لطيفيات

لطيف جا ٿر تان ڀيرا

شاھہ لطيف پنھنجو رسالو جوڙي، سنڌي ٻوليءَ کي نئين زندگي ڏئي ويو.  ڀٽائيءَ جي شاعري ڪمال مشاھدن ۽ سير سفرن کانپوءِ ئي تخليق ٿي آھي. ھن ڪتاب ۾ شاھہ لطيف ڀٽائيءَ جي ٿر تان ڪيل ڀيرن، سير ۽ سفرن بابت تحقيق شامل آھي. ڪتاب ۾ رسالي جي  سُر مارئي ۽ سارنگ سميت ٻين سُرن ۾ ٿر جي پسمنظر جي روشنيءَ ۽ رسالي ۾ ايل ٿر جي ماڳ مڪانن، ٿر جي ڀٽن، ٿر جي ڪردارن رسالي ۾ آيل ٿر جي جاگرافي بابت تحقيقي مضمون شامل آھن.

Title Cover of book لطيف جا ٿر تان ڀيرا

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري اديب ۽ محقق معمور يوسفاڻيءَ جو  لکيل تحقيقي ڪتاب ”لطيف جا ٿر تان ڀيرا“ اوھان اڳيان پيش آھي. 
شاھہ لطيف پنھنجو رسالو جوڙي، سنڌي ٻوليءَ کي نئين زندگي ڏئي ويو.  ڀٽائيءَ جي شاعري ڪمال مشاھدن ۽ سير سفرن کانپوءِ ئي تخليق ٿي آھي. ھن ڪتاب ۾ شاھہ لطيف ڀٽائيءَ جي ٿر تان ڪيل ڀيرن، سير ۽ سفرن بابت تحقيق شامل آھي. ڪتاب ۾ رسالي جي  سُر مارئي ۽ سارنگ سميت ٻين سُرن ۾ ٿر جي پسمنظر جي روشنيءَ ۽ رسالي ۾ ايل ٿر جي ماڳ مڪانن، ٿر جي ڀٽن، ٿر جي ڪردارن رسالي ۾ آيل ٿر جي جاگرافي بابت تحقيقي مضمون شامل آھن.
ھي ڪتاب 2001ع  ۾ مھراڻ اڪيڊمي، شڪارپور پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ  جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي