لطيفيات

سُر، شاھ، سمنڊ

ھن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سدا حيات شاعر ۽ مفڪر شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سُرن جي موسيقي ۽ مجموعي طور موسيقيءَ جي علم ۽ فن تي وڏي ڄاڻ موجود آھي. ھي پھريون سنگيت (علم موسيقيءَ) جو ڪتاب آھي جنھن ۾ شاھہ لطيف جي تخليق ڪيل راڳن جي چالن کي اجاگر ڪري لِڪل راڳن جي شڪلين کي ظاھر روپ ڏنو ويو آھي.

Title Cover of book سُر، شاھ، سمنڊ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران استاد امير علي خان جي تحقيق تي آڌاريل موسيقي جي علم ۽ شاھ لطيف جي سُرن ۾ موسيقيءَ بابت ڪتاب ”سُر، شاھ، سمنڊ“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ھن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سدا حيات شاعر ۽ مفڪر شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سُرن جي موسيقي ۽ مجموعي طور موسيقيءَ جي علم ۽ فن تي وڏي ڄاڻ موجود آھي. ھي پھريون سنگيت (علم موسيقيءَ) جو ڪتاب آھي جنھن ۾ شاھہ لطيف جي تخليق ڪيل راڳن جي چالن کي اجاگر ڪري لِڪل راڳن جي شڪلين کي ظاھر روپ ڏنو ويو آھي.
ھي ڪتاب 2007ع  ۾ سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ  جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي