سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ھاڪڙي جي ماڳ، کارڙو چارڻ ۽ لطيف سائين جي سُر مارئي جي مطالعي بابت ڊاڪٽر عبدالعزيز رحماني ڪنڀار جو لکيل تحقيقي ڪتاب ”کارڙو چت آيو“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ھن ڪتاب ۾ شاھہ لطيف ڀٽائيءَ جي سُر مارئي جو مطالعو پيش ڪندي ھاڪڙي جي ماڳ، وھڪرن ۽ آثارن، اتي آباد ڳوٺن، قومن ۽ قبيلن جي ذڪر، کارڙو چارڻ جي تھذيبي اھڃاڻ ۽ تاريخي ڪردارن جي حقيقت کي نئين روپ ۾ پيش ڪيو ويو آھي. ليکڪ ھن ڪتاب ۾ عمر ڪوٽ جي حاڪمن، سُر مارئي ۾ آيل ڪردارن ۽ ماڳ مڪانن سميت مختلف عنوانن کي تحقيق ڪري سامھون آندو آھي.
ھي ڪتاب 2019ع ۾ سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي