سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊاڪٽر آفتاب ابڙي جو ڪتاب ”علم اللغت (شاھہ لطيف جي حوالن سان(“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ھي ڪتاب ”علم اللغت“ سنڌيءَ ۾ لغت نويسيءَ تي پھريون جامع ڪتاب آھي. ڪتاب ۾ علم اللغت Lexicology، علم ڌاتو يا اشتقاق Etymology، علم لسان Philology، علم معنيٰ Semantics، سنڌي ٻوليءَ جون لساني خاصيتون ۽ خوبيون جھڙا موضوع زير بحث آھن.
ھي ڪتاب 2021ع ۾ سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان شيئر ڪجي ٿو.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي