لطيفيات

پير پروڙي کڻ (لطيفيات)

ھن ڪتاب ۾ شاھہ لطيف جي سوانح حيات، سفر ۽ همعصر بزرگن سان ملاقاتي بيتن ۾ ڦير ڦار ڪري مختلف روايتن سان پنهنجي نموني بهترين ڪم ڪيو آهي ۽ روايتن جي آڌار تي شاھہ سائينءَ جي همعصر بزرگن ۽ فقيرن جي ولادت ۽ وصال جا سن بہ مختلف ڏنا آهي.ڪتاب ۾ شاھہ جي شيداين جي ڪم، شاھہ سائين تي ڪيل ايم فل ۽ پي ايڇ ڊِ ٿيسز جا تفصيل، شاھہ جي سوانح ۽ شاعري بابت سايع ٿيل ڪتابن ء ۽ رسالن جا تفصيل پڻ ڏنا ويا آھن.

  • 4.5/5.0
  • 112
  • 19
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book پير پروڙي کڻ (لطيفيات)

حق ۽ واسطا

ڪتاب جو نالو: پير پروڙي کڻ
موضوع: لطيفيات
ترتيب ۽ ايڊيٽنگ: راهب علي لاڙڪ
ڇاپو پهريون: آگسٽ 2019ع.
ڇپائيندڙ:سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد
ڪمپوزنگ: ثاقب علي لاڙڪ/محب علي لاڙڪ
0334.1679145

ارپنا

شاهه سائينءَ جي سوانح حيات جا اوائلي سينگار جن ۾
مير علي شير قانع ٺٽوي،
شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ ۽ مير عبدالحسين سانگيءَ
آءُ هي محنت انهن شاهه جي شيدائين جي نانءُ ڪيان ٿو.

لائي خنجر ”لا“ جو، هيءُخچر کي هڻ،
سڌن جون سيد چئي، وٿون سڀ وڪڻ،
پير پروڙي کڻ، ته هلڻ ۾ هوري وهين.


راهب علي لاڙڪ، کاهي راهو.

سنڌسلامت پاران :

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران راھب علي لاڙڪ جو لطيفيات تي تحقيق ڪيل ڪتاب ”پير پروڙي کڻ“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ھن ڪتاب ۾ شاھہ لطيف جي سوانح حيات، سفر ۽ همعصر بزرگن سان ملاقاتي بيتن ۾ ڦير ڦار ڪري مختلف روايتن سان پنهنجي نموني بهترين ڪم ڪيو آهي ۽ روايتن جي آڌار تي شاھہ سائينءَ جي همعصر بزرگن ۽ فقيرن جي ولادت ۽ وصال جا سن بہ مختلف ڏنا آهي.ڪتاب ۾ شاھہ جي شيداين جي ڪم، شاھہ سائين تي ڪيل ايم فل ۽ پي ايڇ ڊِ ٿيسز جا تفصيل، شاھہ جي سوانح ۽ شاعري بابت سايع ٿيل ڪتابن ء ۽ رسالن جا تفصيل پڻ ڏنا ويا آھن.
ھي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2019ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون راھب علي لاڙڪ جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پنهنجي پاران

شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سوانح حيات، سير و سفر ۽ ڪلام تي تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي. شاهه سائينءَ سان بيحد عقيدت سبب ڪجهه ليکڪن شاهه لطيف جي سوانح حيات، سفر ۽ همعصر بزرگن سان ملاقاتي بيتن ۾ ڦير ڦار ڪري مختلف روايتن سان پنهنجي نموني بهترين ڪم ڪيو آهي ۽ روايتن جي آڌار تي شاهه سائينءَ جي همعصر بزرگن ۽ فقيرن جي ولادت ۽ وصال جا سن به مختلف ڏنا آهي.
مون انهن جاکوڙين جي ڪم کي سهيڙي ڪتاب ”پير پروڙي کڻ“ ترتيب ڏئي اوهان تائين رسايو آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪن جا ڪجھه اهڙا ليک ڏنل آهن. جن ۾ ڪنهن هڪ ليکڪ، ڀٽائيءَ جو واقعاتي بيت هڪ جاءِ تي ڏنو آهي، ته وري ٻئي ليکڪ ساڳئي ڳالهه ٻئي ماڳ سان منسوب ڪري بيان ڪئي آهي.
هن ڪتاب ۾ ڪجهه ليکڪن جي تحقيق مطابق اضافي سٽن وارا بيت به ڏنل آهن ۽ مونکي اهو ڪم تمام گهڻو پسند آيو. مان انهن اديبن جو شيدائي آهيان جن شاهه سائينءَ جي سوانح ، سفر ۽ رسالي تي ڪم ڪيو آهي.
ڪجهه عرصو اڳ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڪوئيز پروگرام ۾ سوال ڏنو ويو ته، خواجه محڪم الدين سيلاني جي مزار ڪٿي آهي؟ ان جو جواب خانقاهه شريف ٻڌايو ويو. اهو ساڳو ئي سوال ٻئي ڀيري ٻئي ڪتاب مان پڇيو ويو ته ان جو جواب ڀٽ شاهه ٻڌايو ويو. مختلف روايتن سبب هڪ سوال جا 2 کان 3 جواب ملندا هئا، مان پاڻ ريڊيو لسنر آهيان ۽ ريڊيو لسنرن جي سهولت لاءِ اهي مختلف روايتون سهيڙي هن ڪتاب ۾ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.

خادم العلم
راهب علي لاڙڪ ـ لطيف لئبرري، کاهي راهو نزد نوشهرو فيروز
30 مارچ 2019ع، ـ 03013528644 ـ 03337092473

شاھه لطيفرح جو مختصر احوال

سيد حبيب شاهه ولد عبدالقدوس شاهه متعلوي ساداتن مان هو.عربي ۽ فارسي بخوبي ڄاڻندو هو ۽ پاڻ شاعري به ڪندو هو ان کان علاوه فارسي جا بيت مٺي آواز ۾ سر سان پڙهندو هو. کيس شاهه ڪريم، قاضي قاضن ۽ شاهه عنايت رضوي جا بيت به ياد هوندا هئا. پاڻ پنهنجي تر ۾ وڏوحاذق حڪيم به هو. شاهه ڪريم وانگر هارپو به ڪندو هو. سندس مريد ۽ معتقد اڪثر هالا، مغل، سالاريا (سالارو)، وساڻ، ڏيرا ۽ دل قوم وارا هئا جن کي دوا سان گڏ دعا ۽ سڳا شفا طور ڏيندو هئو. هي بزرگ ٻني ٻاري جي ڪم کان سواءِ نماز پابنديءَ سان ادا ڪندو هو. سندس اوتاري تي مسافرن لاءِ هميشه لنگر جاري هوندو هو. شاهه حبيب جن نامور بزرگن سان رهاڻيون ڪيون، انهن ۾ سخي پير هاشم شاهه، وطايو فقير، شاهه عنايت رضوي، آخوند نور محمد ڀٽي، عبدالجليل انڙ، عرس فقير ڏيرو ۽ ميون عيسى وغيره شامل آهن.
ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق مطابق شاهه حبيب ٻه شاديون ڪيون هيون پر ڪجهه ليکڪ لکن ٿا ته سيد حبيب شاهه ٽي شاديون ڪيون هيون. اهڙي ئي نموني سيد حبيب شاهه جي فرزندن جي نالن متعلق به مونجهارو آهي. شاهه حبيب پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ ڪجهه وقت اچي مٽياري شهر ۾ رهيو، ڪجهه عرصي بعد سخي هاشم شاهه جي چوڻ تي شاهه حبيب مٽياري کي ڇڏي ٻيو ماڳ وسايو. (ٻيو ماڳ ليکڪ هالا حويلي، ڀينءَ پور، ڪوٽڙي لکن ٿا). جنهن جاءِ ۾ پاڻ خاندان سميت رهندو هو ان جاءِ کي ماڻهو ادب وچان ”شاهه حبيب جا ڪک“ سڏيندا هئا. شاهه صاحب جي خاندان جنهن جنهن ماڳ تي رهائش اختيار ڪئي اهي ”شاهه جا پڊ“ سڏجڻ لڳا.
نواز ڪنڀر لکي ٿو ته سائين حبيب شاهه پهرين شادي ڏيرن جي ثابت پوٽا پاڙي مان عبدالله ڏيري جي گهران ڪئي هئي. سندس پهرئين گهر واريءَ جي گذاري وڃڻ کان پوءِ شاهه حبيب مٽياريءَ جي سخي هاشم شاهه جي گھران شادي ڪئي. جنهن مان شاهه عبداللطيف جن هالا حويلي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيا. روايتن موجب جڏهن شاهه حبيب، سيد هاشم شاهه ڏانهن ويندا هئا ته، سخي هاشم شاهه، کين ويٺي هٿ ڏيندا هئا. پر وڃڻ مهل ساڻس ادب و احترام سان اٿي بيهي موڪلائيندا هئا. جڏهن سخي هاشم شاهه کان ان جو سبب پڇندا هئا ته، پاڻ چوندا هئا ته، شاهه حبيب کي پٽ پيدا ٿيندو. جيڪو وڏو نالي وارو ٿيندو، ان جي احترام ۾ ٿا اٿئون. (حوالو، نواز ڪنڀر، ڀٽائيءَ جا پنڌ ۽ پيچرا، ثقافت کاتو، ڊسمبر 2014ع، ص18، 21.).
سيد حبيب شاهه هڪ شادي پنهنجن عزيزن مان ڪئي (روايتن مان مغل قوم به ملي ٿي) ۽ ٻي شادي عرس فقير ڏيرو وٽان ڪيائين. سيد حبيب شاهه کي اولاد نه پئي ٿيو ته وقفي وقفي سان ٽي ڀيرا مٽياريءَ جي بزرگ سخي سيد هاشم وٽ پُٽاڻي اولاد نه ٿيڻ سبب دعا لاءِ ويو هو. کيس ان جي دعا سان اولاد ته ٿيو پر ڄمندي ئي گذاري ويو. وري ٻيهر پاڻ سخي هاشم شاهه وٽ ويو، جنهن کيس چيو ته ”پُٽ ضرور ٿيندئي“ پر سندس نالو عبداللطيف رکجانءِ. ڪجهه عرصي کان پوءِ کيس پُٽ ڄائو پر اهو به گذاري ويو. ٽيون ڀيرو سيد حبيب شاهه، سخي هاشم کي عرض ڪيو ته ”مهنجا ٻه فرزند الله تعالى کي پيارا ٿي ويا آهن. وري دعا ڪريو ته پُٽ عطا ٿئي“ سخي هاشم کيس فرمايو! ”ابا الله قادر آهي توکي اسان جي دعا وارو پُٽ ضرور ڀاڳن ۾ پلئه پوندو. ڳڻتي نه ڪر الله پاڪ ڪريم آهي تنهنجي جھولي ضرور سائي ٿيندي“. ڪجهه عرصي کان پوءِ سخي هاشم جي دعا رنگ لاتو ۽ شاهه حبيب کي عرس فقير ڏيري جي نياڻي مان لاکيڻو لطيف ڄائو ته داين ۽ ٻانهين جي واتان خوشيءَ جا گيت ۽ شادمانا شروع ٿيا. آيا آس ٿيام ٻاروچا ڀنڀور ۾.
عاصي عبدالواحد ھڪڙو، مقالي، وتائي فقير جون ڪشف ۽ ڪرامتون، ۾ لکي ٿو ته شاھ لطيف جو جنم وتائي فقير جي دعا سان ٿيو هو. سرائي مرحوم فقير امداد علي ڪتاب: ڪستي منجهه ڪڻان ڇاپو آگسٽ 1995ع صفحي 28 تي لکي ٿو ته حبيب شاهه جي لاکيڻي ۽ صالح پُٽ جو جنم هڪ مڪرم ماءُ فاطمه جي پيٽان 1102هه ۾ امرت ويل صبح سوير جنم باعثِ برڪت ٿيو.
شاهه لطيف جي ولادت جون واڌايون سڀ کان اول حبيب شاهه کي مائي جنان اچي ڏنيون. تنهن کان پوءِ ٻين مُريدن فقيرن به سائين جن کي مبارڪون ڏنيون. شاهه لطيف جي ڄمڻ وقت دهليءَ ۾ اورنگزيب عالمگير جي حڪومت هئي.
مختلف ليکڪن شاهه لطيف جي جنم جي تاريخ ۽ هنڌ به مختلف لکيا آهن. اهي ماڳ ڀينءِ پور، موسى کٽياڻ، مٽياري، هالا حويلي، عالي فقير ڏيرو، مُلان مکڻ، سوئي ڪندر تعلقو ٽنڊو آدم لکن ٿا ۽ ولادت 1101، 1102هه مطابق 90-1689ع لکي آهي.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيق مطابق شاهه لطيف کي جنم ڏيڻ جو شرف، عرس فقير ڏيرو جي ننڍي نياڻيءَ کي مليو جيڪا شاهه حبيب جي ٻي گھر واري چئي وڃي ٿي. لطيف سائينءَ جو جنم پهرين رجب ڇنڇر 1102هه مطابق 31 مارچ 1691ع سيد حبيب شاهه جي گهر ديهه سوئي ڪندر جي سروي نمبر 134 ۾ سوئي ڪندر ٿيو. سندس والد کيس ڪن ۾ اذان ۽ اقامت چئي،
الست بربڪم، جڏهن ڪن پيوم ،
قالو بليٰ، قلب سين تڏهن تت چيوم،
تهين وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سان. (سر مارئي)
ڪجهه ڏينھن کان پوءِ سيد حبيب شاھ، لطيف کي تنجڻ سوڌو سخي سيد هاشم شاهه ڏانهن کڻي ويو ته ان ويل درويش وتايو فقير به اتي موجود هو.سخي هاشم شاهه اٿي بيٺو ئي مس ته وتايي فقير رڙ ڪري سائين حبيب شاهه کي سُکيرون ڏنيون ته اهو اٿئي اسان جو شاهه لعل لطيف، ائين چئي کانئس ننڍڙو لطيف وٺي، وڃي درياهه ۾ ٽُپو ڏنائين ته، وچ درياهه ۾ سندن ملاقات حضرت خواجه خضر سان ٿي ته ان وقت خواجه خضر لطيف کي ٻه املهه گل ڏنا. ٿوري دير بعد وتايو فقير، شاهه عبداللطيف ابهم ساڻ درياهه مان نڪتو ۽ رڙ ڪري چيائين ”حبيب شاهه پنهنجو پُٽ وٺ مان هاڻ هن جو علمي بار نٿو کڻي سگھان“.
لطيف سائين ٻاراڻي عمر ۾ پنهنجي ماسات محمد عالم ڏيرو سان کيڏيو، ان کان سواءِ جاني فقير ڏيرو سندس ننڍڙي هوندي جورفيق هو. لطيف سائين جي سنگت ۽ رفاقت فطري طور تي ڏيرن فقيرن جي ٻين ٻارن سان به ٿي، انهن مان اجن فقير ڏيرو ۽ سک فقير ڏيرو، اڳتي هلي شاهه لطيف جي حاضرات جا فقير ٿيا.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تحقيق مطابق، شاهه لطيف جي ننڍپڻ وارا ڪم ازڪم ٻارنهن سال کن پنهنجن ناناڻن ڏيرن فقيرن ۾ سئي ڪندر ۽ گنباٽ واري تر ۾ گذريا، انهيءَ عرصي ۾ ٻين ٻارڙن سان گڏ، گنباٽ سان لاڳو اولهه طرف واريءَ ايراضي ۾ ننڍڙي لطيف ٻارن سان گڏ ڏاڪ چميءَ، سيڙهه کينهوڙي ۽ پاڻيءَ ۾ ڪُندروءَ جھڙيون رانديون به کيڏيون.
محبوب علي سمون ڪتاب-ڀٽائيءَ تي بهتان جي صفحي 69 تي لکي ٿو ته شاهه جو ننڍپڻ ۽ جواني وارو زمانو قديم روايتن موجب مٽيارين ۾ گذريو آهي. جڏهن ته شاهه حبيب جي ولادت مٽيارين ۾ ٿي. سندس تعلق متعلوي سادات جي جراڙپوٽه قبيلي سان هو. ان هوندي به شاهه حبيب جو موسيٰ پوٽه پاڙي ۾ اچڻ وڃڻ گھڻو هوندو هو، ان جو سبب هي ٿي سگھي ٿو ته شاهه حبيب کي ٻه نياڻيون هيون. هڪڙي جي شادي موسيٰ متعلوي جي آڪهه مان هڪڙي سيد سان ٿي جنهن کي هڪڙو پٽ ۽ گھڻيون نياڻيون ڄايون ان پٽ جو نالو فقيرالله هو، جيڪو ننڍي هوندي گذاري ويو. شايد شاهه صاحب موسيٰ پاڙي ۾ پنهنجي ڀيڻ وٽ ايندو ويندو هو. مٽياري جي موسى پاڙي ۾ شاهه لطيف جي خروٿ (نماز پڙهڻ جي جاءِ) هئي. سيد مهدي شاهه جي روايت مطابق مٽياريءَ جي موسيٰ محلي ۾ شاهه لطيف ڏهه سال چله ڪشي ڪئي هئي.
سيد حبيب شاهه، شاهه عنايت رضوي ۽ سخي هاشم شاهه سان وقت به وقت رهاڻيون ڪندو هو. شاهه لطيف جڏهن پنجن ورهن ٿيو ته سندس والد کيس سخي هاشم وٽ وٺي آيو، هن بزرگ لطيف کي ڏسي فرمايو!
”حبيب جو پُٽ اڃان پچي راس نه ٿيو آهي“
روايت آهي ته لطيف سائين جڏهن ڇهن سالن جو ٿيو ته ميي عيسى کيس ڏسي فرمايو ته ”ڪو ڏينهن ٿيندو جو هن ٻار مان اهي، گل نڪرندا جن جي سڳنڌ ساري عالم کي سرهو ڪري ڇڏيندي“.
ڪجهه وقت کان پوءِ سيد حبيب شاهه، مخدوم نوح سرور جي درگاهه تي زيارت لاءِ ويو ته ”قبر مان آواز آيس“ ”اي حبيب وَڃُ “ ۽ ”لطيف کي وَنڊُ ڏي، ۽ پنهنجو مريد ضرور ڪجانس.“ پوءِ موٽي اچي کيس ٻاروتڻ کان بلوغت تائين پاڙهيندو ۽ سمجھائيندو رهيو. تنهن بعد کيس اسم ذاتي جي تلقين ڪري قادري طريقي جو خرقو ڍڪايائينس.
شاهه حبيب جي دور ۾ نصرپور هڪ واپاري شهر هو، آس پاس جا ماڻهو توڙي شاهه حبيب پنهنجي گهر جو سامان خريد ڪرڻ لاءِ نصرپور ايندو هو. ان زماني ۾ نصرپور شهر جي شاهي بازار جي منڍ ۾ ”ابراهيم“ نالي هڪ سالڪ مجذوب درويش کبڙ جي هيٺان ويٺو هوندو هو. شاهه حبيب جڏهن به نصرپور ايندو هو ته پنهنجي پياري فرزند شاهه لطيف کي به گهوڙي تي پنهنجي پوئتان سوار ڪري ايندو هو ۽ پنهنجي گهوڙي انهيءَ مجذوب واري کبڙ وٽ اچي ڍريندو هو. ابراهيم مجذوب هميشه لطيف سائينءَ کي غور سان گهوريندو رهندو هو. هڪڙي ڀيري هن درويش شاهه حبيب کي سڏي فرمايو ته سائين! ”هن نينگر جي پيشاني ٻڌائي ٿي ته هي وڏو عابد، زاهد ۽ پنهنجي وقت جو وڏو ولي ڪامل ٿيندو. توهان کيس پنهنجي پوئتان گهوڙيءَ تي سوار نه ڪندا ڪريو!“ ابراهيم مجذوب جي مزار اڄ به نصرپور شهر جي وڏي بازار جي منڍ ۾ موجود آهي. پاڻ پنهنجي وقت جو وڏو ولي الله ۽ سالڪ مجذوب ٿي گذريو آهي. حوالو: قريشي حامد علي خانائي، مضمون: ڪوٽڙي مغل شاهه لطيف جي مجازي بستي، رسالو مهراڻ 4، 1983ع، ص: 84.
شاهه حبيب لطيف کي هڪ کٽيءَ وٽ کٽڪو ڪم سکڻ لاءِ ويهاريو. اهڙي نموني مٽيارين ۾ ڪورين ۽ کٽين جا هنر به شاهه صاحب جي نظر مان نڪتا. هڪ دفعي شاهه صاحب کي سانوڻ جي موسم ۾ کٽي چيو ته آئون ڪم سانگي ٻاهر وڃي رهيو آهيان جيڪڏهن مينهن پوي ته ڪپڙا پسڻ کان بچائجانءِ. هڪ ڏينهن مينهن به سانڀاها ڪري آيو، ڦڙ ڦڙ پوڻ شروع ٿي ته شاهه صاحب سڀ ڪپڙا رسين تان لاهي نير ۾ وڌا (جيڪي در اصل الڳ الڳ جاين تي رکڻا هئا). مالڪ جڏهن ڪم لاهي واپس آيو ته شاهه صاحب کان پڇا ڪيائين ته شاهه خير ته آهي؟ ڪپڙا ڪيڏانهن ويا؟ شاهه صاحب وراڻيو ته مينهوڳيءَ جي ڪري ڪپڙا سڀ لاهي نير ۾ وڌا اٿم ته جيئن برسات کان بچي وڃن. کٽي چيو ته شاهه! تو ته منهنجي سموري محنت برباد ڪري ڇڏي. ڪپڙا مختلف رنگن ۾ رڱڻا هئا هاڻي گراهڪن کي ڪهڙو جواب ڏيندس!. شاهه صاحب چيس ته گهٻراءِ نه، تون مون کان جيڪو رنگ گهرندين سو توکي ڏيندس! اهڙيءَ طرح کٽيءَ جيڪي رنگ طلب ڪيا سي شاهه صاحب نير مان ڪڍندو ڏيندو پئي ويو. (حوالو: سمون محبوب علي، مصنف، ڀٽائيءَ تي بهتان، علمي ادبي اشاعت گهر مٽياري، 1998ع، ص: 70).
روايتن موجب شاهه حبيب کيس قرآن شريف پڙهڻ لاءِ استاد ميون نور محمد ڀٽي کان وانئين (وائي) ڳوٺ ۾ مڪتبي تعليم پوري ڪرائي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي تحقيق موجب، شاهه حبيب آخوند نور محمد ڀٽي کي پاڻ وٽ رهايو هو ۽ هن شفيق استاد پنهنجي سعادتمند شاگرد کي مڪتبي تعليم پوري ڪرائي.
شاهه لطيف جي ديني تعليم بابت مختلف روايتون: ڪتاب ”ڀٽائيءَ تي بهتان“ ۾ مصنف لکي ٿو ته، فقير خدا ڏني ميمڻ جي روايت مطابق، شاهه صاحب موسيٰ محلي ۾ سندن ابن ڏاڏن مان آخوند احمد ۽ محمد جن وٽ پڙهڻ لاءِ ايندو هو. هڪ دفعي شاهه حبيب شاهه لطيف کي پڙهائڻ لاٰءِ آخوند احمد وٽ ڇڏي ويو. هڪ سال گذرڻ کان پوءِ شاهه حبيب، شاهه صاحب وٽ آيو ۽ کانئس پڇا ڪيائين ته ”پٽ توکي آخوند صاحب ڇا پَڙهايو آهي؟“ شاهه صاحب وارڻيو ته ”بابا سائينءَ ڪجھه به نه پڙهايو آهي.“ پوءِٰ آخوند احمد چيو ته سائين لطيف کان پڙهائي ڏسو ته اوهان کي پتو پوندو! شاهه صاحب پهرئين پاري کان پندرهين پاري تائين بر زباني پڙهي ٻڌايو. شاهه حبيب ٻئي سال شاهه صاحب کي قرآن پاڪ جي تعليم لاٰٰءِ آخوند محمد وٽ ڇڏي ويو. ٻئي سال پوري ٿيڻ تي شاهه حبيب، شاهه لطيف کان پڇيو ته آخوند صاحب ڪجهه پڙهايو اٿئي يا نه؟ شاهه صاحب ورندي ڏني ته ”بابا سائين! ڪجھه به نه“ آخوند صاحب چيس ته سائين لطيف کان پڙهائي ڏسو ته اوهان کي پاڻهي خبر پئجي ويندي. شاهه صاحب سورهين پاري کان والناس تائين بر زبان پڙهي ٻڌايس. اهو ڏسي آخوند صاحب حيران ٿي ويو ۽ شاهه صاحب جي علم لدني کان متاثر ٿيو. هن ڪتاب مطابق اهي ٻئي ڀائر ميمڻ هئا. حوالو، سمون محبوب علي، ڀٽائيءَ تي بهتان، ڇاپو پهريون، جنوري 1998ع. ص، 69، 70.
هڪ روايت مطابق ٽنڊي محمد کان لڳ ٽکڙ جبل وٽ هڪ ڳوٺ ۾ ڀٽائي صاحب کي سندن والد قرآن شريف جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ استاد احمد ڪوري ۽ محمد ڪوري وٽ ڇڏي آيا، جڏهن استادن ڀٽائي کي پڙهڻ لاءِ چيو ته ڀٽائي نه پيو پڙهي، استادن جي سختي بعد ڀٽائيءَ کين پندرهن سيپارا ياد ٻڌايا. ساڳي نموني ٻئي استاد ڀاءَ کي به ڀٽائي پندرهن سيپارا بر زبان ٻڌايا. اهي استاد ٽکڙ جبل جي ڀر واري ڳوٺ ۾ دفن ٿيل آهن. (حوالو: نواز ڪنڀر، ڀٽائيءَ جا پنڌ ۽ پيچرا، ثقافت کاتو، ڇاپو پهريو ڊسمبر 2014ع، ص: 114 ـ 115 )
شاهه لطيف جڏهن سترهن، ارڙهن سالن جي عمر جو ٿيو ته، حبيب شاهه، کيس سخي هاشم شاهه وٽ وٺي آيو.سخي هاشم، لطيف کي ڏسندي دعا ڪئي ته: ”لطيف جو چراغ روشن ٿيندو“. پوءِ ستت ئي سخي هاشم شاهه 12 ربيع الاول سن-1120هه 1708ع ۾ برقعو مٽايو.
روايت آهي ته شاهه لطيف ويهن ورهين جو ٿيو ته شاهه حبيب جي مريد مرزا مغل بيگ جي نياڻي بيمار ٿي پئي، اتفاق سان ساڳئي وقت شاهه حبيب جي طبيعت به ناساز هئي. انهيءَ ڪري مرزا بيگ جي عرض تي پنهنجي پٽ عبداللطيف کي ساڻس وڃڻ جي هدايت ڪيائين. شاهه لطيف، مرزا مغل جي دختر جو حسن ڏسندي بيخود ٿي ويو ۽ سندس آڱر پنهنجي هٿ ۾ جھليندي چيائين.
”جنهن جي آڱر سيد هٿ ۾، تنهن کي لهر نه ڪو لوڏو“
اهي سخن سڻي مرزا ۽ سندس عزيز غصي ۾ لال ٿي ويا ۽ سيدن کي ايترو ته تپايائون جو هو لاچار ٿي ڪجھه مفاصلي تي ڌار حويلي اڏي ويٺا. مرزا مغل بيگ جي نياڻي بيبي سيده بيگم (اصل نالو عائشه) جي عشق شاهه صاحب کي ٽي ورهيه هرڻ ۽ هما وانگر صحرائن ۽ بيابانن جا سير ڪرايا.
هڪ دفعي دل قوم جا ڌاڙيل، مغرور امير مرزا بيگ مغل جي حويلي تي ڪاهي آيا، مرزا پاڻ اتي ڪونه هئو ۽ ڌاڙيل سڄو سامان زيور ڦر ڪري ڀڄي ويا. مرزا موٽي اچي ڪاري وارن ڪکن تي بيٺو. پوءِ شاهه لطيف، مرزا بيگ کي چيو ته هن ڏکيءَ ويل اسان تي فرض آهي، ته اسان ايمانداري سان اوهان جي امداد ڪريون. مرزا بيگ، شاهه صاحب کي نهايت حقارت سان جواب ڏيندي چيائين ته اوهان جي امداد جي ڪابه ضرورت ڪانهي اسان پاڻ مرد آهيون.۽ پوءِ شاهه لطيف کي گٿا لفظ چيائين ۽ ڪي ويڻ ڏئي هڪالڻ لڳو، جنهن تي شاهه لطيف جلالي انداز ۾ چيو ته
”بيگ تنهنجي بيگي، ڪوٽڙي ۾ ڪان
اٿم آس الله ۾، دل مارينئي ما نه“
شاهه سائينءَ جي پاراتي بعد مرزا جو موت ٿيو، مرزا مغل بيگ جي وفات سن 1124هه 1712ع جو ماده تاريخ ڪڍندي شاهه لطيف جي هڪ فقير ”بود خبيث“ چيو تڏهن شاهه لطيف في البديهه فرمايو: ”يک مغل به بوده“ يعني هڪ ڀلو مغل هو. شاهه سائينءَ جي سهري مرزا مغل بيگ جي قبر ٽنڊي الهيار لڳ بيگلارن جي تاريخي قبرستان ۾ آهي.
پوءِ مغلن جي ڪجهه ڀاتين شاهه حبيب کي منٿ ميڙ ڪري راضي ڪيو ۽ شاهه لطيف کي سنڱ ڏيڻ لاءِ تيار ٿيا. شاهه لطيف جي شادي سيده بيگم (سعيده) سان ٿي ته ان وقت شاهه لطيف جي عمر 22 سال هئي. شاهه سائين جا مريد، شاهه لطيف جي گھر واريءَ کي ادب وچان تاج المخدرات (ستين جو ڇٽ) نالي سان ياد ڪندا هئا. ڪجھه عرصي کان پوءِ لطيف سائين جي گھر ۾ اميدواري ٿي. هڪ ڏينهن حويليءَ تان نوڪرن کي حڪم مليو ته، ”پلو آڻي ڏيو.“ هڪ ته گرمي جي مند درياهه ۽ واهن ۾ پاڻي به ڪونه هو، تنهن ڪري پلي جي موسم به ڪونه هئي. حويليءَ جا فقراء حڪم جي بجا آوري ڪندي چئني طرف هليا ويا. انهن مان هڪ هالن جي شهر هلندو وڃي مقامي بزرگ ۽ درويش ”هوت فقير ميمڻ“ جي اوطاق تي پهتو، هو ڪهندو سهڪندو ۽ اُڀا ساهه کڻندو اوطاق ۾ پيل کٽ تي اڇي ويٺو. هوت فقير ان وقت آڏاڻي مٿان دڪان ۾ ويٺل هو. ۽ ڪپڙي جي اڻت جي ڪم ۾ مشغول هو. هن جو ڀٽائي جي فقير کي ڏٺو ته، کانئس احوال ورتائين: ”ابا فقير، ڇو ههڙي گرميءَ ۾، تتل ڏينهن جو ڪهي آيا آهيون؟ خير ته آهي؟“ فقير وراڻيو: ”سائين، ٻيو سڀ خير آهي، ڀٽائي سائين جي گھرواري (تاج المخدرات) اميدواري آهي.گھر ۾ پلي جي طلب ٿي، انڪري پلي حاصل ڪرڻ لاءِ نڪتل آهيون. پر هن وقت پلي جي مند نه آهي ۽ نه موسم.“ هوت فقير چيو ته، ”الله سائين خير ڪندو، حويلي ۾ حجائتي طلب ٿي آهي.“ ائين چئي هوت فقير جو نڙو وڃي آڏاڻي جي کڏ ۾ ڪريو. پاڻ بسم الله الرحمن الرحيم چئي، هٿ هيٺ اندر پيرن تائين ڊگهيريائين ته، نڙي بدران جيئرو جاڳندو، ڦٿڪندو پلو ڇڪي ٻاهر ڪڍي چيائين. ”اچي فقير! تون هي تازو پلو کڻي هل ۽ جلد حويليءَ ڏي روانو ٿيءٌ.“ ائين چئي جيئرو پلو ان فقير کي ٿالهه ۾ وجھي ڏنائين پوءِ فقير خوشيءَ مان ٻهڪندو، کلندو، مسڪرائيندو حويلي ڏانهن روانو ٿي ويو. هوڏانهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جڏهن واري واري سان فقيرن جي پڇا ڪئي ته، کيس ٻڌايو ويو ته، ”حويليءَ تان پلي جي طلب ٿي هئي، سو ان سلسلي ۾ اهي فقير چئني پاسي نڪتل آهن.“ شاهه سائينءَ اها صورتحال ڏسي ويهي رهيو ۽ سوچڻ لڳو، پوءِ سندس زبان مان هي لفظ نڪتا ته، ”اڃا دنيا جي تختي تي آيا ئي ڪونه آهن جو هينئر کان ئي منهنجي فقيرن کي تنگ پيا ڪن.“ اهڙو اولاد ئي نه کپي جو منهنجي فقيرن کي رُلائي، منهنجا فقير ئي منهنجا ٻالڪا آهن. پوءِ بيبي صاحبه جي پيٽ ۾ ئي اهو ٻالڪ سڪي ويو ۽ بيبي صاحبه کي اولاد نه ٿيو، پر اڳتي هلي ڪٽنب جي مٽن مائٽن شاهه سائين جي وارثت کي سنڀاليو. اهو سجاده نشيني سلسلو اڄ تائين جاري آهي. (مضمون: ڀٽ ڌڻي ۽ ڏاڏو هوت فقير، تحرير، الله بچايو ميمڻ، ڪاوش مڊويڪ مئگزين اربع 20 مئي 2015ع، ص:10.)
هڪ دفعي شاهه صاحب ڪنهن سفر تان موٽيو ۽ هر جيوت ۾ محبوب کي پسي اچي بهرم بري سرڪار جي درگاهه ڀرسان ٽي ڏينهن لاڳيتو هڪ هنڌ غش ئي غش لڳو پيو هو، سندس جسم تي واريءَ جا تهه چڙهي ويا ۽ رڳو سندس هڪ ڪپڙي جو پلاند ظاهر هو. قضا سان هڪ پنهوار جي مٿس نظر پئي جنهن سارو احوال شاهه حبيب کي سڻايو. پوءِ شاهه حبيب انهيءَ هنڌ پهتو ۽ ڏاڍي سوز مان چيائين:
لڳي لڳي واءُ، ويا انگڙا لٽجي،
شاهه لطيف بيخوديءَ جي حالت مان ڇرڪ ڀري ۽ ٺهه پهه جواب ۾ چيو:
پيئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.
شاهه لطيف کي جوانيءَ ۾ سندس والد صاحب طريقت جي راهه ڏسي ۽ نفساني خواهشن کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ زهد و تقويٰ، رياضتن ۽ مشاهدن جي تلقين ڪئي هئي. پوءِ هن تي تلقين جو اهڙو ته اثر ٿيو جو تهجد نماز بعد فجر جي آذان تائين سؤ ڀيرا هنن لفظن جو ذڪر ڪندو هو. ”هُئين به تون. آهين به تون، هوندين به تون. ٻيو نه ڪير هُئين به تون ـ فاني سڀ ـ باقي تون ـ تون هين تون ـ ٻيو نه ڪير ـ تون هين تون“. چئي دعا لاءِ هٿ مٿي کڻي سوره حمد ۽ درود شريف پڙهڻ کان پوءِ رب سائين جي جلاليءَ کي ماٺي ڪرڻ لاءِ دعا ۾ هي بيت چوندا هئا.
1ـ جيئڻ ناهي جڳ ۾، ڏينهن مڙيئي ڏون،
الا عبداللطيف چئي، آهين تونهين تون.

2ـ ڪيو مطالع مون، هي جو ورق وصال جو،
تنهن ۾ تون ئي تون، ٻي لات نه لحظي جيتري.

3ـ مارو مٽ ملير جا سڀئي پرکيا سون،
سوکيءَ ڀائي سڀ ڪو اوکيءَ تون ئي تون،
موليٰ مٿان مون، ٻڙو لاهه مَه ٻاجھه جو.
4ـ بچائجان باري آهيان گناهن جي گودڙي،
نڪو پئسو پتڻ جو نه ظاهر ڪيم زاري،
آهيان اگهاڙي، ڏجان پاند پناهه جو.

5ـ ستر ڪج ستار آءُ اگهاڙي آهيان،
ڍڪئين ڍڪڻهار، ڏيئي پاند پناهه جو.

6ـ جيسين جيارين، هادي رکين حفظ ۾،
محتاجي مخلوق جي، قادر نه ڪارين،
عربي عبداللطيف کي، ويل نه وسارين،
پرڪش پيارين، پازيءَ دران پنهنجي.
۽ ٻيا دعائيه بيت به پڙهندا هئا جيڪي رسالي جي مختلف سرن ۾ موجود آهن.
سيد حبيب جڏهن پنهنجي فرزند کي رات ڏينهن عبادت، زهد تقويٰ ۽ فقيري حال ۾ شعر پڙهندي ڏٺو ته هڪ دفعي مرڪي چيائينس ته ”ابا سنڌ جي سرزمين ته ساري اوليائن کيڙي ڇڏي آهي. توهان پنهنجي اوڙ ڪٿي هلائيندا“ لطيف سائين فرمايو بابا سائين مان ان جڳهه تي هر هلائيندس جتي ڪنهن جي به اوڙ نه هلي آهي. يعني ”سمنڊ کيڙيندس“ ڪجهه ماڻهن جي دلين تي اوڙ هلائي انهن کي گس لائيندس، سائين شاهه عنات رضوي به اها صلاح ڏني آهي. (حوالو، مضمون شاهه ۽ سنڌي، ليکڪ، فقير امداد علي سرائي)
هلائج هينئين ۾ الف سندي اوڙ،
ته ڪتابن جي ڪوڙ، منجھان تو معلوم ٿئي.
پوءِ سيد حبيب پنهنجي پٽ کي وقت جي جيد عالمن سان ۽ ٻين لاتعداد بزرگن سان ملاقاتون ڪرايون. انهن مان شاهه عنات رضوي جي صحبت مان لطيف سائين ته اڳ ۾ ئي گھڻو ڪجهه پرايو هو. پوءِ شاهه عنات کان سواءِ ٻين بزرگن سان پڻ روح رهاڻيون ڪرايون ۽ الله لوڪ انسانن توڙي مماتيءَ وارن بزرگن جا درشن پڻ ڪيائون.
شاهه صاحب جڏهن ٽيهن ورهين جو ٿيو تڏهن ڪشش ٿيس ته وڃي بڪيرن جي ڳوٺ مان قائم الدين قلندر جي زيارت ڪري اچان، ٻه ڏينهن ساندهه پنڌ ڪري وڃي ان ڪامل جي ڳوٺ ۾ پهتو. درويش پنهنجي ڀڳل کٽ تي براجمان هو ۽ شاهه کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ گهڻي مرحبا ڪيائينس. پوءِ چيائينس ته ”منهنجا محب تو ۾ مان وڏيءَ ولايت جا آثار ٿو ڏسان، هاڻ هتي ترسي پؤ، جيسين رمضان شريف پورو ٿئي پوءِ وڃجانءِ“. شاهه صاحب ڪامل جي ارشاد موجب سارو رمضان شريف جو مهينو سندس صحبت سڳوريءَ ۾ رهي پيو. انهيءَ ڪامل درويش ئي کيس اويسي طريقي جا راز ڏيئي هڪ سچو اويسي بنائيس.
جا براد بُتن جي سا اڃ بک آديسين،
روزا رند رکن، عيد نه اوڏا ڪاپڙي. (سر رامڪلي)
روزا ۽ نمازون اِيءُ پڻ چڱو ڪم،
او ڪو ٻيو فهم، جنهن ۾ پسڻ پرين کي. (سر آسا)
لطيف سائين اڪثر سفر دوران قرآن شريف، شاهه ڪريم جو ڪلام (بيان العارفين) ۽ مثنوي مولانا روم جي نسخي (مثنوي مولانا روم، نور محمد ڪلهوڙي کيس تحفي ۾ ڏني هئي) جو مطالعو ڪندا هئا. شاهه سائين جن وڏا سيلاني هئا، پاڻ مختلف ماڳن جا سير سفر ڪيائون. جن ۾ گنجو ٽڪر (نيرون ڪوٽ)، لاهوت، هنگلاج، لسٻيلو، ٺٽو، ڪيچ، (ڀنڀور کان ڪيچ تائين ڪل 36 ماڳ اهڙا آهن جيڪي شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيا آهن اهي ماڳ اڄ تائين انهن نالن سان سڃاڻپ رکن ٿا، محقق: گل حسن ڪلمتي ۽ رخمان گل پالاري). ملير، ڪلاچي، ٿر، ڪڇ، ڀڄ، کنڀات، گجرات ديبل بندر، مانجهند، ترائي (شڪارپور) جي بزرگن، درويشن عالمن سان ملاقاتون ڪيائون ۽ سماواتي ايراضي ۽ لاڙ جي ايراضي تان به لاتعداد ڀيرا ڪيائون. ساهتي پرڳڻي ۾ ڳوٺ بگا، ڳوٺ وايون لڳ درٻيلو، کاهي راهو، آگرا، ڪوٽڙي محمد ڪبيرکان کهڙا شريف، درازا، بکر، روهڙي، گھوٽڪي، ملتان، راولپنڊيءَ تائين سيرسفر ڪيائون. جن به ماڳن تي شاهه لطيف پريت جا پير گھمايا انهن ماڳن تي اڄ به لطيفي لوڙها، اوتارا ۽ تڪيا موجود آهن. هڪ اندازي مطابق شاهه لطيف پنج-ڇهه سال سير و سفر ۾ گذاريا. ٻي ڪٿ موجب 22 سال سير سفر ڪري بيشمار بزرگن سان رهاڻيون ڪيائون.
روايت آهي ته شاهه حبيب بيماري جي حالت ۾ قاصد کي شاهه صاحب ڏانهن هي بيت چورائي موڪليو.
ڪنهن جنهن نينهن ننڌاءِ، جي مون واجھائيندي نه ورو،
جيڪي مئي ڪنداءِ، سو جانب ڪريو جيئري.
جواب ۾ شاهه صاحب چورائي موڪليو ته:
متان ٿئين ملور، ڪين آڳاهون آهيان،
ڏسڻ ۾ ڪر ڏور، حد ٻنهي جي هيڪڙي.
شاهه لطيف جي عمر 42 سالن جي قريب ٿي ته سندس والد صاحب بيمار ٿي پيو. پاڻ ان جي ڏاڍي خدمت چاڪري ڪيائون پر آخر اهڙو وقت به آيو جو ڦڪين فرق نه ڪيو ۽ شاهه حبيب جو وصال ٿيو. ان وقت شاهه صاحب ٻاهر آيو ته سندس فقيرن کانئس حبيب سائين جو حال پڇيو، تڏهن پاڻ جواب ڏنائون ته:
اوٺي اٻهرا ٿيا بيٺا تنگ ڪشين،
ڪڇن پڇن ڪينڪي ورندي وات نه ڏين،
لاکيڻا لطيف چئي، ٿا منجهئون لوڪ لڏين،
نيڻ نماڻا کڻيو هنجون ٿا هارين،
سي جنگ جواب نه ڏين، ڪنهن ڏاڍي ڪيف ڪڪوريا.
شاهه حبيب سال 1144هه ۾ وفات ڪئي پوءِ کيس ڀٽ تي دفنائڻ وقت شاهه لطيف هي بيت پڙهيو هو.
ڪڙهه سوڙهي سورگھڻا ڪٿي سانڍيان ساهه،
نه کري نه کڙڪو نه بازيگرجو واءُ،
لڱن مٿان ماهه، سڪيو وڃي سيد چئي.

ڀٽ تي سماع جي سلسلي جو مختصر احوال

شاهه سائين جن اندازن سن 1142هه ۾ موجوده ڀٽ کي وسايو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي تحقيق مطابق 1140هه، 1142هه (28-1727ع، 30-1729ع) ڌاري شاهه لطيف ڪجهه فقيرن سان گڏ ڀٽ تي سڪونت اختيار ڪئي ۽ پوءِ جايون ٺهرائڻ شروع ڪيائون. سيد محمود شاهه ان وقت اميري ترڪ ڪري پاڻيءَ جو ڪوزو کڻي اچي سندن پھريون مريد ٿيو ھو. ڀٽ تي شاهه سائين جي فقيرن جو تعداد وڌنڌو ٿي ويو ته تمر فقير کي ڀٽ تي لٺ (ڪاٺيءَ) سان جاءِ ليڪي ڏنائون ۽ ڪجهه فقيرن جي مختلف ڪم ذمي لڳايائون.
سال 1144هه ۾ ڀٽ تي سماع، ذڪر ۽ راڳ جو ادار قائم ڪيائون. سماع ۽ ذڪر جو اڳواڻ پنهنجي ماسات ۽ وڏي خليفي محمد عالم ڏيرو کي مقرر ڪيائون ۽ راڳ جو اڳواڻ تمر فقير کي ڪيائون. شاهه صاحب جي وقت ۾ جيڪو پهريون دنبورو ٺهيو، سو پڻ تمر فقير وارو ”يڪ ڀانڊيو“ دنبورو هو. ڀٽائي صاحب جي وقت ۾ ٺٽي ننگر مان موتي ۽ گوپال نالي سوٽهڙ آيا، جن ڀٽ تي ويهي ڦاڪدار دنبورا ٺاهيا. تمر فقير واري دنبوري کان پوءِ ٻه ٻيا دنبورا ٺهيا، هڪ خليفي محمد عالم ڏيري جو ۽ ٻيو تمر فقير جي ڪنهن ساٿيءَ لاءِ ٺاهيو ويو. ڀٽ تي خليفي محمد عالم ۽ تمر فقير سان گڏ ميين ولي محمد، سيد نقي فقير، ميان هاشم علي ريحان پوٽو، عرس فقير ساند جنهن کي ڳائڻ جو داروغو چوندا هئا ان کي شاهه سائينءَ جو سڄو رسالو ياد هئو. اهي فقير سماع ۽ راڳ چوندا هئا.
خليفو محمد عالم ولد رب ڏنو ڏيرو سماع لاءِ مچ ٻاريندو هو جنهن جي اتر طرفان خليفو پاڻ ۽ سندس ساٿي ۽ سامهون ڏکڻ طرفان تمر فقير ۽ سندس ساٿي بيهندا هئا. ان بعد شاهه صاحب ايندو هو، پهريائين هو اَلو جون ٽي تسبيحون ٿينديون هيون. ان کان پوءِ خليفي محمد عالم جي ٽولي جو فقير بلاول يا ڌناسري جي سُرن مان بيت ڏيندو هو ۽ پهرين سٽ آلاپڻ بعد خليفو محمد عالم ”اَلقارعَة مَا القارعَة (قرآن شريف جي سورة جا الفاظ) جي ضرب هڻندو هو. ان بعد سامهون تمر فقير وارا ساڳي سٽ پڙهي به ضربون هڻندا هئا. ساڳئي وقت فقير مچ جي چوڌاري بالڪل آهستي پير پير ۾ ڏيئي ڦرندا هئا. اهڙيءَ طرح جو سَوا ڦيري ۾ سڄي سماع ختم ٿئي. آخر ۾ مچ جي الهندي طرفان سڀ ويهي گڏجي ذڪر ڪندا هئا ۽ ذڪر ۾ پڻ سُر سان بيت پڙهندا هئا. پڇاڙيءَ ۾ دعا گُهري اُٿندا هئا. شاهه صاحب سماع جا ٻه سلسلا شروع ڪيا هئا هڪ اويسي ۽ ٻيو قادري طريقو. (محقق ـ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ).
مير عبدالحسين سانگي ڪتاب لطائف لطيفي ۾ لکي ٿو ته، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽ تي پنهنجي تڙ ڏاڏي شاهه ڪريم بَلڙيءَ واري جي طريقي کي جاري رکندي ذڪر جون ٽي تسبيحون فجر ۽ ٻِين وقتن تي مقرر فرمايو هيون. (1) ”الله هو“ (2) ”الله، الله“ (3) ”هو هو“. مطلب ته ذڪر ۾ ”لا“ نفي جي آهي. جيڪڏهن ڪو طالب نفي ڪندي ساهه ڏئي ته اهوتوحيد جو انڪار ٿيو. انڪري گھرجي ته، اثباتي ذڪر ”الله“ ڪجي، جو ذڪر ڪندي موت اچي ته، ذڪر اثباتي قائم رهي. شاهه سائين پنهنجي وڏي ڏاڏي شاهه ڪريم وارو ذڪر جو طريقو جاري رکيو ۽ نئون سلسلو صادر نه ڪيائون.
سرمد چانڊيو لکي ٿو ته، راڳ ويراڳ جو پهريون مکيو ويراڳي فقير شاهه سائين پاڻ هو. سندس کاٻي پاسي کان ٽيپ واري تار جو پاسڙيو فقير اسماعيل فقير کاهوڙي هو، کاهوڙي فقير جي ڀر ۾ کاٻي پاسي وارو ٻيو پاسڙيو ڇيڙ جي تارن واروفقير، کلڻ فقير هو. شاهه سائين جن جي ساڄي پاسي کان گھور جي تار وارو ويراڳي تمر فقير هو، تمر فقير جي ڀر ۾ ٻيو پاسڙيو ويراڳي محڪم الدين سيلاني هو، اڌڪ وارو ٽيون ساڄڙيو ويراڳي محبت فقير هو. اڌڪ وارو وڄتو ويراڳي خالي تار واري ضرب پنهنجي آڱرين سان معنيٰ چئني آڱرين سان تنبور جي تنبي تي لڳائيندو آهي. راڳ ويراڳ ۾ ڳايل پهرئين وائي جيڪا شاهه سائين جن، شاهه حبيب سائين جي درگاهه تي ڳائي اها هيءَ آهي.
اچي، لالڻ لٽ ميان! مي جو لوڙهه لڪن ۾،
هو خان کٿوري هيرئون، مون ۾ صابڻ ڇٽ،
آرياڻي اچي ڪري، ڪا گھڙي مون وٽ جٽ،
کٿوري خوشبوءِ سين، هاريائون هٽ هٽ،
درد منهنجي دل جو، ڪامل اچي تون ڪٽ،
اديون عبداللطيف چئي، سر تائين آهي سٽ.
اڳتي هلي اهڙو وقت به آيو جو هڪ ڏينهن ڀٽائي صاحب بيمار ٿي پيو ته تمر فقير پڇڻ آيس، ان موقعي تي ڀٽائي صاحب تمر فقير کي جواب ڏيندي هي بيت پڙهيا:
اڄ نه من قرار، پيو سونچو ساٿ ۾
نيهي وهندم بار، مٿي ساڻيهه سپرين.

ڪو جو لڳي واءُ جنهن ڀر ڊڄن ناکئا
ورتن ونجھه ڦٽا ڪيا، اپر ٿي اونداهه
ناکئن نياءُ ٿيو گوندر گاڏئون.

لوڊاڻي تان لطيف چئي کٽون کنيائون
حيلا جي هتي جا سي پڻ پليائون
مومل ماڻيائون، وڃي آسڻ آرامي ٿيا.
بيت جي ٻي پڙهڻي:
لڊاڻيا لطيف چئي، کٽون کنيائون،
آڻي ڪاڪ ڪنڌيءَ لڏا لاٿائون،
ميرا لاھي ڪپڙا اڇا اوڍيائون،
چارئي چني پاندڙا، ڇوڙي ڇڏيائون،
ڌڱ لٽيائون ڌوڙ ۾، لڱ نه لوڏيائون،
ڇڏي حيلا ھليا، مومل ماڻيائون،
ڀيرو ڀڳائون وڃي آسڻ آرامي ٿيا.
شاهه صاحب زندگيءَ جا پويان ويهارو سال گھڻي قدر ڀٽ تي فقيرن ۽ طالبن جي روحاني تربيت ڪئي ۽ سماع وراڳ جو طريقو جاري ڪيائين. زندگيءَ جي آخري ڏينهنِ ۾ ڪارو ويس ڍڪي ۽ ڪربلا جي شهيدن جي ماتم ۾ سُر ڪيڏارو چيائين. جيڪو سندس آخري ڪلام هو، هڪ روايت مطابق شاهه صاحب پڇاڙي وارن ڏينهن ۾ سُر سهڻي جي هي وائي چئي هئي.
ٿلهه: ڪهڙي منجهه حساب، هئڻ منهنجو هوت ري،
1. گولي ڀڄ گناهه کان ڪونهي سُول ثواب.
2. نڪي تقاوت ۾، نڪي منجھه رباب.
3. خوديائي خوب ٿئي، لائي جي لعاب.
4. پليتي پاڪ ٿئي، جنبو منجھه جناب.
5. سو نه ڪنهن شيءِ ۾، جيڪي منجھه تراب.
6. هوءِ جي جرڪيا جر تي، سي تان سڀ حباب.
7. هاديءَ سين هن پار ڏي، رڙهين ساڻ رڪاب.
8. چنبو وجھي چور کي، آءُ چڙهي، عقاب.
9. ديد وڃاءِ مَ دوست جو، هلي منجھه حجاب.
10. ڪثرت آهي قرب ۾ ، ادغام ۾ اعراب.
11. فنا وجھي فهم ۾، ڪارڻ ٿيءُ ڪباب.
12. ڏي طهورا تن کي، جي سڪن لاءِ شراب.
13. مُٺيءَ ڪيا مرض ۾، جاوا سڀ جواب.
سندن آخري وقت آيو ته پورا ايڪيهه ڏينهن خلوت اندر رهيا. انهي ساري عرصي ۾ ٻن ويلن جيتري ماني مس کاڌائون. جڏهن ٻاهر نڪتا، ته هڪ سو (100) گھڙن پاڻيءَ سان غسل ڪري چادر اوڍي، مراقبي ۾ ويهي، فقيرن کي سماع سرود جو اشارو ڪيائون. ٽي ڏينهن برابر سماع پئي هليو. آخر راڳ بند ڪري، فقير شاهه جي ويجھو وڃي ڏسن، ته شيءِ وڃي ڌڻيءَ کي پهتي آهي. اها سن 1165هه مطابق 2 جنوري 1752ع صفر مهيني جي چوڏهين تاريخ ۽ آچر جو ڏينهن هو. سندس جسم کي غسل آخوند ميين نور محمد ڀٽيءَ جي فرزند ميين ولي محمد ڏياريو. سندس وصيت موجب کيس مخدوم محمد الزمان لنواريءَ واري جي ڏنل چادر (اجرڪ) ڪفن طور اوڍائي وئي. شاهه صاحب جو جسم مبارڪ سندس وصيت موجب محمود شاهه جي پيرانديءَ کان دفن ڪيو ويو. ستت ئي سندس تربت مٿان روضو حاڪمِ سنڌ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي مڪمل ڪرايو. جيڪو زمين کان نيل تائين 67 فوٽ مٿي آهي. سندس روضو سکر بکر جي عيدن رازي 1167هه ۾ مڪمل ڪيو. روضي لاءِ رقم غلام شاهه ڪلهوڙي فراهم ڪئي. شاهه لطيف جي وفات بعد درگاهه ڀٽائيءَ جو پهريون سجاده نشين سيد جمال شاهه (وفات 1204هه) ٿيو. ڪجهه عرصي بعد مير نصير خان جي ٻن سؤٽن مير نور محمد درگاهه اڳيان وڏو کوهه کوٽرايو، جيڪو اڄ به موجود آهي ۽ مير محمد خان ٽالپر اوڀر ۾ چانديءَ وارو دروازو نصب ڪرايو جيڪو پڻ اڃان تائين موجود آهي. حوالو:بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، شاهه عبداللطيف، مهراڻ اڪيڊمي، ڇاپو پهريون آڪٽوبر 1990ع، ص:31 تي تمر فقير وارا بيت. سرائي فقير امداد علي،مصنف، ڪستي منجهه ڪڻان، هيرآباد حيدرآباد، آگسٽ 1995ع، ص: 45. حوالو: سرمد چانڊيو، ڪتاب، سنڌي ڪلاسيڪل راڳ ويراڳ (شاهه جو سنگيت نامو)، ڪنول پبليڪيشن قمبر، نومبر 2017ع ص:50. جي-ايم سيد، ڪتاب، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جون وايون ۽ ڪافيون، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1991ع ص: 53. (ڪتاب ـ شاهه عبداللطيف جون وايون ۽ ڪافيون، مرتب: جي ايم سيد).

شاهه لطيف جي مخدوم محمد معين سان ملاقات

مخدوم محمد معين ٺٽوي عرف مخدوم ٺارو دل جي ولادت مخدوم محمد امين لاکي جي گهر ۾ 1093هه مطابق 1682ع ۾ تعلقي روپاهه پٽ باران جي ڳوٺ داليءَ ۾ ٿي. سندس ڪنيت ابوالحسن هئي. وصال 1161هه مطابق 1748ع ۾ ٿيو ۽ آخري آرامگاهه مڪلي جي ٽڪري تي حضرت ابوالقاسم نقشبندي جي پيرانديءَ کان آهي.
شاهه لطيف جون ٺٽي شهر ۾ مخدوم محمد معين بيراڳي سان پڻ ملاقاتون ٿيون. مخدوم صاحب وڏو عالم، فاضل، بزرگ ۽ شاعر هو.فارسي شاعريءَ ۾ تسليم ۽ هنديءَ ۾ بيراڳي تخلص استعمال ڪندو هو، علم ۽ فضيلت جي ڪري ماڻهو کيس ”ميون ٺارو“ جي نالي سان سڏيندا هئا ۽ ان لقب سان ئي مشهور ٿيو، ڇو ته سندس ادبي ڳالهيون ۽ علمي فضيلت، مذهبي رواداري ۽ سندس فتوائن ڪري کانئس ڪيترائي ماڻهو متاثر ٿيا هئا. شاهه لطيف سندس علمي ۽ ادبي ڳالهين جي ڪري وٽس اچي رهندو هو. ۽ ساڻس روحاني ڪچهريون ڪندو هو. ٻيا به ڪيترائي بزرگ اتي ايندا رهندا هئا. هن عالم کي شاهه لطيف ”اويسي طريقي“ بابت معلومات خاطر خط لکيو هو، جنهن ۾ ڀٽائي کانئس چئن سوالن جا جواب معلوم ڪيا هئا. مخدوم صاحب ان جو تحقيقي ۽ تفصيلي جواب ڏنو پوءِ اهو خط ڪتابي شڪل ۾ ”رساله اويسيه“ نالي شايع ٿيو.
شاهه لطيف جون مخدوم ابوالقاسم نقشبندي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ ابراهيم آڌيلو توڙي لاڙ جي ٻين مشهور بزرگن سان گھڻيون ئي ڪچهريون/ملاقاتون، ميين ٺاري وٽ ننگر ٺٽي ۾ رهڻ دوران ٿيون. شاهه لطيف، لس ٻيلي، ناني، هيلاين جي ٽڪري، ڪينجھر، ڀنڀور ۽ لاڙ جي بندرن ڏانهن اتان ئي پنڌ پوندو هو. پاڻ لاڙ واري پاسي ونگو، بدين، بلڙي ۽ راهمڪي بازار کان پوءِ ننگر ٺٽي ۾ ترسندو هو. جيسيتائين مخدوم صاحب حيات هو، تيستائين شاهه لطيف، ٺٽي ۾ ڪيترائي ڀيرا ويو. چون ٿا ته شاهه لطيف پنهنجي دوست مخدوم محمد معين جي وفات کان ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي فقيرن مريدن کي چيو ته ”هلو ته يار جو آخري ديدار ڪري اچؤن“ پوءِ ڀٽ تان جڏهن ٺٽي ۾ مخدوم معين وٽ پهتا ته اتي راڳ سماع هلي رهيو هو، مخدوم صاحب شاهه لطيف سان ملاقات ڪرڻ بعد ترت ئي هي فاني جهان ڇڏيو ۽ سندس وفات کان پوءِ هُن ٺٽي ڏانهن وري رخ نه ڪيو. پڇاڙيءَ سفر جي وقت، ميين ٺاري کي غسل ۽ ڪفن شاهه لطيف ڏنو، جنازي نماز به پڙهائي، پنهنجن هٿن سان مٽيءَ ماءُ حوالي به ڪيو ۽ پوءِ چيائين ته:”ٺٽي ۾ اچڻ سندن ڪري ئي ٿيندو هو.“ ”ٺٽي ۾ پنهنجي يار جي الوداع خاطر هي اسان جو آخري ڀيرو اچڻ ٿيو.“ شاهه سائين جي هيٺئين بيت لاءِ چيو وڃي ٿو ته، هن مخدوم معين جي بُٺيءَ (قبر) وٽ بيهي چيو هو:
جا ڀون پيرين مون، سا ڀون مٿي سڄڻين،
ڌڳ لٽبا ڌوڙ ۾، اُڀي ڏٺاسون،
ڏينهن مڙيئي ڏون، اُٿي لوچ لطيف چئي.
(حوالو: شاهه لطيف ۽ مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جون ملاقاتون، ڪتاب، شاهه عبداللطيف ڀٽائي انسائيڪلو پيڊيا، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، سال 2016ع، جلد ڏهون، ش: 1، ص:48).

شاهه لطيف ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو حج تي وڃڻ

مخدوم محمد هاشم بن عبدالغفور پنهور، ولادت 10 ربيع الاول 1104هه مطابق خميس جي رات 19 نومبر 1692ع ۾ ميرپور بٺورو (ضلعو ٺٽو) ۽ وصال 6 رجب 1174هه بمطابق خميس 9 فيبروري 1761ع ۾ ٿيس. مخدوم صاحب مشهور مفسر، مفتي، محدث، سنڌي ٻولي جو شاعر ۽ عاشق رسول هو.
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ شاهه عبداللطيف ٻئي سٺا دوست ڳڻيا وڃن ٿا ۽ پاڻ ۾ ڪافي ڀيرا روح رهاڻيون ڪيون اٿن. هڪ ڏينهن هنن گڏجي فيصلو ڪيو ته: ”حج تي هلبو ۽ اتي جون زيارتون ڪري روح جي تازگي حاصل ڪبي.“ پوءِ ٻئي ڄڻا گڏجي، پيراڻي پنڌ روانا ٿيا. واٽ ۾ هلندي ٻئي ڄڻا ٿَڪجي پيا. اُن وقت شاهه لطيف فرمايو ته: ”محمد هاشم ! سڄڻ ڏانهن هلڻ وقت، ٿَڪ کي وساري ڇڏ. ۽ ڊپ به ڇڏي ڏي، سسئي وانگر محبت ۾ فنا ٿي، اڳتي وڌ، ته مقصد جو پنهون ماڻئين:
1ـ ٿڪياڻي ٿر ٿيلهه، چڙهه چڪيائين چوٽئين،
هلندي هوت پنهون ڏي، ڀوء مڙوئي ڀيل،
اُٿي راڻو ريل، متان وڄن تان واري وري.
2ـ سئو ڪوهه ڪري سڀڪا، تون ويهي کڻج وک،
تاڻج منجهان تک، اي پنڌ پاسي ڀر ٿئي.

3ـ رجل ئي راف، ته به هلي مند هٿن سان،
رڪب کوڙيو راهه تي، ڪري ڪاهون مٿي ڪاف،
آرياڻيءَ انصاف، ورتا ويچاريءَ جا.
ٻئي ڄڻا جبل جھاڳي رڻ لتاڙي وڏي مشڪل سان عرفات تي پهتا، تڏهن شاهه صاحب، مخدوم صاحب کي چيو ته:
عمر اڄ عرفات تي، واءُ وڄون وريون،
سڪن پيون سيد چئي، اوڏانهن اکڙيون،
زم زم جيڏڙيون، پيئان طهورا تن سان.
انهيءَ وقت مخدوم صاحب جي طبيعت پڻ روان هئي. هن چيو ته:
طالب ئي توڙا ٿيا، جي سدا پئا سڪن،
ڪوڙئين ڏيج ڪيترا، جي توڙي تن ڏجن،
ته ري رويت رب جي ڪم نه اچي تن،
طالب طلب ۾ پيو پئا، وحت ۾ وڃن،
ڪي نڱيا ناسوت کي، ڪي ملڪوتان مڙن،
ڪي جنبيا جبروت ڏي، ڪي لاهوتا لڙن،
ڪي ويهه پيو وترو، هيلو ها هوت وڃن،
آءُ ٿو پڇان پيچرا، سندا سالڪن،
ته ڪهڙو حال هلن، سيڪڙو سڃان جا.
مخدوم کي منجھيل ڏسي شاهه کيس چيو ته:
راهه شريعت هليا، تفڪر طريقون،
حال حقيقت رسيا، حرفت حرص ويون،
لنوي لاهوت لڱيا، وحدت وصال ٿيون،
بيٺا بقا باغ ۾، فنا فرق پيون،
پسو پنڌ سندون، جيئن وسيو رڻ وهي ويا.
انهيءَ کان پوءِ ٻنهي ڄڻن حج ڪيو ۽ دعا گهرڻ وقت مخدوم محمد هاشم ٺٽوي هٿڙا مٿي کڻي چيو ته،
عيب منهنجا ڍڪئين ستر ساڻ سچا،
اوگڻ ڪج مَ پڌرا، آگا عاصين جا.
شاهه لطيف به الله تعالى جي بارگاهه ۾ هٿڙا مٿي کڻي چيو ته،
ستر ڪج ستار آئون اگهاڙي آهيان،
ڍڪج ڍڪڻهار، ڏيئي پاند پناهه جو.
هنن بزرگن اهو سفر اندازً 1136 هجريءَ ۾ ڪيو هو. لطيف سائين ۽ مخدوم صاحب زيارتون ڪري پوءِ خيريت سان واپس سنڌ موٽي آيا. شاهه صاحب جو هي پهريون حج هو ۽ ٻيو حج ونگي ولاسي جي واٽ تان واپس موٽي آيا ۽ حج تي ڪونه ويا هئا. (شيخ محمد سومار، لطيف سائينءَ جا لاڙ تان ڀيرا، تنظيم فڪر و نظر سکر، ڇاپو پهريون، سال 1986ع، ص:29،28،27.)

شاهه لطيف ۽ صوفي سلام الله ”ٿر ڌڻي“

صوفي شاهه عنايت شهيد کي 3 فرزند هئا جن ۾ صوفي خليل الله، صوفي عزت الله شاهه اول گند پير ۽ صوفي سلام الله شاهه ”ٿر ڌڻي“. صوفي سلام الله جي ولادت 6 محرم الحرام 1130هه مطابق 28 نومبر 1717ع ۾ ٿي، وصال 25 ذوالحج 1183هه مطابق 22 اپريل 1770ع ۾ ٿيو.
ميرانپور جھوڪ واري جڳهه تي وڏو عابد ۽ زاهد ميون سلام الله رهندو هو، جيڪو پڻ روحاني راڄ جو راڻو، استغراق جو صاحب ۽ شاعريءَ جي شعور سان نوازيل صوفي فقير هو. کانئس ڏاڍيون ڪرامتون ٿينديون هيون، جنهن وقت ميان غلام شاهه ۽ محمد عطر خان ٻئي ڀائر پاڻ ۾ ملڪ تي وڙهي رهيا هئا، تڏهن ڪنهن ماڻهوءَ سندن تڪرار جو احوال ڪهاڻيءَ طور صوفي صاحب جي حضور ۾ بيان ڪيو ته، پاڻ فرمايائين ته تاج جو مالڪ غين (غلام شاهه) آهي. پوءِ ٿيو به ائين غلام شاهه ڪلهوڙي کي حڪومت ملي. اهڙيءَ طرح جيڪي به سندن زبان مان نڪرندو هو، سو تقدير سان پورو ٿيندو هو.
صوفي سلام الله، شاهه لطيف جا بيت ٻڌندو هو ۽ پسند ڪندو هو، ڪڏهن ڪڏهن ته دهرائيندو به هو. سندس مريد ۽ خادم جڏهن به ڪو شاهه لطيف جو بيت ٻڌندا هئا ته اُهو بيت سائين سلام الله کي اچي ٻڌائيندا هئا ۽ اُهو بيت ٻڌي پنهنجو نظريو ٻڌائيندا هئا. دستور موجب جڏهن کيس:
ٻڏندي ٻوڙن کي، ڪي هاتڪ هٿ وجھن،
پسو لڄ لطيف چئي، ڪيڏي کي ڪکن،
توڻي ڪنڌيءَ ڪن، نه ته ساڻ وڃن سير ۾. (سر سهڻي)
جڏهن اهو بيت کين ڪَن پيو، تڏهن ٻه ٽي دفعا دهرائڻ کان پوءِ فرمايائو ته، شاهه صاحب اهو بيت غلط چيو آهي. ڪنهن جو به سهارو نه وٺجي، نه ته اهو سهارو ڏيندڙ ٻيهر مهڻو ڏيندو ۽ مهڻي جو اهو عذاب سڀ کان ڏکيو آهي. پوءِ فرمايائو ته:
”ٻڏندي ٻوڙن کي، تون هاتڪ هٿ م لاء،
سڀان ائين چونداءِ، ته اسان تو اڪاريو.“
اها بيت ورڻ جي ڳالهه شاهه جي ڪن پيئي، تڏهن هُن پڪو فيصلو ڪيو ته اهڙي عظيم انسان سان ملڻ گھرجي، ڇو ته هن کان اڳي شاهه صاحب جو ڪو بيت ڪنهن به سنڌي شاعر نه ورايو هو. سو پاڻ بيهي ميرانپور(جھوڪ) ۾ سلام الله سان ملڻ آيو. ان وقت سلام الله سائين، تخيل جي دنيا ۾ ويٺل هو، ڪيڏانهن به دنيا جي ڪمن ڏانهن توجهه نه هُئس، شاهه صاحب پاڻ ڏانهن توجھه ڇڪائڻ لاءِ، ٽي ڏينهن ويهي راڳ رنگ ڪيو. تڏهن وڃي سلام الله جي تخيل جو ڇيڙو آيو. ڀٽائي صوفي سلام الله کي ڏسي چيو ته.
سامي هليا سڃ ڏي، سامين سڃ سڀاءِ،
سامين سڃ منجهان، ڪو سوجهي لڌو سوجهرو.
صوفي سلام الله فرمايو ته.
تن وهين ويڙهيچن وٽ سدائين سڪار،
جن جو واحد سان واپار، سي ڏوٿي هڏ نه ڏٻرا.
پوءِ ٻنهي بزرگن جي پاڻ ۾ ڳوڙهي رهاڻ ٿي. مٿئين بيت تي بحث مباحثو ٿيو. ٻنهي ڄڻن هڪ ٻئي سان سُٺي رهاڻ ڪري موڪلاڻي ڪئي.البته شاهه صاحب، پنهنجي جڳهه تي قائم رهيو ۽ سائين سلام الله پنهنجي ”خودي“ جو نظريو نماڻائي ۾ تبديل ڪونه ڪيو. هن رهاڻ کان پوءِ صوفي سلام الله ميرانپور ڇڏي تجل شريف هليا ويا.
حوالو، شيخ محمد سومار، لطيف سائين جا لاڙ تان ڀيرا، تنظيم فڪر و نظر سکر، سال 1986ع ص: 12، 13، 14. مانجهي ڊاڪٽر محمد علي،ڪتاب، صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر، ثقافت کاتو ڇاپو ٻيون 2014ع ص،299، تي صوفي سلام الله جي ولادت 25 يا 26 ربيع الاول 1130هه بمطابق 1718ع، ۽ وصال 25 ذوالحج 1172هه/ 1766ع لکيل آهي. روايت مطابق صوفي سلام الله جي ولادت 1130هه 1718ع، وصال 25 ذوالحج 1183هه 1766ع تي ٿيو ته کيس تجل شريف ۾ دفنايو ويو. ٿوري ئي عرصي ۾ سندن لاش کي تجل مان ڪڍرائي جهوڪ ۾ دفنايو ويو. ان بزرگ لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن بادشاهه جا هڏ جهوڪ ۾ ۽ سڏ تجل شريف ۾ آهن. نوٽ ـ ٺٽوي مير علي شير قانع، معيار سالڪان طريقت، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 2010ع، ص: 648 تي شاهه سلام الله، شاهه شهيد عنايت الله صوفي جو ٻيو نمبر فرزند هو. ٺٽوي مير علي شير قانع، تصنيف، تحفة الڪرام، مترجم مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ، 1409هه/ 1989ع، ص: 428 .

خواجه محڪم الدين سيلاني (سيراني) جا ٻه مقبرا

سنڌ ۾ بيشمار صوفي بزرگ آيا جن تصوف وسيلي دين جي صوفياڻي نموني تبليغ ڪئي. انهن ۾ خواجه محڪم الدين سيلانيءَ جو به شمار ٿئي ٿو. خواجه محڪم الدين سيلاني 1137هه / مطابق 1716ع ۾ پاڪ پتن کان 16 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع ڳوٺ محب عليءَ ۾ کرل قبيلي ۾ پيدا ٿيو. سندس اصل نالو عبدالله هو. هن کي ننڍپڻ کان ئي مذهب بابت تمام گھڻو لڳاءُ هو. هن اسلامي تعليمات جا سڀ ڪورس ٻارنهن سالن جي عمر ۾ پورا ڪري ورتا. ۽ پوءِ پاڻ پنهنجي سؤٽ حضرت خواجه عبدالخالق سان گڏ دهلي هلي آيو. جيڪو سندس مرشد پڻ هو. ڪجهه عرصو مشهور بزرگ خواجه نورمحمد مهاروي سان گڏ لاهور ۾ طالب علمي جي زماني ۾ رهيا. سيلاني بادشاهه طريقت جون منزلون پنهنجي سؤٽ عبدالخالق جي صحبت ۾ طي ڪيون. انهن جي ارشاد مطابق حضرت چاوليا مشائخ (وصال 1131هه) جي خانقاهه تي وڃي بنان کائڻ پيئڻ جي چلا ڪڍيائون. پوءِ حجره کان ٻاهر اچي روزو کولڻ لاءِ سندن دل ۾ ٻيرن کائڻ جي خواهش ٿي ته غيب مان خواجه خضر انساني صورت ۾ ظاهر ٿيو. جنهن کين ٻير ڏنا. انهن سان روزو کوليائون. ان کانپوءِ پنهنجي مرشد خواجه عبدالخالق جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ چلي واري سموري حقيقت بيان ڪيائون. خواجه صاحب کين ”سِيرُو في الارض“ تي عمل ڪرڻ يعني سير سفر ڪرڻ جي هدايت ڪين. چلي جي دوران به کين اهڙو ئي پيغام مليو هو. تنهن ڪري پاڻ سدائين سير ۽ سفر ۾ رهيا. ڪيترائي حج ڪيائون ۽ دنيا جي مختلف شهرن جو سير سفر ڪيائون. دنياوي شين کان پري رهڻ ڪري کيس ”سلطان التارڪين“ چيو وڃي ٿو.
خواجه محڪم الدين سيلانيءَ کي سيلاني يا سيراني انڪري چوندا آهن. جو جيڪو گھڻو وقت گھمندڙ ڦرندڙ ۽ تاريخي ماڳ مقام ڏسندڙ، داستاني قصن جي مقامي جاين ۽ ماڳن تي وڃي معلومات حاصل ڪندڙ ۽ روحاني ڪچهريون ۽ مشاهدا ماڻڻ لاءِ گھڻو وقت سير ڪري وقت گذاريندڙ کي سنڌ ۽ هند واري زماني ۾، سنڌي علائقن ۾ ”سيلاني“ ۽ هندي علائقن ۾ ”سيراني“ سڏيندا هئا. ٻنهي جي معنيٰ ساڳي آهي. خواجه محڪم الدين به تمام گھڻا سير سفر ڪيا. سنڌ ۾ گھڻو ايندو رهندو هو، خاص طور تي اٻاوڙي، روهڙي، سکر، کهڙا، درازا، راڻي پور، مٽياري، ڀٽ شاهه، درگاهه مڪان شريف تعلقو ٽنڊو الهيار ، ٺٽو ۽ گھوٽڪيءَ گھڻو ايندو ويندو رهندو هو.
سنڌ ۾ درگاهه مڪان شريف جي بزرگ مخدوم عبدالحميد ٻوچڙائيءَ جي خدمت ۾ ڪجهه عرصو رهيو ۽ هڪ ڪرڙ جي وڻ هيٺان هڪ جهوپڙي ٺاهي ذڪر فڪر ۾ رهيو. ان جهوپڙيءَ واري هنڌ کي اڃا تائين ”خانقاهه“ سڏيو وڃي ٿو.
سيلاني بادشاهه اٺ يا گھوڙي تي سفر ڪندا هئا. سندن اٺ جو نالو ”درگاهي“ ۽ گھوڙي جو نالو ”توڪل“ هو. انهن ٻنهي تي به اڪثر راڳ ٻڌڻ وقت وجد طاري ٿي ويندو هئن ۽ اکين مان ڳوڙها وهندا هئن. هڪ ڏينهن ”توڪل“ تي اهڙو ته وجد طاري ٿي وين جو ميان يوسف مستانو جيڪو هن لاءِ گاهه پٺو آڻيندو هو، سو پيار وچان گھوڙي کي چنبڙي پيو ۽ گھوڙي جي ڳچيءَ ۾ ڀاڪر وجهي ويهي رهيو. ”توڪل“ مدهوشي ۾ اهڙي ريت ڳچي مٿي ڪئي جو ميان يوسف مستانو هيٺ ڦهڪو ڪري، ڪري پيو. پر ان سان گڏ سندس سيني ۾ اسم ذات جي دري کُلي پئي. ان ڏينهن کانپوءِ ماڻهو ميان يوسف مستاني کي ”توڪل“ جو مريد ۽ فيض ورتل سڏڻ لڳا.
”درگاهي“ ۽ توڪل“ اهڙا ته سندن چئي ۾ هوندا هئا، جو سيلاني بادشاهه جيئن چوندو هو، تيئن ڪندا هئا. هڪ ڀيري سيلاني سائين اچي جانُو واري کوهه تي منزل ڪئي. ويجهو هڪ مسجد هئي، جتي پاڻ وضو ڪرڻ لڳا. خادمن سندن اٺ کي چرڻ لاءِ ڇوڙي ڇڏيو ته ”درگاهي“ مسجد جي ڀر واري کبڙن جا پن چرڻ لڳو. اهو ڏسي ”درگاهي“ کي چيائون، ميان درگاهي هيءَ مسجد جو کبڙ آهي. اهو ٻڌڻ شرط اُٺ پري هليو ويو. خواجه صاحب جو سرائيڪي ٻوليءَ تي عبور حاصل هو. ۽ پاڻ اردو، انگريزي، پنجابي، پشتو ۽ سرائيڪي ٻوليءَ ۾ پڻ ڳالهائيندو هو. ۽ سرائيڪي ٻوليءَ ۾ شاعري به ڪندو هو. سندس سرائيڪي شاعري ۾ ٻه ڪافيون درازا واري بياض ۾ ۽ ٻه ڪافيون خوشيرام سودائي جي بياض ۾ ملن ٿيون. پاڻ راڳ ويراڳ جو شوقين هو. هن شاهه سائين جي روبرو ڀٽ تي راڳ پڻ ڳايو هو ۽ شاهه لطيف کين تمر فقير جي پڻ پارت ڪئي هئي. ته جڏهن خليفو تمر عاقل بالغ ٿئي ته کيس درويشي ۽ دلريشي جو سبق پڙهائيندا. پوءِ ٿيو به ائين جو محڪم الدين سيلاني جي رهنمائيءَ سان تمر فقير ڪماليت کي پهتو.
ڊاڪٽر نواز علي شوق، مضمون، حضرت سچل سرمست ۽ خواجه محڪم الدين سيلاني ۾ لکي ٿو ته، سيلاني بادشاهه 6 ربيع الاول سن 1197هه تي هيءُ مٽي جو ملڪ ڇڏي وڃي مالڪ حقيقي سان مليا. سندن وفات ڪاٺياواڙ ۾ ڌوراجي بندر تي ٿي. پاڻ پنهنجي هڪ مريد وٽ ترسيل هئا. ان عقيدتمند سوچيو ته جيئن مرشد سڳورو سدائين اسان وٽ رهي، تنهن ڪري کين زهر ڏنائون. رات جي وڳڙي ۾ کين دفن ڪيو ويو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سندن عزيزن قريبن کي پتو پيو. جيڪي سندن تابوت کڻائي اچي ريلوي اسٽيشن سما سٽا ويجھو ڳوٺ جيئو پوستي ۾ کين دفن ڪيائون. اها ئي سندن آخري آرام گاهه آهي. ان ڳوٺ کي هينئر ”خانقاهه شريف“ سڏيو ويندو آهي. جتي هر سال 5. 6 ربيع الاول تي شاندار ميلو لڳندو آهي. ۽ پري پري جا هزارين عقيدتمند اچي حاضري ڀريندا آهن.
”نيٽ تي ڏنل ڪتاب ۽ انگريزي مضمون، حضرت خواجه محڪم الدين سيراني“، مطابق خواجه صاحب جو موت زهر ملڻ سبب ٿيو. جيڪو کيس دوراجي (ڪاٺياواڙ، انڊيا) ۾ ڏنو ويو. خليفه ابوطالب ۽ شيخ نٿوءَ، موت جي خبر ٻڌائيندي چيو ته، حافظ ڪَوڪِيءَ خواجه محڪم الدين کي ٻه دفعا زهر ڏنو. جيڪو خواجه صاحب پيئندي چيو ته هي مونکي ڪجهه نه ڪندو ڇو ته منهنجي وڃڻ جو وقت اڃان نه ٿيو آهي. پر جڏهن حافظ ڪَوڪِيءَ ٽيون دفعو حضرت محڪم الدين سيرانيءَ کي زهر ڏنو ته، هن چيو ته ها، هاڻي منهنجي وڃڻ جو ٽائيم آهي. پوءِ زهر هن تي اثر ڪيو ته پاڻ مري ويو. زهر پيئڻ وقت محڪم الدين سيرانيءَ ڏهه روپيا حافظ ڪَوڪيءَ کي ڏيندي چيو ته پنج روپيه منهنجي ڪفن دفن تي خرچ ڪجان ۽ پنج روپيه راه مولا ڏجان. ۽ اهڙي طرح پاڻ 5 ربيع الثاني 1197هه مطابق 1776ع تي وفات ڪري ويا. حضرت محڪم الدين سيرانيءَ جي مزار دوراجي شهر ضلع راجڪوٽ، گجرات، انڊيا ۾ آهي. خواجه محڪم الدين سيراني جا ٻه مقبرا آهن. جن مان هڪ خانقاهه شريف ضلع بهاولپور (پنجاب) پاڪستان ۾ ۽ ٻيو مقبرو دوراجي شهر ضلع راجڪوٽ انڊيا ۾ آهي. سندس ساليانو عرس پهرئين ربيع الثانيءَ کان 5 ربيع الثاني تائين هلندو آهي.
خواجه محڪم الدين سيلانيءَ جي درست ولادت 1137هه مطابق 1725ع ۽ سندس وصال 5 ربيع الثاني 1197هه مطابق سومر 10 مارچ 1783ع. (مرتب، لاڙڪ)
حوالو، بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز حيدرآباد، ڇاپو پهريون 1978ع، ص 177.
ڪلاچي تحقيقي جرنل، جلد ٻيو، شمارو پهريون، 1999ع، ص، 122، 123،127. ڪتاب، سنڌي ڪلاسيڪل راڳ ويراڳ، سرمد چانڊيو.

شاهه لطيف ۽ مخدوم مير محمد عرف مير پير

مخدوم مير محمد ولد مخدوم محمد زمان اول هالا جي سهرورديه/سهروري درگاهه جو ڇهون گادي نشين هو. سندس ولادت سن 1099هه ۽ وصال 1149هه ۾ ٿيو. مخدوم مير محمد عرف مخدوم مير پير، شاهه لطيف جو همعصر هو. شاهه لطيف جي سوانح تي لکيل ڪيترن ئي ڪتابن ۾ هالا جي مخدومن جي ساڻس اختلافن جو ذڪر ڪيل آهي. انهن سوانحي ڪتابن ۾ ”سنڌ بابت ٿورو ذڪر“ شاهه لطيف جي حياتي، مذهب ۽ شعر، مقدمه لطيفي، لطائف لطيفي، احوال شاهه عبد الطيف ۽ لطف اللطيف نمايا آهن.
مخدوم مير محمد کي ڪن تاريخي ڪتابن ۾ پنج پاڳيو پير ۽ ڪن ۾ ڇهه پاڳيو پير ڪري ڄاڻايو ويو آهي. جڏهن ته مٿين ڳالهين ۽ اختلافن کي رد ڪندي مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، مضمون هالن جا مخدوم صاحب ۽ ڀٽائي سه ماهي مهراڻ مارچ 1978ع ص:65، 66، 67 تي لکي ٿو ته شاهه لطيف جي دور ۾ مخدوم نوح جي گادي جا هيٺيان سجاده نشين هئا. پنجون سجاده نشين، مخدوم زمان اول ولادت 1055هه وصال 1117هه، ڇهون سجاده نشين، مخدوم مير محمد عرف مخدوم مير پير ولادت 1099هه وصال 1149هه، ستون سجاده نشين مخدوم محمد زمان دوم ولادت 1119هه وصال 1184هه.
مٿين بزرگن جي دور تائين شاهه لطيف حال حيات هو. مخدوم طالب الموليٰ وڌيڪ لکي ٿو ته مخدوم نوح جي درگاهه تي هر اسلامي مهيني جي پهرئين سومار (سومر جي رات ۽ ڏينهن) ذڪر ۽ سماع ۾ مخدوم مير محمد جي دور کان وٺي فقط شاهه ڀٽائي جا بيت ئي ڳايا ويندا آهن. جيڪڏهن شاهه لطيف ۽ هالن جي مخدومن ۾ اختلاف هجن ها ته، شاهه حبيب پٽ جي فراق ۾ مخدوم نوح سرور جي درگاهه تي دعا لاءِ نه اچي ها.
مخدوم مير محمد رح پنهنجي ڏاڏي بزرگ جي مقبري جي سامهون ويٺل هو ۽ اتي دستور موجب سهروري طريقي جو سماع ٿي رهيو هو. جڏهن سماع کان فارغ ٿيا، تڏهن مخدوم صاحب فقيرن کي فرمايو ته ”دعا گھرو ته شاهه عبداللطيفرح اسان جي ويجھائي ۾ اچي، پنهنجي بزرگي ۽ مرشديءَ جو ڌاڪو ڄمايو اٿس.“ جڏهن فقير دعا گھري رهيا هئا ته مڄاڻ جو شاهه صاحب به انهيءَ جماعت ۾ ڪنهن ڪنڊ پاسي سان بيٺل هو. جڏهن فقير دعا گھري فارغ ٿيا، تڏهن شاهه لطيف هي بيت پڙهيو.
ويندن کي ويڪ ٿي، هوندن ڪونهي هنڌ،
من لھ الموليٰ فلھ الکل، ايءُ پروڙج پنڌ، (اضافي سٽ)
راهه ڏٺو جن رند، تن کي جتي تتي جايون.
(شاهه جو گنج، محمد قاسم راهمون، سال 2011ع، ص: 507).

شاهه لطيف ۽ مخدوم صابر ولهاري

مخدوم صابر ولهاري (وفات 1135هه) مخدوم صابر سمن جي ٻرند پاڙي مان هو ۽ ولهار پرڳڻي ۾ (ٽنڊي الهيار کان ڏکڻ اوڀر) درسگاهه قائم ڪئي هئائين. پنهنجي وقت جو وڏو عالم، درويش ۽ نقشبندي طريقي جو مرشد هو. تمام گهڻو متقي ۽ پرهيزگار هو، هميشه ڏينهن جو روزو رکندو هو ۽ رات جو بيهي عبادت ڪندو هو. حد کان وڌيڪ بزرگي ۽ پرهيزگاريءَ جو صاحب هو، سدائين قرآن شريف جو درس ڏيندو هو، ڪنهن شخص کانئس سوال ڪيو ته قرآن شريف کي مس ڪرڻ جي حد ڪيتري انداز تائين آهي؟ مخدوم صاحب جواب ۾ فرمايو ته ”جيڪڏهن ڪنهن اٺ جي بار مٿي قرآن شريف رکيل هجن ته آءُ ان اٺ جي مهار بنا وضوءَ جي نه وٺندس.“
مخدوم صابر، ميين محمد امين ڊاسوڙيءَ واري جو شاگرد هو. ڪتاب سراج العاشقين، ڇاپو 1998ع، صفحو 181 تي لکيل آهي ته، مخدوم ولهري رام ڏيي وارن بزرگن جي شاگردن مان هڪ شاگرد هو. هڪڙي ڏينهن سندس پاڏو سندس استاد جي مينهن سان پي وڙهيو ۽ ان کي ٽڪر پئي هنيائين. مخدوم صاحب ان جي ويڙهه ڏسي پاڏي کي چيائين ته اي پاڏا ! اسين هن جاءِ تي ادب ڪريون توکي ڇا ٿيو آهي، جو منهنجي استاد جي مينهن سان پيو وڙهين. پاڏو اهو آواز ٻڌڙ شرط جيئن اتان ڀڳو وري پيدا نه ٿيو.
هن ڪرامتي بزرگ سان به شاهه صاحب جي ملاقات ٿي آهي. هڪ دفعي شاهه صاحب سفر ۾ هئا ۽ سندس اکيون اٿي پيون هيون، جنهنڪري اکين تي سائي اڳڙي لڙڪائي ڇڏي هئائون. مخدوم صابر پنهنجي تر ۾ شاهه صاحب جي آمد جو ٻڌي سندس ملاقات لاءِ ڪهي آيو ۽ شاهه صاحب کي مخدوم ولهاري جو اڳ ۾ ئي نالو ٻڌل هو، جڏهن مخدوم صاحب سندس ڪچهري ۾ اچي ويٺو تڏهن شاهه صاحب اکين تان اڳڙي پري ڪندي فرمائي ٿو ته، ”اي منهنجون اکيون هي اهڙو ئي آهي نه، جھڙو مون اوهان کي چيو ٿي؟“ مخدوم صاحب سان هڪ طالب علم مريد ملا حسين نالي ساڻ هو، تنهن کي شاهه صاحب جو مٿيون گفتو نه آوڙيو. ڀايائين ته شاهه صاحب منهنجي مرشد تي ٽوڪ ڪئي آهي، تنهن شاهه صاحب کي چيو ته، ”اوهان جو والد ته ڪهڙو نه وڏو بزرگ ۽ ديندار درويش هو جنهن جو ظاهر باطن شريعت سان سينگاريل هو. تو پاڻ کي ائين ڇو بڻايو آهي، جو الله تعاليٰ جي نعمتن کان محروم رهجي، کٿو ڍڪيو گھمندو وتين ٿو؟“ شاهه صاحب فرمايو ته ”مخدوم صاحب آهي گلاب جو گل جنهن جي خوش بوءِ سان دماغ کي تازگي پهتي آهي. پر گل سان گڏ ڪنڊا به ٿيندا آهن“. جي پيا چڀندا آهن. پوءِ هيٺيون بيت فرمايائون:
پنهوار ڪي پهي، جي هوند چکيائين،
ته ميهار ڪي مهي، سا جھر ڇڏيائين.
لفظ پهي جي جاءِ تي ليکڪن ٻرهي به لکيو آهي. پاهي (پهي) معنيٰ ٻاڪري ڇڊي جھڻ، مهي گھاٽو ڏڌ. شعر جو مطلب آهي. ته جيڪڏهن پنهوارن جي ٻڪرين جي ڇڊي لسي چکي ها ته مينهن جي گھاٽي مهي وسري وڃيس ها، يعني ته جيڪڏهن الله تعاليٰ ڪارڻ نابودي ۽ عاجزي قبول ڪري ته هوند سندس وڏائي ۽ گيرپ گاءُ سڀ ڇڏي وڃيس ها. ميين صابر ولهاريءَ سان ملاقات دوران ڀٽائي صاحب جي اتي جي ٻن مشهور بزرگن مييون محمد معروف بن مييون صابر ۽ مييون مقبول بن معروف سان به ملاقات ٿي.
عاصي عبدالواحد هڪڙو، مقالي، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو سماواتي ايراضيءَ ۾ سير ۽ سفر، ۾ لکي ٿو ته هڪ دفعي شاهه لطيف، مشائخ هوٿيءَ جي مزار جي زيارت ڪرڻ بعد، مشائخ هوٿيءَ جي پٽن احمد ۽ محمد جي مقبرن تان قل پڙهي واپس ٿيو ته مقام جي ٻاهران مشائخ هوٿيءَ جي قائم ڪيل مدرسي ۾ ان وقت جي استاد ميين محمد صابر بن شيخ احمد سان سندس ملاقات ٿي.، مييون محمد صابر ٻارن کي پڙهائي رهيو هوته، ڀٽائي صاحب کانئس سوال ڪيو ته ”ٻارن کي پاڙهين ويٺو يا کارين ويٺو؟“ ميين محمد صابر کيس ورندي ڏني ته ”جي کريا ته به تو جھڙا ٿيندا ۽ جي پڙهيا ته وڏا عالم ٿيندا.“ انهيءَ جواب ملڻ کان پوءِ ڀٽائي صاحب مدرسي مان تڪڙو تڪڙو نڪري روانو ٿيو. ايتري ۾ ميان محمد صابر شاگردن کي چيو ته وڃو شاهه صاحب کي وٺي اچو، طالبن ڀٽائي صاحب کي چيو سائين استاد صابر توهان کي سڏي ٿو. ڀٽائي صاحب ڇوڪرن کي پنهنجو سامان هڪ الفي، ڪشتو ۽ قرآن شريف ڏنو. ڇوڪرن کي چيائين ته هي سامان کڻي هلو آءُ اچان ٿو. پوءِ ڀٽائي جھنگ ۾ ويو اتان گم ٿي ويو. ڇوڪرا ڀٽائي صاحب جو انتظار ڪري موٽي اچي اهو سامان ميان محمد صابر وٽ کڻي آيا. ميين صاحب چيو ته ابا شاهه سائين جن سوکڙي ڏئي هليا ويا آهن، سا سنڀالي رکبي. اهو سامان اڄ تائين مشائخ هوٿيءَ جي پوٽن وٽ موجود آهي. جنهن مان الفي تمام گھڻي زبون ٿي وئي آهي، باقي ڪشتو ۽ قرآن شريف صحيح حالت ۾ پيل آهن. هن مان ظاهر آهي ته ڀٽائي صاحب کي پاڻ کان هن وڏي بزرگ ۽ درويش لاءِ محبت ۽ عزت هئي.
انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا، جلد ٻارهون، آگسٽ 2018، ص: 15 تي صابر ولد عبدالڪريم ۽ عاصي عبدالواحد هڪڙي پنهنجي مضمون ۾ مخدوم صابر جو والد شيخ احمد لکيو آهي. ٺٽوي مير علي شير قانع، تحفة الڪرام، مترجم مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٽيون، 1989ع، ص: 418 . بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش، تحقيق ۽ تصنيف، ڪتاب رهاڻ هيرن کاڻ، جلد ڏهون، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو 2011ع، ص: 71 تي مخدوم صابر بن عثمان، مخدوم صابر کي ٻه فرزند، ميان محمد معروف ۽ ميان فقير محمد، هن ڪتاب ۾ مخدوم محمد صابر جو شجرو به ڏنل آهي ۽ ڊاڪٽر صاحب جي اها تحقيق درست آهي.

شاهه لطيف ۽ ميهار فقير پلي

ولادت 1653ع وصال اندازن 1718ع: هي بزرگ پلي قوم جي سوريجا پاڙي مان هو ۽ شاهه لطيف جو همعصر هو. هڪ ڀيري شاهه لطيف ناري پٽ مان مومل ۽ مينڌري ۽ سخي ڄام ڪرن جا آثار ڏسڻ کان پوءِ جانهيري واري ايرضيءَ ۾ اچي مُهراڻي ۾ پهتو. ان وقت رات ٿي چڪي هئي. ان ڪري شاهه صاحب هڪ وانڍ ۾ وڃي ترسيو ۽ پنهنجو پاڻ ظاهر ڪونه ڪيائين. اسر مهل اٿي ويٺو ته ڪنهن پاسي کان ڪٿان به ڪا فقيراڻي تنوار ٻڌڻ ۾ ڪين آيس. انهيءَ تي کيس ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ بي ساخته سندس زبان مان هيٺيون بيت نڪتو، جيڪو هن وڏي آواز سان پڙهيو:
ڀنيءَ جي ڀڻن تنهن ڀُون ڀڻڪو نه سڻان،
سنجڻ واريون سُتيون، وڃي ويڙهه ورن،
پيا سيٽ سڙن، تڙهي ٻنهين ڪنڌيين.
ميهار فقير به ويجهو ئي وڻن جي جھڳٽي ۾ ياد الاهي ۾ مشغول ويٺو هو، تنهن اتان ئي طويل جوابي بيت ڏنو:
نڪي سنجڻ واريون ستيون، نڪي سيٽ سڙن
تڙ وڏي ترتيب سان، ٿا ٻاڌارا ٻڌن
سالم ”شريعت“ جا کر سڻ ڀيڙا ڪن
تن کي طريقت جا واريو وجهه وجھن
حب مان حقيقت جا ٿا اوچيڙا اچن.
منجيون معرفت جون منجھان ريت رکن،
تانگھه نه تن تڙن کي، توڙي لک لڙن،
پنجن پهرن پريت سان ٽيهان ڪين ٽرن،
چو ويهه ھزار چوڻي ۾ سجايا سهڙن،
ليکو لکڻ ناهه ڪو، جي واڄٽ منجھه وڄن،
مدا هيءَ ميهار جي ڏج پارت پنجتن،
ڪلمو جي ڪهن، وڃن او ايمان سين.
بيت پورو ڪري ميهار فقير، اٿي شاهه صاحب ڏي آيو ۽ ساڻس مليو. پوءِ شاهه صاحب ۽ ميهار فقير ڪيترو ئي وقت ڪچهري ڪندا رهيا. اتي هڪ ڏينهن رهڻ کان پوءِ شاهه صاحب اتان چند ميل اتر طرف کيجراڙي جي شهر ۾ مشهور عالمن حافظ عبدالحميد پلي ۽ حافظ عبدالرحيم پلي سان مليا.
حوالو: يوسفاڻي معمور، لطيف جا ٿر تان ڀيرا، مهراڻ اڪيڊمي، ڇاپو پهريون آڪٽوبر 2001ع ص: 91. شاهه لطيف جڏهن به ٿر پارڪر ايندو هو ته اويڙ فقير پليءَ (1703ع) سان ڪچهريون ڪنديون هو. لغاري ڊاڪٽر عبدالجبار عابد، سنڌي شاعريءَ جي مختصر تاريخ، مهراڻ اڪيڊمي ڇاپو ٻيو 2001ع، ص: 53. ڪيريو احمد خان، مقالو شاهه جا ملاقاتي شاعر، قربان علي ميمڻ، مرتب، ڪتاب فڪر ِ لطيف، فڪر و نظر پبليڪيشن سکر، ڇاپو پهريون، آڪٽوبر 1987ع ص: 155 تي مٿئين ميهار فقير جي بيت ۾ ”حب مان حقيقت جا ٿا اوچيڙا اچن“ کان پوءِ واريون اضافي سَتَ سٽون احمد ڪيريي تحقيق ڪري ڏنيون آهن.

شاهه لطيف ۽ مييون محمد مبين سانده پور ٿرائي (چوٽياروي)

مييون محمد مبين جو جنم 1100هه مطابق 1689ع ۾ ٿيو. ۽ وصال 5 محرم 1196هه مطابق 21 ڊسمبر 1781ع ۾ ٿيو. سندس آخري آرامگاهه چوٽياريون (ضلع سانگهڙ) جي مقام ۾ عام و خاص لاءِ زيارت گاهه آهي.
ڪتاب ”سنڌ جا درسگاهه“ ص، 22 تي ميون محمد مبين ولد اوڀائيو. ڪتاب ”مخدوم محمد هاشم ٺٽوي. سوانح حيات ۽ علمي خدمتون“ ص، 196 تي ميون محمد مبين بن مجاهد بن اوڀايو عرف جاهد بن زفر خيرالدين بن صاحب. حوالو، قبولائي سائين بخش تاج محمد مرتب، ”مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي“ ڇاپو 2010ع، ص 14 تي ميان محمد مبين بن رعد ڪيريو.
ميان صاحب اندازن 1140هه ۾ ٺٽي مان تعليم پوري ڪري پوءِ چوٽيارين ۾ مدرسي جو بنياد رکيائين، علم سان گڏ حلم جي گڻ سان به سينگاريل هو نهايت نوڙت ۽ تواضع وارو بزرگ هو. مييون محمد مبين ڪنهن به عالم بزرگ ڏانهن ديني مسئلن بابت خط لکندو هو ته ان ۾ پنهنجو نالو هميشه مسڪين محمد مبين ڪري لکندو هو. هن بزرگ شاهه عنايت رضوي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ شاهه لطيف سان ڪچهريون ڪيون.
حضرت ڀٽ ڌڻي جڏهن به ٿرپارڪر جي سفر تي ويندو هو ته اولهه کان اوڀر طرف سفر ڪندو هو. ٿرپارڪر جي قديم ايراضي جيڪا هاڻي سانگهڙ ضلعي ۾ شامل آهي. هاڪڙي جي ساڄي طرف چوٽياريءَ جي پٽ ۾ شاهه لطيف چلو ڪڍيو هو، انهيءَ ايراضيءَ ۾ شاهه لطيف اڪثر سانوڻ جي مُند ۾ انهي دور جي وڏي عالم ۽ معلم ميين مبين ڪيريي سان ۽ ان جي ذهين شاگرد ميين عبدالرحيم گرهوڙيءَ سان شاهه صاحب ملاقات ڪئي هئي. هڪ ڀيري ماني کائي ڳالهين ۾ ويٺا ته گھڻي دير تائين ويٺا رهيا. جڏهن شاهه لطيف موڪلائڻ لاءِ اٿيو ته مبين ٿرائيءَ چيس ته، جھڙ ڦڙ آهي ترسي پئو، شاهه لطيف جواب ۾ هيءَ مصرع چئي جيڪا سر رامڪليءَ جي هڪ بيت ۾ آهي. ”ردا جا رضا جي، سا اوڇڻ آديسين.“ اها سٽ تمام گھڻن ليکڪ نقل ڪئي آهي. جڏهن ته ڪجهه رسالن ۾ ان سٽ جي پڙهڻي هن طرح ملي ٿي. ”ردا آهي راز جي اوڇڻ آديسين“. مڪمل بيت هيٺ ڏجي ٿو.
مونا طور سينا سندا سناسين،
پورب کنيو نه پاڻ سين بود بيراڳين،
ردا آهي راز جي اوڇڻ آديسين،
قرب ڪاپڙين نهن چوٽيءَ سين ڍڪيو. (رامڪلي)
ميين محمد مبين جي دور ۾ مائي ڄامان، ڄامل جيڪا انهيءَ ايراضيءَ جي جوڻيجا خاندان مان هئي ۽ ٿر جي مشهور عالم عبدالله ڏيري جي معرفت ميان نورمحمد ڪلهوڙي سان شادي ڪيائين. مائي ڄامان مٺان خان جوڻيجي جي ڌيءُ هئي. سنڌ جي پهرين سماج سڌارڪ خاتون مائي ڄامان ڪيتريون ئي مسجدون ٺهرايون ۽ ڪوهه کوٽرايا. چوٽياريءَ جي قديم ڳوٺ ۾ ٺٽي جي دابگران مسجد جهڙي هڪ شاندار مسجد ٺهرائي پوءِ ميين مبين کي عرض ڪيو ته هن مسجد کي مدرسي لاءِ استعمال ڪيو، پوءِ ميين کيس ورندي ڏياري موڪلي ته ”اها مسجد حاڪم جي پئسن مان ٺهي آهي، ڪيئن چئجي ته اهو پئسو حق حلال جو آهي، ان ڪري ان مسجد کي نماز لاءِ استعمال نه ٿو ڪري سگھجي.“ ان فيصلي بعد ميون مبين اهو ڳوٺ ڇڏي پوءِ ٻه ميل پري اتر طرف هڪ نئون ڳوٺ ٻڌائين ۽ اتي درسگاهه قائم ڪيائين. مائي ڄامان کي انهيءَ واقعي جو ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ هن نيڪ مائيءَ ڪپهه جون پوڻيون ڪتي، ڀرت ڀري ۽ پنهنجي ذاتي ملڪيت مان ٻيون شيون وڪرو ڪري اهي پئسا ميين مبين جي حوالي ڪيا ته ان مان مسجد ٺهرائي استعمال ڪري. پوءِ ميين صاحب انهن پئسن مان نئين ڳوٺ ۾ هڪ سادي مسجد ٺهرائي، جنهن جي ڇت رهجي وئي، پر ميين صاحب ان جي پرواهه نه ڪندي ان ۾ مدرسو هلايو ۽ اتي ئي نماز پڙهايائين.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جڏهن هن علائقي ۾ سير تي آيو ته شاندار مسجد ويران ڳوٺ ۾ ٺهيل ڏسي ان بابت احوال معلوم ڪيائين ۽ ميين صاحب جو دليل ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پهرين مسجد لاءِ فرمايائين ته:
چائت رکي چت ۾ سنهون ڪتيو جن،
تن جو صرافن، دڪو داخل نه ڪيو.
۽ پوءِ اها سادي مسجد به ڏنائين جيڪا نماز لاءِ استعمال ٿئي پئي، جنهن تي ڇت ڪانه هئي. پر پنجئي وقت ان ۾ نماز قائم هئي، انهيءَ لاءِ فرمايائين ته:
محبت رکي من ۾ رنڍا روڙيا جن،
تن جو صرافن، اڻ توريو اگهائيو. (سر ڪاپائتي)
ان کان پوءِ شاهه صاحب ميين مبين سان روح رهاڻ ڪئي ۽ سندس لائق شاگرد ميين ملهار عرف مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي سان رهاڻ ڪيائين. جيڪو ان وقت عمر جو ننڍو هو، پر شعوري طور وڏي منزل وارو هو، ان ڪري لطيف سائين ساڻس خلاصي رهاڻ ڪئي ۽ ان رهاڻ ۾ هلندي کانئس پڇائين ته ”جو مڙنيا موچارو سو آهي ڪڄاڙو“
انهيءَ سوال تي گرهوڙي صاحب بروقت ورندي ڏني ته ”هڪڙي صحت سرير جي ٻيو پرين جو پاڙو“
جنهن بعد شاهه صاحب گرهوڙيءَ کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو ۽ ساڻس خلاصي رهاڻ ڪيائين، پوءِ شاهه صاحب انهيءَ ايراضي ۾ هڪ ڀٽ تي چلو ڪڍيو ۽ موڪلائڻ وقت کيس هڪ بيمثال جمني، هڪ تلوار ۽ هڪ لٺ سوکڙيءَ طور ڏنيون هيون. جن مان جمنيءَ، دت گرساميءَ جي ڪرامتي ڪشتيءَ کي شڪست ڏني هئي ۽ تلوار سان جنگ لڙي فتح حاصل ڪئي هئائون. اهي ٽيئي شيون گرهوڙ شريف ۾ درگاهه جي سنڀاليندڙ سيدن وٽ محفوظ آهن. جيڪي گرهوڙي صاحب جي نياڻيءَ جو اولاد آهن.
جمنيءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته کيس شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي معرفت ملي هئي. هڪ دفعي شاهه صاحب پنهنجن فقيرن کي چيو ته امانت آيل آهي، هلو ته ڪڍي ڏياري موڪليون. پوءِ فقراء سان گڏجي هڪ کوهه تي ويا. ڏسن ته کوهه جو پاڻي مٿي آيو آهي ۽ مٿائنس جمني پئي تري. جا ڪڍائي عزت سان شيخ عبدالرحيم ڏي ڏياري موڪليائون. جمنيءَ ڪڍڻ کانپوءِ کوهه جي پاڻيءَ وڃي تر ورتو. شاهه صاحب نه رڳو جمني ڏياري موڪلي پر ان سان گڏ هڪ لٺ ۽ ترار به تحفي طور شيخ صاحب ڏي عرضي خاصخيلي هٿان موڪلي ڏنائون. عرضي ٻانهو پوئتي موٽي ڪونه ويو، اتي ئي گرهوڙي صاحب جي خدمت ۾ رهي پيو. مهاڏيو جي مڙهيءَ تي حملي ڀيرين به ساڻن گڏجي ويو هو، پر کيس شهادت نصيب ڪانه ٿي ۽ پاڻ زندهه موٽي آيو. پاڻ سان اهي ٽيئي شيون به کڻي آيو، جي پشت بپشت سندس پوئين وٽ رهنديون آيون. عرضيءَ جي پٽ موسى خاصخيلي جي گهر کي اوچتو اچي باهه لڳي. جمني ۽ ترار ڪڍي ورتائون، باقي لٺ نڪري نه سگهي جو باهه چوڌاري ويڙهي وئي هيس. پوءِ لٺ سڌو گهر جي ڇت مان ڀڙڪو کائي مٿي هلي وئي.
شاهه صاحب پوءِ چوٽياري جي جوءِ ۾ واڳئين جي ڀٽ تي اچي چلو ڪڍيو، چلي واري کٻڙ جي ويجھو هڪ کروت به ٺاهيائين، جتي ”جيائي“ ڳوٺ جا فقير سندس سنڀال ڪندا پي آيا، چلي کان پوءِ ٺهيل کروت واري جاءِ تي انهن اتي مسجد ٺهرائي، جيڪا اڄ به ٽٽل حالت ۾ بيٺل آهي. چلي واري جاءِ تي هڪ پراڻو کٻڙ موجود آهي ۽ اتي هڪ پراڻي ڪاشيءَ واري سر تي ڀٽائي صاحب جو هي بيت لکيل آهي.
هن مند مارو سنرا جيائي جالين،
چاريو لنب لطيف چئي، واڳئين ويهارين،
ڪيٽائين ڪاهين، مينهن وسندا موٽ تون.
ڀٽ جي پاسي تي سيد جا گھر آهن، جن جا وڏا شاهه سائين جا معتقد هئا، اهي ڀٽائي صاحب جو اوتارو ۽ مسجد سنڀاليندا پيا اچن. چلي واري کٻڙ کان ويجھو ڀٽ کان ٿورو هيٺ بهرم فقير جوڻيجي جي مزار آهي. جيڪو ٽالپرن جي دؤر جو بزرگ هو، جنهن کي عام طرح بهرم بري ڪوٺيندا آهن.
(حوالو، گاڏهي صوفي خان محمد، مصنف، تذڪره حضرت خواجه محمد فقير گاڏهي، ڇپائيندڙ ادبي ڪاميٽي خيرپور ناٿن شاهه، ڇاپو پهريون 2014ع ص: مخدوم ميان محمد مبين بن رعد ڪيريو. مضمون، سرڪاپائتي جو مطالعو، ليکڪ، محمد عمر يوسفاڻي. معمور يوسفاڻي، مقالو ٿرپارڪر ۽ شاهه لطيف، ڪتاب، سنڌ باب الاسلام، جلد: 1، مارچ 1984ع، ص:57 ۽ 58). دائود پوٽو ڊاڪٽر عمر بن محمد، ڪلام گرهوڙي، ڇاپو چوٿون، روشني پبليڪيشن، سال 2011ع، ص: 38، 39 . قادري ڊاڪٽر عبدالرسول، تحقيق، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي سوانح حيات ۽ علمي خدمتون، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 2006ع، ص: 196. سمون محبوب علي، ڀٽائيءَ تي بهتان، علمي ادبي اشاعت گهر مٽياري، ڇاپو پهريون 1998ع، ص: 17. گرهوڙي صاحب جڏهن شاهه لطيف جي شاعري جو مطالعو ڪيو ته، ڀٽائي جي شاعريءَ متعلق چيائين ته:
آهي عبداللطيف تي، رضامندو رحمان،
پڙهيو جنهن پرت سين، باريءَ جو بيان،
جوڙي جنهن قرآن، سنڌيءَ ۾ صحيح ڪيو.

شاهه لطيف جو ڳوٺ ترائيءَ ڏانهن سفر ۽ مختلف روايتون

شاهه سائين جا ٿر، ڪڇ ڀڄ، بلوچستان سماواتي، ساهتي ۽ سنڌ ۾ تمام گھڻا تڪيا آهن انهن سڀني ۾ ترائيءَ وارو تڪيو وڏو تڪيو ليکيو وڃي ٿو. جي ايم سيد، ڪتاب، ”پيغام لطيف“ جي صفحي نمبر 10 تي لکي ٿو ته، شاهه صاحب، شڪارپور جي پاسي نوشهري ابڙي ۽ ترائي ابڙي جي پاسي به ويل آهي. جو اتي شاهه صاحب جا اوتارا آهن. پير علي محمد شاهه راشدي ڪتاب اهي ڏينهن اهي شينهن، جلد پهريون، ڇاپو 1974ع، صفحي 343، 344 تي لکي ٿو ته همت علي خان سان اسان جي خاندان جي پڪي دوستي هوندي هئي. وڏيرو همت علي خان ڪماريو جي ترائيءَ ۾ رهائش هئي، ساري ابڙا قوم جو سردار هو. هڪ روايت موجب شاهه عبداللطيف ڀٽائي ترائي ۾ آيو هو ۽ اتي سندس عقيدتمند فقيرياڻي هئي، انهن ڏينهن ۾ سردار کي نرينو اولاد ڪونه ٿيندو هو، تنهن ڪري ان سردار جي والده شاهه صاحب وٽ لنگھي آئي ۽ اچي کانئس دعا پنيائين. شاهه صاحب وراڻيءَ ۾ هڪ شعر چيو:
تنهن جوري واريءَ جوءِ ويو شهر ورائيو،
سڙيءَ لام منجهان ڪوء، ڪو جو مورو موريو.
ان کان پوءِ سردار کي پٽ ڄائو ۽ اهو خاندان اڄ تائين قائم رهندو اچي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڪتاب، شاهه عبداللطيف،مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، ڇاپو 1990ع، ص: 30 تي لکي ٿو ته، ڀٽائي صاحب موجودهه تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ ابڙن جي راڄ ۾ ويندو هو، جو اتي گھڻا سندس حب وارا هئا. ” ترائي“ ۾ اڃا تائين ڀٽائي صاحب جو اوتارو موجود آهي. چون ٿا ته ڪمارين ابڙن مان هڪ مائي ڀٽائي صاحب جي معتقد هئي، جنهن ڀٽائي صاحب کي چيو ته، سائين سواءِ هڪ گھر جي هاڻي ڪمارين مان ڪو ڪو نه بچيو آهي. تون ڪا دعا ڪر ته سندن پيڙهي پڌري ٿئي. ان موقعي تي ڀٽائي صاحب بيت ڏنو ته:
جوري واري جوءِ، ويندو راڄ ورائيو
سڙي لامان ڪوءِ، ڪو جو مورو موريو
پوءِ ان مائي کي اولاد ٿيو ۽ وڏو راڄ ٿيو.
نصرت حسين ابڙو کي 1990ع ۾ انٽرويو ۾ اصل حقيقت ٻڌائيندي، سردار نادر حسين ڪماريو چيو ته جنهن جڳهه تي ڀٽائي جو تڪيو آهي. اصل ان جڳهه تي ترائيءَ جو ڳوٺ هيو. ان وقت ابڙا قبيلي جو سردار فتح علي خان ڪماريو هو ۽ سندس وڏي باغ ۾ ڀٽ ڌڻي عبادت ڪري سڪون محسوس ڪندو هو. ڀٽائي صاحب جي تڪئي وٽ هڪ کوهه آهي. ۽ پاڻ پنهنجي هٿن سان هڪ مسجد به ٺاهي هئي، پر جيئن ته صدين جو وقت گذري ويو اها اصل مسجد ته شهيد ٿي وئي، ڀٽ ڌڻي پنهنجي مبارڪ هٿن سان ان مسجد ۾ هڪڙو شهتير وڌو هو. اها ڪنڊيءَ واري ڪاٺي اڄ به مسجد ۾ تبرڪ طور رکيل آهي.
سردار فتح علي خان کي اولاد نه ٿيندو هو، اولاد لاءِ ڀٽ ڌڻيءَ کي دعا لاءِ عرض ڪيو ويو، ڀٽائي سرڪار ان ڳالهه تي راضي ٿي هي بيت دعا طور چيو:
تنهن جوري واريءَ جوءِ، ويو شهر ورائيو،
سڙي لام منجھان ڪوءِ، ڪو جو مورو موريو.
سردار فتح علي خان جي زماني ۾ جڏهن سندن همشيره هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو ته ان جي ميت نوشهري ابڙي ڳوٺ ڏانهن دفنائڻ لاءِ کڻي پئي ويا، ڇاڪاڻ ته ڪماريه خاندان جو اصل ڳوٺ ۽ سرداري نوشهري ابڙو ۾ هئي، تنهن ڪري خاندان جو قبرستان به نوشهري ابڙي ۾ هئو. ڀٽ ڌڻي سائين ان ميت سان گڏ پيادل پورو وقت هلندو رهيو ۽ ڪفن دفن ۾ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي عنايت سان دعا به گھري.
ڀٽ ڌڻي جنهن زماني ۾ هن ڳوٺ ۾ رهيو ۽ پوءِ جڏهن هن ڳوٺ مان روانو ٿيو ته سندن ڪجھه سامان جنهن کي ”حال ڌاڳا“ سڏجي ٿو. اهي ڪماريه خاندان وٽ موجود آهن. جن ۾ لطيف سائينءَ جو چولو، ٽوپي، ڪؤنرو، ميڻ بتي، ڪنٺا، نماز جو مصلو ۽ ٻهاري شامل آهن.
ڀٽ ڌڻي ڳوٺ ترائي ۾ ٻه ٽي دفعا آيو، ڇهن کان اٺ مهينا رهيو ۽ اندازو آهي ته هڪ يا ٻه سال پنهنجو درس ڏيندو رهيو. اتر سنڌ جي تڪين مان ترائي وارو تڪيو سڀني کان وڏو آهي.(ان جي ڀرسان خوشحال فقير جي مزار به آهي.) هن تڪيي تي تقريبن ڏيڍ صديءَ کان هڪ ڏينهن جو ڏڻ ملهايو ويندو آهي. ان کي ”ٽهائي“ ڪوٺيو ويندو آهي. (حوالو ڪتاب، سر رپ، 2002ع،ص: 300، 301،302، 303.)
جلال خان اول جي پوٽي پير محمد خان ابڙي کي پٽ جي اولاد ڪانه پئي ٿئي. ڀٽ ڌڻي بادشاهه (تر ائي) ۾ آيو. جتي هاڻي سندس تڪيي واري جاءِ آهي. پير محمد خان ابڙي. شاهه سائين جي دل و جان سان ڊيوٽي ڏني.
لاکيڻو لطيف ڪجھه عرصوتر ائي ۾ رهيو. ان دوران اولاد لاءِ سڪايل پير محمد خان ۽ سندس گھر واري جُتي سميت جورو تيار ڪرائي. ڀٽائي سرڪار جي خدمت ۾ پيش ڪيو. ۽ کيس اولاد لاءِ دعا ڪرڻ جو عرض ڪيو. ڀٽائي سرڪار آندل نذرانو قبول ڪيو. ۽ تاقيامت نسل قائم رهڻ جي دعا ڪئي. ۽ ڀٽائي سرڪار ”جسم مبارڪ“ تي پهريل وڳو ۽ ڪجھه ٻيون شيون تبرڪ طور عطا ڪيون، جيڪي ڪمارين ابڙن وٽ اڄ ڏينهن تائين محفوظ آهن. جنهن کي ”حال ڌاڳا“ سڏجي ٿو، جنهن ۾ لطيف سرڪار جو چولو، ٽوپي، پاڻي وارو ڪوزو، ميڻ بتي، ڪنٺا، نماز جو مصلو ۽ پيس جو ٻوهارو شامل آهن. چولو پروفيسر اياز حسين ابڙي وٽ ۽ ڪنٺو ۽ ڪشتو عاشق حسين ڪوري ويٺل ترائي وٽ هن وقت به موجود آهن. حوالو، سيد مهدي شاهه، ڪتاب، ابڙو وڏ وڙو، سال 2005ع.
روايت موجب شاهه صاحب پنهنجي تر ۾ ابڙن جي ڳوٺ ٻاهران پنهنجو آستانو بنائي اچي ويهي رهيو. ان وقت ابڙن جو اوج هوندو هو، اها ڳالهه هڪ ابڙي کي نه وڻي ڇاڪاڻ ته کيس بدگماني پيدا ٿي ته شاهه جي نگاھه سندس نياڻي تي پوي ٿي، تنهن شاهه کي تمام گھڻو بد شد ڳالهايو ۽ پوءِ ڇا ڪيائين جو پُور وجھائي گھر مٿي ڪري اڏيائين. خدا جي قدرت جنهن آستاني تي شاهه جو قيام هو، سو زمين جو حصو به مٿي ٿي انهن ابڙن جي گھرن جي ليلول تائين آيو. ابڙن کي ويتر وڌيڪ مٺيان لڳي ته شايد شاهه صاحب به سندن نياڻي کي تڪڻ لاءِ پٽ مٿي ڪرايو آهي. سو سڀ لٺيون کڻي آيا، شاهه صاحب گھڻو ئي کين خلوص نيت بابت يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو نه مڙيا ۽ شاهه صاحب کي چڱي مارڪٽ ڪيائون، جنهن تي شاهه صاحب جن جي واتان هي لفظ نڪتا: ”هوندا هميشه، پر اوج نه ڪندا ابڙا.“
ان کان پوءِ ابڙن جو جيڪو ٺاٺ هو، سو ڀڄي پيو ۽ سندن وڏيرا شاهي، رعب تاب، جاهه وجلال تلف ٿي ويو.
(سمون محبوب علي، مصنف، ڀٽائي تي بهتان، علمي ادبي اشاعت گھر مٽياري، ڇاپو پهريون جنوري 1998ع، ص: 47).

شاهه لطيف جي گنگا جتڻ سان ملاقات بابت مختلف روايتون

لاڙ جي سفر دوران شاهه لطيف رمضان جت جي ڳوٺ جي ڀرسان جڏهن ساڱري واهه جي ڪناري تي بڙ هيٺ مانجھادو ڪيو هو، تڌهن نڪي ساڻس ڪي خليفا هئا ۽ نڪي ڪي ساٿي هئا. پاڻ مانجھاندي ڪرڻ ۽ سفر جي ٿڪ ڀڃڻ لاءِ بڙ هيٺ ويٺو هو. ان وقت گنگا جتڻ پنهنجي ساهيڙين سان دلا کڻي، ساڱري درياهه تان مٺو پاڻي ڀرڻ لاءِ آئي هئي. دلا لاهي پاڻي ڀرڻ لڳي ته، سندس نظر شاهه لطيف تي وڃي پيئي ۽ هُن سڄاتو ته، اهو ڀلارو لطيف آهي.جڏهن انهن عورتن به غور سان نهاريو ته، گنگا جتڻ جي ڳالھه تصديق ڪيائون. پوءِ گنگا وڌي شاهه لطيف وٽ آئي ۽ وڏي عقيدت ۽ احترام سان عرض ڪيائين ته: ”سائين! اسان جا وڏا ڀاڳ آهن، جو اوهان ڀال ڀلايا آهن. احسان ڪري اسان جي گھر هلو ته، اسان کي اوهان جي خدمت ڪرڻ جو موقعو ملي.“
شاهه سائين قربدارن جو قدردان هو. محبت ۽ عقيدت ڀريا ماڻهو، شاهه لطيف پري کان ئي سڃاڻندو هو. مائي گنگا جتڻ جي دعوت ٽارڻ، شاهه لطيف لاءِ ڏکيو ڪم هو. پاڻ گنگا سان گڏجي، سندس گھر آيو. شاهه لطيف جيئن ته اڃايل هو، انهيءَ ڪري مائي گنگا کيس تڏو وڇائي انهيءَ مٿان رلي رکي عزت سان وهاريو ۽ سندس لاءِ اُست ٺاهيو (اُٺين يعني اٺڻين جي رکيل سڪل کٽي کير ۾ ٿورو پاڻي ملائبو آهي، انهيءَ کي اُست سڏبو آهي). پوءِ هڪ وڏي ڪٽوريءَ ۾ اُست وجھي آڻي، شاهه لطيف کي پيش ڪيائين.
شاهه لطيف سڄيءَ سنڌ جو سيلاني هو. تڙ تڙ جو پاڻي پيتو هئائين. مختلف شهرن ۾ مھمانيون کاڌيون هئائين ۽ ڪيئي مٺا پاڻي پيتا هئائين، پر کيس اهڙو مزو ڪنهن ٻئي مان نه آيو هو، جھڙو مزو کيس انهيءَ اُست مان آيو هو.
وچولي يا اتر سنڌ ۾ اهو مشهور آهي ته لطيف سائينءَ جي ٻوليءَ کي سمجهن ته لاڙ وارا، باقي ڇيهه ٿيو. اتان جا ماڻهون ڀٽائيءَ جا بيت صحيح تلفظ سان اُچارين ۽ پڙهن ٿا. پر هيٺ وري رنگ ئي ٻيو آهي، مختلف ليکڪن ڀٽائيءَ جي ميزبان گنگا جتڻ جون ڳالهيون ته ساڳيون لکيون آهن، پر بيت جا لفظ تبديل ڪيا آهن ان موقعي تي لاکيڻي لطيف جو چيل بيت هيٺ ڏجي ٿو، جيڪو سڀ کان پهرين محمد سومار شيخ پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنو آهي.
کوءِ محل ٻن ماڙيون پکا سندن پن،
است جو اٺين جو مان کي رهيو من،
جيءَ ۾ جت رهن، ٻي پروٿڻي پاسي ڀانيان.
(شيخ محمد سومار، لطيف سائينءَ جا لاڙ تان ڀيرا، 1986ع، ص:129.)
کوءِ پلنگ ٻن ماڙيون، پکا سندن پن،
اُست جو اٺين جو، مون کي رهيو من،
جيءَ ۾ جت رهن، ٻي پر ٿڻي پاسي ٿئي.
بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر، شاهه عبداللطيف، مهراڻ اڪيڊمي 1990ع، ص:87.
است جو اٺين جو منهنجي رهيو من،
جيءَ ۾ جت رهن، ٻي پروٿڻي پاسي هجي.
(رزاق کٽي، گنگا جتڻ ۽ بڙ جو ڍورو، سوڀ مئگزين آچر 15، اپريل 2012ع.)
کوهه بنگلا کوهه ماڙيون پکا سندن پن،
است جي اٺين جو، مان کي رهيو من،
جيءِ ۾ جت رهن، ٻي پروٿڻي پاسي.
(نصير ڪنڀار، مضمون، گنگا جتڻ جيڪا ڀٽائي کي کَيسُ ٺاهي ڏيندي هئي، ڪاوش مئگزين، اربع 25 فيبروري 2015ع، ص: 7).
ڪوهه، بنگلا، ڪوهه، ماڙيون، پکا سندن پَٽ،
اُست جي اٺين جو، مان جي رهيو من،
جيءَ ۾ جت رهن، ٻي پروهڻي سڀ پاسي هجي.
عثمان راهوڪڙو، مضمون، بڙ جو ڍورو ۽ گنگا جتڻ، ڪاوش دنيا آچر 26 مارچ 2017ع.
کوهه ماڙيون کوهه بنگلا پکا سندن پن،
است جي اٺين جي مانجهو رهين من،
جيءَ ۾ جت رهن، ٻيون رهن پاسيريون.
(الهه بچايو راهوڪڙو، ڀٽائي سائين جي ميزبان گنگا جتڻ، ڪاوش دنيا، آچر 21 جنوري 2018ع، ص: 14)
شاهه لطيف کي، جتن وٽان گھڻو مان مليو، تنهن ڪري پاڻ به جتن جي گھرن، گنگا جتڻ جي است ۽ جتن جي محبت کي اڳيان رکندي ۽ انهن جذبن کي امر بنائيندي، ڪيئي بيت چيا آهن. گنگا جتڻ شاهه لطيف جي رسالي جي ڪاتب عبدالعظيم جت جي ڀيڻ هئي جنهن وٽ شاهه عبداللطيف ڪئين ڀيرا ڪيا ٻيو ته ڀٽائي جي فقيرياڻي گنگا جتڻ آڏاڻي تي نئون کيسُ ٺاهي هر سال لطيف سائين ڏانهن تحفي طور موڪليندي هئي. ان علائقي جا جت شاهه لطيف جا ايترا ته شيدائي هئا جو شاديءَ جي موقعي تي خوشيءَ وارا بيت ۽ غم جي موقعي تي شاهه لطيف جا سوڳ وارا بيت ۽ وايون چوندا هئا ۽ اها رسم اڄ تائين جاري ڪيو اچن ٿا.
بڙ جي ڍوري کان ڪجهه ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي روپا ماڙي ۽ سومرن جو قديم قبرستان ڀونگرا ۽ نوتيار ماڙي واقع آهي. نوتيار ماڙي کان ٽي ڪلوميٽر اوڀر طرف ماروي وارو ماڳ موجود آهي. شاهه سائينءَ جي دؤر کان اڳ ان علائقي ۾ مختلف حاڪمن وچ ۾ لڙايون لڳيون هيون. شاهه صاحب جڏهن ان ماڳ تي پهتو هو ته کيس علاؤ الدين خلجي ۽ ابڙي سمي جي لڙائي جو واقعو ٻڌايو ويو، جڏهن انهن ماڳن تي لاکيڻي لطيف، تلوارن جا ٽٽل ٽڪرا ڏٺا ته هيئن چيائين.
منجهس ريکون رڪ جون ڪي ڪنجهو ڪي پاٽ،
هي تڏهو ڪو گهاٽ، جڏهن سمي هئي صاحبي.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب ڪتاب شاهه عبداللطيف ڀٽائي، مهراڻ اڪيڊمي، ڇاپو پهريون آڪٽوبر 1990ع، جي صفحي 87 تي لکي ٿو ته، شاهه صاحب جي شاهبندر ڊويزن (قديم ڪڪراله) طرف سير و سفر جي باري ۾ هي حڪايت اتي جي مڪاني ماڻهن کان معلوم ٿي ته، لاڏين کان اٽڪل ڏهه ميل ڏکڻ طرف ”ديري“ نالي هڪ بستي جا ڦٽل نشان اڃان تائين موجود آهن. اهو ”ديرو“ شاهه صاحب جي ڏينهن ۾ ڪيهر قوم جي طاقت جو مرڪز هو. اتي جا ڪيهر حاڪم نهايت سرڪش هئا. ايتري قدر جو غريب جتن جون ڏاچيون جيڪڏهن سندن طرف ڏانهن اينديون هيون ته انهن کي باهه جا موڙا ٻڌائي ڇڏيندا هئا ته ڀل رڙيون ڪري سڙي مرن. هڪڙي دفعي ڀٽائي صاحب انهن جتن فقير جي جھوپڙين ۾ ٽڪيل هو جو ڪي اٺڻيون رڙنديون ٿاڻ تي آيون. پڇا تي، جتن حقيقت ڀٽائي صاحب کي ٻڌائي ۽ چيائون ته:”سائين! هي گگدام هاڻي توکي دانهون ٿيون ڏين.“ اهو ٻڌي ڀٽائي صاحب کي نهايت ڪهڪاءُ آيو ۽ بي اختيار ٿي چيائين ته:
کوءِ هوءَ محل، کوءِ ماڙيون، جيءَ سي پکا پن،
است جو اٺين جو سورهيو اٿم من،
جيءَ سي جت رهن، ٻي پر ٿڻي پاسي ٿئي.
پوءِ انهن غريب جتن فقيرن کي مخاطب ٿي چيائين ته:”ابا! جتي آهن ڪيهرن جا ديرا اتي ٿيندا اٺين جا پيرا.“ چون ٿا ته ان بعد سگھوئي ڪيهرن جي اچي ڦٽي ۽ سندن ”ديرو“ تباهه ٿي ويو. هيءَ حڪايت لفظ به لفظ ڪيتري قدر سچي آهي مگر مڪاني ماڻهن ۾ ان جي مشهوري ڪم از ڪم ڀٽائي صاحب جي اتي وڃڻ تي شاهد آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، مصنف، شاهه عبداللطيف، مهراڻ اڪيڊمي 1990ع، ص: 87. سانگي مير عبدالحسين، تاليف، لطائف لطيفي، 1986ع ص: 120، گنگا جت، صالحان تنياڻي ۽ بوئا وساڻ شاهه صاحب جي حويليءَ ۾ خدمتگذار هيون.

واگهين واري ڀٽ، پئي کڻي پساهه واري واقعي بابت مختلف روايتون

هڪ دفعي شاهه صاحب ڪنهن سفر تان موٽيو ته ٽي ڏينهن لاڳيتو هڪ هنڌ غش ئي غش پيو هو، سندس جسم تي واريءَ جا تهه چڙهي ويا ۽ رڳو سندس هڪ ڪپڙي جو پلاند ظاهر هو. قضا سان هڪ پنهوار جي مٿس نظر پئي جنهن سارو احوال شاهه حبيب کي سڻايو. شاهه حبيب انهيءَ هنڌ پهتو ۽ ڏاڍي سوز مان چيائين:
لڳي لڳي واءُ، ويا انگڙا لٽجي، شاهه لطيف بيخوديءَ جي حالت مان ڇرڪ ڀري ۽ ٺهه پهه جواب ۾ چيو: پيئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.
نوازڪنڀر لکي ٿو ته، هي ماڳ ارڙهن ميل کان ٻه ٽي ڪلوميٽر اوڀر طرف ، ديهه بهرم بري تپو ساڌڻو ڳوٺ واگهيون بهرم بري سرڪار جي درگاهه ڀرسان واگهين واري ڀٽ آهي، ان ڀٽ تي ڀٽائي سرڪار آيو هو. روايت مطابق شاهه سائين هڪ واريءَ جي دڙي (واگهين واري ڀٽ) تي ٽي ڏينهن غش لڳو ستو پيو هو. هو ڏانهن سيد حبيب شاهه، ڀٽائي سرڪار کي ڳولي رهيو هو ته هڪ ٻڪرار سيد حبيب کي ڏس ڏنو ته سائين، اڳتي وڃو لاکيڻو لطيف دڙي تي بيهوشي واري حالت ۾ ستو پيو آهي. سيد حبيب جڏهن سندن مٿان پهتا ته سمجهيائون ته شايد شيءِ ڌڻيءَ کي وڃي پهتي آهي. سيد حبيب چيو ته
لٽي لٽي واءَ، وڃي ڇڏيا اڱرا،
پرين ۽ پساهه، وڃي گڏيا گرکي.
جواب ۾ ڀٽائيءَ وراڻيو: پئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرين جي.
پوءِ سيد حبيب کيس گهر هلڻ تي راضي ڪيو ته ڀٽائيءَ، والد صاحب چيو ته توهان هلو مان گهر پهچان ٿو. شاهه حبيب جي پهچڻ کان اڳ ئي ڀٽائيءَ جي گهر پهچڻ بابت، حبيب شاهه چيو ابا جلد ڪيئن پهتين! ڀٽائيءَ وراڻيو: توهان ڌرتيءَ مٿان پئي هليا ۽ آءُ هيٺ!. وري امڙ ڀٽائيءَ کان پڇيو ته ”ابا تون اتي ڇا کائيندو هئين؟“ ته ڀٽائي وراڻيو: ڇاهين ۽ پنن تي گذارو ڪندو هئس. امڙ چيس: جي اهي به نه واپرائين ها ته منزل اڃا ٻي هجئي ها.
هن قديمي ماڳ تي ڳوٺ ڀرسان ”ڀٽائي وارا ڪنڊا“ ڪنڊي جا وڏا وڻ به هئا. هاڻي اهي ناهن. هن وقت ان تڪيي تي سامهون لڳل پٿر تي 786 هيٺان ڪلمي هيٺ عبداللطيف شاهه ولد حبيب شاهه جو تڪيو لکيل آهي. تختي تي 1182هه ٺاهيندڙ سيد قاسم شاهه ولد حاجي امين محمد شاهه ۽ سر تي، سر مارئي جو هيٺيون ٻيو نمبر بيت غلط لکيل آهي. ۽ صحيح بيت هيٺ ڏجي ٿو. پٿر تي هي بيت لکيل آهن.
لٽي لٽي واءَ وڃي ڇڏيا اڳرا،
پئي کڻي پساهه، پسڻ خاطر پرينءَ جي.
شاهه لطيف، ديهه جيائو ۾ آيو هو انهن ماڳن جا نالا هن بيت ۾ واضع ڏنل آهن.
هن مند مارو سنرا، جيائي جالين،
چاريو لنب لطيف چئي، واڳئين ويهارين،
ڪيٽائي ڪاهين، مينهن وسندا موٽ تون. (سر مارئي)
واگهين جي ڀٽ تي سڀ کان پهرين تحقيق معمور يوسفاڻيءَ ڪئي آهي. معمور صاحب لکي ٿو ته، چوٽياريءَ جي جوءِ ۾ واڳئين جي ڀٽ تي شاهه سائين چلو ڪڍيو هو ۽ اتي کبڙ جي ويجھو هڪ کروت (ننڍي مسجد) به ٺاهيائين. جتي جيائي ڳوٺ جا فقير سندس سنڀال ڪندا پئي آيا. حوالو، مضمون، سرڪاپائتيءَ جو مطالعو، ليکڪ، محمد عمر يوسفاڻي. حوالو: نواز ڪنڀر، ڪتاب، ڀٽائي جا پنڌ ۽ پيچرا، ص: 76، 78، 79، 81.

شاهه لطيف ۽ ميون شاهه عنات رضوي جي ملاقات بابت مختلف روايتون

سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جو مشهور شاعر جنهن جو مڪمل رسالو ملي ٿو اهو شاهه عنات رضوي آهي، جنهن کي ليکڪن شاهه عنات، مييون شاهه عنايت ۽ شاهه عنايت الله به لکيو آهي.
شاهه نصر الدين چار شاديون ڪيون جن مان ڪمال الدين دل جي نياڻي بيبي حنيفه جي پيٽان شاهه عنات الله ڄائو، شاهه عنات ڏهن ٻارهن سالن جي عمر جو ٿيو ته سندس والد وفات ڪئي، پوءِ سندس سنڀال وڏي ڀاءُ ميين احمد شاهه ڪئي. شاهه عنات نصرپوري جيئن جيئن جوانيءَ کي رسيو ته الله لوڪ انسانن جي ڪچهرين ۾ اٿڻ ويهڻ لڳو ۽ کيس راڳ ٻڌڻ جو به شوق هو. ان کان سواءِ پاڻ ڀلن گھوڙن ۽ گھوڙين جو شوقين هو، اٺن جا وڳ ۽ ماهيو مال به گھڻو هئس. ڪجھه مال سندس مريدن وٽ چرندو هو. پنهنجي فقيرن ۽ مريدن ڏانهن ڀيرا ڪندو هو ۽ انهن جي سک سلامتيءَ لاءِ دعا به گھرندو هو. هي بزرگ پنهنجي دور جو بهترين شاعر ٿي گذريو آهي. شاهه عنات جي شاعري عام سنڌي داستانن ۽ مشهور عنوانن جي تاڃي پيٽي ۾ اڻيل ۽ سر وار بيتن ۽ واين جي سٽاءَ ۾ سمايل آهي. شاهه عنات جي رسالي جي مطالعي مان ڏسجي ٿو ته شاهه عنات سڄن 19 سرن ۾ ڪلام چيو آهي، جنهن جو مثال کانئس اڳ جي ڪنهن به شاعر جي شاعريءَ ۾ نٿو ملي. شاهه عنات سنڌ جو پهريون شاعر هو جنهن شاعرانه ذوق کي وڏي بلند پيماني تي فروغ ڏنو. شاهه عنات جي شخصيت ۽ سندس پيدا ڪيل سالڪانه سنگت جو جيڪو اثر نئين نکڙندڙ نوجوان پاڙيسري عارف، شاعر شاهه عبداللطيف تي پيو هوندو سو يقيني گهرو ۽ گهاٽو هوندو. ڀٽائي صاحب جون شاهه عنات سان ملاقاتون ۽ صحبتون انهيءَ جي ساک ڀرين ٿيون ۽ ازانسواءِ ڀٽائي صاحب جو رسالو خواه شاهه عنات جو رسالو ٻئي انهيءَ حقيقت تي پڌرا شاهد آهن جو شاهه عنات جي رسالي ۾ ڪيترائي اهڙا بيت موجود آهن جيڪي شاهه لطيف جي رسالي جي نسخن ۾ به ڏنل آهن ۽ گمان غالب آهي ته انهن ۾ ڪي بالڪل شاهه عنات جا هجن ۽ ڀٽائي صاحب جن ڪن خاص موقعن تي پڙهيا هجن. ان کان سواءِ خود ڀٽائي صاحب جي رسالي (بمبئي نسخو) ۾ تقريبن چوڏنهن بيت ۽ هڪ وائي ”عنات“ جي نالي سان موجود آهي. جيڪي گهڻو ڪري شاهه عنات جا آهن ۽ سندس رسالي ۾ به قلمبند ٿيل آهن، چئي سگهجي ٿو ته، شاهه عنات جا اهي بيت ڀٽائي صاحب کي به پسند هئا ۽ پاڻ پڙهندا هئا ۽ انهيءَ ڪري سندن رسالي ۾ قلمبند ڪيا ويا. انهن بيتن مان ظاهر آهي ته شاهه عنات جهڙي بزرگ ۽ عمر رسيده شاعر جا اهي بيت ڀٽائي صاحب ڄڻ نموني طور ڪري ورتا. رسالي کان سواءِ سنڌ جي عام مشهور روايتن ۾ شاهه عنات ۽ ڀٽائي صاحب جا هڪ ٻئي ڀران توڙي هڪ ٻئي سان تبادله خيالات ۾ چيل ڪافي بيت ملن ٿا. انهن مڙني ڳالهين کي مدِ نظر رکندي چئي سگهجي ٿو ته سلوڪ توڙي شاعريءَ ۾ ڀٽائي صاحب پاڻ کان هن وڏي عمر رسيده درويش ۽ شاعر سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ڪري گهڻو ڪجهه پرايو هو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو ته شاهه پور جو ڳوٺ جتي ميون شاهه عنات رهندو هو اتي اندازً سن 1120هه کان وٺي 1133هه تائين شاهه لطيف، شاهه عنايت سان رهاڻيون ڪيون.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو ته، هڪ ڀيري شاهه لطيف جو نصرپور وڃڻ ٿيو جنهن تي شاهه عنات رضوي، لطيف ڏانهن کير جو پيالو ڀري موڪليو تنهن تي شاهه لطيف ان ۾ گلاب جو گل وجھي موڪليس.
ٻئي ڀيري جڏهن شاهه عبداللطيف، ميين شاهه عنايت سان مليو ته پاڻ ۾ ڏاڍي دلچسپ ڪچهري ڪيائون ۽ پوءِ ميين شاهه عنات کيس شعر چوڻ جي ترغيب ڏني، جنهن تي نوجوان لطيف چيو ته: ”زمين سڄي کڙي پئي آهي، پوءِ مونکي ڪهڙو ٿا ڏس ڏيو.“ ميين شاهه عنات چيس ته: ”ابا ! تون وڃي سمنڊ کيڙ.“
هڪ دفعي شاهه عبداللطيف سوز ۽ درد واري حالت ۾ اهڙي وقت اچي پهتو، جو ميون شاهه عنات اندر حويلي ۾ هو ۽ ٻاهر ڪا پهر ڪانه هئي. در تي ڪا ٻانهي هئي، جنهن کي لطيف چيو ته اندر شاهه کي وڃي ٻڌاءِ ته ڪو ماڻهو آيو آهي. ۽ چوي ٿو ته وڃي اندر چئو ته:
در تي ڪري دانهن ، در تي ڪري دانهن.
ميون شاهه عنات پيرسن مڙس هو ۽ ستو پيو هو، اهو نياپو ٻڌي اٿيو ۽ عصا جي ٽيڪ تي در ڏانهن آيو ته عبداللطيف تي نگاهه پيس ۽ چيائينس ته: ڪلهي لائي ٻانهه، کڻي پرين ڪندس پانهجو.
هڪ ٻي مشهور روايت آهي ته هڪ ڀيري نوجوان عبداللطيف سوز ۽ درد واري حالت ۾ ميين شاهه عنات وٽ آيو ۽ اچي ساڻس حال اوريائين. جنهن تي ميين شاهه عنات رضويءَ کيس ڳرهاٽي ڏيئي دلداري طور هي بيت ڏنو ته:
پسي ڏونگر ڏار، جم هلڻ ۾ هيڻي ٿئين،
مجازاڻيون موٽيون سڻي پنڌ پچار،
تون پهري پائج پرين لئي حقيقت جو هار،
سگھي لهندئي سار، آرياڻي عنات چئي.
سگھڙن جي روايت موجب ڀٽائي صاحب، شاهه عنات جي جواب ۾ وري هي بيت ڏنو ته:
پسي ڏونگر ڏاهه، جم هلڻ ۾ هيڻي وهين،
لانچي لڪ لطيف چئي، پٺيءَ ڪيچين ڪاهه،
پڇي پورج سسئي، بلوچاڻي باهه،
ان وڙائتي ور جو، آسر هڏ م لاهه،
جو اکنئون اوڏو آهه، سو پرين پراهون م چئو.
مٿين ٻن بيتن متعلق وفائي مولانا دين محمد، مصنف، ڪتاب، لطف الطيف، ڇاپو چوٿون، سال 1991ع، ص: 63 تي شاهه لطيف جي والد کيس سنڌ جي نامور صوفي شاهه عنايت الله شهيد جھوڪ واري سان ملاقات ڪرائي ته شاهه عنايت الله هيٺيون بيت فرمايو.
ڏسي ڏونگر ڏار، متان هلڻ هيري ٿئين،
ڪي مجازاڻيون موٽيون، سڻي پنڌ پچار،
پويون پائج پرين کي، حقيقي هار،
سگھي لهندي سار، آريچا عنايت چئي.
جواب ۾ حضرت ڀٽائي گذارش ڪئي ته:
پسي ڏونگر ڏاه، متان هلڻ ۾ هيڻي ٿئين،
پڇي پورج سسئي، مهندا بلوچاڻي باه،
ان وڙائتي ور جو، آسرو هڏ م لاه،
اکين اوڏو آه، پرين پراهون م چوين.
مولانا وفائي لکي ٿو ته، صوفي شاهه عنايت الله جھوڪ واري جي شهادت 1133هه ۾ ٿي.
احمد خان ڪيريو لکي ٿو ته، شاهه عنات رضوي ۽ شاهه لطيف جون شاعراڻيون محفلون وقت به وقت ٿينديون رهيون.
محقق احمد ڪيريو لکي ٿو ته، چون ٿا ته هڪ ڀيري ميئين شاهه عنات رضوي نفس بابت امتحان وٺڻ لاءِ هي بيت ڀٽائي صاحب کي چيو ۽ کانئس جواب جي طلب ڪئي.
ماري ماري مون وهٽ سان وس ڪيا،
سڌو سراڙو نه ڏئي، ڀورو مٿي ڀون،
ڪاتات سيکارينس تون، منهنجي سواريءَ سنؤن نه ڪيو !
جنهن تي شاهه سائين کين جواب ڏنو ته:
”اڌو ڳارو اَنَ جو ٿورو گاهه ڏئينس،
اٿي استغفارجو کرکرو هڻينس،
حقيقت هنو ڏيئي توڪل تل ڪرئينس،
ان الله مع الصابرين، اهو لغام لڳائينس،
”لاحول ولا قوة الا با الله“ چهبڪ چکائينس،
پنجئي ساز نياز جا وڃي پورا ڪرائينس،
محبت جي ميدان ۾ ٽهليو ٽهلائينس،
ايءَ ڀت سيکارئينس، ته سوڌو هلي سيد چئي.“
(مضمون، شاهه جا ملاقاتي شاعر، احمد ڪيريو، ڪتاب فڪر لطيف، تنظيم فڪر و نظر سکر، صفر1408هه/ آڪٽوبر1987ع، ص: 149 ـ 150.)
رخمان گل پالاري، مضمون ”ٻانهي خان شيخ جي مرتب ڪيل شاهه جي رسالي جي ٽن جلدن جو تنقيدي جائزو“ ۾ لکي ٿو ته، ڪوهستان واري پاسي هيٺيان ٽي بيت ڀٽائي گھوٽ ۽ سندس والد صاحب جي سوال ۽ جواب جي حوالي سان مشهور آهن. جن مان ٻه بيت ٻانهو خان شيخ صاحب پنهنجي ٽئين جلد جي صفحي 355 تي سر آسا ۾ ڏنا آهن. جيئن هيٺيون بيت ڪنهن رسالي ۾ ناهي ڀٽائي پنهنجي والد سان مخاطب آهي.
وهٽ اٿئي وجود ۾، جگر ساڻ جيري،
وٺيس ڪنهن وقوب سين، فڪر ساڻ ڦيري،
متان ڪڏي ۽ ڪيري، گڏهه هڻيئي گپ ۾.
شاهه حبيب جو جوابي بيت:
ماري ڪٽي مون، هن وهٽ سين وس ڪيا،
سنئون سراڙو نٿو ڏي، ڀري مٿي ڀون،
ڪا تات سيکارينس تون، منهنجي سواريءَ نه سئون ڪئو.
ڀٽائي گھوٽ جو جواب وارو بيت، ان وجودي وهٽ جي سنوت لاءِ يا هٿ وس هلائڻ لاءِ هيٺين ريت هدايت ٿو ڪري.
اڌوکارو انَ سين، ٿورو گاهه ڏينس،
آڌي استغفار جو، کرڙو خاص هڻينس،
توبهه تل ٿاهر ٿڙا، حقيقت هنو توڪل تنگ ڪڍينس،
ان الله مع الصابرين ايءُ وات ڪرياڙي ڏينس،
لاحول ولا قوت الا باالله، ايءُ چهبڪ چکائينس.
واڌو سٽ: قل هو الله احد الله، ايءُ سبق سيکارينس،
محبت جي ميدان ۾، ٽوري ٽهلائينس،
انهيءَ حال هلائينس، ته سوڌو وڃي سيد چئي.
(حوالو، ڪلاچي، تحقيقي جرنل، جون 2002ع، ص: 74 ـ 75.)
مٿي ڄاڻايل وهٽ جي بحث مباحثي وارن بيتن ۾ احمد ڪيريو جي تحقيق اوائلي آهي پوءِ ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي آهي. هنن بيتن تي نئين سر تحقيق جي ضرورت آهي. (مرتب، لاڙڪ)
هڪ دفعي ميين شاهه عنات محفل ۾ هيٺيون بيت پڙهيو ته:
”ڪر ڦل ڦوٽا پارچا، پاتائون پڙيون،
انهن کي عنات چئي، ڦير نه ڪن ڦڙيون،
جي ڇوهي منجھه ڇڙيون، سي ٻيڙيون رکين ٻاجھه سين.“
اهو بيت پڙهي، ميين شاهه عنات محفل وارن ڏي نهاريون پر ڪو به ڪونه ڪڇيو ۽ جڏهن شاهه لطيف ڏي ڏٺائين تڏهن شاهه صاحب هڪدم وراڻيو ته:
”ڪر ڦل ڦوٽا پارچا، پاڻيٺ پاتائون،
ڪوٺيون قيمت سنديون تر ۾ تاڪيائون،
لاڄن منجھه لطيف چئي، ٻيڙا ٻڌائون،
نظر نبي ڄام جو چڙهندي چيائون،
جي ڇوهي ڇوڙيائون، سي ٻيڙيون رکين ٻاجھه سين.“
هڪ دفعي ميين شاهه عنات بيت پڙهيو ته:
”سره گڏ بئي سسئي سوڙهيءَ منجھه سهي،
طرح پڇندئي تڪڙي ٻاروچا ٻئي،
آڻي ڏيندئي هٿ ۾ ڪتابت ڪهي،
پنهنجي پاڻ هٿن سين واچيندينءَ وهي،
سمر جن صحيح، تن ڪونهي اوک عنات چئي.
مٿيون بيت ٻڌي لطيف سرڪار بروقت جواب ۾ چيو:
ثمر جنين نه ساڻ، هوت حمايتي تن جو،
ڪري ڇيڄ ڇپر ۾، پنهون ايندو پاڻ،
ٿيندي روح رهاڻ، لحظي منجهه لطيف چئي،
شاهه عنايت رضويءَ وارو بيت ”سره گڏ بئي سسئي سوڙهي منجهه سهي“ ان بيت کي ٿوري ڦير ڦار سان ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري، ڪتاب، سنڌي شاعريءَ جي مختصر تاريخ، مهراڻ اڪيڊمي، ڇاپو ٻيو 2001ع، صفحي 66 تي عنايت ڏيرو ولد جاني ڏيري جو ڄاڻايو آهي. جيڪو شاهه لطيف جي مائٽن مان ۽ ڀٽائيءَ جو معتقد هو ۽ شاهه صاحب هن سان بيتن ۾ سوال جواب ڪندو هو. اهو بيت هيٺ ڏجي ٿو. ٿي سگهي ٿو هي بيت عنايت ڏيري جو هجي.
مرد گڏ بئي سسئي سوڙهي منجھه سهي،
طرح پڇندءِ تڪڙي ٻاروچا ٻئي،
پنهنجي پاڻ هٿن سان واچيندينءَ وهي،
ثمر جن سهي، تن ڪو اهک عنايت چوي.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو ته، حڪايت مشهور آهي ته شاهه عنات ساري ڄمار مارئي جا بيت چوندو هو ۽ ان کي زياده ترجيح ڏيندو هو ۽ سسئي جي باري ۾ چوندو هو ته: ”جيڪا ستر ڇڏي جهنگن ۾ ڪاهي پئي تنهن کي ڪهڙو ساراهبو“. اها خبر جڏهن ڀٽائي صاحب کي پئي تڏهين ”تمر فقير“ کي چيائين ته: شاهه عنات وٽ هلنداسين ۽ جڏهين اسين پاڻ ۾ گڏجئون تڏهين اسان جو فلاڻو بيت ۽ پنهنجا فلاڻا بيت پڙهجانءِ چونٿا ته ملاقات جي موقعي تي جيئن شاهه عنات ۽ ڀٽائي صاحب گڏيا ته ”تمر فقير“ اول ڀٽائي صاحب جو هي بيت پڙهيو:
ڪڙي ۽ رڙي، پر پٺ پير پنهون جا،
سڪ ٻڌائين سندرو جانب ڪاڻ جڙي،
لڪن ساڻ لطيف چئي، مر منڌ پاڻ مڙهي،
عمر ائين ڪڙهي، ته به پلڪ پريان جي نه پري.
بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش، مضمون، شاهه عنات رضوي ۽ شاهه لطيف، ڪتاب ياد لطيف، 1953ع، ص: 12 تي مٿئين بيت جي ٻي پڙهڻي.
ڪڙهي ۽ ڪڙي، پر پٺ پير پنهون جا،
سڪ ٻڌائين سندرو جانب ڪاڻ جڙي،
لڪن منجھه لطيف چئي، جھيڙي ۽ جھڙي،
پڻي تان نه پڙي، جي عمر سڀ ائن ڪري.
ان بعد تمر فقير پنهنجا هيٺيان ٻه بيت ڏنا. راقم الحروف جڏهن ڪتاب ”تمر فقير جي شاعري“ جو مطالعو ڪيو ته ان ۾ هيٺيون پهريون بيت تمر فقير جي ڪلام ۾ نه هئو. جيئن ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيق سبب تمر فقير جو هيٺيون پهريون بيت عوام تائين رسيو. اهي ٻئي بيت هيٺ ڏجن ٿا.
1. ٿي پيادي پٽ ۾ جتن ڪارڻ جوءِ
ڪي هلي، ڪي هٿ کڻي، ڪي رڙهي، ڪي روءِ
طالب کي ”تمر“ چئي، ڏس ڏيرن جو پوءِ
ڪيچان اور ڪوءِ، ڪجئين غور غريب جو
2. ڪجئين غور غريب جو موٽي مان ميان،
پير نه ڇڏيان پرينءَ جو جا سين ٿي جيان،
سسي ساهه ڏيان، پنهونءَ ڪارڻ پٻ ۾. (اضافي سٽ، ڪتاب تمر فقير جي شاعري)
ان ملاقات تي نئين تحقيق ڪري، ڊاڪٽر بلوچ صاحب، ميين شاهه عنات جو ڪلام، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2010ع، ص: 69 تي لکي ٿو ته شاهه عنايت سان گڏجڻ وير تمر فقير پهرئين شاهه سائينءَ جو بيت ڏنو ۽ پوءِ پنهنجو بيت ڏنائين.
1ـ ڪڙي ۽ رڙي، پرپٺ پير پنهون جا،
سڪ ٻڌائين سندرو، جانب ڪاڻ جڙي،
لڪن ساڻ لطيف چوي، مر منڌ پاڻ مڙهي،
عمر ائين ڪڙهي، ته به پلڪ پريان جي نه پري.
2ـ پرينديئي پنڌ ٿي، جتن پٺيءَ جوءِ،
واڪا ڪيو ويڙهين ۾، ريهون ڪيو روءِ،
طالب کي تمر چوي، ور ڏس ڏيرن جو پوءِ،
ڪيچان اوري ڪوءِ، من ٿئي غور غريب جو.
شاهه عنات اهي بيت ٻڌي چيو ته ابا عاشق الله جا ”سسئي ته ڪا سوئن مان سئي هئي. هاڻي اجازت ڏيو ته آءُ به سسئي ڳائيان“ پوءِ شاهه عنات، ڀٽائي کي چيو ته سسئي جي ڳالهه تو ڪيئن ٻڌي؟ تڏهن سيد شاهه عبداللطيف ساري ڳالهه پيرائتي ڪري ٻڌايس. پوءِ ڀٽائي صاحب وري شاهه عنات کي چيو ته مهرباني ڪري مارئي جي ڳالهه سڻائينم ۽ موڪل ڏينم ته آءُ به مارئيءَ جا بيت چوان. پوءِ شاهه عنات ساري ڳالهه مارئي جي ڪري ٻڌايس ۽ چيائينس ته جي دل چوئي ته ڀلي مارئي جا بيت ڏي. ڀائنجي ائين ٿو ته هنن بزرگن شايد هن موقعي تي هڪ ٻئي کي ڄڻ انهن سرن ۾ مهارت ڏيئي ڇڏي، ڇو ته سندن ڪلام ۾ سندس سر سسئي اتم آهي. ايترو جو خود ڀٽائي صاحب به انهي مان ڪن بيتن جي ڀران پنهنجا بيت چيا آهن. ٻئي طرف وري ڀٽائي صاحب پنهنجي گنج ۾ سر مارئي ۾ ئي سنڌي زندگي ۽ سنڌ جي جذبات ۽ احساسات جو روح پيش ڪيو آهي.
روايت آهي ته هڪ دفعي سيد حبيب شاهه ۽ شاهه عنات ڏٺو ته شاهه لطيف ستو پيو آهي پوءِ شاهه عنات مٿان بيهي فرمايو ته:
ستا اٿي جاڳ ننڊ، نه ڪجي ايتري
تو ڀانيو ساڻيهه، سو اٿئي مانجهاندي جو ماڳ
سلطاني سهاڳ، ننڊون ڪندي نه لهي
انهيءَ جي جواب ۾ ڀٽائي صاحب فرمايو ته:
تن تسبيح من مڻيو دل دنبورو جن
تندون جي طلب جون وحدت سر وڄن
قل هوالله احد الله، اهو راڳ رڳن
موتوا قبل انت موتوا اها لرز لڱن
في الافاق وفي انفسڪم اها هاج هٿن
لتنذر قوماَ ما اهو پهه پيرن
سڀ عضوا عبداللطيف چئي پرين لئي پُرجهن
ستا سي سونهن ننڊر عبادت جن جي.
(مٿيون اضافي سٽن وارو بيت حوالو، بلوچ نبي بخش خان، ڪتاب، شاهه عبداللطيف، مهراڻ اڪيڊمي، ڇاپو پهريون، 1990ع، ص: 95. تي ڏنل آهي.)
هڪ دفعي ڀٽائي صاحب، مدن فقير ۽ شاهه عنات گڏجي ولهار واري ايراضيءَ ۾ ڳاڙهي صدر ولد ڪيوڙو اوٺو جي مرقد تي پهتا ته کين اتان جي وڻڪار وڻي وئي، انهن وڻن جي ڇانو ۽ بهاريءَ جو ذڪر شاهه عنات هن طرح ڪيوآهي.
ٿڌا وڻ ولهار جا، جتي صدر سونهارو،
اکڙين آرو، اوڏانهين عنات چوي.
اتي هڪ ڪنڊو ڍوري جي ڪناري تي اڄ به موجود آهي. جنهن وقت اهو ڍورو هوندو هو، ته ان وقت منجھس ٻيڙيون به هلنديون هيون ۽ انهيءَ ڪنڊي وٽ پتڻ به هو، ٻيڙين کي لنگر انداز ڪرڻ لاءِ انهيءَ ڪنڊي سان ٻڌو ويندو هو، جنهن تي اڃا تائين سنگھرن جا نشان چٽا بيٺل آهن. شاهه سائين سر ڏهر ۾ 18 ڀيرا ڪنڊيءَ جي وڻ سان مخاطب ٿي کانئس ماضيءَ وارا واقعا معلوم ڪيا ۽ سندس احوال پنهنجي شاعريءَ ۾ بيان ڪيائين.
حضرت شاهه عنات ۽ ڀٽائي صاحب ڪنڊيءَ کي مخاطب ٿي چيو ته:
ڪنڊا ڪڄاڙئا، اڀو آهين ريل ۾،
پرينءَ پڄاڻئا، سڪي بانکو نه ٿئين. (شاهه لطيف)
شاهه عنات ساڳئي ڪنڊي کي لوئيندي هيئن چيو:
ڪنڊا تو ڪيهي ڪئي، پر ڀونءِ منجھه پرت،
ري ساڻيهه سيد چوي، تون ڪيئن گھارين هت،
نگاهه ڪج نرت، متان وڍي ڏينئي واڙ ۾.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي مضمون ”شاهه عبداللطيف جي سوانح تي روشني“ ۾ لکي ٿو ته ڀٽائي صاحب، ميين شاهه عنايت رضوي کي پڇڻ ويو، ميين شاهه عنايت جي اها آخري بيماري هئي جنهن ۾ وفات ڪيائين. ڀٽائي صاحب جڏهن ٻاهر آيو ته فقيرن کانئس پڇيو، تڏهن چيائين:
اُٺ نه اوڳارين، ڏاگهن ڏيهه چتائيو،
ڪريو مهاڙ ملڪ ڏي، نرتئون نهارين،
سفر ٿا سارين، ڪيچ آڳاهون پنڌڙو.
حوالو: بخاري سيد قادن شاهه، مؤلف، ڪتاب، تمر فقير جي شاعري، ناشر، دي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد، ڇاپو پهريون مئي 1970ع، ص: 99 ـ 100. ساڳئي ڪتاب جي ص: 27، 41، 42. تمر فقير جي ولادت 1150هه وفات 1227هه . تمر فقير ولد صحبت فقير سالارو، اصل هالا قوم ڳوٺ بلند شاهه سالارو، نزد کنڊوءَ جو رهواسي هو. شاهه لطيف جي وفات وقت تمر فقير پندرهن سالن جو هو. سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو لکي ٿو ته تمر فقير جي ذات لنجواڻي جت هئي. بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، ڪتاب سنڌي موسيقي جي مختصر تاريخ، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز حيدرآباد، 1978ع، ص: 186. تمر فقير جي ولادت اندازن 1120هه وفات 1181هه .(تمر فقير جنم 1735ع وفات 1814ع حوالو مضمون، ٽنڊي قيصر ۾ شاهه لطيف جو اوتارو، ليکڪ عبدالحفيظ نظاماڻي، روزاني ڪاوش اخبار 27 مارچ 2010ع.) لغاري ڊاڪٽر عبدالجبار عابد، ڪتاب سنڌي شاعريءَ جي مختصر تاريخ، مهراڻ اڪيڊمي، سال 2001ع، ص: 44 تي شاهه عنايت جي ولادت 1030 هه، وصال 1120 هه . بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، تحقيق ۽ تصحيح، ميين شاهه عنات جو ڪلام، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ڇاپو ٻيو 2010ع، ص: 68، 69 تي شاهه عنات رضوي جي ولادت اندازن 1035،1030هه، وصال اندازن سن 1125،1120هه ) ميمڻ قربان علي، مرتب، فڪر لطيف، فڪر و نظر پبليڪيشن سکر، ڇاپو پهريون آڪٽوبر 1987ع، ص: 149 کان 156. خانائي ڊاڪٽر قريشي حامد علي مصنف، تاريخ نصرپور، سهيڙيندڙ ۽ سنواريندڙ بشير احمد هيسباڻي، ڇاپو پهريون 2014ع، ص: 202. سيد عنايت الله شاهه رضوي عرف ميون شاهه عنات رضوي ولادت اندازي موجب 1030هه / 1621ع ۽ 1035هه / 1626ع جي عرصي دوران ٿي ۽ وفات هڪ اندازي مطابق 1120هه/ 1708ع ۽ 1125هه/1713ع ۾ ٿي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، محقق ۽ شارح، ڪتاب شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سوانح حيات، فڪر ۽ عرفان، مرتب، ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، نوادرات کاتو، سال 2013ع، ص: 32 تي ميين شاهه عنات جي وفات جو صحيح سال 1133هه آهي. ڪتاب، سنڌ جي سڳنڌ، ڇاپو پهريون 2015ع ص 94 تي شاهه عنايت رضويءَ جي ولادت 1630ع ۽ وصال 1735ع.

شاهه لطيف ۽ خواجه محمد زمان، جي ملاقات بابت مختلف روايتون

وتائي فقير نالي هڪ مجذوب هوندو هو، ان هڪ ڏينهن امالڪ وڃي خواجه محمد زمان لواريءَ واري جي والد صاحب شيخ حاجيءَ عرف عبداللطيف نقشبندي جي پٺيءَ تي چميون ڏنيون ته، شيخ اوبائي نالي هڪ شخص پڇيس ته، ”هونءَ هميشھ سڀني کي گاريون ۽ لتون ڏيندو وتين ، اڄ ڪهڙو ڏينهن ٿيو آهي. جو شيخ حاجيءَ سان دل لڳائي اٿيئي؟“ وتائي وراڻي ڏني ته ”ڇو نه هن جي پٺ چمان؟ ان پٺ ۾ هڪ فرزند پيو پسان، جو نور سان ڀريو پيو آهي. در حقيقت چميون به انهيءَ نور کي ٿو ڏيان. ٻيو ته جن جن شخصن کي گاريون ڏنيون اٿم، تن کي اوترين لتن جيترا صالح پٽ پراپت ٿيندا. جنهن بعد وري اوترائي صالح پٽ پيدا ٿيندن.“ شيخ حاجيءَ کي انهن اڳڪٿين ۾ پورو ويساه هو. جڏهن ڪو فرزند ڄمندو هوس، تڏهن ان جي چهري ڏي چتائي نهاري چوندو هو ته، ”هيءَ اهو نه آهي.“ ٽي پٽ هڪ ٻئي پٺيان ڄاوس. جي نا صالح ٿي ساماڻا. شيخ حاجيءَ جو ايمان پختو هو، شيخ حاجيءَ کي ٽي حرم هئا، پهرئين مان ٽي پٽ ڄاوس ۽ ٻئي گھر مان ٻه نياڻيون ۽ ٽين شادي عبدالسلام درس جي نياڻيءَ سان ڪئي هئائون، انهيءَ بيبي سڳوريءَ مان حضرت سلطان الاولياءُ خواجه محمد زمان ڪلان جو تولد رمضان مهيني جي 21 تاريخ سن 1125هه / 1713ع ۾ ٿيو. ڪتاب، لواريءَ جا لال، ص: 35.
خواجه صاحب اڃا صغير ئي هئا ته والد شريف جي هٿ هيٺ سارو قرآن پڙهي پورو ڪيائون. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ خواجه محمد ابوالمساڪين جو مريد ٿيو ۽ مولوي محمد صادق نقشبنديءَ وٽ عربي ۽ فارسي پڙهيو. جلد ئي طريقت جون منزلون طئي ڪيائين. 1149هه/1736ع ۾ سندن والد شريف وفات ڪئي ته ٿوري ئي عرصي ۾ لواريءَ جو شهر ڪلر سبب ڦٽي ويو ۽ ماڻهو به وڏي تعداد ۾ لڏيندا پئي ويا. 1150هه/ 1737ع ۾ خواجه محمد زمان قديم لواريءَ جي ويجھو ڇڪ ۾ هڪ نئون ڳوٺ ٻڌايو جنهن جو نالو به لواري رکيائون.
خواجه محمد زمان لواري وارو سدائين سفر ۾ قرآن مجيد، مثنوي مولانا روم ۽ ديوان حافظ ساڻ کڻي هلندا هئا.کيس انهن ڪتابن سان دلي لڳاءُ هو. مخدوم محمد زمان جو فيض سنڌ، هند ۽ عرب تائين پهتو، خواجه محمد زمان جي ٻارنهن هزار واصل با الله بزرگن منجھان چاليهه بزرگ ڪمال جا صاحب ۽ پنهنجي وقت ۾ بيمثال هئا. سندس چار خليفا مشهور ٿي گذريا آهن. جن ۾ مييون عبدالرحيم گرهوڙي، حاجي ابوطالب اگھمي، حاجي محمد صالح، حافظ هدايت الله، ان کان علاوه سندس تمام گھڻا طالب هئا.
ڊاڪٽر دائود پوٽي لکيو آهي ته”ڪهڙي نه عجيب ڳالهه چئجي جو شاهه لطيف جهڙو برگزيدو اولياءُ ۽ عظيم شاعر پيري زهيريءَ ۾ ڪهي پنهنجي شاگرد جي شاگرد وٽ زيارت لاءِ اچي.“ ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته خواجه صاحب جي درويشيءَ جو پڙلاءُ پري پري تائين پهتل هو.
شاهه لطيف اندازن 57-58 سالن جي عمر ۾ سهي سنڀري خواجه صاحب جن جي چار چشمي لاءِ لواري شريف ۾ آيو. جڏهن حجري جي دروازي وٽ پهتو، تڏهن هڪ نوڪر کي موڪليائين ته، ”وڃي اندر اچڻ جي اجازت وٺي اچ.“ نوڪر وڃي خبر ڪئي. خواجه صاحب جن فرمايو ته: شاهه صاحب کي وڃي چئو ته ”ٿورو ترسو اسين پاڻ اوهان جي استقبال لاءِ ٿا اچون.“ شاهه صاحب پڇيو ته: ”خواجه صاحب ڪهڙي ڪم ۾ هئا ؟“ جواب ڏنائين ته: ”ماٺ ۾ ويٺا هئا.“ شاهه صاحب تنهن تي فرمايو ته: ”انهيءَ مشغوليءَ مان ڪڏهن واندا ٿيندا جو اسان ڏي متوجه ٿيندا؟ اٿ ته اندر لنگھي هلون.“ جڏهن شاهه صاحب، خواجه صاحب جو سنمک ٿيو تڏهن هي بيت چيائون:
سامي سفر هليا، ڪو پروڙي پنڌ،
جنين هيٺائون ڪنڌ، آئون نه جيئدي ان ري،
جنهن تي خواجه صاحب جن ٺهه پهه جواب ڏنو ته:
ڪين آهين، ڪين ٿئين، وڃي ڪي ڪماءِ،
لاڳاپا لوڪ جا، ”لا“ سين سڀ لهراءِ،
سامي پوءِ سلنداءِ، ڳالهه پريان جي ڳجھه جي.
انهيءَ تي شاهه صاحب جن فرمايو ته:
قلم وهي ويو ڪانهه، سرتيون ڪنهن سهاڳ لئه،
انگ اڳيئي لکيو، ات نه پهچي ٻانهه،
ڪنهن کي ڏيان دانهن، ته پرين مون سي هينءَ ڪيو.
خواجه صاحب وراڻيو ته:
ويهه وڃي وٽ تن، قلم جنين جي هٿ ۾،
ميٽؤن انگ اڳيون، واري ٻيو لکن،
پنو سو پاڙهين، جنهن مان پسڻ ٿئي پرينءَ کي.
انهي بيت بازي بعد شاهه صاحب پڇيو ته ” فنا کان پوءِ ڇا آهي؟“ ان جي ڪا ڪل آهي؟ خواجه صاحب فرمايو ته: ”فنا کان اڳ ڇا آهي؟“ هي سخن ٻڌي شاهه صاحب جن عرض ڪيو، ته ”ارادو اٿم ته اوهان جو مريد ٿيا.“ پاڻ وراڻي ڏنائون ته: ”سماع ۽ گانو، اسان جي طريقي ۾ منع ڪيل ۽ حرام ٺهرايل آهي سواءِ ڪن مشروعي موقعن جي“ تنهن تي شاهه صاحب چيو ته: ”ساري ڄمار سماع ۽ سرود ۾ صرف ڪئي اٿم، هينئر انهن کي ترڪ ڪرڻ مون لاءِ محال آهي.“ پوءِ هڪ ٻئي سان ڳچ وقت ملاقات ڪيائون. جڏهن شاهه صاحب موڪلايو تڏهن کيس خليفت جي چادر(اجرڪ) ڍڪيائون ۽ شاهه صاحب کي چيائون ته اسان کي ڪو نصيحت جو بيت ٻڌايو. پوءِ ڀٽائي صاحب هي بيت چيو.
گندي ۽ گراهه جن سناسين سانڍيو،
تنين کان الله اڃان آڳاهون ٿيو.
خواجه صاحب جي زيارت ڪري وڃڻ کان پوءِ شاهه صاحب هميشه خواجه صاحب جي شان ۾ هيٺيون بيت پڙهندو هو:
مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
ٻي پڙهڻي: سي مون ڏٺا ماءِ جنين ڏٺو پرينءَ کي.
تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگھان ڳالهڙي، (سر کاهوڙي)
جڏهن شاهه صاحب موڪلائي روانوٿيو، تڏهن خواجه صاحب جن فرمايو ته: ”اسان جي صحبت اختيار ڪيائين، پر همت نه ٿيس جو اسان جي طريقت ۾ داخل ٿئي، جي ٿئي ها ته اهڙي عميق ۾ ٽٻيون ڏياريونس ها، جو پنهنجي نام ۽ نشان جو به سماع ڪونه پويس ها.“ تنهن تي سندس هڪڙي فقير شيخ بلال، سيد صاحب جي روحاني منزل بابت پڇا ڪئي ته، خواجه صاحب فرمايو ته: ”هن جي منزل اوهان جھڙي آهي، يعني هو به اوهان وانگر صاحبِ دل آهي.“ مگر صاحب دل ٿيڻ ڪا سٿري ڳالهه نه آهي. هڪ وڏي دولت آهي. جا سڀاڳن کي ئي ملي ٿي ۽ سواءِ فنا جي هر گز حاصل نٿي ٿئي.“ پوءِ فنا جي مفصل سمجھاڻي ڏئي هي بيت چيائون:
جيئن چتونءَ کي خزران، تيئن مون پاڙو سپرين،
هن وڃائي جان، مون نشاني نه لڀي.
ڪتاب، ڏکڻ ٿيو اهاءُ، ص: 194. تي شاهه صاحب ڪنهن قاصد هٿان خواجه محمد زمان جن ڏانهن هڪ روحاني رمز پڇڻ لاءِ نياپو موڪليو ته: ”ڪپيريءَ ۾ پير ، ڪني پاتو پير ئين.“
خواجه صاحب قاصد جي هٿان واپس جواب موڪليو ته:
”ڪپيريا اوري رهيا، اٻڌ ٻڌائون،
اتاهين آئون، رهي آيس راتڙي.“
بس اهڙو روحاني رمز سان جواب ٻڌي شاهه صاحب، خواجه محمد زمان جن سان ملاقات جو سانباهو ڪيو. تنهن کانپوءِ هن ڪتاب ۾ ساڳئو ذڪر آيل آهي. جيڪو ٻين ڪتابن ۾ به ڏنل آهي.
هڪ روايت آهي ته، شاهه لطيف جڏهن خواجه صاحب ڏانهن وڃي رهيو ته روحاني منزل وسيلي خواجه صاحب کي معلوم ٿيو ته ڀٽ ڌڻي ملاقات لاءِ اچي رهيا آهن، جڏهن شاهه لطيف خانقاهه اندر پير رکيو ته حضرت خواجه محمدالزمان جن هي بيت فرمايو:
ڪُپيريءَ ۾ پير، ڪنين پاتو پيرئين،
جنين منجهڻ ماڻهين، سڄڻ اُتي سير،
ان ڀونءِ سندو ڀير، ڪوڙين مان ڪو لهي،
جنهن جي جواب ۾ ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو:
ڪُپير يان پري ڪُٻڌي ٻڌائون،
انهيءَ وٽان آءُ، رهي آيس راتڙي،
مٿيان ڪُپيريءَ وارا ٻئي بيت شاهه جو رسالو، مرتب شمس العلماءٌ مرزا قليچ بيگ، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، 1994ع، شاهه جو گنج، حاجي الهداد جنجهي 2008ع، شاهه جو گنج، محمد قاسم راهمون، 2011ع، واري ڇاپي ۾ سر کاهوڙيءَ ۾ موجود آهن. جڏهن ته ڪجھه ليکڪن ”ڪپيريءَ ۾ پير ڪني پاتو پيرئين“ خواجه صاحب جو ڪري ڄاڻايو آهي. اهو بيت ڪتاب ”ابيات سنڌيءَ“ ۾ به ناهي. خواجه محمد زمان ۽ شاهه عبداللطيف جي ملاقات واري حوالي سان پهريون ڀيرو معلومات ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي پنهنجي مضمون ”شاهه جي حياتيءَ تي نئين روشني“ ۾ ڏني جيڪو ماهوار سنڌو آڪٽوبر 1933ع ۾ شايع ٿيو. ڏکڻ ٿيو اهاءُ، مصنف، حافظ مولوي عبدالقادر بوبڪائي، سهيڙيندڙ ، آسودومل چانڊواڻي، ڇپائيندڙ ، لواري شريف ادبي اڪيڊمي، ڇاپو پهريون 8 اپريل 2016ع. ولادت ۽ وصال متعلق حوالو پهريون، سومرو ڊاڪٽر عبدالغفار، تحقيق ۽ ترجمو، مڪمل شرح ابيات سنڌي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو 2008ع، ص: 55، 58. تي سلطان الاولياء خواجه محمد زمان لنواري (اول) ولادت 2 رمضان المبارڪ 1125هه/1713ع تي شيخ عبداللطيف نقشبندي جي گهر ۾ موجوده لواري کان 2 ميل ڏکڻ طرف ٿي هئي وصال ڇنڇر 4 ذوالقعد 1188هه/1774ع ۾ ٿيس. ٻيو حوالو ٺٽوي مير علي شير قانع، معيار سالڪان طريقت، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2010ع، ص:642، تي ميان محمد زمان 1180هه ۾ گذاري ويو. حوالو ٽيون. الانا پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي، محقق، لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو 2012ع، ص: 406، 407. تي ولادت 21 رمضان 1125هه1713ع ۽ وصال 4 ذوالقعد 1188هه/1774ع ۾ ٿيس. چوٿون حوالو، قادري ڊاڪٽر عبدالرسول، تحقيق، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، سوانح حيات ۽ علمي خدمتون، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ڇاپو ٻيو 2006ع، ص: 193 تي ولادت 21 رمضان 1125هه، ص: 194 تي وصال ڇنڇر 4 ذوالحج سن 1188هه. پنجون حوالو پيراهين غلام شبير، تحقيق ترتيب، شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو، سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد ڊسمبر 2016ع ص: 101، 103. تي ولادت 22 رمضان 1125هه مطابق خميس پهرين آڪٽوبر 1713ع ۽ وصال ڇنڇر 4 ذوالعقد 1188هه مطابق 6 جنوري 1775ع ۾ ٿيو. آزاد قاضي، مرتب، سلطان الاولياء خواجه محمد زمان هڪ مطالعو، گلشن پبليڪيشن حيدرآباد لاڙڪاڻو 2002ع ص: 79، 80، 81. حضرت خواجه محمد زمان لواريءَ واري جا ٻه مڪمل ڪتاب سندس قولن تي مشتمل مرتب ٿيل آهن. هڪ ”فتح الفضل“ جنهن ۾ چونڊ چارسو ڇائيتاليهه قول ڏنل آهن ۽ ٻيو ”مقولات تصوف“ ان کان سواءِ حضرت سلطان الاولياءُ جي 84 سنڌي بيتن جي عربيءَ ۾ شرح حضرت عبدالرحيم گرهوڙيءَ ڪئي. ان کي ڊاڪٽر عمر بن داؤد پوٽي سنڌيءَ ۾ آڻي 1939ع ۾ ڪتابي صورت ۾ آندو، جيڪو پوءِ ”ابيات سنڌي“ جي نالي سان شايع ٿيو. آزاد قاضيءَ جي چونڊ مطابق خواجه صاحب جي بيتن جو تعداد 92 آهي. شاهه صاحب وفات مهل وصيت ڪئي هئي ته: ”خواجه صاحب واري ڏنل چادر (اجرڪ) مون کي ڪفن ۾ ڏجو.“ پوءِ اها چادر ڪفن جي مٿان وڌائون ۽ پوءِ سندس قبر شريف تي پڙ ڪري چاڙهيائون. (حوالو، ڊاڪٽر گربخشاڻي، مؤلف، لواريءَ جا لال، سنڌي ساهت گھر حيدرآباد 2011ع، ص: 34 ـ 35 ــ 45 ـ 46 ). سمون محبوب علي، ڀٽائيءَ تي بهتان، 1998ع، ص:60، خواجه محمد زمان صديقي لنواري واري، شاهه لطيف کي تحفي طور گودڙي ڏني هئي. خواجه صاحب جي ولادت جو صحيح سال اربع 21 رمضان 1125هه مطابق 11 آڪٽوبر 1713ع وصال 4 ذوالحج 1188هه مطابق آچر 5 فيبروري 1775ع آهي.

شاهه لطيف ۽ ٿانور ڀٽيءَ متعلق مختلف روايتون

شاهه سائين لاڙ تان لاتعداد ڀيرا ڪري پوءِ ٿر جو سير ڪيو. ”ساموئي“ جي قديم کنڊرن جي سير کان پوءِ ”هاڪڙي“ جو ڪنارو وٺي روانو ٿيو هوندو ۽ اٽڪل 10 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف هلڻ بعد ”ٿانور ڀٽيءَ“ جي شهر جي کنڊرن وٽ پهتو هوندو جيڪي ”ڊگهڙي“ تعلقي جي ديهه ”جنهاڻ“ ۾ فضل ڀنڀري اسٽيشن کان اٽڪل 5 ڪلوميٽر کن اوڀر طرف هاڪڙي جي ساڄي ڪپ تي آهن ۽ ڪافي ايراضي والارين ٿا. اتي پهچي شاهه لطيف کي ٿانور ڀٽيءَ جي اها ڏک ڀري ڪهاڻي معلوم ٿي جنهن ۾ هو پنهنجي تر ۾ سخت ڏڪار واريءَ حالت ۾ روزگار خاطر اهڙي تر ۾ وڃي نڪتو جنهن ۾ پورهئي ڪارڻ ايندڙن لاءِ قانون هو ته: ”ڪي به زال مڙس گڏجي اچي نه رهن“.
هنن اهو قانون ڏسي پاڻ کي گونگو ۽ اٻوجهه ظاهر ڪيو ۽ زال کي سمجهايائين ته هوءَ ماڻهن کي ٻڌائي ته هي ٻئي پاڻ ۾ ڀاءُ-ڀيڻ آهن. جڏهن ٿانور جي زال ماڻهن کي اهو ٻڌايو ته ساڻس گڏ پورهئي تي آيل سندس ڀاءُ آهي تڏهن کين اتي رهڻ ۽ پورهئي ڪرڻ جي اجازت ملي ۽ اهي مختلف هنڌن تي مزدوري ڪندا رهيا. هڪ رات ٿانور جي زال پنهنجي علائقي جي مٿان کنوڻين جا تجلا ڏٺا ته ڊوڙندي پنهنجي مڙس وٽ آئي ۽ چوڻ لڳي: ”هو ڏس! رب پاڻ تي راضي ٿيو آهي، جيڪي مجبوريءَ جي حالت ۾ پنهنجن مڙسن کي ڀاءُ ڪوٺيو، محنت مزوري پيا ڪن“. شاهه لطيف انهيءَ واقعي کي ياد ڪندي فرمايو ته:
ٿَاوَرَ اُٿِي پَسُ، ڏيهِه کِنوَندي وِڄُڙِي،
مَنُ کُلِي بَاغُ ٿِئو، هِينئَڙي لَٿِي ڪَسُ،
تَنِي ڪَارَڻِ وَسُ، جن وَرَ مَٽَائي ڀَائُرَ ڪِئا.
شيخ، ٻانهو، 2002ع، شاهه جو رسالو، جلد پهريون، سُر سارنگ، ص: 332.
”ٿانور ڀٽي“ سومرا دؤر جو هڪ ننڍو سردار هو، جنهن جو راڄواڙو ڪجهه ٿر جي ايراضيءَ ۾ ۽ ڪجهه هاڪڙي جي ڪناري سان هو. هن جتي پنهنجو شهر آباد ڪيو هو اتي اڳ ۾ به هڪ پراڻي شهر جا کنڊر اصل ۾ آڳاٽي دؤر جي هڪ تاريخي شخصيت ”بروئي“ يا ”بروڙي“ جي آباد ڪيل شهر جا آثار آهن، اهي کنڊر اڄ به موجود آهن ۽ هن وقت به ٻنهي نالن سان سڏجن ٿا. ڪتاب: لطيف جا ٿر تان ڀيرا، معمور يوسفاڻي.
غلام محمد لاکو مضمون ”رسالي شاهه عبداللطيف سان عمرڪوٽ ۾ رهاڻ“ ۾ لکي ٿو ته حاجي ولي محمد چيو ته ٿانور ڀٽيءَ جي اصل ڳالهه هيءَ آهي ته ٿانور ڀٽي، ڀٽائيءَ جي دور جو ۽ ٿر جو رهاڪو هو ۽ هر سال لطيف جي محفل ۾ ڪانه ڪا سوکڙي کڻي ويندو هو. هڪ سال بارش نه پئي ۽ سخت ڏڪر پيو، ٿانور پريشان ۽ مايوس ٿي شاهه صاحب جي محفل ۾ ويو ۽ پنهنجي تڪليف جو ذڪر ڪيائين ته قدرت خدا جي اتر کان ڪارو ڪڪر نڪتو ۽ کنوڻ چمڪو ڏنو. ان موقعي تي شاهه ڀٽائي هي بيت چيو. جيڪو مٿي ٻئي نموني آهي.
ٿانور اٿي پس! ڏيهه کنونديون وڄڙيون،
تنين ڪارڻ وس، جن ورن مٿي بار پيا.
ڪتاب سنڌ جي سڳنڌ صفحي 94 تي ليکڪ فتح محمد شهزاد فتح ٿيٻو عنوان ” ٿانور ڀٽي ۽ منيل ديوي عرف مڌومتي جي تاريخي داستان جون ڪجهه منجهيل سٽون ۽ انهن جو ڇيد“ ان مضمون ۾ ليکڪ ٿانور ڀٽيءَ جو تفصيلي احوال ڏنو آهي. وڌيڪ ليکڪ لکي ٿو ته محمود غزنويءَ سان جنگ ۾ ٿانور ڀٽيءَ هارايو ته پوءِ ٿانور ٻئي ملڪ ۾ پورهئي لاءِ آيو هو. معمور يوسفاڻي ۽ فتح محمد شهزاد جي تحقيق صحيح آهي.

شاهه لطيف جو ڪوٽيسر ڏانهن سفر بابت مختلف روايتون

روايت آهي ته، شاھ لطيف ڪوٽيسر (ڪڇ) ويو، ته اتي ڌيڻو ڌر جبل واري مڙهيءَ جي ڪنهن ڪاپڙيءَ کي (ٻي روايت موجب خود ڌرمناٿ کي) ڏٺائين، جيڪو تپسيا ۾ وچن مطابق پنهنجي ٻانهن مٿي اُڀي ڪري جھليو بيٺو هو. شاهه لطيف ساڻس گفتگو ڪئي ۽ کانئس ايئن ڪرڻ جو سبب پڇيو ته هن چيو ته: ”تپسيا طور ٻانهن کي اُڀو جھلي سڪائي ڇڏڻ جو وچن ڪيو اٿم.“ تڏهن شاهه لطيف کيس تنبيھه طور چيو ته:
اندر نه ساهه سڪائيين، ٻهر سڪايين ٻانهون،
مٺا مٺئي پاڻ کي، چئين آديسي آئون،
او پنڌ پراهون، جتي نظر نات جو. (سر رامڪلي)

هنيون نه سڪائين هوت لئي، ٿو سڪائين ٻانهون
ڏيکارين ٿو ڏيهه کي دتا ڪيو دانهون
پاڻهين مٺيءِ پاڻ کي ته ڪو آديسي آئون
اي پنڌ اڳاهون، ڪي ڪاهي رسيا ڪاپڙي.
(محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڪتاب: شاهه عبداللطيف)

اندر نه ريڌءِ، رام سين، ٻاهر ٻڌين ٻانهون،
مٺا مٺين پاڻ کي، راهه پڇين راهون،
لاهي ڇڏ لطيف چئي، ويراڳي سڀ واهون،
اوءِ پنڌ آڳاهون، جت نانگا گڏيا ناٿ کي.
راهمون محمد قاسم، مرتب، شاهه جو گنج، 2011ع، سر رامڪلي، ص: 504.
فقير امداد علي سرائي، ڪتاب قدم ڪاپڙين جا، ۾ لکي ٿو ته شاهه سائين کيس چيو ته،
اندر نه ريڌءِ رام سان ٻاهر سڪائين ٻاهون،
مٺا مٺئي پاڻ کي ٿو چايئن آديسي آئون،
لاڙي ڇڏ لطيف چئي، ٻوڙا ٻئي ٻاهون،
او پنڌ آڳاهون، جت نانگا گڏيا ناٿ کي.
مطلب ته اندر مان غير گمان، گيرب ۽ گاءِ ڪڍي پالهو ٿي. پوءِ ڪاپڙي، شاهه لطيف کي چوڻ لڳو ته ٻيهار اچي مون کي ڏسجو ته، توهان جي امر ۽ طعني جو مون تي ڪهڙو اثر ۽ روحاني واڌارو ٿئي ٿو. پوءِ ان ڪاپڙيءَ هڪ سوپاري زمين تي رکي، سجدو ڪري همشيھ لاءِ اونڌو ٿي ڪري پيو، تمام گھڻي تپسيا ڪيائين. ٻئي سال جڏهن ڀٽائي گھوٽ ان جوءِ ۾ آيو، چيائين ته: ”مون کي هڪ قطب جي سرهاڻ اچي رهي آهي“. ڀٽائي، جوڳي کي جس ڏيندي فرمايو ته: رچي جي ريٽو ٿيا، ڪين اُٻاٽجن اوءِ.
ان سچي سامي، شاهه جي ڏسيل سُواٽ تي هلي، معرفت ماڻي سندس شڪر نڀايو ۽ پنهنجي پريتم جي پرٿوي پسڻ بابت، شاهه صاحب جي چيل سٽ جي موٽ ۾ هيئن چيو:
مئي پڇاڻان ميت سين جا پرهندو ڪن،
سا پر سپرين، مونسين جئري ڪئي جھان ۾.
هن کاهوڙيءَ وصيت ڪئي ته مون هندو ڌرم مطابق پاڻ کي جيئري ساڙيو آهي، هاڻي مونکي ڌيڻو ڌر جبل تي دفن ڪجو.
نارائڻ سر ۽ ڪوٽيسر مندر:
ڪڇ جي قديم تخت گاهه لکپت جي ويجھو مشهور تاريخي مندر ڪوٽيسر ۽ نارائڻ سر ۾ ڀٽائيءَ بادشاهه جو ٻه ڀيرا وڃڻ ٿيو.
ڪوٽيسر جي ڪنڊ ۾ رهيو آهي رام،
جن سناسين سيويو تن اندر ڪيو آرام،
ڪروڌ ڪو ڪام، ويو ويچارن وسري.
ڪڇي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي شاعر ماڌو جوشي ”اشڪ“ وٽان محترم تاج جويي کي پهرين سيپٽمبر 2015ع تي احمد آباد انڊيا ۾ هڪ رهاڻ دوران هيٺيان ٽي نوان بيت مليا.
1ـ نائي نارائڻ سر، سانڍي منجھئين ساهه،
اوڏو آهي الله، ڪوٽيسر جي ڪنڊ تي.
2ـ ڪوٽيسر جي ڪنڊ تي رهيو آهي رام،
جنين سناسين سَمريو، اندر ٿيو آرام،
ڪروڌ ۽ ڪام، ويا وجودا نڪري.
3ـ ويا وجودان نڪري، ان کي واحد وڏائي،
ثابت ٻڌيو سندرو، منجھه ماڻن مٺائي،
انين کي آئي، لذت شاهه لطيف چئي.
(انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا، جلد ڏهون، ش 1، 2016ع، ص: 71، 72 .)
نارائڻ سر مندر ۾ لطيف سرڪار پنهنجن سچن سامين ۽ ساڌوئن، سنگتين سان ڪجهه وقت رهيو هو. پر پوءِ اتي هڪ ڪُپر ڏسي، گامو سچار ٿي اُتان جي ”مها گرو“ کي سچ چئي، وِرچائي وڌائين. ايئن نه سوچيائين ته پرائي مندر ۾ اڌارو رهيو پيو آهيان ۽ پنهنجي دال روٽي جو به خيال نه ڪيائين، چون ٿا ته نارائڻ سر مندر ۾ ان وقت رواج هوندو هو ته، جڏهن ڪو هندو پاپ ڪري پهچندو هو ته، مندر ڌڻي ان کي پويتر يا پاپن کان آجو ڪرڻ لاءِ سندس مٿي جا وار، ڀرون، ڏاڙهي ڪوڙائڻ ۽ نارائڻ سر ۾ سنان ڪرائڻ بعد مٿس ڪجھه پڙهي واڌائي ڏيندو هوس ته، تنهنجا پاپ ڌوئجي ويا. هاڻي تون هليو وڃ، جو تون پاپن کان پالهو ۽ پويتر آهين. ڀٽائي صاحب حق گوءِ ۽ وڏو سچارشخص هو، ان مندر جي اندر مهراج جي اها ڪُپر، کجت ۽ کيچل ڏسي سهي نه سگھيو ۽ سندس اندر جي قاضي ان ڪپت کي پسي، سچ چوڻ تي مجبور ڪيو ۽ هڪل ڪري انهن ياترين جي سامهون ٻائي ڏي نهاري هي بيت چيائين.
بِنا جنهن جي بڇڙي اصل کان ايهي،
تنهن کي سهسين سنان ڪرايئين پاڻي ۾ پيهي،
منڊو من ڪترايئين نارائڻ سر نيئي،
جي گڏهه گنگا ويئي، ته ڪو تيرٿ چئبو تنهن جو.
مندر جي ٻائي صاحب کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ته، هي ڪير ٿيندو آهي، جو منهنجي ڪمائي جو ذريعو بند ٿو ڪري۽ اسان جي چيلن کي ٿو کاري. تنهن اڃان ڪجھه شاهه جي خلاف قدم کڻڻ جو سوچيو ته، هن ملوڪ مڙد روحاني طاقت جي زور تي سندس اندر۾ جھاتي وجھي، هن جي ڪاوڙ ماٺي ڪرڻ لاءِ، مسلمانن لاءِ پڻ اهڙي مشابهت وارو بيت چئي، معراج کي مرڪائي ڇڏيو ۽ خود چيلا ۽ ياتري، شاهه جي اهڙي گفتي تي من مان مَٺيان ۽ گمان ڪڍي، سرها ٿي سندس سپت ۽ سچائي جا قائل ٿي ويا.
(حوالو: سرائي فقير امداد علي، ليکڪ، قدم ڪاپڙين جا، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سال 2003ع، ص:97، 98، 179.)

شاهه لطيف جو جيسلمير ڏانهن سفر، مختلف روايتون

جيسلمير جو شهر ٽن ٽڪرين جي وچ تي آهي. شهر جي وچ ۾ ”راجگڍ“ يعني راجا جو قلعو هو. جنهن کي نوانوي برج هئا. حڪومتي ڪاروبار انهيءَ قلعي اندر هلندو هو. قلعي جي اندر نهايت عمدو راج محل هو. هتي راجا کي ”راول“ سڏيندا هئا.
جيسلمير جو شهر جيسل نالي هڪ ڀٽي راجپوت سن 1156ع ۾ ٻڌايو ۽ اتي قلعو به جوڙايائين، پر پوءِ علاؤالدين بادشاهه جي لشڪر اهو قلعو ڊاهي سڄو شهر ساڙي ڇڏيو. انهيءَ اڳئين شهر جو ويرانو اڄ تائين هاڻوڪي جيسلمير جي شهر ۾ ظاهر بيٺو آهي. اهو اصلوڪو شهر، ٻه ٽي سال ويران پيو هو، پر پوءِ 1651ع ۾ سٻل سنگ نالي هڪ ڀٽي راجپوت پنهنجي وڏن جا وسايل پَٽ وسايا ۽ شهر جو اهو ئي اڳيون نالو قائم ڪيائين. هي اهو شهر آهي جتي شاهه لطيف گهمڻ لاءِ ويو هو. شاهه سائين جيسلمير جو ذڪر سر سارنگ ۽ سر معذوري ۾ ڪيو آهي.
شاهه سائين جا عقيدتمند جيسلمير ۾ رهندا هئا، هڪ دفعي شاهه لطيف جيسلمير ويو اتي رهائش دوران سندس ملاقات جيسلمير جي راجا ڀيم سنگهه سان ٿي. راجا ڀيم سنگهه شاهه لطيف کان تمام گهڻو متاثر ٿيو ۽ سندس معتقد بڻجي ويو ۽ انهي راجا شاهه لطيف جي وفات کان پوءِ، درگاهه ڀٽ شاهه جي لاءِ نغارن جي جوڙي ۽ نغارا وڄائيندڙ موڪليا هئا. درگاهه ڀٽ شاهه تي اڄ به انهي خاندان وارا نغارا وڄائن ٿا. (هڪ روايت مطابق نغارن جون ٻه جوڙيون ڏنيون.)
ڪتاب، لطائف لطيفي، مير عبدالحسين سانگي، احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي، مرزا قليچ بيگ. لطف الطيف، مولانا دين محمد جي احوالن مطابق، هڪ دفعي شاهه صاحب جيسلمير علائقي ۾ پيرين پيادو پنڌ ڪندي ڪن فقيرن سميت هڪ جاءِ ٿي اچي وٿاڻ ڪيائون. ڀر واري ڳوٺڙي ۾ سندن ڪو معتقد رهندو هو، تنهن اچي شاهه صاحب جي دعوت ڪئي ۽ عرض ڪيو ته منهنجي گھر ۾ هلي پير گھمايو. شاهه صاحب ٻن چئن فقيرن سان گڏجي فقير جي گھر ۾ تشريف فرما ٿيو. هن فقير شاهه صاحب جي ڏاڍيءَ محبت سان مرحبا ڪئي. مگر گھر ۾ اها پائي ڪونه هئس جو کڻي کاڌي لاءِ ڪجهه تيار ڪرائي.آخر پنهنجي زال سان حال پر ملال بيان ڪيائين، يعني ته مرشد کي ته وٺي آيو آهيان، پر گھر ۾ ته ڀينگ لڳي پيئي آهي. هو به رات جو وڳڙو ۽ تازو مينهن به وٺو هو، هاڻي وڃن سو وڃن ڪاڏي. فقير کي سندس زال چيو ته ڳوٺ جو هٽ واڻيو منهنجي لاءِ مرندوآهي. سو جيڪڏهن آئون وٽس مهمان منهن هلي ڪجھه گھرنديس ته ڪنهن به شيءِ ڏيڻ کان ناڪار نه ڪندو. برسات جي گپ چڪ ڪري زال کي ڪلهي تي کڻي آڻي، هندو جي هٽ تي لاٿائين. واڻيو هن مائي کي ڏسي وائڙو ٿي ويو. چوڻ لڳو ته تون ڪمهلي ڪيئن ڪهي آئي آهين؟ خير ته آهي؟ اڳ ته مون ڏي اک کڻي به ڪونه نهاريندي هئينءَ ! مائيءَ سمورو قصو ڪري ٻڌايس ته مون وٽ منهنجي مڙس جو مرشد آيل آهي، گھر ۾ ڪجھه به نه آهي، تنهنڪري تو وٽ وٺي آيو اٿم. هاڻي جيئن تنهنجي دل گھري تيئن ڪري سگھين ٿو! جڏهن هندوءَ اهو سمورو معاملو معلوم ڪيو ته ڏاڍي اچرج ۾ پئجي ويو. مائي جي مٿي تي چمي ڏيئي چيائين ته اڳتي تون منهنجي ماتا مثل آهين، تنهنجي جيڪا سچائي پنهنجي مرشد ۽ پنهنجي ڀتار سان آهي. مون کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ بس آهي، پوءِ ته جو ڪجھه گھربو هُئن، سو هنن جي حوالي ڪري کين روانو ڪيائين. جڏهن ڀٽائي صاحب کي انهيءَ واقعي کان واقفيت ٿي تڏهن پاڻ فرمايائون ته:
تني جيسر ميرياڻن جس، جي لله ڪارڻ لنڊيون،
لالائي کان لطيف چئي ڪانه لڳندين ڪس،
هُت به رهايئون رس، هِت به گڏيون هوت کي.
مٿيون جيسلمير وارو واقعو ڪتاب ميين شاهه عنات جو ڪلام، سنڌي ادبي بورڊ، سال 2010ع، ص: 42، 43 تي شاهه عنات رضوي ڏانهن منسوب ڪيو ويو آهي ۽ بيت هن طرح لکيل آهي.
جي لله ڪارڻ لنڊيون، تن جيسلميراڻين جس،
اني کي عنات چئي، ڪون لڳو هو ڪس،
هِت رهايائون رس، هُت به گڏيون هوت کي.
مشهور موسيقار ۽ گائڪ استاد امير علي خان لکي ٿو ته، آنٽل ۽ چانچل جو تعلق ليکڪن گواليار سان ڄاڻايو آهي. شاهه لطيف جي ڪلام جا ماهر استاد آنٽل ۽ چانچل هندستان جي پنجاب صوبي جي شهر گواليار جا نه پر ضلعي جيسلمير جي ڳوٺ ريڏاڻي جا رهواسي هئا، اهي ٻئي ڀائر هئا ۽ ذات جا جيڻا مڱڻهار هئا. ان ڪري انهن جا نالا به ٿري نالن وانگر هئا. اصل ۾ هڪ جو نالو آنٽڙيو ۽ ٻئي جو نالو چانچڙيو هو. آنٽڙيو انهيءَ ڪري چيو ويو جو هو ٿورو منڊڪائي هلندو هو ۽ ٻئي جو نالو چانچڙيو انهيءَ ڪري پيو جو اهو طبيعت ۾ شوخ مزاج هوندو هو. هي ٻئي شاهه سائينءَ جي حاضري ڏيڻ لاءِ ضلعي جيسلمير کان شاهه لطيف جي ڀٽ تي ايندا رهندا هئا. هڪ دفعي جيسلمير جي خوبصورت سوکڙي جُتي (جنهن کي ٿري زبان ۾ چانڪڙي چئبو آهي.) کڻي آيا. جڏهن اها سوکڙي شاهه سائينءَ کي ڏنائون ته لطيف سرڪار فرمايو.
جُتي جيسلميران آندي استادن.
حوالو: امير علي خان استاد، سر، شاهه، سمنڊ، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، 2007ع، ص-69، 70.

مائي نماڻي اوڍياڻي شڪارڻ بابت مختلف روايتون

شاهه سائينءَ جي دور ۾ گنگا جتڻ، مائي بوئا وساڻ، صالحان تنياڻي، فاطمه ڪماري، بيبي لعل، مائي ڄامل (ڄامان)، مائي گلان حجامڻ، ۽ مائي نماڻي ٿريرياڻي جهڙا ڪردار مشهور هئا. ڪتاب، ڀٽائيءَ جا پنڌ ۽ پيچرا، جي صفحي 139 ۽ 141 تي سانگھڙ شهر کان ڇهه ست ڪلوميٽر اولهه طرف، سنجھوري روڊ تي اتر طرف نڪرندڙ ڳوٺ گل شير وساڻ واري ٻن ڪلوميٽرن واري روڊ جي ڇيڙي تي جريب کن ۾ بيٺل گھاٽن کبڙن ۽ پراڻن ڪنڊن جي وچ ۾ رنگين ڪپڙن سان ڍڪيل هڪ قبر ٺهيل آهي. جيڪا مائي اوڍياڻيءَ جي قبر يا ان جو تڪيو سڏبو آهي. مائي اوڍياڻي متعلق ملندڙ مختلف روايتن مطابق مائي ”شڪاري“ ذات سان تعلق رکندڙ هئي. شڪاري جيئن ته مختلف جانورن کي مختلف طريقن ۽ ڪُتن سان شڪار ڪري گذر سفر ڪندا هئا. ان ڪري هي جهنگ وارو علائقو سندن لاءِ ڏاڍو زرخيز هو. هڪ ڀيري مائي اوڍياڻيءَ گرمي جي موسم ۾ خير خيرات وٺيو واپس ديري تي پئي آئي ته ننڍڙن گلرن کي رڙيون (چُوڪٽ) ڪندي ڏسي ٻڌي کيس انهن تي ڏاڍو قياس آيو. هن گلرن کي پاڻي پيارڻ چاهيو پر ڀرسان ڪو ٿانو نه هو. مائي جهنگ ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهاري، ڪي چون ٿا ته ٻڪ ۾ ۽ اڪثريت چوي ٿي ته ٽنگن جي وچ ۾ (چڏن ۾) پاڻي رکي (جيئن پاڻي هيٺ نه ڪري ۽ گلر آساني سان پاڻي پي/لڪي سگهن)، گلرن کي پاڻي پياريائين. قدرت اهو سڄو عمل ڏاڍيءَ دلچسپيءَ سان پئي ڏٺو. مائيءَ جي اها ادا ڌڻي در ايتري ته پسند ڪئي وئي جو هو رنگيءَ جي رنگ ۾ رنگجي وئي. هاڻ اوڍياڻي شڪارڻ، اڳوڻي ”اوڍياڻي“ نه رهي هئي بلڪه دعا پٽ واري ”مائي اوڍياڻي“ بنجي چڪي هئي. هڪ ڀيري شاهه صاحب جن جو اتان گذر ٿيو. ڀٽائيءَ کي جهنگ ۾ هلندي، هڪ ڪنڊيءَ جي بُنڊي جي کُت پير ۾ لڳي. ڀٽائيءَ کان بي اختيار نڪري ويو ته ”باهه لڳئي“ کُت کي باهه لڳي وئي، پاڻ اڳتي وڌي ويا. اڳتي هڪ ڪتي ڀونڪي. پاڻ ڪتيءَ کي چيائون ته ”هل نڌڻڪي“. مائيءَ اهو لقاءَ پئي ڏٺو ۽ ٻڌو. هن شاهه صاحب کي چيو ته ڪتي ڌڻڪي آهي. بنڊيءَ وانگي نڌڻڪي ڪونهي جو ان کي باهه لڳي. ڀٽائيءَ ڏٺو ته مار ! ڳالهه ڳري آهي، ماڻهو اڃان پيا آهن. مائيءَ ڀٽائيءَ کي ماني کائڻ جي دعوت ڏني، جيڪا ڀٽائيءَ قبول ڪئي. مائي هئي شڪارڻ سو هن ڀٽائيءَ جي سامهون ”گلويون“ ديڳڙي ۾ وجهي، رڌي آڻي اڳيان رکيون. شاهه صاحب اکين سان پئي ڏٺو سو دل جهلي نه سگهيا ۽ چيائون ته ”هينئر بک ڪانهي، ماني ٻڌي ڏي، اڳتي وڃي کائيندس“. مائيءَ کين ماني ڪپڙي ۾ ٻڌي ڏني. شاهه صاحب جن اتان اٿي روانا ٿيا. ٿورو اڳتي وڃي پاڻ اها ماني هڪ سڪل وڻ جي بُنڊ جي پاڙ ۾ هاري ڪپڙو ڇنڊي اڳتي وڌي ويا. گهر پهچي ڪن روايتن مطابق ته پاڻ اهو ڪپڙو هڪ نوڪر کي ۽ وڌيڪ روايتن مطابق هڪ نوڪرياڻيءَ يا ٻانهيءَ کي داغ ڌوئڻ لاءِ ڏنائون. ڪپڙو ته ڌوپجي ويو ڀاڄيءَ جي سڻڀ وارو داغ نه لٿو، سو نوڪر / ٻانهيءَ داغ ختم ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، ڪپڙي واري داغ کي چوسيو. جڏهن نوڪر ڪپڙو ڌوئي واپس پئي آيو ته سندس پير زمين تي نه ٿي لڳا ۽ هو زمين کان مٿان مٿان هلندي پئي آيو. ڪن روايتن مطابق ٻانهيءَ پاڻ زمين کان مٿي هلندي پئي آئي. شاهه صاحب اها ماجرا ڏسي سبب پڇيو ته کين جواب مليو ته ”ٻيو ته ڪو اهڙو عمل ڪونه ڪيو اٿئون! ها باقي ڪپڙو چوسي صاف ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي هئي سون“. شاهه صاحب ڳالهه جي تهه تي پهچي ويا. واپس ساڳئي رستي کان ٿيندا مائي اوڍياڻيءَ جا مهمان وڃي ٿيا. رستي ۾ ان سڪل وڻ کي ڏٺائون جنهن تي ٻوڙ هاريو هئائون. ڏسن ته وڻ سائو ستابو ٿيو بيٺو هو کين اڃا به وڌيڪ پڪ ٿي. پاڻ وڃي مائيءَ کي ماني لاءِ چيائون ته مائي وراڻيو ”هاڻ دير ٿي وئي آهي“. شاهه صاحب جي اتي موجودگيءَ دوران ڳالهه حج جي/ڪعبت الله جي زيارت جي نڪتي ته مختلف روايتن مطابق مائي ڀٽائيءَ کي اکيون بند ڪري پنهنجن پيرن تي پير رکي بيهڻ ۽ هٿ هٿ ۾ ڏيڻ جو چيو. ٿوريءَ دير ۾ ٻئي ڄڻا وڃي ڀلي پار پهتا. اتي پهچي مائيءَ هٿ سان ڪو اشارو ڪيو. زيارت ڪري موٽڻ مهل شاهه صاحب مائيءَ کان پڇيو ته هٿ سان تو ڪهڙو ۽ ڪنهن کي اشارو ڪيو هو. مائيءَ چيو ته ڳوٺ ۾ لوڏ ۾ ستل ڇڏي آيل ٻار رنو پئي، سو ان کي لوڏو ٿي ڏنم. ان کان پوءِ راوي خاموش آهن. پر اها ڳالهه ثابت آهي ته ان رنگيءَ جي رنگ ۾ رنڱيل شڪارڻ عورت ڏانهن ٻين ڪيترن ئي الله لوڪن سان گڏ شاهه صاحب به پنڌ پئي ڪيا. هزارن لکن کي متاثر ڪندڙ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن پاڻ هن غريب مسڪين مائيءَ جي ڏات کان متاثر ٿيڻ کانسواءِ رهي نه سگهيا. پر هڪ ڳالهه جيڪا تاريخ جي طالبِ علمن کان طلب ٿي ڪجي سا اها آهي ته شاهه عبداللطيف جن گهڻو ڪري جتي به ويا آهن يا ڪنهن ماڻهو يا واقعي کان متاثر ٿيا آهن ته ان جو ذڪر پنهنجي شاعري ۾ ضرور ڪيو اٿن، پر هن مائيءَ جي حوالي سان ”پيسو ڳوٺ“ ۾ رهندڙ هڪ سؤ سالن کان مٿي ڄمار جي، حر تحريڪ جي غازي بلاول خاصخيلي، گل شير وساڻ ۾ رهندڙ رمضان وساڻ ۽ مير محمد شاهه کان ويندي ٻيا ڪيترائي ڄاڻو ماڻهو خاموش آهن. جيڪڏهن ڪنهن لطيف جي پارکوءَ کي انهيءَ سلسلي جو يا مائي اوڍياڻي شڪارڻ واري واقعي ڏانهن اشارو ڪندڙ ڪو شعر ذهن ۾ هجي ته اهو ظاهر ڪري ته ڳالهه اڃا به وڌيڪ سولي ٿي پوندي. باقي رهيون مٿي ذڪر ڪيل ۽ ملندڙ روايتون ته انهن ۾ عقيدت، محبت ۽ ماڻهن جي سوچ کي سولائيءَ سان ڏسي، سمجهي ۽ محسوس ڪري سگهجي ٿو. (حوالو: ڪتاب، ڀٽائيءَ جا پنڌ ۽ پيچرا، ص، 141، 142، 143).
اڻ ڇپيل ڪتاب ”تاريخ قديم هالا“ جي لکت موجب مائي ٿورياڻي ڪرامت واري ۽ اهل الله ٿي گذري آهي. هيءَ مرحومه اصل ٿر جي هئي ۽ شاهه ڀٽائي جي وقت جي هئي. ڪن راوين جو چوڻ آهي ته، هالن پراڻن جو هڪ ماڻهو شادي ڪري آيو. جنهن ڪري مائي ٿورياڻي ان ماڻهو سان شادي بعد سندس رهڻ هالن پراڻن ۾ ٿيو. ۽ اتيئي وفات ڪيائين. سندس تربت شاهه ديانه جي مقام ۾ آهي. هڪ دفعي شاهه صاحب انهي محترمه جو مهمان ٿيو. شاهه صاحب جي مهماني لاءِ مائي صاحبه ڪرامت ذريعي مڇي گهرائي. پر اها شاهه کي ڳوهه نظر آئي، سو شاهه صاحب اها نه کاڌي، پر ڪنهن جاءِ تي اڇلائي ڇڏي. پر اتي سائو وڻ اڀري آيو. جنهن گنديءَ ۾ اها مڇي هئي سا رتجي ويئي. تنهن ڪري اها شاهه صاحب پنهنجي نوڪرياڻي کي ڏني. نوڪرياڻي جڏهن ان رت کي چوسيو ته اڏامڻ لڳي. تنهن تي شاهه صاحب ان جو سبب پڇيو. نوڪرياڻي ٻڌايس ته، ان گندي ۾ لڳل رت کي چوسڻ سان ائين ٿيو. چون ٿا ته شاهه صاحب واپس وريو ته، ان مڇي کي وري حاصل ڪريان. پر جتي اها مڇي اڇلائي وئي اتي سائو وڻ بيٺل هو.
مائي ٿورياڻي جي وفات کان پوءِ سندس تربت ڏٺي وئي آهي ته، پاسيري ڪنڊائتي آهي. ڪافي ڀيرا سندس تربت اتر ۽ ڏکڻ طرف ٺهرائي وئي آهي. ته ٻئي ڏينهن پاسيري ۽ ڪنڊائتي ٿي ويندي آهي. جا اڄ تائين ان صورت سان آهي. (حوالو: مولوي محمود قريشي ۽ قاضي شوڪت علي ”تاريخ قديم هالا“ اڻ ڇپيل. ص: 188) مائي ٿورياڻي جي ڳالهه محمد حبيب سنائي پنهنجي مقالي ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي هالا ڪنڊي ۽ اتي رهندڙ سندس همعصر مشاهير“ ۾ آندي آهي.
ڪتاب، نت نت آهه نئون، ص: 168 تي لکيل آهي ته، ڪراچيءَ کان اولهه اتر ڪنڊ تي حب نديءَ جي ڪناري تي مائي جي مزار آهي. جتي چنڊ جي هر چوڏهين ملهائي ويندي آهي، هن لاءِ اهو مشهور آهي ته اها پوڙهي مائي آهي. جيڪا لطيف جي ٻوڙ ۾ خراب ٿيل چادر جو پلاند ڌوئي رهي هئي، سڻڀ وارو داغ نه لهڻ جي صورت ۾ پوڙهي ان کي چوس ڏئي سڻڀ ڪڍڻ جو جتن ڪيو ته کيس جواني ملي هئي. ان پسڻ ڪري ئي کيس ”مائي ڳاڙهي“ سڏيو ٿو وڃي.
شاهه صاحب ڪوٽڙي ڪبير (ضلعو نوشهرو فيروز) جي محله ابياڻيءَ جي ٻاليشاهڻ نالي نماڻي جي گلوين واري ڀاڄي نه کائي وڃايو. جنهن جي رفاقت ۾ شاهه صاحب خانه خدا ۾ فرض نماز ادا ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪئي هئي. جڏهن شاهه صاحب ان عورت جي مزيد منزلت جي اقدار کان واقف ٿيو ته وقت گذري چڪو هو، مائي فوت ٿي چڪي هئي. شاهه صاحب ان سان مزار تي مراقبو ڪري ملاقات ڪئي. ان گلوئين واري کاڄ جو ڍاڪون ڍڪيل جو ڍڪ، سچل سرمست لاهي پٽ پڌرو ڪيو آهي.
(ڪافي)
ٿلهه: شان سيد تنهنجو شاهنشاهي آهيان مون آهيڙياڻي.
1. ٻال جتيءَ کان ٻاليشاهڻ نالي ذات نماڻي،
شاهه چاڙهي آ شوق منجهارئون ڏوليءَ ۾ ڏڦيرياڻي.
2. گذران اسانجو آهي، گلويون ٿر ۾ ڄائي ٿريرياڻي،
ڇت ڇنوڙي چولو چيهڙايون مٿي تي پوتي پراڻي.
3. فذ ڪروني اذڪر ڪم پارس ڏانهن پڄاڻي،
اَنا احمد بِلا ميمي آ سچل ذات سڃاڻي.
ڪوٽڙي ڪبير جو شهر ان وقت وڏو وسندڙ ۽ آباد هو، ان جي وسعت ان شعر مان ظاهر پڌري آهي. مشرق کان وايائي يا حد مغرب ابياڻي. شمال روان درياه تاحد جنوب بِهلاڻي. ان ۾ هڪ سؤ مسجدون ۽ سؤ پڪا کوهه، هڪ سؤ پاڙا ۽ سؤ مدرسا هلندا هئا. اوڀر کان اولهه تائين شهر جي ڊيگهه ڏهاڪو کن ڪلوميٽر ٿيندي ۽ اتر کان ڏکڻ تائين شهر جي ويڪر اٺ ڪلوميٽر کن ٿيندي. (حوالو: ڪتاب سامي سفر هليا، ليکڪ، غوث محمد گوهر، ڇاپو پهريون 1997ع، ص، 173، 174).
غوث محمد گوهر جي ڪتاب مطابق اهو ثابت ٿئي ٿو ته مائي نماڻيءَ سان شاهه لطيف جي ملاقات ٿر واري سفر ۾ ٿي آهي ۽ مائي نماڻي جي قبر ڪوٽڙي ڪبير جي قبرستان ۾ آهي. اهڙي نموني ان عظيم عورت ۾ سچل سائين اعلى گڻ ڏسي سندس شان ۾ ڪافي چئي آهي ۽ ان ڪافيءَ ۾ به ٿر ڄائيءَ جوذڪر ڪيل آهي.
حضرت شاهه عبداللطيف هن جي منزلت نه سمجهي سگهيو اها ڳالهه عقل تسليم نه ٿو ڪري هن ڪردار تي اڃان وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.

مُلا ملان مه چَئه ! هن بيت بابت مختلف روايتون

ملا متقي پرهيزگار ۽ شريعت جا پائبند آهن، ٻار جي ڄم کان وٺي نڪاح تائين بهترين ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ مدرسن ۾ ديني تعليم جو درس عام ڪن ٿا. پر ڪجھه چهٻر ۽ پيٽو ملن کي حضرت بُلا شاهه، حضرت سچل سرمست ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ ۾ ننديو ۽ پٽيو آهي. ڪتاب، ڀٽائيءَ تي بهتان، ڇاپو 1998ع جي صفحي 42 ۽ 43 تي لکيل آهي ته، روايت موجب شاهه صاحب جڏهن نانيءَ واري آستان تان جوڳين کان جان ڇڏائي زمين ۾ ٽٻي هڻي اچي ڪوٽڙي مغل (يا نگر ٺٽي)مان نڪتو ته اتي هڪ وڻ هيٺ ويهي رهيو، پر جيئن ته شاهه جوڳين جي لباس ۾ هو تنهنڪري کيس ڪير به سڃاڻي نه سگھيو. هتي کيس هر روز پنج روپيه غيب مان ملندا هئا، جن کي پاڻ ڇهندو به ڪونه هو. هڪ مُلو جيڪو ڀرسان رهندو هو، سو اهي پئسا ڏهاڙي کڻي ويندو هو. هڪ ڏينهن هن کي هڪ ڪاسائي پئسا کڻندي ڏسي ورتو، سو ٻئي ڏينهن مُلي کان اڳي اچي اهي پئسا کڻي ويو. اهڙي طرح ٻه ٽي ڏينهن ائين ڪيائين. آخر مُلي بيزار ٿي شاهه کي چيو ته اي برهمڻ ! پئسا ڪيڏانهن ڪيئي؟ شاهه ڪوبه جواب ڪونه ڏنو. تنهن تي مُلي چيس ته تو وڏو ڏوھه ڪيو آهي. توکي ته مسلمان ڪرڻ گھرجي ! جڏهن مُلي تمام گھڻي بڪواس ۽ گار گند ڪئي تڏهن شاهه صاحب ڪَڪِ تي کيس پاراتو ڏنو ته:
مُلئين مٺي ماءُ، جنهن پتو ڦِٿو پيٽ ۾،
سڃاڻي الله، ٽٻي ڏنائين ڌوڙ ۾. (سر يمن ڪلياڻ)

مُلا مُلان مَ چئو، اهي آهيڙي آهين،
مرونءَ سندي ماهه تي، ٿا ماڻڪ مٽائين،
کنيون قرآن ڪڇ ۾، ٿا رليا رلائين،
انهن تي آهين، لعنتون لطيف چئي.
ٻي پڙهڻي: اهڙا ئي آهين لالچي لطيف چئي. (سر يمن ڪلياڻ)
مُلان ناهن مولا جا، آخوند سڀ انڌا،
لاهي ڇڏ لطيف چئي، کاڻين جا کنڌا،
هاديءَ تو هنڌا، پٽين پرايو ڪين ڪي.

مُلن جو مولا سان، ڪُڄاڙو لڳي،
رنجايئون رسول کي، الستؤن اڳي،
مُلن وڌو آ مچ ۾، گڏهه گابو گڏي،
تن لوٺين کان لڏي، لاڙو ڪر لطيف چئي.
ڪتاب: ڀٽائيءَ تي بهتان، محبوب علي سمون. شاهه جو گنج، الهداد جنجهي. شاهه جو گنج، محمد قاسم راهمون.
نواز ڪنڀر جي لکڻ موجب، شاهه لطيف جي دؤر ۾ کنڀري وارو مدرسو (دائرو) ڏيهه پرڏيهه ۾ مشهور ٿيو ته ان جي شهرت ڀٽائيءَ تائين پهتي. روايت مطابق ڀٽائي صاحب ميان عبدالباقيءَ جي ڪرامتن مان متاثر ٿي کنڀري ايندا رهندا هئا. هڪ ڀيري ميان (طيب) طبيب جن جي وقت ۾ ڀٽائي صاحب ويس بدلائي، لُنگ ٻڌي تِلڪ لڳائي، ظهر نماز کان ڪجهه اڳ، مسجد ۾ سيپارا مٿي هيٺيان ڏئي اولهه طرف پير ڪري سمهي رهيا. جڏهن مدرسي جي استادن، شاگردن کي ٻپهري نماز جي تياري جو حڪم ڏنو ته مسجد ۾ ته ڪم ئي ٻيو لڳو پيو هو! ڇوڪرن کي به لڳو رونشو. ڀٽائيءَ به ڪو هجي صفا آخري آزمائش جي خيال ۾ سو جڏهن ڇوڪرن جي چوڻ تي شاهه صاحب جن مسجد مان ٻاهر نه آيا ته ڇوڪرن ”ماسترن“ پاران سيکاريل ۽ آزمايل طريقو ٽنگا ٽولي ڪري ڀٽائيءَ صاحب جن کي مسجد کان ٻاهر ڇڏي آيا. ڀٽائيءَ سرڪار جو اهو ويس ۽ اهي ڳالهيون هيون راز، رمز ۽ معرفت جون جن کي نه شاگرد سمجهيا نه ئي استاد سمجهي سگهيا. روايتن مطابق سيپارن لاءِ ڀٽائي جو چوڻ هو ته ”جي ڪتاب مٿان ڪتاب رکيو ته ڇا ٿيو!“ کنڀري ۾ ڀٽائيءَ صاحب جي اچڻ جي حوالي سان چيو وڃي ٿو ته هو ٿر جي سفر دوران هٿونگي کان ويهه پنجويهه ڪلوميٽر اتر طرف کان جوڻيجن ۽ راڄڙن جي ”تڙ هاٿو“ يوسي جڻهار کان ٿيندي. اڇڙي ٿر ۾ ڊرينهه جو اوريون پاسو ڏئي ”ساميءَ واري مڙهي“ وٽان ٿيندو هتي آيو. ٿاريلن لاءِ چيل سندس هي بيت انهيءَ سفر جو ئي چيل ٻڌائجي ٿو:
ڏوري ڏوري ڏيهه، ڏٺم ٿاريلن جو ٿر،
نڪي ڏندڻ ڏين ڏندن کي، نڪي منهن تان لاهين مَر،
والي هيڏو وڙ، هنن ڪِنن تي ڪيئن ڪيو.
(خبر ناهي ته هي بيت ڀٽائيءَ سرڪار جو آهي يا ڪنهن ٻئي شاعر جو، ماڻهو هن بيت کي ڀٽائيءَ سان منسوب ڪري پڙهن ٿا).
ڪن روايتن مطابق ڀٽائيءَ سرڪار هنگلاج مان ٽٻي ڏئي ٺٽي مان نڪرڻ بعد گهمندي ڦرندي هتان اچي نڪتا هئا، ان ڪري ئي کين هتي اچڻ وقت لانگوٽو به ٻڌل هو ته تلڪ به لڳل هئي. ڪن روايتن ۾ کنڀري ۾ ته ڪن روايتن مطابق ”تجل واري مسجد“ ۾ ڪتو به اچي ٻڌو هئائون. جنهن کي به اتي وارا سالڪ سڃاڻي نه سگهيا هئا پر جن سڃاتو انهن چيو ته ڀٽائيءَ هي ڪتو نه پر ”نفس“ ٻڌو آهي. اهي به روايتون آهن ته ڀٽائيءَ هتي اڳ ۾ به ايندو ويندو هو ۽ ڪافي عرصو هتي عبادت ۾ به گذاريو هئائين. پر راڄڙ مٿس ڪن سببن جي ڪري ڪن ماڻهن جي بقول ته ميئين صاحب سان ڀٽائيءَ سرڪار جي ويجهڙائپ راڄڙن کي نٿي وڻي. ان جي ڪري مٿس ناراض ٿي پيا ۽ انهن کٻڙن کي باهه به ڏئي ڇڏي هئائون پر ڀٽائيءَ اتان صحيح سلامت نڪري آيا هئا. کنڀري ۾ شاهه صاحب اڪثر ڪري موجوده مسجد جي محراب واري جاءِ ڀرسان رهندا هئا. چون ٿا ته هتي جي ماڻهن شاهه صاحب جن تي ڪتا به بڇيا هئا جن لاءِ ڀٽائيءَ سرڪار چيو هو ته:
نڪي آهيون چُوهڙا، نڪي آهيون چور،
هاگاما ۽ هور، ڪُتا ڪرين ڪَڻ تي. (الهداد جنجهي، شاهه جو گنج، سُر معذور).
نَه ڪِين آهيون چُوهڙا، نه ڪي آهيون چور،
هنگامان ۽ هور، ڪُتا! ڪريين ڪَن تي؟
(غلام محمد شاهواڻي، شاهه جو رسالو، سُر معذوري، داستان: 1).
مسجد جي ڏکڻ اولهه ڪنڊ تي ملان ڪاتيار وارن مرشدن مان سائين اسحاق جو تڪيو، کٻڙن جي جهڳٽي جي صورت ۾ اڄ به موجود آهي. چون ٿا ته ”ملان مرئي ماءُ، پتو ڦاٽئي پيٽ ۾“ وارا بيت انهيءَ واقعي بعد هتي جا چيل آهن ته هيٺيان بيت به ڀٽائيءَ هتي ئي چيا هئا.
پڙهن تسبيحون پاپ جون، اٿيو رات اسور،
ڏهرجن کان ڏور، رهه ته راحت ٿئي.

مُلان ملان مَ چئو، آخوند سڀ انڌا،
لاهي ڇڏ لطيف چئي، کاڻيل جا کَنڌا،
سَڙي سڀ سَنڌا، ويا طَمعَ ۾ تَن جا.

مُلان ملان مَ چو، هي آهيڙي آهين،
مِرونَ سندي ماهه تي، ٿا ماڻڪ مَٽائين،
اهڙا ئي آهين، لَعنتي لطيف چئي.
انهيءَ واقعي بعد شاهه عبداللطيف ڀٽائي هتان ناراض ٿي وڃڻ بعد کنڀڙو ڦٽي ويو ماڻهون هتان لڏي ويا. ڀٽائيءَ جي وفات بعد حاجي بشام بروهي (جنهن جي مزار سنڌڙي لڳ آهي.) جيڪو هتي ايندو ويندو هو سو 1930ع ڌاري هتان جي عام ماڻهن توڙي حافظن سان گڏ اٺ کان يارنهن راتيون شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي درگاهه تي جاڳڻ ۽ چِلو ڪڍڻ بعد، ڀٽائيءَ پاران ناراضگي ختم ٿيڻ جو اشارو مليس ته واپس وريو ۽ پوءِ کنڀرو ٻيهر آباد ٿيو.
شاهه لطيف جو ڳوٺ کنڀري مان آخوندن، ڏهرجن، راڄڙن، مُلن وٽان ڀيرو ڪري ڳاهن وٽان لگهندي، سرن واري لڳ ميان تاج محمد جي ڳوٺ پهتا. سرن واري اها جاءِ هن وقت ”ڳوٺ مخدوم ميان ولي محمد“ سڏجي ٿي. هي ڳوٺ تعلقي سانگهڙ جي ديهه سرن واري، تپو ساريجي ۽ يوسي چوٽياري ۾ واقع آهي.
روايتن مطابق هتي به شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ ساڳي لُنگيءَ ۽ تِلڪ واري لباس ۾ ظهر جي نماز وقت جُتيءَ سوڌو مسجد جي محراب ۾ الهندي پير ۽ سيپارا سيراندي ڪري سمهي رهيا. ان وقت شاگردن نماز جي تياري پئي ڪئي. اها خبر جڏهن ڪشف جي مالڪ ۽ الله جي پياري وليءَ ميان تاج محمد جن کي ملي ته هو سڄي ڳالهه سمجهي ويا ۽ ماڻهن کي ماٺ رهڻ جو حڪم ڏيندي، وڃي ڀٽائي صاحب سان مليا. ميان صاحب سلام ورايو ته ڀٽائي جواب نه ڏنو، تنهن تي ميان ولي محمد/ميان تاج محمد چيو ته:
ڪوڙو تون ڪفر سين، ڪافر مَ ڪوٺاءِ،
هندو هڏ نه آهين، جڻيو تو نه جُڳاءِ،
تلڪ تنين کي لاءِ، سچا جي شرڪ سين.
جنهن جي جواب ۾ ڀٽائي وراڻيو: مونا طور سينا، سندا سناسين.
پوءِ شاهه صاحب وعليڪم اسلام چئي کين مليو، وٽن رات رهيو ۽ ڪچهري ڪيائون. ڀٽائِيءَ ميان صاحب کي پاڻ سان کنڀري ۾ ٿيل وارتا ٻڌائي، جنهن تي ميان صاحب چيو ته ”سائين هن لباس ۾ توهان کي ڪير سڃاڻيندو؟“ چون ٿا ته پوءِ ڀٽائي صاحب وهنجي سهنجي لباس مٽايو ۽ ننگر پاڻي ڪيو. ان بعد جڏهن مئين صاحب پنهنجن مريدن جو وزن به کين کڻڻ جو چوندي ڀٽائي کي پنهنجو مرشد ٿيڻ ۽ کين مريد ڪري ذڪر ڏيڻ لاءِ عرض ڪيو ته ڀٽائي صاحب فرمايو: ”توهان جي منزل مون کان مٿي آهي“. توهان ”روضي ڌڻيءَ جا مريد ٿيو جن جو ظهور ٿي چڪو آهي“ روضي ڌڻيءَ جن جون نشانيون ٻڌائيندي ڀٽائيءَ چيو ته هو گابا چاريندو هوندو ۽ وڻ جي ڇانوَ اُن تي ئي هوندي. هو ڀل ڪهڙي به پاسي بيٺل هجي. جڏهن ميان تاج محمد روضي ڌڻيءَ جن کي ڀٽائي صاحب جن جي ٻڌايل نشانين مطابق سڃاڻي، کين مرشد ٿيڻ لاءِ عرض ڪيو ته، روضي ڌڻيءَ جن پهرين ته کين ٽارڻ جي ڪندي چيائون ته: ”توهان ڪٿي اسان جي چرئي مائٽ جي چوڻ تي ڪونه لڳا آهيو“؟. ميان صاحب کانسواءِ سرن واريءَ ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن ۽ ذاتين وارا سندن مريدن به روضي ڌڻيءَ جا مريد ٿي ويا.
شاهه لطيف ٿر ۾ ڪپرين وٽ آيا جن جي باري ۾ روايت مشهور آهي ته اهي سندن جُتي چورائي ويا. ان واقعي جي حوالي سان ڀٽائيءَ سرڪار سان منسوب هي بيت ملي ٿو.
ڪپري ۽ ڪانو، اکر ٻئي هيڪڙي،
هڪ چوري کان نه رهي، ٻيو وڃائي ٿانو،
ڪپري ۽ ڪانو، ڏاڏا ڪڍج ڏيهه مان.
حوالو: نواز ڪنڀر، ڀٽائيءَ جا پنڌ ۽ پيچرا، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، ڇاپو پهريون، ڊسمبر 2014ع، ص: 96، 97، 98، 101، 104، 105، 106، 107، 129، 130.

شاهه لطيف جي ڪورين سان ڪچهريءَ بابت مختلف روايتون

دنيا ۾ سڀ کان اول ڪپهه جي پوک سنڌ ۾ ٿي ۽ ڪپهه مان پهريون ڀيرو ڪپڙو موهن جو دڙي وارن ماڻهن ٺاهيو. شاهه لطيف جي دور ۾ سرنديءَ وارا يعني امير ماڻهو پٽولا، بخمل، بافتو، ارم، عنبير، ململ، پٽ وغيره پائيندا هئا. ۽ گھٽ آمدنيءَ وارا ماڻهو لوئي، کٿو، کيس، کهنبو، ڇريل ٻانڌڻي وغيره استعمال ڪندا هئا.
1696ع ۾ برسات نه پوڻ جي ڪري ٺٽي ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ اسي هزار ماڻهو پليگ سبب مري ويا، اهي سوٽي ۽ پٽ جي ڪپڙي جا ڪوري هئا. ٺٽي کان سواءِ نصرپور ۽ سيوهڻ ۾ اٽڪل ست هزار ڪورين جا ڪٽنب ڪپڙي جي ڪاروبار ۾ مشغول هئا. اهي ٽئي شهر ڪپڙي جي صنعت ۾ مرڪزي حيثيت رکندا هئا. ان کان علاوه ڪنڊيارو (قبل مسيح ۾ نالو ناگراما پوءِ مغلن جي دؤر ۾ پتوئي پور) درٻيلو (ڊڀرو) بکر، روهڙي (لوهري) گمبٽ، بوبڪ ۽ سن شهر ۾ پڻ چڱي تعداد ۾ ڪپڙو تيار ٿيندو هو، مجموعي طرح سنڌ ۾ ڪپڙي جي صنعت ۾ اٽڪل هڪ لک پورهيت ڪم ڪندا هئا. اهو ڪپڙو پرڏيهي واپاري اچي خريد ڪندا هئا. ڀٽائي سرڪار سنڌ جو چپو چپو گهمي ڪورين جي ڪرت کان تمام گھڻو متاثر ٿيو. انهن جي پورهيي جو قدر ڪندي کين سر ڪاپائتي ۾ ياد ڪيائين. (حوالو، ڀٽ جو شاهه)
عاصي عبدالواحد هڪڙو پنهنجي مقالي ۾ لکي ٿو ته، شاهه صاحب جڏهن نصرپور ويو ته اتان جي بزرگن کان علاوه اتان جي ڪورين، کٽين، لوهارن ۽ ڪنڀارن سان به ويجھو واسطو ٿيس. نصرپور جو عنات ڪوري ۽ سندس ڀاءُ دوسو، جن مان عنات ڪوري هڪ پهتل ۽ صاحب ڪرامت شخص هو، انهن سان ڀٽائي صاحب جي تمام گھڻي دوستي هئي. وٽن ڀٽائي صاحب هڪ ٻن پهرن جو آيو، ڪوري پنهنجي ڪرت ۾ ئي قابو هئا. ڀٽائي صاحب عنات ڪوري جي آزمودي وٺڻ لاءِ کيس چيو ته ”عنات اسين اڄ پلو کائينداسين.“ اها موسم اهڙي هئي جو پلو ملڻ مشڪل هو، عنات ڪوريءَ ڇا ڪيو جو ڪپڙي اڻڻ وقت جنهن کڏ ۾ پير وجھي ويهندا آهن، ان ۾ هٿ وجھي ٻه تازا پلا ڪڍي سندس ڇوڪر کي ڏنا جن مان پاڻي پئي ٽميو، لطيف سائين ان موقعي تي چيو ته،
نئون نياپو آيو راڻي ملان رات،
لڌي سون لطيف چئي ڏاتر وٽان ڏات،
ڪانه پڇي ذات، جي آيا سي اگهيا.
ڪورين اهي پلا رڌائي شاهه صاحب ۽ سندس فقيرن کي ماني کارائي. شاهه صاحب انهن ڪورين جي آڏاڻن ڪم ڪار، ڪپڙي ڳنڍڻ ڇنڻ جون ڳالهيون پنهنجي رسالي جي سر ڪاپاتيءَ ۾ ڪيون آهن. انهي عنات ڪوري ۽ دوسو ڪوري جي پيچ ڀٽائي صاحب کي اهڙو ته قابو ڪيو جو پاڻ انهن ڪورين وٽ پيو ايندو ويندو هئو، ساڻن حال احوال اوريندو هئو. هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته شاهه صاحب جو ڪيترن ئي ڏينهن تائين نصرپور ۾ اچڻ ڪونه ٿيو، انهيءَ ڪري ڀٽائي صاحب ڏي عنايت ڪوري چوائي موڪليو ته ”سائين پنهنجا ڀلارا قدم اسان جي آستاني تان گھمائي وڃو“. ڀٽائي صاحب اهو پيغام ٻڌي ڪورين ڏانهن هلڻ جي تياري ڪئي، فقيرن شاهه صاحب کان پڇيو ته سائين ڪهڙي پاسي پيا هلو، شاهه صاحب کين ورندي ڏني ته:
هلو هلون ڪورئين نازڪ جن جو نيهن،
ڳنڍن سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا.
انهيءَ عنات ڪوري سان ڪن پنهنجي مائٽن جي اڻبڻت ٿي پئي جنهن سڄي حقيقت ڀٽائي صاحب کي بيان ڪري ٻڌائي. ڀٽائي صاحب کين هيئن فرمايو:
هو ڇنن تون م ڇن، پاءِ اميري ان سين
هوءَ جي ڏينئي مهڻا، سي جھولي پائي ڳن
پٺي لڳي پن، ان سونهاري سڱ کي.
(قربان علي ميمڻ، مرتب، فڪرِ لطيف، سال اپريل 1986ع، ص: 63)
روايتن مطابق شاهه سائين جڏهن کنڀري آيو هو ته اتي ڪورين کي ڪپڙو اڻندي ۽ سٽ ڪتيندي ڏسي هيٺيان شعر چيا هئا. انهن ڪورين جو اولاد اڄ به کنڀري ۾ آباد آهي. پر انهن ڪورڪو ڪم ڇڏي ڏنو آهي.
هلو هلو ڪورئين جتي نازڪ نيهن،
ڳنڍين سارو ڏينهن ڇنڻ مور نه سکيا.

هلو هلو ڪورئين جتي نيهن اڇل،
نڪا جھل نه پل، هر ڪا پسي پرينءَ کي.
(حوالو، نواز ڪنڀر، ڪتاب، ڀٽائيءَ جا پنڌ ۽ پيچرا، 2014ع، ص 130)
شاهه لطيف جي دور ۾ سنڌ جو سوسي ڪپڙو مشهور هو. شاهه لطيف جڏهن روهڙيءَ (لوهري) ۾ آيو ته ان وقت روهڙيءَ ۾ ڪپڙي اڻڻ وارن جو هڪ علحده محلو قائم ٿيو. سنڌ ۾ سوسيءَ کي ”ڪورڪي“ به چيو ويندو آهي، ان ڪري روهڙي جي ماڻهن ”سوسي گرن“ محلي کي ڪورين جو محلو سڏيو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي کين عزت ۽ محبت وارن لفظن ۾ ياد ڪندي فرمائي ٿو ته:
هلو هلو ڪورئين نازڪ جن جو نينهن،
ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا.
روهڙيءَ جي ”امام بارگاهه سيد سجاد“ سان لڳو لڳ سر اوڀر ۾ تاريخي ”ڍنگرن واري مسجد“ آهي جنهن ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو صحبتي ۽ دوست شهمير فقير ۽ سندس ٻالڪو دفن ٿيل آهي.
محقق ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ کهڙو لکي ٿو ته شاهه سائين جي روهڙي واري تڪيي تي هر جمعي جي رات لطيفي رهاڻ ٿئي ٿي ۽ پيالين ۾ لطيفي ونڊ يعني کير ورهايو وڃي ٿو.
محقق ڊاڪٽر حبيب الله صديقي لکي ٿو ته روهڙي جي صراف صديقين وٽ شاهه لطيف ايندو رهندو هو. اتي اڄ به ”شاهه جو اوتارو“ مشهور آهي. وڏن جي وصال بعد پوئين اباڻو ڌنڌو ترڪ ڪري ڇڏيو. آخري دفعو جڏهن لطيف سائين اتي منزل انداز ٿيو، ته پوئين جا حال ڏسي سر سريراڳ جو هي بيت چيائين:
”ويا سي وينجھار، هيرو لعل ونڌين جي،
تنين سندا پوئيان، سيهي لهن نه سار،
ڪُٽين ڪٽ لهار، هاڻي انين ڀيڻين.“
سيد عبدالحسين موسوي انجنيئر، ڪتاب ”روهڙيءَ جون ساڍيون ٽي سورائتيون صديون“ سال 2013ع صفحو 575، 581 ۽ 582 .

شاهه لطيف جي پير موسيٰ شاهه سان ملاقات وقت چيل بيتن بابت مختلف روايتون

قطب زمان شيخ المشائخ پير موسى شاهه جيلاني ولد سيد محمد عابد شاهه بن سيد عبدالجليل بن سيد ڪمال بن سيد مبارڪ شاهه عادلپوري زماني جا قطب هئا. حضرت سيد موسيٰ شاهه جو لقب، محي الدين ثاني ۽ ڪنيت ابو صالح آهي. والد صاحب جي وفات بعد جمشيره پرڳڻي مان لڏي (اوڍر والي) ۾ اچي سڪونت اختيار ڪيائين ۽ سمورو وقت رياضت ۽ عبادت ۾ مشغول رهندا هئا، پاڻ سن 1101هجري ۾ ڪچي مسجد جوڙيائون ۽ بعد ۾ موجودهه جامع مسجد لوءِ صاحبان (گھوٽڪي) جو بنياد وڌائون. ٽن گنبذن واري مسجد جيڪا 84 ٿنڀن تي مشتمل آهي. اها مسجد ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دؤر حڪومت ۾ سن 1148هجري ۾ جڙي راس ٿي. جيڪا ان وقت جي حسين عمارتن ۾ شمار ٿيندي هئي. مسجد ٺهڻ وقت شاهه لطيف به پنهنجي فقراءَ سان گڏ ڪجھه وقت ڪم ڪيو. هيءَ مسجد حضرت سيد غوث موسيٰ شاهه جي مريدن جيڪي پنجاب ۽ سنڌ ۾ ماٿيلي واري علائقي جي هڪ لک ماڻهن جي مدد سان مسجد تعمير ڪرائي ۽ مسجد ۾ ڪاٺ جا ٿنڀا نصب ڪرايا. تعمير دوران هر هڪ سر تي قرآن پاڪ جو ختم ٿيل آهي. مسجد کان ٻارنهن ڪلو ميٽر اوڀر طرف قديمي شهر ماٿيلو ڀرسان سرون بٺن تان مسجد تائين پيادل پهچايون ويون. هر هڪ سر تي ”الحمد“ کان شروع ٿيندي ”والناس“ تي وڃي سر مستري وٽ پهچندي هئي. سندس 83 ٿنڀا تيار ٿيا،هڪ معجزي سان صبح جو ڏسن ته 84 ٿنڀا ٺهيا بيٺا هئا. خبر ئي ڪانه پئجي سگھي ته ڪهڙو ٿنڀو رهيل هو. اهڙي طرح مسجد ۾ هڪ ”حضوري ٿنڀو“ لٿل آهي. مسجد جي ڀرسان شاهه سائين چاليهه ڏينهن چلو ڪڍيو هو ۽ اتي شاهه لطيف جو اوتارو آهي. جنهن ۾ شاهه سائين ۽ موسيٰ شاهه جي ڪچهري ٿي هئي. جامع مسجد لوءِ صاحبان کي اهو شرف حاصل آهي، جو هن مسجد ۾ هڪ وقت جي نماز پڙهڻ سان ڏهن نمازن جو ثواب ملندو. جمعي جي نماز ادا ڪرڻ تي 70 نمازن جو ثواب حاصل ٿيندو. پر جيڪو رمضان شريف جي آخري جمعي جي نماز هن مسجد ۾ با جماعت ادا ڪندو ته مٿس دوزخ جي باهه ٽري ويندي. مسجد جي ٿنڀي سان ٻيئڙ ٽيئڙ بخار وارو ڀاڪر پائيندو ته ان کي سڄي عمربخار نه ايندو. هن مسجد جون خوبيون پوري سنڌ ۾ مشهور آهن.
حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي پنهنجي ڏاڏي حضرت شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي مقبره جي تعمير لاءِ ملتان مان ڪاشيءَ جون سرون وٺڻ لاءِ درياهي رستي سان ملتان ويو هو،سندس انهيءَ سفر ۾ درويش ڏاتار ڏنو بن اسحاق سڪريو به ساڻ هوس، جيڪو ملتان وارن بزرگن جو خاص مريد هو. ملتان شريف ۾ ان وقت درگاهه غوثيه جي سجاده نشين مخدوم ڀاون شاهه سان به ٻنهي بزرگن جي روح رهاڻ ٿي. ا ن سفر تان موٽندي اعليٰ حضرت سيد موسيٰ شاهه جي ملاقات ۽ زيارت فيض بشارت حاصل ڪرڻ جي غرض و غايت سان ”لوءِ صاحبان قادريه“ عرف گھوٽڪي جي جامع مسجد ۾ تشريف فرما ٿيا. (هڪ روايت مطابق سيد موسى شاهه سان سندس ملاقات روهڙي شريف ۾ حضور ڪريم صلعم جن جي وار مبارڪ جي ديدار دوران ٿي.) شاهه صاحب جي هٿ ۾ هڪ سرڳي هئي. جنهن ۾ ”نفس اماره“ ڪتي جي صورت ۾ ٻڌل هو، فقراء سان ساز سرود هئا. اهڙو غير شرعي عمل ڏسي علماءَ ۽ طلباء آپي کان ٻاهر نڪري ويا، ڪتو ڪاهي ٻاهر نم جي وڻ سان ٻڌائون ۽ ساز مسجد جي اوڀر واري کُهي ۾ ڦٽا ڪيائون، ساز اُتي وڄڻ لڳا، هي حيران ٿي هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا ڇا ماجرا آهي. هن حقيقت کان آگاهه ڪرڻ لاٰءِ طلباءَ حضرت جن جي آستانه عاليه ڏانهن ڊوڙيا، هوڏانهن حضرت جن کي روحاني رستي اطلاع مليو، پاڻ مسجد جي طرف اچڻ لڳا، شاگرد کين هن حقيقت کان واقف ڪيو. پاڻ فرمايائون صبر و تحمل کان ڪم وٺو.”اڄ ڀال ڀلائي ڀٽائي صاحب جن آيا آهن.“ ٻنهين هستين جي جامع مسجد ۾ ملاقات ٿي. حضرت جن علماءَ ۽ فقرا سان شاهه صاحب جن جو نهايت عمده نموني تعارف ڪرايو. ٿوري وقت کان بعد مؤذن عصر جي اذان ڏني، جماعت وضو ڪري، بارگاهه حق ۾ عبادت لاءِ صفون ٻڌي قبله جي طرف منهن ڪري بيٺي، حضرت سيد موسيٰ جن جي اسرار ۽ استدعا تي ڀٽائي صاحب پيش امامي جا فرائض نهايت حسن و خوبي سان سرانجام ڏنا.هڪ نئين ڳالهه رونما ٿي جو شاهه صاحب چئني طرف منهن ڪري سجدا ڪيا، قرآن شريف جي آيات جي بجا پنهنجا في البديھ هيٺيان اشعار پڙهيا، جيڪي رسالي جي سر مارئي ۾ موجود آهن. شاهه سائين هي اٺ بيت فرض نماز ۾ پڙهيا.
1. ”زُمر ، زُخُرف“ ”سو مرا ’حَمِدُ‘ جنين جو هنڌُ“
اهدنا الصراط المستقيم“ اي پنوهارن پنڌ،
باري لاهين بند، ته ملان ماروئڙن کي.

2. ” زُمر ، زُخُرف “ ”سومرا،“ قل ”جنين جو قوت“
”فاذڪروني اذڪرڪم“ ساڻيهه ۾ ثابوت،
جنبي ويا جبروت ۾ ماڻيائون ملڪوت،
لنگهيو جن لاهوت، تن پکا پائر اڏيا.

3. ” زُمر ، زُخُرف “ سومرا ”سَبح“ منهنجا سيڻ،
ور ڏٿ ڏاڏاڻي ڏيھه جو، کوءِ تنهنجا کيڻ،
”ور ويڙهيچاڻا ويڻ“ کوءِ سونُ تنهنجو سومرا“

4. ” زُمر ، زُخُرف “ سومرا، سَبح منهنجا سيڻ،
تبر بر بريان ان جا کاڄ خرما کيڻ،
”نت ٽمايم نيڻ“ بر جي بَدوينِ ليءِ.

5. ” زُمر ، زُخُرف “ سومرا سَبح سيڻ سندام،
بند ۾ بدوين لئي، ”ڳوڙها نت ڳاڙيام“
عمر اباڻن کي ڏٺي ڏينهن ٿيام،
ويڙهيچا وجود مان، ويل نه ڪنهن وسريام،
پانڌي روز پڇيام، اڀي اباڻن جا“

6. ” زُمر ، زُخُرف “ سومرا، سَبح سيڻ رهن،
بند ۾ بَدوين لئي، ”اکيون رت روئن“.
ڏوٿي ڏاڏاڻي ڏيهه جا، الله! ڪي اچن،
ڪل شيءِ يرجع اليٰ اصلھ، سندي ڏيهه ڏين،
آرو اکڙين، آهي اباڻي پار جو.
(شاهه جو گنج، مرتب، محمد قاسم راهمون، ص: 664.)
مونکي خبر خير جي، سندي ڏيهه ڏين،
اها سٽ بيت نمبر 6 ۾ چوٿون نمبر آهي. شاهه جي ڪلام ۾ پهاڪا ۽ محاورا، سيد اظهر گيلاني.

7. ” زُمر ، زُخُرف “ سومرا، عيش اعرافين،
”اِنا فتحنا لڪ فتحا مبينا ايءُ قلوبا ڪهن،
لحم لبن گڏ ڪيو، صبر توڪل ڪن،
”سدائين سيد چئي، ”ان نه چکيو تن“،
عمر بندياڻن، لاهي لوهه نه ڇڏيين.

8. ” زُمر ، زُخُرف “ سومرا، مارو مون مهندار،
”اولا ئک اصحاب الجنة“ ماڳ سندم موچار،
”وسقاهم ربهم شراباً طهورا پئين پوڄ پنوهار،
ويرو تار وجود ۾، ڪن پرين جي پچار،
”سٻاجها ستار، مونکي مارن ميڙئين“.
شاهه سائين فرض نماز پڙهائڻ بعد هيٺيان ٽي بيت دعا گھرندي چيا.
1. ” زُمر ، زُخُرف “ سومرا، حدن ۾ حجرات ،
سورن جا سيد چئي، ”رعد مڪا رات“
هميشھ حجر ۾، لئن لطيفي لات،
مون تن تنهين جي تات، اورڻ جن ”احقاف“ ۾.
>
2. ” زُمر ، زُخُرف “ سومرا، ”سانبي ساريم رات“
رعد، فرقان، عنڪبوت، هدايت حجرات،
هميشھ حجر ۾ آهي لنئون لطيفي لات،
اٿم ورونهه وائي وات، اورڻ جني احقاف سين.
(شاهه جو گنج، محمد قاسم راهمون، صفحو 664.)
مٿئين بيت جي ٻي پڙهڻي.
زُمر ، زُخُرف “ سومرا، ”سانبي ساريم رات“
”رعد“ ڪريندي رعديون، هلن ڏونهن ”حجرات“
”سبح“ ”سجده“ پيچرا، لئن لطيفي لات
مون تنهين جي تات، اورڻ جن ”احزاب“ سين.
گيلاني سيد اظهر ، شاهه جي ڪلام ۾ پهاڪا ۽ محاورا، مهراڻ اڪيڊمي، مئي 2004ع، ص: 39
3.” زُمر ، زُخُرف “ سومرا، مارو ”مومن پاس“،
اعرابي ”احقاف“ ۾ رهي ويٺا راس،
مارن ملان ماڙيين ”ڪنهن ارادي آندياس“،
”وطن آءُ ويندياس، وريو ورق وصال جو“.
ابيات پڙهڻ ۽ سجده جي ڦيرڦار سبب پوري جماعت نماز ختم ڪري بيٺي ماڻهو حضرت موسى شاهه صاحب، ٻه علماء ڪرام ۽ هڪ طالب ڀٽائي صاحب جي پٺيان فرض ۾ شامل رهيا. شاهه لطيف سميت ڪل پنجن ماڻهن نماز پڙهي. شاهه صاحب پهريان 8 ابيات فرض ۾ پڙهيا ۽ آخري ٽي ابيات پڙهي دعا گهري نماز ختم ڪئي، تنهن بعد نمازين ڀٽ ڌڻي کان معلوم ڪيو ته سائين اوهان قرآن شريف جون آيتون پڙهڻ بجاءِ پنهنجا شعر پڙهيا، ان موقعي تي ڀٽ ڌڻيءَ هيٺيون بيت پڙهيو.
جي تو بيت ڀانئيان سي آيتون آهين،
نيو من لائين پريان سندي پار ڏي.
عشاء جي نماز ادا ڪرڻ ۽ ذڪر کان فارغ ٿيڻ بعد شاهه عبداللطيف ۽ حضرت موسى شاهه جي رات جي تنهائي ۾ ڪچهري ٿيندي رهي. ان موقعي تي شاهه لطيف هڪ هي بيت به پڙهيو:
مارئي مَ ڄائي، جنهن مارو وڌا مامري
ديس ڇڏي پرديسي وئي، ڇنئون نه آئي
ڄارين جي ڄائي، سا سام پر تئي سومرا. (هن بيت جي ٻِي پڙهڻي.)

مارئي نه ڄائي، ته مارو نه پئا مامري،
ديس ڇڏي پر ديس ۾ ڪنهن ايرادي آئي،
جا ڄارين ۾ ڄائي، تنهن جو پرور پن رهائيين.
(سر مارئي، شيخ ٻآنهون خان، 2012ع، شاهه جو رسالو، جلد ٽيون، ص:412)
شاهه لطيف جن فجر جي نماز پڙهي حضرت موسيٰ شاهه کان اجازت ورتي ۽ ٻيڙيءَ رستي پنهنجي ماڳ ڏانهن روانا ٿيا.
شاهه لطيف جن لوءِ صاحبان (گهوٽڪي) ۾ حضرت موسى شاهه سان ملاقات ڪري واپس ڀٽ تي پهتا ته تن ڏينهن ۾ هڪ فقير شاهه سائينءَ کي عرض ڪيو ته جيئن حضرت موسى شاهه جو قول آهي ته جيڪو بندو رمضان شريف جي آخري جمع جي نماز سندس جامع مسجد ۾ ادا ڪندو ته انهي تي دوزخ جي باهه حرام ٿي ويندي تيئن اوهان به ڪو اهڙو اعلان ڪريو، اهو ٻڌي شاهه لطيف تي حال طاري ٿي ويو ۽ وجد جي حالت ۾ چيائون ته ”جيڪو ماڻهو محبت سان هن ڀٽ تي آيو انهيءَ کان دوزخ جي باهه پري ڀڄندي.“ ان وقت سندن والد حبيب شاهه موجود هئا، انهن اعتراض ڪندي فرمايو ته ”ابا اهو ڇا چئي، ڀٽ تي ته هندو، زنديق، ڪافر ۽ ملحده به ايندا پوءِ انهن کان به دوزخ جي باهه پري ڀڄندي؟ تنهن تي شاهه لطيف فرمايو”بابا سائين هتي ڪافر ۽ مؤمن جو نه بلڪه انسان ذات جو معاملو آهي.“ ۽ پوءِ هي بيت فرمايائون.
”ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو، چٽاڻو چوڌار
منجهين ڪاڪ ڪڪوري، منجهه هين باغ بهار
ڪانهي ٻي تنوار، ٿيو مڙوئي مينڌرو“ (سر مومل راڻو)

نئون نياپو آئيو، راڻي ملا رات،
لڌي سون لطيف چئي، ڪنا ڏاتر ڏات،
ڪهڙي پڇين ذات، جي آيا سي اگھيا. (سر مومل راڻو)
حوالو، سيد مبارڪ علي شاهه (ٽئين) جو انٽرويو وٺندڙ نور سنڌي، ڀيڄ ڀٽائي مئگزين، سيپٽمبر 2000ع، ص: 32،31. گيلاني سيد اظهر ، شاهه جي ڪلام ۾ پهاڪا ۽ محاورا، مهراڻ اڪيڊمي ڇاپو پهريون مئي 2004ع، ص: 39،35. چنه ڪريم بخش (سهيڙيندڙ)، ڪتاب تذڪره جيلاني سادات، ڇپائيندڙ هائوس آف ناولٽي ميرپور ماٿيلو، ڇاپو پهريون فيبروري 2007ع، ص ـ119 تي سيد موسى شاهه (اول) جي ولادت 1660ع وصال 1750ع لکيل آهي. (موسيٰ شاهه جو وصال ڇنڇر 8 ذوالحج 1173هه ۾ ٿيو.)
نواز ڪنڀر لکي ٿو ته روايتن مطابق ڀٽائيءَ ڪٿان ايندي ويندي چوٽيارين ۾ اچي هڪ کٻڙ هيٺ عبادت ۾ مصروف هئا ته کين شهيد عبدالرحيم گرهوڙي صاحب جيڪي ان وقت چوٽياريون شريف ۾ شاگرد هئا، تن کين ڏسي ورتو. چون ٿا ته گرهوڙي صاحب ان وقت چوٽياريون کان ست اٺ ميل اتر طرف ”سانگراڙي“ ڍنڍ کان اتر طرف ”گلڻ شاهه واري“ ڍنڍ ڀرسان ”ملن جو کوهه“ ڏانهن، ميان مبين صاحب جن جي ڪم سان وڃي رهيا هئا، گرهوڙي صاحب جڏهن ميان صاحب کي کٻڙ هيٺ هڪ بزرگ جي موجود هجڻ جي خبر پارپتن سان ٻڌائي ته، ميان صاحب جن فرمايو ته اهي شاهه عبداللطيف هوندا، وڃي کين وٺي اچو. پوءِ شاهه صاحب جن آيا ۽ چوٽياريون واري مسجد ۾ نماز به پڙهايائون ۽ هيٺيون شعر به چيائون:
”نه ڄمي ها مارئي، نه مارو پون ها مامري“
جنهن وقت ڀٽائيءَ چوٽياريون پهتا، ان وقت ظهر جي نماز جو وقت هو. چون ٿا ته ان وقت ”ميان مبين“ اڳين نماز واريون سنتون ادا ڪري ويٺا هئا. ميان صاحب، ڀٽائيءَ کي ڏسي فرمايو ته توهان نماز پڙهايو. ڀٽائيءَ وراڻيو ته سفر ۾ آهيان، توهان پڙهايو. ميان صاحب زور ڀري ڀٽائيءَ سرڪار کان امامت ڪرائي ۽ پاڻ تڪبير هنيائون. ان وقت چوٽياريءَ شهر جو مدرسو، موجودھه ”جوڳين واري ڀٽ“ تي هو، جتي اڄ به ”مائي ڄامان جوڻيجي“ پاران ٺهرايل مسجد موجود آهي. ان وقت ”چوٽيارويءَ“ کي ”جتياوري“ سڏبو هو. روايتن موجب ڀٽائيءَ پهرئين رڪعت ۾ هيٺيون شعر پڙهيو.
زمر زخرف سومرا، مارو مون مهندار،
اولائڪهم اصحاب الجنه، ماڳ سندن موچار،
وسقٰاهم ربهم شراباَ طهورا، پين پوڄ پنهوار،
ويرو تار وجود ۾، پرين جي پچار،
سٻاجھا ستار، مون کي مارن ميڙين. (سر مارئي)
پهرين رڪعت پوري ٿيڻ تائين، ڪافي نمازي هٿ کولي پري ٿي بيهي رهيا! ٻي رڪعت ۾ شاهه صاحب ڏکڻ منهن ڪري هيٺيون بيت پڙهيو ته ڪجھه ٻيا نمازي به نماز ڇڏي ويا.
زمر زخرف سومرا، حمد جنين جو هنڌ،
اهدنا الصراط المستقيم، اي پنهوران پنڌ،
باري لاهين بند، ته ملان ماروئڙن کي. (سر مارئي)
اڪثر نمازي ته راز پروڙي نه سگھيا ۽ وڌيڪ برداشت نه ڪندي نماز ڇڏي ٻاهر ٿي بيٺا. ٽئين رڪعت ۾ ڀٽائيءَ اڀرندي منهن ڪري بيت ڏنو.
زمر زخرف سومرا، حمد جني جو هان،
آئون بندياڻي بند ۾، هُت ويڙهيچن وهان،
ان جا اندر ۾ رکي، آئون ڪيئن کاڄ کيان،
هت ڪيئن وَ نه وهان، هُت وَچن ويڙهيچن سين.
(حوالو شاهه جو گنج، حاجي الهداد جنجهي، سر مارئي، داستان 11.)
چوٿئينءَ رڪعت ۾، رڳو ٽي نمازي هڪ ميان مبين صاحب، ٻيو عبدالرحيم گرهوڙي صاحب ۽ ٽيون ڪوري وڃي بچيا، ڀٽائيءَ وري اتر منهن ڪري هي بيت ڏنو.
جھڙي آيس جيئن، جي تهڙي وڃان تن ڏي،
ته لالائيءَ جا، لطيف چئي، ڪر مندن اُٺا مينهن،
ماڙي لڳيم مهڻو، سڀ ڄماندر سيئن،
ٿيس ڪاڻياري ڪانڌ جي ، هتي اچي هينئن،
ڪنڌ کڻنديس ڪيئن، منهن ماروئڙن جي.
رڪعت پوري ڪري، ڀٽائيءَ جن اتر منهن ئي ويٺا رهيا. جماعت ۾ هُل ٿي ويو ته اها وري ڪهڙي نماز آهي؟ شيخ عبدالرحيم جماعتن کي چيو ته موڳا ! اوهان کي انهي مام جي ڪهڙي خبر ته سڀ ڪنهن رڪعت وقت ملائڪن سڳورن ڪعبةالله کي چئني طرفن ڏي پئي ڦيرايو تنهن ڪري نماز قبول ٿي ته اسان ٻن ڄڻن جي. چون ٿا ته ان تي ميان مبين صاحب ”عشره مبشره“ جو مثال ڏيندي، ڇڏي ويل نمازين کي چيو ته ”توهان جو نصيب ڦٽل هو، اسان ته جيڏانهن ڪعبو پئي ويو. اوڏانهن منهن ڪري پي نماز پڙهي.
سمون محبوب علي، ڪتاب، ڀٽائيءَ تي بهتان، علمي ادبي اشاعت گهر مٽياري، ڇاپو پهريون 1998ع، ص: 17. گرهوڙي صاحب جڏهن شاهه لطيف جي شاعري جو مطالعو ڪيو ته، ڀٽائي جي شاعريءَ متعلق چيائين ته:
آهي عبداللطيف تي، رضامندو رحمان،
پڙهيو جنهن پرت سين، باريءَ جو بيان،
جوڙي جنهن قرآن، سنڌيءَ ۾ صحيح ڪيو.
(نواز ڪنڀر، ڀٽائيءَ جا پنڌ ۽ پيچرا، ثقافت کاتو، ڊسمبر 2014ع، ص: 91 ـ 92 ـ 93 ـ 94.)

شاهه لطيف جو مدن فقير سان بحث مباحثو

سنڌ جي عظيم انسانن ۾ صوفي سنت، مدن پٽ چيتن مل ڌنجاڻي (ڌنجي مل) جو جنم وسپت 12 جنوري 1667ع ۾ تعلقي هالا جي ويجھو ڳوٺ ڪوٽ ڪلاڻي ۾ ٿيو هو. ڪجھه عرصي بعد ڪوٽڙي مغل ۾ آباد ٿيا. (ڪوٽڙي مغل هاڻوڪي ڀٽ کان ڏکڻ طرف پنج ميل پري هئي اهو شهر هاڻي ڦٽي ويو آهي) ڪن مجبورين يا ٻوڏ سبب پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان ٻن ڀائرن جن ۾ سڌن مل، ڳوٺ کنڊوءَ ۾ رهائش ڪئي، سندس آڪهه وارا سڌناڻي سڏجن ٿا ۽ ڌنجي مل جنهن ڀٽ شاهه تي رهائش اختيار ڪئي.ڌنجيءَ جو اولاد ڌنجاڻي سڏجن ٿا، ڌنجيءَ کي عام طور ”ڌنجي شاهه“ سڏيندا هئا. ڌنجي مل ننڍ پڻ ۾ ئي ماتا جي بيماريءَ سبب اکين کان ضعيف هو؛ جنهن ڪري رات ڏينهن ڌڻيءَ در وينتي ڪندي، عامل بڻيو پوءِ سندس شاهه حبيب سان به بيحد عقيدت ٿي. چيتن مل ڌنجاڻي کي ٻه پٽ ڄاوا جن ۾ هڪ سکيو ۽ ٻيو مدن جهڙو سدا ملوڪ نينگر پيدا ٿيس.
مدن ننڍپڻ کان ئي ماٺيڻو ۽ سلڇڻو ڇوڪر هو. پاڻ کي هڪ جيڏن ۾ ڪڏهن به هٺيلو ۽ معتبر نه پئي ڀانيائين؛ ويتر ڀٽ جي آس پاس ڳوٺن ۾ گهمندي ڦرندي صوفين ۽ سنتن جي صحبت مان ڪافي پرايو هئائين. فقير مدن، ”ڀڳت“ سٺي وجهندو هو. انهيءَ ڪري ”مدن ڀڳت“سڏبو هو. پاڻ شاهه عنايت رضوي جو بيحد عقيدتمند هو. اڪثر ڪري وٽس ڪچهري ڪري، شام جو گهر واپس ٿيندو هو. پاڻ وڏو داناءُ هو، جنهن ڪري اڳ پوءِ جي وڏي سوچ رکندو هو.ڪڏهن ڪڏهن گهرجي چوديواريءَ کان ٻاهر، جهوپڙيءَ ۾ رهندو هو. اڪيلائي پسند ۽ هميشه بندگيءَ ۾ رڌل رهيو.
شاهه لطيف جي جڏهن سيده بيگم سان شادي ٿي ته بيبي صاحبه کي ڪجهه خاص ماڻهو ڏاج سان گڏ مليا جيڪي شاهه حبيب جي خدمت ۾ رهيا. انهن ۾ چيتن مل ۽ مدن ڀڳت به شامل هئا ڇو ته اهي به مرزا مغل بيگ جي خاص ماڻهن مان هئا. چيتن مل سڄي حياتي پڇاڙيءَ تائين شاهه حبيب جي ئي خدمت ۾ رهيو. هن کانپوءِ وري سندس پٽ مدن فقير ڄڻ ته ڀٽائي صاحب کي تحفو ٿي مليو. جيئن ته مدن فقير ڀٽائي صاحب کان عمر ۾ وڏو هو، ان ڪري ڀٽائي صاحب، مدن فقير جو تمام گهڻو خيال ڪندو هو. ڀٽائي صاحب سان مدن فقير جو جوڙ ان وقت ٺهيو جنهن وقت ڀٽائي صاحب جي عمر 25 سال کن هئي. سندن ملاقات ڪوٽڙي مغل تورڪيءَ جي مقام ۾ ٿي جنهن کي مئين وهئين جو مقام به سڏين ٿا. جتي ڀٽائي صاحب جو سهرو مرزا مغل بيگ ۽ سندس ٻيا عزيز پڻ دفن ٿيل آهن. مدن فقير، لطيف سائينءَ سان ساهتيءَ واري سفر، هنگلاج، لاهوت ۽ ڪارونجهر وارن سفرن ۾ لڳاتار 3 سال ساڻ رهيو ۽ وفات تائين ڪچهرين ۾ به موجود رهيو. سفر جي مشاهدن سان گڏ هنن جي ڪچهريءَ جو مرڪز حيات ڪوريءَ وارو تڪيو يادگار طور موجود آهي. جتي مدن فقير شاهه عنايت رضوي ۽ ڀٽائي صاحب جون نصيحت آموز ڪچهريون عوام ۾ مشهور ۽ مقبول رهيون. جتي هنن ٽنهي شاعرن جا شاعراڻا مناظرا ٿيندا هئا. سندن انهن ڪچهرين وارا مناظرا هنڌين ماڳين مشهور ٿي ويا. حيات ڪوريءَ وارو تڪيو هالا حويلي کان اوڀر طرف سڏ پنڌ تي موجود هجڻ ڪري انهن ڪچهرين جي يادگار طور موجود آهي. ڀٽائي صاحب مدن فقير جي درويشيءَ واري منزل کان بخوبي واقف هو انهيءَ ڪري مدن فقير کي ڀٽائي صاحب پنهنجي جوڙ ۾ ان ڪري کنيو ته سندس مريد ۽ فقير انهن نصيحت آموز گفتن مان لاڀ حاصل ڪن. مدن فقير شاهه لطيف جو همعصر ۽ دوست هو، شاهه صاحب سان بيتن ۾ سوال جواب ڪندو هو. شاهه لطيف سان بيحد محبت هيس ۽ شاهه لطيف به کيس تمام گهڻو ڀائيندو هيو. سندن عظيم درس هيٺ بيان ڪجي ٿو.
هڪ ڀيري فقيرن ڀٽائي سرڪار کي عرض ڪيو ته، سائين توهان ته سيد ۽ اسان جا مرشد آهيو، پر مدن هڪ واڻيو. اهو توهان سان گڏ اٿي ويهي ٿو. اسان کي مناسب نه ٿو لڳي. لطيف سائين پنهنجي فقيرن، مريدن کي چيو ته ”ابا هي منهنجون ڳجهارتون ڀڃندو آهي ان ڪري هن کي ساڻ کڻندو آهيان“ فقيرن عرض ڪيو ته سائين ڳجهارتون اسان به ڀڃي وينداسين. ڳجهارت ڏئي ته ڏسو، پوءِ سهڻي لطيف پڇيو ته ”ابا الله تعاليٰ کي سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي ذات پسند آهي؟“ هڪ شخص چيو ته سائين هن ڪائنات جا شهر الله سائين کي سڀ کان وڌيڪ پيارا ۽ پسند آهن، ٻئي مريد چيو ته الله سائينءَ کي شربت ۽ کيرَ سڀ کان وڌيڪ پسند آهن ۽ وري ٻين مريدن بنا سوچ ۽ ويچار جي وراڻيو، ته ”قبلا! مرشد جي ذات“. سهڻي لطيف چيو ته ”ابا مريدن کي مرشد تي ناز نه ڪرڻ کپي“ پوءِ شاهه لطيف فرمايو ان جو صحيح جواب توهان کي مدن فقير ڏيندو ان کان پڇي اچو. فقيرن شاهه صاحب وارو سوال مدن فقير کي ٻڌايو پوءِ مدن جواب ۾ وراڻيو، ته الله تعاليٰ کي سڀ کان وڌيڪ ”گڏهيون“ پسند آهن. ڀٽائيءَ جا فقير اهو جواب ٻڌي مٿس تپي باهه ٿي ويا ۽ شاهه سائينءَ کي پڻ اهڙي اڍنگي جواب ٻڌائڻ کان ڪيٻائڻ لڳا. پر پوءِ اخلاقي قدرن کي آڏو رکي، منجهانئن هڪ فقير اُٿي، مدن جو جواب، شاهه سائينءَ کي ٻڌايو. شاهه صاحب جواب ٻڌي خوب خوش ٿيو ۽ چيائين ابا مدن بلڪل صحيح پيو چوي. فقيرن ۽ مريدن جون وايون بتال ڏسي، شاهه صاحب کين واضع ڪندي فرمايو، ته ”ابا! رب سان گڏ ”هِيون“ يعني (گڏ، معنيٰ ساڻ) (هيئون، معنى دل) الله تعاليٰ سان جيڪو دل ڳنڍيندو ۽ رات ڏينهن ان جو ذڪر ڪندو اهوئي ڀلو ۽ بهتر آهي. اهو ئي الله سائينءَ کي سڀ کان وڌيڪ پسند آهي. هن درويش ڪيڏي نه سهڻي نصيحت ۽ هدايت ڪئي آهي. هي هر وقت اسان کي الله تعالى جي يادگيري ڏياريندو رهندو آهي ان ڪري آءُ هن کي ساڻ کڻندو آهيان. مدن فقير واڻيو ضرور آهي، پر الله سائينءَ کي تمام گھڻو پيارو آهي. الله تعاليٰ وٽ ذات پات جو ڀيد ناهي.
هڪ دفعي عيد جي موقعي تي شاهه سائين پنهنجن فقيرن کي تحفا آڻڻ لاءِ چيو ته، فقيرن شاهه صاحب وٽ اڳ ڀرائي حاصل ڪرڻ لاءِ سٺا سٺا تحفا آڻڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. ڪنهن فقير تسبيح، ڪنهن مصلو، ڪنهن چادر، ڪنهن شال آندي. مدن فقير وري ڀٽائي صاحب لاءِ ڏيڏر کڻي آيو. سڀئي فقير حيران ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا ته هي به ڪو تحفو آهي؟ ڀٽائيءَ صاحب فرمايو ته ابا سڀني جي تحفن کان وڏيڪ سٺو تحفو مدن ڀڳت جو ئي آهي. جو هن اسان کي ڏيڏر يعني ڏي به ۽ ڏر (ڊڄ) به . ڪت به ڪنب به يعني عبادت ڪري ڏڪ به. الله جي راهه ۾ ڪجهه به ڏئي فخر محسوس نه ڪجي. هر ساعت سڀني انسانن سان نيازمنديءَ سان پيش اچجي ۽ الله جي عبادت ڪري انهيءَ جي ذات کان به ڊڄجي ته اها عبادت شل قبول پوي. توهان ته اجايو مدن کي گهٽ وڌ پيا چئو، وڃو ۽ وڃي کانئس معافي وٺي اچو!“. پوءِ شاهه سائينءَ هي بيت چيو:
ڪت ڪنبندي آءُ، اڳيان توريندڙ تکا ڌڻي،
اگهيئي ته پاءُ، نه ته مڻن کي به موٽ ٿئي.
سر ڪاپائتي، شاهه جو گنج، مرتب: راهمون.
مدن ڀڳت جيتوڻيڪ هندو هو، پر پالڻهار کي پيارو هو. چوڻ ۾ اچي ٿو، ته رمضان مهيني ۾ هڪ ڏينهن مالها کڻي مسجد ۾ ويو ۽ ڪنڊ ۾ ويهي بندگي ڪرڻ لڳو. مڄاڻ جهرڪين ڇت ۾ آکيرو ٺاهيندي اتفاق سان مٿس ڪک ڪيرايا. ملا به قرآن پاڪ پڙهي رهيو هو، جنهن سموري ماجرا اکين سان پئي ڏٺي. ڪکن ڪرندي مدن ڇرڪ ڀريو ۽ مٿي نهاريو. خدا جي قدرت سان اُهو جهرڪ ۽ جهرڪي اچي پٽ تي پيا ۽ مري ويا. ملا کي اها ڳالهه البته ڏکي لڳي؛ جنهن ڪري خاموشي ٽوڙي، وات ڪري چيائينس، ته ”ابا ناحق ظلم ڪيو اٿئي هنن ساسين تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو“ تنهن تي مدن وراڻيو، ته ”مولوي صاحب! برابر جهرڪين ڪک اڇلايا، برابر مون به مٿي نهاريو ۽ برابر جهرڪيون به اچي پٽ پيون ۽ مري ويون، ان ۾ منهنجو قصور ناهي، اهو ضرور آهي، ته ڌڻي پنهنجن پيارن تي ڪک به نٿو سهي. اهو الله تعالى جي مرضيءَ مطابق ٿيو آهي. شايد مالڪ کي اها ڳالهه نه وڻي آهي، جو هي ڪم ٿيو آهي!“ بس، پوءِ ته ملا حيران ٿي، اچي مدن کي ڀاڪر پاتو ۽ معذرت ڪيائينس.
ڪارونجهر واري سفر ۾ مدن فقير به ڀٽائي صاحب سان گڏ هو، ڪارونجهر جبل جي هڪڙي غار ۾ ڀٽائي صاحب چلو به ڪڍيو هو. اُتي هڪ ننڍڙي کوهي به موجود آهي جنهن کي مقامي ماڻهو مدن مهتي جي ”واڙ، يا، واءِ“ سڏيندا آهن. چون ٿا ته چلي واري جاءِ ۽ مدن جي واءِ وارا آثار اڄ تائين موجود آهن. هن سفر ۾ مدن فقير هڪ چشمي وٽ پهتو ته هڪڙي مولويءَ ڪاوڙ مان مدن کي چيو پري ٿيءُ ته اسان وضو ڪيون. مدن فقير پري ٿي بيٺو ۽ هنن همراهن وضو ڪري بس ڪيو ته ڀٽائي صاحب به ڀر ۾ ئي عبادت ۾ مشغول هو اهو منظر ڏسي مولوين کي چيائين، ابا وضو ڪيوَ ؟ مولوين وراڻيو هائو سائين. ڀٽائي صاحب فرمايو ته ”ٻاهرين صفائي سان گڏ اندرين صفائي به ضروري آهي“ ۽ پوءِ ڀٽائي صاحب مدن فقير کي چيو ته ”پنهنجو اندر مولوين کي صاف ڪري ڏيکار“. مدن فقير بنا دير جي چشمي ۾ وات ڏنو ته پاڻي وات کان ٿيندو سندس پوئين پاسي حاجت واري جاءِ مان پيو نڪري ڀٽائي صاحب ڏسي مولوين کي چيو ”ابا اندر ايئن صاف ٿيندو آهي. جيئن الله جي ذات کي به چٽو ڏسي ۽ پسي سگهجي“. ابا هي هندو ضرور آهي مگر هن درويش جو اندر صاف آهي تڏهن خدا تعالى کي به ويجهو آهي اوهانجي هن کان نفرت ڪرڻ اجائي هئي. مولوي ڏاڍا پشيمان ٿيا ۽ مدن فقير کي ڀاڪر پائي پرچائي کانئس معافي ورتائون.
هڪ دفعي شاهه لطيف ۽ مدن فقير کيبرن جي ڳوٺ وٽ ڪنهن کوهه جي ڀرسان آستانو مچايو ويٺا هئا. ڀٽائي صاحب ان ڏينهن تسبيح سان ذڪر فڪر ۽ عبادت ۾ مشغول هو ته ان کوهه تي علائقي جون ڪجهه عورتون پاڻي ڀرڻ جي خيال سان بيٺيون، عورتن پاڻ ۾ ڪچهري ڪندي چيو ته هن ڀيري تو لاءِ تنهنجو همراهه ڪهڙي سوکڙي آڻيندو؟ جواب ۾ عورت چيو ته سڳيون، چوڙيون ۽ ٻيا ڪي تحفا آڻيندو. وري هڪ عورت ٻي سهيليءَ کان پڇيو ته تون خاموش آهين تون ٻڌاءِ تو وارو يار تو لاءِ ڇا آڻيندو؟ تنهن تي ان عورت وراڻيو ادي ڪجهه آڻي يا نه آڻي يارن سان ڀلا ڪي ليکا ڪبا آهن. اهي لفظ ٻڌي ڀٽائي صاحب، فرمايو، ”دل بيار ودست بکار“ يعني ”دل يار سان ۽ هٿ حاج سان“، پوءِ شاهه صاحب تسبيح ڦٽي ڪئي ۽ هر ساعت الله هو، الله الله، هو هو، جي تسبيح پڙهندا هئا. مدن فقير عورتن واري گفتگو ٻڌي بي اختيار چئي ڏنو.
خبرون کيبري کوهه جون پئي لڳي آ پيهه،
ڀرڻ واريون ڀري وئيون باقي گدلين لاتي گيهه،
جن کي لڄ ناهي ليهه، سي کلن بيٺيون کوهه تي.
تنهن تي مدن فقير کي ڀٽائي صاحب چيو ته ابا ايئن نه چئو انهن عورتن جي گفتگو اسان کي وڏو سبق ڏنو آهي ته يار سان ڪوبه حساب ناهي رکبو. اسان حقيقي يار سان به ليکو پي ڪيو. هن جو ذڪر ڳڻي ڳڻي پئي ڪيو سين جڏهن ته عورت جو يار مجازي هو تڏهن به هن سان ليکو نه ڪيائين. اسان کي به پنهنجي يار سان بنا حساب محبت ۽ عبادت ڪرڻ گهرجي.
هڪ ڀيري ٺٽي جا وڏا عالم شاهه سائينءَ جي خدمت ۾ آيا، ٿوري ئي پل ۾ ديني ڪچهري ڇڙي ته شاهه صاحب کانئن سوال پڇيو، ته (ابا، الله جي گهر جو در ڪيڏو ٿئي ٿو؟) ”اهو در جو الله ڏانهن نئي سو ڪيڏو وڏو ۽ ڪشادو هوندو؟ هن سوال جي جواب ۾ انهن شخصن مان هڪ ڄڻي چيو ته ”ان در مان اُٺ به ٽپي سگهندو“ ۽ وري ٻئي چيو ته ”هاٿي به پالڪي سوڌو ٽپي سگهندو“ مطلب ته هر هڪ ان در کي ڏاڍو ڪشادو ۽ وڏو ٻڌايو. آخر ۾ شاهه صاحب اهو ساڳيو سوال پنهنجي دل واري دوست مدن واڻئي کان ڪيو. مدن جواب ڏنو ته ”سائين اهو در جو الله ڏي نئي اهڙو تنگ ۽ سوڙهو آهي جو منجهائس فقط اهي ٽپي اندر داخل ٿيندا جي نئڙي پاڻ کي هيٺ ڪري سِر نمائي هلن“. اهو معقول جواب ٻڌي ڀٽائي صاحب حاضرين کي چيو، ته ”ابا ڏٺو! اسان تڏهن ته مدن کي ڀائيندا آهيون!“
هڪ دفعي مدن فقير ۽ شاهه سائين سفر ڪري رهيا هئا ته ڪافي دير ٿي وين، شاهه سائينءَ کيس چرچي ۾ چيو، ته ”حشر ويل حساب ۾ ڪافر ڪندا ڪئن؟“ ٻي پڙهڻي ”محبت جي ميدان ۾، مهتا ڪندين ڪيئن“؟ مدن ان وقت ته بالڪل خاموش رهيو. آخر شاهه صاحب جي زور ڀرڻ تي جواب ۾ صرف ايترو عرض ڪيائين، ته ”سائين! انهيءَ جو جواب اوهان کي ڪنهن مناسب موقعي تي ڏيندس!“ ڪجهه ڏينهن بعد، درياه جي پتڻ تي سندن ملاقات ٿي. کين پار پهچڻو هو، پر جيئن ته ڪنڌيءَ کان پاتڻي پڳهه ڇوڙي پتڻ کان پرڀرو هاڪاري چڪو هو؛ جنهن ڪري ٻئي ڄڻا بي وس بيٺا هئا. کيس سڏ ته گهڻائي ڪيائون، مگر هن (پاتڻيءَ) وراڻين، ته ”ٿورو ترسو، ٻئي پُور ۾ توهان کي اڪاريندس“. مدن، نه ڪا ڪئي هم نه تم، کيسي مان ڪلدار روپيو ڪڍي، وڏي واڪي پاتڻيءَ کي هڪل ڪري چيائين ته ”ٻيلي! اسان ٻنهي کي هن ئي پتڻ ۾ کنيو هل! اسان توکي پهرين پُور ۾ پهچائڻ لاءِ ٻيڻو پتڻ ڏينداسين“ ٻيڻي پتڻ جي لالچ تي پاتڻي پٺتي موٽيو. پتڻ چڙهڻ وقت مدن، ڀٽائي صاحب کي کلي چيو، ته ”سائين! هينئر شايد توهان کي پنهنجي سوال جو جواب ضرور ملي ويو هوندو!“ شاهه سائين مشڪيو، جنهن تي مدن جي زبان مان آواز نڪتو، ته
”هٿ جنين جو هئن، سي پهرين پتڻ پار پيا“ ٻي پڙهڻي ”هٿ جنين جو هيئن، پهرين پتڻ سي چڙهيا.“
يعني جيڪي ڏاتار جي ڏني مان خلق خدا جي خدمت ڪن ٿا تن جو حشر ويل حساب سولو ٿي پوندو ۽ پاتڻي کي چيائين ته ادا ! شڪر ۽ قناعت سببان تون سکي رهندين. حرص ۽ حوس توکي دنيا تي چاڙهيندا من کي مطمئن رک ۽ نفس جي نفي ڪر.
ليکڪ سرمد چانڊيو، وري هن نموني لکيو آهي. شاهه لطيف چيو، پل صراط جي پتڻ تي ڪامل ڪندا ڪيئن؟
مدن فقير چيو: هٿ جني جو هيئن پهرين پتڻ سي ٽپن.
چانڊيو سرمد، ڪتاب، سنڌي ڪلاسيڪل راڳ ويراڳ، ڪنول پبليڪيشن 2017ع، ص: 36.
هڪ دفعي ڀٽائي سرڪار، مدن فقير کي مخاطب ٿي چيو ته:
چوڏهن ۽ چار ويندي ڏٺم واٽ سان،
قيمتي هين ڪپڙا، ويا دوستاڻي درٻار،
واڻيا ڪر ويچار، ته ڇا ڏسي مون چيو.
مدن فقير پنهنجي ڏاهپ موجب ڀٽائي صاحب کي چيو: سائين ان بيت جو جواب آءُ سڀاڻي هن ئي وقت تي اوهانکي ٻڌائيندس. ٻئي ڏينهن ان ساڳي جاءِ جو مدن فقير خوب جائزو وٺي ڀٽائي صاحب واري بيت جو جواب حاصل ڪيو ۽ ڀٽائي صاحب کي جواب ڏيندي مدن فقير چيو:
چوڏهن ۽ چار ارڙهن هئا اڙٻنگ،
قيمتي هين ڪپڙا ميرا نه تن جا انگ،
ڏٺا اٿوَ ڪنگ جيڪي اڏري اولهه ڏي ويا.
لاکيڻي لطيف چيو واهه فقير واهه بلڪل صحيح پيو چئين.
هالا حويلي ڳوٺ کان اوڀر طرف سڏ پنڌ تي لطيف سائين جي فقير حيات ڪوريءَ جي تڪيي تي مدن فقير، شاهه عنات رضوي ۽ شاهه لطيف رهاڻ ڪري رهيا هئا، قبر جي پڇاڻي بابت جا گفتگو ڪئي هئائون. سا هن ريت آهي. شاهه عنايت رضويءَ چيو قبر جي مشڪل آسان ڪرڻ لاءِ ثمر ضروري آهي. پوءِ فقير مدن، تون اتي منڪر ۽ نڪير کي ڪهڙو جواب ڏيندي؟ پوءِ بيت ڏيندي شاهه عنات چيو ته:
سرهه گڏ بئي سسئي سوڙهي منجهه سهي،
طرح پڇندءِ تڪڙي ٻاروچا ٻئي،
آڻي ڏيندءِ هٿن ۾ ڪتابت ڪهي،
پنهنجي پاڻ اکين سان واچيندينءَ وهي،
ثمر جن صحيح، تن ڪونهي اهک عنات چئي.
مدن چيو:
ميان پرائي ملڪ ۾، گهڻي بَڪَ مَ بڪُ،
اڳيان رائر وٺندءِ روڪڙو، حاڪماڻو حق،
تڏهن مدن چوي مرڪ، جڏهن کنڌو ڏيئي خلاص ٿين.
ڪتاب: سنڌ جي هندن جي تاريخ، سال 2006ع، ص: 335.
بيت جي ٻي پڙهڻي:
ميان سندءِ ملڪ ۾ اهڙي بات نه بڪ،
اڳيان راول وٺندءِ، روڪڙو حاڪماڻو حق،
مدن تڏهن مرڪ، جڏهن ليکو لاهي لال ٿئين.

ڪتاب: مونا طور سينا، ڇاپو مئي 2019ع، ص، 78 تي بيت هن نموني آهي.
مدن پرائي ڏيهه ۾، بڪ نه اهڙي بڪ،
راوڙ وٺندئي روڪڙو، حاڪماڻو حق،
”مدن“ تڏهن مرڪ، جڏهن کرو کڻي خلاص ٿئين.
آخر ۾ ڀٽ ڌڻيءَ کين پختي يقين سان چيو ته:
ثمر جنين نه ساڻ، هوت حمايتي تن جو،
ڪري ڇيڄ ڇپر ۾، پنهون ايندو پاڻ،
ٿيندي ريجهه رهاڻ، لحظي منجهه لطيف چئي،
هڪ دفعي شاهه صاحب، شاهه عنايت ۽ مدن مل ٽيئي جوان ڪچهريءَ ۾ محو هئا، ڳالهين ڪندي مدن فقير انهن بزرگن کان دوزخ جي باهه کان نجات پائڻ جي واٽ پڇي هئي ۽ جيڪا صلاح ڀٽائي صاحب ۽ شاهه عنايت کيس ڏني هئي اها هن ريت آهي.
مدن مل: ڀٽائي ڀر جھلا، اجھا عنايت،
سا ڪا سيکاءِ تات، جو باهه کان بچان.
شاهه عنات: مون، تون، آئون، اسين اهي چارئي چتان لاهه،
ته سندي دوزخ باهه، تؤ اوڏيائي نه اچي.
ڀٽائي صاحب: الف رک اندر ۾، ميم محمدا،
جڻيا ٻيڙا جان تان، لطفا لاهه،
ته سندي دوزخ باهه، تؤ اوڏيائي نه اچي. (حوالو: ڪتاب، لطيفي گل).
هڪ دفعي مدن ۽ شاهه عنات جو ڏاڍو سٺو مشاعرو ٿيو، ٻنهي جو نبيرو شاهه لطيف ڪيو موالين جي ڪرت ڏسي مدن ڪچهريءَ ۾ بيت ڏنو ته: ملان ۽ موالي اُٿن اسر جو، ڪن ساراهه سبحان،
ملان قربئون کڻن ڪرن کي موالي خاشا پڇن خان،
ملان پاڻي وجهن پيرن تي، موالي صافا کڻن سلطان،
ملان ٻانگ چڙهيو ڏين ٻانگون، موالي ڪن عليءَ کي اعلان،
ملان نيتن نماز کي موالين جو وزم ٿيو نان،
موالي رهن مجلس ۾، هو ڪامل پڙهن قرآن،
مدن چوي مان، مهندان ٿيندو ڪن جو،
جنهن تي شاهه عنات چيو ته: ملن ۽ موالين ۾ وڏو آهي فرق،
جو ڏيندو دنيا کي ترڪ، تنهن کي ملندو مان عنايت چئي
ٻنهي جا خيال ٻڌي جواب ۾ شاهه سائينءَ فرمايو ته
ملان ۽ موالي ٻئي خلقيا خلقڻهار،
سيد چئي سڀن کي دان ڏنا ڏاتار،
صاحب رب ستار، دان ڏيندو دلين تي.
ڀٽائي سرڪار جي جواب تي سڀ خاموش ٿي ويا ۽ واهه واهه ڪرڻ لڳا. ان ڏينهن شاهه عنات جي ڪچهريءَ مان مدن کي ايترو ته مزو آيو جو سج لهڻ جو به پرو نه پيس. پوءِ ته اونده ٿينديئي، جان کڻي ڳوٺ ورڻ لاءِ سنبري نڪتو ته، شاهه عنات چرچي طور چيس، ته ”مدن! تنهنجي ڳوٺ واري جهنگ ۾ شينهن ٿو رهي، تون هن ڪمهلي وقت نه وڃ، اڄ رات رهي پؤ ته ڪي روح رهاڻيون ڪريون!“ مدن، جيڪو روز جو هيراڪ هو؛ سو ڪٿي ٿو آرام اچيس. هلڻ کان اڳ چيائين، ته: ”جنهن جي رات تنهن جو ڏينهن ـ جنهن جو مدن تنهن جو شينهن“
هڪ دفعي شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجن مريدن کان پڇيو، ته”آءُ ڇا آهيان؟ ۽ مدن ڇا آهي؟“ مريدن وراڻيو، ته ”قبلا سائين! توهان مرشد آهيو ۽ مدن واڻيو آهي!“ معقول جواب نه ملڻ تي کين مدن ڏانهن موڪليائين. مدن کان ته هو اڳ ئي عاري هوا، مگر مرشد جو چوڻ موٽائي نه سگهيا پوءِ جيئن تيئن ڪري کانئس سوال جو جواب پڇيائون، ته ”لطيف ڪير آهي؛ ۽ تون ڪير آهين؟ مدن ٺهه پهه جواب ۾ چين ته ”لطيف، ”ڌوڙ“ آهي ۽ مان ”ڇائي“ آهيان!“. اهو جواب ٻڌي مريد گستاخي سمجهي مٿس ڏمريا. مگر ڪن سنجيده ماڻهن جهيڙي جي نوبت ٽاري کين ڀٽائيءَ تائين موٽائي آندو. جڏهن ڀٽائي صاحب کي مدن وارو جواب ٻڌايو ويو ته ڀٽائي صاحب مسڪرائي حاضرين کي چيو ته ”ابا! مدن برابر سچ چيو آهي، ڇاڪاڻ جو منهنجو جسم آخر مٽيءَ (ڌوڙ) ۾ لٽبو ۽ مدن جو بت خاڪ (ڇائي) ٿي پوندو!
شاهه لطيف ٻارنهن مهينن کان پوءِ ڪنهن سفر تان موٽي نصرپور آيو ته اتان جي مريدن فقيرن عرض ڪيس ته سائين اڃان توهان هن واڻئي کي گڏ گهمايو ٿا وتو؟ ڀٽ ڌڻيءَ فقيرن کي چيو ته، ابا ان ڪري جو هي فقير منهنجو سودو سامان آڻيندو آهي ان ڪري آءُ هن کي ساڻ کڻندو آهيان. فقيرن مان هڪ عرض ڪيو ته سائين مون کي ڏيو پئسا آءُ ٿو سودو آڻيا. شاهه لطيف پنهنجي فقير کي چيو ته اچي وٺ ٽي روپيا پوءِ ”هڪ روپيو هِت، ٻيو روپيو هُتِ، ٽيون روپيو هِت نه هُت جو سودو ڪري آ“. فقير عرض ڪيو ته مرشد سائين اهو سودو ته تمام سولو آهي، پوءِ فقير ويو ۽ دڪاندار کي چيائين ته، روپيو وٺ هِت ڏي، دوڪاندار چيس ته فقير ڇا ڏيانءِ، ڇا پيو چئين، فقير چيس هِت نه ٿو ڏين ته ڀلا روپئي جو هُت ڏي. دوڪاندار سان ان فقير جو بحث جاري هو ته ماڻهن جو هجوم گڏ ٿي ويو ته، دوڪاندار ماڻهن کي چوڻ لڳو ته ڀٽائيءَ جي فقير کي سمجهايو چريو ٿيو آهي ڇا ؟ چئي ٿو سودو هِت ڏي يا هُت ڏي. ان کان پوءِ فقير کي دڙڪا ڏئي واپس ڪيو ويو پوءِ فقير هٿين خالي موٽي آيو ۽ ڀٽائي سرڪار کي عرض ڪيائين ته سائين دوڪاندار کي چيم ته سودو هِت ڏي يا هُت ڏي، توهان جو نالو به کنيم پوءِ به دوڪاندار نه سمجهي سگهيو ۽ سودو نه ڏنائين ۽ پنهنجي جان بچائي آيو آهيان. پوءِ سهڻي لطيف چيو ته اهو سودو مدن ڪري ايندو. پوءِ مدن ٽي روپيا کڻي هڪ ڳوٺ ۾ ويو اتي هڪ روپيو هڪ ايماندار ماڻهوءَ کي امانت طور ڏنائين، ٻيو روپيو هڪ نابين کي الله سائين جي نالي ڏئي آيو ۽ ٿورو اڳتي هلي ڳوٺ جي چوراهي تي ڏٺائين ته هڪ ناچڻي ماڻهن جي هجوم ۾ نچي پئي پوءِ ٽيون روپيو ان کي ڏئي آيو. فقيرن مريدن مدن کي پري کان هٿين خالي ڏٺو ته چوڻ لڳا ته سائين مدن ته هٿين خالي پيو اچي. مدن فقير ، لطيف سائين جي خدمت ۾ حاضر ٿي چيو ته سائين توهان وارو سودو ڪري آيس. هڪ روپيو هڪ ايماندار وٽ رکيم ۽ ٻيو روپيو نابين کي ڏنم ۽ ٽيون روپيو چوسول تي ناچڻي نچي پئي ان کي ڏئي آيس. فقيرن ۽ مريدن چيو مدن واهه جو سودو ڪري آئين اهو وري ڪهڙو سودو آ ؟ سهڻي لطيف پنهنجي فقيرن، مريدن کي سمجهائيندي چيو ته ابا ”مدن جو پهريون روپيو هِت جو سودو جيڪو ڪيڏي مهل به واپس وٺي سگهجي ٿو. ٻيو روپيو هُت جيڪو الله جي نالي ڏنائين ان جو اجورو آخرت ۾ ملندو. ٽيون روپيو ناچڻيءَ کي ڏنائين جيڪو نه هِت نه هُت ڪنهن به ڪم جو نه ٿيو ويتر گناهه ۾ شمار ٿيو. فقيرن عرض ڪيو ته سائين توهان جا عجيب ۽ روحاني سودا آهن اهي راز واقعي مدن ئي سمجهي سگهي ٿو. هاڻي اسان کي هن درويش تي ڪوبه اعتراض ناهي. پوءِ شاهه سائين فرمايو ته ابا ”ڏات نه آهي ذات تي جو وهي سو لهي“
هڪ دفعي ڀٽائي صاحب ميين محمد امين ڊاسوڙيءَ واري وٽ آيو ته مدن مهتي کانسواءِ هڪ ٻيو فقير به ساڻس گڏ هو، ميين محمد امين، شاهه سائين توڙي فقيرن جي چڱيءَ طرح آڌرڀاءُ ڪئي ۽ کين پنهنجي اوتاري ۾ ويهاريو. ڪچهريءَ گذرندي ڪيڏي مهل، مدن ڀڳت ٻئي فقير کي ڪن ۾ آهستي چيو ته ”ڏس ميين وارا ڪهڙا نه سادا آهن، سندن گهر به ڪکاوان آهن، ميين امين وارا برابر فقير آهن“. سندن مطلب ڪو ميين محمد امين جي گهرن تان کلڻ جو ڪونه هو پر هنن فقيرن سندن سادگي پئي بيان ڪئي. انهيءَ ساري ڳالهه جي ميين محمد امين کي ڪشف جي ذريعي پروڙ پئجي ويئي. ٿوري دير کانپوءِ مدن ڀڳت ۽ اهو فقير پيشاب جي خيال کان ٻاهر نڪتا، ميين امين جي انهيءَ اوتاري جي آمهون سامهون هڪ وڏي کڏ هئي جيڪا هن وقت ته لٽجي چڪي آهي. انهيءَ کڏ ۾ ماڻهو پيشاب وغيره ڪندا هئا. هنن ٻنهي فقيرن پيشاب ڪري جيئن وٽ چيٺڻ لاءِ ڀتر کنيا ته اهي سون جا ٿي پيا، ائين نيٺ فقير پنهنجا ڪپڙا پليت ڪري اچي ڪچهريءَ ۾ ويٺا. ٿوري دير کانپوءِ ماني آئي جا هنن کاڌي، ماني کائي بس ڪيائون ۽ ڪچهري وري شروع ٿي. تڏهن ميين محمد امين، مدن مهتي کي مخاطب ٿي چيو ته ”ابا آزمودو ورتوَ؟ اسان لاءِ اها ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي، اسين جيڪڏهن گهرون ته سٺيون جايون به جوڙائي سگهون ٿا“. پوءِ مدن ڀڳت ميين امين کان معافي ورتي.
مدن فقير ۽ شاهه لطيف ڪڏهن ڪڏهن سفر ۾ نڪرڻ وقت بار بار هي راز جي ڳالهه ڪندا هئا، مدن فقير، ڀٽائي سرڪار کي چوندو هو ته ”سائين پهرين اوهان پوءِ آءُ“ جواب ۾ ڀٽائي سرڪار چوندو هو ته ”نه پهرين تون پوءِ آءُ“. پوءِ واقعي ٿيو به ائين جو مدن فقير جو چالاڻو ٿيو. انهيءَ راز کي ڀٽائي صاحب ثابت ڪري ڏيکاريو، ٿيو ائين جو پهرين مدن فقير آرتوار 29 نومبر 1744ع تي پرلوڪ پڌاريو ته ڀٽائي سرڪار هن درويش جي مڙهيءَ کي پنهنجي قبر واري مقرر جاءِ جي پيرانديءَ کان دفن ڪرايو، انهيءَ ڪري ته سندس مريد ۽ فقير درگاهه تي حاضري ڏيڻ وقت پهرين مدن فقير جي مڙهيءَ کي اورانگهي پوءِ اچي سندس حاضري ڏين. شاهه سائينءَ جي فقيرن مان ايتري ويجهڙائپ ڪنهن ٻئي فقير کي نصيب نه ٿي آهي. 1754ع ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي، شاهه عبداللطيف جو مقبرو جوڙايو ته مدن جي قبر ديوار ۾ اچي وئي. روايتن مطابق 1974ع تائين مدن جي نالي واري سر شاهه سائينءَ جي روضي جي پيرانديءَ کان لڳل هئي.
سنڌ جي هن سگهڙ، سنڌي ۽ هندي زبان جي نامور شاعر مدن فقير جا ظريفاڻه، اصلاحي ۽ پرولين وارا بيت ڪافي تعداد ۾ مشهور آهن تن مان ڪجهه نارو ڀڳت ۽ ٻين ڀڳتن به ڳايا آهن انهن تي تحقيق جي ضرورت آهي. مدن فقير جا ڪجهه ٻيا بيت هيٺ ڏجن ٿا، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن واقعي تي چيل آهن.
گل چرڻ گيهل ڪرڻ، ايءُ نه ڪنواٽن ڪم،
مهند جو مدن چوي ٿا گورا رکن گم،
ويندئي ڇڏي وهم، جڏهن وٺي ايندين وڳ مان.

ڀلا نه ڀيلين، مر ڀڻا گھمن باغ ۾،
موڙي مڃر ٽاريون، تن کي تسيا ڏين،
اهڙا جي آهين، سي بازي کٽن باغ مان.

محبت مٺو ٿوڪ، ميون ۾ مدن چئي،
ڇا ڄاڻي لوڪ، قدر ان ڪيميا جو.

ڪالهه پڻ ڪالهه هئي، اڄ پڻ ڏينهن ٻيو،
مڙهيءَ ۾ مدن چوي ويهي ڪانگ ويو،
جنهن ۾ ماڻ پيو، سا راهه رهندي ڪيترو.
شاهه لطيف ۽ مدن جي محبت کي مدِ نظر رکندي ڀٽ شاهه تي هندو برادريءَ لاءِ هڪ گرد ئارو جوڙايل آهي. گردواري جو مک سنڀاليندڙ مدن ڀڳت جي خاندان مان گاگن داس مدناڻي آهي. ان کانسواءِ ڀائي ارشد جيت سنگهه، ڀائي نول ڪمار، ڀائي ونود ڪمار، ڀائي پرسومل، ڀائي وينسي مل، ڀائي پرڪاش سنگهه به هن گرد واري تي ايندڙ ڀٽائيءَ جي پانڌيئڙن ۽ غريب ماڻهن جي سيوا ڪن ٿا. گرد واري جو افتتاح سيد وقار حسين شاهه لطيفيءَ 4 سيپٽمبر 2015ع تي ڪيو.
مددي ڪتاب: سنڌي ميمڻ عبدالغفور، عظيم سنڌي انسان 1998ع، ص: 328، 329، 327 تي مدن پٽ چيتن تولاڻي، ص ـ330 تي مدن فقير جي مڙهي يادگار طور ڀٽ شاهه ۽ ٽنڊي آدم ريلوي اسٽيشن وچ ۾ اتر طرف اڄ به قائم آهي. عبدالواحد حاجي احمد ڀٽي آدم سيلاني، لطيفي گل، نيو سنياسي پبليڪيشن هالا 1959ع، ص: 39، 40، 41. ڪريم بخش خالد، مرتب، ذڪرِ لطيف، محڪمه اطلاعات ڪراچي 1984ع، ص: 50. لغاري ڊاڪٽر عبدالجبار عابد، سنڌي شاعريءَ جي مختصر تاريخ، مهراڻ اڪيڊمي ڇاپو ٻيو 2001ع ص: 65، 66 تي بيت ”سرهه گڏ بئي سسئي سوڙهي منجهه سهي“ عنايت ڏيرو جو لکيل آهي. ميمڻ قربان علي، مرتب، فڪر لطيف، تنظيم فڪر و نظر سکر، اپريل 1986ع، ميمڻ قربان علي، مرتب، فڪر لطيف، تنظيم فڪر و نظر سکر 1987ع، ص: 151. آڏواڻي ڀيرومل مهرچند، سنڌ جي هندن جي تاريخ، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2006ع، ص: 334. يوسفاڻي معمور، شاهه لطيف جا ٿر تان ڀيرا، مهراڻ اڪيڊمي 2001ع، ص: 97. مخزن لطيف 1969ع. حميد سنڌي، مرتب، سر گهاتو، سال 1987ع. وفائي مولانا دين محمد، لطفِ لطيف 1950ع. بدر ابڙو، سنڌ جو شاهه 2000ع. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، شاهه عنايت رضويءَ جو ڪلام، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ڇاپو ٻيو 2010ع. ڪلاچي مارچ 2002ع، ماهوار نئين زندگي 1962ع، لطيف سالگره مخزن 1968ع. سليم ڀٽو لطيفي، مقالو، لطيفي ماڳن جي سار سنڀار. عبرت مئگزين.

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي عظيم مفڪر

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ انسان ذات لاءِ عظيم درس سمايل آهي. هن عظيم شاعر جي وڏي خوبي اها آهي جو سندس بيت جي ظاهري معنى هڪڙي ۽ روحاني معنى ٻي نڪري ٿي. لاکيڻي لطيف پنهنجي ڪلام ۾ توحيد جي تنوار کانسواءِ سورهين، سورمين، سورمن، جيت جڻين، پکي پکڻن ۽ سنڌ جي وستي واهڻن کان علاوه ملائڪن سڳورن، امام سڳورن ۽ انبياء اڪرام جو به ذڪر ڪيو آهي.
حضرت ابراهيم عليه السلام کي الله تعاليٰ جو حڪم ٿيو ته پياري ۾ پياري شيءِ قربان ڪر ! پوءِ حضرت ابراهيم عليه السلام، پنهنجي فرزند کي ذبح ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو ته قدرت واري حضرت اسماعيل جي جڳهه تي دنبو ذبح ڪرايو، انهيءَ واقعي تي شاهه لطيف فرمايو ته:
ڪاتيءَ ڪونهي ڏوهه، ڳن وڍيندڙ هٿ ۾،
پسيو پر عجيب جي، لچڪيو وڃي لوھ.،
عاشقن اندوهه، سدا معشوقن جو.
شاهه صاحب هن بيت ۾ ڪاتي جي مڏي ٿيڻ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ حضرت ابراهيم جڏهن اسماعيل کي ذبح ڪرڻ جو ارادو ڪيو ته سندس هٿ ۾ ڪاتيءَ جي لچڪڻ جي ڳالهه به ڪئي آهي.
پهرين ڪاتي پاءِ، پڇج پوءِ پريتڻو،
ڏک پريان جو ڏيل ۾ واڄٽ جيئن وڄاءِ،
شيخن ماهه پچاءِ، جي نالو ڳيڙءِ نينهن جو.

ڪاتي تکي مه ٿئي، مر منيائي هوءِ،
مان ورمن توءِ، مون پريان جا هٿڙا. (سر ڪلياڻ)
شاهه سائين اهلبيت جو سچو عاشق هو. جڏهن سندس تڙ ڏاڏي شاهه ڪريم سندس ولادت جي اڳڪٿي هڪ سٽ ۾ هن نموني ڪئي هئي ته ”جر ۾ پکي جئن، ٻانهياري سر ٻيلهڙو.“ جيڪا روايت بنجي وئي، پوءِ جڏهن لطيف وڏو ٿي خود شاعري ڪرڻ لڳو ته کيس اها رويتي سٽ معلوم ٿي ۽ پاڻ انهيءَ تي گره لڳائي بيت مڪمل ڪيائين. بيت جي ٻي سٽ: ”اسان جو تن تيئن ٿو ساري مرسل مير کي“. سندس ڪلام ۾ اڪثر حب رسول صلعم، غلامانِ رسول صلعم ۽ اهلبيتعه جو تذڪرو ججهي انداز ۾ ملي ٿو. شاهه لطيف، حضور ڪريم جن جو سچو عاشق هو. سندس ان اظهار عقيدت مان ڪجهه ڪلام هيٺ بيان ڪجي ٿو.
حضور (صه) جن جي ولادت باسعادت 29 آگسٽ 570ع (ڪجھه ڪتابن ۾ 22 اپريل 571ع) ۾ مڪي جي قريش خاندان ۾ حضرت عبدالمطلب جي گھر ۾ ٿي، جيڪو سندن ڏاڏو هو. ان جي پيشانيءَ ۾ نورِ محمد موجود هو، جنهن کي ڏسي هاٿين کيس سجدو ڪيو هو. ان تاريخي معجزي ۽ واقعي کي ڀٽائيءَ سرڪار سر سارنگ جي وائيءَ ۾ بيان ڪيو آهي. نبي ڪريم (صه) جن جي ولادت باسعادت، بعثت ۽ معراج کان سواءِ هن نعتيه وائيءَ ۾ (1) اصحاب الفيل جو واقعو. (2) ايوان ڪسرى جي ڌڏڻ ۽ 14 ڪنگرن جي پَٽِ پوڻ وارو معجزو، جو سرورِ ڪائنات صلعم جن جي ولادت وقت رونما ٿيو. (3) معراج مبارڪ وارو واقعو بيان ڪيو آهي.
اکيون مينگھه ملار، صورت تنهنجي سڀ جڳ موهيو،
سجدو فيل في الحال ڪيو، پسي مطلب نور نراڙ،
ڄاپڻ وقت ڄام جي، ڪريا ڪوٽ ڪفار،
آگي آسمانن جو، توکي ڪاريو سير ستار،
”ولسوف يعتيڪ ربڪ فترضيٰ“ توسين قادر ڪيا قرار،
قادر پاڻ قسم کنيو، خاڪ قدمن جو ڪلتار،
آهين ڪرم ڪريم جا، احمد ساڻ اپار،
اُڪنڊيا جي ابر کي، سرها ٿيا سنگھار،
موڪل ٿي مينهن کي، دوست هٿان دلدار،
اڳيان عبداللطيف چئي، محب مليا منٺار.
(سر سارنگ، شاهه جو گنج، محمد قاسم راهمون، 2011ع، ص: 175.)
شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ محبوب خدا کي پنهنجو محبوب، پرين بنايو آهي. شاهه سائين سندن معراج واري واقعي کي پنهنجي شاعريءَ جي ڪل پنجن سرن ۾ بيان ڪري سمجھايو آهي.اهي سر هي آهن. سر کنڀات، سر سورٺ، سر بلاول، سر سارنگ ۽ سر مومل راڻو، شاهه لطيف پنهنجي محبوب ۽ محبوب خدا جي زمين کان عرش عظيم ڏانهن اسرڻ ۽ عظيم ملاقات واري واقعي کي هن طرح بيان ڪيو آهي.
ڪاڪئان قاصد آيو، راڻي پاس رمي،
چڙهيو محمد مصطفيٰ، دوست دم دمي،
اڳيان خوف نه خطرو، نڪو غم غمي،
ڪو نه ٻيو ڪرمي، جيڏو توجھان ۾.
اهڙي طرح معراج واري ملاقات جو ذڪر سر سورٺ ۾ پڻ هن طرح ملي ٿو، جنهن چوڏيل تي چڙهي محبوب مدني کي آگي اڀن جو سير ڪرايو. ڀٽائيءَ سرڪار ان واقعي کي هن بيت ۾ به بيان ڪيو.
آءٌ مٿانهون مڱڻا، چڙهي ۾ چوڏول،
توکي گھوٽ گھرائيو، راجا منجھه رتول،
راز ڪيائين راو سين، موچاري مهل،
”انا احمد بلا ميم“، سئن هنئي سائل،
ڪئه ڪئه پيئي ڪل، ته هر دوئي هيڪ ٿيا.
(شاهواڻي غلام محمد، شاهه جو رسالو، سر سورٺ، سال 2005، ص:644.)
رب ڪريم پنهنجي محبوب کي ستن آسمانن جي سير ڪرائڻ کان پوءِ سدرته المنهيٰ جو سير ڪرايو ته لطيف سائين ان واقعي کي هن بيت ۾ بيان ڪيو.
جتي عرش نه اڀ ڪو، زمين ناهه ذرو،
نڪو چاڙهو چنڊ جو، نڪو سج سرو،
اتي آديسين جو، لڳو دڳ درو،
پري ٻين پرو، ناٿ ڏٺائون ناهه ۾. (سر رام ڪلي)
شاهه لطيف، پاڻ سڳورن جي مڪي مان مديني ڏانهن هجرت واري واقعي کي هن بيت ۾ بيان ڪيو آهي.
ڀلئو سڀ ڀنڀور، پٺي هوت نه هليو،
شهر سڃاتو ڪينڪي، آرياڻي اتور،
ماڻئو تني مور، جني ديکئو دل سان.
ناز منجهاران نڪري، جڏهن پرين ڪري ٿو پنڌ،
ڀونءِ پڻ بسم الله چئي، راه چمي ٿي رند،
اڀيون گهڻي ادب سين، وٺي حورون حيرت هنڌ،
سائينءَ جو سوڳنڌ، منهنجو ساجن سڀنئان سهڻو. (سر بروو سنڌي)
رسول ڪريم صلعم جن هجرت ڪرڻ وقت فرمايو اي علي، اڄ رات تون منهنجي بستري تي آرام ڪر ۽ هي امانتون صبح جو ماڻهن کي واپس ڪجان، حضرت عليعه کي ان رات نبي سائين جن جي بستري تي تمام گھري ننڊ آئي، سندن اها ننڊ به عبادت ۾ شمار ٿي. ان واقعي تي لاکيڻي لطيف فرمايو ته:
تن تسبيح من مڻيو دل دنبورو جن
تندون جي طلب جون وحدت سر وڄن
قل هوالله احد الله، اهو راڳ رڳن
موتوا قبل انت موتوا اها لرز لڱن
في الافاق وفي انفسڪم اها هاج هٿن
لتنذر قوماَ ما اهو پهه پيرن
سڀ عضوا عبداللطيف چئي پرين لئي پُرجهن
ستا سي سونهن ننڊ عبادت جن جي.
حضرت علي عليه السلام جي ولادت 13 رجب سن 30 عام الفيل مطابق 600ع ۾ جمع جي ڏينهن ڪعبةالله شريف ۾ ٿي ته، حضرت علي عليه السلام ٽي ڏينهن اکيون نه کوليون ته سندس امڙ فاطمه بنت اسد بي قرار ٿي پئي. پوءِ ٽئين ڏينهن جڏهن سرورِ ڪائنات رحمةاللعالمين محبوبِ خدا نبي پاڪ جن سندن گھر آيا ته حضرت علي عليه السلام جن پنهنجون اکيون مبار ڪ کوليون. ان واقعي کي لطيف سرڪار سامهون رکندي فرمايو ته:
اکيون سي ئي ڌار، جن سان پسين پرينءَ کي،
_________________________________________
اک پريان جي اک ۾، جَني پاتي اکَ،
سي ميڙي موٽيا لکَ، جا صورت ڏٺي سُپيرين جي. (سر آسا)
حضرت علي ڪرم الله جي هنج ۾ پاڻ سڳورا آرام فرمائي رهيا هئا. وچينءَ نماز جو وقت هو، حضرت عليءَ نماز پڙهڻ ٿي چاهي ٿي. پر نبي پاڪ کي جاڳائڻ، ننڊ ڦٽائڻ ۽ آرام ۾ خلل وجھڻ مناسب نه سمجھيو، تانجو سج بلڪل ٽٻي هڻڻ تي هو. جناب علي مرتضيٰ جن جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي حضور جن جي چهري انوار تي ڪريا، جنهن تي پاڻ سجاڳ ٿي عليءَ کان دريافت فرمايائون ته اي علي! ڇا لاءِ روئين پيو؟ حضرت عليءَ فرمايو ته يارسول الله! وچين نماز فوت ٿي ويئي. سج پنهنجو سمورو سفر پورو ڪري منزل تي پهچڻ وارو آهي. توهان کي ننڊ مان اٿارڻ مناسب نه ڄاتم ۽ سوچيم ته توهان جي محبت ديدار ڇڏي جيڪڏهن وڃي نماز پڙهندس ته اهو اوهان جي شان وٽان ناهي ۽ منهنجي لاءِ پڻ ناموزون هو. ڇو ته نماز قضا ٿي سگھي ٿي، پر اوهان جي زيارت ۽ محبت ڪڏهن به قضا نٿي ٿي سگھي ۽ ڇا رسول الله! جنهن وٽان نماز ملي، تنهن کي ڇڏي ڏجي ته اها ناداني نه آهي! نماز جي قضا ڪرڻ وارو قصور ته منهنجو معاف ٿي سگھيو ٿي پر جي اوهان جي آرام ڦٽائڻ ۽ توهان کي ڇڏي ڀڄڻ جو گناهه ناقابل معافي آهي. اهو ٻڌي جناب سرور ڪائنات جن کين فرمايو ته اي علي! آفرين هجي تنهنجي محبت ۽ ادب کي. گھٻراءِ نه اسان هينئر ئي تنهنجي لاءِ سج کي واپس ورايون ٿا. پوءِ پاڻ آڱر مبارڪ جي اشاري سان سج کي پوئتي موٽايائون ۽ جناب علي ابن ابي طالب وچين نماز سڪون ۽ اطمينان سان ادا ڪئي. اهو واقعو سهڻي لطيف هن بيت ۾ ڪيو آهي.
صحبت سپرينءَ جي، ايءُ پڻ وڏي حاج،
قضا ڪج نماز، وقت ورائڻ وجھڙو.
روزا ۽ نمازون اي پڻ وڏي حاج،
قضا ڪج نماز، صحبت ڪارڻ سپرين. (سر آسا)
سگهڙ حاجي الهداد جنجهي، شاهه جو گنج، سال 2008ع، ص: 442. سمون محبوب علي، مصنف، ڀٽائي تي بهتان، ص: 78
ميمڻ قربان علي، مصنف، فڪر لطيف،تنظيم فڪر و نظر سکر، سال: اپريل 1986ع، ص:41.

شاهه جي شيدائين جا ڪم

شاهه سائينءَ جو پهريون شارح پير محمد راشد روضي ڌڻي آهي جنهن پنهنجي ملفوظات ۾ شاهه سائينءَ جي ڪجهه بيتن جي شرح لکي آهي. سندس ملفوظات جا ٽوٽل 6 حصا آهن، جن ۾ 1911 روايتون، 4 خط ۽ 5 وظيفا ڏنا ويا آهن.
ميان فقير محمد ويهڙائي چانڊيا قبيلي جو چشم وچراغ هو. هي بزرگ سنڌ جي تاريخي شهر ٽلٽيءَ جي ڀرسان ڳوٺ ويهڙ شريف ۾ 1270هه ۾ ڄائو. علم معرفت جي تلاش ۾ سائين مخدوم ميان غلام محمد جن وٽ دست بيعت ٿيا. جتان کين روحاني سبق مليو ۽ کين حڪم ٿيو ته باغن جا سير ڪندا رهو ۽ رياضت ڪندا رهو. پوءِ حضرت شاهه عبداللطيف جي درگاهه تي رياضت لاءِ حاضر ٿيا ۽ روزانو مراقبا ڪندا هئا. حضرت سخي سرور نوح جي درگاهه تي به رياضت ڪندا هئا. چاليهه سالن جي عمر ۾ زبردست جفاڪشيءَ سان مڪمل روحاني فيض حاصل ڪري ورتائون. کين عشق جي آتش سبب ٿڌي پاڻيءَ سان غسل ڪرڻو پوندو هو ۽ ڄميل پاڻي سيني تي مليندا هئا. آخر گرميءَ جي شدت کان مجبور ٿي، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪراڙ ڍنڍ ۾ وڻ جي ڄار ۾ هٿ وجھي پاڻيءَ ۾ رياضت ۽ مراقبو ڪندا هئا. سندن وصال آچر جي ڏينهن فجر نماز کان پوءِ 12 جمادي اول 1380هه ۾ ٿيو.
هڪ ڀيري اڪبر کي سنڌي مارئي داستان ٻڌڻ جو شوق جاڳيو، درٻاري ڳائڻن وڏا وس ڪيا، پر هو مارئيءَ جو داستان ٻڌائي نه سگھيا. آخر مرزا جاني بيگ اهو داستان ٻڌائي واهه واھه ڪرائي ڇڏي. جنهن تي اڪبر ڏاڍو خوش ٿيو. ائين هڪ دفعي اڪبر پنهنجي خاص درٻاري راڳي تان سين کي مرزا جاني بيگ ڏانهن ڳائڻ لاءِ موڪليو. چون ٿا ته تان سين اڳ ۾ راجا بير بل وٽ هوندو هو. جتان اڪبر کيس زوريءَ پاڻ وٽ گھرايو هو. اڪبر ڏانهن اچڻ وقت راجا هن جي پالڪيءَ کي ڪلهو ڏئي کانئس موڪلايو هو. تان سين ايڏي عزت افزائي ڏسي راجا سان وعدو ڪيو هو ته مون ساڄي هٿ سان توکي سلام ڪيو آهي. اهو هاڻي ڪنهن به ٻئي ماڻهوءَ يا بادشاهه کي سلام لاءِنه کڻندس. اڪبر وٽ اچڻ کان پوءِ به تان سين هن کي کاٻي هٿ سان سلام ڪندو هو. اڪبر کي اها ڳاهه نه وڻندي هئي. پر ڪڇندو نه هو. مرزا جاني بيگ سياڻو ماڻهو هو. سو هو سمجھي ويو ته اڪبر کي ان سان پنهنجي ذلت ۽ رسوائي محسوس ٿئي ٿي. تان سين جڏهن راڳ ختم ڪيو ته، مرزا جاني بيگ اٿيو ۽ چيائين ته ”اي راڳي، مان ته مفتوح آهيان، تنهن ڪري تو تي نثار ڪرڻ لاءِ جو ڪجھه منهنجي دل چوي ٿي. اهو ڪونهي، پر ها، مان پنهنجو پاڻ تو تي نثار ڪيان ٿو.“ ائين چئي مرزا جاني بيگ اٿيو ۽ تان سين جي چوڌاري طواف ڪري ست چڪر ڏنائين. اهو ڏسي تان سين جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو ۽ اٿي ساڄي هٿ سان جھڪي سلام ڪندي چيائينس ته ”اي سردار مان به اڄ تائين ڪنهن کي ساڄي هٿ سان سلام ناهي ڪيو، پر اڄ توکي انهيءَ ڪري سلام ڪيان ٿو، جو تون ئي ان جو حقدار آهين.“ محقق امام راشدي. حوالو، ڪاوش دنيا پهرين جون 2014ع.
شاهه جي شيدائي استاد خان صاحب منظور علي خان هڪ انٽرويو ۾ چيو ته جيڪر آءُ حضرت شاهه عبداللطيف، حضرت سچل سرمست، بيدل ۽ حمل فقير کي نه ڳايان ها ته اڄ استاد ڪونه سڏجا ها. ان ڪري اهو چوڻ صحيح ٿيندو ته سنڌ جو مون تي ٿورو آهي. سچل ۽ شاهه جو احسان آهي، جو آءُ هن منزل تي پهتل آهيان.
شاعر محمد نوشه گنج بخش قادري جي اردو ۽ پنجابي ڪلام ”گنج شريف“ ۽ شاهه سائين جي گنج شريف ۾ هڪجهڙائي نظر اچي ٿي. محمود شبتري جي سوالن تي قائم ڪيل يا ٺاهيل موضوعن جي آڌار تي شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ به ساڳيا موضوع ملن ٿا.
مسٽر عبدالله چنه 1927ع کان 11 سال مختيارڪار رهيو ته ميرپورخاص ۾ به ڊيوٽي ڪري آيو. هڪ دفعي کيس زينت چنه چيو ته موهن جي دڙي جي پنج هزار سال تهذيب جا کوهه ڳولي لڀجن ٿا ته پوءِ مارئيءَ جو کوهه ڇو نه ٿو ڳوليو وڃي. تون ٿر ضلعي جو دفتردار ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر به ٿي رهيو آهين، تون مارئيءَ جي کوهه جي ڳولا ڪر. پوءِ خان صاحب عبدالله چنه، نواب مير الهه داد خان لوڪل بورڊ جي پريزيڊنٽ ۽ قاضي نور محمد چيف آفيسر ۽ قاضي دين محمد سومرو لوڪل بورڊ جي اڪائونٽنٽ سان خط وسيلي مارئيءَ جي کوهه جو ذڪر ڪيائين. پوءِ قاضي دين محمد کوهه جي ڳولڻ جي ڳالهه لوڪل بورڊ جي ميٽنگ ۾ ڪئي ۽ ڪجهه عرصي بعد پئسا منظور ڪرائي ڀالوا ۾ مارئيءَ جو کوهه ۽ ڇيلڙن کي پاڻي پيارڻ واري ڀڳل ڪونڊي ڳولي لڌائون. مسٽر عبدالله چنه 1940ع ۾ کوهه جي چڱيءَ ريت مرمت ڪرائي ۽ ڀڳل ڪونڊيءَ کي ٺاهي راس ڪرايو. پوءِ چنه صاحب پٿر تي سر مارئيءَ جو بيت لکڻ لاءِ اخبارن ۾ ليک ڏنا ته ان جي جواب ۾ ٻه ٽن اديبن مسٽر چنه جي دل وارو بيت اخبار ۾ ڏنو. پوءِ سنگمرمر جو پٿر چار فوٽ ڊگهو ۽ ٽي فوٽ ويڪرو مسٽر عبدالله چنه ڏانهن حيدرآباد موڪليو ويو ته ان پٿر تي چنه صاحب مارئيءَ جو هي بيت.
عمر آئين اوچتو ڪهڙي هاج حمير،
تو ڏٺي مون ڀؤ ٿئي، سنڪو منجهه سرير،
ميان منجهه ملير، اڳ نه ڏٺين ڪڏهن.
بيت سان گڏ لکائيو ويو ته ضلعي لوڪل بورڊ ٿرپارڪر جي خرچ سان هي مشهور مارئيءَ جو کوهه کوٽرائي ۽ ڪونڊي جي مرمت ڪرايل آهي ۽ مسٽر عبدالله چنه جي ڪوشش سان ٺهيو آهي پوءِ اهو پٿر چنه صاحب ميرپور موڪليو ۽ پٿر کوهه تي لڳايو ويو. سال 1949ع ۾ جڏهن مسٽر عبدالله چنه ڊائريڪٽر لئنڊ رڪارڊس ۽ ڪمشنر سروي ٿيو ته ننگرپارڪر تعلقي جي اوڀر واري حد جي حد بنديءَ لاءِ ويو ته پٿر کوهه تي لڳل ڏٺائين (حوالو، نئين زندگي آگسٽ 1977ع). تنهن کان پوءِ مير حاجي محمد بخش خان ٽالپر 1956ع ۾ ان جي ٻيهر چڱيءَ طرح مرمت ڪرائي بعد ۾ 6 مارچ 1967ع ۾ اتي ميلو لڳرايو. ان ميلي مان ئي مراد فقير، مائي ڀاڳي، علڻ فقير جهڙا راڳي اڳتي آيا ۽ مشهورٿيا. مير شير محمد ٽالپر 1967ع ۽ 10 مارچ 1968ع ۾ مارئي جو ميلو ڀالوا ۾ لڳرايو. ان ميلي ۾ وڏن اديبن جن ۾ مولانا غلام محمد گرامي، ممتاز مرزا، ڊاڪٽر غلام علي الانا، محمد عثمان ڏيپلائي، سرگواسي رائچند هريجن، ڪامريڊ غلام محمد لغاري شامل هئا ۽ انهن اتي پنهنجا مقالا پڙهيا. ان کان پوءِ ريڊيو حيدرآباد جي ڏنل سوال مطابق 1996ع ۾ مارئي جو ٻيو ڀيرو ميلو لڳو. جيڪو غلط ٻڌايو ويو آهي. ۽ 1997ع ۾ انفارميشن آفيسر درمحمد ڪمال جي ڪوششن سان هڪ ئي سال ڀالوا ۽ مٺيءَ ۾ مارئيءَ جو ميلو لڳو. ان کان پوءِ 1998ع ۾ ٿر جي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت مارئي جوميلو ڀالوا ۾ ملهايو. مارئي ادبي ڪانفرنس ۾ ٻين اديبن جي مقالن کان پوءِ جڏهن فقير محمد عرف مقيم ڪنڀار کي اسٽيج تي سڏ ڏنو ويو ته هن پنهنجي جتي اسٽيج کان هيٺ لاهي پوءِ تقرير جي شروعات ڪئي. پنهنجي تقرير ۾ هن چيو ته ”مارئي ٿر جي ستي ساوتري هئي انهيءَ ڪري ٿر جي هن عظيم ڪردار تي جتي پائي ڳالهائڻ مناسب نٿو سمجهان“. اهڙي نموني 1999ع ۾ به ٿر جي ماڻهن پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت ڀالوا ۾ مارئي جو ميلو لڳرايو. بعد ۾ 2003ع ۾ ثقافت کاتي پاران ميلو لڳايو ويو. ڪجھه سالن بعد ٿر جي عظيم ڪردار مارئيءَ جو ميلو ڀالوا ۾ لڳو ته ان جو افتتاح ڇنڇر 3 مئي 2008ع مطابق 26 ربيع الثاني 1429هه تي منجھند جو ٿر جي لوڪ راڳين موهن ڀڳت جي فرزند شنڪر ڀڳت، ايشور ڀڳت سان گڏ ڪريم فقير ۽ هاشم فقير، موهن ڀڳت جي ڳايل وائي ”لڳي ڏکڻ جي هير مارو منهنجا مير“ ان وائيءَ جي گونج ۾ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو صاحبه ميلي جو افتتاح ڪيو. ادبي ڪانفرنس درٻار هال ۾ منعقد ٿي. ان ۾ مهمان خاص ڊاڪٽر غلام علي الانا هو. ان ڪانفرنس ۾ جناب شوڪت حسين شورو، تاج جويو، امر سنڌو، ارباب نيڪ محمد، آغا سليم، نور محمد جنجھي، آپا نظير ناز، ياسر قاضي ۽ ٻين خطاب ڪيو. پهريون مارئي ايوارڊ 2008ع ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير کي ڏنو ويو. جيڪو پي.پي جي ايم.اين.اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي ۽ انجنيئر ولي محمد راهمون وصول ڪيو. ٻن ڏينهن واري ميلي ۾ مختلف پروگرامن ۾ حصو وٺندڙن کي ثقافت کاتي پاران بينظير اوارڊ ڏنا ويا جنهن ۾ بهترين راڳي جو اوارڊ ڪريم فقير، بهترين سگهڙ جو اوارڊ ملوڪ نهڙي، ملهه پهلوان جو اوارڊ سرداروڀيل ۽ اٺن جي ڊوڙ ۾ بهترين اٺ جو مقابلو کٽڻ تي عبدالغني کوسي کي ڏنو ويو. ڀالوا ۾ ثقافت کاتي پاران 2010ع ۾ مارئي جو ميلو ٽي ڏينهن لڳو جيڪو بهترين ميلو چيو وڃي ٿو. ان ميلي ۾ ثقافت کاتي جي وزير سسئي پليجو اعلان ڪيو ته، هر سال جنوري يا فيبروري ۾ مارئي جو ميلو ٽي ڏينهن لڳايو ويندو.۽ ڀالوا ڳوٺ کي بجلي ڏيڻ جو اعلان به ڪيو هو. ۽ ان کان پوءِ ثقافت کاتي 22 جون 2013ع تي جان ڇڏائي مارئي جو هڪ ڏينهن جو ميلو لڳايو.
شاهه لطيف سسئي پنهون جو ذڪر پنجن سرن ۾ ڪيو آهي. مولا بخش بڪڪ لکي ٿو ته سسئي جي قبر پٻني، تحصيل سون مياڻي ۾ آهي جيڪا سيٺ علي محمد بڪڪ دريافت ڪئي ۽ 1941ع ۾ ڪراچي کان پٻنيءَ تائين رستو ٺهرايائين ۽ ڪجهه عرصي بعد سسئي جي قبر کي پڪو ڪرايائين. پوءِ اسماعيل ميمڻ ڊپٽي ڪمشنر لسٻيلو ڪجهه ڪم ڪرائي پنهنجي نالي جي تختي لڳرائي. سسئي جي مزار تي پهريون ميلو يعني ڪچهري 1962ع ۾ ضلعي لسٻيلي جي ڊپٽي ڪمشنر محمد هاشم ميمڻ ڪرائي هئي (ڪاوش اخبار ـ ڊيلي شام). 1970ع کان پوءِ حاجي محمد الياساڻي سسئي تي ميلو لڳرايو. سسئي پنهون جي آڳند سنگهر پٽ ۾، ضلعي لسٻيلي جي ڊپٽي ڪمشنر نور احمد سمون پاران 49 ورهين کان پوءِ سسئي پنهون جي مزار تي ٻي مچ ڪچهري جمع 16 ڊسمبر 2011ع 20 محرم 1433هه ۾ ٿي. جنهن ۾ نامورن سگهڙن اديبن سسئي جي سرن مان بيت پڙهي داد حاصل ڪيو. سسئي پنهل پويان جبل جهاڳيا ته سندس پير پٿون ٿي پيا، شاهه جي سورمي سسئي جي پيرن وارو پٿر شهدادپور جي منظور خاصخيليءَ وٽ موجود آهي.حوالو، اخبار عوامي آواز، 7 جنوري 2018ع.
سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جي ڪيل فيصلي مطابق، 2 جنوري 1932ع تي حيدرآباد جي ٿياسافيڪل هال ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ورسي ملهائڻ جو انتظام ڪيو ويو. هن ورسيءَ جي صدارت سيٺ غلام علي چاڳلا ۽ سيد غلام مرتضى شاهه (جي.ايم سيد) ڪئي. ان موقعي تي ڪيترن عالمن ۽ اديبن پنهنجون تقريرون ۽ لکيل مضمون ۽ مقالا پڙهيا. سيد ميران محمد شاهه ”شاهه جي حياتيءَ“ تي عالمانه انداز ۾ روشني وڌي. سيد غلام مرتضى شاهه ”شاهه صاحب جو سوز“ جي عنوان تي رسالي مان بيت پيش ڪيا. لعلچند امر ڏني مل ”شاهه جي رسالي جو چونڊ ڪلام “ جي سري هيٺ شاهه جي آزاد خياليءَ ۽ وطن جي حب تي روشني وڌي. ڄيٺمل پرسرام ”شاهه صاحب جو ڪلام“ قرآن شريف ۽ مثنوي مولانا روم جي مطابق پيش ڪيو. ميان محمد بخش ”واصف“، ”شاهه صاحب ۽ شريعت جي پابندي“ جي عنوان سان هڪ مقالو پيش ڪيو. هن ورسيءَ جي موقعي تي شاهه جي فقيرن پنهنجي اصلوڪي پراڻي انداز ۾ شاهه جو ڪلام ڳائي ٻڌايو. اهڙي نموني سنڌ ۾ ”شاهه ڀٽائيءَ جي ساليانه ورسي ملهائڻ“ جو رواج پڻ ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ“ جي طرفان شروع ڪيو ويو.
1953ع کان سنڌ سرڪار جي اطلاعات کاتي طرفان شاهه سائين جي عرس جي موقعي تي ڪتاب شايع ڪرائڻ شروع ٿيا. 1953ع ۾ سنڌ جي وزيراعليٰ جناب مرحوم عبدالستار پيرزاده، شاهه سائين جي سالانه عرس جي موقعي تي ادبي ڪانفرنس جي افتتاح جي موقعي تي ”شاهه جي حب الوطني“ جي عنوان سان تقرير ڪيائين. پيرزادي صاحب، شاهه سائين جي 201 ميڙي جي موقعي تي سنڌ صوبي ۾ پهريون ڀيرو 15 آڪٽوبر 1954ع ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو. 31 آگسٽ 1958ع ۾ ڀٽائيءَ جي ميلي تي شام جو ساڍي ستين وڳي موسيقيءَ جي پروگرام ۾ جناب عبدالستار پيرزادي صاحب آسا راڳ مان وائي ”منهنجو ملڪ ملير“ ڳايائين.
1961ع ۾ بزمِ نصيرآباد ۾ ذوالفقار راشديءَ مقالو ”شاهه جي شاعري“ پڙهيو، پاڻ ان مقالي ۾ سسئي جي سڪ ۽ سهڻي جي ميهار سان لنئون ۽ دليريءَ تي خيالن جو اظهار پيش ڪيو.
”لطيف ۽ جديد سائنس“ جي عنوان تحت ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور ”پاڪستان فلاسافيڪل ڪانگريس، شاهه عبداللطيف سيشن اسلام آباد ۾ 31 مئي 1979ع ۾ تقرير ڪئي.
شاهه لطيف بابت پهريون انگريزي ڪتاب ”لائيف آف شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ مرزا قليچ بيگ لکيو. سڀ کان پهرين شاهه سائين جي زماني جو پس منظر مغربي عالم ايڇ. ٽي. سورلي ڏنو ۽ شاهه سائين کي ڪلهوڙن جي دور جو گوهر سڏيو. سڀ کان پهريائين مير عبدالحسين سانگيءَ، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سوانح عمري جي حوالي سان تحقيق ڪئي. سڀ کان پهرين ”شاهه لطيف ۽ ڪلهوڙا دؤر تي تحقيق“ غلام حيدر چنه ڪئي. ورهاڱي کان پوءِ سڀ کان پهرين شاهه سائين جي واين تي ڊڪشنري، مشهور اديب ڊاڪٽر محمد اسماعيل شيخ تيار ڪئي. سندس ولادت پهرين مئي 1928ع ۾ ڪراچي ۾ ٿي ۽ وفات 27 مئي 2008ع قاسم آباد ۾ ٿيس. سڀ کان پهريائين شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل علامتن کي جديد مغربي معيارن موجب پرکڻ جي روايت مشهور محقق ڊاڪٽر تنوير عباسي وڌي. سڀ کان پهريائين ديوان ليلا رام خاڪيءَ شاهه سائينءَ جي رسالي جي ڏکين لفظن جي معنيٰ لکي هئي. مراٺي زبان ۾ شاهه صاحب جي زندگي، فلاسافي ۽ لوڪ قصن کي وڌ ۾ وڌ شري تولا رام رهيجا پونا واسيءَ ليک لکيا آهن. جن ۾ ”سؤراجيه“ مراٺي هفتيوار 4 جون 1966ع ”مها ڪوي شاهه لطيف“ لوڪ مت هفتيوار جي جون 2008ع قابلِ ذڪر آهن.
ڏوڪري شهر جي رهواسي استاد طالب حسين چني ۽ سندس ڀيڻ مشهور شخصيتن جي نالن کان علاوه، سڀ کان پهرين شاهه سائين جا بيت رنگين ڌاڳي سان پنڊي يعني دٻڪي تي لکيا. تنهن کان پوءِ پنڊين تي شاهه لطيف جي بيت جي سٽ بعد قرآن شريف جون آيتون، چوڻيون ۽ پهاڪا به لکجڻ عام ٿي ويا آهن.
لطيف جو پارکو ۽ رسالي جي حافظ، سگھڙ فقير محمد جمن مڱڻهار جمعي جي ڏينهن 5 مئي 2010ع ۾ عبرت اخبار ۾ انٽرويو ڏيندي چيو ته 1989ع ۾ فقير سرائي امداد علي ۽ محمد خان مجيدي سان گڏ شاهه جا اڻ ڇپيل بيت انڊيا جي راجستان ۽ ڪڇ ڀڄ واري علائقي مان هٿ ڪياسين. وڌيڪ ٻڌائيندي چيائين ته، هڪ سؤ کان وڌيڪ بلوچي ۽ بروهي ٻوليءَ ۾ شاهه جا بيت مون وٽ موجود آهن. 23 آڪٽوبر 1954ع تي ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان ”پوئٽري آف شاهه عبداللطيف“ جي عنوان سان اي.ڪي.بروهيءَ تقرير ڪئي هئي.
1966ع ۾ ڀٽ شاهه ۾ ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام ۾ اسلامي قدر“ جي عنوان تي مذاڪرو ڪيو ويو. 1969ع ۾ ايم. اي. فائنل جي پيپر ۾ بعنوان ”سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف“ تي مضمون لکڻ لاءِ ڏنو ويو. 18 اپريل 1985ع تي شاهه عبداللطيف ڪانفرنس جو افتتاح صدر جنرل ضياءَالحق ڪيو.
تنظيم فڪر و نظر سکر سنڌ پاران 1. ڪل سنڌ شاهه لطيف ڪانفرنس 1982ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ٿي. 2. 1985ع کان سالانه ڪل پاڪستان شاهه عبداللطيف ڪانفرنس سکر ۾ ٿي. 3. شاهه لطيف عالمي ڪانفرنس 1986ع ۾ سکر ۾ ٿي. 4. چوٿين ڪل پاڪستان شاهه عبداللطيف ڪانفرنس 14، 15 آڪٽوبر 1988ع ۾ ٿي. انهن ڪانفرنسن ۾ شاهه جي شيدائين مقالا پڙهيا هئا.
مضمون، سنڌ جي صوفي دانشورن جو سنيهو، ڪريم بخش خالد، هفتيوار صداقت، جيڪب آباد 14 آگسٽ 1955ع. اردو مقالو، خطبات لطيف (شاهه جو رسالو مين ڀنڀور ڪا مذڪور) ڪريم بخش خالد، ڀنڀور ضلعي ٺٽي ۾ منعقد ٿيل ڀنڀور بين الاقوامي سيمينار جي موقعي تي 28 اپريل 1983ع ۾ پڙهيو. اردو مضمون شاهه جو رسالو مين سنڌي ڪلچر ڪَي مظاهر، ڪريم بخش خالد، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ پاران منعقد يوم لطيف جي موقعي تي10 ڊسمبر 1983ع 4 ربيع الاول 1404هه ۾ پڙهيو.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي عنوان سان مظهرالحق صديقيءَ ”پاڪستان نيشنل سينٽر حيدرآباد طرفان ڪوٺايل لطيف ڪانفرنس“ جي موقعي تي 29 نومبر 1983ع تي افتتاحي تقرير ڪئي.
مضمون، شاهه لطيف ۽ سنڌي ثقافت، مير غلام علي جمالي، 31 مارچ 1984ع تي لياقت گورنمينٽ ڪاليج ملير، طرفان هوٽل جبيس صدر ڪراچي ۾ ملهايل يومِ لطيف ۾ پڙهيو هو.
مشهور محقق، آرٽسٽ ۽ شاهه لطيف جي شيدائي، بدر ابڙي 1985ع ۾ ڀٽ ڌڻي جو ٺاهيل مجسمو لاڙڪاڻو آرٽس ڪائونسل لاءِ تحفو ڏنو. لاڙڪاڻو آرٽس ڪائونسل جي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي آرٽ گيلري ۾ اڱارو 29 ڊسمبر 2015ع ۾ مجسمي جي نقاب ڪشائي جي پُروقار تقريب ٿي. ان موقعي تي بدر ابڙي صاحب چيو ته 1978ع ۾ مون کي ڀٽائيءَ جو مجسمو ٺاهڻ جو خيال آيو. پوءِ خبر پئي ته لطيف سائينءَ جو سندس حياتيءَ ۾ مجسمو ٺاهيو ويو هو. جيڪو ڀٽ شاهه جي هالا حويليءَ ۾ پيل آهي، پوءِ اتي ويس جنهن کي ڏسڻ جي اجازت نه ملي. بعد ۾ ڀٽائيءَ جي ويجھن ساٿين کان ڄاڻ وٺي، هي مجسمو 1985ع ۾ ٺاهي مڪمل ڪيم. ابڙي صاحب، شاهه سائين جي بيت ”جوڳيءَ کي جڳ ٿيا اڀي ئي پيرين، اکيون الک سامهون ڀونءِ ڏي نه ڀيري.“ کي سامهون رکي ڀٽائيءَ جي مجسمي جو تصور ان تي بيهاريو. پوءِ لاڙڪاڻي واسين ۽ ساڃاهه وندن تقريب ۾ سندن ٿورا مڃيا.
پي ٽي وي ڊراما سيريل ”ماسوري“ ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي اداڪاره زيبا بختيار جي ڊائريڪشن ۾ ڊراما سيريل ”ماسوري“ ملائيشيا ۾ تيار ڪيو ويو. ساگر انٽرٽينمينٽ جي ان سيريل جو پروڊيوسر برڪت صديقي ۽ ليکڪ ظفر معراج آهي. سيريل ۾ 10 گانا شامل ڪيل آهن. جيڪي عابده پروين، عامر جمال، ٽينا ثاني ۽ مظهر جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل آهن. سيريل ملائيشيا سان لاڳاپيل ”ماسوري“ جي ڪردار جي سلسلي ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ”ماسوري“ جي روحانيت جي ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ روحاني عشق حقيقي کي اجاڳر ڪيو ويو آهي. سيريل جي ڪاسٽ ۾ جيڪي فنڪار شامل آهن. انهن ۾ سعديه امام، فيصل قريشي، ثمينه پيرزاده، ساجد حسن، شبنم نواز، جانان ملڪ، غزاله ڪيفي ۽ طاهر رضوي شامل آهن. سيريل جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سلمان گھانچي آهي.اهو ڊرامو ڊسمبر 2004ع ۾ ٽي وي تان ٽيليڪاسٽ ڪيو ويو.
10جولاءِ 2004ع تي سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ پاران هڪ ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ اديبن ”شاهه لطيف سنڌي ٻولي ۽ سماج“ موضوع تي مقالا پڙهيا. ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي پاران شاهه لطيف سيمينار 2005ع ۾ 25 اپريل تي ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي اور عورت ڪي عظمت“ جي سري هيٺ اديبن مقالا پڙهيا. ڊاڪٽر غفور ميمڻ 8 جنوري 2005ع ۾ شاهه لطيف چيئر پاران ڪرايل سيمينار ۾ مقالو ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جا تحقيقي رخ“ پڙهيو هو. 19 مارچ 2006ع ۾ سنڌي شعبي پاران سنڌالاجي جي راشدي حال ۾ موضوع ”تصوف ۽ شاهه لطيف“ ان موضوع تي ليڪچر، مقالن ۽ مضمونن جو پروگرام منعقد ڪيو ويو.
22 مارچ 2006ع ۾ سنڌالاجي جي راشدي حال ۾ موضوع ”شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ ۾ غم جو فلسفو“ ان موضوع تي ليڪچر پروگرام رٿيو ويو.
ڀلاري ڀٽ ڌڻي جي 267 هين عرس جي موقعي تي 15 جنوري کان 21 جنوري تائين ريڊيو پاڪستان ڀٽ شاهه پاران شاهه لطيف جو هفتو ملهايو ويو. جنهن ۾ ڪيترائي اهم پروگرام نشر ڪيا ويا، جن ۾ برک دانشور ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر نواز علي شوق، آغا سليم ۽ ٻين شخصيتن جا تاثرات ۽ پيغام نشر ڪيا ويا. شاگردن وچ ۾لطيف بيت بازي، لطيف ڪوئز، ”شاهه لطيف جو نوجوانن لاءِ پيغام“ جي عنوان سان تقريري مقابلا ڪرايا ويا.
2010ع ۾ ڪوڪ اسٽوڊيو طرفان ”مومل راڻي“ کي ڪلاسيڪل نموني جاري ڪيو ويو. جنهن کي مڪمل طور شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي درگاهه وارن فقيرن طرفان پيش ڪيو ويو هو. ان موقعي تي شاهه جي راڳي فقير جمن چيو ته ان اسٽوڊيو شاهه لطيف کي بين الاقوامي طور متعارف ڪرايو آهي. حوالو، ڪاوش دنيا 2018ع. ريڊيو پاڪستان جي قومي نشرياتي رابطي تي اردو پروگرام ”شاهه عبداللطيف محبتون ڪا سفير“ 7 جولاءِ 2010ع تي نشر ٿيو. ان پروگرام ۾ نصير مرزا، تاج جويو، سحر امداد ۽ جامي چانڊيو شرڪت ڪئي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر 7 جولاءِ 2013ع تي آچر ڏهاڙي ثقافت کاتي حڪومت سنڌ ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي سهڪار سان هڪ ڏهاڙي ٻه ويهڪي ڪانفرنس ڪوٺائي. هن ڪانفرنس ۾ پهرين ويهڪ جو موضوع ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ فطرت جا رنگ“ هو. هن ويهڪ جو مهمانِ خاص سعيد احمد اعواڻ سيڪريٽري ثقافت ۽ صدارت پروفيسر ڊاڪٽر پيرزاده قاسم رضا صديقي ڪئي. پروفيسر محمد سليم ميمڻ تجويز پيش ڪئي ته شاهه لطيف جي عرس جي موقعي تي هر سال شاهه لطيف ڏيها ڏيهي ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ به ڪوٺائي وڃي ته ڏاڍو سٺو ٿيندو. ان کانپوءِ شاعر اياز جاني، ڊاڪٽر رخمان گل پالاري، ڊاڪٽر سحر امداد، ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ ٻين پنهنجا مقالا پيش ڪيا.ڪانفرنس جي ٻي ويهڪ جي صدارت سنڌ جي نامور اديب محقق آغا سليم ڪئي، سڀ کان پهريائين نوجوان محقق سڪندر ساگر پنهيار ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سنڌي پرڪاش راڳن جو تحقيقي جائزو“ جي عنوان سان پنهنجو مقالو پيش ڪيو. ان کانپوءِ تاج جويو، پنهنجو مقالو ”ديوانِ علي ۽ شاهه لطيف جو تقابلي جائزو“ جي عنوان سان پيش ڪيو. پروفيسر ڪنعيا لال ناگپال تقرير ڪندي چيو ته ”گروگرنٿ صاحب به شاهه لطيف جي شاعريءَ جيان راڳن تي ٻڌل آهي. شاهه لطيف جي سموري شاعري سرن تي ٻڌل آهي ۽ اهي سر اصل ۾ راڳ ئي آهن.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسِٽي ۽ ثقافت کاتي حڪومت سنڌ پاران 10 ڊسمبر 2014ع تي نيشنل ميوزيم آف پاڪستان جي آڊيٽوريم ۾ ”ڏيها ڏيهي شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪانفرنس“ ٿي. هن ڪانفرنس ۾ اردو سنڌي ۽ انگريزي ٻولين ۾ مقالا پيش ڪيا ويا. ڪانفرنس جي صدارت آغا سليم ڪئي تنهن بعد ڊاڪٽر فاطمه حسن چيو ته ”شاهه لطيف جي شاعري احساسن سان ڀريل آهي. شاهه جي شاعري انسانن کي محبت جو معراج ڏيکاريو آهي“. شاهه جي راڳ تي تحقيق ڪندڙ البرٽا يونيورسٽي ڪئناڊا مان آيل شمائلا هيماڻي چيو ته ”شاهه سائينءَ جي راڳ ۽ موسيقيءَ تي تحقيق ٿيڻ گهرجي ۽ هيل تائين شاهه جي رسالي جي ان پهلوءَ کي نظر انداز ڪيو ويو آهي“. برطانيا مان آيل روز ميريءَ چيو ته ”شاهه جي ڪلام ۽ پيغام کي عام ڪرڻ جي گهرج آهي هن نفسه نفسيءَ جي دور ۾ شاهه جو ڪلام اسان لاءِ واٽ ۽ لاٽ جو ڪم ڏئي ٿو“. بلوچستان مان آيل نور خان محمد حسنيءَ جي مقالي جو عنوان هو ”دهشتگرد سماج ۾ لطيف جو جواز“ . ان موضوع تي مقالو پڙهيو. گلگت بلتستان مان آيل احسان شاهه پنهنجو مقالو پڙهيو ۽ ٻين ۾ سليم راز، سيد مظهر جميل، امر سنڌو، اختر رضا سليمي، ڊاڪٽر رخمان گل پالاري، زاهده حنا، ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ ٻين تحقيقي مقالا پيش ڪيا.
ڇنڇر 28 نومبر 2015ع بمطابق 15 صفر 1437هه تي ثقافت کاتي پاران شاهه سائينءَ جي 272هين عرس مبارڪ جي ”عالمي لطيف ادبي ڪانفرنس ايڪسيلينس سينٽر ڀٽ شاهه“ ۾ منعقد ٿي. هن ڪانفرنس جي صدارت سنڌي ٻوليءَ جي برک عالم ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ڪئي. ان ڪانفرنس ۾ دهلي کان آيل اديب هيرو ٺڪر، گجرات احمد آباد کان آيل ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، ڊينمارڪ کان آيل صدف مرزا، بهاولپور کان آيل ڊاڪٽر جاويد چانڊيو، ڀٽ جو گادي ڌڻي سيد وقار حسين شاهه، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو ۽ ميزبان منظور ڪناسرو شامل هئا. انهن اديبن شاهه سائينءَ جي فن فڪر ۽ ڪلام تي تحقيقي مقالا پڙهيا ۽ ثقافت کاتي پاران لطيف سرڪار تي ڇپايل نَوَنِِ ڪتاب جي مهورت ڪئي وئي. انهن ۾ منظور قناصرو جو ترتيب ڏنل ڪتاب، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ همت ۽ جستجو“ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو رسالو ”ڳجھارت“ رکيل مورائي جو ترتيب ڏنل ڪتاب ”شاهه لطيف هڪ تحقيقي ۽ تخليقي اڀياس“ ڊاڪٽر مخمور بخاريءَ جو ترتيب ڏنل ڪتاب ”محزن شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ منظور احمد قناصري جو ”ڪوڙين ڪايائون تنهنجون“ محمد عثمان ڏيپلائي جو ”شاهه جو رسالو“ منظور احمد قناصري جو انگريزي ۾ ترتيب ڏنل ڪتاب ”دي ميسيج آف اسٽرگل آف لطيف پوئٽري“ ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي جو ڪتاب ”آڇيندي لڄ مران“ ۽ ذوالقرنين شاهه جو ڪتاب ”رهبر ڀٽ شاهه“ شامل آهن.
ثقافت کاتي اپريل 2015ع ۾ شاهه سائين جون 18 وايون سينيئر ۽ جونيئر فنڪارن کان نئين انداز ۾ نون سازن سان رڪارڊ ڪرايون. ڊي.جي.ڪلچر منظور احمد ڪناسري صاحب سال 2015ع ۾ سيڪنڊري ڪلاس جي شاگرد لاءِ موضوع ”شاهه جي شاعريءَ ۾ همت ۽ جستجوءَ جو پيغام“ هاير سيڪنڊري جي شاگردن لاءِ موضوع ”شاهه جي شاعريءَ ۾ انساني قدر“ جي عنوان سان مقالي جي دعوت ڏني. پوءِ پوزيشن کڻندڙ شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهايا.
جمع 6 مئي 2016ع تي آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻِي پاران ٽي روزه جشن لطيف ملهائڻ جو سلسو شروع ٿيو. پهرين ڏينهن ڊاڪٽر پرهه سڪينه گاد ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ حب الوطني“ جي عنوان سان مقالو پڙهيو. ڊاڪٽر احسان دانش ”سنڌي سماج ۾ شاهه جي ڪلام بابت فڪري ۽ نظرياتي تضاد“ عنوان سان مقالو پڙهيو. غلام نبي سڌايو ”شاهه سائين جو اجتماعي شعور“ عنوان سان مقالو پڙهيو. بشير احمد شاد ”شاهه جي ڪلام ۾ لفظ ۽ معنوي ندرت“ عنوان سان مقالو پڙهيو.
خيمس 10 نومبر 2016ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران ”حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام ۽ پيغام ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو ڪردار“ جي سري هيٺ 10 کان 17 نومبر تائين هفتو ملهائڻ جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل افتتاحي تقريب جي سيمينار کي مهمانِ خاص ڊي سي ڄامشورو منور علي مهيسر خطاب ڪندي چيو ته، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو پيغام واضع ۽ چٽو آهي. شاهه لطيف جي شاعري ۾ ڪيئي اهڙا نقطا آهن، جن کي سمجھڻ جي ضرورت آهي. سينيئر صحافي نياز پهنور چيو ته ريڊيو حيدرآباد ۾ ڀٽائي جي مختلف رخن جي حوالي سان وڏو ڪم ٿيو آهي. ان موقعي تي نصير مرزا، ريجنل ڊائريڪٽر محمد علي ٻانڀڻ، تاج جويو، زيب سنڌي، سينيئر صحافي ناز سهتو، پروفيسر نظير قاسمي، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ، عشرت علي خان، شاهه لطيف جي ڪلام، فن ۽ فڪر تي روشني وڌي ۽ ان سيمينار جي ڪمپيئرنگ ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد جي پروگرام مئنيجر علي اڪبر هنڱورجي ڪئي. هن وقت علي اڪبر هنڱورجو صاحب اسٽيشن ڊائريڪٽر آهي.
پهرين نومبر 2016ع تي ڪراچيءَ ۾ نامياري اسڪالر احمد سليم”موجوده دور جا مونجهارا ۽ شاهه لطيف“ موضوع تي ليڪچر ڏنو.
2016ع ۾ شاهه سائين جي 273 هين عرس جي موقعي تي ثقافت کاتي حڪومت سنڌ پاران اديبن کي هيٺين عنوانن تي مقالن لکڻ جي دعوت ڏني. (1) شاهه جي شاعريءَ ۾ امن. (2) شاهه جي شاعريءَ ۾ عالمگيريت. (3) شاهه جي نظر ۾ محبت. (4) شاهه جو آدرشي انسان.
شاهه سائين جي عرس جي موڪل باوجود سگا جي عهديدارن ڪراچي جي سچل ڳوٺ ۾ 14 سفر 1439هه مطابق ڇنڇر 4 نومبر 2017ع تي ٻارڙن پهريون ڀيرو ڀٽائي جو ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهايو. جن ۾ انوشا ميمڻ، فائقه ۽ غفران، ڀٽائي سرڪار جي شاعري ۽ ان جي پيغام بابت تقريرون ڪيون. جڏهن ته غزاله، عاصف، پيڪر فاطمه، اُم فروه ۽ ٻين پڻ ڀٽائيءَ جا بيت پڙهيا.
شاهه سائينءَ جي 275هين عرس مبارڪ جي مناسبت سان وفاقي اردو يونيورسٽي جي سنڌي شعبي پاران شاهه عبداللطيف ڀٽائي سيمينار 2018ع ۾ ڪوٺايو ويو جنهن جو موضوع هو ”سسئيءَ جو ڀنڀور کان ڪيچ مڪران تائين سفر ۽ شاهه لطيف“. ان سيمينار ۾ نالي واري محقق گل حسن ڪلمتيءَ، ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌ شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر رخمان گل پالاري ۽ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي مقالا پڙهيا. ڊاڪٽر رخمان گل پالاري ءَ چيو ته مون ۽ گل حسن ڪلمتيءَ سسئي جي سفر وارن لڳ ڀڳ 35 ماڳن جو سفر ڪيو. اهو سيمينار مستاگ فائونڊيشن جي سهڪار سان منعقد ٿيو هو.
شاهه سائين جي ڪلام ۾ ميون عيسو جو اسم يعني ان جي نالي وارا ڪنهن ليکڪ هڪ بيت ڄاڻايو ۽ محمد ابراهيم سنڌيءَ پنهنجي ڪتاب ”شاهه جي شاعريءَ ۾ مرد ڪردار“ ۾ ٻن کان ٽي بيت عيسيٰ جي نالي وارا ڄاڻايا آهن. ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب، شاهه سائينءَ جي ڪلام ۾ ڇهه بيت عيسيٰ جي نالي وارا ڄاڻايا آهن. شاهه سائين جي وڏي همعصر ميين عيسيٰ جي مزار ملاڪاتيار ڀرسان خيرواهه ۽ درياهه جي بند جي ٻيڪڙ ۾ آهي.
جمع 18 جنوري 2019ع تي ناليج سينٽر لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ۽ اردو جي نامياري ليکڪ ۽ پروڊيوسر محمد قاسم حيدر پاران شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي زندگيءَ ۽ شاعريءَ تي اردو ۾ ٺاهيل ڊاڪيومينٽريءَ جي افتتاحي تقريب ٿي. ان موقعي تي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ۽ ڊاڪيومينٽري جي پروڊيوسر محمد قاسم حيدر چيو ته هي پهريون ڀيرو آهي جو سنڌ ۾ هيءَ ڊاڪيومينٽري متعارف ڪرائي پئي وڃي. جنهن ۾ انگريزيءَ ۾ ترجمو شامل ڪيو ويو آهي. نوي منٽن تي مشتمل هن ڊاڪيومينٽري جي رڪارڊنگ سنڌ، بلوچستان، هندستان ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪئي وئي آهي. هن ڊاڪيومينٽري ۾ ناليوارن اديبن جا تاثر، مشهور فنڪارن جي آوازن ۾ ڳايل ڪلام، دنبوري جي ايجاد، رسالي جي تحقيق، ڀٽائيءَ جيڪي سفر ۽ ماڳ مڪان ڏٺا ۽ ان وقت جو سياسي پسمنظر ۽ ٻين موضوعن تي ڄاڻ ڏني وئي آهي ان موقعي تي سينٽر جي باني پروفيسر مختيار احمد سمون چيو ته ”ڀٽائيءَ جي شاعري جو پيغام آفاقي آهي جيڪو عالمي امن پيار ۽ رواداري قائم ڪرڻ جي هدايت ڪري ٿو.“

شاهه سائين جي ڪلام تي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊيز

1.سنڌي زبان ۾ پهرئين پي ايڇ ڊي جو اعزاز ماڻيندڙ ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر عنوان ”سنڌي ثقافت ۽ شاهه عبداللطيف“ رهبر، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو 1988ع.
2. ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو ”حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري“ رهبر، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو 1989ع.
3. ڊاڪٽر حسن بانو سومرو”شاهه جي ڪلام جي روشنيءَ ۾ سنڌي عورت جو مطالعو“ رهبر، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو 1989ع. هن ٿيسز ۾ شاهه سائين جي 30 سرن مان 28 سرن ۾ عورت جو ذڪر ڪيل آهي.
4. ڊاڪٽر شڪنتلا سيواڻي ”شاهه جي رسالي ۾ جماليات جو تحقيقي جائزو“ رهبر، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو 1993ع.
5. ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ”رومي جي حوالي سان شاهه لطيف ۽ هن جا صوفياڻا فڪر “(پاڪستان اسٽڊي سينٽر) رهبر، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو 1998ع.
6. ڊاڪٽر ام ڪلثوم شاهه ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ تشبيهون۽ استعارا“ رهبر، ڊاڪٽر قمر جھان مرزا، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو 2001ع.
7. ڊاڪٽر غلام مصطفى کهڙو عنوان ”شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جو جائزو“ رهبر، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان 2004ع ۾ اوارڊ ٿيس.
8. ڊاڪٽر احسان دانش ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ رهبر، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگھيو، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو 2015ع.
9. ڊاڪٽر ذوالفقار قريشي ”شاهه جي وائي، بڻ بنياد، ارتقا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو ڪردار“ رهبر، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو 2016ع.
10. ڊاڪٽر محمد مارو خشڪ ”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي مزاحمتي شاعريءَ جو تحقيقي اڀياس“ رهبر، ڊاڪٽر سحر امداد حسيني، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو 2017ع.
11. ڊاڪٽر نورمحمد شاهه ”شاهه عبدالللطيف ڀٽائيءَ جو نظريه حيات“ رهبر، ڊاڪٽر نورافروزخواجه، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو 2018ع.
12. ڊاڪٽر عبدالحفيظ قريشي ”شاهه جي ڪلام جو سماجي ۽ تاريخي اڀياس (سنڌ جي قديم ۽ ويجھي اتهاس جي روشنيءَ ۾) (5000 ق.م. کان 1843ع.)“ رهبر، ڊاڪٽر تهمينه مفتي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو 2018ع.
13. ڊاڪٽر فهميده حسين ”شاهه جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“ رهبر، ڊاڪٽر اياز حسين قادري، يونيورسٽي آف ڪراچي 1992ع.
14. ڊاڪٽر غلام حيدر چنه ”شاهه لطيف ۽ ان جو دؤر“ رهبر، ڊاڪٽر اياز حسين قادري، يونيورسٽي آف ڪراچي 1996ع.
15. ڊاڪٽر انيس فاطمھ سومرو ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي دؤر جون مذهبي ۽ علمي حالتون“ رهبر، ڊاڪٽر فهميده حسين، يونيورسٽي آف ڪراچي 2006ع.
16. ڊاڪٽر شهناز سومرو ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام ۾ جاکوڙ جي اهميت“ رهبر، ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري، يونيورسٽي آف ڪراچي 2008ع.
17. ڊاڪٽر محمد ابراهيم سمون ”شاهه لطيف جي ڪلام ۾ مرد ڪردار“ رهبر، ڊاڪٽر نواز علي شوق، يونيورسٽي آف ڪراچي 2009ع.
18. ڊاڪٽر محمد عابد شاهه (عابد مظهر) ”شاهه جي دؤر ۾ تصوف جا سلسلا“ رهبر، ڊاڪٽر نواز علي شوق، يونيورسٽي آف ڪراچي 2009ع.
19. ڊاڪٽر عبدالرحمان جسڪاڻي ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ اسلامي قدر“ رهبر، ڊاڪٽر نواز علي شوق، يونيورسٽي آف ڪراچي 2009ع.
20. ڊاڪٽر فهميده شاهه ”شاهه لطيف جي ٻوليءَ جو تنقيدي جائزو“ رهبر، ڊاڪٽر نواز علي شوق، يونيورسٽي آف ڪراچي 2010ع.
21. ڊاڪٽر رخمان گل پالاري ”شاهه جي شاعريءَ ۾ لوڪ ادب“ رهبر، ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ، يونيورسٽي آف ڪراچي 2011ع.
22. ڊاڪٽر شير محمد مهراڻي ”شاهه جي شاعريءَ ۾ جماليات جو تصور“ رهبر، ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ، يونيورسٽي آف ڪراچي 2013ع.
23. ڊاڪٽر شازيه پتافي ”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو لسانياتي جائزو“ رهبر، ڊاڪٽر فهميده حسين، يونيورسٽي آف ڪراچي 2015ع.
24. ڊاڪٽر عبدالستار بلوچ ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ آيل شخصيتون ۽ ڪردار“ رهبر، ڊاڪٽر نواز علي شوق، يونيورسٽي آف ڪراچي 2015ع.
25. ڊاڪٽر ايڇ. ٽي. سورلي، انگريزي ٻوليءَ ۾ پهرئين پي. ايڇ. ڊي. عنوان ”شاهه لطيف آف ڀٽ“ آڪسفورڊ يونيورسٽي آف لنڊن 1938ع.
26. پهريون ڀارتي پي. ايڇ. ڊي. هولڊر ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي انگريزي ٻوليءَ ۾ عنوان ”شاهه عبداللطيف هز لائيف اينڊ ورڪ“ رهبر: ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، دهلي يونيورسٽي، 1973ع اوارڊ ٿيس ۽ 1974ع ۾ شايع ٿي.
27. ڊاڪٽر سنتداس (ايس ايم) جھانگياڻي انگريزي زبان ۾ عنوان ”شاهه لطيف اينڊ هز ٽائيمز“ رهبر، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، دهلي يونيورسٽي 1976ع ۾ اوارڊ ۽ 1977ع ۾ شايع ٿي.
28. ڊاڪٽر سُشيلا موٽواڻي هندي ٻوليءَ ۾ عنوان ”شاهه لطيف اور جائسي ڪي ڪويا ۾تصوف“ رهبر، ڊاڪٽر بدري پرشاد پنچولي، راجستان يونيورسٽي 1977ع.
29. ڪماري رڪمڻيءَ هندي ٻوليءَ ۾ ننڍڙو تحقيقي مقالو عنوان ”ملڪ محمد جايسي ۽ شاهه عبداللطيف جي شعر ۾ پريم جي ڀاونا“ مرلي ڌر جيٽليءَ جي نظرداري هيٺ مقالو تيار ڪري دهلي يونيورسٽي مان 1978ع ۾ ڊگري ورتي.
30. ڊاڪٽر موتي پرڪاش ”سنڌي شاعريءَ ۾ استريءَ جو چٽ“ رهبر، پروفيسر رام پنجواڻي، بمبئي يونيورسٽي 1981ع ۾ اوارڊ ۽ 1988ع ۾ شايع ٿي.
31. پي ايڇ ڊي ڪندڙ پهرئين سنڌي عورت ڊاڪٽر دُرِشهوار سيد ”دي پوئٽري آف شاهه عبداللطيف“ رهبر، ڊاڪٽر ڪيرول هلين برانڊ ۽ ڪرسٽوفر شئڪل، ايڊمبرا يونيورسٽي، يو ايس اي. 1984ع.
32. ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي ”شاهه ۽ سچل جو تقابلي اڀياس“ نگران: ڊاڪٽر ديال آشا، بمبئي يونيورسٽي 1994ع.
33. ڊاڪٽر چندر ٺڪر، پرمانند ٺڪر ”سنڌي موسيقي ۽ شاهه لطيف“ رهبر، ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي، بمبئي يونيورسٽي 2016ع. هن 85 سالن جي عمر ۾ پي.ايڇ.ڊي ڪئي.
34. رقيه عامر ”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري ۾ سجاڳيءَ ۽ جدوجهد جو فلسفو، تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو“ رهبر، ڊاڪٽر ادل سومرو، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور.
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ايم فل لاءِ منظور ٿيل عنوان: محقق سجاد علي چنا ”شاهه لطيف جي شاعري ۾ الله ۽ الله وارن جو ذڪر، هڪ تحقيقي جائزو“ 30 اپريل 2005ع ۾ منظور ٿيس.
محمد اسماعيل ٿيٻو ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ معاشي مسئلن جي اُپٽار تحقيقي اڀياس“ رهبر، ڊاڪٽر سحر امداد حسيني 9 جون 2008ع.
محترمه ظهران چنه ”شاهه لطيف ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ وطن سان محبت جي اظهار جو تقابلي مطالعو“ ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگھيو، 28 مئي 2009ع.
محترمه گلشن آرا ميربحر ”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ انسان شناسي تحقيقي اڀياس“ نگران، ڊاڪٽر نور افروز خواجه 11جون 2009ع.
شفيق احمد شاهاڻي ”شاهه جي رسالي ۾ سسئي جي ڪردار جو تحقيقي جائزو“ نگران، ڊاڪٽر نور افروز خواجه 28 مئي 2009ع.
انور علي مڱريو ”ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جي لطيفي فڪر جو تحقيقي جائزو“ رهبر، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو 5 مئي 2011ع.
رخسانه ٿيٻو ”شاهه لطيف ۽ شيخ اياز جي شاعري ۾ آسماني نظارن جو تقابلي مطالعو“ رهبر، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو 19 جون 2012ع.

شاهه سائين جي سوانح ۽ شاعري متعلق ڪجھه شايع ٿيل ڪتاب ۽ رسالا

سر سورٺ ليکڪ ڀيرومل مهر چند ڇاپو پهريون 1909ع هن ڪتاب ۾ 5 وايون ۽ 69 بيت ڏنل آهن. ”شاهه ڪريم ۽ شاهه ڀٽائي“ مصنف، فقير محمد مڱريو، هاشمي پرنٽنگ پريس حيدرآباد ڊسمبر 1943ع.
عرفان لطيف، هي رسالو جنوري 1949ع ۾ سيد محمد شاهه حيدرآباد مان جاري ڪيو، هيءُ رسالو شاهه عبداللطيف جي شان ۾ ڪڍيو ويندو هو. ان جو پهريون ايڊيشن ”لطيف نمبر“ سان شايع ڪيو ويو. نئين زندگي رسالي جو پهريون لطيف نمبر سال 1950ع ۾ شايع ٿيو.
ڪتاب، عرفان لطيف، مصنف، محمد خان غني، محڪمه اطلاعات مغربي پاڪستان حيدرآباد، ڇاپو پهريون 1966ع. هن ڪتاب ۾ پيغام، غلام نبي ميمڻ وزير اطلاعات، قانون ۽ پارلياماني امور، حڪومت مغربي پاڪستان ۽ پيش لفظ مسرور حسن خان ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن، 28 مئي 1966ع ۾ لکيو ۽ نذرانئه عقيدت سيد بشير حسين ڊائريڪٽر انفرميشن حيدرآباد جو پيش ڪيل آهي.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 228 هين ورسي جي موقعي تي يادگار، ڪتاب ڀٽائي 5،4،3، جنوري 1980ع مطابق 14، 15، 16، صفر 1400هه ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي حيدرآباد پاران شايع ٿيو.
پکين جي پچار (سر ڪارايل) محمد سومار شيخ، لاڙ ادبي سوسائٽي بدين، 1976ع.
فارسي زبان ۾ ڪتاب مرغوب الاحباب جو مڪمل نالو مرغوب الاحباب في النساب الاقطاب، نظر علي بلوچ 1273هه 1876ع ۾ لکيو.
تاريخ سورٺ، ليکڪ رنڇوڙجي امرجي، 1882ع ۾ لکيو. اساس سورٺ، ليکڪ گل مانگرولي 1987ع ۾ شايع ڪرايو.
ڪتاب، ڀٽائي جا ڀال، جاني مير محمد سولنگي.
تمر فقير جي شاعري مؤلف، سيد قادن شاهه بخاري، ناشر، دي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد، ڇاپو پهريون مئي 1970ع.
ڪتاب، جانب جو جمال، ڀٽائي گھوٽ جي ورسيءَ جي موقعي تي 26 فيبروري 1975ع ۾ شايع ٿيو.
آيتون آهين، شاهه سائين جي 227 هين عرس جي موقعي تي محڪم اطلاعات سنڌ، جنوري 1979ع ۾ شايع ڪيو.
شاهه سائين جي ٽي سؤ ساله جشن ولادت جي موقعي تي پنج ڪتاب شايع ٿيا، جن ۾ ڪنڌيءَ ڪونئر ٽڙن، مصنف محمد حسين ڪاشف، مقصود پبليڪيشن ڊومڻ واهه روڊ حيدرآباد 1990ع. لطيفي سئر، ليکڪ، پروفيسر ڀيرومل مهر چند آڏواڻي، ڇاپو چوٿون 1989ع. شاهاڻو شاهه، مصنف لالچند امر ڏنه مل جڳتياڻي، ڇاپو ٻيو 1989ع. سر ڏهر، مرتب ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڇاپو پهريون 1989ع ۽ شاهه جو رسالو (رسالي جي ٽن سرن مان چونڊيل بيتن جو اختصار) تحقيق ۽ مقدمو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ڪلچرل ڪاميٽي حيدرآباد ٻيو ايڊيشن 14 صفر 1410هه/ 1989ع ۾ شايع ڪيو. سر سسئي سان شروع ٿيندڙ مٿيون رسالو فقير ابوبڪر مهيني ذوالقعد 1206هه ۾ لکي پورو ڪيو هو. هن رسالي ۾ 1. سر سسئي ۾ ڪل 320 بيت ۽ 33 وايون. 2. مومل راڻو ۾ 15 بيت ۽ 2 وايون. 3. عمر مارئي 82 بيت ۽ 6 وايون ترتيب ڏنل آهن. جيڪو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ رسالي جو پهريون ايڊيشن 14 صفر 1408هه/ 10 آڪٽوبر 1987ع ۾ شايع ڪرايو هو.
شاهه سائين جيڪو مخدوم محمد معين ٺٽويءَ ڏانهن خط لکيو هو ان خط کي سڀ کان پهريائين ڪتابي صورت ۾ فارسي زبان ۾ رساله اويسيه نالي مخدوم محمد معين ٺٽويءَ تيار ڪيو. مخدوم محمد معين ٺٽوي جي وفات کان 70 سال پوءِ سن شهر جي عالم محمد عارف سنائي 1230هه ۾ رساله اويسيه جي ڪتابت ڪئي. رساله اويسيه جو اردو ترجمو مولانا عبدالرشيد جي مشوري سان ڊاڪٽر عبدالمقيت شاڪر عليميءَ ڪيو، رساله اويسيه، مترجم نيار همايوني ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران2005ع ۾ شايع ٿيو.
شاهه سائينءَ جي محقق مولانا دين محمد وفائيءَ سڀ کان پهريائين پنهنجي ڪتاب ۾ شاهه سائين جو علامه محمد معين ٺٽويءَ ڏانهن لکيل خط جو ذڪر ڪندي لطيف سائين جي پڇيل سوالن مان فقط ٽن سوالن جي اصل عبارت ڏيئي لطيف جي پڙهيل هئڻ جو ثبوت ڏنو.
شاهه سائينءَ جي ڪلام کي فارسي زبان ۾ سمجھائڻ جي اولين ڪوشش نورمحمد درس ڪئي. هن شاهه سائينءَ جي پارکو ”شاهه جو رسالو“ ذوالقعد 1283هه/ مارچ 1867ع ۾ سر ڪلياڻ کان سر آبري تائين جملي نَوَ سر لکيا.
شاهه سائينءَ جي زندگي ۽ شاعري تي هنن ويهن فارسي ڪتابن ۾ ذڪر ڪيل آهي. 1، رساله اويسيه. 2، مقالات الشعراءِ. 3، تحفة الڪرام. 4، معيار سالڪان طريقت. 5، طومار سلاسل گزيده. 6، شجرة اهل بيت. 7، فردوس العارفين. 8، ملفوظات پير محمد راشد. 9، خزانة المعرفت. 10، گلشن اولياءُ. 11، پنج گنج. 12، مرغوب الاحباب. 13، نور محمد درس وارو شاهه جو رسالو. 14، آئينه جھان نما. 15، منهاج العاشقين. 16، لطائف لطيفي. 17، تذڪرة مخاديم کهڙا. 18، النظم الشريف الڪلام السيد عبداللطيف. 19، ارمغان لطيف. 20، نثري ترجمو شعراءِ بزرگ عرفاني پاڪستان.
مولانا محمد نورنگ زاده جي ڪتاب، انيس العاشقين: هن ڪتاب ۾ حج جي سفر جي ڄاڻ کانسواءِ هن ڪتاب ۾ موقعي مناسبت سان ميون شاهه عنايت، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، ميون عيسى ملاڪاتياري جي بيتن سان گڏ اردو، فارسي ۽ عربيءَ جي شاعرن جا معنى خيز شعر استعمال ٿيل آهن.
1.اردو ڪتاب ”مفڪر مهراڻ“ ٿڌي سڙڪ حيدرآباد ڇاپو پهريون 1963ع، هن ڪتاب ۾ 20 مضمون ڏنل آهن. 2.” شاهه عبداللطيف حيات اور شاعري“ مترجم اختر انصاري اڪبر آبادي، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز حيدرآباد ڇاپو پهريون 1967ع، هن ڪتاب ۾ ڪل 16 مضمون آهن.
”جر ٿر تک تنوار“ مرتب، شمشيرالحيدري ۽ انور هالائي، ٻانهن ٻيلي ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ اعجاز قريشي، سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ڪراچي 1979ع ۾ شايع ڪيو.
اردو زبان ۾ رساله شاهه عبداللطيف ڀٽائي، مترجم، شيخ اياز، اشاعت اول جون 1963ع، اشاعت دؤم آڪٽوبر 1977ع، اشاعت سوم دسمبر 1991ع، اشاعت چهارم اگست 2005ع، اشاعت هفتم جنوري 2016ع، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي پاران شايع ٿيو. هن ڇاپي ۾ ڪل 29 سر آهن. آخري سر سهڻي ڏنل آهي.
”شاهه جي ٻولي“ ليکڪ، آفتاب ابڙو، سنڌي ڪتاب گھر ڪراچي، ڇاپو پهريون، 1990ع هن ڪتاب جا ٻه اکر سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ مقدمو ڊاڪٽر نواز علي شوق لکيو آهي.
ڪتاب ”تذڪره لطفي“ جي ٽنهي جلدن ۾ ڪل 81 شاعرن جي سوانح عمري ۽ ڪلام جو انتخاب ۽ تبصرو ڪيل آهي. (حوالو، ڪلاچي 2008ع). ”ٻارن جو شاهه“انور هالائيءَ جو لکيل آهي هي ڪتاب 1982ع ۾ سگا ڇپرايو.
انگريزي ڪتاب، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ورثو (Legacy of Bhitai Shah Abdul Latif) محمد بچل تنيو، آزاد ڪميونيڪيشن ڪراچي ڇاپو پهريون آڪٽوبر 1992ع.
لطيفي سڌ، مينگهراج تلريجا، ساهت مالا ملير آڌيپور ڪڇ، 1995ع. ڳالهيون ڳڻ لطيف جا، ترتيب حڪيم خليفه عبدالحميد چانڊيو.
ڪتاب، ڳالهيون منهنجي سنڌ جون، ليکڪ، شوڪت خواجائي، ڇاپو پهريون، 1999ع، هن ڪتاب ۾ مقالو شاهه لطيف ۽ سنڌ جون شخصيتون، هن ۾ شاهه سائين جي همعصرن جو به احوال ڏنل آهي.
”زندگيءَ جو سفر“ ليکڪ عبدالغفور ڀرڳڙي ڇاپو پهريون مئي 2000ع. هن ڪتاب ۾ مولانا جلال الدين رومي، شاهه عبداللطيف ۽ علامه محمد اقبال جي ڪلام جي ڀيٽ سان گڏ سندن زندگيءَ جو احوال به ڏنل آهي.
تحقيقي ڪتاب ”ابڙو وڏ وڙو“ ليکڪ، سيد مهدي شاهه، ڇاپو پهريون جنوري 2005ع ۾ شايع ٿيو.
ديوناگري سنڌيءَ ۾ الٿو ڪيل ”شاهه جو رسالو“ پروفيسر لڪشمڻ پرسرام هردواڻي جي ڪاوشن سان اپريل 2006ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.
”شاهه لطيف، سنڌي ٻولي ۽ سماج“ترتيب، خالد آزاد، ڇاپو پهريون 2007ع ۾ شايع ٿيو.
ڪتاب، بنگال جو لطيف (را بندر ناٿ ٽيگور 1983ع) ڪتاب، لطيف سنڌ آهي، ڇاپو چوٿون آگسٽ 2008ع ليکڪ، منصور قادر جوڻيجو.
” بيت نه پر آيتون“ليکڪ ڊاڪٽر عزيزالرحمان ٻگهيو. ڇاپو پهريون 2009ع.
منتخبات لطيف، (انتخاب) محمد يوسف شيخ، ڇاپو پهريون، سال 2010ع، هن ۾ 32 سر ڏنل، پهريون سر ڪلياڻ ۽ آخري سر شينهه ڪيڏارو ڏنل آهي.
فڪر مهراڻ، ڪاليج مئگزين ايڊيٽر پروفيسر عبدالسميع داد، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۽ پوسٽ گريجوئيٽ اسٽڊيز سينٽر سکر. 2010ع واري ڇاپي ۾ هيءُ مضمون ڏنل آهن. مضمون، شاهه عبداللطيف جي تمثيلي لوڪ قصن جي سمجھاڻي. پروفيسر اشفاق علي ميمڻ. شاهه عبداللطيف جو ڪلام، حسين امر جماڻي دايو. شاهه عبداللطيف پورهيتن جو شاعر، اياز حسين قريشي. سر پرڀاتيءَ جو فڪري جائزو. پروفيسر حبدار حسين قريشي (ليڪچرار سنڌي شعبو). سنڌي ادب ۾ تصوف جو عنصر. محمد ارشد قريشي.
اردو ڪتاب ”تعارف و تذڪره لاهوت لامڪان“ ليکڪ محمود نظاماڻي بن عبدالواسع ڇاپو 2011ع. ”جان جان پسين پاڻ کي“ ليکڪه، آمنه حامد خليل زبيدي، مهراڻ پبلشرز ڪراچي، ڇاپو 2011ع.
ڪتاب ”اکر پڙهه الف جو“ (ٻارن لاءِ شاهه جي رسالي مان چونڊ، ڪلام) چونڊ اسحاق سميجو ۽ نياز نديم، روشني پبليڪيشن حيدرآباد ڇاپو پهريون 2012ع.هن ڪتاب جي منڍ ۾ شاهه سائين جي سوانح حيات ڪلياڻ آڏواڻي واري رسالي تان کنيل آهي ۽ هن ڪتاب ۾ (1)سرڪلياڻ بيت 8.(2)سر يمن ڪلياڻ بيت 30.(3)سر کنڀات بيت 12، هڪ وائي.(4)سر سريراڳ بيت 10.(5)سر سامونڊي 17 بيت. (6) سر سهڻي 19 بيت، هڪ وائي. (7) سر سسئي آبري 9 بيت. (8) سر معذوري 13 بيت. (9) سر ديسي 16 بيت. (10) سر ڪوهياري 13 بيت. (11) سر حسيني 40 بيت. (12) سر ليلان چنيسر 2 بيت. (13) سر مومل راڻو 24 بيت. (14) سر مارئي 27 بيت. (15) سر ڪاموڏ 4 بيت. (16) سر سورٺ 7 بيت. (17) سر ڪيڏارو 13 بيت. (18) سر سارنگ 16 بيت هڪ وائي. (19) سر آسا 19 بيت. (20) سر رپ 11 بيت. (21) سر کاهوڙي 5 بيت. (22) سر بروو سنڌي 13 بيت. (23) سر رامڪلي 20 بيت. (24) سر ڪاپائتي 4 بيت. (25) سر پورب 6 بيت. (26) سر ڪارايل 8 بيت. (27) سر پرپاتي 4 بيت. (28) سر ڏهر 24 بيت چونڊ ڪري ڏنل آهن.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي سوانح حيات، فڪر ۽ عرفان، محقق ۽ شارح، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، مرتب، ڊاڪٽر عبداللغفار سومرو، ڇپائيندڙ، ڊاڪٽر اين.اي بلوچ انسٽيٽيوٽ فار هيريٽيج ريسرچ، نوادرات کاتو، ڇاپو پهريون 2013ع.
شاهه لطيف جي شاعريءَ جو جديد اڀياس، ڊاڪٽر شير مهراڻي، سوجھرو پبليڪيشن ڪراچي ڇاپو پهريون ڊسمبر 2014ع.
شاهه جو رسالو (بمبئي وارو ڇاپو) ڪلياڻ بولچند آڏواڻي، ڇاپو پهريون 13 آگسٽ 1958ع ڇاپو ٻيو (سنڌ۾) 2014ع هن جو ليکڪ هري همٿاڻي، هن ۾ ڪل 30 سر، ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران شايع ٿيو.
”شاهه لطيف سنڌ جي آزاديءَ جو پهريون عظيم شاعر“ ليکڪ، يوسف شاهين، پيڪاڪ پرنٽرز اينڊ پبلشرز ڪراچي، سال نومبر 2014ع.
”روحاني رمزون“ هن انگريزي ڪتاب جو ايڊيٽر ۽ مرتب مسٽر ظفر بن صادق آهي. جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڊاڪٽر اي. اي. ابڙو ۽ عبدالرزاق مسڻ ڪيو آهي. ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڇپائيندڙ شاهه لطيف فائونڊيشن ڀٽ شاهه ۽ ڇپائي پڌرو ڪندڙ وقار حسين شاهه لطيفي (سجاده نشين درگاهه ڀٽ شاهه). ڪتاب ”روحاني رمزون“ جي سنڌي ترجمي جو پهريون صفحو ”دعا“ جي عنوان سان نثار حسين شاهه لطيفي جو آهي. ڪتاب جو ”پيش لفظ“ وقار حسين شاهه لطيفي جو لکيل آهي. هي ڪتاب 2014ع ۾ شايع ٿيو.
انگريزي ۾ ڪتاب ”شاهه لطيف جو سياسي فڪر“ ليکڪ ڊاڪٽر خليل شيخ، پي. جي. ريسرچ ڪراچي ڇاپو 2015ع هي ڪتاب پنجن بابن تي مشتمل آهي.
”رهبر ڀٽ شاهه“ مقبول احمد ڀٽي، ڇاپو پهريون 1966ع. رهبر ڀٽ شاهه (گائيڊ بڪ) ثقافت ۽ سياحت کاتو سنڌ، ڇاپو پهريون نومبر2015ع.
شاهه لطيف جا فڪري رخ، ڊاڪٽر غفور ميمڻ، سوجهرو پبليڪيشن ڪراچي، ڇاپو پهريون جنوري 2015ع.
”عشق جا 10 اصول“ ليکڪ، نوراحمد ميمڻ، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، ڇاپو پهريون 2015ع.
اردو ڪتاب ”جھانِِ لطيف“ ڊاڪٽر جاويد منظر، اهتمام، شعبه اردو، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، اشاعت اول 2015ع. هن ڪتاب ۾ شاهه سائين جي ٽيهن سرن جو مختصر تعارف ۽ شاعر ڊاڪٽر جاويد منظر، پنهنجي شعرن سان ڀٽائيءَ ۽ ان جي ڪلام سان عقيدت جو اظهار بيان ڪيو آهي.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي زندگيءَ بابت احوال ڪتاب، آهين تون ئي تون ،سال جنوري 2016ع ۾ شايع ٿيو، ساڳئي عنوان سان ناصر بلوچ ٽئين ايڊيشن ۾ شاهه سائين جي زندگي جي احوال کان سواءِ سندس شجرو ۽ شاهه جي ست سورمين سان گڏ سوال جواب پڻ ڏئي 32 صفحن تي اهو ڪتاب ڇپائيندڙ ناصر بلوچ، طرفان ڊاڪٽر ظفر حسين ميموريل سوسائٽي تلهار 2018ع ۾ پڌرو ڪيو.
لطيفي ڪچهري، مصنف وريام فقير شيخ ورياماڻي، مرتب فقير ظهور احمد شيخ ورياماڻي شڪارپور، ڇاپو پهريون 2016ع. هي پهريون مڪمل رسالو آهي. جنهن ۾ شاهه سائين جي ٽيهن سرن تي مشتمل ڳجھارتون ڏنل آهن. هن ڪتاب ۾ ڳجھارتي بيتن جي ڀڄڻِي به ڏنل آهي.
ڪتاب، شاهه لطيف جا شيدائي، حصو پهريون، تحقيق ۽ ترتيب راهب علي لاڙڪ، سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد،2016ع، ڪتاب تي تبصرو، ڊيلي ڪاوش حيدرآباد، جمعو 4 مارچ 2016ع ۽ شاهه جا شيدائي (حصو ٻيو) تي تبصرو جمعو 15 جون 2018ع ۾ ڪيو ويو.
ڀٽائيءَ جا ڳايل پالتو پکي ۽ جانور، تحقيق ۽ ترتيب، نواز ڪنڀر، ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتو سنڌ، ڇاپو پهريون آڪٽوبر 2016ع.
ورق ورق گلاب، ليکڪ، نور سنڌي، بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ نوابشاهه، ڇاپو پهريون 2016ع.
شاهه جي شاعريءَ ۾ سگهڙائپ جو رنگ، تحقيق، عاجز رحمت الله لاشاري، حسن درس اڪيڊمي حيدرآباد، ڇاپو پهريون 2016ع.
ڪتاب ”جيئي لطيف“ سهيڙيندڙ، همير احمد، ايوب گاد، پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور، ڇاپو پهريون 2017ع. هن ڪتاب ۾ ڪي ٽي اين تان نشر ٿيندڙ هفتيوار پروگرام ”جيئي لطيف“جون 100 قسطون ترتيب ڏئي ان کي ڪتابي شڪل ۾ آندو ويو. پروگرام جيئي لطيف جي پهرين قسط 29 آگسٽ 2015ع ڇنڇر ڏهاڙي شام جو ڇهه لڳي ڏهه منٽن تي ٽيلي ڪاسٽ ٿي، تنهن بعد هن پروگرام جي ٻين قستن ۾ شاهه سائينءَ جي نامور شيدائين ۽ عقيدتمندن جن ۾ آغا سليم، اڪبر لغاري، مهتاب اڪبر راشدي، ڊاڪٽر احسان دانش، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، مختيار سمون، انجنيئر عبدالوهاب سهتو، عنايت ميمڻ، ثمينه ابڙو، ادل سومرو، اخلاق انصاري، بخشڻ مهراڻوي، بدر ابڙو، ذوالفقار قادري، عبدالغفار تبسم، امر اقبال، شوڪت خاصخيلي، سائين محبوب شاهه لڪياري، سليم ڀٽو لطيفي، شير مهراڻي، سيمه عباسي، تاج بلوچ، ۽ جامي چانڊيو شاهه سائين جي ڪلام تي مختلف پهلوئن کان روشني وڌي، ۽ ننڍن ٻارن جن ۾ ايوب پٺاڻ، مانسي، مدثر منظور، سرهاڻ، راحت ۽ انتخاب علي جن الف بي وار ترتيب سان ي تائين شاهه لطيف جا بيت پڙهيا. ان کان سواءِ 19 جنوري کان 21 جنوري تائين شاهه سائين جي 267 هين عرس مبارڪ جي موقعي تي ڪي. ٽي. اين. پاران ”شاهه جون سورميون“ جي عنوان سان عرس جي پهرئين ڏينهن اربع تي ليلا، خميس تي مومل ۽ ٽئين ڏينهن سسئي ڊرامو پيش ڪيو ويو. انهن ڊرامن جو ليکڪ ۽ ڊائريڪٽر شاهه جو شيدائي محمد ايوب گاد آهي.
”خستوريءَ خوشبوءِ“ ليکڪه ج.ع. منگھاڻي (جنت علي محمد بڪڪ)، ثقافت ۽ سياحت کاتو، ڇاپو پهريون 2017ع.
”اک الٽي ڌار“ تحقيق، محمد اسلم ڀٽو، ڇپيندڙ عمار پبليڪيشن ڪراچي، ڇاپو پهريون جولاءِ 2017ع/ شوال 1438هه .
اک الٽي ڌار، ليکڪ، نذير سومرو، سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد ڇاپو پهريون آڪٽوبر 2017ع.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ جولسانياتي اڀياس، تحقيق، ڊاڪٽر شازيه سفير، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، ڇاپو پهريون 2017ع.
ساڃاهه جا سرچشما، ليکڪ سعيد احمد چانڊيو، مرڪ پبليڪيشن ڪراچي 2017ع هن ڪتاب ۾ شاهه سائين جي سوانح حيات ۽ هڪ سؤ چونڊ بيتن جي تشريح ڏنل آهي.
هُو جَي هليا هنگلاج، ليکڪ، ڪانجي مل چوهاڻ، ميگهه پبليڪيشن ميرپورخاص، ڇاپو پهريون 2017ع.
سنڌي ڪلاسيڪل راڳ ويراڳ، سرمد چانڊيو، ڪنول پبليڪيشن قنبر، ڇاپو پهريون نومبر 2017ع ان ڪتاب جي مهورتي تقريب سنڌي ادبي سنگت خيرپور پاران آچر 17 ڊسمبر 2017ع تي آرٽس ڪائونسل خيرپور ۾ ٿي.
شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ جي شاعريءَ ۾ رومانويت (تقابلي جائزو) ڊاڪٽر ساجده پروين، ڇپائيندڙ، سچائي اشاعت گھر دڙو، ڇاپو پهريون آڪٽوبر 2017ع.
”قرآن مجيد ۽ شاهه لطيف“ ليکڪ، حبيب حضوري، ڇپائيندڙ، علامه آءِ. آءِ قاضي اڪيڊمي ميهڙ ڇاپو پهريون ڊسمبر 2018ع هن ڪتاب ۾ شاهه سائينءَ جي ڪلام سان قرآن شريف جي 131آيتن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي آهي.
ناليواري اسڪالر ۽ موسيقار پروفيسر ڊاڪٽر ذوالفقار علي قريشي جو شاهه جي واين بابت انگريزي ۾ لکيل ڪتاب ”وائي آف شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ ثقافت کاتي 2018ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب ۾ ڪل اٺ باب آهن.
”هلو تڪيا پسون تن جا“ ليکڪ، محمد علي ”مخمور“ مهيري، ڇپائيندڙ ساحل پبليڪيشن حيدرآباد، ڇاپو پهريون آڪٽوبر 2018ع. هن ڪتاب ۾ شاهه سائينءَ جي يارنهن سرن جو جائزو ورتل آهي.
سلسليوار مئگزين ”مڙيا مٿي مچ“ آڪٽوبر 2018ع“ ۾ شايع ٿي، ان ۾ هي مضمون ۽ مقالا شايع ٿيل آهن. واقف نه وڻڪار جي جت سٽاڻو سفر ، فقير علي ڏنو نظاماڻي. لٿو ڏيهه ڏڪار ، فقير حاجن نظاماڻي. ڀٽائي ۽ ڀونءِ، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو. ساري رات سبحان جاڳي جن ياد ڪيو، علي ڏنو جروار. روحاني رهبر ، شبير ڪنڀار. رهيا اٿئي رات صبح ويندي صابري، نور احمد نظاماڻي. مون سين ڏٺا ماءَ جن ڏٺو پرين کي، نديم مڱريو. ڀٽائي ۽ درياهه، اقرار پيرزادو. ڳالهه پريان جي ڳُجهه جي، سردار اياز ميمڻ. کٽين جي هارائين، قاضي انور.
سلسلي وار مئگزين ”مڙيا مٿي مچ“ مضمون، پنهنجو آهين پاڻ آڏو عجيبن کي، تحرير، فقير علي ڏنو نظاماڻي. ڀٽائيءَ جي راڳين ۾ فقير غلام حيدر جو مقام منفرد آهي، ليکڪ ارباب عزم.
جديد سائنسي تنقيدي انداز ۾ انگريز عالم ڊاڪٽر پروفيسر ڪرسٽوفر شيڪل جو ايڊٽ ڪيل شاهه جو رسالو انگريزي زبان ۾ هارورڊ يونيورسٽي پريس لنڊن جنوري 2018ع ۾ هندستان مان پڌرو ڪيو. هن مترجم، محقق ۽ ايڊيٽر شاهه لطيف تي شايع ٿيل ست رسالا، جن ۾ آڏواڻي، شهواڻي، علامه آءِ. آءِ. قاضي، ايلسا قاضي، ڊاڪٽر بلوچ، آغا محمد يعقوب ۽ شيخ اياز جو ترتيب ڏنل رسالو ڀيٽي پوءِ شايع ڪرايو.
شاهه جي رسالي جا سر، مصنف، عبدالرحمان نقاش، سهيڙيندڙ پروفيسر محمد سليم ميمڻ، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي، ڇاپو پهريون نومبر 2018ع.
”شاهه لطيف ۽ سوشل سائنس“ ليکڪ، پروفيسر ساجد سومرو، ڪنول پبليڪيشن قنبر، ڇاپو پهريون فيبروري 2018ع.
”ڏورِ تِئائين ڏَسُ“ نوراحمد جنجھي، ڪنول پبليڪيشن قنبر، سال نومبر 2018ع.
”نوري، ناري ۽ عدم“ ڊاڪٽر ڦلو سندر ميگھواڙ، ثقافت ۽ سياحت کاتو، سال 2018ع.
”ڳنڍيون منجھه ڳنڍير“ عطا چانهيون، ثقافت کاتو، سال 2018ع.
”وِهَڻُ مون نه وَڙاءُ“ شاهه سائين جي 275 هين عرس مبارڪ جي موقعي تي ثقافت کاتي پاران ڇاپو پهريون 2018ع ۾ شايع ٿيو.
”شاهه جي شاعريءَ جو پهاڪاتي پهلو“ ترتيب، انجنيئر عبدالوهاب سهتو، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر، ڇاپو پهريون، آڪٽوبر 2018ع. هي ڪتاب شاهه سائينءَ جي 275هين عرس 14 صفر 1440هه تي پڌرو ڪيو ويو.
”سڀ پسندا پار (لطيفيات)“ ليکڪ، هدايت منگي، ترتيب، عزيز منگي، سرسوتي ساهت گھر ڏوڪري، ڇاپو پهريون، جنوري 2018ع.
ڪتاب ”شاهه لطيف جا ڇٽيهه سر“ محقق استاد لغاري، ڇاپو پهريون سيپٽمبر 2018ع، سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد. هن ڪتاب ۾ هيءُ سر ڏنل آهن. سر ڪلياڻ، يمن، کنڀات، بروو، سريراڳ، سامونڊري، گھاتو، کاهوڙي، ڪاپائتي، بلاول، پرڀاتي، ڪارايل، ڏهر، آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري، حسيني، راڻو، ليلا، ڪاموڏ، سورٺ، رپ، پورب، رامڪلي، آسا، مارئي، سهڻي، سارنگ، ڪيڏارو، ڌناسري، شينهن ڪيڏارو، هير رانجھو، بيراڳ هندي، ڍول ماروئي، سر بسنت.
مونا طورسينا، فقير حاجن نظاماڻي، سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد ڇاپو پهريون مئي 2019ع.
”شاهه سنڌ جو ساهه“ مصنف، استاد حيدري چانڊيو، سنجھا پبليڪيشن حيدرآباد، سال 2019ع.
”سمنڊ سيويو جن“ ليکڪ، پروفيسر ستار سومرو، پيڪاڪ ڪراچي، ڇاپو پهريون جنوري 2019ع.
هالا جا مخدوم صاحب ۽ شاهه ڀٽائي (هڪ اڀياس)، ليکڪ، سيد عطاءُالله شاهه بخاري، روشني پبليڪيشن ڇاپو پهريون 2019ع.
ڪتاب، کاروڙو چت آيو، ليکڪ، ڊاڪٽر عبدالعزيز رحماني ڪنڀار، ڇاپو پهريون 2019ع.
شاهه جو رسالو سر ڪيڏارو (رند پروڙين راز) ليکڪ، ڊاڪٽر اڪبر ڍڪڻ، مرڪ پبليڪيشن ڪراچي 2019ع.
شاهه جو رسالو، انگريزي ترجمو علي اڪبر ڍڪڻ، مرڪ پبليڪيشن ڪراچي 2018ع.
شاهه جي شاعريءَ جو عوامي پهلو، ليکڪ، پٿر سنڌي. ”شاهه عبداللطيف سوال، جواب“نظام عباسيءَ جو لکيل آهي. مقالن جو مجموعو ڪتاب، ڀٽ ۽ درازا شمشيرالحيدري جي تصنيف آهي. اردوءَ ۾ ڪتاب ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي عصرِ جديد“ آفاق صديقي.
”تون ڏاتار آءُ ڏڏ“ ليکڪ، ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي. هن ڪتاب ۾ شاهه سائين جي زندگي، فڪر ۽ فن بابت هيءُ 15 مضمون ڏنل آهن. 1. شاهه عبداللطيف ڀٽائي. 2. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي لوڪ شاعري. 3. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ تصوف. 4. شاهه عبداللطيف جو ناصحاڻو ڪلام. 5. شاهه ۽ وڻجارا. 6.شاهه لطيف جو پسون سنسار. 7. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ موسيقيت. 8. شاهه جون سورميون. 9. شاهه سائين جي ڪلام ۾ منظر ڪشي. 10. شاهه سائين جي ڪلام ۾ اصلاح ۽ پهاڪا. 11. شاهه لطيف جا سورما. 12. شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ جماليات. 13. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي چنڊ سان رهاڻ. 14. شاهه سائين جي ڪلام جي موجوده زمان سان واسطيداري. 15. انگريزي زبان ۾ لطيف شناسي.
بلوچي زبان جي شاعر سيد ظهور شاهه هاشمي، پنهنجي تصنيف ”گسد گوار“ ۾ شاهه سائين جو ذڪر ۽ ان سان عقيدت جو اظهار ڪيو آهي.
ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، مير علي شير قانع جي ڪتاب ”معيار سالڪان طريقت“ کي سامهون رکي شاهه سائين جي سوانح عمري لکي هئي.
اردو ڪتاب ”حالات، واقعات اور ڪرامات شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ هي ڪتاب شهاب شيخ ترتيب ڏنو.
”ڀٽائيءَ جا چونڊ تشريحي بيت“ چونڊ ۽ ترتيب سڪندر ملاح، مارئي اڪيڊمي. هن ڪتاب ۾ ڪلياڻ آڏواڻي جي ترتيب ڏنل شاهه جي رسالي مان چونڊ بيت کنيا ويا آهن. ”پورب منهنجو پنڌ“ ليکڪ، فقير بشير احمد.
شاهه جي ڪلام ۾ پهاڪا ۽ محاورا، سيد اظهر گيلاني، مهراڻ اڪيڊمي، ڇاپو پهريون مئي 2004ع، هن ڪتاب ۾ 488 پهاڪا ۽ 320 محاورا ڏنل آهن.
”شاهه لطيف جي شاعريءَ جي لغت“ (ڏکين لفظن جي انگريزي معنيٰ) ڊاڪٽر خليل الرحمان شيخ. ادارو سرهاڻ ويلفيئر سوسائٽي، ڪراچي.
شاهه سائين جي 335 هين جشن ولادت جي موقعي تي ڀٽ شاهه ۾ ”جيئي لطيف ميگزين“ ۽ علي مراد لنجواڻي جو انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري“ جو مهورت ڪيو ويو.

ڪجهه ليکڪن جا اردو زبان ۾ مضمون، مقالا ۽ ڪتاب

اردو مضمون مقالاجات: شاھ لطيف اور تصوف، محمد شعيب۔ بھٹ شاھ، راگ و رنگ کی منفرد دنيا، اختر حفیظ ۔ شاھ عبداللطیف بھٹائی سندھ کے بے مثال شاعر، نسیم انجم۔ حضرت شاھ عبداللطیف بھٹائی سدا حیات شاعر، تبسم فاروق۔ شاھ لطیف دے رسالے وچ لوک گیتاں دیاں کھانیاں، کرتار سنگھ عرش۔ شاھ عبداللطیف کی شاعری میں "نوری" انکساری کا پیکر، شاھدہ برفت۔ بھٹ شاھ جھاں شاھ لطیف کی فکر پروان چڑھی، ڈاکٹر نگار سجاد ظھیر۔ سندھی لوک داستان سورٹھ راء ڈیاچ، ڈاکٹر یوسف خشک۔ ڈاکٹر تنویر عباسی بحیثیت لطیف شناس، ایک جائزہ، ڈاکٹر ادل سومرو۔ شاھ لطیف کی شاعری میں ابلاغ کے عناصر، رفیعہ تاج۔ شاھ عبداللیف بھٹائی اورعورت کی عظمت (شاھ جو رسالو کے نسوانی کردار)، پروفیسر آفاق صدیقی۔ شاھ لطیف اور عورت کی عظمت، مھتاب اکبر راشدی۔ شاھ لطیف کے دو عظیم علامتی کردار مارئی اور سسئی، پروفیسر ڈاکٹر سحر امداد۔شاھ لطیف کی نظر میں عورت کی عظمت، آغا نور محمد۔ شاھ عبداللطیف بھٹائی اور جلال الدین رومی، ڈاکٹر رضا مصطفوی سبزواری۔ ابیات لطیف بہ عنوان سر سورٹھ، سید قوی احمد۔ شاھ عبداللطیف بھٹائی (بحیثیت عظیم شاعر، معلم اخلاق اور محب سندھ)، حافظ ارشد انڈھڑ۔ تذکرہ لطیف، منظور احمد ھاشمی۔ شاھ عبداللطیف بھٹائی کے حالات زندگی، سید محمد احمد جعفری۔ شاھ عبداللطیف بھٹائی اور ان کی شاعری، قیصر نیازی۔ شاھ عبداللطیف کی شاعری میں سندھ کے زمینی رشتے، مسیحہ قمر۔ شاھ جو رسالو کے حوالے سے سماجی بندھن میں بندھنے والی عورت کا کردار ایک تحقیقی مطالعہ، قرت العین۔ شاھ عبداللطیف بھٹائی اور ان کا فکر و فن، ڈاکٹر شھباز ملک۔ شاھ عبداللطیف بھٹائی کا فلسفئہ حیات، ڈاکٹر نبی بخش بلوچ۔ شاھ لطیف کا اقتصادی فلسفہ، شرما مرزا۔ شاھ عبداللطیف بھٹائی کے نظری افکار، ڈاکٹر طاھر تونسوی۔ شاھ کے کلام میں عورت کی اھمیت، تاج قائم خانی۔ شاھ لطیف اور انگریزی شعراء، مترجم ستار پیرزادہ۔ سلطان سندھ شاھ عبداللطیف بھٹائی، زینت جھاں۔ شاھ لطیف اور امن عالم، آفاق صدیقی۔ شاھ لطیف کا حسن انتخاب، ڈاکٹر یوسف خشک۔ شاھ لطیف اور ھمارے تحقیقی فرائض، پیر حسام الدین راشدی۔ شاھ عبداللطیف ایک بین الاقوامی شاعر، اعجاز علی بیگ مرزا۔ شاھ عبداللطیف بھٹائی سندھی زبان کے قادر الکلام شاعر، سید منظور نقوی۔ شاھ لطیف دی سرائیکی شاعری، محمد اسلم رسول پوری۔ شاھ لطیف تے خواجہ فرید، مولانا نور احمد فریدی۔ شاھ کی شاعری کے موضوعات، آفاق صدیقی۔ شاھ عبداللطیف بھٹائی کی صوفیانہ شاعری، سید عابد مظھر۔ شاھ لطیف کا کلام وحدت و اخوت کا پیغام، ڈاکٹر وفا راشدی۔ بھٹائی اور اس کی شاعری، ڈاکٹر تحسین فراقی۔ شاھ عبداللطیف بھٹائی کا نظریہ تصوف، فقیر محمد جاوید قادری۔ شاھ لطیف اپنے سماج کا تجزیہ نگار ۔ شاھ محمد مری۔ مضمون ، 1۔ سب کا سائین، شاھ بٹائی، روزنامہ جنگ26 اگست 1991ع۔ 2۔ شاھ عبداللطیف بھٹائی کا کلام اور عوامی کہانیاں، روزنامہ جسارت کراچی 26 جنوری 1980ع۔ 3۔ شاھ عبداللطیف بھٹائی کو سمجھنے کےلیے خود آگھی ضروری ہے، ماہنامہ الانسان کراچی دسمبر 1988ع، خانزادہ سمیع الوری۔ مضون، شاھ لطیف اتحاد اخوت کے پیمبر، پروفیسر محمد سلیم میمن۔ منظوم سرائیکی قصہ ہائے سسئی پنھوں کا تقابلی مطالعہ، ڈاکٹر محمد ممتاز خان، ڈاکٹر جاوید چانڈیو۔ شاھ لطیف کا سرائیکی و سیب سے تعلق، ڈاکٹر جاوید چانڈیو۔ شاھ عبدالطیف بھٹائی کی عالمی حیثیت، غلام شبیر کھوکھر۔شاھ لطیف کا سر آسا ، وحدانیت اور روحانیت کا سر چشمہ، جھانگیر عباسی۔ شاھ عبداللطیف بھٹائی کی شاعرانہ خدمات، قر‌‌ت العین ، مئی 2019ع۔
کتاب، تذکرہ سید عبداللطیف بھٹائی، مرتب فقیر محمد جاوید قادری، مشتاق بوک کارنر لاھور، اشاعت اول 2009ع۔ کتاب، تذکرہ شاھ عبداللطیف بھٹائی، مصنف، ڈاکٹر شاھد مختار، شاھد پبلشرز لاھور۔ کتاب، سیرت پاک حضرت شاھ عبداللیف بھٹائی، پیر سید ارتضیٰ علی کرمانی، عظیم اینڈ سنز پبلشرز لاھور، مئی 2003ع مطابق ربیع الاول 1424ھ۔ کتاب، شاھ عبداللطیف بھٹائی، تحریر و ترتیب عبدالغنی درس، نوید بوک ڈپو حیدرآباد، مارچ 2004ع۔ کتاب، شاھ عبداللطیف بھٹائی کی روحانی تصاویر، ڈاکٹر محمود علی شاھ، روشنی پبلیکیشن کنڈیارو 2014ع۔ کتاب، شاھ عبداللطیف بھٹائی (منتخب کلام کا منظوم اردو ترجمہ)، ترجمہ، شیخ ایاز، انتخاب، فاطمہ حسن، نیشنل بوک فائونڈیشن اسلام آباد، اشاعت فروری 2016ع۔

شاهه لطيف بابت ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن ۾ ادبين جا ڪجهه مضمون، مقالا

مقالو، مرشد جو تصور، ليکڪ، شيخ عبدالرزاق راز.
سر ڪاموڏ جو وچور ۽ ويچار، محمد اسماعيل شيخ.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ تصوف، بهاؤالدين عظيمي بلوچ.
مضمون ”شاهه لطيف جو سورمو ڄام انڙ“ حاجي حسين جلباڻي.
مضمون، شاهه لطيف پسمنظر کان منظر تائين، آغا سليم.
مضمون، اڀر چنڊ پس پرين!، علي ڏنو جروار. مضمون، سنڌ جو آواز ڀٽائي، اصغر گگو.
”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عشق الاهي“نجم الدين ڪنڀر.
”شاهه عبداللطيف جو ڪمال“ ليکڪه، شازيه پتافي.
”شاهه جي شاعريءَ ۾ غم جو عنصر“ ليکڪ، عبدالجبار قاسم نظاماڻي.
” مضمون Study of Sur Kalyan unity in Diversity“ڊاڪٽر اي. جي هاليپوٽو.
مقالو، ”غلام شاهه ڪلهوڙو ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ ليکڪ ڊاڪٽر نگار سجاد ظهير ۽ ترجمو منير احمد کتريءَ ڪيو.
”شاهه ڀٽائي هڪ استاد“ ليکڪ محمد مارو خشڪ.
”مائي گلان ۽ ميان نورمحمد ڪلهوڙو“ ليکڪ حڪيم محمد يوسف کتري.
”ڀٽائي جي احوال ۾ ايندڙ شخصيتون“ ليکڪه نور جھان کتري.
سرتاج العارفين سيد عبداللطيف ڀٽائي، روحاني رهبر ۽ آفاقي شاعر، تحرير، محمد سليمان طاهر انڊڙ.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جا سرچشما. الطاف اثيم.
”شاهه جو مذهب، محبت ۽ عشق“شهنيلا انصاري.
” ڀٽائي جي ڪلام ۾ مقامي رنگ“حسن علي.
” ڪڇي ٻولي ۽ شاهه عبداللطيف“محمد سليمان جوڻيجو.
”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۽ تخليق ۾ حسن ڪاري“ ليکڪ خاڪي جويو.
سر ڪيڏارو مختصر سمجھاڻي، ليکڪ مرحوم فقير قربان علي.
”سسئي ۽ شاهه لطيف جو وجودي تصور“ ڪي. ايم. لاڙڪ.
(1) شاهه جو سماجي معاشي ۽ ثقافتي سرگرمين سان واسطو، (2) ”شاهه لطيف جي شاعري ۾ دعا جو فلسفو“ ناهيد نواز.
1. ڀٽائيءَ جا راڳي فقير ۽ سماع جي روحاني رمز. 2. ڀٽائيءَ جي ٻولي جا سونهان ۽ لغاتِ لطيفي جو اڌ ۾ رهجي ويل ڪم. 3. ڪڇي ۽ گجراتي ٻولين ۾ شاهه سائين جي جيون رچنا ۽ رسالي جو ترجمو. 4.شاهه جي رسالي جو بلوچي ترجمو، نسب نامو ۽ آڳاٽا ماخذ. 5. شاهه جي رسالي جا عربي ترجما. 6. شاهه جو کاهوڙي جوهر بروهي ۽ رسالي جو براهوي ترجمو. ليکڪ اياز عالم ابڙو، ڄامشورو.
(1) ”سسئي آبري ۾ ڪوهستاني لهجو“ (2) ”شاهه لطيف جي لفظن جو جوهر“ (3) ”شاهه لطيف جو ڀنڀور“ رخمان گل پالاري. سر ديسي ۾ بلوچي ٻولي، رخمان گل پالاري/ رياض بلوچ.
”شاهه لطيف ثابت قدميءَ جو شاعر“ راز شر.
”شاهه لطيف جي ڪلام ۾ جتن ۽ مهاڻن جي زندگي ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جو سماجياتي مطالعو“ مشتاق علي لغاري.
(1) ”شاهه لطيف جي زندگيءَ ۽ فن تي انگريزي ٻوليءَ ۾ تحريرن جو جائزو“ (2) ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي، هالا ڪنڊي ۽ اتي رهندڙ سندس همعصر مشاهير“ محمد حبيب سنائي.
”شاهه لطيف ڀٽائيءَ جي شاعري ۾ حبِ رسول صه“ ڊاڪٽر الهه وسايو سومرو.
”شاهه لطيف جي سرڪاموڏ جو مطالعو“ زاهده مري.
”شاهه جي شاعري ۾ قرآني آيتن جو عڪس“ ڊاڪٽر حافظ زين العابدين سوڍر.
”شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سر پرڀاتي جو فڪري جائزو“ محمد ياسين مانڊڻ.
”شاهه جي سر مومل راڻو ۾ علامت نگاري“ شاهين مڱريو.
”شاهه جو ڪيڏارو، ڪي تاريخي حقيقتون“ يوسف شاهين.
”شاهه، سچل ۽ سامي جي ڪلام ۾ هڪجھڙائيءَ جو فلسفو“ ذوالفقار علي جلباڻي.
”شاهه لطيف جي شاعري ۾ مارئي جي ڪردار جو نفسياتي اڀياس“ حڪيم احسن سنڌي.
”شاهه عبداللطيف جي عڪسي شاعري (سر سهڻي)“ ليکڪ اقبال شيخ.
”شاهه لطيف جي سر کاهوڙي ۾ منظر نگاري“ غلام علي لنڊ.
”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ پکين جو ذڪر“ معشوق علي قاضي.
”شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ جي باري ۾ ڪجھه لفظ“ آمنه حامد خليل زبيدي.
1. ”شاهه لطيف جو جنم ۽ سندس ٻالڪپڻ تي هڪ نظر“ 2. ”شاهه سائين جي شعر جي خاصيت“ 3. شاهه جي شاعريءَ ۾ حب الوطني ۽ آزاديءَ جو پيغام، حيدري چانڊيو.
سنڌ جو شاهه، لطف پيرزادو.
شاهه لطيف سنڌ جو روح سنڌ جو ساهه ! محمد ابراهيم جويو.
شاهه ڀٽائي جي عظمت، پارومل پريمي. شاهه جي عظمت. نسيم حيدري.
شاهه لطيف جي عوامي شاعري، ڊاڪٽر تنوير عباسي.
توکي ساريو ساهه، اڪنڊيون آهون ڪري، ڊاڪٽر ادل سومرو.
1. ڀٽائيءَ وٽ محبت جو فلسفو.2. ڀٽائي احساساتي سگھه جو ڪيٽس کان به وڏو شاعر، شبنم گل.
1. مضمون ”لطيف سنڌين جي ايڪتا جو باني“ 2. محبت کي ڀٽائيءَ جي نگاهه سان ڏسڻ جي ضرورت، ذوالفقار خاڪي.
”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ چوڻيون“ ڊاڪٽر غلام قادر سومرو.
”شاهه جون چوڻيون (سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري ۽ حسينيءَ جي حوالي سان)“ نياز همايوني.
”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ موجود آفاقي سچايون ۽ موجوده دؤر جي تقاضا“ ڊاڪٽر شير مهراڻي.
”شاهه لطيف جي ساڃاهه“ ڪي. ايس. ناگپال.
”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ علم، عقل، عشق ۽ عمل“ ڊاڪٽر ڦلو سندر ميگھواڙ.
”شاهه لطيف جو ڪلام ۽ پيغام“ ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري.
”لطيف جي ڪلام جا روحاني پهلون (سر ڪلياڻ، معذوري، پرڀاتي ۽ سارنگ)“ رسول بخش تميمي.
”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ سرور آهي.“ الهه بخش راٺوڙ.
شاهه جي رسالي ۾ ٻوليءَ جو لطيفي لهجو. استاد لغاري.
1. شاهه جي شاعريءَ ۾ پيار جو تصور. 2. شاهه لطيف وٽ رومانويت جو تصور. 3. شاهه لطيف جو دؤر ۽ ان جا لاڙا، ڊاڪٽر ساجده پروين.
1.ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ محبت هڪ آفاقي قدر. 2. ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ رنگيءَ جا انيڪ رنگ، امين چانڊيو.
” لطيف جي عشق جي يگانگيتَ ۽ گھرايون“ سحر گل.
ڀٽائيءَ جي شارح جي فڪري ۽ شعوري اڏار ۽ سر ڪلياڻ جي فڪري ڀاڱي بندي. سحر گل.
لطيفي درگاهه سان روحاني عشق، عزيز الله سومرو.
لاثاني لافاني ۽ پراسرار ڪلام، ج. ع. منگھاڻي.
لطيف سائينءَ جي شاعريءَ ۾ آفاقيت، ذوالقرنين شاهه.
سيدنا شاهه عبداللطيف ڀٽائي، حافظ ممتاز احمد قاسمي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري مختصر جائزو، ڊاڪٽر فهميده حسين.
ڀٽائي جي انقلابي عمرانيات، خادم بالادي.
شاهه لطيف جي فڪري سگھه ۽ اڄوڪي سنڌ، تحرير، زيب سنڌي.
شاهه لطيف ۽ ٿرپارڪر، وقار احمد راهمون.
ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ انقلاب جو پيغام، ليکڪ، محمد صالح ڪاتيار.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ وٽ ڌرتيءَ جو تصور، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو.
صوفي شاهه عنايت جو شاهه لطيف تي فڪري اثر، ڊاڪٽر حفيظ قريشي.
مضمون، لاهوت وارو دڳ ۽ ڀٽائيءَ وارا ماڳ، 2 سيوهڻ لاهوت جو دروازو، ليکڪ شوڪت خواجائي لاهوتي سکر.
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جدوجهد جو لازوال پيغام، ليکڪ اقبال زاهد انصاري سکر.
هلو تڪيا پسون تن جا، ليکڪ علي حسن عباسي لاڙڪاڻو.
شاهه لطيف جي نظر ۾ انساني اخلاق ۽ ڪردار جو معيار، پروفيسر علي نواز جتوئي.
شاهه جي شاعري ۾ تڪراري لفظن جو اڀياس، پروفيسر ڊاڪٽر غفور ميمڻ.
اردو رسالي ”ماه نور“ اپريل 1948ع وار پهرين شماري ۾ شاهه سائينءَ تي اردوءَ ۾ مضمون سحر انصاريءَ جو شايع ٿيو.
مضمون، سر ڪلياڻ ۾ توحيد جو عنصر شاهه سائين جي نظر ۾، فرح بلوچ.
مضمون، شاهه لطيف تي تنوير عباسيءَ جي تحقيق، ليکڪ مهر خادم.
مضمون، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري نسورو ئي اتساهه، سدا حيات جلباڻي.
”ڀٽائيءَ جي راڳين جي زندگي پيار، محبت ۽ درد جو داستان“ امينه گاڏهي.
شاهه ڀٽائي هڪ سڌ يوگي، ليکڪ، ڪانجي مل چوهاڻ.
آفاقي شاعر شاهه عبداللطيف، سعيد شيخ.
شاهه، جستجو ۽ جدوجهد جو شاعر، مراد علي مرزا.
مضمون، لاثاني ۽ لافاني لطيف، ليکڪ، عارف شاهه گيلاني، روزنامه عبرت حيدرآباد، 21 ۽ 23 آگسٽ 1960ع.
مضمون، يومِ لطيف ۽ ادب لطيف، مرحوم مولانا غلام محمد گرامي، روزنامه نوائي سنڌ، حيدرآباد، 29 مارچ 1964ع.
جماليات شاهه جي نظر ۾، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، لطيف ڊائجيسٽ، جون 1985ع.
خواجه حافظ شيرازي ۽ شاهه ڀٽائي، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، مهراڻ نمبر2، 3، سال 1991ع.
شاهه عبداللطيف تاريخي ڪردار، تاج جويو، عبرت اخبار 24 جولاءِ 1994ع.
1988ع ۾ دهلي ۾ ورلڊ شاهه لطيف ڪانفرنس جي موقعي تي قمر ڀٽيءَ مقالو، ”لطيف ۽ ڀارت“ پڙهيو، پوءِ اهو 15 آڪٽوبر 1988ع جي پندرنهن روزه عبرت مئگزين ۾ شايع ٿيو.
شاهه جي ڪلام ۾ اخلاقي قدرن جو اولڙو، پروفيسر عنايت الله زنگيجو، نئين زندگي آگسٽ، سيپٽمبر 2003ع.
سورٺ، سنڌ جي عورت جو المياتي ڪردار، ڊاڪٽر تهمينه مفتي، مهراڻ نمبر 1، 2، سال 2002ع.
مقالو، شاهه جو آئيڊيل انسان، اعجاز منگي، روزاني عبرت حيدرآباد 19 اپريل 2003ع.
مضمون شاهه جو شعر، ڊاڪٽر فهميده حسين، مهراڻ نمبر 4، سال 2004ع.
مون کي جيارين وايون وڻجارن جون، ايوب کوسو، عبرت مئگزين 15 آگسٽ 2004ع.
”شاهه سنڌ ۽ هندستان“ تحرير موهن ڪلپنا، سنگت پبليڪيشن 2005ع.
انسان ذات جي ڀلائي جي واٽ، غلام حسين رنگريز.
موجوده دؤر ۾ شاهه لطيف جي فڪر جي اهميت، محمد خان مجيدي.
اتم اصولن جا وکر وهائيندڙ شاهه ڀٽائي، مريم مجيدي.
مايوسين کي مات ڏيندڙ شاعر، رسول بخش درس.
پاڻهين پسي پاڻ کي پاڻهين محبوب، مسرت جوڻيجو، نئين زندگي فيبروري 2009ع.
سهڻي ۽ ميهار سنڌي هئا، امين لاکو، نئين زندگي جولاءِ 2009ع.
ڀٽائي سرڪار جو ميلو شروع کان اڄ تائين، تحرير الطاف ميمڻ، روزاني ڪاوش اڱارو 10 فيبروري 2009ع.
لطيف کي دلين ۾ محفوظ رکندڙ ماڻهو، محمد خان سمون، روزاني ڪاوش اخبار، 30 جنوري 2010ع.
تقرير، ”ڀٽ شاهه تي سنڌي ثقافت جو مرڪز“ جي ايم سيد، هيءَ تقرير ڪتاب ”چونڊ ادبي مضمون“ جي. ايم. سيد، جي ايم سيد اڪيڊمي سن، ڇاپو ٻيو 2011ع ۾ شايع ٿي.
پيغام لطيف جو سماجي تبديليءَ ۾ ڪردار، الطاف ملڪاڻي، عبرت اخبار جمع 21 جنوري 2011ع.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي امن، پيار ۽ سهپ جو پيغامبر، ليکڪه، شازيه مري، روزاني عبرت اربع 11 جنوري 2012ع.
رحمان بابا ۽ لطيف محبت جا شاعر، تاج جويو، روزاني سوڀ، 10 جنوري 2012ع.
تنهن عشق کي شاباس جنهن محبتي ميڙيا ! وزير علي سرڪي، روزاني ڪاوش سومر 23 جنوري 2012ع.
سنڌ جو سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي، ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل. اخبار عبرت آچر 7 ڊسمبر 2014ع.
”ڏٺي ڏياري سامونڊين سڙهه سنباهيا“ نشا نهال حيدرآباد، اخبار ڪاوش خميس 23 آڪٽوبر 2014ع.
انسان دوست شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي، عبدالحي ڀٽو، روزاني ڪوشش 27 نومبر 2015ع.
ڀٽ ڌڻيءَ جو راڳ ۽ راڳي فقير، نور سنڌي.
ڀٽ ڌڻي جي نگري ۾ عزاداري حسين، نور سنڌي، عبرت اخبار جمعو 7 آڪٽوبر 2016ع.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ صوفي فڪر، پريتم پياسي. رسالو، تَخيل، شمارو 4/ 2016ع.
شاهه لطيف جي پيغام جي اهميت، ارشاد ڪاغذي، عبرت اخبار آچر 5 نومبر 2017ع.
تنقيدي ڪالم ”ڀٽائي ڪنهن جو آهي؟“ مجيد ٿهيم، روزاني ڪاوش اخبار سومر 5 نومبر 2018ع،
”لطيف جي شاعريءَ ۾ انسانيت جو فلسفو“ عبدالحي ڀٽو، رسالو سنگت پبليڪيشن سيپٽمبر، آڪٽوبر 2018ع.
مقالو، خيام مَنڌ ۽ شاهه لطيف، ڊاڪٽر احسان دانش. جون 2019ع.
ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ کان اڳ ڪن انگريز عملدارن جي شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جو جائزو، مختيار احمد ملاح، جون 2019ع.
شاهه جي شاعري جي پسمنظر ۾ سراج جي ناٽڪ گھاتو گھر نه آيا جو اڀياس، ڊاڪٽر قاسم راڄپر، جون 2019ع.
شاهه لطيف هڪ صوفي ۽ انساني حقن جو نمائندو شاعر، رقيه عامر، جون 2019ع.
شاهه جي شاعريءَ ۾ انسانيت جو درس شامل آهي، ليکڪ، اياز علي، جون 2019ع.
”بَڪار، ڀٽائي ۽ ايڪو ٽوئرزم“ تحرير، امر لغاري، روزاني عبرت اربع 12 مئي 2010ع. مضمون، بَڪار ۽ ڀٽائي، سيد ارشد حسين رضوي بَڪاري، رسالو، تَخيل 4/ 2016ع. بَڪار جي درستگي بابت عبدالرسول دربان خاصخيلي لکي ٿو ته، بڪار شهر نه پر هڪ علائقي، ڀاڱي يا جاگير جو نالو هو. بڪار بابت پهريون ڪتاب ”تواريخ جاگير بڪار“ قلمي صورت ۾ سيد نبي بخش شاهه بڪاري پينسل سان 20 ذوالقعد 1367هه موجب 24 سيپٽمبر 1948ع تي لکيو هو. جنهن کي مضمون جي صورت ۾ شهيد شوڪت خواجائي لکيو هو. بڪار جو مکيه ۽ مرڪزي شهر سنگرار هو. اهو علائقو سيد مير علي رضويءَ کي اورنگزيب پاران جاگير طور مليو هو.

شاهه لطيف بابت ليکڪن جون ڪاوش دنيا، عوامي آواز مئگزين ۽ سوڀ مئگزين ۾ تحريرون

عورتازاد ۽ ڀٽائيءَ جو منشور، تاج بلوچ، آچر 10 جولاءِ 2011ع.
ڀٽائيءَ جي فڪر ڏانهن واپس هلو، انور ابڙو، آچر 16 جنوري 2011ع.
بڊاماڻي پنري جو پَٽ ڪڇ جو رڻ، احمد علي جمالي، اربع 5 ڊسمبر 2012ع.
ڀٽائيءَ سائين جا پراڻا رسالا وڌيڪ مسند آهن، ٻانهو خان شيخ، آچر 8 جنوري 2012ع.
پراڻ نديءَ جي ڪپ تي رهندڙ ڀٽائي سائينءَ جا حافظ ٻارڙا، فيض کوسو، آچر 8 جولاءِ 2012ع.
ڀٽائيءَ جا ڪردار: سارو سنگهار ۽ ڪارايل ۽ ڪپوريءَ جي ڪهاڻي، راهب علي لاڙڪ، آچر 4 مارچ 2012ع.
1. ڊاڪٽر گربخشاڻي جنهن تي الزام هنيو ويو ته هن شاهه جي ڪلام مان هڪ هزار بيتن جو خون ڪيو آهي، آچر 14 آڪٽوبر 2012ع. 2. سنڌي موسيقي مُهين جي دڙي کان ڀٽائيءَ تائين، طارق عزيز شيخ، آچر 25 نومبر 2012ع.
قومي اتحاد ۽ ڀٽائي، محمد اقبال جاکرو، اربع 18 ڊسمبر 2013ع.
ڪهاڻي، سهڻي، انور شيخ، آچر 29 ڊسمبر 2013ع.
ڀٽائي جيان اسڪاٽلينڊ ۾ به سورمن تي شاعري ڪئي ويئي، عبدالحئي پليجو، آچر 13 جنوري 2013ع.
ڀٽائيءَ جو آسڻ، سنڌ ميوزيم ۽ ميلي جو عوامي انداز، اقرار پيرزادو، اربع 25 ڊسمبر 2013ع.
شاهه ۽ شيخ اياز، نصير مرزا، آچر 3 مارچ 2013ع.
انور پيرزادي جي پنجين ورسيءَ جي موقعي تي عنوان، ڀٽائيءَ جو کوجي، تحرير: علي بابا، آچر 6 جنوري 2013ع.
شاهه لطيف، ايڪتا ۽ سنڌ، محسن علي جويو، آچر 7 ڊسمبر 2014ع.
ڀٽائيءَ جي در تان جد و جهد جو سبق سکندڙ روسي ليکڪ گرجيف، آصف رضا موريو، آچر 12 جنوري 2014ع.
ڀٽائيءَ وارو ٿر ۽ مِينهن، لطف پيرزادو، اربع 6 آگسٽ 2014ع.
1. شاهه جو گنج ۽ ساڪريءَ جو سامي، آچر 19 جنوري 2014ع. 2. ڀٽ تان ڀيرا اڃان به اڳتي، ارباب نيڪ محمد، آچر 26 جنوري 2014ع.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي: جنم ۽ وفات جون تاريخون، بدر ابڙو، آچر 29 مارچ 2015ع.
1. ڀٽائي سائينءَ جا ڪجهه وڌيڪ حافظ ٻارڙا، آچر 15 جولاءِ 2012ع. 2. ڀٽائيءَ جي مَن اندر جو سفر، محمد علي پٺاڻ، اربع 25 نومبر 2015ع.
ڏک، سک ۽ لطيف، دودو چانڊيو، آچر 11 آڪٽوبر 2015ع.
گنگا جتڻ: جيڪا ڀٽائيءَ کي کَيسُ ٺاهي ڏيندي هئي، نصير ڪنڀار، اربع 25 فيبروري 2015ع.
شاهه لطيف جي شاعري، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، روزاني ڪاوش حيدرآباد جمع 27 نومبر 2015ع.
لطيف سائينءَ جي شاعريءَ جي مونجهارن جو اعلان نامو، ڀارومل امراڻي، آچر 9 آگسٽ 2015ع.
ڀٽائيءَ جا آدرشي تصور ۽ سندس شارح جي فڪري اُڏار، سحر گل، آچر 22 نومبر 2015ع.
تڙ مانڌلي ۾ ڀٽائي صاحب هڪ ڪنڊيءَ جي وڻ هيٺان ويٺو هو، نواز ڪنڀر، اربع 9 ڊسمبر 2015ع.
ڀٽائي ۽ روميءَ جي شاعري، تاج جويو، آچر 29 نومبر 2015ع.
اوڏَ جيڪي ڀٽائيءَ جا محبوب ڪردار آهن، جاويد شيخ، آچر 22 فيبروري 2015ع.
1. ڪينجهر کٿوري ٿئي، اربع 10 جون 2015ع. 2. لاکي ڦلاڻيءَ جي اصل ڪهاڻي هيءَ آهي، اربع 8 جولاءِ 2015ع. 3. سهڻي ميهار، سسئي، نوري، مومل ۽ لطيف جي ٻين ڪردارن جي آخري آرامگاهن تي ڪير ڌيان ڏيندو؟ 14 آڪٽوبر 2015ع. 4. شاهه جا پکي: هنجهه، ڪانگ ۽ ڪونج، سيد ماڪن شاهه رضوي، ڪاوش مئگزين، اربع 23 ڊسمبر 2015ع.
شاهه جي رسالي جا مختلف مرتب ۽ بيتن ۾ ڪيل ڦير گهير، ايوب گاد، آچر 13 سيپٽمبر 2015ع.
ڀٽائي، قلندر شهباز ۽ ٻين جي مزارن تي دستار مبارڪ ڇو رکيل آهي؟، الله بچايو ميمڻ، اربع 10 جون 2015ع.
ڀٽائي ۽ عشق، ستار سومرو، آچر 15 مارچ 2015ع.
1. ڪو جو قهرُ ڪَلاچ ۾، آچر 22 اپريل 2012ع. 2. ڪلاچي جو مورڙو ۽ سندس ڪامياب حڪمت عملي، آچر 29 اپريل 2012ع. 3. سنڌ ۾ سسئي جا پير ۽ جين ۽ ٻڌمت جي دور جا اهڃاڻ، آچر 9 فيبروري 2014ع. 4. هنگلاج، جتي ڀٽائي سائين پنهنجن فقيرن سان گڏ پيرين پنڌ آيو هو ۽ پوءِ ستاديپ ۾ ويو هو، آچر 22 جون 2014ع. 5. اُهي چند ماڳ جيڪي ڀٽائيءَ ڏٺا ۽ گهميا، گل حسن ڪلمتي، آچر 29 مارچ 2015ع.
1. ڀٽائي سائين جي وڏي اوطاق کي ميوزيم جي شڪل ڏيڻ گهرجي، آچر 16 مارچ 2014ع. 2. ڀٽائي ۽ سَر نِسريا پاند، آچر 9 نومبر 2014ع. 3. سيارو ۽ ڀٽائي، آچر 4 جنوري 2015ع. 4. سِڪَڻ اُڃ ۽ ڀٽائي، آچر 8 فيبروري 2015ع. 5. گذرندڙ سيارو، بهار ۽ ڀٽائي، آچر 15 فيبروري 2015ع. 6. ڪنڌيءَ جهليو ڪانهن عاشق اُڀو آهون ڪري، اربع 20 مئي 2015ع. 7. جهولو، ڄَرُ ۽ ڀٽائي، انور ڏنگڙائي، آچر 28 جون 2015ع.
1. سنڌو سڀيتا جو شهر لکپت، جتي گرونانڪ ۽ ڀٽائي سائين آيا هئا، آچر 12 آڪٽوبر 2014ع. 2. سنڌ مان ڪڇ ويل جسمان اوڏڻ ۽ لاکو ڦلاڻي، آچر 24 مئي 2015ع. 3. ڪڇَ ۾ پيل ڀٽائي سائينءَ جي گودڙي، اربع 22 جولاءِ 2015ع. 4. ڪڇ ۾ ڀٽائيءَ جي فقيرن جي ياترا، جيڪا اڄ به جاري آهي، آچر 15 نومبر 2015ع. 5. ڀٽائيءَ جو همعصر ۽ ڪڇ جو ڪوي ميڪڻ ڏاڏو، ڪلاڌر متوا، آچر 27 مارچ 2016ع.
ڀٽائيءَ جا پورهيت: لوهار، ڪُنڀار ۽ واڍو، ماڪن شاهه رضوي، 2 مارچ 2016ع.
هاڪڙي جي ڪنڌي، همير سومرو، راڻو مينڌرو ۽ لڊاڻي جي شهزادي مومل، نور محمد سمون، آچر 24 سيپٽمبر 2017ع.
نثري نظم: هو از شاهه لطيف ڊيڊ !، ادل سومرو، آچر 19 فيبروري 2017ع.
بڙ جو ڍورو ۽ گنگا جتڻ، عثمان راهوڪڙو، آچر 26 مارچ 2017ع.
ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ سنڌ جو اصلوڪي ۽ فڪري جوڳي، شيخ مونس اياز، آچر 4 مارچ 2018ع.
ڀٽائي سائينءَ جي ميزبان گنگا جتڻ، الهه بچايو راهوڪڙو، آچر 21 جنوري 2018ع.
سنڌ ۾ ”طبِ لطيف“ ۽ طب تي تحقيق جي ضرورت، آفتاب سومرو، آچر 10 جون 2018ع.
لاکيڻي لطيف جي راڳي فقيرن جي زندگي ڪيئن گذري ٿي؟ ، الطاف ميمڻ، ڪاوش رنگ خميس 5 اپريل 2018ع.
1. ڪڇ ۽ گجرات سان سنڌ ۽ ڀٽائي سائينءَ جو تعلق، آچر 20 آڪٽوبر 2013ع. 2. رومي، ڀٽائي ۽ اياز وٽ موت جو تصور، الطاف شيخ، آچر 18 مارچ 2018ع.
ڀٽائيءَ تي ٿيندڙ بحث !، عريشا بخاري، آچر 3 فيبروري 2019ع.
شاهه لطيف جو نئون مجسمو، بدر ابڙو، ڪاوش دنيا آچر 25 آگسٽ 2019ع.
بڊاماڻي پنرو ڪاڇي جو هئو، تحرير مختيار شاهنوازاڻي، ڪاوش دنيا آچر 8 سيپٽمبر 2019ع.
عوامي آواز سنڊي مئگزين
شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ ۾ عشق ۽ محبت جو تذڪرو، حيدري چانڊيو، آچر 31 جنوري 2010ع.
شاهه جو پيغام امن آزادي ۽ انسانيت، محمد بخش ڏاهري، آچر 31 جنوري 2010ع.
جيئي انسانيت جيئي لطيف، محمد مٺل وقاصي، آچر 30 سيپٽمبر کان 6 آڪٽوبر 2012ع.
ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي: شاهه لطيف جو محقق، مختيار احمد ملاح، آچر 14 کان 20 آڪٽوبر 2012ع.
سسئي پنهون جي محبت جي علامت ڀنڀور، ماڻڪ ڪنگراڻي، آچر 26 آگسٽ کان پهرين سيپٽمبر 2012ع.
ڀٽائي ۽ بلهي شاهه جي ديس ۾، محمد علي پٺاڻ، آچر 17 نومبر 2013ع.
1. شاهه لطيف بحيثيت قومي اڳواڻ، آچر 17 مارچ 2013ع. 2. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ ڪراچيءَ جي موجوده حالتن جي عڪاسي، طارق عزيز شيخ، آچر 31 مارچ 2013ع.
مارئي، ڏياري، مينهن، ڪراچي ۽ ڀٽائي، پروفيسر جي ايڇ ڪٽپر، آچر 21 جولاءِ 2013ع.
اسان شاهه لطيف ۽ مخدوم بلاول کي زنده رکيو آهي، جسٽس (ر) ديدار حسين شاهه، آچر 16 جون 2013ع.
سر سامونڊي ۾ عورت جا آلاپ، محمد عرس اظهر سولنگي، آچر 8 ڊسمبر 2013ع.
قصو مارئيءَ جو، ارباب ڇڄڙو مورائي، آچر 14 اپريل 2013ع.
سنڌ ڀٽائيءَ ۽ اياز جي ڪوتائن جهڙي آهي، محمد خان دائود، آچر 12 جنوري 2014ع.
ڀٽائي سڀني سنڌين جو آهي، عظيم سنڌي، آچر 12 جنوري 2014ع.
1. موکي ۽ متارا، آچر 3 آگسٽ 2014ع. 2. دنبورو، غلام مصطفى سولنگي، آچر 12 آڪٽوبر 2014ع.
ڀٽائي وٽ تصوف ۽ سماج جا ناتا، ڊاڪٽر مخمور بخاري، آچر 7 ڊسمبر 2014ع.
ڀٽ جا ڀٽائي ڀٽ تي وسئي نور منهنجون تو پڄايون، تحرير، خورشيد ٻگھيو، آچر 7 ڊسمبر 2014ع.
شاهه لطيف تي هڪ نئين نظر ، راز شر ، آچر 17 مئي 2015ع.
ڪتاب، روحاني رمزون، تي تبصرو، ج.ع.منگهاڻي، آچر 11 آڪٽوبر 2015ع.
راڻو ئي راڻو رِيءَ راڻي ٻيو ناهه ڪو، نصير سومرو، آچر 26 جولاءِ 2015ع.
شاهه لطيف جي شاعريءَ جا فڪري پهلو، رسول بخش پليجو، آچر 29 نومبر 2015ع.
شاهه لطيف جي ڪردارن موکي ۽ متارن جو درشن، محمد سليمان وساڻ، آچر 8 نومبر 2015ع.
سئي قندر جاگير شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پيدائش جو هنڌ، ڊاڪٽر مخمور بخاري، آچر 29 نومبر 2015ع.
ڪتاب، شاهه لطيف سنڌ جي آزاديءَ جو پهريون عظيم شاعر (ڪتاب تي تبصرو)، علي نواز آريسر، آچر 12 جولاءِ 2015ع.
ڪتاب شاهه لطيف جي وائي ۽ وائيءَ جي اوسر جو مختصر تعارف، تبصره نگار ادل سولنگي، آچر 10 اپريل 2016ع.
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ هڪ اهم سماجي قدر: سَچُ، ڊاڪٽر احسان دانش، آچر 13 نومبر 2016ع.
شاهه لطيف جي شعرن جو عربي ترجمو، فضل سليمان قاضي، آچر 13 نومبر 2016ع.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ جماليات، ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي، آچر 6 نومبر 2016ع.
ڪتاب، شاهه لطيف وٽ عشق جا 10 اصول (ڪتاب تي تبصرو)، رکيل مورائي، آچر 10 جنوري 2016ع.
شاهه لطيف جي ساڃاهه، پروفيسر ايس ڪي ناگپال، آچر 15 مئي 2016ع.
شاهه جي شخصيت ۽ پيغام تي واضع موقف جي ضرورت، خير محمد ڪولاچي، آچر 30 آڪٽوبر 2016ع.
انسانيت ۽ عالمي امن لاءِ لطيف جو پيغام، ڊاڪٽر سليمان شيخ، آچر 27 نومبر 2016ع.
شاهه لطيف جي پارکو، ڊاڪٽر دُرِ شهوار سيد، راهب علي لاڙڪ، آچر 25 ڊسمبر 2016ع.
شاهه سائينءَ جي رسالي جا ٻه مکيه ڇاپا، هيرو ٺڪر، آچر 26 جون 2016ع.
شاهه لطيف جي پيغام جي اهميت، يوسف شاهين، آچر 7 فيبروري 2016ع.
ڀٽائي جو پيغام ۽ دنيا جي غربت، نور احمد جنجهي، آچر 4 ڊسمبر 2016ع.
شاهه لطيف جي ڪونج، ارباب علي ڇڄڙو ، آچر 14 مئي 2017ع.
1. ٿر لطيف سرڪار ۽ مير عبدالحسين سانگي، آچر 12 نومبر 2017ع. 2. ٿڌي واري ٿر جي ۽ لطيف سرڪار ، مشتاق باگاڻي، آچر 19 نومبر 2017ع ۽ آچر 10 ڊسمبر 2017ع.
لطيف جي شاعريءَ ۾ سڄي دنيا جي مسئلن جو حل موجود آهي، مٺل وقاصي جو تاثر ۽ ان کان انٽرويو وٺندڙ قاسم راڄپر ۽ فريد ڀٽو، آچر 30 جولاءِ 2017ع.
شاهه سائينءَ جي ڪلام جو عظيم موسيقار: استاد نياز حسين، تحرير، ناصر قاضي، آچر 5 جنوري 2017ع.
لطيف جو پيغام عالمگير آهي، عرفان منان. ڇنڇر 4 نومبر 2017ع.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فقيرن جي راڳ جي تاريخ، مرحوم خورشيد ٻگهيو، آچر 6 مئي 2018ع.
شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي شاعريءَ جو لسانياتي اڀياس (ڪتاب تي تنقيد)، ڊاڪٽر الطاف جوکيو، آچر پهرين اپريل 2018ع.
شاهه ڀٽائيءَ جي ڪلام کي زوريءَ پنهنجي معنى نٿي ڏيئي سگهجي !، ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي، آچر 25 مارچ 2018ع.
1. حيف تنين کي هوءِ، لطف پيرزادو، آچر 10 نومبر 2013ع. 2. شاهه عبداللطيف ڀٽائي انسائيڪلوپيڊيا جو اڀياس، لطف پيرزادو، آچر 12 آگسٽ 2018ع.
شاهه جي رسالي سان گذاريل زندگي (لطف پيرزادي جي وڇوڙي تي ڀيٽا)، امر پيرزادو، آچر 16 سيپٽمبر 2018ع.
”موکي متارا“ جو لوڪ قصو ۽ محققن جون دعوائون، جميل چانڊيو، آچر 9 ڊسمبر 2018ع.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي انسائيڪلوپيڊيا (جلد پهريون) هڪ جائزو، مختيار احمد ملاح، آچر 3 جون 2018ع.

سوڀ سنڊي مئگزين.
1 هڪ عظيم ٻار جو جنم (شاهه سائينءَ جي ولادت جي مناسبت سان)، غلام رسول چانڊيو، آچر 26 جون 2011ع.
گنگا جت ۽ بڙ جو ڍورو، رزاق کٽي، آچر 15 اپريل 2012ع.
1. هوٿل پري ۽ اوڍو ڪيهر، آچر 23 آڪٽوبر 2011ع. 2. شاهه جي شاعري ۾ آيل قديم تيرٿ آسٿان دوارڪا، آچر 19 فيبروري 2012ع. 3.سُر کنڀات ۽ سريراڳ ۾ ذڪر هيٺ آيل کنڀاتي نار ۽ پور بندر، ضراب حيدر، آچر 11 مارچ 2012ع.
ست ـ رنگا پيرُون، امداد حسيني، آچر 19 فيبروري 2012ع.
1. شاهه جي ڪلام ۾ ٿرين جي خوراڪ ۽ پوشاڪ جو ذڪر (حصو پهريون) آچر 4 نومبر 2012ع ۽ حصو ٻيو، آخري آچر 11 نومبر 2012ع. 2. شاهه سائين جي سُر سامونڊي جو مطالعو، آچر 16 سيپٽمبر 2012ع. 3. سُر ڪوهياريءَ ۾ سُجاڳيءَ جو سبق، آچر 7 آڪٽوبر 2012ع. 4. شاهه جي سر ڪاپائتي ۾ وقت جي وقعت ۽ پيار ڀريي پورهئي جو پيغام، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، آچر 2 ڊسمبر 2012ع.
مارئي، مينهن، ڏياري ۽ ڪلاچي، پروفيسر جي ايڇ ڪٽپر، آچر 24 نومبر 2013ع.
شاهه جي رسالي جي حافظ، نور جهان منگي، لياقت راڄپر، آچر 10 مارچ 2013ع. صفحي 12هين تي نور جهان منگي کان انٽرويو ورتل آهي.
”ڏورينديون ڏسن“ شاهه جي ڪلام ۾ محققن جي مونجهارن جي ڇنڊ ڇاڻ (ڪتاب ڏورينديون ڏسن تي تبصرو)، آڪاش انصاري، آچر 14 ڊسمبر 2014ع.
ڪتاب حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جي تاريخ ۽ ڪتاب شاهه عبداللطيف ڀٽائي سوانح حيات ۽ عرفان ! (تبصرو ۽ تعارف)، ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري، آچر 30 نومبر 2014ع.
لوڪ داستان سسئي پنهون آري ڄام پنهون سماٽ آهي يا بلوچ ؟، ايوب انڙ، 31 آگسٽ 2014ع.
1. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي سسئيءَ جي سرن ۾ جت ذات وارن جو ذڪر ڪيو آهي، آچر 27 جولاءِ 2014ع. 2. ڄام آري ـ پنهون ـ سنڌي هئا، اياز ڀاڳت، آچر 14 سيپٽمبر 2014ع.
1. پنهون سسئيءَ جي حسن جي هاڪ ٻڌي کيس ڏسڻ لاءِ پاڻ اچي پهتو هو، آچر 20 جولاءِ 2014ع. 2. لوڪ داستان سسئي پنهون ڄام لقب جو بنياد ۽ حقيقت، آچر 21 سيپٽمبر 2014ع. 3. شاهه جي سورميءَ ”ليلان“ جو ”چنيسر“ يا ليهور جو راءِ آخر ڪير هو؟ آچر 6 اپريل 2014ع ۽ آچر 13 اپريل 2014ع. 4. ليلان جي ماڙي ۽ جکرو وزير، آچر 27 اپريل 2014ع. 5. ڇا مورڙي کي مانگرمڇ مارڻ جو سامان راجا دلو راءِ ڏنو ؟ اياز ڀاڳت، آچر 8 جون 2014ع.
سهڻي ۽ ميهار جو سنڌي قصو نهايت آڳاٽو آهي، ساجد حسين وڌو، آچر 26 جولاءِ 2015ع.
سسئي کان پوءِ ويران ٿي ويل ڀنڀور، ابوبڪر شيخ، آچر 29 نومبر 2015ع.
عظيم صوفي شاعر، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، آچر 29 نومبر 2015ع.
1. شاهه جو رسالو ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي وارو نسخو، آچر 8 اپريل 2012ع. 2. شاهه جو رسالو (مرزا قليچ بيگ وارو نسخو)، آچر 6 مئي 2012ع. 3. شاهه جو رسالو ( 1867ع وارو پهريون بمبئي ڇاپو)، آچر 23 سيپٽمبر 2012ع. 4. هم اوست يا وحدت الوجود جو فلسفو، استاد لغاري، 31 جولاءِ 2016ع.
1. شاهه جي رسالي ۾ پکين جو ذڪر ، 31 جنوري 2016ع. 2. شاهه جي رسالي ۾ مور ۽ ڪوئل جو ذڪر، آچر 21 فيبروري 2016ع. 3. شاهه سائين جي شاعري ۾ ڪبوتر ۽ طوطو، آچر 6 مارچ 2016ع. 4. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ بصر جو ذڪر ، بصر جا طبي ۽ سائنسي فائدا، آچر پهرين مئي 2016ع. 5. شاهه عبداللطيف جي شاعري منجهه ڏاڙهون ميوي جو ذڪر، آچر 15 مئي 2016ع. 6. شاهه جي رسالي منجهه جانورن جو ذڪر، 20 نومبر 2016ع. 7. شاهه ڀٽائي جي شاعري ۾ ٻڪري، اُٺ ۽ هاٿي، پروفيسر ابراهيم لاشاري، آچر 27 نومبر 2016ع.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ”جشن ولادت“ تقريب ۽ ”لطيف ايوارڊ“ رپورٽ پارومل پريمي، آچر 24 اپريل 2016ع.
لطيف جو پارکو ۽ عظيم محقق ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، ونود ڪمار، آچر 7 آگسٽ 2016ع.
1. شاهه سائين جو پيغام، شاهه سائين جي 271هين عرس مبارڪ جي مناسبت سان، آچر 7 ڊسمبر 2014ع. 2. ڌرتيءَ جو عظيم شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي،تحرير فقير عبدالغفور الستي، 273هين عرس جي مناسبت سان، 13 نومبر 2016ع.
شاهه سائين جو ”ترائي“ تان ڀيرو ۽ سندس اوتارو، غلام شبير پيراهين، آچر 7 فيبروري 2016ع.
حضرت شاهه عبداللطيف جي شاعري ۾ همت ۽ جستجو جو پيغام، وقاص ياسين آرائين، آچر 10 اپريل 2016ع.
1. ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي ڀٽائيءَ جو شيدائي، آچر 20 سيپٽمبر 2015ع.2. لطيفي درٻار جو ملادو پيازو وڳند فقير، آچر 27 مارچ 2016ع. 3. شاهه جي رسالي جي لغتن جو مختصر جائزو، آچر 3 اپريل 2016ع. 4. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي بيتن تي نئين تحقيق، راهب علي لاڙڪ، آچر 21 آگسٽ 2016ع.
1. حيف تَنين هوءِ، وطن جن وِساريو، آچر 14 اپريل 2013ع. 2. پُنهون ٿِيَس پاڻ، سَسُئيءَ تان سُورَ هئا، آچر 12 اپريل 2015ع.3. خود شناسي ۽ شاهه عبداللطيف، آچر 2 آڪٽوبر 2016ع. 4. شاهه لطيف جي شاعري ۾ تهذيب ۽ تاريخي داستانن جو ذڪر، آچر 25 ڊسمبر 2016ع. 5. جي ڀائين جوڳي ٿيان، پهرين جنوري 2017ع. 6. شاهه لطيف جي شاعري ۾ سنڌي سماج جا معاشي ۽ ثقافتي قدر، آچر 5 فيبروري 2017ع.7. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دعائيه شاعري، ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ، 19 فيبروري 2017ع.

ڀٽ شاهه ۽ ٻين ماڳن تي شاهه لطيف جا يادگار تبرڪات

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي استعمال ۾ آيل شيون جيڪي هن وقت به گادي نشين/سجاده نشين وٽ موجود آهن، انهن کي نوادرات چيو وڃي ٿو. اهي شيون شاهه لطيف جي عرس جي موقعي تي حويليءَ مان ڪڍي ٻاهر آنديون وينديون آهن ۽ ماڻهن کي انهن جي زيارت ڪرائي ويندي آهي انهن شين جو احوال هيٺ ڏجي ٿو:
اُکري: شاهه لطيف جي نوادرات ۾ اکري پڻ شامل آهي اُها اُکري جئپور جي ڳاڙهي پٿر جي ٺهيل آهي. 6 انچن جي قطر وارو پنج انچ اونهو پيٽ اٿس. روايتن مطابق ان اکريءَ ۾ داڻا وجهي ٿورو مُهريءَ سان ڌڪ هڻي هاري ناري ٻئي اناج سان ملائي ٻنيءَ ۾ ڇٽ يا ناڙي ڪندا هئا ڇو ته سندن خيال موجب ايئن ڪرڻ سان سندن فصل ڀلو ٿيندو آهي. اهو سلسلو اڄ به جاري آهي ۽ ماڻهن جو عقيدو آهي ته ان اکريءَ ۾ جيڪا به شيءِ وجهي ٻاهر ڪڍجي ٿي ته ان ۾ برڪت ٿيو وڃي.
اها اکُري شاهه لطيف جي حويليءَ ۾ گهريلو ڪم لاءِ استعمال ٿيندي هئي جيڪا سيد حسن شاهه مرحوم کي ان وقت جي حويليءَ جي ڪنجي بردار، جمعي فقير ڏني هئي ۽ چيو هئائين ته هيءَ برڪت واري آهي. کڻي وڃي پاڻ وٽ محفوظ ڪريو سا اڄ به ان جي پونئيرن وٽ موجود آهي.
بيراڳڻ: ڪنڍيءَ واري لٺ جيڪا سفر دوران فقير ساڻ کڻندا آهن، ڪنهن ماڳ تي فقير ٿڪ ڀڃڻ لاِءِ ان لٺ کي ڪڇ هيٺان رکي ٽيڪ ڏئي ويهندا آهن.يا ان تي مٿو نمائي ڌيان ۾ رهندا آهن. ان لٺ کي بيراڳڻ چوندا آهن. شاهه لطيف جي نوادرات ۾ هڪ عدد بيراڳڻ پڻ شامل آهي. اها بيراڳڻ جيڪا ٽالهيءَ جي ڪاٺيءَ جي آهي ۽ شاهه لطيف جي کٽ/تخت تي رکيل آهي. جيڪا پهرين زبون ٿي وئي هئي. پر بعد ۾ ان تي چانديءَ جا پَٽ چاڙهي ان کي خوبصورت ۽ مضبوط ڪيو ويو آهي.
ٽوپي: شاهه لطيف جي نوادرات ۾ هڪ عدد ٽوپي پڻ شامل آهي جيڪا سائي فيروزي رنگ جي ڪپڙي جي ٺهيل آهي ۽ اڳيان نراڙ وٽان ٻن حصن ۾ چيريل آهي. شاهه لطيف اها ٽوپي پٽڪي جي هيٺان مٿي تي پائيندو هو. اها ٽوپي اڄ به سجاده نشين وٽ موجود آهي.
پٽڪو: شاهه لطيف جي نوادرات ۾ هڪ عدد پٽڪو به شامل آهي. انهيءَ پٽڪي جو رنگ ڪارو آهي. پَٽڪو اڄ به سجاده نشين وٽ محفوظ آهي.
تسبيح: شاهه لطيف جي نوادرات ۾ شاهه لطيف جي هٿن جي هڪ عدد سؤمڻين واري تسبيح، جيڪا ڳاڙهي عقيق جي پٿرن جي جڙيل آهي. اها تسبيح اڄ به سجاده نشين وٽ محفوظ آهي.
جانڊاهه: شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دور ۾ ڪڻڪ، ٻاجهري، جوئر يا ٻين اناجن جو اٽو، جنڊن تي پِيٺو ويندو هو. اهو ڪم گهڻو ڪري گهرن ۾ عورتون ڪنديون هيون، پر ڪِن وڏن ماڻهن يا جن جا مهمان خانا يا اوطاقون مشهور هيون اتي اٽو ’جانڊاهه‘ تي پيٺو ويندو هو. بلڪل اهڙيءَ طرح سان شاهه لطيف جي حياتيءَ ۾ ڀِٽَ تي عقيدتمندن ۽ مريدن جي اچ وڃ وڌي وئي هئي جنهن ڪري فقيرن وڏيءَ اوطاق (تمر فقير جي رهائشگاهه) تي ڏکڻ ۾ هڪ وڏي جانڊاهه لڳرائي جيڪا راجسٿان جي شهر جوڌپور جي ٺهيل هئي. ان جانڊاهه کي هلائڻ لاءِ گڏهه ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڍڳو استعمال ٿيندو هو. هڪ يا ٻه فقير پنج ڇهه مڻ ڪڻڪ يا ٻاجهري رکي ٿوري ٿوري ڪري ’ڪِير‘ وٽان وجهندا رهندا هئا ۽ ٻئي پاسي اٽو پيسجي نڪرندو هو. اها جانڊاهه هن وقت ڪم نٿي ڪري پر ان جا پڙ محفوظ ڪيا ويا آهن، جيڪي وڏي اوطاق ۾ پيل آهي.
شال: شاهه جي نوادرات ۾ هڪ عدد شال به شامل آهي، پورهيت ماڻهو ان وڏي رومال سان پگھر اگھندا هئا ۽ فقير ان کي سانوڻ ۽ سياري جي مند ۾ مٿي تي اوڙهي سفر ڪندا هئا. ان شال جو رنگ موڱي آهي. اُها شال ننڍين ننڍين چوڪڙين ۾ اُڻيل آهي ۽ اڄ به سجاده نشين وٽ محفوظ آهي.
گودڙي: فقيرن جو پهرڻ لاءِ ڪپڙي جي ٽڪرين مان چتيون لڳل ڪوٽ، ڪڙتو، جبو، ڪجهه فقير ڪپڙي جي ٽڪرن مان هڪ ننڍي ڳوٿري جيڪا ٿيلهي نما ٿيندي آهي. اها ساڻ کڻندا آهن. ان کي به گودڙي چئبو آهي. پوءِ فقير ڪنهن سفر دوران ان ۾ سيدو سامان رکندا آهن. شاهه سائين کي هر سفر ۾ گودڙي ساڻ هوندي هئي. لطيفي ڀٽ تي جڏهن به شاهه سائينءَ جي ڪنهن فقير جو انتقال ٿيندو آهي ته ان فقير کي شاهه لطيف جي گودڙي ٻانهن ۾ پارائي ويندي آهي ۽ لحد ۾ لاهڻ کان پوءِ اها گودڙي سندس تن تان لاهي ٽن ڏينهن تائين ان فقير جي قبر تي رکي ويندي آهي.
کَٽَ: شاهه لطيف جي نوادرات ۾ هڪ عدد کٽ به شامل آهي. اُها کٽ، ڪاٺ (جنڊيءَ) جي ٺهيل آهي جيڪا شاهه لطيف جي حويليءَ ۾ رکيل هوندي هئي. شاهه لطيف جي وفات کان پوءِ ان حويليءَ کي بند ڪيو ويو هو. سن 1340هه / 1922ع ڌاري جڏهن شاهه لطيف جي درگاهه جي مرمت ٿي ته حويليءَ کي به نئون ڪري ٺهرايو ويو ڇاڪاڻ ته شاهه لطيف جي وفات کان پوءِ گهڻو عرصو بند رهڻ جي ڪري ان ۾ تمام گهڻا وڻ ۽ جهنگ ٿي ويو هو جنهن ڪري شاهه لطيف جي کٽ جا ٻه پاڳا (پاوا) اُڏوهي کائي چڪي هئي. ان دوران جنڊيءَ جي ٺهيل انهيءَ کٽ جي به مرمت ڪرائي وئي ۽ کاڻوٺ مان ٻه پاڳا (پاوا) ٺهرائي ان کي محفوظ ڪيو ويو. جيڪا اڄ به ان حويليءَ ۾ رکيل آهي. انهيءَ کٽ کي تخت به سڏيندا آهن. انهيءَ ڪري حويليءَ جي ٻاهران جيڪا تختي لڳل آهي انهيءَ تي به تخت حويلي شاهه عبداللطيف ڀٽائي لکيل آهي.
لاڙ ۾ خيلفي دودي نهڙئي جي خاندان وٽ شاهه لطيف جا تبرڪات: شاهه سائينءَ جو همعصر خليفو دودو نهڙيو پٽيهل جي اولهه طرف ڪنڊي جي ڀر ۾ مئين سراءِالدين جي ڀرسان آرامي آهي. خليفي دودي نهڙئي پنهنجو وڃايل فيض حاصل ڪرڻ لاءِ پورو سال ڀٽ تي پاڻيءَ جون مٽيون ڀريون ته سندس مٿي تي ڦٽ ۽ پير پٿون ٿي پيس. لطيف سرڪار جڏهن سال کان پوءِ پنهنجي ماڳ ڀٽ تي آيو ته خليفي دودي کي ان حال ۾ ڏسي کانئس ڦريل فيض واپس ڪيائين ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجي گودڙي ۽ رومال توڙي بوڇڻ (پهراڻ) پڻ عنايت ڪيائينس. سندس پونئرن وٽ شاهه کان مليل گودڙي رومال ۽ بوڇڻ موجود هئا. جن مان گودڙي ۽ رومال خليفي محمد نهڙئي عام زيارت لاءِ لاڙ جي عجائب گهر کي ڏنيون. باقي ابوڇڻ پاڻ وٽ تبرڪ طور رکيو اٿن. حوالو: شيخ محمد سومار، لطيف سائين جا لاڙ تان ڀيرا، 1986ع ص: 62.
ويڙهي جھپ ۾ شاهه سائينءَ جي چادر: ويڙهي جهپ ۾ شاهه صاحب جي تڪيي واري چادر مشهور آهي. جنهن تي هندو خواه مسلمان باس باسين ٿا ۽ ميلي ۾ ايندا رهن ٿا. ويڙهي جھپ ۾ شاهه صاحب جي دؤر ۾ يارو فقير ۽ مارو فقير شاهه لطيف جا معتقد هئا. (لطيف جا ٿر تان ڀيرا، ص: 100.) اها چادر هن وقت شايد نه هجي.
جيسلميري جُتي: شاهه جي نوادرات ۾ هڪ عدد جيسلميري جتي به هوندي هئي جيڪا چاليهه سال کن اڳ به سجاده نشين وٽ محفوظ هئي اها هن وقت موجود نه آهي. ان کان علاوه هڪ ڪاٺ جي ۽ ٻي چمڙي جي جُتي به ٺهيل هئي.
ڪڇ ۾ گودڙي: شاهه لطيف ڪڇ جي سفر دوران نروڻا ويجهو اوريئڙا ڳوٺ جي تماچي فقير نهڙئي جي ڪکن تان پڻ پير گهمايا. کيس دعا ڪندي سوکڙيءَ طور هڪ گودڙي ڏنائينس. تماچي فقير اها گودڙي زندگي ڀر سانڍي رکي ۽ سندس وفات کان پوءِ اها گودڙي ليڙن جي صورت ۾ تماچي فقير جي قبر مٿان ڪافي سالن کان پيل آهي. ڪڇ جي سفر دوران نکتراڻا تعلقي جي ڳوٺ جڙو در جي الهندي پاسي پير حاجي صالح محمد شاهه سان ڀٽائي جي بيحد عقيدت ٿي ۽ کيس مرشد ڪري مڃيو هئائين. جڙو در ۾ شاهه لطيف ڊگهي ڪاري پٿر تي ويهي چلو ڪڍيو هو. اهو پٿر اڄ به جڙودر ۾ موجود آهي. (محقق: ڪلاڌر متوا)
ڪوٽيسر ۾ شاهه لطيف جي تسبيح: شاهه لطيف ڪوٽيسر ويو ته اتي جي سنتن کي سچائيءَ واري ويساه ۽ هيڪڙائي جي حق جي ترغيب ڏنائين. جنهن کان اهي گھڻو متاثر ٿيا. شاهه لطيف ڪوٽيسر جي مندر لڳ مسجد ۾ ٽڪيو جتي سندس تسبيح يادگار طور اڃا تائين ٽنگيل آهي ۽ شاهه صاحب هنج ڪريون (ڊگهين ڳچين وارا ڪؤنرا) آنديون هيون. جيڪي يادگار طور رکيل آهن. ڀٽائيءَ جي واپس وڃڻ کان پوءِ ڀٽائيءَ جنهن ڀت کي پُٺا ڏئي ويٺو هو.اتي ڀت ۽ محراب مثل نشان يادگار طور رکيائون.
شاهه لطيف جا ڪوٽڙي محمد ڪبير ۾ تبرڪات: شاهه سائين، ڪوٽڙي ڪبير جي مشهور عالم ۽ بزرگ هستي مخدوم محمد صديقي وٽ ايندو هو ته سندس صحبت ۽ دوستي ڪوٽڙي ڪبير جي مخدوم عبدالڪريم سان به ٿي. ڀٽائي صاحب ۽ مخدوم عبدالڪريم صاحب جنهن پليٽ ۾ ماني کاڌي هئي اها پليٽ اڄ تائين مرحوم مخدوم غوث محمد گوهر جي خاندان وٽ محفوظ آهي. ۽ شاهه سائين پاران ڏنل تبرڪات ڪاٺ جو پيالو ۽ پهراڻ سندن قديم لائبرريءَ ۾ رکيل آهن. مخدوم غوث محمد جي روايت مطابق، شاهه صاحب جڏهن به مخدوم محمد ڪبير وٽ ايندو هو ته فقير عبدالرحيم ڦلپوٽو ڪوري سندس خدمت ڪندو هو.
شاهه لطيف جا ڪمارين ابڙن وٽ تبرڪات: مديجيءَ کان ٻه ٽي ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڳوٺ ترائي (تعلقو ڳڙهي ياسين) ۾ شاهه لطيف ڪمارين ابڙن جي سردار کي جيڪي سوکڙيون جن ۾ چولو (پهراڻ)، ٽوپي، ڪؤرو (ڪوزو)، ميڻ بتي، ڪنٺا، مصلو، پيس جو ٻهارو، ڪشتو، ڪعبةالله جي غلاف جو ٽڪرو ۽ شام، عراق ۽ عربستان جي مقدس زيارت گاهن جون هٿ سان جوڙيل تصويرون تبرڪ طور ڏنيون. هنن وٽ شاهه سائينءَ جي ڪاٺ جي چاکڙي جُتي به هئي، جيڪا تڪيي تي ٿيندڙ ڏڻ ”ٽهائيءَ“ جي موقعي تي ڪو کڻي ويو. جن مان شاهه لطيف جو ڪشتو ۽ ڪنٺو، عاشق حسين ڪوري ويٺل ڳوٺ ترائي ۽ شاهه لطيف سرڪار جو چولو، پروفيسر اياز حسين ابڙي وٽ هن وقت به موجود آهي.
ٽوپي/پٽڪو: شاهه عبداللطيف ڀٽائي قادري طريقي واري مٿي تي ڊگهي جمني نما ٽوپي پائيندو هو. جهڙي صوفي ڍڪيندا آهن ان کي تاج چوندا آهن اها ٽوپي اڇي رنگ جي اٽڪل هڪ فوٽ ڊگهي ٿيندي. پڳ (پٽڪو): ڪاري رنگ جو پنج هٿ ڊيگهه. چادر (شال): گيڙو رنگ جي ۽ ڪاري سٽ سان سبيل.
لٺ/ڪندري: جنهن جو مٿو ٽي جهڙي شڪل جو آهي ۽ سڄي شيشم جهڙي ڪاري آهي ۽ هيٺان چهنب تکي لوهه جي اٿس. (مرزا قليچ بيگ، ڪتاب، احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي) ڪندري: لوهي شيخ جو لڪڻ ٽي جي صورت ۾ ٺاهيل اڪثر فقير سفر دوران کڻندا آهن.ان جي سنهي ۽ تکي چهنب ٿيندي آهي.جوڳي فقير سفر ۾ ڪنهن نقصانڪار جانور نانگ بلا کان بچاءَ لاءِ هيءُ اوزار ڍال طور استعمال ڪندا آهن. شاهه سائين به سفر دوران ڪندري ساڻ کڻندو هو.
شاهه لطيف جو، آخوند متين دين کي ڏنل لباس: هالا پراڻا جي آخوند متين الدين سانوڻي کي شاهه لطيف ميٽائين رنگ جو لباس ڏنو هو. اهو لباس 1887ع تائين مير عبدالحسين سانگيءَ جي استاد آخوند احمد وٽ موجود هو. ان پهراڻ جو مير عبدالحسين به ديدار ڪيو هو. مير عبدالحسين سانگي پنهنجي ڪتاب ”لطائف لطيفي“ ۾ لکي ٿو ته مون سندس (شاهه لطيف جي) جتي مبارڪ به ڏٺي آهي. جيڪا چمڙي جي آهي. سندن خاص ڪپڙن کي به ڏٺو اٿم. سندس قادري ٽوپي ڊگھي، سندن ڪارو پٽڪو پنجن هٿن کان ڊگھو ڪونهي، سندن ڪفني گيڙو رنگ جي سبيل ۽ گودڙي به آهي. سندن لٺ مبارڪ ڪاري ڪاٺ جي ان کي هيٺان لوهه به لڳل آهي، ان کي سنڌيءَ ۾ ”ڪُندري“ به چون ٿا. ان جي مٿان بيراڳڻ آهي، پر ڪاٺي سڃاڻڻ ۾ نٿي اچي. سندن وڏن مڻين واري تسبيح به آهي، ڪشتو ڪاٺ جو، ٻيو اڇي پٿر جو شيشي وانگر آهي. حضرت اولياءَ صاحب جي انهن سڀني شين جي زيارت ڪئي اٿم. هڪ حمائل شريف، هڪ مولانا روميءَ جي مثنوي ۽ هڪ شاهه ڪريم جو رسالو به آهي. ان رسالي تي سيد محمد صلاح شاهه جا هي هٿ اکر لکيل آهن. حر ره الفقير محمد صالح بادشاهه حضرت قطب الوقت مرشدي مير صاحب حضرت شاهه عبداللطيف جو سلمھ الله تعاليٰ وابقاه. مطلب ته زماني جي قطب منهنجي مرشد حضرت شاهه عبداللطيف الله انکي سلامت رکي. (لطائف لطيفي، صفر 1407هه/ آڪٽوبر 1986ع صفحو 78.)
شاهه لطيف جا اڏيري لال ۾ تبرڪات: شاهه سائين، اڏيرو لال ۾ بيبي لال (لعل) وٽ ايندا هئا پوءِ بيبي لال، شاهه سائينءَ جون هي شيون سنڀالي رکيون. جتي مبارڪ، چمڙي جو ٻٽون جنهن ۾ قرآن جا هٿ اکر چند ورق پيل آهن، جنهن کي حمائل شريف چئبو آهي. چمڙي جو وڏو ٻٽون. جنهن ۾ ڪڪڙ جي چوسيل هڏي جيڪا شاهه لطيف جي اوبر ڪيل محفوظ آهي. انکانسواءِ ٿالهي، وٽي، ننڍڙي دٻلي، عطر مشڪ، ڍاڪونءَ جو ڍڪ ۽ هڪ پتل جو چمچي نما تنبوري جو ماڊل، ڄار جي پاڙ جو ڏندڻ، ڪاٺ جي سرمي داڻي جو ڍڪ، ڪارا ڌاڳا. اهي شاهه جي هٿن جون ڪجهه شيون محمد شاهه ڄاموٽ (1927ع ـ 2003ع) جي پوئنيرن وٽ اڏيرو لال ۾ رکيل آهن. انهن مان ڪجھه زبون ٿيل آهن.
تمر فقير جي اوطاق ۾ رکيل شاهه لطيف جي هٿن جون شيون: ڀٽ شاهه تي تمر فقير جي اوطاق تي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي هٿن جون ڪافي شيون موجود هيون. جن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو مصلو، جنڊ، اَن رکڻ جي لاءِ ڪچي مٽيءَ جي گندي، ڪاٺ جو گلدان، پاڻيءَ جون ناديون وغيره موجود هيون. انهن مان ڪي شيون زبون ٿي ويون آهن. اهي شيون مير عبدالحسين سانگيءَ پنهنجي دور ۾ ڏٺيون هيون.
عبدالرحيم گرهوڙي ڏانهن موڪليل تبرڪات: هڪ دفعي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنهنجن فقيرن کي چيو ته امانت آيل آهي، هلو ته ڪڍي ڏياري موڪليون. پوءِ فقراء سان گڏجي هڪ کوهه تي ويا. ڏسن ته کوهه جو پاڻي مٿي آيو ۽ مٿانئس جمني (پيالي) پئي تري جا ڪڍرائي شيخ عبدالرحيم ڏانهن ڏياري موڪليائون. جمنيءَ ڪڍڻ کانپوءِ کوهه جو پاڻيءَ صفا هيٺ تر ۾ لهي ويو. شاهه صاحب نه رڳو جمني ڏياري موڪلي پر ان سان گڏ هڪ لٺ ۽ ترار به تحفي طور شيخ صاحب ڏي عرضي خاصخيلي هٿان موڪلي ڏنائون. مهاڏيو جي مڙهيءَ تي حملي ڀيريءَ عرضي خاصخيلي، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ سان گڏجي ويو هو، پر کيس شهادت نصيب ڪانه ٿي ۽ پاڻ زندهه موٽي آيو ۽ پاڻ سان اهي ٽيئي شيون به کڻي آيو، جي پشت بپشت سندس پوئين وٽ رهنديون آيون. عرضيءَ جي پٽ موسى خاصخيلي جي گهر کي اوچتو اچي باهه لڳي ته جمني ۽ ترار ڪڍي ورتائون، باقي لٺ نڪري نه سگهي جو باهه چوڌاري ويڙهي وئي هيس. پوءِ لٺ سڌو گهر جي ڇت مان ڀڙڪو کائي مٿي هلي وئي. حوالو: شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽو، مؤلف، ڪلام گرهوڙي، ڇاپو چوٿون، روشني پبليڪيشن، سال 2011ع، ص: 38.
ڀٽائي سرڪار جي جُتي، ٽوپي ۽ مڻڪو: شاهه سائين تعلقي ٽنڊي آدم جي يوسي ماڻڪ ٿهيم، ديهه وداداڻي تپي ڀٽ ڏني ۾ موجوده ڳوٺ غلام علي نظاماڻي وارن جي تر ۾ پنهنجي مريدن فقيرن وٽ ايندو هو. ان وقت ان ڳوٺ جي مريدن شاهه سائين کي پهريل جُتي ۽ ٽوپيءَ کي پراڻو محسوس ڪندي. پوءِ پنهنجي طرفان هڪ جُتي ۽ ٽوپي پيش ڪئي. پوءِ شاهه سائين پنهنجي استعمال جون اهي شيون جتي، ٽوپي ۽ مڻڪو کين ڏئي ڇڏيون. پوءِ شاهه سائينءَ جن سندن پيش ڪيل جُتي ۽ ٽوپي پهري، ان جوءِ ۾ مختلف ماڳن جو سير سفر ڪيو. ٽوپي هيٺان کان گول مٿي سوڙهي محراب وانگر، سائي ڪپڙي مٿان پيلن ڌاڳن جي خوبصورت برٿ سان ڀريل آهي. جُتي ننڍي ۽ سنهي آهي. ان کان سواءِ هڪ انچ جيترو تيز سائي ۽ ناسي رنگ جو مڻڪو به کين تبرڪ طور ڏنائين. اهي سڀ شيون ولي محمد ولد گلڻ خان ولد علڻ خان نظاماڻيءَ جي گھر ۾ رکيل آهن. (ڪتاب، نواز ڪنڀر، ڀٽائيءَ جا پنڌ ۽ پيچرا، ثقافت کاتو، ڇاپو پهريون ڊسمبر 2014ع، ص: 29 ـ 30 ـ 31.)
شاهه لطيف جا، مخدوم صابر ولهاريءَ جي خاندان وٽ تبرڪات: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي مشائخ هوٿي جي مزار تي ويندو هو. هڪ ڀيري حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي مشائخ هوٿيءَ جي قائم ڪيل مدرسي ۾ آيو ۽ اتي سندس ملاقات مخدوم صابر ولهاريءَ سان ٿي. ٻي روايت مطابق شاهه لطيف مييون صابر ولهاريءَ سان سندس درسگاهه ۾ ملاقات ڪري روانو ٿيو ته مخدوم صابر پنهنجن شاگردن کي چيو ته ”وڃو شاهه صاحب کي وٺي اچو“ طالبن ڀٽائي صاحب کي چيو ”سائين استاد صابر توهان کي سڏي ٿو“. ڀٽائي صاحب ڇوڪرن کي پنهنجو سامان هڪ الفي، ڪشتو ۽ قرآن شريف ڏئي ڇوڪرن کي چيائين ته ”هي سامان کڻي هلو آءُ اچان ٿو“. پوءِ ڀٽائي جھنگ ۾ ويو اتان گم ٿي ويو. ڇوڪرا ڀٽائي صاحب جو انتظار ڪري موٽي اچي اهو سامان ميان محمد صابر وٽ کڻي آيا. ميين صاحب چيو ته ”ابا شاهه سائين جن سوکڙي ڏئي هليا ويا آهن، سا سنڀالي رکبي“. اهو سامان اڄ تائين مشائخ هوٿيءَ جي پوٽن وٽ موجود آهي. جنهن مان الفي تمام گھڻي زبون ٿي وئي آهي، باقي ڪشتو ۽ قرآن شريف صحيح حالت ۾ پيل آهن.
بڪار جاگير جي ڳوٺ ڦلڊ هو ۾ شاهه سائين جا تبرڪات: ڳوٺ ڦلڊهو ۾ شاهه سائين، سيد غلام نبي شاهه وٽ مهمان ٿيو هو ته کين تبرڪات ڏنائين، جن ۾ هڪ ڪاٺ جي مشعل داني ۽ دنبورا موجود آهن. دنبورا لطيف سائين جا فقير هر سال ڀٽ شاهه مان اچي وڄائيندا آهن.
ڪتاب، فڪر لطيف، تنظيم فڪر و نظر سکر، 1986ع، ص:67. ٽه ماهي رسالو تخيُل.
کاهي راهو ۾ شاهه سائينءَ جا تبرڪات: شاهه سائينءَ جي همعصر قاضي محمد ڪامل اول سان شاهه سائينءَ ٻه ڀيرا ملاقات ڪئي. روايت مطابق شاهه سائينءَ قاضي محمد ڪامل کي ڀلي پار جون سوکڙيون پليٽ، پوتي (رئو)، هڪ عدد مڻڪو تحفي طور ڏنو. ان مڻڪي سان ڪنهن به شخص کي پيٽ ۾ سور ٿيندو هو ته اهو مڻڪو پيٽ تي رکڻ سان سور ختم ٿي ويندو هو. قاضي محمد ڪامل ثاني جي روايت مطابق شاهه لطيف سندن وڏي ڏاڏي کي ڀلي پار جي سوکڙي سندس خاندان لاءِ ڪپڙي جو تاڪيو ۽ بادشاهه پير جو شجرو تحفي طور ڏنو هو. مڻڪو ۽ بادشاهه پير جو شجرو هن وقت به موجود آهي. باقي ٻيا تبرڪات ضايع ٿي ويا آهن.

شاهه لطيف ايوارڊ

فنڪارن کي شاهه لطيف ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان 1979ع ۾ ٿيو. پهريون ڀيرو ثقافتي مرڪز کان راڳائي فقيرن لاءِ ”لطيف ايوارڊ“ منظور ڪرائڻ لاءِ جناب عبدالحميد آخوند صاحب وک وڌائي پوءِ عبدالله جي ميمڻ صاحب شاهه عبداللطيف ڀٽائي ايوارڊ قائم ڪيو. اهڙي نموني لطيف ايوارڊ جي ابتدا جو سهرو حيدرآباد ڊويزن جي ان وقت جي ڪمشنر ۽ اديب جناب عبدالله جي ميمڻ صاحب جي سر تي سونهين ٿو. لطيف ايوارڊ لاءِ دنبوري واري اها ڊزائن سنڌ عجائب گھر جي ڊائريڪٽر ۽ نامياري چترڪار جناب ظفر ڪاظميءَ جي فن جو ڪرشمو آهي، چانديءَ رنگ جو لطيف ايوارڊ جي نالي سان منسوب اهو دنبورو، شيشي جي شوڪيس ۾ بند آهي.
ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪاميٽي پاران حيدرآباد جي اوپن ايئر ٿيٽر ۾ پهريون ”لطيف ايوارڊ“ ڏيڻ جي تقريب 31 هين مارچ 1980ع ۾ ٿي. جنهن ۾ لطيف جو بهترين راڳيءَ جو ايوارڊ لاءِ ٽن ججن کي منتخب ڪيو ويو. جن ۾ جناب محب الله شاهه ڊائريڪٽر جنرل ايڪسائيز اينڊ ٽيڪنيشن ۽ جناب علي احمد بروهي سيڪريٽري اطلاعات ۽ نشريات حڪومت سنڌ ۽ جناب ممتاز مرزا اسڪرپٽ ايڊيٽر ڪراچي ٽيليويزن، انهن ٽن ججن جي فيصلي بعد پهريون ”شاهه لطيف ايوارڊ“ شاهه سائينءَ جي 236 هين عرس مبارڪ جي موقعي تي سال 1979ع جو بهترين فنڪار جو لطيف ايوارڊ مشهور فنڪار استاد محمد يوسف کي تڏهوڪي گورنر جناب ايس. ايم. عباسيءَ جي هٿان سومر 31 مارچ 1980ع ۾ ڏنو ويو ۽ ان تقريب جي ڪمپيئرنگ سانئڻ مهتاب اڪبر راشديءَ ڪئي. اهڙي نموني پهريون شاهه لطيف ايوارڊ مشهور راڳي استاد محمد يوسف کي ڏنو ويو. ۽ ٻين ايوارڊن جو مختصر تذڪرو هيٺ ڪجي ٿو.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو 236هون عرس: صفرالمظفر 1401هه سومر 31 مارچ 1980ع.
بهترين راڳي: محمد يوسف.
شاهه سائين جو 237هون عرس: آچر 15 صفرالمظفر 1402هه / 13 ڊسمبر 1981ع.
بهترين راڳي: استاد محمد جمن.
بهترين لوڪ راڳي: ڍول فقير.
خاص ايوارڊ: محمد يوسف.
بهترين سازندو: خميسو خان. الغوزه نواز.
خصوصي انعام: وحيد علي.
بهترين پهلوان: غلام سرور جتوئي. ايوارڊ ورهائيندڙ: مير رسول بخش خان ٽالپر سينيئر وزير حڪومت سنڌ.
شاهه سائين جو 238هون عرس: خميس 15 صفرالمظفر 1403هه/03 ڊسمبر 1982ع.
بهترين راڳي: عابده پروين.
بهترين سازندو: الهه بچايو کوسو.
هن ميڙي ۾ خاص محنتون ڊويزنل ڪمشنر عبدالله جِي ميمڻ صاحب جون هيون. ايوارڊ ورهائيندڙ: سيد غوث علي شاهه، وزيرِ تعليم ۽ ثقافت حڪومت سنڌ.
شاهه سائين جو 239هون عرس: سومر 15 صفرالمظفر 1404هه / 21 نومبر 1983ع.
بهترين راڳي: فقير عبدالغفور. ايوارڊ ورهائيندڙ: مظهرالحق صديقي، سيڪريٽري تعليم حڪومت سنڌ.
شاهه سائين جو 240 هون عرس: آچر 16 صفرالمظفر 1405هه / 12 نومبر 1984ع.
بهترين راڳي: مائي ڀاڳي. ايوارڊ ورهائيندڙ: جنرل جهانداد خان، گورنر سنڌ.
شاهه سائين جو 241هون عرس: خميس 16 صفرالمظفر/01 نومبر 1985ع.
بهترين راڳي: علڻ فقير. ايوارڊ ورهائيندڙ: سيد غوث علي شاهه، وڏو وزير حڪومت سنڌ.
شاهه سائين جو 242هون عرس: اڱارو 16 صفرالمظفر 1407هه / 21 آڪٽوبر 1986ع.
بهترين راڳي: محمد يوسف (هڪ دفعو ٻيهر)
بهترين سازڪار: استاد فيروز گل. ايوارڊ ورهائيندڙ: سيد غوث علي شاهه، وڏو وزير حڪومت سنڌ.
شاهه سائين جو 243هون عرس: آچر 17 صفرالمظفر 1408هه / 11 آڪٽوبر 1987ع.
بهترين فنڪاره: زرينه بلوچ.
بهترين موسيقار: فيروز گل (هڪ دفعو ٻيهر). ايورڊ ورهائيندڙ: سيد غوث علي شاهه، وڏو وزير حڪومت سنڌ.
شاهه سائين جو 244هون عرس: خميس 16 صفرالمظفر 1409هه / 29 سيپٽمبر 1988ع.
بهترين راڳي: حسين بخش خادم. ايوارڊ ورهائيندڙ: اختر علي جِي قاضي، نگران وڏو وزير حڪومت سنڌ.
شاهه سائين جو 245هون عرس: سومر 16 صفرالمظفر 1410هه / 18 سيپٽمبر 1989ع.
بهترين راڳي: موهن ڀڳت.
بهترين سازندو: استاد مٺا خان زرداري، گهڙه نواز.
ايوارڊ ورهائيندڙ: سيدغوث علي شاهه، وڏو وزير حڪومت سنڌ.
هن سال 1689ع کي 1989ع جي مناسبت سان ڀٽائي صاحب جي 300 ساله جشنِ ولادت طور ۽ لطيف جو سال ڪري به ملهايو ويو. ان سال ميلي جو افتتاح محترمه بينظير ڀٽو صاحبه ڪيو هو، ان موقعي تي پاڻ ريسٽ هائوس ۾ ٻُوٽو پڻ پوکيو هئائون.
شاهه سائين جو 246هون عرس: جمعو 16 صفرالمظفر 1411هه / 07 سيپٽمبر 1990ع.
بهترين راڳي: محمد يوسف ۽ وحيد علي.
بهترين منتظم: حميد آخوند.
بهترين ڪمپيئر: ممتاز مرزا.
بهترين آرگنائيزر (ادبي ڪانفرنس): حميد سنڌي.
ايوارڊ ورهائيندڙ: ڄام صادق علي، نگران وڏو وزير حڪومت سنڌ.
شاهه سائين جو 247هون عرس: اڱارو 16 صفرالمظفر 1412هه / 27 آگسٽ 1991ع.
بهترين خدمتگار: مخدوم محمد زمان طالب المولى.
ايوارڊ ورهائيندڙ: ڄام صادق علي، وڏو وزير حڪومت سنڌ.
هي لطيف ايوارڊ ان وقت جي وڏي وزير ڄام صادق عليءَ هالا پهچي سندن خدمت ۾ وڃي پيش ڪيو.
شاهه سائين جو 248هون عرس: ڇنڇر 15 صفرالمظفر 1413هه / 15 آگسٽ 1992ع.
بهترين راڳي: علڻ فقير (هڪ دفعو ٻيهر).
خاص ايوارڊ: عابده پروين (هڪ دفعو ٻيهر).
خاص ايوارڊ: محمد يوسف (چوٿون ڀيرو).
ايوارڊ ورهائيندڙ: سيد مظفر حسين شاهه، وڏو وزير حڪومت سنڌ.
شاهه سائين جو 249هون عرس: خميس 15 صفرالمظفر 1414هه / 05 آگسٽ 1993ع.
بهترين راڳي: انور حسين وسطڙو.
بهترين سازندو: الهه بچايو کوسو، الغوزه نواز.
ايوارڊ ورهائيندڙ: سيد علي مدد شاهه، نگران وڏو وزير حڪومت سنڌ.
شاهه سائين جو 250هون عرس: سومر 15 صفرالمظفر 1415هه / 25 جولاءِ 1994ع.
بهترين راڳي: سهراب قفير.
ايوارڊ ورهائيندڙ: سيد عبدالله شاهه، وڏو وزير حڪومت سنڌ.
شاهه سائين جو 251هون عرس: ڇنڇر 16 صفرالمظفر / 15 جولاءِ 1995ع.
بهترين راڳي: انور حسين وسطڙو (هڪ دفعو ٻيهر).
بهترين سازندو: غوث بخش بروهي، بانسري نواز.
ايوارڊ ورهائيندڙ: سيد عبدالله شاهه، وڏو وزير حڪومت سنڌ.
شاهه سائين جو 252هون عرس: جمعو 17 صفرالمظفر 1417هه / 05 جولاءِ 1996ع.
بهترين راڳي: علڻ فقير (ٽيون ڀيرو)،
بهترين اداڪار/صداڪار: عبدالحق ابڙو.
شاهه سائين جو 253هون عرس: آچر 16 صفرالمظفر 1418هه / 22 جون 1997ع.
بهترين راڳي: سهراب فقير.
بهترين وڄتو: محمد فقير سُرندائي.
درگاهه جو بهترين راڳي: قربان فقير آزاد.
ايوارڊ ورهائيندڙ: لياقت علي جتوئي، وڏو وزير حڪومت سنڌ.
شاهه سائين جو 254هون عرس: جمعو 16 صفرالمظفر 1419هه / 12 جون 1998ع.
بهترين خدمتگار: شيخ محمد اسماعيل.
بهترين سازندو: الهه بچايو کوسو، الغوزه نواز.
ايوارڊ ورهائيندڙ: لياقت علي جتوئي، وڏو وزير حڪومت سنڌ،
شاهه سائين جو 255هون عرس: اربع 16 صفرالمظفر 1420هه / 01 جون 1999ع.
بهترين مصور: ظفر ڪاظمي.
بهترين راڳيءَ جو لطيف ايوارڊ جلال چانڊيو کي حميد آخوند جي هٿان مليو.
گنج واري رسالي جو ڊيلڪس ايڊيشن بطور تحفه زرينه بلوچ ۽ علڻ فقير کي ڏنا ويا، جڏهن ته ميلي جو افتتاح گورنرِ سنڌ معين الدين حيدر ۽ شهباز شريف ڪيو.
شاهه سائين جو 256هون عرس: آچر 16 صفرالمظفر 1421هه / 21 مئي 2000ع.
بهترين راڳي: چاڪر چانڊيو.
بهترين ليکڪ: امر جليل. ايوارڊ عظيم داؤد پوٽي ورهايا.
شاهه سائين جو 257هون عرس: خميس 15 صفرالمظفر 1422هه / 10 مئي 2001ع.
بهترين فنڪاره: فوزيه سومرو.
ايوارڊ ورهائيندڙ: سيد علي مير شاهه، صوبائي وزير حڪومت سنڌ.
شاهه سائين جو 258هون عرس: اڱارو 16 صفرالمظفر 1423هه / 30 اپريل 2002ع.
بهترين راڳي: شفيع محمد جمن.
بهترين ادبي ايوارڊ: پروفيسر امينه خميساڻي.
بهترين هنرمند: الهه ڏنو کٽي.
بهترين درگاهه جو راڳي: فقير جڙيل.
بهترين سازندو: الهه بچايو کوسو.
ايوارڊ ورهائيندڙ: عبدالحفيظ شيخ، صوبائي وزير خزانه حڪومت سنڌ، علي حسن چانهيو، صوبائي وزير حڪومت سنڌ.
شاهه سائين جو 259هون عرس: جمعو 15 صفرالمظفر 1424هه / 18 اپريل 2003ع.
بهترين فنڪاره: مائي الهه وسائي.
درگاهه جو بهترين راڳي: الهه ڏنو فقير.
ڊاڪٽر فهميده حسين کي شاهه لطيف ايوارڊ سنڌ جي اڳوڻي چيف سيڪريٽري علي بخش رند هٿان مليو.
ايوارڊ ورهائيندڙ: علي محمد مهر، وڏو وزير حڪومت سنڌ.
شاهه سائين جو 260هون عرس: خميس 17 صفرالمظفر 1425هه / 08 اپريل 2004ع.
بهترين راڳي: ذوالفقار علي ۽ مظهر حسين.
لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ: عطا محمد ڀنڀرو.
لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ: استاد منظور علي خان.
ميڙي جو افتتاح گورنر سنڌ عشرت العباد خان ڪيو ۽ ايوارڊ سنڌ جي وڏي وزير علي محمد مهر ورهايا.
شاهه سائين جو 261هون عرس: آچر 16 صفرالمظفر 1426هه / 27 مارچ 2005ع.
بهترين راڳي: شفيع فقير.
بهترين محقق: ڊاڪٽر تنوير عباسي.
بهترين فارسي مترجم: نياز همايوني.
ايوارڊ ورهائيندڙ: شبير قائم خاني، وزيرِ ثقافت حڪومت سنڌ.
شاهه سائين جو 262هون عرس: خميس 15 صفرالمظفر 1427هه / 16 مارچ 2006ع.
بهترين راڳي: محمد حنيف لاشاري.
بهترين سازندو: محمد عارب، دنبوره نواز.
بهترين: محقق: عبدالغفار گوهر.
بهترين اردو مترجم: آغا سليم.
درگاهه جو بهترين راڳي: کٻڙ فقير.
بهترين خدمتگذارادارو: ريڊيو پاڪستان حيدرآباد. هي ايوارڊ اسٽيشن ڊائريڪٽر جناب فخر بلوچ وصول ڪيو. ميڙي جو افتتاح وڏي وزير ارباب غلام رحيم ڪيو. ۽ ايوارڊ قمر منصور، صوبائي وزير حڪومت سنڌ ورهايا.
شاهه سائين جو 263هون عرس: اڱارو 16 صفرالمظفر 1428هه / 06 مارچ 2007ع.
بهترين راڳي: استاد فتح علي خان (گواليار)
درگاهه جو بهترين راڳي: فقير گل محمد عرف گلڻ فقير خاصخيلي.
بهترين سازندو: محمد عزيز، بينجو نواز.
بهترين محقق: ج. ع. مُنگهاڻي.
خصوصي ايوارڊ: انور پيرزادو.
بهترين ڪمپيئر: نصير مرزا.
خصوصي ايوارڊ: صلاح الدين پنهور، سگهڙ ڪانفرنس آرگنائيز ڪرڻ تي. ان وقت سنڌ جو وزير اعلى ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم هو. ميڙي جو افتتاح وزير اعظم شوڪت عزيز ڪيو.
ايوارڊ ورهائيندڙ: منظور پنهور، صوبائي وزيرِ اوقاف حڪومت سنڌ.
شاهه سائين جو 264هون عرس: 17 صفرالمظفر 1429هه / آچر 24 فيبروري 2008ع.
درگاهه جو بهترين راڳي: فقير الهه ڏنو نظاماڻي.
بهترين راڳي: ماستر عبدالله پنهور.
بهترين محقق: جناب ٻانهون خان شيخ.
بهترين وڄتو: غلام محمد عرف غلامون مڱڻهار، بينجو نواز نصرپور وارو. هن 50 کان وڌيڪ ڌنون ٺاهيون.
هي ايوارڊ سنڌ جي نگران وڏي وزير عبدالقادر هاليپوٽي ورهايا. (حوالو، ڪاوش سومر 25 فيبروري 2008ع.)
شاهه سائين جو 265هون عرس: 17 صفرالمظفر 1430هه / خميس 12 فيبروري 2009ع.
بهترين فنڪاره جو ايوارڊ: حميره چنه، جيڪو نسيم چنه وصول ڪيو.
درگاهه جو بهترين راڳي: فقير مير حسن تمراڻي.
بهترين موسيقار: مرحوم استاد نياز حسين، جيڪو سندس پٽن ذوالفقار علي ۽ مظهر علي وصول ڪيو.
بهترين سگهڙ: مرحوم محمد ملوڪ عباسي، جيڪو سندس پٽ ممتاز عباسي وصول ڪيو.
بهترين محقق: آغا محمد يعقوب، جيڪو منظور قناصري وصول ڪيو. ڀٽ شاهه ۾ ايف. ايم. ريڊيو اسٽيشن قائم ڪرڻ تي وفاقي وزير اطلاعات شيري رحمان کي شيلڊ ڏني وئي جيڪا سندس پاران سسئي پليجو وصول ڪئي. ايوارڊ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ورهايا.
شاهه سائين جو 266هون عرس: اڱارو 17 صفرالمظفر 1431هه / 02 فيبروري 2010ع.
بهترين راڳي: استاد گلزار علي خان سانگهڙائي.
بهترين فنڪاره: روبينه قريشي.
بهترين سازندو: غوش بخش بروهي، الغوزه نواز.
بهترين محقق: محمد ابراهيم جويو.
درگاهه جو بهترين راڳي: کٻڙ فقير.
بهترين سگهڙ: عبدالرحمان مهيسر.
بهترين موسيقار: فيروز گل.
يادگار شيلڊ: مائي الهه وسائي.
لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ: روبينه قريشي.
ايوارڊ سيد قائم علي شاهه ورهايا.
شاهه سائين جو 267هون عرس: جمع 17 صفرالمظفر 1432هه / 21 جنوري 2011ع.
بهترين فنڪاره: صنم مارئي.
درگاهه جو بهترين راڳي: فقير پير بخش سومرو.
بهترين سازندو: محمد حسن ملاح سُرندائي.
بهترين محقق: محمد حُسين ڪاشف.
بهترين سگهڙ: وريام فقير شيخ.
بيمثال خدمتن جي عيوض: گادي نشين سيد نثار حسين شاهه لطيفي کي شاهه لطيف ايوارڊ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي هٿان مليو.
شاهه سائين جو 268 هون عرس: 24 صفرالمظفر 1433هه / اربع18 جنوري 2012ع
شاهه جي درگاهه جو بهترين راڳي: فقير رحيم ڏنو جوڻيجو.
بهترين راڳي: استاد امير علي.
بهترين سازندي جو ايوارڊ: انب جوڳي.
بهترين سگهڙ جو ايوارڊ سومر ڏني کي ڏنو ويو جيڪو آغا نور محمد پٺاڻ وصول ڪيو. شاهه جي رسالي کي بهترين منظم اردو ۾ ترجمو ڪندڙ: شيخ اياز، سندس ايوارڊ سندس نياڻي ڊاڪٽر روحي اياز وصول ڪيو. بهترين شاعريءَ جو ايوارڊ شاعر شمشيرالحيدري کي ڏنو ويو، جيڪو ان جي پٽ جاويد حيدري وصول ڪيو. ايوارڊ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ورهايا.
ثقافت کاتي طرفان سال 2012ع کي شاهه ڀٽائيءَ جو سال ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو. 31 جنوري 2012ع تي ممتاز مرزا اسٽوڊيو ۾ شاهه لطيف جي 268 هين عرس تي ۽ شاهه لطيف عالمي ڪانفرنس ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ثقافت کاتي جي آفيسرن ۽ ملازمن ۾ مڃتا طور 18 شيلڊون ۽ 45 سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا. اڱارو 10 جنوري 2012ع / 15 صفر 1433هه ۾ پير صاحب پاڳاري جي لاڏاڻي سبب شاهه لطيف ايوارڊ تقريب صفر مهيني جي آخر ۾ رکي وئي.
شاهه سائين جو 269 هون عرس: 17 صفرالمظفر 1434هه / آچر 30 ڊسمبر 2012ع.
بهترين فنڪاره: ثمينا ڪنول.
بهترين سگھڙ: ٻيڙو فقير.
بهترين شاعر: استاد بخاري مرحوم.
بهترين شاهه جو راڳي: استاد ذوالفقار علي شاهه.
بهترين مرلي نواز: جي رام جوڳي.
شاهه جي رسالي جو بهترين انگريزي ترجمو ڪندڙ: سيد مشتاق شاهه.
ايوارڊ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ورهايا.
ثقافت کاتي جي وزير سسئي پليجو، سيد قائم علي شاهه ۽ عابده پروين کي يادگار شيلڊ پڻ ڏني.
شاهه سائين جو 270 هون عرس: جمع 17 صفر المظفر 1435هه / 20 ڊسمبر 2013ع.
بهترين صوفي راڳي: جمال الدين فقير.
شاهه جي درگاهه جو بهترين راڳي: قمبر علي لنجواڻي.
بهترين مترجم: استاد لغاري.
بهترين سگھڙ: لقمان کوکر.
بهترين فنڪار لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ: محمد بلاول بيلجم.
بهترين شرنائي نواز: عبدالله خان.
ايوارڊ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ورهايا.
شاهه سائين جو 271 هون عرس: اڱارو 17 صفر المظفر 1436هه / 9 ڊسمبر 2014ع.
شاهه جي درگاهه جو بهترين راڳي: انور فقير خاصخيلي.
بهترين راڳي ۽ موسيقار: استاد عبدالغفور سومرو.
بهترين موسيقار ۽ ڍولڪ نواز: محمد بچل.
بهترين محقق: الياس عشقي.
لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ: سيد صالح محمد شاهه.
بهترين ڪارڪردگي: ڪمشنر حيدرآباد سيد آصف شاهه.
ايوارڊ سيد قائم علي شاهه ورهايا.
شاهه سائين جو 272 هون عرس: 17 صفرالمظفر 1437هه / آچر 29 نومبر 2015ع.
شاهه جي درگاهه جو بهترين راڳي: سيد گدا حسين شاهه.
بهترين فنڪاره: تاج مستاني.
بهترين سگھڙ: حاجي علي نواز وڳڻ.
بهترين سازندي نواز: ڍولڪ نواز محمد آچر.
گائڪي جو لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ: مرحوم صادق فقير جيڪو سندس پٽن نزاڪت ۽ راحت وصول ڪيو.
بهترين ڪارڪردگي: ڪمشنر حيدرآباد آصف حيدر شاهه.
اسپيشل ايوارڊ فار ميڊيا پرسن: امتياز امير.
بهترين خدمت: عبدالماجد ڀرڳڙي سندس ايوارڊ فياض ٻرڙي ورتو. عبدالماجد ڀرڳڙيءَ ايم بي سنڌي سافٽ ويئر تيار ڪري سڀ کان اول شاهه جو رسالو انٽر نيٽ تي آندو. ان محنت سبب کيس شاهه لطيف ايوارڊ سان نوازيو ويو. ايوارڊ ثقافت کاتي جي صوبائي صلاحڪار شرميلا فاروقيءَ ورهايا.
شاهه سائين جو 273هون عرس: جمع 17 صفرالمظفر 1438هه / 17 نومبر 2016ع.
بهترين فنڪاره: مائي ڍائي.
بهترين طبلي نواز: ڪرم حسين.
تحقيقي ادب: عبدالقادر جوڻيجو.
بهترين مقالي جو ايوارڊ: احسان دانش.
بهترين سگهڙ: علي گل ڀٽو.
ڀٽائيءَ تي شاندار ڪم ڪندڙ: اڳوڻي سيڪريٽري ثقافت حميد آخوند کي شاهه لطيف ايوارڊ سينئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙي جي هٿان مليو.
شاهه سائين جو 274هون عرس: آڱارو 17 صفر المظفر 1439هه / 6 نومبر 2017ع.
بهترين راڳي: الله ڏنو جوڻيجو.
شاهه لطيف جي درگاهه جو بهترين راڳي: فقير منٺار جوڻيجو.
بهترين سازندو: استاد عبدالشڪور.
بهترين اديب ۽ محقق: جامي چانڊيو.
بهترين سگهڙ: قائم راهمون.
بهترين مزاح: قادر بخش مٺو، خصوصي شاهه لطيف ايوارڊ: امر فياض ٻرڙو، ننڍي عمر ۾ شاهه جي رسالي جا حافظ، ننڍڙي راحت بڙدي ۽ انتخاب بڙدي. بهترين ڪمپيئر: ياسر قاضي ۽ شاهه لطيف جو مجسمو تيار ڪندڙ سنڌ يونيورسٽي فائين آرٽس شعبي جي نادر جمالي کي لطيف ايوارڊ ڏنو ويو. اهي ايوارڊ بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هٿان ڏنا ويا.
شاهه سائين جو 275هون عرس: ڇنڇر 17 صفرالمظفر 1440هه / 26 آڪٽوبر 2018ع.
بهترين شاهه جو راڳي: جوان ڇڄڙو.
بهترين راڳي: راشد حيدري.
بهترين سازندي جو ايوارڊ: ذوالفقار علي رند.
بهترين محقق: معمور يوسفاڻي.
بهترين تحقيق جو ايوارڊ: ڊاڪٽر شير مهراڻي.
بهترين سگهڙ: تاج محمد هاليپوٽو.
بهترين خدمتگار: ديوان ايشور داس.
بهترين ڪمپيئر: بخشڻ مهراڻوي کي شاهه لطيف ايوارڊ صوبائي وزير ثقافت سيد سردار علي شاهه جي هٿان ڏنو ويو. ان تقريب ۾ صوبائي وزير اوقاف فراز ڏيرو، صوبائي وزير لائيواسٽاڪ عبدالباري پتافي، ايم.پي.اي قاسم سراج سومرو، سيڪريٽري ثقافت غلام اڪبر لغاري، نامور اديب مدد علي سنڌي ۽ ٻيا شريڪ هئا.
مختلف ادارن پاران ايوارڊ: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام ۽ پيغام تي تحقيق ڪندڙ اديب اي. ڪي. بروهي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ محمد عمر معمور يوسفاڻي کي تنظيم فڪر و نظر سکر پاران 1985ع ۾ لطيف ايوارڊ مليو ۽ اينمري شمل، آغا محمد يعقوب ۽ ڊاڪٽر فضل رحيم سومرو کي لطيف ايوارڊ 1986ع ۾ ۽ مخدوم امير احمد، رشيد احمد لاشاري ۽ سيد منظور نقوي کي لطيف ايوارڊ 1987ع ۾ مليو ۽ شمس العلماءُ عمر بن محمد داؤد پوٽو، پروفيسر آفاق صديقي ۽ محمد فاضل شيخ کي تنظيم فڪر و نظر سکر پاران لطيف ايوارڊ 1988ع ۾ مليو.
شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه کي سيد غلام شبير شاهه جي هٿان شاهه لطيف ايوارڊ 1988ع ۾ مليو.
قاضي خضر حيات کي گولڊ ميڊل لطيف اڪيڊمي پاران 1989ع ۾ مليو.
مهتاب محبوب کي شاهه لطيف ايوارڊ 1994ع ۾ صدر فاروق احمد لغاري جي هٿان مليو.
جيجي زرينه بلوچ کي دبئيءَ ۾ ”انٽرنيشنل لطيف ايوارڊ“ 13 ڊسمبر 1989ع ۾ سنڌي تنظيم سدائين گڏ پاران مليو هو.
سال 2008ع جو پهريون مارئي ايوارڊ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ڏنو ويو، جيڪو ڇنڇر 3 مئي 2008ع ۾ مهيش ڪمار ملاڻي ۽ انجنيئر ولي محمد راهمون وصول ڪيو. سال 2008ع ۾ مٺي شهر ۾ مارئي جي ميلي ۾ بهترين راڳيءَ جو ايوارڊ ڪريم فقير کي سگهڙ ايوارڊ ملوڪ نهڙيي کي مليو.
مشهور شاعر تاجل بيوس کي شاهه لطيف يادگار ايوارڊ سال 2006ع ۾ ڏنو ويو.
سڀ کان پهريائين ”سهڻي ايوارڊ“ عابده پروين ۽ پوءِ ٻيو نمبر جيجي زرينه بلوچ ۽ ٽيون نمبر سهڻي ايوارڊ موهن ڀڳت کي مليو.
مظهر ابڙي کي ڪتاب ”خواب کوٽا سڪا“ لکڻ تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي قومي صدارتي ايوارڊ ڏنو ويو.