لطيفيات

غريب اللغات (شاھہ لطيف جي رسالي جي ٽن سُرن جي لغت)

”غريب اللغات“ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي اوائلي لغت آھي جيڪا ھڪ سئو سال کن اڳي ڇپي ھئي. ھي لغت ٽن سُرن ”ڪلياڻ“، ”يمن ڪلياڻ“ ۽ ”کنڀات“ جي بيتن ۾ شامل ڏکين لفظن جي معنيَ وار سمجهاڻي آھي. ڀيرومل ديباچي ۾ لکي ٿو تہ ھن ڪتاب ۾ ڏنل اھنجن لفظن جي معنيٰ گهڻو ڪري ساڌو ھيرانند ۽ تارا چند شوقيرام وٽان سکيون جن وٽ مان پڙھيو ھوس.

Title Cover of book غريب اللغات (شاھہ لطيف جي رسالي جي ٽن سُرن جي لغت)

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران  نامياري اسڪالر ڀيرومل مھر چند آڏواڻي جي تحقيق تي آڌاريل شاھہ لطيف جي رسالي جي ٽن سُرن جي لغت تي مشتمل ڪتاب ”غريب اللغات“ اوھان اڳيان پيش آھي.
”غريب اللغات“ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي اوائلي لغت آھي جيڪا ھڪ سئو سال کن اڳي ڇپي ھئي. ھي لغت ٽن سُرن ”ڪلياڻ“، ”يمن ڪلياڻ“ ۽ ”کنڀات“ جي بيتن ۾ شامل ڏکين لفظن جي معنيَ وار سمجهاڻي آھي. ڀيرومل ديباچي ۾ لکي ٿو تہ ھن ڪتاب ۾ ڏنل اھنجن لفظن جي معنيٰ گهڻو ڪري ساڌو ھيرانند ۽ تارا چند شوقيرام وٽان سکيون جن وٽ مان پڙھيو ھوس.
ھي ڪتاب  2021ع ۾ سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان شيئر ڪجي ٿو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي