لطيفيات

لطائف لطيفي

ھن ڪتاب ۾ شاھہ عبداللطيف بابت ٻُڌل حڪايتن، روايتن ۽ وڻندڙ نڪتن کي عام فھم ٻوليءَ ۾ لکي پيش ڪيو آھي. ڪتاب جي شروعات ۾ شاھہ طيف جو شجرو ڏنل آھي، ٻئي حصي ۾ سنڌ ۾ متعلوي ساداتن جي اچڻ جو احوال آھي، ٽئين حصي ۾ شاھہ لطيف جي طريقت ۽ پيري مريديءَ جو سلسلو ڏنل آھي. چوٿين حصي ۾ شاھہ لطيف جي سوانح جو داستان ڏنل آھي.  پنجين حصي ۾ حڪايتون ڏنل آھن. 

Title Cover of book لطائف لطيفي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران  مير عبدالحسين سانگي جو شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ  جي سوانح بابت پارسي نظم ۽ نثر تي مشتمل ڪتاب ”لطائف لطيفي“ جو سنڌي ترجمو اوھان اڳيان شيئر ڪجي ٿو. ڪتاب جو سنڌيڪار عبدالرسول قادري بلوچ آھي.
ھن ڪتاب ۾ شاھہ عبداللطيف بابت ٻُڌل حڪايتن، روايتن ۽ وڻندڙ نڪتن کي عام فھم ٻوليءَ ۾ لکي پيش ڪيو آھي. ڪتاب جي شروعات ۾ شاھہ طيف جو شجرو ڏنل آھي، ٻئي حصي ۾ سنڌ ۾ متعلوي ساداتن جي اچڻ جو احوال آھي، ٽئين حصي ۾ شاھہ لطيف جي طريقت ۽ پيري مريديءَ جو سلسلو ڏنل آھي. چوٿين حصي ۾ شاھہ لطيف جي سوانح جو داستان ڏنل آھي.  پنجين حصي ۾ حڪايتون ڏنل آھن. 
ھي ڪتاب  1986ع ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز  پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان شيئر ڪجي ٿو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي