لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون

ڪتاب ”لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون

پبلشر پاران

ٻه چار لفظ

تاريخ جي مطالعي جا، مختلف سطحن تي مختلف طور طريقا رهيا آهن، جن مان هڪ طريقو ٻوليءَ ۽ ادب جو پڻ آهي جنهن کي گھڻو ئي پسند پڻ ڪيو ويندو آهي. ان مطالعي ۾ جڏهن لوڪ ادب جي به شموليت ٿئي ٿي تڏهن لوڪ ادب ۾ سمايل ڏاهپَ، جنهن کي عام طرح لوڪ ڏاهپ سڏجي ٿو، ڪيئي نوان ۽ دلچسپ رُخ نروار ڪري ٿي جن کي پڙهجي ۽ غور ڪجي ٿو ته ماڻهو دادُ ڏيڻ ۽ ان ڏاهپ کي ساراهڻ کان رهي نه ٿو سگھي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ سمايل ان لوڪ ڏاهپ جي خزاني مان، هڪ حصي کي اظهاريندڙ، پهاڪن ۽ چوڻين تي مشتمل، انجنيئر عبدالوهاب سهتي جو، ٽن مضمونن تي جُڙيل نئون ڪتاب، ”لاڙِي پهاڪا ۽ چوِڻيون“ جي نالي سان پيش ڪيو پيو وڃي.
هِن ڪتاب کان اڳ، سهتو صاحب ههڙي قسم جا ٻه ڪتاب جوڙي چڪو آهي جن مان هڪُ ”اترادي پهاڪا ۽ چوڻيون“ سن ۲۰۰۶ع ۾ ڇپجي چڪو ۽ ٻيو، 500 کان وڌيڪ صفحن تي مشتمل ضخيم ڪتاب، ”ٿرِي پهاڪا ۽ چوڻيون“ ڇپائيءَ لاءِ تيار آهي. ان ريت، هيءُ ”لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون“، ان سلسلي جو ڄڻ ته ٽيون ڪتاب آهي.
سنڌ جي مختلف جاگرافيائي خِطن جي حوالي سان ٿيندڙ هيءُ اڀياس انفراديت کان اجتماعيت ڏانهن وڌندڙ آهي. هن ريت نه صرف انهن خطن جي لوڪ ڏاهپ جِي سونهن پسي سگھجي ٿي، پر انهيءَ مان اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته ڪهڙا پهاڪا ۽ چوڻيون ڪنهن هڪ خطي تائين محدود رهڻ بدران وسيع ٿيندي ٻن يا ٽن خِطن ۽ ڪهڙا سڄيءَ سنڌ ۾ مستعمل ٿي ويا آهن.
ٻين ڪيئي خوبين سان گڏ، هن ڪتاب ۾، الف ب وار ’ڏسڻي‘ پڻ ڏني وئي آهي ته جيئن پڙهندڙ سهولت سان گھربل پهاڪي يا چوڻيءَ مان مستفيض ٿي سگھن.

[b]رياضت ٻرڙو
[/b]پروفيسرس ڪالوني، لاڙڪاڻو
۲ آگسٽ ۲۰۱۵ع


[b]چڱا اکر
[/b]
اترادي پھاڪا ۽ چوڻيون ڪتاب، ترتيب ڏيڻ کان پوءِ، ذھن ۾ اھو ارادو جاڳيو ته لاڙي پھاڪا ۽ چوڻيون نالي سان به جيڪر، ساڳي تطبع تي، ڪتاب جوڙجي ته علم و ادب جي چاکائن لاءِ چڱو خاصو فائديمند ۽ ڪارائتو ٿي پوي. ان سلسلي ۾ ھڪڙو مضمون، ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري ڇاڻ جي ٻوليءَ تان ورتل/ مآخوذ ٿيل ھيو، جيڪو نئين زندگي رسالي منجھ پڻ ڇپيو ھيو. ياد پيو ته ايڏانھن پاسي جي دوست انجنيئر سڪندر علي نظاماڻي صاحب مرحوم به پنھنجي والد محترم جون پھاڪن ۽ چوڻين بابت لکيل نوٽ بوڪ ڏياري موڪليا ھيا، جن تان استفادو ڪيو ھيم، سو تنھن سان ٻيھر رابطو ڪري حيدرآباد جا چوڻيون ۽ پھاڪا نالي سان مضمون تيار ڪيو، جيڪو ڪينجھر رسالي منجھ ڇپيو. ان کان پوءِ قاضي مقصود مٽياريءَ واري جو مضمون پھاڪن جي ڊائريڪٽري نالي سان اکين آڏو گذريو. ان مان استفادو ته حاصل ڪيل ھيو البته منجھانئس ھڪڙو مضمون تيار ڪرڻ جو خيال جاڳيو ته جيئن لاڙي پھاڪا ۽ چوڻيون وارو ڪتاب جڙي سگھي. اھا ٻي ڳالھ آھي ته اھو مضمون ڪارونجھر رسالي ڏانھن، ڇپجڻ لاءِ پڻ موڪليل ھيو.
ڊاڪٽر پروفيسر محمد انور فگار ھڪڙو صاحب جو ھڪڙو مضمون منھنجي نظر مان گذريو ھيو، جنھن ۾ صاحب، بدين جي مرحوم محمد سومار شيخ جي ڪتابن جو تذڪرو ڪندي سندس ھڪڙو قلمي نسخو لاڙي پھاڪن بابت به ڄاڻايو ھئائين. کانئس فون تي رابطو ڪيم، روبرو به ملاقات ٿي، ان جي ھجڻ جو ته يقين ڏياريندو رھيو ۽ مرحوم عبدالجبار جوڻيجو صاحب کان ان قلمي نسخي جي فوٽو ڪاپي وٺائي ڏيارڻ لاءِ به آسرا ڏيندو آيو. لاڙ ميوزيم جي لائبرريءَ منجھ رکيل ان نسخي جو نقل وڏي جدوجھد کانپوءِ وٺي ته ڇا پر مان اکين سان ڏسي به سگھيس. منھنجي وڏي خواھش ھئي ته ان مخطوطي منجھان جوڙيل مضمون ھن ڪتاب اندر شامل ھجي ھا پر ائين نه ٿي سگھيو. جڏھن ته ناز سنائي ۽ رشيد ڪٽپر صاحب جن جي اتي نوڪريءَ جي تعيناتي به رھي، ھٿ پير به ھنيائون، پر کڙ تيل نه نڪتو. عبدالله ملاح صاحب سان به فون تي رابطو رھيو، پر بيسود. ڪتاب تاليف ڪندي دير ٿي وئي، وقت به وڏو سيڙيو، اھو نفعو نه ٿيو، جيڪو سوچيو ويو ھيو. زھي نصيب، عز و شرف.
لاڙي پھاڪن ۽ چوڻين جي مضمونن جوڙڻ لاءِ، ٽنڊو محمد خان جي اميد علي سٺيو صاحب سان پڻ خط و ڪتابت رھي. ان صاحب به وسان ڪو نه گھٽايو، جيڪا ڄاڻ ھيس سا ونڊيائين. ماڃر ڪڪرالي کارو ڇاڻ واري مضمون اندر ڪن پھاڪن ۽ چوڻين جي وضاحتون پڻ ٻڌايائون. بھرحال وٽانئن مليل مواد، مضمون جوڙڻ جيترو نه ھيو، جنھنڪري اھو نه جڙي سگھيو.
اھڙيءَ طرح ٽنڊو غلام عليءَ جي مختيار سھتو سان پڻ فون تي رابطو رھيو. ان به وڏڙن جي پوٿي پٽي منجھانئس پھاڪا ٻڌائڻ جو ارادو ڏيکاريو، پر اھو به سلسلو ھڪ اڌ فون کان مٿي نه ھلي سگھيو. جنھنڪري ٽنڊو غلام علي پاسي جي پھاڪن ۽ چوڻين جو مضمون نه جڙي سگھيو. البته وٽانئس ھيٺيان ڪجھ پھاڪا/ چوڻيون يا ورجيسون ملي سگھيون.

• ٻلو مڇن سان، ماڻھو شھپر سان. (چوڻي)
• تون به رئيس، مان به رئيس، گڏھ ڪير ھڪليندو. (پھاڪو)
• جتي ھاٿين جي تور ٿيندي، اتي گڏھ ڪاڻ ۾ ويندا. (پھاڪو)
• ديڳ جي خبر، چانور مان پوندي آھي. (پھاڪو)
• ڪني تي ڍڪ، ڪتن کي شڪ. (پھاڪو)
• لولي چيو؛ حج ٿو وڃان! ڪانءَ چيو؛ آ مئو آھيان تون حج ويندين. (پھاڪو)
• ماڻھن کي ماڻھن جي، احمداڻين کي داڻن جي. (چوڻي) (احمداڻي؛ ھڪ ذات جو نالو)

ان کان علاوھ غلام علي الانا صاحب جي لاڙ واري ٿيسس منجھ لاڙي عام چوڻيون جي عنوان سان ۵۲ داخلائون ڏنل آھن، تن منجھان مضمون جوڙڻ جي ڪوشش ڪيم. پر اھي چوڻيون ٻين مضمونن منجھ آيل ھيون. ھڪجھڙائي سبب ورجاءُ ٿٿي ھا، جنھنڪري علحدھ مضمون نه جڙي سگھيو. نموني جي طور تي، منجھانئن ڪجھ چوڻيون ۽ پھاڪا ھيٺ ڏجن ٿا.

• ايمان؛ مزمان. (چوڻي)
• انبن ٻور، اکين سور. (چوڻي)
• بکون لاهين ٻنيون، پورهيو ڇا بک لاهيندو. (چوڻي)
• بک لڇڻ وڃائي، ڏمر عقل وڃائي. (چوڻي)
• بڊي جي بک. (محاورو/ ورجيس)
• بڊو، اکين ڪڍو. (چوڻي)
• بڊو، ڏيڻين ڍڍو. (چوڻي)
• پوکي وڍجي، راهي نه وڍجي. (چوڻي)
• پوھ، کلن کوھ. (چوڻي)
• پوھ، لاڻا لوھ. (چوڻي)
• ڀائرن جهڙو ناهي ڀر، ڏيئي جهڙي ناهي جوت. (چوڻي)
• (زمين) ڀاڳان وڃي، پر ڄمان نه وڃي. (چوڻي)
• جنهن کي ساھ کنئي سڌ نه پوي، تنهن سان سور ڪيهو سلجي. (چوڻي)
• جيڪو هاڃو هڻندو، تنهن کي ڪير ڪو نه چوندو. (چوڻي)
• جيترا هر، اوترا ڦر. (چوڻي)
• ڄيٺ، انبن ميٺ. (چوڻي)
• ڄيٺ، اکين ميٺ. (چوڻي)
• ڇاتيءَ جهڙو ناهي ٻَر، اکين جهڙي ناهي جوت. (چوڻي)
• حياتيءَ تي هٺ ڪونهي، ناڻي ميڙي بٺ ڪونهي. (چوڻي)
• ڌيئون، ڊڀوريون آهن. (چوڻي)
• ڏکڻ مينهن نه وسڻو، وسي تان ٻوڙي، ڪانئر ڌڪ نه هڻڻو، هڻي تان ٽوڙي. (چوڻي)
• ڏنڀ؛ آهي ٿنڀ. (چوڻي
• زال ڏسي بيٺ، ماءُ ڏسي پيٽ. (چوڻي)
• سڀڪو ڪمَ پرين، چم پرين ڪونڪو. (چوڻي)
• سڳا سيئي سيڻ، پکا جنين اوڏڙا. (چوڻي)
• مئا آهن جيئرن وس. (چوڻي)
• ميهه نه ماڻهو، مرون نه مال. (چوڻي
• ماءُ ڏيڻ (ڏائڻ) نه ٿيندي آهي، ويرا ڏيڻ (ڏائڻ) ٿيندي آهي. (چوڻي)
• مائٽن جي ويهڻ کان، مقام ۾ ويهڻ چڱو. (چوڻي)
• ننڊ نياپو موڪليو، اوٻاسي اهڃاڻ. (چوڻي)
ھٿ ۾ موجود مضمون گڏي، ڪتاب جوڙيو ويو آھي. آئندھ واري ڇاپي ۾ ٻيا مضمون گڏي، ڪتاب ۾ واڌارو ۽ سڌارو ڪيو ويندو. في الحال لاڙ خطي بابت ڄان ڏيڻ واسطي، نموني جي طور ڪجھ مضمون پيش رکجن ٿا. اميد ته علم ادب جي چاکائن کي منجھانئس ڪافي موتي ملي ويندا.


انجنيئر عبدالوھاب سھتو
پروفيسرس ڪالوني
لاڙڪاڻو