اوتون جوتون
استاد بخاريءَ، سولي ۽ سلوڻي سنڌيءَ جي انداز ۽ ڍنگ ۾ پنھنجي فڪري قوت ڀري، ان ۾ شاعريءَ جون قوتون وڌيون آھن. ٻوليءَ جي معصوميت، اثرائتي استعمال ۽ بيان جي رواني واري خصوصيت، استاد جي مقابلي ۾ اسان وٽ ۾شڪل سان ڪنھن وٽ ملي. استاد درسي ڪتاب واري ٻوليءَ بجاءِ عوامي ٻولي ۽ لھجو استعمال ڪيو آھي. استاد جي شاعريءَ جا موضوع ڌرتي، سرتي، انساني درد، دک، ڏولاوا، سور، سڪرات رھيا آھن. ھن وٽ عشق پڻ نرالي حيثيت رکي ٿو. سندس شاعري سڪ، سوز، سور ۽ سرور سان ڀريل آھي.