لطيفيات

سُر سارنگ

ھن ڪتاب ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي سُر سارنگ ۽ ٻين سُرن بابت  عالمن ۽ مفڪرن پاران پيش ڪيل مقالن/مضمونن کي شامل ڪيو ويو آھي. پھرين ڀاڱي ۾ سُر سارنگ بابت ڪل 18 ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ ٻين سُرن بابت 6 مقالا ۽ مضمون شامل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 21
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حميد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سُر سارنگ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار ۽ محقق حميد سنڌيءَ  جو مرتب ڪيل ڪتاب ”سُر سارنگ“  اوھان اڳيان پيش آھي. 
ھن ڪتاب ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي سُر سارنگ ۽ ٻين سُرن بابت  عالمن ۽ مفڪرن پاران پيش ڪيل مقالن/مضمونن کي شامل ڪيو ويو آھي. پھرين ڀاڱي ۾ سُر سارنگ بابت ڪل 18 ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ ٻين سُرن بابت 6 مقالا ۽ مضمون شامل آھن.
ھي ڪتاب 1998ع  ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز ڪميٽي پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھہ ميراڻيءَ جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي