ڪشف الابيات, مصنف : ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

ڪشف الابيات

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : ڪشف الابيات
مصنف : ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
ڪيٽيگري : لطيفيات
ڇپيندڙ : شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي
شايع ٿيڻ جو سال : 1995
عالمي ڪتاب نمبر (ISBN) : 0
شامل ڪيو ويو : 2023-08-20
ڏِٺو ويو : 9 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 64 ڀيرا

’ڪشف الابيات‘ شاھہ جي بيتن جي ڏسڻي ۽ اهڙي ڪنجي آهي، جنھن جي مدد سان شاھہ لطيف جي يارهن رسالن مان گهربل بيت آسانيءَ سان ڳولي سگهجن ٿا، جن جو تفصيل هن ريت آهي:  (1) ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ وارو رسالو (1866ع)، (2) قاضي محمد ابراهيم وارو رسالو (بمبئي ڇاپو: 1867ع)، (3) سرڪاري ڇاپي وارو رسالو (1900ع)، (4) مرزا قليچ بيگ وارو رسالو (1913ع)، (5) ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ وارو رسالو (ٽي جلد: 1923، 1924 ۽ 1931ع)،  (6) غلام محمد شاهواڻيءَ وارو رسالو (1950ع)، (7) محمد عثمان ڏيپلائيءَ وارو رسالو (1951ع)، (8) خانبهادر محمد صديق ميمڻ وارو رسالو (1951ع)، (9) علامہ غلام مصطفيٰ قاسميءَ وارو رسالو (1951ع)، (10) پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ وارو رسالو (1958ع) ۽ (11) علامہ آءِ. آءِ قاضيءَ وارو رسالو (1961ع). ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، هن ڏسڻيءَ (Index) لاءِ هڪ چارٽ ٺاهي، اُن ۾ هر بيت جي پھرين سٽ رکي، سامھون ڏنل خانن ۾ انھن يارهن ئي رسالن جي مقرر جاين ۾ انھن رسالن جا صفحا نمبر ڏنا آهن، جتي اهو مخصوص بيت ڳوليندڙ کي آسانيءَ سان ملي سگهندو.

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري لطيفيات مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ