سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو مرتب ڪيل ڪتاب ”سُر سريراڳ جو مطالعو“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ھن ڪتاب ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 220ھين عرس (1972ع) جي موقعي تي منعقد ڪيل مڪالمي جي ڪاروائي ۾ عالمن ۽ مفڪرن پاران پيش ڪيل 10 سنڌي ۽ ٻن انگريزي مقالن/مضمونن کي شامل ڪيو ويو آھي، جن جو موضوع ”سُر سريراڳ“ آھي.
ھي ڪتاب 1973ع ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز ڪميٽي پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھہ ميراڻيءَ جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي