سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران مشھور اديب، شاعر، محقق ۽ نقاد، محمد سومار شيخ جو لکيل ڪتاب ”لطيف سائينءَ جا لاڙ تان ڀيرا“ اوھان اڳيان پيش آھي.
شاھہ لطيف پنھنجو رسالو جوڙي، سنڌي ٻوليءَ کي نئين زندگي ڏئي ويو. سندس ٻوليءَ جو لھجو گهڻي ڀاڱي لاڙي آھي. ڀٽائيءَ جا عزيز، خليفا، مريد، دوست ۽ استاد سڄي لاڙ ۾ ڦھليل ھئا. ھونئن تہ شاھہ لطيف سياحت جو ڌڻي ھيو ۽ مسلسل سفر ۾ رھيو پر جيترا ڀيرا ھن لاڙ تان ڪيا، اوترا ٻي ڪنھن خطي تان نہ ڪيائي، ھن ڪتاب کي پنجن بابن ۾ ورھائي لاڙ جي ھر پاسي جي ڀيري کي نروار ڪيو ويو آھي.
ھي ڪتاب 1986ع ۾ تنظيم فڪر و نظر سنڌ، سکر پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھہ ميراڻيءَ جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي