽ سندس تخليق تي ئي ڳالهائڻ جي روش قائم ٿيندي ته آهستي آهستي تخليقڪارن ۾ برداشت به اچي ويندي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪجھه لکيو اَٿوَ انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
ڊاڪٽر احسان دانش: مڪمل طور ته مطمئن نه آهيان، ڇوته منهنجي نظر ۾ اطمينان موت جو ٻيو نالو آهي ۽ مان اڃا زنده آهيان. منهنجا ڪتابَ دير دير سان ڇپبا آهن، ان جو سبب به اها غير اطميناني آهي. مان پنهنجين تخليقن مان ڏاڍو ڏکيو مطمئن ٿيندو آهيان. منهنجو پهريون شعري مجموعو 22 سال شاعري ڪرڻ بعد ڇپيو، تيستائين مان پنهنجي اڌ شاعريءَ تان هٿ کڻي چڪو هيس. هن وقت به پنج ڪتاب ڪمپوز ٿيا پيا آهن پر ڇپائڻ لاءِ وري وري سوچيان پيو. مان ته هڪ ننڍڙو ليکڪ آهيان پر مان سمجھان ٿو ته ڪو به جينين رائيٽر پنهنجي تخليق مان ڪڏهن به مڪمل طور مطمئن نه ٿيندو آهي.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
ڊاڪٽر احسان دانش: زندگي ـــ ڏينهنِ، مهيننِ، سالنِ ۽ صدينِ جي ڪَٿا جو نالو ناهي. ڪي ماڻهو هڪ لمحي ۾ به صديون جِي وٺندا آهن. زندگي، ڪرب ۽ نشاط جو سنگم آهي. خواهشن جو اڻ کُٽ سلسلو زندگيءَ جي آڪاس تي سدائين انڊلٺ جيان ڇانئيل رهي ٿو. هونءَ ته زندگيءَ جو تصور ساهن سان آهي، جنهن لمحي ساهه جي ڏوري ٽٽي ٿي ته ماڻهو موت جي آغوش ۾ سمهي ٿو پوي، پر ڪن ماڻهن جي زندگيءَ جي شروعات ئي سندن موت کان پوءِ ٿيندي آهي، اُهي امر ٿي ويندا آهن..... بي مقصد زندگي بي سمت مسافت جهڙي آهي، جنهن جي منزل جي به ڪا خبر نه هجي، ان ڪري زندگيءَ کي بامقصد گذارڻ کپي. منهنجي ڪهاڻي ڪتاب ”بي سڪون خواب جو سچ“ ۾ هڪڙي ڪهاڻي آهي ”بي انت مسافت“ ان ۾ مون زندگيءَ جون انيڪ معنائون ۽ وصفون ٻڌايون آهن. هتي اُهي سڀ نه ٿو ٻڌائي سگھان.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
ڊاڪٽر احسان دانش: اڻ ٽر سچ، جنهن کان ڪوبه انڪار ڪري نه ٿو سگھي. موت هونءَ ته زندگيءَ جي پُڄاڻي آهي پر ڪجھه ماڻهو موت کي مات ڏئي امر ٿي ويندا آهن. جن لاءِ لطيف سائين چيو هو ته ”مرڻا اڳي جي مُئا، سي مري ٿين نه مات....“ اصل ۾ اهي زندگيءَ جي حقيقت کي پروڙي وٺندا آهن ۽ اُهي پنهنجي زندگيءَ جي لمحن کي صدين وانگر گذاريندا آهن. تنهن ڪري موت به انهن کي ماري نه سگھندو آهي. شيخ اياز چيو هو ته ”موت ڪارو حبشي آ“ پر لطيف سائين وٽ موت جو تصور نهايت نرالو آهي. هو موت کان خوفزده ناهي پر ان جي پٺيان هلڻ لاءِ تيار آهي. ڀٽائي چوي ٿو: مرڻ مون سين آءُ، ته پُٺيءَ تو پنڌ ڪريان.
سوال: درد ڇا آهي؟
ڊاڪٽر احسان دانش: درد اصل ۾انسان جي سهپ جو امتحان آهي. ڪي ماڻهو سورَ جي هلڪي سَٽَ به سَهي نه سگھندا آهن ته ڪي وري سڄي ڄمار دک جي بَٺيءَ ۾ پڄرندي ڪُندن ٿي ويندا آهن. دُکُ ڪنهن کي ٽوڙيندو آهي ته ڪنهن کي سگهھ ڏيندو آهي. درد ۾ ڀلي ڪو ڪربَ ۽ اذيت محسوس ڪندو هجي پر ڪي ماڻهو دک جي جمال کي محسوس ڪري پنهنجي روح کي راحتون بخشيندا آهن. درد حياتيءَ جي حقيقت آهي. سچ اهو آهي ته درد کان سواءِ خوشيءَ ۾ به اها لذت محسوس نه ٿيندي آهي، ڇوته ’ڏُکُ سکن جي سونهن‘ آهي.... ڀٽائي جي لفظن ۾ درد رهنما آهي، اهو منزل جو گَس ڏسي ٿو: ”ڏيکاريس ڏُکن، گوندر گسُ پرين جو....“ رنج ۽ الم، درد ۽ حزن جون هزارين صورتون آهن. مان هتي چند لفظن ۾ ان احساس ۽ ڪيفيت کي ڪيئن بيان ڪريان. شايد ان سوال جو بهتر جواب منهنجو ڪتاب ”شاهه جي شاعريءَ ۾ درد ــــ هڪ گھڻ رخو مطالعو“ آهي، جيڪو جلد ئي اوهان جي هٿن ۾ هوندو.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
ڊاڪٽر احسان دانش: هڪ حسين احساس. جنهن کان سواءِ جيئڻ جو تصور ممڪن ئي ناهي. محبت زندگيءَ جو ساز آهي، جنهن کانسواءِ حياتي ٻُسي ۽ بي چسي آهي. جتي محبت نه هوندي آهي اُتي وحشت هوندي آهي. محبت انسان جو حقيقي تعارف آهي، اها انسان کي مڪمل ڪري ٿي ۽ ماڻهو ماڻهپي جي اعلى منزلن تائين پهچي ٿو. محبت خودي کان بي خوديءَ جو هنر سيکاري ٿي. محبت نه هجي ته هيءَ ڪائنات بي روح محسوس ٿئي. هن ڪائنات ۾ جيڪي به رنگ آهن اُهي محبت جي ڪري ئي ته آهن. مان ته سدائين استاد بخاري جي ان سٽ تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ”ڪلفت ڪَٺي ڪرڻ کان محبت رَتي چڱي آ“
سوال: نفرت ڇا آهي؟
ڊاڪٽر احسان دانش: انسان جي اندر ۾ ويٺل انتهائي منفي جذبو، جيڪو سندس انسانيت واري رتبي کي گھٽائي ٿو. انسان کي انس ۽ محبت جو آئينه دار هجڻ کپي. اهو ئي سندس اصل منصب آهي. نفرت ماڻهپي کي اڏوهيءَ جيان چَٽيندي ويندي آهي ان ڪري ان مان سدائين نقصان ئي ٿيندو آهي. نفرت جي زهر کي وري به محبت جي ترياق سان ئي ختم ڪري سگھجي ٿو. ان ڪري نفرت، چاوت، ڪُلفت ۽ ڪدورت کي ڪڏهن به من ۾ جاءِ نه ڏيڻ کپي. شاهه جي لفظن ۾: ’چاوت پائي چت ۾، سنهو ڪتيو جن، تن جو صرافن دڪو داخل نه ڪيو.‘
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
ڊاڪٽر احسان دانش: هزارين خواهشن جي آماجگاهه. جنهن جو ڌڙڪڻ احساس جي شدت ۽ خوف جي ڪيفيتن کي نروار ڪندو آهي. اها ڌڙڪ ترتيب ۾ هجي ته سُڪون جو احساس ٿئي، جيڪڏهن بي ترتيب ٿي وڃي ته ڪئين وسوسن کي جنم ڏي. سائنسدانن لاءِ ته اها هڪ بلڊ پمپنگ اسٽيشن آهي پر شاعرن لاءِ انيڪ جذبن ۽ احساسن کي سانڍي رکڻ جي جاءِ آهي. محبت جا گُل به ته دل جي زمين تي ئي ڦٽندا آهن. ان ڪري دل پوتر آهي، تڏهن ئي ته صوفي چوندا آهن ته دل خدا جو گھر آهي. باهو چيو هو ته: ’مسجد ڍا دي، مندر ڍا دي، دل نه ڪسي دا ڍادي هو.‘
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
ڊاڪٽر احسان دانش: نرم مزاج ۽ سهپ رکندڙ.
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
ڊاڪٽر احسان دانش: سماج ۾ ٿيندڙ ظلم ۽ بي انصافي تي ڪاوڙ ايندي آهي.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
ڊاڪٽر احسان دانش: فردن کان ته وقتاً فوقتاً شڪايتون هونديون آهن پر مون کي هن سماج کان به کوڙ ساريون شڪايتون آهن. مون کي هن سسٽم کان به کوڙ ساريون شڪايتون آهن. اسان شاعر ۽ اديب پُر امن سماج جا خواب ڏسندا آهيون، اهڙو سماج جتي خوشيون، خوبصورتيون ۽ آسانيون هجن، پر جڏهن اُهي خوابَ ٽٽندا آهن ته انهن جون ڪرچيون اکين ۾ چڀنديون آهن. اسان جا معصوم خواب شهيد ٿيندا آهن ته اسان تڙپي پوندا آهيون.
**

علمي اڻاٺ سبب تنقيد برداشت نه ٿي ڪئي وڃي….. ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

علمي اڻاٺ سبب تنقيد برداشت نه ٿي ڪئي وڃي….. ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو



سوال: نانءُ ولديت سميت؟
ڊاڪٽر رياضت: رياضت علي ولد شوڪت علي ’شوق‘ ٻرڙو.
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ.
ڊاڪٽر رياضت : 27 فيبروري 1970ع، قمبر.
سوال: ادبي نانءُ؟
ڊاڪٽر رياضت: رياضت ٻرڙو.
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
ڊاڪٽر رياضت: ايم ايس سي (فزڪس)، ايم ايڊ، ايم اي (سنڌي) ۽ پي ايڇ ڊي (سنڌي) / اسسٽنٽ پروفيسر.
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
ڊاڪٽر رياضت: 1988ع.
سوال: ادبي استاد؟
ڊاڪٽر رياضت: نثر ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ۽ شاعريءَ ۾ سرمد چانڊيو.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
ڊاڪٽر رياضت: ڊاڪٽر محبت کان.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
ڊاڪٽر رياضت: زندگي، سونھن، ڏک، سفر.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
ڊاڪٽر رياضت: اردوءَ ۾ ”ایک سرکٹ تین جام“ ماهنامه سائنس ڪراچي سيپٽمبر 1988ع ۽ سنڌيءَ ۾ ”پياري“ هفتيوار ”عدالت“ قمبر ٽين جولاءِ 1989ع.
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟
ڊاڪٽر رياضت: لڳ ڀڳ سڀني ۾ .
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
ڊاڪٽر رياضت: ناول کان سواءِ لڳ ڀڳ سڀني ۾. شاعريءَ ۾ بيت ۽ غزل پسنديده ۽ نثر ۾ ڪھاڻي.
سوال: ڪھاڻين جو تعداد... ڪيتريون ڇپيل؟
ڊاڪٽر رياضت: 30 کن. لڳ ڀڳ سڀ ڇپيل.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال؟
ڊاڪٽر رياضت: لکيل، ترجمو ڪيل ۽ سھيڙيل ڪتاب اٽڪل 35.
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
ڊاڪٽر رياضت: خوش ٿيا هئا.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
ڊاڪٽر رياضت: گهر ڀاتين ۽ دوستن.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
ڊاڪٽر رياضت: جذبن، احساسن ۽ ڪيفيتن جو اظھار.
سوال: محبت اوهان جي نظر۾؟
ڊاڪٽر رياضت: زندگيءَ جو حسين روپ.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب/اديبائون؟
ڊاڪٽر رياضت: سنڌي ٻوليءَ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، شيخ اياز، استاد بخاري، نارائڻ شيام، تنوير عباسي، امداد حسيني، مريم مجيدي، واجد، اياز گل، ادل سومرو، طارق عالم، سرمد چانڊيو، اياز جاني، سعيد ميمڻ، رخسانه پريت، روبينه ابڙو، (لسٽ پوري ڪرڻ هت ممڪن ناهي)
سوال: پسنديده شخصيت؟
ڊاڪٽر رياضت: شاهه عبداللطيف ڀٽائي.
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر؟
ڊاڪٽر رياضت: ڪتاب ته: ڪيئي، گل: گلاب جو، رنگ: ڀورو ۽ سانورو، موسم: سياري جي ۽ پھر: سانجهيءَ جو.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
ڊاڪٽر رياضت: ماءُ جي هنج.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
ڊاڪٽر رياضت: هُن جي ۽ منھنجي ناسمجهي!
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
ڊاڪٽر رياضت: رنگ، خوشبو، نزاڪت ۽ نرمي.
سوال: اڄ ڪلھه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ...
ڊاڪٽر رياضت: سٺو.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
ڊاڪٽر رياضت: تعليم جي کوٽ ۽ سماجي غربت.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
ڊاڪٽر رياضت: تنقيد ڀلي ۽ ڪَسي جي پروڙ. علمي اڻاٺ سبب تنقيد برداشت نه ٿي ڪئي وڃي.
سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
ڊاڪٽر رياضت: سنڌي ادبي سنگت، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو ۽ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
ڊاڪٽر رياضت: وڻندڙ، حسين ۽ پرڪشش.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
ڊاڪٽر رياضت: زندگيءَ جو انت.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
ڊاڪٽر رياضت: اندرُ ساڙيندڙ.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
ڊاڪٽر رياضت: هڪ حساس عضوو.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
ڊاڪٽر رياضت: پي ايڇ ڊي ٿيسز.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
ڊاڪٽر رياضت: خوش مزاج.
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
ڊاڪٽر رياضت: ڪاوڙ عام طور نه اچي.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ؟
ڊاڪٽر رياضت: ست، اٺ.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
ڊاڪٽر رياضت: ڪيفيت اتساهيندڙ. خوش محسوس ڪندو آهيان.
سوال: درد ڇا آهي؟
ڊاڪٽر رياضت: زندگيءَ جي سمجهه.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪجھه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
ڊاڪٽر رياضت: ها.
سوال: اوهان جي شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
ڊاڪٽر رياضت: اهو شوق ناهي ڪيو.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪھڙا آهن؟
ڊاڪٽر رياضت: گهر ۽ ٻاهر ۾ توازن.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
ڊاڪٽر رياضت: مردن جا غير انساني رويا. تعليم ۽ سماجي سمجهه حل آهي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
ڊاڪٽر رياضت: ضرورت.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
ڊاڪٽر رياضت: سهي.
سوال: اوهان کي ڪنھن کان ڪا شڪايت؟
ڊاڪٽر رياضت: اوهان کان، ته ڏکيو انٽرويو ورتو اٿوَ.
**

جينيئن ليکڪ کي پذيرائي ملي ٿي. …ڊاڪٽر شير مهراڻي

جينيئن ليکڪ کي پذيرائي ملي ٿي. …ڊاڪٽر شير مهراڻي

سوال: نانءُ ولديت سميت؟
ڊاڪٽر شير مهراڻي: ڊاڪٽر شير مهراڻي ولد پير بخش مهراڻي.
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ.
ڊاڪٽر شير مهراڻي: پهرين مارچ 1980ع ڳوٺ احدي خان راڄپر تعلقو ڪوٽ ڏجي .
سوال: ادبي نانءُ؟
ڊاڪٽر شير مهراڻي: شير مهراڻي.
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
ڊاڪٽر شير مهراڻي: پي ايڇ ڊي، پروفيسر .
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
ڊاڪٽر شير مهراڻي: 1997ع.
سوال: ادبي استاد؟
ڊاڪٽر شير مهراڻي: دوست، ادبي سنگت، محمد راڄپر ۽ تاج بلوچ.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
ڊاڪٽر شير مهراڻي: شيخ اياز .
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
ڊاڪٽر شير مهراڻي: سنڌ جي سونهن ۽ سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافيون.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
ڊاڪٽر شير مهراڻي: ڪاوش مئگزين.
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟
ڊاڪٽر شير مهراڻي: لڳ ڀڳ سڀني سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
ڊاڪٽر شير مهراڻي: غزل، وائي، هائيڪو، نظم. پسند جي صنف وائي آهي.
سوال: ڪھاڻين جو تعداد... ڪيتريون ڇپيل؟
ڊاڪٽر شير مهراڻي: ٽي چار.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال؟
ڊاڪٽر شير مهراڻي: ست ڪتاب. ”شاھ لطيف جي شاعري ۾جماليات“ 2013ع، ”شاھ لطيف جي شاعري جو جديد اڀياس“ 2014ع،
”جماليات تنقيدي اڀياس“ 2017ع، ”پوئٽڪس“ 2018ع، ”درد جو معراج“ 2019ع، ”لطيفيات جو تنقيدي جائزو“ 2019ع، ”بڪئسٽ آف ڀٽائي“ 2020ع.
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
ڊاڪٽر شير مهراڻي: خوشي ٿي.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
ڊاڪٽر شير مهراڻي: استادن ۽ دوستن.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾.
ڊاڪٽر شير مهراڻي: جذبن جو اظهار.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
ڊاڪٽر شير مهراڻي: انمول احساس.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب /اديبائون.
ڊاڪٽر شير مهراڻي: لطيف سائين.
سوال: پسنديده شخصيت.
ڊاڪٽر شير مهراڻي: حضرت علي.
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر.
ڊاڪٽر شير مهراڻي: شاه جو رسالو، رابيل، سيارو، شام.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي.
ڊاڪٽر شير مهراڻي: پي ايڇ ڊي ڪرڻ.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو.
ڊاڪٽر شير مهراڻي: امان جو وڇوڙو.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي؟
ڊاڪٽر شير مهراڻي: آزادي.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾ .
ڊاڪٽر شير مهراڻي: هڪ حسين مخلوق.
سوال: اڄ ڪلھه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ.؟
ڊاڪٽر شير مهراڻي: سٺو ادب پيو سرجي.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
ڊاڪٽر شير مهراڻي: جينيئن ليکڪ کي پذيرائي ملي ٿي.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
ڊاڪٽر شير مهراڻي: جينئن اديب تنقيد برداشت ڪندو.
سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي.
ڊاڪٽر شير مهراڻي: سنڌي ادبي سنگت.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
ڊاڪٽر شير مهراڻي: هڪ فطري تحفو.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
ڊاڪٽر شير مهراڻي: طويل وڇوڙو.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
ڊاڪٽر شير مهراڻي: منفي رد عمل.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
ڊاڪٽر شير مهراڻي: سڀ ڪجهه.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
ڊاڪٽر شير مهراڻي: پنج ڪتاب تيار آهن.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
ڊاڪٽر شير مهراڻي: فرينڊلي.
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
ڊاڪٽر شير مهراڻي: منافقي تي.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ؟
ڊاڪٽر شير مهراڻي: ”لطيف ايوارڊ“ ڪلچر ڊپارٽمينٽ، ”شاهه لطيف تصوف ايوارڊ“ پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد، ”بهترين تحقيق جو ايوارڊ“ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
ڊاڪٽر شير مهراڻي: گم هوندو آهيان.
سوال: درد ڇا آهي؟
ڊاڪٽر شير مهراڻي: زندگي کي سمجهڻ جو جوهر.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪجھه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
ڊاڪٽر شير مهراڻي: هائو.
سوال: اوهان جي شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
ڊاڪٽر شير مهراڻي: استاد نظير سمون.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪھڙا آهن؟
ڊاڪٽر شير مهراڻي: عورتون ئي ٻڌائي سگهن ٿيون.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
ڊاڪٽر شير مهراڻي: عورتون ئي ٻڌائي سگهن ٿيون
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
ڊاڪٽر شير مهراڻي: عشق.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
ڊاڪٽر شير مهراڻي: وڻندي آهي.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
ڊاڪٽر شير مهراڻي: ڪابه نه.....!
**

سنڌي ٻولي گهرن مان گم ٿيندي پئي وڃي ….. ڊاڪٽر هوند راج بلواڻي

سنڌي ٻولي گهرن مان گم ٿيندي پئي وڃي ….. ڊاڪٽر هوند راج بلواڻي



سوال: نانءُ ولديت سميت؟
ڊاڪٽر هوند راج: ڊاڪٽر هوند راج، ڪشنچند بلواڻي.
سوال: جنم جو تاريخ ۽ جنم جو هنڌ؟
ڊاڪٽر هوند راج: نائين جنوري 1946ع لاڙڪاڻو سنڌ
سوال: ادبي نانءُ؟
ڊاڪٽر هوند راج: هوندراج بلواڻي.
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
ڊاڪٽر هوند راج: ايم اي، پي ايڇ ڊي، بي ايڊ، ڊپلوما ان جرنلزم، ايڊووڪيشنل ٽي وي اِسڪرپٽ رائيٽنگ سرٽيفڪيٽ. نوڪري پهرين پرائمري ٽيچر، پوءِ هاير سيڪنڊري ٽيچر (درجي 11 ۽ 12جي ڪلاسن لاءِ) پوءِ گجرات انسٽيٽيوٽ بورڊ آف اسڪول ٽيڪسٽ بوڪس ۾ ائڪيڊمڪ سيڪريٽري (جنهن بورڊ جي طرفان درجي 1 کان 12 تائين درسي ڪتاب تيار ڪرايا ويا آهن). چيئرمين گجرات سنڌي ساهتيه اڪادمي.
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
ڊاڪٽر هوند راج: درجي اٺين ۾ پڙهندو هوس تڏهن هڪ گيت لکيو هوم جيڪو ڦلواڙي رسالي ۾ ڇپيو هو. سال گهڻو ڪري 1961ع، ادبي اُستاد ڪو به نه. اتساهه ڏياريندڙ استاد مسٽر هيمنداس هنچنديا ۽ مسٽر رام ڀاڳچنداڻي گيان.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
ڊاڪٽر هوند راج: بس ائين ئي ڪتاب پڙهندي پڙهندي شوق جاڳيو.
سوال:ڪهڙيون شيون/ڳالهيون لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن.؟
ڊاڪٽر هوند راج: سماج ۾ نوان نوان مسئلا، نيون روايتون، ماڻهن جي خوبصورتي ۽ لهندڙ چڙهندڙ چهرا مون کي لکڻ لاءِ قلم کڻڻ لاءِ اُتساهه ڏيندا رهندا آهن.
سوال:پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
ڊاڪٽر هوند راج: درجي اٺين ۾ پڙهندو هوس تڏهن هڪ گيت لکيو هوم جيڪو ڦلواڙي رسالي ۾ ڇپيو هو.
سوال: ڪهڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟
ڊاڪٽر هوند راج: سنڌيءَ ۾ نڪرندڙ مشڪل سان اهڙي ڪا اخبار ۽ مخزن هوندي، جنهن ۾ مان نه ڇپيو هجان.
سوال: ڪهڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
ڊاڪٽر هوند راج: ڪهاڻي، ڪوتا، مضمون، تنقيد، ناٽڪ، فلم اسڪرپٽ، مني ڪهاڻي ۽ ٻاراڻو ادب گڏوگڏ ترجما به ڪيا آهن. پسنديده صنف مني ڪهاڻي ۽ ٻاراڻو ادب- ڪهاڻيون.
سوال: ڪهاڻين جو تعداد، ڪيتريون ڇپيل آهن؟
ڊاڪٽر هوند راج: اٽڪل ڏيڍ سئو کان ٻه سئو تائين ڪهاڻيون لکيل. سڀ جون سڀ مخزن ۽ ڪتابن ۾ ڇپيل.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال؟
ڊاڪٽر هوند راج: تمام ڏکيو ڪم: ڏيڍ سئو کن ڪتاب سنڌيءَ ۾ اصلوڪا ۽ ترجما ڇپيل هوندا. هندي ۽ گجراتي ٻولين ۾ ڇپيل ڪتابن سميت ٽوٽل سوا ٻه سئو کن ڪتاب ڇپيل. ڪي نالا. ڪهاڻي مجموعا: ديش پڪاري ٿو (1966ع)، هڪ مُرڪ ٻه لڙڪ (1967ع)، ڇتو ماڻهو (1980ع)، ۽ هوءَ روئي ويٺي (1966ع)، قيد ٿيل روشنيءَ جا ٽڪرا (1980ع)، گرم ماس جا سوداگر (1952ع)، درٻاري (1987ع) ساڳيو شهر (1999ع)، ارادن جي آڏو (2009ع)، پرزو (2018ع). مني ڪهاڻي مجموعا: اِرد گرد (2013ع)، اکر ڀُوري (2003ع). تنقيد: ادبي جائزو (1987ع)، تڪ تور (2017ع). مضمون: دريءَ مان (1987ع)، ٻج، سلا ۽ ٻوٽا (2019ع). ناٽڪ: جهنگل (1999ع)، پيريءَ ۾ (2012ع). ريڊيو رويڪ: زمانو بدليو آ (2015ع). ٻاراڻو ادب: جادونگري (1967ع)، پپوءَ جو پيارو موتي (1970ع)، پاليش وارو (1971ع)، چوٿون باندر (1983ع) نئين ناني (1999ع)، ٽنگ جيڏو ڇوڪر (1996ع)، ڇُو منتر (1995ع)، ايسرداس جو اسڪوٽر (2010ع)، آکاڻين جو دڪاندار (2012ع)، پنڪيءَ جو خزانو (2017ع)، پئسن جو وڻ (2020ع)، ”اِهي سڀ ٻال ڪهاڻين جا مجموعا“: هڪڙو هو راجنهار ”ٻارن لاءِ ناول 1968 ۽ 1977ع“، ڪوئي لڌي هڻڊ ڳڙي ”پهاڪن تي آکاڻيون 1985ع“، گوپو ۽ ٽوپوءَ جي جوڙي ”ٻن هوشيار ٻارن جون آکاڻيون 2008ع“، سياڻا سمجهو ٻارڙا ”سائنسي سوجُهه بُوجهه وارن ٻارن جون آکاڻيون 1994ع“، کٽمٺڙا (1977ع)، بنسري (1967ع)، هيرا موتي (1967ع)، گول مٽول (2002ع ۽ 2003ع) ”اِهي چار ئي ڪتاب ٻارن لاءِ شاعري“. (لسٽ تمام وڏي آهي)
سوال: پهرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيارن جو رد عمل ڇا هيو؟
ڊاڪٽر هوند راج: رشتيدارن ته اڄ تائين منهنجي ليکڪ هئڻ تي ڪو رد عمل نه ڏنو آهي. ها، باقي اسڪول ۾ گڏ پڙهندڙ ڪيترن دوستن، هم ڪلاسن کي منهنجي ليکڪ هئڻ تي فخر ٿيو ۽ هنن مان ڪن مون کي وڌيڪ اُتساهه ڏرياريو.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصلا افزائي ڪنهن ڪئي؟
ڊاڪٽر هوند راج: سڀني ساٿين ۽ گهڻ گهرن جو ساٿ ملندو رهيو.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
ڊاڪٽر هوند راج: آتما جي خوراڪ.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
ڊاڪٽر هوند راج: محبت نه جن جي من، تن جي مٽي اڻاسي.
سوال:پسنديده شاعر/شاعرائون-اديب اديبائون؟
ڊاڪٽر هوند راج: نارايڻ شيام، گوورڌن ڀارتي، اندر پوڄواڻي، هري دلگير وغيره (شاعر) ڪلا پرڪاش، سندري اُتمچنداڻي، ايشور چندر، موهن ڪلپنا، گوبند مالهي وغيره (اديب) سنڌ جا: شيخ اياز، ادل سومرو، اياز گل، ماهتاب محبوب وغيره. پرديس جا: چيخوف، هيمنگوي، سامر سيٽ مام وغيره.
سوال: پسنديده شخصيت؟
ڊاڪٽر هوند راج: جن به شخصن جي من ۾ ڪو وير، ورڌ، حسد، جلن نه هجي، اُهي سڀ باشندا مون کي وڻندا آهن.
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/ پهر؟
ڊاڪٽر هوند راج: ڪتاب ( سُور جون سئو صورتون ناول) گوورڌن ڀارتي، (ميرا ياگنڪ جي ڊائري گجراتي ناول) ليکڪا: بندو ڀٽ. گل: سورج مکي. رنگ: بلئڪ اينڊ وائيٽ. موسم: رم جهم ڪي تراني ليڪي آئي برسات. پهر صبح جو پهريون پهر.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
ڊاڪٽر هوند راج: گجراتي ٻوليءَ ۾ ڇپيل منهنجي هڪ ڪتاب (چين چين) جون 40 هزار ڪاپيون، گجرات صوبي جي پرائمري اسڪولن جي لئبريرين کي موڪلڻ لاءِ خريد ڪيون ويون. سنڌيءَ ۾ اهڙا امڪان تمام گهٽ آهن. ڪنهن به سنڌي ليکڪ کي ايڏو مانُ نه مليو آهي.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
ڊاڪٽر هوند راج: زندگيءَ ڏاڍا ڏک ڏنا آهن ادا. دوست جو روسامو به ڏاڍو ڏکائيندو آهي ننڍي ڀيڻ جو ڪئنسر جي بيماريءَ ۾ هليو وڃڻ ۽ جوان ناٺيءَ جو اچانڪ وڇوڙو وڏا صدما آهن مون لاءِ.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاهي؟
ڊاڪٽر هوند راج: ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جا وجهه ملن، کيس مان ۽ عزت سان ڏٺو وڃي، گهر ۾ ۽ ٻاهر کين آدر ملي ۽ مردن جيان کيس برابريءَ جا حق ملن.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
ڊاڪٽر هوند راج: هڪ وڏي شڪتي، جا جيڪي ڪجهه چاهي ڪري سگهي ٿي.
سوال: اڄ ڪلهه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت راءِ؟
ڊاڪٽر هوند راج: سٺو ته لکجي پيو ٿو. وقت انوسار موضوعن ۽ پيشڪشن ۾ نواڻ به ايندي ٿي وڃي تنهن هوندي به سٺي ۽ معياري ساهتيه ۾ ڪمي پيئي ايندي وڃي. گهڻو ڪجهه سطحي به پيو لکجي ۽ ڇپجي. ٻوليءَ جون چُڪون به اڪيچاريون ڪيون وڃن. لکڻ لاءِ جيڪا گدڀيرنا گهربل آهي) سا اڄ ڪلهه جي اديبن ۾ گهٽ ٿي ڏسڻ ۾ اچي.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي. ان جو ڇا سبب آهي؟
ڊاڪٽر هوند راج: سنڌي ٻولي گهر مان گم ٿيندي ٿي وڃي، سنڌين جو پنهنجي مادري ٻوليءَ سان لڳاءُ به گهٽجندو ٿو وڃي. ساهتيه خريد ڪري پڙهڻ جي عادت به تمام گهٽ آهي، سڀن لکڻين جي ڪوتاهي آهي، جيڪي ڪجهه سٺو لکيو وڃي ٿو، اهو ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿي نه ٿو پهچي، ان ڪري اسان جن اديبن کي ايتري پذيرائي ۽ شهرت نه ٿي ملي.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
ڊاڪٽر هوند راج: تنقيد هڪ عينڪ آهي، جيڪا ڪنهن به رچنا کي ڏسڻ جو هڪ سٺو ساڌن/ماپو هئڻ گهرجي پر ان ذريعي ليکڪ جون جيڪي خاصيون ڪڍي ٻاهر ڪجن ٿيون، جيڪي سچيون هوندي به سچ سهڻ جي قابليت نه هئڻ سبب، ليکڪ اها برداشت نه ٿو ڪري ڇاڪاڻ ته سچ هميشه ڏکوئيندڙ ئي محسوس ٿيندو آهي. ان جو ٻيو پاسو وري اهو آهي ته تنقيد ڪرڻ وارو نقاد به بنا پاسخاطري ۽ پوري ايمانداريءَ سان پنهنجو فرض نڀائيندو نظر نه ايندو آهي.
سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنطيمن سان وابستگي؟
ڊاڪٽر هوند راج: فقط ۽ فقط ادبي تنظيمن سان وابستگي رهي آهي. جهڙوڪ: گجرات سنڌي ساهتيه اڪادميءَ ۾ صدر طور، مرڪزي سرڪاري واري ساهتيه اڪادميءَ جي ايڊوائيزري بورڊ جو ميمبر، احمد آباد دور درشن جي صلاحڪار بورڊ جو ميمبر، سيڪنڊري، هائر سيڪنڊري اسڪول بورڊ جي سليبس ڪاميٽيءَ جو ميمبر، گجرات يونيورسٽيءَ جي اڀياس ڪرم بورڊ جو ميمبر، سنڌي رائيٽرس گلڊ جو صدر ۽ پوءِ جنرل سيڪريٽري، گجرات سنڌي پترڪار پريشد جو جنرل سيڪريٽري، گجرات پاٺيه پستڪ بورڊ آفيسرس ائسوسيئيشن جو سيڪريٽري ۽ اهڙا ٻيا ڪي عهدا. پر ڪنهن به سياسي پارٽيءَ سان ڪا به وابستگي بلڪل نه.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
ڊاڪٽر هوند راج: پنهنجي ئي هڪ گيت جون هي سٽون:
زندگي آ زندگي، هيءَ زندگي آ زندگي،
ڪجهه کَٽي آ، ڪجهه ڪَساري، ڪجهه مٺي آ زندگي.

سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
ڊاڪٽر هوند راج: هڪ حقيقت.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
ڊاڪٽر هوند راج: هڪ آگ، هڪ شعلو آهي، جيڪو وسامڻ کان پوءِ رک جو روح وٺندو آهي.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
ڊاڪٽر هوند راج: دل هڪ ترڪڻي چيز.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سهيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
ڊاڪٽر هوند راج: گهڻيون کوجنائون آهن جهڙوڪ: سنڌ جا پراڻا ٻاراڻا گيت، هند ۽ سنڌ ۾ ڇپيل ٻاراڻي، ادب جي ڪتابن جي انگريزيءَ ۾ ببليوگرافي، ڪي ٻال ناٽڪ، ڪوتا سنگرهه آٽوگراف وغيره.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
ڊاڪٽر هوند راج: ان جو جواب ٻين کان پڇو. ٻئي طرف ڪوڙ کان پري ڀڄندڙ، ڪنهن سان به انياءُ ٿيندو ڏسي سهي نه سگهندڙ، پنهنجي ڪم ۾ ايمانداريءَ سان رُچي رکندڙ- سڀاءَ جو ماٺيڻو.
سوال: ڪهڙين ڳالهين تي ڪاوڙ ايندي اَٿَو؟
ڊاڪٽر هوند راج: ڪوڙ، بي ايماني، نا انصافيءَ تي پر ڪري ڪجهه به نه سگهندو آهيان.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ؟
ڊاڪٽر هوند راج: ادا لسٽ وڌي وئي آهي، فقط ايوارڊن جي ڳالهه ڪجي ته 3 ڪتاب اين سي اي آرمٽي (ڀارت سرڪار) جا، چئن ڪتابن تي ڊائڪٽوري آف اڊلٽ ايڊيوڪيشن (پاران سرڪار) جا انعام، ٻن ڪتابن تي نئشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگويج جا انعام، ٻن ڪتابن تي مرڪزي ساهتيه اڪادَميءَ جا انعام، گجرات جي سنڌي، هندي اڪادَمين جا ڊزن کن انعام وغيره. شيلڊون سرٽيفڪيٽ ڪٻٽن ۾ بند آهن.
سوال: لکڻ وقت ڪيفيت؟
ڊاڪٽر هوند راج: شانتي هجي اهڙو ماحول جيڪر ملي سگهي.
سوال: درد ڇا آهي؟
ڊاڪٽر هوند راج: درد وارن کان پڇو، هر ڪنهن جو جواب جدا جدا هوندو.
سوال: جيڪو لکو ٿا انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
ڊاڪٽر هوند راج: گهڻي حد تائين مطمئن آهيان.
سوال: شاعري ڪهڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
ڊاڪٽر هوند راج: پون ڪمار ماٽا، پوجا وزيراڻي، ارچنا گوسوامي، جگديش منگتاڻي، راجيدي وليڇا، ريچا ڌنواڻي، هيمراج پنجابي ميوزيڪل پارٽي وغيره.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جا مسئلا؟
ڊاڪٽر هوند راج: هنن جي هر لحاظ کان ”سيفٽي“ نظام ضروري آهي.
سوال: عورت ليکڪائن کي ڪهڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون؟
ڊاڪٽر هوند راج: منهنجي خيال ۾ هنن آڏو خاص ڪي مشڪلاتون ڪين آهن. کين همٿايو وڃي ٿو، وجهه ڏنا وڃن ٿا.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
ڊاڪٽر هوند راج: فقط شوق. مجبوري ڪا به ڪانهي.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
ڊاڪٽر هوند راج: ها، شڪايتون گهڻيون آهن، ادب ۾ پوليوشن وڌندو پيو وڃي. ادبي آتنڪ دهشتگردي به ڪنهن حد تائين آهي. اديب واڙا ٺاهي ويٺا آهن. ادبي تنظيمن تي غير ادبي ماڻهن جي ڀرمار آهي.
**

پاڻ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به نه لکيو آهي….. رضوان ڪابورو

پاڻ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به نه لکيو آهي….. رضوان ڪابورو

سوال: نانءُ ولديت سميت؟
رضوان ڪابورو: رضوان احمد ولد محمد حنيف ڪابورو.
سوال: جنم جي تاريخ ۽ هنڌ؟
رضوان ڪابورو: 22 مئي، جنم جو هنڌ دادو شھر
سوال: ادبي نانءُ؟
رضوان ڪابورو: رضوان ڪابورو.
سوال: تعليم؟
رضوان ڪابورو: ايم اي صحافت-نوڪري/پيشو صحافت.
سوال: لکڻ جي شروعات؟
رضوان ڪابورو: ننڍپڻ کان.
سوال: ادبي استاد؟
رضوان ڪابورو: سائين غلام حسين رنگريز، استاد بخاري، حافظ محمد احسن چنا، سائين الهه نواز رُڪڻائي، سائين اسحاق راهي.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
رضوان ڪابورو: ٻاراڻي دور کان.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
رضوان ڪابورو: انسانيت، احساس، مفلسي، ظلم.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
رضوان ڪابورو: ھڪ شعر 1975ع ڌاري آفتاب اخبار جي ٻاراڻي صفحي ۾.
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟
رضوان ڪابورو: خادم وطن، ڪاوش، سرواڻ، بختور، الک، تعمير سنڌ، خبرون، سنڌ، سنڌو، سنڌ بليٽن ٻين ڪيترين ئي ننڍين وڏين اخبارن ۽ عبرت مئگزين، ھزار داستان، ھالار، سنڌو ميگزين.
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
رضوان ڪابورو: گيت ۽ غزل.
سوال: ڪھاڻين جو تعداد... ڪيتريون ڇپيل؟
رضوان ڪابورو: جيڪو ڪجھه به لکيو اھو سڀ ڇپيو.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال؟
رضوان ڪابورو: ڪو به نه
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
رضوان ڪابورو: ھمت افزائي ڪئي وئي.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
رضوان ڪابورو: مائٽن توڙي سنگت ساٿ.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
رضوان ڪابورو: احساس.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
رضوان ڪابورو: جذبات.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب /اديبائون؟
رضوان ڪابورو: شاعرن جو سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه احمد شاهه استاد بخاري.
سوال: پسنديده شخصيت؟
رضوان ڪابورو: شاھ عبداللطيف ڀٽائيرح.
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر؟
رضوان ڪابورو: شاھ جو رسالو،گلاب جو گل،موسم بھار، پھر اھو جيڪو سڪون بخشي.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
رضوان ڪابورو: جڏھن سڄڻ ۽ دشمن جي پرک ٿي.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
رضوان ڪابورو: جڏھن سڄڻن سٽي اس تي اڇلايو.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي؟
رضوان ڪابورو: عورت ھر دور ۾ پيار چاھيو آھي.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
رضوان ڪابورو: محترم، محترم، محترم.
سوال: اڄ ڪلھه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ؟
رضوان ڪابورو: لکڻ ھرڪو ٿو چاھي پر سکڻ کان اڪثر دوست لنوائڻ ٿا.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
رضوان ڪابورو: پڙھندڙ جي کوٽ ۽ مھانگا ڪتاب.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
رضوان ڪابورو: تنقيد براءِ اصلاح ناھي رھي.
سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
رضوان ڪابورو: مون پنھنجي شخصيت ۾ پاڻ تنظيم بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
رضوان ڪابورو: خدا جو انوکو احسان.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
رضوان ڪابورو: ڪھاڻي جو وائينڊ اپ.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
رضوان ڪابورو: باهه آھي.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
رضوان ڪابورو: احساس جو ڪارخانو.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا ؟
رضوان ڪابورو: ڪوبه نه.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
رضوان ڪابورو: عجيب .
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
رضوان ڪابورو: منافقي تي.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ؟
رضوان ڪابورو: ايوراڊن ۽ سرٽيفڪيٽ جي اڄوڪي ميرٽ تي پورو نه ٿو لھان.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
رضوان ڪابورو: ڪردار بڻجي ويندو آھيان.
سوال: درد ڇا آهي؟
رضوان ڪابورو: درد به احساس آهي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪجھه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
رضوان ڪابورو: مون پاڻ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ڪڏھن به ناھي لکيو.
سوال: اوهان جي شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
رضوان ڪابورو: ڪنھن کي به ناھي ڏني.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪھڙا آهن؟
رضوان ڪابورو: ھڪ پگھار ٻيو ڌاري نھار.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
رضوان ڪابورو: سوشل ميڊيا جي اچڻ کان پوءِ مشڪلاتون گھٽجي ويون آهن.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
رضوان ڪابورو: پھرين شوق پوءِ پيشو.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
رضوان ڪابورو: خوبصورت .
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
رضوان ڪابورو: منافقن کان شڪايتون ئي شڪايتون آهن.

اسان جو هَر ليکڪ پاڻ کي سَمجهي ٿو ته مان سڀ کان سُٺو ٿو لکان…..زيب ڪنگو

اسان جو هَر ليکڪ پاڻ کي سَمجهي ٿو ته مان سڀ کان سُٺو ٿو لکان…..زيب ڪنگو

سوال: نانءُ ولديت سميت؟
زيب ڪنگو: اورنگزيب ولد قادر ڏنو خان.
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ؟
زيب ڪنگو: پهرين مارچ 1960ع، ڳوٺ ڪنگا تعلقو ۽ ضلعو لاڙڪاڻو.
سوال: ادبي نانءُ؟
زيب ڪنگو: زيب ڪنگو
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
زيب ڪنگو: ايم اي، رٽائرڊ جيل سپرنٽينڊنٽ.
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
زيب ڪنگو: 1984ع .
سوال: ادبي استاد؟
زيب ڪنگو: سائين اشرف زمان.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
زيب ڪنگو: استاد بخاري.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
زيب ڪنگو: جڏهن مان پريشان هوندو آهيان.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
زيب ڪنگو: ماهوار هالار حيدرآباد ۾ ڇپي.
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
زيب ڪنگو: غزل، گيت، وائي، نظم، ٽيڙو، ڪنٺ، ليڪن مون کي غزل سڀ کان وڌيڪ پسند آهي.
سوال: ڪھاڻين جو تعداد... ڪيتريون ڇپيل؟
زيب ڪنگو: شروع ۾ مون ڪافي ڪهاڻيون لکيون آهي ڪجهه گل ڦل رسالي ۾ شايع ٿيون.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال؟
زيب ڪنگو: هڪ ڪتاب ”احساس جون ڪتڪتايون“ 2003ع ۾ ۽ ٻيو ”خواب رقص ۾“ 2020ع ۾ شايع ٿيو.
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
زيب ڪنگو: منهنجي والدين کي تمام گهڻي خوشي ٿي.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
زيب ڪنگو: منهنجي والد صاحب.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
زيب ڪنگو: هڪ ڏات آهي جيڪا انسان کي اتم بڻائي ٿي.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
زيب ڪنگو: محبت جو ڪوئي ملھه ناهي .
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب/اديبائون؟
زيب ڪنگو: استاد بخاري، شاھ عبداللطيف ڀٽائي، شيخ اياز ۽ سيما عباسي.
سوال: پسنديده شخصيت؟
زيب ڪنگو: ذوالفقار علي ڀٽو.
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر؟
زيب ڪنگو: شاهه جو رسالو، گلاب، نيرو، بهار، شام جو.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
زيب ڪنگو: جڏهن نوڪري ملي.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
زيب ڪنگو: امڙ سائڻ جي وفات تي .
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي؟
زيب ڪنگو: عورت محبت جو ٻيو نالو آهي.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
زيب ڪنگو: قدرت جو هڪ عظيم تحفو آهي، عورت نه هجي ها ته شاعر پيدا ئي نه ٿين ها.
سوال: اڄ ڪلھه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ؟
زيب ڪنگو: اڄڪلھه جا نوجوان تمام سٺو لکن پيا انهن ۾ جدت آهي.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
زيب ڪنگو: هڪ ته ٻين ٻولين (سواءِ اردو) جي ڀيٽ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتاب تمام گهڻا ڇپجن ٿا، پر ڪتابن جا خريدار گهٽ هئڻ سبب ۽ پبلشر جي هڪ هٽي جي ڪري ليکڪ کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي. جيتري ٻين ٻولين جي ليکڪ کي ملي ٿي.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
زيب ڪنگو: اسان جو هر ليکڪ پاڻ کي سمجهي ٿو ته مان سڀ کان سٺو ٿو لکان جيڪڏهن اسان جي سوچ معياري هجي ۽ سهپ جو مادو هجي ته تنقيد ۾ اصلاح آهي.

سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
زيب ڪنگو: سڄي عمر سرڪاري نوڪري کي ڏني جنهن سبب ڪنهن به تنظيم کي ٽائيم ڪونهَ ڏئي سگهيس.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
زيب ڪنگو: هڪ احساس آ.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
زيب ڪنگو: برحق آهي بيشڪ انسان کي واپس موٽي وڃڻو آ.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
زيب ڪنگو:
تو کي نفرت جو اندازو آهي ڪٿي.
ٿي رجائي رکي دل جي ٿرماس کي.

سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
زيب ڪنگو: دل تو پاڳل هي.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
زيب ڪنگو: نوڪري دوران سلسليوار رسالو پرزن رويو سنڌ جو چيف ايڊيٽر رهيس.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
زيب ڪنگو: نرم دل برداشت ڪرڻ جي قوت آهي.
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
زيب ڪنگو: جڏهن ڪو بار بار چوڻ جي ڪوئي وري به منهنجي مرضيءَ جي خلاف ڪم ڪري.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ؟
زيب ڪنگو: نوڪري دوران منهنجا سينئر منهنجي حوصلا افزائي ڪندا رهيا ڪافي مڃتا سرٽيفڪيٽ ملندا رهيا.

سوال: درد ڇا آهي؟
زيب ڪنگو:
درد ڇاهي وڃي پڇو ان کان،
يار جنهن کا صفا رٺل آهي

سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪجھه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
زيب ڪنگو: جي بلڪل.
سوال: اوهان جي شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
زيب ڪنگو: ڪافي سٺن فنڪارن ڳائي آهي جنهن ۾ شمن علي ميرالي، عاشق نظاماڻي، نجف علي وسطڙو، غلام علي سنديلو، برڪت گوپانگ، وزير علي عمراڻي شامل آهن.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪھڙا آهن؟
زيب ڪنگو: اڄڪلھه جي دور ۾ عورت کي مردن جي برابري جا حق مليل آهن پر پوءِ به مرد جي ڀيٽ ۾ ڪمزور آهي، جنھن سبب هن جو گهر کان ٻاهر نڪرڻ ۽ خاص طور نوڪري ڪرڻ کي معاشري ۾سٺو نه ٿو سمجهو وڃي.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
زيب ڪنگو: منهجي خيال ۾ ليکڪ عورت کي اڄڪلھه جي دور ۾ ڪا به مشڪل نه آهي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
زيب ڪنگو: شوق آهي.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
زيب ڪنگو: شهرت ڪنهن کي بري لڳندي آ.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
زيب ڪنگو: پنهنجو پاڻ کان ڇو جو ڪڏهن ڪڏهن دل چاهيندي آ ايترو لکان پر انسان سان گڏ مجبوريون هونديون آهن. ان ڪري لکڻ کي وقت ڪونه ڏئي سگهيس.
ان وقت پاڻ کان شڪايت ڪندو آهيان ته ڪاش مان ڪا اهڙي جاب ڪريان هان جنهن ۾ مون کي لکڻ جو ٽائيم ملي.
**

لکڻ وقت مون ۾ مان نه هوندو آهيان، ڪو اچي مون کان لکرائيندو آهي…. سڪندر سرواڻ

لکڻ وقت مون ۾ مان نه هوندو آهيان، ڪو اچي مون کان لکرائيندو آهي…. سڪندر سرواڻ

سوال: نانءُ ولديت سميت؟
سڪندر سرواڻ: سڪندر سومرو، ولد ڪوڙو خان سومرو.
سوال: جنم جي تاريخ ۽ هنڌ؟
سڪندر سرواڻ: پيدائش 22 جون 1957ع، جنم جو ھنڌ ڳوٺ ھيروخان ڪاڇو، تعلقو جوھي، ضلعو دادو،
سوال: ادبي نانءُ؟
سڪندر سرواڻ: ڪندرسرواڻ.
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
سڪندر سرواڻ: تعليم ماسٽر (ايم اي سنڌي ادب) ڪراچي يونيورسٽي، نوڪري: ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ اسٽيشن تي ڪمپيئر.
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
سڪندر سرواڻ: لکڻ جي ابتدا مھينو ياد ناھي باقي سال 1976ع.
سوال: ادبي استاد؟
سڪندر سرواڻ: احمد خان مدھوش (شاعري ۾)
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
سڪندر سرواڻ: امر جليل.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالهيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
سڪندر سرواڻ: سونھن، معصوميت ۽ بھادري.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
سڪندر سرواڻ: ٻاراڻو نظم روزاني ”آفتاب“ حيدرآباد ۾ ڇپيو.
سوال: ڪهڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟
سڪندر سرواڻ: سنڌ جي سڀني اخبارن ۽ رسالن ۾ ۽ اردو جي رسالي ”معيار“ ۾.
سوال: ڪهڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
سڪندر سرواڻ: نثر ۾ ڪھاڻيون ۽ ڪالم شاعري ۾ غزل ۽ نظم پسند جي صنف ڪالم آھي.
سوال: ڪهاڻين جو تعداد، ڪيتريون ڇپيل؟
سڪندر سرواڻ: سئو کن ڪھاڻيون ٿينديون، سڀ مختلف اخبارن ۽رسالن ۾ ڇپيل آھن.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال؟
سڪندر سرواڻ: ٻه ڪتاب ڇپيا آھن، ھڪ ٻاراڻي شاعري جو ڪتاب ”سرھاگل ساڻيھه جا“ 1992ع ۾ ڇپيو، جنھن تي سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري سنڌي لئنگويج اٿارٽي پاران سال جو بھترين ڪتاب قرار ڏيندي ڪيش ۽ سرٽيفڪيٽ ايوارڊ ان وقت جي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه ھٿان ڏنو ويو.
ٻيو ڪتاب روڊ حادثي ۾شھيد ٿيل معصوم نياڻي ”ڪنول“ جي نالي سان 2014ع ۾ ڇپيو.
سوال: پهرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو رد عمل ڇا هيو؟
سڪندر سرواڻ: سڀني خوشي جو اظھار ڪيو ۽ واڌايون ڏنيون.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصلا افزائي ڪنهن ڪئي؟
سڪندر سرواڻ: معاشري ۾ ٿيندڙ ناانصافين.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
سڪندر سرواڻ: ھڪ خوبصورت تصوراتي دنيا، جنھن سان باقي دنيا جو مطفق ھئڻ ضروري ناھي، ليڪن شاعري زندگي جي ھڪ ڪڙي حقيقت آھي جنھن ۾ اجائي ڊيگھه بجاءِ ٿورن لفظن ۾ وڏو مقصد سمايل ھجي ٿو.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
سڪندر سرواڻ: زندگي جي ٻيو نانءُ محبت آھي، جيڪا صحرا، ويرانن ۽ رڃ ۾ ڀٽڪندڙ اھڙو مسافر ھجي ٿي جنھن جي منزل ھوندي به نه آھي.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب/اديبائون؟
سڪندر سرواڻ: پسند ۾ ڀٽائي، استاد، مدھوش، فضه، بيوس ۽ اسحاق راھي آھن.
سوال: پسنديده شخصيت؟
سڪندر سرواڻ: بابا سائين.
سوال: پسنديده ڪتاب/رنگ/موسم/پهر؟
سڪندر سرواڻ: پسند ۾ شاهه جو رسالو، گلاب جو گل، رنگ ڪارو، موسم جنھن ۾ ھو گڏ ھجي، پھر پرهه ڦٽي.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
سڪندر سرواڻ: جڏھن ھن سان اکيون مليون.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
سڪندر سرواڻ: جيجل امڙ ۽ معصوم ڪنول جو وڇوڙو.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاهي؟
سڪندر سرواڻ: اڄ جي عورت عزت ڀريو مقام ٿي چاھي.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
سڪندر سرواڻ: ھڪ مھڪندڙ ۽ ٽھڪندڙ خوشبودارگل.
سوال: اڄ ڪلهه جيڪو ادب سرجي پيو اُن بابت اوهان جي راءِ؟
سڪندر سرواڻ: نئين ٽھي سٺو پئي نڀائي.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
سڪندر سرواڻ: نه سھپ جي ڪري ھرڪو ھرڪنھن کان پاڻ کي مٿاھون ٿو سمجھي ان ڪري سنگت ۽ سڃاڻپ جو جھان آباد رھي ٿو.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
سڪندر سرواڻ: اسان وٽ تنقيد براءِ اصلاح ته آھي ئي ڪانه، ھا البته ٽوڪ جو رواج قائم آھي، ۽ ظاھر آ تنقيد ۽ ٽوڪ ۾ ايترو فرق ٿئي ٿو جيترو آزادي ۽ ڇڙواڳي ۾ ھجي ٿو.
سوال: ادبي/سياسي/ سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
سڪندر سرواڻ: ڪنھن سان به نه.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
سڪندر سرواڻ: ھڪ خوبصورت خيال، بلڪه پاڻي جو ڦوٽو.
سوال:موت اوهان جي نظر ۾؟
سڪندر سرواڻ: ھڪ بدصورت حقيقت.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
سڪندر سرواڻ: برداشت نه ٿيندڙ ھڪ لمحو.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
سڪندر سرواڻ: بظاھر زندگي کي زندہ رکڻ لاءِ ھڪ اوزار، شاعري جي مزاج ۾ ھن جي رھڻ جو آستانو.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سهيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
سڪندر سرواڻ: ڪل 19 ڪتاب سھيڙيل، ڇپجڻ جي انتظار ۾ آهن، جن جو مواد مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ اڳ ڇپيل آھي، جيڪي ھي آھن:
1-جيئن ڏٺم جيل ۾ (جيل جي ڊائري)، 2- ”منھنجو ريڊيائي سفر“، 3-”ڪالم ڪھاڻي“ (ڪھاڻيون)، 4- ”ڪالم“، 5- ”بينظير ڀٽو کان نوازشريف تائين“، 6- ”بادل بنان برسات“ (شاعري)، 7-”ر ڃ ۾ رڙ“ (شاعري)، 8- ”زندگي ھڪ ٻه واٽو“ (ڪھاڻيون)، 9- ”ساڙولي دنيا“ (شوبزڪالم)، 10- ”فن ۽ فنڪار“، 11- ”ٻارن جو سنسار“ (ٻارن لاءِ ڪالم ڪمپوز ٿيل)، 12- ”اندر جنين اڌ“ (ٽي وي پلي ٽليڪاسٽ ٿيل)، 13-”سورج شاخون ڪڍيون“ (ريڊيو ڪمپئرنگ)، 14-”ديسي ياترا“ (ملڪي سفر نامه)، 15- ”مرڪ“ (ايڊيٽوريل)، 16- ”ڏات ڌڻي“ (مختلف انٽرويو)، 17- ”ڄاڻ خزانو“ (معلوماتي سوال جواب)، 18- ”سڄڻ توکي خبر ڪھڙي“ (ڪالم)، 19- ”اي ڪاش اھو تون ڄاڻين ھا“ (ڪالم).
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
سڪندر سرواڻ: موڊي، خاموش ۽ تيز.
سوال: ڪهڙين ڳالهين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
سڪندر سرواڻ: مزاج جي خلاف ٿيندڙ ڳالھين تي.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/سرٽيفڪيٽ؟
سڪندر سرواڻ: ڍير سارا ريڊيو ۽ ادب لاءِ ايوارڊ شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
سڪندر سرواڻ: لکڻ وقت مون ۾ مان نه ھوندو آھيان، ڪو اچي پنھنجو پاڻ کي مون کان لکرائيندو آھي.
سوال: درد ڇا آهي؟
سڪندر سرواڻ: زندگي جو اصل مقصد درد آھي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪجهه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
سڪندر سرواڻ: مطمعن معنيٰ موت، زندگي مان ڪڏھن به مطمئن نه ٿو ٿي سگھجي.
سوال: اوهان شاعري ڪهڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
سڪندر سرواڻ: ڪنھن به فنڪار منھنجي شاعري نه ڳائي آھي.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪهڙا آهن؟
سڪندر سرواڻ: ملازمت ڪندڙ عورتون نه چاھيندي به مرد جي بکايل نظرن جو مرڪز رھن ٿيون جيڪو ھڪ الميو آھي.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪهڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
سڪندر سرواڻ: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي فيس بوڪ تي واهه واهه جي موٽ ته سٺي ٿي ملي پر اھا واهه واهه تخليق کان وڌيڪ صورت ۽ نالي لاءِ ھجي ٿي جيڪو به ھڪ الميو آھي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
سڪندر سرواڻ: لکڻ نه منھنجو شوق آھي نه مجبوري، بلڪه ھڪ جذبو آھي ته مان به معاشري کي ڪجهھ ڏيان.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
سڪندر سرواڻ: شھرت ڪنھن کي سٺي نه لڳندي!!!؟
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
سڪندر سرواڻ: پنھنجو پاڻ کان شڪايت اٿم نه ڪنھنجي من ۾ سمائجي سگھيس نه ڪنھن کي من ۾ سمائي سگھيس.
آڪاش انصاري چواڻي:
اسان بس رھياسين اڌورا اڌورا.
**
..

انائن جي ور چڙهي ويل مُحبتون، رتُ جي رشتن جي شُناس وساريندي دير نه ڪنديون آهن. سيما عباسي

انائن جي ور چڙهي ويل مُحبتون، رتُ جي رشتن جي شُناس وساريندي دير نه ڪنديون آهن. سيما عباسي


سوال: نانءُ ولديت سميت؟
سيما عباسي: سيما پروين، ولد لعل محمد عباسي.
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ؟
سيما عباسي: 18 اپريل 1973ع، لاڙڪاڻو.
سوال: ادبي نانءُ؟
سيما عباسي: سيما عباسي.
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو.؟
سيما عباسي: مان ستين درجي کان پوءِ پنهنجي پوري تعليم پرائيويٽ طور تي حاصل ڪئي آھي. ايم اي سنڌي ادب، ايم اي اردو ادب ۽ ايم اي ايجوڪيشن. باقي ڪراچي يونيورسٽي مان ايم فل ھلندڙ ۽ ريگيولر آھي. 2005ع ۾ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ڪاليج ۾بحيثيت ليڪچرار نوڪري جي شروعات ڪئي.
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
سيما عباسي: 1985ع کان.
سوال: ادبي استاد؟
سيما عباسي: سڀن سينئر اديبن کي استاد جي نگاهه سان ڏسندي آهيان ۽ انھن جي تخليقڪن کي پڙھي ڪجھه نه ڪجھه سکڻ ۽ لکڻ جي ڪوشش ڪندي آھيان.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
سيما عباسي: ادي نورالھديٰ شاهه جون ڪھاڻيون پڙھي ۽ اردو ڊائجسٽ پڙھي لکڻ ڏي راغب ٿيس.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
سيما عباسي: معاشري جو ڪو اهڙو واقعو يا هاڃو جيڪو حساسيت کي مظطرب ڪري وڃي، جيئن زينب يا صائمه جروار جھڙا واقعا ان کان علاوه سارنگ شر جھڙن ڪردارن جي نندا ڪرڻ لاءِ پڻ قلم سدائين حرڪت ۾ ايندو رهيو آھي، ان حوالي سان پڙھندڙن جي موٽ به سدائين اتساهه جو سبب رھي آهي.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
سيما عباسي: 1985ع ۾ اردو ڊائجسٽ ”سچي ڪھانيان“ ۾ ڇپي.
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيون آهيو؟
سيما عباسي: ڪاوش، ھزار داستان، آداب عرض، سورمي، سنڌ راڻي، نئين آس، سچي ڪھانيان، نواءِ وقت، عوامي آواز، 92 ، نئين بات، احساس، سنڌ راڻي، لوڪ ميگزين وغيره.
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
سيما عباسي: مڙني صنفن تي لکڻ جي ٿوري ٿڪي ڪوشش ڪئي اٿم پر پسنديده صنف غزل آهي. ان تي گھڻو لکيو آهي.
سوال: ڪھاڻين جو تعداد... ڪيتريون ڇپيل؟
سيما عباسي: سئو کن ٿي وينديون، جنھن مان 10 ڇپيل آھن ۽ 23 ڪھاڻين تي مشتمل ڪهاڻي ڪتاب ”ڪُلهي ڪانڌي ڪيرُ“ اشاعت هيٺ آھي.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال؟
سيما عباسي: ”لفظن ڀوڳيو آ بنواس“ 2015ع طبعزاد
”ڏات جي ديوي“ 2017ع، فن، فڪر شخصيت مرتب: غلام مصطفيٰ سولنگي، ”لاشا لڙڪن جا“ 2018ع، طبعزاد ”تو سيما نانءُ ٻڌو آھي؟“ فن، فڪر شخصيت، مرتب: غلام مصطفيٰ سولنگي.
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
سيما عباسي: ڪو خاص نه... ڇو ته انھن کي ادب سان ڪائي دلچسپي ڪونه رھي آھي. بلڪه ادبي حوالي سان جڏھن جڏھن مون سان مسئلا ٿيندا رهيا آھن ته سپورٽ ڪرڻ جي بدران اها صلاح ڏيندا رهيا آھن ته مون کي لکڻ ڇڏي ڏيڻ گهرجي. ان معاملي ۾ مون کي صرف پنھنجي گهرواري جو ڀرپور ساٿ رھيو آھي.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
سيما عباسي: منهنجي پڙھندڙن جو اتساھيندڙ رويو مون لاءِ سدائين حوصلا افزائي جو باعث رهيو آھي.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
سيما عباسي: هونئن ته شاعري شعور جي اھڙي طاقت آھي، جنهن جي ذريعي معاشري ۾ تبديلي آڻي سگھجي ٿي. پر مان ادب کي قران شريف کان پوءِ زندگي گذارڻ جو مڪمل ضابطهءِ حيات سمجھندي آھيان.
سوال: محبت اوهان جي نظر۾؟
سيما عباسي: محبت ھڪ حسين جذبو آهي، محبت کانسواءِ ڪائنات جو تصور اڻپورو آھي، پر شرط اهو آھي ته محبتون انائن کان بالاتر ٿي ڪري ڪيون وڃن. هونئن ته ھر رشتو محبت جو متقاضي آھي. پو اهو رشتو زال مڙس جو هجي، ڀيڻ ڀاءُ جو هجي يا اولاد ۽ والدين جو ڇونه هجي. پر انائن جي ور چڙھي ويل محبتون رت جي رشتن جي شناس وساريندي دير ڪونه ڪنديون آھن. محبتون عاجزي ۽ انڪساري جون گهرجائو هونديون آھن.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب /اديبائون.؟
سيما عباسي: رومي، علام اقبال، شاه عبداللطيف ڀٽائي، شمس تبريز، شيلي، نورالھديٰ شاهه، فيض، غالب، قدرت الله شهاب، استاد بخاري، اياز گل، شيخ اياز، پابلو نرودا، ساحر لڌيانوي، وصي شاھ، مستنصر حسين تارڙ، هاشم نديم، نسيم جاويد سيد، رفيق احمد اختر، ميڪاولي، امر جليل، ادل سومرو، بانو قدسيه، قرت العين حيدر، اشفاق احمد، او هنري، محسن نقوي، جون ايليا، امرتا پرتم، نزار قاباني، ورجينياوولف، منٽو، واجده تبسم، شيڪسپيئر ، اوشو، عميرا احمد ۽ ھر سٺو لکندڙ.
سوال: پسنديده شخصيت؟
سيما عباسي: حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله وعليه وسلم.
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر؟
سيما عباسي: پسند جا ڪتاب ته ڪيترا ئي آھن، پر قرآن پاڪ کي زندگي گذارڻ جو مڪمل اصلاحي ڪتاب سمجهان ٿي، ان کان علاوه ننڍپڻ ۾ پڙھيل ڪتاب ”جلاوطن“ مون کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. نسيم جاويد سيد جو هڪ ناول جنھن جو نالو ” پتهر کے مسیحا“ هيو، اهو پڻ پڙھڻ جي حوالي سان منھنجو پهريون ناول هيو. جنھن مون کي تمام گھڻو متاثرڪيو. هميشه اهو موسم وڻندو آھي، جڏهن من جو موسم من مهڻو هوندو آھي، پھر اهو وڻندو آھي، جنهن گهڙي ڪو نئون غزل لکي پورو ڪندي آھيان،گل موتيي ۽ گلاب جا وڻندا آھن.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
سيما عباسي: جڏهن بحيثيت استاد منهجي ان ئي ڪاليج ۾ مقرري ٿي جتان مان پرائيويٽ طور تي ماسٽرس ڪئي هئي، اها گهڙي منهنجي زندگيءَ جي حسين ترين گهڙي هئي ۽ منھنجي زندگيءَ جي پھرين خوشي پڻ.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
سيما عباسي: ننڍپڻ ۾ جڏھن پنهنجي امڙ جي وفات جي خبر ٻڌي تنھن پل شعوري طور تي تمام گهڻي تڪليف ٿي هئي.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي؟
سيما عباسي: اڄ جي عورت ايتري شخصي آزادي ضرور چاهيندي آھي ته اها جيڪڏهن پنهنجي ذات لاءِ ڪو فيصلو وٺڻ چاهي ته هوءَ پنهنجي مڙس ڀاءُ ۽ پٽ جي خوف کان سواءِ اهو فيصلو وٺي سگھي.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
سيما عباسي: عورت منهنجي نظر ۾ سماج جو هڪ اهڙو اھم حصو آھي، جنھن کانسواءِ ڪنهن به گهر جو ڪاروھنوار هلڻ تمام گهڻو مشڪل آھي. جيڪڏهن عورت جي تعليم ۽ تربيت اخلاقي قدرن کي مدنظر رکي ڪئي ويندي ته هوءَ نه صرف پنهنجو ڪردار گهر ۽ سماج جي حوالي سان بهتر نموني سان ادا ڪري سگهي ٿي بلڪه، هوءَ ڪيترن ئي اهڙن ناقابل فراموش ڪردارن جي آبياري پڻ ڪري سگهي ٿي، جيڪي معاشري جي فلاح، بهبود ۽ ترقي ۾ اهم ثابت ٿي سگھن ٿا.
سوال: اڄ ڪلھه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ؟
سيما عباسي: هر دور وانگر هن دور ۾ پڻ جديد گهرجن مطابق بهترين ادب سرجي رهيو آ، پر هر دور وانگر معيار جي حساب سان اڃا وڌيڪ ٻاهرين ادب سان مطابقت رکندڙ ادب سرجي سگهجي ٿو۔ ان حوالي سان اسان کي پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪرڻ گهرجي.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
سيما عباسي: ان حوالي سان ملڪي ترقي کي مدنظر رکي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اها ڳالهھ صرف اسان جي ادب تي ئي لاڳو نه ٿي ٿئي بلڪي ٻين گهڻين ئي شعبن ۾ اسان پٺتي رھجي ويا آهيون، ان جو جو اثر يقينن ادب تي به ضرور پيو هوندو. سبب انيڪ رهيا هوندا. جذبن ۾ سچائي، ايمانداري خوداري ۽ محنت جي کوٽ به ٿي سگهي ٿي، پر اميد تي دنيا قائم آهي وري به بهتري جون اميدون رکڻ سان ئي خوش آئيند خوابن جي تعبيرن ڏي پهرين وک وڌائي سگهبي آھي.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
سيما عباسي: تعميري تنقيد کي ادب جو لازمي جزو سمجھڻ گھرجي پر اسان وٽ اصلاحي تنقيد جو رواج گھٽ رهيو آھي. تنهنڪري اھا ادب لاءِ ايتري فائديمند ڪونه آهي. ادب ۾ تنقيد براءِ تنقيد نه پر تنقيد براءِ اصلاح جي اھميت کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
سيما عباسي: ميمبرسنڌي ادبي سنگت ڪراچي، ميمبر آرٽس ڪائونسل ڪراچي، ميمبر ينگ رائيٽرس فورم حيدرآباد، ميمبر ادبيات اڪيڊمي ڪراچي، ادبي ۽ سماجي فورمن جي ميمبر ضرور رهي آهيان پر منهنجي ڪنهن به سياسي پارٽي سان وابستگي ڪونهي ڇو ته سياست سان صرف ڪالمن لکڻ جي حد تائين دلچسپي رهي آھي.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
سيما عباسي: قدرت طرفان مليل حسين تحفو آھي. جنهن جو اسان سڀني کي دل سان قدر ڪرڻ گھرجي ۽ زندگي کي دين ۽ دنيا جي حوالي سان بهتر کان بهتر انداز ۾ گذارڻ لاءِ پڻ سچي نيت سان محنت ڪرڻ گهرجي.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
سيما عباسي: هڪ اھڙي ٺوس حقيقت جنهن کي جھٽلائي نه ٿو سگهجي. ان حوالي سان منھنجو هڪ شعر آھي ته:
موت نه آھي مھڻو سائين،
ڪونه هتي آ رهڻو سائين. (س۔ع)
سوال: نفرت ڇا آهي؟
سيما عباسي: نفرت احساس ڪمتري جو ٻيو نالو آهي، جيڪو ٻيو ڪجھه نه ڪري سگھندو آھي اھو نفرت ڪندو آهي.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
سيما عباسي: منهنجي خيال ۾ دل کان سواءِ ڪنهن به ماڻھوءَ کي انسان چورائڻ جڳائي ڪونه ٿو. دل کان سواءِ دماغ رکندڙ ماڻھو روبوٽ ته ٿي سگهي پر انسان نه.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
سيما عباسي: ڪيترائي آھن:
ڪهاڻين تي آڌاريل ڪتاب، نظمن تي آڌاريل ڪتاب، اردو شاعري تي آڌاريل ڪتاب، غزلن تي آڌاريل ڪتاب، تصوف جي موضوع تي آڌاريل ڪتاب، اردو سنڌي ڪالمن تي آڌاريل ڪتاب، اردو سنڌي خاڪن تي آڌاريل ڪتاب، تحقيق جي موضوع تي آڌاريل ڪتاب.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
سيما عباسي: حقيقت پسند چئي سگھو ٿا، پر خواب ڏسڻ ۽ انھن جي ساڀيائن لاءِ نيڪ نيت ٿي جاکوڙ ڪرڻ سٺو لڳندو آھي.
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
سيما عباسي: ڪوڙ ۽ دوکي تي تمام گهڻي ڪاوڙ ايندي آھي.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ؟
سيما عباسي: ڪافي ادارن کان ايوارڊ ۽ شيلڊيون ملنديون رهنديون آھن، ڪيترن ئي رسالن جا مڃتا نمبر پڻ نڪتل آھن.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
سيما عباسي: لکڻ وقت شعوري پنڌ ڏي گامزن ھوندي آھيان ۽ ٻئي دنيا کان ڪٽيل، بس موضوع ذھن ۾ هوندو آهي.
سوال: درد ڇا آهي؟
سيما عباسي: درد ھڪ اھڙي ڪيفيت جو نالو آهي جنھن کي ڪو پنهنجو اتساھ بڻائيندو آهي ته ڪو وري پنهنجي احساس ڪمتري بڻائيندو آھي. بهرحال ڏکن کي طاقت بڻائڻ گهرجي انهن کي پنهنجي ڪمزوري هرگز بڻائڻ نه گهرجي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿيون يا جيڪو ڪجھه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
سيما عباسي: بلڪل نه، ان ڪري جيڪڏهن ڪو ليکڪ پنهنجي لکڻ مان مطمئن ٿي ويندو ته اڳتي جي لاءِ بهتر ڪم ڪرڻ جي جستجو ڇڏي ڏيندو. منهنجو اهو يقين آھي ته هر نئون ڏينهن اسان کي نئون شعور ۽ نئين سوچ ڏيئي ويندو آھي جنهن جي بدولت اسان قلم جي حوالي سان بهتر کان بهتر ادب تخليق ڪري سگهون ٿا.
سوال: اوهان جي شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
سيما عباسي: ڪافي آھن جن ۾: عاشق نظاماڻي، برڪت علي، سليم ڪنڀر، سميت ٻين ڪيترن ئي گلوڪارن ڳائي آهي.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪھڙا آهن؟
سيما عباسي: ملازمت ڪندڙ عورتون پنهنجي گھر لاءِ وقت گھٽ ڪڍي سگهن ٿيون. پر تنهن جي باوجود هو نوڪري ۽ گهر جي زميدارين کي بهتر حوالي سان نڀائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل رهن. جنهن جو صلو اڪثر وري انهن کي مڙس جي جهڙڪين ۽ طعنن جي صورت ۾ ملندو آهي، هو ٻاهر پڻ سوين مسئلن کي منهن ڏين ٿيون گهر ۾ وري ٻيا هزارين مسئلا هنن کي منتظر ملندا آھن. انهن لاءِ بهرڪيف ڏکي صورتحال هوندي آهي جن سان ويچاريون پنهنجي وت ۽ وس آھي پيون منهن ڏينديون آھن.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
سيما عباسي: عام عورت هجي يا ليکڪ عورت، عورت جو سماجي طور تي ۽ معاشي طور تي مضبوط ٿيڻ ئي سڀني مسئلن جو واحد حل آهي . پر ان لاءِ ضروري آھي ته سڀ کان پهريان هر عورت پنهنجي عظمت ۽ اهميت کي سڃاڻيندي پنهنجي اخلاق ۽ ڪردار جي حوالي سان پاڻ کي ان مانائتي مرتبي جي لائق بڻائي. پراعتماد عورت هر محاظ تان پنهنجي صلاحيتن جي بل بوتي تي مرداڻي معاشري جي جوٽيل هر روايتي جنگ ۾ سرخرو ٿي ڏيکاريندي آھي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
سيما عباسي: شوق ۽ شعوري ذميواري، مجبوري هرگز ناھي.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
سيما عباسي: شھرت قدرت جي طرفان مليل هڪ خوبصورت انعام آهي، جنهن جو قدر ڪرڻ گهرجي، پر جيسيتائين هن جو ذائقو چکيل نه هوندو آھي ته تيسيتائين ڏاڍي دل آويز لڳندي آهي. پر جڏهن ملي ويندي آهي، ته پوءِ ايتري اهم نه لڳندي آھي. بهرڪيف ماڻھو ڪڏهن ڀري ۾ ھوندو آهي ته ڪڏهن ڀاڪر ۾، سو هر تبديل ٿيل وقت ۾ پنهنجي اصليت ۽ عاجزي کي وسارڻ هرگز نه گهرجي.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
سيما عباسي: ڪا به نه !ڪنھن کان به نه.... ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو پاڻ کان انيڪ شڪايتون محسوس ٿينديون اٿم. جيڪي هتي ٻڌائي نه ٿيون سگهجن.

زندگيءَ جو سمورو فلسفو مُحبت ۾ ئي سمايل آهي. شعبان ”منتظر“ ملاح

زندگيءَ جو سمورو فلسفو مُحبت ۾ ئي سمايل آهي. شعبان ”منتظر“ ملاح

سوال: نانءُ ولديت سميت؟
شعبان منتظر: محمد شعبان ولد خميسو خان ملاح.
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ؟
شعبان منتظر: 03 اپريل 1974ع، ڳوٺ پراڻي ڪلري لڳ پاٽ.
سوال: ادبي نانءُ؟
شعبان منتظر: ”منتظر“ ملاح.
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
شعبان منتظر: ايم ايم اردو، خانگي نوڪري.
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو...
شعبان منتظر: اپريل 1995ع.
سوال: ادبي استاد؟
شعبان منتظر: مرحوم سائين الهه نواز رڪڻائي صاحب.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
شعبان منتظر: تبسم جي شاعري سٺي لڳندي ھئي ۽ ان ئي متاثر ڪيو.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
شعبان منتظر: ڪائنات جي خوبصورتي سان گڏ دنيا جو فريب، دوکو ظلم ۽ زيادتي.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
شعبان منتظر: ماھوار ”برحق“ ڪراچي 1995ع
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟
شعبان منتظر: ماھوار السنڌ اسلام آباد، ماھوار برحق ڪراچي، ماھوار پورب ڪراچي، ريڊيو پبليڪيشن، ماھوار خوشبوءِ، ماھوار ادب، ماھوار ديد، ماھوار سندرتا، روزاني جاڳو، سرواڻ، آفتاب، ماھوار مکڙيون، ماھوار پوکيون گل گلاب جا.
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
شعبان منتظر: غزل، گيت، وائي، نثري نظم، ٽيڙو، چوسٽا، پسنديده صنف غزل.
سوال: ڪھاڻين جو تعداد، ڪيتريون ڇپيل؟
شعبان منتظر: پنج ڪھاڻيون ڇپجي چڪيون آھن.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال؟
شعبان منتظر: ڪو به نه.
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
شعبان منتظر: رشتيدارن کي خبر ئي نه ھئي.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
شعبان منتظر: ڪتابن سان لڳاءُ ئي حوصله افزائي جو سبب بڻيو.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
شعبان منتظر: خوبصورت خيالن سان گڏ معاشري کان مليل پيڙائن جو اظھار.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾ ؟
شعبان منتظر: زندگيءَ جو سمورو فلسفو محبت ۾ ئي سمايل آھي.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب /اديبائون؟
شعبان منتظر: سٺي لکڻ وارا سڀ شاعر/شاعرائون، اديب/اديبائون سڀ پسند اٿم .
سوال: پسنديده شخصيت؟
شعبان منتظر: ڊاڪٽر عبدالغفار ڀٽي صاحب.
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر؟
شعبان منتظر: ڀڳل کنڀڙاٺيون/ گلاب/ اسڪاء بلو /بھار /جنھن پھر ھلڪي برسات وسي رھي ھجي.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
شعبان منتظر: جھاز جو سفر.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
شعبان منتظر: بابا جو انتقال.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي؟
شعبان منتظر: اھو ته عورت ئي بھتر ٻڌائي سگھي ٿي.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
شعبان منتظر: سنسار جي سونھن.
سوال: اڄڪلھه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ.؟
شعبان منتظر: منھنجي نظر ۾ ته ادب جو سرجڻ تمام گھڻو گھٽجي ويو آھي، جيڪو لکجي پيو سو به معياري ناھي.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
شعبان منتظر: جن تمام سٺو لکيو انھن کي پنھنجي پڙھندڙن وٽان پذيرائي ملي چڪي آھي، مثال طور نسيم کرل، امر جليل، نورالھديٰ شاهه وغيره.
سوال:.تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
شعبان منتظر: اصلاح جو ٻيو نالو تنقيد آهي، شعوري ڪيفيت نه ھئڻ ڪري تنقيد ڏکي ٿي لڳي.
سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
شعبان منتظر: سنڌي ادبي سنگت ۽ سماجي تنظيمن سان وابستگي رھي آھي.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
شعبان منتظر: ھڪ آزمائش.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
شعبان منتظر: بيحد مشڪل.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
شعبان منتظر: انسانيت جي دشمن.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
شعبان منتظر: دل ئي ته آھي، جيڪا گھمائي پئي.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
شعبان منتظر: ھڪ شاعري ۽ ھڪ ڪھاڻين جو ڪتاب. نالا اڃا نه ڏنا آھن.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
شعبان منتظر: تنھائي پسند.
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
شعبان منتظر: ڪوڙ ڳالھائڻ تي.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ؟
شعبان منتظر: ادبي حوالي سان ڪو به نه.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
شعبان منتظر: لکڻ وقت آس پاس ۽ وقت جو احساس ئي نه رھندو آھي.
سوال: درد ڇا آهي؟
شعبان منتظر: ان کي سمجھڻ لاءِ ان جو نالو ئي ڪافي آهي، تنھن ھوندي به ڪڏھن ڪڏھن ان جو احساس روح کي تسڪين پھچائي وٺندو آھي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪجھه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
شعبان منتظر: نه اڃا بھتر لکڻ جي خواھش آھي.
سوال: اوهان جي شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
شعبان منتظر: منظور سخيراڻي.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪھڙا آهن؟
شعبان منتظر: اھو عورت ئي بھتر ٻڌائي سگھي ٿي.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
شعبان منتظر: عورتن لاءِ لکڻ ايترو سولو ناھي تنھن ھوندي به ڪيتريون ئي عورتون سٺو لکي رھيون آھن.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
شعبان منتظر: شوق.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
شعبان منتظر: شھرت سان ڪادلچسپي ناھي.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
شعبان منتظر: بلڪل نه.
**

مون جيڪو لکڻ چاهيو سو اڃا لکي ئي نه سگهي آهيان. شمس مارئي

مون جيڪو لکڻ چاهيو سو اڃا لکي ئي نه سگهي آهيان. شمس مارئي

سوال: نانءُ ولديت سميت؟
شمس مارئي: شمس النساءِ، احسان علي ٽالپر.
سوال: جنم جي تاريخ ۽ هنڌ؟
شمس مارئي: 15 جنوري 1971ع، مير محله جهڏو شهر.
سوال: ادبي نانءُ؟
شمس مارئي: شمس مارئي.
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
شمس مارئي: ڊبل ايم اي، ايم ايڊ ۽ سنڌي ۾ ايم فل جاري. ليڪچرر سنڌي گورنمينٽ گرلس ڪاليج ٽنڊو جان محمد.
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
شمس مارئي: لکڻ جي شروعات 1987ع کان ڪئي ريڊيو حيدرآباد جي ادبي پروگرام ”اندر جو آواز“ کان، پوءِ اخبارن ۽ رسالن ۾ به لکڻ شروع ڪيو.
سوال: ادبي استاد؟
شمس مارئي: ادبي استاد گهر ۾ ئي موجود هئا، منهنجا وڏا يعني ناناڻا، توڙي ڏاڏاڻا ادبي ماڻهو هئا. منهنجو بابا هڪ وڏو سگهڙ هو. لوڪ ادب تي مهارت هيس. ڏور بيت ڳجهارتون مام ۽ لوڪ ڪهاڻيون الف اشباه جي قافيي وارو قصص الانبياءَ وٽن هو، جيڪو اڪثر زور سان پڙهندو هو ۽ اسين ٻڌندا هئاسين. شاه لطيف جو حافظ چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. لطيف سائين جا بيت سر ۾ پڙهندو هو، لطيف سائين جو اچار بابا کان سکيم. ان کان علاوه منهنجي ناني جو ڀاءُ محمود فقير درويش پڻ اعليٰ پائي جو شاعر ۽ نثر نويس هو. سندس بنا نڪتن جي شاعري جيڪا نعت جي صورت ۾ آهي اها ڇپي به آهي.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
شمس مارئي: وقت ۽ حالتن کان، انساني روين کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو پر لکڻ جا ٻيا به کوڙ محرڪ هئا مثلن سنڌ ڌرتي ۽ لطيف سان پيار، سنڌي قوم کي سجاڳ ڪرڻ وغيره ڇوته اهو دور سنڌي مهاجر فسادن ۽ نفرتن جو دور هو.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالهيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
شمس مارئي: کوڙ شيون هن ڪائنات ۾ آهن جيڪي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن هڪ ليکڪ حساس ٿئي ٿو ان کي هر ننڍي ۾ ننڍي ۽ وڏي ۾ وڏي ڳالهه لکڻ تي مجبور ڪندي آهي. ڪڏهن چانڊوڪين سان چاهه ته ڪڏهن من ملول، معاشري ۾ ٿيندڙ بي انصافيون، نفرتون، محبتون، دوکا، سونهن، قدرت جا رنگ وغيره وغيره.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
شمس مارئي: پهرين تخليق جيجي زرينه بلوچ تي لکيل تاثر هو، جيڪو آپا سلطانه وقاصي ”هلال پاڪستان“ اخبار جي عورتن جي صفحي ۾ ڇاپيو هو سال ياد ناهي.
سوال: ڪهڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيون آهيو؟
شمس مارئي: هلال پاڪستان ۽ عوامي آواز اخبار ۽ هڪ ميرپور خاص مان نڪرندي هئي، هفتي وار نالو ياد نه ٿو اچي. ڪافي پراڻي ڳالهه آهي، انهن اخبارن ۾ ۽ عبرت مئگزين، سوجهرو، هزار داستان، سگهڙين سٿ رسالن ۾ به ڇپي آهيان.
سوال: ڪهڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
شمس مارئي: نثر ۾ ڪهاڻي ۽ تاثر مضمون جڏهن ته شاعري ۾ ٽيڙو نثري نظم بيت غزل وغيره پسنديده صنف ڪهاڻي آهي شاعري ۾ نظم ۽ ٽيڙو.
سوال: ڪهاڻين جو تعداد، ڪيتريون ڇپيل؟
شمس مارئي: ڪهاڻيون ته کوڙ آهن، پر ڇپيل فقط ٽي آهن.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال؟
شمس مارئي: ڪتاب ناهي ڇپرايو.
سوال: پهرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو رد عمل ڇا هيو؟
شمس مارئي: پهرين تخليق تي مائٽ خوش ٿيا هئا، اسان وٽ ادبي ماحول ته اڳي ئي هو.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصلا افزائي ڪنهن ڪئي؟
شمس مارئي: منهنجي وڏي ڀيڻ آپا حسنه منهنجي هر لکڻي کي ساهه سان سانڍي رکيو ۽ اتساهه به ڏيندي هئي.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
شمس مارئي: شاعري اندر جي اوٻر يعني ٻاڦ ڪڍڻ جو ذريعو ٿي سمجهان.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
شمس مارئي: محبت اهو جذبو جيڪو جيئڻ جوڪارڻ بڻجي ٿو.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب/اديبائون؟
شمس مارئي: شاعر ته لطيف سائين سڀ کان پهرين پوءِ اياز ۽ استاد بخاري، اياز گل، حسن درس، بخشڻ مهراڻوي ۽ کوڙ نالا آهن، اوهان (درد سولنگي) سميت. عورتن ۾ آپا سلطانه وقاصي، ميمڻ روشن تبسم، روبينه ابڙو، سيما عباسي، نسرين الطاف، جھان آرا سومرو، ماهين هيسباڻي کوڙ ساريون شاعرائون آهن سٺو لکن پيون. اديبن ۾ ڪيئي ڪتابن جو خالق رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، پير حسام الدين راشدي ۽ پير علي محمد راشدي، موهن ڪلپنا ۽ وهي کاتي جا پنا لکندڙ هندستاني اديب لڇمڻ ڪومل، الطاف شيخ، نسيم کرل، غلام نبي مغل، رسول بخش پليجو، ڪرشن چندر، نسيم حجازي ۽ اڻ ڳڻيا نالا آهن. ليکڪائن ۾ امرتا پريتم، ماهتاب محبوب، رشيده حجاب، خير النساءَ جعفري، نور الهديٰ شاهه ۽ بانو محبوب جوکيو.
سوال: پسنديده شخصيت؟
شمس مارئي: آخري نبي پاڪ جنهن جي آءٌ گنهگار امتياڻي آهيان، منهنجي پسنديده شخصيت آهي.
سوال: پسنديده ڪتاب/رنگ/موسم/پهر؟
شمسم مارئي: پسند جو ڪتاب قرآن مجيد ۽ شاهه لطيف جو رسالو، گل موتيو، گلاب، چنبيلي ۽ گوبي سڀ پسند آهن، رنگ اڇو سڀ کان وڌيڪ، موسم هر اها موسم جنهن ۾ دل ۽ روح خوش هجن هونئن سيارو ۽ اڀرندڙ سج وارو وقت.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
شمس مارئي: جڏهن ماءُ بڻيس منهنجي ڌيءَ جو جنم.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
شمس مارئي: بابا جو وڇوڙو سڏڪو ۽ صدمو به ساڳيو.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاهي؟
شمس مارئي: اڄ جي عورت جيڪو چاهي ٿي اهو لکڻ سٺو نه ٿو لڳي.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
شمس مارئي: عورت خدائي تحفو آهي.
سوال: اڄ ڪلهه جيڪو ادب سرجي پيو اُن بابت اوهان جي راءِ؟
شمس مارئي: اڄ ڪلهه جي ادب ۾ چوري وڌيڪ آهي هونئن لکڻ وارا لکن بهترين پيا، جيئن ضراب حيدر ۽ طارق قريشي جون لاجواب ڪهاڻيون آهن، زيب سنڌي به بهترين ڪهاڻيون پيو لکي، شاعرن ۾ انور ساگر ڪانڌڙو، علي محمد درد، استاد راهي سومرو، مشتاق مهر بهترين شاعري ڪن پيا. نوجوان سرمد کوسو ۽ کوڙ شاعر اديب سٺو لکن پيا.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
شمس مارئي: سنڌي زبان ۾ لکڻ وارن کي ان ڪري پذيرائي نه ٿي ملي جو ترجمي ڪرڻ وارا اسان وٽ ناهن جي سنڌي ادب موجوده دور ۾ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿئي ته عالمي پذيرائي ملي سگهي ٿي.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
شمس مارئي: تنقيد ادب کي سنوارڻ ۽ اديب کي پنهنجي غلطين کي سڌارڻ جو نالو آهي، اسان وٽ تنقيد براءِ تنقيد ٿئي ٿي جيڪا ليکڪ جي تخليق کان وڌيڪ سندس ذات تي هوندي آهي ان ڪري برداشت نه ٿي ٿئي.
سوال: ادبي/سياسي/ سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
شمس مارئي: سياسي تنظيم ۾ رسول بخش پليجي صاحب جي عوامي تحريڪ ۾ شروع کان رهيس ۽ 1995ع تائين رهيس سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي پريس سيڪريٽري عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي ۽ سنڌي شاگردياڻين جي تنظيم جي مرڪزي ڪميٽي ۾ رهيس. ادبي ڪنهن به تنظيم ۾ نه رهيس.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
شمس مارئي: زندگي هڪ سفر آهي.
سوال:موت اوهان جي نظر ۾؟
شمس مارئي: موت جو مزو چکڻ وارا موٽيا ناهن، ڪيئن خبر پوي ته ڇاهي؟
سوال: نفرت ڇا آهي؟
شمس مارئي: نفرت انسان جي اندر جو احساس آهي جيڪو غليظ سوچ جي ماڻهن ۽ ڪڌن سماجي قانونن خلاف جنم وٺي ٿو.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
شمس مارئي: دل انسان جي جياپي لاءِ الله جو تحفو آهي.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سهيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
شمس مارئي: ڪا خبر ناهي ڪاتب تقدير ايندڙ لمحن ۾ ڇا لکيو آهي.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
شمس مارئي: طبيعت ۾ کري آهيان، اندر ۽ ٻاهر هڪ ان ڪري گهٽ ماڻهن کي وڻان، سچ چوڻو هوندو اٿم ته پاڻ تان به نه مڙان.
سوال: ڪهڙين ڳالهين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
شمس مارئي: ڪوڙ هڻندڙ دوکي باز ۽ منهن ۾ موسيٰ اندر جي ابليس ماڻهن تي ڪاوڙ ايندي آهي.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/سرٽيفڪيٽ؟
شمس مارئي: پنهنجي تعليمي سرگرمين ۾ ته ڪافي سرٽيفڪيٽ مليا آهن ۽ ادي اختر بلوچ سٺي ڪمپيئرنگ ڪرڻ تي پنجاهه رپيا انعام ڏنو هو، باقي ٻيو ڪجهه نه .
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
شمس مارئي: لکڻ وقت جيڪا ڪيفيت هوندي آهي اها پنهنجي وجود جي احساس کان عاري ڪريو ڇڏي جيسين لکڻي مڪمل ٿئي.
سوال: درد ڇا آهي؟
شمس مارئي: درد اها اذيت آهي، جنهن جو لفظن ۾ بيان ناممڪن.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿيون يا جيڪو ڪجهه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
شمس مارئي: مون جيڪو لکڻ چاهيو آهي سو اڃا لکي سگهي ئي ناهيان.
سوال: اوهان جي شاعري ڪهڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
شمس مارئي: بيدل مسرور منهنجا بيت جيڪي پليجي صاحب کيس ڏنا هئا، حيدرآباد ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي ڪانفرس کان پوءِ ڪل سنڌ مشاعري جي شروعات ۾ قومي گيت پيش ڪندي سر ۾ ڳايا هئا. 1990ع ۾.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪهڙا آهن؟
شمس مارئي: ملازمت ڪندڙ عورت تي ڊبل ذميواري اچيو وڃي ٿي، نوڪري به ڪري ۽ گهر ٻار به سنڀالي.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪهڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
شمس مارئي: موجوده دور ۾ ته ليکڪائن کي مشڪلاتون ناهن پر جڏهن اسان يا اسان کان به اڳ سنڌي عورتن لکڻ شروع ڪيو هو ته انهن لاءِ وڏيون مشڪلاتون هيون، عورت کي ليکڪا سمجهندا ئي نه هئا، مون جڏهن لکيو ريڊيو جي ادبي پروگرامن ۾ ته منهنجي شهر جي مشهور شاعر ايوب کوسي چيو ته جهڏي مان ڪابه شمس مارئي ناهي، اهي جيڪي به عورتون آهن، اهي بخشڻ مهراڻوي ڪوڙا نالا ڏئي ٿو، پر وقت ثابت ڪيو هڪ ڏينهن سامهون وڃي بيٺي مانس ته آءٌ آهيان ”شمس مارئي“ ته کلي پيو. حل اهو ئي آهي ته ڏات پاڻ مڃرائيندي آهي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
شمس مارئي: لکڻ مون کي وراثت ۾ مليل ڏات آهي.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
شمس مارئي: شهرت ناهي وڻندي، ماڻهو منهن تي مٺا ۽ واهه واهه ڪندا، پويان گلائون ڪندا پر سچل چواڻي:
مان جوئي آهيان سوئي آهيان.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
شمس مارئي: ڪائي شڪايت ناهي.
**

افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جو سماج مرڻ کان پوءِ مڃتا ڏيندو آهي…شمن لاشاري

افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جو سماج مرڻ کان پوءِ مڃتا ڏيندو آهي…شمن لاشاري
سوال: پورو نالو؟
شمن لاشاري: شمس الدين لاشاري.
سوال: جنم جي تاريخ، جنم جو هنڌ؟
شمن لاشاري: 12 مارچ 1972ع، جنم جو هنڌ: واهي پانڌي ڪاڇو
سوال: ادبي نالو؟
شمن لاشاري: شمن لاشاري.
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
شمن لاشاري: ايم اي سنڌي ادب، ايم ايڊ، پيشو: تعليم کاتي ۾ استاد.
سوال: لکڻ جي شروعات؟
شمن لاشاري: 1992ع کان.
سوال: ادبي استاد؟
شمن لاشاري: دنيا جو تلخ تجربو ئي منهنجو ادبي استاد آهي. ننڍپڻ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڳوٺ ۽ گهر کان ٻاهر رهڻ ۾ گهڻو ڪجهه سکيو آهيان.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
شمن لاشاري: ننڍپڻ ۾ ئي علم ۽ ادب سان چاهه هو.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالهيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
شمن لاشاري: تنهائي ئي لکڻ لاءِ هميشه اتساهيندي آهي.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
شمن لاشاري: پهرين تخليق عبرت ميگزين ۾ 1992ع ۾ غزل ڇپيو هو.
سوال: ڪهڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟
شمن لاشاري: منهنجو مواد ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل آهي جهڙوڪ، عبرت ميگزين، هالار، ڊائجسٽ، سنڌ رويو، سنڌ رنگ ڊائجسٽ، نئين زندگي، مهراڻ ۽ ادب رسالي ۾ ۽ ٻين ڪيترن اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ ڇپيل آهي.
سوال: ڪهڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
شمن لاشاري: غزل، وايون، بيت ۽ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون اٿم پر منهنجي پسنديده صنف وائي آهي.
سوال: ڪهاڻين جو تعداد، ڪيتريون ڇپيل؟
شمن لاڙي: پندرهن کان مٿي.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال؟
شمن لاشاري: هڪ ڪتاب يادن جو ڪوهيڙو ۽ ڪهاڻين جو مجموعو 2001ع ۾ ڇپيل آهي.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصلا افزائي ڪنهن ڪئي؟
شمن لاشاري: ڏکن سکن ۾ رهي ڪري پنهنجو پاڻ ادب جي ڏيهه ۾ اڪيلو ٻڏي ۽ تري ظاهر ٿيو آهيان. حوصلو ڏيڻ وارو ڪير ڪونهي. پير ڪڍڻ وارا گهڻا ئي آهن.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
شمن لاشاري: شاعري لفظن جي اها جوڙيل مالها آهي، جيڪا ٿورن لفظن ۾ وڏي معنيٰ رکي ٿي.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
شمن لاشاري: محبت زندگي آهي ۽ اندر جو هڪ نفيس احساس هي، اهو احساس ماڻهو کي انسان بڻائي ٿو.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب/اديبائون؟
شمن لاشاري: شاهه عبداللطيف ڀٽائي.
سوال: پسنديده شخصيت؟
شمن لاشاري: آقا دو جهان حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم.
سوال: پسنديده ڪتاب/رنگ/موسم/پهر؟
شمن لاشاري: قرآن مجيد ۽ شاهه جو رسالو، گلن ۾گلاب جو گل، رنگ اڇو، موسم بهار، پهر صبح جو پسند اٿم.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
شمن لاشاري: زندگي ۾ پهرين خوشي تعليم کاتي ۾ جڏهن نوڪري ملي بطور استاد.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
شمن لاشاري: زندگي جو پهريون ڏک جڏهن طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو ۾ مئٽرڪ ۾ هئس ته بابا سائين گذاري ويو ته تمام گهڻو ڏکارو ٿيو هئس ۽ ٻيو نوڪري ملڻ کان هڪ سال اڳ ماءُ جيجل فوت ٿي وئي هئي تڏهن به وڏو صدمو رسيو. اڄ تائين اهو صدمو نه ٿو وسري ته مان ڪمائڻ جي قابل ٿيس ته منهنجا بابا ۽ امان مون سان گڏ نه هئا، انهن جي خدمت ڪري ڪجهه قرض چڪايان هان، ڏاڍو افسوس آهي.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاهي؟
شمن لاشاري: اڄ جي عورت برابري جو حق خوب گهرڻ ڄاڻي ٿي.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
شمن لاشاري: عورت ڪائنات جي تمام خوبصورت تخليق آهي، هي تخليق نج محبت جي مٽي مان جڙي راس ٿي آهي ۽ هي خوب محبت ڏيڻ ڄاڻي ٿي. ماءُ جي روپ ۾، پريمڪا جي روپ ۾ ۽ ڀيڻ جي روپ ۾ ۽ هي هن ڪائنات جي تخليقڪار پڻ آهي ۽ عورت بنا سماج اڌورو آهي.

سوال: اڄ ڪلهه جيڪو ادب سرجي پيو اُن بابت اوهان جي راءِ؟
شمن لاشاري: بس سرجي پيو بقول ڀٽائي ته ” پئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرين جي.“
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
شمن لاشاري: افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان جو سماج مرڻ کان پوءِ ئي مڃتا ڏيندو.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
شمن لاشاري: تنقيد جي آڙ ۾ حسد لڪيل آهي، جنهن ڪري تنقيد ۾ پسند ۽ ناپسند جو ٻٽو معيار اچي ويو آهي.
سوال: ادبي/سياسي/ سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
شمن لاشاري: سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي شاخ واهي پانڌي جو هڪ ادنيٰ ڪارڪن آهيان. 19 فيبروري 2001ع تي واهي پانڌي شاخ کي بطور سيڪريٽري سنڌ سنگت مرڪزي کان الحاق وٺي ڏيپارجا ۽ ڪاڇي جي اديبن کي هن خوشبودار سنگ ۾ جوڙيم ۽ ضلعو دادو جو رابطه سيڪريٽري پڻ رهيو آهيان.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
شمن لاشاري: زندگي الله تعاليٰ جي طرفان مليل هڪ تحفو آهي، هن جو قدر ڪرڻ گهرجي. پنهنجو پاڻ گهروارن سان گڏ انسان ذات جي خلق خدا جي خدمت ڪرڻ ئي اصل زندگي جو مفهوم هجڻ گهرجي.
سوال:موت اوهان جي نظر ۾؟
شمن لاشاري: موت ڪنهن به فرد جي هڪ دور جي پڄاڻي جو نالو آهي.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
شمن لاشاري: نفرت ماڻهو جي اندر ڪاريهر نانگ وانگي آهي، جيڪا کيس هميشه اندر ئي اندر ڏنگيندي رهندي آهي بهتر آهي ته ان نانگ جهڙي وبا کي پنهنجي ويجهو اچڻ ئي نه ڏجي، هميشه پيار پالجي.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
شمن لاشاري: دل گلاب جي گل جيان آهي جنهن کي هميشه محبت جو مٺو پاڻي ڏيندا رهو ۽ نفرت جي ڪلراٺي زمين کان بچائيندا رهو.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سهيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
شمن لاشاري: (1) کيرٿر جي ڇانَوَ ۾ ڪاڇي جا ڪجهه ماڳ ۽ مڪان (تحقيق مقالا)، (2) شاعري جو هڪ ڪتاب، (3) داغ ”ناول“، (4) ڪاڇي جا ڪوهه نور ”ڪاڇي جي مختلف شاعرن تي مضمون“، (6) سفر نامو: ڪجهه ملڪن ۾ ويس ۽ جيڪو ڪجهه ڏٺم.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
شمن لاشاري: مان سمجهان ٿو ته طبيعتن محبتي ماڻهو آهيان، برداشت، صبر، هر ڪنهن سان سٺو ورتاءُ ۽ درگذر ڪندڙ آهيان.
سوال: ڪهڙين ڳالهين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
شمن لاشاري: ڪاوڙ لفظ منهنجي زندگيءَ جي ڊڪشنري ۾ ئي ناهي.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/سرٽيفڪيٽ؟
شمن لاشاري: هالار ڊائجيسٽ مڃتا سرٽيفڪيٽ، سنڌ رنگ مڃتا سرٽيفڪيٽ، سنڌي ادبي سنگت سنڌ کان ڪراچي ۾ مليل استاد بخاري مڃتا سرٽيفڪيٽ، تعليم کاتي ضلعي آفيسر ڊي اي او دادوءَ کان مليل آفرين نامو، هڪ بهترين استاد سنڌي ادبي سنگت ضلعي دادو کان بطور شاخ جو بهترين سيڪريٽري.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
شمن لاشاري: لکڻ وقت به هڪ رواجي ڪيفيت ئي هوندي آهي، ڪو بدلجي نه ويندو آهيان.
سوال: درد ڇا آهي؟
شمن لاشاري: درد، پيڙائن جو نالو آهي، وقت ۽ حالتن هٿان ويساهه گهاتي جو وڍ ۽ گهاو آهي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪجهه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
شمن لاشاري: بقول ڀٽائي
” محبت پائي من ۾ رنڍا روڙيا جن،
تن جو صرافن اڻ توريو ئي اگهايو.“
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
شمن لاشاري: لکڻ منهنجو ڪم آهي، مان سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ٻولي جو هڪ ادنيٰ ڪارڪن آهيان.
**

آزادي، عزت ۽ آبرو سان جيئڻ عورت جو حق آهي…صنم نجيب

آزادي، عزت ۽ آبرو سان جيئڻ عورت جو حق آهي…صنم نجيب


سوال: توهان جو تعارف؟
صنم: فوزيه نجيب، تخلص ”صنم نجيب“.
سوال: توهان جي تعليم ۽ پيشو؟
صنم: ايم اي سنڌي ادب، بي ايڊ، استاد: ايڇ ايس ٽي.
سوال: توهان جو ننڍپڻ ڪيئن گذريو؟
صنم: ننڍپڻ ۾ گهڻي حد تائين شرارتي هُيس پر ٿورو سنجيده پڻ هُيس.
سوال: ننڍپڻ ۾ اوهين ڪهڙيون رانديون ڪنديون هُيون؟
صنم: ننڍپڻ ۾ لڪ لڪوٽي، لغڙ اُڏائڻ، واجهي، ڪرڪيٽ راند ڪندي/کيڏندي هيس.
سوال: ننڍپڻ ۾ ڪهڙيون شرارتون ڪنديون هيو. ڪا اهڙي شرارت جنهن تان اسڪول يا گهر ۾ مار ملي هُجي، جيڪا اڃا يادِ هُجي؟
صنم: ننڍپڻ ۾ جن سان چڙندي يا وڙهندي هيس، ته پوءِ اڪ جي کير سان ٻانهن جي مختلف حصن تي اڪ جي کير سان ڪو جملو، ڪو نالو يا بڪواس لکندي هيس، جنهن سان وڙهندي هيس، ان کي سڀني جي سامهون بيهاري چوندي هيس ته مون کي جادو اچي ٿو ته ڪير ڪهڙي ٽائيپ جو انسان آهي يا هو پوئين جنم ۾ ڇا هُئو؟ هاڻي ڇا آهي؟ ۽ ان سان ڇا ٿيندو؟ پوءِ اڪ جي کير سان لکيل لفظ جيڪي سُڪي ويندا هئا ۽ بظاهر نظر نه ايندا هئا، انهن تي ڪوئلي جو پائوڊر هڻندا هئاسين ته اڇا اکر ظاهر ٿي پوندا هئا ۽ سڀني دوستن کي ڏندين آڱريون اچي وينديون هيون ۽ سڀ انهيءَ کي چيڙائيندا هئا ۽ آئون خوش ٿيندي هيس، گهر ۾ اڪثر شرارتن تان دڙڪا ۽ ڪڏهن ٿڦڙ به لڳا، باقي اسڪول ۾ ڪڏهن مار ڪو نه ملي.
سوال: ڪا اهڙي شرارت جنهن تي پڇتاءُ ٿيو هُجي؟
صنم: ڪا اهڙي شرارت ڪا نه هئي، جنهن تان پڇتايو هُجي.
سوال: اوهان جي ازدواجي حيثيت؟
صنم: شادي شده.
سوال: اوهان جي شادي لو ميرج آهي يا ارينج؟
صنم: لَو ميريج.
سوال: گهر ۾ ڪنهن جو حُڪم هلندو آهي؟
صنم: گهر ۾ حڪم ته نجيب جو هلندو آهي، پر هو اُهو ئي ڪندو آهي جنهن ۾ منهنجي خوشي هوندي آهي.
سوال: اوهان جو گهروارو گهر جي ڪم ۾ اوهان جو هٿ ونڊرائيندو آهي؟
صنم: نجيب يعني منهنجو گهروارو گهر جي ڪم ڪار ۾ منهنجو هٿ نه ونڊرائيندو آهي.
سوال: گهر ۾ اوهان جون سهيليون اينديون آهن ته هُن جو رويو ڪيئن هوندو آهي؟
صنم: گهر ۾ سهيليون گهٽ اينديون آهن پر جي اينديون آهن ته هُن جو رويو سٺو هوندو آهي.
سوال: ٻار گهڻو فِري ڪنهن سان آهن؟
صنم: ٻار مون سان وڌيڪ شيئرنگ ڪندا آهن.
سوال: اچانڪ گهر ۾ مهمان اچن ته اوهان جو رويو ڪيئن هوندو آهي؟
صنم: اچانڪ گهر ۾ مهمان اچن ته مُنجهي پوندي آهيان.
سوال: هڪ ٻئي کي ڪهڙن نالن سان سڏيندا آهيو؟ اوهان نجيب کي ڪهڙي نالي سان سڏيندا آهيو ۽ هو اوهان کي ڇا ڪري سڏ ڪندو آهي؟
صنم: آئون نجيب کي ”نجو“ چوندي آهيان ۽ هو مون کي ”هيڏانهن ٻُڌ“ چوندو آهي.
سوال: اوهان کي ڪيترو ۽ ڪهڙو اولاد آهي؟
صنم: اسان کي ٽي ٻار آهن، ٻه ڌيئر هڪ پٽ، وڏي ڌيءُ سوڀيا آرڪيٽيٽ ۾ مهراڻ ۾ ٽئين سال ۾ آهي، ٻيو علي ڪمپيوٽر سائنس ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پهرين سال ۾ آهي، جڏهن ته ٽئين ذنيشا انٽر سائنس جو امتحان ڏنو آهي.
سوال: عام تاثر آهي ته ورڪنگ وومين ٻارن کي وقت ۽ بهتر تربيت نه ٿي ڏئي، ان باري ۾ اوهان جو ڇا خيال آهي؟
صنم: اهو تاثر غلط آهي ته Working Womens ٻارن جي سهي ۽ بهتر تربيت نه ڪنديون آهن، بلڪه اسان پڙهيل لکيل عورتون هن ڳالهه جو خاص خيال رکنديون آهيون ته اسان کان ڪا ڪوتاهي نه ٿئي ۽ ٻارن جي تربيت درست ٿئي، هونئن به اولاد جي تربيت مائٽن جو فرض آهي.
سوال: ٻارن جي بنيادي تربيت ڪيئن ڪرڻ گهرجي؟
صنم: چوندا آهن ته پڪي گهڙي ڪنا ڪو نه لڳندا آهن ته ٻارن تي ننڍپڻ کان ئي نظر رکڻ گهرجي، قرب سان، پيار سان ڪنهن ڳالهه ۾ اهو احساس يا تاثر نه ته مائٽ دشمن آهن، بلڪه سوچين ته دوست آهن، غلط راهه کان روڪڻ لاءِ دوستاڻو رويو اختيار ڪجي، پيار سان گڏ ٿوري اک به هُجي.
سوال: اوهان جي غير موجودگيءَ ۾ ٻارن جي سنڀال ڪير ڪندو آهي؟
صنم: غير موجودگي ۾ ته جڏهن ننڍا هئا ته Sister In Law گڏ هئي. پوءِ هن جي خيرن سان شادي ٿي ته ٻار وڏا ٿي ويا. هاڻ ماشاءَ الله يونيورسٽي وڃن ٿا. اهي به صبح ويندا آهن، آئون به، واپسي ۾ گڏ هوندا آهيون.
سوال: سماج جي سڌاري لاءِ ميڊيا کي ڪهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي؟
صنم: سماج ۾ سڌاري لاءِ ميڊيا تي اصلاحي پروگرام ڏيکارڻ گهرجن. اهڙا پروگرام جنهن ۾ ٻارن ۽ ڏسندڙن کي ڪو سبق ملي. باقي رڳو بي حيائي ڏيکارڻ مستقبل جي معمارن جو نقصان آهي.
سوال: عورت کي ڪيتري آزادي ملڻ گهرجي؟ ڇا اڄ جي عورت کي اها آزادي ملي، جيڪا هن جو حق آهي؟ آزادي ۽ ڇڙواڳيءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
صنم: عورت کي مڪمل آزادي ملڻ گهرجي، اڄ جي عورت سُجاڳ آهي، هن کي پنهنجن حقن جي خبر آهي. آزادي ۽ ڇڙواڳيءَ ۾ فرق آهي، آزادي عزت ۽ آبرو سان جيئڻ عورت جو حق آهي، ائين نه هجي ته آزاد آهيون هر وقت مرد بڻجڻ جي ڪوشش ڪجي، غلط طرز زندگي اِها ڇڙواڳي آهي اها نه هجي، عورت خودمختيار هجي پر پنهنجي آزادي جو ناجائز فائدو نه وٺي. هن کي حيا ۽ بي حيائي جي حد ۽ سيما جي ڪَل هجي.
سوال: اڄ جي عورت جا ڪهڙا مسئلا آهن ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
صنم: اڄ جي عورت جا انيڪ مسئلا آهن، مسئلا صرف ڳوٺن تائين نه آهن. عورت جو مسئلو مرد جو الجهيل ذهن آهي، جيڪو عورت جي اڳيان وڌڻ کي پنهنجي گهٽتائي سمجهي ٿو. چوندا آهن ته جڏهن شينهن ٻاهر اچي ويندو آهي ته ان کي پڃري ۾ بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي نه ڪي انسان کي. مرد جي نظر خراب هجي ته مرد جي اکين تي پٽي ٻڌائجي نه ڪي عورت تي پابندي لڳائجي، اڄ جي عورت جو مسئلو مرد جو ذهن آهي. اهو صاف هجي ته سڀ مسئلا حل آهن، هر مسئلو مرد جي ذهن سان شروع ٿئي ٿو.
سوال: ڪارو ڪاري، بدي جي شادي، خون بها ۽ حق بخشائڻ وارين رسمن بابت اوهان جي ڇا راءِ آهي؟ انهن رسمن کي ڪيئن ختم ڪري سگهجي ٿو؟
صنم: ڪارو ڪاري، بدي جي شادي، خون بها، حق بخشڻ، بيڪار ڳالهيون آهن اهي رسمون ڪونهن، اُهي پنهنجي مفاد خاطر مرد جا وڇايل ڄار آهن، جيڪي بلوچستان ۽ سرحد مان آيل آهن. جِن جي سخت مذمت ڪيان ٿي، هِنن کي ختم ڪرڻ لاءِ عمل ڪرڻ وارن کي سخت سزا ڏيڻ گهرجي ته جيئن اهڙي عمل کان پاسو ڪن.
سوال: پريمي جوڙن بابت اوهان جي ڇا راءِ آهي؟ اڄ ڪلهه پريمي جوڙا جام ٿي پيا آهن، ان جو سبب ڇا آهي؟
صنم: پريمي جوڙن بابت ته اهو غلط آهي ته بي حيائي ڪن، باقي هر شئي پنهنجي حد ۾ صحيح آهي.
سوال: مرد ۽ عورت اوهان جي نظر ۾؟
صنم: مرد ۽ عورت منهنجي نظر ۾: هڪ ڏينهن توکي ٿيڻو آهي لڄاڻو، جڏهن منهنجي وفا، تنهنجي بي وفائي کان کٽندي، اهو راز کلڻو آهي، تون ڇا آهين، صنم ڇا آهي، مان وفا جي ديوي، تون بي وفائي جو سمنڊ.
سوال: اڄ جو معاشرو Working Woman کي ڪهڙي نگاهه سان ڏسي ٿو؟
صنم: اڄ جي معاشري ۾ Working Woman کي اَسِي سيڪڙو سٺي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، باقي ڪجهه ذهني مريض هن ڳالهه کي غلط سمجهن ٿا. Working Lady جاب سان گڏ عزت جي پاسداري ڪري، گهر جو خيال رکي جيڪو ضروري آهي. غلط سوچون خود بخود چُور چُور ٿي وينديون. هر عورت غلط ڪونهي، هر مرد به نه، اهو جهيڙو ازلي آهي. وقت لڳندو مرد کي هي ڳالهه هضم ڪرڻ ۾ ته عورت خودمختيار هجي.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاهي؟
صنم: اڄ جي عورت عزت ۽ وقار چاهي ٿي، حڪومت نه پر برابري چاهي ٿي.
سوال: عورت ظالم آهي يا مظلوم؟
صنم: اڄ جي عورت مظلوم به آهي عورتن جي آبادي مردن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هئڻ جي باوجود هن معاشري ۾ گهٽتائي واري زندگي گهارين ٿيون.
سوال: موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ جي اچڻ سان ڪهڙا هاڪاري ۽ ناڪاري اثر پيا آهن؟ نئون نسل انهن مان ڇا پرائي رهيو آهي؟
صنم: موبائيل، انٽرنيٽ سان جِتي بُرائي آئي آهي، اُتي مثبت اثرات به آهن. ٻارن کي ننڍي عمر ۾ سيکارجي ته صحيح ڇا آهي، غلط ڇا آهي. ٻارن جي اصلاح ضروري آهي. اهي سڀ شيون ترقي جي دور ۾ تمام سُٺيون آهن.
سوال: اوهان جون مصروفيتون ڪهڙيون آهن، اوهين ڪهڙي قسم جا ڪتاب پڙهنديون آهيو، اوهان جي پسند جو ڪتاب، اوهان جا پسنديده شاعر/ اديب ڪهڙا آهن؟
صنم: مصروفيتون، اسڪول، گهر، شاعري ڪرڻ، مضمون لکڻ، ٻارن سان ٽائيم گذارڻ، شاپنگ، ڪتاب عام طور تي شاعري جا ڪتاب ٻيا جيڪي به ضرورت تحت، پر گهٽ پڙهندي آهيان. هر اهو شاعر جنهن کي پڙهي دل پيار جي پينگهه ۾ لڏڻ شروع ڪري، جنهن کي پڙهي هر درد پنهنجو لڳي، ڪو هڪ نه جيڪا شاعري دل کي ڪِلڪ ڪري. اديب ماڪن شاهه رضوي، امر جليل.
سوال: اوهين ڪهڙو ڪهڙو کاڌو سٺو رڌي وينديون آهيو؟
صنم: برياني ۽ ڪباب (سڀ ڪجهه).
سوال: سونهن اوهان جي نظر ۾، اوهين ڪيترو فيشن ڪنديون آهيو؟
صنم: سونهن نظر جو ڪمال آهي، جيڪا شئي يا انسان اوهان کي وڻي ٿو. اها سهڻي آهي، اک سهڻي، نظر سهڻي، ماڻهو سهڻا. فيشن زندگي جو لازمي حصو آهي پر جيڪو فيشن عريانيت ظاهر ڪري اهو نه ڪجي. باقي فيشن ضروري آهي، جيترو مون تي ٺهي، بس ايترو جنهن سان دل مطمئن نه ٿئي، اهو فيشن ڪو نه ڪندي آهيان.
سوال: اوهان جي پسند جو رنگ ۽ لباس، اوهان جي پسند جو گل، کاڌو، شهر، موسم، ڏينهن، پهر، شخصيت ۽ سياستدان؟
صنم: پسنديده رنگ: ڪارو، شلوار، قميص، پسنديده گل گلاب جو گل آهي. کاڌو باربي ڪيو ۽ Dew پسند آهي. پسنديده شهر حيدرآباد. پسنديده پهر جڏهن تنهائي جو مچ ٻرندو آهي، تڏهن صنم رات جو اچن سچ ته ڏاڍو وڻندو آهي. پسنديده شخصيت شهيد راڻي. پسنديده موسم بهار. پسنديده ڏينهن سڀ ڏينهن الله جا. پسنديده سياستدان سائين جي ايم سيد، شهيد راڻي، مير بابا ۽ بشير خان قريشي.
سوال: اهڙو ڪو گيت جيڪو توهان کي تمام گهڻو پسند هجي ۽ بار بار چپن تي ايندو هجي؟
صنم: جيڪو وڻندو آهي اهو ئي گنگنائيندي آهيان. پسند اڪثر بدلجندي آهي.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
صنم: زندگي منهنجي نظر ۾ هڪ جُهد مسلسل.
سوال: زندگيءَ جو اهو پهريون سڏڪو/ڏک جيڪو اڃا نه وسريو هجي ۽ اڄ به اکيون آليون ڪري ڇڏيندو هجي؟
صنم: بابا جو لاڏاڻو زندگيءَ جو پهريون سڏڪو.
سوال: زندگي جي پهرين مهرباني؟
صنم: مون هڪ شريف آنيسٽ آفيسر جي گهر ۾ جنم ورتو، اها زندگيءَ جي پهرين مهرباني.
سوال:زندگي جو ڪڙو سچ؟
صنم: موت برحق آهي، اهو ئي زندگيءَ جو ڪڙو سچ آهي.
سوال: دوستي اوهان جي نظر ۾؟
صنم: دوستي خدا جي طرفان مليل انمول تحفو آهي، جنهن جو قدر ڪرڻ گهرجي.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
صنم: فطري عمل آهي.
سوال: جواني اوهان جي نظر ۾، جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پل؟
صنم: خدا جي طرفان مليل حسين پهر جيڪو جلدي گذري ويندو، جنهن جو گذرڻ من ۾ مانڌاڻ مچائي ٿو ۽ انسان ويندڙ پهر کي ڏسي ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهي. ڄڻ واري مُٺ مان تِرڪي وڃي. خوبصورت پل جڏهن مون کي خبر پئي ته نجيب مون سان پيار ڪري ٿو.
سوال: اوهان کي هن منزل تائين پڄائڻ جو سهارو؟
صنم: هن منزل تي پهچڻ جو ذريعو، سهارو پڙهائي ۾ بابا سائين، جاب ۾ نجيب جو ساٿ، شاعري ۾ اڳيان پروموڊ سر لطيف حيدر ۽ سر نثار احمد ناز جن جي شڪرگذار آهيان ( جن منهنجي شاعري ۾ ڊيزائن جا رنگ ڀري مون کي پروموڊ ڪيو).
سوال: زندگي، وقت ۽ دوستن سان ڪا شڪايت؟
صنم: زندگيءَ سان ڪا به گلا ڪونهي، وقت ته بي رحم بادشاهه آهي، هن کي چئي ڪير ته آهسته هَلُ، ڪجهه پَل جواني جيئڻ ڏي، دوستن سان ڪا به شڪايت ناهي جيئن دنيا جو دستور آهي، اُهي ائين هلندا آهن.
سوال: اوهان جو اسٽار ڪهڙو آهي؟
صنم: LEO ۽ Cencer ڇاڪاڻ ته Date Of Birth ٽيويهين جولاءِ آهي.
سوال: انساني خوبي يا خامي، جيڪا پهرين نظر ۾ نوٽ ڪنديون هجو؟
صنم: مون کي ماڻهن جي سڃاڻپ ڪونهي اها ئي مون ۾ خامي آهي.
سوال: ڏک ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪيئن ڪنديون آهيو؟
صنم: ڏک ۾ روئي ڏيندي آهيان، خوشي چهري تان عيان ٿيو وڃي لڪائي ڪو نه سگهان.
سوال: چڙ/ڪاوڙ اچي ته ڪيئن لهي؟
صنم: موڊ خراب ڪندي آهيان، وڙهي پوندي آهيان، BP وڌي ويندو آهي، عام انسان جهڙي انسان آهيان.
سوال:اوهان ۽ اوهان جي گهر واري ۾ جهڳڙو ٿيندو آهي؟ اگر ٿيندو آهي ته ڪهڙيءَ ڳالهه تان ٿيندو آهي؟ ناراضگيءَ جي صورت ۾ پرچاءَ لاءِ پهرين وک ڪير وڌائيندو آهي؟
صنم: گهرواري جو ۽ منهنجو جهيڙو اڪثر آئون شئي رکي وساري ويهندي آهيان. ناراضگيءَ جي صورت ۾ پرچاءُ جي نوبت ڪو نه ايندي آهي. اسان وڙهي پوءِ ڪجهه دير ۾ ڳالهائڻ شروع ٿي ويندا آهيون.
سوال: اوهين Joint Family جون قائل آهيو يا الڳ رهڻ جون؟ ان جو سبب؟
صنم: جوائنٽ فيملي سان ذميواري گهٽ هوندي آهي، گڏ رهڻ سان محبتون ۽ قربتون وڌن ٿيون، اڪيلائي جو احساس نه ٿو ماري.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
صنم: موت هُن دُنيا ۾ پهچڻ جو ذريعو.
سوال: آخر ۾ پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام؟
صنم: پيغام ائين هر ڪنهن جي حقن لاءِ وڙهو ڄڻ اوهان پنهنجي حقن لاءِ وڙهندا هجو، انسانيت سان محبت، هڪ انسان صحيح طور انسان بڻجي وڃي، سبب اِهو ئي ڪافي آهي. پنهنجن سان، پراون سان پيار ڪريو گُل لڳايو، تعليم کي فروغ ڏيو، پيار ڦهلايو، جيو ۽ جيئڻ ڏيو.
**



(روزاني سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ 02 مارچ 2015ع ۾ ڇپيل)

حسن جي بي رُخي لکڻ تي مجبور ڪندي آهي …. صوفي خادم فقير

حسن جي بي رُخي لکڻ تي مجبور ڪندي آهي …. صوفي خادم فقير

سوال: نالو والديت سميت؟
صوفي: صوفي غلام مصطفيٰ ولد محمد صفر مڱڻيجو.
سوال: جنم جي تاريخ/جنم جو هنڌ؟
صوفي:28 نومبر 1961ع ڳوٺ يار محمد مڱڻيجو لڳ دادو.
سوال:ادبي نالو؟
صوفي: ”خادم فقير“.
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
صوفي: ايم اي سنڌي فرسٽ ڪلاس، ايم ايڊ/پرائمري ٽيچر.
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
صوفي: اپريل 1979ع.
سوال: ادبي استاد؟
صوفي: حضرت علامه مخدوم احمد مجتبيٰ غالب رح ملڪاڻي.
سوال:ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
صوفي: مجازي محبت کان.
سوال:ڪهڙيون شيون/ڳالهيون لکڻ لاءِ اُتساهينديون هيون؟
صوفي: حسن جي بي رُخي لکڻ تي مجبور ڪندي هئي.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
صوفي:پهرين تخليق محترم حافظ احسن چنا جي هفتيوار اخبار ۾ ڇپي اُتي تڏهن عبدالوحيد قريشيءَ ”شاعر“ پڻ سندن پريس ۾ ڪم ڪندو هو.
سوال: ڪهڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟
صوفي: روزنامه هلال پاڪستان، روزنامه ڪوشش، هزار داستان ۽ ٽه ماهي تخيل رسالي ۾ تحريرون ۽ شاعري ڇپجي چڪي آهي.
سوال: ڪهڙين صنفن ۾ توهان لکيو آهي؟
صوفي: نثر ۾ مضمون ۽ مقالا ۽ شاعري بيت ۽ ڪافي ۾ ٿيل آهي ۽ هڪ سنڌي ۾ ڪهاڻي ۽ هڪ اردو ۾ ڪهاڻي، ڪجهه خط.
سوال: اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
صوفي: منهنجي پسنديده صنف ڪافي آهي، ڪافي صنف ۾ شاعري ڪندو به آهيان ۽ ڳائيندو به آهيان.
سوال: ڪهاڻين جو تعداد ڪيترو ڇپيل آهي؟
صوفي: ڇپيل ڪا به ناهي باقي ڪهاڻي هڪ اردوءَ ۾ ”ميري ڪهاني“ وائيس آف آمريڪا ريڊيو تي موڪلي هيم اُها ڪهاڻي فون تي منهنجي زبانان رڪارڊ ڪري پروگرام ۾ نشر ڪئي وئي هئي. جڏهن ته هڪ ڪهاڻي سنڌي ۾ اڻ ڇپيل به آهي.

سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جو تعداد؟
صوفي: ڪافين جو ڪتاب ”مَخزنِ عشق“ آيل آهي، جنهن ۾ ڪافين جو تعداد 141 ۽ بيتن جو تعداد 91 شامل آهي.
سوال: پهرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو رد عمل ڇا هيو؟
صوفي: پهرين تخليق ڇپجڻ جي منهنجي رشتيدارن کي ڪل ئي ڪا نه پئي، ڇاڪاڻ ته هنن منهنجو شاعر يا اديب ٿيڻ ئي نه پئي گهريو.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصلا افزائي ڪنهن ڪئي؟
صوفي: حضرت عشق ۽ ان سان گڏ سُپتيا دوست.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
صوفي: شاعري شعور وارو ماڻهو ئي ڪري سگهي ٿو ۽ اُهو شعور ڳجهو خزانو آهي جيڪو ڪنهن اڻ پڙهيل ماڻهوءَ کي به عطا ٿي ويندو آهي. ٻيا وري اُهي شاعر آهن جيڪي لاشعوريءَ ۾ بُرهاني ڪيفيت سان شاعري ڪندا آهن ان شاعريءَ کي ڏات به چئبو آهي.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
صوفي: محبت هڪ اهڙو روڳ آهي جيڪو انسان جي دل کي ائين گهيري ۽ وڪوڙي ويندو آهي جيئن وڻ ويڙهي جنهن کي پاڙ به نه هوندي آهي پر سائي وڻ کي به سُڪائي ڇڏيندي آهي ائين محبت انسان کي بيوس بڻائي ڇڏيندي آهي.

سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون/اديب؟
صوفي: منهنجا پسنديده شاعر ٻه آهن هڪ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ٻيو فقير ولي محمد لغاري/اديبن ۾ مير عبدالرسول مير.
سوال: پسنديده شخصيت؟
صوفي: حضرت علامه احمد مجتبيٰ غالب ملڪاڻي.
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/ رنگ/موسم/پَهر.
صوفي: ڪتاب ”حيُ بن يقضان“ ترجمو ٿيل غلام حسين جلباڻي جو ”ڪاميابي“ /نرگس/سفيد/سيارو/صُبح صادق ٿيڻ وارو.
سوال:زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
صوفي: زندگيءَ جي پهرين مهرباني ۽ خوشي 1992ع ۾ عمره ۾ روضي رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي چائنٺ چمڻ نصيب ٿي.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو.
صوفي: والده ماجده جو هِن دنيا مان مون کان جدا ٿي وڃڻ.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاهي؟
صوفي: اڄ جي عورت پنهنجي گهر جو سُک ٿي چاهي پوءِ اُها شهرن جي هجي يا ڳوٺن جي. جنهن جي بطن مان پير، پيغمبر، ولي ۽ قلندر پيدا ٿيا آهن. عورت جي صفات کي هڪ پئماني ۾ نه ٿو ماپي سگهجي. عورت جا ڪيئي روپ آهن. عورت ڪڏهن ذليخان، ڪڏهن ليليٰ، ڪڏهن سسئي ته ڪڏهن سهڻي ۽ مارئيءَ جي روپ ۾ به نرالي ٿي گذري آهي.
سوال: اڄ ڪلهه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ؟
صوفي: شڪر آهي سنڌي ٻوليءَ جو ادب روان دوان آهي. هن دور ۾ اردو ادب جي باري ۾ اديبن کان دانهون نڪري ٿيون وڃن ته اردو ادب گهوٽالي ۾ آهي. پر سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۾ واڌارو آهي گهٽيو ناهي. رهي ڳالهه ادب ۾ ڪشش ڪيتري آهي. اُها اڳئين دور جي ادب کان گهٽ آهي.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي ان جو سبب ڇا آهي؟
صوفي: ليکڪ/ليکڪائن کي پذيرائي ڏيندا آهن يا ڏياريندا آهن ادارا، ۽ ادارا اسان وٽ سفارشي بڻجي ويا آهن. جنهن ڪري انهي منصبن تي اُهي ماڻهو ڇانيل آهن جيڪي پنهنجا نوازي ڪيون ويٺا آهن ۽ اُن ڪري ادب جي پرکا ۽ پئماني ماپڻ وارا اڳيان بيوس لڳا ويٺا آهن. پوءِ انصاف ڪير ڪري.
سوال: تنقيد ڇا اها اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
صوفي: تنقيد آهي ڪاريگري، اُها ڪاريگري جيڪا ادب جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري. جيئن واڍو ڪاٺ کي گهڙي ٻيڙي تيار ڪندو آهي. اڄ جي دور ۾ تنقيد جا ڪلاس به گهٽجي ويا آهن. ٻيو تنقيد براءِ تنقيد جو آزار پيدا ٿي پيو آهي. جنهن ڪري هر ماڻهو ٻئي تي تنقيد ڪري ٿو پر خود برداشت نه ٿو ڪري.
سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
صوفي: سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو ٻه دفعا جوائنٽ سيڪريٽري ٿي رهيو آهيان. سياسي ماڻهن سان وابستگي آهي باقي سياست کان پري، سماجي تنظيمن ۾ مون پنهنجي ڳوٺ ۽ آس پاس جي ڳوٺن جي ماڻهن کي گڏ ڪري وليج، ڊويلپمنٽ، آرگنائزيشن، تنظيم جوڙي جنهن جي ڊُڪ ڊوڙ سان اسان جي پاسي روڊ رستا، اسڪولن جون بلڊنگون ۽ بجلي جون سهولتون ۽ هڪ ٻه ڊسپينسريون به حڪومت کان حاصل ڪري ورتوسين.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
صوفي: زندگي ٻن شين جي ميلاپ سان جڙي آهي. هڪ آهي روح ۽ ٻيو آهي نفس اِها ئي امانت آهي. روح ۽ نفس هڪ ٻئي جا مخالف گڏائي زندگي بڻائي وئي آهي.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
صوفي: روح جي نفس کان جدا ٿيڻ کي جسم جو موت چئبو آهي.
سوال:نفرت ڇا آهي؟
صوفي: جيڪڏهن خلاف اصول ۽ خلاف طبيعت حالتون نمودار ٿينديون آهن ته هر انسان جي اندر ۾ نفرت جنم وٺندي آهي.
سوال:دل اوهان جي نظر ۾؟
صوفي: حضرت علي عليه السلام جو قول آهي ته انسان دل کي فقط گوشت جو ٽڪرو ٿو سمجهي پر دل هڪ عالم اڪبر آهي. آئون به ان قول موجب دل کي سمجهان ٿو.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سهيڙيل ڪتاب/انهن جا نالا؟
صوفي: (1) ڏاتار مون ڏيهه جا، (2) عشق جو آواز، (3) شاهه لطيف.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
صوفي: صوفي مزاج واري طبيعت آهي.
سوال: ڪهڙين ڳالهين تي ڪاوڙ ايندي اَٿَوَ؟
صوفي: جڏهن سچ کي لڪايو ويندو آهي ۽ ڪوڙ جي پذيرائي ڪئي ويندي آهي. ان وقت ڪاوڙ لڳندي آهي.
سوال: مليل مڃتا ايوارڊ/شيلڊون/سرٽيفڪيٽ.
صوفي: اڃا ڪِين جي ڪُني ۾ پيا آهيون.
سوال:لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
صوفي: لکڻ وقت ايترو مَحُو ٿي ويندو آهيان جو پاسي ۾ ننڍڙي ٻار کي به ويهڻ نه ڏيندو آهيان متان خيال ٽٽي پوي.
سوال: درد ڇا آهي؟
صوفي: درد ٻن قسمن جو هوندو آهي. هڪڙو درد طبعي هوندو آهي جنهن جو علاج ٿي سگهي ٿو ۽ ٻيو درد جدائي جو هوندو آهي. جنهن جو علاج سواءِ ديدار جي ٻيو ٿيندو ئي ڪونهي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو لکيو اَٿَو اُنهيءَ مان مطمئن آهيو؟
صوفي: آئون تصوراتي خيالن جو پوئلڳ ناهيان جو اڳتي هلي پڇتاءُ ٿئيم. جيڪو ڪافين جو ڪتاب ”مخزن عشق“ آهي. اُهو به منهنجي اندر جي ڪيفيتن جو نچوڙ آهي. اڃا به جيڪو لکان پيو ان ۾ منهنجو مشاهدو شامل آهي. تنهن ڪري آئون پاڻ کي مطمئن سمجهان ٿو. پر دل ايترو گهڻو لکڻ چاهي ٿي جنهن جو پورائو نه ڪري سگهيو آهيان ۽ نه ئي پورائو ٿي سگهندو. پَرَ مير عبدالرسول مير جي چواڻي موجب ٿورا ڪڻا به ٿالهيءَ ۾ چڱا.
سوال: اوهان جي شاعري ڪهڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
صوفي: صوفي راڳي اختيار علي خشڪ ۽ صوفي راڳي اعجاز علي خاصخيلي.
سوال: لکڻ توهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
صوفي: نه شوق نه مجبوري، بس خيال جو ڪم آهي خيال جڙيو ته ڪجهه لکيو نه ته هروڀرو پنا ڪارا ڪو نه ڪيان.
سوال: شهرت توهان کي ڪيئن لڳندي آهي.؟
صوفي: شهرت هڪ نفسياتي بيماري آهي ان کان بچڻ گهرجي.
سوال: اوهان کي ڪنهن ڪا شڪايت؟
صوفي: عشق جي دنيا ۾ شڪوه شڪايت جي اجازت ئي ڪانهي.
**

ساريون چون ٿيون، اسان سُڳداسي چانور آهيون

ساريون چون ٿيون، اسان سُڳداسي چانور آهيون
اسان جو نالو نهَ وَٺو… طارق امام جوڻيجو

سوال: نانءُ ولديت سميت؟
طارق امام: طارق امام جوڻيجو ولد حڪيم دين محمد جوڻيجو ”اڪرم ٻورڙائي“
سوال: جنم جي تاريخ ۽ هنڌ؟
طارق امام: پهرين جون 1967ع، ڳوٺ ٻورڙي تعلقو خيرپور ناٿن شاهه
سوال: ادبي نانءُ؟
طارق امام: طارق امام جوڻيجو .
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
طارق امام: ايم- اي، ايل-ايل-بي، اسسٽنٽ ڪمشنر .
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
طارق امام: آڪٽوبر 1984ع
سوال: ادبي استاد؟
طارق امام: ”اڪرم ٻورڙائي“
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
طارق امام: ”اڪرم ٻورڙائي“
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالهيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
طارق امام: سماجي اڻ برابري، سياسي اٿل پٿل، اندروني ڪيفيت، مذھبي اڻ برابري، قدرتي حسناڪي، فلسفو، عشق، محبت وغيره.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
طارق امام: برسات ميگزين حيدرآباد.
سوال: ڪهڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟
طارق امام: ماڪ اخبار، ھزار داستان ڊائجسٽ، احساس مگزين.
سوال: ڪهڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
طارق امام: غزل، گيت، وائي، نظم، نثري نظم، ٽيڙو، ڪهاڻيون، حمد نعت منقبت قصيدو.
سوال: ڪهاڻين جو تعداد، ڪيتريون ڇپيل؟
طارق امام: هڪ به نه.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال؟
طارق امام: ھڪ به نه .
سوال: پهرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو رد عمل ڇا هيو؟
طارق امام: سڀني کي تمام گھڻي خوشي ٿي، خاص ڪري امڙ جيجل کي، ڇو ته پاڻ سنڌي فائينل پاس آھي ۽ بابا سائين جي صحبت جي ڪري کين شاعري سان دلي لڳاءُ آھي.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصلا افزائي ڪنهن ڪئي؟
طارق امام: محترم غلام رسول غرق صاحب (ڪوٽڙي)، محترم رجب آزاد صاحب (دادو)
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
طارق امام: اندر جو آواز.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
طارق امام: اھو بحر جنھن ۾ ٻڏي مري ته سگھجي ٿو پر تري نڪري نه ٿو سگھجي.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب/اديبائون؟
طارق امام: شاهه عبداللطيف ڀٽائي، شيخ اياز، حسن درس، استاد بخاري، ايوب کوسو، غالب، ساحر لڌيا نوي، فيض احمد فيض، غالب.
سوال: پسنديده شخصيت؟
طارق امام: حضرت محمد صلي الله عليه وسلم.
سوال: پسنديده ڪتاب/رنگ/موسم/پهر؟
طارق امام: قرآن شريف، شاھ جو رسالو، گل: موتيو، رنگ: اڇو آسماني، موسم: سيارو، پھر: رات جو.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
طارق امام: ڪا به نه.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
طارق امام: محبت.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاهي؟
طارق امام: مالڪي.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
طارق امام: شخصيت جو ٻيو اڌ.
سوال: اڄ ڪلهه جيڪو ادب سرجي پيو اُن بابت اوهان جي راءِ؟
طارق امام: عالمي معيار جو ناھي.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
طارق امام: ٻيٺڪي نظام.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
طارق امام: سارين مان چانور چونڊي ڪڍڻ، ساريون چون ٿيون اسين سُڳداسي چانور آھيون، اسان جو نالو نه وٺو.
سوال: ادبي/سياسي/ سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
طارق امام: سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪوٽڙي.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
طارق امام: خدا جي نعمت.
سوال:موت اوهان جي نظر ۾؟
طارق امام: رب جو احسان.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
طارق امام: نفس جي ڏاڍائي.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
طارق امام: معصوم فرشتو.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سهيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
طارق امام: شاعري جا ٻه ڪتاب نالا نه ڏنا آھن.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
طارق امام: ڪڏھن تولو ڪڏھن ماسو.
سوال: ڪهڙين ڳالهين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
طارق امام: منھن تي ڪوڙ ڳالهائڻ يا ڳالھه ڪري ڦري وڃڻ.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
طارق امام: آس پاس جي ماحول کان اڻڄاڻ.
سوال: درد ڇا آهي؟
طارق امام: احساس جو جھرڻ.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪجهه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
طارق امام: نه
سوال: اوهان شاعري ڪهڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
طارق امام: ماسٽر منظور، دانش.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪهڙا آهن؟
طارق امام: سماجي برابري
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪهڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
طارق امام: مرداڻو منفي رويو.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
طارق امام: شوق.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
طارق امام: سٺي آ پر ڊپ به لڳندو آھي.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
طارق امام: رب جو شڪر مالڪ ھر ڪنھن کي پھنجي ھر قسم جي خزانن مان ھر قسم جا خزانا عطا ڪري۔ آمين

منهنجي نظر ۾ غليظ ۽ گندي ۾ گندو لفظ نفرت آهي. طالب حسين سولنگي

منهنجي نظر ۾ غليظ ۽ گندي ۾ گندو لفظ نفرت آهي. طالب حسين سولنگي

سوال: نانءُ ولديت سميت؟
طالب حسين: طالب حسين سولنگي ولد محمد صديق سولنگي.
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ؟
طالب حسين: 15 ڊسمبر 1992ع ڳوٺ گل حسن سولنگي، تعلقو دادو.
سوال: ادبي نانءُ؟
طالب حسين: طالب حسين سولنگي
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو.؟
طالب حسين: تعليم، ايم۔ ايس۔ سي سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام، پيشو زمينداري.
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو.؟
طالب حسين: مهينو ته ياد ناهي باقي سال 2011ع کان ٽٽل ڦٽل لکڻ جي شروعات ڪيم.
سوال: ادبي استاد؟
طالب حسين: منهنجو ادبي ۽ سائنسي استاد پروفيسر محمد مٺل جسڪاڻي صاحب، جن ڪافي رهنمائي ڪئي ۽ اڃا به رهنمائي ڪندا رهندا آھن.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
طالب حسين: پروفيسر محمد مٺل جسڪاڻي صاحب کي پڙھڻ ۽ ٻڌڻ کان پوءِ لکڻ جو شوق ٿيو..
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
طالب حسين: معاشري ۾ ناجائزيون ۽ ظلم لکڻ لاءِ اتساهيندا آھن.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
طالب حسين: منهنجي پهرين تخليق نومبر 2014ع ۾ عبرت اخبار جي هفتيوار صفحي کيتي سرسيتي ۾ ڇپي.، تنهن کان پوءِ ڇپجڻ جو سلسلو شروع ٿيو جيڪو اڃا جاري آھي.
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟
طالب حسين: عبرت، ڪاوش، ڪوشش، روزاني شام، هلال پاڪستان، عوامي آواز مئگزين، سنڌ ايڪسپريس، پنهنجي اخبار، ڪلياڻ، سوڀ ۽ ٻيون سنڌي اخبارون! رسالن ۾ ماهوار زرعي ڊائجسٽ.
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
طالب حسين: صنف نثر ۾ لکيو آھي، جيڪا پسند به آھي.
سوال: ڪھاڻين جو تعداد، ڪيتريون ڇپيل؟
طالب حسين: لکيل ڪهاڻين جو تعداد يارنهن آھي، تن مان ڇهه ڪهاڻيون هلال پاڪستان ۾ ڇپيون آھن.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال؟
طالب حسين: هن وقت ڪتاب ڇپيل ڪو به ناهي، جلد زراعت متعلق ڪتاب ڇپرائيندس.
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
طالب حسين: پهرين تخليق تي گهر وارن گرم جوشي سان مبارڪون ڏنيون ۽ واهه واهه ڪئي، تنهن سان حوصلو مليو.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
طالب حسين: گهر وارن، استادن ۽ دوستن.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
طالب حسين: احساس، جذبات، ۽ روح جي رڙ کي شاعري چئبو آھي،، ٻئي نظر ۾ درد جي پيڙا به چئي سگهجي ٿو.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
طالب حسين: همدردي، احساس، عزت ۽ درگذر جو نالو محبت آھي.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب/اديبائون؟
طالب حسين: استاد بخاري، علي محمد درد سولنگي، مٺل جسڪاڻي ۽ ادي شبانا عالماڻي پسنديده شاعر شاعره آھن.اديبن ۾ امر جليل.
سوال: پسنديده شخصيت؟
طالب حسين: ڪافي استاد محترم پسند جون شخصيتون آھن، جن کي مان پنهنجو آئڊيل سمجهندو آھيان، ۽ منهنجي نظر ۾ منهنجن استادن کان وڌيڪ ڪا شخصيت ناهي، تن ۾ منهنجو والد محترم پڻ شامل آھي.
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر؟
طالب حسين: ڪتاب (ڪهاڻين تي مشتمل) سڀ ڪتاب پسند اٿم، گلن ۾ ڪنول وڌيڪ وڻندو اٿم، رنگ سڀ نرالا آھن، پر ڳاڙهو رنگ وڌيڪ سٺو لڳندو آھي.اسان وٽ چار مندون ٿين ٿيون، تن مان سيارو وڻندو اٿم، ۽ پهر صبح وارو وڻندو اٿم.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي.؟
طالب حسين: جڏھن منهنجي استاد محمد مٺل جسڪاڻي صاحب چيو، طالب هاڻي اوهان بهترين پيا لکو.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
طالب حسين: محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي شهادت تي دل سڏڪي پئي هئي!!
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي؟
طالب حسين: عورتن سان خيالن جي ڏي وٺ گهٽ ٿيندي آھي، پر پنهنجي آس پاس نظر گهمائيندي محسوس ڪيو اٿم ته، عورت عزت، پيار ۽ برابري چاهي ٿي، جيڪا کيس ملڻ گهرجي.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
طالب حسين: خدا تعاليٰ طرفان خوبصورت تخليق جنهن جي احساسن مان سکڻ گهرجي.
سوال: اڄڪلھه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ؟
طالب حسين: اڄڪلھه جي ادب ۾ ڪافي نواڻ اچي چڪي آھي، جيڪا وقت جي ضرورت پڻ آھي، وقت ۽ معاشري جي پسند مطابق اڄ ڪلھہ جو ادب بهتر سرجي پيو!!
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
طالب حسين: سبب ته گهڻا آھن، پر ليکڪ يا ليکڪائن کي نوجوان نسل مان پڙهندڙ گهٽ ۽ تنقيدي ذهن وڌيڪ ملن ٿا، جيڪو ئي اهم سبب آھي!
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
طالب حسين: تنقيد کي تنقيد نه پر اصلاح سمجهڻ گهرجي، جيڪڏھن اصلاح نه سمجهجي ته، هڪ ادب ۽ اخلاق جو امتحان سمجهي درگذر ڪجي!
سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
طالب حسين: ادبي سنگت شاخ دادو ۾ شاعر عابد سولنگي جي ڪري واسطا رهيا آھن ۽ ڪجهه خدمت پڻ ڪئي آھي، سياسي هلچل مان نه ڄاڻان ڇو ته سڌو ماڻهو آھيان، باقي مختلف سماجي تنظيمن ۾ رهي ڪري سماج سڌارڪ ڪم ڪيا اٿم.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
طالب حسين: زندگي هڪ خوبصورت لمحو آھي، جنهن کي لمحي طور استعمال ڪرڻ گهرجي.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
طالب حسين: موت جو ٻيو نالو وڇوڙو آھي جنهن کي مڃڻو پوندو.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
طالب حسين: منهنجي نظر ۾ غليظ ۽ گندي ۾ گندو لفظ نفرت آھي، نفرت هڪ خوف جو نالو آھي، جنهن کان بچڻ جي ڪوشش ڪجي!
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
طالب حسين: هڪ اهڙي شيءِ جنهن تي ڪڏھن انسان جو وس ناهي هليو، جيڪا ڪيترن ئي دردن جو سبب بڻبي آھي.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
طالب حسين: ايندڙ ڪتاب زراعت متعلق ڄاڻ تيار ڪري رکيو آھي، جنهن ۾ زرعي، سائنسي ۽ زرعي ماحول جون عام ڳالهيون شامل آھن! ۽ ڪهاڻين جو ڪتاب سهيڙيان پيو، جيڪي وقت اچڻ تي ڇپرائبا.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
طالب حسين: نرم دل، حساس، همدرد، هڪ اهڙي طبيعت جيڪا پنهنجي دردن تي گهٽ ٻين جي ڏکن تي وڌيڪ ڏک محسوس ڪري!!
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
طالب حسين: ڪوڙ ۽ انڪار ڪاوڙ جا سبب بڻبا آھن!
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ؟
طالب حسين: هونئن ته ادبي دنيا مان ڪا شيلڊ يا ڪو ايوارڊ ناهي مليو، پر استادن جا پيار ڀريا لفظ مون لاءِ ايوارڊ هوندا آھن، ۽ اڄ جيڪو اوهان مون کان انٽرويو پيا وٺو مان سمجهان مون کي پنهنجي مڃتا ملي وئي آھي، ڇو ته سر علي محمد درد صاحب اوهان منهنجا اسڪول ۾ استاد رهيا آھيو!
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
طالب حسين: لکڻ مهل اهڙي ڪيفيت هوندي آهي جيڪا لکڻي ۾ رکڻ چاهيندو آھيان، مطلب جهڙو موضوع تهڙي ڪيفيت!
سوال: درد ڇا آهي؟
طالب حسين: گهڻا درد مزيدار ۽ گهڻا مزا درديلا ٿين ٿا!
درد هر ڪنهن لاءِ الڳ معنيٰ رکي ٿو!! جيڪو جيئن محسوس ڪري!
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪجھه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
طالب حسين: جي بلڪل ڪجھه مضمونن لکڻين ۽ ڪهاڻين تي مطمئن آھيان، پر ڪافي لکڻين سان انصاف ناهيان ڪري سگهيو!
سوال: اوهان جي شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
طالب حسين: منهنجي شاعري ساجد علي ساجد ۽ گل حسن جمالي ڳائي آھي!
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪھڙا آهن؟
طالب حسين: ملازمت ڪندڙ عورت لاءِ، پهريون ته اسان جو معاشرو جيڪو ان کي غلط رنگ ڏيندو آھي، ٻيو ته اسان وٽ عورتن لاءِ اهڙو ماحول ناهي جنهن ۾ هو سڪون سان ملازمت ڪري سگهن ۽ عوام جي خدمت ڪري سگهن!
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
طالب حسين: عورت ليکڪائون يا شاعرائون اڪثر محبت تي لکڻ مهل گهٻراهٽ جو شڪار ٿينديون آھن، ڇو ته اسان وٽ ڪريل سوچ وارا گهڻا آھن، انڪري هو پنهنجي لکڻين ۽ شاعري سان انصاف ناهن ڪري سگهنديون!
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
طالب حسين: لکڻ شوق آھي، مجبوري به لکرائيندي آھي!
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
جواب: شهرت مزيدار لڳندي آھي، جڏھن ڪو اهل علم ماڻهو چوندو آھي ته، اسان اوهان جون لکڻيون پڙهندا آھيون ته، سڀ ٿڪ لهي ويندا آھن!
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
طالب حسين: ها بلڪل! هر سکئي ۽ مالدار ماڻهو مان شڪايت آھي، ته هو بي سهارن کي سهارو ڇو ناهن ڏيندا...!!؟؟
**

جن سان وفاداري ڪيم، تن کان نفرتون پلئه پيل ڏسندو آهيان ته جيءُ جهُري پوندو آهي. ظفر پياروي

جن سان وفاداري ڪيم، تن کان نفرتون پلئه پيل ڏسندو آهيان ته جيءُ جهُري پوندو آهي. ظفر پياروي

سوال: نانءُ ولديت سميت؟
ظفر پياروي: ظفر احمد لھٻر ولد حاجي غلام رسول لھٻر
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ.؟
ظفر پياروي: 10 مارچ 1982ع پيارو اسٽيشن، ضلعو دادو.
سوال: ادبي نانءُ؟
ظفر پياروي: ظفر پياروي
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
ظفر پياروي: اسسٽنٽ سپريڊنٽ سنڌ سيڪريٽريٽ (ايس اينڊ جي اي ڊي) ڊپارٽمنٽ ڪراچي.
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
ظفر پياروي: 2000ع کان.
سوال: ادبي استاد؟
ظفر پياروي: ڪتاب ۽ رھنمائي ڊاڪٽر قربان جھتيال.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
ظفر پياروي: نسيم کرل ۽ امرجليل.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
ظفر پياروي: زماني جو اوچ نيچ، پيري مريدي جون اٻوجھن سان ويساھ گھاتيون ۽ ظلم.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
ظفر پياروي: ارچڪ مرچڪ ٻاراڻي مئگزين ۾ 2000ع جي دوران.
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپياآهيو؟
ظفر پياروي: نئين زندگي، ھالار، سنڌرنگ، عبرت مئگزين، سنڌو مئگزين، روزاني ڪاوش، روزاني سوڀ، روزاني الک، روزاني تعميرسنڌ، روزاني سنڌو ۽ ٻين ۾.
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
ظفر پياروي: ڪھاڻيون، نثري نظم، غزل ۽ مختلف موضوعن تي ڪالم پسنديده صنف ڪھاڻي ۽ نثري نظم.
سوال: ڪھاڻين جو تعداد، ڪيتريون ڇپيل؟
ظفر پياروي: 40 کان وڌيڪ 20 ڇپيل.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال؟
ظفر پياروي: ڪھاڻين جو مجموعو ”ڀرندڙ وجود“ 2020ع ۾ پيڪاڪ پبلشر طرفان شايع ٿيو.
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
ظفر پياروي: تمام ٻاجھه ڀريو.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
ظفر پياروي: ٻاراڻو ادب ۽ لوڪ ادب جو وسيع مطالعو ادب ڏانھن وٺي آيو لوڪ ڪھاڻين منھجي ادبي پرورش ڪئي، باقي ادبي دوستن خاص ڪري سائين قربان جھتيال صاحب ڏاڍو ھمٿائيندو رھيو، جنھن جي ڪري اڄ آءٌ ادبي دنيا ۾ شمار ٿيان پيو.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
ظفر پياروي: منھجي نظر ۾ شاعري الھام آھي جيڪا ذھن تي لھي ٿي ۽ لفظ پنن تي جنم وٺن ٿا.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
ظفر پياروي: محبت کانسواءِ ھر وجود اڌورو آھي محبت ھن ڪائنات جي حسناڪين جي راڻي آھي.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب /اديبائون؟
ظفر پياروي: استاد بخاري، نورالھدي شاهه، حليم باغي، نسيم کرل، امرجليل.
سوال: پسنديده شخصيت؟
ظفر پياروي: امان پروين ۽ ابو مرحوم حاجي غلام رسول لھٻر.
سوال: پسنديده ڪتاب، گل/رنگ/موسم/پھر؟
ظفر پياروي: قرآن مجيد / موتيو/اڇو/بھار/صبح جو.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
ظفر پياروي: ياد ناھي ليڪن ابي امان جي نظر ۾ سخت محنت سان منفرد مقام حاصل ڪرڻ.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
ظفر پياروي: محبتن لاءِ جھليل جھول جو خالي ھجڻ.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي؟
ظفر پياروي: اڄ جي عورت پنھجو جائز مقام چاھي ٿي، جيڪو ان جو حق آھي ليڪن لبرل ازم جي آڙ ۾ عورت جي حسناڪين جو قتل مون کي جھوري وجھندو آھي
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
ظفر پياروي: ڪائنات جو حسين وجود جنھن کانسواءِ ھي ڪائنات بي رنگ ھجي ھا.
سوال: اڄڪلھه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ؟
ظفر پياروي: سوشل ميڊيا ۽ ٽيڪنالوجي جي ھن دور ۾ معياري ادب گھٽ سرجي پيو ۽ غير معياري لکڻي کي آءٌ ادب بلڪل ناھيان سمجھندو. ڪافي نوجوان ڏات جي سلطنت تي اچرج ۾ وجھندڙ لفظ تخليق ڪن پيا اھو پڙھي محسوس ٿيندو آهي ته اسان جو ادب اڃا وينٽي ليٽر تي ناھي پيل.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
ظفر پياروي: تخليق جو معيار ھر ليکڪ ۽ ليکڪا کي بلندين جو معراج ڪرائيندو آھي ۽ اھو معراج ڪافي ڏات ڌڻي ڪن پيا جيڪي ڏيھان ڏيھه مشھور آھن باقي سندي ادب کي جيڪا پذيرائي ملڻ گھرجي اھُا نه ٿي ملي ان جا زميوار اسان جي صفن ۾ ئي ويٺل آھن.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
ظفر پياروي: تنقيد براءِ اصلاح ئي ادب جي اصل حسناڪي آھي تنقيد برداشت ڪري ان مان سبق حاصل ڪندڙ ئي بھترين ڏات ڌڻي ٿيا آھن ۽ ٿيندا جيڪي تنقيد برداشت نه ٿا ڪري سگھن انھن جي لفظن ۾ پختگي نظر ناھي ايندي.
سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
ظفر پياروي: سنڌي ادبي سنگت شاخ پيارو اسٽيشن جو فائونڊر سيڪريٽري ۽ ھاڻوڪو ڪائونسلر.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
ظفر پياروي: قدرت جو مختصر شاھڪار.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
ظفر پياروي: ھڪ حقيقت جنھن سان ملڻو ئي پوندو ۽ ان جي رمزن جي پوءِ پروڙ پوندي.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
ظفر پياروي: زھر کان به وڌيڪ زھريلي شيءِ
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
ظفر پياروي: زندگي جو روح.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
ظفر پياروي: هڪ ڪھاڻين جو ۽ ھڪ عدد نثري نظمن جو نالا تجويز ناھن ڪيا.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
ظفر پياروي: اڪيلائي پسند ۽ خاموش مزاج.
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
ظفر پياروي: موقعي پرست ماڻھن جو رنگ بدلائڻ تي.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ؟
ظفر پياروي: ماھوار ھالار ۽ ماھوار سنڌ رنگ طرفان بيسٽ ڪھاڻيڪار سرٽيفڪيٽ.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
ظفر پياروي: لکڻ وقت ائين لڳندو آ لفظ ذھن تي وسي رھيا آھن ۽ اتان ميڙي ورقن تي اوتيان پيو ٿو.
سوال: درد ڇا آهي؟
ظفر پياروي: درد جو سرور به ڪمال جو آ، درد بنا زندگي ڪافي بي رنگ لڳندي آهي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪجھه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
ظفر پياروي: جي ھا.
سوال: اوهان جي شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
ظفر پياروي: ڪنھن به نه.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪھڙا آهن؟
ظفر پياروي: ملازمت ڪندڙ عورتن جي حوصلافزائي ڪرڻ بجاءِ حوصلاشڪني ٿيندي آ، ھن معاشري ۾ جنھن سان عورت جو وجود لرزيل رھندو آھي.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
ظفر پياروي: مرداڻي معاشري ۾ اوچ نيچ، ذات پات، عورت جي آڏو وڏي رڪاوٽ آھي، انھن جي خاتمي سان عورت طاقتور ٿي اڃا به ھن سماج ۾ اھم ڪردار ادا ڪندي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
ظفر پياروي: شوق ۽ مجبوري ٻئي آھن.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
ظفر پياروي: ڪيل پورھيئي جو داد جنھن جو ڦل مٺو ھوندو آھي.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
ظفر پياروي: جن سان وفاداري ڪيم، تِن کان نفرتون پلئه پيل ڏسندو آھيان ته جِيءَ جھري پوندو آھي اھڙن ماڻھن کان شڪايت ھوندي آهي.

جڏهن تنقيد ذات تي لَهي ايندي ته اها برداشت نه ٿيندي.. عاجز ڏاهري

جڏهن تنقيد ذات تي لَهي ايندي ته اها برداشت نه ٿيندي.. عاجز ڏاهري

سوال: نانءُ ولديت سميت؟
عاجز ڏاهري: غلام قادر ڏاھري، ولد احمد علي ڏاھري.
سوال: جنم جي تاريخ ۽ هنڌ؟
عاجز ڏاهري: نائين مارچ 1974ع جنم ڳوٺ حاجي درياهه خان ڏاھري، ضلعو مٽياري
سوال: ادبي نالو؟
عاجز ڏاهري: عاجز ڏاھري.
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
عاجز ڏاهري: تعليم: ايم. اي سنڌي.(ڊي، پي، ايم)
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
عاجز ڏاهري: لکڻ جي شروعات ته گھڻو وقت اڳ ڪئي پر اھا ڪچي ڦڪي لکت ھوندي ھئي. سال 1996ع کان اخباري ڪالم ۽ شاعريءَ سان ھٿ ڳنڍيو.
سوال: ادبي استاد؟
عاجز ڏاهري: باقاعدي ڪوبه ادبي استاد ناھي رھيو، باقي مختلف دوستن کان رھنمائي ضرور ورتي.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
عاجز ڏاهري: ڪھاڻيون، سفرناما، تاريخ ۽ شاعري پڙھڻ جو شوق هو ائين لکڻ جي ڪرت کي لڳي ويس.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالهيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
عاجز ڏاهري: سماجي اڻ برابريءَ، ڏک، تڪليفون ۽ پيڙائون لکڻ لاءِ اتساھنديون آھن.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
عاجز ڏاهري: پھرين تخليق ھلچل اخبار ۾ ڇپي.
سوال: ڪهڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟
عاجز ڏاهري: مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾.
سوال: ڪهڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
عاجز ڏاهري: نثري نظم، ۽ ڪالم.
سوال: ڪهاڻين جو تعداد، ڪيتريون ڇپيل؟
عاجز ڏاهري: ڪھاڻين جو تعداد ڪو گھڻو ناھي پر جيڪي لکيون اھي ڇپرائڻ لاءِ نه ڏنيون.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال؟
عاجز ڏاهري: ڪوبه نه.
سوال: پهرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو رد عمل ڇا هيو؟
عاجز ڏاهري: پھرين تخليق ڇپجڻ تي گھر ڀاتي خوش ٿيا.... مائٽن جو ڪو خاص رد عمل نه ھو.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصلا افزائي ڪنهن ڪئي؟
عاجز ڏاهري: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ دوستن حوصلو ڏنو.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
عاجز ڏاهري: شاعري منھنجي نظر ۾ عزت ۽ مان وڌڻ جو ھڪ ڪشادو گس آھي.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
عاجز ڏاهري: محبت ھڪ لازوال جذبو.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب/اديبائون؟
عاجز ڏاهري: کوڙ سارا شاعر ۽ ليکڪ آھن ڪھڙن جا نالا کڻجن.
سوال: پسنديده شخصيت؟
عاجز ڏاهري: پسند واري شخصيت ڪابه نه.
سوال: پسنديده ڪتاب/رنگ/موسم/پهر؟
عاجز ڏاهري: پسند جو ڪتاب: خالي بئنچ، گل: گلاب، رنگ: سائو، موسم: سيارو، پھر: شام جو.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
عاجز ڏاهري: زندگيءَ ڪڏھن ڪا خاص مھرباني ڪئي ئي ناھي.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
عاجز ڏاهري: زندگيءَ ڏک ئي ڏک رھي آھي پر جڏھن امڙ گذاري وئي ته اھو مون لاءِ وڏو صدمو ھو.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاهي؟
عاجز ڏاهري: عورت سدائين عزت ۽ محبت جي پيڪر رھي آھي ھن جديد دور ۾ به ھو اھوئي چاھي ٿي، منھنجي خيال۾ ان کان وڌيڪ ٻي سندس ڪھڙي چاھت ھوندي؟ آزادي، پنھنجو گھر، پيار ڪندڙ ور، سونھن ۽ خوبصورتي، پئسي ڏوڪڙ جو ھئڻ ته ھر ڪنھن جي خواھش ۾ شامل آھي.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
عاجز ڏاهري: عورت منھنجي نظر ۾ نھايت معتبر ۽ مدبر شخصيت آھي.
سوال: اڄ ڪلهه جيڪو ادب سرجي پيو اُن بابت اوهان جي راءِ؟
عاجز ڏاهري: اڄڪلهه جو ادب نھايت سٺو لکيو پيو وڃي جنھن ۾ سماج جي ھر اوڻائي کي ظاھر ڪيو پيو وڃي.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
عاجز ڏاهري: اسان جو سماج بي حس آھي اھو ئي ڪارڻ آهي جو ليکڪن، شاعرن ۽ اديبن کي اھا پذيرائي نه پئي ملي.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
عاجز ڏاهري: تنقيد اصلاح طور ڪئي نه پئي وڃي اھا ذاتيات تائين پھچي وئي آهي جڏھن تنقيد ذات تي لھي ايندي تڏھن اھا برداشت نه ٿي سگھندي.
سوال: ادبي/سياسي/ سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
عاجز ڏاهري: سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪوٽڙي سان وابستگي آھي.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
عاجز ڏاهري: زندگي خدا پاران ڏنل وڏي نعمت.
سوال:موت اوهان جي نظر ۾؟
عاجز ڏاهري: موت ھڪ حقيقت آھي جنھن کان ڪير به منھن موڙي نه ٿو سگهي.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
عاجز ڏاهري: نفرت ڪڏھن ڪنھن سان ڪئي ئي ناھي ان ڪري ان جي ڄاڻ به نه اٿم.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
عاجز ڏاهري: دل محبت جو جذبو سنڀالي رکندڙ انساني عضوو.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سهيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
عاجز ڏاهري: پنھنجي ڪھاڻي پنھنجي زباني لکي رھيو آھيان، باقي ڪو ڪتاب سھيڙيو ناھي.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
عاجز ڏاهري: طبيعتن آئون کل ڀوڳ وارو آھيان، مطلب مزاحيا.
سوال: ڪهڙين ڳالهين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
عاجز ڏاهري: جيڪو ماڻھو ڪنھن صحيح ڳالھه کي سامھون ئي ڪوڙو قرار ڏئي ان عمل تي ڪاوڙ ايندي آهي.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/سرٽيفڪيٽ؟
عاجز ڏاهري: ڪوبه نه.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
عاجز ڏاهري: لکڻ وقت ڪيفيت ڪا خاص ناھي ھوندي بس اھو ھوندو آھي ته جيڏي مھل آئون ڪابه شيءِ لکان ان مھل ڪو تنگ نه ڪري سڪون ھجي.
سوال: درد ڇا آهي؟
عاجز ڏاهري: درد ھڪ تڪليف ڏيندڙ عمل آهي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪجهه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
عاجز ڏاهري: ھن مھل تائين جيڪو لکيو آهي ان مان مطمئن آھيان.
سوال: اوهان جي شاعري ڪهڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
عاجز ڏاهري: ڪنھن به نه.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪهڙا آهن؟
عاجز ڏاهري: نوڪري ڪندڙ عورتن سان ڪيترائي مسئلا آهن جن کي ھو منھن به ڏين ٿيون ته ڪٿي صفا ڪمزور ٿي پون ٿيون اسان جي ھن مرداڻي سماج ۾ ھڪ عورت کي صفا ھيٺين درجي تي رکيو ويو آهي انھن کي برابري وارو اھو درجو اڃا تائين ملي ناھي سگھيو جيڪو سڌريل قومن ۾ آھي.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪهڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
عاجز ڏاهري: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي تمام گھڻيون تڪليفون آھن، ھن جديد دور ۾ به اسان جي اھا سوچ آھي ته جيڪا به عورت لکي ٿي ان عشق ۾ ناڪام ٿي قلم کنيو آھي، سو جيڪڏھن اسين ان کي گاھ وجھنداسين ته ھو اسان جي ڄار ۾ ڦاسي ويندي.... پر اسين اھو ناھيون سوچيندا ته ھر عورت قلمڪار ائين ناھي ھوندي.. انھن معاملن جو حل اھو آھي ته اسان کي پنھنجي سوچ تبديل ڪري عورت ليکڪائن کي اڳيان آڻڻو پوندو انھن جي عزت ڪرڻي پوندي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
عاجز ڏاهري: لکڻ شوق آھي.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
عاجز ڏاهري: شھرت ھر ماڻھو کي سٺي لڳندي آهي ھرڪو اھو چاھيندو آھي ته منھنجو ڌاڪو ڄميل ھجي ان ڪري ٿي سگھي ٿو ته مون کي به سٺي لڳندي ھجي پر آئون ان عمل پويان سھي سنبري ناھيان نڪرندو.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
عاجز ڏاهري: مون کي ذاتي طور ڪنھن کان به ڪا شڪايت ناھي، جنھن سان شڪايت آھي، اھو جڏھن به سامھون آيو ته ان سان حساب ڪتاب ڪري وٺبو. **

مطالعي کان خالي ادب سرجڻ ڪاٺَ جي ڪُنِي چاڙهڻ آهي…عبدالجبار ”عاجز“ منگي

مطالعي کان خالي ادب سرجڻ ڪاٺَ جي ڪُنِي چاڙهڻ آهي…عبدالجبار ”عاجز“ منگي

سوال: نانءُ ولديت سميت؟
عاجز: عبدالجبار منگي ولد غلام رسول منگي.
سوال: جنهن جي تاريخ جنم جو هنڌ؟
عاجز: 10 آڪٽوبر 1972ع ڳوٺ ڇتو منگي تعلقو ڳڙهي ياسين ضلعو شڪارپور.
سوال: ادبي نانءُ؟
عاجز: عبدالجبار ”عاجز“ منگي.
سوال: تعليم، نوڪري، پيشو؟
عاجز: بي ايڊ، استاد.
سوال:لکڻ جي شروعات؟
عاجز: 1990ع
سوال: ادبي استاد؟
عاجز: ارباب علي ”عادل“ چوهاڻ.
سوال:ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
عاجز: مطالعي کان پوءِ لکڻ شروع ڪيو.
سوال: ڪهڙيون شيون ڳالهيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهيندو آهين؟
عاجز: سماج ۾ ٿيندڙ ناانصافيون ۽ ڏاڍُ لکڻ لاءِ اتساهيندو آهي.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
عاجز: 1990ع هفتيوار وينجهار ۾ ڇپي.
سوال: ڪهڙين اخبارن ۽ رسالن ڇپيا آهيو.؟
عاجز: روزاني ڪاوش، روزاني عوامي آواز، روزاني هلال پاڪستان، روزاني سوڀ، روزاني سنڌ ايڪسپريس وغيره. ٽماهي مهراڻ، نئين زندگي، ماهوار امرتا، ماهوار ادب، ماهوار پرک، پندرنهن روزه عبرت مئگزين، هفتيوار سنڌو ڊائجسٽ وغيره.
سوال: ڪهڙين صنفن ۾ لکيو اٿو، اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي.
عاجز:حمد، نعت، وائي، ڪافي، چئوسٽا، بيت، غزل پسنديده صنف آهي.
سوال:ڇپيل ڪتاب؟
عاجز: نياز مسرور بدويءَ سان گڏ مرتب ڪيل ”عشق جي اصلي ڳالهه نه ڪر“. سگهڙ گل محمد فقير لهر بلوچ جو ڪلام.
سوال: پهرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو رد عمل ڇا هو؟
عاجز: خبر نه آهي ٿي سگهي ٿو ڪو خوش ٿيو هُجي يا ڪنهن کي تڪليف رُسي هُجي.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
عاجز: محبت ٻين کي پاڻ وٽ قيد ڪرڻ جي جذبي ۽ جادوءَ جو نالو آهي.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون/اديب/اديبائون؟
عاجز: شاهه لطيف، شيخ اياز، سعيد ميمڻ، ايوب کوسو، حنيف عاطر.
سوال:پسنديده شخصيت؟
عاجز: ڪائنات جو ڪارڻي حضرت مُحمد صلي الله عليه وآله وسلم.
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پهر؟
عاجز: شاهه جو رسالو، مقدس آخري ڪتاب، رابيل جو گل، اڇو، پهر شام.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
عاجز: منهنجي ننڍڙي پرهه منگيءَ جو جنم.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
جواب: ابي امڙ جي وفات.
سوال: اَڄُ جي عورت ڇا ٿي چاهي؟
عاجز: آزادي.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
عاجز: گل ۽ ٽانڊو.
سوال: اڄڪلهه جيڪو اَدَبُ سرجي پيو اُن بابت اوهان جي راءِ؟
عاجز: مطالعي کان خالي ادب سرجڻ ڪاٺ جي ڪُني چاڙهڻ آهي، مطالعي سان ادب سرجڻ ۾ سونهن سوڀيا ۽ نوڙت نکري اچي ٿي.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي. جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي ان جو ڇا سبب آهي؟
عاجز: نانيءَ ويڙهو ۽ ٻه اکيائي.
سوال: تنقيد ڇا آهي اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
عاجز: تنقيد مثبت انداز ۾ دليلن سان شين جا عيب ۽ اوڻائين ظاهر ڪرڻ جو نالو آهي پر اسان وٽ تنقيد گڏهه واريون اِٽون هجن ٿيون، ڄاڻي واڻي ذاتي/شخصي تنقيد ڪري بي عزتي ڪئي وڃي ٿي.
سوال: ادبي سياسي، سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
عاجز: مهراڻ ادبي سنگت ۽ سنڌ سڳنڌ ادبي سنگت شڪارپور .
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
عاجز: ٻين جي ڪم اچڻ جو نالو زندگي آهي.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
عاجز:صوفين چواڻي دل خدا جو گهر آهي.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
عاجز: ٻين جا ڏک، ڏوجهرا سهپ کان ٻاهر هوندا آهن، طبعيت فقيراڻي آهي.
سوال:ڪهڙين ڳالهين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
عاجز: منافقت تي.
سوال: مليل مڃتا ايوارڊ، شيلڊون سرٽيفڪيٽ؟
عاجز:(1) شڪارپور مڃتا ايوارڊ 2016ع بهترين محنتي ۽ کاهوڙي استاد، پاران پريس ڪلب شڪارپور. (2) چار سئو سالا جشن شڪارپور ايوارڊ 2017ع شاعر جو ايوارڊ پاران مهراڻ ادبي سنگت شڪارپور، (3) استاد قمر کوسو ايوارڊ 2018ع شاعر جو ايوارڊ پاران سنڌي ادبي سنگت شاخ لکي غلام شاهه. (4) منشي عطا محمد شڪارپوري يادگار شيلڊ پاران، سنڌي ادبي سنگت سنڌ ۽ ٻيا ڪيترائي مڃتا ايوارڊ مليا.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي.؟
عاجز: طبيعت ۾ سنجيدگي اچيو وڃي.
سوال: درد ڇا آهي؟
عاجز: درد جي ڪا هڪ وصف نه آهي، درد جون سوين ڪهاڻيون آهن، درد جيءَ کي جهوري وجهڻ جو نالو آهي.
سوال: اوهان جيڪو ڪجهه لکيو آهي انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
عاجز: گهڻو نه پر ٿورو گهڻو ضرو مطمئن آهيان.
سوال:اوهان جي شاعري ڪهڙن فنڪارن ڳائي آهي؟
عاجز: ريڊيو ۽ ٽي ويءَ جي مشهور فنڪار علي بخش سومرو محفلن ۾ ڳائي آهي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
عاجز: شوق.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
عاجز: مشهوري هر ڪنهن کي چڱي لڳندي آهي؟
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
عاجز: ڪنهن کان به نه.
**

ڀلي حقيقي زندگيءَ ۾ ايماندار نه ھجان پر لکڻ وقت ايماندار ٿي ويندو آھيان. علي رضا قاضي

ڀلي حقيقي زندگيءَ ۾ ايماندار نه ھجان پر لکڻ وقت ايماندار ٿي ويندو آھيان. علي رضا قاضي

سوال: نانءُ ولديت سميت؟
علي رضا قاضي: منهنجو نالو قاضي رضا علي سهتو آهي.
بابا جو نالو قاضي دين محمد سهتو آهي.
سوال: جنم جي تاريخ ۽ هنڌ؟
علي رضا قاضي: جنم ساهتيءَ جي ننڍڙي ڳوٺ دليپوٽا ۾ چوڏهن اپريل، 1976ع ۾ ٿيو.
سوال: ادبي نانءُ؟
علي رضا قاضي: ادبي لکڻين ۾ علي رضا قاضي لکندو آھيان.
سوال: تعليم/ نوڪري/پيشو؟
علي رضا قاضي: سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان پي.ايڇ.ڊي ڪريان پيو.
سال 2006ع ۾ تعليم کاتي ۾ ليڪچررشپ ملي. هن وقت منهنجي مقرري غلام رباني آگرو گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊياري ۾ آهي.
سوال: لکڻ جي شروعات ( سال ۽ مھينو)؟
علي رضا قاضي: 1996ع ۾ ڪاوش مئگزين ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي، مختلف ننڍڙيون ڳالهيون لکڻ کان پوءِ 2008ع ۾ ’ملو اڱر‘ جي نالي سان مختصر- مختصر ڪهاڻي لکي، جيڪا ڪنڊيارو ڪاليج مئگزين ’ساهتيءَ‘ ۾ ڇپي.
سوال: - ادبي استاد؟
علي رضا قاضي: منهنجو بابا ئي منهنجو ادبي استاد هو، جنهن هر گهڙي لکڻين ۾ مدد ڪئي.
سوال:- ڪھڙيون ڳالھيون اوھان کي لکڻ لاءِ اتساھينديون آھن؟
علي رضا قاضي: سماج جي هر غير معمولي ڳالهه مون کي لکڻ لاءِ اتساهيندي آهي.
سوال:- ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آھيو؟
علي رضا قاضي: روزانه ڪاوش، تعمير سنڌ، سنڌ، هلچل، عوامي آواز، پاڪ، سنڌ ٽائيمز، شام، سائين، ڪنڊيارو ٽائيمز، ڪوشش، پنهنجي اخبار ۽ سوڀ اخبارن ۾ مختلف وقتن تي مواد شائع ٿيندو رهيو آهي. رسالن، مئگزينن ۽ جرنلن ۾ ساهتي ڪاليج مئگزين ۽ ٽه ماهي مهراڻ، سنڌي ٻولي، ڪلاچي، سامي ۽ تنوير جرنلن ۾ تحقيقي مواد ڇپيو آهي. تحقيقي پيپر، مضمون ۽ ڪهاڻيون لکيون آهن.
سوال: اوھان جي پسند جي صنف ڪھڙي آھي؟
علي رضا قاضي: مختصر- مختصر ڪهاڻي، منهنجي پسنديده صنف آهي.
ٽي سئو کان مٿي مختصر- مختصر، سئو لفظي، پنجاهه لفظي، 55 لفظي ۽ مختصر ڪهاڻيون لکيون آهن.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انھن جا سال؟
علي رضا قاضي: هن وقت تائين چار ڪتاب لکيا آهن.
پهريون ڪتاب ساهتيءَ جو اڻملهه هيرو (ڊاڪٽر رانجهن پهنور) هو، جيڪو ڳوٺ گل محمد پهنور پبليڪيشن ضلع نوشهروفيروز طرفان مارچ 2008ع ۾ شائع ڪرايو ويو.
ٻيون ڪتاب ٺاروشاه 9 ڪلوميٽر (تاريخي دستاويز) آهي، جيڪو علي ڪمپيوٽرس اينڊ پبلشرز ٺاروشاه طرفان مارچ 2012ع ۾ ڇپايو ويو.
ٽيون ڪتاب معذرت سان (اختصاري ڪهاڻيون) هو، جيڪو پڻ علي ڪمپيوٽرس اينڊ پبلشرز ٺاروشاه پاران اپريل 2016ع ۾ شائع ڪرايو ويو.
چوٿون ڪتاب ٺاروشاه جو بابوصاحبُ آهي (سوانح عمري) جيڪو پڻ علي ڪمپيوٽرس اينڊ پبلشرز پاران آڪٽوبر 2016ع ۾ ڇپايو ويو.
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا ھيو؟
علي رضا قاضي: اسان جو خاندان علمي ۽ ادبي گهراڻو رهيو آهي، ان ڪري شاعري ڪرڻ ڪهاڻيون لکڻ ڪا نئين يا عجيب ڳالهه نه آهي.
سوال:- ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوھان جي حوصله افزائي ڪنھن ڪئي؟
علي رضا قاضي: منهنجو بابا سدائين منهنجو ڀرجهلو ۽ همٿ ڏياريندڙ رهيو. عمر الدين بيدار، جيڪو منهنجو چاچو آهي، سو پڻ حوصلو ڏياريندو رهندو هو.
سوال: شاعري اوھان جي نظر م؟
علي رضا قاضي: شاعري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پاڻ ئي مطمئن نه ٿيس. البت شاعري پڙهڻ جو تمام گهڻو شوق آهي. شاعري، منهنجي نظر ۾ روح کي سڪون ڏيندڙ اهي لفظ آهن، جيڪي شاعر پنهنجي ڪاريگريءَ سان جوڙين ٿا.
سوال: اوھان جا پسنديدہ شاعر ۽ اديب؟
علي رضا قاضي: شاعري ۾ استاد بخاري ۽ اياز گل وڻندا آهن. ڪهاڻي کيتر ۾ نسيم کرل ۽ جمال ابڙي ۽ کي گهڻو پڙهيو آهي.
سوال: پسنديدہ شخصيت؟
علي رضا قاضي: ڊاڪٽر الطاف جوکيو، منهنجو محسن منهنجو استاد ۽ پسنديده شخصيت آهي.
سوال: پسنديدہ ڪتاب/ گل/رنگ/موسم/پھر؟
علي رضا قاضي: ٽالسٽاءِ جو ناول ’وار اينڊ پيس‘ تمام گهڻو پسند آهي.
گلن ۾ گلاب وڻندو آهي. طبيعت ۾ اداسائي جي ڪري خزان وڻندي آهي. سيپٽمبر کان نومبر تائين جا مهينا پسند آهن.
سوال: زندگيءَ جي پھرين خوشي؟
علي رضا قاضي: زندگيءَ جي پهرين خوشي ان وقت ملي جڏهن بابا پينٽ شرٽ وٺي ڏني هئي. ڏاڍو سٺو لڳو هو.
سوال: زندگيءَ جو پھريون ڏک / صدمو /سڏڪو؟
علي رضا قاضي : پنهنجي سؤٽ ۽ ڀيڻويي ادا اڪبر جي بي وقتي موت تمام گهڻو صدمو رسايو هو.
سوال: اڄ جي عورت ڇاٿي چاھي؟
علي رضا قاضي: عورت جي باري ۾ ڇا چوان. ٽالسٽاءِ جي چيل ڳالهه وڻندي آهي ته ”مان عورت جي باري ۾ ان وقت ٻڌائيندس جڏهن مون کي قبر ۾ لاٿو ويندو!“
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آھي؟
علي رضا قاضي: سنڌي سماج ۾ خواندگيءَ جي شرح ڪهڙي آهي جو ماڻهو ادب پڙهندا سمجهندا ۽ لکڻ وارن جي پذيرائي ڪندا. هي پوئتي پيل سماجن جو الميو آهي، جيڪو تسيتائين جاري رهندو، جيسيتائين اسان وٽ تعليم جو نظام ٺيڪ نه ٿو ٿئي.
سوال: تنقيد ڇا آھي، اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
علي رضا قاضي: تنقيد مان اسان وٽ مراد تنقيص ورتو ويندو آهي، مطلب ڪنهن به لکڻي مان نقص ڪڍڻ، جڏهن ته تنقيد مان مطلب تخليق جي ٻنهي پاسن يعني مثبت ۽ منفي کي اجاگر ڪرڻو هوندو آهي. جيسيتائين اها ڳالهه نه سمجهي سگهنداسين نه تنقيد ڪري سگهبي نه ئي برداشت ڪنداسين.

سوال:- ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
علي رضا قاضي: ڪنهن به سياسي پارٽي/ تنظيم سان وابستگي ناهي. ان جا سبب سماج ۾ ايترا ته چٽا آهن، جو هاڻي ان موضِوع تي ڳالهائڻ لاءِ به دل نه ٿي چوي.
سوال: زندگي ۽ موت اوھان جي نظر ۾؟
علي رضا قاضي: زندگي، بس ساهه کڻڻ جو نالو آهي. ساهه کڻون پيا زنده آهيون، جنهن ڏينهن بند ٿيو مري وينداسين.
سوال: نفرت اوھان جي نظر ۾؟
علي رضا قاضي: جتي محبت ناهي، اتي نفرت ئي هوندي. خال هر حالت ۾ پر ٿيڻو آهي.
سوال: دل اوھان جي نظر ۾؟
علي رضا قاضي: دل، منهنجي نظر ۾ ان انساني ڪيفيت جو نالو آهي، جتي دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي.
سوال: توھان طبيعتن ڪيئن آھيو؟
علي رضا قاضي: مان طبيعتن موڊي آهيان. ڪڏهن ڪيئن ته ڪڏهن ڪيئن. نتيجي ۾ نه دوستيون نڀائي ڄاڻان نه مٽن مائٽن کي پسند. ان طبيعت جي ڪري زندگيءَ جا پويان 20 سال اڪيلائي پڻ ڀوڳي اٿم.
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿوَ؟
علي رضا قاضي: ڪاوڙ جو تعلق ڪيفيت سان آهي، ڪڏهن ته گهڻو ڪجهه برداشت ڪري وڃان، ڪڏهن معمولي ڳالهه تان به سالن جا رشتا ڊاهي ڇڏيان. اهڙي ڪا خاص ڳالهه ناهي، جنهن جي نالي چئي سگهجي ته هن ڳالهه تي ڪاوڙ ايندي آهي.
سوال: مليل مڃتا / ايوارڊ/ شيلڊون/سرٽيفڪيٽ؟
علي رضا قاضي: هن وقت تائين ڪو به مڃتا ايوارڊ ناهي مليو. ان جو سبب منهنجو غير سماجي هجڻ به آهي. هي سڀ ڪجهه مان سمجهان ٿو ڏيڻ وٺڻ جو معاملو آهي. جنهن ۾ مان نڪورو ڄٽ آهيان.
سوال: لکڻ وقت اوھان جي ڪيفيت ڇا ھوندي آھي؟
علي رضا قاضي: ڀلي حقيقي حياتيءَ ۾ مان ايماندار نه هجان پر لکڻ وقت ايماندار ٿي ويندو آهيان. ڪردارن سان انصاف ڪرڻ منهنجي پهرين اوليت هوندي آهي، جنهن جي ڪري پنهنجي لکڻين مان جيڪي گهڻو ڪري ڪهاڻين جي صورت هونديون آهن مطمئن هوندو آهيان.
سوال: لکڻ اوھان جو شوق آھي يا مجبوري؟
علي رضا قاضي: لکڻ لاءِ هي ڳالهه چوندس ته لکڻ منهنجو شوق آهي. لکڻ کان سواءِ مان اڻپورو آهيان.
سوال: شھرت اوھان کي ڪيئن لڳندي آھي؟
علي رضا قاضي: مان چاهيان ٿو ته مشهور هجان، ماڻهو مون کي سڃاڻن پر جڏهن شهرت جي ڳالهه ٿئي ٿي ته ڏاڍو لڄارو ٿي ويندو آهيان. خاص ڪري جڏهن به ڪو سامهون تعريف ڪندو آهي ته دل چوندي آهي ته ڪنهن ڪنڊ ۾ لڪي وڃان.
سوال: اوھان کي ڪنھن کان ڪا شڪايت؟
علي رضا قاضي: شڪايتون ته گهڻيون آهن، پر انهن جو اظهار ناهيان ڪندو. ڇاڪاڻ ته جنهن جي شڪايت ڪجي ٿي ته اهو آسمان تي چڙهيو وڃي. پاڻ اڃا اڌورا ماڻهو آهيون، پنهنجن پڙهندڙن لاءِ نيڪ تمنائون ضرور آهن، جيڪي مون کي پڙهي برداشت ڪن ٿا.
**

اڄ جا گهٽ پڙهيل مرد ٽوٽي يا گهٽ ڪمائو آهن جنهن ڪري عورت کي روزگار لاءِ ٻاهر نڪرڻو پوي ٿو. عين سحر

اڄ جا گهٽ پڙهيل مرد ٽوٽي يا گهٽ ڪمائو آهن جنهن ڪري عورت کي روزگار لاءِ ٻاهر نڪرڻو پوي ٿو. عين سحر


سوال: نانءُ ولديت سميت...
عين سحر: عزيز بيگم ولي محمد.
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ.؟
عين سحر: 15 مارچ نئون ديرو.
سوال: ادبي نانءُ ؟
عين سحر: عين سحر.
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو.؟
عين سحر: ايم اي بي ايڊ ھاءِ اسڪول ٽيچر.
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو.؟
عين سحر: ھونئن ته نائين ڪلاس ۾ پھريون نظم لکيو پر سنجيدگي سان 1990ع
سوال: ادبي استاد..؟
عين سحر: اسان جي گهر جو ماحول۽ امان جي شخصيت منھنجا پھريان استاد ھئا ان کان پوءِ ڪافي سالن پڄاڻان فيس بوڪ جي دنيا ۾ اچڻ کان پوء ڪُجهه آغا جان آغا ، علي عاجز شر کان علم و عروض جي ڪُجهه سکيا ورتي.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
عين سحر: منھنجي اندر جي تخليقڪار مون کي لکرايو.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
عين سحر: سڀئي احساس ڏک، سک جا خاص ڪري معاشرتي اڻبرابري ۽ فطري سونھن ، رنگن خوشبوئن ، گلن لکڻ لاءِ اتساھيو.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
عين سحر: ھلال پاڪستان اخبار ۾ 1990۾ .
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيون آهيو؟
عين سحر: چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ پھرين ڪھاڻي باقي ھزار داستان ، اڳواڻ، بختاور، ڪينجهر، مھراڻ، احساس مئگزين سنڌ راڻي، عوامي آواز، ڪلياڻ پنھنجي اخبار ۽ ٻيا مختلف رسالا ، اخبارون ۽ گڏيل ڪتاب .
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
عين سحر: شاعري جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آھي.
پسنديده صنف گيت ۽ غزل آھي.
سوال: ڪھاڻين جو تعداد، ڪيتريون ڇپيل؟
عين سحر: پنجاھ کن ڪھاڻيون لکيل آھن، جن مان پندرھن کان ويھه ڪھاڻيون ڇپيون آھن.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال......؟
عين سحر: منھنجي شاعري جا ٻه مجموعا ڇپيل آھن ، جن مان ھڪ سنڌي ٻيو اردو آھي.
1.درد جي بارش(سنڌي شاعري)
2. دشتِ پيما ( اردو شاعري)
ھڪ ئي سال 2013ع ۾ ڇپيا.
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
عين سحر: جئين ته گهر جو ماحول ادبي ۽ علمي ھو سو سڀ خوش ٿيا ۽ مون کي وڌيڪ لکڻ لاءِ اتساھيو.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
عين سحر: منھنجي پياري امان ۽ ڀاءُ ڊاڪٽر نياز حسين ۽ پيارين ڀينرن ڊاڪٽر فريده ۽ ڊاڪٽر نويده حوصلا افزائي ڪئي.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾....؟
عين سحر: شاعري اندر جي اڌمن جو بي ساخته اظھار آھي ۽ سڀني حسناڪين جي احساس ۾ مختلف ڪيفيتن جي اظھار جو نالو شاعري آھي.
سوال: محبت اوهان جي نظر۾ ..؟
عين سحر: محبت بي لوث ۽ انمول احساس آهي.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب /اديبائون..؟
عين سحر: شاھ عبداللطيف ڀٽائي، خليل جبران، مئڪسم گورڪي، پئبلو نرودا، امرتا پريتم.
سوال: پسنديده شخصيت..؟
عين سحر: محترمه بينظير ڀٽو
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر..؟
عين سحر: ڪتاب - شاھ جو رسالو/ گل - گلاب جو گل /رنگ - گلابي/موسم -بھار/ پھر - شام
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي..؟
عين سحر: سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو...؟
عين سحر: سماجي پابندي.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي؟
عين سحر: ٻن قسمن جي چاھت آھي، ھڪڙي عورت پنھنجي عزت جي دائرن ۾ مناسب سماجي حد بندين اندر تعليم جي زيور سان آراسته ٿي پنھنجي سڃاڻپ چاھي ٿي۽ پنھنجو پاڻ کي ثابت ڪرڻ چاھي ٿي ۽ شعوري آزادي چاھي ٿي ، ٻئي عورت vulgarity جي حد تائين آزادي چاھي ٿي.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾ .؟
عين سحر: ايثار ، قرباني ۽ پيار جي تصوير.
سوال: اڄڪلهه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ..؟
عين سحر: مطمئن ڪندڙ.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
عين سحر: ٻه ڏھاڪا اڳ نئين لکندڙ کي ڪو پليٽ فارم ميسر نه ھو، ڇپجڻ سولونه ھو، اڄ ابتيون سبتيون سٽون به سوشل ميڊيا تي داد حاصل ڪري ٿيون وٺن ۽ عوامي سطع تي پذيرائي ملي ٿي ، پر سرڪاري سطع تي سنڌي اديب کي ڪابه پذيرائي يا مڃتا نه ٿي ملي .
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
عين سحر: تنقيد ادبي فن پاري جي پرک آھي، نقاد کي منصف چئجي ته وڌاء نه ٿيندو سو تنقيد مثبت ۽ تعميري ھجڻ گهرجي ۽ ادب جي سکيا جو ڪو سينٽر ھجي جت سکيا ڏني وڃي، ھنڌ ھنڌ ٽيوشن سينٽر ھلن ٿا ته ھڪ ادب لاءِ سکيا گهر به ھجي . تنقيد برداشت نه ڪرڻ جو سبب سماجي سرت ساڃاھ نه ھجڻ ۽ اسھپ ھجڻ آھي.
سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي..؟
عين سحر: ڪا به نه
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾..؟
عين سحر: بيشڪ زندگي ڏکن سکن جو سنگم آهي، خالق جي طرفان ڏنل اھڙي خوبصورت نعمت آھي، جنهن جو قدر ھر حال ۾ ڪرڻ کپي.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾.؟
عين سحر: موت ھڪ حقيقت، ھڪ وعدو، اصل ڏانھن ورڻ وصال آھي.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
عين سحر: محبت جو موت.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾ .؟
عين سحر: دل ھونئن ته گوشت جو ٽڪرو آهي پر انسان جي احساسن ۽ سڀاءَ سان ان کي مشابه ڪيو وڃي ٿو روحاني طور ان جي تشريح محسوس ڪرڻ واري آهي ۽ اھو قلب آهي، جيڪو خدا جو گهر آهي پر سائنس جي نظر ۾ رڳو رت جي دوري جو ڪم ڏئي ٿي.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا..؟
عين سحر: 1 سنڌي شاعري جا ٻه ڪتاب 2 اردو شاعري جا ٻه ڪتاب 3 ڪھاڻين جو ڪتاب 4 نثراڻا ٽڪرا 5 ناول.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
عين سحر: خوش مزاج ۽حساس.
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
عين سحر: دوکي ۽ ڪوڙ تي.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ.؟
عين سحر: آءُ منظر عام تي ٽن سالن کان آھيان ادبي ڪم ۾ به وڏو وقفو رھيو پو به شڪر گذار آھيان محترم احسان آڪاش جي جن احساس ايوارڊ ڏنو.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
عين سحر: لکڻ وقت ڪڏھن شديد پيڙا جو احساس ته ڪڏھن مسرت آميز ڪيفيت.
سوال: درد ڇا آهي؟
عين سحر: درد زندگي جو لباس آهي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿيون يا جيڪو ڪُجهه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
عين سحر: مطمئن ٿيڻ تخليقڪار جو موت آھي.
سوال: اوهان جي شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
عين سحر: عاشق نظاماڻي، سعيد سميجو، رفيق ميتلو، ذوالفقار ساند، غلام لطيف چانڊيو ، حبدار سخيراڻي ٻيا ڪُجهه نالا ياد نه ٿا اچن.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪھڙا آهن؟
عين سحر: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو اھو آھي ته اڄ جا گهٽ پڙھيل مرد ٽوٽي يا گهٽ ڪمائو آھن جنھن ڪري عورتن کي روزگار لاءِ ٻاھر وڃڻو پوي ٿو ۽ روزگار ڪندڙ عورتن کي سماج جي اڻوڻندڙ روين کي منھن ڏيڻو پوي ٿو ۽ جنسيHarassment جو شڪار ٿينديون رھن ٿيون.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
عين سحر: مشڪلاتون اھي ته عورت کي ليکڪا بجاءِ عجوبو سمجهيو وڃي ٿو.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
عين سحر: لکڻ منھنجي زندگي آھي .
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
عين سحر: شھرت سڀني کي وڻندي آھي پر منھنجي نظر ۾ ان جو سبب بھتر ھجي.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
عين سحر: غير متوازن نظام کان .
**

دل بادشاهه آهي، پنهنجي مرضيءَ جي مالڪ … ”غزل“ قمر النساءِ سومرو

دل بادشاهه آهي، پنهنجي مرضيءَ جي مالڪ … ”غزل“ قمر النساءِ سومرو

سوال: نانءُ ولديت سميت؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : قمرالنساءِ محمد زمان سومرو.
سوال: جنم جي تاريخ جنم جو هنڌ؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : 15 جولاءِ 1960ع
سوال: ادبي نانءُ؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : غزل قمرالنساءِ سومرو.
سوال: تعليم، نوڪري، پيشو؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : ايم ي پوليٽيڪل سائنس ايل ايل بي پروفيسر گورنمنٽ گرلس ڪاليج لاڙڪاڻو.
سوال:لکڻ جي شروعات؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : 1975ع کان
سوال: ادبي استاد؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : بيدل مسرور صاحب گهڻو ڪجهه سيکاريو.
سوال:ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : پنهنجي اندر جو شوق هُيو. جيڪو اُڌما ڏئي ٻاهر نڪتو.
سوال: ڪهڙيون شيون ڳالهيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهيندو آهين؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : هن ظالم معاشري مجبور ڪَيو لکڻ تي.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : 1977ع ۾ سوجهرو رسالو ۾ چپي هئي.
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيون آهيو؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : سوجهرو ۾ ئي لکندي هيم.
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : غزل، وائي، گيت، ڪهاڻيون پسنديده غزل ۽ ڪهاڻي
سوال: ڪھاڻين جو تعداد، ڪيتريون ڇپيل؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : تقريب 15 کان 20 لکيون هيون 10 کن ڇپيون هيون سوجهرو ۾.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال......؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : 1975ع کان 1984ع تائين لکڻ جو شوق پورو ڪيو. 1985ع ۾ شادي ٿي پوءِ ڪو نه لکيو.
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : ڏاڍو خراب رهيو. پر وسرندو ڪو نه.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : ڀاءُ ساٿ ڏنو ۽ دوستن همت افزائي ڪئي. مئٽرڪ ڪلاس ۾ ٽيچر هئي ان سٺو نڀايو.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾....؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : اندر جي اُڌمن جو نالو آهي. جڏهن چوٽ کائيندو آهي ته شاعري جي صورت ۾ اندر جي اُڌمن، پيار ۽ پاٻوهه کي ٻين تائين پهچائيندو آهي.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾ ؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : پنهنجو پاڻ کي ڌوڪو ڏيڻ اگر سچي محبت ملي ته عبادت جي برابر هوندي آهي.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب /اديبائون..؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : امر جليل، پروين شاڪر، تقريبن سڀني کي پڙهندي رهندي آهيان.
سوال: پسنديده شخصيت..؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : بيدل مسرور، امر جليل. بيدل مسرور منهنجي ڏاڍي حوصلا افزائي ڪئي ۽ سُٺو ساٿ ڏنو. آئون سندس ٿورائتي آهيان.
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر..؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : مهتاب محبوب کي شوق سان پڙهندي آهيان. گلابي رنگ، رابيل جو گل، بهار جي موسم، شام جو پهر.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي..؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : جڏهن منهنجي پهرين ڪهاڻي ڇپجڻ لاءِ مون کي گهرايو ويو هيو. خوشيءَ جي حد نه هئي.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو...؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : جڏهن مون پنهنجي پهرين ڪهاڻي ماروٽ کي پوسٽ ڪرڻ لاءِ ڏني هئي ۽ هن ان ڪهاڻي کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري منهنجي اڳيان رکي هئي. ڪهاڻيءَ جو نالو (اڌوري آس)، هيو ۽ منهنجي آس اڌوري رهجي وئي.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : جائز آزادي جيڪو معاشرو عورت کي نَه ٿو ڏئي.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾ .؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : معصوم ۽ معاشري جي سٽيل عورت ئي آهي.
سوال: اڄڪلھه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ..؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : اڄ ڪلهه تمام سُٺو لکيو پيو وڃي پڙهڻ سان اسان جا ذهن کلن ٿا. معاشري تي ڪافي سُٺو اٿر پوي ٿو.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : بلڪل ڪو نه ٿي ملي منهنجي خيال ۾ اسان سڀني کي گڏجي قدم کڻڻ گهرجي.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : تنقيد براءِ اصلاح هوندي ته برداشت ڪئي ويندي.
سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي..؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : بلڪل نه.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾..؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : هڪ خواب آهي جنهن کي پوري ڪرڻ لاءِ سڄي زندگي گذري ويندي آهي.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾.؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : موت برحق آهي. ان کان انڪار ڪو نه ٿو ڪري سگهجي.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : نفرت انسان جي وجود جو حصو آهي. جنهن کان ته الله ئي معافي ڏي.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾ .؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : دل بادشاهه آهي پنهنجي مرضي جي مالڪ آهي.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا..؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : ڪوئي به نه.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : ملنسار، خوش مزاج، بردبار
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : ڪوڙ ڪو نه ٻڌي سگهندي آهيان.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ.؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : ڪو به نه.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : مان پنهنجي هر ڪهاڻي جو ڪردار پاڻ هوندي آهيان ۽ ڪهاڻي ۾ ضم ٿي ويندي آهيان.
سوال: درد ڇا آهي؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : درد ۾ هلڪو هلڪو سُرور هوندو آهي. جيڪو ڪيڙي وانگر زندگي کي کائيندو ويندو آهي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿيون يا جيڪو ڪجھه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : جي بلڪل مطمئن هيم به ۽ آهيان به.
سوال: اوهان جي شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : ڪنهن بِه نَه.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪھڙا آهن؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : تمام گهڻا مسئلا آهن، گهر ٻار، مڙس، نوڪري. سڀني کي ٽائيم ڏيڻو پوندو آهي.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : تمام وڏو مسئلو آهي مون تي پاڻ تي ٿي گذريو آهي. گهڻن مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پوندو آهي ۽ حل ڏاڍو ڏکيو نڪرندو آهي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : معاشري جون گهاٽيون واڌيون ڏسي لکڻ شروع ڪيو هيو، ۽ اندر ۾ تمام گهڻو چاهه پيدا ٿيو.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : ڏاڍي سُٺي، ڪهڙي بدنصيب کي نه وڻندي؟
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
غزل قمرالنساءِ سومرو : ڪنهن کان به نه، اسان جا اديب ڏاڍا سُٺا هوندا آهن. سيکارڻ ۾ سٺو ساٿ ڏيندا آهن.
**

مان لکڻ وقت محسوس ڪندو آهيان ته مون تان وزن لهِي رهيو آهي ۽ مان هلڪو ٿي رهيو آهيان… غلام حيدرگهايل لغاري

مان لکڻ وقت محسوس ڪندو آهيان ته مون تان وزن لهِي رهيو آهي ۽ مان هلڪو ٿي رهيو آهيان… غلام حيدرگهايل لغاري

سوال: نانءُ ولديت سميت ؟
گهايل : غلام حيدر ولد فيض محمد لغاري
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ.؟
گهايل : 15 نومبر 1976ع
ڳوٺ بچل لغاري، ديهھ ڪورجامڪ جوهي
سوال: ادبي نانءُ ؟
گهايل : گهايل لغاري
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو.؟
گهايل : بي اي. جونيئر ڪلارڪ
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو.؟
گهايل : 1994ع باقي مهينو ياد نه آهي
سوال: ادبي استاد..؟
گهايل : مون ادبي سنگت شاخ جوهي جي گڏجاڻين مان گهڻو سکيو ۽ پرايو آھي، باقي وقت تي احمد خان مدهوش، عزيز ڪنگراڻي، خليل عارف، لياقت علي لياقت، نقاد ٿهيم، آس ٻٻر، خادم جسڪاڻي، مير محرم لغاري، جاني ملاح، زين کوسو ۽ اداس لنڊ کان رهنمائي حاصل ڪندو رهان ٿو. وقت وڏو استاد آھي جيڪو گهڻو ڪجهه سيکاري ٿو
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
گهايل : حقيقت اها آھي ته مون سنگت جي اثر ۾ اچي لکڻ شروع ڪيو. آس ٻٻر ۽ مير محرم لغاري کان گهڻو متاثر آھيان.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
گهايل : مون کي معاشري ۾ ٿيندڙ هر ناانصافي ۽ مظلوم جي درديلي چيخ لکڻ لاءِ اتساهيندي رهندي آھي.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
گهايل : منهنجي پهرين ٻاراڻي تخليق 1994ع ۾ جاڳو اخبار جي صفحي ”گلڙن جهڙا ٻار اسان جا“ ۾ ڇپي.
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟
گهايل : ڪاوش، عبرت، سنڌو، جاڳو، گاج نيوز، دادو نيوز، سنڌايڪسپريس جهڙين نالي وارين اخبار ۾ ۽ مهراڻ، نئين زندگي، پيغام، سوجهرو، مومل، ڪينجهر، امرتا، عبرت، سڦلتا، بختاور، ادب، نئين سوچ، هزارداستان، سنڌو وغيره جهڙن رسالن ۾ ڇپيو آهيان.
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
گهايل : نظم، وائي، بيت، سنڌيجا، غزل، ڪافي، حمد، نعت، نثري نظم، ڏيڍ سٽا وغيره منهنجي پسنديده صنف غزل آھي
سوال: ڪھاڻين جو تعداد، ڪيتريون ڇپيل؟
گهايل : چار- ڇپيل ڪا به نه آهي.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال......؟
گهايل : گڏيل شاعري جا ڪتاب ڇپيل آھن
1. وڻ وڻ منجهان واس 2018ع
2. وجود جو هڳاءُ 2017ع
3. وايون مهڪيون واٽ تي 2019ع
4. اجريل عڪس اندر جا 2019ع
5. سخنور سنڌ ڌرتي جا 2017ع
6. آئينو پسي آئيو 2020ع
7. مرتب ڪيل ڪتاب امن جو پورٽريٽ 2011ع
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
گهايل : ڏاڍا خوش ٿيا هئا
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
گهايل : ادبي سنگت جي دوستن
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾....؟
گهايل : شاعري سماج جو آئينو آھي,جنهن ۾ زندگي جا سمورا رنگ نظر اچن ٿا

ساول: محبت اوهان جي نظر۾ ..؟
گهايل : عبادت
ساول: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب /اديبائون؟
گهايل : شاھ لطيف، سچل سرمست، شيخ اياز، استاد بخاري، وفا ناٿن شاهي، مريم مجيدي، ج ع منگهاڻي، عابد لغاري، اياز گل، احمد خان مدهوش، امداد حسيني وغيره
سوال: پسنديده شخصيت..؟
گهايل : جي ايم سيد، عبدالواحد آريسر، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر..؟
گهايل : ڪتاب؛ شاھ جو رسالو. گلاب؛ اڇو.موسم؛بهار. پهر؛ صبح.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي..؟
گهايل : زندگي جي پهرين مهرباني مون تي وفا نظرحسين شاهاڻي جي آھي,جنهن مون کي ڪراچي ۾ نوڪري دوران ساٿ ڏنو ۽ ھميشه جي لاءِ وڏي ڀاءُ جو رشتو قائم رکيو آھي. مون کي انتهائي خوشي تڏھن ٿي جڏھن مون کي پهريون پٽ ڄائو هيو ۽ خوشي ۾ منهنجي نيڻن ۾ لڙڪ تري آيا هيا.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو...؟
گهايل : زندگي ڏکن ۽ سکن جو هڪ سنگم آھي. مان هر روز سڏڪندو آھيان، زندگي صدمن سان ڀري پئي آھي پر وڏي ڀاءُ جو وڇوڙو مون لاءِ وڏو صدمو آھي
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي؟
گهايل : آلائي ڇا ٿي چاهي، اهو اهائي ٻڌائي سگهي ٿي، باقي اڄ جي عورت کي سڀ ڪُجهه ملي چڪو آھي.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾ ؟
گهايل : مان اياز امر جو نظم ورجائيندس.
عورت کي فقط عياشيءَ جو اڏو سمجهندڙ نادانو!
عورت سڪون جي سلامتيءَ جو گهر آ!
عورت عشق جي عبادت جو آغاز آ
عورت روح جي تازگيءَ جو راز آ
عورت پيار ڏي پاڪائيءَ جو پنڌ آ
عورت جذبن ۾ جماليات جو احساس آ
عورت اُميد جي اُجرائپ جو آڪاس آ
عورت بهار ۾ تازو ٽڙيل گُلاب آ
عورت موتئيءَ جي مهڪ جو شباب آ
عورت روهيڙي جي گُلن جو گس آ
عورت جوڀن رُت جو اَمرت رس آ
عورت باک جو ڀنل ڀورو بدن آ
عورت ايمان ۾ اڻ کُٽندڙ امن آ
عورت کي مُحبتن جي نظر سان ڏسندو ته سڀ ڪُجهه آ.
سوال: اڄڪلھه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ..؟
گهايل: اڄڪلهھ جيڪو ادب سرجي پيو اهو منهنجي خيال ۾ ڏاڍو شاندار آهي. نقاد ان تي وقتن فوقتن پنهنجا رايا ڏيندا رهن پيا. اڄ جي اديب کي اهو ماحول به ڪونهي پوءِ به بهتر لکي پيو.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
گهايل : اسان جي سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي بلڪل پذيرائي گهٽ ملي پئي، اصل ۾ ياري جو غلبو هر هنڌ حاوي ٿي چڪو آھي ۽ ٻي ڳالھه جيترو معاشرو پڙھيل هوندو اوتري پذيرائي ملندي.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
گهايل : تنقيد تخليقڪار جي لکڻي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي آھي، تنقيد ايئن هئڻ گهرجي,جيئن ڇاڻي شين کي ڇاڻي صاف ڪندي آھي، تنقيد ۾ ياري جو غلبو هلي ٿو، تنقيد ۾ ذاتيات کي به شامل ڪيو وڃي ٿو، جيڪو بلڪل غلط آھي،تنقيد اهي برداشت نه ٿا ڪن، جن ڪڏھن به سنگت جون گڏجاڻيون اٽينڊ ناهن ڪيون يا وري تنقيد جي علم کان اڻ واقف آهن.
سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي..؟
گهايل : سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ ھسٽاريڪل ڪلچرل آرٽس اينڊ رائٽرس فورم (سهڪار)دادو
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾..؟
گهايل : آواز، جستجو
سوال: موت اوهان جي نظر ۾.؟
گهايل : خاموشي
سوال: نفرت ڇا آهي؟
گهايل : تباهي
سوال: دل اوهان جي نظر ۾ .؟
گهايل : احساسن جو گهر
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا..؟
گهايل : گڏيل شاعري جو ڪتاب
جوهي ء جا جرڦُل ۽ ڪجهه سهيڙ هيٺ آهن
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
گهايل : اهو واقفڪار ئي ٻڌائي سگهي ٿو.
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
گهايل : ڪوڙ ڳالهائڻ تي اڪثر ڪاوڙ ايندي آھي.
سوال:مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ.؟
گهايل : 1.جشن لطيف ايوارڊ 1996ع پاران سينوا
2. ضلعه رابطا سيڪريٽري بهترين ڪارڪردگي ايوارڊ 2016ع
پاران سنڌي ادبي سنگت سنڌ
3.شاھ گودڙيو مڃتا سرٽيفڪيٽ سنڌي ادبي سنگت فريدآباد.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
گهايل : مان لکڻ وقت محسوس ڪندو آھيان ته مون تان وزن لهي رهيو آھي، مان هلڪو ٿي رهيو آھيان.
سوال: درد ڇا آهي؟
گهايل : احساس
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪُجهه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
گهايل : بلڪل مان مطمئن آهيان مگر اڃا سکيا جاري آهي
سوال: اوهانجي شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
گهايل : غلام شبير شاهاڻي، غلام حيدر ٻگهيو، مريد ٻٻر، فقير سوڍل لغاري(محفل ۾ )
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪھڙا آهن؟
گهايل : با همت ۽ بردبار عورت جي لاءِ ملازمت ڪرڻ جو الميو ڪو به ڪونهي نه بردبار ۽ باهمت عورت سان ڪي مسئلا به آھن، باقي زندگي جا مسئلا هر ننڍي وڏي سان ضرور آھي، ڇو جو اڪثر زندگي درد آھي
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
گهايل : دنيا ۾ ڪٿي عورتاڻو معاشرو به آهي ڇا؟ معاشرو معاشرو هوندو آھي، گهٽ پڙھيل ماڻھو ان کي مرداڻو سماج ڪوٺين ٿا. عورت هر شعبي ۾ مرد سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي اڳتي وڌي رهي آھي. ليکڪ جي حوالي سان مرد ۽ عورت جو ڪو به چڪر ڪونهي ڪو، پڙھيل لکيل خاندان جي عورت کي ڪي به مشڪلاتون ناهن هونديون البته رستن ۾ ڪٿي نادان ماڻھو گهٽ علم/جهالت سبب رنڊڪ ضرور بڻجندا هوندا، انهي جو حل تعليم آهي، جيسيتائين اسان جو معاشرو پڙھيو لکيو نه ٿيندو ته جاهل پڻي واريون حرڪتون ٿينديون رهنديون.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
گهايل : پهريان شوق پوءِ عادت بڻجي وڃي ٿي. عشق ۽ درد لکرائيندو آھي.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
گهايل : شهرت ڪنهن کي سٺي نه لڳندي آھي؟
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
گهايل :
ٻري مون ڪئي روشنائي زمانا!
لڇان پيو ڪکي پئي چڱائي زمانا!
**

عورت جي دل سمنڊ کان به وڌيڪ گهري آهي.. ڪونج بَلوچُ

عورت جي دل سمنڊ کان به وڌيڪ گهري آهي.. ڪونج بَلوچُ


سوال: نانءُ ولديت سميت؟
ڪونج: آسيه بلوچ بنت دوست علي.
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ؟
ڪونج: ناناڻي ڳوٺ ڪنڊياري ڀرسان ڳوٺ موڙاٺ ۾ منهنجي پيدائش 1982ع ۾ ٿي هئي.
سوال: ادبي نانءُ؟
ڪونج: ڪونج بلوچ
سوال: تعليم/نوڪري
ڪونج: تعليم بي اي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي مان ڪيم/پيشو... گھرداري
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
ڪونج: لکڻ جي شروعات 2015ع کان .
سوال: ادبي استاد؟
ڪونج: سر گل بهار باغائي ۽ علي منصور به وقتي گوگاڻي اصلاح ڪئي هئي ٻه ٽي مهينا
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
ڪونج: جڏهن فيسبوڪ آءِ ڊي ٺاهيم ته اتي ادبي لڏو ڏسي بيحد خوشي ٿي ۽ سر گل بهار باغائي ۽ علي منصور پٺاڻ جن جي شاعري پڙھي پاڻ مرادو لکڻ جو شوق ٿيو.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
ڪونج: درد تنهائي دوکو
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
ڪونج: پهرين تخليق نئين آس مئگزين ۾ ڇپي هئي 2017ع ۾
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيون آهيو؟
ڪونج: نئين آس مئگزين، سنڌ راڻي مئگزين، احساس مئگزين،
هزار داستان مئگزين، اخبار نواءِ وقت، ارادو، عدالت، عوامي ڪوشش، لاڙڪاڻو سماچار، عوامي آواز، هلال پاڪستان .
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
ڪونج: مون غزل، نظم، چؤسٽا، بيت، گيت، نثري نظم، وايُون لکيون آھن ۽ منهنجي پسنديده صنف نثر رهي سدا، مگر هاڻ وائي طرف منهنجي دلچسپي وڌيڪ آھي ۽ لکان به پئي .
سوال: ڪھاڻين جو تعداد... ڪيتريون ڇپيل؟
ڪونج: ڪل 3 ڪهاڻيون ڇپيل نيو/فريش 2019ع ۾ سنڌ راڻي مئگزين ۾ ڪهاڻي ڇپي (ٻين ڪاڻ جيئڻ).
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال؟
ڪونج: ڇپيل جامع ڪتاب منهنجو گڏيل شاعري جو.
ڪونج قطارون ڏات جون ۽ ڪونج ڪُٺِي ڪر لاءِ (شاعري)
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
ڪونج: رشتيدارن ڪُجهه ڪونه چيو.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
ڪونج: اڳتي وڌڻ لئه منهنجي حوصلاافزائي منهنجي استاد سر گل بهار باغائي جن ڪئي ۽ وڌ ۾ وڌ ڪئي ۽ گهران منهنجي ننڍي ڀيڻ شبانا منهنجو ساٿ ڏنو ۽ حوصلاافزائي هر موڙ تي ڪئي.
سوال:. شاعري اوهان جي نظر ۾؟
ڪونج: شاعري روح جي غذا آھي
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
ڪونج: محبت کانسواءِ هر انسان نا مُڪمل آھي
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب /اديبائون؟
ڪونج: وصي شاه ۽ علي منصور
سوال: پسنديده شخصيت ؟
ڪونج: جيجل امڙ
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر ؟
ڪونج: ڪتاب؛ قرآن پاڪ. گل؛ گلاب جو . رنگ؛ گلابي. موسم؛ سيارو. پھر؛ شام جو .
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
ڪونج: پهرين درجي ۾ فرسٽ پوزيشن کنئي هيم اُن تي ڏاڏا سائين بابا سائين ۽ وڏو ڀاءُ تمام گهڻو خوش ٿيا هيا، منهنجي خوشي جي ته ڪا حد ئي نه هئي.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو....؟
ڪونج: ڏاڏا سائين اسان کان هميشه جي لاءِ الوداع ٿي ويا، تڏهن آئون ڏهن سالن جي هيس ۽ ان جي پويان بابا سائين به اسان کان هميشه جي لاءِ وڇڙي ويا، پوءِ اسين صفا بي سهارا مايوس اداس ٿي وياسين، اسان جي دنيا اتي ئي رڪجي وئي، پري پري تائين اسان کي روشني جو ڪو ڪِرڻو نظر نه پئي آيو، نه ڪا تسلي نه وري ڪو آٿت، ڪو آسرو، اهو صدمو زندگي ڀر روئاري پيو، بابا جو وڇوڙو اڃان تائين دل نه ٿي تسليم ڪري ۽ بابا کي ياد ڪري اسين ڀينرون زاروزار روئنديون آھيون.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي؟
عورت ڪل ڪائنات آھي عورت تخليقڪار آھي.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
ڪونج: عورت محبت ونڊيندڙ مهان هستي آھي، عورت جي دل، گود سمنڊ کان به وڌيڪ گهري آھي.
سوال: اڄڪلهه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ ؟
ڪونج: سنڌي ادب مان ادب جي بوءِ صفا نڪري وئي آھي
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
ڪونج: سنڌين ۾ جيلسي تمام گهڻي آھي، هڪ ٻئي جي خوشي سندس کان برداشت نه ٿي ٿئي اُنَ ڪري سنڌي پوئتي آھيون
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
ڪونج: تنقيد براءِ اصلاح هوندي ته بلڪل برداشت ڪئي ويندي
مگر ائين هرگز ناهي.
سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
ڪونج: سماجي تنظيمن سان ڪُجهه ٽائيم وابستگي رهي هئي مگر هاڻ صرف هائوس وائيف آھيان
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾..
ڪونج: زندگي خدا جي طرفان ڏنل انمول تحفو آھي ان جو قدر ڪريو زندگي بار بار ناهي ملندي
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
ڪونج: موت برحق آھي جيڪا شيءِ ٺھي آھي نيٺ اها ڊھندي به.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
ڪونج: نفرت هڪ ناسور، هڪ بيماري آھي
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
ڪونج: دل اسان جي وس ۾ ناهي، اسين دل جي هٿان مجبور آھيون
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
ڪونج: آئون جلد جذباتي ٿي ويندي آھيان
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
ڪونج: جڏهن ڪو منهنجو پيارو مون سان ڪوڙ ڳالهائي ٿو
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ؟
ڪونج: ڪُجهه به نه.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
ڪونج: درد جڏهن وڌي ويندو آھي ته قلم جو سهارو وٺندي آھيان
سوال: درد ڇا آهي؟
ڪونج: درد اندر جو اڌمو آھي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿيون يا جيڪو ڪُجهه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
ڪونج: جي بلڪل آئون پنهنجي لکڻين مان سئو فيصد مطمئن آھيان.
سوال: اوهان جي شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
ڪونج: پرويز علي لاشاري، غلام حسين سمون، شريف عباسي، نواز علي ميراثي، لال خان لنجهواڻي، نياز علي مورائي، معشوق علي ملاح، عبدالجبار جوش پٺاڻ، سوڀيه سومرو، اعجاز علي خاصخيلي، مرڪ محبوب علي.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ ۽ انهن جا مسئلا ڪھڙا آهن؟
ڪونج: ڪا عورت خوشيءَ سان جاب ڪندي آھي ۽ ڪي وري مجبورن پنهنجي فيملي جو هٿ ونڊرائڻ خاطر جاب ڪنديون آھن، ته ڪي وري پنهنجي ٻچڙن جي خاطر مجبور ٿي گهران نڪرنديون آھن.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
ڪونج: مرد عورت کي ڪنهن به فيلڊ ۾ برداشت ناهي ڪندو، عورت جي ڪاميابي مرد جي ناڪامي ۽ بيعزتي آھي )انهن جي خيال سان(، مگر اها انهن جي سراسر غلط سوچ آھي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
ڪونج: مجبوري ڪا خاص ناهي.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
ڪونج: شھرت سان ڪا خاص دلچسپي ناهي.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
ڪونج؛ ڪنهن کان ڪابه شڪايت ناهي سڀئي فرينڊس رشتيدار ڀائر ڀينرون خوش ھجن جيئي لطيف. **

اڃا تائين سُڌري ناهيان سگهيو… گل بهار باغائي

اڃا تائين سُڌري ناهيان سگهيو… گل بهار باغائي


سوال: نانءُ ولديت سميت ؟
گل بهار: گل بھار باغائي ولد رضا محمد
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ؟
گل بهار: اسڪول جي لکت موجب 13 نومبر 1975ع تي ڳوٺ ابجي خير محمد سھتو(ھاڻي وارڊ نمبر 4) شھر مٺياڻي تعلقو ۽ ضلعو نوشھروفيروز .
سوال: ادبي نانءُ ؟
گل بهار: گل بھار باغائي شاعري ۾ ڪڏھن ڪڏھن تخلص طور گل استعمال ڪندو آھيان
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
گل بهار: ڊپلوما سول پرائيويٽ فرم ۾ نوڪري سول انجنيرنگ
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
گل بهار: 1993/1994ع
سوال: ادبي استاد؟
گل بهار: ھونءَ شروعات ۾ ڪافي دوستن اتساھيو ۽ ٿوري گھڻي ھڪ اڌ شعر جي اصلاح به ڪين پر باقاعدي مان پنھنجو ادبي استاد سيد جعفر شاھ کي سمجھان ٿو جنھن منھنجي ڪجهه شعرن جي اصلاح سان گڏ ڪُجهه سمجھاڻي لفطن جي ترتيب قافيي رديف جي ڄاڻ ڏني، توڙي جو سائين علم عروض توڙي شاعريءَ جي علمن کان واقف نه ھيو پر جيئن ته ھو ھڪڙو بھترين راڳي ھيو لفظن جي شاعريءَ ۾ استعمال کي خوب ڄاڻندڙ ھو. ھن جو ھڪڙو ڪلام:
خدا جي واسطي دلبر، ويجھو ڀلي نه آ پر ايڏي وٿي نه ڪر مشھور ٿيو جنھن کي تمام گھڻن فنڪارن ڳايو آھي.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
گل بهار: لکڻ لاءِ آمادھ ڪرڻ جو محرڪ ته محبت ئي ھئي پر ان سان گڏ پرائمري دوران ئي ٻاراڻي ادب جي ڪتابن ۽ لوڪ ڪھاڻين جي ڪتابن پڙھڻ ٻاراڻا ادبي رسالا انھن سڀني گڏجي مون کي لکڻ لاءِ اتساھ ڏنو
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
گل بهار: شروع ۾ محبت جي مختلف مرحلن لکڻ جو اتساھ ڏنو پوءِ ان ۾ عورت جي استحصال، عورتن سان فرسودھ ريتن رواجن جي آڙ ۾ انھن جي جذبن جي لتاڙ خاص سبب بڻيو ان کان علاوہ قومي ۽ سماجي معاشي استحصال به منھنجي شاعريءَ جو محور رھيا آھن. منھنجي سموري شاعري انھن ئي حالتن جي عڪاسي آھي.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
گل بهار: پھرين شاعري جو اسم وائي ھفتيوار سنڌو ۾ 1994ع ۾ ڇپي، جڏھن سنڌوءَ کي تاج جويو زيب سنڌي ۽ ٻيا دوست سنڀاليندا ھئا. ان دوران ئي منھنجي پھرين ڪھاڻي به سنڌوءَ ۾ ڇپي.
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟
گل بهار: ها اخبارن جي ادبي صفحن ۾ شاعري ڇپي، رسالن ميگزينن ۾ به شايد ڪو ان. وقت رھيل ھجي.
1000 جي لڳ ڀڳ شاعريءَ جا اسم اخبارن رسالن ۾ ڇپيا، ڪُجهه اخبارون ڪُجهه رسالا لکان ٿو: جاڳو، عبرت، عوامي آواز، افتاب، بختور، مھراڻ، ساڃاھ، سوجھرو، عبرت ميگزين، ڪونج، سنڌ سجاڳ، ڪاڪ، پورب، سارس، ھمرچو، ڪينجھر، ادب، وغيره.
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
گل بهار: نظم جي ڪافي صنفن ۾ لکيو آھي، غزل، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، وائي، ڪافي، بيت، ڏيڍسٽا، چؤسٽا، ڇھه سٽا، پنجڪڙا، ترائيل، سانيٽ، اڳ ۾ وائي وڻندي ھئي ھاڻي غزل ۽ نظم وڻندا آھن.
سوال: ڪھاڻين جو تعداد... ڪيتريون ڇپيل؟
گل بهار: ڪل اٺ ڇپيل
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال......؟
گل بهار: اڃان ڪوبه ڪتاب ناھي آيو پنج ڇھه ڪتاب ترتيب ڏنا پيا آھن. ٻه ڪتاب نثر جا به تيار آھن
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
گل بهار: بابا کي سٺو لڳندو ھئو منھنجو والد صاحب قصن ڪھاڻين ٻڌڻ جو شوقين ھئو جيڪي ڪتاب گھر ۾ آڻيندو ھئس انھن مان ڪھاڻيون ھو مون کان پڙھائي ٻڌندو ھئو
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
گل بهار: مٺياڻي ۾ شروعات ۾ سيد جعفر شاھ، مسرور چانڊيو، جبار جوش، مرتضيٰ مشوري،گنبل فقير،آصف مٺياڻوي جو ان حوالي سان ڪردار ڪڏھن به وساري نه ٿو سگھجي ته ھن ٻاھرين دوستن ۾ متعارف ڪرايو پنھنجا خرچ ڪري به پروگرامن يا دوستن سان ملڻ ويندو ھئو ته ٻه چار دوستن کي ضرور پاڻ سان وٺي نِڪرندو ھئو. مٺياڻي کان ٻاھر نڪتس ته ساحر راھو ۽ روشن ظفر راھوءَ وارن گھڻو اتساھ ڏنو، پھريون دفعو اردو جا وڏا وڏا شاعر ساحر راھو وٽان پڙھڻ لاءِ مليا ۽ ڪيترن ئي سنڌي شاعرن سان ملاقاتون به ٿيون، نواب شاھ ڊيوٽي دوران. بخشل باغي، سائين عبدالحڪيم ارشد، جاويد نواز بروھي سان وڌيڪ صحبتي ويجھڙائي رھي، سائين ارشد تمام گھڻو اتساھيو. منھنجي سنگت ۾ جيڪو به ادبي حوالي جي ڪري دوست ٿيو اليمينٽري ڪاليج جو استاد اسدالله سولنگي ٺاروشاھ وارو اھو منھنجي زندگيءَ جو اھم حصو رھيو آھي مون کي ھر حوالي سان اتساھيو منھنجي ھمت افزائي ڪئي مون کي مايوسيءَ مان ڪڍي زندگي جي خوبصورتين ڏانھن گامزن ڪرڻ وارو اھوئي شخص آھي.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
گل بهار: من اندر جي سمورين محسوساتن جيڪي زبان سان اظھاري نه سگھجن انھن جي شاعري زبان آھي، ھونءَ شاعريءَ جي سماجي ڪارج کان انڪار نه ٿو ڪري سگھجي اھا ٻي ڳالھه آھي اسان جي خطي جي اھا بدقسمتي آھي جو شاعري جو سماجي ڪارج نالي ماتر آھي
سوال: محبت اوهان جي نظر۾ ؟
گل بهار: اھڙو رنگ جنھن جي چڙھڻ سان زندگي جي خوبصورتيءَ جي مڪمل دريافت ٿئي ٿي
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب /اديبائون؟
گل بهار: شاھ لطيف، شيخ اياز کان پوءِ به ھڪڙي چڱي خاصي کيپ آھي جيڪا پنھنجي ھئڻ جو مڪمل ڌيان ڇڪائي ٿي.
سوال: پسنديده شخصيت ؟
گل بهار: ڪا ھڪ نه آھي ھر مڪتبِ فڪر ۾ الڳ الڳ شخصيتون آھن جيڪي پنھنجي عمل جي ڪري پسند آھن
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر؟
گل بهار: ڪتاب جي به پسند جي حوالي سان مون وٽ ھڪڙو پنھنجي ئي مزاج جو ماڻ ماپو آھي جيڪو ڪڏھن ته چڱن ڀلن کي لوڙھيو ڇڏي ۽ ڪڏھن وري ھڪ اھڙو ڪتاب به پار ٿيو وڃي جو ٻين جي نظر ۾ ڪُجهه به نه آھي، گل موتيو، رنگ جي حوالي سان اڄ تائين خبر نه پئي اٿم ته ڪھڙو وڌيڪ وڻي ٿو. موسم بھار کان به وڌيڪ سياري جي ۽ پھر ھر ان رات جو جنھن ۾ مڪمل فريش ٿي جاڳي سگھندو آھيان
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
گل بهار: ھن جو ملي وڃڻ ھن سان ملي وڃڻ کان پوءِ جو جيڪو نتيجو نڪتو ٻچڙن جي صورت ۾ .
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
گل بهار: بابا کان پوءِ اٺن سالن جي عمر ۾ فرحان گل جي واپسي جيڪو ٿيلسيميا جھڙي نڀاڳي لاعلاج مرض ۾ وڇڙي ويو
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي؟
گل بهار: اڄ جي عورت عزت، محبت، شفقت ۽ مڪمل ڌيان چاھي ٿي. ھوءَ ٿوري آزادي چاھي ٿي جنھن ۾ ھوءَ پنھنجي شخصيت کي ثابت ڪرڻ چاھي، ھو جنسي تضاد کي ڪمزوريءَ کان نجات ڏيارڻ چاھي ٿي
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
گل بهار: ھر روپ ۾ احترام ۽ پيار. جي قابل
سوال: اڄڪلهه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ ؟
گل بهار: مايوس ته بلڪل به نه آھيان ڪيترائي نوان اڀري آيل مڪمل اڀريلن کان به گھڻو سٺو ٿا لکن.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
گل بهار: شعور جي جي ڪمي، پڙھائي جي گھٽ فيصد مقدار، سوچ جي بھتر تبديليءَ جي اڻاٺ.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
گل بهار: سچ ته تنقيد ڏاڍي اھم شيءِ آھي جنھن سان گڏجي بھتريءَ جون ڪيتريون ئي منزلون طئه ڪري سگھون ٿا. برداشت نه ڪرڻ مطلب بھتريءَ جي منزل ڏي وڌندڙ قدمن کي پنهنجي ئي ھٿ سان وڍڻ جي برابر آھي، ان سوال جا ٻئي حصا وڏا اھم آھن جن لاءِ انٽرويو جا پنا ڀرڻ مناسب ناھي، بس ٿُلهي ليکي اھوئي تت آھي جيڪو مون لکيو آھي
سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
گل بهار: سنڌي ادبي سنگت مٺياڻي
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾ ؟
گل بهار: زندگي رڳو ڏک ئي ڏک به ناھي کل خوشي ٽھڪ تاڙا. مرڪون، ٻار به زندگيءَ جو خوبصورت پاسو آھن
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
گل بهار: اوم شانتي اوم
سوال: نفرت ڇا آهي؟
گل بهار: بظاھر ته ڪُجهه به نه آھي پر ھڪڙو اھڙو ناول به آھي جنھن جي پڄاڻي پڇتاءُ کان گھڻي گھڻي ڀيانڪ آھي.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾ ؟
گل بهار: سائنسي اعتبار کان ھٽي ڪري دل احساسن جو گھر آھي، اک جي سھيلي آھي، دماغ سان ياراڻي تي نه ٿا سوچيو ته دل ماڻھو جي اھڙي ذاتي ملڪيت به آھي جيڪا ڪڏھن به ان وٽ ناھي رھندي
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا ؟
گل بهار: ھڪڙو شاعريءَ جو مجموعو جلد اچڻ وارو آھي
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
گل بهار: ٿڌي طبيعت جو عام سنڌي پھاڪي ۾ ٿڌو ٿانھريو
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
گل بهار: جن جن سان ذھني ھم آھنگي ناھي ھوندي.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ؟
گل بهار: شايد مڃتا جي قابل اڃا تائين ڪم ئي ناھي ڪيو، بس ھڪ اڌ سرٽيفڪيٽ ھڪ اڌ ايوارڊ
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
گل بهار: پورو ٿيڻ جو بار، ڪو ڊسٽرب نه ڪري ته اھو لاھي وٺان
سوال: درد ڇا آهي؟
گل بهار: علي محمد سولنگيءَ کان سوا به درد جي ھڪڙي ڪائنات آھي ۽ ھي شاعري به ان ئي ڪائنات جي ھڪڙي دين آھي
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪُجهه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
گل بهار: جھڙو حال پريان نال بس مڙئي پيو ڪم ھلي. دڪو داخل ٿئي ٿو يا نه ٿو ٿئي ان کان بي پرواھ بلڪل به.
سوال: اوهان جي شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
گل بهار: ڳارائڻ واري پاسي خيال ناھي پو به تر جي ڪُجهه فنڪارن ڳائي آھي. نذير سولنگي، الياس ڪنڀر، معشوق علي ملاح ۽ جبار جوش پٺاڻ گلزار سيال
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
گل بهار: مشڪلاتون کوڙ ۽ مختلف رنگن جون آھن، انھن جو حل به آھي پر درويش چئي ٿو ماٺ ڪر مٺا ماڻھو
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
گل بهار: نه ڪو مجبوري نه ڪو زوري نه ئي شوقيا آھي، آھي ضرور پر خبر ناھي ڇا آھي.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
گل بهار: جڏھن ملي ته پو ئي خبر پوندي ته ڇا آھي نشو شھرت جو
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
گل بهار: پنھنجو پاڻ کان اڃا تائين سڌري ناھيان سگھيو.
**

دل خدا جو گهر آهي اها پاڪيزه هئڻ گهرجي.. گل ٽکڙائي

دل خدا جو گهر آهي اها پاڪيزه هئڻ گهرجي.. گل ٽکڙائي


سوال: نالو ولديت سميت؟
گل ٽکڙائي: اصل نالو عبدالرشيد ولد سليمان سَمون.
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ؟
گل ٽکڙائي: مان موزون شاعري غزل جي سر زمين ڳوٺ ٽکڙ ۾ ڇهين اپريل 1964ع تي پيدا ٿيس، داغ ٽکڙائي چاچو، خيامُ غازي سئوٽ، پروانو ٽکڙائي وڏو ڀاءُ، عزيز ٽکڙائي وڏو ڀائٽيو، ٽکڙ جي شاعرن جي لڙهي ۾ اڳ ئي شامل هيا.
سوال: ادبي نالو؟
گل ٽکڙائي: گل ٽکڙائي.
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
گل ٽکڙائي: ايم اي سنڌي، پرائمري استاد.
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
گل ٽکڙائي: لکڻ جي شروعات 1978ع کان ڪئي. تاج بلوچ ۽ آسي زمينيءَ همت وڌائي.
سوال: ادبي استاد؟
گل ٽکڙائي: استادُ تاج ٽکڙائي، نظير ٽکڙائي استاد رهيا امداد حسيني رهبر ۽ تاج بلوچ کي گرو رهبر سمجهان ٿو، جنهن منهنجي تمام گهڻي رهنمائي ڪئي.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
گل ٽکڙائي: نظير ٽکڙائي جي شاعري کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيم.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالهيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
گل ٽکڙائي: حالتون لکڻ لاءِ اُتساهينديون آهن.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
گل ٽکڙائي: پهرين تخليق، بسنت رسالي شاهه ڪريم ۾ ڇپي.
سوال: ڪهڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟
گل ٽکڙائي: تقريبن سڀني اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيو آهيان.
سوال: ڪهڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
گل ٽکڙائي: سانيٽ کان سواءِ هر صنف لکي اٿم، پنهنجي پسنديده صنف نظم آهي.
سوال: ڪهاڻين جو تعداد، ڪيتريون ڇپيل؟
گل ٽکڙائي: ڪهاڻيون ٻه (2) لکيون اٿم.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال؟
گل ٽکڙائي: ڪو به ڪتاب ڇپيل ناهي.
سوال:پهرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو رد عمل ڇا هيو؟
گل ٽکڙائي: رشتيدار خوش ٿيا، خاص ڪري سئوٽ غازي ٽکڙائي تمام گهڻو خوش ٿيو.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصلا افزائي ڪنهن ڪئي؟
گل ٽکڙائي: امداد حسيني، تاج بلوچ، تاج ٽکڙائي ۽ نظير ٽکڙائي جن منهنجي حوصلا افزائي ڪئي.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
گل ٽکڙائي: شاعري منهنجي زندگي آهي.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
گل ٽکڙائي: محبت خدا جو مليل تحفو آهي.
سوال: پسنديده شاعر/ شاعرائون اديب/اديبائون؟
گل ٽکڙائي: امداد حسيني، محسن ڪڪڙائي، ذوالفقار راشدي، تاج بلوچ، شير هائف، وفا پلي، نظير ٽکڙائي، پسند جا شاعر آهن عورتن ۾ مريم مجيدي ۽ روبينه ابڙو.
سوال: پسنديده شخصيت؟
گل ٽکڙائي: پسنديده شخصيت جي ايم سيد.
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/پهر؟
گل ٽکڙائي: ڪتاب قرآن مجيد، پهر صبح جو، گل موتيو.
سوال: زندگي جي پهرين مهرباني/خوشي؟
گل ٽکڙائي: جڏهن 1983ع ۾ مون کي پرائمري ماستري ملي.
سوال: زندگي جو پهريون ڏک/سڏڪو، صدمو؟
گل ٽکڙائي: پنهنجي والد جي وفات.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاهي؟
گل ٽکڙائي: عورت ذهين پر صنف نازڪ آهي، ان کي پهرين پنهنجي بقا گهرجي.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
گل ٽکڙائي: عورت قدرت جي حسين ترين تخليق آهي.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
گل ٽکڙائي: سنڌي سماج ۾ پذيرائي نه هئڻ برابر آهي، جيڪا به آهي، اها ياري ۽ دوستيءَ تي آهي.
سوال: تنقيد ڇا آهي، اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ڪئي وڃي؟
گل ٽکڙائي: تنقيد جائز قبول رهندي، پر جيڪو پاڻ ادب جي الف ب کان واقف ناهي، انهيءَ کي نالو نه ڳڻائڻ کپي، اڄ ڪلهه هرو ڀرو تنقيد ڪئي وڃي ٿي.
سوال: ادبي/سياسي/ سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
گل ٽکڙائي: ڪاروان ادب مٽياري، بزم فروغ ادب حيدرآباد، آواز ادبي فورم، بزم ادب ٽکڙ، شمع ادب حيدر آباد، انمول ادب، سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد، محمد خان علي ادبي تنظيم ۽ ٻين سان.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
گل ٽکڙائي: موت، برحق هر ساهه واري شئي کي ان جو ذائقو چکڻو آهي.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
گل ٽکڙائي: نفرت ڪينو انسان جي تباهيءَ جو ڪارڻ آهي.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
گل ٽکڙائي: دل خُدا جو گهر آهي ۽ اها پاڪيزه هئڻ گهرجي؟
سوال: ايندڙ ڪتاب/سهيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
گل ٽکڙائي: سهيڙيل ڪتاب چار آهن. (1) يادُن جي دنيا، (2) ڪاڳر تي الماسُ (3) رولڙو (4) رات تنهنجي شهر ۾.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
گل ٽکڙائي: طبيعتن نرم، حساس رحم واري، ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ چاهيندي آهيان.
سوال: ڪهڙين ڳالهين تي ڪاوڙ ايندي اَٿَو؟
گل ٽکڙائي: ڪاوڙ ڪوڙ تي اچي ٿي.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/سرٽيفڪيٽ؟
گل ٽکڙائي: (1) انمول ادبي تنظيم پاران ميڊل (2) ڪاروان ادب پاران ميڊل (3) هالار ڊائجسٽ پاران سرٽيفڪيٽ (4) محمد خان غني ادبي تنظيم پاران شيلڊ (5) روشن دنيا رسالي پاران شيلڊ ۽ ٻيا سرٽيفڪيٽ.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
گل ٽکڙائي: لکڻ وقت ڪنهن جو ڳالهائڻ زهر لڳندو آهي.
سوال: درد ڇا آهي؟
گل ٽکڙائي: درد وجود جو احساس آهي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪجهه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
گل ٽکڙائي: هر ليکڪ مطمئن هئڻ گهرجي مان به پنهنجي پورهئي مان مطمئن آهيان.
سوال: اوهان جي شاعري ڪهڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
گل ٽکڙائي: ٻيجل سنڌي منهنجي شاعري ڳائي آهي.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪهڙا آهن.؟
گل ٽکڙائي: عورتون نوڪري پنهنجي وارثن جي اجازت سان ڪن ٿيون.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪهڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
گل ٽکڙائي: هن ماحول ۾ عورتون لکن پيون، پروگرامن ۾ پڙهن پيون کين جسُ هجي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
گل ٽکڙائي: لکڻ جياپو آهي.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
گل ٽکڙائي: شهرت هوا آهي.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
گل ٽکڙائي: شڪايت ڪنهن سان ڪهڙي ڪجي؟ هر ماڻهو پنهنجو مَٽُ پاڻ آهي، فيس بڪ تي به ياري دوستي هلي ٿي.
**

لکڻ وقت ڪڏهن عاشق، ڪڏهن معشوق، ڪڏهن ظالم، ڪڏهن مظلوم، ڪڏهن خوشي، ڪڏهن غم، هر ڪيفيت غالب ٿيندي آهي… گل شير لوچي

لکڻ وقت ڪڏهن عاشق، ڪڏهن معشوق، ڪڏهن ظالم، ڪڏهن مظلوم، ڪڏهن خوشي، ڪڏهن غم، هر ڪيفيت غالب ٿيندي آهي… گل شير لوچي


سوال: نانءُ ولديت سميت؟
گلشير لوچي:گل شير احمد ولد رانجهو خان لوچي
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ؟
گلشير لوچي:پهرين اپريل 1970ع، خانواهڻ (ضلع نوشهروفيروز)
سوال: ادبي نانءُ؟
گلشير لوچي:گل شير لوچي
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
گلشير لوچي:گريجوئيٽ/ اسسٽنٽ پبلڪ رليشنز آفيسر، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
گلشير لوچي: سال 1986ع (تاريخ ياد ناهي)
سوال: ادبي استاد؟
گلشير لوچي: شوق خانواهڻي
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
گلشير لوچي: اسڪول جي زماني ۾گل ڦل مئگزين گهرائڻ شروع ڪيو ۽ ان دوران ٻاراڻي ادب کان لکڻ جي شروعات ڪئي.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
گلشير لوچي: سونهن، سنڌ ۽ سماج ۾ ٿيندڙ زيادتيون
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
گلشير لوچي: 1986ع ۾ گل ڦل ۽ ساڳي سال ۾ عبرت مئگزين(تاريخن ۾ فرق ٿي سگهي ٿو)
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟.
گلشير لوچي: عبرت، آفتاب، هلال پاڪستان، عوامي آواز، جاڳو، سرواڻ، ڪاوش، عبرت مئگزين، ڪينجهر، ڪاڪ، ادب، امرتا، هزار داستان، صبح ٿيندو، مهراڻ رسالو، نئين زندگي، عوامي امنگ سميت ڪيترائي رسالا ۽ اخبارون
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
گلشير لوچي: گهڻو ڪري ڪهاڻي ئي لکي آهي، جڏهن ته ڪجهه غزل ۽ نظم به ڇپيا آهن، خانگي چينلز تي ڪجهه سولو پلي ۽ هڪ سيريل به هليل آهي، پسنديده صنف ڪهاڻي ئي آهي
سوال: ڪھاڻين جو تعداد... ڪيتريون ڇپيل؟
گلشير لوچي: 50 کان وڌيڪ ڪهاڻيون لکيون آهن، جن مان 40 ڪهاڻيون شايع ٿيون آهن.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال......؟
گلشير لوچي: ڪهاڻي تي ڪوبه ڪتاب شايع نه ٿيو آهي، باقي ٻن شخصيتن تي منهنجا ٻه ڪتاب ترتيب ڏنل آهن، بحيثيت پبلشر مختلف شاعرن جا ڪتاب منهنجي نگراني ۾ شايع ٿيا آهن.
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
گلشير لوچي: منهنجي والد کي تمام گهڻي خوشي ٿي هئي، صرف ان ڪري جو مون کي منهنجي شايع ٿيل ڪهاڻي تي تمام وڌي خوشي ٿي، بابا کي منهنجي خوشي سان مطلب هو، ان ڪري هو گهڻو خوش ٿيو.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
گلشير لوچي: 1988ع ۾ آئون ڪجهه سالن لاءِ ڪراچي هليو ويو هوس، ته لکڻ جو تسلسل گهٽجي ويو هو، توڙي جو اتان هڪ مئگزين ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، پر منهنجو اهو خواب ساڀيا نه ٿي سگهيو، ٽنڊوڄام اچڻ کانپوءِ آسي زميني، بادل، مصطفيٰ نانگراج، منير احمد، عزيز چنڊ، عبدالرسول عباسي سميت مختلف ادبي دوستن جي صحبت ملي، جنهن کانپوءِ باظابطه لکڻ ۽ سکڻ شروع ڪيو، ۽ مون گهڻو پرايو ۽ 1992ع جنوري ۾ سندن نگراني ۾ ڪاڪ جهڙي بهترين ادبي مخزن ڪڍڻ جو حوصلو مليو.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
گلشير لوچي: روح کي ڇهندڙ اهو احساس، جيڪو پوري وجود کي رومانوري بڻائي ٿو ڇڏي.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
گلشير لوچي: جنهن کان بغير ڪوبه انسان مڪمل ٿي نه ٿو سگهي، هميشه اڌورو، محبت بغير دنيا ۾ جيئڻ بيڪار آهي.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب /اديبائون؟
گلشير لوچي: لکندڙ سڀ بهترين آهن، چند نالا کڻڻ ٻين دوستن سان ناجائزي هوندي
سوال: پسنديده شخصيت؟
گلشير لوچي: بابا ۽ امان، انهن کانسواءِ منهنجا استاد جن مون جهڙي پٿر کي گَهڙي مورتي بڻايو

سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر؟
گلشير لوچي: ڀٽائي جو رسالو ۽ ڪهاڻين جا ڪيترائي ڪتابَ (امرجليل، ڊاڪٽر نجم عباسي، عبدالقادر جوڻيجو، رسول بخش پليجو، رشيد ڀٽي، نسيم کرل، شمشير الحيدري، جمال ابڙو، قمر شهباز، آغا سليم، حميد سنڌي، علي بابا، نورالهديٰ شاهه، جمال رند، غلام نبي مغل، ماڻڪ، طارق قريشي، شوڪت شورو، زيب سنڌي، بانو محبوب جوکيو، فضل احمد بچاڻي(ترجما)، رحمت الله ماڃوٺي سميت لاتعداد ڪهاڻيڪارن جا ڪتاب پڙهيا آهن، جيڪي منهنجا پسنديده آهن.
گل موتيو پسند آهي، ۽ رنگ هلڪو آسماني، موسم سيارو ۽ پهر فجر، جڏهن خدا سان ان جي تخليق ڪيل ساهوارا پنهنجي ٻولين ۽ دعائن ۾ کيس ريجهائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ۽ خدا وڌيڪ ويجهو محسوس ٿيندو آهي.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
گلشير لوچي: ٻار وڏا ٿي ويا آهن، ان ڪري اهو هتي لکي نه ٿو سگهان.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
گلشير لوچي: زندگي سان ڪا به شڪوه ناهي، ڏک ته زندگي جي سونهن هوندا آهن، الله ڪريم اوترائي ڏنا، جيتري مون ۾ سهپ هُئي ان ڪري اهڙو ڪوبه غم ياد ناهي.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي؟
گلشير لوچي: سماجي ۽ اظهار جي آزادي، جيڪو عورت جو حق آهي، گڏوگڏ عورت کي آزادي ۽ ڇڙواڳي ۾ فرق جي خبر هجڻ لازمي آهي، آئون عورت جي سماجي ۽ اظهار جي آزادي جو مڪمل قائل آهيان، خاص طور تعليم، ازدواجي ۽ معاشي ميدان ۾ مردن جهڙوئي حق ملڻ کپي، ان لاءِ مرد کي ڪُند_ذهني مان نڪرڻو پوندو.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
گلشير لوچي: الله ڪريم جي عظيم تخليق، چاهي عورت امڙ، ڀيڻ، نياڻي، شريڪ حيات، ننهن ۽ دوست جي روپ ۾ ڇونه هجي، ان کانسواءِ زندگي وائڙي، اڻپوري، سڃ ۽ بي سونهي هجي ٿي.
سوال: اڄڪلهه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ
گلشير لوچي: ڪهاڻي جي ته لڪيءَ منجهه ساهه آهي، سالن کان ڪا يادگار ڪهاڻي پڙهي ئي ناهي، باقي شاعري بهتر آهي،
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
گلشير لوچي: اهو هڪ ڊگهو موضوع آهي، خاص طور ٽي وي چينلز ۽ سوشل ميڊيا کانپوءِ ماڻهن وٽ ادب پڙهڻ جي گنجائش موجود ناهي، اردو ۾ اڃا به ادب لکجي پيو، ان جو پڙهندڙ سڀني ٻولين ۾ موجود آهي، پر اهو چوڻ ته اتي ڪو گهڻو لکيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو، اتي به هاڻي سنڌي ادب جيان ساڳيون حالتون جنم وٺي رهيون آهن،پر لاهور، ڪراچي، ملتان سميت ڪيترائي اهڙا شهر آهن، جتي اردو، سرائيڪي ۽ ٻين ٻولين ۾ مشاعره ٿي رهيا آهن، جنهن جي ڪري انهن جو ڪجهه ادبي سلسلو جاري آهي، اهڙي ريت سنڌ ۾ رسالن ۽ مخزنن سان گڏ نوان ڪتاب اچڻ بند ٿي ويا آهن، معاشي حالتن جي ڪري ادب نظرانداز ٿي رهيو آهي، اخبارن ادبي صفحا شايع ڪرڻ بند ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته پبلشرز ڪتابن جو وڪرو نه ٿيڻ جي ڪري ان تي سيڙپڪاري ڪرڻ بند ڪري ڇڏي آهي، ان ڪري پذيرائي به گهٽجي ويئي آهي.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
گلشير لوچي: حالتن، سماجي تڪليفن، واهر نه ٿيڻ جي ڪري ماڻهو احساس ڪمتري جو شڪار ٿي رهيو آهي، خاص طور تي بيروزگاري ۽ سوشل ميڊيا جي ڪري پيدا ٿيندڙ پيچيدگين ماڻهن ۾ نه سهپ واري صورتحال پيدا ڪئي آهي، گڏوگڏ زندگي جي ترتيب جو توازن به بگڙيو آهي، انسان تي خوراڪ، روزگار، محروميت جا ڪافي ناڪاري اثر پون ٿا، ان ڪري تنقيد چاهي توهان جي تخيل تي ٿئي، لباس، رهڻي ڪهڻي، اخلاق يا رويي تي ٿئي، ماڻهو اها برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ادب ۾ تنقيد جو رجحان ناهي رهيو، پر جيڪڏهن ڪو ڪري به ٿو ته ان کي مختلف طريقن سان رد يا ان کي ساڙ چيو وڃي ٿو، حالانڪه ماڻهو کي پاڻ پنهنجي لاءِ، پنهنجي ڪردار توڙي تخيل لاءِ پاڻ ئي نقاد ٿيڻ گهرجي ته سهپ پاڻمرادو اچي ويندي.
سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
گلشير لوچي: 1986ع ۾ پهريون ڀيرو خانواهڻ ۾ ٻارن جي ادبي سنگت جو بنياد وڌو هو، جنهن ۾ قاضي غلام نبي ناشاد، پارس حميد، شوق خانواهڻي ۽ ٻين جي رهنمائي ملي هئي، قاضي ذوالفقار”زائر“ به اسان سان گڏ هو، بعد ۾ ادبي سنگت سان هڪ عرصو ٽنڊوڄام ۾ عهديدار به رهيس، سماجي تنظيمن ۾ ڪا خاص دلچسپي ناهي رهي، باقي سياسي پارٽين سان ڪو به تعلق ناهي.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
گلشير لوچي: اهو تحفو جنهن جو ڪوبه نعم البدل ناهي، ان جي بدلي صرف خدا سان پيار ڪري سگهجي ٿو
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
گلشير لوچي: منزل.... جتي زندگي ليڊنگ ڪري ٿي
سوال: نفرت ڇا آهي؟
گلشير لوچي: اها شيءِ جنهن سان نفرت ڪئي وڃي
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
گلشير لوچي: بي چئيو ٻار، جنهن جا انگل روز روز نوان هوندا آهن،
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
گلشير لوچي: في الحال ڪوبه نه.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟.
گلشير لوچي: ڪا خبر ناهي، ماڻهو چوندا آهن، انا پرست آهيان، بيڪار ماڻهو آهيان، شايد سچ چوندا آهن
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟.
گلشير لوچي: جڏهن غلط هجڻ باوجود پاڻ کي بي ڏوهي سمجهندا آهن، ۽ تڏهن به جڏهن ڪير ڪنهن کي بي وقوف بڻائيندو آهي، باقي ڪاوڙجڻ، رسڻ پرچڻ به زندگي جو حصو آهي
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ؟
گلشير لوچي: ڪجهه سرٽيفڪيٽ ايوارڊ ۽ شيلڊون مليون آهن، پر اهي منهنجي لاءِ ڪابه معنيٰ ناهن رکنديون، هڪ مرڪ ئي نوبل پرائيز آهين، جي ڪو نيت سان وکيري.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
گلشير لوچي: لکڻ وقت ڪڏهن عاشق، ڪڏهن معشوق، ڪڏهن ظالم، ڪڏهن مظلوم، ڪڏهن خوشي، ڪڏهن غم، هر ڪيفيت غالب ٿيندي آهي، سچ آهي ته سرد راتين ۾ ڪردار سان گڏ روئڻو به پوندو آهي ته کلڻو به.
سوال: درد ڇا آهي؟
گلشير لوچي:”ڏکن کي شاباس، جن مون سين گڏ گهاريو“
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪُجهه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
گلشير لوچي: آئون سمجهان ٿو ”نه“....... جڏهن ماڻهو مطمئن ٿي ويندو ته لکڻ ڇڏي ڏيندو.
سوال: اوهان جي شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟.
گلشير لوچي: جي نه
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪھڙا آهن.
گلشير لوچي: ڪافي مسئلا آهن، جيڪي گهر ۽ خاندان کان شروع ٿين ٿيا ۽ گهر واپسي تائين گڏ هلن ٿا، عورت اڄ جي معاشري ۾ به تيرن جي نشاني تي آهي، هر تيرباز جو پنهنجو پنهنجو ٽائيٽل آهي.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟.
گلشير لوچي: اسان وٽ عورت ويچاري بهترين احساس رکڻ باوجود لکي نه ٿي سگهي، جي لکي ٿي ته سڀ کان پهريون اسان جو ادبي لڏو ان کي پنهنجي عتاب جو نشانو بڻائي ٿو، سماج ان لاءِ مختلف بهتان گهڙي ٿو، ان جو حل نڪرڻ مشڪل آهي، ڇاڪاڻ ته جيسين اسان پنهنجي ڪندذهني ۽ سوچ کي ايمان جي بنياد تي تبديل نه ڪنداسين، ليکڪ عورت اهڙي رَوَيي جو شڪار ٿيندي رهندي، پر بهادر عورتن اهڙي سماج کي همٿ سان مات ڏني آهي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟ ۽ شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
گلشير لوچي: ڏسو! عمر جي لحاظ کان ان سوال جا مختلف جواب ٿين ٿا، پهريون پيار، پوءِ شوق ۽ آخر ۾ پنهنجي شهرت کي برقرار رکڻ، شهرت سٺي لڳندي آهي، پر سچي ڳالهه آهي ته هاڻي ان جو احساس ختم ٿي رهيو آهي.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
گلشير لوچي: ڪنهن کان به نه........ سڀن سان پيار، سڀني جي لاءِ دعا، جن تڪليف ڏني..... اهي به خوش رهن، جن پيار ڏنو، تنِ جو به غلام.
**

هر عورت ظالم به نه آهي ۽ هر عورت مظلوم به نه آهي… مايا ساگر اوڏ

هر عورت ظالم به نه آهي ۽ هر عورت مظلوم به نه آهي… مايا ساگر اوڏ


سوال: پڙهندڙن لاءِ توهان جو تفصيلي تعارف؟
مايا ساگر: اصل نالو تمشان، ادبي نالو مايا ساگر، نائين ڊسمبر 1984ع تي فقير سڪندر اوڏ جي گهر ۾ جنم ورتو، امڙ پدما، جنهن ڏهه مهينا گرڀَ ۾ سانڍيو. سندس کير پي آئون وڏي ٿيس، اُن جيجل جي کير/ٿُڃ جو قرض آئون ڪڏهن به لاهي نه سگهنديس.
سوال: توهان جي تعليم؟
مايا ساگر: منهنجي تعليم انٽر آهي، اسان جي بابا سائينءَ محنت ۽ مزدوري ڪري اسان سڀني ڀينرن ۽ ڀائرن کي پڙهايو لکايو، هميشه ٻين جا اجها اڏيندي، پاڻ ڪکائين گهر ۾ رهندي به اسان جي تعليم ڏانهن ڌيان ڏنو، ڏک ان ڳالهه جو اٿم ته اسان ڀينرن ڀائرن مان ڪنهن کي به ڪا به سرڪاري نوڪري ناهي ملي. هاڻ خدا جو شڪر آهي، ڪجهه ڀائر پڙهندا آهن، ڪجهه فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندا آهن پر ڪڏهن ڪڏهن مايوس ٿي سوچيندي آهيان ته هنن سرٽيفڪيٽن کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيان.
سوال: توهان جو ننڍپڻ ڪيئن گذريو؟ سنجيده يا شرارتي؟
مايا ساگر: سنجيده.
سوال: ننڍپڻ ۾ اوهان ڪهڙيون رانديون ۽ ڪهڙيون شرارتون ڪنديون هيو؟
مايا ساگر: ننڍپڻ ۾ مون کي گڏين جي راند ڏاڍي وڻندي هئي، آئون امان کان چوري اها راند کيڏندي هيس. امان کي جڏهن به خبر پوندي هئي ته منهنجون گڏيون ساڙي يا اُڇلي ڇڏيندي هئي، آئون ڏاڍو روئيندي ۽ احتجاج ڪندي هئس، پوءِ منهنجي جيجان مون کي جهوليءَ ۾ کڻي پيار مان مٺي ڏيئي سمجهائيندي هئي ته ڏس پُٽَ! تنهنجو پيءُ بيمار آهي، ان هُوندي به هو ۽ مان ٻئي ڪلهو ڪلهي سان مِلائي ڀتيُون ٺاهِيندا آهُيون، اسين تمام ڏکئي دور مان گذري رهيا آهيون، تنهنجي بابا کي سائي ٿي وئي آهي. صبح جو سوير جڏهن هو ڪوڏر کڻي مٽي پُسائڻ لاءِ پاڻي ۾ لهندو آهي، تڏهن اُنَ جا لِڱَ ڪانڊارجي ويندا آهن، هن جو جسم ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي ۽ پوءِ آئون ڪَکَ گڏ ڪري انهن کي باهه لڳائيندي آهيان، تنهنجو ابو باهه تي سيڪ وٺي ٻيهر وڃي مٽي پُسائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، اسين نه ٿا چاهيون ته جيڪا زندگي اسان جي گذري رهي آهي، ائين اوهان جي به گذري، ان ڪري تون ڪتاب کڻي پڙهه ۽ ننڍڙن ڀائرن کي به پڙهاءِ، امڙ جو اهڙو پيارُ ڏسي ۽ اهڙيون ڳالهيون ٻڌي مون کان گڏيون وسري وينديون هيون. ان ڪري شرارتون به گهٽجي ويون.
سوال:ننڍپڻ ۾ اوهان کي ڪڏهن گهر ۾ يا اسڪول ۾ مار ملي؟ جا اڃا تائين يادِ هُجي؟
مايا ساگر: ها! اڄ به مون کي اهو پل ياد آهي، آئون ڪچي پهرئين ۾ پڙهندي هيس، بابا سائين مون کان سبق پڇڻ لڳو ” هي ڇا آهي؟ پڙهه.“ مون دير ئي نه ڪئي پڙهيم ”ڪنگو ڏئي ٿو.“ جڏهن ته لکيل هيو: ”ڦڻي ڏئي ٿو.“، ان وقت بابا منهنجي ڳل تي هڪڙي ٿڦڙ هنئي، اها ٿڦڙ پهرين ۽ آخري ٿڦ هئي، پوءِ مون کي اسڪول ۾ جيڪو به سبق ملندو هيو. آئون اُهو ته ياد ڪندي هُيس. پر اڳواٽ وڌيڪ سبق ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هيس، بابا جي ٿڦڙ کان ڊڄي ويس.
سوال: ڪا اهڙي شرارت جنهن تي پڇتاءُ ٿيندو هجي ته ائين نه ڪرڻ گهرجي ها؟
مايا ساگر: اهڙي ڪا به نه.
سوال: ننڍپڻ جو ڪو خوشگوار واقعو؟
مايا ساگر: جڏهن بابا سائين سان گڏ گهمڻ ويندي هيس.
سوال: اوهان جي ازدواجي حيثيت!؟
مايا ساگر: شادي شده، ٻه پٽ، آديش ڪمارُ، سنديش ڪمار ۽ هڪ ڌيءَ امرتا گل جن جي مرڪن، ٽهڪن ۽ شرارتن پويان پنهنجو پاڻ وساري ڇڏيو اٿم.
سوال: عام تاثر اهو آهي تهَ Working Woman ٻارن کي وقت ۽ بهترين تربيت نه ٿي ڏئي، ان باري ۾ اوهان جو ڇا خيال آهي؟
مايا ساگر: اهو غلط آهي Working Woman پنهنجي اولاد کي وقت ۽ بهتر تربيت نه ٿي ڏئي سگهي، هر ماءُ پنهنجي اولاد لاءِ سوچيندي آهي ته جيئن هو پڙهي لِکي اڳتي وڌن، ڪنهن جا مُحتاج نه ٿين.
سوال: ٻارن جي بنيادي تربيت ڪيئن ڪرڻ گهرجي؟
مايا ساگر: ننڍڙن ٻارن جي واڌ ويجهه کان وٺي سندن تعليم تي ڌيان ڏجي، کين نصيحتن واريون ڪهاڻيون ٻڌائجن ۽ پڙهائجن، انهن معصوم گلن کي دوستاڻو ماحول ڏجي.
سوال: سماج جي سڌاري لاءِ ميڊيا کي ڪهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي؟
مايا ساگر: ميڊيا ته پنهنجو ڪردار نڀائيندي، هر درد وندي جي دانهن کي عوام ۽ وس وارن آڏو پيش ڪيو آهي، اسان جي ديس جي صحافين جون زندگيون محفوظ ڪٿي آهن؟ اُنهن جي پنهنجي زندگي ئي داءُ تي لڳل هوندي آهي، تنهن هوندي به هر ڪيس کي وائکو ڪندا پيا اچن، پوءِ چاهي کين پنهنجي جان تان هٿ ڇو نه کڻڻو پوي، سَرِ عام صحافين کي قتل ڪيو پيو وڃي، انهن جو قصور اهو آهي جو هنن جو تعلق ميڊيا سان آهي ۽ هو سچ لکن ٿا.
سوال: عورت کي ڪيتري آزادي ملڻ گهرجي؟ ڇا اڄ جي عورت کي اها آزادي ملي آهي، جيڪا اُن جو حق آهي؟
مايا ساگر: گهٽ ۾ گهٽ عورت کي ايتري آزادي ملڻ گهرجي، جو هوءَ گهر ٻاهر نڪري نوڪري ڪري يا هنر جي سکيا وٺي، پنهنجي تعليم جو فائدو وٺي، اڄ به عورت جي پيرن ۾ زنجيرون پيل آهن، اڄ به عورت کي بي زبان جانور جيان سمجهيو وڃي ٿو، مرد اُن کي پنهنجي مرضيءَ موجب ئي ساهه کڻڻ ڏئي ٿو... ها! باقي ڪٿي ڪٿي ڪي اهڙا ماڻهو ملندا جيڪي سچيءَ دل وارا پوءِ چاهي پڙهيل هجن يا اڻ پڙهيل پر عورت جي راهن جي رڪاوٽ نه بڻجندا آهن،کين پنهنجي مرضيءَ تي جيئڻ جو حق ڏيندا آهن.
سوال: آزادي ۽ ڇڙواڳيءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
مايا ساگر: آزادي ۽ ڇڙواڳي ٻه الڳ شيون آهن، آزاديءَ سان انسان پنهنجي زندگي سنواري اڳتي وڌي ٿو، باقي ڇڙواڳي جو تعلق آزاديءَ سان بلڪل ناهي، انسان جي اگر سوچ ڇڙواڳ ٿي ته هُو لوهن ڪوٽن ۾ به معاشري ۾ خُوارُ خراب ٿي ويندو آهي.
سوال: اڄ جي عورت جا ڪهڙا مسئلا آهن ۽ اُنهن جو حل ڇا آهي؟
مايا ساگر: مهانگائي ڏينهون ڏينهن چوٽ چڙهي رهي آهي، هڪ پڙهيل لکيل عورت کي سرڪاري نوڪري ته ملڻ کپي.
سوال:عورتن جون تنظيمون، عورتن جي مسئلن جي حل ۽ حق لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن؟
مايا ساگر: عورتن جون تنظيمون ٻڌيون اٿم، ڏٺيون نه اٿم، اگر اهڙيون تنظيمون آهن به ته نالي ماتر.. غلاميءَ جي گهاڻي ۾ اڄ به عورت پيڙجي رهي آهي، آهي ڪا اهڙي تنظيم جيڪا روڪي سگهي، اُنهن ظالمن کي جيڪي عورت کي پنهنجي جُتيءَ جيان سمجهن ٿا، يا ته غلط لفظن جا تيرَ انهن جي دلين تي هڻن ٿا يا ڪو ٻيو طريقو استعمال ڪري سندن دل آزاري ڪن ٿا. اگر ڪا پڙهيل لکيل عورت ان ظلم کان تنگ ٿي، اُن ظالم کان سوال ڪري ٿي ته ائين ڇو ٿو ڪرين؟ آئون انسان آهيان. هوا جي ڌيءَ آهيان، تنهنجي عزت آهيان ته بدلي ۾ مرد اُهو ئي چوندو تنهنجي زبان وڌي وئي آهي، منهنجي سامهون ٿي ڳالهائين؟ پاڻ ڀلي روز عورت کي ذليل ڪندو هجي پر اُن جي هڪڙي ئي جواب تي عورت تي طرح طرح جو تشدد ڪيو وڃي ٿو، وارن کان جهلي، گهلي ان کي گهر کان ٻاهر ڪڍيو وڃي ٿو، پوءِ اهي تنظيمون ڪٿي هونديون آهن، جيڪي اسان پڙهيل لکيل ماڻهن به ناهن ڏٺيون ته پوءِ اسان جون اهي مظلوم عورتون پنهنجي داد فرياد لاءِ اُنهن تائين ڪيئن پهچنديون.؟
سوال: ڪارو ڪاري، بدي جي شادي، خون بها ۽ حق بخشرائن وارين رسمن بابت اوهان جي ڇا راءِ آهي؟
مايا ساگر: زندگين جو ذيان ڪيو وڃي ٿو، غيرت جي آڙَ ۾ راڪاس جيان انساني جانين جا ڪاسائي، سوليءَ تي لٽڪڻ کپن، بدي جي شادي اگر ڪامياب آهي ته سهي آهي، اگر انهن مان ڪنهن هڪ به منهن موڙيو ته ان سان گڏ ٻيون زندگيون به برباد ٿي وينديون آهن، خون بها ۾ ويندڙ معصوم گلن جهڙيون ٻارڙيون ڇا ڄاڻن؟ اها ته گندي ۾ گندي رسم آهي باقي حق بخشائڻ واري رسم هاڻي اسان وٽ ختم ٿي وئي آهي، هن دور ۾ ڏٺو وڃي ته ٻارنهن تيرنهن سالن جون معصوم نياڻيون به پرڻايو ڇڏين، اهو عمل پڻ غلط آهي.
سوال: پريمي جوڙن بابت اوهان جي ڇا راءِ آهي؟ اڄ ڪلهه پريمي جوڙا عام جام ٿي پيا آهن، ان جو ڇا سبب آهي؟
مايا: عارضي خوشين پويان ماڻهو پنهنجي ۽ پنهنجن جي عزت تي ٽڪو هڻن ٿا، اها ڪهڙي شادي جنهن ۾ نه پنهنجا نه پنهنجن جون دعائون هجن، ڪجهه جوڙا مجبوريءَ کان به اهو قدم کڻندا آهن، جو انهن جي ڳالهه ٻڌڻ ۽ مڃڻ لاءِ ڪو به تيار ناهي هوندو، والدين کي به پنهنجي اولاد جي خواهشن جو خيال رکڻ گهرجي.
سوال: مرد ۽ عورت اوهان جي نظر ۾؟
مايا ساگر: ٻئي هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم آهن، هڪ گاڏيءَ جا ٻه ٽائر آهن، اگر هڪڙو ٽائر پنڪچر ٿيو ته زندگيءَ جي گاڏي هلائڻ ڏکي ٿي پوندي، انهيءَ ڪري هڪ ٻئي جو خيال رکجي، جيترو خيال عورت مرد جو رکندي آهي اوترو مرد نه ٿو رکي.
سوال: عورت وڌيڪ ذهين آهي يا مرد؟
مايا ساگر: عورت.
سوال: اڄ جو معاشرو Working Woman کي ڪهڙي نگاهه سان ڏسي ٿو؟
مايا ساگر: عورت کي کپي ته هوءَ پنهنجا ارادا مضبوط رکي، بهادر بڻجي Work ڪندي رهي، باقي ”ڪتا ڀونڪندا رهندا، فَقيرَ پنندا رهندا.“ ڇا جاهلاڻي سوچ رکندڙن جي ڪري اسان جون نياڻيون صرف ٿانَوَ ٻُهاريءَ تائين محدود رهن، نه ائين نه، جيئڻ لاءِ جستجو لازمي آهي.
سوال: عورت ظلم آهي يا مظلوم؟
مايا ساگر: هر عورت ظالم ناهي ۽ هر عورت مظلوم به نه آهي.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاهي؟
مايا ساگر: تعليم، عزت ۽ شهرت.
سوال: موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ جي اچڻ سان ڪهڙا هاڪاري ۽ ناڪاري اثر پيا آهن ۽ نئون نسل انهن مان ڇا پرائي رهيو آهي.؟
مايا ساگر: انهن سائنسي ايجادن مان وڏو فائدو ٿي رهيو آهي، ڪو ڪم ڪار ٿئي ٿو ته سيڪنڊن ۾ ميسيج پُڄيو وڃي، ڪا معلومات گهرجي ته منٽن ۾ مليو وڃي پر ڪجهه نوجوان ادا ۽ ادڙيون انهن جو غلط استعمال ڪري پنهنجو وقت وڃائي رهيا آهن.
سوال: اوهان جون مصروفيتون ڪهڙيون آهن؟
مايا ساگر: شاعري ۽ ڪهاڻيون لکڻ، ادبي رسالا ۽ اخبارون پڙهڻ، اُن سان گڏ پنهنجي همسفر شاعر ارمان گل ۽ ٻارن جو خيال رکڻ.
سوال: اوهان ڪهڙي قسم جا ڪتاب پڙهنديون آهيو.؟
مايا ساگر: شاعريءَ جا ڪتاب پڙهندي آهيان، انهن جي پڙهڻ سان سُڪون ملندو اٿم.
سوال: اوهان جي پسند جو ڪتاب؟
مايا ساگر: شاهه جو رسالو ۽ مها ڀارت.
سوال: اوهان جي پسند جا شاعر/اديب ڪهڙا آهن؟
مايا ساگر: شاهه سائينءَ کان پوءِ سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي، ساحر راهو، ايوب کوسو، پروفيسر علي حسن خاصخيلي، آصف مٺياڻوي، ايس نسيم ميمڻ، مهڪ جوڳي، ڪوثر ٻرڙو، ارمان گل اوڏ سميت کوڙ سارا اديب شاعر آهن، جيڪي مون کي پسند آهن.
سوال: اوهان کي ڪهڙي قسم جا ماڻهو وڻندا ۽ نه وڻندا آهن.؟
مايا ساگر: دل جا صاف ۽ نيت جا سچا ماڻهو مون کي وڻندا آهن، جن جي وات مان گارگند نڪري ۽ عورت تي ظلم ڪن اهڙا ماڻهو مون کي ناهن وڻندا.
سوال: سونهن اوهان جي نظر ۾؟
مايا ساگر: قدرت جي هر تخليق سندرتا سان سرشار آهي، سُونهن هجي ته سيرت به هجي.
سوال: فيشن اوهان جي نظر ۾ ۽ اوهان ڪيترو فيشن ڪنديون آهيو؟
مايا ساگر:”وقت سان گڏ هلڻو پوي ٿو، فيشني به ٿيڻو پوي ٿو.“، فيشن ڪجي پر Limit ۾، Limit ۾ فيشن ڪندي آهيان، ماڻهو اهڙو فيشن ڪري جيڪو سڀني کي سُٺو لڳي.
سوال: اوهان جي پسند جو رنگ ۽ لباس؟
مايا ساگر: سڀئي رنگ پيارا آهن ۽ لباس ۾ ساڙهي پسند اٿم.
سوال: پسند جو گل؟
مايا ساگر: سورج مکي.
سوال: پسند جو کاڌو؟
مايا ساگر: مڇي، ساڳ ۽ چانورن جي ماني.
سوال: پسنديده شخصيت؟
مايا ساگر: بابا سائين.
سوال: پسنديده سياستدان؟
مايا ساگر: محترمه بينظير ڀٽو صاحبه.
سوال:پسند جو شهر؟
مايا ساگر: نوشهروفيروز، جتي منهنجو جنم ٿيو، جتي منهنجون سرتيون اڄ به مون کي سارِين ٿيون، مون کان به اُنهن جي ياد وسري ناهي سگهي.
سوال: پسند جي موسم؟
مايا ساگر: منهنجو هڪ غزل آهي: جي تون ساڻ آهين ته خزان به بهار آ.
سوال: پسند جو ڏينهن؟
مايا ساگر: جمعي جو ڏينهن عبادت ۽ پوڄا جو ڏينهن.
سوال: پسند جو پهر؟
مايا ساگر: رات جو پهر، ڇاڪاڻ ته انسان سڄو ڏينهن ڪم ڪار پويان هوندو آهي، رات جو انسان گهٽ ۾ گهٽ سڪون جي ننڊ ته ڪري سگهي ٿو.
سوال: اهڙو ڪو گيت جيڪو اوهان کي گهڻو پسند هجي ۽ بار بار چپن تي ايندو هجي؟
مايا:کبھی بندھن جڑالیا، کبھی دامن چھڑالیا، ساتھی رہے کیسا صلہ دیا یہ وفا کا، کیسا صلہ دیا۔
سوال:زندگي اوهان جي نظر ۾؟
مايا ساگر: زندگي خدا طرفان عطا ڪيل هڪ انمول تحفو آهي، زندگي سنوارجي، خوش ٿي گذارجي، غمن ۾ نه گهٻرائجي، ڏک ۽ سک جيون جو حصو آهن.
سوال: زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو يا ڏک جيڪو نه وسريو هجي ۽ اڄ به اکيون آليون ڪري ڇڏيدو هجي؟
مايا ساگر: مان ۽ منهنجو ڀاءُ وڪيل اڃا پرائمري ۾ پڙهندا هئاسين، انهن ڏينهن ۾ ابوءَ جي طبيعت خراب هوندي هئي، هڪ دفعي بابا نواب شاهه پنهنجي دوست کان پئسا اُڌارا وٺي واپس نوشهري اچي رهيو هيو ته جيب ڪترا بابا جو کيسو ڪٽي پيسا کڻي ويا، بابا وٽ ٻئي کيسي ۾ ڪرائي/ڀاڙي جيترا پئسا رکيل هئا، اهي پئسا بابا پنهنجي علاج لاءِ وٺڻ ويو هئو، پر جڏهن گهر پهتو ته ڪارِي وارا ڪک يعني کيسو پيسن سميت غائب، ان وقت اسان ڀيڻ ڀاءُ اسڪول مان آيا هئاسين، امڙ اسان کي ڳڙ سان ماني ڏني ته اوچتو امان جي نظر بابا تي پئي، امان کان رڙ نڪري وئي، بابا بيهوش ٿي ويو هئو، ڏاڏي به دانهون ڪري رهي هئي، بابا جا هٿ پير ٺري چڪا هئا، ان وقت اسين ٻئي ڀيڻ ڀاءُ بابا لاءِ روئي به رهيا هئاسين ۽ سڏڪندي سڏڪندي ڳڙ سان ماني به کائي رهيا هئاسين، بابا کي ڪافي دير کان پوءِ هوش آيو هئو، پوءِ ٻڌايو هئائين ته پئسا نڪري ويا، قرض به وڌي ويو، تڏهن ڏاڏا بابا کي دلداري ڏيندي چيو ته پٽ الله توکي حياتي ڏئي قرض هٿن جي ميِر آهي، لهي ويندو، تون نه گھٻراءِ! سچ پُڇو ته اهي سڏڪا مون کي يادگار سڏڪا لڳن ٿا، جنهن ۾ بابا لاءِ تڪليف به هئي ۽ اسان جو بچپنو به جو بابا لاءِ روئي به رهيا هئاسين ۽ مانيءَ مان به هَٿَ نه پيا ڪڍون.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟
مايا ساگر: اسا جي ڀائرن جو وڏو ٿيڻ ۽ بابا جي مزدويءَ مان جند آجي ٿي ۽ پنهنجي ڳوٺ کي هميشه لاءِ ڇڏي ڪوٽڙي شفٽ ٿيا هئاسين.
سوال: زندگيءَ جو ڪڙو سچ!؟
مايا ساگر: زندگي آهي ئي ڪڙو سچ، نه چاهيندي به جيئڻو پوي ٿو.
سوال:اگر شاعره نه هجو ها ته ڇا هُجو ها؟
مايا ساگر: پوءِ آئون تمشان هجان ها، مايا ساگر نه.
سوال: ڇا اوهان جي شاعري ڪنهن ڳائي آهي؟
مايا ساگر: جي منهنجي شاعري استاد گجڻ فقير، ريڊيو خيرپور تي ڳائي آهي، منهنجو رڪارڊ ٿيل غزل آهي: هر دل تي گهاوَ گهرا، ورقن منجهه سمائيندي آهيان، گذري اذيتن مان ڀي آئون ڏاتِ سان نيهن نڀائيندي آهيان.
سوال: شاعريءَ ۾ اوهان جو استاد ڪير آهي؟
مايا ساگر: بابا سائين خود هڪ شاعر آهي، ائين سمجهو ته شاعري مون کي ورثي ۾ ملي آهي. شاعريءَ ۾ منهنجو پهريون استاد بابا سائين آهي، ان کان پوءِ استاد گجڻ فقير، رمضان رهبر، ذوالفقار ملڪ ۽ مرحوم ڀاءُ آصف مٺياڻوي جن پڻ منهنجي شاعريءَ جي اصلاح ڪري منهنجي همت افزائي ڪئي.
سوال: اوهان جي شادي لَو ميريج آهي يا رينج؟
مايا ساگر: مڪس پليٽ يعني لَو ميريج به آهي ۽ اسان ٻنهي جا پريوار به خوش ۽ راضي هئا.
سوال: دوستي اوهان جي نظر ۾؟
مايا ساگر: ساٿ نڀائڻ سان دوستي، دوستي ٿئي ٿي. پر اڄڪلهه مطلب کان سواءِ ڪير به ڪنهن جو ناهي.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
مايا ساگر: هڪ پاڪ پوتر رشتو آهي، جنهن کان سواءِ انسان اڌورو آهي.
سوال: جواني اوهان جي نظر ۾؟
مايا ساگر: جواني مهمان آهي، وقت هوا جي جهونڪي جيان گذري ويندو آهي ۽ پوءِ چئبو آهي اڙي وقت موٽي آءُ.!
سوال:لکڻ جي حوالي سان اوهان کي ڪنهن سهارو ڏنو؟
مايا ساگر: منهنجي والدين مون کي تمام گهڻو همٿايو ۽ شاديءَ کان پوءِ منهنجي گهرواري ارمان گل پڻ مون کي همٿايو.
سوال: هن وقت تائين اوهان کي ڪو مڃتا ايوارڊ سرٽيفڪيٽ يا ڪو اعزاز مليو؟
مايا ساگر: سنڌي ادبي سنگت نوشهروفيروز پاران مڃتا سرٽيفڪيٽ، ماهوار هالار ۽ سنڌ رنگ ڊائجسٽ طرفان پڻ مڃتا سرٽيفڪيٽ مليو.
سوال: اوهان جو اسٽار ڪهڙو آهي، ڇا اسٽار تي يقين اٿَوَ؟
مايا ساگر: منهنجو اسٽار ميزان آهي، ان تي ڪڏهن ڪڏهن ڀروسو ٿي ويندو آهي.
سوال: ڏک ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪيئن ڪنديون آهيو؟
مايا ساگر: ڏک ملندو آهي ته روئي پوندي آهيان ۽ خوشيءَ وارن لمحن ۾ خوش ٿي مُرڪندي رهندي آهيان.
سوال: فارغ وقت ۾ ڇا ڪنديون آهيو؟
مايا ساگر: فارغ وقت ۾ اڪثر سلائي ڪندي آهيان، اگر ڏات جي ديوي مهرباني هوندي آهي ته پوءِ شاعري لکندي آهيان.
سوال:اها ناڪامي جنهن تي دل ڏکندي هُجي؟
مايا ساگر: کرنا سکے ھم پیار کا سودا قیمت ہی کچھ ایسی تھی، جیتی بازی ہار گئے ھم قسمت ہی کچھ ایسی تھی۔
سوال:ڪا اهڙي خواهش جيڪا اڄ تائين پوري نه ٿي هجي؟
مايا ساگر: منهنجي اها خواهش ته مان ٽيچر ٿيان.
سوال: ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ اسان جو ادب ڪٿي بيٺل آهي؟
مايا ساگر: ٻين جي ڀيٽ ۾ اَسان جو سنڌي ادب تمام گهڻو سرجي رهيو آهي، سنڌي ادب جي ميدان ۾ کوڙ اَدا توڙي اسان جون اديون پنهنجو پاڻ ملهائي۽ مڃائي رهيون آهن.
سوال:اگر گهر ۾ ڪو اوچتو مهمان اچي وڃي ته؟
مايا ساگر: خوشي ٿيندي اٿم، مهمان ته مهمان آهن، هليا ويندا.
سوال: اوهان کي ڪنهن سان شڪايت آهي؟
مايا ساگر: مون کي اُنهن پڙهيل لکيل جاهلن کان شڪايت آهي، جيڪي پڙهيل لکيل هوندي به عورت کي ٻاهر نڪرڻ ۽ نوڪري وغيره ڪرڻ جي اجازت نه ٿا ڏين.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
مايا ساگر: دردن ۽ تڪليفن کان ڇوٽڪارو.
سوال: لکڻ جي حوالي سان ڪي دشواريون پيش آيُون؟
مايا ساگر: تمام گهڻيون دشواريون پيش آيون، ماڻهن ڪافي ڳالهيون ٺاهيون، منهنجون تصويرون ۽ شاعري اخبارن ۽ رسالن ۾ ڏسي اڃا تائين به گهڻا ماڻهو غلط ڳالهيون ڪندا آهن، مون کي لکڻ جي حوالي سان تمام گهڻيون بلڪه نه لکڻ جهڙيون به قربانين ڏنيون. آئون شاعريءَ کان بغير ائين آهيان، جيئن مڇي پاڻي کان بغير، بس! بابا کي خدا وڏي ڄمار ڏئي پنهنجي وَرَ ارمان جي به ٿورائتي آهيان، ان کي به منهنجي لکڻ جي حوالي سان ۽ منهنجون تصويرون اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجڻ جي حوالي سان ڳالهيون ٻُڌڻيون پون ٿيون، پر مون کي چوندو آهي ته تون لکندي رهه بيپرواهه ٿي، مان ويٺو آهيان نه!
سوال: هن وقت تائين ڪيترو لکيو اَٿوَ؟
مايا ساگر: شاعريءَ جي ٻن ڪتابن جيترو مواد مون وٽ موجود آهي، ڪهاڻين جو هڪ ڪتاب اڻ ڇپيل آهي، منهنجي شاعريءَ هالار، سنڌي رويو، پچار، سڌو، ڪرزما، عقيق، رحمت ڊائجسٽ عبرت مئگزين ۽ ٻين مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيو آهي.
سوال: هڪ سٺي ليکڪ ٿيڻ لاءِ ڇا جي ضرورت هوندي آهي؟
مايا ساگر: مشاهدي سان گڏ مطالعي جي ضرورت هوندي آهي.
سوال: آٽو گراف ۾ ڇا لکنديون آهيو؟
مايا ساگر: زندگي ڏکن سکن جي سيج آهي، هن سفر ۾ گلن سان گڏ ڪنڊا به راهن ۾ وڇايل آهن، ڏکن ۽ تڪليفن کان نه گهٻرايو، جيئو ۽ جيئڻ ڏيو.
سوال: آخر ۾ پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام؟
مايا ساگر:
”رات سهائي ڀون، سنئين پٽين وڏو پنڌُ
ٻنڌڻ سوئي ٻنڌ، جو پهچائي پرين کي،
سدا خوش هجو آباد هجو. آمين.“

(ماهوار سرتيون آگسٽ/ ڊسمبر 2015ع ۾ ڇپيل)
**

سرڪاري ادارن ۾ ياري، دوستي ۽ چمچاگيري ٿي هلَي … مٺل جسڪاڻي

سرڪاري ادارن ۾ ياري، دوستي ۽ چمچاگيري ٿي هلَي … مٺل جسڪاڻي



سوال: نانءُ ولديت سميت؟
مٺل جِسڪاڻي: محمد مٺل جسڪاڻي ولد محمد عمر جسڪاڻي
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ؟
مٺل جِسڪاڻي: 15 جنوري 1961ع، ٽنڊوڄام لڳ ڳوٺ ٽئونر خان جسڪاڻي، ديهه پساهڪي، يونين ڪائونسل حاجي ساوڻ خان گوپانگ (ماضي ۾ اسان جي ديهه يو سي موسي کٽياڻ ۾ هئي)، تعلقو ۽ ضلعو حيدرآباد آهي.
سوال: ادبي نانءُ ؟
مٺل جِسڪاڻي: مٺل جسڪاڻي (شروعات ۾ مختلف تخلص به رهيا)
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
مٺل جِسڪاڻي: پرائمري کان ايم. ايس. سي ايگريڪلچر آنرس (پلانٽ پيٿالاجي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ ان جي ڪالوني ۽ آفيس علائقي ۾ موجود پرائمري ۽ هاءِ اسڪول مان حاصل ڪيم. تعليم مڪمل ڪري، 1984ع ۾ پهرين يونيورسٽي ۾ ريسرچ آفيسر مقرر ٿيس، اتان پوءِ 1989ع ۾ سنڌ حڪومت جي زرعي تحقيق سنڌ ۾ ۽ 1996ع کان سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ذميواريون نڀائي رهيو آهيان، جڏهن ته ملازمت دوران مختلف اضافي ذميواريون به ملنديون رهيون اٿم، جن سان پڻ نڀائيندو رهيو آهيان.
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
مٺل جِسڪاڻي: منهنجي خيال ۾ لکڻ جي شروعات مون نائين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران 1975ع ۾ ڪئي، پر اهو لکي لڪائڻ وارو دور هو، ان کان پوءِ شايد 1980ع کان سنڌس ادبي سنگت ۾ شرڪت ڪندي، پنهنجون لکڻيون تنقيد لاءِ پيش ڪندو هئس، مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجڻ جي شروعات گهڻو ڪري 1983ع کان ٿي ۽ اهو سلسلو ادبي حوالي سان وچ ۾ ڊگهي ساهي کان پوءِ ٻيهر شروع آهي، جن سالن ۾ ادبي حوالي سان نه لکيم، انهن سالن ۾ زرعي مضمون ۽ زرعي تحقيقي مقالا تمام گهڻا لکيم. ان حد تائين به ته منهنجي زرعي ليکڪ طور سڃاڻپ ادبي حوالي تي حاوي رهي آهي.
سوال: ادبي استاد؟
مٺل جِسڪاڻي: باقاعدي سکيا ته ڪنهن کان به نه ورتي اٿم، پر شروع ۾ هاءِ اسڪول ۾ پڙهائيندڙ پر اديب ۽ دانشور طور سڃاڻپ رکندڙ سائين حيدر علي لغاري ۽ استاد سان گڏوگڏ صحافي طور سڃاڻپ ماڻيندڙ سائين لائق سنڌي جي صحبت ۾ رهندي، مون گهڻو ڪجهه سکيو. ان سان گڏوگڏ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ مستقل شرڪت ۽ مطالعي سان گهڻو ڪجهه سکڻ جي ڪوشش ڪيم. سکي سگهيس يا نه، اهو منهنجي پڙهندڙن کي اندازو هوندو.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
مٺل جِسڪاڻي: شاعري مون کي پرائمري کان وڻندي هئي، هاءِ اسڪول ۾، نائين ڪلاس ۾، هڪ ڏينهن اوچتو اسان جو هيڊ ماستر، جنهن جي اڳتي هلي خبر پئي ته ناميارو اديب ۽ دانشور هو، اهو آيو، ان اسان کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جا بيت ٻڌائي، بيتن متعلق سمجهايو، ته مون به بيت لکڻ جي ڪوشش ڪئي. اڳتي هلي مختلف شاعرنِ جي شاعري جا مجموعا پڙهي ڪجهه ڄاڻ حاصل ڪيم. لکڻ جي شروعات ۾ شاعري ڏانهن گهڻو ڌيان هو، پوءِ نثر ڏانهن لاڙو ٿيو. شاعري ۾ علم عروض، ماترائون ۽ خبر ناهي ته ڪهڙيون ڪهڙيون پابنديون، ان ڪري دل کٽي ٿي پئي، پر ڪڏهن ڪڏهن بحر ۽ وزن، علم عروض کان آجي شاعري به ٿي ويندي آهي. مضمون تمام گهڻا لکيا ٿم، ڪهاڻيون به لڳ ڀڳ پنجاهه ته ٿي ئي وينديون. مختلف شخصيتن تي تاثر، يا وري پروفائيل انٽرويو به ڪيم. مختلف ادبي ڪتابن تي تبصرا، اڀياس، تعارف به لکيم.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
مٺل جِسڪاڻي: ماحول، عام ماحول ۽ موسم، سماجي مسئلا ڌيان ڇڪائيندا آهن، پاڻهي پاڻهي ذهن ۾ خبر نه آهي ڪهڙي تبديلي ايندي آهي، ڪا شڪتي آهي، جيڪا لکرائي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ته آئون پاڻ حيران ٿي ويندو آهيان، تمام ضروري ڪم اڌ ۾ بند، آڌي رات جو ننڊ مان جاڳي، اوچتو پنو هٿ ۾، قلم جي لک لکان... بس، لکجي ويندو آهي.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
مٺل جِسڪاڻي: تاريخ، مهينو ۽ سال ياد نه آهي، پر منهنجي خيال ۾ 1983ع کان پهرين هلال پاڪستان اخبار جي هفتيوار ادبي ۽ زرعي صفحي ۾، پوءِ هلال جي ميگزين ۾، هفتيوار برسات ميگزين به مشهور رهيو آهي، ان ۾ به، پر مختلف سال، مختلف اخبارن ۾ گهڻو ڇپيس، جيڪي ترتيبوار هلال پاڪستان، جاڳو، عوامي آواز، آفتاب ۽ عبرت ۾ تمام گهڻو ڇپيو آهيان، هونئن نه ته مهراڻ، تعمير سنڌ ۽ ٻين اخبارن ۾ پڻ ڇپجندو رهيو آهيان. رسالن ڏانهن ڌيان گهٽ رهيو آهي.
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟
مٺل جِسڪاڻي: گذريل سوال ۾ جواب ڏئي چڪو آهيان، پر زرعي مواد زرعي رسالن ۽ اخبارن ۾، گهڻو سنڌي، ان کان پوءِ انگريزي ۾ ۽ پوءِ اردو ۾ پڻ چڱو مواد ڇپيل آهي، ڇپبو رهي ٿو.
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
مٺل جِسڪاڻي: مون کي پڙهڻ ۽ لکڻ لاءِ شاعري وڻي ٿي، ڪجهه عرصي کان نثري نظم گهڻو لکيو اٿم، ماضي ۾ غزل ۽ وايون لکڻ جي ڪوشش ڪيم. گهڻو اڳ لکيل ادبي مواد خبر نه آهي ڇو ضايع ڪري ڇڏيم يا ضايع ٿي ويو، پر 1980ع کان پوءِ لکيل مواد گهڻي ڀاڱي هٿيڪو به آهي ۽ ڪنهن نه ڪنهن اخبار يا رسالي ۾ شايع به ٿيل آهي. اڻ ڇپيل مواد تمام گهٽ هوندو.
سوال: ڪھاڻين جو تعداد ۽ ڪيتريون ڇپيل؟
مٺل جِسڪاڻي: منهنجي خيال ۾ لڳ پنجاهه ڪهاڻيون لکيون هوندم، اڪثر ڇپيل آهن.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال......؟
مٺل جِسڪاڻي: ڪتاب، ڪي سنها ته ڪي ٿلها، ڪي ننڍا ته ڪي وڏا، ويهه ايڪيهه هوندا، پر ادبي ڳاڻيٽي ۾ هڪ سفرنامو ”سفر بخير“ 2016ع ۾ ڇپيو، هڪ ٻيو سفرنامو به ترتيب ڏئي ڇڏيو اٿم، ممڪن آهي ته هن سال اچي وڃي.
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
مٺل جِسڪاڻي: منهنجا مائٽ اڻ پڙهيل، انهن کي پهرين ته خبر ئي نه پئي، پر جڏهن ڪٿان کُڙڪ پين ته شاعري ڪندو آهيان، ته والدهه روئي پئي، والد سختي سان منع ڪئي، هنن جي چوڻ موجب گهڻو پڙهندس ۽ لکندس ته چريو ٿي ويندس! ان ڪري گهڻو نه پڙهڻ ۽ نه لکڻ باوجود، جيڪو سياڻو آهيان، اها منهنجي پڙهندڙن کي وڌيڪ خبر آهي.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
مٺل جِسڪاڻي: ڪنهن به نه. اديب ۽ شاعر ويچارا هر ٻئي اديب ۽ شاعر کان ڇرڪندا آهن، ته متان وڌيڪ مشهور ٿي وڃي، پبلشر ڌنڌي جي پٺيان هوندا آهن، همٿ افزائي ڪٿان ٿي ٿئي؟ سرڪاري ادارن ۾ ياري دوستي ۽ چمچاگيري ٿي هلي. پنهنجا پيسا جنهن وٽ هوندا، اهو ڪتاب ڇپرائيندو. منهنجو سفرنامو منهنجي فرزند اظهار مٺل جسڪاڻي جي خواهش سبب شايع ٿيو، نه ته آئون پنهنجي پيسن سان ڪتاب ڇپرائڻ جي قطعي حق ۾ نه آهيان. آئون اهو به پسند نه ٿو ڪريان، ته منهنجو ڪتاب ڪو اهڙو چپرائي، جيڪو مون کي خوار ڪري، پاڻ ڏوڪڙ ڪمائي، ڇو ته مون جيڪو لکيو آهي، اهو سرڪاري ۽ نجي لائبررين ۾ رکي، پڙهندڙن کي مهيا ڪرڻ جهڙو آهي ۽ پبلشرس لاءِ ٻڌو اٿم، ته اهي انتهائي غلط طريقي سان ڪتاب زوري خريد ڪرائڻ جو ماحول جوڙيندا آهن، جنهن جو ليکڪ تي تمام گهڻو خراب اثر پوي ٿو.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
مٺل جِسڪاڻي: شاعري جي ڇا ڳالهه ڪجي؟ تمام ٿورڙن لفظن ۾، تمام گهڻي وڏي ڳالهه، تمام موثر انداز ۾ ڪئي ويندي آهي. رڌم ۽ موسيقي جي ڪري روح جي غذا به ٿي پوندي آهي.
سوال: محبت اوهان جي نظر۾؟
مٺل جِسڪاڻي: ”محبت ناهي ملڪ ۾...“، اها ٻيءَ ڳالهه آهي، نه ته محبت ئي ته سڀ ڪجهه آهي.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب /اديبائون؟
مٺل جِسڪاڻي: بنهه ئي روايتي ۽ انتهائي غير اهم سوال! پڙهڻ وقت جيڪا ڪيفيت هوندي، پڙهجندڙ ان نسبت سان قبول پوندو آهي. ڪنهن مهل پڙهندي ته تمام مشهور شاعر يا شاعره به نه وڻندي آهي، ڪنهن وقت ته بلڪل نئون، سيکڙاٽ شاعر يا شاعره جو خيال اندر جي اونهائيءَ تائين پهچي ويندو آهي. لطيف، سچل، اياز کي جيڪو نه پڙهندو آهي، اهو به پسنديدهه شاعر طور ڳڻائي ڇڏيندو آهي، جنهن کي شاعري جي خبر ئي نه هوندي آهي، اهو به حسن درس تي واهه واهه ڪري ويندو آهي يا وري ونگار وهندي، حسن جي بهترين شاعري کي به ٽڪي جي شاعري ڪري پيش ڪندو آهي. مون کان اهڙي جواب جي توقع نه ڪرڻ گهرجي. منهنجي پسند، ناپسند جو معيار، منهنجي پڙهڻ وقت، منهنجي ذهني سالميت، صلاحيت، سمجهه جي پهچ تي دارو مدار رکي ٿي.
سوال: پسنديده شخصيت؟
مٺل جِسڪاڻي: مون کي خبر آهي ته منهنجو والد گهڻن کي نه وڻندو هو، پر مون کي تمام گهڻو وڻندو هو. والدهه سان ڪنهن جو به مقابلو ڪونهي. استاد ۽ اديب جي حيثيت ۾ سائين حيدر علي لغاري، منهنجي زندگي ۾ مثالي شخصيت رهي آهي. ڪجهه ٻيا مهربان استاد ۽ دوست به پسنديدهه شخصيتن ۾ شامل آهن، نالا کڻي ڪن کي خوش ڪرڻ ۽ ڪن جا نالا نه کڻي سوال پيدا ڪرڻ سٺو نه ٿو سمجهان. مون کي ته منهنجو ڀاءُ علي به تمام گهڻو وڻندو آهي.
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر؟
مٺل جِسڪاڻي: ڪتاب، گُل ۽ رنگ سڀ وڻندڙ هوندا آهن، ڪنهن مهل ڪهڙو ته ڪنهن وقت ڪهڙو وڌيڪ وڻي، موسم مون کي نه گهڻي گرم، نه ئي گهڻي ٿڌي وڻندي آهي. سهپ ۽ سک ڏيڻ جهڙي موسم هجي. پهر ته صبح وارو به لاجواب هوندو آهي، شام وارو به موهيندڙ ٿيندو آهي، چٽي چانڊوڪي به واهه جي هوندي آهي، پر جيڪڏهن انهن کي ڪو زهر نه ڪري ته...
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
مٺل جِسڪاڻي: تمام گهڻو ڏکيو سوال آهي، آئون ٿوري مان به گهڻو خوش ٿي ويندڙ طبيعت جو آهيان، مهرباني ۽ خوشي جو ڪٿڻ، ڪَڇڻ ممڪن نه آهي.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
مٺل جِسڪاڻي: اُف! ڪڏهن ننڍڙي ڳالهه به روئاريو ڇڏي، ڪڏهن وڏي ممڻ باوجود به، نه لهر نه لوڏو.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي؟
مٺل جِسڪاڻي: مجموعي طور عورتن جي واجب تربيت ڪا نه ٿي ٿئي، ان ڪري اڪثر عورتن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. تمام ٿورين عورتن کي پڙهڻ، اڳتي وڌڻ جو موقعو مليو آهي، ته مجموعي ماحول اڻ پڙهيل ۽ اڻ سڌريل هجڻ ڪري، لکيل پڙهيل، ترقي پسند سوچ رکندڙ عورت به آزار ۾ آهي. بظاهر حالتن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ بردبار عورت به خوف ۽ غير يقيني واري ڪيفيت جو شڪار آهي. عورتون ويچاريون خواهش ئي ڪري سگهن ٿيون، مرداڻي سماج ۾ کين اميدون گهٽ هونديون، مُطمئن نه هونديون، ته چاهينديون ڇا؟
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
مٺل جِسڪاڻي: سمورن جاندارن ۾ وڌيڪ متاثر ٿيندڙ عورت، متاثر ڪرڻ جي صلاحيت به رکي ٿي...
سوال: اڄڪلهه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ ؟
مٺل جِسڪاڻي: لکجي، سرجي به تمام گهڻو پيو، ڇپجي به گهڻو پيو، سوشل ميڊيا وسيلي منظر تي به گهڻو اچي پيو، پر چونڊ، انتخاب جو ڪم سست آهي، جيڪو ٿيڻ گهرجي. مقدار ججهو آهي، معيار لاءِ پَرڻ ڪونهي. ڇنڊي، ڇاڻي، ڇانٽي ڪري، معياري ڪتاب آڻڻ گهرجن، پر ائين به نه، جيئن ماضي توڙي حال ۾ پڻ، سنگت ساٿ کي خوش ڪندي چونڊ مضمون، چونڊ ڪهاڻيون، چونڊ شاعري شايع ڪئي وئي، تيئن به نه ڪرڻ گهرجي.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
مٺل جِسڪاڻي: منهنجي نظر ۾ مکيه سبب ليکڪ ۽ شاعر پاڻ آهن. اهي ئي ڪنهن کي سمجهڻ، قبولڻ جو ڪم ڪندڙ هوندا آهن، پر پاڻ وٽ، خاص طور تي سنڌي اديبن ۽ شاعرن ۾، پنهنجي پاڻ کي مڃائڻ جي خواهش ۾، ٻئي تي بيجا تنقيد ڪرڻ جو رواج پئجي ويو آهي. اڳ ۾ چند اخبارن ۽ رسالن ۾، ڪنهن جي تعريف يا ڪنهن جي گلا غيبت ٿيندي هئي، هاڻ تعريف ۽ مڃتا وارو پاسو ڳولڻو پوي ٿو، ٻئي جي حيثيت کي متاثر ڪرڻ لاءِ شخصي طور توڙي ٽولا ڪري، ڪنهن جي پويان پوڻ تمام گهڻو وڌي ويو آهي. ان ڪري عام پڙهندڙ منجهيل رهي ٿو، اهو فيصلو نه ڪري سگهندو آهي، ته ڪنهن کي پڙهجي؟ وڏو آزار ڪتابن جون قيمتون آهن. اڪثريت کي رعايتي اگهه تي ڪتاب نه ٿا ملن. ڪتاب تي قيمت ٽيڻي، چوڻي به لکيل هوندي آهي. ان ڪري مهانگا ڪتاب خريد به ڪير ڪري؟ ڪتاب جو پبلشر ليکڪ جي کل لاهي ٿو، ڪتاب وڪڻڻ وارو دڪاندار ماحول کان واقف هجڻ ڪري، پبلشر سان ٺڳي ڪري ٿو. ڪتاب وڪڻي به گهڻا نه مڃيندا آهن، ته ڪو ڪتاب وڪرو ٿيو! نه ڪتاب واپس ڪندا، نه ڪتاب جي قيمت ادا ڪندا آهن. ڪتاب وڪڻڻ مستقل ڪرت ڪندڙ به پاڻ وٽ ڳولڻا پوندا... انهن سان وري پگهار تي ڪم ڪندڙ ٺڳي ڪري ويندا آهن! عجيب قسم جو ماحول آهي. اهڙي ماحول ۾ پذيرائي جي ڪهڙي اميد ڪجي؟

سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟:
مٺل جِسڪاڻي: تعليمي نصاب طور تنقيد جون مختلف وصفون آهن، تنقيد جا مختلف دور ۽ اصول رهيا آهن. منهنجي نظر ۾ تنقيد پڙهندڙ جي راءِ آهي. اها راءِ پڙهندڙ جي سمجهه جي عڪاسي ڪري ٿي. گهٽ پڙهيل جي راءِ کي به تنقيد سمجهيو وڃي ٿو، ته گهڻو پڙهيل، گهڻو سمجهيل جي راءِ کي به تنقيد چيو وڃي ٿو، جيڪا پاڻ وٽ اٽي ۾ لوڻ برابر، ان ۾ به ياري دوستي... ٻين ٻولين ۾ ائين نه آهي. حق سچ جي اهميت هجڻ گهرجي، پر پاڻ وٽ مشهور نقاد طور سڃاڻپ رکندڙ به وٽ تي رسو ڀڃي ويندا آهن! ڪڏهن لکندي، ته ڪڏهن ڳالهائيندي، ونگار وهڻ سٺو عمل نه آهي، پر اهو به سچ آهي، ته حق سچ تسليم ڪندڙ پاڻ وٽ ليکڪ، اديب، شاعر، محقق هاڻي آهن به، ته گهڻا؟ اهو به وڏو سوال آهي.
سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي ؟
مٺل جِسڪاڻي: جڏهن شاگرد هئس، جڏهن تنظيمي ماحول کان اڻ واقف هئس، تڏهن ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي هئم، ڪجهه عرصو انهن سان گڏ اٿيس ويٺس، ته سندن نيڪ نيتون سامهون اچي ويون، پوءِ ڇڊو ۽ پوءِ ججها سال اڻ لاڳاپيل رهيس، هاڻي زماني کي منهن ڏيڻ لاءِ، ڪڏهن ڪڏهن ادبي ميڙاڪن ۾ شريڪ ٿيندو آهيان. سياست ۾ شروع کان ئي دلچسپي نه رهي آهي. ان ڪري ڪنهن به سياسي ڌر سان وابستگي به نه رهي آهي.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾ ؟
مٺل جِسڪاڻي: هر ساهوارو، پنهنجي مرضي کانسواءِ پيدا ٿيندو آهي، پنهنجي مرضي کانسواءِ جيئندو آهي، پنهنجي مرضي کانسواءِ مري ويندو آهي.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
مٺل جِسڪاڻي: حياتي جو ڏيئو اجهامڻو آهي، ڪنهن جي به تڪليف جو باعث نه هجڻ گهرجي، پر ماڻهو بي وس آهي.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
مٺل جِسڪاڻي: ڪم علمي آهي، بي سمجهائي آهي، مفاد لاءِ اڍنگي جنگ آهي. تمام ڪني آهي.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾ ؟
مٺل جِسڪاڻي: يار... مسئلو اهو آهي ته ٿوري گهڻي سائنس پڙهي اٿم، ٿوري گهڻي اها به ڄاڻ اٿم... شاعراڻي دل ۽ سائنسي دل ۾ وڏو فرق آهي.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
مٺل جِسڪاڻي: منهنجو ڪو به ڪتاب، منهنجي مرضي سان نه اڳ ۾ آيو آهي، نه ئي مستقبل ۾ اچڻو آهي. هڪ سفرنامو تيار پيو آهي، شاعري سموري ڪمپوز ٿي پئي آهي، جنهن مان ڇانٽي ڪرڻي پوندي، اڪثر ڪهاڻيون ڪمپوز ٿيون پيون آهن، مختلف شخصتن تي تاثر ۽ پروفائيل انٽرويو مان ڪي چند ڇڏي، باقي سڀ ڪمپوز آهن، مختلف ڪتابن تي تبصرا، اڀياس، رايا به اڪثر ڪمپوز ٿيا پيا آهن، اهي سڀ هڪ ٿلهي متاري ڪتاب جيتري مواد تي مشتمل آهن، هڪ زرعي ڪتاب به ذري گهٽ مڪمل پيو آهي، پر لڳي ٿو، جڏهن ڪمپيوٽر خراب ٿيندو، ته معاملو گڙٻڙ ٿي ويندو.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
مٺل جِسڪاڻي: ڪنهن مهل ڪيئن ته ڪنهن مهل ڪيئن. مون کي نه ڪو ٻيو سمجهي سگهيو آهي، نه ئي پاڻ کي سمجهي سگهيو آهيان. آئون گهڻو ڪري ٻين جي مرضي تي هلڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، ته جيئن ناقابل قبول نه ٿيان، پر شايد ڪوششن باوجود، گهڻائي مون مان خوش ناهي، گهڻائي مون سان خوش ناهي... آئون ائين ٿو سمجهان.
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
مٺل جِسڪاڻي: ڪوڙ، بي ايماني، ٺڳي، ڪمچوري چيڙائيندي آهي.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ؟
مٺل جِسڪاڻي: زرعي حوالي سان ڪجهه ادارن ۽ ڪجهه تنظيمن پاران ڏهاڪو کن تعريفي سندون، مڃتا سرٽيفڪيٽ، شيلڊون ۽ ايوارڊ مليا اٿم، ڏيندڙن جي مهرباني.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
مٺل جِسڪاڻي: جيڪو محسوس ڪندو آهيان، اهو شايد اڳ ۾ ٻڌائي آيو آهيان، ته مون کي بي سبب مختلف سوچون ذهن ۾ ولوڙو پيدا ڪنديون آهن ۽ خبر نه پوندي آهي، ته اها ڪهڙي طاقت آهي، جيڪا ڪيترا ئي دفعا نه لکڻ جي فيصلي باوجود لکرائيندي آهي.
سوال: درد ڇا آهي؟
مٺل جِسڪاڻي: مون کي جسماني ۽ روحاني ڏک، سور، درد جو اندازو آهي، اذيتناڪ آهي، خوفائتو آهي، منجهائيندڙ، نڪمو ڪري ڇڏيندڙ، روئاريندڙ هوندو آهي. هڪ ڏينهن سهڻ کان وڌي ويندو، ته درد جي شڪايت نه رهندي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪُجهه لکيو اٿو، انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
مٺل جِسڪاڻي: ها، آئون لکڻ وقت ضروري احتياط ڪندو آهيان، ان ڪري پڇتاءُ نه ٿيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن لکڻ جي نتيجي ۾، ڪي ڳچي ۾ پئجي ويندا آهن، ڪجهه ڏينهن تڪليف ۾ گذاريندو آهيان.
سوال: اوهان جي شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
مٺل جِسڪاڻي: مون اهڙي ڪوشش ئي نه ڪئي آهي، نه ته چار روپيه سيڙهائي ائين ڪري وٺان ها.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪھڙا آهن؟
مٺل جِسڪاڻي: عورت ته عورت ئي هوندي آهي. گهر ۾ گذاريندڙ عورت جو دائرو گهٽ، ملازمت ڪندڙ عورت جو مدار وڌيڪ هوندو آهي. جنهن به عورت جو ججهن مردن سان واسطو، واهپو، رابطو، ڪم ڪار پوندو آهي، ان سان مسئلا گهڻا ٿين ٿا. عورتن ۽ مردن جي بهتر تربيت، جيڪا ٿيڻ گهرجي، اها نه ٿي رهي آهي.

سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
مٺل جِسڪاڻي: خابرو ذريعن ۽ ذاتي واسطن، ڳجهه کي ڳجهه رهڻ ئي نه ڏنو آهي، ان ڪري هن سوال جو پهريون حصو اهم نه آهي، حل لاءِ به تربيت جي ضرورت لاءِ اڳ ۾ چئي چڪو آهيان.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
مٺل جِسڪاڻي: ڪو شوق ڪونهي، ڪا مجبوري ڪانهي، زرعي موضوعن تي ان ڪري لکندو آهيان، ته جيئن منهنجو علم، منهنجو تجربو، ٻين تائين پهچي، اهي ان مان فائدو حاصل ڪن. زراعت کانسواءِ وارو مواد، سماجي اثرن جي اپٽار محسوس ڪندو آهي، منهنجون اڪثر تحريرون عمل جو ردعمل هونديون آهن. اهڙيون تحريرون ڪنهن جي ذاتي ملڪيت نه هونديون آهن، ان ڪري مالڪن تائين پهچائڻ لاءِ، جيڪو لکندو آهيان، اهو ڇپجندو آهي. ڪم جو نه هجي، نه ڇپجي، نه ڇپجي ته پوءِ شايد آئون لکندس به ڪو نه.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
مٺل جِسڪاڻي: دعا ڪريو، شهرت پلئه پوي، ته جواب ڏيڻ جهڙو ٿيان. آئون ته اڃا پنهنجو نالو ۽ ذات به پاڻ ئي ٻڌائيندو آهيان. جنهن جو ثبوت اوهان جو پهريون سوال به ڪافي آهي.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
مٺل جِسڪاڻي: مون کي ڪنهن کان به ڪا شڪايت ڪانهي. پنهنجو جهڙو ماحول آهي، جهڙو معاشرو آهي، جهڙو سماج آهي، اهڙو ئي آهي، ان مان ڪهڙي شڪايت؟
**


(جنوري 2020ع ۾ ماهوار سنڌ راڻي حيدرآباد ۾ ڇپيل)

فطرت پسند ۽ مخلوق سان مُحبت ڪندڙ آهيان… مجيد نائچ

فطرت پسند ۽ مخلوق سان مُحبت ڪندڙ آهيان… مجيد نائچ

سوال: نانءُ ولديت سميت؟
مجيد نائچ: عبدالمجيد نائچ پٽ محمد اسحاق نائچ.
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ؟
مجيد نائچ: پهرين آڪٽوبر 1963ع ڳوٺ ٻيلو نائچ ميرپور ماٿيلو ضلعو گھوٽڪي.
سوال: ادبي نانءُ ؟
مجيد نائچ: مجيد نائچ.
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
مجيد نائچ: ايم اي ”ايڪانامڪس“.
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
مجيد نائچ: ١٩٩٣ع کان لاڳيتو.
سوال: ادبي استاد؟
مجيد نائچ: ڪتاب ۽ رسالا.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
مجيد نائچ: ورھاڱي وقت ڇڏي ويل ليکڪن کان.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
مجيد نائچ: اڻ لکيل حقيقتون جن بابت ڪنھن به نه لکيو ھجي.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
مجيد نائچ: سوڀ اخبار سال ياد نه آھي .
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟
مجيد نائچ: تقريب سمورين سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾.
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
مجيد نائچ: ھرصنف تي لکيو آھي پسند جو موضوع تاريخ.
سوال: ڪھاڻين جو تعداد... ڪيتريون ڇپيل؟
مجيد نائچ: ياد ناهن پر گهڻيون آهن.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال......؟
مجيد نائچ: راءِ گهراڻي جي تاريخ ٢٠١٢ع ۽ علم جي اھميت ۽ لکڻ جو ڏانءُ سال ٢٠١٨ع
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
مجيد نائچ: خوش ٿيا.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
مجيد نائچ: دوستن ۽ ليکڪن خاص طور تي جي الانا صاحب خط لکي ڪري.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
مجيد نائچ: قدرتي ڏات .الھام ٿئي ٿو.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾ ؟
مجيد نائچ: محبت کانسواءِ ماڻھو اڌورو آهي...
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب /اديبائون؟
مجيد نائچ: سڀ ھر ھڪ شاعر جي تخليق موضوع موجب صحيح ٿئي ٿي.
سوال: پسنديده شخصيت؟
مجيد نائچ: سنڌي ماڻھو.
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر؟
مجيد نائچ: ھر ڪتا. جھنگ ۾ ٿيندڙ سمورا گل انھن ۾ ڪا به پيوندڪاري نه آھي..ھر موسم..وقت ۾ حال.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
مجيد نائچ: مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ تي.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
مجيد نائچ: منھنجي پٽ آڪاش جو دنيا مان وڃڻ.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي؟
مجيد نائچ: پنھنجو حق ۽ برابري.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾ ؟
مجيد نائچ: ديوي.
سوال: اڄڪلھه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ ؟
مجيد نائچ: ڌيان ڏيڻ جي ضرورت.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
مجيد نائچ: سرڪاري طور تي پذيرائي نه هئڻ ۽ غير معياري تعليم.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
مجيد نائچ: تنقيد جو مطلب رھيل شين جو پورائو ڪرڻ، برداشت نه ڪرڻ جو مطلب خود کي ڪل عقل سمجھڻ ڪري.
سوال: . ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي ؟
مجيد نائچ: مومل جي ماڙي رائيٽر فورم ماٿيلو گھوٽڪي جو صدر.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
مجيد نائچ: خود کي مَڃرائڻَ جو موقعو.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
مجيد نائچ: فنا.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
مجيد نائچ: خود کي ساڙڻ
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
مجيد نائچ: پاڪ.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
مجيد نائچ: گجمير پرڳڻو، لطيف جو گھوٽڪي جو سفر
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
مجيد نائچ: فطرت پسند ۽ مخلوق سان محبت ڪندڙ آهيان.
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
مجيد نائچ: سونپيل ڪم ۾ دير ٿيڻ تي
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ؟
مجيد نائچ:....HEC NIM Karachi. Federal Ministry of Health
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
مجيد نائچ: دنيا کان پري، ھڪ عجيب سوچ
سوال: درد ڇا آهي؟
مجيد نائچ: ڪيفيت آهي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪُجهه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
مجيد نائچ: گھڻو ڪُجهه رھجي ويو آ
سوال: اوهان جي شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
مجيد نائچ: نه ڳائي آھي.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟
مجيد نائچ: اھي خود ٻُڌائي سگھن ٿيون.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
مجيد نائچ: پٺڀرائِي ڪرڻ جي ضرورت آھي
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
مجيد نائچ: ٻئي.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
مجيد نائچ: سٺي.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
مجيد نائچ: سنڌي معاشري کان ڇاڪاڻ ته ھو پنھنجي اصل سڃاڻپ کان اڃا تائين اڻڄاڻ آھي.
**

انسان جي داخلي ڪيفيتن جي بي ساخته اظهار جو نالو شاعري آهي… مختيار چنو

انسان جي داخلي ڪيفيتن جي بي ساخته اظهار جو نالو شاعري آهي… مختيار چنو

سوال: نانءُ ولديت سميت؟
مُختيار چَنو: مختيار احمد محمد پريل چنو
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ
مُختيار چَنو: پهرين جنوري، تاريخي پس منظر رکندڙ ڳوٺ گڏيجي، ضلعو خيرپور ميرس.
سوال: ادبي نانءُ؟
مُختيار چَنو: مختيار چنو
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
مُختيار چَنو: ايم بي اي (مارڪيٽنگ)، ايم اي (سنڌي)، ليڪچرار (ڪامرس).
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
مُختيار چَنو: 1992ع ۾، مهينو ياد ناهي.
سوال: ادبي استاد؟
مُختيار چَنو: مطالعو ۽ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ سکيا ٿي. استاد جي ضرورت اڄ به محسوس ٿئي ٿي.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
مُختيار چَنو: هونئن مون ڪتاب پڙهڻ جي شروعات الف ليليٰ، چار درويش، امير حمزو، گل بڪاولي، ممتاز دمشاز قصص الانبياءَ جهڙن ڪتابن سان ڪئي هئي. اڳتي هلي جيڪو پهريون ڪهاڻيڪار منهنجي دل ۽ دماغ تي ڇانئجي ويو، مون کي پنهنجي مضبوط جَڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو. اڄ به مون تي ان جو اثر موجود آهي. اهو امرجليل آهي. جنهن جا شاهڪار ڪتاب دل جي دنيا، ٽيون وجود، رني ڪوٽ جو خزانو، سنڌو منهنجي ساھ ۾ ڪتاب پڙهيا. پوءِ اعليٰ پائي جو ناول نيٺ گونگي ڳالهايو پڙهيو. انهن جو سواد ۽ سڳنڍ اڄ به منهنجي ساهن ۾ موجود آهي.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
مُختيار چَنو: ننڍي لاڪون حساس طبيعت هوندو هيس. معاشري ۾ وڌندڙ غربت، بک بدحالي، ڏاڍُ ڏهڪاءُ، اقربا پروڙي، ڪارو ڪاري، بي جوڙ شاديون، بيڊ گورننس، پاڻيءَ جي کوٽ ڏسي دل ٻڏي ويندي هئي. جن اڳتي هلي لکڻ لاءِ اتساهيو.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
مُختيار چَنو: 1992ع ۾، وائي، خادم وطن اخبار ۾ ڇپي هئي.
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا/ڇپيون آهيو؟
مُختيار چَنو: عبرت مئگزين، رهاڻ مئگزين، ڪاڪ ڪهاڻي نمبر، هلال پاڪستان، سنڌ ايڪسپريس، ڪاوش ميگزين ٻين مختلف رسالن ۾ شايع ٿيون آهن.
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
مُختيار چَنو: لکڻ جي شروعات شاعريء سان ڪئي هئي. جنهن ۾ نظم، غزل، وايون،ٽيڙو لکيا هئا. جيڪي ڪافي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا به هئا. اڳتي هلي مون کي محسوس ٿيو ته مان شاعريءَ جي ڀيٽ ۾ ڪهاڻي بهتر لکي سگهان ٿو. ان ڪري شاعري ڇڏي ڪهاڻي لکڻ شروع ڪئي ۽ جاري آهي. نثري نظم، تحقيقي آرٽيڪل، ڪالم ۽ ڪتابن جا اڀياس به لکندو آهيان.
نثر ۾ مون کي ڪهاڻي پسند آهي.
سوال: ڪھاڻين جو تعداد... ڪيتريون ڇپيل؟
مُختيار چَنو: ٻٽيهه ڪهاڻيون لکيل آهن. شروعاتي 12 کن ڇپيل آهن. باقي هاڻي سستيءَ سبب نه ڇپجي سگهيون آهن. ڪتاب ۾ ڇپرائبيون.
سوال: ڪتاب ۽ انهن جا سال؟
مُختيار چَنو: ڇپيل ڪتاب هڪ به ڇپيل ناهي.
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
مُختيار چَنو: والدين پڙهيل ڪونه هئا. پوءِ ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيا هئا. مون کي انتهائي خوشي ٿِي هئي. خوشي لفظن ۾ بيان ڪرڻ مشڪل آهي.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
مُختيار چَنو: ادبي ڪڻب قبيلي جي دوستن، مٽن مائٽن حوصله افزائي ڪئي، منهنجي لکڻين کي ساراهيو. جنهن سان منهنجي همٿ وڌي. باقاعدي لکڻ شروع ڪيو ۽ اڄ به جاري آهي.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
مُختيار چَنو: انسان جي داخلي ڪيفيتن جي بي ساخته اظھار جو نالو شاعري آهي. جنهن جي پڙهڻ سان ڇرڪ نڪري وڃن. جيڪا اندر ۾ آنڌِ مانڌِ مچائي ڇڏي.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾ ؟
مُختيار چَنو: محبت ھڪ خوبصورت احساس جو نالو آهي.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون/اديب/اديبائون؟
مُختيار چَنو: شاعر: شيخ اياز، ايازگل، امر اقبال. شاعرائون: سيما عباسي، خالده منير ، خالده نسرين
سوال: پسنديده شخصيت؟
مُختيار چَنو: ايدوولف هٽلر
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر..؟
مُختيار چَنو: ڪتاب؛ قرآن شريف. گل؛ رابيل. رنگ؛ سائو.موسم؛ سيارو. پھر؛ رات جو پويون پهر.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
مُختيار چَنو: مان خوش نصيب آهيان. زندگي مون تي تمام گهڻي مهربان رهي آهي. مون کي، منهنجي توقع کان وڌيڪ عزت، دولت ۽ شهرت ڏني آهي. جڏهن ٿڪو آهيان، مايوس ٿيو آهيان. ڀاڪرين ڀري پيار ڏنو آهي. پنهنجائپ ڏني آهي. منهنجا مٿان ڇانورا ڪري بيهي رهي آهي.منھنجو پيدائش جو ڏينهن منهنجي خوشي جو ڏينهن آهي.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/ صدمو.
مُختيار چَنو: زندگي ڏکن سکن جو نانءُ آهي. اگر ڏک نه هجن ها ته خوشي جي خبر ئي نه پوي ها. مان به ڪيترن ڏکن ۽ صدمن مان گذريو آهيان. ڪاميابي سان ٻاهر نڪتو آهيان. سڀ وساري ڇڏيا آهن. اگر ڏکن کي ياد ڪبو ته اڳتي وڌي نه سگهبو.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي؟
مُختيار چَنو: اڄ جي عورت مرد جي برابري چاهي ٿي. معاشري ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ چاهي ٿي.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾ ؟
مُختيار چَنو: عورت دنيا جي خوبصورت ترين تخليق آهي. عورت ماءُ، ڌيءُ، ڀيڻ، زال جي روپ ۾ اسان جي زندگين ۾ اچي ٿي. عورت جو هر روپ خوبصورت آهي.
سوال: اڄڪلھه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ ؟
مُختيار چَنو: سٺي ۽ معياري ادب سرجڻ لاءِ مطالعو، مشاهدو ۽ مشق ضروري آهي. جيڪو ادب انھن ٽن مرحلن مان گذري ٿو. يقينن معياري گُهرجُنِ جو پورائو ڪندو. هن وقت سرجندڙ ادب ڪنهن حد تائين معياري آهي. پر ان کي انٽرنيشنل ليول تي ثابت ڪرڻ لاءِ مارڪيٽ ناهي. لکڻين جو معياري ترجمو ٿي ٻين ٻولين جي ماڻهن تائين پهچي سگهي. ٻوليون مارڪيٽن ۾ مرنديون ۽ جنم وٺنديون آهن. اهيو، ان ملڪ جي ايڪسپورٽ تي منحصر هوندي آهي. اها دنيا ۾ ڪيتري اهميت واري آهي. پوءِ ماڻهو، ان ملڪ جون ٻوليون سکندا آهن. دلچسپي به وٺندا آهن.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
مُختيار چَنو: اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا ان معاشري تي نظر وجهنداسين تَه اسان جي آباديءَ جو وڏو حصو غربت جي لڪير کان به هيٺين زندگي گذاري رهيو آهي. انهن ماڻهن جو ادب، ڳڀي جي ڳولها هوندو آهي.
ٻيو اسان وٽ تعليم جي گهٽتائي به وڏو بريڪ ٿرو آهي. جنهن ڪري پڙهندڙ جو تعداد گهٽ آهي.
ٽيون جاچڻو پوندو اسان وٽ سرجندڙ ادب، اتان جي رهندڙ ماڻهن جي ڪيتري نمائندگي ڪري ٿو؟ اتان جي ماڻهن جي ڏکن، دردن، تڪليفن، ريتن رسمن، تاريخ ۽ تهذيب کي پنهنجي ادب جو موضوع بڻايو آهي يا نَه؟
چوٿون انهن اديبن جا پنهنجي پڙهندڙن سان رويا ڪيئن آهن؟ انهن جي عمل ۽ ڪردار ۾ ڪيتري هڪجهڙائي آهي، يڪسانيت آهي.
مٿين ڳالهين کي جاچڻ کان پوءِ ڪو متفقه فيصلو ڪري سگهبو.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
مُختيار چَنو: تنقيد لاءِ ضروري آهي ته تخليق جون خوبيون، لياقتون ۽ گُڻ جانچڻ. نقص پاڻھي چٽا ٿي سامهون اچي ويندا آهن.
اسان وٽ هن وقت جيڪا تنقيد ٿي رهي آهي. مان حاجي تون زوار. وھ واھ، تمام سٺو، لاجواب، زبردست، هرٽ ٽچنگ، شاعراڻي رس چس سان ڀرپور، ڪمال جو تخيل آهي............ وغيره
ڪم ياري باشي تي هلي رهيو آهي. جيڪڏهن مخالف يا ناپسند ماڻهو سامهون اچي ويو ته مڏي ڪاتي ٽنبي ڇڏيندس. وڃي عمر ڀر ياد ڪندو رهندو.
تنقيد براءِ تنقيد نه ڪئي وڃي، تنقيد براءِ اصلاح ٿيڻ گهرجي. جيستائين اسان وٽ تنقيد جا معيار نه جڙندا. غير جانبدار نقاد سامھون نه ايندا، اسان پنهنجو پاڻ کي تنقيد کان مٿانهون سمجهنداسين. نه معياري تنقيد لاءِ ماحول جڙندو، نه هي معياري ادب سرجبو. ان لاءِ کلي دل سان تنقيد جي آجيان ڪرڻي پوندي.
سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
مُختيار چَنو: سنڌي ادبي سنگت سنڌ، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سنڌ، گلوبل رورل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن، سڀيتا اڪيڊمي، سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن، ٻين ڪيترين تنظيمن سان وابستگي آهي.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
مُختيار چَنو: دور هڪ ڍڳي گاڏي، وقت جنهن کي پيو ڪاهي،
زندگي ازل کان ڄڻ کوھ موت جو آهي. (الله بخش آريسر)
سوال: موت اوهان جي نظر ۾ ؟
مُختيار چَنو: موت، محبوب کي ماڻڻ جو نالو آهي. محبوب کي ماڻڻ کان پوءِ، عاشق بي نانءُ ٿي ويندو آهي. اهو ئي سندس موت هوندو آهي.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
مُختيار چَنو: نفرت، طاقت کي جنم ڏيندي آهي. نين منزلن جا رستا ظاهر ڪندي آهي. منزل تي رسجڻ کان اڳ ويهڻ ناهي ڏيندي.
انسان سان نفرت ڪندڙن سان نفرت ڪندو آهيان.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾ ؟
مُختيار چَنو: دل تو پاگل ہے، دل دیوانا ہے۔
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا ؟
مُختيار چَنو: ٽي ڪتاب سهيڙيل آهن. ڪھاڻيون، نثري نظم، ڪتابن جا اڀياس ۽ تحقيقي مضمون.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
مُختيار چَنو: حساس طبيعت ۽ حضور شرم آهيان. سڀ ڪُجهه سمجهندي ۽ محسوس ڪندي به ماڻهن کي محسوس ڪرڻ نه ڏيندو آهيان.
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
مُختيار چَنو: ڪاوڙ ناهي ايندي. سمجهو گهٽ ايندي آهي. مان پاڻ عيبدار گناهگار، ڪنهن تي ڪاوڙ ڪريان؟
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ؟
مُختيار چَنو: نسيم کرل ڪهاڻي ايوارڊ، شاھ، سچل سامي ايوارڊ گلوبل رورل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن سنڌ، سنڌي ادبي سنگت بهترين ڪارڪردگي سرٽيفڪيٽ، سڀيتا اڪيڊمي مڃتا سرٽيفڪيٽ، سنڌ پروفيسرس اينڊ ليڪچرز ايسوسيئيشن سنڌ، بھترين ڪارڪردگي سرٽيفڪيٽ.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
مُختيار چَنو: لکڻ وقت ان وقت جا منظر ۽ ڪيفيتون، مون مٿان حاوي ٿي وينديون آهن. مان ڪردارن ۾ سمائجي ويندو آهيان. ڪردارن جو حصو ٿي ويندو آهي.
سوال: درد ڇا آهي؟
مُختيار چَنو: درد، درد آهي، ابتو به لکيم سبتو به لکيم.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪُجهه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
مُختيار چَنو: مطمئن ٿيڻ ائين آهي. مون کي جيڪو ڪُجهه ڪرڻو هو، ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ ته تخليق ڪار جي زنده رهڻ جو جواز ئي ختم ٿي وڃي ٿو. مان سمجهان ٿو مقابلو ختم ٿيڻو ناهي. هر پل اڳتي وڌڻو آهي. ان ڪري مطمئن ناهيان. اڃا وڌيڪ سٺو لکڻ، نوان موضوع ۽ ٿَاٽِ جي تلاش ۾ رهندو آهيان.
سوال: اوهان جي شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
مُختيار چَنو: نثر نويس آهيان.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪھڙا آهن؟
مُختيار چَنو: اسان جو مذهب چوي ٿو عورت گهر کان ٻاهر غير محفوظ آهي. عورت کي مرد جي صورت ۾ محافظ جي ضرورت آهي. جڏهن عورت مرد جي برابري چاهي ٿي. ان لاءِ وڙهندي اچي ٿي. عورت نازڪ صنف آهي. هوءَ مرداڻي معاشري ۾ مرد جي وَحشي پڻي کان هر وقت ڊنل رهي ٿي. هوءَ اسڪول، اسپتال، مارڪيٽ، ٽرانسپورٽ کان وٺي آفيسن تائين مرد جي هراسمينٽ جو نشانو ٿئي ٿي.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
مُختيار چَنو: اڳ ئي اسان جو معاشرو مذهبي آهي. جتي عورت پردي ۾ رهڻ جي پابند آهي. ان سماج ۾ اٽي ۾ لوڻ جيتريون عورتون معاشري سان بغاوت ڪري ٻاهر نڪري اچن ٿيون. انهن کي مرداڻي معاشري ۾ پاڻ کي سروائيوِ ڪرڻ لاءِ مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پوي ٿو. مرد جي وحشي پڻي کان پاڻ کي محفوظ رکڻ لاءِ احتياط ڪرڻو پوي ٿو. مرد جي بالادستيءَ سان مقابلو ڪرڻو پوي ٿو. جيتوڻيڪ انهن کي عورت هجڻ جو فائدو به ملي ٿو. هوءَ فائدو به وٺي ٿي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
مُختيار چَنو: لکڻ منهنجو عشق آهي، لکڻ منهنجي عبادت آهي، لکڻ منهنجو جنون آهي.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
مُختيار چَنو: جيتوڻيڪ مان هروڀرو ميڙاڪن ۽ گڏجاڻين کان پري رهي، پاڻ کي پرسڪون محسوس ڪندو آهيان. پوءِ به شهرت ڀلي لڳندي آهي. جڏهن ڪو تعريف ڪندو آهي. دل کِلي پوندي آهي.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
مُختيار چَنو: ”هاڻي آءُ نه آءُ، اسان پليو آسرو“
پنهنجن سان شڪايتون ڪھڙيون ڀلا.
**

اڄ جي دور ۾ ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين جو درد وڏو آهي … مرتضيٰ لغاري

اڄ جي دور ۾ ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين جو درد وڏو آهي … مرتضيٰ لغاري


سوال: نانءُ ولديت سمت؟
مرتضيٰ لغاري: غلام مرتضيٰ ولد گل محمد لغاري.
سوال: جنم تاريخ ۽ هنڌ؟
مرتضيٰ لغاري: پهرين مارچ 1981ع، ڳوٺ تاجو لغاري، تعلقو شهدادڪوٽ، پراڻو ضلعو لاڙڪاڻو، هاڻوڪو قمبر شهدادڪوٽ.
سوال: ادبي نانءُ؟
مرتضيٰ لغاري: مرتضيٰ لغاري. پهرين مسافر مرتضيٰ لغاريءَ جي نالي سان به لکندو هوس، پر هاڻي مرتضيٰ لغاري ئي سڃاڻپ بڻجي ويو آهي.
سوال: تعليم، نوڪري، پيشو؟
مرتضيٰ لغاري: تعليم؛ ايم اي سنڌي، ايم فِل سنڌي وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي ۾ هلندڙ، نوڪري سرڪار اڄ تائين ڪونه ڏني، پيشو؛ پورهيت رهيو آهيان. 1994ع کان سائيڪلن جي پنچر کان پورهيي جي شروعات ڪندي، اليڪٽرانڪ، اليڪٽرانڪس کان ويندي مختلف شعبن ۾ تجربا ڪندي رائيس مل ۾ پهرين ڪجهه عرصو مزدوري ڪئي ۽ پوءِ 15 سال کن ٽيڪنيشن طور پورهيو ڪيو. جڏهن ته ادب سان پراڻي وابستگي سبب مشغلو پروفيشن ۾ تبديل ٿي ويو. 2000ع کان نئين آس مئگزين آندو، ايڊيٽر طور ۽ 2014ع دوران شهدادڪوٽ کان پبلشر طور ڪم شروع ڪيو، موجوده وقت ۾ مرڪ پبليڪيشنز ۽ پرنٽرز طور ڪراچيءَ مان ڪم ڪري رهيو آهيان.
سوال: لکڻ جي شروعات، سال ۽ مهينو؟
مرتضيٰ لغاري: لکڻ جي شروعات 1994ع کان، مهينو ياد نه آهي.
سوال: ادبي استاد؟
مرتضيٰ لغاري: شاعريءَ ۾ بنيادي استاد عبدالله شاهه اطهر آهي.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
مرتضيٰ لغاري: استاد پيرل قمبر ۽ استاد بخاريءَ جي شاعري اڪثر جلال چانڊيي جي آواز ۾ ٻڌندو هوس. جنهن بعد لکڻ جي شروعات ڪئي.
سوال: ڪهڙيون شيون، ڳالهيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
مرتضيٰ لغاري: استادن، اديبن ۽ هم اثرن جي صحبت هميشه لکڻ لاءِ اتساهيو.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
مرتضيٰ لغاري: ياد نه ٿو اچي.
سوال: ڪهڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟
مرتضيٰ لغاري: روزاني عوامي آواز، روزاني تعمير سنڌ، روزاني ڪاوش، روزاني سوڀ، روزاني واڪا، روزاني ايڪتا، هفتيوار سنڌو، پندرهن روزه عبرت مئگزين، ماهوار ادب، ماهوار هالار، ماهوار سڳند، ماهوار نئين سوچ، ماهوار مومل، ماهوار سورمي، نئين آس مئگزين، ماهوار پرک، ماهوار ناٽڪ، ماهوار ساڻيهه، ماهوار سنڌ دوست، ماهوار موهن جو دڙو، ماهوار رچنا، ماهوار لوڪ، ماهوار سهائي ۽ ٻين ڪيترن ئي اخبارن ۽ رسالن مختلف وقتن تي ڇپيو آهي.
سوال: ڪهڙين صنفن تي لکيو اٿوَ ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
مرتضيٰ لغاري: هونئن ته نثر توڙي نظم ۾ لکيو آهي، شاعريءَ ۾، غزل، گيت، وايون، چوسٽا، ٽيڙو، بيت، نظم وغيره لکيا آهن، پسنديده صنف غزل رهي آهي. نثر ۾ ڪهاڻيون، ڪالم، مضمون، مقالا، خاڪا، اڊيٽوريل، پبلشر نوٽ، تجزيه، تبصرا، اڀياس توڙي ڪتابن جا بيڪ ٽائيٽل به لکيا آهن.
سوال: ڪهاڻين جو تعداد، ڪل ڪيتريون ڇپيل آهن؟
مرتضيٰ لغاري: ڪهاڻيون ننڍيون وڏيون 15 کن لکيون آهن. انهن مان ٻه چار شايع ٿيون هونديون.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جو تفصيل؟
مرتضيٰ لغاري: هن وقت تائين 6 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.
1) ”برکا بوند بهار جي“، ترتيب: گڏيل شاعري (جنوري 2014ع)
2) ”نئون نئون مڌ آ“، ترتيب: گڏيل شاعري (آڪٽوبر 2014ع)
3) ”روهيڙي جا رتا گُل“، ترتيب: گڏيل شاعري (مارچ 2016ع)
4) ”پيئي جن پرک“ترتيب: (ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جي علمي ۽ ادبي شخصيت تي مضمون ۽ مقالا) سيپٽمبر 2017ع
5) ”سڳنڌ“، ترتيب: (سلطانه وقاسي جي شخصيت تي مضمون 2021ع)
6) ”ڏونگر ڏاري وينداسين“، ترتيب: (عبدالحڪيم ”ارشد“ جا ڪالم) 2021ع ۽ ڪجهه مختلف ڪتابن ۾ گڏيل شاعريءَ ۾ به ڇپيو آهيان.
سوال: پهرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو رد عمل ڇا هو؟
مرتضيٰ لغاري: منهنجي خاندان ۾ يا ويجهن مائٽن ۾ ڪنهن به فرد جي ادب سان وابستگي نه هئي، نه آهي، نه رڳو ايترو پر اُن وقت ته تعليمي شعور به نه هيو، منهنجي پڙهائي ۾ به منهنجي ماءُ کان سواءِ ڪو به راضي نه هو. ان جي باوجود مون ننڍپڻ کان پگهر جو پورهيو به ڪيو ته علم ۽ ادب سان به عشق نڀايو. سو منهنجي پهرين تخليق ڇپجڻ تي ڪنهن به مٽ مائٽ کي ڪا به خوشي ته ڪو نه ٿي، پر خبر ڪونه پئي. ها پر دوستن ۾ سرهائي ضرور محسوس ڪيم. ڇو ته 2000ع کان اڳ ڪنهن به اخبار يا رسالي ۾ ڇپجڻ وڏي ڪاميابي هوندي هئي.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصلا افضائي ڪنهن ڪئي؟
مرتضيٰ لغاري: پهريون ڀيرو عبدالله شاهه اطهر، ان کان پوءِ ڪيترائي نالا آهن، جن وقت به وقت منهنجي رهنمائي ته ڪئي آهي، ۽ حوصلا افضائي به ڪئي آهي، انهن ۾ محبوب شخصيت سائين مقصود گل، عبدالحڪيم ”ارشد“، ج ع منگهاڻي، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، بيدل مسرور، پروفيسر اعجاز قريشي، خالده نسرين، عبدالواحد سومري ۽ ڊاڪٽر شير مهراڻي جهڙا نالا اهم آهن.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
مرتضيٰ لغاري: ادب قومن جي سڃاڻپ جو ذريعو هوندو آهي، جنهن ٻوليءَ جو اديب سجاڳ هجي اُن کي ڪير به مٽائي يا ميساري نه ٿو سگهي. هاڻي اُهو تخليقڪار جي اظهار تي آهي، جيڪو ادب جي جنهن به صنف ۾ اظهار سولو يا سهنجو سمجهي ٿو اُهو اُن ۾ پنهنجو پيغام پڌرو ڪري ٿو. شاعري پڻ اهڙي اظهار جو ذريعو آهي، جنهن سان قومن ۾ سجاڳي پيدا ٿئي ٿي. شاعر پيغمبر آهي ته شاعري پيغام آهي.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
مرتضيٰ لغاري: محبت اهو جذبو آهي، جنهن جي آڏو دنيا جي ڪا به نفرت ڪابه حيثيت نه ٿي رکي. محبت اُهو ذريعو آهي جنهن سان دنيا جو وڏي ۾ وڏو تضاد ختم ڪري سگهجي ٿو، محبت انسانيت جو پهريون ۽ طاقتور جز آهي، جنهن سان انسان ڪيتريون ئي منزلون آسانيءَ سان طئي ڪري سگهي ٿو. چون ٿا محبت پٿر کي به پاڻي ڪري ڇڏي ٿي.
سوال: پسنديده شاعر، شاعرائون ۽ اديب؟
مرتضيٰ لغاري: سنڌي شاعريءَ جي زمين زرخيز آهي، ڪلاسيڪل دور پنهنجي حوالي سان انمول آهي. جنهن ۾ شاهه صاحب جو نالو اهم آهي. پر انگريزن جي دور ۾ داخل ٿيندي اسان کي شاعريءَ جي نئين ۽ رنگين دنيا پلئه پوي ٿي. ان دور کان اڳتي ڪمال جو تخيل ملي ٿو، جديد شاعريءَ ۾ اياز کان مٿاهون ته اڄ تائين ڪو به شاعر پيدا نه ٿيو آهي، پر سندس ثاني به ڪونهي. اُها الڳ ڳالهه آهي ته اياز جي دور يا ان کان پوءِ جا شاعر تاجل بيوس، شمشيرالحيدري، کان ويندي بخاري، پيرل قمبر تائين، يا راشد مورائي، عبدالحڪيم ”ارشد“، امداد حسيني، بيدل مسرور، مقصود گل واري ٽهي، انهن ۾ اياز گل، يا ادل تائين سٺا شاعر رهيا آهن، سعيد سومري، سعيد ميمڻ، ايوب کوسو، علي صفدر جي شاعري بهترين آهي. عورتن جو انگ مردن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه گهٽ ضرور آهي، پر اڄ جي عورت مڃتا ماڻي رهي آهي، ڊاڪٽر فهميده حسين کان نور الهديٰ شاهه، مهتاب اڪبر راشدي، ج ع منگهاڻي، سلطانه وقاصي، ڊاڪٽر عابده گهانگهرو ۽ ٻين جو ادبي پورهيو تمام گهڻو آهي، نئين ٽهيءَ ۾ رخسانه پريت، سيما عباسي ۽ خالده نسرين سميت کوڙ عورتون رستا روڪ باوجود بهترين لکي رهيون آهن. نه رڳو ايترو پر نئين ٽهي به سُٺو لکي پئي، اُها الڳ ڳالهه آهي ته جونيئرن ۾ شوق وارو شعلو شاعريءَ کي نقصان رسائي ٿو، پر ان جي اڳيان ديوار به نه ٿا بڻجي سگهون، ڇو ته مان ان خيال جو آهيان ته لکڻ کان ڪنهن کي به روڪي نه ٿو سگهجي.
سوال: پسنديده شخصيت؟
مرتضيٰ لغاري: کوڙ ساريون شخصيتون آهن، جيڪي مون لاءِ اتساهه جو سبب بڻيون، عبدالحڪيم ”ارشد“، مقصود گل کان وٺي، ج ع منگهاڻي، خالده نسرين، ان کان علاوه اسان کان جلد ئي وڇڙي ويل اسان جو استاد ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، جيڪو منهنجو آئيڊيل رهيو.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني ۽ خوشي؟
مرتضيٰ لغاري: انسان جي زندگي جدوجهد جو نالو آهي، موجوده سياسي ويڙهاند، هر پليٽ فارم ۽ هر موڙ تي ناني ويڙهو ۽ ڪرپشن وڏو عذاب آهي، سماج ۾ هيٺيون طبقو سڄي زندگي ڀوڳي ٿو. ان ڪري منهنجو جنم غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ خاندان ۾ ٿيو، اهو ئي سبب آهي جو سڄي حياتي ڀوڳيو آهي، جسماني ڀوڳنا پنهنجي جاءِ تي پر ذهني ڀوڳنا به الڳ پلئه پئي، پاڻ امتحان ۾ گذاريو آهي، اهو سلسلو اڃان تائين کٽو نه آهي، اُن جي باوجود خوشي جي ڳالهه اها آهي ته اڄ تائين روز واري مزدوري باوجود گهر جي چُلهه وسامي ناهي. مان ان کي به خوشي جي ڳالهه ٿو سمجهان جو ماڻهو ان دور ۾ به ذهن ۽ ضمير بچائي جيئي ٿو.
سوال: زندگي جو پهريون ڏُک ئي صدمو؟
مرتضيٰ لغاري: پنهنجي بابا کان پوءِ سائين مقصود گل ۽ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو وڇوڙو.
سوال:اڄ جي عورت ڇا ٿي چاهي؟
مرتضيٰ لغاري: ڪائنات ۾ عورت جو وجود ئي حسين ترين آهي. اڄ جي عورت مرد سان ڪلهو ڪُلهي ۾ ملائي هلڻ چاهي ٿي، اڄ جي عورت پنهنجي صلاحيتن جي آڌار تي مڃتا چاهي ٿي، اڄ جي عورت برابريءَ جو حق چاهي ٿي، کيس برابريءَ جو حق ملڻ گهرجي.
سوال:اڄ ڪلهه جيڪو ادب سرجي پيو ان متعلق اوهان جي راءِ؟
مرتضيٰ لغاري: موجوده دور جو ادب معياري ۽ غير معياري اڌو اڌ آهي، ڇو ته ويجهي ماضيءَ ۾ ڪا به جامع تحريڪ سامهون نه آئي، سياسي ماحول ڏي وٺ جي بنياد تي روان دوان آهي، قوم پرستي ماٺار ۾ آهي، سماج ڀڄ ڊاهه جو شڪار آهي، سوشل ميڊيا توڙي مواصلاتي نظام جو پنهنجو ڪردار آهي، ان مان اسان جي اديب مناسب فائدو نه ورتو آهي. هاڻي جي آهي ته سماج ۾ بُک ۽ بدحالي آهي، جن اهڙي صورت حال پيدا ڪئي آهي جو ماڻهو سوال اٿارڻ جي سگهه به نه ٿو ساري، انهن خلاف بغاوت اڃا نه ٿي آهي، اسان ”جنهن ۾ خير“ واري فقري پويان زندگي گذاري رهيا آهيون. اهو ئي سبب آهي جو ادب ۾ ڪا نئين جهلڪ نظر نه ٿي اچي. مجموعي طور ادب پنهنجي جاءِ تي بهتر سرجي رهيو آهي.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ ليکڪائن کي پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
مرتضيٰ لغاري: سنڌي ٻوليءَ جي اديبن کي پذيرائي نه ٿي ملي، اِهو سوال مون لاءِ ڪجهه عجيب آهي، اڄ اسان وٽ پذيرائي جا کوڙ ذريعا آهن، اخبارن جو پيٽ خالي آهي، رسالا هڪ ته گهٽ شايع ٿين ٿا پر جيڪي شايع ٿين ٿا انهن ۾ سينيئرن کان وڌيڪ جونيئر ڇپجي ٿو، نوجوان سٺو پڙهڻ جو آدي نه رهيو آهي، پر جنهن رسالي، اخبار توڙي ڪتاب ۾ سندس مواد آهي اهو به خريد نه ٿو ڪري، اعزازي ڪاپي جو رجهان وڌي ويو آهي. ٽي وي چئنل جام اچي ويا آهن، مون جهڙي ننڍڙي ماڻهوءَ کي به روز دعوت ملي ٿي، فيس بوڪ تي شعر شيئر ٿيو ناهي واهه شروع ٿي وڃي ٿي، ان ۾ ڪا به حد يا روڪ رنڊڪ ناهي، لاڙڪاڻي جي شاعر کي برطانيا ۽ ڪئناڊا جو ماڻهو سڃاڻي ٿو ۽ داد ڏئي ٿو. مان ڀايان ٿو ته جام پذيرائي ملي ٿي. ها پر شايد جيڪا پذيرائي اوهان چئو ٿا اُن لاءِ اسان کي محنت جي ضرورت آهي.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
مرتضيٰ لغاري: سنڌي ادب ۾ اُهو نقاد اڃا تائين پيدا نه ٿيو آهي، جنهن کي برداشت ڪري سگهجي، مان نه ٿو سمجهان ته ڪو نقاد غيرجانبدار ٿي ڪنهن لکڻيءَ تي پنهنجي ڀرپور راءِ ڏئي ٿو، اسان وٽ وڏو الميو اهو آهي ته فيس بوڪي ڪمينٽ کي تنقيد جو نالو ڏنو وڃي ٿو. نقاد لاءِ اهو ضروري آهي ته هو ان شئي کي سمجهي، جنهن تي ڳالهائي ٿو يا لکي ٿو. سندس دليل ۾ دم خم هجي، ڪو حوالو هجي، ۽ سندس تجزيي ۾ اخلاقايات جو هجڻ ضروري آهي. اُن ڳالهه جي اسان وٽ ڏاڍي کوٽ آهي، موجوده دور ۾ وري به خليق ٻگهيي جي لکڻي تنقيد جي حوالي سان ڪجهه سگهاري آهي، سندس تنقيد ۾ تحمل به آهي. جيڪڏهن اهڙي تنقيد کي اڳتي آڻجي ته سٺا نتيجا نڪري سگهندا.
سوال: ادبي/سياسي/ سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
مرتضيٰ لغاري: اسان وٽ ايشيا جي وڏي ادبي تنظيم سنڌي ادبي سنگت رهي آهي، جيڪا پڻ اسان جي شروعاتي دور ڇڏي ماٺار ۾ رهي آهي، هر شاخ ۾ هڪڙو گروپ آهي، جنهن ۾ ٽوٽل عهديدارن جيترا ميمبر آهن، اُهي ئي هڪ ٻئي کي سڄي عمر سليڪٽ ڪندا رهن ٿا، هاڻي ته سنڌي ادبي سنگت تي وڌيڪ ڏکيو دور آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ شهدادڪوٽ جي ميمبر شپ حاصل ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري، پر نااهل قرار ڏنو ويو ته خاموشي اختيار ڪئي. باقي بزم پيرل قمبر کان پيرل قمبر ادبي سماجي سنگت سان وابستگي رهي، ڪراچي منتقلي بعد سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ ۾ ميمبر شپ ورتي. هاڻي اُت به ميمبر مڃين ٿا يا نه اها خبر ناهي. سنڌ گريجوئٽس ائسوسيئيشن شهدادڪوٽ جو ميمبر رهيو آهيان. سياسي تنظيمن سان يا انهن جي ڪم سان دلچسپي ناهي رهي.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
مرتضيٰ لغاري: زندگي جدوجهد جو نالو آهي، ماءُ جي هنج مان نڪري ماڻهو هڪڙي شعوري جهان ۾ داخل ٿئي ٿو، سڄي عمر جاکوڙ ۽ پوءِ الوداع ڪري وري ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ هليو وڃي ٿو. بس ان وچ ۾ جيڪڏهن ياد ڪرڻ جهڙو عمل آهي ته اُهو ماڻهو صديون جيئي ٿو.
سوال:موت اوهان جي نظر ۾؟
مرتضيٰ لغاري: موت هڪ ڏينهن اچڻ وارو عمل آهي، اُن کان اڄ تائين عار وارو تصور نظر نه ٿو اچي. جيڪو خلقي ٿو اهو واپس ضرور گهرائي ٿو.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
مرتضيٰ لغاري: دل محبوب جو گهر آهي. چون ٿا دليري ۽ بزدلي جو به دل سان ڪو تعلق آهي، مان ته سمجهان ٿو، هزارين ڳالهيون، سوچون، حقيقتون، ڪاميابيون، ناڪاميون سانڍڻ باوجود دل معصوم هجي ٿي.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سهيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
مرتضيٰ لغاري: منهنجو پهريون ڪتاب تحقيق تي آڌاريل هوندو، چاهيان ٿو جلد اشاعت هيٺ آڻيان، ان بعد شاعري، ان کان علاوه به نثر جا ٻه ٽي ڪتاب آهن، جن جا نالا اڃا فائينل نه ڪيا آهن. چون ٿا ماني پچائڻ واري جو ماڻهن کي کارائيندي کارائيندي ڍو ٿي ويندو آهي.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
مرتضيٰ لغاري: تمام گهڻو حساس آهيان. خوشيءَ جي ڳالهه تي به اکين ۾ پاڻي اچي وڃي ٿو. ڪنهن کي به ڏکائڻ نه چاهيندو آهيان. ڪنهن جو به ڏک برداشت نه ٿيندو آهي.
سوال: ڪهڙين ڳالهين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
مرتضيٰ لغاري: منافقت کان ڏاڍي نفرت آهي، اڄ ته اهو رائج ٿي ويو آهي، گڏ هجو ته نيڪي، اُٿي وڃون ته گلائون شروع. ڪراچي اچڻ کان پوءِ اهڙا کوڙ سارا تجربا ٿيا، جيڪي هن ننڍڙي پروفائيل ۾ شيئر ڪرڻ کان وڏا آهن. زندگي رهي ته ضرور لکبا، الله ڪري رڳو ڳالهيون وسري نه وڃن.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/سرٽيفڪيٽ؟
مرتضيٰ لغاري: منهنجي پروفيشن، منهنجي تخليقي پورهيي عيوض سُٺو ڪمينٽ به مون لاءِ وڏو ايوارڊ ۽ اعزاز آهي. ماڻهو پبليڪيشن يا پرٽنگ جي حوالي سان نالو ٻڌي مون وٽ پهچندا آهن، ۽ اهو اظهار ڪندا آهن ته خوشي ٿيندي آهي.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
مرتضيٰ لغاري: ويجهڙ واريون لکڻيون گهڻو ڪري ايڊيٽوريل، يا ادارتي نوٽ آهن، ان کان علاوه ڪي بيڪ ٽائيٽل تاثر به لکيا آهن. پر هر لکڻي دوران اهو ئي خيال رهندو آهي ته ڪٿي گهٽ وڌائي نه ٿي وڃي. جنهن شخصيت يا جنهن لکڻيءَ تي قلم کڻجي ٿو شال اُن سان نڀاءُ ٿي سگهي، انصاف ٿي سگهي. ان ڪوشش ۽ خواهش جي پويان سجاڳ يا شعور واري ليکڪ کي وار جهڙي سنهي تلوار تي هلڻو پوي ٿو.
سوال: درد ڇا آهي؟
مرتضيٰ لغاري: درد هڪڙي تڪليف جو نانءُ آهي، پيڙا جو نانءُ آهي، اڄ جي دور ۾ ڌرتيءَ جو درد وڏو آهي. ماروئڙن جي منهن تي مسڪراهٽ بدران اکين ۾ لڙڪ ئي لڙڪ نظر اچن ٿا. اهو درد جيڪو اکيون پسائي ته ڇڏي ٿو پر سانجهيءَ کان پوءِ سمهڻ به ڪو نه ٿو ڏئي.
سوال: اوهان جي شاعري ڪهڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
مرتضيٰ لغاري: مون کي شاعري ڳارائڻ جو خيال اُن وقت هو جڏهن فنڪارن جا وڏا اگهه هئا، ڪنهن به راڳيءَ سان ملڻ کان اڳ ان جي ايجنٽ سان ملڻو ٿي پيو، ۽ انهن وري گيت ڳارائڻ جا 5 کان 20 هزار مُلهه ٿي ٻڌايا. 2000ع واري دور ۾، هاڻي ڏيو منهن؟ لکو به وري ڳارائڻ جا به ايترا پيسا ڀريو...!! ان ڪري شاعري ڳارائڻ کان دل ئي کڄي وئي، اُن جي باوجود پنهنجي هلڪي جي ٻن چئن فنڪارن ڳايو، جن ۾ ممتاز علي مستوئي، غلام شبير عباسي، ماسٽر رضا سومرو، امير کرل، تنوير علي (خدا ڏنو چوڍيو) ۽ ٻيا، اُها ٻي ڳالهه آهي ته هڪ ٻن گيتن کان سواءِ ٻيا ڳايل گيت هاڻي اڻ لڀ آهن.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪهڙا آهن؟
مرتضيٰ لغاري: عورت لاءِ ملازمت ڪو مسئلو ناهي، جيڪڏهن مرضي ۽ پسند موجب ڪم ڪري ٿي ته ڪو گناهه به ناهي. مسئلا رڳو عورتن لاءِ نه پر مردن لاءِ به آهن، ڇو ته مرد ۽ عورت جي فطرت پنهنجي پنهنجي آهي، جيئن عورت مرد جي ڪمزوري آهي، تيئن مرد عورت جي، ۽ هڪ ٻئي جي جياپي جو سامان به آهن. سماج ۾عورت توڙي مرد ٻنهي کي سبتو سوچڻو ۽ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اسان وٽ انتها پسندي عروج تي آهي، جيڪا غلط نتيجا ڏئي ٿي. باقي سڀ ڳالهيون اجايون آهن.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪهڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
مرتضيٰ لغاري: سماج ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهي. ماڻهپو تڪليف ۾ آهي. حساس ماڻهو مڙئي ڀوڳي ٿو، ممڪن آهي، عورت ۾ ڪجهه حساسيت وڌيڪ هجي ته ان کي وڌيڪ تڪليف ٿيندي هجي، منهنجي خيال ۾ هاڻي دور گهڻو ئي تبديل ٿي چڪو آهي. عورتون تعليم طرف وڌي آيون آهن، اها اسان لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه آهي، يقينن اڃان به عورتن جي معاملن تي غور ويچار ڪرڻ جي ضرورت آهي. برايون نه ته رڳو مرد ۾ آهن نه عورتن ۾. باقي رهي ڳالهه اها ته عورت پنهنجي معاملن ۾ سنجيده ٿي سماج ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهي. ته بهتر آهي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
مرتضيٰ لغاري: باشعور ليکڪ کي سماج جي اوڻاين تي قلم کڻڻ گهرجي، لکڻ نه ته شوق هجي ٿو نه مجبوري پر ضرورت هجڻ گهرجي. توڙي جو اسان سماج ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا نه ٿا ڪري سگهون پر به ڪوشش ڪيون ٿا ته ڪجهه نه ڪجهه سُتل سماج کي جاڳايون.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
مرتضيٰ لغاري: شهرت جي مٿاهين اڃان پري آهي، اسان پورهيت ماڻهو آهيون، انهن ئي پيرن تي رهنداسين. رهي ڳالهه اها ته پنهنجي شعبي جي حوالي سان سڄي سنڌ مان جيڪا محبتن واري موٽ ملي ٿي ان تي خوشي ٿيندي آهي.
**

جيڏو وڏو عهدو، اديب ۽ شاعر به اوڏو وڏو ليکيو وڃي ٿو… مريم مجيدي

جيڏو وڏو عهدو، اديب ۽ شاعر به اوڏو وڏو ليکيو وڃي ٿو… مريم مجيدي


سوال: اوهان جو نانءُ ولديت سميت؟
مريم مجيدي: مريم مجيدي ڌيءُ محمد خان مجيدي جتوئي.
سوال:جنم جي تاريخ/جنم جو هنڌ
مريم مجيدي: 15 جون 1946ع ڳوٺ قيصر خان جتوئي لڳ شاهه شهيد نگري جهوڪ شريف تعلقو ميرپور بٺورو.
سوال:ادبي نانءُ؟
مريم مجيدي: مريم مجيدي (ساڳيو).
سوال: تعليم/پيشو؟
مريم مجيدي: ايم اي، ايم ايڊ، تعليم کاتي ۾ نوڪري، پرائمري کان سيڪنڊري تائين استاد ۽ ان کان پوءِ تعليمي آفيسر.
سوال: لکڻ جي شروعات سال، مهينو؟
مريم مجيدي: شروع ۾ ڪجهه مضمون لکيا پوءِ 1975ع کان شاعري جي باقاعده شروعات ڪئي.
سوال: ادبي استاد؟
مريم مجيدي: منهنجو عظيم بابا، محمد خان مجيدي عوامي ۽ انقلابي شاعر.
سوال:ڪنهن کان متاثر ٿي لکيو؟
مريم مجيدي: گهر ۾ ادبي ماحول ۽ سماجي حالتن کان متاثر ٿي لکيو.
سوال: ڪهڙيون شيون اوهان کي لکڻ لاءِ اُتساهينديون آهن؟
مريم مجيدي: اندر مان پاڻمرادو اٿندڙ اڌمو، اڇل، سماجي ڏک، ڏاڍ ۽ ناانصافي واريون حالتون.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
مريم مجيدي: برسات رسالي ۾ ڊسمبر 1975ع.
سوال: ڪهڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ مود ڇپيو آهي؟
مريم مجيدي: مهراڻ، نئين زندگي، برسات، پيغام، ماڃر پبليڪيشن ۽ مختلف سنڌي رسالن ۽ اخبارن وغيره ۾.
سوال: پسنديده صنف ڪهڙي اَٿو؟
مريم مجيدي: غزل ۽ ٻئي نمبر تي وائي.
سوال: ڪهاڻين جو تعداد ڪيتريون ڇپيل؟
مريم مجيدي: تمام ٿورڙيون ڪهاڻيون نه هئڻ برابر، ٻه ڇپيون، هڪ اڻ ڇپيل رهي، هڪڙي گم ٿي وئي، ڪل چار پنج.
سوال: ڇپيل ڪتاب، انهن جا سال؟
مريم مجيدي: ٻه شاعري مجموعا، 1-سروم دکم دکم 1986ع، 2 نيرائي نيڻ 2012ع.
سوال: پهرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو رد عمل؟
مريم مجيدي: گهر جي سڀني ڀاتين خوشي جو اظهار ڪندي همٿايو هو، جيجل امان خوش ٿي پر گڏوگڏ شاعري ڪرڻ کان روڪيو هو پر پوءِ امڙ جي پيرين پئي اجازت گُهري هئي. باقي رشتيدارن جي دل جو حال خدا بهتر ڄاڻي.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصلا افزائي ڪنهن ڪئي؟
مريم مجيدي: بابا جن ۽ وڏي ڀيڻ حنيفه مجيدي (جنهن جون ڪهاڻيون پڻ بادل رسالي ۾ ڇيون هيون پر پوءِ اهو سلسلو جاري نه رهيو هو، پاڻ سٺي مضمون نگار پڻ هئي). ان کان سواءِ ڀاءُ ارشاد ساگر، منهنجو ماروٽ، انهن ماڻهن مون کي سدائين همت ۽ اُتساهه ڏياريو.
سوال: شاعرِي اوهان جي نظر ۾؟
مريم مجيدي: هڪ اهڙي ڏات جيڪا ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي، جنهن آڌار تخليقڪار پنهنجي اندر جي احساس جي سچائي جو اظهار نهايت خوبصورت اسلوب ۾ ڪرڻ جي سگهه حاصل ڪري ٿو.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
مريم مجيدي: نهايت سگهارو جذبو، جنهن دل ۾ قائم آهي، اهو دنيا جو شاهوڪار ترين ماڻهو هوندو آهي. مطلب ته، ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا.
سوال: پسنديده شاعر/اديب؟
مريم مجيدي: هڪ کي پسند ڪرڻ جو سوال آهي ته لاکيڻي لطيف کان وڌ ڪير وڻندو؟ هونئن آئون پنهنجي بابا جن کي به سنڌ جو بنهه نيارو ۽ يگانو شاعر سمجهان ٿي، جنهن جو انداز به پنهنجو نيارو رنگ ۽ عوامي عنوان رکي ٿو ۽ سندن اسلوب به الڳ آهي، باقي سڀ تخليقڪار جس لهڻن سڀني جو قلمي ۽ ادبي پورهيو مڃڻ ۽ ساراهڻ جوڳو هوندو آهي.
سوال: پسنديده شخصيت؟
مريم مجيدي: پنهنجو بابا ۽ وڏي ڀيڻ، جن لاڙ پٽ ۾ علم جي روشني آندي ۽ انسانيت کي پنهنجو ايمان سمجهيو. جيجل ماءُ ته هر انسان جو آدرش هوندي آهي. منهنجي به آهي، سياسي شخصيت، سائين جي ايم سيد، سنڌ جي بهادر ڄائي بينظير ڀٽو ۽ حيدر بخش جتوئي.
سوال: پسنديده ڪتاب، گل ۽ رنگ؟
مريم مجيدي: شاهه جو رسالو/ گلاب جو گل/ اڇو ۽ ماڻهو رنگ (ڀورو) ڪجهه وقت کان آسماني رنگ به وڻڻ لڳو آهي.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
مريم مجيدي: پهرين مهرباني ٻاهرئين ملڪ جو سفر/خوشي پهرئين شعري مجموعي جي ڇپائي ۽ اتفاق سان ٻنهي جو ساڳيو سال آهي.
سوال:زندگيءَ جو پهريون ڏک/سُڏڪو؟
مريم مجيدي: جيجل ماءُ جو وڇوڙو، حياتي جو پهريون ڏک ۽ صدمو هو، جنهن جيءَ کي سدائين لاءِ جهوري ڇڏيو، بابا جن جو وڇوڙو وڻ جهور طوفان هو، جنهن پورو وجود وکيري ڇڏيو ۽ هاڻي وڏي ڀيڻ جي وڃڻ کان پوءِ مون پاڻ کي يتيم ۽ اڪيلو ڄاتو آهي، جنهن جو احساس نه ٿيو هو.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاهي؟
مريم مجيدي: انسان واري حيثيت ۽ جيون جي فيصلي ۾ ڀاڱي ڀائيواري جيتري آزادي.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
مريم مجيدي: ڌرتيءَ تي سونهن ۽ اَمن جو اهڃاڻ، نازڪ احساس رکندي به بهادر.
سوال: اڄ ڪلهه جيڪوادب سرجي پيو، ان بابت اوهان جي راءِ؟
مريم مجيدي: هينئر ناول ۽ تحقيقي ادب تي گهرج موجب ڪم نه ٿي رهيو آهي. البت جاندار ڪهاڻي ۽ سگهاري شاعري سرجي پئي، نوجوان ٽهيءَ ۾ لکڻ جي صلاحيت به آهي ۽ سگهه به، ان ڪري مايوسي جون ڳالهيون اجايون آهن. البت کين پنهنجي سينيئر لکندڙن جو مطالعو ضرور ڪرڻ گهرجي.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪن/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي/ موٽ نه ٿي ملي جيتري ٻين ٻولين ۽ ٻين ملڪن ۾ لکندڙن کي ملي ٿي ان جو سبب؟
مريم مجيدي: ان ڏس ۾ سچائي واري نظر سان نهاريو ته اڻ ڳڻيا سبب نظر ايندا. (1) اسين پاڻ اديب لابين ۾ ورهايل آهيون، (2) مٿئين سبب هئڻ ڪري هڪ ٻئي سان منافقي ۽ مٺگهرائي وارو رويو قائم رهندو اچي. (3) انصاف ڀري تنقيد ۽ ڇنڊ ڇاڻ نه هئڻ ڪري ميرٽ تي مڃتا ڏين جو رجحانُ ناهي رهيو. قاضي ۽ حاجي واري روش به جاري ۽ ساري رهندي اچي، ان کان سواءِ جيڏو وڏو عهدو، اديب ۽ شاعر به اوڏو وڏو ليکيو وڃي ٿو، اُن ڏس ۾ ياري باشي جو به وڏو هٿ رهيو آهي، ٻيو ته سرڪاري طرح اسان جي ٻولي ۽ ادب کي ٻين ٻولين ۽ ادب جي ڀيٽ ۾ ڪا به اهميت ۽ پٺڀرائي حاصل نظر نه ٿي اچي، تعليم جي گهٽتائي به ان ڏس ۾ ڀاڱي ڀائيواري رهندي اچي.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
مريم مجيدي: تنقيد ادب جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ ۽ اُن جي خوبين ۽ خامين جي تور تڪ ڪرڻ جو ماپو آهي، مثبت ۽ اڻ ڌري تنقيد ادب جي واڌ ويجهه ۽ سگهه جو سبب بڻجي ٿي، ان لاءِ نقاد جو ڄاڻو هئڻ ضروري ٿئي ٿو. سائنسي بنيادن تي ادب کي معيار جي ڪسوٽي تي پرکڻ اَدَبَ ۽ اديب لاءِ رهبري ۽ ميرٽ جو ڪارڻ بڻجي ٿو، پر جيئن ته اسان وٽ انصاف ڀري ۽ صحيح تنقيد جي اڻ هوند آهي، ان ڪري سهپ جي کوٽ به آهي، مثبت تنقيد جو مطلب هوندو آهي، تنقيد براءِ اصلاح جيڪا ادب کي سينگاري ۽ سگهارو بڻائي ٿي. تنقيد براءِ تنقيد کي منفي سوچ جو عمل سمجهيو وڃي ٿو. اسان وٽ گهڻي ڀاڱي اهڙي تنقيد ٿيندي نظر ايندي آهي، جنهن ۾ ساراهه جاڳڻ ڳڻايا وڃن يا صرف اوڳڻ اُچاريا وڃن ٿا. ٽين ڌر وري اهڙي به آهي جا پنهنجي دانائي ۽ ڏاهپ ڏيکارڻ لاءِ لڪير جو فقير بڻجي نالي چڙهيل ليکڪن کي اڃا اُتاهون بڻائڻ لاءِ واکاڻيندي رهندي آهي. باقي تنقيد جو اصل مقصد سنڌي ادب ۾ نالي ماتر ڪو هجي باقي نظر نه ٿو اچي. اهو ئي سبب آهي جو نوان لکندڙ ۽ سٺو لکندڙ به پنهنجي معيار کي پرکڻ لاءِ تنقيد جا گهرجائو هوندا آهن، پر هتي تبصري ۽ تجزئي جي نالي ۾ ٿيندڙ تنقيد جو بنياد به صرف پنهنجائپ جي نظرئي تي آڌاريل هوندو آهي يا ذاتي رنجشون ۽ بغض به هوندو آهي، ان ڪري تنقيد اڻ ڌري واري سلوڪ کي صحيح ساک طور استعمال نه ڪرڻ ئي سهپ ۽ برداشت جي اڻ هوند جو وڏو ڪارڻ آهي.
سوال: ادبي سياسي ۽ سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
مريم مجيدي: سنڌي ادبي سنگت سان شروع کان وابستگي رهي آهي، سماجي تنظيمن (عورت فائونڊيشن ۽ پئمان) سان وقتي واسبتگي رهي پر جلد ئي ڌار ٿي ويس، باقي ڪنهن به سياسي ڌر جي باقاعده ميمبر ناهيان باقي سنڌ جي ڳالهه ڪندڙ ۽ ان جي حقن لاءِ ويڙهه وڙهندڙن سان شامل هوندي آهيان، انهن سان وس آهر منهنجون همدرديون شامل حال هونديون آهن.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
مريم مجيدي: زندگي هڪ دلنشين ڪتاب آهي، جنهن کي پڙهندي وقت گذرڻ جي خبر ئي نه پوندي آهي ۽ وقت هٿن مان هليو ويندو آهي، رب پاڪ کان مليل اهڙو عطيو جيڪو فقط هڪ ڀيرو جيئڻ لاءِ ملي ٿو.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
مريم مجيدي: بيوسي جي انتها، بي انت وڇوڙو.
سوال: نفرت اوهان جي نظر ۾؟
مريم مجيدي: هڪ منفي جذبو جيڪو اڻ وڻندڙ حالتن ۾ پيدا ٿئي ٿو.
سوال: اوهان جا ايندڙ ڪتاب؟
مريم مجيدي: (1) مضمون ۽ مقالا ”ڏکي توءِ ڏڪار“، (2) ڪالم، مهاڳ ۽ تبصرا ۽ انٽرويوز، نالو تجويز ناهي ڪيو. (3) بابا جن جي وڇوڙي تي ماڻهن پاران تعزيتي پيغام، مضمون ۽ سهيڙيل شاعري وغيره ”جاڳائيندڙ سڏ“، (4) مرکان کان مريم تائين، (5) زندگي ساٿ ڏنو ته ٽيون شعري مجموعو، جيڪو لکجي پيو.
سوال: ڪهڙين ڳالهين تي ڪاوڙ ايندي اَٿَو؟
مريم مجيدي: اڳي ته رڳو ڪوڙ ۽ منافقي تي ڪاوڙ ايندي هئي، پر هاڻ زمانو بدلجي ويو آهي، ان ڪري ڪاوڙ به ڪجهه وڌيڪ ٿي اچي، ان ۾ عمر جو عمل دخل به ٿي سگهي ٿو پر اهڙي ڪاوڙ ناهيان ڪندي جا ٻئي ڪنهن لاءِ ڏک يا دل آزاري جو سبب بڻجي.
سوال: مليل مڃتا/ ايوارڊ/شيلڊون/سرٽيفڪيٽ؟
مريم مجيدي: سروم دکم دکم، شاعري مجموعي تي ”مرزا قليچ بيگ ايوارڊ“ ، سنڌي ادبي سنگت ايوارڊ ۽ سنڌالاجي پاران ايوارڊ، بهترين شاعر تي نئين زندگي پاران ايوارڊ، شاهه سچل سامي تنظيم ٺٽو پاران ايوارڊ، ڀٽائي آرٽِسِ ڪائونسل پاران ايوارڊ سنڌي ادبي سنگت پاران لائيف اچيومنٽ ايوارڊ، ماڻڪ موتي تنظيم پاران شيلڊ ۽ ٻين ڪيترين تنظيمن پاران علمي ۽ ادبي سرٽيفڪيٽ وغيره.
سوال: لکڻ وقت ڇا ڪيفيت هوندي اَٿَو؟
مريم مجيدي: لکڻ کان اڳ اُتساهه اڀرندو آهي، جنهن ڪري بيچيني محسوس ڪندي آهيان، شاعري لاءِ ايڪتانت جو پاسو ڳوليندي آهيان، لکڻ کان پوءِ نارمل ۽ پرسڪون ٿي ويندي آهيان.
سوال: درد ڇا آهي؟
مريم مجيدي: درد جا ٻه قسم ٿيندا آهن، هڪ درد اندر ۾ اُتساهه جاڳائيندو آهي ته ٻيو وري نهوڙي نيندو آهي، ٽيون درد تخلص آهن، جيئن ته علي محمد ”درد“ سولنگي ۽ درد هوش محمد اُهي ڏڍ ۽ ڀروسو هوندا آهن، بهرحل لاکيڻي لطيف موجب ڏک ۽ سک زندگي جي سونهن آهي، ”ڏک سکن جي سونهن گهوريا سک ڏکن ري.“
سوال: جيڪو لکو ٿِيُون يا لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
مريم مجيدي: جيترو لکيو آهي ان تي ڪي قدر مطمئن آهيان پر اڃا لکڻو آهي جيستائين جيئڻو آهي.
سوال: اوهان جي شاعري ڪهڙن فنڪارن ڳائي آهي؟
مريم مجيدي: جيجي زرينه، محبوب خاصخيلي ۽ الهڏنو جوڻيجو.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ۽ انهن جا مسئلا؟
مريم مجيدي: انهن کي مرداڻي سَماجَ کي منهن ڏيڻ سان گڏ ملازمت توڙي گهَر جِي، ٻئي ذميواريون نڀائڻ لاءِ محنت ڪرڻي پوي ٿي، جيڪا ڪنهن الميي کان گهٽ ناهي هوندي.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن سان ڪهڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون؟ انهن مشڪلاتن جو حل ڇا آهي؟
مريم مجيدي: هڪ ته عورت ليکڪائن کي ڏاڍين ڏکيائين سان مڃيو وڃي ٿو، پر کين ڪنهن به گڏيل ڳاڻيٺي ۾ ڳڻيو ناهي ويندو. ادب ۾ به عورت تخليقڪارن کي مد ڀيد جي اصول تي ڌار قطار ٺاهي يعني صرف عورتن ۾ ليکيو وڃي ٿو، جڏهن ته لکندڙ فقط لکندڙ هوندو آهي، عورت يا مرد جي جنسي تفريق رکڻ غلط روايت آهي، ٻيو عورت ليکڪائن کي ڏورانهن ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ڪيترن مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
سوال: شاعري اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
مريم مجيدي: شوق آهي يا مجبوري پر هڪ اهڙي سگهه آهي، جيڪا لکڻ تي اُتساهي ٿي ۽ زوري لکائي ٿي، ان ڪري ائين چئجي ته شوق آهي جيڪو مجبوري بڻجي ويو آهي.
سوال: شهرت ڪيئن لڳندي اَٿَو؟
مريم مجيدي: شهرت سٺي لڳندي آهي پر هينئر گمنامي وَڻي ٿي.
سوال: ڪنهن کان شڪايت؟
مريم مجيدي: شڪايت هميشه پنهنجن کان ٿيندي آهي، مون کي به آهي پر ڪنهن کان ۽ ڪهڙي اهو چئي نه ٿي سگهان.
**

تنقيد هڪ اهڙي ڇُري آهي، جنهن سان ڪنهن جي بِه اُبتي سُبتي کَل لاهي سگهجي ٿي… مشتاق بخاري

تنقيد هڪ اهڙي ڇُري آهي، جنهن سان ڪنهن جي بِه اُبتي سُبتي کَل لاهي سگهجي ٿي… مشتاق بخاري

سوال: نانءُ ولديت سميت؟
مشتاق بخاري: مشتاق احمد شاہ ولد سيد غلام علي شاهه بخاري
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ.؟
مشتاق بخاري: 27 آڪٽوبر 1969ع ڳوٺ لونگاڻي تعلقو ڳڙهي ياسين ضلعو شڪارپور.
سوال: ادبي نانءُ ؟
مشتاق بخاري: مشتاق بخاري
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو.؟
مشتاق بخاري: رٽائرڊ استاد
استاد: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو.؟
مشتاق بخاري: 1989ع
سوال: ادبي استاد..؟
مشتاق بخاري: سائين اشرف زمان پيرچنڊامي.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
مشتاق بخاري: ماڻهن، ماحول ۽ معاشري کان.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
مشتاق بخاري: محبتون ۽ مخالفتون
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
مشتاق بخاري: 1989ع ۾ اخبار شب روز شڪارپور ۾.
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟
مشتاق بخاري: مهراڻ، نئين زندگي، ادب، ڪينجهر، پورب، پيغام، سنڌ راڻي، نئون چنڊ، ڪاوش، عوامي آواز، آجيان، لوڪ، سوڀ، نجات، وغيره وغيره وغيره
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
مشتاق بخاري: غزل ۽ چوسٽو
سوال: ڪھاڻين جو تعداد، ڪيتريون ڇپيل؟
مشتاق بخاري: 15 ڪهاڻيون
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال......؟
مشتاق بخاري:
1. گيتن جهڙا ٻار- 1998ع
2. پيار جي موٽ ۾- 1999ع
3. سونهن سنسار جي- 2001ع
4. سار جي خوشبوءِ - 2004ع
5. هڪ وجود ڪيئي وجود (ڪوثر ٻرڙي جون ادبي ۽ فني خدمتون، ايم اي سنڌي لاءِ لکيل مونوگراف) 2009ع
6. سفر چاهتن جو ( ڪوثر ٻرڙي سان گڏ شاعري) 2012ع
7. هليو وڃبو هاڻ (استاد قمر کوسي کي ڀيٽا) 2019ع
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
مشتاق بخاري: انهن کي خبر ئي نه پئي هئي..
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
مشتاق بخاري: پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن... دلبرن ۽ دوستن.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾....؟
مشتاق بخاري: احساسن جي پناه گاه
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾ ..؟
مشتاق بخاري: اهڙو جذبو جنهن سوا جيئڻ مشڪل..
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب /اديبائون..؟
مشتاق بخاري: سڀ سنڌي تخليقڪار
سوال: پسنديده شخصيت..؟
مشتاق بخاري: حضرت محمد صه
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر..؟
مشتاق بخاري: ڪتاب شاھ جو رسالو، گل گلاب، رنگ نيرو
موسم سيارو، پھر رات جو پويون پهر
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي..؟
مشتاق بخاري: رب سائين جي مهرباني جنهن پيدا ڪيو.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو...؟
مشتاق بخاري: امڙ جو وڇوڙو..
ڏک به اهو، صدمو به اهو ته سڏڪو به اهو..
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي؟
مشتاق بخاري: پيار ۽ آزادي
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾ .؟
مشتاق بخاري: قابل عزت
سوال: اَڄڪُلهه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ..؟
مشتاق بخاري: هر تخليقڪار پنهنجي دل ۽ ڌرتيءَ لاءِ دل سان لکي پيو، ڪنهنجي ڪا تخليق شاهڪار آهي ته ڪنهن جي تخليق دل جو اظهار ته آهي.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
مشتاق بخاري: اسان کي وٺڻ ايندو آهي، ڏيڻ مان ڪونه ڄاڻون.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
مشتاق بخاري: تنقيد هڪ اهڙي ڇري جنهن سان ڪنهن جي به ابتي سبتي کل لاهي سگهجي ۽ اهڙو عمل برداشت کان ٻاهر هوندو آهي.
سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي..؟
مشتاق بخاري: سنڌي ادبي سنگت ڊکڻ /لونگاڻي ، بزم نثار بزمي ڊکڻ.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾..؟
مشتاق بخاري: هڪ حقيقت هڪ خواب
سوال: موت اوهان جي نظر ۾.؟
مشتاق بخاري: هڪ حقيقت هڪ خوف..
سوال: نفرت ڇا آهي؟
مشتاق بخاري: محبت جي جاءِ والاريندڙ هڪ احساس..
سوال: دل اوهان جي نظر ۾ .؟
مشتاق بخاري: جسم جو ٽڪرو
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا..؟
مشتاق بخاري: ايندڙ ڪتاب:
1. باجارا جا تخليقڪار ۽ مان
2. احساسن جا روپ ۽ اٺ سھيڙيل ڪتاب انهن کان علاوه .
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
مشتاق بخاري: فطري طور جذباتي پر ذاتي طور نرم مزاج، صابرين، بردبار ۽ درگذر وارو.
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
مشتاق بخاري: جڏهن ڪو منهنجي سچي ڳالهه تي اعتبار نه ڪري.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ.؟
مشتاق بخاري: لڳ ڀڳ 15 ايوارڊ مختلف ادارن پاران مليل آهن.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
مشتاق بخاري: لکڻ وقت منهنجي ڪيفيت لکڻ واري ئي هوندي آهي.. ڏک واري ڪيفيت ۾ ڏک ۽ خوشئ واري ڪيفيت ۾ خوشي محسوس ڪندو آهيان.
سوال: درد ڇا آهي؟
مشتاق بخاري: درد منهنجو دوست آهي، اهو دل جو درد هجي يا علي محمد درد سولنگي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪُجهه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
مشتاق بخاري: جي ها..
سوال: اوهان جي شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
مشتاق بخاري: ممتاز لاشاري، غلام شبير سمون، عاشق نظاماڻي، نظير سمون، ممتاز ڪنول، غلام شبير شاهاڻي، الطاف سمون، نجف علي ،طاهر عباس، سليم رضا ڪنڀر، مجيد فقير سيال، عرس شيخ، عالمگير سولنگي، سرمد اياز، وحيد سمون،ڪمال سمون، ديدار سمون، عرفان سولنگي کان علاوه لڳ ڀڳ 70 فنڪارن ڪلام ڳايا آهن.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪھڙا آهن؟
مشتاق بخاري: عورت سان گهر ۾ الميا آهن ته گهر کان ٻاهر نڪري ملازمت ڪرڻ سان به الميا آهن... آزادي، پيٽ پوڄا وغيره وغيره وغيره عورت لاءِ الميا ئي الميا آهن، مسئلا ئي مسئلا آهن..
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
مشتاق بخاري: عورت ليکڪائن سان عورت هجڻ ناتي پهريون ته خانداني مسئلا ۽ مونجهارا ٿيڻ ٿا، پوءِ اڳتي وڌڻ ۽ بهتر لکڻ لاءِ انهن کي اصلاح لاءِ مرد ليکڪ جو سهارو وٺڻو پوي ٿو جيڪي ليکڪ بهترين انسان آهن اهي انهن لاءِ مشڪلاتن جو سبب نه ٿا بڻجڻ باقي ڪٿي ڪٿي ڪن ليکڪائن سان اهڙا مسئلا ٿي ٿا وڃن.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
مشتاق بخاري: نه شوق نه مجبوري، هي هڪ فطري عمل آهي.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
ڪڏهن ماکئ جهڙي مٺي، ڪڏهن ٽوهه جهڙي ڪڙي
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
مشتاق بخاري: شڪايت پنهنجن کان ئي هوندي آهي ۽ شڪايت پنهنجن کي ئي هوندي آهي. **

مون کي عشق ئي لکڻ لاءِ اتساهيو… ملڪ وحيد

مون کي عشق ئي لکڻ لاءِ اتساهيو… ملڪ وحيد

سوال: نالو، ولديت؟
ملڪ وحيد: وحيد علي ملڪ ولد الهورايو ملڪ.
سوال: جنم جي تاريخ؟
ملڪ وحيد: 10 آڪٽوبر 1981ع.
سوال: ادبي نالو؟
ملڪ وحيد: ملڪ وحيد.
سوال: تعليم ۽ پيشو؟
ملڪ وحيد: ايم اي سنڌي ادب.
سوال: ادبي استاد؟
ملڪ وحيد: محترم بشير سيتائي.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
ملڪ وحيد: شاعري جو شوق ننڍپڻ کان ئي هئو جڏهن مان ڇهين درجي ۾ پڙهندو هئس، جڏهن استاد فري پيرڊ ۾ گانا ٻڌندا هئا ته مان گانا ٻڌائڻ بجاءِ پسند جا شعر ٻڌائيندو هئس، ان کان پوءِ بس ائين ئي سمجهو ته عشق ئي لکڻ لاءِ اتساهيو.
سوال: لکڻ جي شروعات؟
ملڪ وحيد: لکڻ جي شروعات سال 2000ع ۾ محترم بشير سيتائي جي رهبري ۾ حاصل ڪئي. جنهن مون کي چڱي طرح فني لوازمات کان آشنا ڪيو، اڄ مان جو ڪجهه به آهيان محترم بشير سيتائي جي ڪري آهيان.
سوال: ڪهڙيون شيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
ملڪ وحيد: سچ اهو ئي آهي ته مون کي منهنجي عشق ئي لکڻ لاءِ اتساهيو آهي.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪاٿي ڇپي؟
ملڪ وحيد: پهرين تخليق عبرت مئگزين ۾ 2000ع ۾ ڇپي هئي.
سوال: ڪهڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟
ملڪ وحيد: تقريب سڀني رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيو آهيان.
سوال: ڪهڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ پسند جي صنف؟
ملڪ وحيد: تقريبن سڀني صنفن ۾ لکيو آهي پر غزل وڌيڪ لکيو آهي ۽ پسند جي صنف به غزل آهي.
سوال: ڪهاڻين جو ڇپيل تعداد ۽ ڇپيل ڪهاڻيون؟
ملڪ وحيد: ٻه ٽي ڪهاڻيون لکيون هيون ۽ اهي ڇپجي چڪيون آهن، باقي هڪ ناول لکان پيو.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال؟
ملڪ وحيد: (1) آئون منسوب تنهنجي نالي سان سال 2006ع ۾ ڇيپو، (2) گلن سرهاڻ آندي آ (مرتب) سال 2015ع ۾ ، (3) ڪجهه ته ڳولن ٿيون اکين (2017) شاعري.
سوال: رهنمائي ۽ همت افضائي ڪنهن ڪئي؟
ملڪ وحيد: منهنجي عشق ئي سڀ ڪجهه ڪيو.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
ملڪ وحيد: شاعري اندر جي دانهن، پُڪار، روح جي رڙ آهي. اُها شاعر جي داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن جي ترجماني ڪندي آهي، لازمن شاعر جنهن سماج ۾ رهي ٿو ان سماج ۾ جيترا به جهول آهن، اوڻايون آهن، ناانصافيون آهن اهي به شاعري جي ذريعي بيان ٿي وڃن ٿيون ۽ انهن سماجي اوڻائين کي ختم ڪرڻ لاءِ به هڪ سجاڳ ذهن شاعر پاران ڪنهن حد تائين رايا ۽ تجويزون اچي وڃن ٿيون. جيئن ته شاعري ماڻهن کي وڌيڪ متاثر ڪندي آهي. ان ڪري انقلابي شاعري هڪ ڪني ۽ ڪوڙهي سماجي کي ڊاهڻ ۽ انسان دوست معاشري کي قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي. شاعري جو بنيادي ڪارج اهو آهي ته هو قوم جي ذهني تشڪيل ڪندي آهي ۽ سماج ۾ ڦيرو آڻيندي آهي.
سوال: پسنديده شخصيت ۽ شاعر اديب؟
ملڪ وحيد: شخصيت بينظير ڀٽو ۽ محترم بشير سيتائي، وفا ناٿن شاهي، اردو ۾ ساحر لڌيانوي.
سوال: پسنديده ڪتاب، رنگ، گل؟
ملڪ وحيد: اهي سڀ ڪتاب جنهن ۾ ڪو ميسيج هجي، گل موتيو، رنگ سائو.
سوال: زندگيءَ جي پهرين خوشي؟
ملڪ وحيد: سالن پڄاڻا جڏهن هن ڳالهايو هيو.
سوال: زندگي جو پهريون صدمو، ڏک؟
ملڪ وحيد: جڏهن هن کي حاصل ڪري به حاصل نه ڪري سگهيس.!
سوال: اوهين ڇو لکندا آهيو؟
ملڪ وحيد: لکڻ جا هزارين سبب آهن، پر مان پنهنجن ڏک، سور، پور، پيڙائن ۽ ڀوڳنائن کي لفظن جو روپ ڏيندو آهيان، خاص ڪري تڏهن جڏهن ڌرتي جي خدائن جون هٺ ڌرميون ۽ ناانصافيون وڌي وڃن ۽ ضبط جا پئمانا لبريز ٿي وڃن.
سوال: اڄڪلهه جي ادب شاعري بابت اوهان جي راءِ؟
ملڪ وحيد: اڄڪلهه جو ادب مقدار ۾ ته وڌي رهيو آهي پر معيار اتي جو اُتي آهي، توهان سنڌي ڪهاڻي کي پرکي ڏسو جيڪا ون يونٽ واري دور ۽ ان کان ٿورو پوءِ جي ڪهاڻي بين الاقوامي معيار جي رهي آهي ان کان پوءِ ڪهاڻي جو معيار ڌڪيل ۽ هيسل هرڻي جيان آهي. اگر شاعري کي ڏسون ٿا ته اها به ججهي مقدار ۾ لکجي رهي آهي پر معيار اهو ناهي! ان جو سبب مطالعي ۽ مشاهدي جي کوٽ آهي. اسان واري نئين ٽهي ته سکڻ جو سور کڻڻ لاءِ تيار ئي ناهي اڄ ڪلهه ته سوشل ميڊيا ئي سڀ ڪجهه آهي.
سوال: زندگي ۽ موت اوهان جي نظر ۾؟
ملڪ وحيد: هڪ اڌاري خوشي مهانگي پئي. موت کان زندگي مهانگي پئي. (ملڪ وحيد)
سوال: اسان وٽ تنقيد ڇو برداشت نه ٿي ڪئي وڃي؟
ملڪ وحيد: اسان جي هن موجوده وقت ۾ تنقيد براءِ تنقيد واري گاڏي هلي پئي نَه ڪِي تنقيد براءِ اصلاح!! ان جو خاص سَببُ تعصب پرستي، مطالعي ۽ مشاهدي جي کوٽ آهي. جيڪڏهن ڪو ڪهاڻيڪار تنقيد نگار آهي ته ان کي ڪهاڻي جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ هئڻ لازمي آهي. اگر ڪو شاعر تنقيد نگار آهي ته ان کي شاعري تي مڪمل عبور هجڻ لازمي آهي ڇو جو اسان وٽ شاعري علم عروض ۽ ڇند وديا تي ڪئي وڃي ٿي، پر اڄ ڪلهه جي تنقيد نگارن کي ته علم عروض جي صحيح معنيٰ جي خبر به ناهي، تجنيس حرفي، تڪرار حرفي، ساڪن متحرڪ، متحرڪ ساڪن وارن لفظن جي ڪا به ڄاڻ ناهي. بس اهي سستي ۽ تڪڙي شهرت حاصل ڪرڻ جا نت نوان طريقا آهن جيئن هو ٿوري وقت ۾ پنهنجو نالو ڪمائي سگهن.
سوال: ادبي، سياسي، سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
ملڪ وحيد: سنڌي ادبي سنگت سان.
سوال: طبيعتن ڪيئن آهيو، ڪهڙين ڳالهين تي ڪاوڙ ايندي آهي؟
ملڪ وحيد: هر انهيءَ ڳالهه تي ڪاوڙ ايندي آهي جنهن تي ٻين کي نقصان جو انديشو هجي، طبعيتن جذباتي آهيان.
سوال:مليل مڃتا ايوارڊ، شيلڊون، سرٽيفڪيٽ؟
ملڪ وحيد: بهترين شاعر ايوارڊ سنڌي ادبي سنگت ميهڙ طرفان.
سوال:محبت اوهان جي نظر ۾؟
ملڪ وحيد: هڪ خوبصورت فريب.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
ملڪ وحيد: درد پالڻ جي مشين آهي.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
ملڪ وحيد: خدا جي خوبصورت تخليق عورت آهي، جيڪا جنهن به روپ ۾ هجي اتم آهي.
سوال: پهرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو رد عمل؟
ملڪ وحيد: ڪو به نه...
سوال: ادبي سفر ۾ اوهان سان ڪهڙا مسئلا پيش آيا، اهي اوهان ڪيئن حل ڪيا؟
ملڪ وحيد: ادبي سفر ۾ جڏهن پير پاتم ته حد درجي جي منافقي ڏٺم ۽ چيچ ڪٽائي شهيدن ۾ شمار ٿيڻ وارا کوڙ ڏٺم، بعد ۾ گوشه نشيني واري زندگي اختيار ڪري پنهنجي حصي جو ڪم ڪندو رهيم.
سوال: اوهان جون خوبيون ۽ خاميون؟
ملڪ وحيد: خوبيون خدا جي ذات ۾ آهن، رهي ڳالهه خامين جي ته مون کي غلط ڳالهه تي ڪاوڙ جلدي ايندي آهي.
سوال: سنڌي معاشري ۾ عورت شاعرائن/ ليکڪائن کي لکڻ تي صحيح مقام نه ٿو ملي ان جو سبب؟
ملڪ وحيد: مان ان ڳالهه سان سهمت ناهيان ته عورت کي صحيح مقام نه ٿو ملي، روبينه ابڙو، رخسانه پريت، شميم مري، ج ع منگهاڻي، عطيه دائود ۽ ٻيون کوڙ ساريون عورت شاعرائون آهن جن جي شاعري کي سٺي موٽ ملي آهي.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاهي؟
ملڪ وحيد: اڄ جي عورت آزادي ٿي چاهي جيڪا ان جو بنيادي حق آهي ۽ ان کي ملڻ به گهرجي.
سوال: آخر ۾ پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام؟
ملڪ وحيد: پنهنجي انا کي ڇڏي محبتون ورهايو.
**

(جُون 2020ع ۾ ماهوار هزار داستان ۾ ڇپيل)

مون کي شڪايت آهي اُنهن ڪردارن کان جيڪي هميشه ٻين جا پيرَ ڪڍڻ ۾ سرگرم هوندا… مير چند اوڏ

مون کي شڪايت آهي اُنهن ڪردارن کان جيڪي هميشه ٻين جا پيرَ ڪڍڻ ۾ سرگرم هوندا… مير چند اوڏ


سوال: نانءُ ولديت سميت؟
مير چند: مير چند ولد نماڻو اوڏ
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ.؟
مير چند: 08 اپريل 1986ع ڳوٺ بچل لغاري لڳ جوهي
سوال: ادبي نانءُ ؟
مير چند: مير چند اوڏ
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو.؟
مير چند: تعليم :ايم - اي سوشيولاجي، بي- ايڊ
نوڪري: پرائمري استاد
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو.؟
مير چند: لکڻ جي شروعات 2002 کان ٿي، مهينو ياد نه اٿم.
سوال: ادبي استاد..؟
مير چند: شروعات ۾ مختلف ادبي رسالا ۽ ڪتاب رهيا. ان کان پوءِ ادبي سنگت ۽ بعد ۾ وري خليل عارف سومرو ۽ سائين رجب آزاد.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
مير چند: پنهنجي جذبن، پيڙائن ۽ وارتائن کي لکڻ جو سهارو ورتم.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
مير چند: خوبصورتي، حسن، من جي مانڌاڻ ۽ درد جي شدت لکڻ لاءِ اتساهيندڙ آهن.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
مير چند: غزل ماهوار ڪينجهر ۾ 2002ع ۾ ڇپيو.
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟
مير چند: اخبارن ۾ ڪاوش، جيجل، سنڌو، پاڪ بليٽن، جوهي ٽائيمز، عبرت ۽ هلال پاڪستان ۾ جڏهن ته رسالن ۾ وري عبرت مئگزين، هالار، سوجهرو، نئين زندگي، ٻارن جي دنيا، هالار، سنڌ رنگ، ادب، هزار داستان، هندواسي، امرتا، ڪينجهر، عقيق، گورک مخزن، برکا ۽ سنڌ رِوَيُو غيره.
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
مير چند: شاعري ۾ غزل، گيت، قطعا، وائي، چوسٽا ۽ بيت. نثر ۾ ڪهاڻيون ۽ مضمون.
سوال: ڪھاڻين جو تعداد، ڪيتريون ڇپيل؟
مير چند: ڪافي وقت اڳ ٽي ڪهاڻيون لکيون هيون جيڪي سنڌ رنگ ۽ ٻارن جي دنيا ۾ ڇپيون هيون.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال......؟
مير چند: ڪو به نه.
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
مير چند: پهرين تخليق ڇپجڻ تي گهر وارا ڏاڍو ڪاوڙيا هئا. هنن جو چوڻ هو ته ڪتابن پڙهڻ ۽ شاعري ڪرڻ سان دِماغِي توازن ختم ٿي ويندو آهي.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
مير چند: شروع ۾ ڇپجڻ سان ئي ادب ۾ اڳتي وڌڻ جي حوصلا افزائي ٿيندي هئي پر حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته حوصلا افزائي ڪندڙ ڪردار مشڪل سان ملن ٿا. خليل عارف سومرو ۽ رجب آزاد کي سرفهرست رکندم.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾....؟
مير چند: شاعري ماڻهوءَ جي اندر جي نازڪ ۽ نفيس جذبن کي اظهارڻ جو نالو آهي.
سوال: محبت اوهان جي نظر۾ ..؟
مير چند: محبت اڄڪلهه هڪ وڏو دوکو ۽ فريب آهي ۽ محبت هڪ طرفي رهجي وئي آهي.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب /اديبائون..؟
مير چند: پسنديده شاعرن ۾ شيخ اياز، استاد بخاري، عبدالغفار تبسم، وفا ناٿن شاهي، محسن ڪڪڙائي راحت اندوري وغيره ۽ شاعرائن ۾ وري نوشي گيلاني.
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر..؟
مير چند: جنهن به ڪتاب مان ڪُجهھ سکڻ ۽ نواڻ ملي ته اهو پسنديده ڪتابن ۾ شمار آهي. گلن ۾ گلاب، رنگ ڳاڙهو، موسم ۾ خزان جي سرد رات ۽ رات جو خاموشي وارو پھر.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي..؟
مير چند: ميرٽ تي نوڪري ملڻ ڇو جو منهنجي ستن پيڙهين ۾ ڪو به ايترو نه ته پڙهيو ۽ نوڪري ماڻي سگهيو.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو...؟
مير چند: بابا جي وفات، هُن جو ڇڏي وڃڻ ۽ منهنجي وجود جو خون ٿيڻ.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي؟
مير چند: اڄ جي عورت ڇڙواڳي ۽ بي حيائي ٿي چاھي جنهن لاءِ هوءَ ڪريل کان ڪريل قدم به کڻڻ لاءِ تيار آهي
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾ .؟
مير چند: عورت جو ساٿ ٻه ته ٻارنهن آهي، پر عورت کان وڌيڪ دوکيباز ۽ مڪار ڪو به نه آهي.
سوال: اڄڪلھه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ..؟
مير چند: معياري ادب ورلي پيو نظر اچي، مشاهدي جي ڪمي آهي ۽ تون مون کي حاجي چئو ته مان قاضي چوان واري ڪار عام جام آهي.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
مير چند: ان جو سبب اهو آهي ته ٻيون ٻوليون وڏيون آهن، انهن جا پڙهندڙ به گهڻا آهن ته پذيرائي به گهڻي ٿي ملي.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
مير چند: ڪنهن به تخليق کي پرکڻ ۽ مختلف رخن کان جانچڻ جو نالو تنقيد آهي. اسان وٽ تنقيد ان ڪري برداشت نه ٿي ڪئي وڃي جو اسان وٽ ذاتيات ۽ ڪنهن جي تخليقي سگهھ کي تسليم ڪرڻ جو ساهس نه ٿا رکون. اسان وٽ تنقيد ڪنهن جي تذليل ڪرڻ لاءِ ڪئي ويندي آهي. اسان محرومي جا شڪار ٿيل آهيون پوءِ تنقيد جي بهاني پنهنجي محرومي جي پوري ٿيڻ جي تسڪين حاصل ڪندا آهيون.
سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي..؟
مير چند: ڪا به نه.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾..؟
مير چند: ڏکن ۽ سکن جي هڪ اهڙي لڙي آهي جنهن ۾ سک اٽي ۾ لوڻ برابر هوندا آهن.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾.؟
مير چند: موت هڪ ڀيانڪ تصور آهي، جنهن جو ڪو به تصور ڪرڻ نه ٿو چاهي.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
مير چند: محرومي جي احساس جو ٻيو نالو آهي.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾ .؟
مير چند: دل ۾ ڪومل ڪومل جذبا به هوندا آهن ته وري مائونٽ ايوَريست جيڏا درد به هوندا آهن.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا..؟
مير چند: في الحال اهڙو ڪو به ارادو ناهي.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
مير چند: حقيقت پسند.
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
مير چند: ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ دوکو ڪرڻ تي شديد ڪاوڙ ايندي اٿم.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ.؟
مير چند: سيد عبدالرحمان شاھ بخاري مڃتا سرٽيفڪيٽ
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
مير چند: لکڻ دوران ڪنهن عجيب ڪيفيت ۾ ٻڏل محسوس ڪندو آهيان ۽ ٿوري به بي ڌياني سبب لکڻ جي اها ڪيفيت ٻيهر جڙي ناهي سگهندي.
سوال: درد ڇا آهي؟
مير چند: جڏهن به ڪنهن ماڻهوءَ کي درد وڪوڙي ويندا آهن ته پوءِ هو جهان کان بي نياز ٿي هڪ الڳ جهان جوڙي وٺندو آهي، جيڪو ان کي تنھائِي طرف ڌڪيندو آهي. درد جي ڪيفيت ۾ دنيا جي هر خوشي بي معنيٰ بڻجي ويندي آهي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪُجهھ لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
مير چند: مطمئن ٿيڻ جو مطلب آئون لکڻي جو موضوع جي حوالي سان فل اسٽاپ سمجهان ٿو. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ تخليقڪار جي تخليقي سگھه رڪجي ويندي آهي. آئون بلڪل به مطمئن نه آهيان.
سوال: اوهان جي شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
مير چند: عرفان علي اعواڻ، محمد علي رند ۽ ماسٽر روشن
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪھڙا آهن؟
مير چند: ملازمت ڪندڙ عورتن کي پنهنجي باسز ۽ ڪوليگز پاران ڌمڪايو، هيسايو ۽ عورتن کي جنسي نظر سان ڏٺو ويندو آهي.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
مير چند: مرداڻي معاشري ۾ عورتن کي فقط ڪنهن مشاعري وغيره ۾ شرڪت جي حوالي سان مشڪلاتون پيش اچن پيون، باقي عورت ليکڪائن کي مرد جي ڀيٽ وڌيڪ اوليت ڏني ويندي آهي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
مير چند: لکڻ شوق به آهي ته دل جي ڳالھه بيان نه ڪرڻ ڪري عجيب پيڙا محسوس ٿيندي آهي، جنهن کي مجبوري جو نالو به ڏئي سگهجي ٿو.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
مير چند: شهرت فقط لکڻي جي بدولت ماڻهن پاران جيڪا محبت ۽ پيار ملندو آهي ان کي آئون شهرت نه سندن محبت جو اظهار سمجهندو آهيان.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
مير چند: مون کي شڪايت آهي انهن سياستدانن کان جيڪي هن وقت تائين ٻيو ته ٺهيو پر فقط پيئڻ جو صاف پاڻي به مهيا نه ڪري سگهيا آهن. مون کي شڪايت آهي انهن ڪردارن کان جيڪي هميشه ٻين جا پير ڪڍڻ ۾ سرگرم هوندا آهن ۽ مون کي شڪايت آهي ان ماڻهوءَ کان جنهن منهنجي خلوص جو قدر نه ڪيو ۽ اهي قاتل هوندي به پاڻ کي مظلوم ٿا سمجهن
**

ڏاتِ هڪ وڏو سمنڊ آهي… مير سردار چنڙ

ڏاتِ هڪ وڏو سمنڊ آهي… مير سردار چنڙ


سوال: نانءُ ولديت سميت؟
مير سردار چنڙ: سردار علي ولد پيارو خان چنڙ
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ.؟
مير سردار چنڙ: 16 آگسٽ 2001ع ڳوٺ پاٽ شريف تعلقو ۽ ضلعو دادو
سوال: ادبي نانءُ ؟
مير سردار چنڙ: مير سردار چنڙ
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو.؟
مير سردار چنڙ: انٽر پاس ڪئي آھي نوڪري جي چڪر ۾ اڃا پيو ئي ناھيان .
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو.؟
مير سردار چنڙ: ڊسمبر 2016ع
سوال: ادبي استاد..؟
مير سردار چنڙ: جيتوڻيڪ لکڻ ھڪ ڏات آهي، ڏات قدرت طرفان ئي عطا ٿيندي آهي، تنهن ھوندي به ان جي قانون قاعدن کي سمجھڻ لاءِ استاد جي ضرورت پوي ٿي منهنجا ادبي استاد امر ثناء ۽ عين سحر آهن جيڪي مون کي ادبي زندگي جي ھر موڙ تي ھر وقت ڪم آيا آھن ۽ منھنجي سدائين رهنمائي ڪندا رھيا آھن جيڪو آھيان ان ۾ انھن ٻنھي شخصيتن جي وڏي محنت آهي.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
مير سردار چنڙ: ننڍپڻ ۾ اخبارون ۽ مختلف رسالا پڙھڻ جي عادت وجھي ڇڏي ھيم جنهن اڳتي ھلي لکڻ تي مجبور ڪيو ۽ مان لکڻ شروع ڪيو.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
مير سردار چنڙ: لکڻ وقت مون کي منهنجو مطالعو ۽ خيال اتساھيندا آھن وڌيڪ اتساھ تڏهن ملندو آهي، جڏهن تخليق شايع ٿيندي آهي، ۽ ڪنهن ٻئي واتان پنهنجي تخليق جي تعريف ٻڌندو آهيان
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
مير سردار چنڙ: 4 ڊسمبر 2016ع تي پھريون ڪالم روزاني سوڀ (سون ورني سنڌ جي ثقافت )۽ عوامي آواز ۾ (عالمن جي شھر مٿان ڏوھارين جو راڄ) ڇپيو ھو جنهن بابت مون کي ڪا خبر ئي نه هئي.
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟
مير سردار چنڙ: مون کي ادب جي دنيا ۾ آئي ڪي چند سال ٿيا آهن پر الله جي ڪرم سان سنڌ جي تقريبن رسالن ۾ شايع ٿي چڪو آھيان تنهن ۾ مٺڙا ٻار احساس ميگزين، ھزار داستان، عوامي آواز ميگزين، ٻارن جي ٻاري، ماھوار اتساھ، سنڌ راڻي ميگزين، ھندستان جي مشھور ميگزين ھندواسي، روزاني ڪوشش، روزاني عوامي آواز، سوڀ، جيجل، عبرت، عوام سچ، ڪلياڻ، نداء سنڌ، پاڪ بليٽن، بينظير ٽائيمز، ھلال پاڪستان، ارادو لاڙڪاڻو، فاسٽ ٽائيمز، روزاني پورھيو ڄامشورو ۽ ٻين ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿي چڪو آھيان
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
مير سردار چنڙ: مان مضمون نويسي، ڪالم نويسي، سفرناما، تبصرا نگاري ۽ ٻاراڻي ادب جون ڪھاڻيون، چوسٽا، خاڪا نويسي تي لکيو آھي، ڪھاڻيون مان لکڻ چاھيان پيو پر سٺي طرح کين لکي نه سگھيس. منهنجي پسنديده صنف خاڪا نويسي ئي آهي.
سوال: ڪھاڻين جو تعداد، ڪيتريون ڇپيل؟
مير سردار چنڙ: ٻاراڻي ادب جون تقريبن 10کن سڀ شايع ٿيل شايد باقي ھڪ اڌ ھوندي جيڪا شايع نه ٿي آھي نه ئي شايع ٿي سگھندي.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال......؟
مير سردار چنڙ: خاڪا نويسي تي ڪتاب ڪمپوز ٿي چڪو آھي جيڪو 2021ع جي وچ ۾ مارڪيٽ ۾ اچي ويندو.
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
مير سردار چنڙ: پھرين تخليق جي چپجڻ جي خبر ئي نه هئي باقي ٻي تخليق تي سائين (بابا) کي تمام گھڻي خوشي ٿي هئي جنهن جو ڪو اندازو ئي ناهي.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
مير سردار چنڙ: ادب جي دنيا ۾ اڳتي وڌڻ ۾ سدائين منهنجي دوستن ساٿين گھر وارن حوصلا افزائي ڪئي آهي، جنهن ۾ عين سحر، امر ثنا سائين پيارو خان چنڙ، ڀاءُ بشير چنڙ دوستن پريمي شاھد، مير ظفر چانڊيو، اظھر امر، رحيم مھر، ھالار ياسين ۽ ٻيا شامل آھن.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾....؟
مير سردار چنڙ: شاعري منهنجي نظر ۾ ھڪ احساس آھي ھڪ تڙپ آھي ھڪ احتجاج آھي جيڪو شاعر احتجاج رڪارڊ ڪري دنيا اندر ان جي دادرسي ڪري ٿو ۽ ان کي ڪوريج ڏئي ٿو . شاعِري اندر جو اھو اتساھ آھي جيڪو ڪيترين ئي دردن سورن، تڪليفن کي اندر ۾ اتساھي ٿو .
سوال: محبت اوهان جي نظر۾ ..؟
مير سردار چنڙ: محبت زندگي جو ھڪ حساس عضوو آھي جنھن کي محبت سان ئي پروڙي سگھجي ٿو باقي لذتن سان ڪڏهن به محبت کي پروڙي نه ٿو سگھجي.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب /اديبائون..؟
مير سردار چنڙ: پسنديده شاعر: شاھ عبداللطيف ڀٽائي، استاد بخاري، مھر ڊٻائي، عين سحر، ارشاد سومرو، علي بابا، امر جليل، حسن درس، پائلو ڪوھلو، امر ثنا
سوال: پسنديده شخصيت..؟
مير سردار چنڙ: اياز لطيف پليجو ۽ مريم نواز
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر..؟
مير سردار چنڙ: ڪتاب: سنڌباد جو سفر علي بابا (ٻاراڻو ناول ) ۽ڪيمياگر پائلو ڪوھلو (ناول). گل؛ گلاب جو . رنگ؛ اڇو . موسم؛ سيارو. پھر؛ شام جو.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي..؟
مير سردار چنڙ: زندگي جي پھرين خوشي منهنجو حيدرآباد لڏي اچڻ تي ٿي هئي جنهن ۾ مان پنهنجي زندگي جون ڪيتريون ئي حسرتون خواھشون ۽ خواب کڻي آيو هئس .
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو...؟
مير سردار چنڙ: زندگي ۾ تجربا مشاھدا تمام نه ھجڻ جيترا آھن تنهنڪري منهنجي خيال ۾ مون وٽ ڪو به اھڙو ڏک صدمو محفوظ ناھي.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي؟
مير سردار چنڙ: اڄ جي عورت تعليم ۽ شعور چاھي ٿي، شعور سان گڏ آزادي چاھي ٿي، تنهن کان پوءِ زندگي جي ھر شعبي ۾ ڪم ڪرڻ چاھي ٿي.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾ .؟
مير سردار چنڙ: عورت خدا جي عظيم تخليق آھي، ھي اھا تخليق آھي جنهن کي اڄ تائين ڪير سمجھي نه سگهيو آھي ھڪ عورت ھزار ڪردار.
سوال: اڄڪلھه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ..؟
مير سردار چنڙ: اڄڪلھه ادب تمام بھترين سرجي رھيو آھي ماضي جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ نوجوانن جي لاءِ ڪي به ادبي ڪلاس ناھن ھلايا ويا نه ئي ادبي تربيت ڪئي وڃي ٿي نوجوان پنهنجي پيرن تي پاڻَ اٿيا آھن، جيڪي تمام سٺو لکي رھيا آهن
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
مير سردار چنڙ: منهنجي نظر ۾ ان جو سبب ھڪ سفارش، ساڙ ۽ حسد آهي اسان وٽ ھڪ اديب ٻئي اديب جا پير ڪڍڻ ۾ مصروف لڳو پيو آھي، ھڪ اھو نه ٿو چاھي ته مان ٻئي اديب کي اڳتي آڻيان ۽ ٻيو سفارش عام جام ٿي وئي آ اسان وٽ مشھور اخبارن رسالن جا ايڊيٽر تقريبن سفارش تحت مواد شايع ڪن پيا نه ڪي معيار تي، اگر سفارش تي مواد شايع ٿيندو ته ٻين ٻولين وارا به اھو پڙھندا ۽ اسان جو معياري مواد پاڻ تائين محدود ٿي ويندو ته اسان کي مڃتا ڪٿان ملندي؟ باقي جيڪو معياري مواد اڳتي ويو آهي ته انھن ضرور مڃتا ماڻي آهي، جنهن جا ڪيترائي مثال موجود آھن .
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
مير سردار چنڙ: ٻار جڏهن ڄمندو آھي ته ان جي واڌ ويجھه لاءِ ماءُ جي ٿڃ ضروري ھوندي آھي ائين ئي جڏهن ادب جي دنيا ۾ ڪو جنم وٺي اچي ٿو ته ان جي لکڻين جي واڌ ويجهھ لاءِ تنقيد ضروري آھي. تنقيد ھر دور ۾ ھر ادب تي ٿيندي رھي آھي، تنقيد تاريخ جي وڏن وڏن ليکڪن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آندو آهي، جنهن سان سندن لکڻين مان جھول ختم ٿي ويندو آهي پر اسان وٽ اڄڪلھه تنقيد براءِ اصلاح رھي ڪٿي آھي؟ اسان وٽ رڳو تنقيد براءِ تنقيد ڪئي وڃي ٿو ماضي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخن ۾ تنقيد براءِ اصلاح جا زبردست ڪلاس ھلندا هُئا ۽ رسالن ۾ پڻ سٺي تنقيد ٿيندي هئي پر ھن وقت رڳو تنقيد براءِ تنقيد ھلي پئي. نقاد لکڻي تي ڳالهائڻ بجاءِ ليکڪ جي ذاتي زندگي تي ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو تنهن ڪري اسان وٽ لفظ تنقيد به ماضي بڻجي چڪو آهي .

سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي..؟
مير سردار چنڙ: سياست ۾ ته تمام گھڻو شوق ھو پر وقت، ۽ حالتن کي نظر ۾ رکندي فلحال سياست کان پري ٿي ويس شروعات ۾ قومي عوامي تحريڪ سان تعلق رکندڙ هُئس پر ھاڻ بلڪل غير سياسي آھيان ڪنهن سياسي سماجي پارٽي سان تعلق ناهي .
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾..؟
مير سردار چنڙ: زندگي منهنجي نظر ۾ سمنڊ جي ڪناري تي ٺھيل واري جي دڙي مثل آھي، جنهن کي ڪنهن وقت به سمنڊ جي ڇولي ڪيرائي ختم ڪري سگھجي ٿي.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾.؟
مير سردار چنڙ: موت منهنجي نظر ۾ ھڪ گناھ آھي، ڇاڪاڻ ته موت اچڻ سان ڪيترائي خواب، حسرتون، خواھشن ختم ٿي وڃن ٿا ۽ ڪنهن کان اھي سڀ ختم ڪرائڻ ڪنهن گناھ کان گھٽ ناھن.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
مير سردار چنڙ: نفرت سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ مادو آھي، نفرت انسان جي ناڪاري سوچن مان جنم وٺندي آھي جيڪا انسان کي پنهنجن کان پري ڪندي آھي ۽ انسان کي سنگدل بڻائي ڇڏيندي آھي.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾ .؟
مير سردار چنڙ: انسان جو تمام ننڍڙو مضبوط عضوو.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا..؟
مير سردار چنڙ: دنيا جي دادلا ( خاڪا نويسي)
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
مير سردار چنڙ: طبعيت جو عجيب آھيان، اڄ تائين ڪير سمجھي نه سگھيو آھي نه ئي پاڻ سمجهي سگھيو آھيان.
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
مير سردار چنڙ: جڏهن ڪنهن ڪم ۾ مصروف ھجان ۽ وچ ۾ خلل وجھي
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون؟
مير سردار چنڙ: فخر ڪريم ماڊل سيڪنڊري اسڪول پاٽ شريف مان مڃتا سرٽيفڪيٽ 10 سيپٽمبر 2008ع، نيو اورا ٽيڪ ڄامشورو مان مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ 2019ع، ڊي آئيڪونز اڪيڊمي قاسم آباد حيدرآباد جي سالياني پروگرام ۾ مليل مڃتا شيلڊ 2020ع.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟ اوهان ڇا محسوس ڪندا آهيو؟
مير سردار چنڙ: لکڻ وقت منهنجي ڪيفيت ڪا خاص ناھي ھوندي بس ٿوري بيقراري ھوندي آهي .
سوال: درد ڇا آهي؟
مير سردار چنڙ: درد به خدا جي ھڪ نعمت آھي، جنهن سان ھڪ انسان کي ٻئي انسان جي احساسن جي پروڙ پوي ٿي، اگر دنيا ۾ درد نه ھجي ھا ته شايد ڪير ڪنهن کي ياد ئي نه ڪري ھا.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪُجهه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
مير سردار چنڙ: مان جيڪو لکان ٿو ان کي لکڻ کان پھريان پرکيان ٿو پروڙيان ۽ سمجھان ٿو بعد ۾ لکان ٿو باقي مطمئن مان اڄ تائين ناھيان ٿي سگھيو ڇاڪاڻ ته جيڪو ليکڪ پنهنجي لکڻي مان جڏهن مطمئن ٿئي ٿو ان ڏينهن سندس لکڻي سندس وٽان موڪلائي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته ڏات ھڪ وڏو سمنڊ آھي جنهن جو اڃا ڪير سيرُ نه ڪري سگھيو آھي.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪھڙا آهن؟
مير سردار چنڙ: اسان جي سنڌي سماج ۾ ھڪ ته عورتن کي آزادي نه ھجڻ برابر آھي ملازمت ڪندڙ عورتن سان ڪيترائي واقعا پيش اچن ٿا، ھر اداري ۾ بگھڙ موجود آھن جتي عورتن کي بليڪ ميل ڪيو وڃي ٿو، جنهن جي ڪري ڪجهه واقعا ويجھر ۾ پيش آيا آھن ان کان علاوه عورتن کي بنيادي سھولتن کان محروم ڪيو وڃي پيو.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
مير سردار چنڙ: مرداڻي معاشري ۾ اڄڪلھه عورتن کي ڪا به مشڪلات نه ٿي اچي ڇاڪاڻ ته اڄڪلھه مرد ۽ عورتون گڏ ڪم ڪن پيا.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
مير سردار چنڙ: لکڻ منهنجو شوق آھي عشق آهي
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
مير سردار چنڙ: شھرت مون کي تمام سٺي لڳندي آھي پر ان ۾ عزت ھجي.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
مير سردار چنڙ: شڪايت ڪنهن کان ناھي شڪايت به ڪنھن کان ڪنداسين. **

رشتن جا احساس مري ويا آهن… ميمڻ روشن تبسم

رشتن جا احساس مري ويا آهن… ميمڻ روشن تبسم

سوال: نانءُ ولديت سميت...
ميمڻ روشن تبسم: روشن ”حاجي ميمڻ“
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ.؟
ميمڻ روشن تبسم: 18 جولاءِ 1960ع ٽنڊو ڄام ميمڻ محلا ننڍپڻ مٽياري شريف ۾ گذريو.
سوال: ادبي نانءُ...
ميمڻ روشن تبسم: ميمڻ روشن تبسم
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو.؟
ميمڻ روشن تبسم: بي اي، ايل ايل بي، سرڪاري نوڪري رٽائرڊ ڊائريڪٽر انفارميشن گورنمنٽ آف سنڌ.
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو.؟
ميمڻ روشن تبسم: 1980ع کان مهينو ياد ڪونهي.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
ميمڻ روشن تبسم: شمشير الحيدري، شهناز نور صاحبه.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
ميمڻ روشن تبسم: متاثر گهٽ ٿيندي آهيان، ڀٽائي صاحب، بابا بلهي شاهه، سماجي برايون، هٿ ٺوڪيون ريتون رستون، ڪمزورن سان ناانصافي، طاقتور جي سلامي، پير ڇُهَڻ، زبانن تي تالا لڳائڻ.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
ميمڻ روشن تبسم: منهنجو پهرين ڪَچو ڦڪو شعر عبرت اخبار ۾ عبدالغني درس صاحب جي مهربانيءَ سان ڇپيو ۽ عبرت مئگزين مڪمل انٽرويو به ڇپيو هو ۽ پوءِ جوهر صاحب جي مهربانيءَ سان آفتاب اخبار ۾ ڪافي مواد ڇپيو.
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيون آهيو؟
ميمڻ روشن تبسم: عبرت، عوامي آواز، آفتاب، هلال پاڪستان، ڊان، نواءِ وقت، جسارت، رسالن ۾ خاص ڪري انٽرويو ڇپيا آهن سي چڱي طرح ياد ناهن.
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
ميمڻ روشن تبسم: ڪهاڻيون، مضمون، نثري نظم، شاعري انٽرويو. حمد و نعت، جنهن صنف تي قلم چيو ڪندو آهي ان تي لکندي آهيان.
سوال: ڪھاڻين جو تعداد، ڪيتريون ڇپيل؟
ميمڻ روشن تبسم: سٺِ سالن جي عمر ۾ يادگيريون گهٽ آهن باقي ڪهاڻين جا، چار ڪتاب، سوچن جي صليب تي، مارئي ۽ مان، متان تنهنجو ئي توکي لڳي، مون ۾ آهين تون، ڇپجي چڪا آهن.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال......؟
ميمڻ روشن تبسم: ڇپيل ڪتاب ڪُل ڏهه آهن، سال ياد ناهن 1980ع کان هيل تائين چڀيا سپنا ۽ رابيل، لوچين سي لَهنِ، اور ڪائنات رونے لگی، آواز دل، کائنات کے آنسو۔
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
ميمڻ روشن تبسم: اندر جا سُور نه جاڳايو تمام غلط راءِ هئي.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
ميمڻ روشن تبسم: حوصلا افزائي جو رواج ڪونهي.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾....؟
ميمڻ روشن تبسم: هڪ تمام سُٺي فيلڊ آهي شاعريءَ جي ذريعي اسان وڏي کان وڏي ڳالهه آسانيءَ سان ڪري ٿا سگهون، شاعريءَ ۾ مڪر و فريب نه هوندو آهي، سئو فيصد سچ لکيو ويندو آهي جيڪو شاعر محسوس ڪندو آهي يا ڀوڳيندو آهي.
سوال: محبت اوهان جي نظر۾ ..؟
ميمڻ روشن تبسم: محبت پاڪيزه جذبو آهي، محبت مختلف زاوين سان ٿيندي آهي. محبت جا سوين، روپ آهن، هر ماڻهو پنهنجي طبعيت مطابق ڪندو آهي.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب /اديبائون..؟
ميمڻ روشن تبسم: مون تمام گهٽ پڙهيو آهي ان جي ڪري ڪنهن جي ڪا سٽ ذهن و دل کي سٺي لڳندي آهي سو ئي سٺو شاعر آهي.
سوال: پسنديده شخصيت..؟
ميمڻ روشن تبسم: منهنجي ماءُ ۽ بابا سائين.
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر..؟
ميمڻ روشن تبسم: پسنديده ڪتاب ڪلاڪ پاڪ، شاهه جو رسالو، گلاب جو گل، ڪارو ڪلر، موسم اندر سان هوندي آهي، ڪڏهن ساوڻ ته ڪڏهن لُڪَ، ماءُ بڻجڻ وارو پهر.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي..؟
ميمڻ روشن تبسم: مان هميشه خوش گذاريو آهي، پر جڏهن مون پنهنجي وڏي پٽ مير بالاچ کي جنم ڏنو.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو...؟
ميمڻ روشن تبسم: زندگيءَ جو پهريون سڏڪو اڃا ختم ناهي ٿيو شايد قيام تائين رهي بابا سائين جو ڪُمهلو موت، ماءُ جي وڃڻ کان پوءِ جو صدمو، درد بڻجي دل ۾ رهيل آهي، ڏک مون سان گڏ دفن ٿيندو منهنجي وڏي ڀيڻ جنهن جو آخري ديدار ڪري نه سگهيس جو بيجنگ ۾ هُيس.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي؟
ميمڻ روشن تبسم: عورت هميشه کان اُها ساڳي آهي عزت محبت احترام ٿي چاهي.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾ .؟
ميمڻ روشن تبسم: عورت هڪ مضبوط عظمت جو پهاڙ آهي، دنيا ڀلي هن کي ڪمزور سڏي استحصال ڪري پر هو جيئڻ ڄاڻي ٿي، اُها ٻي ڳالهه آهي مردن جي معاشري ۾ هن جي زندگي مشڪلن جو شڪار آهي، دنيا جي سڀني عورتن جا پنهنجا، پنهنجا مسئلا آهن. مسئلن جي نوعيت الڳ الڳ آهن. عورت پڙهيل آهي يا اڻ پڙهيل هُجي، هن کي ٻوسٽ جو ماحول ميسر آهي، زنجيرون مختلف رويين ۾ هُن جو مقدر آهن، ضرورت آهي سوشل سيٽ اپ بدلجي.
سوال: اڄڪلھه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ..؟
ميمڻ روشن تبسم: هر ڪو پنهنجي وِت آهر پنهنجي ماحول ۽ سوچ مطابق ونگار وهي پيو، هر انسان رُڌل آهي، اڄڪلهه ٽائيم گهٽ آهي، تنهن هوندي به جيڪو لکيو پيو وڃي، وقت جي ڳالهه آهي.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
ميمڻ روشن تبسم: اڻ سهپ جي ڪري، اسان وٽ هڪ ٻئي کي اڳتي وڌائڻ جو رواج ناهي، هر هڪ پنهنجي هَٽيءَ جو هوڪو پيو ڏئي. وفاداري ڪانهي، مان توهان کي ٻڌايان 1916ع ۾ مون کي صدارتي ايوارڊ جي لاءِ نامينيٽ ڪيو ويو. منهنجو فائل گرين ۽ ٻئي نمبر تي هو محمد قاسم ٻگهيو، اڪادمي اسلام آباد ۾ ڪرتو ڌرتو هو، هو سنڌ جي نمائيندگي ڪرڻ لاءِ آخري ميٽنگ ۾ ويو هن پنهنجي اندر جي سوڙهه مطابق چيو ميمڻ روشن تبسم اوڻويهين گريڊ جي آفيسر آهي ۽ سفارشي آهي ۽ ائين منهنجو فائل ڪنهن کوليو به نه. مان اُن ٽائيم تي روضه رسول صه جي سامهون ويٺي هُيس ۽ منهنجي اکين مان ٻه ڳوڙها ڳڙيا ۽ اُهي انصاف ڪندا، جيڪو قاسم مون تي ڪوڙ هنيو ته مان سفارشي آهيان، قيامت تائين معاف ڪا نه ڪنديس.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
ميمڻ روشن تبسم: تنقيد تمام سهڻي شئي آهي پر صحتمند هجي اڄ ڪلهه انسان برداشت وڃائي ويٺو آهي سڀ ڪو ائين ٿو سمجهي مان عقل ڪُل آهيان.
سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي..؟
ميمڻ روشن تبسم: جڏهن کان ٻاهر قدم رکيو ڪافي تنظيمن سان لاڳاپيل رهيس. ڀٽائي ويلفيئر ايسوسيئيشن، سماج سڌارڪ تحريڪ، سنڌو ويلفيئر ايسوسيئيشن، سنڌ ڪانيٽل فرنٽ، سروپا ويلفيئر ايسوسيئيشن.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾..؟
ميمڻ روشن تبسم: زندگي مسلسل جدوجهد، ائين ٿو لڳي انسان بند گهٽيءَ ۾ ڊوڙندو رهي ٿو.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾.؟
ميمڻ روشن تبسم: موت وفادار آهي جو يقينن سان پاڻ گڏ کڻي وڃي ٿو.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
ميمڻ روشن تبسم: نفرت انسان جو اندر غليظ ڪري ٿي ڇڏي.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾ .؟
ميمڻ روشن تبسم: ڪڏهن ڪڏهن، دل انسان کي بيوس ڪري ڇڏيندي آهي.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا..؟
ميمڻ روشن تبسم: ايندڙ ڪتاب حمد، نعت، هڪ ڪتاب بينظير تي لکيو آهي، پراسس ۾ آهي..
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
ميمڻ روشن تبسم: پنهنجي خبر ناهي دوست دشمن ئي ٻڌائي سگهن ٿا.
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
ميمڻ روشن تبسم: ڪوڙ تي بلڪل چَرِي ٿي ويندي آهيان.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ.؟
ميمڻ روشن تبسم: تمام گهڻا آهن، بس انهن تنظيمن جون مهربانيون جن منهنجي عزت افزائي ڪئي.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
ميمڻ روشن تبسم: ڪا ڳالهه ذهن ۾ آئي ته پوءِ جنون هوندو آهي ڪيترائي دفعا لکڻ جو موڊ ٿيو ۽ سوچيم ننڊ لڳي آهي سڀاڻي لکندس پوءِ اُها رات ننڊ وئي آخر آڌيءَ رات جو لکندي آهيان پوءِ ننڊ ايندي آهي.
سوال: درد ڇا آهي؟
ميمڻ روشن تبسم: درد کي وائکو ڪري نه ٿو سگهجي، درد انسان جي اندر کي ڳاري ٿو ڇڏي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿيون يا جيڪو ڪجهھ لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
ميمڻ روشن تبسم: انسان مطمئن ٿي نه ٿو سگهي سڄي عمر سکڻ ۾ ٿي گذري.
سوال: اوهان جي شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
ميمڻ روشن تبسم: شاعري ته اڃا تائين ڪنهن ڪا نه ڳائي آهي نه مون ڪوشش ڪئي آهي. باقي 1918ع ۾ منهنجي حمد و نعت جي سي ڊي تيار ٿي آهي ۽ هاڻي ٻي سي ڊيءَ تي ڪم پئي ڪريان مون کي فخر آهي شايد هن دنيا ۾ ڪنهن عورت شاعره جي حمد نعت جي سي ڊي تيار ٿي هجي.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
ميمڻ روشن تبسم: ڪجهه ناهي همت هجي دنيا ته تنگ ڪندي آهي پر آئون نوڪريءَ جي ٽائيم ڪنهن مسئلي کي مسئلو نه سمجهيو، منهنجي ڪتاب ۾ ناممڪن لفظ آهي ئيِ ڪو نه، باقي سمجهو ٿا مردن جي معاشري ۾ عورت ڪافي ڪجهه برداشت ڪري ٿي شڪر الحمد الله 32 سالن جي نوڪرِيءَ ۾ ڪا ڪهاڻي ڪو اشو ڪو نه پيدا ٿيو، پاڻ کي ثابت قدم رهڻو ٿو پوي گرم ۽ ٿڌين کي ڦوڪ ڏئي اڏائي ڇڏيو.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
ميمڻ روشن تبسم: مسئلا ڪجهه به ناهن، پاڻ ماڻهو سڌو آهي ته ڪنهن کي طاقت ڪانهي ۽ اهو به سچ آهي ته اَسان جو مرد دل ڦينڪ آهي جو هو جيڪا عورت ڏسندو آهي، سندس عشق جاڳندو آهي، مرد گردي آفيسن ۾ ٿئي ٿي عورت تي به دارومدار آهي ته وقتي ڏيڏرن کي ڪيئن ٿي منهن ڏئي.ساڙ مردن ۾ گهڻو آهي هو سمجهن ٿا هر شئي تي اسان جو حق آهي، عزت سان جيڪو ملي سو حاصل ڪجي اسان عورتون هاڻي مردن جي ڪوڙڪي مان نڪري چڪيون آهيون پر پوءِ به توهان کي ليکڪن ۾ به جوڙيون ملنديون هونديون جيڪا اڪيلي آهي سا به جيئري آهي پاڻ پتوڙي پئي.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
ميمڻ روشن تبسم: لکڻ مجبوري آهي نه شوق، چريائپ ۽ ڏات آهي جيڪا رب بخشي آهي.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
ميمڻ روشن تبسم: مان ايتري وڏي ليکڪا ناهيان بس رنڊا روڙيندي آهيان رب پاڪ جيڪا عزت بخشي آهي آئون لائق ناهيان الله سائين جي عنايت آهي. انسانن سان ڪهڙيون شڪايتون؟ رشتن جا احساس مري ويا آهن. هاڻي سومناٿ جا بت لڳن ٿا سڀ رشتا، جيئن ته مون سڀني رشتن سان پيار ڪيو آهي، آئون اِهي سومناٿ جا بت ٽوڙي به نه ٿي سگهان رب پاڪ سڀني کي شاد آباد رکي پر مون کي پنهنجو پاڻ کان شڪايت آهي شايد آئون سنڱن سان سهي ڪا نه هلي آهيان تڏهن منهن موڙين ٿا.
**

جيترو درد وڌيڪ، اوترو تخليق وڌيڪ سگهاري …. نسيم حيدري

جيترو درد وڌيڪ، اوترو تخليق وڌيڪ سگهاري …. نسيم حيدري


سوال: نانءُ ولديت سميت؟
نَسيمِ حيدري: نسيم اختر بنت شمشير الحيدري.
سوال: جنم جي تاريخ ۽ هنڌ؟
نَسيمِ حيدري: 27 آڪٽوبر 1965ع حيدرآباد.
سوال: ادبي نانءُ؟
نَسيمِ حيدري: نسيم حيدري.
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
نَسيمِ حيدري: ايم اي سنڌي ادب ڪراچي يونيورسٽي.
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
نَسيمِ حيدري: -1981ع.
سوال: ادبي استاد..؟
نَسيمِ حيدري: مشاهدو ۽ مطالعو.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
نَسيمِ حيدري: مختلف اديبن کي پڙهي.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
نَسيمِ حيدري: فطرتي شين جي پائمالي، سماج ۾ ٿيندڙ بي انصافيون، ظلم ۽ زيادتي، خاص طور ٻارن ۽ عورتن سان ٿيندڙ تشدد جا واقعا... ۽ فطرتي حسن.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
نَسيمِ حيدري: پڙهائي دوران زبيده ڪاليج حيدرآباد مان نڪرندڙ ڪاليج مخزن ۾ 82-1981ع.
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيون آهيو؟
نَسيمِ حيدري: اخبارون پڪار، اعلان حق، هلال پاڪستان ۽ ٻيون. رسالا پيغام، مهراڻ، سگهڙين سٿ، سرتيون، ماهوار حياتي (سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن) ۽ ٻيا.
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
نَسيمِ حيدري: نظم نثر ٻنهي ۾، پسنديده صنف نظمُ.
سوال: ڪھاڻين جو تعداد، ڪيتريون ڇپيل؟
نَسيمِ حيدري: لڳ ڀڳ 20 ڪهاڻيون (ڪجهه ڇپيل ۽ ڪجهه اڻ ڇپيل).
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جو سال؟
نَسيمِ حيدري: ڇپائيءَ جي مرحلن ۾.
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
نَسيمِ حيدري: سٺو.. همٿ افزائيءَ وارو.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
نَسيمِ حيدري: منهنجي استاد ميڊم فهميده حسين.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾....؟
نَسيمِ حيدري: جذبي فڪر جو فني اظهار، اندر جي پيڙا ۽ بي چيني، اندر جي اُڌمن ۽ احساسن جو خوبصورت لفظن ۾ بيان.
سوال: محبت اوهان جي نظر۾ ..؟
نَسيمِ حيدري: اندر جو فطرتي ۽ حساس جذبو جنهن جي اڀار سان هڪ انسان پنهنجي انسانيت واري منسب تي فائز ٿئي ٿو. محبت جي جذبي سان ڪائنات سهڻي ۽ خوبصورت ٿيو پوي. ”محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن، تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهايو. (شاهه)
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب /اديبائون..؟
نَسيمِ حيدري: شاهه لطيف، شمشير الحيدري، امر جليل ۽ نور الهديٰ شاهه.
سوال: پسنديده شخصيت..؟
نَسيمِ حيدري: شمشير الحيدري.
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر..؟
نَسيمِ حيدري: شاهه جو رسالو، گلاب، ڪارو، سيارو، صبح.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي..؟
نَسيمِ حيدري: هم خيال ساٿيءَ جو ملڻ/پهرن ڌيءَ ڪنول جو پيدا ٿيڻ.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو...؟
نَسيمِ حيدري: بابا سائينءَ جي وفات/وڇوڙو.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي؟
نَسيمِ حيدري: عزت، احترام، پنهنجي حقن جي پاسداري، تحفظ ۽ مناسب آزادي، بنيادي حق ۽ اظهار راءِ
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾ .؟
نَسيمِ حيدري: عورت هر روپ ۾ قابل احترام ۽ مقدس آهي، ماءُ جي روپ ۾ جنت، ڌيءَ جي روپ ۾ رحمت ۽ زال جي روپ ۾ زندگيءَ جو ساٿي آهي کيس انسان سمجهيو وڃي... جاگير نه..
سوال: اڄڪلھه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ..؟
نَسيمِ حيدري: سٺي ۽ ڪارائتي ادب سرجڻ جا سبب روحاني ۽ جذباتي ٿين ٿا. ڪنهن دور ۾ سنڌي ادب ۾ حب الوطنيءَ جي جذبن سبب تمام سٺو ادب سرجندو هو. ليکڪ سنڌ امڙ جي مان ۾ گيت، وايون ۽ غزل لکندا هئا. نثر نويس پڻ سنڌيت کي نروار ڪرڻ لاءِ پنهنجي لکڻين ۾ حب الوطنيءَ جا جذبا اُڀيريندا هئا. سنڌي ادبي سنگت جا تمام وڏا نالا ۽ قومپرست تحريڪ ۾ ڪم ڪندڙ تمام وڏا نالا موجود هيا، جن جي لکڻين سان عام ماڻهو جي جذبن جي پرورش ٿيندي هئي، پر جڏهن کان سنڌ ۽ سنڌيت جي جذبي کان خالي ادب پيش ٿيڻ شروع ٿيو آهي ته ان مان اها جاذبيت به نڪري وئي آهي. شاعر ۽ نثر نويس عام ماڻهوءَ کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ جي صلاحيت وڃائي ويٺا آهن ۽ هاڻ جيئن ته ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن پڙهڻ بجاءِ عام ماڻهو ميڊيا، ٽي وي ۽ نيٽ کي پنهنجي علم وڌائڻ جو ذريعو سمجهي ٿو، ۽ سنڌي ميڊيا ۽ نيٽ اهو ڪردار ادا ڪرڻ کان عاري آهي ان ڪري معياري ادب جو پيدا ٿيڻ پڻ سستيءَ جو شڪار آهي. اُن جو وڏو سبب آهي سهولتن، ادارن جو فقدان ۽ موجوده ادارن جو ڪم نه ڪرڻ. ادب کي وڌائڻ لاءِ ميڊيا، ڪتاب، اخبار ۽ رسالا اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. سنڌي ميڊيا اهو ڪردار ادا ڪري نه سگهي آهي جيڪو ٻين ٻولين خاص طور اردو ٻوليءَ جي ميڊيا ڪري پئي. ڪتاب ڇپجڻ يا پڙهڻ وارو رجحان گهٽ ٿيندو وڃي ۽ اخبارون يا رسالا پڻ ادبي خدمت ڪرڻ کان وانجهيل آهن. ادارا جهڙوڪ يونيورسٽيون، سنڌي ادبي بورڊ يا سنڌي ٻوليءَ جا ادارا وغيره پڻ سَهِي ادبي خدمت ڪرڻ کان وانجهيل آهن. تحقيق ۽ کوجنا جو عمل رُڪيل آهي. ڪنهن دور ۾ سنڌي ادب لاءِ هڪ تنظيم سنڌي ادبي سنگت پڻ فعال هئي پر اڄ ڪلهه اها پڻ غير فعال ۽ ويڙهه جو شڪار آهي. هي دور آهي انٽرنيٽ جو ۽ سنڌي ادب کي پيش ڪرڻ لاءِ هڪ ويب سائيٽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام پنهنجي مدد پاڻ ڪندي نظر اچي ٿي پر ٻين ٻولين ۾ ڪئي ويب سائيٽس آهن جيڪي ادب کي آن لائين پيش ڪن ٿا ۽ انهن کي مدد پاڪستاني ادارن کان ملي ٿي. ادب کي سٺي پذيرائي ملندي ته ليکڪن کي پڻ پذيرائي ملندي، ان ڪري ادبي ادارن کي تڪڙو ۽ طاقتور ٿيڻو پوندو. سٺي لاڳت ٿيڻ گهرجي ته جيئن لکڻ وارن جي سهائتا ۽ مالي مدد ٿي سگهي.

سوال: تنقيد ڇا آهي اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
نَسيمِ حيدري: تنقيد کي انگريزيءَ ۾ (Criticism) ۽ اردو ۾ نُقطه چيني به چئجي ٿو. جنهن جي معني آهي ڪنهن ليک يا شئي سان انصاف ڪرڻ ۽ ان جي تور تڪ ڪرڻ جيئن سونارو سون کي ڪسوٽيءَ تي مهٽي سون جي اصليت بيان ڪندو آهي. اسان جي معاشري ۾ ٻن قسمن جي تنقيد ڪئي وڃي ٿي. تنقيد براءِ تنقيد ۽ تنقيد براءِ اصلاح. گهڻا تنقيد نگار ۽ اديب ڪنهن اڀرندڙ ليکڪ ۽ ليکڪائن تي ذاتي انا سبب بجاءِ ان ليک تي تنقيد ڪرڻ جي، شخصي تنقيد ڪن ٿا ان ڪري اصلاح جو عمل رڪجي وڃي ٿو ۽ ذاتي رنجشون پيدا ٿين ٿيون. تنقيد براءِ اصلاح ڪندڙ ۽ اعليٰ ظرف ليکڪن جو تعداد تمام گهٽ هجي ٿو، جيڪي ڪنهن ليک سان انصاف ڪري سگهن ۽ ليکڪُ پنهنجي لکڻيءَ کي سڌاري سگهن ۽ سکڻ جو عمل جاري رهي. ڪي ليکڪ پڻ ڪند ذهن هجن ٿا، جو سندن لکڻيءَ تي اصلاحي تنقيد به ڪجي ته هو ان کي به برداشت نه ٿا ڪن ۽ سکڻ جي بجاءِ ذاتي رنجش ۾ تبديل ڪري وجهڻ جي غلطي ڪن ٿا ۽ ادب ۾ سڌاري ٿيڻ جا امڪان ختم ٿي وڃن ٿا.
سوال: ادبي سياسي، سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
نَسيمِ حيدري: سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن سچل ڳوٺ ڪراچيءَ جا ميمبر.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
نَسيمِ حيدري: جر تي بيٺل ڦوٽي جيئان پر جيڪي پل آهن سي تمام سهڻا ۽ وڻندڙ آهن.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
نَسيمِ حيدري: زندگيءَ جو اَنتُ ۽ ابدي ننڊ.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
نَسيمِ حيدري: نفرت پڻ اندر جي منفي احساسن جو نالو آهي ۽ محبت جي ابتڙ سماج ۾ ناپسنديده آهي، اهو احساس سماج ۾ خرابيون پيدا ڪري ٿو، ان ڪري ان احساس يا جذبي کي ماري مات ڪرڻ گهرجي ته، جيئن سماج ۾ محبت نروار ۽ ڪامياب ٿئي.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾ .؟
نَسيمِ حيدري: ڏٺو وڃي ته دل طبعي طور تي جسم کي رت پهچائڻ ۽ زندهه رکڻ جو هڪ آلو آهي، پر روحاني طور تي انسان جي احساسن ۽ جذبن جو هڪ مرڪز آهي، جنهن مان ڏک، خوشي، محبت، نفرت وغيره جهڙا جذبا اڀري نڪرن ٿا.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا..؟
نَسيمِ حيدري: ڪهاڻين جو ڪتاب ”سرنهن پيلا جهليندي گل“ شاعريءَ جي ڪتاب جو نالو تجويز ناهي ڪيو.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
نَسيمِ حيدري: ڪجهه نرم ڪجهه سخت.
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
نَسيمِ حيدري: بي اصولي، ڪوڙ، دوکيبازي، منافقت ۽ بي ترتيبي.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ.؟
نَسيمِ حيدري: (1) زبيده ڪاليج حيدرآباد طرفان تقريري مقابلي جو ايوارڊ، (2) بين الاقوامي سچل ڪانفرنس (سگا) پاران شيلڊ، (3) ڪراچي يونيورسٽي طرفان مڃتا طور مليل شيلڊ، (4) ريڊيو پاڪستان پاران نوجوانن جي پروگرام جي ميزباني ڪرڻ جي مڃتا ۾ مليل سرٽيفڪيٽ. (5) عزم پاڪستان مئگزين طرفان ايوارڊ.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
نَسيمِ حيدري: ڪجهه وقت هن دنيا کان ڏور، تخيل جي اڏام سان گڏ، تصوراتي ۽ سوچن جي دنيا ۾.
سوال: درد ڇا آهي؟
نَسيمِ حيدري: درد انسان جو فطري جذبو آهي. شاعر، اديب، دانشور يا مفڪر هڪ حساس دل رکندر باشعور ۽ روشن ضمير ٿئي ٿو. منجهس درد مند دل جو هجڻ ضروري آهي. درد يا پيڙا پنهنجي ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ هجي يا پوري انسان ذات لاءِ.. دنيا جا جيڪي به شاعر آهن، انهن ڏکن کي سکن جي سونهن ڪري پيش ڪيو آهي. سور، غم، ڏک، درد، گداز ۽ گوندر جهڙا لفظ سڀني شاعر وٽ ملن ٿا. جيترو درد وڌيڪ اوترو تخليق سگهاري ٿئي ٿي. سچ ۽ عشق جي رستي ۾ سور ۽ پيڙائون ڀوڳڻيون پون ٿيون، اهڙا انسان مضبوط ٿين ٿا ۽ سورن کي مُرڪ سمجهندا آهن. شاهه صاحب سورن کي ڏکن جي سونهن سمجهي ٿو. ”ڏک سکن جي سونهن گهوريا سک ڏکن ريءَ“ يا وري چيو اٿس ”سکن واري سڌ، متان ڪا مون سين ڪري اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون.“

سوال: اوهين جيڪو لکو ٿيون يا جيڪو ڪُجهه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
نَسيمِ حيدري: بلڪل نه. منهنجي خيال ۾ مطمئن ٿيڻ معني بيهجي وڃڻ. هر شئي وقت سان گڏ تبديل ٿيندي رهي ٿي. انسان جا فڪر، خيال ۽ ويچار بدلجندا رهن ٿا ۽ انهيءَ سچ کي قبول ڪرڻو پوندو آهي. ننڍپڻ ۾ اسان جيڪو پڙهيو ۽ پرکيو اهو ٻيو ڪجهه هيو ۽ هاڻ ٻيو ڪجهه. انسان هميشه کان بهتر کان بهتر جي طرف وڌندڙ ۽ تلاش ۾ آهي. خاص طور تي هڪ تَخليقڪار جو بي چين روح هجي ٿو، جيڪو کيس ڪڏهن چين سان رهڻ نه ٿو ڏئي، هر وقت نوان خيال ايندا رهن ٿا، جنهن ڪري هو مطمئن رهي نه ٿو سگهي.
سوال: اوهان شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
نَسيمِ حيدري: ڪنهن به نه.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪھڙا آهن؟
نَسيمِ حيدري: پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ ۾ ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو آهي ادارن ۽ حڪومت پاران سهولتن جو فقدان. عورت معاشرتي طور مذهبي ادارن پاران تنقيد ۽ فتوائن کان ڊنل آهي. غير ترقي يافته ذهني سوچ جو شڪار آهي. عورت ۽ مرد جي جنسي فرق سبب پڻ عورت کي مشڪل ٿئي ٿي، فطرتي طور تي عورت ۽ مرد جون ذميواريون الڳ الڳ آهن عورت کي نوڪريءَ کان علاوه پنهنجي ڪٽنب ۽ ٻارن پالڻ ۽ ڄڻڻ جي ذميواري پڻ نڀائڻي هجي ٿي. حڪومتي يا غير حڪومتي ادارن ۾ عورتن جي لاءِ نوڪرين جو تعداد گهٽ هجڻ ۽ انهن ادارن تائين عورت جي پهچ ۽ سفري سهولتن جو فقدان پڻ عورت کي پيش اچي ٿو. مرد ته سائيڪل، موٽر سائيڪل يا ڪنهن ٻي سواريءَ ذريعي پهچيو وڃي پر عورت ائين ڪرڻ کان قاصر آهي.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
نَسيمِ حيدري: دنيا جي هر معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي تڪليفون ۽ مشڪلاتون پيش اچن ٿيون، پر خاص ڪري سنڌي معاشري ۾ وڌيڪ مشڪلاتون آهن، جهڙوڪ: (1) سهولتن جو فقدان، (2) علمي ۽ ترقي يافته سوچ جي ڪمي، (3) جنسي ڏاڍائي. جيئن ته سنڌي معاشري ۾ عورت اڪيلي سر سفر ڪري نه ٿي سگهي، ان ڪري هوءَ ادبي گڏجاڻين ۽ ادارن تائين رسائيءَ ۾ تڪليف محسوس ڪري ٿي. علمي کوٽ ۽ غير ترقي يافته سوچ سبب کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ٿو وڃي ۽ کيس دلبرداشته ڪيو وڃي ٿو.عورت ليکڪائن کي مردن سان گڏ پنهنجي عزتِ نفس کي بچائڻ جو ڀئو رهي ٿو. حل اهو آهي ته: عورت ليکڪا کي پنهنجي ارادي جي پختگي ۽ عزم سان وڌڻو پوندو جيئن موجوده دور جو بهترين مثال، محترمه نور الهديٰ صاحبه ۽ مهتاب اڪبر راشدي صاحبه آهن. گڏيل معاشرتي ترقي يافته سوچ ۽ سهولتن جو هجڻ ضرور آهي ته جيئن عورت آزادي محسوس ڪندي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري سگهي ۽ گهر جي مرد ڀاتين جو تعاون پڻ اهم آهي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
نَسيمِ حيدري: ٿورو شوق باقي مجبوري. ڇو ته جڏهن ڪو واقعو يا ظلم ٿيندي ڏسجي ٿو ته دل جي هٿان مجبور ٿي قلم کڻڻو پوي ٿو. جڏهن مون پهرين ڪهاڻي لکي ”گلان“ جيڪا هڪ پورهيت عورت جي سچي ڪهاڻي آهي، ان پورهيت عورت جي زباني، ان سان ٿيندڙ بي واجبين ۽ ڪچڙي عمر ۾ ملندڙ ڏکن واري زندگيءَ جو احوال ٻڌو ته مون قلم کنيو، ساڳي نموني پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول ۾ سوين معصوم شاگردن جي ٿيندڙ قتل عام ۽ تشدد واري واقعي منهنجي اندر کي جهوري وڌو ۽ ننڊ ڦٽي وئي، مون ان بيچينيءَ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ هڪ نظم لکيو ” هڪ سندر بن ۾.“
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
نَسيمِ حيدري: ڪڏهن تمنا نه ڪئي آهي، آئون سمجهان ٿي ته عزت شهرت انسان جي عمل جو نتيجو آهي. سـٺن ۽ ڪارائتن عملن سبب انسان کي شهرت ملي ٿي.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
نَسيمِ حيدري: پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ جي موجوده سياسي ۽ سماجي ماحول ۽ سنڌي نوجوان کان ته هو سنڌ جي محبت کان وانجهيل آهن، جنهن سبب هو سنڌ جي تاريخي اهميت کان پري آهن ۽ معاشرتي سڌار آڻي نه سگهيا آهن. ائين به ناهي ته سنڌي نوجوان ۾ قابليت جي ڪمي آهي پر اها قابليت قومي ڪمن ۾ استعمال نه ٿي ٿئي.
**

هر ڪو سيرُ ٿيڻ جي ڪوشش پيو ڪري … نياز الاهي ابڙو

هر ڪو سيرُ ٿيڻ جي ڪوشش پيو ڪري … نياز الاهي ابڙو


سوال: نانءُ ولديت سميت...
نياز الاهي ابڙو: نياز احمد ولد الاهي بخش ابڙو
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ؟
نياز الاهي ابڙو: ڳوٺ عبالرحيم ابڙو 3 جنوري 1979ع
سوال: ادبي نانءُ ؟
نياز الاهي ابڙو: نياز الاهي
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
نياز الاهي ابڙو: ايم فل۔۔/هيڊ ماستر BPS-17
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
نياز الاهي ابڙو: جنوري 1999ع.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
نياز الاهي ابڙو: استاد بخاري
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
نياز الاهي ابڙو: علم ۽ وطن جي محبت.
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟
نياز الاهي ابڙو: ڪوشش، عبرت، تعمير سنڌ، جيجل ۽ ڪاوش ۾.
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
نياز الاهي ابڙو: نظم ۽ نثر، پسنديده صنف غزل.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
نياز الاهي ابڙو: ظفر پياروي
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾ ؟
نياز الاهي ابڙو: احساس ۽ جذبو
سوال: محبت اوهان جي نظر۾ ؟
نياز الاهي ابڙو: سچو ۽ پاڪ رشتو.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب /اديبائون؟
نياز الاهي ابڙو: استاد بخاري
سوال: پسنديده شخصيت؟
نياز الاهي ابڙو: منهنجي ماءُ
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر؟
نياز الاهي ابڙو: گلابي رنگ
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
نياز الاهي ابڙو: نوڪري
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
نياز الاهي ابڙو: منهنجي ڀيڻ جو وڇوڙو
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي؟
نياز الاهي ابڙو: آزادي
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾ ؟
نياز الاهي ابڙو: لاغرض
سوال: اڄڪلهه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ ؟
نياز الاهي ابڙو: ھرڪو سيرُ ٿيڻ جي ڪوشش پيو ڪري.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
نياز الاهي ابڙو: ٻولي سان چاھ گهٽجي ويو آ.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
نياز الاهي ابڙو: ٺٺو ..ذاتي نشانو بنائڻ
سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
نياز الاهي ابڙو: ساس سيڪريٽري سگا صدر پيارو اسٽيشن. سياست نه.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾ ؟
نياز الاهي ابڙو: هڪ نعمت ٻين ڪاڻ جيئڻ.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
نياز الاهي ابڙو: موت اٽل آ.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
نياز الاهي ابڙو: اڻ وڻندڙ خواھش.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
نياز الاهي ابڙو: آئينو ۽ عڪس.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
نياز الاهي ابڙو: پرين منهنجي پياري جا ۽ جانڻ فقير جي زندگي جو احوال.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
نياز الاهي ابڙو : حساس ۽ شرميلو.
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
نياز الاهي ابڙو : منافق ۽ ڪوڙ.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ؟
نياز الاهي ابڙو: پيرل پرديسي مڃتا ايوارڊ
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
نياز الاهي ابڙو: دل ۽ دماغ ۾ شيون سمايل رکجن.
سوال: درد ڇا آهي؟
نياز الاهي ابڙو: ڪو اڻ وڻندڙ ۽ اڻ ٿيندڙ واقعو جيڪو ڪنهن پياري ۽محبتي ماڻھو طرفان ملي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪُجهھ لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
نياز الاهي ابڙو: نه
سوال: اوهان جي شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
نياز الاهي ابڙو: سائينڏنو ابڙو
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪھڙا آهن؟
نياز الاهي ابڙو: گهريلو ماحول ۽ نا مڪمل تربيت.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
نياز الاهي ابڙو: عورت کي پنهنجي مرضي مطابق اجازت هجي ۽ اعتماد ڪرڻ گهرجي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
نياز الاهي ابڙو: شوق
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
نياز الاهي ابڙو: شهرت جو بکيو نه آهيان.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
نياز الاهي ابڙو: ان کان جيڪو هروڀرو بحث ڪري.
**

نفرت اُڏهيءَ وانگر آهي … واحد سوز ملاح

نفرت اُڏهيءَ وانگر آهي … واحد سوز ملاح

سوال: نالو ولديت سميت؟
واحد سوز: عبدالواحد ولد محمد موسيٰ ملاح.
سوال: جن جي تاريخ ۽ هنڌ؟
واحد سوز: 16 اپريل 1973ع ڳوٺ ڪوڙو کاڙڪ تعلقو ميرپور بٺورو ضلعو ٺٽو (هاڻ ضلعو سجاول).
سوال: ادبي نالو؟
واحد سوز: واحد ”سوز“ ملاح.
سوال: تعليم ۽ پيشو؟
واحد سوز: B.A ايجوڪيشن کاتي ۾ ڪلرڪ.
سوال: لکڻ جي شروعات؟
واحد سوز: آگسٽ 2001ع کان.
سوال: ادبي استاد؟
واحد سوز: سيد قادر بخاري.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکيو؟
واحد سوز: ادبي ڪتاب پڙهي ۽ ريڊيو لسنر ٿي.
سوال: ڪهڙيون شيون لکڻ لاءِ اتساهين ٿيون؟
واحد سوز: ظلم، جبر ۽ ناانصافي.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ڇپي؟
واحد سوز: غزل ”ڇِنِي ساٿ ويندو پتو هو نه مون کي، رڳو سور ڏيندو پتو هو نه مون کي“ ماهوار ”هزار داستان ڊائجسٽ“ حيدرآباد ۾ ڇپيو.
سوال: ڪهڙين اخبارن ۽ رسالن ۾؟
واحد سوز: روزاني هلال پاڪستان، عوامي آواز سوڀ، سنڌو، سنڌ ايڪسپريس، عبرت وغيره. رسالا: هزار داستان، هالار، عبرت مئگزين، سنڌو، تخيل، ادب، سنڌ رويو وغيره.
سوال: ڪهڙين صنفن ۾ لکيو آهي؟
واحد سوز: غزل، نظم، وائي، چئو سٽو، هائيڪو، بيت، همرچو، پنجوڙ، چندن، رينگا، پنجڪڙو، نثر ۽ تاريخي ڪم وغيره.
سوال: اوهان جا ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال؟
واحد سوز: (1) سڏ سڏڪا سارون شاعري ”2012ع“. (2) وڃايل مُرڪ جي ڳولا شاعري ”2013ع“ نوٽ: هي ڪتاب سجاول ضلعو ٿيڻ بعد پهريون ڪتاب ڇپيو ضلعو سجاول ۾. (3) سوچون ساگر ويرون شاعري ”2014ع“، (4) سڪ ۽ سوز شاعري ”نومبر 2014ع“. (5) گيڙوءَ رَتا خواب شاعري ”2016ع“، (6) سنڌ ۾ گهر جي امن شاعرِي ”2017ع“.
سوال: اوهان جي رهنمائي ۽ همت افزائي ڪنهن ڪئي؟
واحد سوز: منهنجو استاد سيد قادر بخاري، عبد سنڌي، سورج سجاولي، محمد ٻارڻ ۽ ساحل سنڌي جيڪي منهنجا بهترين دوست شاعر آهن.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
واحد سوز: شاعري اندر جو آواز مظلومن جي حقن جي رهنمائي ۽ ظالمن جي لاءِ للڪار آهي.
سوال: پسنديده شخصيت؟
واحد سوز: شاعر، اديب، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، استاد بخاري، يوسف سنڌي، مولوي حاجي، احمد ملاح، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، پروين شاڪر، احمد فراز، ناياب سرڪش، امر سنڌو وغيره.
سوال:پسنديده ڪتاب/ رنگ/گل؟
واحد سوز: قرآن شريف، شاهه جو رسالو، گلابي اڇو، گلابي گل.
سوال: زندگي جي پهرين خوشي؟
واحد سوز: 1995ع ۾ نوڪري 1996ع ۾ شادي.
سوال: پهريون صدمو؟
واحد سوز: الله نه ڪري.
سوال: اوهان ڇو لکندا آهيو؟
واحد سوز: لکڻ سان دلي سڪون ملندو آهي.
سوال: اڄ ڪلهه جي ادب شاعري بابت راءِ ؟
واحد سوز: اديب فقط پنهنجا نوازڻ ۾ پورا آهن، ڪنهن به نئين اڀرندڙ شاعر، اديب جي همت افزائي ڪرڻ بجاءِ فقط تنقيد ڪندا آهن.
سوال: زندگي ۽ موت؟
واحد سوز: هڪ سِڪي جا ٻه پاسا آهن.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟
واحد سوز: تنقيد براءِ اصلاح بلڪل ٿيڻ گهرجي، جيڪا رهنمائي آهي پر هروڀرو زهر اوڳاڇڻ کي ڪير برداشت ڪندو..؟
سوال: ادبي سياسي تنظيمن سان وابستگي.؟
واحد سوز: سنڌي ادبي سنگت جو 2012ع ۾ شاخ سجاول جو سيڪريٽري ۽ ميمبر اڃا تائين آهيان.
سوال: طبيعتن ڪيئن آهيو؟ ۽ ڪهڙين ڳالهين تي ڪاوڙ ايندي اَٿَوَ ؟
واحد سوز: گهٽ ڳالهائيندڙ، ڪوڙ ڳالهائڻ واري کان تمام گهڻي ڪاوڙ لڳندي آهي.
سوال: ايندڙ ڪتاب؟
واحد سوز: (1) شاعريءَ جو. (2) گڏيل شاعريءَ جو. (3) سنڌي انگريزي قولن جو ڪتاب. يوسف ڀٽو سان گڏ، تاريخي ڪتاب جيڪو 12 جلدن تي مشتمل هوندو، ان تي ڪم اڃا جاري آهي.
سوال: مليل مڃتا؟
واحد سوز: هڪ به نه ڇو ته غريب کي ڪير به نه سڃاڻندو آهي.
سوال: محبت ۽ نفرت اوهان جي نظر ۾؟
واحد سوز: محبت صحرا دلين لاءِ وڏ ڦڙي برسات وانگر آهي ۽ نفرت اڏهيءَ وانگر آهي.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
واحد سوز: ڇڙواڳ گهوڙي وانگر، جيڪا اڻ جهل بي چئي ۽ ضدي آهي.
سوال: عورت مرد اوهان جي نظر ۾ ؟
واحد سوز: هن سماج جا اهم جز آهن، جن جو هر روپ ۾ پنهنجو الڳ الڳ ڪردار آهي.
سوال: ادبي سفر ۾ ڪهڙا مسئلا پيش آيا؟
واحد سوز: سچ چوڻ تي تنظيم کان ٻاهر رهڻو پيو.
سوال: اوهان جون خوبيون ۽ خاميون؟
واحد سوز: سچ چوڻ خامي، سچو ڪنهن کي نه وڻي.
**

تنقيد نگار اڻڌريو ناهي … وسيم آڪاش سيتائي

تنقيد نگار اڻڌريو ناهي … وسيم آڪاش سيتائي

سوال: نانءُ ولديت سميت؟
وسيم آڪاش: محمد صديق ولد ممتاز علي ميمڻ.
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ؟
وسيم آڪاش : 10 اپريل 1984ع جنم. سيتاروڊ ضلع دادو.
سوال: ادبي نانءُ ؟
وسيم آڪاش: وسيم آڪاش سيتائي
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
وسيم آڪاش: بي اي. گورنمينٽ ملازم (ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ)
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
وسيم آڪاش: 2003ع کان.
سوال: ادبي استاد؟
وسيم آڪاش: سائين مجبور ميمڻ سيتائي ۽ بشير سيتائي
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
وسيم آڪاش: متاثر ته امداد حسيني کان ٿيس، پر لکڻ جو شوق آڪاش انصاري کي پڙھي ٿيو.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
وسيم آڪاش: عشق! پو اھو عشق وطن جي مٽيءَ سان به آھي، ته وطن جي ھوائن سان به. سماج، سماج جي اڻ برابري، ظلم، ڏاڍ، بربريت، انڌيون ريتون رسمون، پنھنجي ديس جي لازوال تاريخ، تھذيب، تمدن، ثقافت سان گڏ
روحاني ۽ مجازي محبوب سان به عشق آھي. جنھن مون کي لکڻ جو اتساھ ڏنو.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
وسيم آڪاش: اخبارن ۽ رسالن م شاعري ڇپائڻ جي حوالي سان سست رھيو آھيان، پر اھو ياد اٿم ته لکڻ جي شروعاتي دور ۾ ماھوار ھزار داستان ۾ لکڻي ڇپي آھي شايد.
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟
وسيم آڪاش: ھزار داستان، نئين آس، سڦلتا، رومي، سنڌ ايڪسپريس، سوڀ سميت تقريبن سڀني اخبارن ۾ ڇپجندو رھيو آھيان.
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
وسيم آڪاش: غزل، گيت، نظم، نثري نظم، وايون، ڏيڍ سٽا، ترائيل، ھائيڪا، بيت، تروينيون مطلب ته ڪافي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آھي، پر منھنجي پسنديدہ صنف غزل ئي آھي،
سوال: ڪھاڻين جو تعداد... ڪيتريون ڇپيل؟
وسيم آڪاش: ڪھاڻين جو ھڪ مجموعي جيترو مواد آھي، پر مون ھڪ به ڪھاڻي اڃا ناھي ڇپائي.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال......؟
وسيم آڪاش: منھنجا ھن وقت تائين ٽي ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا آھن.
1. ھوائن ڇير ڇمڪائي (شاعري 2014ع)
2. ڏھر منجھه ڏيئا ( گڏيل شاعري مرتب ڏنل 2015ع)
3. آلا نيڻ آڪاش جا (شاعري 2016ع)
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
وسيم آڪاش: منھنجو پھريون شاعري مجموعو 'ھوائن ڇير ڇمڪائي' جڏھن ڇپيو ته منھنجا سڀ گھر ڀاتي بيحد خوش ٿيا، خاص ڪري منھنجي امڙ منھنجو ڪتاب گھر آئي وئي مٽَ مائٽ کي ڏيکاريندي رھندي ھئي.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
وسيم آڪاش: وقت ۽ حالتن سان گڏ منھنجي اندر ۾ اٿندڙ آنڌ مانڌ.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾ ؟
وسيم آڪاش: اظھار جو ذريعو ۽ روح جي راحت.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾ ؟
وسيم آڪاش: عبادت
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب /اديبائون؟
وسيم آڪاش: سنڌي ٻولي جا سڀ قلمڪار
سوال: پسنديده شخصيت ؟
وسيم آڪاش: سائين جي ايم سيد
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر؟
وسيم آڪاش: ڪتاب؛ قرآن مجيد.گل؛ گلاب جو. رنگ؛ ڳاڙھو. نيرو، ڦڪو ۽ اڇو.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
وسيم آڪاش: شايد اڃا تائين نه ملي آھي.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
وسيم آڪاش: پنھنجي بابا سائين جو وڇوڙو
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾ ؟
وسيم آڪاش: منھنجي نظر ۾ عورت فطرت جي سڀ کان وڌيڪ خوبصورت تخليق آھي.
سوال: اڄڪلھه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ ؟
وسيم آڪاش: اسان جو نوجوان جيڪو حقيقي قلمڪار آھي، اھو معياري ادب سرجي رھيو آھي، ان حوالي سان مان ته مطئمن رھيو آھيان.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
وسيم آڪاش: اسان وٽ وڏو مسئلو اھو رھيو آھي ته تنقيد نگار اڻ ڌريو ناھي.
سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
وسيم آڪاش: فقط سنڌي ادبي سنگت سان وابستگي رھي آھي.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾ ؟
وسيم آڪاش: مسلسل جستجو جو نالو زندگي آھي.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾ ؟
وسيم آڪاش: خاموشي.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
وسيم آڪاش: بيزاري
سوال: دل اوهان جي نظر ۾ ؟
وسيم آڪاش: سوچيندڙ، لوچيندڙ ۽ ڀوڳيندڙ
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا ؟
وسيم آڪاش:
1. پارسائي (غزل)
2. ساڀيا جي صبا (شاعري)
3. آڪاش جي وسعت (نثري نظم)
4. بي رنگ خواب (ڪھاڻيون)
5. ببيالو (ٻاراڻيون ڪھاڻيون)
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
وسيم آڪاش: مون کي گھڻو ۽ اجايو ڳالھائڻ ناھي وڻندو، گھڻو وقت خاموش به رھندو آھيان.
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
وسيم آڪاش: ڪنھن به اڻوڻندڙ ڳالھه يا عمل تي جلد ڪاوڙ اچي ويندي آھي، جيڪا مون کي به ناھي وڻندي.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ ؟
وسيم آڪاش: کوڙ سارا مڃتا ايوارڊ ۽ سرٽيفيڪيٽ نالي وارن اديبن جي ھٿان مليا آهن.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
وسيم آڪاش: لکڻ وقت جيڪا ڪيفيت ھوندي آھي، اھا ڏاڍي وڻندي آھي، جيڪا لفظن م بيان ڪرڻ مشڪل آھي.
سوال: درد ڇا آهي؟
وسيم آڪاش: جيئڻ جو سھارو.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪُجهه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
وسيم آڪاش: منھنجون لکڻيون منھنجو 'معافي الضمير' آھي.
سوال: اوهان جي شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
وسيم آڪاش: ڪافي فنڪارن مون کي ڳايو آھي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
وسيم آڪاش: لکڻ منھنجو عشق آھي.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
وسيم آڪاش: شھرت ماکي ءِ مصري جھڙي مٺي ھوندي آھي.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
وسيم آڪاش: ٻين کان ته ٺھيو پر پاڻ کان ئي گھڻيون شڪايتون آھن.
**

شاعري منهنجي محبوبه ۽ منهنجو روحُ آهي … وفا چولياڻي

شاعري منهنجي محبوبه ۽ منهنجو روحُ آهي … وفا چولياڻي

سوال: نانءُ ولديت سميت...
وفا چولياڻي: سڌير احمّد ولد استاد عبدالسميع چولياڻي
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ.؟
وفا چولياڻي: 5 جون 1996ع ڳوٺ ڪريم بخش چولياڻي تعلقو تنگواڻي ضعلو ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ۾ جنم ورتم.
سوال: ادبي نانءُ ؟
وفا چولياڻي: وفا چولياڻي
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو.؟
وفا چولياڻي: گريجوئٽ/اٽي تي چٽي/شاعري
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو.؟
وفا چولياڻي: 2016ع
سوال: ادبي استاد..؟
وفا چولياڻي: ڪافي سارا شاعر آهن جن کي پڙهي مختلف سبق سکيو آهيان ۽ انهن کي ئي پنهنجو استاد مڃان ٿو باقي سکيا ڪنهن کان ناهي ورتي.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
وفا چولياڻي: شاعري دل جو شوق ھُئي ۽ اهو شوق پورو ڪرڻ لاءِ سنڌ جا ڀلوڙ شاعر پڙهيم خبر ناهي ته الائي ڪنهن جي قلم دل جي دنيا تي قبضو ڪيو.
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
وفا چولياڻي: گيت، غزل، ڪافي، وائي، ربائي، بيت، دوهو، ڏيڍ سٽو، هائڪو ۽ پنجڪڙو به لکيو آهي.
جنهن مان غزل، بيت، رباعي ۽ هائڪا منهنجون پسنديده صنفون آهن.
سوال: ڪھاڻين جو تعداد، ڪيتريون ڇپيل؟
وفا چولياڻي: هڪ به نه
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال......؟
وفا چولياڻي: ڪو به نه
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
وفا چولياڻي: منهنجي والد محترم استاد عبدالسميع ۽ چاچي نظير احمّد هن ادب جي دنيا ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ رهنمائي ڪندا ٿا اچن ان شاءَ الله انهن جا سپنا نيٺ هڪ ڏينهن پورا ڪري سنڌ جي ڀلوڙ شاعرن جي لسٽ ۾ لکيو ويندس.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾....؟
وفا چولياڻي: شاعري منهنجي محبوبه ۽ منهنجو روح آهي ۽ روح سوا بت بيڪار هوندو آهي.
سوال: محبت اوهان جي نظر۾ ..؟
وفا چولياڻي: محبت منهنجو مذهب آهي تڏهن ته لکيو اٿم.
جنهن جي اندر محبت ناهي،
سا دل ڪافر، ڪافر آهي.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب /اديبائون..؟
وفا چولياڻي: شاه عبداللطيف کان هن وقت تائين اهي اديب ۽ اديبائون پسند آهن جيڪي بي خوف ٿي سڇ لکن ٿا ۽ لکن ٿيون.
سوال: پسنديده شخصيت..؟
وفا چولياڻي: بشير خان قريشي سان ڪڏهن ملاقات نه ٿي هُئي پر جڏهن به رتيديري ۽ سندس آرام گاھ تان گذر ٿيندو آهي ته ساھ سٽان کائيندو آهي ته کيس سلامي پيش ڪجي ۽ دل جي ڳالھه مڃي چارِ قُل پڙهي اڳتي وڌندو آهيان.
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر؟
وفا چولياڻي: قرآن پاڪ/گلاب/خوشي ۽ خوشحاليءَ جي نمائندگي ڪندڙ سڀئي رنگ پسند آهن شال سڀني جي زندگي، انهن رنگن سان رنڱيل رهي/موسم بهار/شام جو پَهرُ پسند آهي.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
وفا چولياڻي: مسلمان هُئڻ سان گڏ نبي اڪرم محمّد صه جو اُمتي ٿي پيدا ٿيم.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو...؟
وفا چولياڻي: 19 مارچ 2020ع تي 18 سالا پياري ڀاءُ قدير احمّد جو وڇوڙو دل جي دنيا تي قيامت ٿي نازل ٿيو اهو ڏينهن ڪڏهن به وساري نه سگهبو ۽ ان کان پوءِ خبر پئي وڇوڙو ڇا ٿيندو ۽ ڪيڏو ظالم آهي.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي؟
وفا چولياڻي: آزادي (خود مختياري)
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾ .؟
وفا چولياڻي: عورت ماءُ، ڀيڻ، زال ۽ محبوبه جي روپ ۾ روح جي راحت ۽ خدا جي طرفان عورت جو وڏو مانُ مرتبو رکيل آهي.
سوال: اڄڪلھه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ..؟
وفا چولياڻي: سنڌي ادب سٺو سرجي پيو ۽ ادب دشمن سُٺنِ اديبن لاءِ خراب لفظ استمال ڪري پنهنجي ٻولي سان ويساھ گهاتي ۽ اديبن جي دل جا سپنا ڀور ڪرڻ ۾ مصروف آهن.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
وفا چولياڻي: تنقيد براءِ اصلاح هُجي ته انسان بُري کان ڀلو ٿي سگهي ٿو.
سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي..؟
وفا چولياڻي: ادب سان گهڻو چاھ آهي، سياست جي ڏچن کان آزاد ۽ سوشل ورڪر آهيان.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾..؟
وفا چولياڻي: زندگي ڪنهن ٻي جاءِ تي رلي پئي، آئون هُن جي تلاش ۾ آهيان، ٻڌو اٿم ته زندگي ڏاڍي خوبصورت آهي.
زندگي الله سائينءَ جي طرفان نعمت ۽ ھڪ خوبصورت تحفو مليل آھي، جنھن جو اسان سڀني کي دل سان قدر ڪرڻ گھرجي، جيڪڏھن اسان صاحبِ حيثيت آھيون ته جيترو ٿي سگھي پنھنجي وس آھر مستحق ماڻھن جي مدد ڪرڻ گُھرجي، ڇو ته صرف پنھنجي لاءِ گُذارڻ زندگيءَ جو مقصد ناھي.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾.؟
وفا چولياڻي: موت اهو ريڍارُ آهي جيڪو سڀ کي هڪ واڙي ۾ واڙيندو آهي.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
جواب: زوال
سوال: دل اوهان جي نظر ۾ .؟
وفا چولياڻي: دل خدا جو گهر آهي ۽ هُن کي سدائين صاف رکڻ گهرجي.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا..؟
وفا چولياڻي: هڪ ڪتاب جو مواد موجود آهي غربت سبب ڇپرائي نه سگهيو آهيان.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
وفا چولياڻي: تمام سادو انسان آهيان ۽ جنهن کي سڄڻ سمجهندو آهيان سي ئي دشمن ٿِي پوندا آهن.
تڏهن ته لکيو اٿم.
اسان ڪنهن سان ڪين اُچائي آ.
دنيا وارن دل ڇو ڏُکائي آ.
مٽ مائٽ ويا، دلي دوست ويا،
ڄڻ خوشي ڪنهن جي چورائي آ.
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
وفا چولياڻي: غلطي ڪري تسليم نه ڪري ۽ سامهون وري وڏي آواز سان ڳالهائي ۽ منهنجي شاعري کي ڪنهن غلط پڙهيو ته مٿس ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويندو آهيان.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ.؟
وفا چولياڻي: ڪجهه به نه.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
وفا چولياڻي: پاڻ کان پاڻ کي پري ۽ سماج کي سولي رکي لکندو آهيان.
سوال: درد ڇا آهي؟
وفا چولياڻي: جهڙي طرح خوشين ۾ زندگي حسين لڳندي آهي منهنجي سوچ مطابق درد به دلين جي سونهن آهي ۽ سونهن هميشه خطرناڪ ثابت ٿيندي آهي.
تڏهن لکيو اٿم:
ساٿي سڀ سنبرو!
مارڻ ايندا مون کي، سورن ٻڌو سندرو!
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪُجهه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
وفا چولياڻي: جيڪو جيئن محسوس ڪندو آهيان سو ئي بي خوف ٿي لکندو آهيان پڙهندڙن جي خبر انهن کي باقي مان پنهنجي لکڻين کان بلڪل مطمئن آهيان.
سوال: اوهان جي شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
وفا چولياڻي: پهريون آئون صرف گيت لکندو هُيس جڏهن رڪارڊ ٿي ملندا هُئا ته ٿڪ ئي لهي ويندا هُئا منهنجي شاعري کي شاھد نواز مهر، شبانه ڪوئل، گل بجاراڻي، نظام الدين ٻرڙو، شمن ابڙو ۽ شاهد گل نصيراڻي سميت ڪافي سارن فنڪارن پنهنجي مڌر آواز ۾ ڳائي منهنجا جذبا جوان ڪري ڇڏيا.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪھڙا آهن؟
وفا چولياڻي: اسان جي سماج ۾ عورت کي ھميشه ميري اک سان ڏٺو ويو آهي نوڪري ڪندڙ عورت کي وڏين مُشڪلاتُنِ سان منهن ڏئڻو پوي ٿو.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
وفا چولياڻي: هن مرداڻي معاشري ۾ پڙهيل عورت پنهنجا حق بهادريء سان وڙهي به وٺي پئي ڇو جو علم انسان جي ٽين اک آهي اها ٽين اک انسان کي انسانيت جي سڃاڻپ برابري سيکاري ٿي جاٿي علم ناهي اُتي عورتن سان وڏي ويساھ گهاتي ڪئي ٿي وڃي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
وفا چولياڻي: لکڻ منهنجو پهريان شوق ھيو ۽ هاڻي شوق سان گڏ مجبوري به آهي. مجبوري تڏهن ٿو چوان ته لفظ اچن ۽ نه لکڻ سان بيقراري محسوس ٿيندي آهي ۽ لِکي دل کي قرار بخشيندو آهيان.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
وفا چولياڻي: جيستائين ھن جو ذائقو چکيل نه ھوندو آھي تيستائين دلفريب لڳندي آھي، جڏھن مِلي ويندي آھي ته پوءِ ايتري اھم نه لڳندي آھي۔ بھرحال شُھرت ۽ عزت به خدا طرفان مليل ھڪ وڏو تُحفو آھي، هُن جو قدر ڪرڻ گھرجي ۽ پنھنجي اوقات نه وسارڻ گھرجي، ڇو ته ماڻھو ڪڏھن ڀريءَ ۾ ھوندو آ ته ڪڏھن ڀاڪر ۾.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
وفا چولياڻي: ڪُجهه قسمت کان ته ڪُجهه پنهنجن کان شڪايت آهي.
**

عشق کان وڌيڪ ٻيو استادُ ڪيرُ؟ … وفا صالح راڄپر

عشق کان وڌيڪ ٻيو استادُ ڪيرُ؟ … وفا صالح راڄپر

سوال: نانءُ ولديت سميت؟
وفا صالح: محمد صالح راڄپر ولد محمد عثمان راڄپر
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ.؟
وفا صالح: منهنجو جنم لاڙڪاڻي ضلعي ۾، مهين جو دڙو ڀرسان واقع وڏي وهڻي ڳوٺ ۾ 16 نومبر 1975ع ڌاري پورهيت محمد عثمان راڄپر جي گهر ۾ ٿيو.
سوال: ادبي نانءُ ؟
وفا صالح: ”وفا“ صالح راڄپر
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو.؟
وفا صالح: منهنجي تعليم ٻارهن 12 درجا آهي. غربت سبب اڳتي پڙهي نه سگهيس. مزدوري ڪري پنهنجو گذر سفر ڪندو آهيان.
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو.؟
وفا صالح: 1999ع کان
سوال: ادبي استاد..؟
وفا صالح: عشق کان وڌيڪ ٻيو استاد ڪير ٿي سگهي ٿو؟ عشق جي چوٽ لڳڻ کانپوءِ لکڻ شروع ڪيو.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
وفا صالح: لبنان جي مشهور ليکڪ خليل جبران جي ڪتاب ”ڀڳل کنڀڙاٽيون“ کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
وفا صالح: جڏهن به ڪو واقعو پيش ايندو آهي يا جڏهن معاشري ۾ ڪنهن سان ناانصافي ٿيندي ڏسندو آهيان ته اهي شيون مون کي لکڻ لاءِ هر وقت اتساهينديون رهنديون آهن.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
وفا صالح: پهرين تخليق 1999ع ۾ نظم جي صورت ۾ ڪراچي مان نڪرندڙ ماهوار رسالي “پورب” ۾ ڇپي.
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟
وفا صالح: سنڌ جي هر ننڍي وڏي اخبار ۽ رسالي ۾ڇپيو آهيان.
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
وفا صالح: شاعريءَ ۾ سڀني صنفن تي ٿورو گهڻو لکيو آهي پر نثري نظم منهنجي پسنديده صنف آهي. نثر ۾ ڪهاڻي منهنجي پسنديده صنف آهي ۽ ڪهاڻيءَ کي مان پنهنجي محبوبه سڏيندو آهيان.
سوال: ڪھاڻين جو تعداد، ڪيتريون ڇپيل آهن؟
وفا صالح: مون تمام ٿورو پر معياري لکيو آهي. هيل تائين مون 50 جي لڳ ڀڳ ڪهاڻيون لکيون هونديون ۽ اهي سڀ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال......؟
وفا صالح: منهنجا هن وقت تائين 3 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.
1. ”دردن ڦولاريا ڦول“ نثري نظمن جو ڪتاب 2015ع ۾.
2. ”ارپڻ کان رهجي ويل محبت“ ڪهاڻين جو مجموعو 2017ع ۾.
3. ”مون ساريندي سپرين“ مضمونن ۽ خاڪن جو ڪتاب 2018ع ۾.
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
وفا صالح: پهرين تخليق ڇپجڻ تي مون کان وڌيڪ منهنجا رشتيدار خوش ٿيا هئا ڇاڪاڻ ته مان پنهنجي ڳوٺ توڙي رشتيدارن ۾ واحد ماڻهو هيس جيڪو ليکڪ بڻجي هنن جي سامهون آيو. منهنجا رشتيدار مون سان اديب هجڻ جي ڪري تمام گهڻو پيار ڪندا آهن ۽ عزت ڏيندا آهن.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
وفا صالح: منهنجو پنهنجو سوٽ سائين نذير حسين راڄپر ۽ منهنجو ويجهو رشتيدار مرحوم وارث راڄپر. ٻئي مطالعي جا شوقين هئا ، ٻنهي وٽ ڪتابن جو تمام وڏو ذخيرو هو. مون جڏهن ادب ۾ پير پاتو ۽ لکڻ شروع ڪيو ته هنن ٻنهي نه رڳو منهنجي حوصلا افزائي ڪئي پر مون ۾ ڪتاب پڙهڻ جو شوق ۽ عادت پڻ پيدا ڪئي. هنن ٻنهي مطالعي جي حوالي سان پنهنجي لائبرري ڄڻ منهنجي حوالي ڪري ڇڏي هئي.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾....؟
وفا صالح: منهنجي نظر ۾ شاعِري ڏکن ، دردن ۽ خوشين جي اظهار جو نانءُ آهي.
سوال: محبت اوهان جي نظر۾ ..؟
وفا صالح: منهنجي نظر ۾ محبت عظيم ۽ مقدس رشتو آهي ، محبت ئي ته آهي جيڪا ماڻهوءَ ۾ ماڻهپو ۽ حساسپڻو پيدا ڪري ٿي. محبت ئي ته ماڻهوءَ کي جيئڻ جو ڍنگ سيکاري ٿي ، جيڪڏهن محبت نه هجي ها ته جيئڻ ڏاڍو اڻانگو ٿي پوي ها.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب /اديبائون..؟
وفا صالح: سڀ سٺو لکندڙ شاعر/شاعرائون اديب/اديبائون منهنجي پسند جا آهن.
سوال: پسنديده شخصيت..؟
وفا صالح: رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر..؟
وفا صالح: پسنديده ڪتاب؛ شاهه جو رسالو. گل؛ رابيل. رنگ؛ آسماني. موسم؛ سيارو. پهر؛ شام جو.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي..؟
وفا صالح: زندگي مهربان آهي تڏهن ته جيئون پيا. پهرين خوشي جنهن کي مان دل ئي دل ۾ چاهيندو رهيس، هن پاڻ مون سان محبت جو اظهار ڪيو، اها زندگيءَ جي پهرين خوشي هئي.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو...؟
وفا صالح: زندگيءَ ۾ رڳو ڏک، سڏڪا، صدما پلئه پيا آهن
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
وفا صالح: عورت منهنجي نظر ۾ عظيم آهي پوءِ اها ماءُ جي روپ ۾ هجي، ڀيڻ جي روپ ۾ هجي، ڌيءُ جي روپ ۾ هجي يا وري محبوبه يا زال جي روپ ۾ هجي. زاهد شيخ جي هڪ شعر جي سٽ آهي؛
”ماءُ به عورت، ڀيڻ به عورت، عورت محل جي راڻي“
سوال: اَڄڪلھه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ..؟
وفا صالح: اَڄُڪلهه ادب سٺو ۽ معياري سرجي رهيو آهي پر افسوس اهو آهي ته اسان وٽ سٺا پڙهندڙ ڪونه آهن.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
وفا صالح: جيڪو به ليکڪ يا ليکڪه سٺو ۽ معياري لکي ٿو ان کي پذيرائي ملي آهي ۽ ملي پئي، پر جيتري پذيرائي ملڻ گهرجي اها نه ملي سگهي آهي، ان جو سبب اهو آهي ته اسان ليکڪ هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون ۽ ڪنهن به سٺي ليکڪ جي تعريف ڪرڻ کان ڪيٻائيندا آهيون، جنهن کي ٻين لفظن ۾ ساڙ چئبو آهي. اسان سڀ جيڪڏهن اها ساڙ جي عينڪ لاهي ڇڏيون ته اهو سنڌي ادب جي لاءِ بهتر ٿيندو.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
وفا صالح: تنقيد خُود هڪ علم آهي پر اسان وٽ سَهِي تنقيد نه ٿي ڪئي وڃي، تنقيد ۾ يا ته ياري باشي ۽ اقربا پروري ٿي هلائي وڃي يا وري ساڙ ۽ دشمنيءَ ۾ ڪنهن جو پٽڪو ڌوڙ ٿو ڪيو وڃي. اسان وٽ ڪابه صحتمند تنقيد نه ٿي ڪئي وڃي ڀلا پوءِ ياري باشي ۽ پنهنجا نوازيءَ تي ٻڌل اهڙي تنقيد ڪير برداشت ڪندو؟
سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي..؟
وفا صالح: سنڌي ادبي سنگت شاخ وڏي وهڻيءَ جو ڪائونسلر هجڻ کان علاوه ٻي ڪنهن به تنظيم سان هن وقت وابستگي ڪونهي.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾..؟
وفا صالح: زندگي ڏکن سکن جي سيج آهي. زندگي هڪ دفعو ملندي آهي، ان کي سٺي ۽ سهڻي نموني گذارجي. اياز چيو ته ”سَوَ درد هيا ، سو دک هيا زندگي پوءِ به پياري هئي“
سوال: موت اوهان جي نظر ۾.؟
وفا صالح: موت زندگيءَ کان بهتر آهي ، ڇاڪاڻ ته موت اذيت ، تڪليف ۽ ڪرڀ ڏيندڙ ناهي.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
وفا صالح: مون زندگيءَ ۾ رڳو پيار ڪيو آهي ، موٽ ۾ مون کي به پيار ئي پيار مليو آهي. پنهنجي نفرت سان لڳي ئي ڪانه، ته ڪيئن ٻڌايان نفرت ڇاهي؟
سوال: دل اوهان جي نظر ۾ .؟
وفا صالح: ڌڙڪڻ کان علاوه به دل جو وڏو ڪم آهي. پيار جي پوک ۽ رازن تي سَتُرُ به ته رکندي آهي.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا..؟
وفا صالح: منهنجا چار ٻيا ڪتاب تمام جلد پڙهندڙن جي سامهون هوندا.
1. ”درد جو صليب“ ڪهاڻيون
2. ”اکين جا اڃارا خواب“ نثري نظم
3. ”اندر جنين اڌ“ ڪالم ۽ مضمون
4. ”هيل چونڊينديس نموريون“ اڀياس
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
وفا صالح: فقيري طبيعت جا مالڪ آهيون ۽ انتهائي حساس پڻ ، ايترو جو ڪنهن جي کهري لهجي تي ڀتر جيان ڀري پوندو آهيان.
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
وفا صالح: ڪوڙ ۽ منافقت تي
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ.؟
وفا صالح: مختلف ادارن ۽ تنظيمن طرفان پنج ايوارڊ ، ڪيتريون ئي شيلڊون ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
وفا صالح: لکڻ وقت لکڻ واري ئي ڪيفيت هوندي آهي ، دل چوندي آهي پيو لکجي.
سوال: درد ڇا آهي؟
وفا صالح: ڪنهن چيو آهي ته “ابتو به لکيم ، سبتو به لکيم درد پوءِ به درد رهيو” جن ماڻهن انتها درجي جا درد سٺا آهن انهن کي اوتري ئي ڏاهپ ان درد جي ڪري ئي ملي آهي. درد ڏاهپ جو ڏاتار آهي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪُجهه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
وفا صالح: بلڪل مطمئن آهيان. ماڻهو ڪا لکڻي لکندو ئي تڏهن آهي جڏهن ان مان مطمئن هوندو آهي.
سوال: اوهان جي شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
وفا صالح: عاشق نظاماڻي.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪھڙا آهن؟
وفا صالح: ملازمت ڪندڙ عورتن کي مرداڻي معاشري ۾ انيڪ تڪليفن کي منهن ٿو ڏيڻو پوي. هر اداري ۾ بگهڙ ويٺا آهن ، عورت محفوظ ناهي. هراسمينٽ ، اغوا ۽ خودڪشين جا ڪيس جام ٿين ٿا پر تنهن هوندي به عورت کي مضبوط ٿيڻو پوندو ، هن وٽ ايتري قوت آهي جو اهڙن معاملن کي منهن ڏئي سگهي.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
وفا صالح: ليکڪائن کي ڪنهن به ريت ڪو مسئلو پيش نه ٿو اچي، هنن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته بولڊ هجڻ لازمي آهي جو هو مرداڻي معاشري جي ڪڌن ڪردارن سان منهن ڏئي سگهن، جي نه ته پوءِ لکن ئي ڇا لاءِ ٿيون؟
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
وفا صالح: لکڻ منهنجو نه شوق آهي نه مجبوري. لکڻ سان منهنجو عشق آهي.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
وفا صالح: گهڻي شهرت ليکاريءَ لاءِ زهر آهي. پاڻ ڪڏهن شهرت جي پويان ڊڪ نه ڀري آهي ۽ نه ئي وري ان جا قائل آهيون.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
وفا صالح: ڪنهن کان به نه.
**

اسان وٽ سنجيده ماڻهو گهٽ ٽوڪ ۽ طنز وارن جو تعداد ڳَچُ آهي …. وفا ڪوڙل چنا

اسان وٽ سنجيده ماڻهو گهٽ ٽوڪ ۽ طنز وارن جو تعداد ڳَچُ آهي …. وفا ڪوڙل چنا

سوال: ادبي نالو ولديت سميت؟
وفا ڪوڙل: ڪوڙل چنا ولد محمد ڇٽل چنا.
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ؟
وفا ڪوڙل: پيدائش جي تاريخ پهرين مارچ 1977ع ڳوٺ ابڙان ضلعو تعلقو نوشهروفيروز.
سوال: ادبي نالو؟
وفا ڪوڙل: وفا ڪوڙل چنا.
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
وفا ڪوڙل: تعليم B.A آهي ۽ پيشي جي لحاظ کان دوڪاندار آهيان.
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
وفا ڪوڙل: لکڻ جو ذوق شوق ته بچپن کان ئي رهيو پر باقاعده شروعات جنوري 1993ع کان ٿي.
سوال: ادبي استاد؟
وفا ڪوڙل: شروعاتي اصلاح منهنجي استاد ثاقب سومرو ڪئي، جڏهن ته باقاعده جيڪو منهنجو استاد جنهن سکيا ڏني سائين الهه نواز رڪڻائي هيو.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
وفا ڪوڙل: جيتري قدر متاثر ٿيڻ جي ڳالهه آهي ته بچپن کان ئي رسالن سان چاهه رهيو ۽ لکڻ جو شوق رهيو جيڪو سلسلو اڃا تائين هلندو پيو اچي.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالهيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
وفا ڪوڙل: سماج ۾ ڪنهن سان ظلم ٿيندي ڏسندو آهيان، جڏهن ٻن دلين کي پاڻ ۾ ملندي پَرچندي ڏسندو آهيان ۽ هي زندگيءَ جون رونقون ۽ نظارا اُتساهيندا آهن
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
وفا ڪوڙل: آفتاب اخبار ۾ 20 ڊسمبر 1993ع تي منهنجو پهريون ٻاراڻو نظم شايع ٿيو.
سوال:ڪهڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا/ڇپيون آهيو؟
وفا ڪوڙل: هونئن ته ڪافي رسالا ۽ اخبارون آهن، پر چند جا نالا لکڻ پسند ڪندس، جنهن ۾ مهراڻ، نئين زندگي، سوجهرو، هالار، ادب، مومل وغيره.
سوال: ڪهڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
وفا ڪوڙل: مون جن صنفن ۾ لکيو آهي انهن ۾ وائي، بيت، نظم، گيت، ٽيڙو، چئو سٽا، نثري نظم ۽ غزل شامل آهن، پر مون گهڻو غزل لکيو آهي.
سوال:ڪهاڻين جو تعداد، ڪيتريون ڇپيل؟
وفا ڪوڙل: مون ڪهاڻيون چند لکيون آهن جن مان 2 عدد ڇپيون به آهن جن ۾ (1) شادي مبارڪ ۽ (2) پلاند شامل آهن.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال؟
وفا ڪوڙل: مون وٽ ٽِن ڪتابن جو مواد موجود آهي، منهنجو پهريون ڪتاب جيڪو گڏيل ٽن شاعرن تي مشتمل هو ”نيڻ نه نِنڊُون ڪن“ جيڪو 2002ع ۾ آيو.
سوال: پهرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو رد عمل ڇا هيو؟
وفا ڪوڙل: هي منهنجو بچپن جو سلسلو هو جيڪو هلندو اچي پيو پهرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن ۽ مائٽن جو سٺو سلوڪ رهيو.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصلا افزائي ڪنهن ڪئي؟
وفا ڪوڙل: جيتري قدر وڌڻ جي ڳالهه آهي ته سٺن دوستن سان گڏ رَهڻ ۽ سٺن ڪتابن سان دوستي رهي جن منهنجي بي انتها حوصلا افزائي ڪئي.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
وفا ڪوڙل: شاعري هڪ فطري عمل آهي، جنهن جي اڏام اعليٰ ۽ مٿانهين آهي، جنهن جي شروعات محبت کان ٿئي ٿي، جيڪا انسان جي اندر ۾ سمايل هوندي آهي.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
وفا ڪوڙل: منهنجي نظر ۾ محبت هڪ پاڪيزه جذبو آهي.
سوال: پسنديده شاعر/ شاعرائون اديب/اديبائون؟
وفا ڪوڙل: اهي سڀئي شاعر ۽ شاعرائون جيڪي سٺـو لکن پيا اهي سڀ جو سڀ منهنجي پسند جا آهن.
سوال: پسنديده شخصيت؟
وفا ڪوڙل: هونئن ته کوڙ ساريون شخصيتون قابل احترام آهن، پر منهنجي پسنديده شخصيت منهنجي پياري امڙ رهي آهي.
سوال: پسديدن ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پهر؟
وفا ڪوڙل: شاعري جي حوالي سان اهي سڀئي ڪتاب جن مون کي متاثر ڪيو منهنجا پسنديده آهن، پر منهنجو پسنديده ڪتاب (قرآن مجيد) آهي جيڪو پڙهندي مون کي سڪون ملندو آهي. رنگن ۾ گلابي ڪلر، موسم ۾ بهار، پهر شام جو بيحد پسند آهي.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
وفا ڪوڙل: منهنجي زندگي جي بهترين خوشي جڏهن مون هوش سنڀاليو ته پهريون دفعو امڙ سان گڏ قلندر لعل شهباز جي زيارت ڪئي.
سوال: زندگي جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
وفا ڪوڙل: بي انتها ڏک پهتو هو جنهن ڏينهن منهنجو پيارو ڀاءُ جيڪو مون کان ٻه سال کن وڏو هو جيڪو ايڪسيڊنٽ ۾ اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو هو.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاهي؟
وفا ڪوڙل: هن سماج جي عورت معاشري ۾ عزت ۽ پرسڪون زندگي چاهي ٿي.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
وفا ڪوڙل: عورت خداوند تعاليٰ کان ڏنل هڪ تحفو آهي، هڪ نعمت آهي جنهن کان سواءِ هي ڪائنات اڌوري آهي.
سوال: اڄ ڪلهه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ؟
وفا ڪوڙل: نوجوان سٺو لکن پيا، مان انهن سڀني نوجوانن کي جس ڏيندس جيڪي ادب جي دُنيا اندر پاڻ پتوڙي رهيا آهن ۽ اڄ جي ادب مان مان مطمئن آهيان.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
وفا ڪوڙل: اڄوڪي سماج ۾ جيڪا اديب شاعرن کي پذيرائي نه پئي ملي ان جو ڪارڻ غير سنجيده ادارا جن ۾ غير سنجيده اڳواڻ ۽ اهي اديب جن جو ٻين جي حقن تي ڌاڙو آهي.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
وفا ڪوڙل: اسان وٽ تنقيد براءِ اصلاح نه پئي ڪئي وڃي پر اسان وٽ سنجيده ماڻهو گهٽ ۽ ٽوڪ طنز وارن جو تعداد ڳچ آهي اسان جي اديبن شاعرن کي پنهنجا رويا سڌارڻ گهرجن.
سوال: ادبي/سياسي/ سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
وفا ڪوڙل: بچپن کان وٺي فلاحي ڪمن ڪرڻ جو جذبو رهيو جيڪو هن وقت به موجود آهي. ڪافي تنظيمن سان وابستگي رهي 1993ع دوران سماجي سنگت مٺياڻيءَ جو نائب صدر مسرور چانڊيو جي اڳواڻيءَ ۾.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
وفا ڪوڙل: زندگي الله تعاليٰ جو ڏنل هڪ خوبصورت تحفو آهي جنهن کي ڪوشش ڪيو سٺن ڪمن ۾ مصروف ڪيو.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
وفا ڪوڙل: هي سلسلو خدا تعاليٰ جي طرفان رکيل آهي جيڪو ضرور اچڻو آهي.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
وفا ڪوڙل: نفرت هڪ خراب عمل آهي جيڪو ساوا سڪا سَڀُ ساڙيو ڇڏي، نفرت جهڙي ڪا گندي شئي دنيا اندر آهي ئي ڪو نه.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
جواب: منهنجي نظر ۾ دل اها آهي جنهن ۾ محبت جو جنم هجي جنهن ۾ خدا تعاليٰ جو ذڪر هجي، جنهن ۾ پيار ۽ محبت جو بي انتها سلسلو هلندو هجي.
سوال: توهان طبعيتن ڪيئن آهيو؟
وفا ڪوڙل: مان طبيعتن خوش مزاج نهايت کل مک انسان آهيان، ڪوشش ڪندو آهيان ته مون وٽان پيار ۽ محبت ڦهلائڻ وارو پيغام ملي.
سوال:ڪهڙين ڳالهين تي ڪاوڙ ايندي اَٿَو؟
وفا ڪوڙل: هن دنيا جي اندر ڪنهن سان نا انصافي ٿيندي ڏسندو آهيان ته ڪاوڙ ۽ غصو ٿيندو اٿم ڪوڙ ڳالهائڻ تان سخت رنج پهچندو آهي.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ؟
وفا ڪوڙل: جڏهن کان ادب ۾ پير پاتو اٿم ته چند انعام ۽ ايوارڊ مليا آهن، جن ۾ هالار رسالي پاران به مڃتا سرٽيفڪيٽ به مليو آهي.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
وفا ڪوڙل: لکڻ وقت ڪيفيت عاشقانه هُوندي آهي ۽ اهي پراڻيون يادون جڏهن دل تي تَرِي اينديون آهن ته ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ماضي هڪ ڀيرو ٻيهر موٽي آيو آهي ۽ مان مستقبل کان ڪٽجي ويو هجان.
سوال: درد ڇا آهي؟
وفا ڪوڙل: درد هن ڪائنات جي سونهن آهي، درد کان سواءِ ڪائنات جو جنم اڻ پورو ۽ نامڪمل هو.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪجهه لکيو اَٿَو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
وفا ڪوڙل: مان جيڪو به هن محل تائين لکيو آهي يقينن مان ان مان مطمئن آهيان.
سوال: اوهان جي شاعري ڪهڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
وفا ڪوڙل: منهنجي شاعري ڪافي فنڪارن ڳائي آهي. جن ۾ غلام شبير شاهاڻي، ٻالڪ سنڌي، ماسٽر واجد چارڻ، حبدار علي سخيراڻي، قادر سنڌي، آصف چارڻ ۽ اڪبر بروهي وغيره.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪهڙا آهن؟
وفا ڪوڙل: هي معاشرو سڄو انهن لاءِ مسئلن سان ڀريل آهي، جنهن ۾ عورتن سان سٺو ورتاءُ نه ٿو ڪيو وڃي.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪهڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
وفا ڪوڙل: عورت ليکڪائن جو پهريون ته انهن جا والدين جيڪي هنن کي همٿائن، ان کان پوءِ عورت ليکڪائن کي گهرجي ته هو همت ۽ بهادري کان ڪم وٺن.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
وفا ڪوڙل: مان لکڻ کي شوق نه چوندس، پر ائين ضرور چوندس ته هي هڪ فطري عمل آهي، جيڪو منهنجي فطرت ۾ شامل رهيو پر ان ۾ محبت جي ڪردار به منهنجي اندر همت ۽ حوصلو پيدا ڪيو.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
وفا ڪوڙل: هن دور جي اندر شهرت هر انسان چاهي ٿو. پر مان ان شهرت کي پسند ڪيان ٿو. جنهن ۾ عزت ۽ احترام شامل هجي، اها شهرت نه جنهن ۾ ظاهري عزت ۽ ان جي پويان بدنامي هجي.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان شڪايت؟
وفا ڪوڙل: مون کي انهن ماڻهن کان شڪايت آهي جيڪي معاشري ۾ برايون ڦهلائن ٿا، جيڪي انساني زندگين سان کيڏن ٿا. جيڪي سڀ ڪجهه هوندي به بي پهچ ۽ بي سهارا انسان جي مدد نه ٿا ڪن.
**

زندگي هڪ خوبصورت خواب جيان آهي … هاشم شورو

زندگي هڪ خوبصورت خواب جيان آهي … هاشم شورو


سوال: نانءُ ولديت سميت؟
هاشم شورو: محمد هاشم شورو ولد خيسو خان شورو.
سوال: جنم جي تاريخ هنڌ؟
هاشم شورو: 5 جون 1955ع ۽ جنم جو هنڌ ڪوٽڙي ضلعو ڄامشورو.
سوال: ادبي نانءُ.
هاشم شورو: هاشم شورو.
سوال: تعليم، نوڪري، پيشو؟
هاشم شورو: تعليم ايم اي، سنڌي لٽريچر، ايم اي سوشيالاجي، آفيسر گريڊ 1 اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان مان آڪٽوبر 2013ع ۾ ريٽائرڊ ڪيم.
سوال: لکڻ جي شروعات سال مهينو؟
هاشم شورو: 1974ع ۾ لکڻ شروع ڪيو (مهينو ياد ڪونهي) مسلسل 1986ع تائين لکندو ۽ پڙهندو رهيس، پر اسٽيٽ بينڪ ۾ نوڪريءَ دوران نه لکي سگهيس ۽ نه پڙهي سگهيس هڪ ته بينڪ جي نوڪري ٻيو ڪم ايترو هوندو هو جو رات جو جڏهن گهر ايندا هئاسين ته سڄو ڌيان بينڪ جي ڪم ۾ هوندو هئو، مطلب بينڪ جي نوڪري مون کان پڙهڻ لکڻ ڇڏائي ڇڏيو. جڏهن پهرين نوڪري جيڪا منهنجي ايريگيشن ڊپارٽمنٽ ۾ هُئي اتي منهنجو هڪ آفيسر انجنيئر هو رحيم خان جوکيو، تنهن مون کي ادِبي ڪتابن پڙهڻ ڏانهن مائل ڪيو.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
هاشم شورو: شروعات ۾ امر جليل ۽ ڪرشن چندر کي پڙهڻ جو موقعو مليو ۽ انهن کان متاثر ٿيس ۽ آهيان.
سوال: ادبي استاد؟
هاشم شورو: منهنجو ادبي استاد علي بابا هو جنهن مان سنڌي ادبي سنگت جي ويهڪن ۾ گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ ملندو هو، گهڻو ڪري گڏ هوندا هئاسين.
سوال: ڪهڙيون ڳالهيون توهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
هاشم شورو: هڪ اديب، تخليقڪار حساس هوندو آهي، هو معاشري ۾ ٿيل ظلم انياءُ کي ڏسندو آهي تَه هِن جي اندر ۾ آنڌ مانڌ شروع ٿيندي آهي جيستائين هو ڪاغذ تي پنهنجي اندر جو اوٻر نه اوتيندو تيستائين هو بيچين رهندو آهي، ان کان سواءِ ڪا حسين صورت، خوبصورت موسم، وڻندر نظارو به لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
هاشم شورو: منهنجي پهرين تخليق جيڪو هڪ تاثر آهي جيڪو ڪٿي به نه ڇپيو، منهنجي ڪتاب سڀ رنگ سانول ۾ آهي. دراصل اول اول مون مختلف رسالن اخبارن ۾ پنهنجون لکڻيون موڪليون هيون پر ايڊيٽرن پنهنجا وسائڻ جي ڪري نه ڇپيون، ڪوشش ڪندو هوس ته ڪٿي به ڪنهن رسالي ۾ نه ڇپايان پوءِ به ڪجهه رسالن جَهڙوڪ هلچل، ملير، هلال پاڪستان، برسات ۾ ڇپيون آهن. پهرين تخليق هيءَ هئي. ”انسان ڪنهن سمي ڪهڙو نه بيوس ٿي ويندو آهي. مايوسين، نااميدن ۽ محرومين جا ڪارا واسينگ وڻ ويڙهيءَ جيان وجود کي وڪوڙي ويندا آهن. تنهن سمي من چاهيندو آهي ته هر احساس کان عاري ٿي بن ۾ بنواس ڪجي! پر ائين ٿيندو ناهي. پنهنجي ئي مجبورين جو صليب پنهنجي ئي ڪلهن تي کڻڻو پوندو آهي ۽ جيئرو رهڻو پوندو آهي ائين ڇو ٿو ٿئي... ڇو ٿو ٿئي ائين. پر اهو ته جڳن کان ٿيندو رهيو آهي روايت بڻجي وئي آهي ته غريب سدائين پنهنجي مجبورين آڏو اميرن جي لتن ۾ رهيا آهن ۽ جڏهن به هنن ڪنڌ مٿي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته انهن لتن هيٺـان اچي مئا آهن.
سوال: ڪهڙين صنفن ۾ لکيو؟
هاشم شورو: منهنجي پسنديده صنف ڪهاڻي آهي، پر مون ڪهاڻي، مضمون، شاعري ۾ غزل، ٽيڙو، بيت، چوسٽا، هڪيٽو آزاد نظم نثري نظم وغيره لکيا آهن.
سوال: ڪهاڻين جو تعداد؟
هاشم شورو: 10 کن ڪهاڻيون
سوال: اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
هاشم شورو: ڪهاڻي منهنجي پسنديده صنف آهي.
سوال: ڪيتريون ڪهاڻيون ڇپيل؟
هاشم شورو: 8 ڪهاڻيون ڇپيل آهن.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال؟
هاشم شورو: هڪ ئي ڪتاب ڇپيل آهي سڀ رنگ سانول.
سوال:تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو رد عمل ڇا هيو؟
هاشم شورو: خوش ٿيا.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصلا افزائي ڪنهن ڪئي؟
هاشم شورو: رحيم خان جوکيو، جيڪو پاڻ به وڏو تاريخ نويس ۽ سٺو ڪهاڻيڪار هو.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
هاشم شورو: محبت هڪ عالمگير جذبو آهي، جنهن کي بيان ڪري نه ٿو سگهجي.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب/اديبائون؟
هاشم شورو: پسنديده شاعرن ۾ شاهه سائين، استاد بخاري، شيخ اياز، ادل سومرو، اياز گل، ڊاڪٽر آڪاش انصاري، اسير ملاح ۽ ٻيا کوڙ آهن شاعرائن ۾ ج ع منگهاڻي، نسرين الطاف، سڪينه عثمان، نظير ناز، روبينه ابڙو، صنم نجيب، فرزانه شاهين، گلشن سنڌو، سيما عباسي، اندرا پوناوالا، گلشن لغاري، رخسانه پريت ۽ ٻيون کوڙ ساريون. اديبن ۾ علي بابا، امر جليل، نجم عباسي، شوڪت شورو، مدد علي سنڌي، اياز عالم ابڙو، سراج، علي رضا قاضي، الطاف شيخ، نسيم کرل، مٺل جسڪاڻي، گهڻا نالا آهن ڪنهن جو نالو وٺي، ڪنهن جو وٺجي. عورت اديبائن ۾ خير النساءِ جعفري، نورالهديٰ شاهه، ج ع منگهاڻي، مهتاب محبوب، پسنديده اديب عورتون آهن.
سوال: پسنديده شخصيت؟
هاشم شورو: ميڊم خير النساءَ جعفري.
سوال:پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پهر؟
جواب: شاهه جور سالو/گلاب/اڇو/بهار/ صبح.
سوال:زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
هاشم شورو: جڏهن ڏاڏي گذاري وئي/محبوبه جي شادي جي رات/امڙ جي وفات.
سوال:اڄ جي عورت ڇا ٿي چاهي؟
هاشم شورو: اڄ جي عورت عزت چاهي ٿي، تحفظ چاهي ٿي، محبت چاهي ٿي.

سوال:عورت توهان جي نظر ۾؟
هاشم شورو: عورت جو وڏو مقام آهي عورت توهان جي خدمت ڪرڻ واري ساٿي آهي، عورت پيار ڪندڙ ڀيڻ آهي، عورت جي قدمن ۾ جنت عورت ماءُ آهي.
سوال: اڄڪلهه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ؟
هاشم شورو: بهتر ادب سرجي رهيو آهي آئون سمجهان ٿو ته سوشل ميڊيا جو ڪمال آهي جو عام ماڻهو وري ادب ڏانهن آيو آهي نه ته اسان جا ايڊيٽر حضرات ياري باشي ملهائيندا هئا ۽ تمام گهڻو ٽيلنٽ ضايع ٿيندو هو. پر هاڻي فيس بڪ هڪ اهڙو ميڊيم مليو آهي جو توهان وٽ اهو آپشن آهي ته توهان پنهنجي ڪچي ڦڪي شئي فيس بڪ تي پيش ڪري سگهو ٿا بهتر تنقيد سان هو به پالش ٿيندو ويندو آهي. جيستائين ادب جي سرجڻ جي ڳالهه آهي ته ايڏو معياري ته ڪونهي پر هڪ ڳالهه جيڪا ساڃاهه وند محسوس ڪري ٿو ته تنقيد جي نالي تي رڳو هڪ ٻئي جون ٽنگون ڇڪيون وڃن ٿيون هر ڪو پاڻ کي علامه، محقق، وڏو تنقيد نگار ۽ الائي ڇا ڇا سمجهي ٿو ۽ ٻئي کي جاهل ٺپ جاهل سمجهي ٿو ۽ جيڪڏهن توهان اختلاف ڪيو ته انهيءَ دانشور ۽ انهن جي واٺن جون گاريون به ٻڌڻيون پون ٿيون، ان ڪري سنجيده اديب، شاعر دانشور اهڙن بحثن کان پري هوندا آهن.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليڪکائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي جيتري ٻين ٻولين ۾....؟
جواب: اسان جي سنڌي سماج ۾ تعليم جي گهٽتائي آهي ۽ هو ساڃاهه وند اديب کي ڪجهه سمجهيو ئي نٿو وڃي، ٻيو ته اسان وٽ اديب ۾ به جئليسي تمام گهڻي آهي، اسين پاڻ کان وڌ ڪنهن کي سٺو اديب سمجهون ئي نَه ٿا.
سوال: ادبي، سياسي ۽ سماجي تنظيم سان وابستگي؟
هاشم شورو: منهنجو شروع ۾ ينگ رائيٽرز گلڊ سان واسطو هئو ان جو جنرل سيڪريٽري رهيو آهيان، پوءِ سنڌي ادبي سنگت سان واسطو ٿيو ۽ هڪ ڀيرو سيڪريٽري به رهي چڪو آهيان، ڳوٺ سڌار سنگت جو مان ڪوٽڙي ۾ صدر رهيو آهيان ۽ ڀٽائي آرٽس ڪائونسل ڪوٽڙي جو صدر به.
سوال: تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
هاشم شورو: دراصل سنڌي ادبي سنگتن ۾ تنقيد جو وڏو ۽ اهم مقام آهي، سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين کي سڏبو ئي تنقيدي گڏجاڻي هو، جڏهن اسين نوان نوان ادب ۾ آياسين 74-75 جو دور هوندو هو. ايڏي ته خوبصورت انداز ۾ تنقيد ٿيندي هئي جو ليکڪ کي احساس ٿي ويندو هو لکڻيءَ ۾ هي غلطيون آهن ۽ هو پنهنجي غلطيءَ کي سڌاري سنواري وڏا شاعر ليکڪ ٿيا. پر اڄ سائين تون مون کي حاجي چئو مان توکي غازي چوندس، ۽ نئين ماڻهوءَ تي پنهنجي علم جو اهڙو ته روب وجهندا جو همراهه ٻي گڏجاڻيءَ ۾ ايندو ئي ڪو نه، ان جو سبب آهي جو اسان وٽ سٺو ادب سرجڻ گهٽ ٿي ويو آهي.
سوال: زندگي، دل ۽ موت اوهان جي نظر ۾؟
هاشم شورو: زندگي هڪ خوبصورت خواب جيان آهي، جڏهن اک کلي ٿي ته خواب ختم. دل انساني جسم ۾ هڪ نازڪ ۽ سخت حصو هوندو آهي، جيڪو ٽٽي به جلد پوندو آهي ۽ سخت به ايڏو جو زندگي جي وڏن وڏن طوفانن جي مقابلو ڪندو آهي. موت هڪ حقيقت آهي جيڪو ڄائو آهي اُهو مرندو به.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سهيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
هاشم شورو: منهنجو ايندڙ ڪتاب منهنجي آتم ڪٿا آهي ” هر شخص ڪهاڻي آ“.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
جواب: نفرت هڪ اهڙو جذبو آهي جيڪو ناڪاري ڳالهين جي ڪري پيدا ٿيندو آهي، جيئن محبت هڪ هاڪاري جذبو آهي.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
هاشم شورو: مان هاڻي پنهنجي لاءِ ڇا چوان جيڪي مون سان مليا آهن، منهنجا دوست آهن، منهنجا آفيس ڪوليگ آهن يا منهنجي گهر وارا ئي ڪجهه بهتر ٻُڌائي سگهن ٿا.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/ شيلڊون/سرٽيفڪيٽ؟
جواب: شروع ۾ ڪجهه اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪيو اُن جا ڪجهه سرٽيفڪيٽ هوندا، وري جڏهن اسٽيٽ بينڪ نوڪريءَ مان ريٽائر ٿِيمُ ته ٻَه شيلڊون مليون. باقي ادب جي حوالي سان ڪو به سرٽيفڪيٽ/ايوارڊ/ ۽ شيلڊ ڪا نه ملي، مون پاڻ به ڪوشش ڪو نه ڪئي.
سوال: ڪاوڙ ايندي آهي؟
هاشم شورو: ها بلڪل ايندي آهي.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
هاشم شورو: لکڻ وقت عجيب ڪيفيت هوندي آهي جنهن جو نالو نه هوندو آهي بس بيچيني اُڻ تُڻ هوندي آهي گهر جو ڪم ڪارڪو نه سجهندو آهي، ڪو ڊسٽرب ڪندو آهي ته ڏاڍي ڪاوڙ لڳندي آهي ڀلي هو سَهي ڇو نه هجي.

سوال: درد ڇا آهي؟
هاشم شورو: درد هر حساس ماڻهوءَ وٽ هوندو آهي اديب شاعر هونئن به سماج جا حساس فرد ٿين ٿا اهو درد ئي آهي جو هنن کان لکائي ٿو، اهو درد ئي آهي جو توهان پنهنجو تخلص درد رکيو.
سوال: اوهان جيڪو ڪجهه لکيو آهي، انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
جواب: مون جيڪو ڪجهه لکيو آهي، مڃان ٿو ته ڪچو ڦڪو لکيو آهي ان معيار جو نه لکي سگهيو آهيان. تنهن ڪري آئون پنهنجين لکڻين کان مطمئن ناهيان.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي ۽ انهن جا مسئلا ڪهڙا آهن؟
هاشم شورو: ملازمت ڪندڙ عورت ويچاريءَ کي اسان جي سماج ۾ سٺي نگاهه سان ڪو نه ڏٺو ويندو هو هنن کي آواره ۽ بدچلن جهڙن ڪنن لفظن سان سڏيو ويندو هو، پر اڄ اها صورتحال ڪانهي هاڻي ماڻهوءَ جون ترجيحات بدلجي ويون آهن هاڻي هر ڪو مرد چاهي ٿو ته منهنجي زال نوڪريءَ واري هجي ته جيئن گهر ۾ ٻه پيسا اچن جيئن هو گهر جو گاڏو آسانيءَ سان هلائي سگهن.
سوال:اوهان جي شاعري ڪهڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
هاشم شورو: ڪنهن به فنڪار نه ڳائي آهي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق يا مجبوري؟
هاشم شورو: لکڻ منهنجو شوق آهي مجبوري ڪانهي.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
هاشم شورو: شهرت سڀني جيان مون کي به سٺي لڳندي آهي.
سوال: اوهان کي ڪنهن سان ڪا شڪايت؟
هاشم شورو: نه ادا مون کي ڪنهن سان ڪا شڪايت ناهي، مان شڪايت ڪري ئي نه سگهندو آهيان.
**
نوٽ: هاشم شورو 63 ورهين جي ڄمار ۾ 22 سيپٽمبر 2018ع تي ڪينسر جي مرض سَبب لاڏاڻو ڪري ويو.

(اپريل 2020ع ۾ ماهوار هزار داستان ۾ ڇپيل)

مُحبت زندگيءَ جو اٽوٽُ حصو آهي … هينا هِير آگناڻي

مُحبت زندگيءَ جو اٽوٽُ حصو آهي … هينا هِير آگناڻي


سوال: نانءُ ولديت سميت؟
هينا هِير: هينا دليپ اگناڻي.
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ؟
هينا هِير: احمداباد گجرات. انڊيا.....۱۲ سيپٽمبر ۱۹۷۲ع.
سوال: ادبي نانءُ؟
هينا هِير: هينا هِير
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
هينا هِير: نيوز ريڊر آل انڊيا ريڊيو - ٽي وي انڪر، ليکڪ ۽ شاعرا.
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
هينا هِير: 2010ع .
سوال: ادبي استاد؟
هينا هِير: ڀڳوان نردوش شاعري جو استاد آھي ۽پريم پرڪاش ڪهاڻين ۾.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
هينا هِير: پهنجي والد کان.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
هينا هِير: زندگيءَ جي انڀون، احساسن۽ اڌمن، کي پاٺڪن سان ونڊڻ منهنجو شوق بڻجي چڪو آھي. اَسان جي آس پاس جيڪو ڪُجهه بڻجي رهيو آهي اُن جو گهرو اثر هر ڪنهن جي شخصيت تي پوندو آھي ۽ ان مان ڪجهه سٺا به هوندا آھن ته ڪجهه برا ؛ انهن انڀون کي قلم ذريعي پني تي اتارڻ کان پوءِ پاٺڪن جا جيڪي رايا ايندا آهن اهي مون کي وڌيڪ اُتساه ڏياريندا آهن.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
هينا هِير: گجرات مان ڇپجندڙ سالياني مئگزين ادبي چمن ۾ .
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيون آهيو؟
هينا هِير: ادبي چمن، رهاڻ، ھلچل، باغ بهار، سنديا، هند واسي، هلالِ پاڪستان، بينظير ٽائيمس، رچنا، سنڌو جيوت ۾.
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
هينا هِير: مون نَنڍيُون ڪهاڻيون ، غزل، هائڪو، ترائيل، مثنويون ۽ گيت لکيا آهن منهنجي پسنديده صنف ننڍي ڪهاڻي ۽ غزل آهي.
سوال: ڪھاڻين جو تعداد... ڪيتريون ڇپيل؟
هينا هِير: 50 کن.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال...؟
هينا هِير: شبنم موتي 2017ع ڪويتائون
ڪاري چيخ 2018ع ڪھاڻيون
تتل تئي جو سچ 2018ع ناٽڪ
آسماني پري ٻال ڪويتائون 2019ع
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
هينا هِير: تمام گهڻيون واڌايون مليون.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
هينا هِير: منهنجن دوستن ۽اعليٰ اديبن واسديو موهي۽ پريم پرڪاش جن حوصله افزائي ڪئي.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾.
هينا هِير: شاعري ڇا آهي؟ شاعري هڪ احساس آهي، شاعري هڪ درد آهي، شاعري هڪ خيال آهي، شاعري هڪ شاعر جي اندر جي آواز جو احتجاج آهي، شاعري خدا جي ڏات آهي، شاعري هڪ ڀيٽا آهي، شاعري روح جي راحت آهي، شاعري پڙهڻ سان دل کي سڪون سرور ملندو آهي
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
هينا هِير: محبت زندگي جو اٽوٽ حصو آھي. محبت هڪ جنون آھي ؛ هڪ شوق آھي؛ هڪ اتساهه آھي . محبت هڪ افسانو نه آھي .پر جيئڻ جو ذريعو آھي.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب /اديبائون؟
هينا هِير: پريم پرڪاش؛ ڀڳوان نردوش؛ واسديو موهي؛ ادل سومرو، پوناوالا شبنم؛ شاداب، مايا راهي؛ مور ساگر .
سوال: پسنديده شخصيت؟
هينا هِير: عبدالڪلام.

سوال: پسنديده ڪتاب؟
هينا هِير: موهيسون شاداب جو لکيل آهي جيڪو پسند آھي، پيار جي پنڌَ ۾ جنھنجو ليکڪ آهي ساگر مور ، واسديو موهي جو لکيل مون خاموشيءَ کي لکيو آھي.ڀڳوان نردوش جو غزلن جي گونج منهنجا پسنديده ڪتاب آهن.
سوال: پسنديده گل، رنگ، موسم ۽ پهر؟
هينا هِير: گل _گلاب جو/رنگ_ ڳاڙھو /موسم _ بهار /پھر.._ اسر .
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني۔ /خوشي؟
هينا هِير: شبنم موتي منهنجو شاعري جو ڪتاب جڏهن هٿ ۾ آيو.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو؟
هينا هِير: منهنجي ننڍي ڀاءُ جو ارڙهن سالن جي عمر ۾ ديهانت ٿيڻ.
سوال: جي عورت ڇا ٿي چاھي؟
هينا هِير: اڄ جي عورت آزادي چاهي ٿي، انڌشرڌا ۽ غلامي مان. انياءُ سامهون لڙڻ چاھي ٿي
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾ ؟
هينا هِير: عورت ڪائنات جِي حسين ۽ انمول سوکڙي آهي جنهن جو ڌرتي تي اڃا قدر نه ٿيو آھي.
سوال: اڄڪلهه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ؟
هينا هِير: اڄڪلهه تمام بهترين ادب سرجي پيو، خاص ڪري سنڌي ۾ به تمام تجربا ٿين پيا . هر صنف ۾ ھر وشيه تي لکيو پيو وڃي بس پڙهندڙن جي ڪمي آھي.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
هينا هِير: پڙھندڙن جو تعداد گهٽجي وڃڻ ڪري قدرشناسي نه ٿي ٿئي، اهو ئي ڪارڻ آھي.
سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي..
1. ڀارتي سنڌو سنگم تنظيم ۾ پريسيڊنٽ
2. گجرات جي اکل سنڌي سماج جي ڪور ميمبر آهيان.
3. ڀارتيه سنڌو سڀا جي احمد آباد جي عورتن جي شاخ جي ميمبر آهيان.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
هينا هِير: زندگي ....هڪ سهانو سفر آهي . گڏيل مثيل انڀون جو سفر آهي.هر پل کي آنند سان ماڻڻ جي طلب رکان ٿي.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
هينا هِير: موت ھڪ اڻ ٽر واقعو آھي، هر ڪنهن جو موت اچڻو آھي، پرڀوءَ return ٽڪيٽ ڏئي موڪليو آهي ته پو شڪوا ڇاجي.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
هينا هِير: انسان جڏهن ڪنهن سان نفرت ڪندو آهي ته اُن جو مطلب هو يا ته ان سان يڪراءِ ڪونهي يا پو هن جي دل ۾ تمام گهڻو اسنٿتوش آھي.
نفرت ڪيتريون ئي وِٿيون وڌائيندي آهي.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾ ؟
هينا هِير: دل هڪ نازڪ چيز آهي.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا.
هينا هِير: ايندڙ ڪتاب: 1 ڀڳوان نردوش جون چونڊ غزلون
2. بادل ۽ بجلي ٻاراڻيون ڪهاڻيون.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
هينا هِير:
if I can explain my nature in one word than
I am very cool and judgmental .
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
هينا هِير: ڪير ڪوڙ ڳالهئيندو آهي ته يا ڪنهن سان ٺڳي ٿيندي آهي ته ڏسي ڪاوڙ ايندي آهي.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ؟
هينا هِير: اسڪولي جيون ۾ مضمون چٽاڀيٽي ۾ ٣ کان ٤ انعام
NCPSl طرفان آل انڊيا وومين ڪانفرنس ۾ خاص سرٽيفڪيٽ،
هيمون ڪالاڻي تي منهجي هدايتڪاري ۾ ٺاهيل دستاويزي چتر تي خاص ايوارڊ، شبنم موتي، ڪويتا ساگر تي ادبي ايوارڊ
NCPSL طرفان ڪاري چيخ ڪتاب بيسٽ بوڪ جو انعام حاصل ٿيو آھي .
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
هينا هِير: لکڻ وڻندو آھي. ليکڪ ذهين طبعيت جا هوندا آھن اهو سوچي فخر محسوس ٿيندو آھي.
سوال: درد ڇا آهي؟
هينا هِير: پهنجي اميدن کان ابتڙ ٿيندو آھي ته درد ٿيندو آهي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿيون يا جيڪو ڪُجهھ لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
هينا هِير: بلڪل پر اڃا وڌيڪ معياري ۽ اثرائتو لکڻ جي چاهنا آھي . سنڌي اعليٰ ليکڪائن جي فهرست ۾ شامل ٿيڻ جي چاهنا آھي.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
هينا هِير: منهنجي نظرَ ۾ اهو ڀيدڀاو نه هئڻ کپي . ليکڪائن کي به ساڳيو ماحول ملڻ کپي تڏهن ته صحيح معنيٰ ۾ ادبَ جي ترقي ٿيندي .
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
هينا هِير: شوق آهي
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
هينا هِير: شهرت مون کي به وڻندي آھي پر اُن کي همٿ افزائي سمجهي اڃا وڌيڪ بهتر نماءَ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
هينا هِير: نه بلڪل نه
زندگي خدا جي دين آهي .اسين سڀ خدا جا بندا آهيون .
نيڪيءَ جا ڪم ڪندا هلون. انسان ذاتِ جي ڀلائي جي ڪمن لاءِ ڪاريه ڪندا رهون ،نفاق کي وساري پريم پيار ونڊيندا رهون.
**

(فيبروري 2020ع ۾ ماهوار ساڻيهه ڪراچي ۾ ڇپيل)

مرڪ پبليڪيشن ڪراچي جا ڇپيل ڪتاب

مرڪ پبليڪيشن ڪراچي جا ڇپيل ڪتاب

1: حيوانات في القرآن ترجمو: منظور سولنگي
2: برکا بوند بهار جي (گڏيل 16شاعرن تي مشتمل ڪتاب) مرتب: مرتضيٰ لغاري
3: نئون نئون مڌ آ (گڏيل16شاعرن تي مشتمل ڪتاب) مرتب: مرتضيٰ لغاري
4: ڪڏهن ته ملندي (شاعري) سرڪش ناريجو
5: جيجل منهنجي قسمت (ڪهاڻيون) دلبر چانڊيو
6: ڳوڙهو ڳوڙهو سوڳ ۾ (شاعري) انجم قاضي
7: دردن ڦولاريا ڦول (شاعري) وفا صالح راڄپر
8: تون منهنجي ساهه ۾ آهين (ڪهاڻيون) طارق خشڪ
9: عشق جي آخري سرحد (ڪهاڻيون) يار محمد چانڊيو
10: رهيل چار ڳوڙها (شاعري) استاد پيرل قمبر
11: روهيڙي جا رتا گُل (گڏيل 17 شاعرن تي مشتمل ڪتاب ) مرتب: مرتضيٰ لغاري
12: ادب آبِ حيات (گڏيل شاعري) مرتب: بلال تبسم
13:جن عشق سين آگاهه ”ج ع منگهاڻي کي منظوم ڀيٽا“ شاعري درد هوش محمد ابڙو
14: درد نگر جا ماڻهو (شاعري) عاجز غلام رسول
15: پهڻ پير پٿون ڪيا (شاعري) فرزانا شاهين
16: آڪاس آ اکين ۾ (شاعري) شبانا عالماڻي
17: هانءُ هاريو متان (شاعري) شاهده کوکر
18: ساڃاهه جا سرچشما (ڀٽائي جي بيتن جي چونڊ ۽ تشريح) سعيد احمد چانڊيو
19: مينهن ڪڻيون (شاعري) سڪندر هاڙهو
20: ڌرتيءَ جو پُٽ (ڪهاڻيون) عبدالواحد سومرو
21: پيئي جن پرک )ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو علمي ۽ ادبي شخصيت( ترتيب: مرتضيٰ لغاري
22: ملندو نيٺ پنهل (شاعري) ”درد“ هوش محمد ابڙو
23 : اوجاڳن جا عڪس (شاعري) انجم قاضي
24: ڪلجُڳ جا رنگ (ڪهاڻيون) ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
25: نينهن جو نوحو (شاعري) فرزانا شاهين
26: ٻالڪ ڌرتيءَ ٽانڊاڻا (ٻارڙن لاءِ شاعري) وحيد محسن
27: هوا جو رنگ ناسي آ (شاعري) رحمت پيرزادو
28: احساسن جو ديس (گڏيل 36 شاعرن جي شاعر مرتب: انجم قاضي
29: روشني جا رنگ: ”شهدادڪوٽ جا شاعر“ (گڏيل شاعري) مرتب: سڪندر هاڙهو
30: گيت گونگا نه ٿيا (شاعري) شبانه عالماڻي
31: رات وهامي ٿي (شاعري) نسرين الطاف
32: ڏُک کي ڏُک آ (شاعري) وسيم گبول
33: shah jo risalo Transleted By: Dr. Ali Akbar Dhakan
34: پيار جي ڌرتي دل جو ديس (ڪهاڻيون) مٺل چانڊيو
35: سنيهو سچ جو (شاعري) منور علي منور ڪيهر
36: ديوان وريام فقير (شاعري) وريام فقير شيخ
37: ڪوءِ ڳنڍيندڙ هوءِ (ڪهاڻيون) هوش محمد ڀٽي
38: وفائون ماٺ ٿي ويون (شاعري) شبانه نواز
39: آسرا جاڳي پيا (شاعري) عبد سنڌي
40: سونهن جو رد عمل (چونڊ غزل) مرتب: رحمت پيرزادو
41: ظاهر (ناول) سنڌيڪار: اياز ڀُٽو
42: آهين تون هن پار (شاعري) شاهده کوکر
43: لهر لهر خوشبو (شاعري) آڪاش ميراڻي
44: اعتراض (شاعري) بيخود بلوچ
45: جيءَ جيارو (پيغمبرِ خدا جي زندگي تي نظر) اويس ڀٽو
46: نيل نديءَ تي رولاڪي (ناول:”نجيب محفوظ“) ترجمو: اياز ڀٽو
47: عشق عبادت (ڪهاڻيون) اندرا شبنم پونا والا
48: مٽي ماٿي لايان (ڪهاڻيون) فرزانه شاهين
Nazeer Ali Bhatti :49 Standard Basic English Grammar
50: هوائون قيد ۾ آهن (شاعري) رزاق عاصي
51: پيڙا جي پاتار ۾ (شاعري) خالده نسرين
52: ڪونج قطارون ڏات جون (گڏيل شاعري) ڪونج بلوچ
53: نظم جدائي جا (اڪبر کرل جي شاعري) مرتب: نادر دايو
54: شيڪسپيئر جون ڪهاڻيون (چارلس لئمب/ميري اين لئمب) سنڌيڪار: اياز ڀٽو
55: سماج ۽ سياست جو گرائمر (مضمون) ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري
56: شاهه جو رسالو سور ڪيڏارو (ڪربلا جو قصو) ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ
57: شاهه جو رسالو جا سُر ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ
58: سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت (مضمون) ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
59: در جو کڙڪو (ڪهاڻيون) شفيع بڪڪ
60: ريزا ريزا روح اسان جو (شاعري) بشير سيتائي
61: نت نت آهه نئون (لطيفيات) لطف پيرزادو
62: جهونڪو هوا جو آهيان (شاعري) عاجز عاشق تنيو
63 : نينهن نجات نعت صفات (شاعري) سگهڙوريام فقير
64: عشق جي عنايت (سگهڙ علي گوهر وڳڻ جو ڪلام) مرتب: ڊاڪمال ڄامڙو
65: ڪرنل کي ڪير به خط نه ٿو لکي (ناول: گارشيا مارڪئيز) ترجمو: رحمت سومرو
66: ساروڻيون ساڻيهه جون (يادگيريون) خير محمد ڪولاچي
67: ڪجلا سر (ناول) اجمير ڀُٽو
68: سامي سهاڳي (خاڪا) اقرار پيرزادو
69: ننڍڙي پري (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) وحيد محسن
70: خوابن جو سفر (سنڌ جو سفر نامو) سلطانه وقاصي
71: ڳولا (شاعري ۽ ڪالم) منور سلطانه
72: سيد پير علي شاهه شيرازي جو ڪلام مرتب ۽ مقدمو: ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
73. محبتون پيالا ۽ پئمانا (تاثير ناٿن شاهي جي شاعري) مرتب: ذوالفقار گاڏهي
Nazeer Ali Bhatti :74 Standard Basic English Grammar
75. چوٿين مارچ ۽ سنڌي شاگرد جدوجهد سهيڙيندڙ: پروفيسر اعجاز احمد قريشي
76: ماڻهو پاڻ امُلهه (سوانحي خاڪا) محمد هنڱورجو
77. تون ئي منهنجو محور آن (شاعري) بينا مسرور
78: ڪنهن موڙ تي ملنداسين (شاعري) عظيم جلباڻي
79: واپسي (ناول) انور ڪليم
80: Bequest of the Bhittai Dr Sher mihrani
81: ايلسا (ناوليٽ) عبدالواحد سومرو
82: آءِ لوَ يو (ناوليٽ) بيدل مسرور
83 . مان به تخليقيان ٿو ڪجهه ويٺو ( نثر) آثم ناٿن شاهي
84. پاڻي کوٽ ڊيم ۽ عالمي تضاد مضمون بشير منگي
85: ڌرتي ڌڻي شاعر؛ استاد بخاري (ڪالم) سهيڙ: سجاد يوسف سومرو ۽ تابش بخاري
86. شاهه لطيف هڪ ڪامل انسان (لطيفيات) فدا حسين شيخ
87. من من مور ٽهوڪا (خاڪا ۽ مضمون) علي نواز ڏاهري
88. ڪورونا جنگ جهڙي آ (شاعري) وحيد محسن
89. ڪڙو منجهه ڪڙي (خط) سهيڙ: احمد شاڪر
90. ڪجلي (ڪهاڻيون) جهانگير عباسي
91 . آزاديءَ جي عشق ۾ (شاعري) ”ناشاد“ رشيد سنڌي
92 . سنڌ جو ابنِ بطوطه (حجاز نامو) سهييڙيندڙ: ماڻڪ ملاح
93. وِيا اُت وهي (سوانح/شخصيت/ساروڻيون) سهيڙيندڙ: شمس راهمون
94. چنڊ مٿي آڪاس (شاعري) خالده نسرين 95. ڳالهيون پيٽ ورن ۾ (ڪالم) سلطانه وقاصي
96. سڳنڌ (سلطانه وقاصيءَ تي لکيل مضمون) سهيڙ: مرتضيٰ لغاري
97. پنج آڱريون (ڪهاڻيون) سڪندر هاڙهو
Nazeer Ali Bhatti :98 180- Standard Basic English Grammar
99؛ ڀونءِ نه آياس ڀانءِ (ڊاڪٽر ڪمال جي وڇوڙي تي آيل تاثراتي نثر) سهيڙ: ڊاڪتر عابده گهانگهرو
100: چار مقالا مقالا مرتضيٰ لغاري
101: ڏونگر ڏاري وينداسين (عبدالحڪيم ”ارشد“ جا ڪالم) مرتب: مرتضيٰ لغاري
102: وفائن ۾ هُڳاءُ آ (شاعري) آصف اصغر ڀنڊ
103: ڪاغذي ڳالهيون (ڪالم ۽ مضمون) يوسف جميل لغاري
104: ٻولي ٻجهارت (لطيفيات) مينهون خان ”سوز“ بلوچ
105: بوءِ (ڪهاڻيون) انور ڪليم