، استاد امير علي، ڀٽائيءَ جي ٽيھن سُرن کي راڳ واري حساب سان ڪتابي شڪل ڏني آهي، جيڪا سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان ٻن جلدن ۾ ڇپرائي پڌري ڪئي وئي آهي. هي ان جو پھريون جلد آهي. استاد امير علي خان راڳي گهراڻي سان تعلق رکي ٿو، راڳ ۽ سُرن ۾ اک کولي اٿس، هندستاني موسيقيءَ کان سواءِ خالص سنڌي موسيقيءَ جو بہ شاگرد آهي. استاد امير علي جي ڪم جي ايڊٽنگ سنڌي موسيقيءَ جي ڄاڻو محترم پير بھاءُ الدين ’بھا‘ سرهندي ڪئي آهي ۽ محترم نصير مرزا هن تي نظرثاني ڪئي آهي،
لطيفيات
شاھہ جو راڳ (جلد پھريون)
- 5.0/5.0
- 23
- 0
- هڪ سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران استاد امير علي خان پاران سرگم وسيلي ڀٽائيءَ جي راڳ تي ڪيل نئين تحقيق تي آڌاريل ڪتاب ”شاھہ جو راڳ (جلد پھريون)“ اوھان اڳيان پيش آھي.
سنڌي ٻوليءَ جي اها وڏي خوشقسمتي آهي، جو هن ٻوليءَ کي شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جھڙو شاعر ۽ مفڪر مليو. ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو مدار موسيقيءَ تي آهي ۽ اِها خالص سنڌي موسيقي تي آڌاريل آهي. شاھہ سائينءَ دنبورو ايجاد ڪيو، جنھن کي هڪ ئي وقت ٻن طريقن سان وڄايو وڃي ٿو، هڪ تار ٻي تال. شايد هي دنيا جو واحد ساز آهي، جنهن جي تار مان سُرن کي آواز ملي ٿو ۽ هٿ جو ڌڪ هڻي تال جو آواز بہ ڪڍي سگهجي ٿو. سنڌي موسيقيءَ جي خاص راڳن کي هن ساز سان نروار ڪيو ويو آهي. شاھہ جي راڳ کي سمجهڻ لاءِ ڪو وڏو وقت کپي، جو وڃي ان کي سُرن جي حساب سان سمجهجي. لطيفي راڳ ڳائڻ وارا فقير چون ٿا تہ ڀٽائيءَ جيڪي سُر پاڻ چيا، ۽ پنھنجن شاگردن يا مريدن کي سيکاريا، سي سڀ جا سڀ هن وقت ڳائي نٿا سگهجن، جو خبر نہ آهي تہ انھن مان ڪي ڪيئن ڳائبا هئا! البتہ پوءِ بہ ڪافي سُر اڃا ڳائجن ٿا. ايندڙ وقت ۾ خبر نہ آهي تہ راڳ جي لحاظ کان اهي ڪيترا بچي سگهندا ۽ اسان جي ايندڙ نسلن تائين ڪيترا پھچي سگهندا، انھيءَ سڄي پس منظر کي سامھون رکندي، استاد امير علي، ڀٽائيءَ جي ٽيھن سُرن کي راڳ واري حساب سان ڪتابي شڪل ڏني آهي، جيڪا سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان ٻن جلدن ۾ ڇپرائي پڌري ڪئي وئي آهي. هي ان جو پھريون جلد آهي. استاد امير علي خان راڳي گهراڻي سان تعلق رکي ٿو، راڳ ۽ سُرن ۾ اک کولي اٿس، هندستاني موسيقيءَ کان سواءِ خالص سنڌي موسيقيءَ جو بہ شاگرد آهي. استاد امير علي جي ڪم جي ايڊٽنگ سنڌي موسيقيءَ جي ڄاڻو محترم پير بھاءُ الدين ’بھا‘ سرهندي ڪئي آهي ۽ محترم نصير مرزا هن تي نظرثاني ڪئي آهي، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان ڀٽائيءَ جي درگاھہ جي راڳي محترم خان محمد چانڊيي کان اٿارٽيءَ جي اسٽوڊيو ۾ هن ڪتاب جي ترتيب مطابق اهي سُر ڳارايا ويا آهن ۽ انھن جي سي. ڊي تيار ڪرائي وئي آهي، جيڪا ٻن ڪتابن واري سيٽ سان گڏ شامل آهي. هي ڪتاب نہ صرف سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ خاص وٿ آهي، پر شاھہ جي راڳ کي سمجهڻ لاءِ بہ هڪ سرمايو ثابت ٿيندو.
ھي ڪتاب 2015ع ۾ سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مصنف استاد امير علي خان
- ڇپيو ويو 2015
- ڇپائيندڙ سنڌي لينگئيج اٿارٽي، حيدرآباد
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر 978-969-625-051-7
- آن لائين ٿيو 30/Aug/2023
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
- لاٿو ويو 0 ڀيرا