سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار آغا سليم جي ڪھاڻين جو پھريون مجموعو ”چنڊ جا تمنائي“ اوھان اڳيان پيش آھي.
آغا سليم جي ڪھاڻين ۾ رومانس سان گڏ، لفظن جي بيھڪ ۽ مقصد جي اپٽار بہ ڪيل هوندي آھي.آغا سليم جي تخليق ڪھڙي بہ فني قالب ۾ ڇو نہ هجي، ليڪن سندس تخليق جي مجموعي مطالعي مان پڙهندڙ جو احساس ساڳئي ادراڪ جي راهن تان گذرندو سندس وجداني ڪيفيت ۾ لھندو محسوس ٿيندو. هن ڪتاب ۾ آغا سليم جون 9 ڪھاڻيون شامل آھن.
هن ڪتاب جو پھريون ڇاپو، 1962ع ۾، زندگي پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپجي پڌرو ٿيو هو ۽ ٻيو ڇاپو، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 1986ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي