سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊاڪٽر شازيہ سفير جو لکيل ڪتاب ”شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو لسانياتي اڀياس“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ھي ڪتاب اصل ۾ ڊاڪٽر شازيہ سفير جو پي ايڇ ڊي لاءِ لکيل تحقيقي مقالو آھي، جنھن ۾ شاھہ لطيف جي ٻوليءَ جي لسانياتي جائزي تي ڪم ٿيل آھي. ھن مقالي ۾ پنج باب آھن، جنھن ۾ ٻولي، لسانيات جي شاخن، سنڌي ٻولي، سنڌي ٻوليءَ جي مختلف دورن، شاھہ لطيف جي ڪلام ۾ ٻوليءَ جي مختلف لھجن جو اڀياس ۽ شاھہ جي ڪلام ۾ ڪم آندل ٻولي ۽ لفظن جو اڀياس ڪيل آھي.
ھي ڪتاب 2017ع ۾ سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي